ڪتاب جِي فھرست

مهاڳ

رومانس جي ڪهاڻي سڄي دنيا ۾ ساڳي آهي. جوان ۽ جوانڙي ڪٿي نه ڪٿي ملندا آهن. پهرين مرڪي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا آهن، پوءِ ڳالهين ۾ ٺهي هڪ ٻئي کي ويجهو ايندا آهن ۽ ٻين کان پري ٿيندا ويندا آهن. ٽهڪن ۾ لڙڪن جو اهو سلسلو نيٺ ٽا! ٽا! تي اچي بيهندو آهي. اها ٽا! ٽا! شاديءِ کان اڳ به ٿيندي آهي ۽ شاديءَ کان پوءِ به. شاديءَ کان پوءِ واريءَ ٽا! ٽا! ۾ رڳو اهو فرق اچي ويندو آهي ته گهر جون ڀتيون ٻنهين ڌرين کي پنهنجن ٻکن ۾ جهلي بيهنديون آهن ۽ کين ٻاهر نڪرڻ نه ڏينديون آهن. دراصل ڌريون هڪ ٻئي کي ڇڏي ڀتين سان پيار ڪرڻ لڳنديون آهن. ۽ جي ٽا! ٽا! شاديءَ کان اڳ ٿي آهي ته پوءِ ڌريون ڀتين جي بدران انهن واٽن، وڻن جي ڇانئن ۽ انهن ڪنڊن پاسن سان پيار ڪرڻ لڳنديون آهن جتي هو اٿيا ويٺا، هليا ۽ کليا. ڪنهن نه ڪنهن ’سنجها‘ ڪنهن نه ڪنهن ’پنهونءَ‘ جي اها ڪهاڻي دنيا جي سڀني يونيورسٽي ڪئمپسن ۾ جنم وٺندي رهندي آهي ۽ ان کي ڪو نه ڪو طارق عالم لکندو ئي آهي، پر مسئلو ڪنهن ڪئمپس ۾ جنم وٺندڙ ۽ ختم ٿيندڙ رومانس جي عام موضوع جو نه آهي، مسئلو اهو آهي ته ان ڪهاڻيءَ اندر ڇا ڇا چيو ويو آهي ۽ ڪيئن چيو ويو آهي. طارق عالم جو هيءَ ناول به ان ئي نڪته نگاهه کان پرکي سگهجي ٿو.
گذريل ستن اٺن سالن ۾ سنڌي زبان جي (شيخ اياز جي لکڻين کي ڇڏي) مون ڪابه اهڙي لکڻي نه پڙهي آهي، جنهن هن ناول وانگر مون کي حيرت ۾ وڌو هجي ۽ پاڻ ۾ ايترو جڪڙيو هجيس جو صبح جو 11 وڳي کان شام جو 7 وڳي تائين هڪڙي ئي نشست ۾ پڙهي ويو هجانس. سو به تڏهن جڏهن هن ناول جي ڊمي پڙهڻ کان ٿورو وقت اڳ اينڊريا نيومين Andrea Newman جو ڪئمپس جي زندگيءَ تي لکيل هڪ سهڻو ناول A share of the world پڙهيو ويٺو هجان.
