شھيد عوام محمد فاضل راھُوءَ جي نانءُ
جو منشي ۽ فاضل وچ ۾ الستي ۽ اويڙو عشق رھيو آھي
آزاد سومرو
سنڌ سلامت پاران :
سنڌ سلامت پاران :
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڇپر، ڇمر، ڇانورو“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب سنڌ جي قومپرست شاعر ابراهيم منشي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ھن شاعريءَ جو سھيڙيندڙ غلام محمد آزاد سومرو آھي.
ابراھيم منشي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم سان ھيڏي ساري محبت ۽ اٿاھ عشق، ھيڏي ساري قربانين، سالن جا سال جيل ۾ رھڻ ۽ ڪيتري ساري قومي شاعري ڪرڻ جي باوجود ڪٿي به ڪڏھن به اھا دعوى نه ڪئي اٿس ته آئون وڏو شاعر آھيان پر اھڙو اظھار ڪڏھن اشاري ۾ نه ڪيو اٿس. ھن جو مقصد ھو ته ٿوري به شاعري ڪجي پر سٺي ۽ سچي شاعري ڪجي جنھن ۾ مصلحت پسندي جو ڪو جُز به نه ھجي.
ھي ڪتاب 2014ع ۾ موسيٰ پبليڪيشن، ڄامشورو پاران ڇپايو ويو آھي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر سٿ پاران ڪتاب کي نئين سر ڪمپوز ڪري آنلائين اپلوڊ ڪري رهيا آهيون. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
پبلشر پاران
پبلشر پاران
رب پاڪ جي ڪروڙين ڪرم جنھن مون جھڙي ھڪ غريب ۽ ناتوان بندي جي ھٿان ڇپائي جھڙو مشڪل ۽ ڪٺن ڪم ڪرائي رھيو آھي. اسان پنھنجي محدود ذريعن اندر ابراھيم منشي جي انقلابي شاعري جو مجموعو ”ڇپر، ڇمر، ڇانورو“ نالي ارڙھون نمبر ڪتاب ”موسي پبليڪشن“ ڄامشورو طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو آھي.
اسان جي سدا بھار ۽ سٻاجھڙي سنڌ جي ھن جديد دؤر ۾ ٻيا به ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آھن، جن جي شاعري اعلي درجي جي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر اھڙن شاعرن ۾ ابراھيم منشي جي شاعري پنھنجو مٽ پاڻ آھي. سندن شاعري ۾ مزاحمتي ۽ انقلابي پھلو نمايان نظر اچن ٿا، ائين کڻي چئجي ته ھي ھڪ البيلو شاعر ٿي گذريو آھي، ھھڙي ڀلوڙ ۽ انقلابي شاعر جي شاعري ڇپائڻ ۾ اسان جو ادارو بي حد خوشي محسوس ڪري رھيو آھي.
آخر ۾ مان انھن مھربان دوستن جو ذڪر ڪرڻ نھايت ضروري سمجھان ٿو جن صاحبن ھر موڙ تي منھنجي کُلي دل سان اخلاقي مدد ۽ رھنمائي ڪندا رھيا آھن. انھن دوستن جو مان ھميشه گڻ ڳائيندو رھندس. اُھي دوست ھي آھن: محترم شفيق جسڪاڻي صاحب، محترم الھنواز نوحاڻي صاحب، مرحوم لھڻو خان سارنگ جمالي صاحب ۽ محمد گاڏھي، اميد ٿو ڪريان ته اھي مھربان دوست آئينده به پنھنجي رھنمائي ۽ تعاون جو سلسلو دائم ۽ قائم رکيون ايندا
توھان جو پنھنجو دوست
حبدار علي گاڏھي، ڄامشورو
تاريخ 01.07.2014
ڪمپوزر پاران
ڪمپوزر پاران
”انسان غلطين جو گھر آھي، ويسر سندس فطرت ۾ شامل آھي. اُن ڪري انسان جي لکت غلطين کان پاڪ ۽ صاف نه ٿيندي. وس آھر ڪوشش ڪبي آھي ته بھتر کان بھتر ڪيو وڃي. ڪٿ ڪا به غلطي ھجي ته نشاندھي ڪجو.
سنڌ سڄي ھيرن جي کاڻ آھي. سنڌ سونھري سمنڊ آھي، جنھن ۾ سوين ساگر جا سائو بي بھا اَمُلھه ماڻڪ ميڙڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رھيا آھن ۽ اھڙن پاڻ پتوڙيندڙ پارکو ۽ پارس ماڻھن کي ميڙي سھيڙي سونھري سڳي ۾ سموئڻ لاءِ پيار سان پوئي ھڪ بي ملھائتي مالھا ٺاھڻ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھه نه آھي. پر پوءِ به ھن ڪَٺن ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ ڪي کاھوڙي انسان جيءَ جاڳرتا جي جوت سان ھن جڳ کي جڳمڳائڻ لاءِ پنھنجي وس آھر جتن ڪري جاکوڙيو ضرور آھي. اھي لکين جس لھڻن.
توھان سنڌ جي ڪنھن به خطي واھڻ يا وستيءَ ۾ ويندا ۽ پڇندا ته ھتي ڪو شاعر يا ڪو سُگھڙ ماڻھو آھي ته يقينن ملي توھان کي ڪونه ڪو اتي سُگھڙ يا سالڪ ماڻھو ضرور ملي ويندو. واضع ٿيو ته ھن سنڌ ڌرتيءَ سوين نه بلڪه ھزارين شاعر اديب سمجھو ۽ سالڪ ماڻھو پيدا ڪيا آھن.
پوءِ ادب جي افق تي ھر ستاري جي پنھنجي پنھنجي چمڪ ۽ ڌمڪ آھي. جيئن ھر گل جي پنھنجي پنھنجي خوشبوءِ ھوندي آھي ھر ڏيئي جي روشني پنھنجي پنھنجي نموني ۾ نماءُ ڏيندي آھي.
اھڙي طرح ھر شاعر جي شاعري ۾ شعور جو شعاع جيترو ۽ جھڙو ھوندو اوترو ئي سندس شاعري جو پڙاڏو پري تائين واسو ڪندو ۽ اوتري ئي ماڻھن جي من موھڻ جي منجھنس جادوگري سمايل ھوندي.
شاعري جو سلسلو صدين کان اچي پيو قاضي قاضن، لطف الله شاھ قادري رحه، شاھ عبدالڪريم رحه بلڙي وارو وغيره پر شاھ عبدالطيف رحه تاريخ جو سونھري باب ته ڇا پر خود تاريخ بنجي ويو.
اھڙي طرح ھر شاعر جو پنھنجو پنھنجو گس آھي، ڪي شاعر فقط عشقيه شاعري تائين پاڻ کي محدود رکيائون سي تاريخ جي دز ۾ دفن ٿي ويا. ڪي شاعر صرف حمديه ۽ نعتيه شاعري ڪندا رھيا. ڪي شاعر گڏيل شاعري ڪيائون . ڪي صوفياڻي رنگ ۾ عارفاڻي شاعري ڪري ڪُل انسانذات کي انسانيت جو درس ڏنائون ۽ ڪي شاعر پنھنجي ڌرتيءَ تي رھندڙ جھانگيئڙن، وانگيئڙن، سانگيئڙن کي سڏڻ، اُٿڻ، جاڳائڻ لاءِ جتن ڪندا رھيا. جنھن جي شاعري ۾ ابديت آھي ۽ حقيقت به، ۽ اھڙي شاعري ڪرڻ جي ڪري انھن کي سامھون ايندڙ حالاتن سان مھاڏو اٽڪائڻ ڪنھن جھاد کان گھٽ نه ھوندو آھي. اھڙا شاعر امر ٿين ٿا. پر وري اھڙن انوکن امتحانن مان گذرندي اُڪري پار پوڻ لاءِ پڇاڙي تائين ثابت قدم رھڻ تمام ڪَٺن ڪم آھي. اھڙا شاعر امر ٿين ٿا ۽ اھڙا امر انسان صدين م مس سِرجندا آھن، منشي محمد ابراھيم جو نالو اھڙن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪو ھڪ طرف غربت جي چَڪي ۾ پيسجندي پنھنجي حق ۽ سچ جي آواز کي بلند ڪرڻ لاءِ ھر اڳيان ايندڙ آمريت جي عذابن جو نه رڳو منھن ٽوڙ مقابلو ڪيو پر ٻئي پاسي جتي عام وڪري جي واڪ واري وھڪري ۾ جتي وڏا وڏا وِير به وڪجي ويا. اتي ھن پاڻ کي ثابت قدم رکڻ ۽ ھر آڇ کي ٺڪرائي زندگي جا انمول ڏينھن سالن جا سال قيد ڪڙولا قبول ڪندو رھيو.
