شاعري

رستي ۾ آهيان

هي ڪتاب نامياري شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي نثري نظمن جو مجموعو آھي.
ڊاڪٽر مشتاق ڦل جو هي ڪتاب سندس نثري نظمن تي مشتمل آهي، سندس هنن نثري نظمن کي پاڻ ننڍڙيون ڪهاڻيون يا عڪس چئي سگهون ٿا. مشتاق ڦل جو هر نظم هڪ مڪمل ڪهاڻي آهي، ۽ اُن ڪري پاڻ هِن نظمن کي ’نثري ڪهاڻيون‘ به چئي سگهون ٿا.
ڊاڪٽر مشتاق ڦل معياري شاعريءَ جو شاعر آهي، جنهن وٽ فن سان گڏ فڪر به ملي ٿو. فني حوالي سان هن وٽ غزل، گيت، وائي ۽ نظم سميت اڪثر پابند صنفون آهن ۽ فڪري حوالي سان هن جي شاعريءَ ۾ قديم ۽ جديد شاعريءَ جي موضوعن سميت مظلوم طبقي سان پيار جو اظهار ملي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2393
  • 652
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book رستي ۾ آهيان

سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 141 هون

سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 141 هون

ڪتاب جو نالو : رستي ۾ آهيان
موضوع : شاعري
ليکڪ/ شاعر : مشتاق ڦل
ڇاپو پهريون : 20 اپريل 2019ع
ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
ڪمپوزنگ /لي آئوٽ : اظهر سولنگي (ساحل پرنٽر حيدرآباد)
ڇپائيندڙ : سچائي اشاعت گهر دڙو- حيدرآباد
ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز رابعه اسڪوائر حيدرآباد. 03332634650




RASTI MAIN AHIAN (POETRY)
Written By: Mshtaque Phull
Published by: Sachai Ishait Ghar, DARRO, Sindh
Edition, 20 April 2019. Cell: 0301-3640468, 0331-2997336
Email: myusifmemon@gmail.com


اسٽاڪسٽ
 ڀٽائي بڪ هائوس گاڏي کاتو حيدرآباد
 ڪويتا ڪتاب گهر، روبي سينٽر گاڏي کاتو حيدرآباد
 ڪنگ پن ڪتاب گهر، پريس ڪلب حيدرآباد
 سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال حيدرآباد
 قليچ ڪتاب گهر لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد
 فڪشن هائوس رابعه اسڪوائر حيدرآباد
 شاهه لطيف ڪتاب گهر گاڏي کاتو حيدرآباد
 عزيز ڪتاب گهر- سکر
 سوڀو گيانچنداڻي ڪتاب گهر- لاڙڪاڻو
 سچ ڪتاب گهر - ڍورو نارو
 غلام محمد جوهر ڪتاب گهر - ميرپور بٺورو

ارپنا

مان ۽ منهنجي ڪلاس فيلو
روز ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي
دير دير تائين ڪچهري ڪندا رهندا آهيون.
منهنجي زال وري
منهن تي چادر وجهي لڳاتار روئندي رهندي آهي!
اڳ ۾ مونکي خبر ئي نه هُئي پر
ٻن راتين کان وهاڻي جي ڇِوَ ۽
سندس پوتيءَ جي ڪُنڊ آلي ٿيل
مون تڏهن ڏٺي، جڏهن هوءَ
مونسان ننڊ ۾ جهيڙو ڪري رهي هئي.
هُن کي منهنجي پراڻي ڊائري ته
زهر لڳندي هوندي
ڇوته ملڪ کان ٻاهر ويندي
سندس چيڪ بوڪ ڊائريءَ سان گڏ
جنهن بئگ ۾ رکيل هو،
پراڻي ڊائري ۽ ڪجهه تصويرون پڻ
اُن ۾ رکيل هيون،
هُن ڊائري پڙهي مون ڏي منهنجي سنگتياڻيءَ جا لکيل جملا
”پيار خدا جي خزاني جو آوز آهي “
ورجائيندي مونسان پنهنجي پيار جو
نئين نموني اظهار ڪندي
اکين تي چمي ڏئي روئڻ شروع ڪيو،
هوءَ منهنجي امان جي ڏنل آخري نشاني آهي
۽ هوءَ مونسان گڏ
منهنجي شاعريءَ جي هر بند ۾
پاڻ کي ڳوليندي ڪُراڙي ٿي رهي آهي
دل چوي ٿي نظمن جي نئين مجموعي جو مهاڳ اُن کان لکرايان
۽ ڏسان ته هڪ شاعر سان گڏ
گھارڻ جو تجربو کيس ڪيئن لڳو؟
۽ ها هِن ڪتاب ۾ شامل سمورا نظم
کيس اَرپيندي
نئين پيار جو اهڙو اظهار ڪندس جو
سموريون زالون
پنهنجن شاعر مُڙسن سان دل کولي
ڳالهائي ۽ ڳوڙها ڳاڙي سگهن.

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”رستي ۾ آھيان“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي نثري نظمن جو مجموعو آھي.
ڊاڪٽر مشتاق ڦل جو هي ڪتاب سندس نثري نظمن تي مشتمل آهي، سندس هنن نثري نظمن کي پاڻ ننڍڙيون ڪهاڻيون يا عڪس چئي سگهون ٿا. مشتاق ڦل جو هر نظم هڪ مڪمل ڪهاڻي آهي، ۽ اُن ڪري پاڻ هِن نظمن کي ’نثري ڪهاڻيون‘ به چئي سگهون ٿا.
ڊاڪٽر مشتاق ڦل معياري شاعريءَ جو شاعر آهي، جنهن وٽ فن سان گڏ فڪر به ملي ٿو. فني حوالي سان هن وٽ غزل، گيت، وائي ۽ نظم سميت اڪثر پابند صنفون آهن ۽ فڪري حوالي سان هن جي شاعريءَ ۾ قديم ۽ جديد شاعريءَ جي موضوعن سميت مظلوم طبقي سان پيار جو اظهار ملي ٿو.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گھر، دڙو پاران اپريل 2019ع ۾ ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ڊاڪٽر مشتاق ڦل جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ٻه اکر

سچائي اشاعت گهر پاران ڊاڪٽر مشتاق ڦُل جو پهريون ڪتاب ”رستي ۾ آهيان“ حاضر آهي. ڊاڪٽر مشتاق ڦُل جا هن کان اڳ ٻه شعري مجموعا ۽ هڪ آمريڪا جو سفرنامو ڇپجي چڪا آهن. ان کانسواءِ ڊاڪٽر مشتاق جو هڪ ترجمو ڪيل ناول ۽ يورپ جو سفرنامو ڇپائي جي مرحلن ۾ آهن.
ڊاڪٽر مشتاق ڦل جو هي ڪتاب سندس نثري نظمن تي مشتمل آهي، سندس هنن نثري نظمن کي پاڻ ننڍڙيون ڪهاڻيون يا عڪس چئي سگهون ٿا. مشتاق ڦل جو هر نظم هڪ مڪمل ڪهاڻي آهي، ۽ اُن ڪري پاڻ هِن نظمن کي ’نثري ڪهاڻيون‘ به چئي سگهون ٿا.
ڊاڪٽر مشتاق ڦل سنڌي ٻولي ۽ ادب جو متحرڪ ڪردار آهي. جيڪو ساهت کيتر ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ اُميد اَٿئون ته هو ايندڙ وقت ۾ به نه رڳو پنهنجون تنظيمي ۽ تحريڪي سرگرميون جاري رکندو، پر سنڌي ادب کي پڻ پنهنجي لکڻين ۽ ڪتابن سان مالا مال ڪندو رهندو.

