مختلف موضوع

توکي ڪير وساري سائين

ڪتاب ”توکي ڪير وساري سائين“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نوجوانيءَ ۾ وڇڙي ويل ڪمپيئر سرفراز علي جتوئيءَ تي دوستن جي تعزيتي پيغامن، مضمونن، تاثرن ۽ سرفراز علي جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽ ۽ ريڊيو انٽرويوز تي مشتمل آهي جنهن جي سهيڙ ۽ ترتيب ڪامل امداد جتوئيءَ ڪئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 20
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book توکي ڪير وساري سائين

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”توکي ڪير وساري سائين“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نوجوانيءَ ۾ وڇڙي ويل ڪمپيئر سرفراز علي جتوئيءَ تي دوستن جي تعزيتي پيغامن، مضمونن، تاثرن ۽ سرفراز علي جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽ ۽ ريڊيو انٽرويوز تي مشتمل آهي جنهن جي سهيڙ ۽ ترتيب ڪامل امداد جتوئيءَ ڪئي آهي.
هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدر آباد پاران اپريل 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري دوست ۽ سنڌ سلامت جي سڄڻ ساجد سنڌيءَ جا جنهن سمبارا پبليڪيشن پاران ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڪتاب نمبر 89

ڪتاب نمبر 89
حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: توکي ڪير وساري سائين
موضوع: دوستن جا تعزيتي پيغام، مضمون، تاثر ۽
سرفراز علي جا لکيل ريڊيو اسڪرپٽ ۽
ريڊيو انٽرويوز
ڪتاب جي سونهن آهن
سهيڙ ۽ ترتيب: ڪامل امداد جتوئي
ڇاپو پهريون: ڊسمبر 2017ع
ڪمپوزنگ: شاهزيب ميمڻ
ٽائيٽل: رضوان گل
ڇپائيندڙ: عبدالغني جتوئي
سرفي پبليڪيشن ۽ پروڊڪشن لاڙڪاڻو
ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
03003513966
مُلهه: -/300

TOKHE KER WISARE SAIN
(Friends are conditional messages, theories, influences and Sarfraz Ali's golden radio script and
the golden radio interviews of various personalities.)
Setting and Ordering By: Kamil Imdad Jatoi
Sambara Publication Hyderabad
03003513966


ڪتاب گهرائڻ لاءِ:
ڪامل امداد جتوئي :03332214141

اداري پاران

ابدي ننڊ ستل ڪي وجود ورهين تائين پنهنجي پٺيان ساروڻين جا اهڙا نقش ڇڏي وڃن ٿا، جيڪي سندن غيرموجودگيءَ ۾ به پاڻ کي محسوسات جي لمس سان همڪنار ڪن ٿا، سال پڄاڻان اسان جي نوجوان دوست سرفراز علي جتوئي، جنهن مختصر ڄمار ۾ پاڻ کي گهڻي رخي شخصيت طور نمودار ڪيو، جو وڇوڙو پڻ اڄ به تازو گهاءُ محسوس ٿئي ٿو. دل ۽ دماغ بي يقيني واري ڪيفيت ۾ مبتلا ٿيڻ فطري عمل ته چئي سگهي ٿو، پر سندس معصوم ۽ کلمک چهري تي ڦهليل مٺڙي مرڪ جي رمز ڪنهن به طرح ويسر جي واءُ ۾ گم ٿيڻ واري ناهي، هونئن به سرفراز جو هر روپ هيئين سان هنڊائڻ ۽ جيون رُت کي معنيٰ ڏيڻ سان ڀرپور رهيو، پوءِ اهو سرفراز ريڊيو ڪمپيئر جي روپ ۾ هجي يا هڪ گائڪ جي روپ ۾، پنهنجي والد جيان هڪ استاد ۽ ڀلوڙ ليکڪ جي شڪل ۾ هجي يا هڪ بهترين دوست جي خوبين سان سرشار، هن ته هر روپ ۾ مرڪون ورهايون ۽ مسرتون ونڊيون، ڪجهه گهڙين اندر دلين ۾ گهر ڪري ويندڙ سندس معصوم سڀاءَ کي ڪير ٿو وساري سگهي. هن ننڍي عمر ۾ هماليه جيڏا حوصلا رکيا ۽ پنهنجي سپنن جي ساڀيان لاءِ ڏينهن رات پير پتوڙيو ۽ مڃتا جا موتي به ميڙي ورتا، جن کي ڪنهن به طرح نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.
اهي سرفراز علي جتوئيءَ جون ورهايل محبتون ئي آهن، جن کي سهيڙيندي ۽ ساريندي سندس دوست، همعصر ۽ استاد خراج پيش ڪن ٿا، پوءِ اهي هن ڪتاب ۾ لکيل لکڻين جي روپ ۾ هجن يا زباني سار جا ڪلمات هجن، کيس ساري پنبڻين جو آلو ٿيڻ ساڻس محبت ۽ انسيت جي اظهار کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. خاص طور سندس والد محترم ڪامل امداد جتوئي سميت سندس خاندان جي هر فرد جو درد اهي ئي ڄاڻي سگهن ٿا، جن انهن ڪيفيتن کي تمام ويجهڙائي کان محسوس ڪيو هجي. پنهنجي ڳڀرو ۽ نوجوان پٽ جي المناڪ وڇوڙي کي لفظن جي مالها ۾ پوئڻ دوران ڪامل امداد ڪيترو نه ڀوڳيو ۽ پيڙيو هوندو، ان جو اندازو سندس هن سهيڙيل ڪتاب” توکي ڪير وساري سائين“ مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو، خدا کيس حوصلو ۽ همت عطا فرمائي ۽ سرفراز علي جي مغفرت ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ جڳهه عطا فرمائي(آمين)
ساجد سنڌي
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
03003513966

پنهنجي پاران اندر جا احساس

پنهنجي پاران
اندر جا احساس

ان ڳالهه جو مون کي تڏهن احساس ٿيو جڏهن سرفراز علي جي امڙ ڪجهه لکيل پنا مون کي روئيندي ڏئي چيو هنن پنن تي سرفراز علي جا اکر لکيل آهن. سرفراز علي جي هٿن جي خوشبو ٿي اچي. ائين چئي مون کي به روئاري ڇڏيائين، بلڪل اهي سرفراز علي جا هٿ اکر هئا. جڏهن ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروگرام لا ويندو هو ته مون کي ضرور به ضرور آگاهه ڪندو هو ته بابا سائين پروگرام ڪرڻ لا وڃان پيو، دعا ڪجو ۽ پروگرام ٻڌي اصلاح ڪجو. آئون ۽ سندس امڙ سرفراز علي جو پروگرام شوق مان ٻڌندا هئاسين. سرفراز علي جو آواز ٻڌي آئون ڏاڍو خوش ٿيندو هئس. سرفراز علي جي ماءُ ته پئي ٺرندي هئي ۽ مون کان ڪيئي حصا گهڻو خوش ٿيندي هئي.
ها اُهي سڀ پنا ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي مختلف پروگرامن جا اسڪرپٽ هئا، جيڪي سانڍي رکيا هئائين. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو سرفراز علي کي سٺي شهريت رسائي. جنهن ۾ ٻولي، ڳالهائڻ جو انداز، لفظن جي ادائگي، صحيح تلفض وغيره. سڀني پروڊيوسر صاحبان سان اخلاق ۽ ادب سان پيش پوڻ ڪري سندس سڀ پروڊيوسر صاحبان پيار ڪندا هئا ۽ مختلف مختلف پروڊيوسر صاحبان جا پروگرام ڪندو هو ۽ ان کان علاوه تقريبن لاڙڪاڻي جي سرڪاري غير سرڪاري اسڪولن جي شاگردن جا پروگرام رڪارڊ ڪري ۽ پاڻ پيسٽنگ ڪري نشر ڪرائيندو هيو. تعليم کاتي جي سڀني آفيسر صاحبان کان معياري تعليم متعلق ڪيئي انٽرويو ڪيائين. ”نئين ٽهي“ پروگرام ۾ ڪافي نوجوان فنڪارن کي متعارف ڪرايائين. پروگرام ”روشن راهون“ ۾ لاڙڪاڻي جي ڪمشنر صاحب، اسسٽنٽ ڪمشنر صاحبان ۽ مختلف اهم شخصيتن کان انٽرويو ڪيائين. مطلب ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو سڀني ڪمپيئرن کان ننڍي عمر وارو دادلو ڪمپيئر هيو. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪهڙو به نئون اسٽيشن ڊائريڪٽر صاحب ايندو هيو ته سڀن کان اول سرفراز علي سلام ڪرڻ ويندو هو. مطلب ته سرفراز علي سان سڀ پيار ڪندا هئا.
مون کي اهو به ياد هيو ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروگرام ڪرڻ کانپو پڙهيل اسڪرپٽ، ڊيوٽي آفيسر وٽ جمع ڪرائيندا هئاسين. اهڙي طرح ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ڊيوٽي آفيسر محمد ايوب شيخ کان پڇيم ته سرفراز علي جا جمع ڪرايل اسڪرپٽ ڏي ته فوٽو ڪاپي ڪرائي توکي واپس ڏيندس. محمد ايوب وراڻيو ته اهي اسڪرپٽ ڇا ڪندين! چيم ته ادا انهن کي ڪتابي صورت ڏياريندس. يادگار رهندا. چيائين ڀائو اهي مٿين منزل تي ڪٻاڙي ۾ اڇليا آهن، جتي وڇون، نانگ، ٻليون ۽ مئل ڪبوتر پيا آهن. مونسان گڏ ڪمپيئر دوست فقير محمّد سنڌي به گڏ هيو، ڪچري سان ڪمرو ڀريل هيو، ڀاءُ فقير محمّد سنڌي جون مهربانيون جنهن منهنجي هيلپ ڪئي ۽ اتان ته سرفراز علي جا لکيل ڪافي اسڪرپٽ لڌاسين جن کي ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪري ڪتاب جي مواد طور گڏ ڪري رکيا ۽ اهڙي طرح ڪتاب ڇپرائڻ جو شوق ٿيو ته هڪ استاد، اديب، صحافي، فنڪار، نعت خوان، ريڊيوڪمپيئر، ريڊيو نيوز ڪاسٽر، سوشل ورڪر، سچي انسان، سچي مسلمان جون لکڻيون ۽ سارون ڇو نه سانڍي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ آڻي ڇو نه تاريخ ٺاهجي جيڪا صدين تائين لائبريرين ۽ ساڃاهه وندن جي دلين ۾ سانڍيل يادگار رهندي. سڀ کان اول آئون ٿورائتو آهيان سڀني مهربانن جو خاص ڪري ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي سموري سٿ جو ان وقت جي اسٽيشن ڊائريڪٽر محترم سائين ”خليل ڪاڪيپوٽو“ جو سمورن پروڊيوسرز، اڪائونٽس شعبي نيوز شعبي، انجنيئرنگ شعبي سيڪيورٽي وارن ساٿي ڪمپيئرن، انائونسرن جو جن وقت به وقت مون وٽ اچي مون کي آٿت پئي ڏني.
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي نيوز شعبي جي انچارج ظفر علي سهتو ۽ صحافي برادري جنهن ۾ سائين جاويد جيلاني ۽ موجوده اسٽيشن ڊائريڪٽر مهربان علي مراد ٽانوري جن تعزيتي ريفرنس ڪوٺرايو جيڪو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ننڍڙي ڪمپيئر سرفراز علي جتوئي جي وڇڙي وڃڻ جي حوالي سان پهريون پروگرام هيو هن کان اڳ اهڙو پروگرام ڪو به نه ڪرايل هيو. اهڙي پروگرام ترتيب ڏيڻ تي آئون ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي اداري ۾ ورڪ ڪندڙ سموري سٿ جون مهربانيون مڃڻ کانسوا رهي نٿو سگهان. هن اداري سرفراز علي جي وفات واري ڏينهن هر پروگرام ۾ پروفائيل پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس آواز ۾ ڳايل ڪلام به نشر ڪرائي اسان کي ٿورائتو بڻائي ڇڏيو.
آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو 21 جولا 2017ع تي ننڍڙي آرٽسٽ سرفراز علي جي سالگرهه ملهائي پاڻ موکيو هن پروگرام ۾ ميل، في ميل شهر واسين ماڻهن حصو ورتو ۽ ڪافي دوستن سرفراز علي جي زندگي تي روشني وڌي، آئون شڪرگذار آهيان پياري ڀاءُ عزيز سانگي جو جنهن ذاتي دلچسپي وٺي هي ڪامياب پروگرام ترتيب ڏئي هڪ تاريخ رقم ڪئي. آئون سيد ستار علي جيلاني، عاشق علي سمون، منور رند ۽ عبدالستار کهاوڙ جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان جن پنهنجي پنهنجي حوالي سان محبتون ڏئي پنهنجي سچائي جو ثبوت ڏنو.
هوڏانهن پنهنجي اسڪول مراد واهڻ جي استادن به سرفراز علي جي ياد ۾ پروگرام اسڪول ٽائيم بعد ترتيب ڏنو، جنهن ۾ صدارت ڪراچي کان ڪهي آيل سنڌ ٽيلي ويزن جي مالڪ سائين لياقت علي راڄپر جن ڪرڻ فرمائي.
نهايت ئي افسوس سان اها ڳالهه لکڻي پوي ٿي ته پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن يونٽ کان سنڌ تائين استاد سرفراز علي جتوئي جو استاد برادري جي حوالي ناتي سان واسطو ۽ رابطو رهندو هو. پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جا عهديدار ا يسوسيئيشن کي ماءُ جي لقب سان نوازيندا آهن، آئون انهن کان اهو سوال پڇڻ چاهيان ٿو ته توهان جو ننڍو ڀاءُ سرفراز علي اسان کان وڇڙي ويو ته توهان ان ڀاءُ لاءِ تعزيتي ريفرنس ڪو ڪوٺايو؟ توهان کي اهي ڏينهن ضرور به ياد هوندا جڏهن اوهان تعليم جي سيڪريٽري خلاف آواز اٿاريو هيو ته سڀ کان اول اول سرفراز علي جهنڊو کڻي هلندو هيو.
گواهي ڏيندا اڄ به جناح باغ جا گل ٻوٽا، وڻ ٽڻ ۽ ديواريون ۽ پريس ڪلب آڏو پڙاڏا جلسن، جلوسن ۾ پنهنجي مڌر آواز وسيلي اتساهيندڙ گيت ڳائي استادن ۾ جذبو پيدا ڪرائيندو هيو. اڄ به ديني مدرسي اسڪول کان جناح باغ تائين روڊ رستا ۽ شهيد راڻي ڏانهن داهڻ لاءِ هلڻ وارا ڏينهن گواهي ڏين ٿا ته سرفراز علي سچو استاد هيو. جنهن هر موڙ تي پ ٽ الف ۽ ٽيچرس ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي سان ناتو نڀايو. پر اهي مطلبي ماستر ووٽ وٺڻ خاطرخوشامند ڪندي ووٽ وٺي پوءِ ڪنهن کي به ناهن ليکيندا.
استاد سرفراز علي جي وڇڙي وڃڻ جي خبر سڀ کان اول ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو نشر ڪئي ۽ ريڪارڊ ٿيل گيت سندس آواز ۾ پئي هلايا ۽ پروگرام روح رهاڻ ۾ ڪمپيئر عنايت ميمڻ مڪمل سرفراز علي جو پروفائيل پيش ڪيو. سوشل ميڊيا ته وسئون نه گهٽايو. سنڌي سمورن چئنلز افسوس واري خبر وقفي وقفي پئي هلائي. پرنٽ ۽ اليڪترانڪ ميڊيا نيوز هلائڻ ۾ ڪابه ڪمي نه ڪئي. پر افسوس جو پنهنجي ڀاءُ سرفراز علي جي وڇوڙي جي پ ٽ الف ڪا به خبر نه هلائي.
سرفراز علي پ ٽ الف سان منڍ کان آخر تائين سلهاڙيل رهيو ۽ چندو ڏيندڙ هيو. سرفراز علي جي فوتي ڪيس جي حوالي سان پ ٽ الف جي عهديدارن ڪا به چڱائي نه ڪئي. آئون سرفراز علي جو پوڙهو پيءُ پاڻ آفيسن جا چڪر ڪاٽيندو رهان ٿو، جڏهن به آفيس ۾ عهديدار اچن ٿا ته ذاتي دوستن جا ڪم ۽ في ميل جا سروس بوڪ بگل ۾ کنيو اچن پيا، مون کي ڏسي اهو به ڪو نه پڇن پيا ته سائين ڪيئن آيا آهيو، لياقت ديدڙ کان اهو اڃان نه وسريو هوندو منهنجي جاني، مالي قرباني، ووٽ ۽ سپورٽ ۽ اليڪشن ۾ گڏ هجڻ وارا ڏينهن.

محبوب محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي مريد سچي عاشق ۽ ثنا خوان جي موڪلاڻي
23 ڊسمبر 2016ع جمعي جي ڏينهن منجهند جو جمعي نماز بعد سائوٿ سٽي اسپتال ڪراچيءَ مان 32 ٽيسٽون ٿي گذريون سڀ جو سڀ ڪليئرس آيون ۽ شام جو ڊاڪٽرن فيصلو ڪري دوائون لکي موڪل ڌني، اسان به ڏاڍو خوش هئاسي پر سرفراز علي ڏاڍو خوش هيو، سرفراز علي اسپتال جي عملي اُتي ايندڙ ويندڙ سڀني ماڻهن کي اها دعوت ڏيندو چوي پيو ته هلو ته عمري جي سعادت حاصل ڪريون. هلو ته سڀ عمري تي هلون اسپتال ۾ پنهنجن پيارن کان عيادت واسطي ميل في ميل اچن وڃن پيا، پر سرفراز علي ماڻهن جي پرسنلٽي محسوس ڪري ڪنهن کي انگريزيءَ ۾ ڪنهن کي اردو ۾ ته ڪنهن کي سنڌي ٻولي ۾ اها دعوت ضرور ڏيندو رهي پيو ته هلو ته عمري تي هلون. اسان سرفرازعلي کي منع ڪيون پيا ته عام ماڻهو اسان کي چون پيا ته بيٽي کي منع نه ڪريو، لفٽ تي لهندي ڪجهه في ميل کي دعوت ڏنائين ته آنٽي مونسان عمري تي هلو، انهن چيو ها بيٽي توهان تندرست ٿيو ته پو هلنداسين، اهڙي ريت سڀ مرڪندي ۽ لکندي خوش ٿيندي سرفراز علي جي معصوميت، مرڪندڙ مک واري زبان مان سعادت واري ٻولي ٻڌي مسڪرائيندي ها بيٽي ها عمري تي گڏ انشاءُ الله هلنداسين ته سرفراز علي خوش ٿي درود پاڪ پڙهي پيو.
25 ڊسمبر ويجهو هجڻ ڪري ڪرسچن، اسپتال ۾ ڪرسچن ڊي ملهائڻ لاءِ اسپتال کي گهڻو سينگاريو هيو، سرفراز علي به اسپتال جي عملي سان گهڻو فري ٿي ويو هيو، جڏهن 23 ڊسمبر شام جو اسان لاڙڪاڻي اچون پيا ته سرفراز علي کي ڪرسچن نرسن ڪجهه ڦوڪڻا گفٽ ڪيا جن تي هيپي ڪرسچن ڊي لکيل هيو، سرفراز علي به کلندي کلندي ڦوڪڻا وٺي سندن ٿورو مڃيو ۽ الوداع چئي اسپتال کان ٻاهر نڪتاسين منهنجو نياڻو علي حسن جتوئي ۽ پٽ امتياز علي گاڏي ڪاهي آيا پوءِ پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهي ڏاڍا ڀوڳ ٺڪاءَ ڪندي، رابعيه سٽي ڪراچيءَ ڏانهن هلڻ لڳاسين ڇو جو اُتي سرفراز علي جو چاچو عبدالغني جتوئي ڪجهه ڏينهن کان وٺي فيملي سميت رهيل هيو، سرفراز علي جي سخت اسرار تي سندس چاچي سان وڃي ملياسين، جيڪو اڳ ۾ ئي اسان جي انتظار ۾ ٻاهر بيٺو هو. هڪ ٻئي سان ملي ڏاڍو خوش ٿياسين اهڙي ريت هڪٻئي کان موڪلاڻي ڪئي سين، هاڻي لاڙڪاڻي اچڻ لاءِ تيار ٿياسين سرفراز علي درود پاڪ پڙهڻ شروع ڪيو ڪچهري ڪندا ڪندا اچي ڪوٽڙي پهتاسين، سرفراز علي چيو بابا سائين، آءُ جواب ڏيندي چيو جيءُ بابا سائين، سرفراز علي چيو ته بابا سائين ڇا رکيو آهي تڪرار ۾ چاچا بشير سان ٺهي وڃون ۽ چاچا اشرف کي به نه جهليو ڀلي مونکان پڇڻ اچن آءُ چيو ته بابا سائين ڀلي اچن توکان پڇڻ، اڄ ڏينهن تائين توکان ڪٿي پڇڻ آيا آهن پاڻ اچن، مان ته انهن جا پنهنجي زندگيءَ مان نالا ڊليٽ ڪري ڇڏيا آهن، سرفراز علي پياري انداز مٺڙي آواز سان چيو ته بابا ٻيهر سيوِ به ڪري سگهجن ٿا، مان توهان ڀائرن کي هڪ ٿيڻ چاهيان ٿو، باقي هڪڙو نالو توهان ڀلي سيوِ نه ڪجو اُهو ته نالو مان به پنهنجي زندگيءَ مان ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي.
بابا سائين ڄامشورو ٽپي هلون ٿا. جنهن هوٽل تي ماني کائيندا آهيون اُتي ئي ماني کائون ٿا. اهو هوٽل ساڳيو هيو جڏهن به ڪراچيءَ کان موٽ ٿيندي هئي ته ماني انهيءَ هوٽل تي کائيندا هئاسين، سٺي سروس سان سٺو ماحول ۽ لذيز کاڌو تيار ٿي ملندو هيو، سرفراز هڪدم جواب ڏنو ته بابا منهنجو ڍَوءُ آهي توهان ڀلي ماني کائو، سرفراز علي جي اها ڳالهه مون سمجهي ورتي ۽ چيم ته بابا توهان جو حڪم هڪدم چيائين ته آءُ توهان سڀني ڀائرن کي هڪ ٿيڻ ۽ ڏسڻ چاهيان ٿو اها منهنجي خوشي آهي، سرفراز جي اوچتي اهڙي فيصلي منهنجا ته ٺڪاءَ ڪڍي ڇڏيا هئا پر آءُ به سچائيءَ سان پٽ سرفراز علي جي خوشيءَ ۾ خوش ٿيڻ پئي چاهيم ۽ هڪدم ها ڪيم ها پٽ جيئن توهان چئو صحيح آهي پوءِ امتياز علي ۽ علي حسن به ڏاڍو خوش ٿيا ته سرفراز علي هي ڪلام جهونگاريو (نه جهيڙو نه فتنو نه تڪرار ڄاڻون اسان پيار وارا ڪرڻ پيار ڄاڻون،) سرفراز علي اهو مونکان پڪو واعدو ورتو هو پر خوش ٿي اسان سڀني گڏجي ماني کاڌي ۽ چانهه پي لاڙڪاڻي ڏانهن روانا ٿياسين ڪِنهن وقت ننڊ ته ڪنهن وقت جاڳ ۾ ڪچهري ڪندا 24 ڊسمبر 2016 ڇنڇر جي رات جو ساڍي 3 وڳي لاڙڪاڻي پهتاسين، علي حسن کي پير شير روڊ پنهنجي گهر ڇڏي اسان مراد واهڻ ڏانهن گاڏي جو رخ ڪيو ۽ گهر فون ڪئي ته لاڙڪاڻي پهتا آهيون گهر اچون ٿا.
سرفراز علي جي امڙ سرفراز علي جي ڏسڻ ۽ ملڻ لاءِ ڪيڏو نه اداس هوندي اها ته اُهائي امڙ محسوس ڪندي جيڪا امڙ اولاد سان بيپناهه پيار ڪندي هوندي. گاڏي جو آواز ٻڌڻ سان ئي هڪدم دروازو کوليائين سرفراز علي کي خوش ڏسي پاڻ به خوش ٿي رهي هئي. سرفراز علي جي گهر ۾ ٻي ڪابه تصوير لڳل نه آهي پاڻ، پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن جي روضي مبارڪ جون تصويرون لڳرايون هيون پوءِ روضي مبارڪ جي زيارت ڪري درود پاڪ پڙهندو ماءُ سان ڪچهري ڪندو رهيو، باقي اسان ٿڪل هئاسين سمهي پياسين سمهڻ کان اول اءُ وضو ڪري ٻه رڪعتون نفل پڙهيم ياد نه آهي شايد تحجد به پڙهيو هجي. اهڙي طرح صبح جي نماز بعد ڏينهن ٿيو سڀ مٽ مائٽ، دوست عزيز سرفراز علي ڏانهن ملڻ واسطي اچن پيا پر اُهي ٻئي چاچا جن لاءِ مونکي بيحد ستائي مڃرايائين اُهي وري به ڪو نه آيا. خير سرفراز علي جي ساڳئي پياري ٻولي سڀني کي چوڻ لڳو ته مونسان سڀ عمري تي هلو اهڙي طرح اسان سرفراز علي سان ها پيا ڪيون ته ها بابا عمري تي هلنداسين، سياري جو ڏينهن ننڍو، نيٺ رات ٿيڻ لڳي هر ڪو پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃڻ جي پيو ڪري، بابا سرفراز علي ماني کائون، ها بابا پوءِ ماني سرفراز علي پاڻ کاڌي ماني کان بعد معمول موجب آءُ سرفراز علي تي وظيفو پڙهندو هيس ياسين سورة، توبهه سورت، فاتح سورة ۽ درود شريف پوءِ دعا گهري، سرفراز علي کي چوندو هيس ته بابا سائين هاڻي توهان به درود پاڪ پڙهي مديني واري سائينءَ جو روزو مبارڪ اکين ۾ اوتي آرام ڪيو انشاءُ الله سائين جي زيارت ٿي ويندي پوءِ ڪافي دير تائين سڪون آرام اچي ويندو هيس ۽ جاڳ ۾ وري درود پاڪ پڙهندو رهندو هيو، محبوب محمّد پاڪ صلعم جن جي عشق ۾ ٽمٽار هيو، سائين جن جي زيارت به نصيب ٿي هيس اهڙو اظهار پڦائٽ حاجي شفيق الرحمان سان به ڪيو هئائين.
“اسان سان ڪچهري ڪيو دوستو! هليا وينداسين اوچتو اوچتو”
استاد بخاري جي انهي غزل جيان اسان سڀني کي چئي پيو ته يار اچو ته ڪچهري ڪيون. وڏي ڀاءُ امتياز علي کي چيائين ته ادا سائين هاڻي T.V هلايو اچانڪ ان چئنل تي نعتِ رسول مقبول صلعم هلي پيو.
“تاجدار-حرم هونگاه- ڪرم”
سرفراز علي اها نعت ٻڌي پاڻ به جهونگاري پيو ۽ سمهڙ جهمر هٿن سان هڻي پيو اها ئي ته محبت آهي اهو ئي ته عشق آهي اهو ئي عقيدت جو اظهار آهي اهو ئي سچي عشق ۾ عاشق جو معراج آهي. اها رات به 25 ربيع الاول جي رات آهي.
ساڳئي رات مامي محمّد مٺل سان فون تي ڪچهري ڪيائين جنهن کي چيائين ماما مان خوش آهيان ڪراچيءَ کان موٽي آيو آهيان ملڻ ڇو نه آيو آهين. مامي چيس ته آءُ گمبٽ شريف سائين منظور احمد مسڪين مشوري صاحب جن جي جلسي ۾ شريڪ آهيان ته سرفراز علي دعا لاءِ عرض ڪيو ته ماما سائين، سائين مسڪين کان دعا گهرائجان وري پاڻ درود شريف پڙهڻ شروع ڪيائين.
اهڙي ريت چاچي عبدالغني جتوئي ڏانهن فون ڪيائين چاچا سائين ڪاٿي آيو. چاچا سائين جواب ۾ چيو “ببلا” مان سيوهڻ شريف پهچڻ وارو آهيان، ها بابا چڱو لال سائين تان منهنجي لاءِ ڳانا ضرور وٺي اچجانءِ ها ضرور وٺي ايندس.
بابا سائين هاڻي آرام ڪيون.! بابا سائين ويهو يار ڪچهري ڪيون ٿا، “بابا سائين ٿڪل آهيون، ايئن ئي پنهنجي امڙ کي سَڏُ ڪيائين، اَمي جان تون ته منهنجي جنت آهين، امي پير مٿي ڪر ته تنهنجن پيرن تي چميون ڏيان. ماءُ چيس ته ابا پير ميرا آهن، نه اَمي جان نه پير مٿي کَٽَ تي رَکُ ته چمان اهڙي طريقي ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي چمي ڏيئي چوڻ لڳو ته اَمي جان هاڻي آءُ اڪيلو مديني واري سائين ڏي ويندس ۽ موٽي نه ايندس آءُ چيو مانس ته بابا سائين توهان نوجوان آهيو آءُ ڪراڙو آهيان پنهنجي اولاد کي تعليم تربيت ۽ رشتا ڪرائجانءِ، سرفراز علي چيو ته باباسائين رشتا طوبيٰ ۽ ڪشق جا توهان ڪرائجو، ادا سائين تعليم ڏياريندن، اَمي جان هاڻي توهان کي عمري تي نه وٺي هلندس تون بابا سائينءَ جي خدمت ڪجانءِ آءُ اڪيلو مديني واري سائينءَ ڏي وڃان ٿو موٽي نه ايندس.
ماءُ کلندي کلندي موڪل ڏيندي چويس پئي ته ابا سرفراز علي چڱو توکي منهنجي طرفان موڪل آهي اڳي خط به مشڪل سان ملندا هئا هاڻي فون جي سهولت آهي آواز ٻڌڻ سان ڏسي به سگهون ٿا. تنهنجا ماسات ڪيئن سعودي ۾ آهن انهن سان ڳالهائيندو آهين مان به انهن سان ڳالهائيندي ڏسندي به آهيان، چڱو تون ڀلي وڃ منهنجي موڪل اٿئي، فون تي توسان پئي ڳالهائينديس ۽ وري پئي ڏسنديس، آءُ سرفراز علي سندس امڙ جون ڳالهيون ٻڌي خوش پيو ٿيان ۽ اهو سوچڻ لڳس ته مان وڃي آرام ٿو ڪريان. گهٽيءَ ۾ گاڏي اچڻ جو آواز سرفراز علي ٻڌو ۽ چيائين ته بابا، چاچا عبدالغني آيو آهي وٺي اچوس يا مونکي چاچا سائين ڏي وٺي هلو. آءُ سرفراز علي کي مخاطب ٿيندي چيو بابا سائين صبح جو انشاءُ الله ڏاڏي کي وٺي ايندس، نه بابا نه هاڻي وٺي اوچوس سڪ لڳي آهي، بابا سائين ڪراچيءَ کان سفر ڪيو اٿائين سا به ڊرائيونگ خود ڪئي اٿائين، انشاءُ الله سڀاڻي سندس گهر هلنداسين، ها بابا سائين واعدو، ها بابا سائين واعدو پڪو آهي، اَمي جان بابا سائين جن جو واعدو تون به ياد ڪجانءِ ها ابا ها سرفراز علي وري درود شريف پڙهندو رهيو، پوءِ وڏي ڀيڻ سان فون تي هڪ ڪلاڪ ڪچهري ڪيائين دل جا حال اوريائون، بابا سائين! سرفراز علي مونسان مخاطب ٿيندي چيو بابا سائين طوبيٰ ۽ ڪشف پياريون آهن ها بابا ها، ڪشف کي گڏي ٿا سڏيون، ها بابا سائين ها، بابا سائين توهان جي ڏاڙهي مبارڪ ننڍڙي آهي ڏاڙهي وڏي رکو ۽ نعتيون به پڙهو ، ها بابا سائين نعتِ رسول مقبول صلعم پڙهندو آهيان پر بنا سُرَ جي باقي ڏاڙهي وڏي ڪندس انشاءُ الله سرفراز علي خوش ٿي کلي درود پڙهيو ۽ يا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم چوندو چوندو اسان گهر ڀاتين آبي ۽ امي کان موڪلاڻي ڪندو رهيو ۽ اسان بيوس رڳو روئڻ ۾ ئي پورا رهياسين، اهڙي طرح الله جي نيڪ ٻانهي، محبوب محمّد مصطفيٰ صلعم جي مريد نعت خوان ۽ سچي عاشق سرفراز علي جي موڪلاڻي ٿيندي رهي.
(هي اکيون شل حبيبن جي آڏو هجن، دم ختم ٿي وڃي پوءِ ديدار ۾)
فقير سرفراز علي زندگيءَ ۾ اڪثر ڪري اها نعت ڳائيندو رهندو هو

