شاعري

رڻ تي چانڊوڪي

ڪتاب ”رڻ تي چانڊوڪي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب هن دور جي خوبصورت شاعر، تخليقڪار ۽ ليکڪ ايوب کوسي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. موهن مدهوش لکي ٿو:
”ايوب کوسي جي شاعري، روايتي شاعري ناهي پر اُن ۾ نوَن خيالن ۽ تشبيهن جا رنگ موجود آهن. ان منفرد انداز جي ڪري ئي هن ٿوري وقت اندر ئي ادبي دنيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪري ورتي آهي. هن پاڻ کي فطرت کان پري نه رکيو آهي ۽ اهوئي سندس شاعريءَ جو حُسن آهن. هن روڊ تي پٿر ڪُٽيندڙ مزدور کان ويندي بٽئي وقت سڀ ڪُجهه زميندار جي قرض ۾ ڏيئي، خالي هٿن موٽندڙ هاريءَ جي درد تي، ان ئي ڪيفيت ۾ لکيو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ پورهيت جي پگهر جي خوشبوءَ سان گڏ وينگس جي آلن وارن جو هڳاءُ به آهي. هن محبت ۽ مُفلسيءَ تي گڏوگڏ لکيو آهي ۽ اُن سان باقاعدي نڀائيو به آهي. هن جي شاعريءَ ۾ حُسن جي ثنا به آهي ته ناانصافي خلاف مزاحمت به آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 4306
  • 1687
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book رڻ تي چانڊوڪي

حق ۽ واسطا

ڪتاب جو نالو: رڻ تي چانڊوڪي
موضوع: شاعري
شاعر: ايوب کوسو
ڇاپو پهريون: پهريون 2012ع
ڇاپو ٻيو: 2017ع
ڪمپوزنگ: پرڪاش ڪرمواڻي
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو

قيمت: 200 روپيا

ارپنا

هِن ڌرتي تي لاوارث ٿِي مرندڙ
لاوارث ٿِي جيئندڙ انسانن
جي نالي.
اظهار جي آزاديءَ جي ڪُنوار جي حاصلات لاءِ
راهن ۾ رَت ڏيندڙ ڳاڙهن گهوٽن جي نالي!
سنڌ جي عشق ۾ ٽانڊن تي پير رکي هلندڙ
اڻموٽ عاشقن جي عاشقي جي نالي!

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”رڻ تي چانڊوڪي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب هن دور جي خوبصورت شاعر، تخليقڪار ۽ ليکڪ ايوب کوسي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. موهن مدهوش لکي ٿو:

”ايوب کوسي جي شاعري، روايتي شاعري ناهي پر اُن ۾ نوَن خيالن ۽ تشبيهن جا رنگ موجود آهن. ان منفرد انداز جي ڪري ئي هن ٿوري وقت اندر ئي ادبي دنيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪري ورتي آهي. هن پاڻ کي فطرت کان پري نه رکيو آهي ۽ اهوئي سندس شاعريءَ جو حُسن آهن. هن روڊ تي پٿر ڪُٽيندڙ مزدور کان ويندي بٽئي وقت سڀ ڪُجهه زميندار جي قرض ۾ ڏيئي، خالي هٿن موٽندڙ هاريءَ جي درد تي، ان ئي ڪيفيت ۾ لکيو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ پورهيت جي پگهر جي خوشبوءَ سان گڏ وينگس جي آلن وارن جو هڳاءُ به آهي. هن محبت ۽ مُفلسيءَ تي گڏوگڏ لکيو آهي ۽ اُن سان باقاعدي نڀائيو به آهي. هن جي شاعريءَ ۾ حُسن جي ثنا به آهي ته ناانصافي خلاف مزاحمت به آهي.“

هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري دوست پرڪاش ڪرمواڻي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

رايو

شاعر، پنهنجا چَپ تڏهن چوري ٿو، جڏهن هُن مٿان شاعري الهام ٿئي ٿي ۽ پوءِ هُو، ڳائي ۽ جاڳائي ٿو. سنڌي ادب ۾ ڏاڍا وڻندڙ ۽ متاثر ڪندڙ شاعر موجود آهن، جن پنهنجي خوبصورت خيالن ذريعي پڙهندڙ جا من موهيا آهن. شاعري دل جو آواز به آهي ته رُوح کي ريجهائيندڙ ساز به ان مان اهو ئي محضوض ٿي سگهي ٿو جيڪو شاعراڻو مزاج رکندڙ هجي.
ايوب کوسي جو نالو، نئين ٽهيءَ جي انتهائي خوبصورت شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن جي پڙهندڙن جو هڪ وڏو حلقو آهي. سندس شاعري، اکين مان ٿِي دل ۾ لهي وڃڻ جهڙي سگهه رکي ٿي. هن جي شاعريءَ ۾ چنڊ جي ڌيمي روشني به آهي ته سج جو تيز تاءُ به. هن ڀنڀور جي آثارن کان وٺي مُومل جي ماڙيءَ تي اکين کي پير بڻائي وڃي مشاهدا ماڻيا آهن ۽ پاڻ کي انهن جي دؤر ۾ وڃائي، احساسن جا موتي ميڙيا آهن ۽ انهن کي شاعريءَ جي مالها ۾ پوئيو آهي.
ايوب کوسي جي شاعري، روايتي شاعري ناهي پر اُن ۾ نوَن خيالن ۽ تشبيهن جا رنگ موجود آهن. ان منفرد انداز جي ڪري ئي هن ٿوري وقت اندر ئي ادبي دنيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪري ورتي آهي. هن پاڻ کي فطرت کان پري نه رکيو آهي ۽ اهوئي سندس شاعريءَ جو حُسن آهن. هن روڊ تي پٿر ڪُٽيندڙ مزدور کان ويندي بٽئي وقت سڀ ڪُجهه زميندار جي قرض ۾ ڏيئي، خالي هٿن موٽندڙ هاريءَ جي درد تي، ان ئي ڪيفيت ۾ لکيو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ پورهيت جي پگهر جي خوشبوءَ سان گڏ وينگس جي آلن وارن جو هڳاءُ به آهي. هن محبت ۽ مُفلسيءَ تي گڏوگڏ لکيو آهي ۽ اُن سان باقاعدي نڀائيو به آهي. هن جي شاعريءَ ۾ حُسن جي ثنا به آهي ته ناانصافي خلاف مزاحمت به آهي.

موهن مدهوش
***

تخليقي ۽ جمالياتي شاعر

ايوب کوسو نئين ٽهيءَ جو خوبصورت، ذهين، تخليقي ۽ جمالياتي شاعر آهي. هن پنهنجي ننڍي ڄمار جي مختصر تخليقي سفر ۾، پنهنجي همعصرن جي مقابلي ۾ وڏي مڃتا حاصل ڪئي آهي. ان جو ڪارڻ سندس وسيع مشاهدو مطالعو ۽ حقيقتن کي سمجهڻ جو فهم آهي. هي واقعن، وارداتن، جذبن، مشاهدن ۽ تجربن ڏانهن مصورانه نگاھ رکي ٿو، جنهن ڪري هن جي شاعريءَ ۾ اسان کي ڪٿي به اڀراءُ ۽ مصنوعيت نظر نه ٿي اچي. هو پڙهندڙن جي دلين جي ڌڙڪن بنجي پوي ٿو ۽ هرڪو سمجهي ٿو ته هن سندس دل جي ڳالهه ڪئي آهي. هن جو اڇُت مشاهدو تخليق جي تاڃي پيٽي ۾ جيڪي خوبصورتين جا رنگ ڀري ٿو، اهي پڙهندڙ جي نه رڳو دل کي ڇُهن ٿا پر دماغ کي به متاثر ڪن ٿا. جيڪي شعر دل ۽ دماغ کي هڪ ئي وقت متاثر ڪندا آهن، انهن ۾ جيڪڏهن دائمي قدر موجود آهي ته اهڙي شاعري امرتا حاصل ڪري سگهندي آهي. ايوب کوسو اهڙو شاعر آهي، جنهن جي شعرن جون سٽون ياد ٿي وڃن ٿيون ۽ حوالي طور (Quotable) ڪتب اچن ٿيون، جيڪا ڳالهه هن جي پنهنجي اصلوب ۽ Diction جي نشاندهي ڪري ٿي.

تاج جويو
***

ڌرتيءَ جو شاعر: ايوب کوسو

ايوب کوسو، سنڌ جي ڏات نگر جو اهو وهائو تارو آهي، جيڪو پرھ جي پڪ ڏئي ٿو. هو سنڌ جي نئين نسل جي مزاحمتي شعور جي علامت ۽ اهڃاڻ آهي، جيڪو سنڌ جي ٻهراڙين اندر سمايل سنڌ جي ضمير جي زنده هجڻ جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي. سندس پهريون ۽ ازلي عشق ڌرتيءَ سان آهي ۽ ان سان نڀاءُ سندس شاعريءَ جو ڪارج آهي. بنا ڪنهن شڪ جي چئي سگهجي ٿو ته هو عرصي کان سنڌ جي ٻهراڙين سان لاڳاپيل مگر پڙهيل لکيل نوجوانن جو آئيڊيل شاعر بنيل آهي. ڀلي ايوب جا تنقيد نگار سندس ڏات کي پنهنجي ساهمين ۾ توري وزن ڪندا رهن پر ايوب سنڌ جو اهو نوجوان شاعر آهي، جنهن جي نظمن کي سنڌ جي واهڻن ۽ وستين، استاد بخاري جيان هينئين سان هنڊايو ۽ جيءُ ۾ جايون ڏنيون آهن. ايوب جي ڪتابن جا پبلشر گواهي ڏين ٿا ته حيرت انگيز طور سنڌ جي ننڍڙي ۽ ڪنڊائتي وسندي جهڏو تائين عملي طور محدود هجڻ سان گڏ ڪنهن به وڏي نالي واري اديب جي پروجيڪشن جو سهارو نه هوندي به ايوب جي شاعري سنڌ جي وجود کي وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهيل آهي. سندس شاعريءَ جا ڪتاب نه رڳو هٿوهٿ وڪامجن ٿا پر انهن جا ايڊيشن به نڪرن ٿا. ان جو ڪارڻ به سندس اندر ۾ وسندڙ وطن سان غير مشروط عشق آهي، جنهن جو جلوو سندس شاعريءَ جي هر انگ مان پسجي ٿو. مون اڄ تائين سندس ڪي بنهه ٿورا نظم پڙهيا هوندا، جن ۾ سنڌ ڌرتي جو درد سمايل نه هجي! هو سنڌ جو اهو اڪيلو مشهور شاعر آهي، جنهن تي سنڌ جو ماڊرن انٽيليڪچوئل طبقو شايد ان بنياد تي تنقيد ڪري ٿو ته هن گلويلائزيشن ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ به هُن پاڻ کي رڳو سنڌ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي پر شايد اڳتي هلي سنڌ جو تاريخدان کيس ان بنياد تي ئي سڀني کان مٿانهون مان ڏيڻ تي مجبور ٿئي ته هن پنهنجي سڃاڻپ سنڌ کي ئي بڻايو آهي. کيس ڪا اهڙي دعويٰ ڪانهي ته ڪو سندس ڏات ڌرتي کان مٿاهين آهي. هن جي تخليق ۾ ته سنڌ ڪڏهن محبوبا جيان پنهنجي سمورن حسناڪين ۽ البيلين مست ادائن سان ته ڪڏهن ڪنهن جوان وڌوا جيان اداس شامن، ويران صبحن ۽ اجڙيل سينڌ سان جلوه گر آهي، جيڪا ڪڏهن به سندس اداس اکين کان اوجهل نٿي ٿئي. هن جي تخيل جي ڪائنات سنڌ آهي، جنهن سان هن جو فن ۽ فڪر ايئن سلهاڙيل آهن، جيئن مارئي جي پنهنوارن ۽ پکڙن سان پريت اڻمٽ هئي. ايوب جو به الستي انگ پنهنجي وطن سان اڙيل آهي، هو ڏيکاء خاطر پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي منظرن جو ذڪر نٿو ڪري پر هو هڪ سچي عاشق جيان بيوس آهي، هو ڪيترو به چاهي ۽ سندس ڏات جي ڪائنات ڪيتري به وسيع ٿي وڃي، پر اها ڪڏهن به سنڌ جي موسمن، منظرن، رسمن، ٿر جي تارن ڀري حسين رات، لاڙ جي لڄارين حسينائن، مهراڻي جي چيڪي مٽي، ڪينجهر جي مست هوائن ۽ ڪارونجهر جي مورن جي ٽهوڪن توڙي سنڌ جي آڪاس تي اڪثر اوچتو ڇائنجندڙ ظلم ۽ جبر جي شام غريبان جهڙين شامن تي ڪيڏارن کان سواءِ مڪمل ٿي ئي نٿي سگهي. وٽس سنڌ جي سول سوسائٽي جي پڳدارن وانگي قلم براءِ فروخت جي ڪا گنجائش ڪانهي، جنهن جي آڌار هو سنڌ جي نالي تي دنيا گهمي، رات جو عياشيون ڪري ڏينهن جو ميڊيا جي آڏو سنڌ لاءِ واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙيندو هجي. هو سنڌ جي ان مسڪين ڦريل لٽيل اڪثريتي طبقي مان آهي، جيڪي ”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ جيئن برسات ٻوڏ ۾ ٻڏڻ بعد پنهنجي اباڻن ڪکن مان به جلاوطن بنجي ويا هئا. بيگناھ ضيائي ڪاري قانون هيٺ جوڀن جا ڏينهن جيل ۾ گهاريندڙ ۽ ان دؤر ۾ ڪيترن پنهنجن پراون جي روين جي جيءُ جلائيندڙ جهنم جي تپش ۾ به ايوب لاءِ شاعري باھ تي ڇنڊا ۽ گهاون لاءِ مرهم بنجندي رهي. هن روايتي ۽ اصلي سنڌين جيان ان وقت به پنهنجي ذات لاءِ ڪنهن سان ڪو شڪوو يا شڪايت نه ڪئي، بس خاموشيءَ سان لکندو رهيو. ظاهر آهي ته شاعري خاموشي نه پر درد جي اظهار جو سڀ کان سگهارو ڏانءُ آهي ۽ ايوب تي ته ڪوتا جي ڪاڪ نگر جي مومل مهربان ٿي کيس ڪڏهوڪو چونڊي ورتو هو.
ايوب تي آيل ان دردناڪ دؤر کي ياد ڪندي هن وقت به منهنجون اکيون آليون ٿي ويون آهن ۽ سوچيان ٿي ته هن ڪيئن اڪيلي سر ان بيرحم وقت جي سنگين پلن کي پاڻ تي سَٺو هوندو! روح کي رهڙيندڙ ۽ ساھ کي سوڙهو ڪندڙ انهن ڏينهن مون کي به مايوس ڪيو هو، جيڪي صرف ڪجهه پل، لمحا ۽ ساعتون نه پر صدين جيڏا سال هئا.
ايوب کي شايد ئي ڪنهن ميڊيا آڏو پاڻ وڻائڻ لاءِ سجايل اسٽيجن تي ڏٺو هوندو. هن پنهنجي جيڪا به حيثيت ٺاهي آهي، اها سندس پيار جي پورهئي جو ثمر آهي، اهو سندس سچائي، لگن، محنت ۽ محبت جو ڪمال آهي جو اڄ هو بنا ڪنهن جي ڪلهن تي سواري ڪرڻ جي ان ماڳ تي پهتو آهي جنهن لاءِ گهڻا پيا سڌون ڪندا آهن.
ايوب پنهنجي فن ۽ فڪر کي وطن جو ورثو بنائي ڇڏيو آهي، هن جو نظريو سنڌ آهي، جيڪا سندس ڏات تي ڇانيل آهي ۽ ڌرتي جي قرض کي هو پنهنجي روح تي هر لمحي محسوس ڪري ٿو. هو محمود درويش جيان ڌرتي جو شاعر آهي، هن جي دل جي ڌرتيءَ تي ديس جا درد سانوڻي جي مينهن وانگي شاعري بنجي وسندا رهن ٿا.
ايوب، فيض جيان پنهنجي شاعريءَ ۾ انقلاب ۽ رومانس کي حيرت انگيز نموني هم آهنگ ڪري، سهڻي انداز ۾ ان جو ايئن اظهار ڪري ٿو، جو چيڪي مٽيءَ جي خوشبو سان واسيل سندس تشبيهون ۽ استعارا، اجرڪ تي ڦلڙين جيئن جڙجڻ ۽ جرڪڻ لڳن ٿا، سندس شاعريءَ جا منظر شهري آلودگيءَ کان پاڪ ڳوٺاڻي فطري ماحول جو مظهر آهن.
هو پنهنجي شاعري ۾ وڏي واڪي سچ جا هوڪا ڏي ٿو. نون ميم راشد جيان مفت ۾ خواب وڪڻي ٿو پر جڏهن ڪوئي خريدار نٿو اچي ته مايوس ضرور ٿئي ٿي، پر اهو سچ ڄاڻڻ جي باوجود ته هن ڪوڙ ۽ ڪانئررا جي ڪلجُڳ ۾ ڪو سچ جو سوداگر نه ايندو، هو پنهنجو سفر جاري ٿو رکي. ڪيڏو ڪٺن ڪم آهي، سچ جي قيمت ڄاڻڻ جي باوجود ان سان نڀائڻ!! پر پنهنجي رستي جي پاڻ چونڊ ڪرڻ کان پوءِ رستن سان شڪايت به ڪهڙي؟!
ايوب، رڳو حسين تخيل جي آڏاڻي تي شاعريءَ جي اڻت بعد پاڻ کي آزاد نٿو ڇڏي، پر انهن ڪربناڪ ڪيفيتن سان پڻ ڪميٽيڊ آهي، جيڪي کيس ڏات جي ديوي دان ڪري ٿي. هر سچي تخليقڪار وانگي، هو تخليق جي عمل جي پيڙائن مان گذرڻ بعد به ديس مٿان لڙڪندڙ هر درد جي تلوار جي ڌار هيڍان پنهنجي ديس واسين سان گڏ گذاري ٿو.
ايوب وٽ نظم جو سگهارو ۽ آبشارن جي رواني جهڙو فطري ۽ دل آويز اظهار آهي، جنهن جا پنهنجا رنگ ۽ ڍنگ آهن. کيس پنهنجو اسلوب آهي جنهن تي ٻئي ڪنهن جو رنگ نٿو جهلڪي. هو سدائين شاعري ۾ پنهنجي گس ۽ گهاڙيٽن تي هلندو رهيو آهي. سندس اظهار جو انداز ڪنهن کان اڌورو ورتل ناهي. سندس شاعريءَ جي ٻولي سندس سڃاڻپ آهي ڇو ته اها بنهن منفرد آهي. سندس لهجي ۾ حالتن جي تلخي ته بکي ٿي پر سندس لهجو لاڙ ۽ ٿر جي مٺڙن ماڻهن جهڙو مٺو، موهيندڙ ۽ سٻاجهو آهي.
ايوب پنهنجي شاعري وسيلي سنڌ جي نج نبار ڳوٺاڻي ثقافتي زندگي جا اهي رنگ پسائي ٿو، جيڪي عام طور اسان جي جديد شاعري ۾ ڳولئي به نه ٿا ملن ۽ جيڪي اسان گهڻو ڪري وساري ويٺا آهيون. هن جي شاعري پڙهندڙ کي انهن وسري ۽ وڃائجي ويل رنگن جو نظارو ڪرائڻ لاءِ پاڻ سان گڏ چيچ پڪڙي وٺي هلي ٿي ۽ پوءِ پڙهندڙ انهن منظرن جي ميلي ۾ ڪنهن ٻار جيان گم ٿي وڃي ٿو.
عذابن جا سينا، ڪٿائون صدين جون،
شهيدن جا رتبا، صدائون اکين جون،
حسينن جون نظرون، ادائون سڳين جون،
رتن جا سنيها، دعائون پکين جون،
ڪو رهزن انهن کي لٽائي سگهي ٿو،
ڪو سنگدل انهن کي کپائي سگهي ٿو،
ڪو منحوس تن کي اجهائي سگهي ٿو،
انهن جي سو قيمت لڳائي سگهي ٿو،
نه جنهن جي رڳن ۾ رهي ٿڃ آهي.
هو محبتن جو منڪر ناهي پر کيس ادراڪ آهي ته بسنتون نهارون سڀ ڌرتي تي سک ۽ سڪار کان سواءِ بي معنيٰ آهن.
ان ڪري مور جي کنڀن جهڙن حسين پيار جي پلن کي ماڻڻ مهل به کيس ديس جو درد نهوڙي ٿو ۽ ڪيڏارا ياد ٿا اچن.
ڪيئن ايندينءَ، پل ڪارا آهن،
ڪجلي هت ڪيڏارا آهن.
خوشبو جي پرن تي پيار جهڙا گيت لکندڙ ۽ پکين جي اڏارن جهڙا احساس رکندڙ هي اسان جو ڪوي پنهنجي دامن ۾ ڌرتي جو سمورو حسن ۽ درد سهيڙي ويٺل آهي.
سندس هر هڪ نظم جي هر سٽ ۾ ڌرتي جون صدائون آهن، انهن کي ڪن لائي ٻڌڻ جون التجائون آهن.
ٻڌايو هن غلامي کي ڏيون نالو ڪهڙو؟
اسانجا انگ چونڪين تي سدا آهن نهاريا ويا.
سندس اندر جي آواز جهڙو هي نظم هانءُ ۾ ڪنهن ڇيت جيان چڀيندڙ مگر اميد ۽ احساس جي خوشگواريت سان ٽمٽار آهي.
هن نظم ۾ ايوب جي پنهنجي ذات جي محدود دائرن مان نڪرڻ ۽ اذيتن جي ڄار ۾ قيد ڪنهن پکي وانگيان آزادي جي تڙپ ۽ اڏامڻ جي آس ۽ اڌما آهن.
خوشبو وانگي هاڻي وکرڻ چاهيان ٿو مان،
خاموشي جي رڻ مان نڪرڻ چاهيان ٿو مان،
ڪتبو ناهيان، ڳوڙهو آهيان الڪو آهيان،
ٻرندڙ ڄڻ اتهاس جو ڪوئي سڏڪو آهيان،
اذيت جي هر ڄار مان نڪرڻ چاهيان ٿو مان،
خاموشي جي رڻ مان نڪرڻ چاهيان ٿو مان.
منهنجي دعا آهي ته شال ايوب جي ڏات خاموشين جي رڻ پٽ مان نڪري خوشين جي خوشبو بنجي چئني ڏسائن ۾ پکڙجي سنڌ جي صدا بنجي وڃي ۽ سندس احساس امرتا ماڻين.