يوسف سنڌي
4 مارچ 2019ع

مهاڳ

هُو جديد نظم تي قدرت رکي ٿو.
1960ع واري ڏهاڪي ۾ هندستان جي ڪجهه شاعرن آمريڪي ادب تي نظر وجھندي آمريڪا جي ڪجهه شاعرن جي اٽوٽ شاعري پڙهندي انهن اَڪويتا جي نالي سان آنند کيماڻي تنقيد جي شروعات ڪئي.
۽ 60 واري ڏهاڪي ۾ هندستان جي مختلف ٻولين مليالم، گجراتي، مرهٽي ۽ اتي جي سنڌي شاعرن نثري نظم جي فڪر کي نئين انداز سان اڳيان آڻيندي نئين ڪويتا جي نالي سان مهيش نينواڻي، هري ڪانت ۽ آنند کيماڻي سنڌيءَ ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ هِتي سنڌ ۾ ان ساڳئي ئي اسلوب ۽ فڪر ۾ لکيو ويو، پر انهن شاعرن انهن نثري نظمن کي نئين ڪويتا نه سڏيو، ان جو ڪارڻ ڇا به ٿي سگھي ٿو.
جڏهن ته ڪويتا جي معنيٰ ئي آهي شاعري. ان دور ۾ اردو وارن به ان طرح جو ڪم ڪيو، پر انهن مستقل مزاجي نه رکي ۽ نئين ڪويتا کي ڇڏي ڏنو. ۽ نثري نظم تي قائم رهيا.
وقت ۽ فاصلن کان گھڻو اڳتي هن ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي جيڪا قديم ڪويتا ملي ٿي ان کي ويد سڏيو وڃي ٿو.
انهن ويدن ۾ مهان ڪتاب رگ ويد آهي ۽ رگ ويد ۾ سنڌوءَ جي ڪناري سان آباد ماڻهن جي مذهبي شاعري سان گڏ سماج جي داخلي احساسن جي ڳالهه به ملي ٿي.
ويدن جي زماني کان گھڻو بعد هڪ هند جو شاعر ملي ٿو. “امارو” جنهن جي ڄمڻ يا مرڻ جي ڪا تاريخي گواهي نه ٿي ملي، پر ان جي نظمن مان سندس حياتي ۽ ڪويتا جي فڪري پيشڪش ٻڌائي ٿي ته هي شاعري (ڪويتا) آهي.
ويدن جي زماني جي قدامت ۽ ان جي عزت ۽ احترام جي خبر موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي کوٽائيءَ کان پوءِ ئي ملي ٿي.
سنڌ جي نظماڻي تاريخ ۾ سڀ اهي صنفون آهن، جيڪي پابند آهن، غير موزون ڪا به شاعراڻي صنف نه ٿي ملي. توڙي جو ويد به پابند ڪويتائون آهن. اُنهن کي جڏهن ترجمي جي صورت ۾ آندو ويو ته پوءِ ئي نثري نظم جي شڪل اختيار ڪئي آهي.
اهو طئي آهي ته نئين ڪويتا نثري نظم آهي، پر انهن جي فڪري پيشڪش ۾ انساني جذبن جي اظهار واري جرئت لساني حوالي سان ترش، تيز ۽ صنعتي معاملن ۾ گھڻي قدر تمثيلي ۽ تشبيهاتي آهي.
انساني معاشري ۾ ٻار جي ڄمڻ جو واقعو ڪو نئون نه آهي، پر جيڪا عورت پهريون ٻار ڄڻي ٿي، ان جي لاءِ اهو عمل بلڪل نئون آهي ۽ ان سور جي ڪيفيت به نئين آهي. ان ٻار جو ماءُ جي پيٽ کان ٻاهر واري دنيا ۾ اچڻ به نئون آهي.
اهڙي طرح ڪويتا به هر دور ۾ نئين هجي ٿي، پر خطي جي حوالي سان اُن ۾ منظوميت يا نثر جو امتزاج هجي، پر ڪويتا ته نئين آهي.
گويد مان ڪويتا جو مثال ڏيئي ان کان پوءِ امارو جي هڪ ڪويتا ڏيندس.
” جلا دي اي اگني!
قريب ترين دشمون ڪو، جلادي دور ڪي بد خواهيون ڪو،
ان ديکهون ڪو جَلا دي.
تيري هر دم نئي
ان ٿڪ شعلي ڦسلتي هِي جائين
جو تيري لئي جان مارتي هين
انهين انڌها زور دي
انهين خوش بخشي دي
اور خوشحالي
اي اگني!
*
رگويد مان چونڊ.
باهه کي ڪوي چوي ٿو:
ساڙي ڇڏ
سڀ ڪجهه
اکيون بند ڪري وڏي طاقت سان زور ڏيئي
انهن کي ساڙي ڇڏ
ان ۾ هنن جي خوشحالي آهي.
*
ڇا ان دور جي هيءَ ڪويتا پراڻي نه هئي، پر هڪ نئين نڪور ڪويتا هئي. جنهن آگ لڳائي ڇڏي ۽ رگويد کي انهن فڪري زاوين جي ڪري هن وقت به پڙهيو وڃي ٿو.
سنڌوءَ جا ڪنارا
آهن جل ڌارا.
انهن جي ڇاتيءَ تي
تهذيبن جا منارا.
*
ڪٿي ايئن ڇو محسوس ٿئي ته آئون خود نئين ڪويتا لکڻ ڏانهن وڃي رهيو آهيان.
ويدن جي زماني کان پوءِ هڪ ڪوي (شاعر) امارو آيو جنهن هندستان ۾ اُٿل آڻي ڇڏي ۽ پنهنجي دور کي ڪروڙين نيون ڪويتائون ڏنيون.
انهن مان هڪ نئين ڪويتا اوهان پيارن جي لاءِ حاضر آهي.
ڪويتا ــ امارو
اي دريا مين نين تجهي منبع پر بهي ديکها هي،
ايڪ بچا ڀي تجهي ڦلانگ سڪتا هي،
ڦولون ڪي ٽهني سي ڀي تيرا راستا بدلا جا سڪتا هي
ليڪن اب تو ايڪ ڦيلا هوئا طوفان هي
اور اڇي سي اڇي ڪشتي ڪو ڀهنور مين گھير سڪتا هي
افسوس، ديامستي، ديامستي ڪي محبت!؟
*
سموري شاعريءَ کي ڪويتا ئي چئبو آهي. جيئن درياءُ پنهنجي وَهَ مٽائيندو آهي، اهڙي طرح پنهنجي دور جا شاعر ۽ نقاد ڪو صنفي ۽ فڪري تعين ڪندا آهن. اهي علمي زاوين کي اڳيان رکي تخليق جي اظهار واري انداز جا ڪي قائدا ۽ اصول مقرر ڪندا آهن جن جي بنياد تي ادب جي زمين مڪمل ٿيندي آهي.
ادب ۾ روشن خيالي جو تصور ايترو پراڻو ناهي، پر پنجين صديءَ ۾ يوناني سلطنت جو زوال آيو، ان کان پوءِ روشن خيالي جو تصور تيزيءَ سان اُڀرڻ لڳو.
ادب سماج جو عڪاس هجي ٿو، سماجي لقاءَ ۽ ليکڪ جي ذاتي زندگيءَ کان وٺي ادبي، سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جا سمورا عڪس نه به هجن، پر ليکڪ پنهنجي سماج جي فرسوده روايتن کي مشاهدي ۽ فن جي ذريعي تبديل ڪرڻ جي ممڪن ڪوشش ڪندو آهي.
ادب ۾ فڪري لاڙا ، ادب جي واڌ جو سبب ٿيندا آهن، ادب ۾ رومانوي دور گھڻي وقت کان هلندو اچي ٿو، جيڪو هاڻ تائين به هلي ٿو. هي اهو فڪر آهي جنهن جي ڇانوَ ۾ تمام گھڻو لکيو وڃي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ نثري نظم تي نالو مهان ڪوي شيخ اياز رکيو آهي. ۽ پوءِ اردوءَ وارن به دل سان هن نظم کي نثري نظم طور قبول ڪيو آهي.
نثري نظم هيئيت جي حوالي سان مختلف ٿين ٿا. خيال جي انداز، ٻوليءَ جي سڀاءَ، انساني نيچر، ترنم ۽ حساسيت اهو ٻڌائي ٿي ته شاعريءَ جي فن جي آزادگيءَ جو مزو هن صنف کي حاصل آهي.
سٽاءَ جي اعتبار کان نثري نظم هڪ مصرع کان وٺي وڌيڪ به هجي ٿو. ۽ آزاد نظم جي سٽاءَ ۾ به لکيو ويندو آهي. ۽ لکي به سگھجي ٿو.
آزاد نظم مڪمل وزن ۾ هوندو آهي، پر لکت جي انداز ۾ نثري نظم، آزاد نظم جيئن سٽاءَ ۾ لکيو ويو آهي، ان ۾ ڪو به هرج ناهي.
نثري نظم فرانس جي سرزمين جي صنف آهي. جنهن جو موجد بودليئر آهي. ڪجهه نقادن جي راءِ آهي ته برتراند (BERTRAND) آهي. انگريزي ادب ۾ ٻيا به شاعر آهن جن سٺو لکيو آهي. آسڪر وائليڊ، رامبو آرٿر، ازراپائونڊ، والٽ وٽمن، ڪارل شيپيرو، مدارمي، لوتريا مون. جارج اسٽيفن، رلڪي، اليٽ، لافوررگ، اليگزينڊر پُشڪن، رابندرناٿ ٽئگور.
سنڌ ۾ خاص طرح مهان ڪوي شيخ اياز نثري نظم جا ججھا ڪتاب ڏنا آهن. منظوم شاعري، جنهن ۾ مقفا ۽ مردف شاعري مسلسل رياضت گھرندي آهي، ان جي ڀيٽ ۾ نثري نظم ۾ ايتري فني گھرجن جي ضرورت نه پوندي آهي، صرف هن ۾ اها خوبي آهي ته هڪ سٽ يا ان کان وڌيڪ سِٽن ۾ خيال جي ڀرپوريت ڏيڻ جنهن ۾ ماڻهوءَ کي لڇاءُ وڌيڪ محسوس ٿيندو هجي.
منهنجي خيال ۾ ته منظوم شاعريءَ جي ڪتابن کي ترجمي ڪرڻ کان پوءِ نثري نظم جي ايجاد ٿيو آهي.
منظوم شاعريءَ کي منظوم ترجمو ڪرڻ تمام اوکو ڪم آهي ان ڪري منظوم ڪتابن کي اڪثر نثري نظم جي هيئيت ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي.
عربي ادب ۾ نثري نظم جو هڪ وڏو نالو حضرت علي آهي ۽ هڪ ٻيو به مفڪر آهي جنهن کان اڪثر شاعر متاثر آهن اهو آهي نٽشي.
فني اسلوب ۾ نثري نظم جي هيئيت فڪر جي بنياد تي تبديل ٿيندي رهي آهي.
• تجريدي نظم
• نئين ڪويتا
• شاعراڻو نثر
• نثراڻو نظم
• نظماڻو نثر
• مسجا نظم
• لطيف پاره
• نئين ڪويتا
• نثري نظم
ادب جي دنيا ۾ نثري نظم جا ڪيترائي نيم موجود آهن، پر نظرياتي طرح طبقن کي مُڏو رکڻ جي لاءِ سرمائيدار ۽ جاگيردار فڪر جي سياسي ماڻهن ادب ۾ اهڙن لاڙن کي آندو.
نثري نظم جي سياسي ۽ سماجي پسمنظر جي تاريخ ۾ ڪٿي ڪٿي ايئن به ڏٺو ويو آهي ته ترقي پسند سوچ، جمهوريت ۽ سوشل ازم جي پرچار کي روڪڻ لاءِ ادب کي استعمال ڪيو ويو.
ڪجهه وقت جي لاءِ دنيا جي ٻين نظرين کي پاسي تي رکي سوچجي ٿو ۽ پنج هزار سال پراڻي تهذيب جو تمدني ۽ لساني جائزو وٺجي ٿو ته سنڌ جي اندر پيدا ٿيندڙ مذهبي ۽ سماجي نظرين جي شروعات هتان جي ملي ٿي، جنهن ۾ تصوف، روحانيت، وجوديت، ويدانيت ۽ وحدت الوجود به سنڌ مان ڦُٽي نڪتا آهن.
سماج جي داخلي ڪيفيت کي صاف انداز سان پيش ڪرڻ کي پاڪيزه نه ٿو سمجھيو وڃي، ان ڪري داخلي ڪيفيت کي شاعراڻي صنعتن جو سهارو وٺڻ کان پوءِ نثري نظم کي مٿاهون ڪري پيش ڪرڻ جي مڪمل ڪوشش ورتي وئي.
جنهن شخص جو سنڌ سان ازلي عشق آهي، هو عاشقِ سنڌ آهي. هن جي جسم ۾ ڌڙڪندڙ دل جي هر ڌڙڪ ۾ پيار ۽ پاٻوهه آهي. پيار هن جي سُڃاڻپ آهي ۽ هن جي سنجيدگي پيار ئي آهي.
جنهن سان پريت جا ڪيئي پيچ آهن. ادب سان، علم سان هن جو لڳاءُ تمام گهرو آهي. گفتگو هن جي مدلل ۽ روح جي تارن کي ڇُهندڙ آهي. اُن پياري شاعر کي مشتاق ڦل چوندا آهن.
مان گھٽ پڙهيل هان، هن جي شاعريءَ تي ڇا ڳالهائي سگھندس. پر هن جو حڪم اکين تي رکندي، آئون هن جي شاعراڻي ڪتاب جي مهاڳ ۾ پنهنجي وس آهر هن جي تخليقن تي راءِ ضرور ڏيڻ چاهيندس.
سنڌي ادب ۾ مڪمل تحريڪون ته نه رهيون آهن، پر ادبي لهر هلندي رهي آهي، جيڪي ادبي تحريڪن لاءِ ماحول جوڙينديون رهيون آهن. پر مڪمل طرح ڪا به تحريڪ نه رهي آهي. سنڌ ۾ شاعريءَ جا دور رهيا آهن، جن ۾ شاعريءَ جو عوامي دور، ڪلاسيڪل دور ۽ جديد دور سنڌ ۾ رهيا آهن. انهن ٽنهي دورن ۾ شاعريءَ جا ٻه اهم لاڙا رهيا آهن. هڪ آهي پاپولر شاعري، ٻيو آهي معياري شاعري.
ڊاڪٽر مشتاق ڦل معياري شاعريءَ جو شاعر آهي، جنهن وٽ فن سان گڏ فڪر به ملي ٿو. فني حوالي سان هن وٽ غزل، گيت، وائي ۽ نظم سميت اڪثر پابند صنفون آهن ۽ فڪري حوالي سان هن جي شاعريءَ ۾ قديم ۽ جديد شاعريءَ جي موضوعن سميت مظلوم طبقي سان پيار جو اظهار ملي ٿو.
قيدياڻيءَ جو خط
منهنجي ڇاتي ۽ اکين کي
غور سان ڏسندڙ ڇوڪرا
مون توکي سونهن پَسڻ،
گُل سنگهڻ، خوشبو هڻڻ
۽ مُرڪي ملڻ کان ڪڏهن به ناهي روڪيو!
تون رات جي پوئينءَ پهر ۾
جيل جي ڊگهي ديوار ٽپي
هڪڙو ڀيرو ئي صحيح پر
منهنجي بيرڪ ۾ ضرور اچجان !
مان توکي سنهڙي چولي اندر روئندڙ
زخمي دل کولي ڏيکارڻ ٿي چاهيان !
جيل ۾ هوا جي داخلا
۽ بادلن جي وسڻ تي
ڪيڏي نه ڊگهي پابندي لڳائي وئي آهي!
هِتي گلن کي پاڻي ڏيڻ بدران
درد جو ٻج، اوجاڳن جا وڻ ۽ خوف جو فصل
پوکيو ويندو آهي!
قيدين جي سمورن خوابن کي رات جو لُڻي
صبح جو بنان ڪفن جي دفنايو ويندو آهي!
منهنجو مُڙس، منهنجو پُٽ،
مان ۽ منهنجو پيءُ
جدا جدا ڪمرن ۾ واڙيل آهيون!
مونسان پيار ڪندڙ ڇوڪرا
هوا ملئي ته کيس چئجان
مونکي تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳي آ
رات جيل جي سلاخن پويان
ڊگهين ديوارن کان
تازي هوا، بادل ۽ بارش بابت پُڇيم ئي مس ته
ديوارن روئڻ شروع ڪري ڏنو
هڪ پراڻي سزايافته قيدياڻيءَ منهنجي ڀرسان آئي
۽ چوڻ لڳي چري ڇوڪري
ايئرپورٽ تان آن ايئر ٿيل
تنهنجي پهرين ۽ آخري مُسڪراهٽ،
هوا ۾ اُڏامندڙ هٿ لڪيرون ۽ هوائي اڏي کان ٻاهر
بي قابو عاشق ڇوڪرن جي رقص کي
تنهنجي حوصلي ۽ جرئت جي سخت ضرورت آ!
مون قيدياڻيء کان اڌارو قلم وٺي
دل جي ڊائريءَ ۾
جيل جي پهرين رات جي خوف
۽ وسوسي کي
نئين رومانس ۽ شاعريءَ جو رنگين ويس ويڙهي،
خوف کي ختم ڪندي
پيار ۽ ڀروسي جو گيت لکڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي !
*
پيار ۽ جنگ انسان جي فطرت ۾ سمايل آهن، جنگ انسانن جي نفسيات کان وٺي انفرادي نفسيات تائين ڪشمش جو وڏو جهان آهي. قوم لاءِ جنگ وڙهندڙ ڇوڪري پنهنجي محبوب سان ملڻ ٿي گھري، جنهن سان ملڻ جو انوکو انداز آهي. جيل جي اذيت ۾ رهندي، تون مون سان ملڻ اچين ته هوند آئون تون کي پيار جو پيامبر سمجھندس.
جيل اندر رهندڙ شخص جي نفيساتي ڪيفيت ۾ ڊڄ هوندو آهي، پر هيءَ ڇوڪري پنهنجي قوم جو اهو ڪردار آهي، جنهن وٽ جيل ڪا معنيٰ نه ٿو رکي ۽ جدوجهد ۾ پنهنجي محبوب کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جي سگھه رکڻ ۽ ان کي آزمائش ۾ نه رکڻ ، قلم جي ساک بحال رکڻ جهڙي جرئت قائم رکڻ آهي.
نثري نظم جي تاريخ ايتري پراڻي ناهي، مون کي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان جا شاعر هن صنف ۾ پاڻ موکي به رهيا آهن، جيڪا ڳالهه ساراهڻ جهڙي آهي.
سڀني علمن جي ماءُ واري حيثيت ادب کي آهي. ادب جي ذريعي ئي انسان کي مڪمل طرح پيش ڪري سگھجي ٿو ، پر سائنسي سبجيڪٽن ۾ ته صرف فارمولا آهن ۽ انهن کي زندگي سان سلهاڙي کڻي سگھجي ٿو ، پر مڪمل سماج جي عڪاسي ادب ۾ ئي ڪري سگھجي ٿي.
فني طرح نثري نظم جي هيئيت منهنجي ناقص علم مطابق هيئن آهي.
• عنوان جو هجڻ.
• فڪر جي مڪمل پيشڪش ڪرڻ.
• پيغام جو هُجڻ.
• فني پيشڪش ۾ پابند نظم کان معرا هئڻ.
• ٻولياتي پيشڪش ۾ نثراڻو هئڻ وغيره
فني معاملن ۾ نثري نظم ٻن جزن تي اُڻيل آهي.
ــ ليکي اسلوب نثراڻو هجي.
ــ خيال جي پيشڪش (نظماڻي) نفاست واري هجي.
جيئن خيال جي گھرائي پڙهندڙ کي ٻوڙي به ۽ تاري به.
