ڪتاب گهر کي آف لائين ھلائڻ لاءِ ڪتاب گهر جي ائپليڪيشن انسٽال ڪريو | ✖ ٻيھر نہ ڏيکاريو
شاعري
سخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا
سنڌي ٻوليءَ جي 150 شاعرن ۽ شاعرائن جي تعارف ۽ چونڊ شاعريءَ تي ٻڌل هن تحقيقي پورهيي جي پهرين حصي جو سهيڙيندڙ ”احساس ميرل“ آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن.
سهڻي سنڌ جي مڙني سُخنورن
خاص طور تي اُنهن گمنام سُخنورن
جي نانءُ
جن جي تلاش
اڃا جاري آهي
اداري پاران
سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر پاران هي ڏهون ڪتاب سنڌ جا سرجڻهار بيحد سهڻو هڪ شاعراڻو البم آهي. سنڌ ۾ سٺن شاعرن جي گڏيل تعارفن ۽ تخليقن کي ڪٺو ڪري هڪ ڪتاب ۾ آڻڻ جي روايت طور ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪتاب نظر اچن ٿا انهن جي اهميت کان ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي، اسان جي خوبصورت شاعر دوست ”احساس ميرل“ جو سهيڙيل هي ڪتاب ڪيترن ئي حوالن سان ڏاڍو منفرد ۽ هڪ سهڻو سيبتو ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي دل سان ۽ اهميت سان خوبصورت جاءِ ڏني وئي آهي. ڪجهه ڄاتل سڃاتل شاعرن جي شموليت به هن ڪتاب جي صفحن تي ڪئي ويئي آهي پر اڪثريت وري به نوجوان نئين قلمڪارن جي آهي جيڪا سنڌ ۾ حوصلا افزائي ڪندڙ حقيقت آهي. نوجوان قلمڪار اسان جو سرمايو آهن. ڪتاب سنڌ جا سرجڻهار پڙهي اسان اهيو ڄاڻي سگهون ٿا ته اسان جي نئين شاعر جي تخليق ڪهڙي موڙ تي بيٺل آهي. اميد آهي ته هي تحقيقي ۽ تخليقي پورهيو شاعري سان دلچسپي رکندڙ سڄڻن کي پسند ايندو هي ڪاوش نوجوانن جي لاءِ ضرور اُتساھ جو گس ثابت ٿيندي.
اڪثر ماڻهو شڪايتي انداز ۾ چوندا آهن ته سنڌي قوم ۾ شاعر گهڻا آهن. اصل ۾ هر ٻوليءَ ۾ شاعرن جو تعداد نثر نويسن جي مقابلي ۾ وڌيڪ هوندو آهي. بلڪه ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ لکڻ جي شروعات ئي منظوم ڪلام سان ٿي آهي. ڇو ته اوائلي دور ۾ پڙهيل ماڻهن جو تعداد گهٽ هوندو هو. جنهن جي ڪري سڄو ڪم يادگيريءَ جي بنيادن تي هلندو هو. ان ڪري تحريرون منظوم انداز ۾ لکيون وينديون هيون ته جيئن ياد ڪرڻ ۾ آساني ٿئي.
ڏٺو وڃي ته نثر جا ٽي قسم يعني نثر مرسع، نثر مسجع، نثر مقفيٰ شاعراڻن خاصيتن سان ڀرپور آهن. جڏهن ته اڄ جي دور ۾ اسان جنهن تحريري طريقي کي نثر سمجهون ٿا، ان کي نثر عاري سڏيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ انگريزن کان اڳ ان جو چالامان تمام گهٽ هو. ويندي مذهبي تحريرون الف اشباع جي شڪل ۾ لکيون وينديون هيون ته جيئن ياد رکڻ ۾ سهولت ٿئي. نثر عاري، اخباري صنعت لاءِ مثالي تحرير ثابت ٿيو آهي، جنهن جي لکڻ جو رجحان هاڻي عالمي ادبي ڳانڍاپي جي ڪري وڌي ويو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي شاعريءَ جي ذخيري جي مختلف دورن جو اڀياس ڪندي اسان کي ڳاهن تي مشتمل لوڪ داستانن توڙي نيم تاريخي قصن، اصلاحي توڙي مذهبي بيتن کان پوءِ جيڪا شيءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، اها آهي، سماجي ۽ اخلاقي قدرن کي اجاگر ڪندڙ، رومانوي خيالن کي ظاهر ڪندڙ، شعور کي بيدار ڪندڙ ۽ فن کي نين ڏسائن ۾ وٺي ويندڙ شاعري. جنهن جا ماخذ قاضي قاضن، شاهه لطف الله، شاهه ڪريم، شاهه عنايت کان وٺي، شاهه، سچل ۽ ساميءَ تائين موجود آهن. جن جي ڪماليت کي زوال ڪونهي. اها اسان جي قديم اساسي شاعري آهي. بعد ۾ سنڌي شاعريءَ تي هڪڙو اهڙو دور به آيل آهي، جڏهن غير فطري ماحول ۽ اڻ ڏٺل شين کي شاعريءَ جي زينت سمجهي ان ۾ شامل ڪرڻ جو رجحان وڌڻ لڳو. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي شاعريءَ مان تخليقي رجحان دم ٽوڙڻ لڳو. اهڙيءَ طرح ڪجهه عرصي لاءِ سنڌي شاعريءَ جو ڳپل حصو هڪ فرسوده علم جي شڪل اختيار ڪري ويو. جنهن ۾ فني قدرن تي ته تمام گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هو، پر اڪثر شاعرن وٽ ماڻهن کي متاثر ڪرڻ لاءِ هڪ سٽ به ڪانه هوندي هئي.
اهو هو روايتي شاعريءَ جو دور، جنهن مان سنڌي شاعرن کي ڪڍڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ جو نالو خاص طور تي ڳڻائي سگهجي ٿو. پر اڳتي هلي، هن روايتي اسلوب کي جديديت جي تحريڪ جي روپ ۾ باقائده للڪاريو ويو ۽ نون رستن ۽ نون راهن تي هلڻ جو ڏس ڏنو. جديديت هڪ نعري جيان سنڌي شاعرن جي للڪار بنجي اڀري ۽ سنڌي ادب ۾ تخيل جو درياهه موجزن ٿي پئي ۽ نين توڙي پراڻين صنفن ۾ رومانس کان سواءِ سماجي، قومي، فڪري، نظرياتي ۽ اخلاقي موضوعن جا وهڪرا وهڻ لڳا. ٻولي، موضوع ۽ اسلوب جي حوالي سان نوان نوان تجربا ٿيڻ لڳا ۽ سنڌي شاعريءَ کي زميني حقيقتن سان سلهاڙي عام ماڻهوءَ لاءِ پرڪشش بنايو ويو. جنهن سان سنڌي شاعريءَ جي بيٺل پاڻيءَ واري تاثر جو خاتمو ٿيو ۽ ان جو ڪينواس وسيع ٿي ويو. هتي اهو واضح ڪبو هلجي ته سموري روايتي شاعري به خراب نه آهي، بلڪه جديد شاعري وڌيڪ سگهاري هئڻ ڪري وڌيڪ مڃتا حاصل ڪري وٺي ٿي. خود جديد شاعري به روايتي شاعريءَ جي ڪک مان پيدا ٿيل آهي ۽ هر شاعر نئين انداز جي شاعريءَ سان گڏوگڏ روايتي شاعري به ڪندو آهي. تنهنڪري ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ جي باري ۾ مجموعي راءِ قائم ڪرڻ ئي مناسب هوندو آهي.
اڄ اسان سوشل ميڊيا جي جنهن دور ۾ رهي رهيا آهيون. گهڻي قدر شاعرن جي نڪور شاعري فيس بوڪ، واٽس اپ جي ذريعي شاعرن تائين پهچي ويندي آهي. تنهن ڪري شاعر جي قدڪاٺ جي پڙهندڙن کي خبر هوندي آهي. اهو هاڻي عام مشاهدو نظر اچي رهيو آهي ته اڪثر سنڌي شاعر موضوع توڙي اسلوب جي نواڻ کي سمجهندي پنهنجي شاعريءَ ۾ نوان نوان رنگ ڀرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ٿا. جنهن جي ڪري سندن شاعري، تخيل جي اڏار ۽ موضوع جي گوناگونيءَ سان ڀرپور، پرڪشش ۽ سبق آموز نقطن سان ٽمٽار هوندي آهي.
اهڙيءَ صورت ۾ چونڊ شاعريءَ جي ڪنهن مجموعي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جنهن ۾ سٺي شاعريءَ مان به چونڊ ڪري شاعري پيش ڪئي وئي هجي. جتي سڄي سنڌ جا شاعر پنهنجي ٻوليءَ جي جهول نون اصطلاحن، پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن سان ڀريندي نظر اچي رهيا هجن.
منهنجي دوست احساس ميرل سهتي جڏهن فيس بوڪ تي شاعرن جي تعارف جو سلسلو هلايو، تڏهن ئي محسوس ٿيو ته هن منفرد نوعيت جي ڪم کي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو ته سنڌ جي نمائنده شاعريءَ جو هي گلدستو نه رڳو شاعرن جي مجموعي طور، بلڪه شاعري توڻي ٻوليءَ جي ارتقا طور مطالعي لاءِ ريڊي ريفرينس جو ڪم ڏيندو. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان موجوده دور جي ڏيڍ سو کان مٿي سٺن شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعري مختلف صنفن جي صورت ۾ شامل ڪيل آهي. هن مجموعي ۾ شامل شاعرن ۽ شاعرائن مان (نالن جي اڳتي پوئتي هجڻ جي معذرت سان) پير غلام مجدد سرهندي، وسيم سومرو، بخشل باغي، اندرا شبنم پونا والا، نسرين الطاف، ماهين هيسباڻي، صفيه ڪنول ابڙو، فهميده شرف بلوچ، غوث پيرزادو، جميل سومرو، انور ساگر ڪانڌڙو، سائين مٺل جسڪاڻي، امين اُڏرائي بخشل باغي، غلام مصطفيٰ سولنگي، ساحر راهو، عجاز علي ڪٽپر، ريحان ابڙو، وسيم سيتائي، بلال تبسم، حاجي غلام حيدر خاصخيلي، محمد حسن پڙهيار، انجم قاضي، خاڪي جاني، حيدر امان جسڪاڻي، محمد علي مير جت، فياض منصور، ٺٽوي ڪاتيار، انور سانول، خيال کتري جي شاعري منهنجي مطالعي هيٺ ايندي رهي آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي دوست آهن جن جي شاعري ڏسي اهيو چئي سگهجي ٿو ته هن دؤر جي سنڌي شاعرن ۾ (Qualitative) سان گڏ (Qualitative) تبديليون به وڏي پئماني تي آيل آهن جيڪي موجوده دؤر جي سنڌي شاعر کي دهشت مجموعي عليٰ درجي جي ادب جي دائري ۾ بيهاري بيٺيون آهن.
هن مجموعي کي سامهون آڻڻ لاءِ واسٽ سپ جي عالمي ساس گروپ جو بيان ڪار احساس ميرل سهتو ۽ سندس دوست جس لهن احساس ميرل پاڻ به سٺو شاعر آهي ۽ ڀٽائي آرٽس ڪائونسل جي ضلعي مٽياري جي باڊي ۾ سندس ڪارڪردگي جي بلدباري ۽ ذهبي رجحانن جو به مشاهدو ڪري چڪو آهيان اُن لحاظ کان مون کي پوري اُميد آهي ته پاڻ هن ميدان ۾ به ضرور اهڙو نمايان ڪم ڪري ويندو جيڪو سدائين ياد رکيو ويندو باقي اهو گلدستو هڪڙو ئي ٿو ميدان ۾ اچي يا ان جا هڪ کان وڌيڪ حصا ٿا سامهون اچن اهو ڪم پڙهندڙن پاران ملندڙ پذيرائي تي ڇڏيل هوندو.
تاريخ 28 جولاءِ 2017ع
[b] قاضي مقصود احمد
[/b] مٽياري
تاريخ ڪنهن ڪردار ڪنهن تهذيب جي دائي نه آ
قدرت جي طرفان انساني فطرت ۾ ڪيترا ئي انمول عمل موجود هوندا آهن ۽ انهن سڀني جا مخصوص دائرا آهن جن کان ٻاهر وڃڻ جو خيال بي عقلي ۽ چٽي پٽي چريائپ آهي پر ان ڳالھ کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته جن جي ڀيٽ ۾ انساني دائري جي ايراضي وسيح آهي. انساني فطرت ۾ جيڪي قدرتي عمل موجود آجن انهن مان ٽي اهم تصور ڪري سگهجن ٿا اهي آهن هجڻ، ٿيڻ، ۽ بڻجڻ. هجڻ وارو عمل بلڪل مخصوص آهي جنهن مان مراد آهي ڪنهن به شي جي وجود جي ظاهري، جيئن چنڊ، سج، وڻ، ماڻهون، ڍور، جيت وغيره جنهن جي شڪل تبديل نه ٿي سگهي. ٿيڻ واري عمل مان مراد آهي ڪنهن سٺي يا خراب شي ڪردار ۽ سوچ وغيره جو نقل ڪرڻ، مثال ڪو شخص ڪنهن سٺي اديب يا شاعر جو نقل ڪري ٿو يعني ان جهڙو لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جنهن کي اثر به چيو وڃي ٿو، مثال ڪرڙ خان استاد بخاري جي اثر هيٺ لکي ٿو، ڪانڊيرو خان شيخ اياز جي اثر هيٺ لکي ٿو وغيره، ان باري ۾ يونان جي مشهور ڏاهي ۽ فلسفي “افلاطون“ چيو آهي ته “ شاعر خدا جي اثر هيٺ لکن ٿا ۽ خدا جي ٺاهيل شين جو نقل بيان ڪن ٿا“. بڻجڻ واري عمل مان مراد آهي نئين شي جو ايجاد ڪرڻ نئين سوچ کي جنم ڏيڻ، اها سوچ جنهن جو اڳ ۾ ڪنهن تصور ئي نه ڪيو هجي اهڙي فڪري سوچ کي جنم ڏيڻ سان تخليقڪار جي ذاتي ۽ الڳ سڃاڻپ ٺهندي آهي جنهن سان هو ٻين کان منفرد بڻجي ويندو آهي. سنڌي ادب جي حوالي سان ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن نئين سوچ کي جنم ڏنو جنهن سان هو منفرد بڻجي ويا ۽ ٻيا ڪيترا ئي اديب، شاعر انهن جي اثر هيٺ لکڻ لڳا. موجوده دؤر ۾ ڪيترا ئي اديب، ۽ شاعر ان ڳالھ تي پورا لٿا ۽ ٻين کان منفرد بنجي ويا جيئن سنڌ جي سٻاجهڙي شاعر محترم “ احساس ميرل “ سنڌ جي اديبن ۽ شاعر جو تعارف فيس بڪ تي هلائي عالمي ادب سان ڳانڍاپي جي سوچ کي جنم ڏئي پاڻ کي منفرد بڻايو آهي. فيس بڪ سوشل ميڊيا جي اها شاخ آهي جيڪا پوري دنيا جي ماڻهن جو پاڻ ۾ رابطو قائم رکي ٿي. ليوَ ٽالسٽاءِ جو چوڻ آهي “ ڪنهن به تخليقڪار جي تخليق ڪيل ڏهن شين مان سڀ شيون کڻي ڪنهن جي دل تي جادوئي اثر نه به ڇڏين پر انهن مان ڪا هڪ شي ضرور اهو ڪردار ادا ڪندي جيڪڏهن تخليقڪار جي سوچ ۾ گهرائي آهي“ احساس ميرل جو تعارف هلائڻ وارو ڪم ليوَ ٽالسٽاءِ جي سٽن تي بلڪل پورو بيهي ٿو. سنڌي ٻولي تمام قديمي ٻولي آهي جيڪا نه صرف سنڌ ۽ هنڌ بلڪه دنيا جي ٻين کوڙ سارن ملڪن ۾ لکي، پڙهي، ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي ان يقين سان بلڪل چئي سگهجي ٿو ته احساس ميرل سنڌ جي اديبن ۽ شاعر جو عالمي ادب سان ڳانڍاپو قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪا سندس سنڌي ادب لاءِ وڏي خدمت آهي اهو ئي سبب آهي جو سندس ان قدم جي ٻيا دوست به پيروي ڪري رهيا آهن جيڪو ڪم ٿيڻ واري عمل ۾ شمارجي ٿو. احساس ميرل جي اها سوچ بلڪل نئين سوچ آهي جيڪا صديون پڄاڻا به پراڻي نه ٿيندي. احساس ميرل تعارفي سلسلي ۾ شامل دوستن جي تعارفن کي ڪتابي شڪل ۾ محفوظ ڪري تاريخ جي اکين ۾ سچائي جو سرمو وڌو آهي جنهن سان سنڌي ادب جو اضافي وارو عمل به اڳڀرو ٿيو آهي نيلسن منڊيلا چيو آهي ته جيسين تائين قوم جي نوجوان فردن کي اعلا اختيار ادارن جي ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ڪيو ويندو تيسين تائين ترقئ جي اميد ڪرڻ اجائي آهي ڇو ته نئين دور جا فرد نئين سوچ کي جنم ڏيندا آهن جيڪا ماضي کان منفرد هوندي آهي احساس ميرل جي اها به وڏي خاصيت آهي ته هن سڄي سنڌ جي سينيئر ۽ جونييئر دوستن کي هڪ ئي سٿ ۾ سلهاڙيو آهي جيڪو عمل پيار ۽ پنهنجائپ جو چٽو ثبوت سامهون آڻي ٿو انساني ضرورتون به ڪيترن ئي قسمن جون آهن جن مان ڪجه وقتي ٿين ٿيون ۽ ڪجه سدائين ساڻس لاڳاپيل رهن ٿيون هڪڙي دور مان ٻئي دور ۾ منتقل ٿين ٿيون ڪي ضرورتون اهڙيون آهن جيڪي پاڻهي پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائين ٿيون جيئن لٽي. اجهي.۽ ڳڀي جي ضرورتن کان ڪو به ماڻهون غافل ناهي انهن ڏي ازخود ڌيان ڇڪجي ٿو وڃي ڇو ته اهي بنيادي ضرورتون آهن پر ڪجه بنيادي ضرورتون اهڙيون به آهن جيڪي غور-طلب ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ ته ٿين ٿيون پر ماڻهون انهن کان غافل رهن ٿا ڪجه ڄاڻي واڻي ته ڪجه بيخبري ۾ جنهن سان سندن آئيندو انتهائي عبرت ناڪ بڻجي ويندو آهي جن مان علمي.ادبي.۽ قومي ضرورتون زير-فهرست آهن پر احساس ميرل جهڙا باشعور فرد انهن ضرورتن کان غافل رهڻ کي گناه تصور ڪن ٿا پنهنجي عقل جي بنياد تي. نه ته گهڻي ڀاڱي اسان جا دوست ٻين جي ڏسيل راه تي هلندا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ عقل جا انڌا آهن ڇو ته اهي پنهنجي عقل جو استعمال ڪندا ئي ناهن پوء ڏاسو جي مرضي آهي ته کين اڇن کي تهري ڪري پيش ڪري يا زهر کي شربت ڪري. انهن لاء ڪل ئي ٻڪريون ڪارٻوٿاڙيون. مان يقين سان ٿو چوان ته انهن جي تخليق گفتگو ۽ ڪم قابل-اعتماد ناهي پوء ڀلي اهي وڏي نالي وارا ۽ سينيئر ڇو نه هجن اهو ان ڪري ته ڪاميابي ۽ قابليت ٻه جدا شيون آهن ڪاميابي شخصيت کي اڀاري ٿي جيڪا عارضي به ٿي سگهي ٿي ۽ قابليت ڪردار کي اڀاري ٿي جيڪو دائمي آهي ان ڳاله جي شاهدي ۾ نفسيات جي ماهر ۽ قابل اديب ڊيل ڪارنيگي چيو آهي ته ڪاميابي هڪ ڌاڙيل کي به ملي ٿي ته هڪ سپاهي کي به پر فرق آهي ڪردار جو. ڌاڙيل جو ڪردار برو ۽ سپاهي جو ڪردار سٺو ٿئي ٿو ڇو ته ڌاڙيل پنهنجي ذاتي مفاد لاء وڙهي ٿو ۽ سپاهي قومي مفاد لاء. ان نظر سان ڏسجي ته احساس ميرل وڏي قابليت رکندڙ شخص آهي ۽ سندس قابليت آڏو ڪاميابي به سر جهڪائي سلامي آهي سنڌي ادب جي خدمت لاء جوڳو قدم کڻي احساس ميرل پنهنجي تاريخ جي ڪردار کي سٺن لفظن ۾ سينگاريو آهي هوئين به تاريخ جي ڪردار کي سينگارڻ جو ڪم فردن جو آهي تاريخ جو نه. ڇو ته؛ تاريخ ڪنهن ڪردار ڪنهن تهذيب جي دائي نه آ.