طارق عامل جنهن ذهني نسل مان آهي، اَهو هلڪڙي جذباتيت، نعري بازي، لفاظي، ورجا، سطحيت، شوبازي ۽ مشرق جي مخصوص فينٽسيءَ جو ماريل نسل آهي. ان ڪري اها توقع ئي نه هئي ته ڪو طارق عالم سنڌي زبان جو پهريون شاهڪار ناول لکندو. پر جيئن بادشاهيءَ جو قصو بيان ڪندا آهن ته بادشاهه بي اولاد مري ويو ته درٻارين فيصلو ڪيو ته ڪبوتر ٿا هوا ۾ ڇڏيون، اُڏري اُڏري جنهن جي مٿي تي وهندو اُهو ملڪ جو بادشاهه ٿيندو. سو سنڌي زبان جي هن تخليقي شاهڪار جو ڪبوتر کي الائي ڪهڙي من ۾ آئي، جو هو ڪنهن اصلي شهزادي جي بدران رول ڇوڪري طارق عالم جي سِر تي اچي ويٺو. ڪنهن جي ڀاڳن سان ريس ته ڪانهي پر اُميد الله ۾ آهي ته اڄ نه ته سڀاڻي سندس مٿي تي ڪبوتر جي بدران ڪانگ وهاريو ويندو، هي ڳالهه تخليق جي ته اُها ڇم ڇم ڪندي وٽس ئي آئي آهي.
هيءُ ناول ڪنهن ڀرپور ڪلاسيڪي ڌن وانگر آهستي آهستي دکي ٿو، ڪيترائي خوبصورت جملا ۽ تشبيهون، اصلي قدرتي ڪردار ۽ واقعا، رشتن جون حقيقي، جذباتيء ۽ احساساتي ڪيفيتون سرن وانگر اُڀرن ٿيون. سرن ۾ پورن وقفن سان لاها چاڙها اچن ٿا، ۽ ڌن مچندي باهه ٿيندي جڏهن وڃي ٽٽي ٿي ته پڙهندڙ ڳچ وقت تائين پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي دکيل ٽانڊا آهستي آهستي اُجهامندا محسوس ٿو ڪري.
ناول جي صنف جتي وڌ ۾ وڌ آرٽ جي گهوري آهي، اُتي ان کي لکڻ لاءِ اوتري ئي هنرمندي ٿي کپي، ڇاڪاڻ ته ناول جي ڪينواس ٻين سڀني صنفن جي مقابلي ۾ وڏو ۽ طاقتور آهي. ڊگهي پنڌ ۾ ساڳيءَ رفتار ۽ موڊ سان هلڻ يا آرٽ ڪرافٽ جو توازن برقرار رکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ۽ خاص ڪي ان صورت ۾ اهو ڪم وڌيڪ ڏکيو ٿي وڃي ٿو جڏهن سنڌي ادب ۾ هنرمنديءَ تي ڌيان ڏيڻ ته ڇا، ان کي عيب سمجهيو ويندو آهي. يا وري ڪجهه ڌريون هنرمنديءَ تي ايتو زور ڏينديون آهن جو آرٽ گم ٿي ويندو آهي ۽ رڳو ناصحانه قسم جو ڪرافٽ ئي ڪرافٽ وڃي بچندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ هن ناول ۾ آرٽ ۽ ڪرافٽ جو توازن ڏسي خوشيءَ سان گڏ حيرت به ٿئي ٿي. سنجها ۽ پنهونءَ جي رومانس شروع ٿيڻ کان وٺي ظهير ۽ سنجها جي رومانس تائين ناول کي شاه ڪاريگريءَ سان آڻيو ويو آهي. ليکڪ ڪٿي به ٿيڙهه کائي ٻئي پاسي ايترو نه هليو ويو آهي، جو مرڪزي لائين غائب ٿيندي محسوس ٿئي، جيتوڻيڪ هي ناول رڳو سنجها ۽ پنهونءَ جي رومانس تائين محدود نه آهي. هن ناول ۾ نصير، ناردمني ٽيلي اسٽار، راحت حسين، صبا، سنجها جي ’ادا‘ پارٽي ۽ چڻن وڪڻڻ وارو ڇوڪرو مرڪزي ڪردارن سان گڏجي ڪئمپس جو هڪ پورو ۽ خاص پهلو پڙهندڙ اڳيان چٽو ڪري ٿا بيهارين. اهي سڀ اهڙا ڪردار آهن، جيڪي ڪئمپس جي ڀرپور نمائندگي ٿا اڪن، منجهن ڪوبه غير معمولي نه آهي. ۽ وڏي ڳالهه ته اهي ڪردار پنهنجي تحرڪ سان ڪهاڻيءَ کي مرڪزي نقطي يا مرڪزي لائين تان نه ٿا هٽائين. ايتريقدر جو ناول نويس ڪئمپس مان نڪري ڪراچيءَ ۾ عليءَ جي گهر ٿو اچي ته علي ۽ سندس زال جي جهيڙي ۾ به کيس پنهنجو مستقبل نظر ٿو اچي ۽ عليءَ جي گهر کي هو ناول ۾ ايترو ئي ٿي آڻي جيترو ان جي ضرورت آهي نه ته عليءَ جي ڪردار ۾ ايڏي ته ڇڪ آهي جو اِهو ڪردار ناول جي مرڪزي جو فيوز کي وڏي خوشيءَ سان اُڏائي سگهي ٿو.
