ڪوهيڙو
هن پاتو هو انھيءَ پيار کي، جنھن کي کيڏندي، ڪڏندي، کلندي، ڳالھائيندي، بھار جي مست، الست موسم ۾ ساوڪ ۽ سرسبزيءَ جي رت ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هئائين، ٻڌو هئائين ۽ محسوس ڪيو هئائين، تنهن پل دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي وئي هئس، پاڻ تي بي قابو هجڻ ڪري سري وڃي، سلامي ۽ ڪوشش ڪري ڪلامي ٿيو هو. هوڏانھن سائره به پنھنجي دل هارائي ويٺي، هو هن جي بيھڪ، لهجي ۽ انداز مان چڱي ريت ڄاڻي وئي هئي، تنھنڪري جلدي فيصلو ڪري هن جي اظھار محبت تي اقرار محبت ڪري ويٺي. ائين زمينن جي سرسبزي ۽ شادابي منجھه ٿيل اهڙي واقعي، هڪ حادثي جي صورت اختيار ڪري ورتي، ڌاري هجڻ ڪري سڱ وٺڻ جي ڪوشش هڪ پيٽ ۽ ڪافي ساري ڏاج جي صورت ۾ ملڪيت ڏئي پنھنجي دل جي دنيا کي حاصل ڪري ورتائين. مٽ مائٽ عزيز ڪاوڙجي ويا.
”اسان هھڙا جوان، اسان هيڏا قنڌار، انھن کان مفت ۾ به سڱ ڪو نه وٺون ها! تون آهين جو پيٽ به قبولي آيو آهين.“
”ڪوئي به وڏو ننڍو ناهي، امير ۽ غريب جو مقام به منھنجي لاءِ اهميت نه ٿو رکي، سڀ هڪ جھڙا، بس انسان آهيون، آدم جو اولاد آهيون....“ اهي ڳالھيون جن کان هو سڀ سڙندا هئا، جلندا هئا، ڪرڻ جو هاڻي وارو مليو هيو، انھيءَ ڪري هن کان لاتعلقي جو ٻول ٻولي، قول، اقرار ڪري ڀت برادري مرڻي پرڻي واسطو ڪٽي ڇڏيائون، هنکي به ڪنھن جي پرواهه نه هئي، هو روايتن خلاف هو، جيڪي مدي خارج هيون، ڪوڙيون ۽ هٿ ٺوڪيون هيون. چاچھنس به ٿورو خفا هئس ته هن منھنجي ڌيءَ هوندي ڌارين مان ٻي شادي ڇو ڪئي؟! چاچي جي در لنگھي ويو، پنھنجي ڪافي ساري ڪيل ڪچھري ۾ واضح ڪري ٻڌايائين ته منھنجي هن فيصلي سان توهان جي ڌيءَ کي ڪو نقصان ڪو نه ٿيندو. نه ئي هن سان منھنجي قربت ۽ چاهت ۾ تبديلي ايندي. مان هي شادي پنھنجي دل جي هٿان مجبور ٿي نه ڪئي آهي پر انھن ٻن شاديون ڪندڙ مردن لاءِ هڪ سبق ڏيڻ خاطر هڪ راهه ڏيکارڻ لاءِ به ڪئي آهي، جيڪي هڪ زال کي دل ته ٻي کي ٻير جو ڪنڊو سمجھندا آهن انھيءَ کان وڌ انھن لاءِ به ته مثال ٿيندو جيڪي پنھنجي خانداني اوچائي. ذاتي وڏائيءَ سبب ننڍين ۽ ٻين ذاتين مان شاديءَ کي پنھنجي بي عزتي سمجھندا آهن پر انھن سان ناجائز واسطن کي صحيح سمجھندا آهن جڏهن ته جائز رشتي کي ناجائز ۽ غلط ڪوٺيندا آهن.
پوءِ سڀني ڳوٺاڻين عورتن توڙي مردن ڏٺو.پر کيو ۽ مڃيو ته واقعي جيڪڏهن ڪا انسانيت آهي. ڪا شناسائي آهي ته دلشاد ۾ آهي، هن پنھنجي قول، فعل ۾ ڪوئي تضاد نه ڏيکاريو نه محسوس ڪرايو آهي، هن مٽن مائٽن جي غلط روايتن خاطر غلط ۽ بي جا کنيل اٻھرن قدمن کي ننديو ۽ ڪوڙو ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو آهي اوڙي پاڙي جي ٿيل واقعن مان ....!