[b] “شتاب“ زرداري
[/b] قاضي احمد سنڌ
ڪتابن جي قطار ۾ رکڻ جهڙو ڪتاب
عالمي اوطاق يعني فيس بوڪ، ڪنهن به لکي پڙهي سگهندڙ ۽ موبائيل فون استعمال ڪرڻ واري کان شايد ئي ڳُجهو هجي! ۽ عالمي اوطاق تي ڇا ڇا ٿي رهيو آهي، ان جي به هر هڪ عالمي اوطاق تي ليئو پائڻ واري کي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي. مون کي هن اوطاق تي اڪثريت شاعرن جي يا شاعري ۾ ججهي دلچسپي رکندڙن جي نظر ايندي رهي آهي، ۽ اهي سڀ، دنيا ۾ جتي به عالمي اوطاق نظر اچي سگهي ٿي، اتي نظر اچڻ باوجود، جيئن شاعر هڪ ٻئي سان مخاطب ٿيندا آهن، هڪ ٻئي لاءِ رايا لکندا آهن، هڪ ٻئي کي حاجي ۽ قاضي ڪري پيش ڪندا آهن، ان جا ڪهڙا مثال ڏئي، ڪهڙا ڏجن! سچ، ڪڙو سچ اهو آهي ته اتي ڪي ننڍا ته ڪي وڏا ٽولا آهن، لابيون آهن. ان جو ڪم ڏسي، ڪردار ڏسي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن، رت ٽهڪندو آهي! اهڙي ئي ماحول ۾، اها 2017ع جي 20هين مارچ هئي، عالمي اوطاق تي نظر ڊوڙائيندي، منهنجي سامهون اوچتو احساس ميرل جي هڪ پوسٽ ”تعارف نمبر (1) پيشڪش احساس ميرل“ عنوان سان آئي، جنهن ۾ ٽنڊو الهه يار جي نوجوان شاعر محمد علي ميرجت جو ”نالو، ادبي نالو، پيءُ جو نالو، ذات، رهائش، تعليم، لکڻ جي شروعات جو سال، رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيو ۽ صنفون“ جي سري سان معلومات ۽ ”سندس شاعريء مان ڪجھ شعر“ پڙهڻ لاءِ مليا. ان تي مون صرف هڪ لفظ ”زبردست“ راءِ طور لکيو! ائين پوءِ، اهو سلسلو جاري آهي. اڏيرولعل اسٽيشن جي رھواسي، نوجوان شاعر احساس ميرل جا ٿورا نه ٿورا... شاعرن جو تعارفي سلسلو شروع ڪري، ھن اھو ڀلو ڪم ڪيو آھي، جيڪو منهنجي ڄاڻ مطابق، عالمي اوطاق تي، اڳ ۾ ٻيو ڪير به نه ڪري سگھيو آھي. اها ٻي حقيقت آهي ته احساس ميرل جي هن سلسلي کان پوءِ، ٿوري تبديلي سان، ٻين به اهڙو ئي سلسلو شروع ڪيو آهي. انهن جو سلسلو به جاري آهي. احساس ميرل جي شروع ڪيل ھن تعارفي سلسلي ۾ ڪير ڪھڙي دلچسپي پيو وٺي، ردعمل ڪھڙو پيو ظاھر ڪري، اھو ردعمل به پنھنجي جاءِ تي دلچسپ ۽ اھم آھي. آئون ھي سلسلو پھرين ڪڙي کان پڙھندو پيو اچان. مون احساس ميرل کي هڪ هنڌ راءِ ڏني هئي، ته اهو سلسلو جاري به رکي ۽ ڪوشش به ڪري، ته اهو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي. ڇپيل تاريخ طور محفوظ ٿي پوي. ڇو ته ان سلسلي مان تمام گھڻي سٺي معلومات ملي رھي آھي. هن سلسلي کي هر پڙهندڙ، پنهنجي پنهنجي اوليت جي بنياد تي پئي ڏٺو. ان ۾ حصو پئي ورتو. منھنجو وڌ ۾ وڌ ڌيان شاعر جي تعليم ۽ ان جي عمر ڏانھن، شاعر جي ڪرت يا پيشي ڏانهن پاڻمرادو ھليو ويندو آھي. ڪجھه شاعرن جو تعارف پڙھي، آئون تمام گھڻو منتشر ٿي، پاڻ نه سنڀالي سگھيو آھيان، پر گهڻو ڪري ظبط ۾ به رهيو آهيان! ھن تعارفي سلسلي معرفت اھو ڄاڻي سگھجي پيو، ته ننڍي عمر جو نوجوان، جنھن جي عمر سندس تعليم تي توجھه ڏيڻ جي آھي، اھو تعليم سان ايترو سنجيدو آھي، جيترو ڪو عام ماڻھو! تعليم حاصل ڪرڻ ڏکيو پنھنجي جاءِ تي، پر سولو به تمام گھڻو آھي. خانگي طور امتحان ڏئي، ڪاپي ڪري ميٽرڪ ڪرڻ، انٽر ڪرڻ، بي اي ڪرڻ، ايم اي ڪرڻ ۽ پوءِ ٿورو جتائيندڙ شاعر ئي نه، نثر نويس ۽ صحافي ٿي پوڻ، پاڻ وٽ ”هر فن مولي“ ڪي ٿورا نه آھن! مون کي انھن تي حيرت آھي، جيڪي سڀ ڪجھه سمجھندي به، نوجوانن کي ڪا سھڻي صلاح ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آھن! جيتوڻيڪ احساس ميرل جي هن محنت، کان اڳ شاعريء جا گڏيل ڪتاب اچي چڪا آهن پرَ هن ڪتاب ۾ خاص ڳالھ اها به آهي، ته هن ۾ سينيئر شاعرن ۽ اديبن سان گڏوگڏ نون لکندڙن کي پڻ منظر تي آندو ويو آهي، ۽ هن سلسلي ۾ شامل شاعر ۽ شاعرائون، هڪ ٻن ياچئن علائقن يا ضلعن جا نه، پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ليکارين کي گڏ ڪيو ويو آهي، جيڪا نئين ڳالھ آهي. ان ڪري چئي سگھجي ٿو، تہ هي ڪتاب، هي مجموعو، اڳ ۾ آيل ڪتابن جي قطار ۾ رکڻ جهڙو ڪتاب آهي. هي ڪتاب ڏسي، تڪي توري، اهو معلوم ڪرڻ جهڙو ڪتاب آهي، ته ڪنهن ڪيئن ڪتاب آندو آهي؟ احساس ميرل هي ڪتاب ڪيئن چپرائي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائي، ڪهڙو تاريخي ڪم ڪيو آهي، اها معلومات به وقت تي ظاهر ٿي بيهندي. آئون هڪ دفعو وري به احساس ميرل جي جذبي کي ساراهيندي، کيس اهڙو بهترين ڪم ڪرڻ، ان کي ڪتابي صورت ڏيڻ تي دل جي گهرائين مان شاباسون ڏيان ٿو.
[b] مٺل جسڪاڻي
[/b] ٽنڊوڄام
تاريخي حوالي سان اهم ڪتاب
ادب درياھ جيان وهندڙ شئي آھي انڪري اهو زندگي جي اهم ضرورت بڻجي ويو آھي اهو وهندڙ انڪري آھي جو ان ۾ ھر وقت نواڻ جا وهڪرا شامل ٿيندا رهن ٿا نواڻ ادب کي سونهن بخشي ٿي ان سونهن کي دوام بخشڻ لاء پنهنجي انداز سان منفرد ۽ انوکي انداز سان نڀائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي احساس ميرل سنڌي ٻوليء جو خوبرو شاعر ڪهاڻيڪار آھي فڪري طور سندس لاڙو ريئلزم ڏانهن آھي انڪري سندس تخليقي عمل سماجي المين ۽ داخلي پيڙائن جو گڏيل مظهر آھي احساس ميرل جو شمار سنڌي ٻوليء جي اهڙن جاکوڙي ۽ محنتي تخليقڪارن ۾ ٿئي ٿو جيڪي واندي ويهڻ ۾ بيچين ٿي ويندا آھن احساس ميرل به انهن اديبن مان آهي جيڪو مسلسل پنهنجي ٻوليء سان سرگرم نظر اچي ٿو اهو سندس پنهنجي ٻوليء سان چاھ ۽ محبت ئي آھي جو هي ڏکيو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻي انکي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو ساهس ساري همٿ جو ڪم ڪيو آھي سندس ترتيب ڏنل ڪتاب تاريخي حوالي سان به اهم آھي هي ڪتاب نه صرف منفرد پر ڪارائتو پڻ ثابت ٿيندو جيڪو سنڌي ادب سان چاھ رکندڙ اديبن ۽ شاگردن لاء به لاڀائتو ثابت ٿيندو.
[b] فرزانا شاهين
[/b] تاريخ
7-7-2017
سکر
دل جي ڳالهه
ڪنهن پڇيو ته احساس ڏي خبر شاعري کي نکارڻ لاءِ ڪهڙين ڳالهين جي ضرورت هوندي آهي..؟ چيم ! ادا منهنجي خيال ۾ ڏات خدا جي طرفان ملندي آهي، باقي ڏانءُ سکڻو پوندو آهي. مثال هڪ پٿر آهي، جنهن کي هيرو چئجي ٿو، اگر اوهان کي هٿ اچي ته اوهان جي لاء پٿر ئي هوندو، پر جيڪڏهن اوهان اُن کي تراشي هيري جي شڪل ۾ آندو ته هو قيمتي بنجي ويندو. ائين ئي تخليق کي تراشڻ لاءِ اوهانکي اُن جا گُر ۽ هنر سکڻا پوندا. انهن گُرن ۾ شاعريءَ جي حوالي سان سڀ کان ضروري آھي علمِ عُروض. اسان کي ته اڃان علمِ عُروض جي ”ع“ جي به خبر ناهي پئي، بس سکڻ جو عمل جاري آهي، آئون به ادب جي شاگرد جي حيثيت ۾ هن رستي جو راهي آهيان. جيستائين زندگي ساٿ ڏنو اِهو سفر جاري رهندو. دوستو دنيا ۾ جتي ٻين ٻولين جي ادب آسمان کي ڇُهيو آهي، اتي سنڌي ادب به بُلندين کي عُبور ڪيو آهي. اڄ جي دور ۾ جڏهن دنيا گلوبن ڳوٺ ٿي وئي آهي، پر آئون سمجهان ٿو ته دنيا گلوبل گوٺ به نه، پر گلوبل گهر ٿي وئي آھي. سوشل ميڊيا تي اسان ڪا لکڻي رکون ٿا ته ان کي پوري دنيا پڙهي رهي آهي. فيس بڪ جو صحيح استمال ڪرڻ به وڏو فائديمند آهي. آئون سمجهان ٿو فيس بڪ اسان سڀني پيارن کي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي. مونکي هر وقت اِها اڻتڻ هوندي آهي ته هن گلوبل گهر مان ڪجھ فائدا وٺجن. مون 2015 ۾ ”عالمي ساس“ نالي سان هڪ واٽس ائپ گروپ ٺاهيو، جنهن ۾ ٽيھ کان چالھ دوست شامل آهن جيڪو بلڪل منظم طريقي سان اڃان جاري آهي. جنهن ۾ مشاعرا ۽ ليڪچر پروگرام ٿين ٿا. آئون ائين سمجندو آهيان ته هر ماڻهوءَ تي پنهنجي حصي جو ڪم رکيل آهي، پوءِ ڇو نه پنهنجو حصو سمجهي اهڙو ڪم ڪجي، جنهن سان هڪ تاريخ جڙي پئي. اصل ۾ مون تعارفي سلسلو شروع ڪرڻ چاهيو ٿي، جنهن سان اسان جي لکندڙن کي مڃتا به ملندي ۽ اسان جي ھڪ ٻئي سان سڃاڻپ به وڌندي، سو مون پڪو ارادو ڪيو ته بس هي ڪم لازمي ڪرڻو آهي. ٿورو ٻڏتر ۾ هئس ته شروعات ڪنهن کان ڪيان؟ شايد 20مارچ 2017 رات جا شايد اٺ ساڍا اٺ ٿيا هوندا ته پنهجي دلبر دوست، پياري ڀاءُ ۽ ٽنڊي الهيارجي تمام خوبصورت شاعر محمد علي ميرجت کي فون ڪيم. چيومانس ادا پنهجو مڪمل تعارف موڪلي ڏي پر اڄ ئي هن منهنجي ڳالھ کي اهميت ڏني ۽ ڪلاڪ ٻن کان پوء پنهنجو تعارف موڪلي ڏنائين. ٻئي ڏينهن مون به اهو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. جيڪو اڃان تائين جاري آهي ۽ انشاءالله جاري رهندو. پوءِ هرروز شاعرن ۽ شاعرائن کي ميسج ڪري تعارف گهرائڻ منهنجو معمول بنجي ويو. جڏهن تعارفي سلسلي جا ڪجھ نمبر هليا ته دوستن پاران ڀرپور موٽ ملڻ شروع ٿي. منهنجي دل مطمئن ٿي شڪر الله جو جيڪو ڪم مون شروع ڪيو آهي، اهو دوستن کي پسند پيو اچي. اها ئي منهنجي ڪاميابي آهي. ڪجھ دوستن مشورا ڏنا ته هن تعارفي مواد کي ڪتاب جي صورت ۾ آڻڻ گهرجي. منهجو ته پهرين ئي اهو پرگرام هو، پر پوءِ ان ڳالھ تي وڌيڪ غور ڪيم ۽ محسوس ڪيم ته واقعي جي هي سلسلو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي ته منهنجو پوهريو تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿي ويندو… پر هاڻ مسئلو هو ڪتاب ڇپجڻ جو… مطلب ته خرچ جو… پهرين منهنجي ذهن ۾ هڪ ڳالھه هئي ته منهنجي هن محنت کي ڏسي ڪو خدا جو بندو اٿندو ۽ چوندو ته هي ڪتاب آئون يا اسين ٿا ڇپرايون پر اهو شايد ديواني جو خواب هو. ِ سوچيم ته هاڻ هڪڙو ميسج ٺاهي، هر ان اديب، شاعر ۽ شاعرائن کي موڪليان، جنهن جو تعارف هليو آهي ته سائين يا سانئڻ آئون هن تعارفي سلسلي جو ڪتاب ٿو ڇپرائڻ چاهيان. سو اوهين پنهنجو حصو موڪلي ڏيو… پر سچي ڳالھه اها آهي ته مونکي پنهنجي اندر جي احساس اجازت نه ڏني… سوچيم هو ڇا سوچيندا جيڪڏھن ائين ڪرڻو آھي ته پوءِ مون ڪهڙو وڏو ڪارنامو ڪري ڇڏيو؟؟ هون به گڏيل ڪتاب ڇپبا رهندا آهن ۽ ماڻهون ٽي چار يا پنج هزار تائين به وٺندا آهن، مون پاڻ به ڏنا آهن، پر مونکان پنج سو گهرڻ جي به همٿ نه ٿي.. ذھن ۾ هڪ طوفان برپا هو ته ڪٿي سڀ دوست ائين نه سوچين ته احساس هي سلسلو صرف پئسن لاءِ شروع ڪيو آهي.. بس پوءِ اِهو طئه ڪيم ته ڪتاب ضرور ڇپائبو ۽ پاڻ ئي خرچ ڪري ڇپائبو… ها، باقي ڪتاب اچڻ کان پوءِ اُن ڪاوش ۾ شامل ٿيندڙ اديبن، شاعرن، سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي اهو عرض ڪبو ته ”جي ٿي سگهي ته اوهان صرف ڪتاب جون ٻه ڪاپيون خريد ڪيو ته لک قرب…“ دوستو اڄ ڪتاب اوهانجي پيارن ڀائرن ڀينئر بزرگن جي هٿن ۾ آهي، مونکي يقين آهي ته اوهان جون محبتون موسان گڏ هونديون… دوستو اِهي ڪجھه دل جون ڳالهيون هيون، جيڪي اوهان آڏو رکيون اٿم. ھڪ عرض ڪندو هلان ته هن ڪتاب کان پهرين به گڏيل شاعري جا ڪافي ڪتاب اچي چڪا آهن پر هن ڪتاب ۾ ڪجھ ڳالهيون نيون آهن.. مثال طور هن ڪتاب ۾ ٻن پنجن يا ڏهن ضلعن جا شاعر يا شاعرائون شامل ناهن بلڪه هن ۾ پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا سخنور شامل آهن ۽ هن ڪتاب ۾ سنڌ جا تمام وڏا نالا به شامل آهن… آئون ڪنهنجو به نالو نٿو کڻان ان لاءِ ته سڀ منهنجي سِر جا سائين آهن ۽ اتي وري مون جهڙا نوان لکندڙ به شامل آهن… مونکي ڪجھه دوستن چيو ته سينيارٽي جو خيال رکو… پر مون کين جواب ڏنو ته يار ڏسو جيڪي بلڪل جونيئر آهن، اُھي ٿوري ئي عرصي ۾ ڪافي سٺو لکي رهيا آهن.. جن وٽ ڪتاب ڇپائڻ جا وسائل به ناهن، اسين گهٽ ۾ گهٽ انهن کي ڪو موقعو ته ڏيون… انهن جي ڪجھه حوصلا افزائي ته ڪيون… متان به هن ننڍڙي ڪوشش جي ڪري ڪي دوست اڳتي نڪري اچن… ان ڪري مون سڀني کي گڏائي پيش ڪيو آهي ۽ جئين ئي فيس بڪ تي تعارف نمبر هليو آهي، مون اُن ۾ ڪابه هير ڦير نه ڪئي آھي. هن ڪتاب 150 شاعر ۽ شاعرائون شامل آهن. اوهان سڄڻن جو ساٿ رهيو ته انشاءالله هي سلسو به هلندو ئي رهندو… هر سو نمبر کان پوءِ ڪتاب ڇپجندو رهندو… آخر ۾ آئون سامروٽي پبليڪش جي سرواڻ ڀاء پرڪاش ڪرمواڻي جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن ڀائرن وانگر ساٿ ڏنو هڪ نماڻو عرض پنهنجي قيمتي راء سان ضرور نوازجو… جتي به هجو… خوش هجو… سدائين مهڪندا ۽ ٻهڪندا رهو… سُک اوهانجي حياتي جو سينگا
سُک اوهانجي حياتي جو سينگار هجن… ڏک اوهانجي ڀر مان به نه گذرن آمين يارب العالمين…
جئي سنڌ…
جئي سنڌي ٻولي…
[b]غزل[/b]
درد گهارڻ ڪمال جيون جو
روح آهي وشال جيون جو
سڀ فنا سرحدن کي اورانگهي
ايئن آهي خيال جيون جو
بي حسي ڀوڳجي اڃا ڪيسين؟
روز آهي سوال جيون جو
عمر گهارڻ جدو جهد ۾ سک!