گلشن لغاري
6-آڪٽوبر، 2012ع
***

انسانيت جي خواب جي بقا

(شاعر پاران)

لفظ، اي سي ڪمرن ۾ ڪرسين تي ويهي به لکبا آهن. ته لفظ، جُهڳين ۾ مٽي تي رلي وڇائي ويهي به لکبا آهن. لفظ شهادتون ساري به لکبا آهن، ته لفظ زندانن ۾ گهاري به لکبا آهن! لفظ نراليون اجرڪون به ٿيندا آهن ته لفظ بندوقون به بڻجندا آهن! لفظ منصور جيان اکيون اکين ۾ ڄمائي به پنهنجو وجد ظاهر ڪندا آهن، ته لفظ سسئي جيان منزل کي به تلاش ڪندا آهن! ڳالهه اصل ۾ رڳو عشق جي ان سدا بهار سچائي جي آهي جيڪا عاشقن ۽ سَڌڙين جي سوچ جو روح ۽ مزاج توري پنهنجو فيصلو نراور ڪري ڇڏيندي آهي! اها حقيقت آهي ته رڻ ڪڇ جي ٻرندڙ ٻپهرين جهڙا بانورا لفظ ۽ پارڪر جي مُشڪڻي نرمل سارنگا جي ڪجلين نهارن جهڙا ڇانورا لفظ جڏهن پاڻمرادو ضمير ۽ دل جي سنڌ ۾ گلابن جيئن ڦٽندا ۽ ٽڙندا آهن تڏهن ئي اهي موزون شاعري جون اوجاڳيل اڱريون دنيا جي لڳ ڀڳ هر موضوع جي وارن ۾ وچڙيون آهن. باھ جي ڄڀي هجي تاٽهڪ جي مُکڙي هجي، حُسن جي جهاتي هجي يا مزدور جي اُداسي هجي. شاعري هميشه اُن کي دل سان پنهنجو ڪيو آهي. ڪمال ته اِهو آهي جو پيار جا ڪيئي مٺا درياھ ۽ درد جا انيڪ کارا سمنڊ پِي وڃڻ کان پوءِ به شاعري جي ڪڏهن به اُڃ ناهي لٿي! شاعري ڄڻ ته زمين جو بيقرار روح آهي! ائين به چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته شاعري ايئر ڪنڊيشن گاڏي جي ڪارن شيشن پويان ڪيل ڪو سفر ناهي، پر جواڻ گهوڙي جي اگهاڙي پُٺيءَ تي سفر جو نالو شاعري آهي! اهو سچ آهي ته شاعري ويساهن جي روشني آهي! شاعري خوابن جي اميد جي خالق آهي! سگهاري ۽ سون جهڙي شاعري هميشه عظيم خوابن ۽ اڻموٽ آدريشن کي جنم ڏيندي آهي تڏهن ئي ته چلي جي عظيم شاعر پئبلو نردا نوبل ماڻڻ وقت پنهنجي تقرير ۾ هي محبوب لفظ اُچاريا هئا ته: ”اها اسان جي ذميواري آهي ته اسين انهن خوابن کي جاڳائي ساڀيا ڏيون جيڪي دنيا جي قديم تهذيب جي آثارن ۽ پٿرن ۾ دفن ٿيل آهن، اُهي خواب جيڪي مٽي اندر يا گهاٽي جهنگ ۾ ٻُوساٽيل آهن!“ مون کي چانڊوڪي جههڙو يقين آهي ته جڏهن نرودا اهي لفظ اظهاريا هوندا تڏهن هُن جي ذهن ۾ مصر جي اهرامن، الورا جي غارن، بابل جي ديوارن سان گڏ پڪ سان موئن جو دڙو به موجود هوندو! هُن جي تصور ۾ مصر جي ممين سان گڏ اها نتڪي ڇوڪريءَ ضرور نچي هوندي نچي هوندي جنهن ڪڏهن سنڌ جي هوائن ۾ سُتي ڪو اجرڪ جهڙو عظيم خواب ڏٺو هوندو! تڏهن سنڌ جي ڪنوارين اکين جا قرب شاعري جو سبب بڻيا هوندا! مون کي فخر آهي ان عظيم ماءُ ڌرتي تي، مون ۽ منهنجي دل اکيون کوليون آهن! منهنجي احساسن جو اهو سرمايو املهه آهي ته اُن محبوب ڌرتي جي مٽي مون کي اظهار لاءِ ڪجهه لفظ ڏنا آهن! منهنجي آڱرين هن مٽي جي ڪن خوابن سان پيار ڪري پنهنجي اظهار ۽ عشق کي پڌرو ڪرڻ جي بس هڪڙي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي! اها ڪوشش منهنجي ضمير جو آواز آهي. آئون هن ۾تي جي وڏي درد جو ننڍڙو نوحاگر آهيان، ڇو جو جرنيل هوشو جي اکين سان آخري ڀيرو نهاريل سنڌ منهنجي عشق، منهنجي روح ۽ منهنجي دل جي ماءُ آهي! مون محسوس ائين ڪيو آهي ته روشني ڪُٺل انسانن جي رَت ۾ ڪري پئي آهي، ۽ عشق اُن روشني جي جسم تان رَت ڌوئڻ جي جستجو ۾ رڌل آهي! دل کي ائين به لڳي ٿو ته پٿرن هيٺ اچي ويل خوابن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ عشق ۽ شاعري کي ڪو ڪردار ضرور ڪرڻو آهي.
الميو اهو آهي ته هي آرٽسٽ دوست معاشرو هئڻ جي باوجود اوپرائي جو احساس ڏياريندڙ آهي، ان جو سبب اهي سازشون آهن جيڪي پنهنجي مفادن لاءِ سرگرم آهن!
هتي روز تماشن جي آڏو بيهڻو پئجي وڃي ٿو، وحشتن جا ڪانگ اسان جي سيني مان دل ڪڍڻ لاءِ جهاوا هڻندا رهن ٿا!
پريتمو! مائون جڏهن ڪنوارن پٽن جي لاشن جي مُنهن تي موڙ ٻڌي ٿڌي ٿِي ويل هٿن تي ميندي مکين ٿيون تڏهن اسان جو وجد ٻٻرن جي ڍينگهرن تي ڊهي ڪنڊن سان سٿجي وڃي ٿو! سسئي اوجاڳن جهڙي اڪيلائي جڏهن اهو احساس ڏياري ٿي ته اسان تاريخي قلعا ڪليمن جي ڌن ٿي روئندڙ آهن، تڏهن تصور کاري ڇاڻ جي تپش ۾ ڌراڙن جي اکين جي بيقراري ٿِي وڃن ٿا! اها وياڪلتا دل جي شاعري آهي! سانحن کي شاعري جي سٽن ۾ سرجڻ واري عمل کي جيڪڏهن ڪو لفاظي يا نعريبازي جو نالو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته سوچ جي ان ڇسائي تي صرف ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو! شاعري رڳو چنڊ جي چانڊاڻ ناهي، چنڊ جي نه هجڻ کان پوءِ ڏيئي جي روشني به ته شاعري آهي! ذهني اذيت جي بيابانن ۽ محبوبيت جي بيقرار بارشن جي ڦُڙينمان جيڪو به احساس جو رنگ مون کي مليو آهي مون اُهو جيئن جو تيئن ان شاعري جي اکين ۾ آڻي رکيو آهي جنهن سان منهنجو نينهن اٽڪيل آهي! اهو عشق مون لاءِ آڪسيجن آهي! انسانيت ۽ عشق جا اڻ کُٽ دشمن آهن جن فتني بازن جي منهن تي ڌوڙ وجهڻ لاءِ شاعري جا هٿ سرگرم رکڻ جي تمنا ان ڪري به جاڳي ٿي، ڇو جو اها تمنا انسانيت جي خواب جي بقا جي ڪوشش محسوس ٿئي ٿي.
سچ اهو آهي ته منهنجو ننڍڙو وجود سنڌ جي محبوب ماڻهن جي محبتن جو قرضي آهي. انهن محبتن منهنجي دل کي جاڳندو رهڻ جو سنيهو ڏنو آهي. انهن قربتن مان مون اهو ڃاتو آهي ته شاعري، انسان ۽ عشق جي تقدس جي موسم آهي! شاعري نانگ جي ننڊ ناهي، شاعري جوڳيءَ جي جاڳ آهي!

ايوب کوسو
جهڏو
جولاءِ 2012ع

پتو:
ٽپال گهر جهُڏو،
ضلعو ميرپورخاص، سنڌ
***

رڻ تي چانڊوڪي

---

زماني بُت رقبت جا پٿر وانگي گهڙيا آهن،

زماني بُت رقبت جا پٿر وانگي گهڙيا آهن،
اسان ڪنهن پيار جا پيرا خزائن ۾ کنيا آهن.

وڃي ڪو خواب وارن جي ويڙهوٽي ۾ لِڪو آهي!
ٽِڙي احساس ٽيڙو ٿي انڌيرن ۾ ٻريا آهن.

دغا جي بوءِ رستن تي اُڀي آ پاڳلن وانگي،
حُسن جا غم هوائن ۾ ڪفن پائي گَڏيا آهن!

هتي هر پل تماشن جو يزيدي روح جاڳي ٿو،
حُسيني حوصلن وانگي وچن اُڃ ۾ وڙهيا آهن!

ڪچا جوڀن اُداسي ڏس، رڙن ٿا ماٺ جي هنج ۾،
ڊنل ڳاڙهين اکين تي هُل رکيا ڳاڙها اَکيا آهن.

مندر ۾ گهِنڊ آ گونجيو، ممبر تان ٻانگ آ اُڀري،
اسان چهرا گلابن جا فجر ويلي پڙهيا آهن!

***

برسات جي رِم جهِم ۾ مُرڪيو تو وري آهي،

برسات جي رِم جهِم ۾ مُرڪيو تو وري آهي،
اچرج ۾ اچي وِڄ ڪا ڪاڇي تي ڪِري آهي!

محبوب جواني جا اسرار عجيب آهن،
سُرمي سان ڏِسي توکي موسم هِي ڦِري آهي!

اوڀر مان اُٿيل سُخي ڀانيان ٿو ائين جانُم،
ميندي ۾ رتل تنهنجي هٿ جي ته تِري آهي.

زلفن کي ڇنڊين ٿِي تُون ڀئونرا ٿا ڀِريو ڀُلجن،
چُوڙين کي ٻُڌڻ لاءِ سانجهي وئي هِري آهي!

سارين کان چُني تُنهنجي احوال پُڇيا آهن،
ڀنڀور تان ويراني ڪيڏي ٿِي ڍري آهي!

مان ڏياج جي ڏرتي جو ڪو عشق نئون آهيان،
اي حُسن هلي آ تون هٿ تي پئي سِري آهي!

***

ڪڏهن انڪار لکرايو ڪڏهن اقرار لکرايو،

ڪڏهن انڪار لکرايو ڪڏهن اقرار لکرايو،
قسم سنڌوءَ ڪنارن جو اسان کان پيار لکرايو

نظم نِڪتا نهارن مان غزل اُڀريا ادائن مان،
ستارا شاهديون آهن حُسن هر بار لکرايو.

نشيلا پير گهاٽن تي هٺيلي لوڏ هٿڙن جي،
ڪڪوريل ڪائناتن جي ٿڌي مهڪار لِکرايو.

ڳُٺن جي ڳنڍ هر ڪنهن ۾ هُئا ٺڻ لفظ ڪئين قابو،
کُليا جيئن زلف هِن ڪارا عجب اسرار لکرايو.

ڪڏهن ڦُلڙي لٿي ڪائي، ڪڏهن ڪو تِلڪ گهايو ويو،
قتل گاهن جي رستي تي سُتل ماٺار لکرايو.

کلڻ ڀي خوف ۾ ويڙهيل ملڻ جو عيوضو گولي،
تتل بيحس زماني جي ڏنل هر گار لکرايو.

سڙن پيا خواب ڳوٺن جا سُتا ناهيون اکيون ٻوٽي،
شهيدن جي نئين رَت جي نئين هٻڪار لکرايو.

مياڻي ڀوڳ ڪو ناهي ڪهاڻي آ گلابن جي،
سنڌوءَ لاءِ اجرڪون اُجڙيون اُنهن جي سار لکرايو.

اسان مٽي جا ڪي ماڻهو اسان ڌرتي جي دل ڄاڻون،
اسان کي عاشقي ڳوهيو صدين جي ڇا لکرايو.

***

اڙي دل مارجي وينديءَ!

اڙي دل مارجي وينديءَ!

