ڪتاب گهر کي آف لائين ھلائڻ لاءِ ڪتاب گهر جي ائپليڪيشن انسٽال ڪريو | ✖ ٻيھر نہ ڏيکاريو
ڪھاڻيون
تخليق جو انت
هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورتن لاءِ محنت، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو پيغام آهي. جيڪي گهڻي قدر حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ اڪثر ان وقت جي واقعن ۽ حالتن پٽاندر آهن. مثال طور 2005ع وارو زلزلو، شائسته عالماڻيءَ وارو ڪيس، ڪاري ڪاريءَ جا وڌندڙ واقعا يا وري پيار جي پرڻن متعلق منظر تي آيل واقعن جي گهڻائي وغيره.
ارپيان ٿي
شهيد نظير عباسيءَ
جي ونيءَ
۽
جاکوڙي ڪردار
ادي حميده گهانگهرو کي
• ليکڪا پاران
ماديت پرستيءَ واري هن دؤر ۾ هر ماڻهو زندگيءَ جي جبل جهاڳڻ واريءَ ڇڪ ڇڪان ۾ رڌل آهي. مائٽن جي خواهش ته اولاد ڪهڙو ڦل ٿي ڏئي ۽ اولاد کي ڳڻتي ته مائٽن کان ڪهڙي ميراث ٿي ملي.
سائنس جي ترقيءَ جتي دنيا کي ڳوٺڙو بڻائي ڇڏيو آهي، اتي انسان پڻ سوچ ۾ محدود ٿي ويو آهي. مان پاڻ کي ڏاڍي خوش قسمت سمجهندي آهيان جو اسان جي مائٽن اسان کي ميراث ۾ قدر (Values) ، علم جي طاقت ۽ قلم جو هٿيار ڏنو. نه رڳو ايترو پر ان جي استعمال ۽ اهميت سمجهڻ جو شعور پڻ ڏنو، انهن مڙني کان مٿي اسان جي ذهنن ۾ جدوجهد ڪرڻ جي سوچ ۽ قوت پڻ پيدا ڪئي.
مون ننڍپڻ ۾ ڏاڍا ڪتاب پڙهيا پنجاب مان ”امداد باهمي“ تحت ڇپجندڙ نيوز ليٽر ٽائيپ “هم لوگ”، جنهن ۾ ٻارڙن لاءِ جدا صفحو هوندو هئو، جنهن ۾ علم ادب سان گڏ مختلف سرگرميون به شامل هونديون هيون. (اڃا تائين اهي Activities ياد آهن)، نقوش رسالو، روسي ناولن ۾ دارورسن کی آزمائش، ذلتوں کے مارے لوگ، چراغ جلتا رہا، ماں وغیرہ، ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون، سنڌيءَ ۾ امر جليل، آغا سليم، نور الهدى شاهه ۽ ٻين اديبن جا ڪتاب پڙهڻ سان ڄڻ ته عشق هو. هر ڪتاب ڀرپور دلچسپيءَ سان ڪا به سٽ، ڪو اکر ڇڏڻ بنا پڙهندا هئاسين. ايترو ئي نه بلڪه انهن ڪتابن تي هڪٻئي سان بحث مباحثا پڻ ڪندا هئاسين. مزي جي ڳالهه ته جڏهن به ڪو نئون ڪتاب گهر ۾ ايندو هئو ته هر ڪنهن جي ڪوشش هوندي هئي ته اڳ ۾ اهو مان پڙهڻ شروع ڪريان! پوءِ اڪثر هڪ ئي ڪتاب ٻه ٻه ڀينر گڏجي پڙهنديون هيوسين جو هڪ اڌ هڪ جي هٿ ۾ هوندو هئو ته ٻيو اڌ ٻيءَ جي هٿ ۾، ائين ڏينهن رات جي ڪا به خبر نه پوندي هئي. امان اسان سان گڏ جاڳندي هئي. خاص طور تي امتحان وارن ڏينهن ۾.