نيلسن آ مثال جيون جو
موڙ جيون جو موت دانش آ !
موت ناهيزوال جيون جو
[b]نظم[/b]
سوجهرن جا سپنا ..!!
روز سپنا ڏسون سوجهرن جا اسين
آڻيون انت ٿا ڏوجهرن جا اسين
روح رمتو پرين آهي گهايل اڃا !
ٿو مٽائي وجود پنهنجو قاتل اڃا
توڙي جو سختيون ساهه هر پل سهن
پوءِ به ڪارونجهر حوصلا ٿا رهن
پوءِ ڇا ٿي پيو ڏور منزل جي آ
جستجو آهي پوءِ ڏور منزل نه آ
جستجو جو سفر جستجو ۾ رهي
آرزو جو سفر آرزو ۾ رهي
ديس جي درد کان ڪير موڙي ٿو منهن
ديس جي عشق کان ڪير ٽوڙي ٿو سُهن
ديس جي دلبري جان کان آ عزيز
ديس جي زندگي جان کان آ عزيز
دلبري _ زندگي لاءِ ووڙيون اسين
ديس دشمن سان هر پل ٿا جهيڙيون اسين
پٿريلا پٿريلا سڀئي رستا پرين !
ها ! انهن تي هلي پير ٿي ويا پٿون
پوءِ به اڳتي وکون ! پوءِ به اڳتي وکون !
(6) ريحان ابڙو
[شاعر ،ڪهاڻيڪار ،مضمون نگار]
اصل نالو :محمود احمد
ادبي نالو: ريحان ابڙو
والد جو نالو: برڪت علي
ذات : ابڙو
جنم 1980ع
رهائش : نصرپور
رابطو: (2564718_0301)
تعليم : ايم.اي سنڌي - ايم.ايڊ
ڪرت: اسڪول ٽيچر
لکڻ جي شروعات: 1993ع
ڇپيل مواد: عبرت ميگزين، ڪاوش ، تخيل، سنڌ راڻي، سوڀ وغيره
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، ٽيڙو، هائيڪو، ڏيڍ سٽا، دوها، بيت . نثر ۾ ڪهاڻيون، ڪالم، ڪتابن تي تبصرا وغيره
اڻ ڇپيل ڪافي مواد موجود
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:
[b]ترائيل[/b]
او آرائين، او آرائين!
گل ورڇيندين ڪيسين آخر؟
ڀيليندڙ بس پهتا سائين!
او آرائين، او آرائين!
واڙ کي ويڙهو ڪين ٿو پائين!
ويل وڃي پئي وس کان ٻاهر،
او آرائين، او آرائين!
گل ورڇيندين ڪيسين آخر؟
[b]اردو غــــــــــزل
[/b]سوئی آنکھیں، جاگا خواب
امیدوں میں پلتا خواب
حیرت کا دریا پُرشور
خاموشی سے تکتا خواب
بس چہرے پر لایا دھول
تیری تلاش میں نکلا خواب
عارضہء دل کیوں ہو تمام
چاہت روگ، مسیحا خواب
وعدہ ہے، لوٹے گا، خوب
کیا کہنے! کیا اچھا خواب
خلوت کے لمحات عجیب
کمرے میں ہے ہنستا خواب
اس کو کیا دیکھا "ریحان"
خوشبو سے ہے مہکا خواب
[b]پنجـــڪڙو[/b]
حسرتن جو ورائي ڪفن ڇو سمهان؟
ڇا رهيو ناهي مقصد ڪو سنسار ۾؟
زندگي هٿ هڻِ پئي اڃا تار ۾،
ڇو نه نظرون ڪناري تي کوڙي ڇڏيان!
حسرتن جو ورائي ڪفن ڇو سمهان!
(07) مٺل جسڪاڻي
[شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار]
اصل نالو : محمد مٺل جسڪاڻي
ادبي نالو : مٺل جسڪاڻي
والد جو نالو: محمد عمر جسڪاڻي
ذات : جسڪاڻي
جنم: 15 جنوري 1961ع، ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ ٽؤنر خان جسڪاڻي ۾ ٿيو
رهائش: ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ ٽؤنر خان جسڪاڻي
رابطو: (3088996_0300)
تعليم : ايم.ايس.سي ايگريڪلچر (ٻوٽن جي بيمارين جو شعبو، پلانٽ پيٿالاجي)
ڪرت: استاد، محقق
لکڻ جي شروعات: 1975ع
ڇپيل مواد : ھلال پاڪستان، جاڳو، عوامي آواز، برسات، عبرت، ڪاوش، سنڌ ايڪسپريس، مھراڻ، تعمير سنڌ، سرواڻآفتاب، سنڌو، خادم وطن،وغيرہ
صنفون : آزاد نظم، نثري نظم، غزل، وائي، ٽيڙو (ھڪيٽو، ھڪ نئين صنف متعارف ڪرائي، جنھن ۾ ٻيا بہ ڪيترا ئي شاعر لکي رھيا آھن),نثر ۾ مضمون ۽ تجزيا تمام گھڻا لکيا آھن، سؤ سوا لکڻيون انگريزي ۾، پنجاھ کن اردوءَ ۾، سڀ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آھن.
زرعي تحقيقي مقالا بہ 700 کان وڌيڪ بين الاقوامي معيار جي تحقيقي جرنلس ۾ شايع ٿيل آھن. ٽيھارو کن پروفائيل انٽرويو، ٽيھارو کن ڪتابن تي تبصرا، مختلف ڪتابن ۾ مھاڳ نما تفصيلي رايا،ڪھاڻيون وغيرہ/ڇپيل ڪتاب زرعي معلوماتي ڪتاب ويھارو کن ڇپيا آھن. ھڪ انگريزي ۾ آھي. ھڪ سنڌي ۾ سفرنامو ۽ ٻه انگريزي ڪتاب. اُن کان علاوه سنڌيءَ ۾ هڪ ڪھاڻين جو مجموعو، هڪ سفرنامو ۽ هڪ شاعري جو مجموعوڇپجڻ جي انتظار ۾ آھي،
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:
[b]غزل[/b]
ڪهڙو ٻڌايان حال دل جو؟
تمام گهڻي بي قرار آهي!
ڪهاڻيڪار ، شاعر
اصل نالو : پیر غلام مجدّد سرھندي
ادبي نالو : پیر مجدّد
والد جو نالو: پیر شاھ غلام رسول سرھنديرح
ذات : سرھندي فاروقي
جنم: 1966ع
رهائش : سجادہ نشین ھائوس درگاھ پیر سرھندي
مٽیاري سنڌ
رابطو: (4177867_0300)
تعليم : گریجوئیٽ، ڪجھه مدرسن جي تعلیم عربي ۽ فارسي.
پاڻ پھریون شعر نائین درجي ۾ پڙھندي لکيائون.
بحر وزن جا استاد: پیر بھاءُالدّین سرھندي ”بھا سرھندي“
لکيل صنفون: غزل، وائي، ڪافي، گیت، نظم، نثري نظم، ٽیڙو.
ڇپيل ڪتاب :ھڪ ڪتاب ”ٿر سُک جو سفر” نثر ۾ ڇپیل ٿرجي مهمان نوازيءَ، محبت ۽ والد سڳوري جي صوفیانہ رَوِش ڪچھرین تي مشتمل آھي.
ٻن ڪتابن”ڏات جا ھي ڏيئا” ۽ ”آڪاس کي وڻي ٿو“جو مواد چپائيءَ لاءِ تيار آهي،جيڪو انشاءَ الله جلدڇپجندو.
سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:
[b]ٻه شعر
[/b]يا حُور يا پرِي هئي، يا مُشڪ جي ڀَرِي هئي..!!
غريب هئي ضرور پر عجيب ڇوڪري هئي..!!
هُو چنڊ جي چهل پهل ۽ پِيرَ جي لکيل غزل
کان معتبر ۽ منفرد، اڃا به مٿڀرِي هُئي..!!
[b]نظـــــم[/b]
شيشي جو شھر..!!
پٿر جي زماني جو ماڻھو
شيشي جي شھر ۾ آيو آ ..!!
شيشي جي شھر جي رھواسين
تي خوف انوکو ڇانيو آ ..!!
پٿر جي زماني جو ماڻھو
شيشي جي شھر ۾ ڪيئن رھندو؟
جنھن کي ٿو ڇُھي
شيشو ٿو ڀڄي
شيشا ٿي ٽُٽا، شيشن تي جڏھن،
پٿر جي زماني جي ماڻهوءَ
شيشي جي شھر ۾ ڊوڙ ڪئي،
شيشو ٿي لڳس
شيشو ٿي کَنيَئِين
شيشي کي کڻي
شيشي تي ھَنيَئِين
ڪا جاءِ به شيشي جي نه ڇڏيئِين
شيشي جو شھر شيشو شيشو ..!!
پٿر جي زماني جو ماڻھو
شيشي جي شھر ۾ آيو ھو
شيشي جي شھر جي رھواسين
تي خوف انوکو ڇانيو ھو..!!
ن[b]ظــــم
اڌ ڪلو اٽو..!![/b]
منھنجي سوچن کي ساھمي ۾ وجھي
ڪالھه ھڪڙي ڪٻاڙئي توري
مونکي واپس ڪيون
۽ مونکي چيئين
تنھنجيون سوچون صفا نَيُون آھن..!!
ھي ته بلڪل لڳن ٿيون امپورٽيڊ،
آئون ڪٻاڙيو آھيان خريديندس،
پر پراڻي ڪباڙ جي اگھه ۾..!!
مون ذرو ڀي نه ان تي ويچاريو
مونکي افسوس ڪونه ٿيو بلڪل
ھن کي ڪھڙي خبر ته ٽِين دنيا،
مفلسي، بک جي شڪار آھي..!!
ڇا ڪندو تن کي تنھنجو انٽرنيٽ"
"ڊسڪ" اٽي جي ڪانه ٿيندي آ
ماڻھو ٿيندا نه آۡھن ڪمپيوٽر!!
پيٽ "ايميل" سان نٿو ڀرجي
ڪھڙي ڪم جو ڀلا ھي "ائٽم بم"
"فيڪس" مون لئي اجھو لٽو ناھن
ھن کي ڪھڙي خبر ته منھنجي لئه
قيمتي آھي "اڌ ڪلو اَٽو..!!"
( 9) هيڪل سومرو
]شاعر[
اصل نالو: سعيد احمد
ادبي نالو: هيڪل سومرو
والد جو نالو: عبدالغفور سومرو
ذات: سومرو
جنم : 2فيبروري 1980ع
رهائش: شھر وارھ، ضلعو قمبر شھداد ڪوٽ
رابطو: (3424085_0333)
ڪرت: سرڪاري ملازم
لکيل صنفون :غزل، گيت، وائي، دوها، نظم
ڇپيل مواد: مختلف اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾.
تقريبن ٻن ڪتابن جو مواد موجود
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:
[b]غــــزل[/b]
ھَر ڳالھه ڳُجھي رھندي
پَرَ عشقُ عَيان رھندو
ڪايا جَي نه ڪينجھرَ تي
نُوريءَ جو نشان رھندو
وئي عمر کسي جوڀن
جذبو ته جوان رھندو
جَنتَ نه سھِي دوزخ
ڪوئي ته مڪان رھندو
ٿي خاڪِ ويندو ساڌُو
ڇا ڪوئي مُلان رھندو
ڪو شَڪُ نه خِلجي تي
پنھنجَي تي گُمان رھندو
جَي ڏيندين رَتُ ´ھيڪل`
سِنڌُو ته روان رھندو
[b]نظـــــم[/b]
سُور بڻجي سنگِدل
جيڪا رھَي ٿي روحَ ۾
جيءَ منھنجي ۾ جلَي ٿي
جاڳ بڻجي جا خُدا
ڪجُھه گھڙيون تِنھن کي
سُمھاري ڏي خُدا،
منھنجي اندرَ ۾ جُڳن کان
ٿِي اڃان تائين جيئي
جامُ سمجھي جا لھُو
منھنجي جِسم مان ٿي پيئي
تنھن کي ماري ڏي خُدا،
ھُوءَ ڀلي ھِن دل اندر
ٿِي پئَي دفن،
منَ اندرَ جي ديسَ مان
ڪر بيوفا جي ياد کي جلاوطن،
ھِي جھان ناھي رھيو
ڪو چاھتن وارو چمَن
بِرھ جي ھِن باھ ۾
ڪيسين جلَي منھنجو بدَن
ڪاش ھيڪل`
عشق جي ھيءَ
آڳ ٺارَي ڏي خُدا
جيءَ منھنجي ۾ جلَي ٿي
جاڳَ بڻجي جا خُدا
ڪجُھه گھڙيون تنھن کي
سُمھاري ڏي خُدا...!
(10) لڇمڻ داس
]شاعر، ڪاڻيڪار]
اصل نالو .لڇمڻ
ادبي نالو: لڇمڻ داس
والد جو نالو: نٿو مل
ذات : جنڊاوڙو
جنم : 1986
تعليم: مڊل
ڪرت: رازڪو ڪم
لکڻ جي شروعات: 2009ع
راهئش: رُڪن ٻُرڙا، ضلعو سانگھڙ
رابطو: (0804084_0340)
ڇپيل مواد: گڏيل ڪتاب ( هرگل جي خوشبو پنهنجي) ۾، هڪ اردو انتخاب (موجِ تھِ آب ) ۾ شاعري ڇپيل ۽ اُن کان علاوه امرتا، سنڌو، سوجهرو، بياض، ٺنڊي آگ ، ارزنگ، شعروسُخن وغيره ۾ به مواد ڇپيل.
صنفون .غزل . نظم . چوسٽا ۽ نثر.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:
[b]چؤ سٽــــو
[/b]سرساھ ڪيان صدقو ۽ پيار به حاضر آ
توڪاڻ صنم سارو سنسار به حاضرآ
سر تي ڪاتيون ٽنگيل زماني جون
سچ مگر اوچي ڳاٽ جهڙو آ
هن تي تعمير ڪر محبت جي
من هي خالي پلاٽ جهڙو آ
ڪيئن ھن سان ڪو هم ڪلام ٿئي
هن جو هر لفظ ڇاٽ جهڙو آ
داس دل جي ڀرئي ترئي گهر ۾
هي وڇوڙ ته کاٽ جهڙو آ
[b]اردو غزل
[/b]اشک آئے تو بیشمار آئے
بوجھ پلکوں سے ہم اُتار آئے
خواہشیں روز مارتی تھیں ہمیں
آج ہم خواہشوں کو مار آئے
مستحق آپ ٹھہرے پھولوں کے
اپنے حصے میں صرف خار آئے
زندگی کشمکش میں ہے یارو
اس سے کہنا کہ ایک بار آئے
آج اس کی گلی سے گذرے تھے
آج پھر ہو کے بیقرار آئے
بوجھ سانسوں کا اپنے سر پہ لئے
زندگانی تو ہم گذار آئے
داس خواہش بسنت کی کیا ہو؟
جب خزاں کی طرح بہار آئے
(11) مجيب سنڌي
]شاعر، ڪهاڻيڪار]
اصل نالو : مجيب الرحمان
ادبي نالو : مجيب سنڌي
والد جو نالو : محمد حيات
جنم: 5مارچ 1983ع
ذات : ڪورائي
رهائش : عمر مارئي ڳوٺ قائد آباد، بن قاسم ٽائون ڪراچي
رابطو: (0203006_0300)
تعليم : مئٽرڪ
ڪرت : پنهجو ڪاروبار
لکڻ جي شروعات : 1998ع
ڇپيل مواد : سنڌي مئگزين، رسالن ۽ اخبارن ۾ مختلف وقتن تي تخليقون ڇپجنديون رهن ٿيون.
صنفون : غزل، گيت، وائي، ڪافي، بيت، نظم، مضمون ۽ ڪجھه ڪهاڻيون وغيره
ڇپيل ڪتاب : تياري جي مرحلي ۾ آهي
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:
[b]غــــــزل [/b]
ڇا جي چاهت ڇا جي ياري
هر ڪنهن وٽ آ دنيا داري
رشتن جو ڪو مان نه آهي
سڀ کي پياري ناماچاري
هر ڪو ساڙ سڙيو ٿو ڏسجي
هر ڪنهن وٽ آ مارا ماري
مفلس ماڻهو سورن ۾ آ
آهي تماشو دنيا ساري
نيٺ مجيب اڀرڻو آهي
مون جنهن سج جي راھ نهاري.