جهنگن جو ديس آ جانم!
دلين ۾ ٽوھ ٿا ٽَهڪن،
اکين مان جُوءَ ٿِي اُڀري!
چُمين جا ڪنڌ ٿا ڪپجن!
گلن جا جسم تُون ڳاڙها،
حُسن جا ٽهڪ ٿِي سمجهين!
جواڻين جي پيشانين جا،
ستارا تِلڪ ٿِي سمجهين!
لڳي ٿو ٻارجي ويندينءَ!
هِتي آ وقت جو ماتم!
بهارون پوءِ به ٿي ڳولين!
آهيڙي گهات ۾ آهن،
اُڏارون پوءِ به ٿي ڳولين!
هٿن سان باھ ٿِي اوڍين!
مُحبت مُشڪ ٿِي سمجهين!
ڪنڊن کي ڪونه ٿِي ليکين،
حياتي عشق ٿِي سمجهين!
زهر ۾ ڳارجي ويندينءِ،
اڙي دل مارجي ويندينءِ!

***

درد وڌي ويا پر جذبن جي دل نه ڇڻي مونجهارن ۾،

درد وڌي ويا پر جذبن جي دل نه ڇڻي مونجهارن ۾،
اونداهي سان اٽڪي پياسين عشق کڻي اظهار ۾.

چنڊ چون ٿا ناهي اُڀريو رَت ۾ ڳاڙهي رات ڏسي،
پنڌ ڪريون ٿا پوءِ به پرھ لئه شامل ٿِي وڻجارن ۾.

هيل ڌنارن جون به زبانون ڪاتين جون هِن کاڄ ٿيون،
روح اُڃايل سينڌُن جا اڄ ڀٽڪن ٿا ويچارن ۾.

ننگ وڪاڻا، دنگ وڪاڻا، ڪارونجهر جا انگ وڪاڻا،
ڪينجهر آهن نوحا ڳاتا ڪنول ٻُڏا ڪيڏارن ۾.

سَرتي سنڌڙي سڏ ڪيو انڪار ڪيون ڪافر بڻجون،
شامل رَت ٿئي شل هِي پنهنجو مٽيءَ جي مهڪارن ۾.

وڻ وڻ چيري مڪڙيون جوڙيون حيرت ۾ مهراڻ ٻُڏي،
ڀل ته ڪنڌين تي سُهڻيون سوچين نڪتا ڪير هِي پارن ۾؟

سُمل تُنهنجا نيڻ اُٻاڻا، ٿر جي جھڻ آ سينڌ سڙي،
ڪَجلاسر جو سپنو آهين ٻوڙ نه دل ماٺارن ۾!

***

حُسن کي ديوانگي ڳولڻ وئي،

حُسن کي ديوانگي ڳولڻ وئي،
خواب آهي عاشقي ڳولڻ وئي.

ڌُوڙ جهڙو دؤر جو آهي مزاج!
پاڻ کي آ چاندني ڳولڻ وئي.

برپٽن ۾ من ڪٿي گڏجي وڃي،
روح پنهنجو دوستي ڳولڻ وئي!

وقت کان پيو لاش محبت جو سڙي،
ڪفن کي لاوارثي ڳولڻ وئي.

ڪنهن هوا کي لُڙڪ هِي تازا ڏِنا؟
راز آهي بيخودي ڳولڻ وئي!

رهزني ڏس ٻاٽ سان پرڻو ڪيو،
زندگي آ روشني ڳولڻ وئي.

پُور اوڍي بارشون آهن وَريون،
سُر ڪيئي شاعري ڳولڻ وئي!

***

احساس دُکيل آهن زخمن سان رڱيل آهيون،

احساس دُکيل آهن زخمن سان رڱيل آهيون،
صدمن جي صليبن تي هر وقت ٽنگيل آهيون.

خاموش هوا ايڏي چُوڙيون به نٿيون جاڳن،
مغرور انڌيرن ۾ سڀ پاڻ ونگيل آهيون.

سئو نانگ لتاڙياسين پر ڪنهن نه ڪکيو آهي،
بي شرم غدارن جا ڏس پاڻ ڏنگيل آهيون.

دوکن جون مُندون اڪثر ٿيون خواب وڃن ڇاڻي،
چهرن جي نوازش آ پن ڇڻ سان مڱيل آهيون.

هر پهر تماشو ٿِي پئي ڀونءِ سڄي لُٽجي،
ڇا عشق مري ويو آ يا پاڻ زنگيل آهيون؟

ٻيو ڪو به نئون نالو لکبو نه ٻُڌي ڇڏ تون،
سنڌ ماءُ جي نالي سان پٿر جيئن دنگيل آهيون!


***

اڻ ٽڙيل ڪنول جي نانءُ

اڻ ٽڙيل ڪنول جي نانءُ

ڏٺو نه رنگ آ ڪڏهن حَسين تو ڪنهن خواب جو،
تڏهن نه توتان آ لٿو اڃا نشو حجاب جو.

اڃا ته دل اٿئي ڪچي اڃا نه تو ۾ رڻ ٻريو،
اڃا ته آهين اڻلکيل نظم تون ڪنهن ڪتاب جو.

اڃا ته حُسن اَڻ ڌُريو رکين ٿِي تون وجود ۾،
اڃا ته ڪيئي آرسيون ڏسين ٿِي تون غُرور ۾.

اڃا مٽي تي موسمون لڳن ٿيون توکي بي مُلهيون،
اڃا ته پنهنجي ذات جي رهين ٿِي تون سُرور ۾.

اڃا نه تنهنجي جاڳ کي خُمار جي وِڇُون ڏَنگيو،
زماني جي رواج جا تڏهن ته طرف ٿِي کڻين.

اڃا نه تنهنجي ماٺ کي آ درد جي ڪڪر ٻکيو،
وفا جون تون مسافريون تڏهن ٿِي بي بقا چوين!

ڀرم جي باک جو وطن اڃا ته تو گهُميو نه آ،
اجايا ٽهڪ اڻ ڳڻيا ائين نه ڏي تون عشق تي.

ڪڍي آ خود کي خول مان ڇلن جا ڳل ڇُهي ته ڏِس،
جهان آ بنهه وڏو اڃا تو ڪُجهه ڏِٺو نه آ!

نظر جي قرب جو ڪجل ڪڏهن ڪٿي وٺي به ڏس!
ڪڏهن ڪنهن لڙڪ جي ڪڻي زبان سان چکي به ڏِس!

اگهاڙا پير تون ڪڏهن سماج تي رکي به ڏس!
وڏو آ عرش عشق جو ڪڏهن اُتي اُڏي ته ڏِس!

اکيون ندين کان هِن وڏيون تَري ته ڏس ٻُڏي ته ڏس!
ڪڏهن ڪنهن دل جي لام تي پکي جيان لُڏي ته ڏِس!

هي باهه جو جهان آ حُسن سان تون ڪُڏي ته ڏِس!
پتو پَوَئي ته پيار جي پکين جو ڇاهي فلسفو!

ضمير ڇاهي ياد جو، جمال ڇاهي آس جو،
اسان کي پوءِ ٻڌاءِ تون دلين جو ڇاهي سلسلو.

هِي مُرڪ جو آمرحلو يا درد جو آ زلزلو؟
اسان کي پوءِ ٻڌاءِ تون اسان کي پوءِ ٻڌاءِ تون!

***

جڏهن به تنهنجو خيال آيو!

جڏهن به تنهنجو خيال آيو!

جڏهن به تُنهنجو خيال آيو،
ائين لڳو جھڻ قرار اُڀريا،
هوا ۾ ناسي نقاب اُڏريا،
ڪڪر خُماريا سِنڌو نهاريو،
فجر ۾ جھڻ ڪِن پکين پُڪاريو،
اُڍي کي هُوٿل ڪيو اشارو،
ٺٽي مٿان ڄڻ کِڙيو سِتارو!
جڏهن به تنهنجو خيال آيو،
ائين لڳو ڄڻ ڪُنوار مُرڪي!
ڇَڇِي جي رڻ ۾ بهار مُرڪِي!
اُڏيون ڪَويليون مياڻي ڀُڻڪيو!
ڀنڀور جي ڄڻ جواڻي ڀُڻڪيو!
ڪچين اکين ۾ حجاب جاڳيو،
ڀڃي ڪو آرس شباب جاڳيو!
ڪُنوارِي چڳُ ڄڻ ڇُهي ويو ٿوهر،
هوا تي جهُومي پوي جيئن ڪينجهر،
ائين رڳُن ۾ آ ڇال آيو!
جڏهن به تُنهنجو خيال آيو،
ائين لڳو ڄڻ رُنل رُتن ۾،
اکيون صدين کان سُتيون ئي ناهن!
هينئن تان ڪُونجون اُٿيون ئي ناهن!
قسم آ تُنهنجو ائين لڳو ڄڻ،
جُدائي کي ڀي جمال آهي!
محبتن کي زوال ناهي!!

***

گهڙيون اڪثر شبابن ڏي رڳو هِن ٽياس ٿِي آيون،

گهڙيون اڪثر شبابن ڏي رڳو هِن ٽياس ٿِي آيون،
رُتون جيڪي به هِت آيون غضب جي پياس ٿِي آيون!

اسان قيدين جيان پل پل عذابن ۾ گُذاريو آ،
اسان ڏي ڪونه چانڊڪيون ڪڏهن احساس ٿِي آيون!

چُميو هو ڪو نه ڪنهن ٿوهر نهاريو ڪونه ڪنهن تاري،
چڳُون تنهن لئه اُداسي جون اسان ڏي آس ٿِي آيون!

کڻي ويون مُشڪ سينڌن ۾ وڏو هو ناز ٽهڪن جو،
شهر مان ڳوٺ جون مُکڙيون نپوڙيل ماس ٿِي آيون!

اِهو دل معجزو آهي لٿو آ چنڊ ڇاتي تي،
حجابن جون ڦُٽيون نگاهون واس ٿِي آيون!

***

ڏيهه جا ڏيئا انڌا!

ڏيهه جا ڏيئا انڌا!

حالتون ايڏيون صنم آهن انڌيون،
جو جيئڻ ڀي معجزو ٿو ڪو لڳي!
دوزخن ڄڻ آرسُن آهن ڀڳيون!
ڪونه ٿِي ڪنهن خواب کي ميندي رڱي!
ديس جو ٿِي واءُ ويو آهي انڌو!
وقت هاريل جنگ جو ميدان ڄڻ،
حُسن هاڻي آجپي لئه پيو رَڙي،
عشق سان ورتاءُ ٿيو آهي انڌو!
هر چُمي وٽ درد جو آهي ڪفن!
ڌُوڙ ۾ ٿيا ڇانورا آهن انڌا!
ڏس پکين جي شام ۾ ناهي نگر،
پن ڇڻي پَٽ تي ڪِريا آهن انڌا!
کُڙکٻيتا ويا هِتان آهن لَڏي،
گُل بهارن سڀ ڄڻيا آهن انڌا!
هر گهڙي ڪنهن باھ جي آهي ڄِڀي!
دلبرين جا آسرا آهن انڌا!
محبتن جا نيڻ مرثيا ٿا لڳن،
ڇا ٻُچايون سانحا آهن انڌا!
روز ٿو احساس جو جوڀن سڙي،
روز رولي ماٺ ٿِي ڳوڙها انڌا!
ڪونه ٿو ڀاڪر ڪٿي غم کي مِلي،
بي مهل ٿِڙندا وتن سُڏڪا انڌا!
دلربا خوشبو هلي وئي آ پري،
حسرتن کي پيا چُڀن ڪاوا انڌا!
هاڻ پيا اتهاس اوندهه ۾ لِکون،
ڏيهه جا ٿِي ويا آهن ڏيئا انڌا!
***

رابيلن جي رُت کان اڳ ۾ !

رابيلن جي رُت کان اڳ ۾ !

سُقراطن سان قيب رکيو هو،
احساسن کي زهر مليو هو،
ڪُنوارين جهڙا خواب کنيا ها،
ڪهاڙين جهڙو شهر مليو هو!
بد پل ڪو تندور بڻيو هو،
هر پل ڪو تندور بڻيو هو،
دل جي تنهائي جي بُت مان،
سرمد وانگي خون ڳڙيو هو!
ڪاري رُت کي سُر اِهو آ،
سُڃ ۾ تنهنجو واس ٽِڙيو هو،
بادل اوڍي آئي هُئين تون،
غم کي تنهنجي مُرڪ تَڙيو هو!
ڪيئي راتيون ڪاريون آيون،
عشق نه پويان پير ڌَريو هو،
چانڊوڪين جا زلف چُميا ها،
تارن دل تي ديپ رکيو هو،
اوجاگن جا رنگ نوان ها،
دردن دل جو ڳوٺ ڇڏيو هو.
زخمن ڍڪجي ننڊ ڪئي هئي،
مُرڪ گلن کان رقص سکيو هو.
ها پر جڳ کي روح ڪٿي هو،
ڏک تي پنهنجو پنڌ کُٽو هو!
رابيلن جي رُت کان اڳ ۾،
تُنهنجو منهنجو ساٿ ٽُٽو هو!

***

مخمور ستارن ڇِرڪ ڀريو آڌيءَ جي اکين مان نُور اُٿيو،

مخمور ستارن ڇِرڪ ڀريو آڌيءَ جي اکين مان نُور اُٿيو،
خاموش نگر ۾ چنڊ کِڙيو مون سمجهيو ڄڻ منصُور اُٿيو!

جنهن جنهن به سڳيءَ جي تات مُئي يا ڪنهن به پکيءَ جي لات مُئي!
هِن دل کي آهي درد ٻکيو هِن سيني ۾ ناسُور اُٿيو!

ڪُجهه رنگ اُڏاڻا هوليءَ جا، ڪُجهه گج جي چمڪن ٽهڪ ڏنا،
تون ياد پِئين، تون ياد پئين آ سانجهي جهڙو پُور اُٿيو!

اچ، خاموشي ٿي آهُه ڀري، ڏس ڪيڏي آهي ماڪ ڇڻي،
اڄ آرس موڙي بي وقتو ڪو غم آهي مغرور اُٿيو!

اي سج ٻچن کي آٿت ڏي، اي وقت ڀڳل هِي چُوڙيون کڻ!
ڪلهه جنهن پئي اونها ساهه کنيا سو ناهي اڄ مزدور اُٿيو!

تُون ڇا به چوين، تُون ڇا به چوين پر وقت نه ڪنهن جو بادي آ،
تبديل هوائون ٿِي وينديون جي ماڻهو هر مجبور اُٿيو!

***

ڪنول مُرڪون لتاڙيون ويون غزل احساس ماريا ويا!

ڪنول مُرڪون لتاڙيون ويون غزل احساس ماريا ويا!
اسان جي پيار جي پُٺ مان نوان خنجر گُذاريا ويا!

پرين هِي حادثو ناهي روايت آ ڪميڻپ جي،
دغا سان دلبريون ڇاڻي وفا جا شهر ٻاريا ويا!

خبر ناهي ڪٿان آئي مزاجن ۾ مُئل موسم،
ڪنڊن جي آجيان ٿِي وئي ٽِڙيل موتيا، ڌِڪاريا ويا!

ٽِڙي ڪو ٽهڪ ڇا هاڻي ٻري پيو روح نگري جو،
روهيڙي جسم گولين سان هِتي آهن سُمهاريا ويا.

بُڌايو هو غلامي کي ڏيون نالو نئون ڪهڙو؟
اسان جا انگ چونڪين تي سدا آهن نهاريا ويا!

جڏهن فرصت ملي ٿوري تڏهن تاريخ هِي لِکجان
گلابي پير ٽانڊن تان هِتي اڪثر گُذاريا ويا!

پڙهي ڏِس ڌُوڙ ڌرتي جي حقيقت ٻي نه ڪا آهي،
وريا طوفان ٿي آهن وچن جيڪي وِساريا ويا!

***

پوءِ به جِي وياسين!

پوءِ به جِي وياسين!

وريا ڀاڪر خزائن جا،
سُڪي ويا چيٽ ڇانئن جا،
ڇڻي ويون دلبريون نيريون،
ٻُڏي ويا ٻيٽ ٻانهَن جا،
پرھ مان سانجهه ٿِي وياسين!
ڏِسين ٿو پوءِ به جِي وياسين!
رُلي احساس تاڙا ٿيا،
سڏن جا پير ڳاڙها ٿيا،
نگاهن قهر ڇلڪايو،
رڳن جا ڳوٺ ڪاڙها ٿيا!
زهر آيو سو پِي وياسين!
ڏِسين ٿو پوءِ به جِي وياسين.

گُلن کي رَت ڏئي ڀيٽا،
رهي پيا زخم هيڪاندا،
متان ڏئي حُسن ڏوراپو،
چُمياسين روح سان ٽانڊا،
صليبن تي چڙهي وياسين،
ڏِسين ٿو پوءِ به جِي وياسين!

***

ڪجليون کڻي نهارون بَر ۾ بهار آئي!

ڪجليون کڻي نهارون بَر ۾ بهار آئي!
زلفن جي يادگيري بي اختيار آئي.

ڇائِي ڇَنڊي جُڳن جي پنڇي پري اُڏاڻا،
آرس ڀڳو روهيڙن ڦُلڙين جي سار آئي!

احساس ويا اُجهامي آهي گَهڙي ڇڻڻ جي،
تڙپي ڏٺو ستارن هُوءَ اشڪبار آئي!

ڪيڏا انڌير آهن مُکڙين تي پير آهن،
خاموش آهي نگري گُل گُل کي گار آئي!

ڳوٺن جي روح مان ڇو دُونهون اڃا اُٿي ٿو؟
مٽي وجهي مٿي ۾ سنڌ جي ميار آئي!

ڌرتي جو عشق آهي ناهي ڪڏهن به مرڻو!
مِٽي جي آ امرتا سنڌوءَ ڏي ڇار آئي!