برِصغير ۾ ادب جي وڏي نقاد ۽ شاعريءَ سميت مختلف ٻين شعبن تي غور سان لکندڙ ۽ جديديت جي قائل ’گوپي چند نارنگ‘ نثري نظم تي راءِ ڏيندي چيو آهي“ ڪنهن به نثر پاري کي (خليل جبران جي نثر پاري سميت) نثري نظم قرار نه ٿو ڏئي سگھجي. نثري نظم هڪ تخليقي شاعراڻي صنف آهي. جنهن جي شروعات کان وٺي آخر تائين اندروني آهنگ هوندو آهي.“
درد يونيورسل هوندو آهي.
مون رات وري پرڏيهي سنگتياڻيءَ کي
چيٽ باڪس ۾
ڊگهوميسيج ڪندي لکيو آهي ته
درد يونيورسل هوندو آهي
درد جو نه ڪو مذهب نه ديس ،
نه ئي ڪا سرحد هوندي آ
درد جي ڪا زبان به ناهي هوندي
درد محسوس ڪجي ته
اهو به خود نئون درد ٿي اُڀرندو آهي
مان مڃان ٿو
تنهنجي ماءُ
توکي کير پيارڻ بجاءِ
’بواءِ فرينڊ‘ کي وقت ڏيندي
توکي سنڀال گهر ۾ رکي وئي هوندي!
تنهنجي دوست جي شڪايت کي
سندس ماءُ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري
پنهنجي بواءِ فرينڊ سان
سمنڊ ڪناري ڊگهي واڪ تي
نڪري وئي هوندي!
تنهنجي ٻي دوست جي ماءُ
ڪلب ۾
وسڪي پيئڻ ۽ ڊانس ڪرڻ وئي هوندي
۽سندس روئڻ کي محسوس
نه به ڪيو هوندو!
بيشڪ تون ۽ تنهنجون سنگتياڻيون
ان تي ڏکويل هوندئوَ!
پر هتي به ته
پنجن پنجن ٻارن جون مائرون
ڪڏهن ڪارو پٿر پي
خودڪشي ڪري ٿيون ڇڏين!
ته ڪڏهن
ٿڃ پياڪ ٻار کي
بستري تي اڪيلو اُڇلي
رات جي پاڇي ۾
اڻ ڄاتل فون ڪال تي
رت جي رشتن کي سالن جا زخم ڏئي
ايئن اُڏريو وڃن
ڄڻ ڪارڙو تتر پڃري مان اڏري وڃي!
مون گند جي ڍير تان
ڪيترن ئي ٻارن جي نازڪ جسم تي
ڪُتن جون ڏاٺون ڏٺيون هونديون!
مون کير ڍڪ جي تلاش ۾
اڻڀن وارن ۽نٻل جسامت وارا
مراسمڪ ۽ اگهاڙا ٻار
ڏٺا هوندا!
هڪڙن گهرن ۾ سڪل کير۽ منرل واٽرجا دٻا
مدي خارج ٿيندي ڏٺا هوندم!
ته ٻين گهرن ۾
بکايل ٻارن کي روئندي
۽ پيءُ کي جوئا جي اڏي تي
جوان ڌيءُ کي هارائيندي ڏٺو هوندم!
پر تون چوين ٿي ته
منهنجن نظمن ۾
تنهنجا ارمان شامل ناهن!
هُن جواب ۾ لکيو آهي ته
تنهنجي هن نظماڻي ميسيج ته
اڄ روئاڙي وڌو آهي!
هُن لکيو آهي ته
مون شيڪسپيئر کان شيلي
۽ پُشڪن کان پئبلو نرودا تائين
ڪيترن ئي زبانن جي شاعرن کي پڙهيو آهي
پر تو مونکي پنهنجي انداز ۽ ٻوليءَ ۾
درد جي ڪٿا بيان ڪندي
محسوس ڪرايو آهي ته
درد رڳو
يورپ جي اُداس گهٽين جو مسافر ناهي
درد ته سنڌ جي ڳلين جو روڳ به آهي ته
منهنجي پاڙيسرڻ ۽ ڪلاس فيلو
جي گهر جو چيڙاڪ ڀاتي به آهي!
هُن لکيو آ ته
رات دير تائين پنهنجن ساهيڙن سان گڏ
ٽائيم اسڪائر جي ڏاڪڻين تي
بيئر پيئندي پيئندي
تنهنجو هي نظم
اسان جي اکين مان ڳڙندڙ
ڳوڙهن سان گڏ سڏڪندو ۽ ٽمندو رهيو!
ڇو ته تنهنجن نظمن ۾
هتان جي گهر ۽ گهٽين جي پيڙا به آهي ته
سرحد پار جي ڀوڳنائن جو
روح کي روڙيندڙ سڏ به آهي!
*
هي نثري نظم پنهنجي انداز جو شاعراڻو معجزو آهي، اهڙي طرح هن جي نظمن جو گھاڙيٽو جدا جدا هوندي به ، هن جو شاعراڻو اسلوب ڪٿي به ٽٽندي نظر نه ٿو اچي.
نثري نظم جي هڪ وڏي خوبي اها به آهي ته پيشڪش ۾ موضوع سان جڙت اهڙي هجي جو نثري نظم پڙهندڙ کي نه رڳو متاثر ڪري پر لکڻ لاءِ به آماده ڪري.
اهڙا نظم شيخ اياز وٽ تمام گھڻا ملن ٿا. جن کي پڙهڻ کان پوءِ قاري لکڻ جي شروعات ڪري ٿو، اهڙو ئي خوبصورت انداز ڊاڪٽر مشتاق ڦل وٽ به پَسجي ٿو.
هڪ ٻيو حسين نظم اوهان لاءِ.
باک ڦٽيءَ تائين مان تنهنجي ڀاڪر ۾
تڙپندي رهندي هيس.
مون سوچيو پئي رات نه ٿئي ها ته
نه مان تنهنجون اکيون ايترو
ويجهڙائيءَ کان ڏسي سگهان ها
نه ئي شاعر جاڳي
انتظار ۽ وڇوڙي جا گيت لکي سگهن ها،
تون موڪل تي ايندو آهين ته
موڪل جلدي ڇو گذري ويندي آ؟
توکي وري الائي ڪڏهن موڪل ملندي؟
چون ٿا ته بارڊر تي ڇتي ويڙھ هلي پئي
۽ تنهنجي ڊيوٽي
سرحد ڀرسان گليشئر تي لڳي آهي،
اها به سُڌ پئي آ ته
تنهنجا ڪيترا ئي ساٿي برف جي ڪئنن سان
ڊگهي ننڊ سمهي پيا آهن!
مونکي خبر آ
توکي شام جو پهر تمام گهڻو وڻندوآ
پر مونکي،مونکي وري
رات جي خاموشي،چنڊ جون چلولايون،
ستارن جي جهرمر
۽ تنهنجو گڏ هجڻ وڻندو آهي!
اهو ته تون به ڄاڻين ٿو ته
جدائيءَ جي وهاڻي تي سمهڻ
مون لاءِ هاڻي ممڪن ئي ناهي!
خبر ٿئي
تون ته ڊيوٽي تي هليو وئين
پر هاڻي هر رات
وڏيري جو پُٽ منهنجن پيرن ۾
زنجير ٻڌي منهنجون اکيون
ٻوٽرائڻ چاهي ٿو!
هو چاهي ٿو ته مان تو لاءِ
پنهجي دل جا ۽ گهر جا
سڀ دروازا بند ڪري
هن جي ٻانهن هيٺان
پنهنجا وار وڇائي ڇڏيان!
هن کي ڇا سڄي ڳوٺ کي خبر ناهي ته
منهنجي اکين جي، وارن جي
ڳٽن جي، ماڻن جي
۽ انگل آرن جي وارثي
تنهنجي پهرئينءَ ڀاڪر سان ئي
سلهاڙيل آهي!
فون هئنگ ٿي ويو آهي
گهڻئي ايلاز ڪيامانءِ ته
ٻه اکر پڙهي وٺان پر تو پڙهڻ ڏنو ڪونه!
هاڻي ته خط به ڪانه ٿي لکي سگهانءِ!
بس تون هاڻي جلدي موٽي اچ
توکي
منهنجا ڀِڳل ۽ آلا وار وڻندا آهن نه!
مان روز وار آلا ڪري
آئيني جي سامهون بيهي
پاڻ کي ڏسي ڏسي ٿڪجي پئي آهيان
اُن آسري تي ته
تون اجهو ٿو واپس اچين،
پر رات کان پاڙي جي زائفن جا
لٿل منهن
۽ ڳوٺ واري گڏيل اوطاق تي غير رواجي
اڃ وڃ ڏسي
منهنجي دل گهٻرائي رهي آهي !
ڪٿي تو رُسڻ جو ته ناهي سوچيو!
هن ڀيري
تنهنجي اچڻ جي انتظار جا ڪڪر
منهنجي اکين سان گڏ
وسڻ جا ويس پيا ڪن!
تون جلدي موٽي آ
منهنجي مَن جا وارث
مان هاڻي
توکانسواءِ اُداس ٿيندي ٿي وڃان!
*
هن نظم ۾ رڳو هڪ لفظ اڻ وڻندڙ آهي ايئنءَ سمجھو ته واڌو آهي، ابلاغ آهي. جيڪو نه هجڻ گھرجي. ويڙھ، جنگ لفظ پنهنجي ساختيات ۾ تمام ڀاري هجي ٿو. ان جي باوجود به هن مصرع ۾ “چون ٿا ته بارڊر تي ڇتي ويڙه هلي پئي.” هي لفظ نه هجڻ گھرجي ها.
هن نظم ۾ ايتري اڇوتائپ آهي جو دل جي پاتال تائين لهي وڃي ٿو. موضوع کي هڪ اسٽروڪ ۾ هي طويل نظم لکڻ جو هنر ڊاڪٽر مشتاق وٽ آهي.
ملڪ جي بارڊر تي جنگ هجي، پيار جي سرحد تي هلندڙ جنگ هجي يا زمين جي دنگ تي هلندڙ جنگ هجي، انهن جنگين ۾ ماڻهو پنهنجي جان جي پرواھ به نه ڪندو آهي.
ڊاڪٽر مشتاق ڦل نثري نظم جو وڏو شاعر آهي، آءٌ هن جي نثري نظم تي چند ڳالهيون ڪرڻ ضروري گھران ٿو.
1. هن وٽ يونيڪ موضوع آهن.
2. انهن موضوعن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ اُڻڻ جو فطري عمل نمايان آهي.
3. نثري نظم کي پنهنجي شعور تي حاوي نه ٿو رکي.
4. نظم ۾ اُڌارا ورتل لفظ هن وٽ نه آهن.
5. انساني فطرت جيئن هن جي نظم جي اڻت آهي.
6. نثري نظم جي گھاڙيٽن جي ويرائٽي رکندڙ شاعر آهي.
7. هن جو نثري نظم فن سان ٽمٽار آهي.
ڊاڪٽر مشتاق ڦل جا ڪيترائي نظم آهن جن کي مڪمل طرح هن مضمون ۾ شامل ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان، پر سارو ڪتاب دل کي لڇائي تڙپائي وجھندو آهي. هي اهڙو ئي يونيورسل موضوع وارو نظم آهي.
عورت جي ڀوڳنا!
سُئيءَ ۾ ڌاڳو وجهندي
هوءَ لڙڪ لاڙي ويٺي
رليءَ جي رنگن جهڙي دل
پراون هٿن ۾ ڏئي
اڃا ڪيترا ڏينهن
مُڃ ڪُٽينديس،واڻ وٽينديس
مال به چارينديس
۽ رليون به سُبنديس!
پنهنجي مُنهن ڳالهائيندي
هوءَ پنهجي حال تي
روئندي وري چوڻ لڳي
برف وانگر ڳري
حياتيءَ جا باقي ڏينهن
اڪيلائي ۾ گذارڻ
ڪيترا نه ڏکيا آهن،
ڪجهه ڏينهن اڳ
ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ٿيو
’مونٽبلينڪ‘ پَهاڙ ڀرسان
برفاني جبلن جي
چوٽين کي هيليڪاپٽر ذريعي
دوربينيءَ سان ڏسندي
برف جي سيني تي
هڪ پکيءَ کي ڦٿڪندي ڏٺم،
مونکي عورت جي
احساسن ۽ ُان پکيءَ جي
ڦٿڪڻ ۾
فرق صرف اهو لڳو ته
هوءَ رلي سبندي روئي رهي هئي،
۽ هي وري
ولر کان وڇوڙي جو درد ڀوڳي
شايد پهاڙ ۾ پناھ لاءِ پهتو هوندو
پر
پهاڙ جو ٿڌو ڀاڪر سندس
رت ڄمائي کيس
اُن عورت وانگر ماري رهيو آهي
جيڪا
رليون سَبندي به
گرم ڀاڪر لاءِ سڪندي رهي ٿي!
مون ڪالهه گهر ۾ رکيل
پراڻي صندوق کولي ته
اُن ۾ ٻه رليون پيون هيون
هڪ ۾
امان جي هٿن جي خوشبو
۽ ٻيءَ ۾ منهنجي زال جي
آڱرين جو حُسن پويل هو.
مونکي محسوس ٿيو
رليءَ جي هر ٽُڪ ۾
حيات جا سوين رنگ ،
عورت جي ڀوڳنا
۽ مُحبت جا ڪيئي قصا
ڄڻ مونکي چئي رهيا هجن ته
عورت جي پيار،لڙڪ
۽ سڏڪي کي ڪڏهن به
بي معنيٰ نه سمجهجانءِ!
*
پيار جي اُڻاٺ، درد جي هلندڙ بارش يا اڪيلائپ يونيورسل موضوع آهن، جن سان نباهه ڪرڻ ايترو سولو ڪم ناهي.
خيال جي پيشڪش ۾
• شاعر جي ٻولي
• ٻوليءَ تي دسترس سميت گرامر
• ابلاغ
• موضوع سان نباھ ڪرڻ
• ڪردار جي داخلي ڪيفيت جو هُجڻ
• شاعر جي علم بيان جي پيشڪش
• پنڪچوئيشن جو نظرداريءَ سان خيال رکڻ.
آءٌ ان معاملي ۾ پڙهڻ جو پنهنجو مجاز رکندو آهيان. آءٌ ته شاعر جي ذاتي زندگيءَ سميت، هن جي گھراڻي کي نظر ۾ ناهيان رکندو. مون وٽ شاعر جي تخليق جا علمي پاسا هجن ٿا. انهن تي ڳالهائيندو آهيان.
ڊاڪٽر مشتاق جهڙو طويل نظم لکڻ جو هنر رکي ٿو ۽ هن جي ڪنهن ٻئي سان ڀيٽ نه ٿي ڪري سگھجي، هو پاڻ ئي ڪمال جو شاعر آهي. هڪ ٻيو نظم:
اڪيلي اُداس ٿي ويندي آهيان!
آخري ميسيج ۾ هن لکيو آ
توکي ته خبر آهي نه
سردين ۾ مان
اڪيلي اُداس ٿي ويندي آهيان،
اڪيلي ڪمري ۾
لالٽين نما گلوب ٻري پيو،
جگجيت جو غزل ٻڌندي
تنهنجي تصوير ڀرسان رکي
ڪمبل ۾ پاڻ ويڙهي
توکي ڳوليان پئي،
پر تنهنجن ٻانهن جا
رنگ لڀن ئي نٿا!
وهاڻي ۾ منهن لڪايان ٿي
پر تنهنجي ويڪري ڇاتيءَ جا
سَڻڀا احساس
منهنجن ڳٽن کي ڇهن ئي نٿا!
مان هاڻي توکي
نه ميسيج ڪنديس نه ئي ڪال!
تون جلدي موٽي آ
مونکي پاڻ سان گڏ وٺي وڃ!
تون وٺڻ نٿو اچين ته
پنهنجي دل جي ڊيٽا مان
منهنجي پيار کي
ماکيءَ جي لار جيان
ڳاڙي ڇڏ!
مان پنهنجي بدن کي
باھ تي سيڪيندي سيڪيندي
ساڙي ٿي ڇڏيان!
مون ڪمبل منهن تان هٽائيندي
دريءَ ڏانهن ڏٺو
هوءَ ڪافيء جو مگ کنيون
مون ڏي پئي آئي!
رينڪ تي مگ رکي
چوڻ لڳي
سڪ ڇو لڳندي آهي؟
پيار ۾
ڀاڪر جي ڪيتري اهميت آهي؟
موسم ۽ دل جي ڪيفيت جو
پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟
مان جيستائين
کيس ڪا ورندي ڏيان
هن جُهڪي مونکي چمي ڏني!
مونکي محسوس ٿيو
ڄڻ ته
منهنجن چپن تي ڪو
ماکي اوتي رهيو هجي.
*
شاعري انساني سماج جي جمالياتي عنصر چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، شاعري قوم جي ابتدائي ادبي فن جو نالو آهي. شاعري جدا رنگ ۽ ڍنگ رکي ٿي. عام ماڻهو هر دور جو شاعراڻو موضوع هجي ٿو ، پر اُن موضوع کي وسيع تناظر ۾ کڻي اچڻ وارو نثر نويس ۽ شاعر هجي ٿو.
جديد دؤر خيال جي پيشڪش ۾ انوکا رنگ ڀريا آهن جن کي جديد ادبي نظرين سميت تنقيدي آهنگ ۾ ڏٺو ويو آهي ۽ نثري نظم جديد صنفن جي اهم صنف آهي، جنهن ۾ شاعر خيال کي مڪمل پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
ڪجهه جديد دور جي اُڻت جا اهم نقطا هيٺ ڏيان ٿو.
• جديد معاشري جي اڏاوت ذهين ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو.
• شاعريءَ ۾ سائنسي اصطلاح ۽ سائنسي شعور جي اڻت ڪرڻ.
• زندگي جي اڻ وڻندڙ لمحن کي قلم ۾ بند ڪري اهميت جوڳو بڻائڻ.
• شاعريءَ کي تشريحن جهڙي دقيق مرحلي کان اڳتي وٺي اچڻ. جديد سائنسي ايجادن سان گڏو گڏ شاعريءَ ۾ نئين اڏوات ڪرڻ.
جديد دؤر جي شاعري جي اهم موضوعن سميت نظم ۾ اهم فڪري ۽ فني طور بالغ پيشڪش جا مکيا عنصر هي آهن.
• هڪ ئي وقت انساني سوچ ۽ انساني عمل سان شاعريءَ کي موضوعاتي طور مالا مال ڪرڻ.
• هڪ ئي وقت مسلسل خيال جي پيشڪش کان نظم کي گھڻ احساساتي عمل ۾ وٺي اچڻ.
• نثري نظم ۾ ڪردارن جي سُڃاڻپ يا تعارف جو محتاج نه رکڻ.
• نثري نظم ۾ خيال کي ڪومل لفظن جو ويس ڏيڻ.
• نثري نظم ۾ لساني آهنگ کي اهڃاڻ يا تشبيهه جو محتاج نه رکڻ.
ڊاڪٽر مشتاق ڦل هن صديءَ ۾ جديد نظم جو اهم شاعر آهي، جنهن جي نثري نظم جي فڪري پختگي سميت هن جي مشاهداتي انداز، خيال جي وسيع اڻت جي ڪري هن اهم شاعر طور جاءِ ٺاهي ورتي آهي.
هن ئي نظم جي هڪ مصرع جنهن ۾ خيال جي ڪُوملتا جو رنگ ۽ پيشڪش جي اَڇوتي هجڻ سان گڏ ، خيال کي انساني جذبن جي تاريخي سڃاڻپ بَخشرائڻ آهي.
پيار ۾
ڀاڪر جي ڪيتري اهميت آهي؟.
ڊاڪٽر مشتاق ڦل جديد نظم جو اهو البيلو شاعر آهي، جنهن وٽ ڏات چئوماسي جيئان لهي ٿي ۽ جنهن وٽ جديد نظم جي موضوعاتي ۽ صوتياتي پيشڪش پنهنجي آهي، نثري نظم ڪير به پڙهي يا ٻڌي ان کان پوءِ يقين سان قاري اهو بي ساخته چئي ڏي ٿو ته اهو نظم ڊاڪٽر مشتاق ڦل جو آهي.
نثري نظم شاعراڻي صنف ته آهي پر شاعراڻي نهج ۾ نثري نظم جي تاريخ اهميت جوڳي آهي. ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي هن نثري نظم جي ڪتاب تي آءٌ پنهنجي مختصر ڳالهه هئي ڪندس ته :
• نثري نظم موسيقيت نه رکندو آهي پر پوءِ به لساني آهنگ ۾ موسيقيت هجي ٿي.
• جديد نظم مقفا ۽ مردف هجڻ کان معرا آهي.
• بندن کان به معرا آهي.
• علم عروض، ڇند وديا جي اصولن کان به معرا آهي.
• هن جو نثري نظم هن صديءَ جو اهم نظم آهي.