[b]غــــــزل [/b]
شاھ گداگر تنهنجي در تي
ڪيئي گوهر تنهنجي در تي
آئون به دل جو دان رکان ٿو
منهنجا دلبر تنهنجي در تي
مون جهڙا سَوَّ شاعر آهن
سڀ ثنا گر تنهنجي در تي
هيڪر ٻيهر ٽيهر ڇا لئه
ايندس هر هر تنهنجي در تي
[b]وائـــــي[/b]
هاڻي آءُ هلي،
آيا سانوڻ مينهنڙا
ٿر بر آ سائو ٿيو
مهڪي مند ڀلي
آيا سانوڻ مينهنڙا
موسم ڏس ملهار جي
کنوڻين ساڻ کلي
آيا سانوڻ مينهنڙا
رنگ نرالا مينهن جا
ڌرتيءَ جھول جھلي
آيا سانوڻ مينهنڙا
[b]ڪافي[/b]
پيار ۾ هر اک ٻڏل لڳي ٿي
پر ڇو دل دل ڀڳل لڳي ٿي
جنهن جنهن جڳ ۾ پيار ڪيو آ
دنيا ان کي خوار ڪيو آ
تہ بہ اک اک هت اڙيل لڳي ٿي
مست ملنگن جو هي ٽولو
سپنو ڀرت ڀريل ڪو چولو
گهڙي گهڙي هر اٿل لڳي ٿي
حسن عجب ۽ پيار عجب آ
هر ڪنهن جو وهنوار عجب آ
الڳ الڳ ڀت اڏيل لڳي ٿي
محبت ماريل اک نماڻي
مجيب هر دم لڳي اياڻي
پنهنجو پاڻ کان رٺل لڳي ٿي
(12) ساحل خاصخيلي
[شاعر]
اصل نالو : غلام رسول
ادبي نالو : ساحل خاصخيلي
والد جو نالو : حاجي محمد
ذات : خاصخيلي
جنم : 5 مارچ 1987ع
رهائش : ڪنري ضلع عمرڪوٽ
رابطو: (2367243_0331)
تعليم : پرائمري
ڪِرت: اسٽار لائٽ ڊرائي ڪلينرز، فوٽو گرافي، ويڊيو ايڊيٽنگ.
لکڻ جي شروعات : 2015ع
ڇپيل مواد : سوڀ، عبرت مئگزين، سنڌ ايڪسپريس وغيره
لکيل صنفون: گيت، غزل، نظم، چؤسٽا.
اڻ ڇپيل مواد : هڪ ڪتاب جيترو موجود.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]چئوسٽــــو
[/b]
کڻي اک ڏسين ها ته ڇاٿي پوَئي ها
ڀـلا جي ملين ها ته ڇاٿي پوَئي ها
گناهن جو پُتلو تون ساحل کي سمجهي
جي بخشي ڇڏين ها ته ڇاٿي پوَئي ها
چئوسٽــــو
وقت وڻندڙ هُيو هر خوشيءَ جي پُٺيان
پر وڃائي ڇڏيم دوستيءَ جي پُٺيان
بي حيائي وئي آ دنيا ۾ وڌي
لوفرن جو جَٿو ڇوڪريءَ جي پُٺيان
[b]نظــــــم
بابا[/b]
تنهنجي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ
ڏٺا ڏک سور مون بابا
نه ڪو هو ڀرجهلو منهنجو
نه ٻي ڪا واھ هئي منهنجي
صفا معصوم قدمن سان
جبل جهاڳڻ ڏکيو هو پر
وٺي نالو مٺي رب جو
کنيم پنهنجا قدم اڳتي
سهارو هو فقط رب جو
اچي منزل پڳس آخر
امڙ جون ڀي دعائون هون
اوهان جو پيار ڀي گڏ هو
خدا جي مهربانيءَ سان
ويا ڏک ڏور ٿي سارا
رهان ٿو هاڻ خوش ڏاڍو
مگر تنهنجي وڇوڙي جو
مليو جو اوچتو صدمو
اهو ڪٿ ٿو سگهي وسري
ويو تون پار آن ان ڏي
جتان واپس نه ڪو ورندو
دعاڳو هان سدا تولئه
ڪندئي رب ٻاجھه پيو پنهنجي
کڻي پرور اڳيان هٿڙا
گهري ساحل دعا هي ٿو
قيامت ۾ مٺو مرسل
ڪندو توتي نظر پنهنجي
ڪندو توتي نظر پنهنجي
(13) حسن پنهيار
]شاعر]
اصل نالو: محمد حسن
ادبي نالو : حسن پنهيار
والد :جو نالو محمد اسماعيل
جنم: 1973ع
ذات :پنهيار
رهائش: ڳوٺ حاجي محمد رمضان خان پنهيار, ڪنڌڪوٽ
رابطو: (3612113_0300)
تعليم: گريجوئيٽ ايگريڪلچر,ايم. اي سنڌي
لکڻ جي شروعات: 1990ع کان
ڳائڻ ۾ هڪ البم :2005ع
جن فنڪارن شاعري ڳائي ،قبلا سيد سخاوت حضور بخاري , شريف عباسي, نذير فقير ،ڪجهه اسم حسن پنهيار پاڻ به ڳايا
شاعري جو استاد محترم بشير احمد تعبير سومرو
پنجون درجو :استاد محترم نور محمد چاچڙ پڙهايو
ڇهون ستون درجو :استاد محترم خوش محمد سرڪي وٽ پڙهيو
اٺون نائون درجو :استاد محترم شفيع محمد سرڪي وٽ پڙهيو
ڏهون درجو :مرحوم استاد محترم ارباب علي چنا وٽ پڙهيو
ميئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺُل مان ڪئي، انٽر ڪلاس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺُل مان ڪئي.
ڇپيل مواد .عبرت مئگزين.ادب مهراڻ .ڪاوش. سوڀ.
صنفون . غزل. گيت. وائي . نظم .چؤسٽا. دوها . بيت.
ڇپيل ڪتاب: پهر پيار جا 2005ع، نظر ناز پرين جو 2007ع.
اڻ چپيل ڪتاب: “نيڻ نهارن پيچرا”، “ڀيڄ پاڳارا چوندو آ”
“هڪ نيڻ تنهنجا ٻيو جيجل سنڌ”، “رهجي ويل چُمي” ،
“تنهنجي ڏنل چُمي”.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:
[b]اردو غزل
[/b]
دلوں میں گھر بنالے جو محبت ہو تو ایسی ہو
ہنسی لب پر سجالے جو محبت ہو تو ایسی ہو
مجازی مام کا مطلب اگر حاصل عیاں یوں بھی
خدا سے بھی ملالے جو محبت ہو تو ایسی ہو
زمانے میں هزاروں لوگ بڑے ہی نام رکھتےہیں
گرے کو گر اٹھالے جو محبت ہو تو ایسی ہو
الف سی میم نکلا هے مگر وہ میم جانے کیا!
کسی کو وہ سکھالے جو محبت ہو تو ایسی ہو
نظارے بہت ہیں لیکن عجب انداز نینوں کا
ملا کے آنکھ پلالے جو محبت ہو تو ایسی ہو
نہ کر ظاهر محبت کو چُمی مانگوں تو کیا هوگا؟
بنا مانگے ہی پالے جو محبت ہو تو ایسی ہو
حسن ہی نام کافی ہے عنایت يه تیری مولا
تجھے اپنا بنالے جو محبت ہو تو ایسی ہو
[b]وائــــــي[/b]
اکيون سي ئي پسن
جن سان ناتو نيهن جو
عاديون ٿيون جن لاءِ هي
ٻئي کي ڪيئن ڏسن
جن سان ناتو نيهن جو
اڱڻ مون احسان ٿي
پرين شال اچن
جن سان ناتو نيهن جو
سدا منهنجي من ۾
ساهن جيئن رهن
جن سان ناتو نيهن جو
چُمي پائي پيار سان
ڀاڪر ساڻ چمن
جن سان ناتو نيهن جو
دم دم حَسن کان ڪڏهن
پري پل نه ٿين
جن سان ناتو نيهن جو
[b]هائيـــــڪا[/b]
پاتو تو ڀاڪر
چُمي سان دک دور ٿيا
ٿي ويس مڌ ۾ پُر
تنهنجو نانءُ غزل
آءُ ته توکي ڳايان
پائي قربَ ڪجل
(14) محبوب سنڌي
]شاعر،ڪهاڻيڪار، مضمون نگار]
اصل نالو: محبوب علي
ادبي نالو: محبوب سنڌي
والد : غلام مصطفيٰ شاهين (شاعر)
ڄمڻ جو هنڌ : تاريخ 24 مارچ 1982 سورج آباد محلا ڪنڀر پاڙو دادو شهر
لکڻ جي شروعات: 1994/95ع
موجوده رهائش: ڪوٽڙي، ضلعو ڄامشورو.
رابطو: (2493121_0308)
ادبي استاد : مخدوم احمد مجتبيٰ غالب، سائين الله نواز “نواز رڪڻائي” ۽ عاشق دادوي.
لکيل صنفون : ڊراما، ڪهاڻيون، ناول، شاعري، مضمون، شخصتين جا خاڪا.
ڪي ٽي اين تي هليل ڊراما: (وري ورندو واءُ، ڏوهاري،لڄ)
لکيل فلمون: (حيوان، واسينگ نانگ)
فلمن ۾ ڪم ڪيو: زهريلو دشمن، رت جوويري، غيرت جو سوال.
لکيل اسٽيج ناٽڪ: (جيئي عشق)، هڻ ته چتي (مزاحيا ڊرامو)
اسٽيج ڊرامن جي شروعات: 1997ع ۾
اسٽيج استاد : استاد حضور بخش گوپانگ
تقريباََ 70 کان 80 اسٽيج ڊراما ڪيا.
کيس ڪيترائي ايورڊ مليل، تازو ساس سنڌ پاران سرٽيفڪيٽ ۽ بزمِ غالب ۽ قلندر شهباز ايوارڊ پڻ مليل.
مواد مختلف اخبارن رسالن ۾ ڇپيل.
چپيل ڪتاب: ٽڙيا ٽارين گل(گڏيل شاعري جو مجموعو)
اڻ ڇپيل : ناول، ڪهاڻيون، مضمون، شخصتين جا خاڪا ۽ شاعري.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:
[b]غــــــزل[/b]
ڪي گل گلزار جون اکيون
ڪي هن اغيار جون اکيون
تڪن ماني ڳڀي کي پيون
بکايل ٻار جون اکيون
انڌيون ٿي هن پيون شايد،
ستل سرڪار جون اکيون
ڪڇي ماڻهو ڀلا ڪئين جو
ڏسي ڀوتار جون اکيون
ٽمڻ ڪم آھي انهن جو
هجن ڄڻ نار جون اکيون
اسان کان اڄ ويون مٽجي
اسان جي يار جون اکيون
نه ٿيون محبوب کان وسرن
مٺي منٺار جون اکيون
[b]نظـــــم [/b]
روپ هوشو جو وٺي دودي جيان ڌڌڪار ڪندي
سنڌ جاڳي آ اٿي اغيار کي للڪار ڪندي
سونهن سنڌو جي سمائي روپلا هيمون اچن پيا
دولھه دريا ۽ بلاول ديس خاطر اڄ اٿن پيا
شاھ حيدر هو عنايت باھ جو مچ ٿي مچن پيا
سولي گهاڻا تير تلوارن کي چميو هي چمن پيا
سر ڏين مرڪي نرالا ڏيھه ۾ نروار ڪندي
سنڌ جاڳي آ اٿي اغيار کي للڪار ڪندي
( 15) امين ڀٽو
]شاعر]
اصل نالو: محمد امين
ادبي نالو: امين ڀٽو
والد جو نالو: سومرو خان
جنم: پهرين اپريل 1986
ذات: ڀٽو
رهائش: عبدالله ڳوٺ، نزد نيشنل هاءِ وي، فيز 1. گلي نمبر21، گھر نمبر 580، بن قاسم ٽائون ڪراچي
رابطو: (3447891_0300)
تعليم: ايم.اي بي.ايڊ، ڊي .آءِ. ٽي ڪورس.
لکڻ جي شروعات: 2000ع اداس پرديسي ڀٽو جي نالي سان.
ڇپيل مواد: مهراڻ، سوجهرو، هالار، هزار داستان، عبرت مئگزين، ڪاوش، شام، ڪوشش، عبرت، سنڌو وغيره.
لکيل صنفون: غزل، گيت، وائي، نظم، چوسٽا وغيره.
اڻ ڇپيل : 33 ڪتابن جو مواد موجود.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:
[b]غــــــزل[/b]
هجرت ڪدي جان لهجا خانه بدوش آئون
مون ۾ ڊڪن ٿا رستا خانه بدوش آئون
رستو هي رڃَ جهڙو پيرن ۾ آھي ڦاٿل
آھي ڪا گڏ ھلي جا خانه بدوش آئون
ٻيڙي ندي ڪنڌ ي تي ٻيلي جي آھي ڀرسان
پنڇي به هي آوارا خانه بدوش آئون
منزل هي مئڪدي جان مونکي ڇڪي رهي آ
روڪيندا ڪيسين لمحا خانه بدوش آئون
[b]نظـــــم
(پنڌ ڪهڙو خوف جهڙي زندگي جو)[/b]
زندگي خوف آھي خواب آھي
چوڙين جو چنڊ آھي منڊ آھي کنڊ آھي
هي حياتي هي مماتي
الڪي جهڙي سڏڪي جهڙي
پور جهڙي سور جهڙي هجرجهڙي
وڻ ٽٽل ڪنهن
لام جهڙي جهرڪين جي گهر جيان ٿر جيان
بر جيان ڪنهن ندي جي شور وانگر ڄڻ جبل تي
ڪنهن ڪکاوين جهوپڙي ۾ ڪوئي ٻرندڙ
ديپ آھي ڪنهن ڪنواري جي اکين ۾
لڙڪ پهرين پيار جو آ
هي حياتي موت جهڙي ماٺ آھي
ڊيل جو ڪو سڏ آھي يا ڀڳل ڪو هڏ آھي
خوف ۾ گذري سدائين خوف ڪهڙو خوف ڇاجو
سو پتو آھي به ناهي خوف ڇاجو
عمر جا ڌاڳا ڪچا سڀ اڻسبيل ڪپڙي جيان ئي
روز اڊڙي روز ڳنڍجن روز اڍڙن روز اڍڙن
زندگي ڪنهن شھر ٻي ۾
اجنبي جي وک آھي لاپتا ڪنهن ديس اندر
ڪنهن سڃاڻپ جو سنيهو ڪنهن جي ڳولا
جي مجاور ڄڻ ته ڪائي آ مزار
الڪو الڪو پنڌ آھي پنڌ ڪهڙو ڌُنڌ جهڙو
ڪنهن وڻن جي خامشي ۾ ڄڻ پکين جو
ديس آھي جهنگ آھي ٻيلو آھي چارو آھي
پنڌ ڪهڙو خوف جهڙي زندگي جو
(16) آزاد ابوبڪر
]شاعر، محقق، مضمون نگار]
اصل نالو : ابوبڪر
ادبي نالو: آزاد ابوبڪر
والد جو نالو : ميان بخش
ذات :ڇٽو
جنم: 1985ع
تعليم: انٽر
ڪرت :هاري
رهائش: ڳوٺ صيفل خان ڇٽو، لڳ اڏيرولعل اسٽيشن
رابطو: (8902135_0346)
لکڻ جي شرعات: 1999ع
لکيل صنفون: تحقيق، غزل، وائي، بيت، گيت، چوسٽا، هائڪا، مقالا، مضمون، خاص ڪري شاھ عبدالطيف ڀٽائي تي تحقيق ڪري رهيو آهي. سندس هڪ ڪتاب (ڀٽ جو ڀٽائي ) گنج بخش ڪتاب گهر طرفان ڇپيل آهي. ان کان سواء چئن ڪتابن جو مواد موجود اٿن، جيڪي پڻ شاھ عبدالطيف ڀٽائي تي لکيل آهن ان کان علاوه ،سنڌ جي تاريخ تي به تحقيقي 3ڪتاب لکيا اٿس جيڪي مالي حالات جي ڪري اڃان ڇپائي ناهن سگهيا.
سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
ايمان ۾ وجهن ٿا مومن جي ڏار ساحر.
ڇورين جا سينا ڇُلڪي بارش خواب رستا.
(18) صلاح
[شاعر]
اصل نالو: صلاح الدين
ادبي نالو: صلاح
والد جو نالو: جادم علي
جنم: 1998ع
ذات: راهمون
رهائش: ڳوٺ صلحاٹي تعلقه ڏاهلي ٿر
رابطو: (0347001_0341)
تعليم: انٽر
لکڻ جي شروعات: 2012ع، لکيل صنفون : غزل، وائي، نظم، هائيڪا، گيت، چوسٽو، بیت، هڪ ڪتاب جو مواد اڻ ڇپيل موجود.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]وائــــــي
[/b]
تو سواءِ زندگي
هر گھڙي جيل جي
ڪا وَرڻ جي به ڪر..!!
ياد آگم ڪيان
ٽورَ ڄڻ ڊيل جي
ڪا وَرڻ جي به ڪر..!!
مُرڪ تنهنجيءَ ۾
مهڪَ رابيل جي
ڪا وَرڻ جي به ڪر..!!
منهنجي لُڙڪن ڪَٿا
آ لِکِي هيلَ جي
ڪا وَرڻ جي به ڪر..!!
عشق شروعات آ
عشق جي کيلَ جي
ڪا وَرڻ جي به ڪر..!!
[b]غـــــــزل[/b]
عشق سندو الهام اکين تي رکنداسين
روح ۾ رَسَندو رام اکين تي رکنداسين
تو ڏني پڪ پرين پنهنجي هجڻ جي
تنهنجو آڇيل جام اکين تي رکنداسين
پنهنجي شهر جي هر هڪ در تي
ڏيئو ٻاري شام اکين تي رکنداسين
روز نوان الزام لڳن ٿا چونڪن تي
سارا سڀ الزام اکين تي رکنداسين
پنهنجي دل جي آڳر تي هڪ ڪعبو جوڙي
تنهنجي صورت نام اکين تي رکنداسين
هر هڪ پاسي ڌُنڌ مگر ڏس هن پاسي
روشن آهي مام اکين تي رکنداسين
شعر سٻاجها نيٺ ته ”صلاح“ ٺهندا ويندا
لفظن جو الهام اکين تي رکنداسين
[b]چؤسٽــــو[/b]
ڳوٺ اورانگھي شهر پهتو هُيو
ڪنهن اڻ ڄاتي نگر پهتو هُيو
ڪاغذن جان ڇار ٿيندي، پوءِ ايندين؟
هي حياتي سار ٿيندي، پوءِ ايندين؟
جيل مان آهي اُماڻيو هن سنيهو،
پنهنجي منزل دار ٿيندي، پوءِ ايندين؟
پوپٽن جو موت ايندو ديس ۾، يا
دل گلن مان خار ٿيندي، پوءِ ايندين؟
ڇو امن! منهنجي وطن تي ڪونه آئين،
سنڌ سڄي آثار ٿيندي، پوءِ ايندين؟
هي جدائي روح جي لئه او! پريتم،
نانگ جا ڪي وار ٿيندي، پوءِ ايندين؟
روشنيءَ جي راههَ آئين ڪونه سائل،
گهُگهه اوندهه يار ٿيندي، پوءِ ايندين؟
(24) آڪاش علي نواز
تعارف نمبر (24)
شاعر]]
اصل نالو: علي نواز
ادبی نالو:آڪاش علي نواز
والد جو نالو:نبي بخش
ذات:چانڊيو
رهائش : ڳوٺ حاجی عیسن چاندیو
رابطو: (2123430_0306)
تعلقو : ڏیپلو
ضلع : ٿرپارڪر
تعلیم : میٽرڪ
لکٹ جی شروعات: 2014ع
لکيل صنفون : غزل، گيت، چؤسٽا وغيره.