يادن جا ورق
سرفراز علي هر وقت هر ڪنهن سان جي وعدو ڪندو هو ته هو ”وڪٽري“ هٿ جون ٻه آڱريون اڀيون ڪري ڏيکاريندو هو.
ڪنهن دوست کي اوکي ويل اڌارا پئسا ڏيندو هيو ته ان کان واپس نه وٺندو هو.
پاڻ جيڏن سان ملندو هيو ته ”ادو“ چئي مخاطب ٿيندو هيو.
هڪڙي دفعي چاچا عبدالحميد زور ڏيڻ نه آيس چوڻ لڳو ته چاچا عبدالحميد توکي سردار سڏيندو هيس هاڻي توکي سردار نه غدار سڏيندس.
سرفراز علي مون کي چيو بابا سائين چاچا عبدالحميد غدار ناهي هن کي هاڻي سردار وفادار سڏيندس، آخري ڏينهن ۾ (سردار وفادار) سڏيائينس.
جڏهن ڪنهن مٽ مائٽ ڏي نياپو ڪري ملڻ لاءِ گهرائيندو هو ته پو اهو شخص نه ايندو هو ته پوءِ هي گيت گنگنائيندوهو.
”ماڻهو مطلب جا هن يار، ڪير ٿو ڪنهن جي لا مري“،
حافظ عبدالرسول کي چيو هائين ته ادا هر روز سورت ياسين پڙهي مون تي شوڪاريندو ڪر.
سرفراز علي عمري لاءِ پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ آفيس ويو ته ڪجهه آبشن لڳايائونس، اتي سرفراز علي کان چاٻي ڪري پئي، چاٻي کڻڻ لاءِ نوڙيو ته بسم الله الرحمان الرحيم زبان مان نڪري ويس ته اتي ويٺل آفيسر اهو سڀ ڏٺو ۽ ٻڌو پوءِ سرفراز علي جي پاسپورٽ جا ڪاغذ اوڪي ڪيائين.
سرفراز علي زندگي جي آخري رات پنهنجي ڌيءُ “ڪشف سرفي” جي نالي مونکي چيائين ته هن جو نالو ”گُڏي“ مان رکان ٿو. ”آدرش“ کي گڏو ۽ ڪشف کي گُڏي سڏينداسين.
سرفراز علي زندگي جي آخري رات ۾ مون کي اهو به چيو هيو ته بابا سائين هاڻي سنت يعني ڏاڙهي وڏي ڇڏيو.
اوٺا چوڪ تي سرفراز علي ۽ اسان جڏهن به چانهه پيئڻ يا تفريح لا نڪرندا هئاسين ته سرفراز علي سڀن ماڻهن کي کلي سلام ڪندو هلندو هو. منهنجي منع ڪرڻ تي چوندو هو، بابا سائين..! نه جهيڙو نه فتنو نه تڪرار ڄاڻون اسين پيار وارا ڪرڻ پيار ڄاڻون.
اوٺا چوڪ لاڙڪاڻي شهر ڀرسان چانهه پيئڻ وڃي رهيا هئاسين ته سرفراز علي چيو ته بابا سائين ادي ڏانهن ملندا هلون ٿا پر ان لاءِ پڪوڙا وٺي هلون. ڇو جو ادي غريب آهي، پڪوڙن سان گڏ آئون سموسا به ورتا، امتياز علي هڪ کنيو، هڪ آءٌ کنيو هڪ سرفراز کنيو. اسان سڀني کاڌا پر سرفراز علي اڌ کائي اڌ رکي ڇڏيو هو. جڏهن اتي پڳاسين ته سرفراز علي ڀيڻ سان ملي پڪوڙن سان گڏ اڌ بچايل پنهنجو سموسو به ڀيڻ کي ڏنو.
سرفراز علي ۽ آءٌ موٽرسائيڪل تي اوٺا چوڪ وياسين، هوٽل ۾ جتي ڪرسيون خالي هيون اسان کي اتي ويهڻو هيو، اها مجبوري هئي. سرفراز علي جو ماسات ”مالڪ“ اڳ ۾ ئي اتي ويٺو هو. اسان کي ڏسي نٽائڻ لڳو اسان سان مليو نه وري سرفراز علي کان طبيعت معلوم ڪرڻ لاءِ ڪا تڪليف نه ڪيائين. اهڙيءِ طريقي اسان کان اڳ ۾ اٿي ويو. اسان کي ڏاڍو ڏک رسيو.
سرفراز علي لاءِ نئين مهراڻ ڪار ڪڍرائي، سرفراز علي جو وڏو ڀاءُ امتياز علي ڊرائيونگ ڪري رهيو هو. سرفراز علي جو چاچو عبدالحميد جنهن کي سرفراز علي پيار ۽ عزت منجهان ”سردار“ سڏيندو هو، حافظ راشد به گڏ هيو جڏهن بشير جي دڪان کان لانگهائو ٿياسين ته اوچتو بشير اسان کي گاڏي ۾ ڏٺو سرفراز آڏو ويٺو هو ۽ چاچي بشير کي کلي اک جو اشارو ڪيائين، چاچي بشير طرفان ڪا به موٽ نه مليس ته اسان سان سموري ڳالهه شيئر ڪيائين.
واپسي ۾ اچون پيا ته اسان جي گهرواري گهٽي ۾ سرفراز علي جو ماسات ”مالڪ“ سواري کڻڻ جي انتظار ۾ پنهنجي رڪشا جي ڀر ۾ ويٺو هيو. سرفراز علي کلي سلام ڪيس، جيڪو آئون پسند نه ڪيو، منهنجي منع ڪرڻ تي هڪدم چيائين ”نه جهيڙو نه فتنو نه تڪرار ڄاڻون اسين پيار وارا ڪرڻ پيار ڄاڻون“ ۽ چيائين بابا منهنجو ته ماسات آهي.
2002ع ۾ درگاهه حافظ امام بخش رحه جي زيارت واسطي سرفراز علي آئون محمد ڪامل موٽرسائيڪل تي ويا هئاسين. واپسي ۾ موٽرسائيڪل سرفراز علي کي هلائڻ لا چيم، سرفراز علي اسٽارٽ ڪري گيئر ۾ ڪري ايڪسليٽر کي زور ڏنو ته موٽرسائيڪل سرفراز جي هيٺان نڪري وئي ۽ پري وڃي ڪري، سرفراز علي کي ڪجهه به نه ٿيو ۽ منهنجي خوف کان وٺي ڀڳو، آئون سڏ ڪري دلجا ڏني مانس ته بابا سائين خير آهي ائين ٿيندو آهي. پو دلجا ٿيس ۽ موٽي آيو. ۽ ٻئي ڏاڍو کلياسين.
هر روز صبح جو وهنجي سهنجي پنهنجي چاچي عبدالغني جي انتظار ۾ دروازو کولرائي ويهندو هو. عبدالغني به تيار ٿي آفيس لاءِ ويندو هو ته اسان جي گهر جي در کان گاڏي بيهاريندو هو ۽ پو سرفراز علي ايڏو گهڻو خوش ٿي کلي سلام ڪري پنهنجي هٿ کي چميون ڏئي پوءِ هٿ لوڏي الوداع چوندو هيو، نيرن/ ناشتو پوءِ ڪندو هيو.
هڪڙي دفعي عبدالغني پنهنجي گهرواري سان گڏ گاڏي ۾ وڃي رهيا هئا ته سرفراز علي اڳ ۾ ئي سندن انتظار ۾ ويٺو هيو. جيئن جو در کان گاڏي بيهاريائون ته هٿ کي چمي ڏيئي کين آڌر ڀاءُ ڪري چاچي کي مخاطب ٿيندي چيائين ته چاچي گيڙو ڪپڙآ پاتا اٿو اڄ ته سچا صوفي ٿا محسوس ٿيو.
سرفراز علي جي ماءُ ٻڌايو ته نيون گرميون شروع ٿيون هيون، سرفراز علي ڪمري ۾ ٽي وي ڏسي رهيو هو گهڻي دير ٿي وئي هئي، اسان ٻاهر ستل هئاسين. اوچتو بجلي بند ٿي وئي. ته سرفراز علي ٻاهر نڪري آيو، سرفرار جو پيءُ هڪ کٽ تي ۽ مان ٻي کٽ تي.. الڳ ستل هئاسين ائين ڪندي مون کي سجاڳي ٿي ڏسان ته سرفراز علي جي هٿ ۾ ٻه ونجڻا آهن. هڪ ونجڻو هڪ هٿ سان مون ڏانهن جهلڪي پيو ۽ ٻيو ونجڻو ٻئي هٿ ۾ پيءُ ڏانهن جهلڪي پيو.
مغرب جي نماز کان پوءِ هر روز سڀ گهرڀاتي ذڪر الاهي ڪندا آهيون. ان ذڪر ۾ سرفراز علي به شامل هوندو هو. دعا گهرڻ وقت اهي لفظ ضرور هر روز چوندو هيو ته الله سائين مون کي ننڍين وڏين غلطين جي معافي ڏي. مان چوندو هيومانس ته بابا سائين مالڪ حقيقي کان معافي وٺڻ ڀلي ڳالهه آهي. الله معاف ڪرڻ وارو آهي. پر توهان ڪي خاص غلطيون ته ناهن ڪيون توهان جو ٻالڪپڻ هاڻي گذريو آهي ۽ هاڻي جواني آئي آهي.
نيشنل بئنڪ کان جيئن ئي منهنجي پگهار جو مئسيج پهچندو هيو ته صبح جو سوير اسڪول ٽائيم کان اڳ ۾ اسيمبلي ۾ منهنجي پگهار سرفراز علي A.T.M ڪارڊ وسيلي وٺي ايندو هو.
سرفراز علي کي هڪ ڏينهن ڪنهن مسئلي تان سندس چاچي عبدالغني جي گهر وڃڻ کان منع ڪئي. هڪدم چيائين ته بابا سائين بادشاهه آهيو، عورتن جي مسئلي ۾ اسان جو ڇا وڃي منهنجي لاءِ سڀ هڪجهڙا آهن. اسين پيار ڪرڻ وارا ماڻهو، پو مان به کلي ڏنو.
هڪ ڏينهن ڏاڏي عبدالغني جي گاڏي جو آواز ٻڌائين مون کان پڇا ڪيائين، بابا سائين، چاچا سائين آيو اٿئس، ها بابا، بابا سائين سڏ ڪيوس ملانس سڪ لڳي آهي. اڙي بابا پاڻ اچي اسان ڇو چئونس، ته سرفراز علي هڪدم چوڻ لڳو ته بابا سائين ناراض نه ٿيو مان چاچا سائين ڏي وڃي رهان ٿو.
سرفراز علي جي ڄمڻ کانپو چاچا غلام نبي سرفراز علي کي ڏسي چاچي ڌڻي بخش کي چيائين ته رئيس هي ننڍڙو ادي محمّد مغيم جي مهانڊي اٿئي، مڙس ماڻهو ٿيندو.
سرفراز علي پنهنجي ڏاڏيءَ کي پيار مان ڪَجلي چوندو هيو.
سرفراز علي جي علاج لاءِ سائوٿ سٽي اسپتال ۾ ٽيسٽن لاءِ رهائش ڪئيسين، اسان وٽ هڪ لک رپيا هئا، هفتو پورو اسپتال ۾ هئاسين، ٽيسٽن جو بل 2 لک مليو. هڪ لک ته اڳ ۾ ئي پورو ٿي چڪو هيو، اسان وٽ A.T.M ڪارڊ هئا جن مان 2 لک ته نه ڪري سگهن پيا، سرفراز علي اها خبر ٻڌي کلي چيائين يار ڇو پريشان ٿيا آهيو، منهنجو A.T.M گولڊن آهي، ان مان پئسا ڪڍرايو. بلڪل سچ سرفراز علي جي A.T.M مان 2 لک ڪڍرائي اسپتال انتظاميا کي ڏناسين، سرفراز علي خوش ٿي چيو يار منهنجا پئسا مون تي خرچ ٿيا ڏاڍو خوش ٿي کليو.