ناهي اِها ڪهاڻي وِسري وڃي جا پل ۾،
ٿورو بنهه وڏو آ هُوءَ بار بار آئي!

***

تون ناهين ڄڻ ڪُجهه ڀي ناهي!

تون ناهين ڄڻ ڪُجهه ڀي ناهي!

اوجاڳن جون ٻانهُون دانهُون!
وڻڪارن جون ڇانئُون دانهُون!
جانُم هيل هوائون دانهُون!
تون ناهين ڄڻ ڪُجهه ڀي ناهي!

ڌرتي جي رُت ٿِي وئي مُکڙيون،
اُڀ ساري تي چَمڪيون کنوڻيون،
ڪاري رات گهٽائُون دانهُون!
تون ناهين ڄڻ ڪُجهه ڀي ناهي!

ڪهڙي رڻ تي غم هِي هاريان؟
ڪهڙي ڪَپ تي دل هِي ٺاريان؟
ٻرندڙ هيل وفائون دانهُون!
تون ناهين ڄڻ ڪُجهه ڀي ناهي!

ٻهراڙي جي ٻک ۾ ناهين!
ڪنهن تاري جي اک ۾ ناهين!
پُوري سنڌ پڇائُون دانهُون!
تون ناهين ڄڻ ڪُجهه ڀي ناهي!

***

ڪونه جهُڪيا ڪا مات قبولي!

ڪونه جهُڪيا ڪا مات قبولي!
ڪنڌ ڪُڏي پيا ڪات قبولي!

گهاوَ گلن جيئن شاهد آهن،
پير نه بيٺا رات قبولي،

باهه کنيائين پاند پکيڙي!
عشق اڃا ٻيو ڇا ته قبولي؟

ٿر جون آسون ٿوهر ٿِي ويون،
سمنڊ ڇڏي برسات قبولي!

تارن هيٺان تڙپي آ دل،
جانم تنهنجي تات قبولي.

شعر گهڙڻ ڪو اوکو ناهي،
ڳالهه اصل آ ڏات قبولي!

***

رڻ پَٽ ٿِي وياسين!

رڻ پَٽ ٿِي وياسين!

غم نه ڪيو آزاد ته رِڻ ٿِي وياسين!
آئي تنهنجي ياد ته رِڻ پَٽ ٿِي وياسين!

وقت ڏني آ ويراني هِي تحفي ۾،
خون ٽِمي ٿو الڪن جو ڏس رستي ۾،
اُڃ رڳو ڪنهن دوزخ جهڙي آ ساڙيو،
ڪجهه نه مليو آ راتين جي هِن پهري ۾،
پل پل ٿيو برباد ته رِڻ پَٽ ٿِي وياسين!

ڪيڏي پَکڙي هَر ڏِس آ پيلاڻ وئي،
پاڻ ڇڏائي گُل گُل کان سرهاڻ وئي!
ڀُلجي خوابن آرس ناهي ڪِٿ موڙي،
راحت دل کان ايڏو ٿِي اڻ ڄاڻ وئي!
ماٺ لڳي فرياد ته رِڻ پَٽ ٿِي وياسين!
آئي تنهنجي ياد ته رِڻ پَٽ وياسين!

چنڊ اڃان ڀي اوجهل آهي ڇا چئجي!
رستو رستو مقتل آهي ڇا چئجي!
عشق ٻَرڻ جي موسم آهي ڄاڻون ٿا،
ٽانڊن جهڙو هرپل آهي ڇا چئجي!
روح ٿيو بغداد ته رِڻ پَٽ ٿِي وياسين!
آئي تنهنجي ياد ته رِڻ پَٽ ٿِي وياسين!

***

چاهيان ٿو مان!

چاهيان ٿو مان!

خوشبو وانگي وکرڻ چاهيان ٿو مان،
خاموشي جي رڻ مان نڪرڻ چاهيان ٿو مان!

ڪتبو ناهيان ڳوڙهو آهيان اُلڪو آهيان،
ٻرندڙ ڄڻ اتهاس جو ڪوئي سُڏڪو آهيان.
اذيت جي هِن ڄار مان اُڏرڻ چاهيان ٿو مان!
خاموشي جي رڻ مان نڪرڻ چاهيان ٿو مان!

صُبح نرالو دفن انڌيرن هيٺان آهي!
امن وڃايل ڌرتي پيرن هيٺان آهي!
سڏ سان سڏ ٿِي هاڻي اُڀرڻ چاهيان ٿو مان!
خاموشي جي رڻ مان نڪرڻ چاهيان ٿو مان!

ٿوهر آهن، مقتل آهن، ڇانُئون ناهن،
دل جي حسرت لاءِ ڪي به پناهُون ناهن،
وحشي رُت سان ٻکجي نيرڻ چاهيان ٿو مان!
خاموشي جي رڻ مان نڪرڻ چاهيان ٿو مان!

توڙي نرزو يا ڪاتي دل مان گذري،
توڙي صدمي جي ڪا جهاتي دل مان گذري،
مونجهارن جي من مان گذرڻ چاهيان ٿو مان!
خاموشي جي رڻ مان نڪرڻ چاهيان ٿو مان!

***

نيڻ هُن جا ڪٿي ڪُجهه ٻُڌائين نٿا،

نيڻ هُن جا ڪٿي ڪُجهه ٻُڌائين نٿا،
فاصلا ويڙهجي غم گهٽائين نٿا.

عشق جي وجد تي ماٺ آهي لٿي،
چنڊ تارا به ڪنهن جو سڏائين نٿا.

وقت سڀ آڱريون ڄڻ ته ساڙي ڇڏيون،
روح ٻرندڙ ڪٿي ڪي اُجهائين نٿا.

پاڻ ڪنهن کي چئون وقت رَت ۾ ٻُڏو،
خواب ڇا، ڪي پکي هاڻ ڳائين نٿا.

دلبرين جو مرڻ حادثو آ وڏو،
سُور سُورج اچي ڀي سُڪائين نٿا!

پنهنجي اُلڪن اڃا ننڊ ناهي ڪئي،
چنڊ چهرا گرهڻ ڪا هَٽائين نٿا!

***

مَٽيو وڃن مَٽيو وڃن، جِتان ڪِٿان ڦَٽيو وڃن!

مَٽيو وڃن مَٽيو وڃن، جِتان ڪِٿان ڦَٽيو وڃن!
اکيون ته ڪي عقاب هِن جهَٽن سان دل جهَٽيو وڃن!

اِها نه ڳالهه ڪُوڙ آ، دغا جي مُنهن ۾ ڌُوڙ آ،
ڏِسي گلاب صُورتون هينئين تان غم هَٽيو وڃن.

ملڻ جا پل بهار جي مزاج جيئن حَسين هِن،
پرين بنا ته موسمون سَٽون ڏيو سَٽيو وڃن.

ڪُهن ٿيون بي حجاب ٿِي اُداس راتڙيون رَتل،
وراڪا ڏئي اُتاولا وڇوڙا ٿا لَٽيو وڃن.

زماني جو رواج آ، ڪجي ڪجي ڪجي به ڇا!
ٽِڙڻ کان اڳ عداوتون گلن جا ڳل پَتيو وڃن.

گَهڙي گهڙِي جي هِي ڪَڙي ننڍي نه ڳالهه آ وڏي،
اُميد جي خُمار تي صدين جا پل ڪَٽيو وڃن.

عجيب ڪجي ڇو دلبرو، جفا به هڪڙي راند آ،
وفا اڌ ڪُٺو ڪري ڪي چاهتون گَهٽيو وڃن!

***

اي مِٽي ٻُڍي ڇڏ!

اي مِٽي ٻُڍي ڇڏ!

هِي ڌرتي نه جنهن مان کُتي دلربائي،
هِي وڻ وڻ نه جنهن مان ڦُتي بيوفائي،
هِي رستا نه جن تي ٿيو عشق پوڙهو،
هِي واٽون نه جن تي سُتي اوپرائي،
ڪو وحشي اِنهن کي وساري سگهي ٿو،
مُنافق ئي تِن کي ڌِڪاري سگهي ٿو!
عذابن جا سينا، ڪٿائون صدين جون،
شهيدن جا رُتبا، صدائون اکين جون،
حَسينن جون نظرون، ادائون سڳين جون،
رُتن جا سنيها، دُعائون پکين جون!
ڪو رهزن اُنهن کي لُٽائي سگهي ٿو.
ڪو سنگدل اُنهن کي کپائي سگهي ٿو!
ڪو منحوس تِن کي اُجهائي سگهي ٿو!
اُنهن جي سو قيمت اڳائي سگهي ٿو!
نه جنهن جي رڳُن ۾ رهي ٿَڃُ آهي!
صفا جنهن جا جذبا رهيا هيچ آهن!
نه جنهن جي هينئين تي لَٿو چنڊ آهي!
اُهوئي اِنهن کي وڃائي سگهي ٿو!
ڀلي پيو اُهو پاڻ کي ڪُجهه سَڏائي،
ڀلي پيو اُهو ٺاھ ڪيڏا به ٺاهي!
ٻُڌي ڇڏ، ٻُڌي ڇڏ، اي مِٽي ٻُڌي ڇَڏ!
اسان جو سو ناهي، اسان مان سو ناهي!
***

کڙيل تاري ٻُڌايو!

کڙيل تاري ٻُڌايو!

درد کي ڪهڙي همٿ جو دڳ جهَلي،
پيار هُن جو ڇانءُ جيئن آهي مٿان،
هُوءَ رَهي ٿِي مُرڪندي منهنجي اندر،
مان رهان ٿو جاڳيندو سِنڌوءَ جيان!
ٿوهر جو کير ٿو امرت لڳي،
دل چُمي جي روح کان آهي سِکيو!
پن ڇڻن ٿا، ٿو لڳي هُوءَ آ رُني،
گُل ٽِڙن ٿا، ڄڻ ته هُن آهي کِليو!
وقت لاءِ حيرتُون هُن جو هَلڻ،
ها، نسور مُحبتون هُن جو ملڻ،
قافلن کان درد ٿو وِسريو وڃي،
ڄڻ گُلابي راحتون هُن جو ڏسڻ!
”موسمن جي مُرڪ آهي ڪا نئين!“
ڪنهن کِڙيل تاري ٻُڌايو آ اِهو،
”حسرتن جي حُسن جي آ انتها!“
سج اوڀر مان اُٿي آهي چيو!
سنڌ، هُن جا نيڻ ڄڻ تنهنجا صُبح،
وقت ڄاڻي ٿو وفا جي چيچ آ،
رات کي چئو هُن مٿان پهرو نه ڏي!
هُوءَ اُڃايل ڪاسبي جو ڳيچ آ!
***

ڇيريون ڇمڪن ڇوليون ٿِي!

ڇيريون ڇمڪن ڇوليون ٿِي!

ڪا وڄُ اُڀي ٿِئي ڪَرڪي سان،
ڪو مَچ چتائي ڀڙڪي سان،
ڪا جوت نهاري ٽِمڪي سان،
ڪا چڻنگ نَچي پَئي چمڪي سان.
جنهن ديس ٿئي جنهن هنڌ ٿِئي!
بي شرم غلامي بند ٿِئي!
شل اونداهيءَ کي موت اچي!

ڪي ڇيريون ڇَمڪن ڇوليون ٿِي،
ڪي چُڙيون ڇَمڪن ٻوليون ٿِي،
ڪي لفظ اڏامن گوليون ٿي،
ڪي مُرليون جاڳن لوليون ٿِي.
جنهن ڀُونءِ ٿِئي، جنهن هنڌ ٿِئي!
آواز نئين ڪا تَند ٿِئي!
شل خاموشي کي موت اچي!

نئين باک مٽيءَ تي پير کڻي،
نئون واس گلن سان گڏ اچي.
مظلوم اُداسيءَ کي ڇوڙي.
نئين آزاديءَ جو سڏ اچي.
جنهن ماڳ ٿئي، جنهن هنڌ ٿئي،
انسان جو اوچو ڪنڌ ٿئي!
شل ڀاڙيائي کي موت اچي!
***


ادائن سان دل کي جَهٽيو آزمائين.
نظر کي نظر سان ڦَٽيو آزمائين.

لڳي ٿو ته چنڊ جو آهي روح تو ۾،
وڌيو آزمائين، گَهٽيو آزمائين!

عجيب امتحانن جي آهين ڪهاڻي،
نگاهن کان پَرتي هَٽيو آزمائين!

اِهي ذلف اُڏرن ته جهومي سُهائي،
چڳُون اڱرين سان وَٽيو آزمائين!

سندو هوش تارن اِجهو ڄڻ وڃايو،
غضب جون ٿِي مُرڪون ڇَٽيو آزمائين.

اڃا روپ آهن ڏسڻ لئه هزارين،
زماني کان من کي ڪَٽيو آزمائين.

گُلابن جي خوشبو تي سوچيان يا توتي؟
گُلن جي گهٽين مان مَٽيو آزمائين!
***

اڳي ئي غم هِن ڪروڙ مون ۾،

اڳي ئي غم هِن ڪروڙ مون ۾،
نوان تون صدما نه ڇوڙ مون ۾.

عجيب قهر جي نه ٿِي ڪهاڻي،
نظر جو خنجر نه کوڙ مون ۾.

ڇڏي ڏي پنهنجو وجود ميڙيان!
نئين ڪا آرس نه موڙ مون ۾.

چَري ڌڪن سان ڀريو پيو آهيان،
هٿن جون چُوڙيون نه ٽور مون ۾.

نهار آهين خزان ٿي ويندينءِ،
اچي آکيرو نه جوڙ مون ۾.

غضب جون يادون ڇڻيون پيون آهن،
اچي ڪڏهن ڏِس اروڙ مون ۾!

***

ڪجلي هِت ڪيڏارا آهن!

ڪجلي هِت ڪيڏارا آهن!

ڪيئن ايندينءَ، پل ڪارا آهن!
ڪَجلِي هِت ڪيڏارا آهن!

تنهنجو تَن سنگمرمر جهڙو،
هِت رستن ۾ ڳوڙها آهن!
تون خوشبوءِ سان وار سنوارين،
هِت سڀ چوٽا اڻڀا آهن!
ڇا ڏسندينءِ، مونجهارا آهن،
ڪَجلِي هِت ڪيڏارا آهن!

هِت راتيون ٿيون رَت ۾ وهنجن،
ٻاٻيهن جي ٻولي سُڏڪي،
دل جهومڻ جي موسم ناهي،
سج هيٺان ٿِي هولِي سُڏڪي!
ڇا سڻندينءِ، اوسارا آهن!
ڪَجلِي هِت ڪيڏارا آهن!

رڻ جي چانڊوڪي آ اوکي،
ٻيو ڪو سپنو تاڻي ڇڏ تون!
ٽهڪيل ٽاڻا ٽانڊا آهن،
بهتر آ ضد ڇاڻي ڇڏ تون!
غم ٿيندينءِ غم کارا آهن!
ڪَجلِي هِت ڪيڏارا آهن!

***

اُها سنڌ آهي اسان جون نهارون!

اُها سنڌ آهي اسان جون نهارون!

زمانن کان جنهن کي اُجاڙيو زليلن،
غدارين سان جنهن کي آ ساڙيو خبيثن،
زندانن ۾ جنهن کي آ واڙيو پليتن،
سدائين آ جنهن کي لتاڙيو غليظن،
رتو ڇاڻ جنهن جون رهيون هِن بهارون!
اُها سنڌ آهي اسان جون نِهارون!

ڪڏهن ديپ جنهن جا اُجهايا هوائن!
ڪڏهن ڳيچ جنهن جا دُکايا چِتائُن!
ڪڏهن اُرھ جنهن جا ڪپايا دغائُن،
ڪڏهن ڦُول جنهن جا سُڪايا خزائُن!
زنجيرن ۾ جنهن جون ڪَٽيون هِن ڄَمارون!
اها سنڌ آهي اسان جون نِهارون!

قهر جنهن تي رَت جي لِکي آ ڪهاڻي،
رهيو قيد جنهن جي آ سِنڌوءَ جو پاڻي،
صُبح جنهن جو ماتم، سمجها جنهن جي ساڻي،
فريبن سان جنهن جي آ خُوشبو وِڪاڻي،
سُتيون پر نه جنهن جون ڪڏهن هِن پُڪارون!
اُها سنڌ آهي اسان جون نِهارون!

ڏسو، جنهن جي جذبي آ مڪلي ڄَڻي هُو،
ڏسو جنهن جي سپني آ ٽلٽي ڄَڻي هُو.
ڏِسو، جنهن جي رُتبي آ ٻاگهِي ڄَڻي هُو،
ڏِسو، جنهن جي دودي آ مَستي ڄَڻي هُو،
ڏِسو، جنهن تي صدمن جون آهن قطارون!
اُها سنڌ آهي اسان جون نِهارون!
***

اسان جي ٿيندينءِ، سوال آهي، جواب ڏينءَ جي اُهو ڏَئي وڃ!

اسان جي ٿيندينءِ، سوال آهي، جواب ڏينءَ جي اُهو ڏَئي وڃ!
ڪڏهن نه پل جو قرار اُڀري، عذاب ڏينءَ جي اُهو ڏَئي وڃ!

اُڀرندي سُورج اسان ڏٺو آ، اُنهي جو رُتبو اندر ٿو ڄاڻي،
اسان جي آڏو ڳلن تي اهڙو، حجاب ڏينءَ جي اُهو ڏَئي وڃ!

وَسي پئي بارش عجب آ موسم اڱڻ ۾ بيهي سَڄِي ڀِڄي وڃ“
چڳُن مان جيڪي ڦُڙا به نِڪرن شراب ڏينءَ جي اُهو ڏئي وڃ!