عزيز قاسماڻي
محبوب جو بنگلو، ميراڻي محلو
لاڙڪاڻو، سنڌ
15.11.2018

درد جو نئون رومانوي جهان تخليق ڪندڙ شاعر

وليم ورڊس ورٿ چيو هو: ”اعليٰ ۽ عظيم شاعري اها آهي جنهن ۾ شاعر جا ڀرپور احساس بي ساختگيءَ سان ازخود ڇلڪي پون.“
ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي شاعري اهڙي ئي آهي. خاص طور هن جي نظمن ۾ انتها جي رواني، موسيقيت ۽ روانگي آهي. سندس لفظ آبشارن تان ڪرندڙ پاڻيءَ وانگر ترڪندا اچن ٿا. هن پنهنجي شاعريءَ کي فطرت سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي. هو نئين رومانيت جو نئون منظر نامو کڻي آيو آهي. هن عهد جي وڏي نقاد اڪبر لغاريءَ درست لکيو هو ته ”ڪا به ادبي تحريڪ بنهه ختم ڪڏهن به ناهي ٿيندي. هن جا وارث ڪنهن نه ڪنهن ٻوليءَ ۾ موجود رهن ٿا.“ جيڪڏهن آئون لکان ته ڊاڪٽر مشتاق ڦل نئين رومانيت جو وارث آهي ته غلط نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته رومانيت جي بنيادي نقطن ۾ اها ڳالهه شامل هئي ته فطرت ڪو مئل مادو ناهي بلڪه فطرت ٿڪل ۽ ستايل ماڻهن ۽ مسافرن لاءِ هڪ پناهه گاهه آهي. اوچا جبل، آبشار، وڻ، ٽڻ، پکي پکڻ، هوائون، ڪڪر، ٽڪر، مينهن، واءُ، هيرون، نديون، واري، پٿر، پٽ، پڊ ۽ ڦٽل ڀڙا سڀ ڪجهه فطري آهي ۽ شاعر جڏهن انهن جي ڳالهه ڪري ٿو ته هو روسو جي لفظن ۾ ”فطرت ڏانهن واپس موٽي ٿو.“ رومانيت جا ٻيا اهم عنصر تخيل ۽ وجدان آهن. تخليق يا تخيل خدائي خوبي آهي. شاعر وٽ اهڙو هنر اچڻ هڪ آفاقي قوت هٿ اچڻ جي مترادف آهي. اهو وجدان ئي آهي جيڪو سندس داخلي ڪيفيت کي خارجيت سان همڪنار ڪري ٿو. ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي شاعري نه صرف فطرت، تخيل ۽ وجدان جو عمل دخل آهي، پر هو انهن عنصرن ۾ تجديد ڪري ٿو. هو فطري منظرن مان سونهن جا سمورا عڪس کڻي انهن کي فرد جي داخليت سان جوڙي وجداني سطح تي اُنهن جو اظهار ڪري ٿو.
مونسان پيار ڪندڙ ڇوڪرا
هوا ملئي ته کيس چئجان
مونکي تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳي آ!
رات جيل جي سلاخن پويان
ڊگهين ديوارن کان
تازي هوا، بادل ۽ بارش بابت پُڇيم ئي مس ته
ديوارن روئڻ شروع ڪري ڏنو!
ڊگهين ديوارن کان هوا، بادلن ۽ بارش جو ڏس پتو معلوم ڪرڻ جهڙا استعارا ڪو رومانوي شاعر ئي تخليق ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ بي پناھ ڪرڀ پڻ آهي ته هڪ سڪ ۽ ڇڪ جي ڪيفيت پڻ آهي. ڊاڪٽر مشتاق ڪيفيتن جو شاعر آهي. ڇاڪاڻ ته هو ميڊيڪل ڊاڪٽر پڻ آهي ۽ شاعر به آهي. ڏهاڙي هن جي سامهون سُور جون سوين صورتون ظاهر ٿينديون هونديون. هو الائي ته ڪيترين اکين جو درد پڙهندو هوندو، الائي ته ڪيترن چهرن جي گُهنجن ۾ لڪل پريشاني ڏسندو هوندو، الائي ته ڪيترين مائرن جون اُميدون ۽ نااميديون محسوس ڪندو هوندو. شاھ سائين جڏهن کاهوڙين جي اٺن کي ڏٺو ته چيو هئائين،
ڏوري ڏوري ڏيهه، ماءُ کاهوڙي آئيا،
مين پيرين کيهه، ڪُهه ڄاڻان ڪنهن پار جي!
]خبر ناهي ته کاهوڙين جي اٺن جي پيرن ۾ ڪهڙي ديس جي دز ۽ مٽي لڳل آهي؟ هو ته الائي ڪيترا ملڪ ۽ ڏسائون لتاڙي آيا آهن.[
ڊاڪٽر مشتاق ڦل وٽ به مشاهدي لاءِ روز نوان ماڻهو اچن ٿا. هر فرد جي الڳ ڪهاڻي بلڪه ڪهاڻيون آهن. هن شايد درد جي اونهائيءَ کي ويجهڙائيءَ کان محسوس ڪيو آهي، جو هو مريضن لاءِ رڳو طبيب نٿو رهي بلڪه انهن جو حبيب ٿي پوي ٿو. هو دوا درمل سان گڏ انهن سان ڳالهيون ڪري انهن جو بار هلڪو ڪري ٿو. ۽ هڪ شاعر جي حيثيت سان درد جا انبار جيڪي ماڻهن وٽان کيس ملن ٿا اهي هو قلم جي مدد سان پني تي اوتي پاڻي هلڪو ڪري ٿو. بلڪه جيڪڏهن ايئن چئون ته هيءُ هڪ اهڙو شاعر آهي جيڪو دنيا جا درد گڏ ڪري انهن کي محفوظ ڪندو وڃي ٿو. ماڻهن جون درد ڪهاڻيون ٻُڌندي هن جون پنبِڻيون به ڪيئي ڀيرا آليون ٿين ٿيون ۽ هو اکين ۾ اٽڪي پيل اُنهن ڳوڙهن کي پني تي لاهي وٺي ٿو.
ضروي ناهي ته منهنجي مُرڪ ۾
لڪل ڳوڙها تنهنجي ٻُڪ ۾ ڪري پون!
پر ياد رک
تنهنجي دل جا زخم روز اُگهڻ
مان ئي ايندي آهيان!
مون ڊاڪٽر مشتاق جا ڪيئي نظم پڙهندي اها ڪيفيت محسوس ڪئي آهي جنهن لاءِ شاھ سائين چيو هو، ”لُڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلم تي!“ هو درد جو نئون جهان تخليق ڪري رومانيت کي امر ڪري ڇڏي ٿو. سندس نظم ”آءِ سي يو“ اُن سموري منظر نامي جي چٽي تصوير آهي، جنهن ۾ هن لفظن سان درد جون اِهي تصويرون ڪڍيون آهن، جن ۾ اها چنگهه به آهي جنهن لاءِ شاھ سائين چيو هو، ”اڄ پڻ چنگهو چنگهه، واڍوڙڪي مَنهين.“ ]اڄ وري وڍيلن جي مُنهن/گهرن مان ڪنهن جي چنگهڻ جو آواز اچي ٿو.[
چوٿين نمبر ڪيوب ۾ داخل
روڊ ڪناري تي کيڏندڙ ٻار جي
مٿي تي جيپ جو ٽائر
زندگيءَ جي
ساڀيان جهڙي خواب کي لتاڙي
گيريج ۾ ننڊ ڪري رهيو آهي!
مونکي وري ٻار جون
اُجهاڻل اکيون سڏي چون ٿيون
امان کي سڏي ڀرسان ويهار!
پنجين نمبر بستري تي
هڪ نوجوان عورت سُتي پئي آهي
جنهن جي سُر ۽ صورت تي
جڳ مُوهت هوندو هو!
زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائڻ لاءِ
ٻُڪ ٽڪين جو کائي
پرس ۾ پيل خالي پتن کي
آخري چمي ڏئي
منجهند ڌاران هتي پهتي آهي!
هن کي مُڙس گهران ڪڍي
سندس ئي سينگاريل ڪمري ۾
ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ کي
سُمهاري ڇڏيو آهي!
هُن جا ٻار اسپتال جي گيٽ تي
سيءَ ۾ ٿڙڪي رهيا آهن!
زمين ٿڌي ٿي وئي آهي!
مون وٽ هڪ ڪمبل آ
اهو هِنن جي مٿان وجهان يا
کين ان تي سمهاريان!
’آءِ سي يو‘ ۾ ٻارن جي اچڻ تي پابندي آهي
هونئن به ٻه ٻيون عورتون
جن جي جسم ۾ نشي آور دوائن
ايترو ته اثر ڪيو آهي جو
هُنن جون اُبتيون سبتيون
ڳالهيون ٻڌي
منهنجو ساھ ٿو مُنجھي ته
ٻارن کي پنهجي هنج ۾
مان ڪيئن سمهاريان!
رات جو ڏيڍ ٿيو آهي شايد!
ٻار کي چيٿاڙيندڙ
سرڪاري جيپ واري همراهه،
نڪاحن جي رومانس واري عادي مجرم
۽طلاقيل عورت جي درد کان وانجهيل
وڏي بنگلي واري شرابي مرد کي
ڪير ٻُڌائيندو ته
رات ڊگهي ٿيندي ٿي وڃي
پنهنجي اُماڻيل
درد واري ڪاري پَرس مان
ڪجهه لُڙڪ ۽ هي ٽي ٻار
هِتان کڻي وڃي
مونوٽ صرف هڪ ڪمبل آهي
هيٽر ڀرسان
ننڊ جا عادي هي ٻار
آخر مان ڪٿي سمهاريان!
ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي نثري نظمن سنڌي ادب ۾ اها جاءِ والاري آهي جيڪا جمال ابڙي جي ڪهاڻين سنڌي ڪهاڻين جي تاريخ ۾ والاري هئي/آهي. ٻنهي وٽ عميق تجربا آهن، ٻنهي وٽ درد پهريون موضوع آهي ۽ ٻنهي وٽ فرد اهم آهي. ٻنهي ۾فرق آهي ته رڳو ايترو ته هڪ ڪهاڻين ۾ نثري نظم لکي ٿو، ٻيو نثري نظمن ۾ ڪهاڻيون لکي ٿو.

ڊاڪٽر شير مهراڻي
سنڌي شعبو
ڪراچي يونيورسٽي
16 نومبر، 2018ع

رستي ۾ آهيان

---

وڇوڙو ناهي ماريندو

وڇوڙو ناهي ماريندو

وڇوڙو ناهي ماريندو
وڇوڙي جو ڏک ماريندو آهي
اڪيلائي روڳ بخشيندي آ
سفر ۾ دوستين جو جُڙڻ
۽ گڏجي پيئڻ جا لمحا
وساري ناهن سگهبا!
چالاڪ ليکڪ
فائيو اسٽار هوٽلن ۾
صدارتون ڪندي نظر ايندا آهن
۽ ڌرتيءَ مان ڦُٽل شاعر
مشاعري ۾ جيئڻ ۽ مرڻ جا
عزم ورجائيندي پيار جي گيتن سان گڏ
بئنچ تي ئي سمهي پوندا آهن
هڪ شاعرا تي سوين شاعر
ٻَلهار پيا ٿيندا آهن!
۽ اڪثر شاعرن جون زالون وري
پنهنجن مڙسن جون ڊائريون پڙهي
پنهنجي منهن روئنديون رهنديون آهن!

نئون سج اُڀرندو!

نئون سج اُڀرندو!
__________
ڪالهه وڪيلن جي بار ۾
هڪ وڪيلياڻي ملي
هُن جو اکيون به ڄڻ
ڪنهن حسين شاعره جو
پهريون نظم هيون!
مُنهنجي ڀرسان ويٺل
ڊگهي قد ۽ من موهيندڙ شڪل واري
تجربيڪار وڪيل سگريٽ پئي پيتو
صوف،آڙو ۽ انگور ٽيبل تي پيا هئا
۽ هوءَ وڪيلياڻي فائيل ۾ اکيون اٽڪائي
ڪنهن قيدياڻيءَ کي ڦاسي گهاٽ تان
واپس ڪرائڻ لاءِ
قانون جي قلمن کي ڳولي ڳولي
ٽوڙي رهي هئي،
مون اُتي سوچيو
فائيو اسٽار هوٽل ۾ پڙهيل
منهنجن نظمن کان ته
هن وڪيلياڻيءَ جا دليل
وڌيڪ ڀلا هوندا!
جن جي ڪري
ڪا بي قصور ڇوڪري
مُڙس کي قتل ڪرڻ جي ڪوڙي ڪيس ۾
ست سال جيل ڪاٽي
سڀاڻي ٻاهر نڪري آزاد هوا کائيندي،
۽ هُن جي پوڙهي ماءُ جي
اُداس اکين ۾ نئون سج اُڀرندو!
مان بار روم کان ٻاهر نڪتس
منهنجا وڏي هوٽل ۾ پڙهيل سڀ نظم
جيڪي مون وزيرن مشيرن
اڳيان پڙهيا هئا
اهي مون تي کلڻ لڳا هيا!!

مان سوچيان ٿو!

مان سوچيان ٿو!
________________
منهنجا نظم ايترا گهرا ته ناهن
جو تون سمجهي نٿي سگهين!
رات ميسينجر تي ڳالهه ٻولھه ڪندي
مون پنهنجي
پرڏيهي گرل فرينڊ کان پُڇيو؟
هوءَ خفا ٿيندي چوڻ لڳي
تنهنجي ڪنهن به نظم ۾
منهنجو اندر جي پيڙا سمايل ئي ناهي
جو مان اُنهن منجهان
ڪو هڪ به نظم
پنهنجي ’آءِ فون‘ جي اسڪرين تي رکي
بار بار پڙهان ۽
روئي روئي سُمھي پوان!
’ورجينا ايئر لائين‘ ۾ سفر دوران
خوابن جهڙي ڇوڪريءَ سان
ساڍا چار ڪلاڪ گذاريندي
سندس ڪهاڻي ٻُڌي
ساڻس اهڙي ته دوستي ٿي وئي جو
هاڻي ته اسان جون اکيون سدائين
ايئرپورٽ مٿان اُڏرندي
هڪٻئي کي ڏسڻ لاءِ
آتيون هونديون آهن!
هوءَ پاڻ سميت پنهنجن ڪلاس فيلوز جي
دکدائڪ وارتائن جي
يادگار ڊائريءَ جهڙي اُداس ڇوڪري آهي،
هن جي ماءُ اڪثر وقت
بواءِ فرينڊ سان گڏ گذاريندي
هن کي ڇاتيءَ سان لائي
کير پيارڻ بجاءِ
ٻارن جي سنڀال مرڪز ۾ ڇڏي
سندس نرم روح کي زخمي ڪندي رهندي هئي!
ساھ جي تڪليف سان جهيڙيندڙ
سندس هڪ سنگتياڻي کيس ٻُڌائيندي هئي ته
تڪليف جي شڪايت ڪرڻ تي
هن جي ماءُ هن کي ٻُڌڻ بجاءِ
پنهنجي دوست سان فون تي
پيار ڪندي گذاريندي هئي!
هوءَ مڙس کي طلاق ڏئي
ٻي شادي به ڪري ويٺي، پر هاڻي کيس
ٻيومڙس مارڻ تي تُري آيو آهي!
تيستائين هن جي ڌيءُ به
نئون پيار ڪندي
کيس سُڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو!
مان سوچيندي سوچيندي
سج اُڀاري ڇڏيو، پر مونکان
نظم جي اهڙي هڪ سٽ به لکجي نه سگهي
جيڪا هن جي ڏک ۽ڪاوڙ کي
جَهڪو ڪري سگهي!
مان کيس
مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي
ٻُڌايان ٿو ته
مان ماءُ جي حقن جا هوڪا ڏيندڙ
هڪ اهڙو ڪوي آهيان جنهن لاءِ
ماءُ جي خلاف لکڻ ممڪن ئي ناهي!
پر هُن جي ڪاوڙ ناهي لٿي
مون به
’ورجينا ايئر لائين‘ جي اڏام 505 ۾
مليل پهرين پرڏيهي چُميءَ کي
الوداع چئي
’چيٽ باڪس‘ کي آف ڪري ڇڏيو آهي!
مان سوچيان پيو
هي ڪو رويو ئي هوندو
جيڪو ماءُ کي ٻار کان
۽ ٻار کي ماءُ کان پري پيوڪري!
دوستن جو جُڙڻ توڙي ٽٽڻ پڻ
اُن رويئي جو رد عمل ئي هوندو !.

اڪيلائيءَ جو نظم

اڪيلائيءَ جو نظم

گهر جي ڇت تي ويٺي ويٺي
دير دير تائين
سوچيندي رهيس
هوءَ پري ٿو رهي شايد
تڏهن ٿي
پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيان،
مون وري سوچيو
پر هو گڏ هوندي ڪهڙو گڏ هوندو آهي؟
مُون چنڊ جي مڌر روشنيءَ ۾
اڪيلائيءَ جو نظم لکندي
پاڻ کان هر هر هڪڙو ئي سوال پئي ڪيو!
۽ جواب به هڪ ئي پئي آيو ته
پري هجڻ اڪيلائي نٿي ٿي سگهي،
ڪير ڪنهن سان گڏ هوندي به
گڏ نه هجي
اُن درد کي به ته
اڪيلائيءَ جو نالو ڏئي سگهجي ٿونه!
ان رات هو آيو
هر رات جيان
مون سان ڄڻ ته
وسڪيءَ جي بوتل پئي ڳالهايو!
هو گهڻن ڏينهن کانپوءِ
منهنجي اکين تي
چپ رکي
منهنجي بدن جي بيقراريءَ کي
ڇاڻڻ جي ڪوشش ڪندي
وري به
پرتي منهن ڪري سمهي پيو!
مون اُن وقت وري سوچيو
ڪنهن مرد سان پيار ڪري
سندس دل ۽ ڌيان کٽڻ
شايد مشڪل ڪم آهي!
هو دير سان اچي
منهنجن اکين تي چمي ڏئي
پاڻ ته سُمهي پيو
پر مان وري جاڳ جي نشي ۾
پاڻ کي
خالي ڪمري جيان محسوس پئي ڪيان!
مون هن جو ڪٻٽ کولي
پهريون ڀيرو وسڪي کڻي
پنهنجي درد کي پيئڻ شروع ڪيو!
توڙي جو وسڪيءَ جي ڪڙاڻ ۾
منهنجي دل ٻُڏي چڪي هئي
۽ هوش حواس ذري گهٽ
وڃائي ويٺي هُيس
پر
پوءِ به منهنجي اندر جي عورت
هن کي پُٺي ڏئي سمهڻ کان انڪار ڪندي
چئي رهي هئي؛
مڙس جو اعتماد ٽوڙي
پاڻ تي جڳ کلائڻ نٿو سونهين!
هن جي اڄوڪي رات واري
اکين تي ڏنل چمي
شايد اڪيلائيءَ جو علاج هجي!
مان تڪڙا تڪڙا ٻه پئگ ٻيا به پي ويس،
۽ پوءِ هُن جي اکين تي
چپ رکي
سمهڻ جي ڪوشش ڪيم
ته هو جاڳي پيو
۽ چوڻ لڳو
اڪيلائي مونکي پيئندي ٿي وڃي
تون مون کان هاڻي پري نه وڃجانءِ
منهنجي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا
مون سوچيو ،
پري رهڻ به اڪيلائي ٿيندي هوندي
پرگڏ رهندي هڪٻئي کي
سمجهي نه سگهڻ
اڪيلائيءَ جو وڏو درد آهي!