ھيڏي وِڪري جو نه وڪاڻو، تنھن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو،
جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو، ھر ڪو پنھنجي اگھه وڪاڻو.
جڏھن ته ڏات جي ڏيھه ۾ ڪيترا ڏوريندڙ ۽ ووڙيندڙ انمول انسان نظر ۾ اچن ٿا سڀئي پنھنجي سوچ ۽ ساڃھه آھر پنھنجي جوت جا جوھر جرڪائيندا رھيا آھن، پر مشڪل سان اھڙو ماڻھو ملندو جنھن کي ھڪڙي ئي وقت ڪيترائي اعزاز حاصل ھجن. سو ابراھيم منشي ھڪ اھڙو موتيءَ داڻو ماڻھو آھي، جنھن کي الله پاڪ جي ڏنل ڏات ۾ کوڙ ساريون خوبيون مليل ھيون. جھڙوڪ صورت ۾ سھڻو ۽ سندر، من جو مُھڻو ۽ مندر، سيرت جو سادو سٻاجھڙو ۽ ساڃھه وند، اعلي ۽ آدرشي اخلاق رکندڙ کلمک ڪچھري جو ڪوڏيو، ھڪ جيڏن سان ھڪ جھڙو، ٻڍڙن ۽ ٻارن سان ٻاجھارن ٻولن سان پيش ايندڙ دل وٺڻ جي انداز ۾، سون ساريکا روپ رکندڙ، جنھن سان چند گھڙيون گڏ گھاريائين سو وري ساري حياتي ملڻ لاءِ ماندو ۽ اندر جو آتو. يارن جو يار، دشمنن لئه تلوار، مُور نه من جو ميرو، بيباڪ بھادر، ٻاٻرن ٽانڊن جھڙي شاعري ڪندڙ، من موھيندڙ مڌر آواز، انھن سڀني خوبين سان گڏ الله پاڪ ھن ۾ ھي به ھڪ خاص خوبي رکي ھئي جو سچ سڀ ڪنھن کي چوڻ ھن جي ڏات ۽ ڏاھپ جو نانءُ ھئي.
ڀلي ڪيسن ۾ اٽڪايو، ڀلي ڦاسين تي ڦٿڪايو،
ڀلي لوھن ۾ لٽڪايو، ڀلي ٽانڊن تي ٽھڪايو،
ڀلي سُورين تي سَھڪايو، ڀلي ميدان ۾ مارايو،
اسان سوريءَ تي سنڌو ديس جا نارا پيا ھڻنداسون.
اسان ھر دؤر جي حاڪم کي حق جي ڳالھه چونداسون
اسان وانگين جي ھر ويري وڏيري ساڻ وڙھنداسون
مير ھجي يا پير ھجي يا ڪو وڏو وزير وِير ھجي پر سچ سڀ ڪنھن کي سڻائي ڇڏيندو، محنت ۽ ھمت به ھن کي ڏات ۾ مليل ھئي . جڏھن ھمت جي ڳالھه نڪتي آھي ته ھن جي ماضي ڏانھن ھلون ٿا، جڏھن يارنھن سال عمر ۾ يتيم ٻار بنجي ويو، سڄي گھر جو بار ھن جي سِر تي اچي ويو تڏھن به ھن ھمت نه ھاري، ٻنون مياڻ کان پلا کڻڻ لاءِ ھن کي آڌي رات جو اڪيلي سر اُٿي وڃڻو پوندو ھو. اتان پلا کڻي اچي گھر ڇڏي وري ڳوٺن ۾ واپار لاءِ نڪري وڃڻ، وري ٻِي رات اسر ويل اٿي ڪپور تان ڳڙ کڻي وري به ڳوٺن ۾ کپائڻ، وري ٻنيءَ ۾ سڄو ڏينھن ڪم ڪرڻ، رات جو ڳُنڌڻ نه ھئڻ ڪري اڌ ڍؤ ڪري سمھي پوڻ، بک ۾ ننڊ جو نه اچڻ، بک برداشت ڪري شاعري ڪرڻ ۽ ٻيا به انيڪ ڌنڌا ڪرڻ ۾ ھن ھمت ڪڏھن به ھٿان نه ھاري.
انھيءَ الڙ عمر ۾ عشق جو تير ھن جو سينو سَٽي پار ٿي ويو. جڏھن ته عشق جي آنچ کان ڪو به بشر بچي نٿو سگھي، پر وري شاعر ( حساس دل) جڏھن ته ھر شاعر جي شروعات مجازي عشق جي رنگ سان ٿئي ٿي. اھڙي طرح ھن جي شروعات به عشقيه شاعري سان ٿي. جيڪا ھن ڪتاب ۾ ڏني ويئي آھي، جنھن جي ھر شعر تي اھا تاريخ، مھينو، سال ۽ جڳھه ڏني ويئي آھي ته جيئن پڙھندڙن کي اھا سُڌ رھي ته ھي اوائلي شاعري آھي جنھن کي قوم پرستي واري دؤر سان نه ڀيٽين.
پڙھندڙن کي ٻيو عرض ھي آھي ته منشي جنھن جنم ڀومي جنھاڻ سومرو ۾ جنم ورتو ۽ جنھن ماحول ۾ سرجيو نپنيو وڏو ٿيو جنھاڻ سومرو ۾ اتي اڄ به وڏا ديني مدرسا آھن. جتي دين ۽ اسلام جو ۽ مذھب جو وڏو ڳڙھ آھي ۽ ھن جي ذھن جي اوسر به مداح مولود سان ٿيندڙ مذھب جو ڪيئن نه اثر قبول ڪيو ھوندو ان ڪري ھن جي ذھن تي به مذھب جو جنون اثر انداز ٿيل ھو ۽ اھڙي ئي مذھبي شاعري به ھن ڪتاب ۾ شامل رکجي ٿي.
جيئن جيئن ھن ۾ شعور وڌندو ويو تيئن تيئن ھي پاڻ به تبديلي آڻيندو ويو لطيف جي شاعري مان به خوب خزانو پرايو پر گھڻي کان گھڻو پنھنجي ذاتي مشاھدن ۽ مطالع مان سکيو، وري ساڃھه وند سوسائٽي مان پڻ خوب سکيو. 1967ع کان طبقاتي شاعري شروع ڪيائين. 1971ع کان قومي شاعري ڪيائين جنھن ڪري ڪيترا ڀيرا ھن کي جيل ۾ وڃڻو پيو. پر ڪڏھن به ڪنھن آمر جابر حاڪم جي اڳيان نه جھڪيو، نه وڪيو ۽ نه ڪڏھن ھڪ وک به پوئتي ھٽيو ۽ زندگي جي ٻين به ڪيترن انوکن امتحانن مان گذرڻو پيو، پر الله جي مھرباني سان ھي ھر امتحان مان ثابت قدمي سان اُڪري پاس ٿيو. صبر، سوچ، تحمل، ھن جا خاص ثمر ھئا.
جنھن به محفل، جلسه ۽ پروگرام ۾ ھوندو ھو ته سڄي پروگرام جي وايو منڊل تي ھي ڇانيل ھوندو ھو. جتي وڏا پروگرام ، جلسا، محفل مشاعرا ٿيندا ھئا اتي ھر شاعر کي مس ھڪ ڀيرو موقعو ڏنو ويندو ھو اتي منشي کي ڊگھا ڊگھا نظم ٻڌائڻ جي باوجود به ٻه ٻه ڀيرا ٻُڌيو ويندو ھو ۽ سڄي محفل تي حاوي ھوندو ھو. منشي جي زندگي ۽ سياسي اُٿل پٿل تي ڪافي ماڻھن جا مختلف رايا آھن ان تي منشي جي ويجھي رھڻ وارا دوست وڌيڪ ڄاڻندا ھئا ته منشي ڇا ھو ۽ ڪيتري قدر قومپرستي جي رنگ ۾ رنڱيل ھو. مون کي اھو حق ڪونھي جو آءُ ويھي ان بابت وضاحتون ڪريان ڇو ته آءُ ڀاڻج ٿيان. مگر ايترو ضرور چوندس ته منشي سنڌ جو سچو عاشق ھو پروانو ھو جيئن پروانو ڪٿي به شمع کي جلندي ڏسي ٿو ته پروانو اتي اچي پاڻ پڇاڙي پُرزا پرزا ٿئي ٿو. اھڙي طرح منشي پنھنجي قوم کي غلامي جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل ڏسي ڦٿڪي ٿو جلي ٿو، پچي ٿو.