ڇپیل مواد :ھزارداستان، عبرت مئگزین وغيره.
ڇپیل ڪتاب :گڏیل ڪتاب “ھر گل جي خوشبو پنھنجي”
ھڪ ڪتاب جو مواد موجود اٿس.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــــزل[/b]
تنھنجي طرفان محبت ڪونھي
منھنجي طرفان نفرت ڪونھي
دردن جي جاگیر ملي آ
مون وٽ ھاڻي غربت ڪونھي
ڪنھنجي ڪامیابي تی پڄرون
يار اسان جی عادت ڪونھي
گھر جو ڀاتي دشمن ٿئي جي
ان کان وڌ ٻي عبرت ڪونھي
بد نصيب اهو آ جنهن وٽ
ماءُ جي حاصل شفقت ڪونھي
مان تہ مٽيءَ جو پتلو آھیان
منھنجي ڪائي حیثیت ڪونھي
دل جو ڪٿ فریاد ٻڌايون
اھڙي ڪٿ به عدالت ڪونھي
ٻچڙن لئه هو ڪيئن ڪمائي
ھاڻ بدن ۾ طاقت ڪونھي
دل اُجري آڪاش هجي بس
ڇا ٿيو سهڻي صورت ڪونھي
[b]غـــــــزل[/b]
ڳالهه ساري ڇو ڪجي
بي معياري ڇو ڪجي
پاڻ جی آھیون اگر
ٻيو ڏوھاري ڇو ڪجي
ملڪ جی دشمن سندي
طرفداري ڇو ڪجي
سوچ پنھنجيءَ کي ڪڏهن
رات ڪاري ڇو ڪجي
پنھنجي قسمت تی سدا
اشڪباري ڇو ڪجي
هو نه اچڻو آهي پوءِ
انتظاري ڇو ڪجي
(25) اياز عمراڻي
تعارف نمبر .(25)
[شاعر، ڪهاڻيڪار[
اصل نالو ؛ غلام حيدر
ادبي نالو ؛ اياز عمراڻي
والد جو نالو ؛ محمد يعقوب
ذات ؛ عمراڻي
جنم ؛ 01 جنوري 1969ع
رھائش ؛ گلشن حيدر ٽائون ميرپورخاص
رابطو: (2763335_0331)
تعليم ؛ ايم اي ايم ايڊ
لکڻ جي شروعات 1990 کان ڪئي ؛
ميرپورخاص مان [پڙاڏو پبليڪيشن ] جا ٻه پرچا ڪڍيا ؛
ڇپيل مواد ؛ برسات ؛ پروڙ ؛ پرک ؛ عبرت مئگزين ؛ ادب ؛ ٽماھي مهراڻ سوجهرو ۽ ٻين رسالن کانسواء مختلف اخبارن عبرت ؛ پاڪ ؛ ھلال پاڪستان ؛ تعمير سنڌ ؛ مهراڻ سنڌ ايڪسپريس وغيره
لکيل صنفون: غزل، گيت، وائي، نظم، ترائيل وغيره.
ڇپيل ڪتاب :1. لکاڪي ۾ چنڊ (شاعري )
اڻ ڇپيل ڪتاب: 1. ڪهاڻيون ، 2. پروفائيل خاڪا ۽ خط، 3. سفرنامو ايران ۽ عراق جو ، 4. شاعري.
جنهن لاء مان تڙپان پئي
سرتيون سو ساجن
نڪتو هرجائي..!!
ڇڏي مون کي هيڪلو
ترسي هو پل کن
نڪتو هرجائي..!!
مٺڙي،مٺڙي لهجي سان
موهي منهنجو من
نڪتو هرجائي..!!
جيڪو هيو زندگي
دل جي هو ڌڙڪن
نڪتو هرجائي..!!
لڙڪن سان منهنجو
ڀري هو دامن
نڪتو هرجائي..!!
ڏسي مون کي هيڪلو
چيو ٿي رستن
نڪتو هرجائي..!!
(28) راحب ميمڻ
تعارف نمبر (28)
[شاعر[
اصل نالو: راحب علي
ادبي نالو : راحب ميمڻ
والد : ڦلو خان
ذات : ميمڻ
پيدائش تاريخ : 1986ع
تعليم : ميٽرڪ
رهائش: ڳوٺ ڄام محمد علي لکڻ ضلع و تعلقه گهوٽڪي
رابطو: (00923027584129)
لکڻ جي شرعات: 2007ع ، ٻن ڪتابن جو مواد موجود.
لکيل صنفون: غزل، گيت، نظم، آزاد نظم، وائي، چوسٽا، ٽيڙو وغيره
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــزل[/b]
عشق حۡسۡن مليو نينهن نکري پيو
پيار جي نانءۡ جو سج اڀري پيو
اک اکين سان ملي چپ چپن سان مليا
هي نظارو ڏسڻ چنڊ نڪري پيو
گل جهومن پيا ڀنورا ڳائن پيا
سارو باغ گلن جو به اجري پيو
دل جي لڳيءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان
ھِڪَ عاشقيءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان
خاموش شھرَ جي هر رستي تي چنڊَ جِي
آوارگيءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان
ڇاتيءَ مَٿان جا ھُنَ جي ، ويئي چُمي ڏئي
تنھن مينھَن ڪڻيءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان
رنگينِ شامَ ، اُڀَ تي اُڏندا پکي رهيا
سامھون نَديءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان
گُذري صَديون وَيون پر ، اَڄُ ڏينھَن تائين ڀي
ھڪڙي گھڙيءَ جو منظر ، وسري نه ٿو اڃان
انجم ! اُداسُ گمُ سمُ ، پارڪَ ۾ ھيڪلي
ڪنهن ڪامڻيءَ جو منظر، وسري نه ٿو اڃان
[b]غــــــــزل[/b]
باک ويلي چميو جئن گلن جو بدن
واسجي ويو سَڄُو پوپٽن جو بدن
پوڙھي وَرَ سان سُتلَ نينگريءَ جي پيو
ٿو سدائين سَڙي خواھِشن جو بدن
بندِ ڪمري ۾ پيلَ ڪِنِ ڪتابن ۾ ڄَڻُ
لفظَ چُمندا رهيا ڪاغذن جو بدن
زندگيءَ جو سَمورو لهي ٿَڪُ وَڃِي
ھِڪِڙو ڀيرو چمڻ ڏي چپن جو بدن
مون ڏِٺو اُڀ تي شامَ ڌاري ڇُھي
واءُ پيو عاجزيءَ مان پکين جو بدن
(30) اقبال گل مينگل
تعارف نمبر (30)
[شاعر]
اصل نالو : اقبال گل
ادبي نالو : اقبال گل مينگل
ولد : علي گل
ذات : مينگل
جنم : 6 سيپٽمبر 1988ع
رهائش : نظر محلہ لاڙڪاڻو
رابطو: (2847020_0346)
تعليم : ايم.اي اڪانامڪس
لکڻ جي شروعات :2012ع
ڇپيل مواد : سنڌ جي مختلف اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾.
لکيل صنفون : غزل، نظم ۽ چؤسٽا.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ:
[b]چـــوســــــٽو[/b]
ايئن پري کان نہ تاڙ دل کي
آء ڀلا تون بہ ساڙ دل کي
ڪاريگري ۾ مڃيل هيو پر
ڪري نہ سگهيو جُڳاڙ دل کي
[b]چـــؤســــــٽو[/b]
اگر ڪجھه چوڻ جي اجازت ھجي ھا
نہ اڄ زيرِ لَب ڪا شڪايت ھجي ھا
غمن جو نہ پھرو ھجي ھا اسان تي
اوھان جي اگر ڪجھه عنايت ھجي ھا
ڪيترن رنگن جا نقاب وٽن آهن گھڻا
ڪامياب به دنيا ۾ اهڙا فنڪار ماڻهو
ڪنول تو جهڙن لاءِ ڇو بڻيل آهن
اهڙا ڪِريل انسان ڄڻ للڪار ماڻهو
[b]نثري نظــــم
منهنجا سپنا..!! [/b]
بهار جي
حسين رنگ سان رتل
او منهنجا سپنا..!!
اچ ته گلي ملي
روئي موڪلايون..!!
جو وڇوڙي جو وقت
ڪاريهر جيان
اچي رهيو آهي..!!
ماٺ جي ميدان ۾
اکين جو شمعون
ميلاپ جي ساري روشني
وڃائي ويٺيون آهن
۽ اونداهين ۾
سموريون واٽون
وڃائجي ويون آهن..!!
چاهنائون، حسرتن جو
رَئو اوڍي
سمهي رهيون آهن..!!
دل جي هر ڌڙڪن
ساهن جي سرگم تي
(42) عبدالغفار “عبد“ جوڻيجو
تعارف نمبر (42)
]شاعر، مضمون نگار]
اصل نالو : ڊاڪٽر عبدالغفار
ادبي نالو : عبدالغفار “عبد“ جوڻيجو
ولد : عبدالرزاق . ذات : جوڻيجو
جنم : 20 مئي 1967ع
رهائش : سول اسپتال ڪالوني، مٺي ٿرپارڪر.
رابطو: (2644798_0320)
تعليم : بيچلر آف ڊينٽل سرجري، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو، ڊپلوما ان ڪميونٽي هيلٿ مينجمنٽ اسلام آباد.
لکڻ جي شروعات : 1993ع
ڇپيل ڪتاب : ”نيڻن ننڊ اکوڙ ۾“ ڀٽائي سائين تي مقالو ڇپيل
ڇپيل مواد : مختلف، اخبارن ۽ رسالن ۾.
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم وغيره.
اڻ ڇپيل : هڪ ڪتاب جو مواد موجود. سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــــزل[/b]
زندگي ڄڻ ڪو فسانو آ
وحشتون ۽ بس ويرانو آ
دل دردن جو آ ڪو مسڪن
چاهه چريو ۽ ديوانو آ
ڪوئي ڪنري وڃي ته وڃي
نينهن نبريو واهه زمانو آ
هي ڀنڊار اٿم يادن جا
ڪهڙو ڪو ٻيو خزانو آ
ڪيڏو سُڏڪي ساهه صحرا ۾
عبد ئي ڇو ته نشانو آ،
[b]غـــــــزل[/b]
پراڻا پيار ڪي ساري
الائي اڄ آڌيءَ ڌاري
وري هن سار ساروڻيون
جدا ڪيئن ڪو گهاري
رخ تي وار وکريا پئي
وئي هوءُ مفت ۾ ماري
چيم چنري نه کسڪايو
سڄو پيو لوڪ ته نهاري
اکين جي زير زبرن سان
وجهو ٿا ورهه جي واري
ڪِريو ڪو عبد آ ڪُن ۾
تون ئي آ کيس ڪو تاري
[b]نظـــــــم[/b]
پتڻ جي پار تي پهچي،
جڏهن سوچن ۾ ساري ڪو،
واري ڪنڌ نهاري ٿو،
اهو لمحو ته ماري ٿو.
اتر جا هن اوهيرا ڪي،
لڳي ٿو سار جا پنڇي،
اونهي آڪاش۾ اڏري،
دڳن کان دور هن ڪيڏا،
ٿڪل ڪي چور هن ڪيڏا،
وڻن کي واءُ ٿو ويڙھي،
پنن جي پهچ ئي پٽ تي،
ڇڻڻ جو ڇا ڪجي آخر،
ذهن کي سوچ ٿي رهڙي.
اسان جي آس آکيرا،
هئا لٽڪيل ته لامن ۾،
زخمي زرد شامن ۾،
وڏا ڪي وڻ هئا واقعي،
ٿر جي ٿاڪ جا منظر،
منجهند ٽاڪ جا منظر.
دلڙي درد بس هاڻي،
دڙن تي ديد نه دلبر،
ملندو ڪير رب ڃاڻي.
سڪايل جون صدائون هن،
تماچي تو بنا تڙ تي،
نوريءَ جون نگاهون هن.
وڇڙي هُن وڃڻ وايون،
وکيريا جذبا جيون جا،
چري دلڙي ڇا دهرايون.
مڙئي پيا پاڻ پرچايون.
ڪٿي ڪونجون،ڪٿي آڙيون،
ولرکان جا وئي وڇڙي،
اڀاڳڻ سا ڪيئن واريون.
پکين جي پريت پيا ساريون.
شفق ۽ شام جو ايندا،
مٺا مهراڻ ڇولين ۾،
کڻي پيار جهولين ۾،
کڻي پيار جهولين ۾.
[b]آزاد نظــــــم
[/b]
چپن کي چمين جو لطف ياد ناهي
لڳل خامشيءّ جو سدائين هو پهرو
وسڪار جي رت آئي تہ هئي پر
اڃايل اميدن جي ڌرتي سڪل هئي
ڏڪارن جي ور هو سڄو ديس دل جو
نگاهن جو مهراڻ هو خشڪ بنجر
خيالن جا نازڪ پکيئڙا اڃارا
ڇتيءّ اُ س ۾ آب جي ڍڪ خاطر
اڏامي اڏامي ٿي ساڻا ڪري پيا
مري نيٽ ويا ڦٿڪي ڦٿڪي ويچارا
سهارن جا گهنگهور بادل بہ برسيا
هئي روح کي ڏاڍي رم جهم جي حسرت
ڪلي گل ٿيڻ لاء آتي بہ هئي پر
وفائن جي ڏاڍي رٽل سانوڻي هئي
نہ پرتي نہ پرتي نہ برسي نہ برسي
نہ من تي مهربان ٿي ڪا بہ موسم
خفا عرش هو پنهنجي ڌرتيءّ تي ڏاڍو
هئي چنڊ کي روشنيءّ کان شڪايت
سنڌوءّ جا ڪنارا بہ هئا گڏ هميشه
تڪيندا رهيا بس پري ئي پري کان
ڪڏهن هئا مليا ڪنهن ڏٽا ڪير چوندو
ڪري خواب ڇرڪن حوالي ڇڏياسين
رناسين بہ اهڙو لڪائي لڪائي
نڪي ڪير جاڳي نڪي سوال اڀرن
نصيبن جي ڪاري سڄي رات جاڳي
ستارن جي ڇٿر بہ سهڻي پئي ٿي
شڪايت جي هرگز اجازت نہ هئي ڪا
لڳل خامشيءّ جو سدائين هو پهرو
چپن کي چمين جو لطف ياد ناهي
[b]وائـــــي[/b]
اکڙيون آليون پيٽ بکايل ابهم ٻارن جا
ديس دلارن جا
در در دهشت هيسيل چهرا مٽڙن مارن جا
ديس دلارن جا
ڦٽڪا ڪوڙا تن من گهايل مڙس متارن جا
ديس دلارن جا
مائن ڀيڻن چچريل لاشا ورتا پيارن جا
ديس دلارن جا
چنڊ اداس ۽ جهيڻا تارا سنڌڙيءّ وارن جا
ديس دلارن جا
(45) فرهاد جروار
تعارف نمبر (45)
]شاعر]
اصل نالو : محمد شريف
ادبي نالو : فرهاد جروار
ولد : جمعون خان
ذات : جروار
رهائش : خير محمد جروار, تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار.
رابطو: (3901722_0346)
جنم : 29 سيپٽمبر 1978ع
ڪرت : زميندار ۽ دڪاندار.
تعليم : بي.اي آنرس، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
لکڻ جي شروعات : 1994ع
سنڌ جي تقريبن سڀني رسالن ۾ مواد ڇپيل اُن کان علاوه گڏيل شاعري جي مجموعي “پير پير جو پنهنجو پنڌ “ ۾ شاعري ڇپيل
ٻن ڪتابن جيترو اڻ ڇپيل مواد موجود.
لکيل صنفون : غزل، نظم، وائي، چوسٽا، بيت، پنجڪڙا، دوها .
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.
[b]غـــــــزل[/b]
درد جي ديس ۾ هر خوشي اوپري
تو سواءِ ٿي لڳي زندگي اوپري
اصل نالو : محمد بلال
ادبي نالو : بلال تبسم
ولد : حاجي محمد اسلم
ذات : ٽوٽاڻي
تعليم : انٽر
رهائش : قمبر علي خان، اسلم هائوس، وڳڻ روڊ قمبر.
رابطو: (3484144_0308)
لکڻ جي شروعات : 2009ع
ڇپيل مواد : نئين آس، عوامي آواز، سنڌ ايڪسپريس،
هزار داستان وغيره
چپيل مواد: گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “روهيڙي جا رتا گُل“ ۾ شاعري چپيل.
ترتيب ڏنل : گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب “ ادب آبِ حيات“.
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، چوسٽا وغيره
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]نثري نظـــــم
[/b]
“درد جو صليب”
هر روز دردن لئه
سولي
سجائي وڃي ٿي؟
جنهن ۾ زندگي جا
سکيا پل،
هُو صليب جا ڪوڪا ٿا
سمجھيا وڃن.
اڄ ڀي
زمانو تماشائي ٿو لڳي!؟
۽ درد آرس ڀڃي رهيو آهي
زندگيءَ جي آڳر تي.
[b]غــــــزل[/b]
دل جو ٽانگو ڀڄي پيو آهي
مون لئہ رکجان تير َ سنڀالي
يادون تنهنجون اڻکٽُ آهن
ڪيئن سگهان مان نير سنڀالي
ماڻهپ محبت جذبن واري
ڪير سگهي اڪيرَ سنڀالي
دل بي خالي آکيرو آ
دردن جي سٽ ڪير سنڀالي
روئندي زينب ڪربل ۾ آ
اڪبر جهڙا ويرَ سنڀالي
ڪنهن جو ناهي جڳ ۾ ڪوئي
هر ڪو پنهنجا پير سنڀالي
جيون سارو آتش ٿي ويو
سورن جا ڪي سير سنڀالي
مان ڀي تو جان تڙپيو آهيان
سنڌڙي جا پي خير سنڀالي
ڪير ڏسي ٿو ڪنهن جي کولي
باب نگر مان بيرَ سنڀالي
باهيون گهر گهر ۾ لڳي ويون
آهن ڪنهن جا ڀير سنڀالي
چئجان تنهنجي منهنجي وچ ۾
جيڪا آهي چير سنڀالي
رهيان ناهيون ٻٻرن وٽ ڏس
پنهنجا هاڻي ليرَ سنڀالي
غربت جو ڇا حال پڇو ٿا؟
زندگي گذري گيرَ سنڀالي!