گُلن ۾ جهاتي وجهڻ ٿا چاهيون، پرھ جو چهرو پڙهڻ ٿا چاهيون،
محبتن کي عظيم چَئي جو ڪتاب ڏينءَ جي اُهو ڏَئي وڃ!

زمين جو سُک گهڻو ڦِٽو آ، امن جي خُوشبو کپي ٿِي هاڻي،
هُجي صبح لئه نئون نياپو، گلاب ڏينءَ جي اُهو ڏََئي وڃ!

ڪڏهن رُڃن ۾ ٽُٽي نه جيڪو، صليب تي ڀِي جهُڪي نه جيڪو،
رُنل اکين کي ملير جهڙو تُون خواب ڏينءَ جي اُهو ڏَئي وڃ!

***

واءُ ڏئي ويو ڦيرا يارو!

واءُ ڏئي ويو ڦيرا يارو!
جهوري ويو آکيرا يارو!

وقت اکين سان خُوب نڀايو،
خواب ڪري ويو ميرا يارو!

دلڙي آهي آڳر ناهي،
لاهيو اُن تان پيرا يارو!

ڪي غم خلجي ڪي تاتارِي،
دل تي آهن گهيرا يارو!

سُونهن ڪَپي ٿِي روز ڪُهاڙي،
ميڙيان ويٺو ٻيرا يارو!

تنهائي جون چٿرون آهن،
جلد ڪريو ڪي ڀيرا يارو!

سنڌ امڙ جا ڄايا آهيون،
پنهنجا ڀاڳ ڀليرا يارو!

***

زندگي ناهي سُتي!

زندگي ناهي سُتي!

هُر کُر نِهارن جي ڏِسي ۽ لوڏ وارن جي ڏِسي،
ٻٻرن ٻُڌايو رات کي، تارن سُڻايو تات کي،
ٽهڪن گُهلڻ ناهي ڇڏيو، پيرن رُلڻ ناهي ڇڏيو،
سارنگ سُڻايو ماٺ کي وڻ وڻ چيو برسات کي،
ڪارو ڪفن اوڍي ڪٿي ڪا دلبري ناهي سُتي!
ناهي سُتي، ناهي سُتي، هِي زندگي ناهي سُتي!

توڙي ڪهاڙين آ ڪپيو، قهري پُڇاڻن آ لَڪيو،
ڪارين بندوقن آ ٻکيو، نانگن جيان نطرن ڪَکيو،
ڏِس خواب نِيرن کي ڪِٿي ڦاهي ڇُهي ناهي سَگهِي!
توڙي عذابن آس کي سنگهرون هڻي آهي ونگيو!
ناهي ڪڏهن پر ڌُوڙ ٿِي چاهت ڪُنواري ڪا کُٽي!
ناهي سُتي، ناهي سُتي، هِي زندگي ناهي سُتي!

ڏانٽا کڻي ڪڻڪن جيان لُڻبي رهي آ بيوسي،
ڳاٽا کڻي لوڙهن مٿان لُڏندي رهي آ هر سَڳِي!
ڳاڙهيون اکيون رستن ڏِسي ڪا شاعري آهي سِکي!
اُلڪا کڻي هر مُند ۾ کِلندي رهي آ عاشقي!
ڪاون مٿان هلندي به دل چُورين جيان ناهي ٽُٽي!
ناهي سُتي، ناهي سُتي، هِي زندگي ناهي سُتي!

ڪوئي ڪري ڀل خاطريون ناهن اُجهاڻيون آرسيون،
ديوار ڊاهڻ لئه رُڌل آهن هزارين آڱريون،
گهُمنديون رهن ٿيون ناز مان گس گس گلابي چادريون!
ٿوهر، ڪنڊا، ڪونڀٽ چُمي ڪُڏنديون رهن ٿيون ڪامڻيون!

آهي هٿن اُن ڪري ڌرتي منجهان ميندي ڦُٽي!
ناهي سُتي، ناهي سُتي، هي زندگي ناهي سُتي!
***

هِي درد جي نگري آ!

هِي درد جي نگري آ!

هِي درد نگري آ، هِت نيڻ رُنل آهن،
ڪئين خواب ڪُٺل آهن، آواز مُئل آهن!
ميندي جي اُداسي تي هٿ هٿ جي تِري سوچي،
رابيل هِتي روئن، بي واس ڪنول آهن،
هِي درد جي نگري آ، هِت رات لٿل آهي.
ڪا مُرڪ نٿي جاڳي سڀ گيت گهُٽيل آهن.
هِت ماٺ جي مستي آ، پئي ڌُوڙ رڳو ڌڙڪي،
هر چيچ ڪري ماتم، ڇلڙا ئي لُٽيل آهن!
هِي درد جي نگري آ، هِت هار نٿا جهُومن،
هِت جسم رڳو لُٻجن، هِت ٻار اڃا وڪجن!
امڙين جا صُبح ڳوڙها، ڀيڻن جون اکيون شامون،
ڪِٿ زلفن پيا پَٽجن، ڪٿ ڪَنڌ اڃا ڪَپجن!
هِي درد جي نگري آ، هِت پيار نٿو پَلجي!
اظهار جي مُکرين تي ڪاراڻ پئي مَلجي،
معصوم زبانن تي زخمن جا لَڏا آهن!
بي وقت جنازن تي ڪو جيءُ نٿو جهَلجي!
هِي درد جي نگري آ، يا لاش جي اڳڙي ا؟
ٻُڌ، رات اڀاڳي مان ڪا دانهن اچي ٿيي پَئي،
اُٿ، درد جي آڌي ۾ اواز ڏيون گڏجي!
اکڙين کي اُٿاري چئون هي ماٺ اٿئو ويري!
محبوب اُٿو جاڳو تاريخ سَڏي ٿِي پَئي!

***

ڊگها وار کولي ائين ٿِي کِلين،

ڊگها وار کولي ائين ٿِي کِلين،
زماني کي پٿر ڪيو ٿِي ڇڏين!

ستارن جون نظرون ٿيون توتي کُٽن،
صدين جي اکين جو ٿِي سُرمو لڳين!

ٽِڙي روز رابيل توکي سَڏين،
ادائون اُلاريو تون ٺاريو وِجهين!

هوا کي خبر آ انهِي راز جي،
اشارن سان موسم خُماريو وڃين!

اُڃي رات آهي، سيارو اَجهل،
چُمي چنڊ ڏيندءِ تون ڇو ٿِي ڏسين؟
اسان ليڙ آهيون اسان گهاءُ ڀي،
ڪڏهن من اسان کي اکين سان سِبين!

حُسن معجزو آهي تُنهنجو وڏو،
اڃا هوش ۾ ڪونه آهيون اسين!

***

اکين جي درد سان وهنتل هوا محسوس ٿيندي آ،

اکين جي درد سان وهنتل هوا محسوس ٿيندي آ،
رڻن جي روح مان نڪتل صدا محسوس ٿيندي آ.

ستارا هيڪلائي جي سَڏن سان ڪونه ٿا ٻکجن،
قبر ڪنهن ٻار جي تازي سنجا محسوس ٿيندي آ.

پٿر جي دؤر ۾ جانم جيئڻ ڀي ڪرشمو آهي،
ڪري جي ياد ڪو دل سان وفا محسوس ٿيندي آ.

اڃا آ سوڳ در در تي، اڃا آ ڌوڙ جي موسم،
اڃا دڳ دڳ مٿي ليٽيل دغا محسوس ٿيندي آ.

لڳي ٿو ڪجهه وڃايل آ، تڏهن هِي رات ٿِي ڳولي،

اُداسي چنڊ کي اوچيل پُڇا محسوس ٿيندي آ.

وساريو تو صفا آهي، رُسي ويا رنگ سڀ آهن،
ڇُري اڪثر هينئين ۾ ڪا اڃا محسوس ٿيندي آ.

چوي ٿِي دل چري هاڻي وٺي ڏُور صحرا ڏي،
اويلي شور جي بارش سزا محسوس ٿيندي آ!

***

ڇرڪ ٿي ويس!

ڇرڪ ٿي ويس!

ڏٺئي، ته خيال ٿِي کِڙيس،
کِلئين ته خواب ٿِي ويس.
مِلئين ته مُرڪ ٿِي ٽِڙيس.
ڇُهيئي ته غم کي پِي ويس.
ائين لٿئين شراب ٿِي،
رهيو نه پوءِ حجاب ڪو،
پڙهيم ته هِي پتو پيو،
حُسن جو آن ڪتاب ڪو،
اکين، اکين کي ڪُجهه چيو،
اُڏي وئي ٻاٽ ڏُوڙ ٿِي،
پُڇيئي ته ڳيچُ ٿِي چُريس!
ٻُڌئي، ته چنگ ٿِي ٻرُيس!
عجيب بارشون ٿيون.
تَري ٻڏس ٻُڏي تريس،
ڇُلئين ته ڇرڪ ٿِي ويس.
اُٿئين ته تات ٿِي اُٿيس،
هَلئين ته روح ويو هليو،
وئين ته لُڙڪ ٿِي ويس!

***

ڳالهه صُبح جي زخمن جي!

ڳالهه صُبح جي زخمن جي!

هِي رات بُکايل ڏانئڻ آ،
هِي رات دغا جي جهولي آ،
پنجوڙ اڃا هِن شينهَن تي،
آزادي چِٻُن جي ٻولي آ،
هِي رات ڪهاڙي جهڙي آ،
هر وقت ڪَپي ٿي سينن کي،
ڄڻ روح گدڙ ويا کائي هِن،
آواز نه آهي ويڙهن ۾،
ڄڻ چُوڙن کي آ باھ ٻَکيو،
وئي روهيڙا سڀ ڌُوڙ کڻي!
ڄڻ دل دل تي آ وڄ ڪِري!
اڄ اُلڪو اُلڪو آلو آ،
هِي درد گهُري ٿو پنڌ اڃان!
ڏِس ماٺ اسان لئه ،قتل آ،
هِي سنڌ گهُري ٿِي ڪنڌ اڃان!
تون سار بلاول هڏڙن کي،
ڪر سوچ اگهاڙن جسمن جي،
رک ياد ڀٽائي جون نظرون،
ڪر ڳالهه صُبح جي زخمن جي!
تون سار اُنهن اڻموٽن کي،
جن چيٽن کي ويساھُ ڏنو،
جن دل ۾ ميڙي جاڳ رکي،
جن اُڃ ۾ وڙهندي ساھ ڏنو!
اڄ چنگ سمورا چُپ آهن.
ڄڻ ناهي جاڳيل چارڻ ڪو،
ڄڻ هٿ سڙي ويا ٽانڊن ۾،
اڄ ٻاريل ناهي ٻارڻ ڪو.
تون ڳاٽ کڻي اُٿ ڪنڌي تي،
تون زنگ نه پنهنجي خوابن کي،
آزادي هوا ٿِي عشق گهُري،
تون اوڍي ڇڏ اوجاڳن کي،
تون نيڻ چُمي ڏِسي تارن جا،
تقدير به پيرن ۾ ڊهندي،
تون اُڇلي جيڪر خوف اُٿين،
زنجير نه پيرن ۾ رهندي!
***

زمانو ڪو عقاب ٿيو ته خواب ڪِٿ ڪِري پيا،

زمانو ڪو عقاب ٿيو ته خواب ڪِٿ ڪِري پيا،
ڊگهو اِهو عذاب ٿيو ته خواب ڪِري پيا!

اُداسين جا ورق هِي پڙهي پُڇا ٿَڪي پئي،
نه ختم هِي ڪتاب ٿيو ته خواب هِٿ ڪِري پيا.

شباب جنهن جي، شهر جو مزاج پئي نئون رکيو،
اُهو به گل نقاب ٿيو ته خواب ڪِٿ ڪِري پيا.

ٻُڏي ويون ٻاٽ ۾ اکيون سڙي ويا پير ماٺ ۾،
فريب هِت نصاب ٿيو ته خواب ڪِٿ ڪِري پيا!

مليون نه آٿتون اجهل ٽِڙيا نه ذلف ڇانءُ ٿِي!
وفا کان پئي حساب ٿيو ته خواب ڪِٿ ڪِري پيا!

سُمهي سگهيا نه رات جو ستارا، خيال ۽ پکي،
شهيد ڪو حجاب ٿيو ته خواب ڪِٿ ڪِري پيا!

اها ئي پاڻ سان وڏي نهار بيرُخي ڪئي،
جڏهن به پل ٿيو ته خواب ڪِٿ ڪِري پيا!

***

سج آهي پرين ليٽيو ڏِس شام لَڄريءَ تي!

سج آهي پرين ليٽيو ڏِس شام لَڄريءَ تي!
ويساھ نه ڪو رکجان ايندڙ تون انڌاريءَ تي!

آواز صنم تُنهنجو دل ڪونه ٻُڌو آهي،
ڄڻ ماڪ ڪِري ناهي احساس جي ٽاريءَ تي.

بي واس رڳو دردن من من کي آهي ڌُوڻيو،
تاريخ عجب ۾ آ هِن دؤر مداريءَ تي!

صدين ۾ ڪِريل ڳوڙها رولي نه سگهيو آ ڪو،
ٿوهر ٿِي ڦُٽا آهن برسات ۾ واريءَ تي!

تارا به لڳا ڌاريا ڪو رنگ نه ٿيو پنهنجو،
ڏيئن جيئن ٻريا آهن سڀ خواب ڏِياريءَ تي.

هُوءَ چنڊ ملي چئجان اوکو آ جيئڻ ڏاڍو،
مون وقت ڪَٽيو آهي ڪنهن آس ڪُنواريءَ تي!

***

ڌرتي توڏي ڏَنجهه وريا ها.

ڌرتي توڏي ڏَنجهه وريا ها.
رَت ۾ رڱجي هَنج وريا ها.

ميرا ڳوڙها خود کي مَهٽي،
کوهن پاسي کنج وريا ها.

ٿِي وئي ساري سنڌ نڌڻڪي،
طالي گهوڙا سنج وريا ها.

وقت کَسي ويو ڇانُئون پاڇا،
ڪاڙا غم جا گَنج وريا ها.

سَڏ تي سَڏ جي مهڪ نه اُڀري،
راتيون اوڍي رَنج وريا ها!

***

تنهنجي مُرڪڻ ٻُڌايو آ!

تنهنجي مُرڪڻ ٻُڌايو آ!

لڳو اڪثر ائين آهي،
ڦُلاريل چيٽ ۾ وهنجي،
اُداسي ڄڻ ته ٽِڙڪِي آ،
ننڊاکي رات جا راتا،
هُجن ڄڻ نيڻ هرڻين جا،
پرين ڄڻ سِنڌ مُرڪي آ،
لڳو اڪثر ائين آهي،
رڳو ناهي اسان جي دل،
هوان جي دل توسان ا،
سيارو توکي ساري ٿو،
گلن جي کِل به توسان آ.
نئين مهڪار تنهنجو سُنهن،
ڏسڻ تنهنجو ته ڏينهن آهي،
صبح جهڙو سُندر چهرو،
نئين تاريخ جيئن آهي.
کڻي توکي سنڀارن ۾.
پکين جي خواب جهڙي دل،
جُڳن کان وئي پري آهي.
هيبئين جو هر گهڙي ڇُلڪڻ،
رڳو تنهنجي ڪري آهي.
اِهو پن ڇڻ ٻُڌايو آ،
اسان آهيون زماني ۾،
تنهنجي مُرڪڻ ٻُڌايو آ!

***

قسم سُرخيل نگاهُن جو !

قسم سُرخيل نگاهُن جو !

اسان پڙلاءُ سُڏڪن جا،
اسان زخمن جا اوجاڳا،
اسان احساس جي مِٽي،
اسان ورجاءُ اُڌمن جا،
غضب جي مُند ۾ جاڳي،
ڏيون ٿا عشق جو هوڪو،
سمنڊ جي دانهن تي تَڙڳي،
لِکون ٿا درد جو نوحو،
هوا جا ڇِرڪ سمجهون ٿا،
اسان ڪي خواب صُبحن جا،
ڪڏهن ڪنهن سينڌ ۾ واسو،
ڪڏهن پاڻي تي آ پاڇو،
ڪڏهن آ سوچ ۾ مُکڙي،
ڪڏهن آ روح ۾ ڪاڇو،
اسان رولاپ سڏڙن جا،
غمن جي ماڪ ٿا پيئون،
رُڳن ۾ جنڊ ٿا جاڳن،
رڳو ٽانڊا ٿا ڄڻ ڳِيهون،
قسم سُرخيل نگاهن جو،
اسان جو خواب ٻيو ناهي،
فقط گدلي غلاظت جو،
اسان ٿا خاتمو چاهيون،
غلامي مان زبانن جو،
اسان ٿا آجپو چاهيون!

***

تو پيار جي چُني تي جو ٽانڪيون ادائون،

تو پيار جي چُني تي جو ٽانڪيون ادائون،
پل ۾ گلاب ٿِي ويون هِن شهر جون هوائون!

تو ٽهڪ ٽيڙي نِيرا آ سانجهه ۾ نهاريو،
گس گس خُمارجي ويو گَرجي اُٿيون گهٽائون!

تازو هوا جو جهُوٽو آيو ته دل آ ڇِرڪِي!
ڪاون مٿان هليون هِن اڪٿر هتي وفائون.

مان وحشتن جي رڻ کي آهيان لتاڙي پهتو،
دردن تي وِجهه پگهر تون، زخمن تي ڇاڻ ڇانُئون!

تون آرسين جو سپنو، تون روشني جو نغمو،
تنهنجيون اکيون نِراليون ڄڻ سنڌ جون صدائون.