جلان ڏسي جلان، ڌرتيءَ مٿي
ھيڏي آھي ھلان، ته به کاھڙ سڄو کونگھرا . . . !!
ايڏي وڏي قوم کي جڏھن کونگھرا ھڻندي ڏسي ٿو، تڏھن چوي ٿو
جاڳيو سارو جڳ تون سُتين سِري ٻانھن ڏيئي
سگھه ھوندي سنگھارن کي، جڏھن سوگھو ڏسان ٿو
ڪيڏي نه وڏي قوم کي، ايندي گھوگھو ڏسان ٿو
ھوشيار، خبردار ، تڏھن توکي چوان ٿو
بارود تنھنجي بم ڪنا، ڪڏھن ڪين ڊڄان ٿو
کڻي قوم ڪروڙ ھي، مان اچان پيو، اچان پيو
باغي جو کڻي تاج مان، دشمن ڏي وڌان پيو
اھڙي طرح ٻي جڳھه تي چوي ٿو
مون بم ڀريا ڪئين بيتن ۾، تن گوريلن جي گيتن ۾
ھر گيت ھي منھنجو گولي آ، ۽ گولي منھنجي ٻولي آ
مون جنگ جبر سان جوٽي آ، ھر ڳالھه ٻي مون وٽ کوٽي آ
غدار وطن مان ناھيان ناھيان، باغي آھيان، باغي آھيان
پوءِ به جڏھن قوم کي اگھور ننڊ ۾ ستل ڏسي ٿو، تڏھن چوي ٿو
ڪالھه ڪينجھر ڪپ تي، ڳوليم کڻي ڳاٽ
رڳو ڪنگ ڪنڌيءَ تي، پاڻي لس لڙاٽ
ٻي اونداھي ٻاٽ، ھنج نه ڏٺم ھڪڙو . . .!!
۽ جڏھن ھن قوم کي اونداھي جي عالم ۾ ڏسي ٿو ته پوءِ پرواني وانگر جيڏانھن به اميد جي ڪِرن ڏسي ٿو. اوڏانھن ڊوڙي ٿو. جيئن ڪو بيمار ڪنھن موذي مرض ۾ مبتلا ھوندو آھي ۽ جنھن به حڪيم، ڊاڪٽر، ڏاھي ۽ ويڄ جو ڏس پوي ٿو اوڏانھن پنھنجي ڇوٽڪاري جي اميد کڻي وڃي ٿو.اھڙي طرح ھي به پنھنجي جيجل ماءُ سنڌ ڌرتيءَ جو حلالي پٽ سنڌ جو البيلو عاشق جيڏانھن به سنڌي قوم جي دردن جو دارون دوا سمجھي ٿو اميدن جي آڌار تي اوڏانھن وکون وڌائي ٿو. سائين جي ايم سيد، فاضل راھو، ممتاز ڀٽو وغيره ۽ جڏھن به جنھن مان ڇوٽڪاري جي اميد نٿي ڏسڻ ۾ اچي اتان واپس ٿئي ٿو ، جھڙو ممتاز ڀٽي مان نااميد ٿي موٽيو.
ھڪڙي ھي ڳالھه به وضاحت جوڳي آھي ته ڪافي دوستن جو رايو آھي ته منشي آخر ۾ متحده وارن سان ھو، ان لاءِ عرض آھي ته اڳ ۾ ذڪر ڪري چڪو آھيان ته منشي کي جيڏانھن به اميد جي ڪِرن ڏسڻ ۾ آئي آھي اوڏانھن ويو آھي. اھڙي طرح منشي جي اھا سوچ ھئي ته مھاجرن جو رھڻ ڪھڻ سنڌ ڌرتي سان آھي ته جيڪڏھن سنڌي ۽ مھاجر گڏجي دشمن سان وڙھون ته آزادي وٺي سگھجي ٿي. فقط اھا راءِ رکندڙ ھو ڪڏھن به مھاجرن جو ميمبر نه ٿيو، منھنجي روبرو جي حقيقت آھي ته منشي ديوان مشتاق ۾ داخل ھو. آءُ ساڻس گڏ رھندو ھوس. صبح سوير متحده جا چار ھمراھ آيا، جنھن ۾ ڊاڪٽر اقبال ايم پي اي ، ايم اين اي وغيره ھئا ھنن چيو ته اسان کي الطاف ڀائي فون تي چيو آھي ته ابراھيم منشي کي علاج لاءِ لنڊن اماڻيو سڀ خرچ اسان ڀريون ٿا ته منشي جنھن مھل جواب ۾ ھنن کي ٻوليون ٻُڌائڻ لڳو ته ھنن جي ھٿن ۾ پيئڻ لاءِ جھليل جوس به ڏڪڻ لڳا. چيائين ته اوھان مھاجرن جي اسان سنڌين لاءِ ڪڏھن به نيت صاف نه ٿي آھي ۽ نه ٿيندي. مون گھڻو ڪجھه چاھيو ته سنڌي مھاجر ھڪ ٿي دشمن سان وڙھون پر اوھان سنڌ جا نمڪ حلال اولاد نه ٿي سگھيا آھيو ۽ نه ئي ٿيندا. بھرحال ھنن جي آڇ کي ھن اھڙي طرح ٺڪرايو جو ھو وري اچڻ لاءِ ھمت ساري نه سگھيا ۽ بروقت مون نذير ميمڻ کي گھرائي ورتو. نذير ميمڻ سراج کي گھرائي عبرت اخبار ۾ خبر ھلائي ويئي ته جيئن سڄي قوم کي اھو شڪ وھم لھي وڃي ته ڪو منشي متحده وارن سان شامل آھي.
بس منشي جي اھا مشن ھئي ته ڪٿان به ڪنھن جي به ھٿان آزادي ملي ۽ اھو موقف سائي جي ايم سيد جو به ھو. باقي ذاتي واسطا سڀ ڪنھن جا پنھنجا پنھنجا آھن، بھرحال منشي سائين جي ايم سيد سان متفق ھو ۽ شھيد فاضل راھو سان منشي جو ۽ منشي جو فاضل سان اھڙو الستي ۽ اويڙو عشق ھو. جنھن کي ڪابه طاقت ڪٽ نه ڪري سگھي . جنھن لاءِ منشي جي شاعري شاھد آھي. جيڪا ھن ڪتاب ۾ پڻ شامل ڪئي ويئي آھي ۽ ڪتاب جي ارپنا به فاضل جي نانءُ آھي. مطلب ته منشي سنڌ جو سچو سپوت پٽ ۽ سورھ سرواڻ ھو. ھر وقت، ھر گھڙي ھر واھڻ، ھر وستي، ريلي ۾ھجي يا جيل ۾، بسن ۾ ھجي يا گسن ۾، سنڌ واسين کي سجاڳيءَ جا سينھا، انقلاب آڻڻ، آزادي ماڻڻ جا پيغام ڏيندو رھيو. مثال طور 1980ع ۾ حاجي عبدالخالق جي پٽن جي شادي ھئي جنھن ۾ چيف منسٽر غوث علي شاھ ۽ پوري سنڌ ڪابينا جا وزير، صلاحڪار، مير ، پير، ننڍيرا، وڏيرا ۽ ٻيا به ھزارين ماڻھو شامل ھئا منشي کي چيو ويو ته شادي جي موقعي تي ڪو شعر ٺاھي ٻڌاءِ پر انقلابي نه ھجي.
ھن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو عشق سمايل ھجي سو پنھنجي جيجل ماءُ سان دوکو ڪرڻ، منافقي ڪرڻ ھن جي مذھب ۾ نه ھو. سو اتي بروقت شعر ٺاھي ٿو، جنھن جي مٿان ٿل ۾ آيلن کي ڀليڪار جو رنگ ڏي ٿو، بعد ۾ ھر مصرع ۾ مڪمل طرح سڄي سنڌي قوم کي انقلاب جو سڏ ڏي ٿو.
مبارڪ مِڙن کي ڀري پير آيا
اوھان جي اچڻ سان ٿيا لايا سجايا
مَھڪ آ مينديءَ ۾، گھري رت راڻي
ڏيندا سر سينگاري، ڪي اڄ ڪي سڀاڻي
نه رھندي پُٽن تي، ڪا ڀونءَ جي بقايا . . !!