درد يونيورسل هوندو آهي

درد يونيورسل هوندو آهي
_________________
مون رات وري پرڏيهي سنگتياڻيءَ کي
چيٽ باڪس ۾
ڊگهوميسيج ڪندي لکيو آهي ته
درد يونيورسل هوندو آهي!
درد جو نه ڪو مذهب، نه ديس ،
نه ئي ڪا سرحد هوندي آ
درد جي ڪا زبان به ناهي هوندي!
درد محسوس ڪجي ته
اهو به خود نئون درد ٿي اُڀرندو آهي!
مان مَڃان ٿو
تنهنجي ماءُ
توکي کير پيارڻ بجاءِ
بواءِ فرينڊ کي وقت ڏيندي
توکي سنڀال گهر ۾ رکي وئي هوندي!
تنهنجي دوست جي شڪايت کي
سندس ماءُ ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري
پنهنجي بواءِ فرينڊ سان
سمنڊ ڪناري ڊگهي واڪ تي
نڪري وئي هوندي!!
تنهنجي ٻي دوست جي ماءُ
ڪلب ۾
وسڪي پيئڻ ۽ ڊانس ڪرڻ وئي هوندي!
بيشڪ تون ۽ تنهنجون سنگتياڻيون
ان تي ڏکويل هوندئو
پر هتي به ته
پنجن پنجن ٻارن جون مائرون
ڪڏهن ڪارو پٿر پي
خودڪشي ڪري ٿيون ڇڏين
ته ڪڏهن
ٿڃ پياڪ ٻار کي
بستري تي اڪيلو اُڇلي
رات جي پاڇي ۾
اڻ ڄاتل فون ڪال تي
رت جي رشتن کي سالن جا زخم ڏئي
ڪارڙي تتر جيان اڏريو وڃن.
مون گند جي ڍير تان
ڪيترن ئي ٻارن جي نازڪ جسم تي
ڪُتن جون ڏاٺون ڏٺيون هونديون،
مون کير ڍُڪ جي تلاش ۾
اڻڀن وارن ۽نٻل جسمن وارا
مراسمڪ ۽ اگهاڙا ٻار
ڏٺا هوندا.
هڪڙن گهرن ۾ سڪل کير۽ منرل واٽرجا دٻا
مُدي خارج ٿيندي ڏٺا هوندم،
ته ٻين گهرن ۾
بُکايل ٻارن کي روئندي
۽ پيءُ کي جوا جي اڏي تي
جوان ڌيءُ کي هارائيندي ڏٺو هوندم!!
پر تون چوين ٿي ته
منهنجن نظمن ۾
تنهنجا ارمان شامل ناهن!!
هن جواب ۾ لکيو آهي ته
تنهنجي هن نظماڻي ميسيج ته
اڄ روئاري وڌو آهي!
هن لکيو آهي ته
مون شيڪسپيئر کان شيلي
۽ پُشڪن کان پئبلو نرودا تائين
ڪيترن ئي زبانن جي شاعرن کي پڙهيو آهي
پر تو مونکي پنهنجي انداز ۽ ٻوليءَ ۾
درد جي ڪٿا بيان ڪندي
محسوس ڪرايو آهي ته
درد رڳو
يورپ جي اُداس گهٽين جو مسافر ناهي
درد ته سنڌ جي ڳلين جو روڳ به آهي ته
منهنجي پاڙيسرڻ ۽ ڪلاس فيلوءَ
جي گهر جو چيڙاڪ ڀاتي به آهي.
هن لکيو آ ته
رات دير تائين پنهنجن ساهيڙين سان گڏ
ٽائيم اسڪائر جي ڏاڪڻين تي
بيئر پيئندي رهيس،
۽ تنهنجو هي نظم
اسان جي اکين مان ڳڙندڙ
ڳوڙهن سان گڏ سڏڪندو ۽ ٽمندو رهيو.

مان ننڊ ناهيان ڪندو

مان ننڊ ناهيان ڪندو

مان ننڊ ڪاٿي ڪندو آهيان،
فليٽ تي ناول،ڪهاڻي
۽ شاعريءَ جا ڪتاب
آپريشن ٿيٽر ۾
موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش
واريون ڊنل اکيون،
وارڊ ۾ نقلي دوائن جي
بي اثر ٿيڻ جو وسوسو.
ايناٽاميءَ جي
اڌوري ڄاڻ رکندڙ سيکڙاٽ ڊاڪٽر!
ٽيبل تي سُتل خاموش ڇوڪري
جنهن جي
اکين ۾ هڪ ڳڀرو ڇوڪرو.
گُل کنيون بيٺو آ
بليڊ هولڊر۾ نئون بليڊ
۽ ڏڪندڙ هٿن سان
وَڍ ڏيڻ جي شروعات
فليش جو جهٽڪو
نرس فوٽو ڪڍي چوڻ لڳي
ڏسو
سُٺو فوٽو آ يا هڪ ٻيو به ڪڍان؟
اوچتو
آڪسيجن ختم ٿيڻ جو الارم
رت جون ٺينڍاريون
ڪال فار هيلپ،
سينئر سرجن ڪيئن پهچي
هو ته
ڪنهن ٻئي هنڌ مصروف آهي،
مان ننڊ ڪاٿي ڪندو آهيان؟
رات
گهر واريءَ سان گڏ
سُتو ئي پيو هيس ته
الائي ڪيترن ’نظم ڪهاڻين‘
منهنجو در کڙڪايو
مان
ليپ ٽاپ کولي لکڻ ويٺس ته
منهنجي زال سڏڪڻ لڳي
مون نظم لکڻ اڌ ۾ ڇڏيو ته
شاعري اکيون مَهٽي
ڪمري مان ٻاهر وڃڻ لڳي
مان
ننڊ ناهيان ڪندو هاڻي
راتيون،
مونسان گڏ جاڳنديون آهن!
ڪالھه هڪ ڇوڪري ملي
اها خواب ۾ اچڻ جو چئي
پاڻ هلي وئي،
مان کيس ٻڌائڻ به ڀُلجي ويس ته
ڇوڪري مان جاڳ جو مسافر ھان
مان ننڊ ناهيان ڪندو!
مان ته فوٽ پاٿ تي
مانيءَ جي ڳولا ۾ نڪتل
ڪراڙي عورت جي اکين،
دوا جو پرچو کڻي
ميڊيڪل اسٽور ڏانهن ڊوڙندڙ
کليل وارن واري ڇوڪريءَ جي ساهن،
سترنهن ڏينهن کان
ڄنگھه ٽٽل ستن ڀينرن جي
سڪيلڌي ڀاءُ جي
شديد درد جو هڪ راز آهيان
مان ننڊ ڪاٿي ڪندو آهيان
مان بلب جي روشني آهيان،
ڇوڪرا
مونکي ايترا پٿر نه هڻ
مان اُجهامي ويس ته
رات ڪنهن سان ڳالهيون ڪندي!

خواهش

خواهش

اسپتالون بيمار ڊاڪٽرن سان ڀريل هجن،
جهاز جو پائلٽ انڌو هجي
پوپٽن کي پَر نه هجن
۽ پيار جي حاصلات لاءِ جنگ ڪرڻي پوي،
هيءَ ڪا منهنجي خواهش ناهي
نه ئي هي مون لکيو آ
هيءَ هن دور جي ڪجهه ماڻهن جي خواهش به آهي ته
ڪجھه واقعا اکين سان ڏسي به رهيوآهيان
۽ قَسم سان هي نظم
جيڪو تون پڙهي رهيو آهين
سو منهنجو به ناهي
هي ته ”برائون سيوگا“ جو نظم آهي
جيڪو هن ڪيترائي سال اڳ لکيو هيو
پر ڪلھه رات
اسپتال جي وارڊ ۾
منهنجي ذهن تي تڏهن تري آيو
جڏهن هڪ سُهڻي نرس
اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي وارڊ ۾ چڪر تي آيل
بيمار ذهن واري انتظامي آفيسر
ڏانهن اشارو ڪندي
ٻُڌايو ته
کيس هر سهڻي نرس وڻندي آهي
۽ هو اُن کي حاصل ڪرڻ لاءِ
سندن ڏکيون ڊيوٽيون لڳرائي
۽ پگهارون بند ڪرائي
مُحبت ماڻڻ چاهيندو آهي!
جهازن جا پائلٽ اُن کان وڌيڪ انڌا
ٿي سگهن ٿا ڇا؟
مون ته پنهنجين اکين سان
هر دور ۾
حڪمران اکين کانسواءِ ڏٺا آهن!
مون اُن ڏينهن
فيسبوڪ تي هڪ تصوير ڏٺي
اسڪولي ٻار ڊاٽسن کي
ايئن چُنبڙيل هئا
جيئن ماناري سان ماکي جا مَکا!
مان سوچيان پيو
ڪنهن جهانڪي ۾
ڊاٽسن پاسو ورايو
يا ڪنهن ٻار کي ننڊ جو جهوٽو اچي ويو
۽انهن جاپوپٽن جهڙا پَر ڪٽجي ويا
ته اهي ڪير موٽائي سگهندو.

توکي ڇا چوان؟

توکي ڇا چوان؟
____________
۽ ها توڏي روز جيان
نظم موڪلڻ ئي وسري ويو هو.
هاڻي هاڻي
تنهنجو ميسيج پهتو آهي ته
لکڻ شروع ڪيو اٿم.
نظم لکان ٿو ته
تنهنجون اکيون ٿيون
ياد اچن!
تون ايترو روئندي ڇو آهين؟
تنهنجو مُڙس
توسان گڏ ته رهي ٿو!
ڪالھه هڪ نوجوان ڇوڪري ملي
هُن جو مڙس
پئسا ڪمائڻ
مُلڪ کان ٻاهر ويو ته
موٽيو ئي ناهي!
سچ پچ ۾ تون جي
هن جا وڏا وار،ڀريل بدن
بلوري اکيون
۽ جاڙا ڀرون ڏسين ها ته
توکان تنهنجو
حُسن وسري وڃي ها!
۽ جي هن جو ڏک ڏسين ته
توکان
تنهنجو ڏک به وسري وڃي!
ڇو ته
هن جي اکين جي روشني
انتظارَ اُجھائي ڇڏي آ!
تنهنجو مڙس ته توسان گڏ آ
مري ته ناهي ويو
توکي ڇا چوان
تون به پنهنجي جاءِ تي غلط ناهين.
هڪڙو پئسن پويان
پيار وساري پرڏيھه هليو ويو
ٻيو
پئسن جي زور تي
سونهن خريدي
رات جو وسڪي پي
بوتل سان گڏ سُمھي ٿو پوي،
توکي ته خبر آ
مونکي تنهنجون اکيون
وڻنديون آهن!
تون اھڙيون تصويرون موڪلي
منهنجن
نظمن کي وڌيڪ روئارڻ بند ڪر
مان پنهجن پڙهندڙن کي
پاڻ جيترو روئارڻ نٿو چاهيان!

ڀوڳنا!

ڀوڳنا!
______________
سُئيءَ ۾ ڌاڳو وجهندي
هوءَ لڙڪ لاڙي ويٺي
رليءَ جي رنگن جهڙي دل
پراون هٿن ۾ ڏئي
اڃا ڪيترا ڏينهن
مُڃ ڪُٽينديس، واڻ وَٽينديس؟
مال به چارينديس،
۽ رليون به سُبنديس!
پنهنجي مُنهن ڳالهائيندي
هوءَ پنهجي حال تي
روئندي وري چوڻ لڳي
برف وانگر ڳري ڳري
حياتيءَ جا باقي ڏينهن
اڪيلائيءَ ۾ گذارڻ
ڪيترا نه ڏکيا آهن!
ڪجھه ڏينهن اڳ
ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ٿيو
’مونٽبلينڪ‘ پهاڙ ڀرسان
برفاني جبلن جي
چوٽين کي هيليڪاپٽر ذريعي
دوربينيءَ سان ڏسندي
برف جي سيني تي
هڪ پکيءَ کي ڦٿڪندي ڏٺم،
مونکي عورت جي
احساسن ۽ ُان پکيءَ جي
ڦٿڪڻ ۾
فرق صرف اهو لڳو ته
هوءَ رلي سُبندي روئي رهي هئي،
۽ هيءَ وري
ولر کان وڇوڙي جو درد ڀوڳي
شايد پهاڙ ۾ پناھ لاءِ پهتو هوندو ،
پر
پهاڙ جو ٿڌو ڀاڪر سندس
رت ڄمائي کيس
اُن عورت وانگر ماري رهيو آهي
جيڪا
رليون سُبندي به
گرم ڀاڪر لاءِ سڪندي رهي ٿي،
مون ڪالھه گهر ۾ رکيل
پراڻي صندوق کولي ته
اُن ۾ ٻه رليون پيون هيون
هڪ ۾
امان جي هٿن جي خوشبوءِ
۽ ٻيءَ ۾ منهنجي زال جي
آڱرين جو حُسن پويل هيو،
مونکي محسوس ٿيو
رليءَ جي هر ٽُڪَ ۾
حيات جا سوين رنگ،
عورت جي ڀوڳنا
۽ مُحبت جا ڪيئي قصا
ڄڻ مونکي چئي رهيا هجن ته
عورت جي پيار،لڙڪ
۽ سڏڪي کي ڪڏهن به
بي معنيٰ نه سمجهجانءِ .

تصوير

تصوير
________
منهنجي جوانيءَ جي
پهرين خوشبو
چند ڏوڪڙن تي وڪامي ويئي!
منهنجي ڀوري بدن ۽
حسن جي رنگت
جا پهريان
ڳاڙهسرا ارمان
گهر کان ٿاڻي ۽
ٿاڻي کان اسپتال تائين
ڳڙندا رهيا!
منهنجا موالي مائٽ
مونکي اخبارن جي سُرخين ۾
اُن ڪري کڻي آيا آهن
ته جيئن سندن
ڌنڌوڙي ذهنيت جي گند سان
هو منهنجي جسم جي ٽيڪَ تي
جوا کيڏي
پنهنجي اندر جي مجرم کي
خوش رکي سگهن!
ٿاڻي تي پهچڻ سان
صوبيدارمنهنجي ڇاتيءَ تي
هٿ گهمائي
منهنجي جواني ماپيندو رهي ٿو!
هي جُڳاڙي صحافي
صبح جي اخبار جي سُرخي
۽ ’واٽس اپ گروپ‘ جي
خبر جي سودي لاءِ
ٻنھي ڌرين جي کيسن ۾ فليشون هڻي
قلم جي حرمت کي پائمال ڪندو رهي ٿو!
ڊاڪٽرياڻي
منهنجي ٽٽل هائمن کي
مينسز سان ملائي
پنهنجي پرس کي
پئسن سان ڳورهارو ڪري رهي آهي،
پاڙي جا ڇڙواڳ ڇوڪرا
منهنجون راتيون خريدڻ لاءِ
اسان جي گهر جي پراڻي دَر تي
لامارا ڏئي
واري اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا!
خدمت جي نالي تي
چندو ڪري ۽
شهر جي چڪلن تان حصو پتي اوڳاڙي
رات جو شراب پي مونکي
مختلف رنگن جون چوڙيون ڏيکاريندڙ
بلئڪ ميلر همراھ
عيد جون سَيون منهنجي آڱرين سان کائي
منهنجي دُن ۽ پيرن کي
بار بارچٽڻ ٿو چاهي!
بجليءَ جو لائين مئن
ڪٽيل ڪنيڪشن ڳنڍڻ دوران
امان جي ڪن ۾ سُس پُس ڪندي
چئي رهيو آهي
تنهنجوگهر هاڻي بل پيارڻ کان آجو هوندو!
مان سوچيان ٿي
اُرھ جي اُڀرندڙ نشانن
۽ جوان بدن جي اَنگڙاين تي
ڪُتن جي باهوڙ ۽
گندين نظرن جون اُلرون
جديد دنيا جي ترقي ۽ ذهني اوسر جو
نئون نمونو ۽ خدمت جو
اعلي مثال آهن،
يا
ڪوڙ تي ٻَڌل سماج جي
اندر جي ڪاري تصوير.