الا ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن
لطيف سائين جي هن ننڍڙي بيت جي آئون ڪهڙي تشريح ڪري سگهان ٿو هن هر مقطع فڪر وارن جي ترجماني ڪئي آهي، آئون لطيف سرڪار کي ٿورو ئي سهي پر پڙهڻ سان گڏ ڀٽائي کي گهڻو پروڙيو ۽ پرکيو به آهي. مون کي ايترو پنهنجو ننڍپڻ ياد ته نه آهي، پر پنهنجي اولاد مان جن ۾ ٻه نياڻيون ٻه پٽ سڀني کان ننڍڙو سرفراز علي، جنهن جو ننڍپڻ گهڻو ياد آهي، اهو انهي ڪري به ته گهڻي ڀاڱي مونسان گڏ هوندو هيو. هونءَ به ننڍڙو ٻار سڀ کي پيارو ۽ وڻندو آهي ۽ والدين سان گهڻو گهيتلو، مچلو هوندو آهي. انهيءَ حوالي سان جڏهن سرفراز علي جو جنم ٿيو ته اسان سڀئي گهڻو خوش ٿيا هئاسين. خاص ڪري سرفراز علي جي ماءُ، سندس ڀاءُ امتياز علي، ٻئي ڀينرون ۽ سندس چاچو عبدالغني.
سرفراز علي جو جنم پنهنجي گهر جي ٿوري مفاصلي تي محلي مراد واهڻ لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو، ٽائيم اٽڪل 4 وڳا هئا، ڏينهن خميس جو 21 جولاءِ 1989ع هيو. ڊاڪٽرياڻي گهر وڃڻ جي جڏهن موڪل ڏني ته آئون سواري ڪرائڻ لاءِ ڳالهه ڪيم ته هڪدم سرفراز علي جي ماءُ چيو ته اسان پنڌ ٿا هلون. سرفراز علي جي ڄمڻ جي خوشي وارا لمحا ايترا ته پيارا هئا جن جو ڪهڙو ذڪر ڪجي. سرفراز علي جي ماءُ ۽ ڏاڏي سهرا چونديون گهر پهتيون جنهن کي ويم جي تڪليف جو احساس ئي نه رهيو. وري جيئن جو سڀئي گهر پهتاسين ته سرفراز علي جون ڀينر خوشي ۾ جهمريون ۽ ڳيچ ڳائن پيون. ننڍڙي ڀاءُ جي ڄمڻ سان ڀينر ڪيترو خوش ٿينديون آهن، انهن ڀينرن جا خوشيءَ وارا جذبات احساس ۽ لمحات سڀڪو سمجهي سگهي ٿو. جن کي ٿورڙن لکت وارن لفظن ۾ نٿو اظهاري سگهجي.
سرفراز علي ننڍڙي هوندي کان ئي ذهين، سٻاجهڙو، حرڪتي ۽ سلڇڻو هوندو هيو. جڏهن بانبڙن پائڻ جيترو ٿيو ته گهر جي دروازي تي وڃي ويهندو هيو ۽ اتان ماڻهن جي اچڻ ۽ وڃڻ جي منظر جو مزو وٺندو هيو، هر روز صبح جو ائين ئي ڪندو هيو.
اسان جي گهٽي ۾ هڪ باگڙي فقير خيرات وٺڻ لا نفيل کي ڦوڪي مختلف آواز ڪڍندو هيو، اهو آواز ٻڌي سرفراز به ٻاهر بانڀڙا پائي در تي وڃي باگڙي فقير جي نفيل ڏانهن اشارن ۾ چوندو هوس ته اها نفيل مون کي ڏي، پوءِ اهو باگڙي فقير ٻه ڦوڪڻا رنگارنگي ڦوڪي سرفراز علي کي ڏيندو هيو. اسان فقير جو اهو رويو ڏسي پيار وارو، فقير جي عزت ڪندا هئاسين. ماني کارائڻ سان گڏ خيرات ۾ ڏوڪڙ، چپل، بوٽ يا ڪپڙا ڏئي ڇڏيندا هئاسين. اهڙي ريت فقير به خوش ٿي دعا ڪندو وڃي وري ٻيو در کڙڪائيندو هيو. اهڙيءَ طرح سرفراز علي گهمڻ واري مرحلي ۾ داخل ٿيو ڪجهه وڏڙو ٿيو، وڌيڪ وڏڙو ٿيو تڏهن به فقير سان اهو پيار ۽ ساڳيو سلسلو قائم رهيو، ايتري قدر جو فقير ڪراڙو ٿيو ۽ سرفراز علي جواني ۾ داخل ٿيو، سرفراز علي شادي ڪئي ۽ ٻن نياڻني جي اولاد ٿي، انهن ٻنهي کي به فقير کان ڦوڪڻا پاڻ وٺي ڏنائين. اڄ سرفراز علي بظاهر اسان کان وڇڙي ويو آهي، وسريو ته نه آهي نه وري وسري سگهي ٿو. پر اهو باگڙي فقير اڃا به آهي، آئون سرفراز علي جي وڇڙي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي ته گهر ڀاتين وانگيان ڏک وڪوڙي ويس ڪجهه منٽن تائين مٿي تي هٿ ڏيئي ويهي رهيو ۽ سرفراز علي جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
04 آڪٽوبر 1994ع بيگناهه بلوچستان جي ليويز پوليس گهر مان هٿيارن ۽ حڪومتي ڏاڍ تي کڻي ويئي جتي 5 مهينا ۽ 11 ڏينهن قيد ۾ رکيائون، وڏيون ازيتون ڏيندا هئا. الله جه جي مهربانيءَ سان ڀاءُ عبدالغني جي ڪوشش سان آزادي ماڻي، جڏهن گهر اچان پيو ته گهر واري گهٽي ۾ پنهنجي پٽ سرفراز علي کي سڀ کان اول اول ڏٺم جيڪو ننڍپڻ واري کيڏڻ ۾ مشغول هيو، آئون سڃاڻي هڪدم کڻي ڀاڪر پاتم ۽ سيني سان سانڍي گهر کڻي آيس، اهو سرفرازعلي کي منهنجو پيءُ جي سڪ وارو پاتل ڀاڪر اڃا به ياد آهي انهي ڏينهن سرفراز علي پنج سال ۽ ڪجهه مهينن جو ٿيو هو.
سرفراز علي کي آئون پنهنجي ڊيوٽي ڪندڙ اسڪول ديني مدرسي ۾ داخل ڪرايو ۽ محنتي، هوشيار استادن جي زيرِ تعليم رهيو. هڪ گهر مان پيءُ پٽ تيار ٿي نيرن ڪري ٽائيم تي اسڪول ۾ پهچڻ لاءِ سائيڪل تي چڙهندا هئاسين. تازو ٽي ڏينهن آئون محترم سائين شوڪت علي خاصخيلي صاحب جن جو عقيدتمند ٿي پيس، جيڪي پاڻ ريڊيو پاڪستان خيرپور تي سينيئر پروڊيوسر هئا. پاڻ مون کي دَڳ لائيندي فرمايائون ته توهان وڃون ۽ وڃي صاحب شريعت، بزرگ، ڀلاري حضرت سائين علامه استاد محمد قاسم جتوئي صاحب کان سبق ڏٺو ۽ پراءِ اهڙي ريت استاد سائين جن به مهرباني فرمائي ۽ ڪجهه سبق ڏيڻ فرمايو. جيڪو آئون ڊيوٽيءَ تي ايندي پڙهندو هيس، جيڪو سرفراز علي به مون کان ٻڌي سکي ورتو هيو ۽ هر روز سائيڪل تي سوار ٿي ٻئي پڙهندا هئاسين ۽ هر خطري کان الله جه جي امان ۾ هوندا هئاسين ۽ هاڻي به آهيان. انشاءَالله رهنداسين.
هر روز سڀ گهرڀاتي شام جو ٽي وي ڏسندا هئاسين. رات جو پي.ٽي.وي تي ڪو سنڌي پروگرام هلي رهيو هيو، ڪو فنڪار ڪلام ٻڌائي رهيو هو ته انهي دفعي سرفراز علي کي ماءُ چانور ۽ ڪجهه کائڻ لاءِ ڀاڄي وغيره يا انب ڏنا. سرفراز علي کاڌو کائي اهو ٿالهه اونڌو ڪري طبلي طور استعمال ڪرڻ لڳو. سرفراز علي جي اها حرڪت مون کي بيحڊ پسند پئي اچي. آئون سرفراز علي کان معلوم ڪيو ته بابا طبلي سکڻ جو شوق آهي ڇا؟ سرفراز علي هڪدم ها ڪئي وري آئون به دير ئي نه ڪئي، لاڙڪاڻي جي مشهور راڳي سيد ستار علي جيلاني وٽ ڪلب تي پهتس. سيد ستار علي جيلاني سان منهنجو دوستي وارو تعلق اڳ ۾ ئي جڙيل هيو ڇو جو هو فنڪار ۽ آئون شاعر ۽ استاد. ستار علي جيلاني جا ٻه پٽ تن ڏينهن مون وٽان اسڪول ۾ پڙهي نڪتا هئا. سيد ستار علي جيلاني جي تن ڏينهن سنڌ سينگار سنگيت ڪلب ايمپائر روڊ لاڙڪاڻي ۾ موجود هئي، جتي ڪافي ٻيا به موسيقي جي سکيا وٺڻ ايندا هئا. سرفرا زعلي کي ماسٽر هري لال کان طبلي جي سکيا لاءِ هر روز ٽائيم ورتوسين ۽ رات جو 8 وڳي ڪلب تي سرفراز علي ۽ آئون پهچندا هئاسين. سرفراز علي ۽ آئون پيءُ پٽ جي عظيم رشتي سان گڏ دوستيءَ جو به رشتو ڳنڍي ورتوسين ۽ هڪٻئي سان اخلاق ۽ پيار منجهان پيش ٿيندا هئاسين. سرفراز علي مونکي بابا سائين ۽ آئون سرفراز علي کي بابا سائين چئي مخاطب ٿيندا هئاسين.
سرفراز علي ستين درجي ۾ پڙهندو هيو ته هن کي وري ٽائيپنگ سکڻ جو شوق ٿيو، جيڪو ڀرڳڙي پلازه ۾ ٽائيپنگ سينٽر مان ٽائيپنگ ۽ ڪمپيوٽر جو ڪورس پورو ڪيائين.
سرفراز علي ڀاءُ سان گڏ ناليج سينٽر لاڙڪاڻي ۾ وڃڻ ۽ پڙهڻ شروع ڪيو، جتي ڀاءُ امتياز علي پڙهائيندو هيو، يعني ته استاد هيو، اهي سڀ مهربانيون مختيار علي سمون صاحب جن جون آهن. اهڙي ريت سرفراز علي زندگي جي سفر ۾ قدم قدم وڌندو رهيو.
سرفراز علي مئٽرڪ پائليٽ هائر سيڪنڊري اسڪول مان بي گريڊ ۾ سٺيون مارڪون کڻي پاس ٿيو. مئٽرڪ کان پوءِ سرفراز علي سيد ستار علي جيلاني وٽ طبلي سان گڏوگڏ هارمونيم سکڻ لڳو.
سرفراز علي سهڻو جيئن جيئن وڏو ٿيندو رهيو، تيئن تيئن اسان جي خوشي ۾ اضافو ٿيندو رهيو. هڪ سٺو دوست ئي دوست جي خوشي محسوس ڪري اوترو ئي پاڻ به خوش ٿئي ٿو. يا وري انهيءَ پيءُ لاءِ پٽ جي خوشي ڪيتري اهميت واري هوندي آهي. اهو ته هر هڪ پيءُ محسوس ڪري يا سمجهي سگهي ٿو. سرفراز علي سڀني شوقن سان گڏوگڏ قرآن مجيد پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جو به گهڻو شوق رکندو هيو. درگاهه حضرت حافظ امام بخش رحه جن وٽ جلسن ۾ نعت رسول مقبول صلعم ترنم سان پڙهي داد حاصل ڪندو هيو ۽ پاڻ پاڙي جي مسجدن ۾ به ڳائيندو هيو.
سرفراز علي جو بلڪل ٽائيم ٽيبل هوندو هيو، سويل اٿڻ سان ديني تعليم پوءِ اسڪول مونسان گڏ تيار ٿي هلڻ، منجهند جو آرام ڪرڻ“ شام جو ڀاءُ وڏي سان گڏ ناليج سينٽر بعد ۾ شوقيه سڀ شوق اخلاق جي دائري ۾ رهي پورا ڪرڻ.
سرفراز علي جو پڙهڻ پڙهائڻ کان علاوه ٻيو ڪو به شوق نه هيو. سرفراز علي جا سٺا دوست آئون آخر ۾ ڏٺا جيڪي تمام سٺي تعليم ۽ سٺن عهدن تي فائز آهن. جن سان ملي آئون حيران رهيو آهيان ته هن سهڻي ننڍڙي نوجوان جي فرينڊشپ سان به سچي دوستي ۽ سچا سڀ نوجوان جيڪي سرفراز جي زندگي جي آخر ۾ مونسان مليا. واهه سهڻا سرفراز علي تنهنجي دوستي تو پٽ جي عظمت کي تنهنجي پوڙهي پيءُ جو ٻنهي هٿن سان سلام، جڏهن سرفراز علي ”چين ٽوئر“ تي وڃي رهيو هيو ته آئون بيحد خوش ٿيو هيس. انهيءَ حوالي سان ته ”علم حاصل ڪرڻ چين وڃو“ حديث مبارڪ آهي.
سرفراز علي هڪ آدرشي انسان هيو، سرفراز علي رڳو پيار هيو، سرفراز علي سراپا سچ هيو، سرفراز علي سڀ سان محبت ڪندو هو. نه ڪنهن کان نفرت ڪندو هو.
سچيون ڳالهيون سيني جون
سال 2004ع ۾ آئون جڏهن ڪوثر مل اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيس، تن ڏينهن مون وٽ اسڪول ۾ منهنجو ڀاءُ عبدالغني ۽ ٻيو ڀاءُ بشير گڏجي آيا هئا. حال احوال اوريندي چيائون ته سرفراز جو ۽ بشير جي نياڻي جي رشتي لاءِ آيا آهيون. آئون هڪدم اهو ئي چئي جواب ڏنو هو ته سرفراز علي تعليم حاصل ڪري پوءِ سندس مرضي ۽ ڇوڪري جي اهڙي ڪا تعليم به ناهي ۽ سرفراز ننڍو آهي. ان ڪري مان اهو رشتو هاڻي ته نٿو ڪري سگهان. پوءِ منهنجا ٻئي ڀائر مونتي ناراض ٿي هليا آيا ۽ ڪافي وقت تائين گهرن ۾ اهي قصا پئي هليا تن ڏينهن سرفراز علي جي تعليم زور شور سان هلي پئي ۽ سرفراز علي شاگرد هيو.
منهنجي امڙ ۽ وڏي ڀيڻ مونسان سخت ناراض هيون. عبدالغني ته سڀني کان وڌيڪ. نيٺ ڪجهه وقت کان پوءِ اسان سڀني گڏجي صلاح ڪئي ته پاڻ ۾ آهيون. ماشاءَالله اهو رشتو ڪيون ٿا. جڏهن اها صلاح ٿئي ته پو بشير ڪجهه مطالبا ڪيا جن کي پوري ڪرڻ لاءِ مان به هائوڪار چيو ۽ بشير جي نياڻيءَ سان 27 آڪٽوبر 2008ع تي نيٺ شادي جي رسم به ٿي ۽ ستاوڙي کان پوءِ ڪجهه گهر ۾ نه وڻندڙ حرڪتون شروع ٿيون. تقريبن هڪ هفتي اندر اهڙو ته جبل ڪوڙ جو ڪريو جنهن رشتن جا ساهه ٻوساٽي رشتن جو تقدس پائمال ڪري ڇڏيو ۽ آخر بشير جي نياڻي ۽ منهنجي پٽ سرفراز علي جو ڳنڍيل رشتو ٽٽي پيو. سرفراز علي بشير جي نياڻي جي جلد ۾ رشتي ٽٽڻ سان سرفراز علي جي ذهن تي دٻاءُ وڌيو. ڇاڪاڻ جو سرفراز علي ڏاڍو حساس طبيعت جو مالڪ ۽ ننڍو هيو. سدائين تنهائي ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪندوهو ۽ گهڻو سوچيندو هو. هي غزل ته گهڻو ڪري جهونگاريندو هيو جنهن مان هن جي احساسن ۽ نازڪ جذبن جو اسان اندازو لڳائي سگهندا هئاسين. ”جو درد ملا اپنو سي ملا غيرون سي شڪايت ڪون ڪري)
سرفراز علي جي اهي اداسي وارا ڏينهڙا اڄ جڏهن منهنجي اکين ۾ ڪنهن وڊيو ڪلپس وانگي پِلي ٿين ٿا ته منهنجا اهي زخمي احساس تڙپي پون ٿا.
اهڙي طرح اسان کي انهي ڳالهه جو احساس رهي پيو ته گهر ۾ ڪو ننڍو ٻار به ڪونهي ۽ سرفراز علي کي ڇو نه ٻي شادي ڪرايون. سرفراز علي کان ٻي شادي جو جڏهن پڇيوسين ته سرفراز علي سخت احتجاج ڪندي جواب ڏنو. هڪ ڏينهن آئون سرفراز علي کي پيار مان ويهي سمجهايو ۽ هدايت به ڪئي. سرفراز علي فرمانبردار پٽ هيو. اسان جي اسرار تي اسان جي خوش رهڻ خاطر ها ڪيائين. جيڪا شادي تاريخ 2010-10-03 ۾ ٿي جيڪا نهايت ئي نهايت سادگيءَ سان ٿي، جنهن ۾ ڪنهن به عزيز شرڪت نه ڪئي. صرف منهنجو هڪ ڀاءُ اشرف علي اسان سان گڏ هيو. ان جي مهرباني پوءِ سرفراز علي کي وقفي وقفي سان اولاد ٿيندو رهي پيو، جيئن ته سڀني ڀائرن جون شاديون مان پاڻ ڪرايون پر افسوس جو ڀائرن منهنجي اولاد جي شادين ۾ مونکي سخت تڪليف رسائي. جنهن ڪري مان پنهنجي اولاد جي شادين جي خوشي نه ملهائي سگهيس.
سرفراز علي کي اولاد ۾ پهريون پٽ ٿيو هيو، جنهن جو نالو محمد عزير رکيو هيو، جيڪو پهرين ڏينهن ئي الله جه گهرائي ورتيو. 2 نمبر ڌيءُ اٿس جنهن جو نالو آئون (طوبيٰ سرفي) رکيو، 3 نمبر ڌي اٿس، جنهن جو نالو (ڪشف سرفي) رکيوسين. اهڙي ريت سرفراز علي کي 4 نمبر به نياڻي ٿي جهن جو نالو (ڪَهف سرفي) رکيوسين. ڇهن مهينن جي ڄمار ۾ رب ڪريم هن کي به پاڻ ڏانهن گهرايو. هن نياڻي جو صدمون سرفراز علي لاءِ وڏو سبب بڻيو، جنهن کي علاج واسطي ڪراچي وٺي ويو هيو. ان کانپوءِ سرفراز علي جي طبيعت ۾ تبديلي آهستي آهستي 2015-11-28 کان وٺي ايندي رهي. هڪ سال اڳ ۾ بيمار ٿيڻ وارن پهرين ڏينهن ۾ ماءُ کي چيائين، ”امي جان“ مان ڪو نه بچندس. جڏهن سرفراز علي جا اهي جملا سندس ماءُ مونکي روئي ٻڌايا هئا، تڏهن آئون ائين چيو ته الله تعاليٰ کيس صحتمند واري وڏي عمر عطا فرمائيندس.
انهن لفظن ٻڌڻ سان ته منهنجي به سموري جسم مان ٺڪاءَ نڪري چڪا هئا.
سرفراز علي سان بيحد پيار ۽ آٿت ڏيڻ سان گڏوگڏ دل وندراڻ خاطر مشغوليون ڪندا هئاسين ۽ هر روز رات جو باجي تي سرفرراز علي کان ڪمپوز ٿيل ڌنون ٻڌي تفريح وارو ماحول ٺاهيندا هئاسين. ها پر سرفراز علي جي ڪيفيت کي اسان ته سمجهون پيا پر لاڙڪاڻي جا ڊاڪٽر نه سمجهي سگهيا هئا.
جن ۾ ڊاڪٽر عالم ابراهيم صديقي پيرزادو، ڊاڪٽر بدر جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر رحمت وڳڻ. جڏهن اسان علاج لاءِ ڪراچي لياقت ميڊيڪل اسپتال پهتاسين ته اتي ڊاڪٽر ته هئا پر ڊاڪٽري پيشي سان گڏ انسان دوست ۽ همدرد هئا. جن ۾ ڊاڪٽر افشان چنه ۽ ڊاڪٽر نويد الدين، انهن لاءِ اڄ به کوڙ دعائون دل مان نڪرن ٿيون. تنهن کانپوءِ سائوٿ سٽي اسپتال پهتاسين، جتي ملڪ جا سٺا بهترين ڊاڪٽر هئا. جن کان بيسٽ علاج هلي رهيو هيو پر سرفراز علي جي زندگي ايتري هئي. سرفراز علي کان زبان تان درود شريف پڙهڻ ڪڏهن به نه وسريو هيو. سرفراز علي جو پاڻ ڪريم صه جن سان وڏو پيار وڏي محبت ڏسي اڄ به خوشي ٿئي ٿي ته پاڻ ڪريمن صه جو مريد هيو ۽ درود پاڪ پڙهندي اسان کي الوداع ڪيائين. رب پاڪ جنت الفردوس ۾ درجا بلند ڪرڻ فرمائيندس. آمين!
لطيف سرڪار چواڻي:
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

ڪامل امداد جتوئي

سرفراز علي جي زندگي جو مختصر پروفائيل

سرفراز علي جي پهرئين شادي پنهنجي سئوٽ سان 2008-10-27 ۾ ٿي ۽ هڪ مهيني اندر علحيدگي ٿي وئي. هن مان ڪو به اولاد ناهي.
سرفراز علي جي ٻي شادي پنهنجي ذات وارن مان 2010-06-03 ۾ ٿي جنهن مان هي اولاد ٿيو.
محمد عزير ڄم ۽ موت جي ساڳئي تاريخ 13 اپريل 2011ع
طوبيٰ سرفي _ جنم پهرين آگسٽ 2012ع
ڪَشف سَرفي _ ڏهين اپريل 2014ع
ڪَهف سَرفي _ جنم، اڻويهين جون 2015ع ۽ وفات اڻٽيهين نومبر 2011ع

سرفراز علي جتوئي جا غزل، گيت، ڪلام رڪارڊ ٿيل
سَهي ڪين ڪنهنجو هتي پيار دُنيا _ استاد بخاري
اڱڻ اسان ڏي يار_ آوين آوين وي دلدار _ سچل سرمست
صوفي جي سوزساز کي سمجهڻ ڏکيو آ_ عطا ستاري
عشق عقل جو لڳو آ جهيڙو _ وريل فقير
منهنجوڙي پيچ پنهل سان_ شاهه عبداللطيف
هُج فٽي ڪيم هاڻ _ سچل سرمست
تنهنجي عشق ۾ دل دلبر سرشار_ ڪامل امداد جتوئي
ريل گاڏي ۾ ٿي ويو ديدار ويٺي_ خليق زمان مخدوم
وفا جو شهر آ اوهان جي اکين ۾_ اَمرت
جڏهن مرڪ هلڪي مرڪي پوين ٿو_ ڪامل امداد جتوئي
منهنجي پيار جو قدرئي ڪونهئي_ شگفتا شيخ
سينگار جا سمورا هٿيار يا رتووٽ_ ”ماسٽر منظور جو ڳايل“
راحت ملي ٿي درد ۾ هو، مان پيار تان صدقي_ استاد محمد يوسف جوڳايل


ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي پروگرام “نئين ٽهي” جي ميزباني ڪندي سرفراز علي جتوئي هيٺ ڏنل آفيسرز صاحبان کان مختلف مهلن تي انٽرويوز ڪيا جن ۾:
ستار هليو صاحب _ وڪيل ۽ اديب
سيد فدا حسين شاهه _ سنڌ پوليس آفيسر
عيسيٰ ميمڻ صاحب _ تعليمدان ۽ اديب
شاهه لطيف مورائي صاحب _ سر شاهنواز لائبرري آفيسر لاڙڪاڻو
گلشير علي سومرو صاحب _ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر
جاويد احمد جاگيراڻي صاحب _ ڊي .سي لاڙڪاڻو
مسعود احمد ڀٽو صاحب _ اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو
منير احمد ڊومڪي صاحب _ ليڪچرار
۽ ٻيا ڪيتر ائي سياسي، سماجي ماڻهو ۽ نوجوان فنڪار سرفراز علي جي پروگرام جي سونهن رهيا.

سرفراز علي جتوئي جا وڻندڙ چيل جملا

سرفراز علي پنهنجو پاڻ کي “آءِ ايم سرفي” (IM SARFI) چوندو هو، موٽرسائيڪل تي لکرائي ڇڏيو هئائين.
سرفراز علي ڪافي ڀيرا چاچي عبدالغني جتوئي کي هُجَ مان چوندو هو ته چاچا سائين وڏي LCD وٺي ڏيو ته اسان اوطاق کي آباد ڪري ويهون.
سرفراز علي جو مزاحيه انداز، سٺا مرد ڏسي چوندو هو ته خاشڙا ۽ عورتن لاءِ چوندو هو خاشڙيون.
سرفراز علي پنهنجي ڏاڏي کي پيار مان “ڪجلي جا ديدار” ٿي ويا، چوندو هيو
سرفراز علي چاچي عبدالحميد کي پيار مان ڏسي چوندو هوس “اوبابي خير آ”
سرفراز علي چاچي عبدالحميد کي “سردار عبدالحميد خان” سڏيندو هو.
آءٌ جڏهن عمري جي سعادت حاصل ڪري لاڙڪاڻي مراد واهڻ مين روڊ تي گهرواري گهٽي ۾ ڪار مان لٿس ته منهنجي انتظار ۾ ٻئي پٽ امتياز علي ۽ سرفراز علي اڳ ۾ ئي بيٺا هئا. گلن کان به زياده گلن جي جوڙي، گلن جا هار پائي سيني سان سينو ملائي مليا. ٻنهي پٽن کي خوشي هئي پر سرفراز علي کي گهڻي هئي.
لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي مان ڊاڪٽر نويد الدين صاحب کان علاج ورتيون اچون پيا ته علي حسن منهنجو نياڻو گاڏي اڳيان بيهاري، ويهڻ وقت سرفراز علي پنهنجي ڌيءُ طوبيٰ کي نه ڏٺو جيڪا مونسان گڏ منهنجي اوٽ ۾ هئي حيران ٿي سرفراز علي پڇيو طوبيٰ ڪاڏي وئي. بابا سائين طوبيٰ ته مونسان آهي. اسان خوش ٿياسي ته طوبيٰ ڌي سرفراز علي کي پياري آهي.
سرفراز علي وڏي پڦيءَ کي “بلبل” سڏيندو هو.
سرفراز علي ننڍي پڦيءَ کي “رضيه” مان رضا محمد سڏيندو هو.
سرفراز علي پنهنجي ننڍي ڌيءُ “ڪشف النُور” کي ليلي سڏيندو هيو ۽ آخري رات ”گڏي“ نالو رکيائين.
سرفراز علي پنهنجي ماءُکي جيجل جنت سڏيندو هيو.
سرفراز علي پنهنجي ماءُ کي چوندو هو ته “امي منهنجي لاءِ جڏهن به دعا گهرين ته روئي گهرندي ڪر، جيڪڏهن روئڻ نه اچي ته روئڻ وانگر منهن ڪري به دعا گهرندي ڪر”.
سرفراز علي پنهنجي گهواري کي ”مومو“ سڏيندو هيو.
سرفراز علي پنهنجي چاچي عبدالغني جي ٻيو نمبر ڌي کي ”مدو بالا“ سڏيندو هو.
سرفراز علي ماسات گلاب خان کي “دُکي” سڏيندو هيو.
سرفراز علي وڇوڙي جي آخري رات گهرواري کي سڏي چيائينس ته “امڙ جنت” جي خدمت ڪجان.
سرفراز علي پڦائٽ شفيق الرحمان کي پيار مان “اَپي” سڏيندو هيو.
سرفراز علي ماسات محمد علي کي پيار مان جهرڪي سڏيندو هو.