اُس ڇانءُ آهي جيون، بي نانءُ آهي جيون،
مُرڪون ڦُٽڻ کان اڳ ۾ وچڙن ٿيون ڀوڳنائون!

ڪيڏا حَسين نعرا ٽِڙندا رهيا سدا هِن،
ناهن سُتيون تڏهن ڀي ڌرتي جون هِي چِتائون.

آواز ڏي چپن کي، احساس ڏي گلن کي،
خاموش ٿِي جي ويندين کُٽنديون نه هِي خِزائون.

***

هڪٻئي تي جفا ڇو الزام ڏيون جانُم،

هڪٻئي تي جفا ڇو الزام ڏيون جانُم،
ويڇن کي بغاوت جو پيغام ڏيون جانُم!

تون حُسن خُماري آ، مان عشق ٻکيان اُن سان،
مزدور اوجاڳن کي آرام ڏيون جانُم!

ڪُجهه سُور سَليون پنهنجا ڪُجهه پُور پڙهون رُت جا،
نظرن کي قرارن جي ڪا شام ڏيون جانُم!

رَت خواب، ننڊون، ڳوڙها، جيڪو به گُهري وحشت،
محبت جي بقا لاءِ سو دام ڏيون جانُم!

مغرور هوا آهي، ڇڏ اوٽ زماني جي،
اچ دل کي ڀري دل اڄ جام ڏيون جانُم!

زخمن سان ڀريل ڌرتي مُرڪون ٿِي ڏسڻ چاهي،
ڪردار گلابن جو انجام ڏيون جانُم!

***

تڏهن ته تون شهيد ٿِئين!

تڏهن ته تون شهيد ٿِئين!

اُداس رات ۾ جِتي،
سمورو ديس هو لُٽيل،
گهڻن جا سِر هُئا جهُڪيل،
سڏن جا پير هُئا ڪپيل،
جِتي نه آس هُئي اُٿيل،
اُتي تو سوجهرو ڪيو،
قهر ۾ تُون اُميد ٿِئين!
تڏهن ته تون شهيد ٿِئين!

عجيب ذِلتون رهيون
مِٽي جو من وِڪيو وِيو،
غليظ وحشتن اندر،
صُبح پري ڌِڪيو ويو،
ضمير پَئي ڦِريا رڳو،
سفر سمورا درد ها،
نيون نه دليون هيون،
اکين جا خواب زرد ها،
وڏا عذاب ها مگر،
نه ڪنهن کان تُون خريد ٿِئين،
تڏهن ته تون شهيد ٿِئين!

زماني جي اکين ڏِٺو،
هوا تان سنگهرون لٿيون!
پرھ اچڻ جي آس ٿِي،
عوام کي اکيون مليون،
ڪُٺل دلين جي سوڳ تي،
وفا جا تو پَها رکيا،
پگهر ڦُڙن جي ماٺ تي،
گلاب تو نوان رکيا!
انڌي اکين جي ديد ٿِئين،
تڏهن ته تون شهيد ٿِئين!

شهيد تنهنجي هانءُ کي،
سلام آ، سلام آ.
شهيد تُنهنجي نانءُ کڱي،
سلام آ، سلام آ!

(شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي نانءُ)
***

شهيدن کي خراج

شهيدن کي خراج

وقت وڄي ٿو ماڪ رَڙي ٿِي!
ڏينهن تَتي ٿو خاڪ رَڙي ٿِي!
سج لهي ٿو ڪاڪ رَڙي ٿِي،
چنڊ اچي ٿو ماٺ رَڙي ٿِي!
واٽن جون ويرانيون شاهد،
ڪيڏو سوڳ زمين ڪيو آ،
اونداهي ۾ تنهنجي وڇڙڻ،
گُل گُل کي غمگين ڪيو آ،
مورن ناچ وسايو آهي،
ٻاٻيهن جو ساھ سڙيو آ،
رابيلن کي باھ لڳي آ،
مٽي جو ويساھ سڙيو آ.
تنهنجي غم جا چارا شاهد،
اُلڪا شاهد، تارا شاهد،
اوجاڳيل جا هِي نعرا شاهد،
نيڻن جا ڪيڏارا شاهد،
تنهنجي غم جا ڳوڙها وارث،
ڦُلڙيون وارث، سُڏڪا وارث،
اجرڪ پوتيون صدما وارث،
هِن ڌرتيءَ جا ڄاوا وارث
ديس لُٽيل جون دانُهون وارث،
اوٺاري جون يادون وارث.
سُرخ شهادت ماڻي اونچي،
توئي سچ اُجاريو آهي،
تنهنجي رَت جي رُتبي ٻيهر،
رڻ تي سج اُڀاريو آهي!
تنهنجو روح ستارن وانگي،
اجهڻو ناهي ٻرڻو آهي،
ڌرتي جو ويساھ چوي ٿو،
تنهنجو نالو مرڻو ناهي!

***

پنهنجن جا ئي هٿ هُئا ڪِن ڪاتين ۾،

پنهنجن جا ئي هٿ هُئا ڪِن ڪاتين ۾،
خواب اسان جا ماريا ويا اڌ راتين ۾.

بُوند ٿيڻ کان اڳ ۾ اُن کي ٻاريو ويو،
اچڻو هو جنهن ڀاڪر کي برساتن ۾!

عشق سواءِ وڄندي ناهي ڪا ٻولي،
شامل آهي ڪو ته پکين جي لاتين ۾ !

پٿر ٿيندا ڪونه هينئان رُت ڄاڻي وئي،
قرب ڦُٽي پيا ايڏا آهن جهاتين ۾.

ڪنهن به جفا ۾ همت ناهي جو روڪي،
آس ٽِڙي ٿِي آرس موڙي ڇاتين ۾.

پاڻ پراڻي مٽي آهيون اوڀر جي،
سڏ ڏيون ٿا ساٿين کي پرڀاتين ۾.

***

منڙو ارپيو رڻ جي ڌِي!

منڙو ارپيو رڻ جي ڌِي!
وس ۾ پنهنجي ناهي جِي!

آئون سُڃاڻان هُن جا پار،
مُرڪ نه موهي اهڙي ٻِي!

سوچن ۾ ڪا تجلي آهي،
ڇا جا پارا، ڇا جا سِي!

اوجاڳن کي آٿت گُهرجي،
ٿر جي رات اسان جي ٿِي!

ڳول نه دِلڙي ڇانُئن کي،
ساڳي وستي ناهي هِي!

اي غم وِھ جو پيالو هان!
سوچي سمجهي مون کي پِي!

***

گهاڻا ٿِي وِيَل گهر!

گهاڻا ٿِي وِيَل گهر!
مُنهنجي ئي تاريخ هِن!
چنڊ ٻُڌا پئي چيٽ ۾،
هَڪُلن جا هوڪر!
مُنهنجي ئي تاريخ هِن!
ڪجلارين جا قافلا،
پيرن ۾ نيئر!
مُنهنجي ئي تاريخ هِن!
گهاوَ هڻي ڪئين رات ۾،
نڪري ويا نادر!
مُنهنجي ئي تاريخ هِن!
ٻاگهل پوتي واءُ ۾،
دودي جا شهپر!
مُنهنجي ئي تاريخ هِن!

***

سنڌوءَ درياھ

سنڌوءَ درياھ

تاريخ جي دل ڄاڻي، تهذيب هِتان سِرجي،
رگويد هتان اُڀريو، هر جاڳ هِتان چَمڪِي!
جنهن انگ ڍَڪيو پهريون سِنڌوءَ ته اُهو آهي،
سِنڌوءَ ته سُتو ناهي، سِنڌوءَ ته سُتو ناهي!

مدهوش کڻي ڇوليون ڪنهن راڳ جيان جُهوميو،
دل دل کي وِجهي ڀاڪر آ ڀاڳ جيان جُهوميو،
تنهن وقت به آ ڀُڻڪيو جنهن وقت سُڪو آهي،
سِنڌوءَ ته سُتو ناهي، سِنڌوءَ سُتو ناهي!

دشمن جي ارادن لئه ديوار جيان جاڳي،
غدار جي سوچن لئه ڪنهن گار جيان جاڳي،
منحوس جي سيني ۾ خنجر ٿِي کُتو آهي،
سِنڌوءَ ته سُتو ناهي، سِنڌوءَ ته سُتو ناهي!

محبوب حَسينن جي ذلفن جون ڳُتون شاهد،
مخمور گلابن جون هِي سُرخ رُتون شاهد،
بارش جي هوا وانگي خُوشبو هِي رڳو آهي!
سِنڌوءَ ته سُتو ناهي، سِنڌوءَ ته سُتو ناهي!

دولهه جو هينئون سِنڌو، هوشو جو بدن سِنڌوءَ،
ڪينجهر جو ڪنول سِنڌو، ٽلٽلي جو وچن سنڌوءَ،
هر عشق جي مُکڙي مان سنڌو ئِي ڦُٽو آهي!
سِنڌوءَ ته سُتو ناهي، سِنڌوءَ ته سُتو ناهي!

***

چنڊ منصور آ !

چنڊ منصور آ !

روشني ٿِي چَوي دؤر ناسُور آ،
چنڊ منصور آ!
کوڙ ڪارا ڪُتا ڪَرُ کڻي ٿا ڏِسن،
رات جِي، تهمتن جيئن تِکي گُهور آ!
چنڊ مَنصور آ !
ڀل زمانو سڄو آڱرين کي کَڻي،
ڪونه ڳاڙهين دلين کان ذرو دُور آ.
چنڊ مَنصور آ !
روح جن جا انڌا، سي ته سمجهن به ڇا؟
دل جي تاريخ جو سانورو پُور آ!
چنڊ مَنصور آ !
عاشقي جي مِٽي ناهي مرڻي ڪڏهن،
ڪونه جُهڪڻو هينئين جو ڪڏهن نُور آ!
چنڊ مَنصور آ!
چنڊ مَنصور آ !

***

توکي سَڏ ورايو ناهي،

توکي سَڏ ورايو ناهي،
چپنُ اسان کي آيو ناهي!

چئو هِي ڪهڙي موسم آهي؟
ڪنهن ڀِي چُوڙي ڳايو ناهي!

چهرا آيا، تارا آيا،
ڪنهن ڪو درد گهٽايو ناهي!

جيڏو تُنهنجي ياد وِلوڙيو،
ايڏو ڪنهن تڙپايو ناهي!

گُل ڇڻي ويا پر تنهائي،
خُوشبوءِ کي پرچايو ناهي!

هڪڙو آهي چنڊ لڪل بس،
دل ۾ ٻيو سرمايو ناهي!

وهمن ڀوڳ ڪيو آ اهڙو،
بارش در کڙڪايو ناهي!

سال ٿيا هِن توکان وِڇڙي،
وقت وري ڳالهايو ناهي!

***

اکين ائين نه تاڻ!

اکين ائين نه تاڻ!
متان رِڻ رَڙي پَوي!
ڪيڏو جذبا جيءُ ۾،
ڪيڏي آ سُرهاڻ!
اکيون ائين نه تاڻ!
متان رِڻ رَڙي پَوي!
تنهائي، ڪهڙي خبر،
ڇا ڇا ڪندي هاڻ!
اکيون ائين نه تاڻ!
متان رِڻ رَڙي پَوي!
ٽِڙندا گُل رابيل جا،
ٽارين ۾ پڪ ڄاڻ.
اکيون ائين نه تاڻ!
متان رِڻ رَڙي پَوي!
سدا وَسندي ئِي رهي،
چُوڙين تي چانڊاڻ.
اکيون ائين نه تاڻ!
متان رِڻ رَڙي پَوي!
ناهن ويڇا پاڻ ۾،
دليون آهن ساڻ.
اکيون ائين نه تاڻ!
متان رِڻ رَڙي پَوي!

***

هاڻي هلجي!

هاڻي هلجي!

درد اکين جو ڇاڻي هَلجي!
رات رُني آ هاڻي هلجي!

موسم مُکري هيل نه ٿِي آ،
آس اڃان رابيل نه ٿِي آ،
رستو رستو ڪاريهر ٿيو،
اک ٻُٽڻ جي ويل نه ٿِي آ.
پنڌ پري آ ڄاڻي هلجي،
رات رُني آ هاڻي هلجي!

سيني سيني تي آ خنجر،
رت ۾ ٻوڙيل آهن منظر
پل پل کي پَئي پنڇڻ کائي!
ياد اچي ٿِي ٽلٽي هَر هَر!
سنڌ سَڏيو آ گهاڻي هلجي،
رات رُني آ هاڻي هلجي!

چا ٿيو، ڪارا دوکا آسن،
واٽون ڪاريون ڪوڪا آهن!
ڇا ٿيو، چنڊ وڃايل آهي،
ڇا ٿيو، رڻ جا هوڪا آهن!
عشق سندي کي تاڻي هلجي،
رات رُني آ هاڻي هلجي!

***

حجابي مُند سان مهڪيل نگاهُون ڀاڪرن جِهڙيون،

حجابي مُند سان مهڪيل نگاهُون ڀاڪرن جِهڙيون،
اُڏري هوش ويون آهن ادائُون ڀاڪرن جهڙيون.

اچي ويو روح ڄڻ رِڇُ ۾، لُڇڻ ممڪن رهيو ناهي،
کِڙن ٿيون هاڻ تارن جيئن صدائون ڀاڪرن جهڙيون.

ڀلي هُج ڪنهن به ويڙهي ۾ وسارڻ جهڙي ڪِٿ آهين؟
پٺيان تنهنجي اُڏيون آهن پُڇائون ڀاڪرن جهڙيون!

اچي ڪيئن ننڊ چئو جانم، تصور تُنهنجا پيا جاڳن،
ننڊاکيون لاڙ جون راتيون هوائون ڀاڪرن جهڙيون!

اسان کي ڪونه ٿا گهرجن زمانا سون موتي رکيم،
اسان لئه کوڙ هِي آهن وفائون ڀاڪرن جهڙيون.

***

تُون جي وِجهين نگاھ،

تُون جي وِجهين نگاھ،
راتيون چُوڙيون ٿِي وَڄن!
ڇَتا ڇوڙيل ڇيڳرا،
ڪائي ڏِين پناھ!
راتيون چُوڙيون ٿِي وَڄن!
اکيون اکين سان ٻَکي،
ڪجي چنڊ گواھ!
راتيون چُوڙيون ٿِي وَڄن!
ماڻي جنم سؤ دفعا،
ڪجي عشق گناھ!
راتيون چُوڙيون ٿِي وَڄن!
ڦُلڙيون ڦُلڙيون ڏيهه مان،
کِسڪي شل اونداھ!
راتيون چَوڙيون ٿِي وَڄن!

***

اکڙيون رِڻ ٻارِين!

اکڙيون رِڻ ٻارِين!
ڪيڏانهن وڃجي چئو ڀلا؟
نيريون مُرڪون لهر ٿِي!
ٻورين ۽ تارين!
ڪيڏانهن وڃجي چئو ڀلا؟
چُوڙيون سَڏِين چنڊ کي،
آرس اُڀ ڏارِين!
ڪيڏانهن وڃجي چئو ڀلا؟
ٻکجي ڪاڪُل رُوح سان،
راتيون خُمارِين!
ڪيڏانهن وڃجي چئو ڀلا؟
تَتيون ٿڌيون بي چَيون،
يادون گڏ گهارِين!
ڪيڏانهن وڃجي چئو ڀلا؟

***

پرح جي دلبري آهي!

پرح جي دلبري آهي!

صنم، تون اجنبي ناهي!
هوا توکي سُڃاڻي ٿِي،
پٿر جي ديس ۾ هوندي،
وفا توکي سُڃاڻي ٿِي!

اِهو جوڀن غضب جهڙو،
اوجاڳن جو ڌرم آهي!
اڃايل عشق ڪافر جي،
پڇائن جو ڀرم آهي!
رڻن ۾ روشني آهين!
صنم، تون اجنبي ناهين!

اڃا تنهنجي ادائَن ۾،
قهر جو شهر جاڳي ٿو،
اڃا دل جي ڪنارن تي،
عجب جو پهر جاڳي ٿو!
صدين جي شاعري آهين!
صنم، تون اجنبي ناهين!

زماني کي خبر ڪهڙي،
اِهي مرڪون فجر آهن،
ٿين توتان فدا تارا،
تنهنجيون ڳالهيون ڇمر آهن!
صبح جي دلبري آهين!
صنم، تون اجنبي ناهين!

اِنهن نيڻن اڳيان سُورج،
پراڻو ڄڻ سِڪو آهي!
ڏِسي تنهنجي حجابن کي،
وڃي چنڊ ڀي لِڪو آهي،
وِڄُن جي آرسي آهين!
صنم، تون اجنبي ناهين!

***

وِجهي نه ڪو نقاب اچ،

وِجهي نه ڪو نقاب اچ،
اچين ته بي حجاب اچ.

هِتي سَرءُ جو راڄ آ،
اسان ڏي ٿِي گلاب اچ.

گهڙين جا ڳل رَتا ٿيا،
سُتا پکي شباب اچ!

وطن ۾ درد پيو رُلي،
ڇڻين پيا هاڻ خواب اچ!

اُٿي آ دل اُڏار لئه،
حُسن جا تون عقاب اچ!

کِلي ٻه چار پل وٺون،
ڀلي پوءِ تون عذاب اچ!

***

تارو تارو ڄڻ ڪو ٽانڊو!

تارو تارو ڄڻ ڪو ٽانڊو!

ڪِرڙن کُهنبا پاتا ڍوليا!
تو نه سنڀاريا ناتا ڍوليا!

ٿوهر دل ۾ ڦاٿل آهن.
سِرڪِي آيا بادل آهن،
وهم وريا اڻ ڄاتا ڍوليا!
تو نه سنڀاريا ناتا ڍولتا!