هو روئن ٿا ته

هو روئن ٿا ته
___________
ٻار ۽ مُرڪ
ڪنهن کي ناهن وڻندا؟
لُڙڪن جي معنيٰ سمجهه ۾
اچي وڃي ته
دنيا جا رنگ ئي بدلجي وڃن !
مان مُرڪيس ته
ميڙ ۾ويٺل هڪ شخص
سُس پُس ڪندي ڀِرسان ويٺل ماڻهوءَ کان پُڇيو
هي سدائين مرڪندو ڇو آ؟
لڙڪ درد جي رجڻ جو
اِسرار آهن
جنهن اُن اسرار کي
سمجهيو اهو رڱجي ويو ،
مان ته پنهنجا ڳوڙها
روئي روئي پاڻ ئي
پي ڇڏيندو آهيان!
روئڻ ۽ مُرڪڻ کي
ڪير ٿو ماري سگهي ڀَلا!
مان ٻن ڏينهن کان
ٻارن جا آپريشن ڪرائيندي ڪرائيندي
پهريون ڀيرو
ٿڪجان ئي نٿو
هو روئن ٿا ته
کين مُرڪڻ جا گُل آڇي
سمهاري ٿو ڇڏيان!
هو جاڳن ٿا ته
ماءُ جي
جهولي مُرڪڻ ٿي لڳي،
مان ٻارن سان گڏ ٻار ٿي
باھ تي نچندڙ
حڪيمن جي شهر جو
اهڙو مُصور طبيب آهيان
جيڪو مُرڪن ۽ لُڙڪن جا
ڪَک ڪُٽي
درد کي
پنهنجي سيني سان لائي
ٻارن جي بدن جي
خوشبو
۽ هُڳاءَ جو معراج ماڻي
نظمن جي رانديڪن سان
رقص ڪندي
رات گذاريندو هجي.

جلدي موٽِي آ

جلدي موٽِي آ

باک ڦٽيءَ تائين مان تنهنجي ڀاڪر ۾
تڙپندي رهندي هيس،
مون سوچيو پئي رات نه ٿئي ها ته
نه مان تنهنجون اکيون ايترو
ويجهڙائي کان ڏسي سگهان ها!
نه ئي شاعر جاڳي
انتظار ۽ وڇوڙي جا گيت لکي سگهن ها!
تون موڪل تي ايندو آهين ته
موڪل جلدي ڇو گذري ويندي آ؟
توکي وري الائي ڪڏهن موڪل ملندي؟
چون ٿا ته بارڊر تي ڇتي ويڙھ هلي پئي
۽ تنهنجي ڊيوٽي
سرحد ڀرسان گليشيئر تي لڳي آهي!
اها به سُڌ پئي آ ته
تنهنجا ڪيترا ئي ساٿي برف جي ڪئنن سان
ڊگهي ننڊ سمهي پيا آهن!
مونکي خبر آ
توکي شام جو پهر تمام گهڻو وڻندوآ
پر مونکي،مونکي وري
رات جي خاموشي، چنڊ جون چلولايون،
ستارن جي جهر مر
۽ تنهنجو گڏ هجڻ وڻندو آهي!
اهو ته تون به ڄاڻين ٿو ته
جدائيءَ جي وهاڻي تي سمهڻ
مون لاءِ هاڻي ممڪن ئي ناهي!
خبر ٿئي
تون ته ڊيوٽيءَ تي هليو وئين
پر هاڻي هر رات
وڏيري جو پُٽ منهنجن پيرن ۾
زنجير ٻَڌي منهنجون اکيون
ٻُوٽرائڻ چاهي ٿو!
هو چاهي ٿو ته مان تو لاءِ
پنهنجي دل جا ۽ گهر جا
سڀ دروازا بند ڪري
هُن جي ٻانهن هيٺان
پنهنجا وار وڇائي ڇڏيان!
هن کي ڇا سڄي ڳوٺ کي خبر ناهي ته
منهنجي اکين جي، وارن جي
ڳٽن جي، ماڻن جي
۽ انگل آرن جي وارثي
تنهنجي پهرئين ڀاڪر سان ئي
سلهاڙيل آهي!
فون هئنگ ٿي ويو آهي
گهڻئي ايلاز ڪيامانءِ ته
ٻه اکر پڙهي وٺان، پر تو پڙهڻ ڏنو ڪونه!
هاڻي ته خط به ڪانه ٿي لکي سگهانءِ!
بس تون هاڻي جلدي موٽي اچ
توکي
منهنجا آلا وار وڻندا آهن نه!
مان روز وار آلا ڪري
آئيني جي سامهون بيهي
پاڻ کي ڏسي ڏسي ٿڪجي پئي آهيان!
اُن آسري تي ته
تون اِجهو ٿو واپس اچين
پر رات کان پاڙي جي زائفن جا
لٿل منهن
۽ ڳوٺ واري گڏيل اوطاق تي غير رواجي
هلچل ڏسي
منهنجي دل گهٻرائي رهي آهي
ڪٿي تو رسڻ جو ته ناهي سوچيو؟

مان به ڪو شاعر آهيان؟

مان به ڪو شاعر آهيان؟
___________________
هنن کي هاڻي خبر پئي آهي ته
مان به ڪو شاعر آهيان!
ٻه چار نظم پڙهڻ کانپوءِ
هُنن مونکي پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي!
مشاعرن ۾ به مونکي سڏرائڻ
کان روڪڻ جا بهانا پيا ڳولجن!
مان سوچيان پيو
ادب ۾ جاگير جو تصور
ڪيترو پراڻو آ؟
اُن سوال جو جواب
’تاج بلوچ‘ جهڙو کرو شاعرئي
دل سان ڏئي سگهي ٿو!
انتها پسندي
’چيزل‘ جي آڳنڌ تائين ماڻهو مارڻ ئي آهي
يا احساسن جي اُڇل کي
قيد جي ڪڙن ۾ قابو ڪرڻ به
انتها پسندي آهي؟
هوءَ ڪوڙي ڪرپشن ڪيس ۾ ڦاٿل ماسترياڻي
عياش آفيسر جي خواهش کي ٿُڪ هڻڻ سبب
درد سان وڙهندي وڙهندي
۽ پنهنجن اکين سان جهيڙو ڪندي،
کين پرچائي رهي آهي ته
ٿورڙي ننڊ پاڻ به ڪيو
۽ ڪجهه مونکي به ننڊ ڪرڻ ڏيو!
هو چون ٿا مان اهڙا نظم ڇوٿو لکان
جن ۾ اُگهاڙيون تصويرون آهن،
جيڪي اهم سرڪاري بنگلن جي
باٿ رومن ۾ ٽنگيل آهن!
هو چون ٿا
اسپتالن جي آپريشن ٿيٽر جا راز
حويليءَ جي رازن جهڙا مقدس آهن
اهي پڌرا نه ڪيان!
هو اهو به چون ٿا ته
اديب، سياسي، سماجي تنظيمن جا اڳواڻ
ڪارڪنن جا پيءُ ٿيندا آهن
سندن سرڪاري مراعتن۽ڪرتوتن بابت
ڪجھه به نه لکان!
پر مان چوان ٿو
منهجو جلد هڪ شاعريءَ جو مجموعو اچي،
جنهن جو نالو ئي هجي
”اگهاڙا نظم“
انهن نظمن کي ڪا به سرڪاري ڊريس
پھريل نه هجي،
ڪنهن به نظم تي
ماسڪ پاتل نه هجي
۽ منهنجي ٽهيءَ جا شاعر
منهنجا نظم هڪٻئي سان شيئر ڪندي
چوندا رهن
يار هي نظم ته پڙهي ڏسو!

نئون عشق

نئون عشق

منهنجا دوست چون ٿا
توکي نئون عشق لڳو آ
هو
منھنجي شاعريءَ ۾
اُن ڇوڪريءَ کي ڳولي رهيا آهن
جيڪا
مونکي سمھڻ نٿي ڏئي!
هو چون ٿا
اها ڪير آ جيڪا منهنجي
راتين ۾ رنگ ڀري
لفظن کي آنچل جيان اُڏاري
اَسر ويل تائين رقص ڪري
پاڻ سمھي ٿي پوي
۽ هو جاڳن ٿا!
مان کين ڪيئن سمجهايان ته
شاعري رڳو
داخلي درد جي وارتا ناهي هوندي!
هوا ڪنهن جي
ملڪيت ٿي سگهي ٿي ڇا؟
باغ ڪير به پوکي
ميوات جڳ کائيندو آهي
گل بازار ۾ به وڪامندا آهن
خوشبو ڪير ٿو وٺي؟
دل کسي وٺڻ ۽
دل تي ضابطو آڻڻ
منهنجي وس جي ڳالھه به ناهي،
عشق ڏيهي يا پرڏيهي
ناهي هوندو!
پوءِ به هو منهنجا سماجي لاڳاپا
رابطن جا ذريعا
۽ ڪتابن جا ٽائٽل کڻي
دير دير تائين سوچن ٿا ته
ته منهنجي محبوبا ڪٿان جي آ؟
مان کين ڪيئن ٻُڌايان ته
منهنجي شاعريءَ ۾
هڪ ڇوڪري ناهي!
مان روز
نئين سنگتياڻي ڪندو آهيان،
اهڙي سَنگتياڻي
جنهن جي جسم تي
روز نئين بوتل هاربي آهي!
هوءَ وڏن وڏن گهرن جون
ڳجهيون تصويرون ڪڍي
مونکي واٽس اپ ڪندي آهي!
هونئن به
مان ايترو چريو ناهيان جو
روز نئون عشق ڪري
پاڻ کي وڃائي ويهان!
رات به هڪ ڇوڪري
منهنجي ڪمري ۾ دير دير تائين
مون سان گڏ سُتي پئي هئي،
هُن کي ڏک هو ته
هُن جو مڙس
هن جي وارن جو رنگ ۽
بدن جي خوشبو چورائي
پاڻ
ٻي ڇوڪريءَ سان سمهڻ ويو آهي!
مان
سندس بدن جا سمورا تِر ڳڻي
اک جي ڪئميرا سان
هر ادا ۽ انگڙائيءَ کي قيد ڪري
هُن جي ڀورا ڀورا ٿيل
احساسن، المين، ڀوڳنائن ۽
پيڙا جي ڪهاڻي
لکي بس ڪئي آهي!
دوست تڏهن به پُڇن ٿا ته
اها ڇوڪري ڪير آ
جنهن سان
مان نئون عشق ٿو ڪيان!

مٽيءَ جو شاعر

مٽيءَ جو شاعر

هو پاڻ ۾ بحث ڪندي اُلجهي پيا
هڪ چيو پئي:
مان پنهنجي ڌرتيءَ ۾ دفن ٿيڻ چاهيندس
ٻيو چوي پيو :
مان چنڊ تي
دفن ٿيڻ جي وصيت لکي ڇڏي آهي
مون کانئن پڇيو اوهان ڪندا ڇاهيو؟
هڪ چيو مان شاعر آهيان
ٻئي چيو مان ڪهاڻيڪار آهيان.
مان مُنجهي پيس
هي ته ڏاها ماڻهو آهن!
مُنهنجي راءِ جي هنن اڳيان ڪهڙي حيثيت؟
شاعر کي چنڊ پيو وڻي
ڪهاڻيڪار کي ڌرتي،
مون سوچيو هي چنڊ توڙي ڌرتي
ڪنهن جي تخليق ئي ته آهن
مان ڪنهن کي گهٽ ڪيان
ڪنهن کي وڌ ڪيان،
مان نه وڏو تخليقڪار نه ايڏو تجربيڪار،
هڪ ٻيو ماڻهو اسان کي پريشان ڏسي
پُڇڻ لڳو
ڪهڙي ڳالھه تي اُلجهيا پيا آهيو؟
مون کيس سربستو حوال ڏنو
هو کلڻ لڳو
مون حيران ٿيندي کانئس کلڻ جو سبب پُڇيو؟
چوڻ لڳو بابا
هُنن جي معاملن ۾ ٽنگ نه اڙاءِ
ڪٿي پاڻ نه ٽنگجي وڃين!
هي چاهين ته
چنڊ لاهي تنهنجي جهوليءَ ۾ رکي ڇڏين!
هي چاهين ته
ستارن کي محبوبه جي وارن ۾ اٽڪائي ڇڏين!
مان اڃا وڌيڪ حيران ٿيس ته
چوڻ لڳو
خبر ٿئي
ڪالھه ويٺي ويٺي هنن چانھه جي ڪوپ تي
هڪ فورم جوڙي ورتو!
صبح جو اخبار ۾ خبر ڇپي،
ٻن ڏينهن ۾ شيڊول جُڙي ويو،
سرڪار سان لکپڙھ ٿي وئي!
سياست جي جهوليءَ ۾
هڪ ڪهاڻي پنج شعر
۽ رنگين بروشر وجهي
ويهه لک منظور ڪرائي ورتا اٿن.
ٻن ٻن سون جون شيلڊون،اوارڊ،سرٽيفڪيٽ
تيار ٿي چڪا آهن!
ايندڙ مهيني وڏو ميلو پيو لڳي!
خبر ٿئي چريا
اُتي رڳو ڪتاب ڪونه وڪامندا
ڪهاڻيون وڪامنديون، شعر وڪامندا
تقريرون وڪامنديون،تحريرون وڪامنديون!
نه صرف ايترو
پر ڪيترائي ليکڪ وڪامندا
ڪنهن جو ملھه پنج هزار، ڪنهن جو مُلھه ٻه هزار
ڪو ٽڪي ملھه به وڪامندو!
مان گهر موٽي آيس
پنهنجن نظمن کي تارازيءَ جي هڪ پُڙ ۾
۽ ٻئي پُڙ ۾ مٽيءَ چپٽي وجهي
وزن ڪرڻ لڳس
مٽيءَ جو وزن وڌي ويو!
ٻاهر نڪتس
چنڊ مُرڪيو پئي،مٽي جي خوشبوءَ
منهنجي مَن ۾ اوتجي رهي هئي
ستارا چوڻ لڳا
اڻ توريو اگهائجڻ جهڙا
مِٽيءَ جا شاعر
تون جڏهن مٽيءَ کي چمي ڏئي
لکڻ ويهندو آهين ته اسان سڀ گڏجي
تنهنجا ئي ڳل چمندا آهيون.

آرٽسٽ

آرٽسٽ
__________
مون شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏني آ
بس هڪ ڪئميرا هٿ اچي وئي آهي،
تصويرون ڪڍندو ،
محفوظ ڪندو ٿو وڃان!
رات جو دير سان گهر کان ٻاهر نڪتس
ڪُتا خاموش هئا
۽ ماڻهو پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا
مون ٻنهي گروپن جون تصويرون ڪڍي
محفوظ ڪري ڇڏيون
هڪ آرٽسٽ رستي ۾ ملي ويو
منهنجي ڪئميرا ۾ محفوظ ٿيل
تصويرون غور سان ڏسڻ لڳو
۽ ڏسندي ڏسندي پگهرجي ويو ،
هو ڪئميرا ۾ قيد ٿيل
اکين جي ماڻڪين ۾
بُرش ڦيرائيندي
پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو:
مون کانئس پريشانيءَ جو سبب پُڇيو
چوڻ لڳو
تنهنجي ڪئميرا جي رزلٽ
ايترو خراب ڇوآهي؟
يا منهنجون اکيون خراب ٿي پيون آهن!
مان هن کي ڪو جواب ڏيان ئي ڏيان
هو برش کي اُڇليندي،
ڪروڌ واري نظر سان
اکين کي مهٽيندي چوڻ لڳو ته
جن اکين ۾ محبت جا گُل ٽڙڻ گهرجن
انهن ۾ رت پيو ڏسان
۽ جن اکين مان
ڪڏهن ڪڏهن ڀئو ٿيندو هجي،
اهي پُر سڪون پيون نظر اچن!
هي ڪهڙي هواگهُلي پئي آهي!
مون سندس ڪيفيت کي بدلبو ڏسي چيو
ڀَلا انهن اکين جي موسم ڪيئن مَٽبي؟
هن ٻيهر اکيون مھٽيندي چيو
لڳي ٿو پراڻا رنگ وري ڳولھڻا پوندا!
اهڙا رنگ جيڪي ڇانوري جهڙو
تصور پيش ڪري سگهن
اَنُ هجي، جَنڊ هجي
چاڏي هجي، جهرڻو هجي
لسي هجي، مهمان هجن
مان هن ڏانهن ڏسندو ئي رهيس،
ته هو چوڻ لڳو سوچيان ٿو؛
اهڙي تصوير راتين جو جاڳي
مونکي وري ٺاهڻي پوندي،
جنهن ۾ گڏيل اوطاق جو نمونو هجي،
لابارن ۽ پوکيءَ لاءِ
ونگار واري تصوير،
عورت جي چيلھه تي گهاگهر،
مٿي تي نيرن جي ماني
۽ گڏجي کائڻ ۽ لسي پيئڻ وارا منظر هُجن!
انب هجن نم هجي، ٽاريءَ جي ڇانوَ هجي
۽ چانڊوڪي رات ۾ مڌر آواز واري
ڪا ناچڻي رقص ڪندي
مُحبت جو گيت ڳائي فرسوده روين کي
مات ڏئي سگهي،
مون سندس ڳالهيون ٻُڌي
آسمان ۾ کِڙيل ستارن ۽خاموش گهرن جا
ڪجھه فوٽو ڪڍي
ڊائريءَ ۾ لکي ڇڏيو آهي
هن تصوير جهڙو ديس
وري ڪڏهن ٻيهر آباد ٿيندو؟
مان به نم جي ڇانوَ ۾ پوتڙو وڇائي
گهري ننڊ ڪندي سپني ئي سپني ۾
ڪاوڙجي ويل محبوبه کي
پرچائڻ جي
هڪ ڀيرو ٻيهرڀرپور ڪوشش ڪيان.