امان وزير بيگم پنهنجي پلاسٽڪ جي ٽوڪريءَ ۾ رلين لاءِ ڪٽيل رنگبرنگي ٽڪريون ۽ هٿ ۾ سئي کڻي ويهندي هئي ۽ مسلسل اسان کي همٿائيندي رهندي هئي. مون کي پنهنجيءَ ماءُ ۾شاهه جي سورمين جا سڀ گُڻ نظر آيا. مون ڪتڻ وارين جو هنر سندس آر ۽ سُئيءَ واري ڪم ۽ گُڏين ٺاهڻ واري هنر ۾ ڏٺو، هن ۾ نوريءَ واري نماڻائي به هئي. هوءَ زندگيءَ جي پرخار رستن تي پير پٿون هجڻ جي باوجود مسلسل هلندي رهڻ واري جدوجهد ڪندڙ عورت هئي ۽ اهو ئي درس هن اسان کي به ڏنو. هن ۾ مارئيءَ وارو ماڻ هئو، هوءَ ڪڏهن ڪنهن آڏو نه جهڪي ۽ اسان کي هميشھ اهو چيائين ’ڀلي بک ڀرم جي شل نه وڃي شان.‘
شايد دنيا جي هر ماءُ ائين ئي هوندي آهي. روسي ناولن ۾ مائرن جي بَٺين دُکائڻ جو ذڪر پڙهي اسان کي اهي امان وانگر لڳنديون هيون يا امان انهن وانگر لڳندي هئي. ميڪسم گورڪيءَ جي ماءُ به اسان کي امان وانگر لڳندي هئي، گورڪيءَ جو ماءُ وارو ڪردار اسان پنهنجيءَ امڙ ۾ عملي طور تي ڏٺو. دنيا ۾ اهڙا اتفاق (Co-incidence) به ٿيندا آهن؟ پارٽيءَ جي جلسن ۽ ميٽنگن ۾ڪيترا به ماڻهو اچي وڃن، امڙ جي نرڙ ۾ گهنج نه پوندو هئو ۽ هوءَ دل ۽ جان سان سندن آڌر ڀاءُ/ خدمت ڪندي هئي. اهو ته اسان اکين سان ڏٺو پر ان کان اڳ جڏهن بابو سائين ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو هاري ڪاميٽيءَ ۾ سرگرم هو ۽ الاٽي تحريڪ دوران به گهر ۾ جيترا به مهمان ايندا هئا، امڙ انهن لاءِ کاڌو تيار ڪندي هئي. مطلب ته هڪ سرگرم ۽ باشعور ڪارڪن وانگر پنهنجي حصي جو ڪم ڪندي هئي. ان جو ذڪر قاضي فيض محمد صاحب پنهنجن ڪتابن ۾ پڻ ڪيو آهي.
بهرحال مون امڙ ۾ هڪ انتهائي بردبار عورت ڏٺي. هوءَ باهمت ڌيءَ ۽ پروقار ماءُ هئي. ننڍپڻ ۾ مون کي رڳو پڙهڻ جو شوق هوندو هئو، مون کي سمجهه ۾ نه ايندو هئو ته ڪيئن لکان ۽ ڇا لکان؟
اڳتي هلي لکڻ جو چاهه پيدا ٿيو، جنهن جو سبب سکر ۾ قائم هڪ ڪمپيوٽر سينٽر ۾ اردو مضمون نويسيءَ جو مقابلو هئو. منهنجي سڀ کان پهرين لکڻي هڪ تاثراتي مضمون هو، جيڪو مون اردوءَ ۾ لکيو، ان جو عنوان هو ‘‘سیڑھیاں’’، جڏهن ان تي حوصلي افزائي ٿي ته پوءِ ان کي سنڌيءَ ۾ ٻيهر لکي روزاني عوامي آواز اخبار ۾ ”ڏاڪڻ“ جي نالي سان موڪليو، جيڪو انهن ايڊيٽوريل پيج تي ڇپيو، افسوس جو هن وقت مون وٽ ان جي ڪاپي نه آهي، ان کانپوءِ ڪجهه ٻيا مضمون سماجي موضوعن/ مسئلن تي لکيا، جيڪي پڻ عوامي آواز ۾ ايڊيٽوريل پيج تي ڇپبا رهيا.