اھڙي طرح 9 مارچ 1989ع ۾ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تي ڪُل سنڌي ۽ اردو مشاعرو ٿئي ٿو، سڀئي شاعر حضرات گڏجن ٿا. مخدوم طالب المولى جي صدارت ھئي. ھيترن سارن شاعرن مان فقط ابراھيم منشي کي عرض ڪجي ٿو ته مھرباني ڪري انقلابي شعر نه چئجان؟. . . !! پر ھن جي اندر ۾ جيڪا ولوڙ ھئي جيڪا پيڙاھ ھئي حب الوطني جي سا لڪائڻ ھن جي وس جي ڳالھه نه ھئي. ھن جو ضمير اتي به ملامت ٿو ڪري ته منشي متان جيجل ماءُ جو کير لڄائين. اتي ھي ظاھري عشق جو رنگ ڏيئي شعر لکي ٿو.
کيٽ کستوري ٿيا، کوڙ کنھبا کِڙيا
منشي مومل پَسي، مينڌار ڪئين مِڙيا
تو بنا اي پرين، ھر پَري اوپري
۽ جڏھن ٽي وي تي گھرايو وڃي ٿو ته اُتي به قوميت جو پيغام ڏي ٿو ۽ جيڪڏھن جيل ۾ آھي ۽ محبوب جي ياد اچيس ٿي ته به جيڪو شعر لکي ٿو ان ۾ به ڪيترو انقلاب رکيل آھي اوھين پاڻ پرکي سگھو ٿا.
جيسين تندون ساھ جون، آھن ساھ سان سھمت
رَتي روڪي نه سگھندي، تيسين ڪا طاقت
مٽيءَ جي محبت، منشي ماٺي نه ٿئي . . . !!
ھن پنھنجي قوم کي پيغام پھچائڻ لاءِ پارس ڪمپني جي ميوزڪ سينٽر ۾ ڳائڻو بنجي سازن تي به ڪيسٽ ڪڍرائي.
ڳاءِ ڳاءِ ڳائڻا ٿورا ٿڃ جا لاھڻا
۽ ان ڪيسٽ ۾ جنگ جنگ آ جھڙا انقلابي گيت به پنھنجي انداز ۾ ڀريا آھن ڏسو ته ھن پنھنجي قوم لاءِ ڇا ڇا نه جَتن ڪيا آھن ۽ ڪڏھن به پنھنجي قوم مان مايوس نٿو ٿئي . . !!
۽ مير علي احمد سان ڪيترا نه گھرا ذاتي واسطا ھئا، پر جڏھن ھو ٻاھرين ملڪ رھي ٿو ۽ منشي شاعري ۾ خط لکي ٿو پر ڏسو ته ان ۾ ڳالھه ڪھڙي ٿو لکي.
ڪرين پيو عيش انگلينڊ ۾، وطن وارن تي ڇا گذريو
رھي ڀُورن سان وئين ڀُلجي، ھتي ڪارن تي ڇا گذريو
سنڌ ڌرتي جي ۽ سنڌي قوم سان ھيڏي ساري محبت ۽ اٿاھ عشق ھيڏي ساري قربانين سالن جا سال جيل ۾ رھڻ ۽ ڪيتري ساري قومي شاعري ڪرڻ جي باوجود ڪٿي به ڪڏھن به اھا دعوى نه ڪئي اٿس ته آئون وڏو شاعر آھيان پر اھڙو اظھار ڪڏھن اشاري ۾ نه ڪيو اٿس. ھن جو مقصد ھو ته ٿوري به شاعري ڪجي پر سٺي ۽ سچي شاعري ڪجي جنھن ۾ مصلحت پسندي جو ڪو جُز به نه ھجي.
مصلحت کي ھڻ موچڙو، اٽل عزم ڌار
سائي تند تنوار، جنھن سان جڳ جاڳي پوي . . .!!
اھڙي طرح ھر شاعر جي سڃاڻپ سندس شاعري آھي ۽ منشي جي سڃاڻپ ھنن شعرن سان آھي.
تون ڪالھه به ھئين ارغونن سان، ترخانن سان، غدارن سان
مون ڪالھه به سُوري سينگاري ھئي، ھوشو، ھيمونءَ پارن سان
مون پَڪ سڃاتا پنھنجا ھُئا گڏ، ڌارين سان ڪي ڌاري ۾
ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويھي وانگيئڙن جي واڙي ۾
نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙھي
سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي
۽ ڌرتي کي ننگ سمجھڻ وارو شاعر ھميشه زنده آھي امر آھي ۽ امر رھندو.
آخر ۾ آءُ محترم سائين عبدالرشيد جو نھايت شڪر گذار آھيان جنھن پنھنجي سڀني مصروفيتن کي ھڪ پاسي رکي ھن ڪتاب جو مھاڳ لکي ڏنو، خاص ڪري آءُ حبدار علي گاڏھي جو احسانمند آھيان جنھن منشي جو ھي ڪتاب پنھنجي اداري موسى پبليڪشن طرفان ڇپرائي ڏنو.
غلام محمد آزاد سومرو
ڀاڻج ابراھيم منشي
موبائل فون 03073001211
مھاڳ
مھاڳ
قديم سنڌ جي اوائلي شاعر قاضي قادن کان ويندي جديد سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جو ذڪر ڪنداسين ته ان قديم ۽ سنڌ جي سفر ۾ اسان کي اھڙا چند شاعر ملندا جن جي شاعري ۾ زندگي جي ھر رمز ۽ صنف شامل ھوندي انھن ۾ شاعرن جي سرتاج لاکيڻي لطيف جو نالو سڀني کان مٿانھون ۽ معتبر نظر ايندو. جنھن کي نه صرف سنڌ ۽ سنڌين کي ناز ۽ فخر آھي بلڪه لطيف جي شاعري جا ڪيترائي پھلو انھن جي عملي زندگي ۾ شامل نظر ايندا. صوفيت کان ويندي عشق تائين زندگي جي سمورن پھلوئن جي ان ۾ عڪاسي نظر ايندي ان ساڳي جديد سنڌ ۾ ٻيا به کوڙ سارا شاعر آيا جن جي شاعري جن جو فڪر ۽ فلسفو اعلى درجي جو نظر ايندو پر اھڙن شاعرن ۾ ابراھيم منشي جو نالو تمام مٿانھون آھي ھونئن ته منشي جي شاعري جو ھر پھلو پنھنجو مٽ پاڻ آھي پر مشي ابراھيم کي ٻين شاعرن کان جيڪا مٿاھين انفراديت حاصل آھي سان ان جي مزاحمتي شاعري آھي. منشي جي شاعري ۾ جيڪو مزاحمت جو پھلو شامل آھي سو شايد سنڌ جي ٻين شاعرن جي حصي ۾ تمام گھٽ آيو آھي. منشي جي گيتن، واين، عزلن، مرثيه، عشق، صوفيت سميت شاعري جي سمورن پھلوئن ۾ به مزاحمت جو عنصر وڏي واڪي سمايل آھي ۽ ھن جي ھر سٽ سٽ ۾ سوز، محبت ڌرتي ۽ ڌرتي واسين سان عشق جي حد تائين لڳاءُ نظر ايندو ھُو جيل ۾ ھجي يا ريل ۾ ھجي ھو ھر ھنڌ بيباڪي ۽ جرئت جو مظاھرو ڪندي پنھنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي دردن جي ترجماني ڪندي نظر ايندو،
جا جاڳائي جيل، جوت منھنجي جيءَ جي
وانگين ويل سويل سائي رھندي سوجھرو
ڪنھن ڏاھي جو قول آھي ھر شاعر انقلابي نه ھوندو آھي پر ھو انقلابي شاعر ھوندو آھي. پر منشي اھو شاعر آھي جيڪو انقلابي توِڙي مزاحمت ٻنھي جو پيڪر آھي. انقلابي مان مراد اھا به نه آھي ته ڪو ھٿياربند جدوجھد ڪجي يا رياست کان پنھنجا حق وٺڻ لاءِ بمن ۽ بارود جو سھارو وٺجي پر انقلاب علم، عقل ۽ ڏات سان به آڻي سگھجي ٿو. ۽ منشي ابراھيم پنھنجي شاعرانه ڏات وسيلي پنھنجي من جو آواز، پنھنجي ڌرتي توڙي ان جي واسين جي ڏکن، دردن جي ترجماني پنھنجي ڏات ذريعي ڪئي. منشي نه صرف ھڪ اعلى صفت شاعر ھو پر ان سان گڏ قدرت ھن کي اھڙو ته دل لڀائيندڙ ۽ ٻين کي پاڻ ڏانھن متوجھه ڪندڙ سريلو آواز ڏنو ھو جو جڏھن جلسن جلوسن مجلسن توڙي محفلن ۾ پنھنجي گجندڙ آواز سان سُر آلاپيندو ھو ته حاضرين تي وجد طاري ٿي ويندو ھو.