لُڙڪ پي نٿو سگھان

لُڙڪ پي نٿو سگھان

بارش ۾ نچڻ جو
مزو ئي پنهنجو آ
وڻن جي پَنن تي
برسات جي ڪَڻين کي
ڪِرندو ڏسي
جهوپڙيءَ ۾ ويٺل ڇوڪريءَ
ڀَر ۾ ويٺل ڇوڪريءَ کي
چُمي ڏئي اکيون ٻوٽي ڇڏيون!
پيار جو هي انداز
توکي به ته
وڻندو هو نه!
کنوڻ کي کنوندو ڏسي
ڪراڙي ماڻهوءَ جي اکين مان
ڳوڙها ڪري پيا!
هِن کي پنهنجي زال
ياد اچي وئي!
جيڪا وئي ته پهاڙن تي
ٻڪريون چارڻ هئي
پر سندس جسم کي
کنوڻ ساڙي ڇڏيو هو!
ڊاک جي وَل جي ڀاڪر مان
هيٺ ڪرندڙ
برسات جي پاڻيءَ
۽ ٿڌڙي هوا ۾
گلن کي لڏندو ڏسي
منهنجي دل به ڄڻ ته
نچڻ شروع ڪيو آهي
تون نه ايندينءَ ته
منهنجي دل به ڪنهن
ڪبوتر جيان
اجهو ٿي
اڏري تو وٽ پهچي
تون ڇا ي سمجهين
مان توکي
وساري ويٺو هوندس
بارش جي وسڪاري
۽ وڻندڙ آواز ۾
مُحبت ڪندڙ
جوڙي جي چمي،
پوڙهي ماڻهوءَ جي
اکين جو انتظار،
گلن جو هوا ۾ لڏڻ،
هي سڀ تنهنجي
حُسن جو جلوو ته آهي
تو پاڻ ئي ته چيو هو
ياد جي هندوري ۾
پاڻ سدائين
گڏ لڏندا رهنداسين
مان ساڳئي انب هيٺان
آلي ٽُئيءَ تي ويهي
نظم لکي رهيو آهيان،
منهنجو خير آ
منهنجي نظم سان گڏ
ڊائريءَ جا ورق به
پُسي رهيا آهن،
مونکي خبر ناهي
هي بارش جو پاڻي آهي
يا
مان پاڻ ٿو روئان،
توکي ته خبر آ
بادل،پکي ۽ منهنجي دل
گڏبا آهن ته
منهنجي
من جي موسم ڪجھه
اهڙي ئي ٿي ويندي آهي،
بس هاڻي
پاڻ کي جلدي ملڻ کپي
مان ايترا گهڻا
لڙڪ پي نٿو سگهان.

تون نه روئجان!

تون نه روئجان!
___________
اڪثر شاعرن کي شام جو پهر
وڌيڪ وڻندو آهي،
تڏهن ته هو شام جي پَل ۾
گڏجڻ جا سپنا ڏسندي
پنهنجن پنهنجن محبوبن کي
نوان نوان گيت ارپيندا آهن،
هي رڳو شاعرن جو معاملو ناهي
پکي به ته
شام جو وڻن ڏانهن واپسي
گڏجي ئي ڪندا آهن
مون اڳ به ڪٿي لکيو آهي ۽ تون به
چوندو هُئين ته
شاعرن ۽ پَکين جون دليون
ذري گهٽ ساڳيون هونديون آهن
توکي جڏهن پٿرن جي ڀاڪر ۾
سُمھارڻ جي تياري ڪئي پئي وئي ته
شام جو پَھر ۽ منهنجون اکيون
گڏجي روئڻ لڳا هئا!
۽ تون وري چُپ چاپ مٽيءَ کي
ڳولي رهيو هُئين!
اها مٽي جنهن کي پنبڻين تي چائڻ ۽
ماٿي کي لائڻ جو ذڪر
ڪيترن ئي شاعرن
وڏي محبت مان ڪيو آهي!
مان به ته شاعر آهيان
مونکي به ته
ڄامشوري جي مٽي ۽ هِتان جي شامن
پيار مان ڪيترا ئي ڀاڪر پاتا هوندا!
پر اڄوڪي شام
منھنجين اکين جي آڳر ۾
روئندي روئندي
تنهنجي مٿان پيل هرک جي ڪپڙي تي
ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي هئي !
۽ تون وري چئي رهيو هُئين
ڳوڙهن کي روڪ
مان مري ٿورئي ويو آهيان
مان اڪيلو سَڏ هجان ها
تڏهن به شايد گم نه ٿي سگهان ها
مان ته تاريخ جو ڊگهو سڏ آهيان
جنهن کي حيات جي هر صبح، هر شام
مڃتا جو چميون ڏيندي رهندي!
هڪ صديءَ جو سڏ
ايتري آسانيءَ سان
ڪير به ماري ۽ دفنائي نٿو سگهي،
هن جون اکيون ٻُوٽيل ضرور هيون
پر جڏهن مون هن جو فوٽو پئي ڪڍيو ته
هو وڏي اعتماد سان
چوڻ لڳو
مان ڪيترائي ڪتاب لکي آيو آهيان،
هر ڪتاب جي مُهاڳ ۾
مان پنهنجي
اکين جي جاڳَ جا ڏيئا ٻاري آيو آهيان،
روشني گُهرجئي ته
اتان کڻي وٺجان،
۽ ها تون روئجان نه
مان مري ٿوروئي ويو آهيان،
مان ته پنهنجي مٽيءَ کي چمي ڏيڻ
۽ مٽي ماٿي لائڻ خاطر
گهڙي پل لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري آيو آهيان.

(محمد ابراهيم جويو جي مرتئي تي لکيل)

لُڙڪن سان لکيل نظم

لُڙڪن سان لکيل نظم
______________
هن نياپو موڪليو آهي ته
مان لکڻ بند ڪيان
منهنجا شعر
گهڻن کي بي لباس ڪندا پيا وڃن
۽ منهنجن نظمن جي زبان
به اگهاڙي آهي،
وڏو صاحب به ڪاوڙجي پيو،
توکي ڇا گُهرجي، گهُر کڻي،
مان سوچيان ٿو
ڌيءُ جي امتحاني فيس
به ڀرڻي آ
زال جي دوا لاء به پئسا ڪونهن
لکڻ ڇو بند ڪيان؟
شاعري ئي کڻي وڪڻان ٿو!
منهنجو دوست مون تي کلندي
چوي پيو
ماڻهو ٻار وڪڻڻ لاء هوڪا پيا ڏين
ڪير وٺي نٿو،
تنهنجا هي لفظ ڪير وٺندو؟
مان سوچيان ٿو
هڪ تحريڪ هلي هُئي ڪجھه سال اڳ،
مون نعرا وڪڻي
ماني ورتي هئي.
ٻئي همراھ
پُٽ لا۽ نوڪري ورتي هئي،
اُن کانپوءِ تحريڪ جون واڳون
شاعرن جي مَسند تي ويٺل
اهڙي شخص حوالي ٿيون
جنهن اسان جو سودو ڪري
وڏي گاڏي، وڏو گهر
۽ ٺاهوڪي نوڪري ورتي،
واقعي ئي هاڻي ته اسان جي قيمت
گهٽجي وئي هوند،
پر يار
هو مونکي روز روڪين ٿا ته
مان لکڻ بند ڪيان،
مطلب ته
منهنجي شاعريءَ ۾ دم آهي
وڪامي سگهي ٿي،
مان گهڻووقت اڳ
مختلف ادارن جي باڊين ۾ ويٺل
وڏن وڏن نالن
۽ ڊگهن ڊگهن مضمونن تي
تحقيق ڪئي هئي.
ٻارن جي حقن کان وٺي.
پاڻي ۽ ٻوليءَ جي معاملن تي
انهن مان ڪو به مونسان گڏ نه هوندو هو!
پر
ڪو وزير مشير ايندو هو ته
هُنن جون گاڏيون
صبح جو ننڊ به نه ڪنديون هيون،
هُنن به شايد ڪي
مضمون، ڪا ڪهاڻي،
ڪو شعر، ڪا تحرير
ڪا تقرير ضرور وڪي هوندي،
اسان پراڻي بس ۾
پگهرجي پهچندا هئاسين،
هي سڀ سرڪاري گاڏين ۾ چڙهي
ڪانفرنسون به اٽينڊ ڪندا هئا ته
غريب اديبن بجاءِ هنن جا
غير اديب ٻار به
مرتب ۽ سهيڙندڙ لڳا پيا هوندا هئا!
ته پوء منهنجي ڌيءُ ڇونه پڙهي؟
منهنجي زال ڇو علاج نه ڪرائي سگهي؟
مان ڪنهن به حالت ۾
تحريرون وڪڻندس!
منهنجي ڌيءُ دوست سان
منهنجون فون تي ڪيل ڳالهيون ٻڌندي روئڻ لڳي!
روئندي چوڻ لڳي بابا
تو منهنجو نالو ’سنڌ‘ رکيو هو؟
مون چيو ها امان!
هوءَ چوڻ لڳي
مان پاڻهي پڙهي وينديس
امان جو علاج به مان ڪرائينديس
بس هي منهنجو آخري امتحان ته آهي!
خبر ٿئي بابا
منهنجي ٽيچر مونکي
”ڊاٽر آف دي پوئٽ چوندي آهي“ ته
ته مان اڏرڻ لڳندي آهيان
تون شاعري وڪڻي
منهنجا پَر ساڙڻ جو ڪڏهن به نه سوچجان!
مان رات اکين جي لڙڪن سان
هي نظم لکي،
ڊائريءَ سنڌ جي نرم وهاڻي هيٺان رکي
سندس بند اکين تي چمي ڏيندي
چوڻ لڳس
تون منهنجي نظمن جو نئون جنم آهين
هيءَ ڊائري تنهنجي امانت آ.

لُڙڪ وڪامن نٿا

لُڙڪ وڪامن نٿا
__________________
مان درد وڪڻڻ لاءِ
گهر کان ٻاهر نڪتس ته
ماڻهو مونکي
گُهوري گُهوري ڏسڻ لڳا!
مون پوتي سِڌي ڪرڻ لاءِ
مٿي تي هٿ ڦيرايو ته
پوتي پاتل ئي ڪانه هئي!
پوئتي موٽيس ته
دروازو ئي بند پيو هو!
۽ چاٻي منهنجو مڙس
کڻي هوٽل تي هليو ويو هُو!
گذريل رات پاڙي وارا
منهنجي روئڻ تي
منهنجي گهر لنگهي
مونسان
ڏک ونڊڻ ته آيا
پر پنهنجا پنهنجا سور
منهنجي آڳر تي هاري
پاڻ وڃي سمهي پيا!
مان درد وڪڻڻ لاءِ
هوڪا ڏئي ڏئي
ٿڪجي پئي آهيان!
پر
منهنجا درد وٺڻ بدران
هرڪو
منهنجا وار،منهنجون اکيون
۽منهنجو رنگُ
پيو خريدڻ چاهي!
مان توڙي جو
ڪنهن کان به
لڪايان ئي نٿي ته
مان اها ناهيان
جنهن کي اوهان ڳوليو ٿا،
پر هَرڪو
منهنجي درد جي قيمت
ڏيڻ بدران
منهنجن
جذبن ۽ احساسن جي
پراڻي چادر جي
ڪُنڊ ڦاڙي
پنهنجا ڳوڙها اُگهندي
مونکي
وڌيڪ روئارڻ ٿو چاهي،
شام ٿي وئي آ
گهر جو دروازو ته کليل آ
پر ماچيس ڪونهي
چُلھه جا مارنگ
مونسان گڏ روئن ٿا،
مان پراڻي آئيني ۾
ڏسان ٿي ته
منهنجي تصوير جا
رنگ ئي مَٽيل آهن،
آئينو مون ڏي ڏسي
اُداس ٿي ٿو وڃي!
مان کانئس موڪلائي
ڪمري کان
ٻاهر نڪران ٿي ته
منهنجو مڙس
چُلھه اُجهاڻل ڏسي
مونکي
مارڻ شروع ٿو ڪري
مان کيس ڪيئن ٻڌايان ته
مان هاڻي
اها ناهيان رهي
منهنجون اکيون
جوانيءَ ۾ ئي
هڪ ڇوڪرو چورائي ويو!
وار درد ڇاڻي ڇڏيا!
لڙڪ وڪامن نٿا!
۽ تون وري
جوا جي اڏي تي
منهنجون
سڀ خوشيون هارائي
منهنجي
بچيل وجود کي
واڪ تي چاڙهڻ ٿو چاهين.

اڪيلائي

اڪيلائي
____________
اڪيلائي به هڪ روڳ آ!
آخرڪار مان ڪيترو
اڪيلائيءَ سان وڙهندي رهنديس؟
هوءَ بستري تي پاسا ورائيندي
پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي،
هن موبائل کڻي
پنهجن ڪيترين ئي پراڻين
ڪلاس فيلوز جا نمبر ملايا
پر ڪنهن سان به رابطو نه ٿي سگهيس،
مختلف ڪتابن کي اُٿلائيندي پُٿلائيندي
سندس سامهون ڪنهن نظم جون
سٽون تري آيس ته:
”هو ڏس
اڪيلو گلن جو ٻوٽو!
تيز طوفان هوندي به پنهنجي خوشبو
۽ رنگ کي برقرار رکيو بيٺو آ.“
نظم پڙهڻ سان
هن جي من جي مونجھه ٿورڙي
گهٽجڻ ئي مس لڳي ته
هن کي سمنڊ ڪناري گذريل رات
جيڪو ڇوڪرو مليو هو
اُن جي ڳالهين جي ياد
هڪ نئين تڙپ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو!
هوءَ سوچيندي رهي
هن جي ڀِرن جا وار، مُرڪ جي اُڇل
ڀريل بدن، ويڪرو سينو،
۽هٿن جو ڇُھاءُ
هاڻي مونکي اڪيلو رهڻ نه ڏيندا!
هوءَ پاڻ سان ڳالهائيندي
اندر جي اُڇلن سان وڙهي رهي هئي،
هو ڪيترو نه رومانٽڪ هوندو؟
هن جي ٻانهن جي ايراضيءَ ۾
منهنجو بدن ڦٿڪي ڦٿڪي
ڀڄي،ڀُري وڃي ها
تڏهن به دانهن نه ڪيان ها!
هن جي بدن ۾
جيڪا ڇهاءَ جي چڻنگ اُڀري هئي
اها ڄڻ ته
بستري کي ٻاري رهي هئي،
هوءَ مئن گيٽ کولي
گاڏيءَ ۾ ويهي سمنڊ تي هلي وئي،
ساڳيوڇوڪرو ته کيس نظر نه آيو
پر اڪيلائيءَ جي احساسن کي
سمنڊ حوالي ڪري
انتظار جو هڪ نئون گيت جهونگاري
روئڻ لڳي،
گوڙها پنبڻين مان ڇڻي
سندس ڳلن ۽ کاڏيءَ کي چمندا
سمنڊ جي لهرن سان ملي ويا،
هوءَ پنهنجو پاڻ کي
ٻيهر سنڀالي چوڻ لڳي
طوفان ايندا ويندا
منهنجي اندر جي
گُلدان کي ٽٽڻ نه گهرجي!