واءُ همرچو پيو جهونگاري،
مُند ٿڌيري کوهي ماري،
پيار ڏئي پاراتا ڍوليا.
تو نه سنڀاريا ناتا ڍوليا!

روح رُلي ٿيو آهي ماندو!
تارو ڄڻ ڪو ٽانڊو!
نيڻ ننڊاکا آتا ڍوليا!
تو نه سنڀاريا ناتا ڍوليا!

***

اَڪُ جو پاڇو آهين!

اَڪُ جو پاڇو آهين!

جي ڪنهن خواب نه کوليو توکي،
پوءِ تون ڄاڻ ته ڪُجهه ڀي ناهين،
رِڻ ۾ اَڪ جو پاڇو آهين!

ڪُجهه آ، جنهن لئه ڀئونر رُلي ٿو!
ڪُجهه آ، جنهن لئه مور جهُلي ٿو!
ڪُجهه آ، جنهن لئه واءُ گُهلي ٿو،
جي ڪنهن تانگهه نه ڇوليو توکي،
پوءِ تون ڄاڻ ته ڪجهه ڀي ناهين!
رِڻ ۾ اَڪ جو پاڇو آهين!

حُسن انوکو ڏانوڻ آهي،
چاهت چاهت سانوڻ آهي،
ڀاڪر ڀاڪر ڪامڻ آهي،
جنهن ڪنهن مرڪ نه روليو توکي،
پوءِ تون ڄاڻ ته ڪُجهه ڀي ناهين!
رِڻ ۾ اَڪ جو پاڇو آهين!

تارن جهڙيون جندڙيون آهن!
اڻ جَهل اُجريون اکڙيون آهن!
هر ڏِس اُڀريل مُکڙيون آهن!
جي ڪنهن واس نه ڳوليو توکي،
پوءِ تون ڄاڻ ته ڪُجهه ڀي ناهين!
رِڻ ۾ اَڪ جو پاڇو آهين!

***

رڻ تي اُڀري موهي ٿو احساس کي،

رڻ تي اُڀري موهي ٿو احساس کي،
چوندو آهي وَنڊ، مون سان دل جا ممرا!

مورن پنک مٿي کڻي، ڳاتا آهن ڳيچُ،
سانوڻ تُنهنجي چيچُ، ڪولهڻ قابو آ ڪئي!

کِسڪي ويندي ڪُوڙ جيئن، رهزن ڪاري رات،
پهڻن ۾ پرڀات، اچڻي آهي روپلا.

سِج جي هيٺان ساڳيا پاڻيارين جا پنڌ،
اڃا سُوراچند، پاڻي ٿو ميرو پيئي.

نِڪري آءُ نقاب مان، ڀوڏيسر جا خواب،
سِرجي نئون باب، عشق جي اتهاس جو!

(سوراچند: ننگرپارڪر جو خوبصورت ڳوٺڙو)
***

سمنڊ بڻجي ويا آهيون!

سمنڊ بڻجي ويا آهيون!

اسان جي بندگي يارو،
اِهائي عاشقي آهي!
اسان جنهن لئه ننڊون ٻاري،
ڪڏهن چارا تَڪيا آهن،
ڪڏهن ڇِرڪي بهارن ۾،
ڪنڊا دل سان ٻَکيا آهن!
ڪڏهن هُن جي پڇائن ۾،
وڃايو پاڻ کي آهي.
ڪڏهن هُن جي نگاهن تي،
لُٽايو پاڻ کي آهي،
اسان غمناڪ شامن ۾،
لَڌو سُرهاڻ کي آهي،
سدائين دل جي اجرڪ سان،
ٻَڌو سُرهاڻ کي آهي!
نه مسجد ۾ ويا آهيون،
نه مندر جا ٿيا آهيون!
رڳو بس شهر هُن جي ۾،
رَتو رَت ٿِي وريا آهيون!
اونداهيَن کي خبر آهي،
کڻي بس پيار هُن جو ئي،
ڪٿي گُل ٿِي ٽڙيا آهيون.
ڪٿي دُوري جي موسم ۾،
پنن وانگي ڇڻيا آهيون!
مهاريو هُم جڏهن آهي،
سمنڊ بڻجي ويا آهيون!
وساريو هُن جڏهن آهي،
تڏهن صحرا ٿيا آهيون!
اسان جي زندگي يارو
اِها ئي عاشقي آهي!
اسان جي بندگي يارو،
اِهائي عاشقي آهي!

***

سِنڌ سدائين گهوٽيتن جو موڙ لڳي شل،

سِنڌ سدائين گهوٽيتن جو موڙ لڳي شل،
ڪارونجهر جي سِر تي اجرڪ جهُومي شل،
ڪينجهر نُورِي جي ٿِي پوتي مهڪي شال.
سِنڌوءَ. هوشو وانگي پيو گجگوڙ ڪري شل!
سِنڌ سدائين گهوٽيتن جو موڙ لڳي شل.

***

هاڻ نُوندن جون ڦُلڙيون اِجهو ٿيون ڇَڻن!

هاڻ نُوندن جون ڦُلڙيون اِجهو ٿيون ڇَڻن!
روح پنهنجا روهيڙا ڪري اڄ وٺو.
نينگريون هُو ڏِسو، ڇيڳريون هُو ڏسو،
ڪاسبي تي ڪڪر آرشُون پيا ڀَڃن!
هاڻ بوندن جون ڦُلڙيون اِجهو ٿيون ڇڻن!

***

روح اندر جي کي ڇاڇولي رات ڇڻي وئي!

روح اندر جي کي ڇاڇولي رات ڇڻي وئي!
چنڊ سُمهي پيو، تارا ڏسندي ياد پِئين.
ننڊ مري وئي ڳوڙها وهندي ياد پِئين.
زخم پراڻو ڪوئي کولي رات ڇڻي وئي.
روح اندر جي کي ڇاڇولي رات ڇڻي وئي!

***

چنڊ رُسي ويو آهي جيئڙا،

چنڊ رُسي ويو آهي جيئڙا،
تارن کان تنهايون وٺ،
يارن کان تنهايون وٺ.
دؤر دُکي ويو آهي جيئڙا!
چنڊ رُسي ويو آهي جيئڙا.
***

زخمن جا مليل موتي انسان ڳڻيا ناهن،

زخمن جا مليل موتي انسان ڳڻيا ناهن،
ڪِٿ آس جي اک نِڪتي، ڪِٿ دل جي ڇَڻي مُکڙي،
ڪو ٽهڪ ڪِٿي گمُ ٿيو، ڪا مُرڪ ڪِٿي وڇڙي،
رستن ۾ لُٽيل پنهنجا ارمان ڳڻيا ناهن!
زخمن جا مليل موتي انسان ڳڻيا ناهن.

***

جيجل تنهنجو کير کَري ويو!

جيجل تنهنجو کير کَري ويو!
ڌارين ڏي ڪم ظرف ڌِڪاڻو.
نوٽن تي بي شرم وِڪاڻو،
دولهه جو ڄڻ خواب مَري ويو!
جيجل تنهنجو کير کَري ويو!

***

يادگيريون اچن!

يادگيريون اچن!

ڇا ته هِيريُون اچن،
يادگيريون اچن،
تُنهنجُون ڳالهيون وري،
ياد نِيريون اچن.
وقت اهڙو سڄو،
ڪِن جوانين مٿي،
ڄڻ ته پِيريون اچن!
ڪيئي جهِيريُون اچن،
يادگيريون اچن!
ڌوڙ مِٽي منجهان،
واس تنهنجو اچي،
تون الاءِ ڪٿي؟
دل پکين کان پُڇي!
هاڻ چُوري جيان،
ننڊ اڪثر ڀڄي.
رات ڪانڌي جيان،
ماٺ ۾ ٿِي اچي،
ڪنهن ستاري جو ٿو،
ڄڻ جنازو کجي!
درد نيڻن سندو،
چنڊ ڏي ٿو وڃي،
گهاءُ دل جو ڀلا،
اُس تي ڪيئن سُڪي؟
وقت ڊُڪندو وڃي!
زندگي ٿِي ڏسي،
رنگ اُڏندو وڃي،
آرسي ٿِي ڏسي،
ڪنهن پڄاڻي جيان،
ميري پاڻي جيان،
هِي حياتي سڄي
ڪنهن ڪهاڻي جيان!
پاڻ ناهيون مليا،
ڇانورن ۾ اڃان،
پاڻ آهيون جُدا،
ساحلن تي اڃان.

***

وِکري وڃان نه آئون، ڏي ڇانورو ڇَتن جو!

وِکري وڃان نه آئون، ڏي ڇانورو ڇَتن جو!
ويران موسمن ۾ سڀ واس پيا سُمهي هِن،
مُکرين تي ماڪ جهڙا احساس پيا سُمهي هِن!
ناهن ڪٿي پناهُون احساس ڏي وطن جو!
وِکري وڃان نه آئون، ڏي ڇانورو چَتن جو!

***

حُسن اهڙو نه اڳ مون ڏٺو آ پرين،

حُسن اهڙو نه اڳ مون ڏٺو آ پرين،
ڳوٺ تنهنجي جي آهي عجيب راتڙي،
عرش اوڍي هجي ڄڻ رِلي لاڙ جي،
سِنڌ ڌرتي جي موسم جو سڏ ٿي لڳين!
حُسن اهڙو نه اڳ مون ڏٺو آ پرين!

***

آئون اڳي ئي وکريل آهيان!

آئون اڳي ئي وکريل آهيان!
منهنجي مَن تي شام نه هار!
اچڻو ناهي، ڳالهه سِڌي ڪر!
موسم تي الزام نه هار!

***

الزامن جي آڱر ٿِي،

الزامن جي آڱر ٿِي،
دنيا ٽانڊي وانگر ٿِي.
تون به هلي وئين وار ورائي.
ڪونه گهڙي ڪا ڀاڪُر ٿِي.

***

دنيا روڪڻ ڪونه ڇَڏيندي ڄاڻي وٺ،

دنيا روڪڻ ڪونه ڇَڏيندي ڄاڻي وٺ،
چاهت ٻولڻ ڪونه چڏيندي ڄاڻي وٺ.

وحشت جي آ فطرت خُوشبو لوڌڻ جي،
ڳوڙها رولڻ ڪونه ڇڏيندي ڄاڻي وٺ.

دل ته بغاوت جو آ نالو ٻُڌ جانُم،
محبت ڳولڻ ڪونه ڇڏيندي ڄاڻي وٺ.

چانڊوڪيءَ کي روڪڻ چاهين روڪي ڏِس!
ذلف ڦلهورڻ ڪونه چڏيندي ڄاڻي وٺ.

جاڳ اسان کي عشق ڏِني آ ورثي ۾،
جهيڙو جوٽڻ ڪونه ڇڏيندي ڄاڻي وٺ!

***

مُنهنجو هي ويساھُ مُئو آ ڇا ٿِي پيو،

مُنهنجو هي ويساھُ مُئو آ ڇا ٿِي پيو،
چانڊوڪين ۾ هاڻ به پَلڙا ٽهڪ ڏين ٿا،
پيار نشانين وارا ڇَلڙا مهڪ ڏين ٿا،
تنهنجي دل مان چاھ مُئو آ ڇا ٿِي پيو،
مُنهنجو جي ويساھُ مُئو آ ڇا ٿِي پيو!

***

ٻي هنڌ وِڪبا جذبا هُندا،

ٻي هنڌ وِڪبا جذبا هُندا،
هينئر ناهن هَٽ اسان جا!
چانڊوڪين جا ٻاريل آهيون،
سُڪڻا ناهن ڦَٽ اسان جا!

***

اِهو نه پُڇ ته ڇا مِليو!

اِهو نه پُڇ ته ڇا مِليو!
رُلي ويا خواب راھ ۾،
سڙيا گلاب باھ ۾،
اکين تي غم نئون کِليو!
اِهو نه پُڇ ته ڇا مليو!

***

عجيب غم آ دوست!

عجيب غم آ دوست!
دغا ۾ سِج لَٿي مُئو!
هُو پيار دل مٿي مُئو!
ٻُڏي ويو روح اوچتو!
عجيب غم آ دوستو!
***

وڍيل روهيڙو ڪو ناهيان!

وڍيل روهيڙو ڪو ناهيان!

کڻي ويو وقت آهي کِل!
ڪڏهن ڀُلجي ڀلا ڪِٿ مِل!

وڍيل روهيڙو ڪو ناهيان،
رَندو بڻجي نه هاڻي ڇِل!
ڪڏهن ڀُلجي ڀلا ڪِٿَ مِل!

وڇوڙو جهنگ وانگي آ،
ڪنڊن تي آ ڪِري پَئي دِل،
ڪڏهن ڀُلجي ڀلا ڪِٿ مِل!

هينئون آ ياد جي ٻيڙي،
جسم ڪنهن سوور جو ساحل!
ڪڏهن ڀُلجي ڀلا ڪِٿ مِل!

***

وقت کي اک ۾ رکو!

وقت کي اک ۾ رکو!
دؤر هِي بي واس آ،
سازشي راڪاس آ،
ڀُونءِ کي ٻَک ۾ رکو!
وقت کي اک ۾ رکو!

***

گَهڙي هَر هِندورو چوان ٿو چوان ٿو،

گَهڙي هَر هِندورو چوان ٿو چوان ٿو،
وفا جون حيا جون جواڻيون وڻن!
چپن کي چپن جون وراڻيون وڻن،
حُسن جو آ ٿورو، چوان ٿو چوان ٿو!
گَهڙي هَر هندورو چوان ٿو چوان ٿو.

***

اهڙا وحشي وار ٿيا!

اهڙا وحشي وار ٿيا!
پنهنجا ڀاڪر ڌار ٿيا.
ڪاوا دل مان پار ٿيا!
روح رُنو ا آڌيءَ ۾،
تارا ناهن يار ٿيا.
ڪاوا دل مان پار ٿيا!
موڙي مُنهن آ مهڪ وئي.
گُل جا مالڪ خار ٿيا.
ڪاوا دل مان پار ٿيا!
هيل نه موٽي مُند ڀنل،
ڇَلڙا هِن اوڇنگار ٿيا،
ڪاوا دل مان پار ٿيا!
پنهنجا خواب ڀٽائي ڏس!
ڳاڙها کُهنبا ڇار ٿيا.
ڪاوا دل مان پار ٿيا!
سنڌ اڄا آ ٽاندن تي،
پنهنجا هِن غدار ٿيا!
ڪاوا دل مان پار ٿيا!

***

مان باغي هان!

مان باغي هان!

مان مُنڪر هان مان باغي هان!
ڪُوڙن جي کنيل ديوارن جو،
وحشين جي ڇڏيل ويچارن جو،
ماڻهن تي مڙهيل ماٺارن جو،
دوکن سان اڏيل ڪردارن جو.
ڦورن جي گهڙيل فرمانن جو،
مان مُنڪر هان مان باعي هان!
جن گهر گهر ساڙي پيٽ لُٽيا،
جن چوليون ڦاڙي چيٽ لُٽيا.
جن چُڙن کان آواز کسيو،
جن ارمانن جا ٻيٽ لُٽيا!
تن منحوسن مُردارن جو!
مان مُنڪر هان مان باعي هان!

دل سُڏڪن جي ٿِ باھ کڻي.
پيو ٽانڊن تي ڄڻ نيڻ رکان!
ڪيئن چُوڙين ۾ روپوش ٿيان!
پئي سنڌ هينئين ۾ ساھ کڻي!
هر قاتل جي دهمانن جو،
مان مُنڪر هان مان باعي هان!

تون ڌُوتن جا احوال ڪرين،
مان منصورن جي ڳالهه ڪريان!
تون ڪاڻيارن تي ڇانءُ رکين،
مان دودن کي ويساھ سڏيان!
ڪم ظرفن جو مروانن جو،
مان مُنڪر هان مان باعي هان!
***

سُريون اُڃ ٿِي آڱريون، آگم ٿِي ويا انگ،

سُريون اُڃ ٿِي آڱريون، آگم ٿِي ويا انگ،
وڄڙين جهڙا ونگ، ويڙهي ويا وجود کي.

ڪڏهن سمجهيو ڪونه آ، پٿر کي انسان،
پٿر هڻي پيار کي، پٿر کي ڏئي مان،
پٿر آ حيران، اڃا پنهنجو پاڻ تي.

ڪاهُو جي ڄڻ روح مان، اُڀري آ ڪا رِيهُه،
”مون ۾ ڪو اسرار آ، مون وٽ ٿورو بيهه،
پنهنجو نِيهُه، سنيهُه ساڳيو آهي سنڌ لئه!“

ڪاهُوءَ توتي ڪيترا، اُٺا آهن مِينهن،
پوءِ به توتي ڏينهن، مون کي ميرا ٿا لڳن.

هُونئن ته منهنجا ڏُک، گهٽجڻ کان آهن گهڻا،
هڪڙي تنهنجي مُک، ارپيون آهن آٿتون!