سرفراز جتوئي جي وڇوڙي بابت مختلف اخبارن ۾ لڳل خبرون ۽ آرٽيڪل جا عڪس

[[ نوٽ : ھن ھيڊنگ جو مواد، تصويرون ئي آھي، جيڪو صرف پي_ڊي_ايف ۾ شامل آھي ]]

سرفراز علي جتوئي جا لکيل هٿ اکر

[[ نوٽ : ھن ھيڊنگ جو مواد، تصويرون ئي آھي، جيڪو صرف پي_ڊي_ايف ۾ شامل آھي ]]

مهاڳ

فاني ماڻهو، لافاني محبتون

پيار ازل کان انسان جي من ــ آکيري جو پنڇي رهيو آهي. اُن پنهنجن مڌر ٻولن ۽ آلاپن سان نه رڳو انسان جي دل جي دنيا کي آباد رکيو آهي، پر پنهنجن ڪومل احساسن ۽ سندر لطافتن سان ماڻهوءَ جي فهم ۽ ادراڪ جي ڪائناتن کي پڻ ڪيئي رنگينيون ۽ رونقون عطا ڪيون آهن. هن ڪاروباري ۽ منافعي خور سماج ۾ جيڪڏهن محبتن جو وجود نه هجي ها، ته هيءَ دنيا بنھ ڇسي ۽ بي رونق ڀاسي ها. حقيقت ۾ هن دو رنگي ۽ دولابي دنيا ۾، محبت ئي اهو واحد معصوم احساس ۽ اَجهل جذبو آهي، جيڪو ذات پات، اميري غريبي ۽ ننڍ وڏائي جي فرق بنا هر انسان جي اندر ۾ وَسي ٿو.
جيئن خوشبوئون ۽ خوبصورتيون بنا ڪنهن مت ڀيد جي پنهنجا هڳاءَ ۽ حُسناڪيون ڦهلائينديون آهن، جيئن بادل بنا ڪنهن تفريق جي ويراني ۽ وَسنديءَ تي بَرسندا آهن، جيئن ڏيئي جي روشني، مندر توڙي مسجد ۾ ساڳي جوت سان جلندي آهي، جيئن وڻ پنهنجي ڇانو هر ماڻهوءَ کي بنا ڪنهن ڌرم، طبقي ۽ فرقي جي فرق جي ڏيندا آهن، جيئن سج، چنڊ ۽ ستارا بنا ڪنهن فرق جي هر ماڻهوءَ کي روشني ۽ راحتون ڏيندا آهن، ائين ئي پيار، هندو، مسلم، سِکُ ۽ عيسائيءَ جي تميز بنا پنهنجون سُندرتائون ۽ سچائيون هر انسان کي آڇيندو ۽ ارپيندو آهي. جن ماڻهن کي جيون ــ سفر ۾ محبتون ملي ۽ حاصل ٿي نه سگهنديون آهن، اهي وڻ مان ٽٽل پنن جيان ٿي پوندا آهن، جن کي ڪنهن به رُخ جون هوائون رولي، ڀٽڪائي ۽ مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينديون آهن، پر جن پُرشن کي محبتون ملنديون آهن، اهي لوهه مان پارس بڻجي پوندا آهن.
نوجوان راڳي سرفراز جتوئي به اهڙن خوشنصيب انسانن مان هو، جنهن کي جيون ۾ تمام گهڻيون محبتون مليون. هن پنهنجي اخلاق، علم، نياز ۽ نوڙت سان ٿوري عرصي ۾، نه رڳو گهڻن ماڻهن جي جيءَ ۾ جاءِ جوڙي، پر هن پنهنجن صلاحيتن جي بنياد تي وڏو مانُ سمانُ به حاصل ڪيو. هُن تمام ننڍڙي حياتي ماڻي، هن کي جيون جون فقط 28 بهارون نصيب ٿي سگهيون، پر انهن جي هر پل کي سچ ته هُن ڏاڍي سيبتائي، سليقي، حُسناڪي ۽ زندگيءَ جي ڀرپوريت سان ماڻيو ۽ ملهايو.
هُن جي جيون ــ سفر تي جڏهن نگاهه وجهجي ٿي، تڏهن خوشگوار حيرت سان گڏ سرهائي ٿئي ٿي ته، هُن نوجوان پنهنجي مختصر زندگيءَ کي ڪهڙي نه بامعنى انداز سان بسر ڪيو ۽ سڦل بڻايو. سرفراز جو جنم لاڙڪاڻي شهر جي هڪ ننڍڙي محلي مراد واهڻ ۾ 21 جولاءِ 1989ع تي هڪ سُڄاڻ شاعر ۽ سُچيت استاد محمد ڪامل جتوئي جي گهر ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ۽ تربيت پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. پرائمري، ديني مدرسي ۽ ميٽرڪ، پائلٽ هائر سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪيائين. انٽر ۽ بي. ايڊ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ايم. اي سوشالاجيءَ ۾ ڪيائين. محنت ۽ صلاحيت جي بنياد تي کيس پرائمري استاد مقرر ڪيو ويو. قدرت هُن کي نه رڳو اخلاقي، علمي ۽ تخليقي صلاحيتن سان نوازيو هو، پر کيس پُرسوز ۽ ڪويل جهڙو سُريلو آواز پڻ عطا ڪيو هو. سرفراز پنهنجي سُلڇڻي والد جي بهتر تربيت، سٺن دوستن جي صحبت ۽ پنهنجي محنت، انڪساري ۽ مسلسل جستجو سان، تمام ننڍي عمر ۾ ئي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. هن ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي اهڙن ڪمن جي ابتدا ڪئي ۽ انهن ۾ گهڻي حد تائين سوڀارو ۽ سرخرو رهيو، جيڪي گهٽ ماڻهن کي حاصل ٿي سگهندا آهن.
ناميارو براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙو پنهنجي ليک ۾ سرفراز بابت لکي ٿو،”سرفراز پنهنجي ننڍي عمر ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڻ مڃرائڻ ۽ پنهنجن صلاحيتن جي اظهار جي جستجو ڪئي ۽ ڪاميابي طرف گامزن رهيو. هو ريڊيو ڪمپيئر به هو، ته هڪ سنگر به ۽ ساڳي وقت سندس وابستگي تعليم سان به رهي. مطلب ته سرفراز جن به شعبن جي چونڊ ڪئي، اهي سڀ شعبا نهايت اهم ۽ سٺي ساک رکندڙ هئا.“
سرفراز جتوئي ٻاراڻي عمر ۾ ئي ڳائڻ جي شروعات نعتن سان ڪئي. تنهن کان پوءِ مختلف ادبي پروگرامن ۾ معروف شاعرن جا گيت ۽ غزل ڳائڻ لڳو. هُن جي آواز ۾ نرالي نوع جو سوز ۽ گداز هو. ٻين جا ڳايل ڪلام ڳائيندي ڳائيندي، هُن پنهنجون ڌنون ٺاهڻ شروع ڪيون ۽ جڏهن اهي ڪجهه ادبي محفلن ۾ پيش ڪيائين ته واهه واهه ٿي وئي. ائين سرفراز ’سُر ۽ آواز‘ جو آغاز نجي محفلن ۾ ڪرڻ کان پوءِ ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي رَسيو. پوپٽن وانگر هوا جي هٿ ــ ترين تي اُڏامي سرفراز جو آواز جڏهن سنڌ جي جهر جهنگ، وستين ۽ واهڻن تائين پهچي، ماڻهن جي سماعتن سان ٽڪرايو، تڏهن سُر ۽ آواز جي پارکن سان گڏوگڏ عام ٻُڌندڙن پڻ کيس وڏي موٽ ڏني.
حقيقت ۾ سرفراز جي اندر ۾، ڀرئي بادل وانگر هڪ بي چين ۽ مضطرب روح موجود هو، جنهن کي هڪ جڳهه تي ڪڏهن به چين ۽ قرار نه آيو. هن پاڪستان جي مختلف علائقن جي سير ۽ تفريح سان گڏوگڏ 2009ع ۾ اسڪالرشپ تي چين ــ ياترا پڻ ڪئي. هو زندگيءَ جي وشال راهن ۾ هڪ رمتي وانگر سدائين ’نئين ۽ منفرد‘ جي تلاش ۾ رهيو. هُن سنڌ ٽي. وي ۽ ٻين ڪجهه نجي چينلن تي ڪيئي ڪلام ڳايا، پر گهڻو تڻو هن جي صلاحيتن جو سفر ريڊيو سان سلهاڙيل رهيو. هن پنهنجي فن ۽ اظهار جا جوهر گهڻو ڪري ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو سان لاڳاپيل رهي ڏيکاريا. هُن ريڊيو لاڙڪاڻي تان ڪيئي تفريحي، تعليمي ۽ معلوماتي پروگرام ڪري، نه رڳو نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جو اُتساهه بخشيو، پر ڪيترن ئي ڪن ــ رس رکندڙ ماڻهن کي پنهنجي آواز، انداز ۽ سُندر موسيقيءَ سان محظوظ پڻ ڪيو.
سرفراز جتوئيءَ جو نه فقط آواز سُريلو ۽ انداز موهيندڙ هو، پر هو گهڻ رخي صلاحيتن، سٺي ۽ مثالي ڪردار جو مالڪ پڻ هو، جنهن جو اعتراف ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو اسٽيشن ڊائريڪٽر علي مراد ٽانوري هنن لفظن ۾ ڪري ٿو، ”سرفراز علي جتوئي هڪ انتهائي باڪردار ۽ سُلڇڻو نوجوان هو، جنهن جي شخصيت ۾ انيڪ خوبيون ۽ صلاحيتون هيون...هن کي فن جي دنيا خاص ڪري ريڊيو پاڪستان جي پروگرامن ۽ ڳائڻ سان دلي لڳاءُ هو...هر ڀيري پروگرام جو اسڪرپٽ نهايت ئي معلوماتي ۽ معياري لکي ايندو هو، جنهن مان هن جي صلاحيتن ۽ پڙهڻ جي ذوق ۽ شوق جو اندازو ٿيندو هو.“
سرفراز ريڊيو تي جيڪي پروگرام ڪيا، انهن ۾ ’لاڙڪاڻو اسپيشل، سونهن سمبارا، السلام عليڪم لاڙڪاڻو، روشن راهون، مُکڙيون‘ وغيره شامل آهن. سرفراز ٻاراڻي شاعري به ڪئي، ڪجهه اخبارن ۾ مضمون به لکيا، پر خاص طرح هن ريڊيو جي مختلف پروگرامن لاءِ جيڪي اسڪرپٽ لکيا، جن کي هن ڪتاب ۾ سهيڙيو ويو آهي، اهي تمام اهم ۽ ڪارائتا آهن. هڪ طرف اهي تحريرون هن جي سوچ، فڪر ۽ احساس جون عڪاس آهن، ته ٻي طرف انهن ۾ سندس ذوق، مطالعي ۽ گهري مشاهدي جي موهيندڙ جهلڪ ملي ٿي.
سرفراز جي ’اسڪرپٽس‘ ۾ تفريح ۽ وندر جا وڻندڙ موضوع به آهن ته رومانيت ۽ رنگينيءَ جو احساس آڇيندڙ مواد به، جيڪو پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ جي دل ۽ دماغ کي تره تازو ڪري ڇڏي ٿو. نموني لاءِ سندس اظهار جو هي انداز ڏسو:
”سامعين! ڳالهه ڪنداسين نيڻن جي، ته نيڻ، نيڻ ئي هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ نماڻا ٿي راهون نهاريندا آهن ته، ڪڏهن وري ڪنهن پرين، پياري کي پَسي ڏاڍو خوش ٿيندا آهن. ته وري ڪڏهن من گهُري، دل جي دلبر جي وڇوڙي ۾، اداس ۽ بي قرار رهندي، نيڻن مان نڪتل سامونڊي سيلاب کي ڪير روڪي به ناهي سگهندو...!“
هن جي ڪجهه لکڻين ۾ نرالا خيال ۽ خوبصورت تخليقي احساس ملن ٿا، جن ۾ فڪري نُدرت ۽ احساساتي نرملتا به آهي، ته ادبي حِسيت ۽ حُسناڪي به. جيئن سندس هي سٽون، ”سائين منهنجا! ماڻهو هروڀرو انتها تي پهچي، ڪنهن نه ڪنهن کي اهو ڪري ڏيکاريندا آهن ته ’مان تو لاءِ مَران ٿو‘. ڀلا مرجي ته ڇو مرجي؟ هڪ ٻئي لاءِ جِي به سگهجي ٿو. هڪ ٻئي کي وساري ئي ڇو ڇڏجي؟ خوشگوار پلن کي ياد ڪري مٺي مٺي ننڊ به ته ڪري سگهجي ٿي. سمورا ڏک ۽ سک، غم ۽ خوشيءَ جا لمحا ياد ڪري، سنڀالي رکي به ته سگهجن ٿا. پري رهڻ سان دل ۾ جيڪو درد پيدا ٿئي ٿو، اهو نڀائيندڙ هوندو آهي. اوهان اهو چڱيءَ ريت ڄاڻو ٿا ته جيڪي پرين پيارا دور هوندا آهن، ڇا اهي دل کان وسري ويندا آهن؟ هر گز نه. جيترو ماڻهو پري هوندو آهي، اهو ايترو ئي دل جي ويجهو هوندو آهي.“
سرفراز جي جيون ــ خاڪي مان عيان ٿئي ٿو ته، نه رڳو هو پاڻ عملي ماڻهو هو ۽ زندگي جي جدوجهد ۽ جستجو ۾ يقين رکندو هو، پر علمي، فڪري ۽ احساساتي طرح هو حقيقت پسند ۽ محنت جي عظمت ۾ ايمان ۽ اعتقاد رکندڙ ماڻهو هو، تنهنڪري ئي اجائي خيالن ۽ خوابن ۾ وقت وڃائڻ بدران محنت ۽ جستجو کي اوليت ۽ اهميت ڏئي ۽ چوي ٿو: ”زندگي خواب ناهي، جنهن کي غفلت جي ننڊ ۾ وڃائي ڇڏجي، پر زندگي هڪ سچائي آهي، ان جو هر روپ حسين آهي. اهي ماڻهو، جيڪي خوابن ۽ سَڌن جي پويان ڊوڙندا رهن ٿا ۽ عمل کان عاري آهن، اهي خود به خوابن جو حصو ٿي رهجي ويندا آهن. حقيقتون ڪيتريون به تلخ ڇو نه هجن، پر انهن کي تسليم ڪرڻ گهرجي، ڇو ته حقيقت پسند ماڻهو ئي زندگيءَ جي سچ ۽ سونهن کي سمجهي ۽ اپنائي سگهندا آهن.“
سرفراز جي هنن ريڊيو اسڪرپٽس ۾ خيال ۽ خوبصورتين جا سڀ رنگ ملن ٿا. انهن ۾ ادبي خيالن جي ڳوڙهائي ۽ گنڀيرتا به آهي ته، عام ماڻهن لاءِ سبق آموز نقطا به.
”سائين منهنجا! نيڪن جي صحبت مان تڏهن مڪمل فائدو رَسندو، جڏهن اسان بُرن جي صحبت کان بچنداسين. بُرن جي صحبت جو بُرو اثر ۽ چڱن جي صحبت جو چڱو اثر ٿيندو آهي. نه دولت خواهش سان ملي ٿي، نه جواني خضاب ڪرڻ سان ۽ نه صحت دوا استعمال ڪرڻ سان. اسان پنهنجو چهرو ته سينگاري خوب سجايون ٿا، جنهن تي ماڻهن جي نظر پوي ٿي، پر ڪڏهن به دل کي سينگارڻ ۽ اُجرو ڪرڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪريون، جنهن ۾ مالڪِ حقيقي جو واسو هجي ٿو“.
سرفراز جون ريڊيو لاءِ لکيل هي لکڻيون مجموعي طرح پُرتاثر، تخليقي، نصيحت آميز نقطن سان مالا مال ۽ گهڻ رخي فڪر ۽ احساس جون عڪاس آهن، جن ۾ عام ماڻهن جي اندر جي ڳالهه به ملي ٿي ته، فنڪارانه احساس ۽ آجپي جو عڪس ۽ نقش به نظر اچي ٿو.
نوجوان سرفراز جتوئيءَ کي هڪ ئي وقت سنڌي، سرائڪي، اردو، انگريزي ۽ چيني ٻولين تي سٺي دسترس حاصل هئي. هو ڪمپيوٽر جو پڻ چڱو ڄاڻو هو. چوندا آهن ته ماڻهوءَ جي بهتر پرک ان جا دوست ۽ استاد ئي ڪري سگهندا آهن، ڇو ته سچا دوست دلين جا هم راز ۽ سٺا استاد دماغن جا پارکو هوندا آهن. سرفراز جي شخصيت ۽ صلاحيتن بابت سندس استاد ۽ معروف تعليمدان پروفيسر مختيار سمون، سرفراز تي لکيل پنهنجي تاثراتي مضمون ۾ لکي ٿو، ”سرفراز منهنجو لائق شاگرد هيو، جيڪو ڳچ عرصو منهنجي اداري ناليج سينٽر ۾ منهنجي ئي ڪلاس ۾ انگريزي ٻولي سِکيو. هو انتهائي بااخلاق ۽ سُلڇڻو نوجوان هو...هو پڙهائيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ سان گڏ نعت خواني ۽ گائڪيءَ ۾ به پنهنجن صلاحيتن آڌار سٺو تعارف حاصل ڪري رهيو هو. جيڪڏهن زندگي کيس مُهلت ڏئي ها ته يقين اٿم ته هو علمي ۽ تعليمي کيتر سان گڏ فن جي دنيا جو به هڪ روشن ستارو بڻجي، پيار، محبت، امن ۽ آجپي جي روشنيءَ سان سنڌ جي چپي چپي کي منور ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ضرور ادا ڪري ها“.
سرفراز جتوئي ريڊيو لاڙڪاڻي تي ڪم ڪندو هو ۽ آءٌ به اتفاق سان اتي ئي لطيف سائين جي شاعريءَ جي فڪر ۽ فلسفي تي ’سبق سپريان جو‘ جي نالي سان پروگرام ڪرڻ سان گڏوگڏ موسيقي ۽ بيانيه انداز تي مبني هڪ تفريحي پروگرام’لاڙڪاڻو اسپيشل‘ به ڪندو هوس، پر هُن سان ريڊيو تي منهنجي ڪڏهن به ملاقات ٿي نه سگهي. شايد ان جو وڏو سبب اهو به هو ته، آءٌ پنهنجن مصروفيتن سبب ريڊيو کي گهڻو وقت ڏئي نه سگهندو هوس، اتي موجود دوستن سان به ورلي ڪا ملاقات ٿيندي هئي. بس پروگرام خاطر ريڊيو تي هفتي ۾ هڪ ڀيرو وڃڻ ٿيندو هو، ۽ پروگرام پوري ٿيڻ بعد اتي ڪنهن سان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جو گهٽ موقعو ملندو هو.
سرفراز جي نالي، ڪردار ۽ ڪم جي حوالي سان ڪافي دوستن جي زباني تعريف ٻُڌي ۽ ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي سندس ڪجهه ڪلام ضرور سُڻيا هئا، پر ساڻس روبرو ملاقات جو اتفاق ڪڏهن نه ٿي سگهيو. سندس والد ڪامل امداد سان منهنجون ڪيئي ملاقاتون ۽ محبت جو تعلق چڱي عرصي کان هو. مختلف ادبي پروگرامن ۽ مشاعرن ۾ ميل جول ٿيندي هئي، پر سرفراز جي حوالي سان ڪڏهن ڪا تفصيلي ڪچهري ٿي هجي ۽ ڪو ذڪر فڪر نڪتو هجي، سو مون کي ياد نه ٿو پوي. ممڪن آ ڪڏهن ڪو ذڪر نڪتو به هجي، پر چٽائيءَ سان ڪا اهڙي ڳالهه ياد نه ٿي اچي.
سرفراز سان مڪمل تعارف ۽ هڪ غائبانه ملاقات/ شناسائي به هڪ عجيب انداز سان ٿي. هڪ ڏينهن ڪامل امداد مون وٽ ڪاليج ۾ ڪهي آيو. حال احوال کان پوءِ سُڌ پئي ته، سرفراز کوڙ عرصي کان بيمار آهي، جنهن جي علاج تي هو اَلهو تلهو هڻي چڪو آهي، منجهس ايتري معاشي سگهه نه رهي آهي، پر پوءِ به ٻچي جي صحت لاءِ هو قرض کڻي به علاج ڪرائي رهيو آهي. هن ٻُڌايو ته اديب ۽ شاعر جي حيثيت ۾ ڪافي ڀيرا ثقافت کاتي کي سهائتا جي گذارش به ڪري چڪو آهيان. سرفراز جي علاج جا ڪاغذ ۽ سندس فني ڪم ڪار جا تفصيل به موڪلي چڪو آهيان، پر اڄ تائين ڪا مثبت موٽ نه ملي آهي. ٻُڌو آهي ته اوهان ’انڊومينٽ فنڊ‘ ڪاميٽي جا ميمبر ٿيا آهيو. اميد کڻي آيو آهيان ته اوهان منهنجي ٻچڙي جي سهائتا لاءِ ضرور ڪردار ادا ڪندا. هو تمام گهڻو غمگين، ڏکارو ۽ اداس هوس. هن جي لفظ لفظ ۾ درد ۽ تڪليف جو درياهه ٿي ڇُلڪيو.
مون هن کان ڪاغذ وٺي کيس دلجاءِ ڏني، ته هن وقت ثقافت جو سيڪريٽري اڪبر لغاري ۽ منسٽر سردار شاهه آهن، جيڪي پاڻ ٻئي درد مند دل رکندڙ اديب ۽ علم دوست ماڻهو آهن. مون کي يقين آهي ته هو سرفراز جهڙي سُچيت نوجوان ۽ آرٽسٽ لاءِ ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڪندا. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ مون سرفراز جو ڪيس رکيو ۽ مڙني ميمبرن سان گڏ اڪبر ۽ سردار شاهه صاحب کي پڻ هُن جي صلاحيتن ۽ فن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني، جن گڏيل راءِ سان فوري طور هن جي علاج لاءِ هڪ لک جي منظوري ڏني. مون ان جو اطلاع ڀاءُ ڪامل امداد کي ڏنو، جيڪو کوڙ سرهو ٿيو، پر جيئن چوندا آهن، ’بندي جي من ۾ هڪڙي ۽ ڌڻيءَ جي من ۾ ٻي‘، چند ڏينهن ۾ ئي سرفراز جي نالي تي چيڪ ته آيو، پر اهو هو پاڻ وصول ڪري نه سگهيو، سندس بيوهه ونيءَ وصول ڪيو.
سرفراز جي حياتي ايتري ئي هئي، هر ماڻهوءَ کي هي جهان ڇڏڻو آهي، پر جيڪڏهن سندس اها سهائتا گهربل وقت ۾ ٿئي ها، ته شايد هو ان مرض مان نجات ماڻي، ڪجهه عرصو وڌيڪ اسان جي ساٿ ۾ رهي سگهي ها.
گلن ۽ پوپٽن جون حياتيون تمام گهڻيون مختصر ٿينديون آهن، پر اهي جياپي جي هر گهڙي ۽ ساعت کي سرمستي ۽ سُندرتا سان گذاريندا آهن. سرفراز به زندگيءَ جي هر پل کي سرمستي، سندرتا ۽ ڀرپوريت سان گذاري 25 ڊسمبر 2016ع تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو ۽ پويان ڇڏي ويو کوڙ ساريون حسين يادون ۽ ساڻس محبت ڪندڙ لاتعداد ماڻهو، جن جي سار ۽ پيار ۾ هو سدائين زنده آهي ۽ رهندو، ڇو ته ماڻهو فاني آهي، پر محبتون لافاني ۽ امر هونديون آهن.
آءٌ سندس والد ڪامل امداد کي جس ٿو ڏيان، جنهن هُن جا ريڊيو لاءِ لکيل اسڪرپٽس ڳولهي هٿ ڪري، انهن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي، اهو سرفراز سان پيار ڪندڙ ماڻهن جي هٿن تائين پهچايو آهي. هن ڪتاب ۾ جن قلمڪارن سرفراز جي حوالي سان پنهنجن خيالن ۽ جذبن جو اظهار ڪيو آهي، انهن ۾ ڪوثر ٻرڙو، علي مراد ٽانوري، پروفيسر مختيار سمون، احمد علي صابر چانڊيو، رضوان گل ۽ ستار هُليو شامل آهن، جن جا رايا سرفراز جي شخصيت، ڪردار ۽ ڪم تي سُٺي روشني وجهن ٿا. سرفراز پنهنجي ڪردار ۽ اخلاق سبب ماڻهن جي دلين ۾ يقينن وڏي عرصي تائين زندهه رهندو، پر هن ڪتاب ذريعي هو سنڌي ادبي کيتر ۾ پڻ نئين تعارف ۽ حوالي سان زنده ۽ جاويد رهندو.

ڊاڪٽر فياض لطيف
10 ــ نومبر 2017ع
لاڙڪاڻو

حمد باري تعاليٰ

[b] ڪامل امداد جتوئي
[/b]
تنهنجي ذات پاڪ يا خدا، تنهنجو شان جل جلالهُ،
ڪو ٻيو نه ڪو الله آ، تنهنجو شان جل جلالهُ.

هي بُلبلا ۽ ڪويلون، سڀ آدمي پيا ڪيون،
تنهنجي خدا رڳو ثنا، تنهنجو شان جل جلالهُ.

ڪائنات ڪيڏي آ حسين، ڏک ڏي نه ڪنهن کي اي ڪريم،
جيءَ کان نه جيءُ ڪر جدا، تنهنجو شان جل جلالهُ.