آهستي آهستي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ماڻھن هن جي قابليت مان پرايو ۽ فائدو ورتو. سازشي. حرام پائين سان ٽمٽار سوچ ۽ ذهنيت رکندڙ ڪجھه فرد هن کان نفرت ڪرڻ لڳا، هن کان پنھنجي روايتن جي نيست ۽ نابودي جو پلاند وٺڻ لاءِ موقعي جِي تاڙ ۾ رهيا. شھر پھتو هو، تڏهن به ڪوهيڙي پنھنجي واپسي ڪو نه ڪئي هئي، ڪڏهن چڙهي ٿي ويو ته وري ڪنھن سمي لهي ٿي آيو، ڪوهيڙي جي زور شور اڳيان سج ڪيڏو نه بيوس ۽ لاچار ڏسجي رهيو هو. سيءَ ۽ ڪوهيڙي ۾ ڪيڏي نه تڪليف ڪري شھر پھتو هو، هڪ پرائيويٽ نوڪري جي انٽرويو لاءِ، جيڪا نوڪري انٽرويو کان اڳ سفارش تي ڀرجي وئي هئي. همٿ ۽ مردانگيءَ جا سبق ڏيندڙ شخص اهڙي بي اصوليءَ تي روئي پيو هو... بس ۾ چڙهندي خيالن جي گھرائي ۾ هو ته ڪنھن مسافر جي پير تي لت اچي ويس، ته جلدي پنھنجي فطرت ۽ انساني همدردي ڪري مھذب هجڻ جو ثبوت ڏئي همراهه کان معافي ورتائين، پوءِ به ڪافي سارا ڳالھاوَ کاڌائين. گھٽ وڌ ٻڌي ڪافي سارو شڪي ۽ لڄي ٿيو، سھي ويو پر اهو ڪجھه نه سھي سگھيو، جيڪو ان پل ڪجھه چورن، پاٿاريدارن ۽ روايت پرستيءَ جي نانڙي ”قادوءَ “ کيس چيو ۽ ٽوڪيو هو: اها ٿي نه عزت هن معاشري ۾، ڳالھيون ۽ گيت ڪيڏا نه ڳائيندو آهين، پنھنجي شرافت جا، لياقت جا، انسانيت جا، ڇا مليئي، ڇاٿو ملي ۽ ڇا ملندئي...؟؟؟ ڪيڏا نه سبق ڏيندو آهين سک جا، ساڃاهه جا، سڪ ۽ پريت جا...! مون ساڻ نه جيڪڏهن منھنجي ناجائزي هوندي به ڪوئي تکو ڳالھائي ها ته ڪاڪڙي منجھان زبان پٽي ڪڍانس ها! ۽ ٻيو ڪافي ڪجھه جيڪو هن ڪن لاٽار ڪري ٻڌڻ جي ڪو نه ڪئي. خيالن خيالن ۾ ايندي خيال ئي نه رهيس ته بشني پنھنجو وارو وڄائي پئسا ڪڍي ويو آهي، انھيءَ مھل خبر پيس جڏهن منشي ڪرايو گھريس، هٿ هنيائين ته ڪاريءَ وارا ڪک! منشيءَ کي پنھنجي حالت بابت آگاهه ڪيائين، کيسو ڪٽيل ڏيکاريائين ته به ويساهه ڪو نه ڪيائين، جملن ۽ لفظن جا ڏاڍا گھاءَ سٺائين، اتي به اهو قادو سندس ويچارگيءَ تي کليو هو، ڊرائيور اهڙي زيادتي جو نوٽيس وٺي معاملو ختم ڪري ڇڏيو پر هو آخري وقت تائين لھندي به هن جي تيز ۽ کائيندڙ نظرن جي گھيري ۾ رهيو، اڄ زماني وارن هن کي محبتن ۽ ڪوششن جي عيوض گٿا جملا ٻڌڻ لاءِ ڏنا هئا. انساني همدردي مھذب پڻي جي پرچار جي ڳالھين، عملن جي موٽ، تنقيد، ٽوڪ، کل، مذاق ۽ چٿر ڏٺي ۽ محسوس ڪئي هئائين. ڇا پئي ڪري سگھيو، ماڻھن جو ڪم هو ٽوڪڻ، چٿر ڪرڻ، پنھنجي هر خراب ۽ واهيات ڪم کي صحيح سمجهڻ، پر ٻي جو صحيح شرافت ۽ انسانيت وارو ڪم هوندو ته به ٽوڪ، تنقيد جو نشانو ضرور بڻجندو، انھن حالتن ۾ هنن سڀني جو ڪو ڏوهه ڪو نه هو، ڏوهه هنن جي فطرت جو هو، اثر رسوخ ۽ ارهه زوراين سان پيدا ڪيل معاشرتي جوڙجڪ جو هو، سماجي ناهموارين جو هو، غريب ۽ امير وچ ۾ پيدا ڪيل اهميت ۽ عزت جي فرق جو هو، اقتصادي تنگي ۽ ڦير گھير جو هو...! سڀني قدرن ۽ حالتن کي وساري پنھنجي مفادن خاطر، ٻين جي حقن کي کائڻ، لتاڙڻ ڪري هي معاشرو مٽجي ويو هو، ڪتن، ٻلن ۽ ٻين جانورن جي ته ڳالھه پري پر انساني حياتي به اهميت وڃائي ويٺي هئي. ڪارو ڪاري، قبلائي جھڳڙن، دشمنين، دهشتگردي ۽ روڊ حادثي ۾ انساني وجود جي ڪا اهميت ڪانه رهي هئي. سڀني ڳالھين، رلجي هن کي روئاري وڌو، تڙپائي وڌو هو. ڪوشش جي باوجود به دل جي درد کي ۽ سور جي سڌ کي روڪي نه سگھيو، اکين ۾ آب لھي آيس، گھر تائين ٿڙندو ٿاٻڙندو پھتو هو.