ھي ڳالھه نه ڳاڙھين ساڙھين جي، ھي ڳالھه نه بنگلن ماڙين جي
ھي ڳالھه آ وانگين واڙين جي، ھي ڳالھه نه جلسن تاڙين جي
ھن ڳالھه ۾ ڳُڻ اڻ ڳڻ ڳاڻا مونکي ڄاڻ ڄريو آ مان ڄاڻا
سنڌ سنڌوءَ جا ساڻا ساڻا، مون کي ڄاڻ ڄريو آ مان ڄاڻا
منشي جي شاعري لفظ ، تجنيس، رديف، ڪافيو، فڪر ۽ فلسفي جو اھڙو مجموعو آھي جنھن جي سٽ سٽ ۾ انقلاب، لفظ لفظ ۾ سحر ۽ بند بند ۾ بارود ڀريل آھي . منشي جي شاعري ۾ لفظ رقص ڪن ٿا لفظن جو اھو رقص ٻڌندڙ توڙي پڙھندڙ کي به رقص ڪرڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي.
قمري سان گڏ طوطا تاڙا مور، ڪبوتر ڳيرا ڳاڙھا
ڪُن ڪلاچيءَ تي ڏس ڪيڏي ويڙھ ھلي پئي واڳن سان
قمري جھيڙيو جوٽو آھي ڪارن ڪارن ڪانگن سان
بازن سان شھبازن سان ڏيھه ڏنگيندڙ نانگن سان
اسان منشي جي سمورن شاعري جي مجموعن تي سرسري نظر گھمائينداسين ته وڳھه جا وريام، ڌونئيري ڏينھن ڌاڙا، ڌرتي دين ڌرم، گوندر ويندا گذري، اکر اکر کي اک ۽ پيغام مظلوم توڙي ھاڻوڪي ھن ڪتاب ڇَپر، ڇَمر، ڇانورو جي ھر سٽ، ھر لفظ ۽ بند ۾ منشي جي شاعري جو معيار انتھائي مٿانھون نظر ايندو.
پنج درجا پاس، گڏھ تي سامان وڪرو ڪندڙ ۽ ٺيڪدارن وٽ منشي رھڻ وارو ابراھيم منشي سنڌ جي پي ايڇ ڊي ڪيل شاعرن توڙي اعلى تعليم يافته شاعرن کان سچ پچ ته تمام وڏو شاعر آھي منشي کي عطائي ۽ ڏات ڌڻي شاعر چئجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.
ھن نئين آيل ڪتاب ۾ منشي جي شاعري ۾ مزاحمتي شاعري، عشقيه شاعري، وايون، ڪافيون، حمدون ۽ نعتون ۽ سنڌ جي ناليوارين شخصيتن جھڙوڪ شھيد فاضل راھو، حاجي احمد ملاح، نجم ميمڻ، شھيد فيض محمد ٽالپر تي پڻ شاعري ڪري کين عقيدت جي ڀيٽا پيش ڪئي آھي.
فاضل کي ياد ڪندي منشي چوي ٿو:
منشي، مولوي حاجي احمد ملاح کي شاعرن جو شھنشاھ سڏيندي کيس ھنن لفظن سان ڀيٽا ڏي ٿو:
شاعرن جو شھنشاھ آھي مولوي احمد ملاح
شاھ کان پوءِ سنڌ کي مليو مسيحا واه واه
جڏھن گيت تنھنجا ڳائجن، شاعر پيا شرمائجن
ڳوليم وڃي عرب و عجم، تجنيس ٿي توتي ختم
سِٽ سِٽ آ سوغات ڄڻ، بر ۾ بڻيل باغات ڄڻ
مالھائون موتين جون چوان، يا جوتيون جوتن چوان
ڪافيه رديف ۽ بحر جو، بيشڪ آھين تون بادشاھ
يعني ائين کڻي چئجي ته زندگي جي اردگرد گھمندڙ سمورن ڪردارن کي توڙي ان جي پس منظر کي جنھن انداز سان منشي پنھنجي شاعري ۾ سمويئو آھي سو ھر ڪنھن شاعر جي وس جي ڳالھه ڪونھي.
وائي ھجي يا نظم گيت ھجي يا غزل منشي جي شاعري جو پنھنجو رنگ ۽ ڍنگ نظر ايندو جيئن ھن بند ۾ چوي ٿو ته:
تنھنجي جي محبت ۾ مٺا اڄ داغ دل تي ٿيا نوان
اچ اچڻ جي مھل آھي ٿو وڃي ھي ڪاروان
منشي جي زندگي جا سڀ حصا پنھنجي پنھنجي رنگ، ڍنگ ۽ انگ جي حوالي سان نھايت اھميت جوڳا آھن. زندگي جي پھرين حصي ۾ والد جي وفات کان پوءِ منشي ھڪ عام ڳوٺاڻي وانگر گڏھ تي سامان رکي ان کي ڳوٺن ۾ وڪرو ڪري ٿو. جواني جي جوڀن ۾ عشق جي عذاب ۾ مبتلا ٿيڻ عشقيه شاعري ڪري ٿو. جواني جي ان جوڀن ۾ عشقيه شاعري سان گڏ ھو سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين کي پنھنجي شاعرانه اک قائدانه صلاحيتن سان ڏسي ٿو عوامي ۽ سياسي جلسن ۾ يڪسر تبديل ٿي وڃي ٿو. جڏھن سنڌ ۾ا يوبي آمريت سنڌ جي قومي وسيلن تي ڌارين کي پنھنجي ھٿن ۾ وٺڻ ۽ سنڌ توڙي سنڌ واسين سان ظلم جو آغاز ڪري ٿو ته منشي ۾ ھڪ نئون منشي جنم وٺي ٿو . جيڪو فاضل راھو جھڙن مٿيرن قومي اڳواڻن سان گڏ سنڌ جي حقن جي حصول واري تحريڪ ۾ شانه بشانه شامل ٿي وڃي ٿو. ۽ جھر جھنگ ۽ وستي وستي وڃي قومي جاڳرتا جي مھم ھلائي ماڻھن کي جاڳائي ٿو ۽ جيلن جون صعوبتون سھي وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو. جنھن بعد ھڪ مضبوط ارادن وارو منشي جيل مان نڪري ٿو جيڪو ھاڻي آزادي کان سواءِ ٻي ڪنھن به شيءِ کي وٺڻ لاءِ تيار ڪونه ٿو ھجي.
برابري سراسري اسان گھُرون ٿا ايتري
پڇي کڻي ڪو ڪيتري اسان ٻڌايون ھيتري
آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري
جو سچ انھيءَ تان سڙي، سو سنڌ مان لڏي
نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙھي
سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي
ھي اھو منشي آھي جيڪو ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين ۽ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين جي سنڌ واسين ۽ ان جي وسيلن انھن جي حقن، انھن جي تھذيب ، ثقافت ۽ تاريخي حيثيث جي ڦرلٽ خلاف سراپا احتجاج آھي ھي اھو منشي آھي جيڪو جيل ۾ ھئڻ دوران پٽ جي وفات تي حڪومت کان آزادي جي خيرات گھرڻ کي ڪفر ٿو سمجھي بلڪه سامراجن کي وڏي واڪي للڪاريندي چوي ٿو:
جنگ جنگ جنگ آ، منھنجي توسان جنگ آ،
پليت پير ڪري پري ھي ڌرتي منھنجو ننگ آ
اھي ابراھيم منشي جي سماجي زندگي جا اھي جنم آھن جن جنھاڻ جي ابراھيم کي ابراھيم منشي بڻائي ھن کي سنڌ جي ھر زبان تي آڻي پنھنجي لاءِ عقيدت احترام توڙي سندن دلين ۾ عزت ڀريا مقام ڏياريا.