1995ع ۾ عوامي آواز عورتن جو صفحو ”سورمي“ نالي شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ادي ڊاڪٽر جبار خٽڪ ان کي سنڀالڻ جي ذميواري مون کي ڏني، جا مون خوشيءَ سان قبولي. هن کي اهو ڀروسو هو ته مان اها ذميواري صحيح نموني نڀائي سگهنديس ۽ مون به سندس اعتماد بحال رکڻ جي پنهنجي وَس ۽ وِت آهر پوري ڪوشش ڪئي.
منهنجو هيءُ ٻيو ڪتاب آهي. هن کان اڳ سنڌ جي ثقافت کاتي منهنجن مضمونن ۽ مقالن جو ڪتاب ”سُکن واري سَڌَ“ شايع ڪرايو آهي.
ڪتاب ”سکن واري سڌ“ ۾ شامل گهڻي قدر مضمون ان ساڳئي دؤر (1995ع کان 2006ع) ۾ ”سورمي“ ۾ ڇپيل آهن. جڏهن ته ان کانپوءِ وارا لکيل ڪجهه مضمون ۽ مقالا پڻ شامل آهن. جن مان ٻه وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران نڪرندڙ تحقيقي جرنل ڪارونجهر ۾شايع ٿيل آهن.
مون ثقافت کاتي کي ڪتاب ”سُکن واري سڌ“ ۾ مضمون، مقالا ۽ ڪهاڻيون گڏي ڏنيون هيون. ثقافت کاتي جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر ادل سومري صاحب ڏاڍي سُٺي تجويز ڏني ته هن ڪتاب مان ڪهاڻيون ڌار ڪري الڳ ڪتاب ڇاپيو وڃي. ڊاڪٽر صاحب جي ان سهڻيءَ صلاح تي عمل ڪندي ڪهاڻين جو ڪتاب الڳ ڇاپيو پيو وڃي.
مون جيئن مٿي ذڪر ڪيو ته ٻالجتيءَ کان ئي مون هڪ عورت يعني پنهنجيءَ ماءُ کي، Determination, Dignity ۽ Struggle جو مثال ڏٺو، ائين عورت جي جدوجهد، حوصلي مندي، مستقل محنت، عورتن جا حق، فرض، مسئلا، مونجهارا، حل ۽ حاصلات، ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون، مشڪلاتون ۽ مجبوريون، اهي سڀ اهڙا موضوع آهن جن کي ڏسي ۽ ٻڌي، سوچي يا ويچاري منهنجو هٿ ازخود قلم ۽ ڪاغذ ڏانهن وڌي ويندو آهي. ان کي فطرت کان مجبور ٿيڻ چئجي، مزاج جو لاڙو چئجي يا بيوسي؟ مان ڪوبه نالو نه ٿي ڏئي سگهان. ايترو ضرور سمجهه ۾ اچي ٿو ته اها بيچيني، اضطراب ۽ اهو لفظن جو بيان مونکي پنهنجي والد صاحب ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري کان مليو. هو هاري حقدار تحريڪ ۽ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن هو. ممبئي يونيورسٽيءَ مان ”عالم فاضل“ ۽ قرآن شريف جي تفسير لکڻ جي سَند مليل هئس. بابو سائين پاڻ کي قرآني ڪميونسٽ چوندو هو. بابو سائين ”جو کيڙي سوکائي“ جو رڳو نعرو هڻندڙ نه هو بلڪه آزاد هند فوج مان رٽائرمينٽ کانپوءِ مليل سڀ زمينون اتي ڪم ڪندڙ هارين ۾ ورهائي ان نعري تي عمل پڻ ڪيائين. هو هميشھ هارين ۽ مزدورن جي حالتن کي ڏسي تڙپندو هو. مدرسي مظهر العلوم کڏي ڪراچيءَ مان ڇپجندڙ رسالي الصادق ۽ الا صلاح اخبار سان پڻ واڳيل رهيو. سندس لکڻين ۾ هارين لاءِ سجاڳي ۽ حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو سڏ آهي. منهنجي