جتي مرڪزي لائين کان هٽي وڃڻ ناول لاءِ نقصانڪار آهي، اوتي خود ان لائين تي قائم رهڻ به خطري کان خالي نه آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ صورتحال ۾ ليکڪ ڪٿي به يڪسانيت، ورجاءُ ۽ سست رفتاريءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿو. پر هن ناول ۾ ليکڪ ساڳيءَ واٽ تي هلندي ڏاڪي به ڏاڪي زندگيءَ جا ۽ رشتن جا نوان پهلو کوليندو توڙ ڪري ٿو جتان تان کڻي ٿو اُتي ئي وڃي ٽوڙي ٿو پر تان کڻڻ ۽ تان ٽوڙڻ جي وچ واري عرصي ۾ هو زندگيءَ جا ڪئين زنگ ۽ روپ ڏيکاري ٿو. اُهي رنگ روپ اهي آهن جيڪي اسان ڏسندا ته رهندا آهيون پر انهن کي کولي پڌرو ڪري نه سگهندا آهيون.
اسان وٽ سنڌي ادب ۾ بلڪ پوري مشرق جي فڪشن ۾ اڪثر جيڪي ڪردار ملندا آهن، اُهي يا ته فرشتا هوندا آهن يا شيطان، جيڪي پنهنجا پنهنجا نعرا هڻندا غازي يا شهيد ٿيندا نظر ايندا آهن. اسان فرشتن ۽ شيطانن جا ليکڪ آهيون. اسان وٽ ماڻهو تمام گهڻو تخليق ڪيو ويو آهي. ٻه چڱايون چار مدايون رکندڙ ماڻهو چٽڻ لاءِ وڏي بهادري، وڏي فراخدلي ۽ ظالمانه حد تائين منصف مزاجي ٿي کپي. ۽ طارق هن ناول ۾ پنهنجون اهي خصوصيتون ڏيکاريون آهن. هن سڄي ناول ۾ پنهنجي ڪنهن به دوست ڪردار تي رحم نه کاڌو اٿس، ڪنهن به دشمن ڪردار سان بي انصافي نه ڪئي آهي. ڪنهن به ڪردار جي مٿي تي سڱ نه آهن. ڪٿي به اصل جو، پيار جو ۽ چڱائيءَ جو نعرو هنيل نه آهي. ڀلا جي ڪو ماڻهو نعرو هڻي به سهي ته ليکڪ جو ايجاد ڪيل نعرو ڇو هڻي، پنهنجو نعرو ڇو نه هڻي. جيتوڻيڪ هن ناول ۾ پنهون، طارق جو پنهنجو ڪردار لڳي ٿو ۽ هو ان ڪردار وسيلي ڪوبه نعرو هڻائي سگهي ٿو. پر هن ايماندار ۽ شريف ماڻهوءَ ائين نه ڪيو آهي. بلڪ هنڌ هنڌ پنهنجا ڇوڏا به لاهي ويو آهي.

عبدالقادر جوڻيجو
ڄام شورو، سنڌ.

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