منشي ابراھيم جي ھن ڪتاب ۾ به منشي جي زندگي جي انھن سمورن لاڙھن، چاڙھن جي خبر پوي ٿي منھنجي خيال ۾ منشي جي پھرين آيل ڪتابن کان وڌيڪ ھن ڪتاب ۾ منشي جي شاعري مان منشي جي پنھنجي ڌرتي، ڌرتي واسين ، قومي اڳواڻن سان عقيدت ۽ محبت جو وڌيڪ پتو پوي ٿو. خاص ڪري منشي جي مذھبي لاڙي جي باري ۾ ھن ڪتاب پڙھن سان معلوم ٿئي ٿو ھن ئي مزاحمت کان مذھب جو وڏو اثر ھو. سرور ڪونين صلي الله عليه وسلم کي ھنن سٽن سان عقيدت جي ڀيٽا ڏي ٿو.
نور نراڙ ۾ ائين چمڪي جيئن چمڪي چنڊ ستارن ۾
واحد پاڻ واکاڻيو آھي سڀني ٽيھن سِيپارن ۾
منشي جي ٻي طرف جڏھن ڌرتي تي ٿيندڙ ڏاڍن جي ظلم کي ڏسي ٿو ته بي ساخته چوي ٿو ته:
جن ھنيا ٿي حق جا ھوڪا، سي ڦِري ڦورُو ٿيا
بس رنڊيءَ جي راڳ تي گانا به افسانه ٿيا
ڏس دنيا جي دور ۾ دانا به ديوانا ٿيا
راز جا ھمراز ٿي، سورن جا سامان ٿيا
ھتي اھو چوڻ بجا ٿيندو ته منشي ڌرتي کان وڌيڪ ٻي ڪنھن به شيءَ سان عشق نه ڪندو ھو. ھن جڏھن به جنھن به اڳواڻ کي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين کي جدوجھد ڪندي ڏٺو ته ان جي صف ۾ شامل ٿي ويو پوءِ اھو فاضل راھو ھجي يا ممتاز ڀٽو يا ھن جو سن جو سيد ھجي. فاضل جي شھادت منشي کي اڪيلو ڪري ڇڏيو جنھن بعد گھڻي وقت جي خاموشي کان پوءِ ھن ممتاز ڀٽو جي ڪنفيڊريشن واري نعري ھيٺان ان گان گڏ ھلڻ لڳو پر ھن جڏھن ڏٺو ته ھتي به سنڌ جي آزادي جي ڳالھه ڪونه ٿي ٿئي ته ھن ان کان به علحدگي اختيار ڪري ڇڏي. اھو ته بلڪل واضع آھي ته منشي جي شخصيت تي شاعري ۾ مولوي حاجي احمد ملاح جو اثر ھو ته سياست ۾ سن واري سائين جو سبق سمايل ھو. ان ڪري ھر ھر ھنڌ ڳالھه وري به سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ڪندو ھو.
ھي منشي آخر مرڻو آ ۽ ويس مٽائي ورڻو آ
سو چئبو جيڪو چوڻو آ، ھڪ پير نه پُٺ تي ڀرڻو آ
تو مٽيءَ کي مَن مان ڏيان اي سنڌ امان اي سنڌ امان
منھنجي ذاتي راءِ ۾ منشي جي شخصيت صرف ھڪ شاعر واري نه ھُئي پر ھو ھڪ وڏو ۽ بيباڪ سياسي اڳواڻ ھئڻ سان گڏ ھڪ وڏو راڳي به ھو جنھن کي لطيف جي ڪلام تي ڪمال جي حد تائين دسترس حاصل ھئي ان ڪري ئي شاھ جي ڪلام کي منشي کان ئي تحت اللفظ ريڪارڊ ڪرايو ويو. منشي جي آواز ۾ اھڙو ته جادو ھو جو ھو جڏھن جلسن ۾ جھونگاريندو ھو ته مولانا عطاءالله شاھ جي بقول سڀني کان وڏي خوبي ان جو سچ ڳالھائڻ ھو. ڪنھن کي به ڪنھن ھنڌ وڏي واڪي سچ چئي ڇڏيندو ھو. جنھن سبب ماڻھو منشي کان متنفر ٿيڻ بجاءِ ان سان بيحد پيار ڪندا ھئا.
منشي جي سڄي شاعري کي سھيڙي گڏ ڪرڻ ۽ ڪتاب ڇپرائڻ تائين سڄي جاکوڙ ۽ جدوجھد جو سَھرو غلام محمد آزاد جي سِر سُونھي ٿو جنھن وڏي محنت ڪري منشي جي سموري شاعري کي گڏ ڪرڻ، سنڀالڻ ۽ عوام جي ھٿن تائين پھچائڻ جو تمام انوکو ڪم سرانجام ڏيندو رھيو آھي . کيس لکين آفرين.
عبدالرشيد سومرو
صحافي جنھاڻ سومرو
باب پھريون بيت
---
ڏکن ڀريا ڏينھن
مون جي ڏکيا ڏينھڙا، قيدن ۾ ڪاٽيا
لڱ ته لوساٽيا، پر آئي منزل اوڏڙي . . . !!
ڏنا جيل ڏڌا، جڏھن منھنجي جيءَ کي
تڏھن مون لڌا، سندا پريان پيچرا . . !!
جيل منھنجي جيءَ تي، ڏنيون جي جاٽون
ثابت سيُون سي ٿيون، وانگين لئه واٽون
لاٽون ئي لاٽون، ايندو نه ويندو اوجھري . !!
سرخابن ۾ سونھن سوائي، مدت کان پوءِ موٽي آئي
نرڳين کنئي سر تي ساھي، ھيڙي پنھنجي ھُوڪ ھلائي
ٽوٻر اڄ ٽڪرائي ويٺو، تارن سان ۽ تانگھن سان
پارھيڙين ڍَٻ، رَڇ ويڙھيا، پکين پنھنجا پر پکيڙيا
ھنجن ھر جاءِ موتي ميڙيا، ڪنگن جا منھن ڪارا ٿيئڙا
قمري باب مان ڪوڪ ٻُڌائي، منشي مڌر آوازن سان
(1990ع)
ڪارو ناڻو
ڪارو ناڻو
ڪيڏو ڪراچي اوڳاڇيو ڏس، ڪاريءَ رات ۾ ڪارو ناڻو
ڏاڍو سستو پيٽ بکايل، سانگيئڙن جو ست وڪاڻو
ھي ناڻو، ناڻو ڪين اٿيئي پر، پورھيتن جو رت اٿيئي
ھي انگ اگھاڙن انسانن تن، سانگيئڙن جو ست اٿيئي
اي سيٺ وڏيرا ڌاڙيلا تو، لوءِ لٽي لعنت اٿيئي
ڀاڳيا جاڳيا ٿڏي ڇڏيندا، ٿرٿل ۾ تو ٿم ۽ ٿاڻو
اڄ به ڪُوڻي گل کان ڪُونئرا، ڪيئي ٻاريا ٻار ٻَرن
اڄ به ھڪڙي حب جي لاءِ، ماروئڙا ڪئين مفت مرن
اڄ به ليکو ناھي لَکن ھت، لنگھڻ ڏينھڙا لنگھيو وڃن
اڄ به اڻ کٽ انسان اھڙا، جن جي گھر ۾ اَنَ نه داڻو
اَجھي، اٽي لئه اڄ به ڪيئي، وانگيئڙا ڏس واھن ۾
اڄ به نانگا نيرانا ڪئين، ٻار ٻانھياريءَ ٻانھن ۾
ڳڀي ڳڀي لئه ڳوٺاڻا ڪئين، اڄ به دربدر دانھن ۾
اڄ به ھاري سنڌ سڄيءَ جو، سورن ۾ ڏس ساڻو ساڻو
اندر تن جا اھڙا جھڙا، ڳاڙھا ٽانڊا ڌوڌ ڌڳن
راتيون جن جون رڙندي گذرن ڏينھان جن کي ڏنگ ھڻن
پِيءَ ويا پيءِ ويا پورھيتن جو، رھزن سارو رت رڳن
گنھگھر گھارين روز گھمي پيو، گھر گھر ۾ تن گھاڻو گھاڻو
شاعرن جو شھنشاھ آھي مولوي احمد ملاح
شاھ کان پوءِ سنڌ کي مليو مسيحا واھ واھ
ھر صنف ھيرن سان جڙيل، ھر بند موتين سان مڙھيل
ھر بيت بلبل باتڙيون، ڄڻ رُت بسنت جون راتڙيون
ھر مصرع، مصريءَ جون ڳڙھيون، جنھن ڀي پڙھيون جيءَ سان جڙيون
ھجي بيت يا توڙي غزل ، ڄڻ ڀرت سان چولا چٽيل
پاتا ملاح تون مُردن اندر، لفظن جي جادو ساڻ ساھ
جڏھن گيت تنھنجا ڳائجن، شاعر پيا شرمائجن