لکڻ ۾ سندس ڏات ۽ ڏانءَ جي جهلڪ آهي، جنهن تي مون کي فخر آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورتن لاءِ محنت، سجاڳيءَ ۽ جدوجهد جو پيغام آهي. جيڪي گهڻي قدر حقيقتن تي ٻڌل آهن ۽ اڪثر ان وقت جي واقعن ۽ حالتن پٽاندر آهن. مثال طور 2005ع وارو زلزلو، شائسته عالماڻيءَ وارو ڪيس، ڪاري ڪاريءَ جا وڌندڙ واقعا يا وري پيار جي پرڻن متعلق منظر تي آيل واقعن جي گهڻائي وغيره. ڪجهه ڪردار اهڙا آهن، جن سان مان پاڻ مليس. سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ هڪ نفسياتي مريض ڇوڪري 12-13 ورهين جي گونگي ۽ ٻوڙي هئي. ڊاڪٽر واصف ان وقت سول اسپتال ۾ هوندو هو، ان جو علاج ڪري رهيو هئو. ان مونکي ساڻس ملرايو. هن ڇوڪريءَ جي زندگيءَ ۾ اهڙو واقعو ٿيو هئو جنهن جو سوچي فطرت به شرمائي ٿي. پيءُ ۽ ڏاڏيءَ جي رشتن ۾ ايتري وحشت، جو هينئر هيترا سال گذرڻ جي باوجود به جڏهن مان سوچيندي آهيان ته لونءَ ڪانڊارجي ويندي اٿم. اخبارن يا رسالن ۾ اهڙا واقعا/ خبرون پڙهڻ ۽ حقيقت ۾ انهن ڪردارن سان ملڻ انهن جي بيوسي ۽ انهن سان ٿيل بي حسيءَ تي ڪجهه نه ڪري سگهڻ واريءَ بيوسيءَ کي برداشت ڪرڻ لاءِ وڏي دل کپي. مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته مان ان ڇوڪريءَ سان موڪلايان ڪيئن؟؟
انسان جي زندگي هڪ ڏونگر ڏورڻ جي ئي برابر آهي پر عورت لاءِ اڃان به پهاڙن جا وڏا سلسلا آهن. هڪ عورت ڪڏهن پنهنجن حقن لاءِ هماليه ته ڪڏهن ڪوٽن جا قراقرم پار ڪندي زندگيءَ سان جهيڙيندي نبيرا نڇيرا ڪندي جيئڻ لاءِ جتن ڪندي رهي ٿي. سندس هر جتن پويان اها خواهش خلش جي صورت ۾ هوندي آهي ته ڪڏهن خوشي، سڪون، اطمينان ۽ سک ملندو؟؟
هن ڪتاب ۾ منهنجون جيتريون تحريرون شامل آهن ان کان ٻيڻ تي اهي آهن، جيڪي مون کي ياد ته آهن پر مون وٽ موجود نه آهن. اڪثر مون کي انهن جي سانڍي نه سگهڻ جو يا انهن جي ڪاپي نه رکڻ جو افسوس ٿيندو آهي. ان کان علاوه ڪيتريون ئي اهڙيون ٻاراڻيون ڪهاڻيون مان پنهنجن ٻارن کي روز گهڙي ٻڌائيندي آهيان ۽ سوچيندي آهيان ته سڀاڻي لکي رکنديس ۽ Tomorrow never comes جي ڪري اڄ تائين نه لکي سگهي آهيان، جنهن تي منهنجي گهرواري ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي هميشھ تنبيهه ٻڌندي آهيان. خاص طور تي تڏهن جڏهن ضرورت پوڻ تي گهربل تحرير نه ملي سگهي. ان ڪري ئي ڪمال چيو ته پنهنجين تخليقن کي وڃائين ڇو ٿي؟ جيڪي هٿ ۾ آهن انهن کي ڇپرائي هٿيڪو ڪر. پهريان سمجهيم ته شايد رگهلائيءَ جو ليبل ٿو هڻي پر ائين نه هو. اها هن ڀلي مانس جي سهڻي صلاح هئي جنهن تي عمل به هن پاڻ ئي ڪيو ۽ حقيقت ۾ هن ڪتاب جي سهيڙ، ايڊيٽنگ ۽ ڇپرائڻ تائين جا سڀ ڪم ڪمال Priority سمجهي ڪيا آهن.
جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن.
سمورين ڪهاڻين تي اسان ڪيترائي ڀيرا بحث ڪيو. بحث جي نتيجي ۾ انهن جا موضوع به تبديل ٿيا ۽ نيون ڪهاڻيون به لکيم، جن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
سُرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ 1997ع کان خاص ڪري سنڌ جي شهر ڪراچيءَ جي ٻهراڙين ۽ ضلعن خيرپور ۽ عمر ڪوٽ ۾ ڪم ڪندي پئي اچي. هيءَ هڪ اهڙي سماجي تنظيم آهي، جنهن جا عهديدار ۽ ڪارڪن گهڻي ڀاڱي پنهنجي هڙان توڙي وڙان خرچ ڪري مسلسل خدمت ڪندا پيا اچن. ان سٿ ۾ مان به شامل آهيان.
هن ڪتاب ڇپرائڻ جو وڏو سبب اهو آهي ته هي ڪهاڻيون گهڻي ڀاڱي عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن بابت آهن. ٻارڙن ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙڻ هن تنظيم جي بنيادي مقصدن ۾شامل آهي.
اميد ته هيءُ ڪتاب عورتن جي حقن جي جدوجهد ۾ هڪ ننڍڙي چڻنگ ضرور ثابت ٿيندو. مان مهراڻ ميديا سروس ۽ پيڪاڪ پرنٽرس جي به ٿورائتي آهيان، جنهن هن ڪتاب کي سهڻي نموني ڇاپي اوهان تائين پهچايو.
عابده گهانگهرو
ڪراچي 12-04-2014-
• ذهين شاگردياڻي
عابده گهانگهرو سان منهنجي پهرين ملاقات ڪراچيءَ جي ريڊيو اسٽيشن تي ٿي، جتي هيءَ ڪنهن پروگرام جي ڪمپئرنگ لاءِ آيل هئي. پروگرام جو پروڊيوسر نصير احمد سومرو (منهنجو گهر وارو) هيو، جنهن عابده جي لکيل اسڪرپٽ کي Ok ڪندي سندس لاءِ سٺيءَ راءِ جو اظهار ڪيو.
ساڻس ٻي ملاقات مسز ڪمال ڄامڙي جي حيثيت سان ٿي.هوءَ اسان جي گهر آيل هئي. ڳالهين ڪندي هن جي ذهانت جو اندازو لڳائڻ ۾ دير نه لڳي. پُڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته نه فقط ايم. اي اڪنامڪس پر سندس سنڌي ادب ۾ پڻ ماسٽرز ڪيل آهي ۽ اڳتي ايم. فل/ پي ايڇ. ڊي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
پوءِ ٽئين ملاقات ائين ٿي جو، وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۾ ايم.فل/ پي ايڇ- ڊي جي شاگردياڻيءَ جي حيثيت سان اچي منهنجي ڪلاس ۾ ويٺي. چمڪندڙ اکين ۽ ذهين چهري واري عابده جلد ئي هڪ سٺيءَ شاگردياڻيءَ جي روپ ۾ منهنجي اڳيان آئي.