تون امير ۽ غريب جو، تون شاهه ۽ فقير جو،
‘‘امداد’’ ڪر پنهنجي عطا، تنهنجو شان جل جلالهُ.
*

پروگرام: روشن راهون

[b] ميزبان سرفراز علي جتوئي
پروڊيوسر: مشهّد علي اوٺي
[/b]

السلام عليڪم!
شاگرد ساٿيو پروگرام روشن راهون ساڻ ڪري توهان جو پنهنجو ميزبان سرفراز علي جتوئي حاضر آهي/اسٽوڊيو انجنيئر آهي.....! پروگرام روشن راهون کي سنواري ۽ سينگاري اوهان جي سُندر سماعتن تائين پيش ڪندو آهي، پروڊيوسر مشهد علي اوٺي.
شاگرد ساٿيو! ڪيئن آهيو اميد ته بلڪل ٺيڪ ٺاڪ خوش باش، پنهنجي تعليمي ۽ فني ايڪٽوٽيز ۾ اڳي کان اڳرا ۽ سَرسُ هوندو!
شاگرد ساٿيو راهون ته راهون هونديون آهن پر انهن کي روشن ڪري اڳتي منزل طرف وڌڻ ۽ ان منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهيءَ روشن راهن جو راهي ٿجي ۽ اهي روشن راهون صرف ۽ صرف علم يعني تعليم جي نور سان اڳتي وڌي سگهجي ٿي.
پروگرام فارميٽس جي حوالي سان ڏسبو ته هر ملڪ ۾ ريڊيو جا اتان جي حساب سان مختلف سما ۽ Policies هونديون آهن. ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ جا اصول هوندا آهن ۽ هر ملڪ ۾ اتان جي حساب اتان جي ڪلچر تحت پروگرام ترتيب ڏنا ويندا آهن.جيئن ريڊيو پاڪستان، پاڪستان نيشنل براڊ ڪاسٽنگ سروس PNBS معياري، تعيليم، تفريحي پروگرام ترتيب ڏيندو آهي.
Some formats of
Commercial broadcasting 2. Edu: Broadcasting, 3: Non – Commercial, publically 4: Publically Independent Broadcast.
Religious. Theme discussion of programmes
Morning
Educationists/youth, student
General knowledge
Entartainment, music etc are in dluded.
شاگرد ساٿيو! توهان کي اهو ٻڌايان ته International brod ۽ پاڪستان نيشنل براڊ ڪاسٽنگ سروس ۾ اهو فرق آهي براڊڪاسٽ اِزِ ڊفرنٽ But the signal of frequency modulatin is same.
ريڊيو براڊڪاسٽنگ Radio Broadcastin ريڊيو نشريات: ريڊيالاجيڪ لهرن وسيلي توهان ۽ اسان جي سماعتن تائين پهچندي آهي.
ريڊيو ڪيئن ٺهيو. ڪهڙي Aspect سان ٺهيو ۽ بعد ۾ اهو هڪ پبلڪ نيڊ ڪيئن بڻيو، شاگرد دوستو اهو لمبو موضوع ٿي ويندو، اوهان سان شيئر ڪرڻ جي لاءِ. Anyways شروعاتي دؤر ۾ تمام گهڻن ناميارن سائندسدانن ان جي ابتدا جو ڪم شروع ڪيو هو، ريڊيولاجيڪل لهرون وائرليس ڊوائيسز ذريعي هڪ ٻئي تائين سگنلز پهچائيندا هئا، جيڪي صرف ۽ صرف شور Noise سگنلز تي مشتمل هوندا هئا ۽ انهن کي سمجهڻ جي لاءِ شروعاتي دور جي سائنسدانن جون ٿيوريز لکڻيون ڏسي ڪري اهي انهن Noise سگنلز کي سمجهندا هئا. ڏکيو پر شروعاتي دور هيو.
آهستي آهستي ترقي ٿي ۽ Encyclopedia ۾ لکيل آهي ته 1901 ڌاري کان سگنلز کي Different Cat ۾ ورهايو ويو.
Kinds of Radio Freequencies
S.W
A.M
F.M
Long Wave
M.W
سڀ کان پهرين ته اوهان کي 1. S.W shortwave جي باري ۾ ٻڌائيندس.
شارٽ ويو SW هڪ اهڙي قسم جي فريڪوئنسي آهي جيڪا ميڊيم فريڪوئنسي يا هاءِ فريڪوئنسي ليول کي جنهن جي رينج 1800 کان 3000khz ڀلي ڇو نه هجي انهن ريڊيو ويوز کي شارٽ ڪري 200M يعني khz1500 تي electomagnetic سگنلز کي رسيو ڪندو آهي.
F.M
فريڪوئنسي ماڊيوليش ڊائريڪٽ ۽ آنڊائريڪٽ سگنل جنريٽر آهي. ڊائريڪٽ FM سگنلز VCO يعني Voltage ڪنٽرولڊ Oscilator حاصل ٿيندا آهن.
FW
ميڊيم ويوز MF فررصيڪوئنسي جو حصو آهي ۽ ان جي رينج khz 562.5 کان وٺي 1605.05 ڪلوهرٽز هئي ۽ هاڻ وڌائي ان کي 535 khz کان 1705 تائين extended آهي.
ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ جا مختلف Aspects آهن.
ڪمرشل براڊڪاسٽنگ
نان ڪمرشل ايجوڪيشنل
پبلڪ براڊ ڪاسٽنگ
يوٿ ائنڊ اسٽوڊنٽس براڊ ڪاسٽنگ
سائين منهنجا! جيترو ٿي سگهي اوتري ئي فطرت سان پيار ڪجي ڇو جو اها الله جه جي هستيءَ جو احساس ڏياريندي آهي ۽ ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي ايئن هرگز نه سمجهو ته توهان اڪيلا آهيو بلڪه سڀن سان سڀن جو ساهه گڏ آهي، روح گڏ آهي ۽ سڀن سان سڀن جو رب العالمين گڏ آهي. جنهن ساري مخلوق ۾ مان مرتبو ڏيئي شرف وارو ڪري موڪليو. اسان ان مالڪ حقيقيءَ جا شڪرانا ادا نه ڪريون ته پوءِ اسان تي حيف آهي. اسان دنيا جا ڪوڙا ڌنڌا ڇڏي مالڪ حقيقي جي ساراهه ۾ گُم ٿي وڃون ۽ اوڏانهن رجوع ٿي وڃون ته باقي اسان کي ٻيو گهرجي به ته ڇا گهرجي؟
#
سائين منهنجا! پنهنجي خدا سان آشنائي رکجي، ڇو ته مسافر جڏهن اهڙي شهر ۾ پهچي وڃي جتي ان جو ڪو آشنا هوندو ته ان جي دل مضبوط هوندي ۽ خدا پاڪ جي ڏني تي راضي رهجي ڇو جو ڏک ۽ سک خدا پاڪ ڏيئي انسان کي آزمائيندو آهي. الله تعاليٰ انسان کي گهڻو ڪجهه عطا فرمايو آهي. تنهنڪري اسان ڪنهن ٻئي مان اميدون وابسته ڪرڻ بدران پنهنجي رب جي سامهون عاجزي ۽ انڪساري ڪريون ته هوند بهتر ٿيندو.
ماڻهن کان پنهنجون حاجتون گهرڻ، پنهنجي عزت ۽ وقار کي مجروح ڪرڻ آهي، هر شيءِ اسين پنهنجي الله کان گهرون تان ته هميشه اسان سِر بلند رهون.
#
سامعين! ڳالهه ڪنداسين نيڻن جي، ته نيڻ نيڻ ئي هوندا آهن.ڪڏهن ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ نماڻا ٿي راهون نهاريندا آهن. ته وري ڪڏهن ڪنهن پرينءَ پياري کي پَسي ڏاڍو خوش ٿيندا آهن. ته وري ڪڏهن ڪنهن مَنَ گهري دل جي دلبر جي وڇوڙي ۾ اُداس ۽ بيقرار رهندي نيڻن مان نڪتل سامونڊي سيلاب کي ڪير به روڪي ناهي سگهندو.
#
سائين منهنجا چوندا آهن ته (مايوسي ڪفر آهي) پر اها به انساني فطرت آهي ته ڪنهن به ناڪاميءَ جسماني يا جذباتي حادثي يا ڪنهن غلط فيصلي سبب ٿيل نقصان کان پوءِ عام طور ماڻهو تمام گهڻا پريشان ۽ انتشار جو شڪار ٿي ويندا آهن. جنهن کانپوءِ اُهي اڪثر همٿ هاري مايوس ٿي ويندا آهن، ڇو ته وٽن ماڻهن جي ٺٺولين ۽ اجاين سجاين تبصرن ٻڌڻ جي سَهپ نه هوندي آهي، اهڙي ڪيفيت ۾ اُهي پنهنجي ڪَئي ٿي پڇڇتائڻ سان گڏوگڏ پاڻ ۾ حالتن کي صحيح نموني منهن ڏيڻ جي سگهه نه ساريندا آهن، جتي مايوسي ڪفر آهي اُتي اسان اهو به ٻڌو آهي ته جيڪڏهن انسان ڪنهن به ناڪاميءَ تي پريشان ٿيڻ بدران ان کي پنهنجي حق ۾ بهتر سمجهي اڳينءَ غلطيءَ کي سڌاري ڪم ڪري ته ڪاميابي سندس قدم چمڻ ۾ دير به نٿي ڪري، تنهنڪري اسان کي ڪوشش ڪري هر مشڪل ۾ همٿ هارڻ بدران هر حال ۾ مڙس ٿي صورتحال جو مقابلو ڪرڻ گهرجي.
#
سامعين! ڪنهن به ترقي يافته معاشري جي جوڙجڪ ۽ ترقي ۾ هڪ تعليمدان يا استاد جو اهم ڪردار رهندو آهي، استاد جي پيشي کي پيغمبري پيشو به چيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته نبي سڳورن به عالم انسانيت جي رهنمائي استاد وانگر ئي ڪئي ۽ قديم دور کان موجود دور تائين انسان علم جي اک سان ئي پنهنجون منزلون ماڻيون آهن. استاد عظيم هستي هجڻ ڪري سندس سندر پيشو ان جي سڃاڻپ بڻجي ويندو آهي، معاشري ۾ استاد سٺي تبديلي ۽ ترقي آڻڻ جو سبب هوندو آهي. تنهنڪري اسانکي گهرجي ته پنهنجي اولاد کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي تعليم جي زيور سان سنواريون، جيئن اسان جو نئون نسل جهالت جي اونداهه مان نڪري اچي.
#
چوٽ کائڻ بعد ڳوڙها ته اکين مان هر ڪنهن کان وهن ٿا، پر چوٽ کائڻ بعد مرڪڻ سولو ۽ آسان ڪونهي. مرڪ انسان جي ڪردار جي عظمت جو چٽو پِٽو دليل آهي. توهان کي جيڪو ڪجهه به حاصل ڪرڻو هجي. اهو مسڪراهٽ جي طاقت سان حاصل ڪريو ۽ نڪي تلوار جي طاقت سان، مسڪراهٽ يقين ڏياري ٿي ته مسڪرائيندڙ جي دل ڪيني کان پاڪ آهي، ماڻهو مرڪندي مرڪندي بنا سينگار جي به ڏاڍا سندر سهڻا محسوس ٿيندا آهن ۽ سينگار جا وري هٿيار به اهڙا طاقت وَرُ ٿيندا آهن جو هر ماڻهو موهجي ڪمزور ٿي پوندو آهي.
#
سائين منهنجا زندگي به ڪهاڻي وانگر آهي، جنهن ۾ اهو نه ڏٺو ويندو آهي ته اها ڪيڏي طويل آهي، بلڪ اهو ڏٺو ويندو آهي ته اها ڪيتري دلچسپ آهي، هيءَ هيڏي ساري سالن واري زندگي هڪ شمع جي مثال آهي جا هوا ۾ وکريل آهي، جيڪا هڪ نه هڪ ڏينهن پَلَ ۾ اجهامي ويندي. زندگي تمام مختصر آهي، پيار ڪرڻ لاءِ به مختصر پر ماڻهو الائي ڇو اها نفرت ۾ وڃائي ٿا ڇڏين، زندگي هميشه کلندي کلندي خوشيءَ سان گذارجي ڇو جو زندگيءَ جي ڪابه خبر ڪونهي ته اُها باقي ڪيتري آهي، تنهنڪري زندگيءَ سان پيار ڪريو مرڻ کان بعد ڪو به چانس ڪونهي.
#
سائين منهنجا! رات جي ڪاراڻ کي ڏسي حوصلا هاري نه ويهجن، رستن جي ويراني ۽ ساڙيندڙ اُس کان ڊڄڻ وارا منزل تائين هرگزنٿا پهچي سگهن، تنهنڪري رات کي روشن ڪري پنهنجي مضبوط ارادي سان، جوان جذبن سان منزل ۽ مقصد کي ماڻڻ خاطر زندگيءَ جو اعليٰ رتبو حاصل ڪري سگهجي ٿو. پوءِ ڀلي اُها ڪاري رات ڇو نه اڪيلائپ ۾ گذارجي، جيئن جبل ٿُڏا هڻي نه هٽائبا آهن، نه وري انسان جا نعرا جبلن کي اڏائي ٿا سگهن، پر پهاڙ پرزا پرزا صرف انساني حڪمت عملي ۽ ڏاهپ سان ٿيندا آهن.
#
سائين منهنجا! احسان ڪرڻ بهتر عمل آهي، جڏهن به ڪنهن تي احسان ڪجي ته اهو سمجهي وساري ڇڏيو ته اوهان ڪو به ڪنهن تي ڪڏهن احسان ڪيو ئي ناهي/ننڍا ننڍا احسان، انسان جي زندگيءَ کي مٺاڻ ڏين ٿا ۽ وڏا وڏا احسان ان کي عظيم بڻائن ٿا. احسان جو بدلو هرگز ادا نٿو ڪري سگهجي، ڪنهن وقت ۽ ڪڏهن به ڪنهن تي احسان ڪجي ته اُن کي احسان نه مڃرائجي ليڪن ان جي قبول ڪرڻ تي ان جو احسان مند ٿجي، احسان محسوس ڪرڻ پر ان جو اظهار نه ڪرڻ اهو ايئن آهي جين ڪنهن تحفي کي سجائي ٺاهي رکي ڇڏجي ۽ ڪنهن کي ڏجي ئي نه.
تنهن ڪري جيڪو احسان ڪري ان جو احسان لاهي نه سگهجي ته ڳائجي ضرور.
#
سامعين! جيئن آسمان جو حسن چنڊ ۽ تارن سان آهي، تيئن انسان جو حسن/اخلاق سان آهي، حسن ڀل خاموش هجي، تڏهن به ڳالهائيندو آهي، حسن ڪنهن مادي يا مخصوص ڪيفيت جو نالو ڪونهي جيئن گرم، ٿڌو، سخت، نرم، آلو، خشڪ يا رنگين، اسين حسن جو احسان حواسن سان نه بلڪه روح سان ڪريون ٿا. انسان جي چهرين جو حسن الله پاڪ جي عظيم عنايت آهي، هر حسين شيءِ سٺي نه هوندي آهي. جيئن ٽوهه پَٽَنِ تي زيبائنا ۽ حسين هوندا آهن پر کائڻ ۾ ڪڙا زهر ٿين ٿا/تيئن ئي هر سٺي شيءِ لازمن حسين نه هوندي آهي. تڏهن ته ڪنهن ڏاهي چيو آهي “حسن ته نوري خدا آهي”.
#
سامعين! جهڙي طرح اسان پاڻ کي سينگاري سنواري سهڻي بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اهڙيءَ طرح هميشه نيڪ ۽ سچار بڻجڻ جي ڪوشش ڪريون ته مالڪ حقيقي ڏاڍو مهربان ٿي پوندو ۽ زماني جي هر مصيبت کان بچي سگهنداسي، تڏهن ته چوندا آهن ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي. ضرورت مان خواهش، خواهش مان ڪوشش، ڪوشش مان ڪاميابي ۽ ڪاميابيءَ مان نتيجو پيدا ٿيندو آهي.
جيڪو انسان مسلسل ڪوشش ڪندو رهي ٿو، اُهو انسان ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن منزل تي يقيناً پهچي وڃي ٿو.
#
سائين منهنجا! وقت، خوشبو ۽ هوا ڪڏهن به قيد نٿا ٿي سگهن، وقت هڪ آئينو آهي، جنهن ۾ اسان پنهنجو ماضي، حال، مستقبل ڏسي سگهون ٿا. وقت ان مسافر وانگر آهي، جيڪو رات ٿيڻ تي ترسي پيو ۽ صبح تي روانو ٿي ويو ۽ هميشه لاءِ واپس وري نه آيو.
سياڻن چواڻي ته وقت وهندڙ دادلو درياهه آهي، جيڪو هر بيٺل شيءِ کي ڪکن، ڪانن وانگي لوڙي ڇڏيندو آهي ۽ ساهه وارن جا ته پير ئي ڪڍي ڇڏيندو آهي. وقت صرف انهن سان وفادار رهندو آهي جيڪي صرف ان جو قدر ڪندا آهن.
#
سامعين! دنيا ۾ ڪابه چيز بي معنيٰ نه آهي، خود انهي لفظ “بي معنيٰ” جي به معنيٰ موجود آهي. فن اسان کي سيکاري ٿو ته اسين ڇا آهيون؟ ڇو آهيون؟ ۽ ڪيئن آهيون؟ جيستائين فنڪار زندهه آهي تيستائين فن نٿو مري سگهي.
الله تعاليٰ انسان کي بي پناهه خوبين ۽ صلاحيتن سان نوازيو آهي. ضرورت صرف انهن صلاحيتن کي ڪم آڻن جي آهي. جيڪڏهن اسان هر حال ۾ خوش رهڻ جو فن سکي ورتو ته يقين ڪريو اسان زندگيءَ جو سڀ کان وڏو فن سکي ورتو. اهو به يقين ڪريو ته ان شخص کي ڪا به تڪليف محسوس نٿي ٿئي، جيڪو پنهنجي فن سان پيار محبت ڪري ٿو.
#
سائين منهنجا! زندگي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو مجموعو آهي. هيءَ دنيا انهن ماڻهن جي محنت جو نتيجو آهي جيڪي ناممڪن کي به ممڪن ڪري ڏيکارين ٿا. جيڪي ماڻهو صبح جو فيصلو ڪري ۽ شام جو بدلائي ڇڏين ٿا. اُهي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿي سگهن. جيڪا ڪاميابي، تڪليف ۽ قربانين ڏيڻ سان حاصل ڪجي ٿي سا جٽادار هوندي آهي ۽ اُها ماڻهوءَ جي شعور کي مستقل نشابر ڪري ڇڏي ٿي. هر موڙ تي ماڻهوءَ کي همت نه هارڻ گهرجي نه وري مايوس ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگي ڪامياب گذارڻ چاهيون ٿا ته پوءِ پنهنجون پراڻيون غلطيون ياد رکڻ گهربيون آهن.
#
سائين منهنجا! اصل ڳالهه آهي اسان جي ذهني سوچ جي ته اسان ٻين کي ڪيئن محسوس ڪريون ٿا. دنيا ۾ ڪا به شيءِ سٺي يا خراب ناهي هوندي دارومدار آهي انهن کي استعمال ڪرڻ جو ته اسان انهن کي ڪيئن ٿا استعمال ڪريون. هر شيءِ جي استعمال ڪرڻ جو به ڪونه ڪو استاد ضروري آهي. معاشري جي تباهيءَ جو اصل سبب هي آهي ته اسين پنهنجن رَوَين تي اصل ۾ توجو نٿا ڏيون. اسين پنهنجا رَويا درست رکون ته هر هڪ ڏهاڙو اسان لاءِ عيد برابر هجي. اسين نفرتن ۽ خرابين کي ڇڏي محبتون ورهائيون ته پوءِ ان کان زياده خوشيءَ جو ٻيو ڪهڙو ڪارڻ چئجي.
#
سائين منهنجا! زندگيءَ لاءِ اڪثر ڪري چون ٿا ته زندگي قدرت جو حسين تحفو آهي، پر اهو تحفو جيڪڏهن ڪنڊن جو تاج ٿي ملي ته پوءِ ان کي ڪهڙو نانُ ڏجي. زندگي، موت جو ضِدُ آهي، ها پر زندگي ۽ موت ٻنهي جي معنيٰ الڳ الڳ آهي. زندگيءَ جي متعلق الڳ سوچ ۽ پرک هوندي آهي ۽ موت بابت الڳ ويچار هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن انسان کي حالتون به ايتري قدر مايوس ڪري ڇڏينديون آهن جوان ماڻهو لاءِ زندگي بي معنيٰ ٿي پوندي آهي.
(اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو، اوهان لئه پيار بي معنيٰ)
#
سائين منهنجا! ماءُ جي محبت جو اعتراف ڪرڻ هر اولاد جو فرض آهي، ماءُ جنهن جي شفقت جيئڻ لاءِ گسُ ۽ ڏسُ هوندي آهي، ماءُ جنهنکي پيار مان ڪڏهن اَمان چئون ته ڪڏهن امڙ چئون ته ڪڏهن اَمي چئون ته وري ڪڏهن جيجان چئون ته ڪڏهن جيجل... دنيا جي هر ماءُ پنهنجي ٻار سان بي انتها محبت ڪندي آهي. البته اولاد جي محبت ورهايل ورهايل رهندي آئي آهي. ماءُ جي ممتا ۾ تڏهن به ڪا کوٽ ڪائي ڪَمي ناهي ايندي. جڏهن سندس اولاد جوان يا پاڻ وهيڻو ٿي ويندو آهي. ڪيترائي بدنصيب پٽ پنهنجي جيجل امڙ جي حياتيءَ ۾ اُها گهربل خدمت ناهن ڪري سگهندا ته پوءِ سڄي ڄمار اهو ڏک سندن دل ۾ ئي رهجي ويندو آهي. ماءُ جو پيار حاصل ڪري سگهندڙ ڀاڳ وارا هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته ماءُ جو بنا لالچ وارو پيار سندن قسمت ئي تبديل ڪري ڇڏيندو آهي.
#
سائين منهنجا! دردن واريءَ دل جي ڪائنات ڏاڍي خوبصورت ۽ حسين آهي، دل جي دنيا وري قرب جي ڪائنات سان قائم آهي. پوءِ درد جي دل ۾ ڪهڙي جاءِ بچي ٿي. دل جي دنيا کي آباد رکڻو آهي. دل جي دنيا سان جيڪي احساس ۽ جذبا سلهاڙيل هوندا آهن. انهن جو ڪو ڪاٿو ڪو پيمانو نه ٿيندو آهي. معاملو جيڪڏهن دل جو آهي ته انکي پاڪيزگيءَ جي احساس سان زندهه رکڻو پوندو. ڪنهن دل کي درد سان چين ايندو آهي ته ڪنهن دل کي وري خوشيءَ سان سُرور حاصل ٿيندو آهي. وڇڙي ويل دلين کي ڀلا ڪنهن وساريو آهي، هرگز نه. وڇڙي ويل دليون دلين ۾ زندهه آهن ۽ رهنديون.
#
سائين منهنجا! سنڌ جي تاريخي لوڪ داستانن، عشقيه قصن ۽ ڪهاڻين کي دنيا جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي شاعريءَ وسيلي ڳائي گهڻو مقبول ڪيو ۽ عوام ۾ مشهور ڪيو. اهي قصا ٻهراڙين جي رَسُ رهاڻين ۾ سگهڙ ۽ ڳائڻا فقير ڳائي ٻڌائيندا هئا. اهي قصا هاڻ اسان جي سنڌ جا تاريخي سماجي، ثقافتي ورثا به يادگار آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ وٽ انهن تاريخي لوڪ قصن جي ڪردارن جو الڳ معيار آهي. نوري نماڻي نياز ۽ نوڙت جي علامت، مارئي حب الوطنيءَ جي حوالي سان اعليٰ ڪردار. سهڻيءَ جي سڪ ۽ سڏ ۽ سَسئي جو ڏونگر ڏورڻ وارو سفر، مطلب ته اهي سڀ ڪردار لطيف جا شاعري جا سُرَ اهي سڀ لطيف سائينءَ جون سورميون جن جو حوصلو ۽ همت نه وسرڻ جهڙو آهي. اهي زندهه مثال آهن.
#
چنڊ Moon
(سائنسي معلومات)
شمسي نظام ۾ موجود سڀني آسماني جسمن ۾ چنڊ کي گهڻي اهميت حاصل آهي. انسان چنڊ جو سير ڪيو آهي ۽ نه رڳو پنهنجا قدم اتي رکيا آهن. پر ان جي مٿاڇري تي گهميو ڦريو پڻ آهي. آمريڪا 16 جولاءِ 1969ع تي پنهنجو خلائي جهاز اُپالو – 11 خلا ۾ روانو ڪيو. نيل آرم اسٽرانگ مائيڪل ڪولنز ۽ ايڊون ايڊرن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چنڊ تي لهڻ لاءِ خلائي سفر اختيار ڪيو. چنڊ گاڏي پهريون ڀيور 20 جولاءِ 1969ع تي چنڊ جي مٿاڇري کي ڇهيو. آرم اسٽرانگ ۽ ايڊرنگ ته رڳو چنڊ جي طح تي لٿا. پر هنن ٻنهي ڄڻن چنڊ تي گڏيل قومن جو جهنڊو لهرايو ۽ سائنسي سامان به لاٿو. هو لڳ ڀڳ 21 ڪلاڪ ۽ 37 منٽن تائين اتي ترسيا. انهن جو ٽيون ساٿي مائيڪل ڪولنز اهو سمورو وقت خلائي جهاز اپالو 11 ۾ ويهي چنڊ جي چوڌاري چڪر هڻندو رهيو. چنڊ ڌرتيءَ جو اڪيلو قطري اپگرهه يا سيارو آهي. جيڪو گرهن جي سيارن ۾ قطر جي لحاظ کان پنجون عدارد کان 3/2 حصا وڏو ۽ وڏي ۾ وڏي ايسٽرائيڊ يا ننڍي گرهه کان قطر ۾ ٽيڻو وڏو آهي ۽ ان جو قطر 3475 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي 3700 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڦرندو رهي ٿو. چنڊ، ڌرتيءَ جي چوڌاري لڳ ڀڳ 400،384 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، 3700 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڦرندو رهي ٿو. چنڊ، ڌرتيءَ جي چوڌاري پنهنجي بيضوي مدار ۾ هڪ ڦيرو 27 ڏينهن، 7 ڪلاڪن ۽ 43 منٽن ۾ پورو ڪري ٿو. ڌرتي سج ۽ چنڊ هڪ ٻئي لاءِ لاڳاپيل يا نسبتي هنڌ تي هجڻ جي ڪري چنڊ جون ڌار ڌار صورتون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. جن کي چنڊ جون ڪلائون چوندا آهن.