پئسي خاطر ٿيا هن تڪڙا
واري واري ٿيرَ سنڀالي
ڏڪندا ٻارن جا گهر سينا
آهن، هر هر ڦير سنڀالي
دشمن هاڻي جڳ آ سارو
مون ڏي ايندڙ هير سنڀالي.
(56) عنايت درس
تعارف نمبر(56)
[شاعر[
اصل نالو : عنايت الله
ادبي نالو: عنايت درس
ولد : محمد حسين
ذات : درس
جنم : 01 مارچ 1998ع
تعليم : انٽر رابطو: (3502904_0316)
رهائش : ڳوٺ سليمان درس، وَر شهر ويجهو، پيرآر ضلعو ٺٽو.
لکڻ جي شروعات: 2015ع
لکيل صنفون: نظم،غزل،نثر.
ڇپيل مواد : عبرت مئگزين، عقيق، هزار داستان وغيره
اڻڇپيل ڪتاب: گلن جون گاڏيون
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل [/b]
وڻيون اوهان جون ادائون تڪڙيون
تڏهن ڪيوسين خطائون تڪڙيون
اوهان اکين کي عذاب ارپيا
ڪِريون ڪنڊن تي وفائون تڪڙيون
ڪٺور سڏڪا اٿن نه ها پر
اوهين ڪري ويا دغائون تڪڙيون
قرار جا پل لٽيا وڇوڙي
پيون ڳچيء ۾ سزائون تڪڙيون
اي درس دوکن جي پيچرن تي
سڙيون اسان جون صدائون تڪڙيون
[b]نظــــــم [/b]
بي درد خزائن خوشبوء جي
هر وستي آ ويران ڪئي
مرڪن جي گلابن جون گاڏيون
ناهين چپن جي چوڪن تي
بي ترس وڇوٽين واڳونء جيئن
آهين ڳراٺيون ڳڙڪايون
آسن جا بتيلا ناکئي بن
ڪيئن تار منجهان هي تيز ترن
ڪٿ ڪون ڳيو ٿو ڳائجي
پيا پار هوائن ۾ پکڙن
بس پاپن وارن پڃرن ۾
نئون روز پکي ٿو قيد ٿئي
ڪنهن هوڙي وانگي هارين جي
ٿا خوشين وارا خواب ٻڏن
مظلومن کي ڪو پياري ٿو
ڪا روز ستي نئين سورن جي
هت ڏوٿين کي ٿا ڏنڀ ملن
هت ڪاتيون ڇاتيون روز ڇنن
هر گيت ڏکاري جو لهجو
تاريخ تريء تي آ رکيو
ڪوئي به نٿو دل جي دن مان
تڪرارن جا طوفان تڙي
ويا ساٿ سڪي ويا قول سڙي
ٿا رليو روئن روهاکي
ٻڌ ٻاٻاڻن جا ٻار ننڍا
ٿيو بک وگهي بيمار مرن
هت لوڙهون مارڻ جي به لٿا
سي گهاتو ويا سڀ گهائجي
اي درس عنايت لڙڪن سان
هر ٽهڪ ويو ٽڪرائجي
هر ٽهڪ ويو ٽڪرائجي
(57) جهانگير
تعارف نمبر (57)
[شاعر، مضمون نگار[
اصل نالو : جهانگير
ادبي نالو : جهانگير
ولد : تاج محمد
ذات : ڏاهري
تعليم : MBA. رھائش : ڳوٺ ڄام ڏاهري، سڪرنڊ
رابطو : (3014323_0302). لکڻ جي شروعات : 2015ع
ڇپيل مواد : تقريبن سنڌ جي ڪجهه، رسالن، مئگزينن۽ اخبارن ۾.
لکيل صنفون : غزل، وائي ، بيت ، نظم ، آزاد نظم، بيت، دوها، گيت، نثري ٽڪرا وغيره
اڻ ڇپيل : هڪ ڪتاب جيترو مواد موجود.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
هي وجدان ڇا جا هن، هي امڪان ڇا جا هن
اسان تي عشق جو غلبو، اڳيئون فرمان ڇا جا هن
[b]انگريزي نظـــــم
[/b]
White-Lily
)Short poemm(
After bathing,
I saw your thoroughly,
Your face,
I found like White-Lily,
It enjoyed spring fall,
Oh! Dew drops,
And your face,
I made many probes...
(58) ٺٽوي ڪاتيار
تعارف نمبر (58)
[شاعر]
اصل نالو : ذوالفقار علي
ادبي نالو : ٺٽوي ڪاتيار
والد جو نالو : محمد بخش
جنم : 21 فيبروري 1989ع
ذات : ڪاتيار. رهائش : مڪلي ضلعو ٺٽو.
رابطو : (3094990_0324) تعليم : بيچلر.
لکڻ جي شروعات : 2004ع
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم.
ڇپيل ڪتاب : ( راوَڙ رياتڙو) تحقيق
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
اسان مرنـــدا رهيـــاسين حجابـــن تي
نظر انداز ڪيوسين گل گلابــــــن تي
هتي هر قدم تي آ ڪهرام جاري
هتي قربتن جون قطارون نه آهن
هتي آهي مهرائي مطلب پرستي
هتي هاڻ ڪنهن تي معيارون نه آهن
(61) غلام حيدر خاصخيلي
تعارف نمبر (61)
[شاعر[
اصل : نالو حاجي غلام حيدر
ادبي نالو : غلام حيدر خاصخيلي
ولد : حاجي محمد
ذات : خاصخيلي
جنم : 1958ع
تعليم : پرائمري
ڪرت : مزدوري
رهائش : ڳوٺ ڀائوخان پٺاڻ، ضلعو مٽياري
رابطو : 03423170600
لکڻ جي شرعات : 1990ع
ڇپيل مواد : مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾.
ڇپيل ڪتاب : (دير ڪئي تو اچڻ ۾)شاعري
هڪ ڪتاب گڏيل شاعري جو مرتب ٿيل “هرگل جي خوشبو پنهنجي“.
صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، ڪهاڻي، چؤسٽا وغيره
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]چؤسٽــــو[/b]
تنهنجي آءِ سان عزم آدم جو پورو ٿيو نظم
اي حوا تنهنجي اڳيان سرُ آ صحيفن جو به خم
تنهنجي عظمت جا قصا هِن ماء ڌيء ۽ ڀيڻ تون
پوءِ نه ڇو ڀرجي سگهيا جيڪي مليا توکي زخم
[b]غـــــزل[/b]
جڏهن ڪنهنجي زيرِ اثر ٿي وياسين
ته قطر مجهان ڄڻ بحر ٿي وياسين
رات دير تائين چنڊ رُنو پئي
ڳوٺن، شهرن تي راڪاس لکان
بک جو مذهب پيٽ آ پيارا
ڇا دين جو وشواس لکان
نفرتن جي اُس ۾ سڙن جي
اها بدبوءِ ڪئين آڪاش لکان
[b]نظـــــم[/b]
محبوب جي تصوير بڻايان
رنگ گلابن مان چورايان
اهڙي منهنجي مصوري ڪٿي؟
آسمان کي ڪينواس ڪري
چنڊ تارن کي قلم بڻائي
سج مان ڦڪو رنگ گهرائي
سمنڊ جو تنهن ۾ نيرو آب ملايان
اهڙي منهنجي مصوّري ڪٿي..!؟
انڊلٺ جا سڀئي رنگ کڻي
ڌرتي جي سڀني گلشنن کي
تنهنجي تصوير ۾ ملائي
جا منهنجي من کي هُڳائي
سنڌ جي سُونهن تنهن ۾ سجايان
اهڙي منهنجي مصوّري ڪٿي..!؟
اڌورن سپنن کي بُرش ٺاهي
تعبير تنهن منجھه ڀريان
اوڄاڳيل راتين جون
سوين سارون
فراق وصل جي وچ ۾
دردن جون دانهون تو ۾ رچايان
اهڙي منهنجي مصوّري ڪٿي..!؟
تون صرف منهنجي هجين
مان صرف تنهنجو ٿيان
تنهنجي وجود جا سمورا رنگ وٺي
مان پنهنجي وجود کي رنگان
تنهنجي چپن جو جام اوتي
پريم کي ڪا امرتا ڏيان
اهڙي مان تصوير بڻايان
پر اي سانئڻ
اهڙي منهنجي مصوّري ڪٿي..!؟
اهڙي منهنجي مصوّري ڪٿي..!؟
(69) وسيم سومرو
تعارف نمبر (69)
[شاعر[
اصل نالو : محمد خان
ادبي نالو : وسيم سومرو
والد جو نالو : محمد حسن
جنم : 16 نومبر 1963ع
ذات : سومرو
رهائش : عظيم ڪالوني، نوابشاھ شهر. رابطو: 03053630120
تعليم : ماسٽر سنڌيءَ ۾ ۽ تعليم ۾.لکڻ جي شروعات ؛ 1979ع
ڇپيل مواد : سُھڻي، ساڃاھ، نئين زندگي، سوجهرو، پروڙ، لهرون، همرچو، پوپٽ، ادب، هزار داستان وغيره.
لکيل صنفون غزل : گيت. وائي . نظم . نثر . وغيراه
ڇپيل ڪتاب : 1. ياد جي نيري ندي/ مشترڪہ شاعري
2. دل جون لهرون/ غزل 3. سچ جي چاندني/ ٿر جي پسمنظر ۾ شاعري ۽ سائين عبدالواحد آريسر کي ڀيٽا، 4. پاڻي/ هائيڪو،نظم
مونکي توسان محبت هئي
مونکي توسان محبت آ
کڻي هرهر قسم مونسان
سدائين تو چيو ٿي پر
نه تنهنجو سو ملڻ آهي
نه تنهنجو سو کلڻ آهي
نه تنهنجو رات جو جاڳي
وري هر هر فون تي ڪالون
نه تنهنجا سي گهٽيا آهن
ڏنئي جي درد هر هر ٿي
بدلجي ويو آهين مونکان
رهيو آهين نه ساڳيو تون
وڏيون هامون هنيون ٿي تو
مرڻ ۽ گڏ جيئڻ جون تو
ڪيڏانهن ويا واعده تنهنجا
ڪٿي آهن وچن تنهنجا
ملڻ جي بي قراري تو
هئي لاموش تي هر پل
نه تنهنجي بي قراري سا
نه تنهنجي انتظاري سا
اڃا ڀي ٿو چوين مجروح
مونکي تو سان محبت هئي
مونکي توسان محبت آ
(73) خالد راڄپر
تعارف نمبر (73)
[شاعر]
اصل نالو : خالد اختر
ادبي نالو : خالد راڄپر
ولد : امير بخش
ذات : راڄپر
جنم : 6 سيپٽمبر1978ع
تعليم : بيچلر آف سول انجنيئرنگ ايم.اي
ڪرت : انسپيڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي حيدرآباد.
اصل رهائش: محرابپور ضلع نوشھرو فيروز.
موجوده رھائش : قاسم آباد حيدرآباد. ربطو: 03342191622
لکڻ جي شروعات : 1994ع.
ڇپيل مواد : سنڌ جي تقريبن سڀني رسالن ۽ اخبارن ۾.
لکيل صنفون : غزل، نظم، آزاد نظم، وائي، ھائيڪو، بيت، نثري نظم، نئين ڪويتا.
ڇپيل ڪتاب : ”ڀنل آرسي“ شاعري 2012، تازو ڪتاب ڇپائي لاءِ تيار. سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
جلايو مٽايو يا پنهنجوبنايو
اوهانجي هٿن ۾ اسان جو آ جيون
[b]غــــــزل[/b]
ٻڌو ٻڌو اي دوستو! دماغ ڪم نٿو ڪري
صداقتون نه ڀروسو دماغ ڪم نٿو ڪري
رُلي رُلي جهان ڏٺم وفا سندي تلاش ۾
مليو نه ڪو هتي سچو دماغ ڪم نٿوڪري
جفا جي شهر ۾ سڄو بدن سڙي جلي پَيو
وسو وسو اي بادلو! دماغ ڪم نٿو ڪري
نه رهنما نه همسفر نه مهربان ڪا نظر
اي رهبرو اي دلبرو! دماغ ڪم نٿو ڪري
کڻي اُميد جو ڏيئو وفائي اڄ اچي پيو
ڏِيو ڪو پيار جو ذرو دماغ ڪم نٿو ڪري
[b]نثري نظــــم
“فيصلو”[/b]
ڪو ويچارو ديوانو
اونداهي ڪوٺيءَ ۾
اڪيلو ڪنهنجي يادن ۾
مسلسل روئندو رهيو
ٽڙپندو رهيو
نيٺ پنهنجا لڙڪ پاڻ اگهي
دل کي چيائين
اچ ته اڄ هڪڙو فيصلو ڪريون
هاڻ هي مسئلو حل ڪريون
يا ته هُن جي تمنّا نه ڪر
مونکي ايڏو تنگ نه ڪر
هر ڳالھه تي ضد نه ڪر
يا اچ ته ٻئي همٿ ڪري
جستجو ڪري
هن کي هميشه لئه پنهنجو ڪريون..!!
(76) هدايت ڏيپر
تعارف نمبر (76)
[شاعر، ڪاڻيڪار]
اصل نالو : هدايت الله
ادبي نالو : هدايت ڏيپر
ولد : محمد خان
ذات : ڏيپر
جنم : 08 اپريل 1970ع
تعليم : انٽر
ڪرت : پرائيويٽ ملازم
رهائش : مورو شهر
رابطو : 03063212501
لکڻ جي شروعات : 1995ع
ڇپيل مواد : تقريباََ سمورن سنڌي رسالن، ميگزينن ۽ اخبارن ۾.
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم وغيره، اُن کان علاوه گڏيل شاعريءَ جي ڪتابن“سک نه ستا ڪڏهن“، “لفظن جاسڏڪا“، “ادب آبِ حيات” ۽ “شاعري ڳالهائي ٿي” ۾شاعري ڇپيل.
اڻ ڇپيل ڪافي مواد موجود.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
اکين جي سمندر جون ٻيڙيون به ڇوڙي ڇڏيوسين
حياتيون به ڇولين سان ڪي جوڙي ڇڏيوسين
اسان لئ سوين سازشن جا ٿي ٻريا ڀڀڙ ھت
اسان عشق پنهنجي جو جهنڊو به کوڙي ڇڏيوسين
اصل نالو : سانوڻ
ادبي نالو : سانوڻ راڄڙ
و لد : حضوربخش
جنم : 07 سيپٽمبر1981ع
ذات : راڄڙ
رهائش : ڳوٺ محمد بچل راڄڙ، اڇڙوٿر
تعليم : انٽر. رابطو: 03415023036
لکڻ جي شروعات : 1995ع .
ڇپيل مواد : عبرت ميگزين، مهراڻ، ڪاوش، ارادو، عوامي آواز، ڪلياڻ، واڪا، جيجل، سنڌ ايڪسپريس، سانگهڙ، سماچار، نئون صبح، سنڌ سرواڻ، نئين زندگي، سوجهرو، همرچو، ادب، هزار داستان، اڇڙوٿَر وغيره.
لکيل صنفون : شاعري، ڪالم، ڪهاڻي.
اڻ ڇپيل مواد : ٻه ڪتاب ”ڪالم منهنجا“ ۽ “ٽنڊومٺا خان جي تاريخ“ تياريءَ جي مرحلي هيٺ.
سندس لکڻيءَ مان ڪجھه ونڊ
[b]ماھ شعبان جون فضيلتون برڪتون!!
[/b]
الله تبارڪ و تعاليٰ انسانن جي مٿان پنهنجون رحمتون ۽ ڪرم نوازيون عطافرمائيندو آھي انهن رحمت رباني مان مهينن ۾ خاص ڪري ماه شعبان ۾ پنهنجون برڪتون ۽ نوازشون ٻانهن جي مٿان ڪندوآھي قرآن پاڪ ۾ سوره الدخان، پاره (04) ۾ ارشادفرمايو آهي ته شب برات جي رات تقديري فيصلا ڪيا وڃن ٿا. علامه جلال الدين السيوطي رحمته الله عليه پنهنجي جڳ مشهور تفسير الدزُ المنثور ۾ بيان ڪن ٿا ته سيدنا حضرت علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه جن کان روايت ڪن ٿا ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ته جڏهن پندرهين شعبان جي رات اچي ته ان رات الله تعاليٰ جي عبادت ڪندا ڪريو ۽ ڏينهن جو روزا رکو. ڇو ته الله تعاليٰ سج لهڻ شرط آسمان ۽ دنيا تي جلوه گر ٿئي ٿو، ۽ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته آهي ڪو ماڻهون جيڪو مون کان بخشش طلب ڪري آئون ان کي بخشي ڇڏيان، آهي ڪو ماڻهون جيڪو مون کان رزق طلب ڪري، آئون ان کي رزق عطا ڪري ڇڏيان، آهي ڪو پريشان حال ماڻهون جو مون کان پريشاني مان نجات گهري ته آئون ان کي مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏيان، آهي ڪو سوال ڪرڻ وارو جو آئون ان کي عطا ڪري ڇڏيان. ڇا ڪو اهڙو ماڻهون آهي؟ ڇا ڪو اهڙو ماڻهون آهي؟ اهي پڪارون اچنديون رهن ٿيون. ايستائين جو صبح صادق ٿئي.حضرت معاذ بن جبل رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم فرمايو ته خدا تعاليٰ نصف شعبان جي رات کي پنهنجن سموري مخلوق جي طرف نظر ڪندو آهي.سڀني جا گناهه معاف فرمائيندو آهي. سواءِ مشرڪن ۽ بغض (ڪينو) رکڻ وارن جي.
امام ابن ابي شيبه امام ترمذي، ابن ماجه ۽ بيهقي جن امُّ المومنين حضرت سيّده عائشه رضي الله عنه کان روايت ڪن ٿا ته مون هڪ رات رسول الله ﷺ جن کي پنهنجي گهر ۾ نه ڏٺو، آئون کين ڳولهڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتس، ڇا ڏسان ٿي ته پاڻ ڪريمﷺ جن جنت البقيع (مدينه منوره جي مُقام ) ۾ آهن، سندن نگاهون آسمان جي طرف آهن، پاڻ فرمايائون ته اي عائشه! ڇا تون ان ڳالهه کان خوف زده آهين ته الله ۽ ان جو رسول توتي ڪو ظلم ڪندا؟ مون عرض ڪيو ته ( يا رسول الله ﷺ) مون کي ان ڳالهه جو ڪو به خوف نه هو، پر مون کي گمان هو ته توهان پنهنجي ازواج مطهرات مان ڪنهن وٽ تشريف فرما ٿيا هوندا. پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته الله تبارڪ و تعاليٰ پندرهين شعبان جي رات آسمانِ دنيا تي نزول فرمائي ٿو ۽ بنو قلب قبيلي جي ٻڪرين کان به زياده ماڻهن کي بخشي ڇڏي ٿو.الله تعاليٰ جا ڪروڙين ڪرم آھن جو پنهنجن ٻانَهنَ تي اهڙا با برڪت مهينا عطا ڪيائين.