ڳوليم وڃي عرب و عجم، تجنيس ٿي توتي ختم
سِٽ سِٽ آ سوغات ڄڻ، بَر ۾ بڻيل باغات ڄڻ
مالھائون موتين جون چوان، يا جوتيون جوتن چوان
ڪافيه رديف ۽ بحر جو، بيشڪ آھين تون بادشاھ
تو قوم تي احسان ڪيو، قرآن کي آسان ڪيو
پنھنجي ٿا ٻولي ۾ پڙھن، دم دم دعائون ٿا ڏين
منظوم جو رکيو تو نظام، دنيا سڄي ۾ تنھنجو نام
پيو تا قيامت ڳائبو، ور ور ڏيئي ورجائبو
تو ساڻ حامي ھر گھڙي، آھي الله آھي الله
جُھميل ساڻ جُھوڙن جنھن جون ٽاريون
پکين جون پڪارون جنھن تي پياريون
جنھن جي ڇانؤ ڪچھريون قرب واريون
ڪري ياد، دل ٿئي ڦٽي ڦاريون
اجل جي ھٿان پاڙان پٽجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
اچي جُنگ جواني ھئا ڪڍيا انگور
سونھن سَت رنگا گل ٻيو لامن ۾ ٻُور
ويھڻ سان وڻ ھيٺ سڀ ڪجھه سُرور
جنھن جو درد دل کان ٿئي دم نه دُور
وڏي واءُ ۾ وڻ سو وٺجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
اھو وڻ نشامبر ھو نِج نجم
جنھن جا ڏار پکڙيل ھئا پورب پَڇم
سنڌو لئه سٺا جنھن سدا سِر ستم
مٽيءَ ماءُ سان گڏ ھُو گڏجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
لاکيڻو سڄي لاڙ جو ڇٽ ڇڳُير
سندس وار سونا، پوڄڻ جھڙا پير
سدا مُرڪ مُنھن تي نه ڪو من ۾ مير
ڪُنڍو نڪ ڪماني ڪري ڀيٽ ڪير
سفر ڪنھن وڏي ڏانھن سڏجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
ھوڪا حق ھميشه ھُو ھڻندو رھيو
سوين سِر تي سختيون ھُو سھندو رھيو
سدائين سچي راھ رڙھندو رھيو
۽ وانگين جي ويرين سان وڙھندو رھيو
اجل باز جي ھٿ ھُو جھٽجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
ارادي ۾ پختو جبل جيئن اڏول
نه ڪو ساھ سانگو نه ھينئڙي ڪو ھول
سو پاري ئي پاري ڪيئين جيڪو قول
نه ٻوليو زبان مان ٻيائي جو ٻول
اڌورن ارادن ۾ رھجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
نجم ري اُھي ڏينھن راتيون ڪٿي
دڙي ۾ برھ جون سي باتيون ڪٿي
لاکيڻي، لاکيڻون سي لاتيون ڪٿي
ڳُڻن ڀريون ڳالھيون ڪھاڻيون ڪٿي
ڏسي موت ھر دل دھلجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
اڙي موت توتي اچي موت شال
ڪيمياگر ھي ڪُونڌر ڪُٺئي ڪھڙا ڪالھه
جيئڻ جيءَ جَلين جو جِنين ري جنجال
ھڻي پيئي ڌرتي ڌَڪن تي ڌمال
منشي من مڻئي جيئن مڙھجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
20.01.1981
شيرِ سنڌ مير رسول بخش ٽالپر جي عقيدت ۾
شيرِ سنڌ مير رسول بخش ٽالپر جي عقيدت ۾
مير ته مرندا ڄمندا رھندا، پر مارن جو ويو مير مري
ڳڻتين ڳاريل ڳوٺاڻن لئه، ڏاڍي ٿي پئي ڳالھه ڳري
مرد مٿير تو موت نه ھو ڄڻ، ويڙھيچن تان وِڄ ڪري
واءُ اڻائو وانگين وريو، بي مُندائتي مُند ڦري
سنڌ سڄيءَ جي سورن ساڙيل ، سانگين لئه ھتي توتي سِري
ٻاٻاڻن جو ٻيلي ھئين اڄ، ٻاٻاڻن لئه ٻُنڀا ٻري . . .!!
ھر ھڪ حاڪم ، جابر سان تو، جنگ ڪئي ۽ جيل ڪٽيا
وقف حياتي ، خلق جي خدمت، وانگين لئه تو وِرھ وٽيا
سي شل سلڙا سڀرا مورن، تو جي ٻنين ٻج ڇٽيا
ڀونءَ جي ڀٽڪيل ڀاڳين لئه تو، ڳاٽي چائي ڳري ڀري .. !!
تنھنجي عظمت، تنھنجي شفقت، تنھنجو مذھب، ماڻھو محبت
شيرِ سنڌ جو شرف آ توکي، مليو واقع حق حقيقت
داد ڏنو ٿي دشمن توکي، ڏسندي تنھنجي ھمت جرئت
ڪين جھڪايو ڪنڌ ڪڏھن تو ، ظالم اڳيان ذات ذري . .!!
صدين کان ڏيڻ رت سنڌي ريت آ
ڏنو رت جنھن قوم تنھن جيت آ
دنيا جي اھو ھر گلي گيت آ
اھا ريت ئي قوم سان پريت آ
نه ڦُربو وٺي جو ڦٻايل ڦُڙي . .!!
شھادت جو شربت پيئن رُوح پاڪ
مڃائي مجاھد ويا ڌرتيءَ تي ڌاڪ
آڻين سِر اڏيءَ تي پرھ جا پياڪ
مليو فيض کان فيض ئي منجھه فراق
گھري سِر ٿو ٻيجھل پيو چنگ چُري . . !!
جسم جان ڇيرن ٿي ڇڏيا ڇِني
نه ورتئون حياتي پلڪ ھڪ پِني
ڏنئون رَت جنھن تي سا ڀيڻي ڀِني
سُتي سُورھيائي ھئي ڏاھن ڏَني
تنين جي تراڙي ڪو ترندو تري . .!!
وري اڄ وطن تي نئون واءُ وريو
اي وارث وطن جا اٿي ڪجھه ڪريو
سُوئر ٿا وڃن سنڌ سيڙھا چريو
اٿو سِر سنڀايو ڪريو ٿا ڀريو
لاھيو ڪَٽ قلب تان کاھوڙي کُري . . !!
ھتي ھر قدم تي بلا ئي بلا
ڌڻين تي ھتي ڌارين جا کلا
سَري سانگين ھاءِ گھوڙا الا
ھتي ھر قدم ڪربلا، ڪربلا
سوين فيض محمد ٿي سنڌوءَ گھري . . !!
گھڻا موت ماريا ھي ويو موت ماري
فڪر فيض محمد ويو سوڍن سيکاري
نه تاريخ ھي موت “منشي” ميساري
چوان پيو سڀني کي پوڪاري پوڪاري
کٽي آڻي کنھبو رکيو آ ڇُري . . !!
16.2.1980ع
فاضل جي فراق ، متيون مُنجھائي ڇڏيون
ڌرتيءَ تي اڄ ڌاريان، ڪيڏا خوش ڪذاق
ھاڻو ھيبتناڪ، دھشت راھو دھليا
مصري ماکيءَ کان مٺو، يار جو ھو يار
فاضل ڦونڊ نه سکيو، ڌرتيءَ جو ڌوپار
سنڌڙيءَ جو سينگار، راھو رات رمڳيو
راھو ھو راکو، اصل اباڻن جو
بانڪو، بي ساکو، ڪڏھن نه ٿيو قوم ۾
تو سَٽ پچائي سورن جي، تو مدد ڪئي مجبورن جي
ھي ڌرتي کانيل کورن جي، دولاپ، دغا دستورن جي
تو ڌوتا ڌڪ ڌنارن جا ، پر اڃان به ڪجھه ھئا آلا آلا
راھو تنھنجا رنگ نرالا . .!!
راھو رھندا راڄ ڏسي وئين، ڪيڏا تن جا ڪاڄ ڏسي وئين
ڀاڙين، مڙسن ڀاڄ ڏسي وئين ، ڪي ڪي ڌرتيءَ ڌاڄ ڏسي وئين
نينھن نڀايو ڌرتيءَ سان، جن پيئندي زھر جا پُر پيالا
راھو تنھنجا رنگ نرالا . . !!