***

رهي نه موسم

رهي نه موسم

عجيب يادون عجيب سوچون،
تتل ذهن ۾ اچي ٻَرن ٿيون،
صليب ڪو ڄڻ کڻي هلون ٿا،
پپر پنن جيئن ڇَڻي هلون ٿا!
ڦُٽي جدائي لَڏيو قرارن،
لُٽي سُهائي سڏيو نه چارن،
ڪکيو نهارن، ٻکيو ترارن،
لڳو آ، مُرڪڻ ڇڏيو بهارن،
ڪِري پئي هِي وفا ڪنڊن تي،
ڳڙن ٿا رَت جا ڦُڙا دڳن تي،
اُهي نه ٻانهُون رهيون ڳچيءَ ۾،
جنين ۾ ڳاڙاها صُبح ٻَڌل ها!
اچي ويون ننڊون اُنهن چپن کي،
حُسن جا جيڪي نوان ڪنول ها.
رهي نه موسم وري ملڻ جي،
رهيا نه باقي سبب ٽِڙڻ جا!
کِڙيو نه ڪوئي چِٽو اشارو.
ڊهي ويا رستا اچڻ وڃڻ جا.
وڃون ٿا هاڻي دُکيل دُکن سان،
اُنهي شهر جي ڪچين گهٽين مان،
جنين ۾ پنهنجا حَسين سپنا،
سَتي جي بُت جيئن سَڙيا سمورا،
مليا نه جن کي ڪفن به پُورا،
ڪڏهن ها جن سان حَسين ناتا،
اُهي به نظرون ائين ڏسن ٿيون،
هُجون جيئن ڌاريان اسان ازل کان،
هجي الڳ ڄڻ سڳنڌ ڪنول کان،
عجيب يادون ائين لُڇن ٿيون!
عجيب سوچون ٻَرن ٿيون!

***

ڏسندو ....!

ڏسندو ....!

چُپ ۾ ڇا ته نگاهُون بدليون!
گُل کان خالي لام ٿِي وياسين!
احساسن جو ٻور ٻَري ويو،
ٿِي ويا پهر شڪارين وانگي،
اُلريون راتيون آرين وانگي،
ارمانن جو درد وڌي ويو،
احساسن جو ٻُور ٻري ويو،
ڏِسندي ڏِسندي ٿوهر ٿياسين،
ايڏيون هيل هوائون بدليون!

***

برسات ....

برسات ....

مُند اُماڻيا پُور اسان ڏي!
کنوڻ نياپا ڪنهن جا آندا،
واءُ حُسن جا ذلف وکيريا،
رڻ جون مُرڪون عشق نهاريون.
وقت اَڪن جون ڦُلڙيون ٺاريون،
ماٺ رڳن تي هٿڙا ڦيريا،
واءُ حسن جا ذلف وکيريا،
ٻيهر جاڳيا گهاوَ هيڪاندا،
سِرڪي آيا سُور اسان ڏي!

***

حيرانيون

حيرانيون

دل سان پَرتل چنڊ به ناهي،
ميري موسم، ڪير سڏيندو!؟
تارن کي حيرانيون آهن،
ٺهندو ڊهندو خواب وڃي ٿو!
وڌندو هاڻ عذاب وڃي ٿو!
واعدن ۾ ويرانيون آهن!
تارن کي حيرانيون آهن!
واءُ چوي ٿو ڪو به نه ايندو!
پنهنجو وڇڙيل پاڇو آهي!

***

وينگس

وينگس

بهار رُت ۾ حَسين وينگس،
نهاري تو ۾ ملي آ راحت!
ڪنڊن تان آهي ڪُڏي وئي دل،
هينئُون ڪڍڻ لئه عقاب آيا،
هِتان هُتان ڪئين عذاب آيا.
سندي ئي رَت ۾ ٻُڏي وئي دل،
ڪنڊن تان آهي ڪُڏي وئي دل،
جڏهن به تنهنجي سنڀاري چاهت،
اداس من تي ڀڳا تو آرس!

***

ڌوتو ناهي پاڻ کي، ڌُوڙيل آڌيگام،

ڌوتو ناهي پاڻ کي، ڌُوڙيل آڌيگام،
ماندي آ هر شام، ڌڻ هليا ويا لاڙ ڏي،

عطر اوتيل واءُ ۾، ننگر تي برسات،
محبت جهڙي رات، چُوڙا ٿِي چُمندِي گُهمي!

ميرو تُنهنجو پولڪو، بارش ڌوئي شال،
سنڌوءَ ڏيئي ڇال، جيسين موٽي اوج تي.

مُرڪيو آهي سِنڌ جو گهگهي ۾ گُلاب،
ڀٽائي جو خواب، ڏٺم ڪاڇي هَنج ۾!

جاڳي گهاٽِي ننڊ مان، ڇِرڪي اُٿيا پُور،
گُجري تنهنجي گُهور، ٽاڻا ٽهڪائي ڇڏيا.

***

درد هِن سوچي اچو!

درد هِن سوچي اچو!
خوف کي لوڌي اچو،
ڪير ٿو روڪي، اچو!
زخم جهڙي رات آ،
ننڊ کي گهوٽي اچو!
ڪير ٿو روڪي، اچو!
نانگ پيا ڦُوڪن اڃا،
عشق کي اوڍي اچو،
ڪير ٿو روڪي، اچو!
ڀل ته تارا مُسڪرائن،
ٻانهُن کي لوڏي اچو!
ڪير ٿو روڪي، اچو!
وحشتون مَرنديون ضرور،
پيار بس پوکي اچو.
ڪير ٿو روکي، اچو!

***

تنهائي جي روح جو، جيڪر وٺندين واس،

تنهائي جي روح جو، جيڪر وٺندين واس،
توکي پوءِ احساس ٿيندو ڪوئِل ڪُوڪ جو!

او شل پنهنجي سِنڌ ۾، اهڙا ڏينهن اچن،
نيرڳ ننڊون ڪَن، آزادي سان آب تي.

گُل جي پاڇي ساڻ، ڪيڏو مِٽيءَ چاھ،
ننڍڙي ڳالهه نه آھ، ڄاڻو ڪو ڄاڻي سگهي.

جهڙي سوچ عقاب جي، تِهڙي تُنهنجا جَهٽ،
تُون ڇا ڄاڻين ڄَٽ، شاعر جي اظهار کي.

***

منهنجي وس ۾ نه آ!

منهنجي وس ۾ نه آ!


مون سان محبت ڪري سُور ٿيندينءِ سَڄي!
دير تائين مان ڪنهن جو ٿيان ڪيئن ڀلا؟
منهنجي رڳ رڳ ۾ ٽانڊو ٿو ٻرندو رهي،
منهنجي من جي مٽي ٿِي ڪيڏارو لِکي،
درد جو ٿو درياھ روز مون ۾ ڇُلي،
ڪيئن من جو مان هوڙو سنڀاليان ڀلا؟
ڪڻڪ وانگي ٿو سج جي مان هيٺان پَچان!
دلربا تنهنجي ڪومل اکين جو وطن،
ڪو به شڪ ناهي تنهنجو اوجاڳيل بدن،
ڪئين فسادن کي ويجهو ٿو آڻي سگهي،
کوڙ خوابن جا موتيا ٿو ڇاڻي سگهي.
تنهنجي ڳاڙهن ڳٽن جون نگاهون اِهي،
ڪنهن به رَت کي ته ڪافر ڪري ٿيون سگهن.
تنهنجي هٿڙن جي سُرخي جا ڳاڙها جهڊا،
ڪنهن به تاريخ کي پُڻ ٿا جنمي سگهن.
حُسن تنهنجي کان انڪار ناهي صفا!
پرڪجي ڇا جو ڌرتي ٿي ڀاڪر ڀري،
ڪئين خزائون ٿيون دل کي کڻي ڪِٿ وڃن.
ذهن اڪثر نديءَ وانگي اُٿليو پوي،
دل اُڏاميو وڃي روز ٽلٽي اندر،
روح کاميو وڃي روز مڪلي اندر،
آئون اڪثر اروڙن ڏي نِڪريو وڃان!
درد جي ٿو سمونڊن ۾ ليٽيو پوان،
منهنجي وس ۾ خيالن جي ٻيڙي نه آ،
مون کي هڻڪارون وحشي لتاڙيو وڃن.
شيشي وانگي ڪري ڄڻ ڀڄي ٿو پوان!
مون کي راتين جا سُڏڪا ٿا ساڙيو وِجهن!
منهنجي نگري جون ڇاننُئون سڙي ٿيون وڃن،
منهنجي نگري جون مائون سڙي ٿيون وڃن!
آئون دانُهن جي پويان ڊُڪيو ٿو پوان،
منهنجي دلڙي ٿِي سنڌڙي کي ٻانُهون وِجهي.
دير تائين مان ڪنهن جو ٿيان ڪيئن ڀلا؟
مون سان مُحبت ڪري سُور ٿيندينءِ سڄي!

***

سمجهي ويس مان!

سمجهي ويس مان!

چُپ ڇو آهين؟ واءُ چيو!
اڄ تون ڳاءِ، گهاءُ چيو!
اکيرن ۾ هُرکُر آ،
ڇانوَن کي آ، تاءُ چيو!
سمجهي ويس مان ايندئين تون!
اينديئين تون، ها ايندئين تون!

رات نهارن سان مُرڪيو،
لاڙ ليارن سان مُرڪيو،
ننڊ نه آئي ڇولين کي،
سمنڊ ڪنارن سان مُرڪيو!
سمجهي ويس مان ايندئين تون!
اجرڪ وانگر ٿيندئين تُون!
ايندئين تون، ها ايندئين تُون!

ساھ اڌورا ٻاٽ کنيا!
ٻيهر يادن ڳاٽ کنيا!
تات طنبورو بڻجي وئي!
نيڻ لڄارا ساٽ کنيا!
سمجهي ويس مان ايندئين تون!
سَڏ جو ٿِي سَڏ ويندئين تون!
ايندئين تون، ها ايندئين تون!

***

هل ڀٽائي ڏي هلون!

هل ڀٽائي ڏي هلون!

وحشتن جا واڙ ڏِس!
ڀُونءِ ٿِي ڀيلاڙ ڏِس،
جيءُ هر سال جاڙ ڏس،
درد ٿيو آ لاڙ ڏس،
گهاءُ تي آ گهاءُ ڏس!
هر گهڙي جو تاءُ ڏِس،
سڏ سڏ تي پير آ،
جاڳ سان ورتاءُ ڏس!
روشني جي لڄ لُٽي،
سُونهن ٿِي آ خاڪ ڏس!
ڪونه ٿيون ڦُلڙيون کِلن،
دهشتن جا ڌاڪ ڏِس!
ڏس ته ڏيئا پيا ٽُٽن،
واءُ آ ڄڻ روڳ ۾،
ماڳ لاوارث ٿيا،
سنڌ آهي سوڳ ۾،
پوپٽن جا نيڻ ڏِس،
چيٽ ٿيو آ چُهنڊڙي،
ڪُنڀٽن جي دل سڙي،
زهر ڏوڪيو آ چپن،
ڪا نٿي مُرڪي گهڙي!
عشق پنهنجو ڀل کڻي،
عرش جون ٻانهُون ڇُهي،
پر ڏسين ٿِي قهر جانُم،
ٽهڪ پيو سارا کسي،
ڌُوڙ ٿِ وينديون چُميون،
جي ٻُڏاسين ذات ۾،
ڪجهه نه رهندو او صنم،
جي ڪِرياسين رات ۾!
روشنيون وينديون رُلي،
وقت آهي گهات ۾،
ٻُڌ، وچولي جي پَريءَ،
اُگهه تون ڪارو ڪجل،
ويڙھ هِي گهاٽا ڇَتا،
ڊاهي ڇڏ لالِي لڳل،
اچ اُداسين کي ٿُڏيون،
ڀونءِ کي ڀاڪر ڀَريون،
رات جي سنگهر ڪَٽيون،
هل ڀٽائي ڏي هلون!

***

بغاوت جو ڀَڙڪو!

بغاوت جو ڀَڙڪو!

زمانن کان ڪاتين تي قاتل جواڻي،
زمانن کان ڦاهين جي موسم پُراڻي،
زمانن کان انسان قيدي اڃايل،
زمانن کان وحشت جي پاڳل ڪهاڻي،
زمانن کان وشواس آهن اُجهاڻا،
زمانن کان احساس آهن ڪُساڻا،
زمانن کان خوابن جون کڙيل زمينون،
زمانن کان آواز آهن ڪُساڻا،
زمانن کان زندان ٻرندڙ اُهي ئي.
زمانن کان مظلوم ساڳيا تماشا،
زمانن کان محڪوم خوشبو ڇپن جي،
زمانن کان سڙندي شبابن جا لاشا،
پُڇائن کي رڙندي زمانا ٿيا هِن،
نگاهُن کي سڙندي زمانا ٿيا هِن،
جياپن کي ٽانڊن رڳو آهي ڳوليو،
دغائن کي نچندي زمانا ٿيا هِن!
ڏِسو پر نه جذبن ڇڏيا عشق آهن،
عذابن اڳيان دل مڃي مات ناهي،
ڀلي پهڻ آهن سگهارا گهڻا پي،
رتو ڇاڻ هٿڙن ڪئي ماٺ ناهي،
ذلالت جي ديوار هاڻي ڪِري بس،
اِنهي سوچ آهي غمن کي گهٽايو،
هوائن تي هاڻي سنگهر ڪونه سهبي،
اُهو قول آهي زبانن تي آيو،
اُٿي ڏس بهارن جا قاتل مداري،
نئون دؤر آهي ڪو ناهي فسانو،
اهو روح آهي بغاوت جو ڀَڙڪو،
اُجهائي اُنهيءَ کي نه سگهندو زمانو!

***

دلين جا ٺڪاڻا اَجها ئي ٻُڏي ويا،

دلين جا ٺڪاڻا اَجها ئي ٻُڏي ويا،
نوان خواب پنهنجا سڄا ئي ٻُڏي ويا.

سُڪي ويون درن جون سموريون چنبيليون،
گلابن جا ڳاڙها گهگها ئي ٻُڏي ويا!

ڊهي پيون نگر تي انڌيريون گهٽائون،
سنيها، اشارا گهڻا ئي ٻُڏي ويا.

جتي چنڊ چمڪيا اُتي سُور اُڀريا،
ڇُليون ڪونه ڇيرون، ڇلا ئي ٻُڏي ويا.

لڳي جسم ڀُورن تي مِٽي جي ميندي،
ڪنوارن جا ڪارا ڇَتا ئي ٻُڏي ويا.

اکين کان اکين جي عجيب ٿِي جُدائي،
پڇائون مري ويون پَتا ئي ٻُڏي ويا.

***

اجرڪ سان غداري

اجرڪ سان غداري

جيجل جا ڪَپي ڪي ماڳ ڇڏڻ،
هوشو جي وچن سان دوکو آ،
قاتل جي هٿن ۾ واڳ ڏيڻ،
دولهه جي ڪفن جو سؤدو آ،
بيشرمي آ، غداري آ،
هِي سنڌ امڙ جو سؤدو آ،
هِي ناحق آ، هِي دوکو آ،
سنڌوءَ جي ٻچن تي حملو آ،
هارين جي هينئن تي حملو آ،
ڪُنوارن جي ڪنڌن تي حملو آ،
دودن جي ننگن تي حملو آ،
سنڌڙي کي لُٽڻ جي سازش آ،
سسئي جي ڳچي تي حملو آ،
ٻاگهي جي چُني تي حملو آ،
لاڙين جي دلين تي حملو آ،
ٽلٽي جي مٽي تي حملو آ،
اجرڪ سان نئين غداري آ،
غدار سڀن تي لعنت آ!

***

سُکن کي نه تاڻي هنڌن ۾ پياسين،

سُکن کي نه تاڻي هنڌن ۾ پياسين،
سڏيو حُسن اُڏري ڦندن ۾ پياسين.

اسان چنڊ پويان ڏسائُون ڦلهوريون،
انڌيرن جي اڪثر ڪَنڌن ۾ پياسين.

تتل عشق پنهنجو عجب آ گواهي،
روهيڙن جي وانگي رَندن ۾ پياسين.

لُٽيل ڀاڪرن جي لِکي ڪو ڪهاڻي،
زمانن کان اڳتي ڇنڌن ۾ پياسين.

اوهان ڪونه ويڙهيون جُدائي جون شالُون،
اسان وحشتن جي ڏندن ۾ پياسين.

هٿن جي تِرين تي ڏيئا ها اسان جي،
پتو پيو صدين جي انڌن ۾ پياسين.

***

کڄن پيا ڪُلهن تي قبيلن جا لاشا،

کڄن پيا ڪُلهن تي قبيلن جا لاشا،
ڍڪي سنڌ ويٺي مسيحن جا لاشا.

روئن پيون اُگهاڙن مٿن سان نياڻيون،
مِلن پيا اويلا اسيرن جا لاشا.

وڃو پوپٽو هِت ڪنول ڪونه آهن،
ڪفن کان سِوا هِن حَسينن جا لاشا.

اڃا توتي اوندھ وڏي آهي مڪلي،
گُهمن پيا چِٻُن جيئن ضميرن جا لاشا.

اسان خواب وِڪڻي سُتا ڪونه آهيون!
حُرن پيا هينئَن تي حبيبن جا لاشا.

***

ايوب کوسو جا ڇپيل ڪتاب:

ايوب کوسو جا ڇپيل ڪتاب:

گلابن جو ڪفن (شاعري)
ديوارن جي دنيا پويان (جيل ڊائري)
اڪيلائيءَ جو آسمان (شاعري)
بارش سوچي ٿي (نثري ٽڪرا)
نگاهون نيرا گُل (شاعري)
درد جون مسافريون (ڪالم، ڪهاڻيون ۽ نثر)
ڪنارن تان سڏ (شاعري)
سِنڌ اُداس آهي (مضمون ۽ ڪالم ڪهاڻيون)
رِڻ تي چانڊوڪي (شاعري)
اوجاڳن جي پن ڇڻ (شاعري)
سهائي سپرينءَ جي (تحقيق)
وڃايل وارث (ناول)
خطن جو مجموعو (خط)

ايوب کوسو جا ايندڙ ڪتاب

ايوب کوسو جا ايندڙ ڪتاب

احساسن تي روشني (مهاڳ، مقالا ۽ تبصرا)
آواز زهر ٿي ويا (شاعري)
تاريخ جو ٻاريل ماڻهو (آتم ڪٿا)