سنڌي ناٽڪ رنگ ڏسڻ لاءِ گھر جي آڳنڌ تي ڳوٺائي ننڍڙا ٻار ڪجھه عورتون، مرد موجود هئا، انھن جي گوڙ، شور ويتر ئي ذهني اذيت ڏنس، وڏي گھرواريءَ جي پٽھنس روئڻ شروع ڪيو ته ننڍي زال کي کڻڻ لاءِ هڪل ڪيائين. جوڻهنس شوخائيءَ مان ٻوڙ مھٽيندي جواب ڏنس، ”ٻوڙ ٿو سڙي، مون کي واند ناهي“ سدائين سڀني تيز جملن ۽ لفظن جي جواب ۾ خاموش رهندڙ اڄ ڪاوڙ دٻائي نه سگھيو، جلدبازي مان ڀرسان پيل سروٽو کڻي، ٺڪاءُ ڪرايائينس، سروٽو سڌو وڃي مٿي ۾ لڳڻ ڪري رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳو، جوڻهنس تڙپڻ لڳي، موجود ماڻھن مٿان جھڙوڪر راڪاس گھمي ويو هو، هوءَ ساڪت ٿي ويو، هن جي هٿان انساني وجود ڌڪ کائي رتورت ٿيوهو، سڄي ڪمائي لڙهي وئي هئس، هڪ اٻھرائي ڪري، هڪ ٿوري غلطي ڪري، خبر جھنگ ۾ باهه جيان پکڙي وئي، مردن، عورتن ۽ ٻارن سان آڳنڌ، کچا کچ ڀرجي ويو هو، قادوءَ اچي پاسو ورتس.
”جلدي ڪر، پرائي ڇوري، مري، الائي بچي!! ڪنھن سان الزام ڏئي ”ڪاري“ ڪرينس، ڳھو به تري ويندئي“ انھيءَ کان وڌيڪ ڳالھائڻ نه ڏنائينس، هڪ تيز ٿڦ منھن ۾ هنيائينس ته هلڪي رڙ سان هو ٿِڙي پري وڃي ڪِريو.
”ڪمينا! تر ۾ جنھن ماڻهو غلط ۽ ڪوڙين ريتن، رسمن کان بغاوت ڪري سچائي ۽ انساني علمبرداريءَ جو ساٿ ڏنو، تون انھيءَ کي راهه تان ٿيڙي ساڳي ڪوڙي ۽ مدي خارج سوچ جي ڌٻڻ ۾ پيو ڌڪين، هوءَ شريف هئي - شريف آهي، منھنجي اٻھرائي ۽ جلدبازيءَ جو شڪار ٿي آهي ته مان انھيءَ جي سزا ضرور ڀوڳيندس.“ جلديءَ ۾ هن زال کي گڏهه گاڏي ۾ کڻايو ۽ رت وهڻ کان بچاءَ لاءِ ڪپڙي جو سھارو ورتو، گڏهه گاڏو ڳوٺ کان دور ٿي رهيو هو، سج لھي ويو هو، اماس رات ڪوهيڙي ۾ وڌيڪ خطرناڪ ٿي وئي هئي، هن جي سوچ اها هئي ته هوءَ ضرور بچي ويندي، منھنجي محبت ضرور بچي ويندي.
***