وردين جو تون ويري ھُئين، ۽ پنوھارن لئه پيري ھُئين
تون ڌارين جا جي ٿم ۽ ٿاڻا ڪانِ انھن لئه ڪيري ھئين
توکي سنڌ جا سارين ويٺا ڪولھي، ڀيل، شڪاري ، ٻالا
راھو تنھنجا رنگ نرالا . .!!
ڄام کڻايو نوريءَ ڄارو، راڻي تي ڪيو مومل مارو
سُور سنڌؤَ جو سر تي سارو، کلي کنيو تو ڏيئي ڏارو
منشي من ماروئڙن لئه، تون ھئين ڄڻ موتين مالا
راھو تنھنجا رنگ نرالا . . !!
وائي
وائي
راھُو ھو راڄن ڪاڻ ، الا
ڇپر، ڇمر، ڇانورو
سُورھ سانگين لاءِ رکيو ھو
سر سدا سانڌاڻ الا
ڇپر، ڇمر، ڇانورو . . !!
سِيئن ساڙيل ڪاڙھن ڪاڙھيل
ڀاڳيئڙن جو ڀاڻ الا
ڇپر، ڇمر، ڇانورو . . !!
وارث والي، بي مثالي، جنھن جو جڳ منجھه جوت جمال
جيءَ جو سو جاني ناھي، جنھن جو ثاني ملڪن منجھه مثال
سوئي پُوڪايان، راھون نھاريان، مان ملي مھندار
شال ٿئي ديدار
جنھن دين اُجاريو دنيا کي، سو دين سچو اسلام اٿئي
منھن موڙ نه مسلم ھن کان رک ، نينھن خدا جو نام اٿئي
ھن دين کي خاوند خاص ڪيو، ھن دين کي پرور پاس ڪيو
ھن دين کي راحم راس ڪيو، ھن دين ڪفر کي ناس ڪيو
ھن دين دنيا کي روشن ڪيو، ٻيا دين دنيا جا دام اٿئي
ھي دين مُحمد مرسل جو، ھي دين ته عربي اڪمل جو
ھي دين نبي تنھن نرمل جو، ھي دين قريشي ڪامل جو
جنھن ڪاڻ جُڙيا ھي جڳ ٻئي، جنھن ھٿ ۾ شفقت جام اٿئي
ھن دين کي حق ڏنا، ھن دين ظلم کي ڌڪ ڏنا
ھن دين ڇڏائي شڪ ڏنا، ھن لاڳ لکين لاشڪ ڏنا
ھن دين ۾ پورا پيار ڀريا، رب پاڪ ڏنا پيغام اٿئي
صديق، عمر، عثمان ته ڏس، ۽ حيدر جھڙا جوان ته ڏس
حسين، حسن جو مان ته ڏس، شبير شبر ذيشان ته ڏس
۽ حارث، خالد، خان ته ڏس، سي اکين جا سڀ آرام اٿئي
ھي دين جا وارث عالم ھي، جن رکيا ادارا قائم ھي
رھي مسڪين وٽ دائم ھي، ڄاڻي ڇا وڏيرو ظالم ھي
تھذيب فرنگي جنھن ڪئي پسند، تنھن دوزخ در انعام اٿئي
ھن دين کي حاصل ڪرڻ لاءِ، ھت سيمٽ جھڙا ٽڪڙ سُڪا
ھي دين نبي جو سکن پيا، سوين ابھم کائي ڀور ڀُڪا
ڪجھه مسلم مؤمن سو ذرا، ڏينھن محشر اڳيان قيام اٿئي
اڄ دين ھتي مظلوم ٿيو، ھر ماڻھوءَ من محروم ٿيو
۽ ڪوڙي علم لئه ڪاليجن ۾، ھر جاءِ ھُل ھُجوم ٿيو
اڄ علمائن کان ٻڌڙي ادا، جو قادر جو ته ڪلام اٿئي
ھن دين اسان کي ڇا نه ڏنو، ارڪان ڏنا ايمان ڏنو
ھو مسلم کي ھن مان ڏنو، ھن قادر جو ته قرآن ڏنو
احسان الاھي جا توتي، ھر وقت صُبوح ۽ شام اٿئي
ھن دين جي خدمت فرض ادا، اھو ڄاڻ تون پاڻ تي قرض ادا
ھن دين جي محبت من ۾ رک، سڀ ميٽجي وينديئي مرض ادا
ھن دين تي رحمت راحم جي، اي مؤمن مرد مدام اٿيئي
ھي دين ته يار يتيمن جو، نه اميرن جو نه وڏيرن جو
غمخوار ھي دين غريبن جو، ۽ منشي آ مسڪينن جو
ھي گوھر، جوھر دين اٿيئي، گل اٿيئي، گلفام اٿيئي
21.11.1971
جلسه جنھاڻ لاءِ
ديوبند
ديوبند
ٻُڌ ٻڌايان دين جا ھي درد مند
ھند ۾ روشن ڪيو جن ديوَبند
مولانا نانوتوي قاسم امام، جنھن جو مڙني کان مٿاھون آھي نام
جو سھي سختيون سوين سر تي مدام، ھند ۾ جنھن ڪفر جو موڙيو ته ڪنڌ
جنھن جو ٻيو اُت رشيد احمد ھو رفيق، عشق جنھن کي ھو الاھي سان عميق
تنھن به گوھر ڪيا گھڻا پيدا ڪيا عميق، کوليا اسلام جا تنھن راھ رند
مرد محمود الحسن مرشد مِڙن، ڪئي شروع آزادي جي تحريڪ جن
مالٽا جا قيد ڪاٽي يڪ سخن، جنھن سوين پيدا ڪيا ساڃھه وند
ھر جڳھه حسين احمد ھاڪ تو، ملڪ ۾ مدني مچائي ڌاڪ تو
عشق سان طلسم جا ڪيريا ڪاڪ تو، عام لئه بنيا مثال اخلاق تو
پاڪ ڪئين پاپن کان ڪيا دل پاڪ تو، ۽ فرنگين کي وڌا تو ڪئين ڪمند
آھي انور شاھ ڪشميري ماب، حفظ ۾ جنھن جا ھا ڪُل ڪتاب
خاص جنھن کي حفظ ۾ مليو خطاب، ۽ سندن شيرين زبان ۾ شير قند
تاج امروٽي ڪرامت جو ڌڻي، ھڪ نظر ھندو ھزارن تي ھڻي
دين ۾ داخل ڪيائين پيرن پڻي، اڄ به اکيون اھڙن جي لاءِ آسوند
۽ حماد الله صاحب حال جو، ڇا ٻڌايان مان انھيءَ جو مرتبو
لال خود ھو لکن کي لال ڪيو، اڄ به جنھن جي سنڌ ۾ ھر جاءِ سڳنڌ
۽ عبيدالله سنڌي مايئي ناز، سامراجين جا پروڙ يا جنھن ته راز
جو جلا وطني ۾ عرصو درازا، ماسڪو افغان ڪڏھن تاشقند
پاڻ مَٽ پنھنجو عطاءالله شاھ، سؤ سلامن جا بخاري بادشاھ
پشت پنھنجي تو ملھائي رب راھ، دين ڪارڻ ڪاٽيا تو قيد و بند
ھي سڀئي ھئا ته صاحب انقلاب، جن فرنگين کي ڪيو ھت بي نقاب
ڪي شھادت جام جيلن ۾ جناب، ڪي ڪُسي گورن ھٿان ويا گل گلاب
ھاڪ تن جي اڄ به آھي ھر ڪنھن ھنڌ
دين دل ۾ عشق تن کي انوَري، سڪ سدا سِينن سندن ۾ سروري
پاڪ دل ۽ پيروي تن پروري، روح روشن سان ڪئي تن رھبري
وصف “منشي” تن ڪندين تون ڪيتري جن نظر سان ڪيا نظارا نظر بند
نه ڪو عالم عمل وارو، ڏسون بيٺل ھتي بھتر
پوڄاري پيٽ پنھنجي جا، ڏسڻ ۾ ٿا اچن اڪثر
ابوبڪر رضه عمر رضه عثمان رضه ھادي آڻ ڪو حيدر
غريبن جي سدا غم کي، ڪٽڻ وارا ڪڏھن ايندا
نبي صه جي دين جا وارث، پٿر کي جن ڪيو پارس
خدايا آڻ ڪو خالد، يا حمزو ڪو ھتي حارث
بنارس، روم، بمبئي۽ ھئا فاتح مٿي فارس
انھن جي انتظاري آ، اچڻ وارا ڪڏھن ايندا