سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”وَکر سو وهاءِ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب محترمه پروين موسيٰ ميمڻ جي لکيل علمي، ادبي، أخلاقي ۽ إصلاحي مضمونن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾، علم، ادب، پهاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقه موضوعن تي 79 مضمون لکيا ويا آهن. مضمونن جو هي مجموعو، پيار جو پورهيو ۽ تحقيقي ڪم جو هڪ سهڻو مثال آهي.
هي ڪتاب هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي ”مونو گراف اينڊ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم“ تحت لکيو ويو هو. ٿورائتا آهيون پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: هن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آهي