سج هميشه اڌ چنڊ کي روشن ڪري ٿو. يعني چنڊ جو اهو اڌ حصو جنهن جو منهن سج ڏانهن آهي. اهو چمڪندڙ نظر ايندو آهي. جڏهن سج ۽ ڌرتيءَ جي مخالف پاسي هوندا آهن تڏهن چنڊ اسان کي گول روشن ٿالهيءَ جيان سڄي جو سڄو نظر ايندو آهي. جڏهن چنڊ، ڌرتيءَ ۽ سج جي وچ تي هوندو آهي. تڏهن اهو اونداهو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ جڏهن ٿورو هٽندو آهي ته اهو “هلال” جي شڪل ۾ نظر ايندو آهي. چنڊ هوريان هوريان پنهنجي عروج دوران پورو چنڊ بڻجي وڃي ٿو ۽ وري زوال پذير ٿيندي ٿيندي “ هلال” جي شڪل اختيار ڪندو آهي.
شاگر ساٿيو! جڏهن هڪ آسماني جسم ٻئي جسم کي لڪائي ڇڏي خاص طور سج يا ٻئي ڪنهن گرهي سياري پاران ايئن ڪيو وڃي. تڏهن چونداسين ته گرهڻ ٿي آهي، ڌرتي ٻن گرهڻن ۾ ڦاٿل آهي. هڪڙي چنڊ گرهڻ جيڪا چنڊ کي لڳي ۽ ٻي سج گرهڻ جيڪا سج کي لڳي ٿي. جڏهن ڌرتي، سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ اچي وڃي ٿي، تڏهن چنڊ گرهڻ ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته ان وقت ڌرتيءَ جو پاڇو، چنڊ کي اونداهو ڪري ٿو ڇڏي. ان جي نسبت جڏهن سج ۽ ڌرتيءَ جي وچ تي اچي ٿو ته سج گرهڻ ٿئي ٿو. ڌرتي سج جي چوڌاري پنهنجو ڦيرو ڏينهن ۾ پورو ڪري ٿي جنهن جي ڪري مندون ڦرن گهرن ٿيون. سال ۾ 365 ڏينهن ٿين ٿا. اسان ان چوٿائيءَ واري حصي کي شمار نه ٿا ڪريون. چئن سالن بعد اهو هڪ پورو ڏينهن جڙي ٿو. جنهن کي اسين فيبروريءَ جي مهيني۾ ڳڻيون ٿا. ان سان فيبروري ۾ 29 ڏينهن ٿين ٿا، جنهن کي Leap Year 366 ڏينهن وارو سال چئون ٿا.
#
شاگرد ساٿيو! انسان کي ڪهڙو (Career) چونڊڻ گهرجي؟ کپي؟
جڏهن اسان ڪو به (Career) چونڊيون ٿا ته اسان کي ان ۾ ڪيتري پگهار جو سوچڻ گهرجي؟ منهنجو مطلب آهي ته ڪيتري پگهار هئڻ گهرجي؟.
جڏهن به اسان ڪو به (Career)، (Select) ڪيون ٿا ته اسانکي اهو (Career) ڪيترو هلائڻ گهرجي؟ سموري زندگي انهيءَ (Career) کي (adapt) ڪيون يا وري ڪجهه عرصي کانپوءِ اهو (Change) ڪيون.
ڇا اسان جي (Career) چونڊڻ ۾ ڪنهنجي جي رهنمائي جي ضرورت پوي ٿي؟
ڇا اسان وٽ اهي ذريعا (resources) آهن جن جي ذريعي اسان پنهنجو مقصد (aim) پورو ڪري سگهون ٿا؟
پاڪستان ۾ ماڻهو پنهنجو (aim) ڪيئن ٺاهن ٿا؟
ڇا توهان پنهنجي (professional life) (Career counselling) جي ذريعي شروع ڪئي؟
ڇا توهان مطمئن آهيو (Privae sector) جي ڪارڪردگيءَ منجهان جيڪي (Career counselling) ڪرائين ٿا؟
ڇا (Private career counslling organisations) صرف پئسي ڪمائڻ لاءِ قائم ڪيون ويون آهن يا واقعي اهي ڪجهه ڏين ٿيون؟
ڪهڙي عمر کي توهان ترجيح ڏيندؤ ته ان عمر ۾ (Carrer counselling) ڪرڻ گهرجي؟
ڇا شخصيت جو ڪردار آهي (Carrer) چونڊن ۾؟
توهان جي مطلب پاڪستاني ماڻهن جي (aim in life) گهٽ ڇو هوندو آهي؟
پاڪستان جي حڪومت (Career Counselling) جي لاءِ ضروري اُپاءَ ڇو نه پئي وٺي؟
ڇا (Career counselling) جي لاءِ بجيٽ جو هجڻ ضروري آهي؟
#
پروگرام: روشن راهون
پروڊيوسر: مشهّد علي اوٺي
ميزبان: سرفراز علي جتوئي
تاريخ: 2013-09-30
السلام عليڪم!
شاگرد ساٿيو پروگرام روشن راهون ساڻ ڪري اوهان جو پنهنجو ميزبان سرفراز علي جتوئي حاضر آهيان ۽ پروگرام روشن راهون کي سنواري ۽ سينگاري اوهان جي سُندر سماعتن تائين پيش ڪندو آهي. پروڊيوسر مشهد علي اوٺي.
#
شاگرد ساٿيو!
ڪهڙا حال آهن، اميد ته بلڪل ٺيڪ ٺاڪ، خوش باش ۽ پنهنجي تعليمي ايڪٽوٽيز ۾ اڳي کان اڳرا ۽ سَرسُ هوندو!
نوجوان شاگرد ساٿيو! پروگرام جو فارميٽ سلسو پهريون آهي سائنسي ڄاڻ جيڪو اوهان کي ٻڌائيندي سعديه شيخ ۽ سلسلو ٻيو آهي ملاقات ۽ نئين ٽهيءَ جي موسيقي.
سلسلو حاضر آهي سائنسي معلومات ويلڪم بيڪ! شاگرد ساٿيو!
پروگرام روشن راهون اوهان ٻڌي رهيا آهيو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي اسٽوڊيو مان 93.3FM ميگاهرٽز تي.
سلسلو حاضر آهي “ملاقات”
جي شاگر ساٿيو اڄ اسان سان گڏ آهن سر منير احمد ڊومڪي ليڪچرار انگلش
سائين السلام عليڪم:
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي يوٿ پروگرام روشن راهون ۾ اچڻ تي اوهان کي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي entire ٽيم طرفان ويلڪم خوش آمديد سَر ڪهڙا حال آهن؟
سڀ کان پهرين ته توهان پنهنجو تعارف ڪرائيندا شاگرد ساٿين کي.
ڪيريئر ڪائونسلنگ ڇا آهي؟
Questionare
عاشق نظاماڻي جي ميوزڪ ٽريڪ سان پروگرام روشن راهون پڄاڻيءَ تي رسيو ايندڙ پروگرام تائين ميزبان سرفراز علي جتوئي سميت پروڊيوسر مشهد علي اوٺي کي اجازت ڏيندا. الله واهي.
#
السلام عليڪم! شاگرد ساٿيو. پروگرام روشن راهون ساڻ ڪري توهان جو پنهنجو هوسٽ ۽ دوست سرفراز علي جتوئي حاضر آهيان.
پروگرام روشن راهون کي سنواري ۽ سينگاري اوهان جي سُندر سماعتن تائين پيش ڪندو آهي پر وڊيوسر مشهد علي اوٺي جي شاگر ساٿيو ڪهڙا حال آهن. اميد ته بلڪل ٺيڪ ٺاڪ خوش باش ۽ پنهنجي تعليمي ايڪٽوٽيز ۾ سَرس هوندؤ! ارسطو دنيا جي فلاسافر چيو آهي ته تعليم جسم ۽ ذهن جي تياريءَ جو نالو آهي يعني زندگيءَ جي لاءِ هڪ strugle جدوجهد جو نالو آهي.
شاگرد ساٿيو!
اڄوڪي پروگرام روشن راهون ۾ سلسلا هن ريت پيش ڪجن ٿا. سلسلو پهريون آهي ڪيريئر گائيڊ. جيڪو اوهان کي ٻڌائيندي سعديه شيخ سلسلو ٻيون آهي ڪمپيوٽر جي ڄاڻ، سلسلو ٽيون آهي ڪيريئر گائيڊ ۽ نئين ٽهيءَ جي موسيقي.
پروگرام جو آغاز ڪريون ٿا سلسلي ڪيريئر گائيڊ سان.
#
“ڪمپيوٽر جي ڄاڻ”
انٽرنيٽ جو آغاز 1960ع ۾ ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي انٽرنيٽ هر ڪنهن جي ضرورت بڻجي وئي. سوويت يونين جي منصوبا (اسپاٽ نيڪ) هڪ دفعو ٻيهر آمريڪا کي ان ڳالهه تي مجبور ڪيو ته آمريڪا انٽرنيٽ تي وڌيڪ ريسرچ ڪرڻ لاءِ (ARPA) يعني ايڊوانسڊ ريسرچ پروجيڪٽس ايجنسي جيڪا بعد ۾ (ڊفينس ايڊوانس ريسرچ پروجيڪٽس ايجنسي DARPA) تنهن بعد سيمي ڊفينس ايڊوانس ريسرچ پروجيڪٽس SDARPA) جنهن پروجيڪٽ بعد ۾ نيٽ ورڪنگ جو ڪم جاري رکيو، پهريون وسيع TCP/IP 1983ع ۾ پنهنجو قومي اداري براٰءِ سائنسز ۾ استعمال ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هڪ جامع يونيورسٽي نيٽ ورڪ ٺاهيو ويو.
شاگرد ساٿيو! سن 1990ع جي دور ۾ ان کي عوامي سڃاڻپ ملي وئي ۽ اِها ڪيتري مفيد آهي ان جا فائدا ۽ نقصان وغيره جو هر ڪو چاهي پيو ته هو به دنيا سان Connect ٿي ڳنڍجي.
انٽرنيٽ HTTP ۽ HTML ويب پيجز تي 1991ع ۾ WWW يعني دنيا ڀر ۾ پهچائڻ ورلڊ وائيڊ ويب.
شاگرد ساٿيو! ابتدائي دور واري انترنيٽ ۾ ڪافي Errors وغيره ٿيندا هئا، مطلب ته دنيا مسنگ وغيره ڇو جو ان وقت نيٽ ايتري فاسٽ به نه هئي جو هو ليسٽيسٽ قسم جي سافٽ ويئرز کي سَپورٽ ڪري سگهي.
جيئن اڄڪلهه (1) فليش (2) جاوا Java
جيڪي ويب پيجز کي لائيٽ يعني هلڪو رکي سگهنديون آهن.
انٽرنيٽ رابطن جي دنيا يعني world of communication ۾ هڪ وڏو انقلاب آندو آهي.
جيڪڏهن اسين پنهنجي زندگيءَ مان انٽرنيٽ کي ختم ڪري ڇڏيون پر زندگيءَ جون اهم ضرورتون جيئن رابطن ڪرڻ To communication تمام گهڻي ڏکيائي ٿيندي.
شاگرد ساٿيو! اسان جي زندگيءَ جي هر شيءِ جي انٽرنيٽ سان ڪنيڪٽوٽي آهي هرAspect کان education کان ويندي Entertainment تائين! ۽ هن دور ۾ اهو ممڪن به ناهي جو اسان انٽرنيٽ کان پاسيرا ٿيون.
شاگرد ساٿيو!
انٽرنيٽ پرووائيڊرس وچ ۾ شروعات کان وٺي competition رهيو آهي ۽ انهن جي به اها ڀرپور ڪوشش هوندي آهي ته هو پنهنجي Clients يوزرس کي بهترين Quality انترنيٽ پرووائيڊ ڪن.
ايمبل ڪرڻ جي شروعاتي دور ۾ جيئن فيمس مشهور اي ميل ڪرڻ جون ويب سائٽس آهن.
WWW.hotmail.com
WWW.mailyahoo.com
آهستي آهستي وقت گذرڻ سان Latest needs ضروريات جي حساب سان مختلف ڪمپنيز جا ايسوسيئٽ اڪائونٽ اڄڪلهه ايميل جي لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ هي ساڳيا سافٽ ويئر سوشل پرپزز لاءِ به يوز ٿيندا آهن. جهڙوڪ: Gmail، Facebook ۽ twitter وغيره سان اهي ايميولز اڪائونٽ Associate هجن ٿا. وقت جي حساب سان ٿوري ئي عرصي بعد انٽرنيٽ تي نيون شيون اچڻ شروع ٿي ويون.
جيئن سوشل نيٽ ورڪنگ، بزنس ايڊمنسٽريشن ان انفارميشن ٽيڪنالاجي اتان انهن سڀني شين کي Run يا operate ڪرڻ لاءِ انهيءَ Internate جي Help وٺي سگهجي ٿي.
شاگرد ساٿيو!
گوگل Google ڪمپنيءَ جي طرفان وري ٻيو سوشل نيٽ ورڪنگ اضافوگوگل + Google اڪائونٽ هينئر بلڪل فري ۽ آسانيءَ سان هر ڪنهن جي رسائي ۾ به لانچ ٿيل آهي. جيڪو مائيڪروسافٽ سان مشابهت پڻ رکي ٿو.
Google ڪمپني نيٽ ورڪنگ جي هن دور ۾ يا ٻيون مختلف ڪمپنيز جيڪي سڀ پنهنجي Chat سافٽ ويئر هوندي به پنهنجو اڪائونٽ عام يا خاص Clients مطلب يوزرس کي ٻين ويب پيجز تي به پرمٽ ۽ Access حاصل هوندو. جيئن مثال طور انٽرنيٽ فيسلٽيز تعليمي حوالي سان ڏسجي يا مطالعي لاءِ هر لحاظ کان ڏسجي ٿو ته انٽرنيٽ اسان جي لاءِ مُفيد آهي. خاص شاگرد دوستن لاءِ ته هُو هِن اَمُلهه ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو حاصل ڪن.
شاگرد ساٿيو!
پروگرام روشن راهون پڄاڻيءَ تي رسيو، پروگرام جي ميزبان سرفراز علي جتوئي کي ٻئي ڪنهن پروگرام تائين اجازت ڏيندا
(الله واهي)
#
سائين منهنجا! خوشيون، ڪنهن دڪانن، ڪاروباري مرڪزن يا بازارن مان ملن ها ته هرڪوئي خريد ڪري ها ۽ ان کان زياده ٻي ڪهڙي خوشي ڀلا هجي ها. پر سامعين! ائين ناهي خوشيون ڪٿان به خريد نٿيون ڪري سگهجن ۽ نه وري غم ئي ڪي وڪرو ڪري سگهجن ٿا. بس اها اندر جي ئي ڪائنات آهي.
رب پاڪ فرمائي ٿو ته منهنجي مرضي آهي ڪنهن کي خوشي ڏئي آزمائيان يا ڪنهن کي ڏک ڏئي آزمائيان. سائين منهنجا! خوشيون اسان جي اردگرد موجود هونديون آهن. خوشيون اهڙيون حاصل ڪجن جن ۾ پاڪيزگي ۽ تازگي هجي ۽ پائداري هجي.خوشيون اسين محسوس ڪري سگهون ٿا جنهن کي اظهاري نٿا سگهون.
#
سامعين! محبت عشق جو سرمايو آهي. محبت عشق جو معراج آهي ۽ عاشقن جي دل جي آٿت، چون ٿا ته سوز، فرقت، محبت جو زيور آهي. جيڪڏهن ڪنهن سان محبت ڪئي وڃي ته ان کان محبت جو صِلو نه گهرو ڇو جو محبت واپار نه آهي. محبت زندگي جو سڀ کان وڏو لطف آهي. زندگيءَ جي نون جذبن ۽ ولولي سان سينگاري ڇڏي ٿي دل جي باغ ۾ مهڪ پيدا ڪري ڇڏي ٿي. محبت پُرسڪون زندگي ۽ اطمينان قلب جو هڪ ذريعو جنهن جي اندر ۾ محبت جون لهرون هونديون آهن اُهو دنيا جي هر مسئلي کان محفوظ رهندو آهي. محبت هڪ اهڙو گهرو سمنڊ آهي، جنهن جو ٻيو ڪو به ڪنارو نه آهي. محبت اهڙو پرڪشش گل آهي، جنهنجي خوشبوءِ ڪائنات جي هر شيءِ ۾ سمائجي وڃي ٿي.
#
پروگرام : السلام عليڪم لاڙڪاڻو
ميزبان : سرفراز علي جتوئي
پروڊيوسر : مشهد علي اوٺي
السلام عليڪم!
اڄ آهي 2015ع جي 06 تاريخ ۽ جماد الثانيءَ 1436 هجري جي 16 تاريخ آهي.
روح کي راحت ڏيندڙ موسيقيءَ، دل جي دردن، ذهن جي تجزين، اکين جي مشاهدن جي نِچُوڙ جو پروگرام السلام عليڪم لاڙڪاڻو! ساڻ ڪري اوهان جي سُهڻين سماعتن جي خدمت ۾ حاضر آهيان، اوهان جو پنهنجو هوسٽ ۽ دوست سرفراز علي جتوئي.
منهنجو آواز ۽ موسيقيءَ جا سمورا رنگ اميد ڪريون ٿا اسان جا سڀئي ٻڌندڙ الله پاڪ جي حفظ و امان ۾ هوندا. اسان سڀني جي اوهان سڄڻن لاءِ دعا آهي ته الله سائين ۽ مديني وارو سائين ڪري ته اوهان سڀ خوش هجو. سُرها ۽ آباد هجو. اوهان جي صحت، صحيح سٺي ۽ تندرست هجي. آمين
#
سائين منهنجا! ڇلڙو! پيار، پنهنجائپ، محبت ۽ سڪ جي نشاني. ڇلڙو دل جي دل سان هڪ پختگي پيچ ۽ مضبوط ناتي جو نالو آهي. ڇلڙو سنڌ جي روايتي پيار ڪهاڻين جي انهيءَ تحفي جو نالو آهي، جيڪو محبت ڪندڙ هڪٻئي کي سِڪَ ۽ اُڪير وچان ڏيندا آهن. اهو ڇلڙو ثبوت هوندو آهي، انهن وعدن ۽ اقرارن جو جيڪي چاهتن جا اظهار هوندا آهن، چوندا آهن ته جنهن آڱر ۾ ڇَلڙو پائبو آهي ان آڱر جي تار سِڌي دل سان ڳنڍيل هوندي آهي. ڄڻ ڇلڙو آڱر ۾ نه پر دل ۾ پاتل هوندو آهي.
#
سامعين! چون ٿا انسان جي سڀ کان وڏي ايجاد ڳالهائڻ آهي، جنهن سان هو پنهنجو مطلب ۽ ماجرا مڪمل طور بيان ڪري سگهي ٿو. موهن جي دڙي جي تهذيب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته سنڌي زبان جون پاڙون قديم ماضيءَ ۾ کُتل آهن. گهٽ ۾ گهٽ هاڻي ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سنڌي زبان هڪ قديمي ۽ بڻيائتي زبان آهي. موجوده صورت ۾ سنڌي ٻولي “سائبراسپيس لئنگويج” يعني ڪمپيوٽر ٽرانسليٽيڊ ٻولي آهي.
دراصل چهرا، نالو، ٻوليون وغيره اسان جي سُڃاڻپ ۽ رابطي جو هڪ ذريعو آهن، اصل ۾ اسان سڀ هڪ ناتي ۾ جُڙيل آهيون. اهو آهي انسانيت جو ناتو، جتي ۽ جڏهن اسان ڪنهن جي زبان نه سمجهي يا نه سمجهائي سگهندا آهيون. تڏهن بين الاقوامي ٻولي يعني اشارن جي ٻولي ڳالهائيندا آهيون، پر جيڪڏهن اشارن جي ٻوليءَ جو به اثر نه ٿئي ته پوءِ هڪ ٻي به بين الاقوامي ٻولي آهي ۽ اها آهي موسيقي.
#
سامعين! پيار ته پيار ئي هوندو آهي. پيار جيترو ننڍو لفظ آهي. اوترو ئي اُن جو مفهوم وسيع ۽ وشال جنهن جي وُسعت لِکي ته سگهجي ٿي پر بيان نه ٿي ڪري سگهجي. هونئن به سائين!
پيار کانسواءِ ڪائنات ۾ آهي ڇا؟ پيار هُجي ته هن خوبصورت دنيا جي هر شيءَ حَسين بڻجيو پوي. پيار جي موسم سمورين موسمن کان خوبصورت هوندي آهي.
#
سائين منهنجا! دراصل دل هڪ اهڙو ڪتاب گهر آهي جنهن اندر يادن جا جيترا به ڪتاب رکون شيلف پوءِ به خالي رهندا آهن ۽ ڪڏهن دل جي ڪتاب گهر جو معائنو ڪري ڏسون ته ان مان هڪ نه، ٻه نه، سَوَ نه پر هزارين ڳالهيون سامهيون اينديون. انهن هزارين ڳالهين مان ڪجه ڳالهيون هي به آهن.
عورتن کي شاپنگ جون ڳالهيون، ملازمن کي پگهار ختم ٿيڻ جون ڳالهيون، ٻارن کي خرچيءَ ۽ راند روند جون ڳالهيون، دوڪاندارن کي ڪمائيءَ جون ڳالهيون، فقيرن کي پِنڻ جي اسٽائيل ۾ جدت آڻن جون ڳالهيون. مطلب ته ڳالهيون ته واقعي ۾ هزارين ڳالهيون آهن اوهان سان شيئر ڪرڻ جي لاءِ پر هينئر منهنجي دل ٿي چوي ته توهان ۽ اسان اچو ته دلبر جي دلين کسجڻ جون ڳالهيون ٻڌون ٿا. ماسٽر منظور کان
#
سائين منهنجا! انسان جي زندگي جو مقصد ڇا آهي؟ زندگيءَ ۾ لازوال خوشيون حاصل ڪرڻ جي حوالي سان، خدا پاڪ سڀني انسانن ۾ هڪ ئي جبلت رکي آهي ۽ اُها آهي محبت، اسين محبت وسيلي ٻئي ڪنهن پريشان حال جي خشڪ چپن تي ڪا مرڪ آندي هجي. زندگي ۾ محبت ئي اها واحد چين آهي جيڪا پائيدار آهي. اها محبت اسان کي انهن انسانن ذريعي ملي ٿي جيڪي پاڻ به توهان سان محبت ڪن ٿا. ماڻهن کي خوشيون ڏيڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪريو جيڪو توهان جي وَسَ ۾ آهي. پنهنجي دل ۾ سچو ۽ عظيم مقصد رکو ۽ پوءِ اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ. جدوجهد شروع ڪري ڏيو. انهن سڀني سان محبت ڪريو جيڪي توهان جي دولت نه پر توهان جي ذات سان محبت ڪن ٿا. سندن خوشين ۾ شريڪ ٿي وڃو. اهڙن ئي ماڻهن سان محبت ونڊڻ گهرجي، جيڪي اسان جي محبت ۽ هڪ مرڪ ڏيڻ جي انتظار ۾ ويٺل آهن.
#
سائين منهنجا! ننڊ هر انسان لاءِ بهترين هوندي آهي. اسان چڱيءَ ريت واقفڪار آهيون ته اسان جو بدن جو هر حصو خاص ڪري دماغ ننڊ ڪرڻ سان سڪون وارو بڻجي تازو توانو ٿي وڃي ٿو. ننڊ پوري ڪرڻ سان ڪافي فائدا ملن ٿا. (1) يادگيري تيز ٿئي ٿي (2) سکيا بهتر ٿي سگهي ٿي.
تازي تحقيق موجب ننڊ ڪرڻ سان دماغ جو ساڄو پاسو کاٻي پاسي جي مقابلي ۾ ننڊ جي جهوٽي ۾ زياده تيز رهي ٿو. جيتوڻيڪ 95 سيڪڙو ماڻهو ساڄيڙا ٿيندا آهن ۽ دماغ جو کاٻيڙو پاسو ڪم ڪندو آهي، پر ننڊ جي جهوٽي جي عمل ۾ ساڄو حصو وڌيڪ ڪم ڪري ٿو. جنهنڪري دماغ چست ٿئي ٿو.
#
سائين منهنجا! هڪ سال ۾ 12 مهينا ساڳيا ئي ٿيندا بلڪه هوندا آهن ۽ ايئن به هوندو آهي ته تاريخن جا نالا به ساڳيا ئي هوندا آهن. پر ستارن جي علم جا ماهر ٻڌائين ٿا ته ڪجهه تاريخن تي ڪجهه رنگ ۽ قسمت جا ستارا حاوي هوندا آهن ۽ جيڪي انسان انهن تاريخن ۾ پيدا ٿيندا آهن. انهن لاءِ اهو رنگ يا ستارو ڄڻ ته طبيعت جو اظهار هوندو آهي. ڪي وري ننڍڙن ٻارن جا ستارا نه ملڻ جي ڪري انهن جي جنم ڏينهن واري تاريخ ئي تبديل ڪري ڇڏين.
اصل ۾ رنگن ۽ ستارن تي به نه ڀاڙجي سڀ ڪجهه مالڪ حقيقي جي حوالي آهي، شال اسان سڀني جي پيو ڀلي ڪري، اسين سندس ٻانها آهيون ۽ ڪمزور آهيون.
#
سائين منهنجا! اسان اهو ڄاڻون ٿا ته اسان جو “گشتي فون” يعني “موبائيل فون” اهڙو تفصيلي رڪارڊ رکي ٿو. ته توهان ڪهڙن ماڳن تي ويا. ڪٿي ڪٿي سفر ڪيو ۽ ڪهڙين ڪهڙين جاين تي ويا. “دي انڊيپينڊينٽ” جي رپورٽ مطابق جديد سمارٽ فون ۾ اها صلاحيت هجي ٿي ته توهان انهن کي جتي به ساڻ کڻي ويندا اها جاءِ جڳهه هو پنهنجي ميمري ۾ يعني حافظي ۾ محفوظ ڪري ڇڏي ٿي. انهيءَ ڊيٽا جي مدد سان توهان ڪنهن به وقت اهو ڄاڻي سگهو ٿا ته ماضيءَ ۾ اوهان ڇا ڇا ڪري چڪا آهيو.
انهيءَ سان گڏوگڏ هيءَ ڳالهه اوهان جي لاءِ ڳڻتي جوڳي به ٿي سگهي ٿي ته ٽيڪنالوجي ڪمپنيون اوهان جي روزمرهه واري زندگي کان ڪيتري قدر آگاهه آهن. هونءَ حقيقت ۾ ته موبائيل فون مان وڏا فائدا آهن جيڪڏهن غلطين مان اسان اڃا به سبق نه پرايو ته پوءِ وڏي نقصان جو ڪارڻ اسان پاڻ ئي بڻباسين.
سامعين! سٺي ۽ مٺي ڳالهه ڳالهائڻ به هڪ قسم جو صدقو آهي، ٻن مسلمانن ڀائر جي وچ ۾ ناانصافي ختم ڪرائڻ، نماز، روزي ۽ صدقي کان به وڌيڪ بهتر آهي. مِٺي ۽ سٺي ڳالهه ڳالهائڻ سان هر هنڌ هر جڳهه ته عزت ۽ مانُ ملي ٿو ۽ ٻانهي جا الله تعاليٰ وٽ به درجا بلند ٿين ٿا. جيڪو خراب ۽ ڪِنو ڳالهائندو الله تعاليٰ وٽ گنهگار بڻيو ۽ ماڻهن جي نظرن مان به ڪِري پوندو. ٻين کي ستائڻ وارو ماڻهو بلڪل دوزخي آهي. ڀَلُ ته هو سموريون راتيون عبادت ڪري ۽ سمورا ڏينهن روزي ۾ گذاري.
اسانکي گهرجي ته تڪبر، وڏائي هرگز نه ڪريون. جن تڪبر ۽ وڏائي ڪئي انهن پنهنجون جايون جنت الفردوس بدران جهنم ۾ جوڙايون.
#
جيءُ سامعين! جيڪو شخص هر هڪ جو دوست هجي. اهو پو ڪنهنجو به سچو دوست نٿو ٿي سگهي. نيڪ نيت دوست جو مثال مشڪ فروش وانگر آهي. جو اوهانکي تحفي ۾ مشڪ عِطِرُ ڏيندو يا اوهان خود خريد ڪندؤ ته به مشڪ جي خوشبوءِ ته ضرور حاصل ٿيندي.
دوست دوستن کي تحفا ۽ سوکڙيون ڏيندا آهن ڇو ته ان سان محبت ۽ سچائي واري دوستي مضبوط ٿيندي آهي.
ٻه شيون خاص فائدي واريون آهن، جن کي اڪثر ماڻهو وڃائي ويهن ٿا. هڪ خدا ڪارڻ دوستي ۽ ٻي خدا ڪارڻ دشمني. سٺي چڱائي هي آهي ته ماڻهو دوستن سان دوستي واري ناتي چڱائي ڪندو رهي. خدا پاڪ جي طرفان نيڪيءَ جوسِلو سٺو ملندو.
#