عابده نه فقط هڪ سٺي شاگردياڻي آهي پر هوءَ هڪ سٺي ڪهاڻيڪار به آهي. پنهنجين ڪهاڻين جي ذريعي زندگيءَ جي حقيقتن، سماج جي مسئلن ۽ عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين کي نهايت سهڻي نموني واضح ڪري ٿي.
عابده جي ٻاراڻي وهيءَ کان وٺي هن وقت تائين ادبي دنيا سان وابستگي هلندي آئي آهي. پڙهيل لکيل ماحول ۾ شعور سنڀالڻ کان پوءِ گهر ۾ موجود ڪتابن جو جهجهو مطالعو ڪندي رهي. پڙهڻ جي عادت ايتري پختي ٿي ويس جو گهر ۾ ايندڙ سودي سامان جي پُڙين کي به کولي پڙهڻ لڳي.
کيس پڙهڻ جي شوق، لکڻ ڏانهن راغب ڪيو ۽ ٻنهي شوقن گڏجي ريڊيو جي ڪمپئرنگ ۽ عوامي آواز جي صفحي سورميءَ جي سنڀالڻ تائين پهچائي ڇڏيو. جتي لکڻ ۽ پڙهڻ سان گڏوگڏ ڳالهائڻ جو شوق پورو ٿيندو رهيس.
احساس جي اظهار کي ذريعو گهرجي، جيڪو عابده کي حاصل ٿيندو رهيو. هن اخبار ”عوامي آواز“ ۾ عورتن جي صفحي ”سورمي“ جي سنڀال به ڪئي ته عورتن جي مختلف مسئلن تي پنهنجن خيالن جو اظهار به ڪيو. عابده تمام گهڻيءَ محنت سان لاڳيتو ٻارنهن سال، ”سورمي“ کي سنڀاليو. هن جي محنت ۽ ڪوششن سان عورتن جي حقن جي حمايت ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو. هن پاڻ به ان طويل عرصي ۾ مختلف موضوعن تي ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا، جيڪي پڻ سماجي حقيقتن سان ملندڙ جلندڙ هئا.
عابده جون مختلف وقتن۾ ڇپيل ڪهاڻيون، اڄ مجموعي جي صورت ۾ اوهان جي هٿن ۾ آهن. انهن ڪهاڻين کي پڙهڻ سان ائين پيو لڳي ته عورت هر دؤر ۾ مسئلن جو شڪار رهي آهي. جهڙا مسئلا هن لاءِ ڪالهه هئا ساڳيائي اڄ به آهن. اڄ به عابده انهن ڪهاڻين جي ذريعي مسئلن کي اسان جي آڏو رکي ٿي ۽ سوال ڪري ٿي ته آخر اهي سماجي ناانصافيون ڪڏهن ختم ٿينديون؟
هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون مون غور سان پڙهيون آهن.”اَلا ڏاهي مَ ٿيان“، ”تخليق جو انت“، ”ماءُ جي محبت جو شڪار هڪ ناري“، ”غيرتي ڀاءُ“، ”مڙس جوکيسو“ ۽ ”ليکڪا“ وغيره اهي سڀ ڪهاڻيون پنهنجي پنهنجي موضوع جي حوالي سان هڪ نئين روپ ۾ آهن. انهن ڪهاڻين جو هر مسئلو اسان جي سماج جو مسئلو آهي. هر ڪردار اسان جي اڳيان پٺيان جيئرو جاڳندو پيو گهمي. مثلاً ”الا ڏاهي مَ ٿيان“ جي صفيه کي گهر جو سُڪون حاصل ڪرڻ لاءِ وري وري بي اعتباريءَ جي ’پل صراط‘ تان گذرڻو پوي ٿو ۽ پوءِ به سماجي دوکي بازيءَ تي قربان ٿي وڃي ٿي.