شعبان جو مهينو حضور اڪرمﷺ جن جو مهينو، جنهن ۾ پاڻ تمام گھڻي انداز ۾ روزا رکندا هئا. رات جو قيام معمول کان وڌيڪ فرمائيندا هئا. جڏهن شعبان جي آخري تاريخ ٿيندي هئي ته رسول اڪرمﷺ جن رمضان جي مهيني جي عظمت جو استقبالي خطبو ڏيندا هئا. امام خطيب رح رواه مالڪ ۾ امُ المومنين حضرت سيّده عائشه رضه کان روايت ڪري ٿو ته مون نبي ڪريمﷺ جن کي فرمائيندي ٻُڌو ته الله تبارڪ و تعاليٰ چئن راتين ۾ خير جا دروازا کولي ڇڏي ٿو، هڪ عيدالفطر، ٻي عيد الاضحيٰ، ٽين پندرهين شعبان جي رات، جنهن ۾ انسان جو موت ۽ رزق لکيو وڃي ٿو ۽ چوٿين عرفات جي رات صبح ٿيڻ تائين. سال جي ٻارهن مهينا جن مان ڪِن مهينن جا فضائل نبي اڪرمﷺ جن جي حديثن ۾ آيا آهن.
(81) رحمت پيرزادو
تعارف نمبر . (81)
[شاعر، ڪاڻيڪار، مضمون نگار]
اصل نالو : رحمت الله
ادبي نالو : رحمت پيرزادو
ولد. : مير محمد
ذات : پيرزادو
جنم : 01 فيبروري 1978ع
تعليم : بي.اِي (ايگريڪلچر)، ايم.اي سنڌي.
ڪرت : چيف انجنيئر (ايگريڪلچر)
رهائش : اِي 15 الشمس ڪومپليڪس، جوهر موڙ، ڪراچي
رابطو : 03337551931
لکڻ جي شروعات : 1992ع
ڇپيل مواد : سنڌ جي سمورن اخبارن ۽ رسالن ۾
لکيل صنفون: غزل، گيت، وائي، نظم، ڪهاڻي، ڪالم وغيره.
ڇپيل ڪتاب : ”ڪليسا جي دريءَ ما“، “ڪينڊل لائيٽ”، “خمار، گيت، چاندني”، “اڪيلائيءَ جو ڪئنواس”، “خدائي رقص ۾ آهي”، “دلين جا داخلي رستا”، “صليب جاڳ اسان جي”(ترتيب).
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]نظـــــم[/b]
مسافر ڇوڪري آهي
مسافر ڇوڪري آهي
ٽڪي پئي روح منهنجي ۾
هُو جيڪا جل پري آهي
سفر ۾ ساڻ آ مون سان
هوا ۾ هٿ هڻان ٿو مان
ته ڪا ڪوساڻ آ مون سان
بدن رنگريز وانگر ٿس
هوا ۾ هرک هاري ٿي
اُها مون کي سڏي ٿي پئي
اُها مون کي پُڪاري ٿي
انهيءَ جا نيڻ قاتل هن
انهيءَ جي گھور ٿي گھائي
وفا جا ويڻ قاتل هن
گھٽي آ گھُور ۾ ان جي،
محبت موڪري آهي!
مسافر ڇوڪري آهي!
اسان هن ديس ۾ هوندي به
ڄڻ پرديس ۾ آهيون-
مسافر ڇوڪري ناهي،
اسان جو من مسافر آ!
اسان جو هي سڄو جوڀن،
سڄو درپن مسافر آ!
مسافر پير، پيغمبر،
سڄو عالم مسافر ۽
مسافر مُرڪ آ پنهنجي
اسان جو غم مسافر آ!
سفر جي آجيان ۾ جا
گُلن جي ٽوڪري آهي،
مسافر ڇوڪري آهي!
ڏينهن ڏٺي جا ڌاڙا آهن..!!
[b]نظـــــم[/b]
پيار اسان جو الجبرا جيئن
گھاٽو ڌُنڌ ٻٻر جي ٻاري
سيءُ سُنگھي ويو ماٺ وڻن جي
ڌنڌ دڳن تي آ چوڌاري
ڳوٺ ڊسمبر کي اوڙهيو آ
اسڪولن لئه ٻار اُٿن ٿا
وات منجھان سي ٻاڦ ڪڍن ٿا
جھوني در جو تاڪ کُلي ٿو
هوءَ جيڪا استادڻ آهي
پلڪارُن تي پير رکي ٿي
۽ دنيا کي گول گھُمي ٿي
پيار اسان جو الجبرا جيئن
مايوسيون، مونجھارو آهي
هن جي ڪاري برقعي جو هي
رنگ ته ڪيڏو ڪارو آهي
هُوءَ جا پاڻ اڇي اُجري آ
نيڻ انهيءَ جا جيئن کڄن ٿا
دل ۾ ڪي ئي ساز وڄن ٿا
ڳالهه انهيءَ جي جادوءَ جهڙي
ماٺ انهيءَ جي موسيقي آ
هُوءَ جي ماٺ ڪري ويٺي آ
ٽيبل، ڪُرسي پڻ چُپ آ پر
هن جي ماٺ به ڳالهائي ٿي
هر ڪا واٽ به ڳالهائي ٿي
هُوءَ جا ميٿ پڙهائيندي آ
سُلجھائي الجھائيندي آ
اُلجھائي سُلجھائيندي آ
چاڪ انهيءَ جو ميري من تي
اُجرا اُجرا لفظ لکي ٿو
دردُ دلين کان دور ڀڄي ٿو
ڄڻ هُو پيار پڙهائيندي آ
هُن جي مُرڪ مسيحائي آ
هُن جا نيڻ خدا جهڙا ۽
ڇا ته ڀرون سي جاڙا آهن
هُن ۾ جيڪو واس رهي ٿو
ان سان ڌُنڌ جيان ڍڪيل هي
سارا اوڙا پاڙا آهن
۽ جي ناهي، شهر سڄي جا
گس لڳن ٿا ٻاڙا آهن
دل جو داد، فرياد نه ڪوئي
ڏينهن ڏٺي جا ڌاڙا آهن..!!
دنيا جي پُرڪيف فضا مان
تنهنجي هر هڪ يار صدا مان
تنهنجي هٿن جي هڪڙي هڪڙي
روئِي گُهرِيَل يار دعا مان
مون جهڙو بيڪار به نڪتو..!!
تنهنجِي اک مان وار به نڪتو..!!
دنيا جي هِن ويراني مان
هر هڪ طنز ۽ هر طعني مان
مدّت کان هڪ آس تي ويٺل
تنهنجي دل جي مئخاني مان
پياسو هڪ مئخواربه نڪتو..!!
تنهنجِي اک مان وار به نڪتو..!!
تنهنجي ديس نرالي مان اڄ
هر هڪ يار حوالي مان اڄ
جُتِيءَ مان جيئن ڪوڪو نڪري
تنهنجِي ٿالهي، پيالي مان اڄ
ڀاڱي ڀائِيوار به نڪتو..!!
تنهنجِي اک مان وار به نڪتو..!!
دل مان، دل جي ارمانن مان
قولن مان ۽ فرمانن مان
انڌن جِي هِن وستِيءَ مان ۽
پٿر ديس جي انسانن مان
هڪ شيشه بردار به نڪتو..!!
تنهنجِي اک مان وار به نڪتو..!!
[b]چؤســــــٽو[/b]
وقت جيسين هُيو تيسين سمجهوسون ڄڻ !
وقت نوڪر هُجي، دل وڏيرِي هُجي.
اسانجي ڀاڳ ۾ ناهي اوهان جي حسن جي سُرڪي
خدارا قسط تي هيڪر حياتي کي پوائي ڏي
اوهان جي ياد کي ميڙي سُتو آھيان صحيفي تي
اکين جي آھ زاري ڏس پٿر کي پارسائي ڏي
[b]نظـــــم
”رات“[/b]
رات رقاصا جي بدن تي
رهجي وئي آھي..!!
۽ آئون ڏينهن جو خواب ڏسي
خدا جي ڳُجھه ۾ ھٿ وجهي رهيو آھيان.
ڪاش..!!
آئون تنهنجي رخسار واري تِرَ تي
ڪنهن اردو شاعر جي
سِٽن جهڙي ڪا سٽ لکي سگهان ها،
پر ايئن نہ ڪري سگهيس..!!
بک منهنجي هر سوچ کي
مروڙي ۽ ماري ڇڏيو آھي..!!
آئون هڪڙي ڦٽ پاٿ تي
ويٺل مواليءَ جي لاءِ
نہ ملندڙ آفيم ٿي ويو آھيان..!!
سڄو شھر ڊوڙي رهيو آھي
۽ اڪيلو مان
خدا جي برابري تي سوچي رهيو آھيان..!!
(84) جي ايم لاڙڪ
تعارف نمبر (84)
[شاعر]
اصل نالو : غلام مجتبي
ادبي نالو : جي ايم لاڙڪ
ولد : استاد غلام قادر
ذات : لاڙڪ
جنم : 11 مارچ 1978ع
تعليم : بي.ا يس.سي ڪمپيوٽر
ڪرت : پرائيويٽ جاب. رابطو : 03023362350
رهائيش : نئون ڪوٽ، ڏهرڪي، ضلع گهوٽڪي.
لکڻ جي شروعات : گذريل ڏهن سالن کان.
لکيل صنفون : غزل، وائي، نظم، نثري نظم، چوسٽا، ٽيڙو.
ڇپيل مواد : هزارداستان، ارچڪ مرچڪ، پوپٽ، همسري، گل ڦل ۽ اُن کان علاوه گڏيل ڪتابن “چوڏس ميگهه ملهار”، “پير پير جو پنهنجو پنڌ“ ۾ پڻ شاعري شامل.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
چُمِي جِي بُکِي آ
ھِي دل ڪجھہ ڏُکِي آ
ٻَچن کي ڏِجي ڇا
نہ ماني سُڪِي آ
ڏِسِي حال ھيڻو
ڪنھن ماني مُڪِي آ
ڏِسِي حال سنڌ جو
ھِي دلڙي رُنِي آ
وڏيري جي ظلمن تي
ڪاوڙ لڳِي آ
[b]غــــــزل[/b]
سونهن جي گهر کي تالا آهن
مڌ کان خالي پيالا آهن
حُسن ڪيو بدنام الا ڙي
رانجهڻ، مجنون نالا آهن
نيڻن جي سڪ ماپ اچي هي
تنهنجا موڊ نرالا آهن
ڪڏهن جنت ڪڏهن دوزخ
تنهنجا موڊ نرالا آهن
روز پيئن ٿا منهنجي رت کي
درد به دوست موالا آهن
ايڏو پڄريو ناهيان باقي
ڪاٽيا مون به ڪشالا آهن
منهنجا شعر هي منهنجا ناهن
تنهنجا يار حوالا آهن
عشق جو پنڌ ڏکيو آ پيارا
پير ۾ اڄ ڀي ڇالا آهن
[b]چوسٽــــو[/b]
نظرون ترش نهاري وئي
کلندي کلندي ماري وئي
صنم ڪيڏي سنگدل هئي
رستي منجهه بيهاري وئي
[b]نثري نظـــــــم
[/b]
احساس ئي احساس آهن
محبت کي هاڻ تون ئي ٻڌائي
وڌائيندا آهن ته مان تو بنا
۽ منهنجي من ۾ ڪئين جيئان..!!
تولئه هزارين
(85) اصغر باغي
تعارف : نمبر (85)
[شاعر، مضمون نگار]
اصل نالو : غلام اصغر
ادبي نالو : اصغر باغي
ولد : محمد سچل
ذات : کوسو
ڄم جي تاريخ : 05 مئي 1962ع
جنم ڀومي : ڳوٺ حاجي يار محمد کوسو، لڳ احمدپور، تعلقو ڪنگري، ضلعو خير پور.
تعليم : ماسٽرس. رابطو: 03332399099
رھائش : گلشن حديد فيز ٽو، ڪراچي.
لکڻ جي شروعات : 1983ع
ڇپيل مواد : هلال پاڪستان، عوامي آواز، تعمير سنڌ، امن، سوجهرو، اجرڪ، دي پرزنر، همرچو، پرک، تِروِرا، سنڌ راڻي، همسري، لوڪ ۽ ٻيا ڪيترن ئي ادبي مئگزينن ۾.
گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “شاعري ڳالهائي ٿي“ ۾ پڻ شاعري ڇپيل
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، مضمون نگاري وغيره.
شاعري مختلف گلوڪارن ڳائِي جن ۾ سرمد اياز، زاهد شيخ، مراد يوسف، ٻيجل سنڌي، ممتاز رڏ، نوح مري ۽ ٻيا.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــــزل[/b]
آدرشن جي ، لات وڪيَئي ڇو
تاريخن جي ، تات وڪيَئي ڇو
وحشتن جي وات ۾
رت آهي رات ۾
قيد پنهنجي ذات ۾
ٻوڙا نٿا ٻڌن سدا
مون آھي محسوس ڪيو
”سنڌ آ ٻِي ڪربلا..!!“
”سنڌ آ ٻِي ڪربلا..!!“
ابنِ علي جو خون ٿيو
يزيد پوءِ سڪون ڪيو
قيد سيدياڻيون ڪري
جشن هو ملعون ڪيو
برپا ٿي پوءِ عزا
مون آھي محسوس ڪيو
”سنڌ آ ٻِي ڪربلا..!!“
”سنڌ آ ٻِي ڪربلا..!!“
سنڌ جا جوڌا هي ڏس
حسينيت جي راھ تي
هوڪا پيا حق جا ڏين
پير تن جا باھ تي
وک ناهن پوئتي هٽيا
مون آھي محسوس ڪيو
”سنڌ آ ٻِي ڪربلا..!!“
”سنڌ آ ٻِي ڪربلا..!!“
(105) سنڌو پيرزادو
تعارف نمبر (105)
[شاعر]
اصل نالو : سنڌو پيرزادو
والد جو نالو: ستار پيرزادو
ذات : پيرزادو
جنم : 11 سيپٽمبر
تعليم : ايم.اي اردو
ڪرت : سرڪاري نوڪري
رهائش : اِي 15 الشمس ڪومپليڪس، جوهر موڙ، ڪراچي.
ڇپيل مواد : سنڌي ريکائون، ناٽڪ ميگزين، ڪاوش دنيا، سرتيون، عوامي آواز، سنڌ ايڪسپريس وغيره
لکيل صنفون : غزل، گيت، وائي، نظم، چؤسٽا وغيره.
ڇپيل ڪتاب : “صليب جاڳ اسان جي” (ترتيب).
سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــــزل[/b]
هي دل اي هرجائي توکي ڳولي ٿي
ڪاٿي آن تنهائي توکي ڳولي ٿي
پوڄا ڪندي رهي هئي ڪٽپر جا پيار جي
ڇا زندگي جڳن کان رڻ جو سفرُ هئي
[b]اردو غزل
[/b]
اب سیانے ہو گئے ہیں یار اپنے
جو کرو تو بس کہا، یُوں یُوں کرو تم
ہے رکھی گردن چُھری پہ جانِ من نے،
پھر کہا بندا بنو، نہ چُوں کرو تم
هاتھ رکھ کر سر ڈھکا کچھ نہ دیا بس,
مانگ لی اپنی زباں، ہاں ہُوں کرو تم
جیب خالی ہو سرائی تب لگاؤ
تیل موچھوں اور پھر فاں فُوں کرو تم
جب پڑے تیرا کسی میں کام کٹپر,
پَھٹ اسے جاکر بھلے ماموں کرو تم
[b]نثري نظــــــم
[/b]
تو کي چنڊ چيو ،
تو روشني چيو ،
ايڏو پيار ڏئي ،
مون تي ٿورو ڪيو.
پر منهنجا پيارا ،
نينهن جا نيارا ،
ايڏو نه پيار ڪيو ،
پوءِ نه پڇتاءُ ڪيو !
ڇو ته پنهنجي ،
پڇاڙي ناهي رهندي۔۔!!
(115) آزاد مري
تعارف نمبر (115)
[شاعر]
اصل نالو : محمد اعظم
ادبي نالو : آزاد مري
ولد : صوبدار خان
جنم : 17 آگسٽ 1978ع
تعليم : بي.ايڊ
رهائش : سانگهڙ. ڪرت : سرڪاري ملازم
رابطو : 03412872884
لکڻ جي شروعات : 2016ع
ڇپيل مواد : سانگهڙ، سماچار.
لکيل صنفون : نعت، منقبت، غزل، چؤسٽو، وائي.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.
[b]غــــــزل[/b]
ستايل اکيون ۽ ڏکايل اکيون
اٿئي هي اسانجون او گهايل اکيون
اوهان کان پوءِ ڪنهنجون ٿيون ڪونہ آهن
اوهان جي در تي آهن وڪايل اکيون
اوهان جي دڳن تي هميشہ جي لائي
گلابن جيان هي وڇايل اکيون
پسڻ لائي پرين کي تتي ريت جيئن
هجن ڄڻ اسان جون اڃايل اکيون
اسان جي اکڙين جي پڙهي ڳالھه ڪوئي
قرب جي نشي ۾ خماريل اکيون
ڀلايان ڀلا ڪيئن آزاد مان
اکن سان هن جون ملايل اکيون
[b]چوسٽــــو[/b]
ڏٺوسين قرب هي تنهنجو ڏٺوسين هي پيار تنهنجو
گهڙي کن قرب جون ڳالهيون پوءِ تڪرار هي تنهنجو
لڳين ٿو غير جي سيني ڪرين ٿو قرب جون ڳالهيون
انهيءَ کان تہ چڱو آهي پرين انڪار هي تنهنجو
[b]وائـــــي[/b]
موٽي بهار آئي
مونڏي قرار ناهي
هينئڙي تي بار آهي..!!
پيرون پچي ويا هن
گڏ يار ناهي
هينئڙي تي بار آهي..!!
ٿوهر بہ ٿڙ ٿڙايو
کٻڙن ۾ خار ناهي
هينئڙي تي بار آهي..!!
ڪونجون بہ ڪرڪرايون
ليڪن قطار ناهي
هينئڙي تي بار آهي..!!