پروگرام سونهن سمبارا 2013-07-17 بروز اربع
السلام عليڪم! پروگرام سونهن سمبارا ساڻُ ڪَري پروگرام جو ميزبان سرفراز علي جتوئي حاضر آهيان. پروگرام جون سموريون ڪوششون ۽ ڪاوشون پروڊيوسر وسند علي مَهر جون آهن، پروگرم کي اوهان جي سماعتن تائين رسائي رهيو آهي، اسٽوڊيو انجنيئر...
محترم سامعين! اڄ رمضان المبارڪ جو “7” ستون روزو آهي، سال جا ٻارنهن ئي مهينا پنهنجي حوالي سان اهميت رکن ٿا پر رمضان المبارڪ جو مهينو برڪتن، رحمتن، فضيلتن ۽ عبادتن، مغفرتن جو مهينو آهي. هن مهيني ۾ روزا فرض ڪيا ويا. جيئن اسان کي بُکَ ۽ اُڃ جو احساس رهي. تنهنڪري اسان پاڻ به روزا رکون ۽ ٻين کي به روزا رکرايون ۽ روزيدارن جو خيال ۽ احترام پڻ ڪريون.
#
سامعين! هن ڀلاري مهيني رمضان المبارڪ ۾ عام واهپي جا اگهه گورنمينٽ طرفان مقرر ڪيل اگھن موجن هجڻ گهرجن. مقرر ڪيل اگھن کان زياده اگهه تي ميوا يا ڀاڄيون وغيره وڪرو ڪرڻ سان قانوني ۽ اخلاقي ڏوهه آهي. تنهنڪري اسان سڀني کي گهرجي ته هن ڀلاري مهيني جو تقدس ۽ احترام ڪريون. کائڻ، پيئڻ ۽ عام استعمال جي شين جا اگهه مناسب وٺون ۽ هر چيز پنهنجي معيار موجب وڪرو ڪرڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح تور ۽ ماپ جو به اسان کي وڌ ۾ وڌ خيال رکڻ گهرجي.
#
سائين منهنجا نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو ارشاد مبارڪ آهي ته مان هن دنيا ۾ ايئن زندگي گذاريان ٿو ڄڻ ڪنهن وڻ جي ڇانءَ ۾ ساهه پٽيم ۽ پوءِ روانو ٿي ويم. چار چيزون اهڙيون آهن جيڪي جنهن کي ملي وڃن ته ان کي دين دنيا جي ڀلائي نصيب ٿي وڃي (1) شڪر گذار دل (2) الله تعاليٰ کي ياد ڪرڻ واري زبان (3) مصيبت ۾ صابر جسم ۽ (4) شريف عورت جيڪي پنهنجي ذات ۽ مڙس جي مال ۾ خيانت نه ڪري.
#
سامعين حديث مبارڪ آهي ته عمل جو دارومدار نيت تي آهي ۽ هر شخص کي ان جي عمل جو اهو ئي بدلو ملندو، جنهن جي اُن نيت ڪئي. تنهنڪري پنهنجن ۽ پراون ڏانهن جن نيتون نيڪ ۽ صاف رکيون انهن ٻنهي جهانن جي امتحان ۾ پاڻ کي پاس ڪرايو.
سائين منهنجا! نيڪن جي صحبت مان تڏهن مڪمل فائدو رسندو، جڏهن اسان برن جي صحبت کان بچنداسي. بُري صحبت جو بُرو اثر ۽ چڱن جي صحبت جو چڱو اثر ٿيندو آهي.
#
سائين منهنجا! نه دولت خواهش سان ملي ٿي نه جواني خضاب ڪرڻ سان ۽ نه صحت دوا استعمال ڪرڻ سان. اسان پنهنجو چهرو ته سينگاري خوب سجايون ٿا جنهن تي ماڻهن جي نظر پوي ٿي. پر ڪڏهن به دل کي سينگارڻ جي ڪوشش نٿا ڪريون. حالانڪ ان دل تي الله تعاليٰ جي نظر هوندي آهي. دل هڪ بهترين آئينو آهي، جنهن ۾ پاڪائي هوندي ۽ برائيءَ کان بچيل هوندي ته پوءِ ان دل ۾ خدا پاڪ نظر اچي سگهي ٿو. جنهن دل ۾ خدا پاڪ نظر اچي ته پوءِ اُهو انسان وڏو خوش نصيب آهي ۽ وڏي مانَ مرتبي وارو آهي.
#
سائين منهنجا! سٺا ڪتاب سٺا ماڻهو پيدا ڪندا آهن، ڪتاب هڪ آئينو آهي سمجهه آهي ساڃاهه آهي ۽ شعور آهي. جيڪڏهن اسان ڪتابن سان دوستي رکنداسي يقيناً اسان کي فائدو ئي فائدو ملندو. ڪتاب هن وسيع دنيا جي ڪنجي آهي. جيڪڏهن توهان ٻيو ڪجهه ڪري نٿا سگهو ته پڙهو ايترو جيترو ٿي سگهي. خيالن جي دنيا واري جنگ ۾ ڪتاب هٿيارن وارو ڪم ڏيندا آهن. ڪتاب اُهي جهاز آهن جيڪي وقت جي سمنڊ تي هلن ٿا.
#
سائين منهنجا ڪنهن سياڻي ماڻهوءَ سراسر سچ هيئن چيو ته هڪ سٺو ڪتاب جوانيءَ ۾ پڙهڻ ايئن آهي جيئن چوڏهينءَ جو چنڊ بند ڪمري جي دري مان ڏٺو وڃي. اڌ عمر ۾ ائين ڪتاب پڙهڻ آهي جيئن چوڏهين جو چنڊ گهر جي اڱڻ ۾ ڏٺو وڃي ۽ پوڙهائپ ۾ پڙهڻ ايئن آهي، جيئن ڪو ڪتاب درياهه جي ڪناري تي بيهي ڏٺو وڃي.
#
سائين منهنجا شاعري ڪنهن خيال جو اظهار هوندي آهي. نفيس احساس هوندي آهي. شاعري اها شيءِ ناهي جا اسان کي ڏسڻ ۾ اچي البته شاعري هڪ روشني آهي جنهن سان اسين ڏسي شاعراڻي جذبن کي پرکي سگهون پيا، انهن احساسن ۽ جذبن ۾ صرف ڏسي سگهون ٿا، زندگي ها زندگي. شاعري ٻوليءَ جو بلڪل نچوڙ ۽ انتهائي طاقتور ترجمان آهي.
#
سائين منهنجا! اڪثر ڪري مون ڏٺو آهي ته شاعر ويچارا غريب هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڪثر ماڻهو شاعر غريب ٿيندا آهن. منهنجو بابا سائين به سُٺو شاعر آهي ليڪن غريب آهي. بابا سائينءَ سان ادبي پروگرامن ۽ مشاعرن ۾ گڏ هوندو آهيان. اڪثريت غريب شاعرن جي هوندي آهي پر احساس ۽ جذبات انهن جا شاهوڪار هوندا آهن.
#
محترم سامعين! پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جڏهن پڙهون ۽ ڏسون ٿا، هر روز ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان قبيلائي ويڙهاند، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڦُر، ڌاڙا، چوري، ڪاروڪاري، اغوا ۽ دهشتگردي جا واقعا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن. دنيا جي سمورن مذهبن اهڙن واقعن کي ننديو آهي. اسلام ۾ ته سخت کان سخت منع ٿيل آهي ۽ تمام گهڻو گناهه آهي. اهي سمورا واقعا صرف ۽ صرف جهالت جي نشاني آهن. اسان پنهنجي اختلافن کي ڳالهين ذريعي به حل ڪري سگهون ٿا. انساني ۽ مذهبي ناتي اسان هڪٻئي سان همدرديون ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن اسان ۾ سچائي آهي ته پوءِ امن ۽ ڀائيچاري سان گڏجي اهو وچن ڪريون ته پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي ترقي وٺرائڻ ۾ قانون جا رکوالا ۽ مددگار ثابت ٿي پنهنجي پياري ديس پاڪستان جو نالو روشن ڪريون.
#
سائين منهنجا! اک ته دل جو دروازو آهي، ان جي حفاظت ڪرڻ اسان سڀني تي لازم ٿئي ٿي انڪري جو سڀ آفتون انهيءَ رستي سان هلندي جسم ۾ داخل ٿينديون آهن. اکيون ڳالهائينديون آهن. اکين جي زبان به اکيون ئي سمجهنديون آهن. غافل جون اکيون وري ان وقت کُلنديون آهن جڏهن اُهي بند ٿيڻ واريون هونديون آهن.
اکيون اکين کان شرمائينديون آهن ۽ اکيون دل جو ترجمان هونديون آهن. اکيون ڪجل کانسواءِ به خوبصورت هونديون آهن. جيڪڏهن انهن ۾ شرم ۽ حيا هجي.
سائين منهنجا! اکيون ته اکيون آهن. جڏهن اکيون جهڪنديون آهن ته سموري جهان جو حياءُ پنهنجي اندر سموهي ڇڏينديون آهن. جڏهن اکيون حياءُ وڃائي ڇڏينديون آهن ته اُهو ڪٿان به ڳولي نه سگهبو آهي. اکيون اکين کان تمام گهڻو شرمائينديون آهن ۽ اُهي ڏسڻ کان ڪڏهن به نه ڍاپنديون آهن.
الله تعاليٰ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي مخلوق جون اکيون، سندس ئي ڳوڙهن سان ڌوئي ڇڏيندو آهي. تڏهن ته ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته اکيون روح جون دريون آهن. انهن ۾ گهوري ڏسڻ سِکي وٺون جيئن ايندڙ ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگهون.
#
سائين منهنجا! ڪيتري حسين آهي اُها زندگي جيڪا ڪنهن حسن واري سان جُڙي ملي هڪ ٿي پوي. پوءِ ته دنيا جي ڪا به پرواهه نه رهي. حُسن هڪ وڏي ۾ وڏي جذبات جو نالو آهي ۽ اُها ئي خود زندگي آهي. اسين حسن جو احساس، حواسن سان نه بلڪ روح سان ڪريون ٿا. حسن، ماڻهوءَ جي سڀ کان وڏي ڪمزوري آهي. اسان جي منهن جو حسن الله پاڪ جي عظيم عنايت آهي.
جنهن محبت جو تعلق فقط حسن سان هجي ٿو اها وڌيڪ دير تائين قائم نٿي رهي سگهي ڇو گهڻي حسن ۾ گهڻي سچائي نه هوندي آهي.
جيڪڏهن توهان حسن چنڊ جهڙو چاهيو ٿا ته پاڻ کي پوءِ پيارا سج جهڙو بڻجڻو پوندو.
#
سامعين! الله تعاليٰ ڪائنات ۾ بي انداز خوبصورتيون پيدا ڪيون آهن، چنڊ، سج، ستارا، خوبصورت آبشار وڻ گل، ٻوٽا وري خوبصورت رنگ برنگي پوپٽ ۽ ٻيا نظارا جن کي پَسي الله تعاليٰ جي هر جاءِ تي موجودگيءَ جو احساس ٿيندو آهي.
اسان جيڪڏهن اهو ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته اسان سان اسان جو رب پاڪ ڪيتري محبت ڪري ٿو ته پوءِ رب پاڪ جي قريب اچي ڏسون ته اسانکي پتو پئجي ويندو. ته پنهنجي مالڪ حقيقيءَ کي اسان ڪيترا پيارا آهيون.
سامعين! جيڪڏهن توهانکي الله تعاليٰ جي ويجهو ٿيڻو آهي ته پوءِ الله جي تخليق ٿيل انسانن سان تمام ويجها ٿيو. الله تعاليٰ ۽ ان جي ٻانهي جي وچ ۾ توّڪل هڪ راز آهي. پوءِ ضروري آهي ته سواءِ الله تعاليٰ جي ڪو به ان کان واقف نه هجي. جڏهن دعا گهرڻ سان ڪم نه ٿئي ته فيصلو رب ڪريم تي ڇڏي ڏيون اُهو ئي بهتر ڄاڻي ٿو.
اُهي ماڻهو سدائين بيچين رهندا آهن. جي صبح جي خاموشيءَ ۾ الله تعاليٰ سان پنهنجو رشتو نٿا جوڙين. بي فخر ۽ بي عقل ماڻهن جو علم ۽ حال جو مثال ڪوريئڙي جي ان ڄار وانگر آهي جيڪو جيتوڻيڪ گهر آهي. پر نهايت ڪمزور ۽ بيڪار.
#
سائين منهنجا! زندگي خواب ناهي جنهن کي غفلت جي ننڊ ۾ وڃائجي زندگي حقيقت ۾ سچ آهي سندس هر روپ سچائي جو آئينو آهي اُهي انسان جيڪي خوابن جي پوئيان ڊوڙون پائيندا رهن ٿا اُهي خود به خوابن جو حصو ٿي رهجي ويندا آهن. حقيقتون ڀل ڪيتريون به تلخ ڇو نه هجن پر کين تسليم ڪرڻ گهرجن، حقيقت پسند ماڻهو ئي زندگي کي صحيح معنيٰ ۾ سمجهي ۽ اپنائي سگهندا. گڏجي هي شمن علي ميرالي جو گيت ٻڌون ٿا. هيءَ حسين زندگي، ايئن گذري وئي.
#
سائين منهنجا ڳالهه ڪنداسين موبائيل فون جي ته هن جي استعمال سان گڏوگڏ روز نقصانن جا به انڪشاف ٿي رهيا آهن. جنهن لاءِ سائنسي ماهرن اهو به چيو آهي ته هن موبائيل جا دل ۽ دماغ تي نقصانڪار لهرن جا ڪرڻا اثر انداز ٿين ٿا.
هن مان نقصان پهچائيندڙ ڪيترائي لاعلاج مرض به آهن ان کان علاوه گهڻي استعمال ڪرڻ سان اکين جي ديد به گهٽجي وڃي ٿي ۽ ڪينسر جي مرض جو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ٻيا سماجي به گهڻا نقصان آهن تنهنڪري اسان کي گهرجي ته موبائيل جو گهرج موجب استعمال ڪجي، انهيءَ ۾ بهتري آهي.
#
سائين منهنجا! اسان سڀ جو سڀ پنهنجو پاڻ ۾ آهيون، ان ڳالهه کان ڪو به انڪار نه ڪندو پر پوءِ به الائي ڇو اسان اها سڪ قائم نه ڪري سگهيا آهيون. جنهن ۾ ڪو به ليکو نه هوندو آهي. پر پوءِ به اسان الائي ڇو هڪٻئي تي ڪاوڙيل هوندا آهيون، سدائين اسان هڪٻئي جا پيا عيب ڳولهيندا آهيون. يا ڪنهن دوست، مٽ مائٽ، پاڙي واري جون خاميون گڏ ڪري ان جي گلا پيا ڪندا آهيون، پَر اسان کي اهو احساس نه ٿيندو آهي ته اسان ڪنهن جي دل ڏکائي رهيا آهيون پوءِ اسان ڏکن کي عام ڪرڻ بجاءِ انهن کي خوشين ۾ ڇو نه تبديل ڪيون. مطلب ته ٻين جي عيبن ۽ خامين کي ڇڏي انهن جون خوبيون ڇونه تلاش ڪجن ۽ انهن خوبين جي ساراهه ڪري خوشيون ورهائجن. هونءَ به ڪنهنکي خوش ڪرڻ ايترو ڏکيو نه آهي. رڳو اسان کي سچائيءَ سان ٿورڙي ڪوشش ڪرڻ جي ضرورت آهي.
#
سائين منهنجا! اڪثر يا ڪڏهن ڪڏهن اسان ننڍڙن ٻارڙن جي ڳالهين تي به ڏاڍا جذباتي ٿي ويندا آهيون ۽ پنهنجي رشتن جو به تقدس پائمال ڪري ڇڏيندا آهيون. شل نه ڪو اسان جي ٻار سان ڪو ٻيو ٻار وڙهي پوي. پوءِ اسان کي ڪير روڪي اهو به نه سوچيندا آهيون ته ٻار آخر ٻار آهن. جهٽ پل کان پوءِ پاڻ ۾ ٺهي ويندا ۽ راند روند گڏ ڪندا. اسان رڳو وڏا پاڻ ۾ اجائي ڦڪا مٺا ٿيندا آهيون ۽ نفرتن کي وڌائي ڇڏيندا آهيون. مطلب ته ٻارڙن جو مسئلو وڌڻ نه ڏجي. نفرتن بجاءِ محبتون قائم رکجن. سڀ ٻار اسان جا پنهنجا ٻار آهن. اسانکي گهرجي ته گلڙن جهڙن پيارن ٻارڙن سان پيار ڪريون.
#
سائين منهنجا! ناراضگيون، غُصي ۾ اچڻ يا ايئن کڻي چئجي ته ڪاوڙ ڪرڻ مطلب ته هڪٻئي کان ڪاوڙجي وڃڻ زندگيءَ ۾ ٿيندو رهندو آهي پر آڳاٽي وقت ۾ جيڪڏهن ڪو ڪنهن سان ڪاوڙجي به ويندو هو ته پيا بهانا ڳوليندا هئا ته جيئن ڪاوڙ ختم ڪري سگهجي ۽ وچ وارو دوست اها ڪوشش ڪندو هيو ته هنن رُٺلن کي پاڻ ۾ پرچائي وٺون. پر اڄڪلهه هن ماڊرن دور ۾ ڪاوڙ ڏينهن، هفتا، مهينا نه پر سالن جا سال هلي ٿي. ان ڪاوڙ ۾ وري دوست ۽ مٽ مائٽ به شامل ٿي وڃن ٿا. اصل ۾ ڪاوڙ کي ختم ڪرڻ جو اصل مقصد اهو ته پهريائين ڪاوڙ ڪرڻ جهڙا ڳالهائڻ ۾ لفظ استعمال نه ڪجن. جي ڪجن ته برداشت ڪرڻ ۾ بردباري جو مظاهرو ڪري ۽ اها ڪاوڙ گهٽ عرصي لاءِ هجڻ گهرجي. هونءَ به سڀڪجهه پرچاءِ ۾ رکيل آهي.
#
سامعين! سفر ته انسان پنهنجي ئي مقصد لاءِ ڪندو آهي. ڪڏهن ڀَرپاسي واري ڳوٺ يا شهر ڪڏنهن ٿورو پري ته ڪڏهن گهڻو پري پر ٿيندو ائين آهي ته سفر دوران جيڪي به گڏ هوندا آهن. دوست عزيز اسان رڳو انهن کي ئي همسفر سمجهندا آهيون ۽ صرف انهن جو ئي خيال رکندا آهيون ۽ خيال ڪندي ڪندي ٿڪبا ئي ناهيون.
اهو اسان جي سوچ کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڇو پاڻ کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. سڀ اسان پاڻ ۾ ته آهيون. پوءِ هيڏو سارو فرق نه ڪرڻ گهرجي. اها به حقيقت آهي ته هر هڪ جي منزل پنهنجي پنهنجي آهي پر سفر ته گڏ ڪري رهيا آهيون. سڀني کي هڪ ٻئي جو خيال ڪرڻ گهرجي ۽ سڀ هڪٻئي جا همسفر مسافر ساٿي آهيون.
#
سامعين! اسان ڏاڍيون شڪايتون ڪندا آهيون ته اسان سان ماڻهو صحيح نٿا هلن جنهن مان مراد ته پاڙي وارا، ڳوٺ وارا يا کڻي ايئن چئون ته گهروارا، پر سچ ته اهو آهي جو اسان سدائين ٻين جو پيا جائزو وٺندا آهيون پر ڪڏهن اسان اهو سوچيو آهي ته اسان پاڻ کي به ڏسون ته اسان سان پاڙي وارن، ڳوٺ وارن يا گهروارن جو رَويو ڇو سُٺو نه آهي. ڪٿي سڀ غلطيون اسان ۾ ته ناهن. اسان پاڻ ڪنهن ٻئي کي اهميت ڏني آهي؟ اسان ڪڏهن ڪنهن سان کلي پيار منجهاران ڳالهايو آهي. ته پوءِ ڀلا ٻين کي ڪهڙو مَٿي ۾ سور جو هو اسان کي اهميت ڏيندا. اسان سان کلي ڳالهائيندا، ان ڪري ضروري آهي ته اسان کي پنهنجو رَويو سٺو رکڻ گهرجي ته اسان کي موٽ ۾ به سڪ، پيار ۽ عزت ملندي.
#
سائين منهنجا! تڪڙي موٽ ڏيڻ سٺي هوندي آهي ۽ ڏيڻ به گهرجي ان سان انسان جي دل ڏاڍي خوش ٿيندي آهي. جيڪڏهن ڪو پاڙي وارو يا بزرگ ماڻهو ڪنهن ڪم سانگي يا ملڻ جي حوالي سان سڏ ڪري ٿو ته ان کي تڪڙي ۽ عزت واري موٽ ڏجي جيئن ان شخص جي دل خوش ٿيندي ۽ اسان کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو پر جيڪڏهن اُن کي ٻڌي يا ڏسي ڪَن لاٽار ڪري يا لنوائي ڇڏبو پوءِ اهو بهتر عمل نه آهي نه وري ڪا تڪڙي موٽ آهي، اهڙي طرح اڳلي ماڻهوءَ جي نظر مان ڪري ٿو پئجي. تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته مانَ وارن ماڻهن کي تڪڙي موٽ ڏجي انهيءَ ۾ اسان جي بهتري آهي.
#
سائين منهنجا! صبح جي سندر پهر ۾ سِڪَ، سُکَ، سلامتي جي دعائن سان گڏ سرفرز علي جتوئي جو اوهان سڀني سڄڻن، مٺڙن ماروئڙن کي پيار محبت وارو سلام قبول پوي. اوهان لاءِ نيڪ جذبا ۽ دلي دعائون جتي به منهنجو آواز اوهان جي سماعتن تائين پهچي ٿو، پنهنجي پروگرام ۾ اوهانکي ڀليڪار چوان ٿو.
سامعين! قدرت جو نظام آهي، رات کان پوءِ ڏينهن ۽ ڏينهن جي شروعات، هر ڪو ننڊ مان جاڳي تياري وٺي پيو، طالبِ علم، علم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول جي، يا ڪاليج يونيورسٽي جي، پورهيت پنهنجي پورهئي جي ۽ سرڪاري ملازم وري پنهنجي ڊيوٽي ڏيڻ جي مطلب ته هر هڪ پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهي، سڀ ڳالهيون سٺيون پر منزل تائين رسڻ ۾ ايتري به اٻهرائي نه ڪجي جو نقصان جو منهن ڏسڻو پوي. پنهنجو ۽ رستي ويندڙن جو به خيال رکجي، جيئن سڀ ڪجهه بهتر ٿي پوي.
#
سامعين! سياڻن سچ چيو آهي ته پڙهجي ته پروڙجي. جيڪڏهن پڙهڻ سان گڏ پروڙ ڪجي ته پوءِ اهو پڙهڻ يعني علم حاصل ڪرڻ گهڻو لاڀائتو ثابت ٿيندو. نوجوان هن قوم جا سرمايو آهن. ايندڙ وقت جا معمار آهن. تنهنڪري نوجوانن کي گهرجي ته ڪتابن کي دوست بڻائي ڪتابن جو گهڻو مطالعو ڪن. هر حوالي سان بيدار ۽ جاکوڙي هجڻ گهرجي. جيترو ممڪن ٿي سگهي لائبريريون اٽينڊ ڪري سٺا ڪتاب مطالعي لاءِ استعمال ڪجن. جيترو وڌيڪ مطالعو ڪنداسين اوترو وڌيڪ فائدو حاصل ڪنداسين.
#
سائين منهنجا! رب العالمين جي ڪائنات ڪيڏي نه خوبصورت ۽ رنگينين سان ڀرپور آهي. جنهن ۾ قدرت جا ڪيئي اسرار سمايل آهن. اونها ۽ موڪرا سمنڊ بلند پهاڙ، حسين واديون، نديون، ڍنڍون، باغ باغيچا جن ۾ رنگين خوشبودار گل ڦل. مطلب ته ڪائنات۾ جيڪا به شيءِ ڏسبي ان ۾ قدرت جي ڪاريگري جا ڪيئي ڪرشما نظر ايندا. انسان قدرت جي تخليق جو بهترين نمونو آهي. جنهن ۾ بيپناهه صلاحيتون سمايل آهن، پر انسان قدرت جي عطا ڪيل گهڻين نعمتن جي باوجود به ناشڪر هوندو آهي. حالانڪ مالڪ جون ايتريون مهربانيون آهن جو انسان کي اشرف المخلوق ڪيائين. انسان رب العالمين جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندو؟ انسان تي سڀ مهربانيون مالڪِ حقيقيءَ جون آهن جو هڪ ساعت به سندس ساراهه ۽ شڪر کان رهي نٿو سگهجي.
#
سائين منهنجا! سچائي جي هر لفظ ۾ سونهن جا سرس روپ موجود هوندا آهن. جيڪي دلين جي گهرائيءَ تائين پهچي مَن جي ڌرتيءَ کي زرخيز ڪري ڇڏيندا آهن. پوءِ ڪابه بدصورتي جنم نه وٺندي آهي، هر لمحو ڪو املهه موتي بڻجي پوندو آهي.
هر ماڻهو جيڪڏهن جيون جي هر گهڙي کي سچ جي سونهن سان سينگاري ڇڏي ته پوءِ جيڪر معاشرو مثالي بڻجي پوندو ۽ پيار کان سواءِ ڪو به تڪرار نه هوندو ۽ سارو سنسار سڪ جو سلامي ٿي پوي.
#
سائين منهنجا! ماڻهو هروڀرو انتها تي پهچي ڪنهن نه ڪنهن کي اهو ڪري ڏيکاريندا آهن ته مان تولاءِ مران ٿو. ڀلا مرجي ته ڇو مرجي؟ هڪ ٻئي لاءِ جيئي به ته سگهجي ٿو. هڪ ٻئي کي وساري ئي ڇو ڇڏجي. خوشگوار پَلَن کي ياد ڪري مٺي ننڊ به ته ڪري سگهجي ٿي. سمورا ڏک ۽ سک، غم ۽ خوشيءَ جا لمحا يادگار ڪري سنڀاري رکجن.
پَري رهڻ سان جيڪو دل جو درد پيدا ٿئي ٿو اهو نڀائيندڙ ٿئي ٿو. اوهانکي ضرور به اها ڄاڻ هوندي ته جيڪي پرين پيارا پَري هوندا آهن ڇا اُهي دل کان وسريل هوندا آهن؟ هرگز نه جيترو ماڻهو پري هوندو آهي اوترو ئي دل جي ويجهو هوندو آهي.
پَرَ جدائي جدائي هوندي آهي، جيڪا جيئري ئي ڄڻ ماري ڇڏيندي آهي.
#
جيءُ سامعين! ڪٿي به چين ڪونهي ڪو ۽ نڪي آٿتون ڏيڻ وارا. ڇو جو دردن وارن کي دليون ڪير ڏيندو. هيءَ دنيا ته دردن جو درياهه آهي. جيڪي درد آڻن ٿيون. انهن گهڙين کان هر ڪوئي پاسو ڪري ٿو. درد وارن ماڻهن جي دوستي هميشه انهن ماڻهن سان رهي آهي جيڪي درد وارا هجن ۽ انهن کي الله تعاليٰ بيحد پسند ڪندو آهي. دردن کي هميشه خوشيءَ ساڻ قبولڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اُهي به اسان جي هن خوبصورت زندگيءَ جا ساٿي آهن.
#
فاصله
سائين منهنجا! اڄڪلهه هن ترقيءَ واري دور ۾ جتي اسان کي ڪمپيوٽر ۽ موبائيل فون جهڙيون انيڪ سهولتون عام ميسر آهن جن لاءِ اسين چوندا آهيون ته انهن جي ايجاد ٿيڻ سان فاصلا، دوريون گهٽجي ويا آهن. ڇا حقيقت ۾ ائين ٿيو آهي؟ ڇا انهن جي ايجاد ٿيڻ سان اسان جون تڪليفون گهٽيون آهن؟ اسان وڏي فڪر سان ٻڌائيندا آهيون ته اسان هاڻي پنهنجو آواز ٿورڙن سيڪنڊن ۾ دنيا جي هر هڪ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائي سگهون ٿا. اسان گهر ويٺي سڌو سنئون پنهنجي عزيز يا دوست سان دنيا جي ڪنهن به ماڳ تي هو جتي به هجي اُتي هن سان ڳالهائي سگهون ٿا.
ها جڏهن اُهو ئي پنهنجو پيارو عزيز يا دوست جڏهن اسان وٽ ايندو آهي تڏهن ٿورڙن منٽن ۾ هن کان حال احوال معلوم ڪري اسان پنهنجي موبائيل فون ۾ گم ٿي ويندا آهيون ۽ عزيز يا دوست وري پنهنجي موبائيل فون ۾ گم ٿي ويندو آهي. ڄڻ ته سالن/مهينن واري سڪ، اُڪير ٻَٽن منٽن ۾ لَهي ويئي ان سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسان اهو چئي سگهون ٿا ته اسان جي وچ ۾ فاصلا گهٽجي ويا آهن؟
#