اسان جي سماج ۾ نياڻيءَ کي جنم ڏيڻ لاءِ هميشه عورت کي قصور وار بڻايو ۽ سمجهيو ويندو رهيو آهي. جهالت واري دؤر کان وٺي اڄ جي ايڪهين صديءَ جي روشن ماحول ۾ به ساڳيو ئي دستور هلندو پيو اچي. ”تخليق جو انت“ ۾ عابده ان ئي مسئلي کي موضوع بڻائيندي عورت جي مجبوريءَ کي زندگيءَ جي ڪينواس تي جيئري جاڳندي انداز ۾ سوال ڪيو آهي ته ڇا واقعي نياڻيءَ کي جنم ڏيڻ ايڏو وڏو ڏوهه آهي؟
دنيا جي وڏن وڏن اديبن ۽ شاعرن ”عورت“ جي ساراهه ڪندي مختلف خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ڪڏهن هن کي سونهن جي ديوي چيو ويو ته ڪڏهن وفا جو مجسمو، ڪڏهن دوکي باز چيو ويو ته ڪڏهن دغا باز به ڪوٺيو ويو، ڪڏهن نوريءَ جي نياز کي ساراهيو ويو ته ڪڏهن مومل جي ناز کي پر اڪثر ڪري عورت جي مٿان جيڪا وڏي تهمت لڳايل آهي، سا آهي دولت جي چاهت. ان حوالي سان هن جي مٿان مڙس جي کيسي تي نظر رکڻ جو ڏوهه به رکيل آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح ئي عابده جي ڪهاڻيءَ جو موضوع به آهي”مڙس جوکيسو“.
وڌيڪ ڪنهن راءِ قائم ڪرڻ کان اڳ ۾ ڏسو ته هن ڪهاڻيءَ ۾ عورت ويچاريءَ مڙس جي کيسي تي ڪهڙي نظر رکي آهي ؛ ”مان مڙس جي کيسي ڪتر ڪڏهن به نه ڪئي آهي. کيسي ۾ ڪجهه رکانس ته ڪترڻ جو به سوچيان نه؟ ويچارو سڄي ڪمائي آڻي مون کي ڏئي. خرچ به پاڻ هلايان، سو سموري ”ڪٽنگ فٽنگ “ اُتان ڪيان ڇا؟ هميشه سياڻي حڪومت وانگر بجيٽ خساري جي پيش ڪندي آهيان... ڀائوءَ جو کيسو به ته ڀرڻو آهي، نه ته مڙس چوندو تنهنجو ڀاءُ ڀينگيو آ... جڏهن اديءَ وارن جي فرج سڙي وئي هئي ته اسان واري فرج کڻائي ويا هئا. مون چيو ڪا ڳالهه ڪانهي! جهڙو اهو گهر تهڙو هيءُ ... مٿان بک به تپايو هئو هاڻي ڀينرون به گڏ هيون سو جهڙو تهڙو کائڻ به خراب پئي لڳو، سو ٽيڪسي ڪري وياسين باربي ڪيو . ايڏو مزو آيو... هر مهيني وڌيڪ نه ته هڪ ٻه دفعا ئي ضرور سموريءَ فيمليءَ کي ڊنر اتي ڪرائيندم. دل ۾ سوچيم ته بس هڪ ٻه دفعا ئي ڪافي آهي. آخر مڙس جي کيسي جو به ته خيال رکڻو آهي نه...“
مٿئين ڪهاڻين وانگر عابده جون ٻيون ڪهاڻيون به پنهنجي اندر هڪ پيغام رکن ٿيون. هنن ۾ مقصديت به آهي ته مزاح به آهي. سنجيدگي به آهي ته طنز به آهي . مطلب ته پنهنجيءَ سوچ کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي هڪ ڪامياب ڪوشش اٿس.