چاندي جو چنڊ آهي
سوني پڪار ناهي
هينئڙي تي بار آهي..!!
ويندو هليو هي اعظم
ڪنهن وٽ ترار ناهي
هينئڙي تي بار آهي..!!
(116) غفار شيخ
تعارف نمبر (116)
[شاعر]
اصل نالو : عبدالغفار
ادبي نالو : غفار شيخ
والد جو نالو : غلام رسول
ذات : شيخ
جنم : 01 فيبروري 1979ع
تعليم: ايف.اي
ڪرت : جيڪا ملي!، في الحال سماء ٽي وي تي.
رهائش : ڏھرڪي/ڪراچي. لکڻ جي شروعات : 1995ع
رابطو : 03323587435
ڇپيل مواد : ھالار، سنڌ رنگ، سوجھرو، عبرت، خبرون ۽ ڪاوش.
صنفون لکيل : تقريباََ سڀني صنفن تي پر غزل گھڻو لکيو اٿن.
سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
منھنجي اک ۾ پنھنجي اک جا منظر ڳوھِ
پنھنجي ھٿ سان ٻيھر چارئي عنصر ڳوھِ
آءُ ڪـيراءِ صلـيبي ديـدون ڏاگھه تـي چاڙھ
سونھن جا نشتر عشق جا مون ۾ لشڪر ڳوھِ
سير سنڌوء جي سڪي ويئي مگر
دل جي درياء وهڪرو ناهي ڇڏيو
گوشو گوشوار راحتن جو ، غم الم
ڪو به ويڙهو ويڪرو ناهي ڇڏيو
بخت پنهنجي وقت جو ساٿي سڌير
اڄ به ڏک جو ڏوجهرو ناهي ڇڏيو
مدتن کان پيار جي پيماني کي
حادثن هڪ جيترو ناهي ڇڏيو
فاصلن جا حال ڪهڙا اورجن
حالتن اڄ اوترو ناهي ڇڏيو
ڏسي اڀ تي حالات گردش زحل
روشني اڃان ترورو ناهي ڇڏيو
[b]نظـــــم
تاريخ[/b]
خطائون جي، ڪجن اڄ ٿيون
تن خطائن جي سزا تاريخ ڏيندي آ
لڪائجن ٿا، جي گند گناهن جا
بي پرده تن گناهن کي، ڪري تاريخ ڇڏيندي آ
لمحا جي رهيا، هر وقت سفر ۾ آهن
انهن لمحن کي، واپس ورڻ جي صدا تاريخ ڏيندي آ
جهالت جي انڌيرن ۽ ستمگر طوفانن، ڏيئا جيڪي وسايا ها
اجهاڻل تن ڏيئن کي، ٻارڻ جي حرارت، تاريخ ڏيندي آ
ادب جا گم ٿيل آهن جي شهپارا
انهن شهپارن کي جڳه، تاريخ ڏيندي آ
ملي ٿو داد جن کي، دهل ۽ ڌمچر تي
اصل قلمڪارن کي، داد تاريخ ڏيندي آ
زنده قومن جي وساريو ٿا خوشحالي اوهان اڄ ڀي
خبر خوشحالي ٻڌائي تن کي، تاريخ ڇڏيندي آ
ڪهاڻي ياد جن کي نه عنوان ياد جن کي
اهڙن ڪند ذهنن ڪردارن کي، وساري تاريخ ڇڏيندي آ
دلين جا زخم قومن کي، سمهڻ ڪونه ڏيندا هن
هلڪو خمار آيو ، جاڳائي تن کي تاريخ ڇڏيندي آ
سياست ۾ شعبده بازيون، بد ڪلاميون ۽ بد گمانيون
حقيقي رهنمائن کي، دعا تاريخ ڏيندي آ
خدا بڻجي وڃن ٿا جي، خدا جي ڌرتيء تي
زمين جي تن خدائن کي، مٽائي تاريخ ڇڏيندي آ
(119) وسيم گبول
تعارف نمبر (119)
[شاعر]
اصل نالو : وسيم
ادبي نالو : وسيم گبول
ولد : محمد صالح
ذات : گبول
تعليم : ايم.اي سوشالوجي، ايم.اي سنڌي
جنم : 15 آگسٽ 1984ع. ڪرت : رڪشو هلائڻ.
رهائش : گهوٽڪي / ڪراچي. لکڻ جي شروعات : 1994ع
رابطو : 03048672729
ڇپيل مواد : عبرت مئگزين، مِٽي، ڪينجهر، ادب، هالار، عوامي آواز، ڪاوش، سنڌ. اُن کان علاوه گهوٽڪي ضلعي جي دوستن جي گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “تارا تارا جهول“ ۾ شاعري ڇپيل.
لکيل صنفون:غزل، وائي، نظم، آزاد نظم، نئين ڪويتا، پنجڪڙا.
اڻ ڇپيل: هڪ ڪتاب “ڏُک کي ڏُک آ“ڇپائيءَ جي مرحلي ۾.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ.
غــــــزل
عشق ملهائي پيو زندان ۾
سنڌ امّڙ آ جنگ جي ميدان ۾
وطن لئه ويرين سان وڙھبو تيستائين
جيستائين ساھ آھي جان ۾
سنڌ جا ساڃاھ وندو هاڻي اُٿو
ڪُجھه ته غيرت هوندي آ انسان ۾
روز کنڀجن ديس جا ڳڀرو هِتي
روز آھيون عشق جي امتحان ۾
اي اديبو! شاعرو! ڪافر ٿيو
ڪيترو جيئندؤ انڌي ايمان ۾
سيد ۽ سنڌ سان جَڙيل آ جيءَ ائين
ساھ سمايل هوندو آ جئين جان ۾
اصل نالو : سيد اعجاز علي
ادبي نالو : اعجازشاھ
والد جو نالو : جهان علي شاھ
ذات : سيّد
جنم : 16مارچ 1983ع. ڪرت : فوٽو گرافي
رهائش : ٽنڊو غلام علي. تعليم : گريجوئيٽ
رابطو : 03153330621. لکڻ جي شروعات : 2003ع
ڇپيل مواد : سوجهرو، هزار داستان ۾.
لکيل صنفون : غزل، نظم، نئين ڪويتا.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــزل[/b]
ڪـــير دل جون حــالتون پڌريون ڪري
آرسي تي عادتــــــــــون پڌريون ڪـــري
پو ڪــــريان پنهنجي به نالي ٻه گهڙيون
بس دنيا جي محبتون پڌريون ڪــــــري
[b]نظــــــم [/b]
پڇين ٿو هاڻ روزو ٿئي..!!
ڪڏھن فاقا ڪڍيا ڏينهَن
ڪڏھن راتيون اڃاريون ٿيون
پياريم لڙڪ ٻچڙن کي
دوائون جيئن مهانگيون ٿيون
اسان عيدون نپايون سين
لٽن جي سوچ کارائي
جتين کاڌا ڪنڊا جيڪي
انهن سان عيد پنهنجي ٿي
وني ڦاٽل وڳو سبندي
ڏني آٿت پي کيسي کي
وسي هئي هيل ڇت پنهنجي
ٽميو هو بورچيخانو
جنت پنهنجي ڊيڄاريو هو
ٻچن کي هيل سانوڻ ۾
سَوَڙ سياري نه آندي هئي
رلي رِيڙھُون هئي پنهنجي
کٽن تي هنڌ ها ساڳيا
ڪٿي گرمي !! ڪٿي سردي !!
سمورو سال هو پنهنجو
حياتي کان ئي روزي ۾
جيئڻ پنهنجو ئي بند هو ڄڻ
مرڻ اوکو آ ٻچڙن پوءِ
ڪٽيم يارنهن مهينا ڪيئن
ڪلهي تي هٿ رکي پڇيئي
ڪڏھن پڇيئي اچي مونکان
ته ويڳاڻپ اٿم ڇا لاءِ..!!
سمورو سال گذري ويو
کلڻ مون کان ئي وسري ويو
ميان هي ماجرا ڇاهَي…!!
پڇين ٿو هاڻ روزو ٿئي…!!
پڇين ٿو هاڻ روزو ٿئي…!!
(136) نسرين الطاف
تعارف . نمبر (136)
[شاعر، ڪهاڻيڪاره، مضمون نگار،ڪالم نويس]
اصل نالو : نسرين الطاف
ادبي نالو : ساڳيو
والد جو نالو : الطاف حسين
ذات : قريشي
جنم : 14 آگسٽ
تعليم : ايم.اي سنڌي ادب، ايم.اي پوليٽيڪل سائنس
ڪرت : تعلقه ايجيوڪيشن آفيسر فيميل شهدادپور
لکڻ جي شروعات : 1987
لکيل صنفون : غزل . گيت. وائي . نظم . ربائي. ٽي سٽا . چوسٽا. ڪالم . ڪهاڻي . مضمون
ڇپيل مواد : تقريبن سنڌ جي سڀني رسالن . مگزين . ۽ اخبارن ۾
ڇپيل ڪتاب : 1. “درد جي ڇانو” شاعري، 2. “رڻ ٿو رڙيون ڪري” شاعري.
هڪ ڪهاڻين جو ۽ هڪ شاعريءَ جو ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ.
اُن کان علاوه شاعري ۾اڻ ڇپيل ٽن ڪتابن جو مواد موجود ۽ هڪ ڪالمن جي ڪتاب جو مواد پڻ موجود.
سندن شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غـــــــزل[/b]
سانت چوي ٿي ڀڻڪا گهرجن
ساز جي ناھي سڏڪا گهرجن
نيڻ جهڪائي ڇا ٿا سوچو؟
وڻ وڻ مان اڄ واڪا گهرجن
هاڻي آءُ امن سان ملجي
ڪين امڙ کي لاشا گهرجن
ساهه نه ڪوئي خوف ۾ ڏسجي
خير جا چار ئي پاسا گهرجن
روئي ننڍڙي ڌيءَ چوي ٿي
چار گرنهه ٿا بابا گهرجن
ساڙ نٿي نسرين گهري دل
پيارا، پيار پتاشا گهرجن
[b]نظــــــم[/b]
توکي روز پڪاريان بابا..!!
تنهنجي راهه نهاريان بابا..!!
تو بن گهر آ خالي خالي
تو بن ڪهڙي عيد ڏياري
هر هر توکي ساريان بابا..!!
تنهنجي راهه نهاريان بابا..!!
تنهنجي ياد اچي ٿي جهوري
من اندر کي ڀوري ڀوري
تنهنجا پيار سنڀاريان بابا..!!
تنهنجي راهه نهاريان بابا..!!
ساڙ تتيء کان خوب بچايئي
جيون جو هر ڍنگ سيکاريئي
ڳالهيون سي نه وساريان بابا..!!
تنهنجي راهه نهاريان بابا..!!
تنهنجي دوري ماري پيئي
وسريا سک نسرين سڀئي
هنجون ويٺي هاريان بابا..!!
تنهنجي راهه نهاريان بابا..!!
(137) عزيز سولنگي
تعارف نمبر (137)
[شاعر]
اصل نالو : عزيزالله
ادبي نالو : عزيز سولنگي
والد : محمد عيدن
ذات : سولنگي
جنم : 02 مارچ 1985ع
تعليم : ايم.اي سوشالاجي. لکڻ جي شروعات : 2005ع
ڇپيل مواد : تقريبن اخبارن رسالن ۾.
رابطو : 03113526606
لکيل صنفون : گيت، غزل، وائي، بيت، نظم، پنجڪڙا، ترائيل.
سهيڙيل ڪتاب : 1. “مٽي جا غزل”، 2. “اڌوريون ڪوتائون”، 3.“جُهڙ نيڻئون نہ لهي”.
اساں مال چریندیں مر ویسوں..!!
ایویں حال سنڑیندیں مر ویسوں..!!
ساڈا وارث جگ تے کوئی کینی
کُھتھے وال گنڑیندیں مرویسوں
دربدری کیتے جنم پے ڈیندوں
مردے بال گنڑیندیں مرویسوں
نِکی عمر اچ مال دے ہیلک کر
ہُنڑ وال بنڑیندیں مرویسوں
اساں مال چریندیں مر ویسوں..!!
ایویں حال سنڑیندیں مر ویسوں..!!
اے سارے گپل چیر ودن
لیڈر نہیں خنزیر ودن
باعزت بے توقیر ودن
مفاد پرست شریر ودن
اودوکھے ڈیندے رہ ویندن
اساں بھال گنڑیندیں مر ویسوں
اساں مال چریندیں مر ویسوں..!!
ایویں حال سنڑیندیں مر ویسوں..!!
کیا پلے ملک دے رکھیا ہے
اوبے ضمیرو خنزیرو
سڑکاں سولنگاں پی گئے او
بے مرشدے لوکو بے پیرو
کھا پی تے ڈکاراں مارگیو
لٹ وطن میڈا غدار گیو
جھیڑے ساڈےپلے پاتو وے
ہُنڑ بال لڑیندیں مرویسوں
اساں مال چریندیں مر ویسوں..!!
ایویں حال سنڑیندیں مرویسوں..!!
(139) سارنگ سولنگي
تعارف نمبر (139)
[شاعر]
اصل نالو : معشوق علي
ادبي نالو : سارنگ سولنگي
والد جو نالو : جمال الدين
ذات : سولنگي
جنم : 22 جولاءِ 1980ع
تعليم : بي.اي
ڪرت : حيسڪو ۾ ڪلارڪ
رهائش : راجپوت ڪالوني، گلشن اقبال بلاڪ 3، ڪراچي
ربطو : 03158504160
لکڻ جي شروعات : 1997ع
ڇپيل مواد : عبرت ميگزين۔
لکيل صنفون : غزل، وائي، گيت، نظم، ترائيل، بيت، دوھا، چوسٽا، ڇھہ سٽا، ھائيڪا۔
سندس شاعريءَ مان ڪجھہ چونڊ:
[b]غــــــزل[/b]
رنگين تو سلسلا گھٽائي ڇڏيا
گھَٽيل تو حوصلا گھٽائي ڇڏيا
ھيترا فاصلا وڌائي ڇا ٿيو؟
جي تو ڪجھ فاصلا گھٽائي ڇڏيا
ڳالھہ چئي ھڪڙي سانئڻ ڳالهين جا
ڪروڙ تو قافلا گھٽائي ڇڏيا
تون تہ آھين اڃان بہ منهنجي دادلي
پر تو رکڻ دادلا گھٽائي ڇڏيا
پيار ٿيو پيدا پنڌ نہ ڪيئين پر
ھلڻ جا تو مرحلا گھٽائي ڇڏيا
رهون ٿا ديش پنهنجي ۾
پرائي حڪمراني آ
اسان جي سنڌ سورن ۾
اسان جي بي ڌياني آ
آ تنهنجو وقت عيشن ۾
ها راندين ۾ ۽ رونشن ۾
ٿري بک تي مئو ٻالڪ
ملي تنهن کي نه ماني آ
نه سچ جو ساٿ ڏي ٿو ڪو
وڏو اڳواڻ ٿئي ٿو جو
مڃان مان ڪيئن ڪنا توکي
اسان جو شاھ باني آ
اسان تي وار ڌارين جا
ڏسي تڪرار ڌارين جا
لڳائي تو ڳلي تن کي
ڪئي هي بدگماني آ
اسان جي بي ڌياني آ
اسان جي بي ڌياني آ
(141) الله ڏنو ھالاڻي
تعارف نمبر (141)
[شاعر،نثر نگار]
اصل تعارف : الله ڏنو
ادبي نالو : الله ڏنو ھالاڻي
ولد : محمد جمعن
ذات : لنجو
جنم : 01 آگسٽ1987ع
تعليم : پرائمري
رھائش : ڳوٺ ڏينڻيون لنجا، ضلعوٿرپاڪر، مٺي.
رابطو : 03473224531
اي ميل اڊريس : allahdinolanjo35@gmail.com
لکڻ جي شروعات : 2013ع
لکيل صنفون : غزل، گيت، نظم، چوسٽا، ٽيڙو، ڪالم، مضمون.
ڇپيل مواد : ھزار داستان، صحراءِ ٿر، سامروٽي، نئين جاکوڙ، ٻانھياري ميگزين.
اڻ ڇپيل ڪافي مواد موجود.
سندس شاعريءَ مان ڪجھه چونڊ
[b]غــــــزل[/b]
اوھان کان به مُنھڙو نه موڙي سگھياسين
زماني جون رسمون نه ٽوڙي سگھياسين
جڏھن کان اوھان سان ٿيو پيار آھي
وري ناتو ٻي سان نه جوڙي سگھياسين
ڇڏي ڳنڍ ڏيئي تو دل کي آ دل سان
اڃان ڀي ٻڌل آ نه ڇوڙي سگھياسين
ڌڪاريو پرين تو جڏھن در پنھنجي تان
ڪٿي پير پنھنجا نه کوڙي سگھياسين
ويٺا درد دل ۾ وڏي ڪنھن ولر جيئن
ھالاڻي سي ھرگز نه ھوڙي سگھياسين
[b]نظــــــم[/b]
صوفي ٿياسين باغي ٿياسين
سچ ته صفا ڪي داغي ٿياسين
يار حرام حلال به سمجھي
ٻي کي پنھنجو مال به سمجھي
چورن جي ھر چال به سمجھي
نه ڪڏھن دل جي ڌمال به سمجھي
صوفين مان ئي ساقي ٿياسين
سچ ته صفا ڪي داغي ٿياسين
سچ ته صفا ڪي داغي ٿياسين
ملي ويندي منزل لحد جي هُتي
ڪري هوڪ واقعي وڏي ٿا وڃون
[b]نظــــــم[/b]
موت ڪهڙو موت آهين
روز ٿو گهوٽ کسين
اڃان سِکيو الف به نه هو
زندگي کان بيزار ڪرين
خالي مون کي اچڻ ڇو ڏنو
هي سنسار ڏسڻ ڇو ڏنو
پوري ڪابه تمنا ڪري نه سگهيس
نه من جي ڪا ڪامنا ڪري سگهيس
روز روڊن تي لاش پئي ڏٺم
طعنا مهڻا دڙڪا ٿي سٺم
معني نه زندگي کي ڪا ملي
ان کان اڳم تو ڇو سڏي
ائين تون نه مونکي مار هتي
اڃان آهيان ڪلهوڪو ٻار هتي
سنڌ جو مان ساهه آهيان
سنڌو لئه ڪا راهه آهيان
منهنجي جنت بهشت آهي هتي
مون کي تنهن کان ڌار نه ڪر
اهڙو اوکو مونسان پيار نه ڪر
تو کي ڪهڙي کوٽ آهي
منهنجي ماءُ وٽ ڪو به ناهي
آئون ئي هن جو راڻو آهيان
هن جي پيٽ بکئي جو داڻو آهيان
مون کان منهنجو کس نه فرض
منهنجو آخري اهو عرض
مون کان منهنجو کس نه فرض