“رشتا”
سائين منهنجا! ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته موت زندگي جو سڀ کان وڏو نقصان نه آهي پر زندگيءَ جو سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي ته جڏهن رشتا مري وڃن ۽ اسين جيئرا هجون. زندگيءَ جو ڀرپور مزو ماڻڻ ۽ زنده دل جو ثبوت ڏيڻ لاءِ پنهنجي رشتن کي مانُ ڏيڻ ضروري آهي. اوهان کي سماج پاران مثبت موٽ ملي يا نه پر اوهان پنهنجي رشتن جو مانُ ۽ڀرم رکندا رهو. دنيا ۾ اسان کي جيڪي رشتا نصيب ٿيندا آهن اُهي سڀ قدرتي هوندا آهن ۽ ڪو به رشتو اسين پاڻ ڪونه گهڙيندا، جوڙيندا آهيون. ها صرف دوستيءَ جو رشتو ئي اهڙو رشتو آهي جيڪو پاڻ جوڙيو ويندو آهي. جڏهن ته ٻيا سڀ رشتا اسان جي رت ۾ هوندا آهن. اهڙي ئي عظيم رت جي رشتي جي عظمت، راڳي ممتاز لاشاري کان اچو ته گڏجي ٻڌون. “رشتا ٻيا به گهڻا پَرَ امڙ جيجل زور آ”.
#
سائين منهنجا! حد کان وڌيڪ ڏاهپ ڏيکارڻ به اياڻپ جي نشاني آهي، پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ لاءِ پنهنجو دماغ استعمال ڪرڻو پوي ٿو ۽ ٻين کي سمجهڻ لاءِ پنهنجي دل ڪتب آڻجي ٿي، عقلمندي جهڙي ڪا دولت ناهي ۽ جِهالت جهڙي ڪا بيماري ڪانهي.
زمين جون سموريون رونقون انسان سان آهن ۽ انسانيت، انسان جي عقل سان آهي. عقلمندي سان خوشي حاصل نه ٿيندي آهي پر خوش رهڻ سان عقلمندي حاصل ٿيندي آهي. عقلمند اُهو آهي جيڪو وقت موجب ڳالهائي. بيوقوف ٻين کي ڳالهائڻ جو موقعو ئي نه ڏيندو آهي ۽ “عقلِ ڪُل” پاڻ کي ئي پيو سمجهندو آهي.
#
سائين منهنجا! خوشيءَ جي ڪا به شڪل نه هوندي آهي، هڪڙي گهڙي جا دل کي ڇُهي وڃي ان جو ئي نالو خوشي آهي. خوشيءَ جهڙي خوبصورتيءَ کي ڪا ميڪپ جي ضرورت نه آهي. خوشي انسان جي وقار کي وڌائيندي آهي. خوشيون ٽجوڙين ڀريل دنيا سان حاصل ڪونه ٿينديون آهن. پر اُهي پيار ۽ محبت سان ملنديون آهن. خوش رهڻ گهرجي پنهنجي لاءِ ئي نه سهي، ٻين جي لاءِ ئي، ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن جي زندگيءَ جي اميد، توهان سان وابسته هجي! اسان جيڪڏهن ڳوڙهن کي مسڪراهٽ ۾ بدلايون ته زندگيءَ ۾ خوشيون تلاش ڪرڻ بلڪل آسان ٿي پونديون. تنهنڪري اسانکي زندگيءَ ۾ خوش گذارڻ گهرجي.
#
سائين منهنجا! مرڪندڙ هر ماڻهو جڏهن مرڪندو آهي. سچ پچ نفرتن کي ختم ڪري محبتن کي جنم ڏيندو آهي. جنهن وٽ مسڪراهٽ جي دولت آهي. ان جهڙو ڪو امير ئي ڪونهي. مسڪرائڻ خوبصورتيءَ جي علامت آهي ۽ خوبصورتي زندگي جي، علامت آهي، ٽهڪ دردن جي دوا آهن. مسڪراهٽ هڪ اهڙو علاج آهي جيڪو صرف مفت ۾ آهي، پر اُن جا ڪي به سائيڊ افيڪٽس نه ٿيندا آهن، مسڪراهٽ اندر جي اطمينان جي علامت آهي. مسڪراهٽ اهو يقين ڏياري ٿي ته مسڪرائيندڙ جي دل ڪيني کان پاڪ آهي. مسڪراهٽ محبت جي زبان ۽ حسن جو سينگار آهي.
#
سائين منهنجا! جيڪڏهن وفا جو سبق وٺڻو آهي ته گل کان حاصل ڪريو، جيڪو ٻوٽي کان جدا ٿيندي ئي ڪومائجي وڃي ٿو. زندگي به گل جي مثل آهي جنهن جي خوشبو محسوس ڪرڻ سان غمن جي دنيا مان غائب ٿي وڃجي ٿو. اسان کي پنهنجي زندگي جيڪڏهن گلن وانگر گذارڻي آهي ته پوءِ عام رستن تان ڪنڊا هٽائڻا پوندا.
محبت به هڪ خوشبودار گل آهي جيڪو انسان جي احساسن ۽ جذبات کي مهڪائي ٿو. دوستي به خوشبودار گل وانگر آهي. جا پنهنجي خوشبو چئني طرفن ڦهلائي ڇڏي ٿي. اسان سڀني کي گل مثل ٿيڻ گهرجي. جيڪو انهن هٿن ۾ به خوشبو ڏئي ٿو، جيڪو ان کي مروڙي ڇڏي ٿو.
#
سائين منهنجا! حسن گلابي چپڙن ۾ نه بلڪ ان مٺاڻ ۾ آهي جيڪو انهن گلابي چپڙن منجهان ڳالهائڻ ذريعي ٽمندو آهي. ڪيتري حسين ۽ پياري آهي اُها سادگي جيڪا سينگار کان سواءِ ماڻهوءَ کي متاثر ڪري. حسن هڪ منفرد سلطنت آهي. جنهن ۾ اوچ نيچ جي ضرورت ئي ڪانهي. چنڊ جهڙو حسين جيڪڏهن محبوب چاهيو ٿا ته سج جهڙا محب بڻجي وڃو.
آسمان جو حسن ستارن سان آهي ۽ انسان جو حسن اخلاق سان آهي، ايئن به نه آهي ته هر شيءِ حسين هجي، پر سُٺي شيءِ لازمن حسين هوندي آهي. سياڻا چون ٿا ته حسن ته خود ڏسڻ واري جي اکين ۾ هوندو آهي.
#
سائين منهنجا! جڏهن اسان ڳالهه ڪنداسين اک جي ته اک دل جو دروازو آهي. اکيون ته ڳالهائينديون به آهن. اکين جون ٻوليون ۽ زبان به اکيون ئي سمجهنديون آهن. هر ڪا اک ڏسندي ضرور آهي پر محسوس ڪرڻ واريون اکيون تمام ٿوريون هوندوين آهن. اکيون ته ان وقت سٺيون لڳنديون آهن جڏهن انهن ۾ شرم ۽ حيا هجي. جيڪڏهن وڏيون ۽ خوبصورت اکيون چاهيو ٿا ته نظر جهڪائي هلو. اکيون ته ڪجل ۽ سرمي سوا به سهڻيون هونديون آهن، جيڪڏهن انهن ۾ ڀلي ۽ بُري جي سڃاڻپ هجي.
#
سائين منهنجا! زندگيءَ جو چرخو ڪڏنهن به رڪڻو ناهي، وقت ڪڏهن به بيهندو ناهي. اهو پنهنجي مقرر ڪيل رفتار سان اڳتي وڌندو رهندو آهي. ڏک هجن يا سک، خوشيون هجن يا غم، ڏينهن هجي يا رات اهي ڪڏهن به رڪڻا نه آهن. اهو اچڻ ۽ وڃڻ جو عمل آهي، هر رات پٺيان ڏينهن آهي ۽ هر ڏينهن پٺيان رات آهي. ڏکن پٺيان سک آهن. بس ماڻهو پرعزم رهي. حوصلي جو هٿ نه ڇڏي ته انهن پيڙائن مان پار ضرور اڪري ويندو.
#
سائين منهنجا! خواب جيتوڻيڪ ڏاڍا خوبصورت، دلڪش ۽ وڻندڙ هوندا آهن. پر ڪڏهن ڪڏهن اُهي خواب، اُهي خواهشون، اُهي تمنائون، اُهي ارمان ڏاڍا، اذيتناڪ بڻجي ويندا آهن، بيچين ڪري ڇڏيندا آهن. خاص ڪري تڏهن جڏهن انهن خوابن جي حصي ۾ تعبيرون نه اينديون آهن، جڏهن ارمان اڻپورا رهجي ويندا آهن، جڏهن تمنائن جي تڪميل ٿي نه سگهندي آهي، تڏهن اهي خواب، خواهشون ۽ ارمان اڌورا بڻجي ويندا آهن.
#
سائين منهنجا! هن تيز رفتاري جي دور ۾ هر ڪو هر ڪنهن کان اڳتي نڪري وڃڻ چاهيندو آهي، ڪو به نه چاهيندو آهي ته هو پوئتي رهجي وڃي. ترقيءَ جي تمنا ڪرڻ، ڪاميابين کي ٽارگيٽ بنائڻ هڪ سٺي سوچ آهي، پر اسان کي ايترو خيال ضرور ڪرڻ گهرجي ته انهيءَ منزل ڏانهن ويندي، ڪاميابين پٺيان ڊوڙندي اسين اهو خيال ضرور ڪريون ته ڪنهن جا حق نه ماريون، ڪنهن جا احساس نه لتاڙيون، ڇو ته جيڪي ڪاميابيون ٻين جي احساسن کي لتاڙي حاصل ڪيون وينديون آهن، اهي حقيقي ڪاميابيون نه هونديون آهن.
#
سائين منهنجا! انسان جي سيني اندر ڌڙڪندڙ ننڍڙي نازڪ دل.. پنهنجي جوهر ۾ تمام گهڻي طاقتور آهي، ڇو ته اها دل ئي آهي جيڪا اسان کان جوکي جا ڪم ڪرائيندي آهي، جنهن جي چوڻ تي هلندي اسان پنهنجي دماغ جي هر دليل کي رد ڪري رڳو دل جي پڻ ٻڌندا آهيون. خاص ڪري محبت، جي معاملن ۾ دماغ جي بلڪل به نه هلندي آهي ۽ اسان رڳو دل جي ٻڌندا آهيون. توڙي جو دل جا ڪيل فيصلا پڇتاءَ تي پورا ٿيندا آهن. نقصان وارو نتيجو ڏيندا آهن، زندگيءَ جو روڳ بڻجي ويندا آهن، پوءِ به اسين رڳو دل جي ئي ٻڌندا آهيون.
#
سائين منهنجا! اڄ حيدر بخش جتوئي جي سالگرهه آهي، جيڪو هاري جدوجهد جو هڪ وڏو نانءُ آهي، جنهن جي سوچ، جنهن جوفڪر اڄ به هڪ مشعل راهه آهي، حيدر بخش جتوئي اهو ارڏو انسان جنهن لاءِ ئي ڪنهن چيو هو ته
الا ايئن مَ هو جو مري وڃان مري،
هجان جيئن وري جيئرو هن جهان ۾.
حيدر بخش جتوئي جهڙا ڪردار امر رهندا آهن، ڪڏهن به مرڻا ناهن.
زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي تبديليون اچي ويون آهن تڏهن به هن ننڍڙي ذهن ۽ ننڍڙيءَ دل اوهان کي وسارڻ ۾ تبديلي ناهي آندي ذهن ان ڳالهه کي تسليم ڪري ئي نٿو ته توهان وسري ويا آهيو.
اوهان کي ياد ڪرڻ جي اڄ به عادت ساڳئي آ.
جيئن ماسٽر منظور چوي ٿو، (سِرُ وڃي يا عادت وڃي وڃي).
#
سامعين! تهذيبون قومن جو سرمايو هونديون آهن جنهن جي وسيلي اُهي قومون پنهنجا ثقافتي، ادبي، اخلاقي ورثا پاڻ وٽ محفوظ رکنديون آهن. جن قومن جي تهذيب زندهه نه آهي، اُهي قومون ڄڻ ته انهن مثل آهن جن وٽ ٻيو سڀ ڪجهه هجي پر ڏسڻ لاءِ نور جي روشني نه هجي. هر تهذيب ۾ ڪجهه نه ڪجهه لوڪ ورثا، ڪهاڻيون، جنم وٺنديون آهن. جيڪي ان تهذيب جو سرمايو هونديون آهن. سنڌ جون مشهور لوڪ ڪهاڻيون، عمر مارئي، سسئي پنهون، نوري ڄام تماچي، ليلا چنيسر، مومل راڻو، سورٺ راءِ ڏياچ، سهڻي ميهر وغيره اهي سمورا داستان اڄ به هر هنڌ شوق سان ڳايا ۽ ٻڌا وڃن ٿا. جنهن مان سنڌي قوم جي تهذيب ظاهر ٿئي ٿي.
#
سائين منهنجا! جدائيءَ جو جبل جڏهن جيءَ مٿان ڪرندو آهي، تڏهن جسم جو ماس ته ٺهيو پر جسم جا هڏا به پرزا پرزا ٿي پوندا آهن. جدائيءَ جا به ڪيترائي قسم ٿيندا آهن.
لمبي جدائي، يعني هميشه واري جدائي
ڪجهه سالن واري جدائي
۽ ڪجهه وقت واري جدائي
مطلب ته جدائي ڪهڙي به هجي پر جدائي جدائي آهي.
#
سائين منهنجا! اسان کي اهو احساس ضرور به هئڻ گهرجي ته پنهنجي گهر يا دڪان جو صفائيءَ وارو ٻُهر شاهي رستي يا عام گهٽيءَ ۾ در جي اڳيان گڏ ڪري پاڻ صفائي پسند ٿي دڪان ۾ اندر ويهي رهندا آهيون پر اهو نه سوچيندا آهيون ته انهيءَ سان اسان ٻئي کي ڪيتري تڪليف رسائي آهي.
#
سائين منهنجا! دنيا وارن جا به عجيب وهنوار آهن جي ڪڏهن ڪو ڪنهن سان پيار ڪري ٿو ته اُن کي ڪو به ڪونه سهي ٿو. وري جيڪڏهن پيار کان پاسو ڪجي ٿو ته وري اها شڪايت منظرعام اچي ٿي ته هي ڪو جو ويري آهي.
دل جا حال اورڻ لاءِ ڪنهن حال محرم جي ضرورت هوندي آهي، جنهن سان حال اوري پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪبو آهي. پر هن دور ۾ اهڙا حال محرم ملڻ مشڪل آهن پر پوءِ به اميد سٺي رکجي.
#
سائين منهنجا! رات جيتري ڪاري هوندي آهي، ستارا زياده چمڪدار هوندا آهن، اهڙيءَ طرح ڏک جيترا گهڻا هوندا آهن خدا پاڪ اوترو ئي ويجهو هوندو آهي. هونءَ به ڏکن جون ڪجن ته ڪهڙيون ڪجن ڳالهيون. ڏکن سان ڀلا ڪنهنجي ڄڻ دل لڳندي آهي ڇا؟ ڏکن سان ماڻهن جو ڇا ڏک به خدا پاڪ طرفان ئي ملندا آهن. تڏهن ته لطيف سرڪار فرمايو:
اچو سورن واريون ڪريون سور پچار.
ڪني گهڻا ڪني ٿورا ڪانهي ڪا سورن ڌار.
ڏنا جي ڏاتار، جهولي پائي مون جهليا.
#
سامعين! اکين جو سمنڊ تڏهن اٿلي پوندو آهي جڏهن من جي موسم ۾ تبديلي ايندي آهي ۽ من مٿان مينهن وسي پوندو آهي ته پوءِ اکين جا بند ٽٽي پوندا آهن. ٻوڏ واري صورتحا پيدا ٿي پوندي آهي ۽ جسم جو سمورو شهر پاڻي سان متاثر ٿي ويندو آهي. يادگيريون پنهنجون سرحدون ٽوڙي ڇڏينديون آهن ۽ احساس اتاولا بڻجي باهه جا ڀڀڙ ٿي پوندا آهن ها جڏهن ڪنهن جي ياد ستائيندي آهي. ياد تنهنجي جي وري آ، وير لڳي رهي آ ڏکڻ هير.
#
سائين منهنجا! عام چوڻي آهي، ته ۽ ايئن ٻڌو به آهي، ته ماڻهو به پکيءَ مثل هوندو آهي پر اهو پنهنجو هجي يا پرائو. سڀ ڪمال پيار جو هوندو آهي.
ڪيترائي سال گڏ رهڻ باوجود نيٺ اُهو پيار وارو ماڻهو جنهن ۾ پيار ئي پيار سمايل هوندو آهي، ان جي اندر وارو پيارو پاليل پکي هڪ ڏينهن اڏري وڃي ٿو ۽ ڪيترائي سال گڏ رهڻ وارا هڪ گهڙي يا پَلُ محسوس ٿيندو آهي ۽ احساسن جي گهرن جا آڳر خالي ٿي پوندا آهن ۽ پوءِ سور نسرڻ شروع ٿيندا آهن. جن جي ڪا به مند، مهل، موسم نه هوندي آهي...!
#
سامعين! اڪثر اهو ڪتابن ۾ پڙهيو ۽ ٻڌو به آهي ته “ ٻين جي ڪم اچجي”. اسانکي ته پنهنجو مذهب اها تلقين ڪري ٿو ته ٻين سان همدردي ڪريو ۽ ٻين جي ڪم اچو يعني ٻين جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف سمجهو، ٻين کي بکيو ڏسي انهن کي ماني کارايو، غريبن، بيمارن، محتاجن ۽ بي پهچ ماڻهن کي انهن جي ضرورت واريون شيون وٺي ڏيو اهو به ٻين جي ڪم اچڻ جو سٺو طريقو آهي. بنسبت خوشامد تي ڏيڻ کان.
#
سائين منهنجا! دهشتگردي هڪ وڏي بيماري آهي. هن بيماريءَ جو علاج سولو ۽ سستو اهو آهي (1) هڪ ته اسان پياري پاڪستان جي عوام کي متحد ٿيڻو پوندو. (2) ٻيو ته پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي رُڪ جي ديوار بڻجي اندروني ۽ ٻاهرين دشمن سان سينو تاڻي سچائيءَ سان بيهڻو پوندو. ڪو به شڪي ماڻهو نظر اچي ته هڪدم ان کي پڪڙي پاڪ فوج، رينجرس يا پوليس جي جوانن حوالي ڪري ڇڏيون. اهڙيءَ ريت اسان پاڙي وارا سڀئي شهري هر نقصان کان بچي سگهنداسي ۽ دشمن کي نيست و نابود ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. اسانکي ملڪي فرض نڀائڻ ۾ خوشي محسوس ڪرڻ گهرجي. ان بيماري کان بچڻ جو سولو ۽ سستو علاج به اهو آهي.
#
سائين منهنجا! جيڪڏهن اسان سچا انسان آهيون ۽ سچا مومن آهيون ته پوءِ مالڪ حقيقيءَ جي فرمان کان اصلي منهن موڙڻ نه گهرجي فرمانِ الاهي آهي ته سچو مومن اُهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيو انسان بچيل هجي.
ته پوءِ ماڻهو ماڻهوءَ جو دشمن ڇو آهي؟ بيگناهه معصوم ماڻهن جو قتلِ عام، بم ڌماڪا، مقدس جڳهن ۾ دهشتگردي ڇو؟ دنيا جو ڪو به مذهب ماڻهن کي مارڻ جي موڪل ڪونه ٿو ڏئي. دهشتگرديءَ ڪرڻ وارن کي آخرت ۾ الله تعاليٰ به پنهنجو نه ڪندو. جيترو ٿي سگهي امن قائم ڪجي. پيار جي پرچار ڪئي مٺڙي ملڪ ۾ محبت سان گذارجي امن جا امين بڻجي پنهنجي سرزمين کي سرسبز بڻايون. انهيءَ ۾ اسانجي بهتري آهي. پيار محبت زنده آباد، احمد مغل کان گڏجي هي پيار وارو ميوزڪ ٽريڪ ٿا ٻڌون.
#
“ڪاوڙ”
سائين منهنجا! ڪاوڙ جو اچڻ فطري عمل آهي. اها ڪٿي به ڪڏهن به اچي سگهي ٿي پر اڄڪلهه اسان ڪاوڙ کي پاڻ تي حاوي ڪري گهمندا وتون ٿا. اسان ته ڪاوڙ جا ايترا غلام ٿي ويا آهيون جو مٽن مائٽن تان ڪاوڙ لَهي ئي ڪونه ٿي. هزارين عيب انهن ۾ نظر ايندا آهن. ايتري قدر جو رت جو احساس به موڪلائي ويو آهي.
اسان ته ايترا ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويندا آهيون جو ننڍڙن ٻارن جي وڙهڻ تان به هٿيار کڻي هڪ ٻئي جون قيمتي جانيون ضايع ڪندا آهيون. اسان کي پاڻ سٺو ثابت ڪرڻ لاءِ درگذر ڪرڻ گهرجي ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.
ڪاوڙ کي ڇڏي اسان کي خوش مزاج بڻجي هڪٻئي سان همدرديون ڪرڻيون پونديون ۽ محبتون وڌائڻيون پونديون. جتي محبت هوندي آهي. اُتي نفرت نه ايندي آهي. تنهنڪري ڪاوڙ کي پاڙئون پٽي محبت جو ٻج پوکيون ان ۾ اسان سڀني جي بهتري آهي.
#