اُداس ڪندڙ خط

اُداس ڪندڙ خط
_______________
رات کان پراڻي ڊائري،
تنهنجا موڪليل خط
۽ تصويرن جا البم کولي
توکي ڳولي رهيو آهيان.
منهنجو هڪ دوست
ناول لکي رهيو آهي
هُن کي تنهنجي باري ۾
ٻُڌايم ته
هو پنهنجو ناول پورو ڪرڻ لاءِ
تنهنجون هڙئي ادائون،
سڀئي رنگ، مُرڪن جو نمونو
۽ ساهن جي خوشبو
مونکان اُڌاري پيوگهري!
هڪ منهنجو ٻيو دوست آ
هن ڏي به
شاگرديءَ واري زماني ۾
هڪ ڇوڪري خط لکيا هئا!
سانوري ڇوڪريءَ جا
اُداس ڪري ڇڏيندڙ
اهي خط پڙهي
ڪڏهن ڪڏهن هو به
مونسان گڏ روئڻ ويهي رهندو آهي!
ناول نويس دوست
ناراض ٿو ٿئي!
هُن کي ڪير سمجهائي ته
يادون،تحفا،خط ،
پيار جي پهرين چمي ۽
شاگرديءَ واري زماني جا ٽهڪ
ڪيترا نه اهم هوندا آهن!
تون ئي ٻُڌاءِ
تنهنجا خط، فوٽو ۽ ڊائري
مان هن کي
اُن ڪري ڏئي ڇڏيان ته
پاڻ ٻيهر ملي نه سگهنداسين!
منهنجي ڊائريءَ ۾
تنهنجي هٿن سان ليڪيل
اها تصوير اڃا به
مونسان ڳالهيون ڪندي
ٿڪجي نٿي
جنهن ۾ تنهنجي هنج ۾
مُرڪندڙ ٻار
مون ڏانهن ڏسي رهيو آهي.
تِڙڪي ۾ بيٺي
فيڪلٽي ٻاهران ننڍڙي
پهاڙيءَ تي
جيڪا تصوير تنهنجي
ڪلاس فيلوءَ ڪڍي هئي،
سج جي
تيز روشنيءَ سبب
چهري مٿان ڏنل
تنهنجو هٿ
مونکي روز سڏيندو رهي ٿو!
گذريل هفتي
اُن پهاڙيءَ تان بيهي
توکي
دل ئي دل ۾ ڏاڍا سڏ ڪيم
تون ته
منهنجي سڏ تي ڪانه آئينءَ
پر
تنهنجن يادن جي رنگينيءَ ۾
ويڙهجي ويو آهيان!
واندڪائي لڳئي ته
هڪڙو نئون خط لکي
مونکي ياد ڪجان.
مان ته توکي
وسارڻ جو سوچيو به ناهي.

مان ڄاڻان ٿي

مان ڄاڻان ٿي
_____________
مون ته ٻُڌو آ ڳوٺ جون
اڪثر ڇوڪريون
تنهنجن اکين تي مَرنديون هيون!
ايتريون وڻندڙ اکيون
مُنهنجي بستري تي وساري
ايترو پري ڇو هليو ويو آهين؟
مان ڄاڻان ٿي
تون خط لکڻ جو سوچيندي
پين پنو نه ملڻ سبب
روئي پوندو هوندين!
منهنجي تصوير سان ته
هونئن به تون
اکيون بند ڪري
دير دير تائين ڳالهيون ڪندي
ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون
گذاري چڪو آهين .
صبح جو تازا گل پٽي
منهجي در تي
خوشبو وکيرڻ وارا ڇوڪرا
پنهنجون وساري ويل اکيون
منهنجي بستري تان کڻي وڃ!
خبر ٿئي
منهنجو مُڙس جيڪو
مون سان ڏاڍو پيار ڪندو آهي،
مونکي روز صبح جو
آئيني اڳيان بيهاري
مون ۾ توکي ڏسي روئي ٿو پئي!
مُنهنجي ڳالھه مڃ، پنھنجون اکيون
موٽائي وڃ!
رات هڪ
پراڻو رسالو پڙهندي
تنهنجي نظم تي نظر پئجي وئي
پڙهندي پڙهندي ننڊ اچي وئي
جيئن ئي اکيون کوليم ته
ڪنهن وطن پرست شاعر جي
نظمن جيان
تون ئي سامهون بيٺو هُئين!

مان به هڪ خواب آهيان!

مان به هڪ خواب آهيان!

هو الائي ڇو ايئن سمجهن ٿا ته
مان رات جو جاڳي
سُندن خوابن کي
مارڻ جو سوچيان ٿو!
عجيب ڳالھه آ
مان ننڊ سان جهيڙو ڪندي
’آءِ سي يو‘ ۾ تڙپندڙ
امان جي هم شڪل ٻُڍڙي عورت جي
پيرن کان بيهي
درد کي مارڻ جا
نسخا پيو تلاش ڪيان.
هُنن کي خبر به آهي ته
مان هڪ شاعر به آهيان
اهڙو شاعر
جيڪو خواب اُڌارا وٺي به
ساڀيان جي سڏ
پکين جي ٻولين ۽
بانسريءَ جي ورلاپ تي
نچڻ جي تمنا ۾
جيئرو رهندو پيو اچي،
مان ڪنهن جا خواب
ڇا لئه ماريندس؟
مان ته
پاڻ هڪ خواب آهيان
اهڙو خواب
جيڪو
مُحبت کي جنم ڏئي
نفرت سان مُھاڏو اٽڪائي
زخمي ٿيندو رهيو آهي!
اهڙو خواب
جنهن جي لهڻ سان
عورت جي هر ادا
آزاديءَ سان رقص ڪري سگهي!
مان ته بنا سور جي
ٻار ڄڻائڻ واري شعبي ۾
درد سان جهيڙيندڙ سائنس جو
نئون خواب آهيان!
هڪ اهڙو خواب جنهن کانپوءِ
مان جاڳان ته
امان جي اکين ۾
هڪ اهڙي تصوير نظر اچي
جنهن تي
ڳوٺ جون سڀ عورتون ناز ڪن.

درد ڪنهن ڪنهن جي نصيب ۾ ايندو آ

درد ڪنهن ڪنهن جي نصيب ۾ ايندو آ

رات هاسٽل جي مُک دروازي تي
هڪ ڇوڪرو مليو
پنهنجي ڪلاس فيلو جو
فوٽو ڏيکاري
چوڻ لڳو، هوءَ سندن
ڪلاس ٽيچر کي به وڻندي آهي،
مون چيو ته ڇا ٿيو؟
وڻڻ وارو عمل
خود هڪ اُتساهڪ رويو ته آهي!
هو ڏکارو ٿيندي چوڻ لڳو
وڻڻ وڏو ’سجيڪٽ‘ ناهي شايد
پر اسان ته جڏهن جڏهن به گڏياسين ڄڻ ته زندگيءَ کي
نئين معنيٰ ملڻ لڳندي آهي!
مون کيس چيو
وڻڻ، وڇڙڻ ۽ ملڻ جي مضمون کي
جدا به ڪري سگهجي ٿو ڇا؟
منهنجي هڪ دوست کي
هڪ ڊاڪٽرياڻي ڏاڍي وڻندي هئي
۽ ماسترياڻيءَ کي
هڪ پٽيوالو وڻندو آهي!
پر پٽيوالي کي وري
پنهنجي زال سان دل آهي!
ٿورڙي خاموشيءَ بعد چوڻ لڳو
وڻڻ جي ڌار موسم هوندي
۽ملڻ توڙي وڇڙڻ جا
سبب ۽ بهانا الڳ ٿيندا هوندا!
مان کيس ڪو جواب ڏيڻ بدران
تڪڙو موڪلائي
هڪ دعوت ۾ اچي پهتس
آڌي رات تائين
ٽيچرس ڪلب ۾
راڳ جي محفل هلندي رهي،
ڪي وڇوڙي جا گيت ٻُڌڻ پيا چاهين
ته ڪنهن وري
گڏجڻ جا ٻول ٻڌڻ پئي چاهيا!
مونکي وري به
وڻڻ،نه وڻڻ ۽ ڇڄڻ جي
مفهوم ماريو پئي!
سوچيان پيو
اکيون رنگ پسن ٿيون
دليون مائلتا جي سَند ماڻي
ڪڏهن ٽُٽن ٿيون
ته ڪڏهن ڳنڍجن ٿيون!
محبت جو هڪ الڳ رُتبو آهي
محبت عمر،عهدي ۽
اسٽيٽس جي محتاج ناهي ٿيندي،
آرزو ڪير به ڪري سگهي ٿو
اُميد جي مينديءَ لاءِ
هر هٿ آتو هوندو آهي،
۽ درد وري ڪنهن ڪنهن جي
نصيب ۾ ايندو آهي!
ڳوڙهن بنان اکيون
۽محبت بنان دل
ڄڻ ته هاسٽل جي گونگي ديوار آهي!
فنڪار ڳائيندو رهيو ۽
مُنهنجي دل پنهنجي
اُن ڪلاس فيلو کي
ياد ڪندي روئڻ لڳي
جيڪا آخري ڀيرو
نومبر جي پڇاڙڪين تاريخن ۾
ڪينجهر تي ٻيڙيءَ ۾
لڳاتار روئندي،
درياءَ جي پاڇاڙ تائين
مونکي سمجهائيندي رهي ته
توڙي جو پاڻ هڪٻئي کي
ڏاڍا وڻندا آهيون- پر
اُتر ۽ لاڙ جي جي مُند جيان
پنهنجو ملڻ به شايد
ٻيهر مشڪل ٿئي!
مان اڄ به اُتان جي دوستن کان لڪي لڪي
چنڊ رات جو
ٻيڙيءَ ۾ ويهي روئندو به آهيان،
۽ ڪلاس فيلو کي سڏيندو به آهيان!
۽ ٻيڙيءَ وارو مُھاڻو
مونکي پرچائيندي پرچائيندي
پنهنجي محبوبا جي ياد ۾
مونسان گڏ پاڻ به روئڻ لڳندو آهي!

هاڻي ته موٽي آ

هاڻي ته موٽي آ

گهر ڪيترن ڏينهن کان بند آهن
گهٽيون ننڊ پيون آهن،
۽ پکي به سُتا پيا آهن،
چنڊ اُڀريو ضرور آهي،
پر گهاٽي ٻيلي جا ڊگها وڻ
چنڊ جي روشني پي رهيا آهن،
برف وسي پئي، قهر جو سيءُ آهي،
رکي رکي ڪُتن جون
ڀونڪون به ٻُڌجن پيون،
مان جاڳان پيو
تون وري ڪنهن ٻئي هنڌ ننڊ پئي آهين،
تون نه ايندينءَ ته
منهنجن اکين جا در
ڪير بند ڪندو؟
نائيٽ ڊريس لڀي نٿي،
منھنجي قميص جا بٽڻ ٽُٽي پيا آهن
مونکي ته ٽاڪڻ به ناهن ايندا،
ڪمبل واري ڪٻٽ جي چاٻي
تنهنجي پَرس ۾ پيل آهي،
ڪافي ٺاهيندي
اڪيلائي ۾ پاڻ رجهي رهيو آهيان،
تون هاڻي موٽي آ
چنڊ کي روشني ڏي،
منھنجين اوجاڳيل اکين جا درواز بند ڪر،
نائٽ ڊريس ڳولي ڏي
قميص جا بٽڻ به ٽاڪي وڃ،
۽ ها تون آئينءَ ته
ڪافي گڏجي پيئڻ کانپوءِ
ڪمبل پاڻ کڻي ايندينءَ!

مئڪدي ۾ ڪو اچي ئي نٿو!

مئڪدي ۾ ڪو اچي ئي نٿو!

زندگي گذارڻ به
هڪ فن آهي،
حيات جي راز ۽ پُراسريت کي
سمجهي هلڻ
ڪا معمولي مشق ته ناهي،
مان عورت سان پيار
۽ احترام جي سَڏ ۽ سُڌ جو
چراغ آهيان شايد!
منهجي دل جي آڳر ۾
وحشت بدران
ٻار نچندا رهن ٿا!
مان سُمھان ٿو ته
پري پري کان
پکي دل جي لامَ تي
آرام ڪرڻ اچن ٿا!
جاڳان ٿو ته
چنڊ جي ڌيمي روشنيءَ ۾
چنگ وانگر وڄان ٿو!
منهنجي دل به ڄڻ ڪو
مئڪدو هجي!
رات ٿئي ٿي ته
نئين بوتل کولي
سمورا دوست پنهنجي پنهنجي
پيار جا قصا ٻُڌائڻ،
پيئڻ ۽ ڳائڻ شروع ڪن ٿا!
صبح ٿيندي ئي
گهٽين ۾ گُل ورهايان ٿو!
مان نم جي ڇانوَ بڻجي
گرم ڏينهن ۾
هارين جو ٿڪ لاهيان ٿو!
شام ٿئي ٿي ته
ڌنارن جي پيرن ۾
ڳوٺ جي رستي وانگر
پنهنجون اکيون وڇايان ٿو،
امان کير ڏُهي ٿي
ادي ماني پَچائي ٿي
اسان سڀ چُلھه ڀرسان ويهي
هٿ به سيڪيون ٿا
۽ ماضيءَ کي به ياد ڪيون ٿا!
ٻارِ کڄي ٿي ته بَٽئي مهل
خرچيءَ ۾ مليل اَنُ
واڻئي جو دڪان
انبن جو باغ، ڏنگ، ڏوڪا
خارڪون، ڇوهارا
ڪچو گهر، ڇت جو ٽُمڻ
غربت جو زمانو
امتحاني فيس لاءِ
امان جو ايرينگ وڪڻندي
روئي پوڻ !
اهي ڳالهيون ياد اچن ٿيون ته
جيءُجهڄڻ به لڳي ٿو ته
ڪيف جي هڪ نئين پينگھه ۾
لُڏڻ به شروع ڪيان ٿو!
وري سوچيان ٿو ته
ها مان برابر
هن حيات جو
نئون نئون پنڌ آهيان!
هاڻي به ڇا ناهي؟
بجلي، سولر، فرج، ٽي وي
وڏا وڏا بورچيخانا
ڊائننگ ھال،جهومر
رنگين گلاس،
مختلف قسمن جا جُوس
سڀڪجھه ته آهي
بس جي ناهي ته
اهو فطري پيار ناهي،
نم جهڙي ڇانو ناهي،
لهجي ۾ نرمي ناهي،
مصنوعي مُرڪ
۽ ملڻ جو انداز
ڄڻ ته
حيات جي رنگن ۾
ڪا الجهن اوتيندو هجي،
ها اهو سچ آهي ته
زندگي گذارڻ هڪ فن آهي
پر پکين
دل جي لام تي لڏڻ
ڇڏي ڏنو آهي،
شام اِها
ساڳئي شام ناهي رهي!
دوست دوست ناهن رهيا
مئڪدي ۾
ڪو اچي ئي نٿو!

لُڙڪ لڪائي نٿو سگھان

لُڙڪ لڪائي نٿو سگھان
__________________
پيار کي،ڏک کي۽ لُڙڪن کي
شايد لڪائي نٿو سگهجي !
راتيون ڊگهيون ۽
ڏينهن ننڍا ٿي ويا آهن!
روئان ٿو ته
نوڪر چون ٿا صاحب هاڻي بس ڪر
ماڻهو کِلن ٿا!
لانڍيءَ ۾ ويٺي
جنهن سان به ڏک اوريان ٿو ته
اهو پنهنجي دل جا در کولي
روئڻ شروع ٿو ڪري!
پيار جي ڳالھه ڪهڙي مُنهن سان ڪجي؟
اُن ڳالھه تان ته
ڪيتريون ئي جوان عورتون
۽ ڳڀرو ڇوڪرا مارائي
مان سدائين
پرائو مال چٽيندو رهيو آهيان!
منھنجي ڌيءَ ڪلھه رات
ايئرپورٽ تان
ايترو ٻڌائي فون بند ڪري ڇڏيو ته
ڀَلي سڄو ڳوٺ مارائي ڇڏ
مان هاڻي توکي ملڪ کان
ٻاهر ئي ملنديس!
آخر ڌيءُ ڪنهن جي آهيان،
مون وارو وچون پٽ
هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري کي
وڏا ڀاشڻ ڏئي
سندس سپنن جومٿو ڪوڙي آيو آهي!
منهنجي بنگلي ۾ رکيل
سموريون سَوڙيون
رشوت جي پئسن سان
گڏ سمهن ٿيون!
اڳي ڇوڪريون شادي ٿيڻ کان
هڪ رات اڳ ميندي
مون وٽ لاهينديون هيون!
هاڻي ٻه لفظ ڇا ڳالهايان ٿم
منهنجو رت ئي پي ويا آهن!
مان هاڻي هنن جو ڇا پيان؟
پو صاحب تون به ڪجھه خيال ته ڪر نه
وقت مَٽجي ويو آهي!
پيار کي، ڏک کي ۽لڙڪن کي
هاڻي لڪائي نٿو سگهجي ته
نوان پراڻا پرڪار هاڻي
ڪٿي ٿا پوري سگهجن!

درد ۽ روڳ

درد ۽ روڳ
_________
شاعره ٿيڻ بجاءِ
مان ڪنهن نظم جو روح ٿيڻ ٿي چاهيان!
مان ٽن راتين کان
سوچيندي سوچيندي
ڪنهن نتيجي تي ناهيان پهچي سگهيو ته
آخرڪار ”جي آر روگ“
اهڙي ڳالھه ڇو ڪئي آهي؟
هُن پاڻ شاعره ٿيڻ بدران
ڪنهن نظم جو حصو ٿيڻ جي خواهش ڪندي
ڪهڙو نياپو ڏيڻ پئي چاهيو؟
مان به ڪڏهن سوچيندي سوچيندي
قلم کي روڪي ڇڏيندو آهيان ته
نظم لکڻ بجاءِ
پڙهڻ وارن ۾ شامل ٿي وڃان
مان مسلسل هِتان هُتان جي
ڪتابن جا پنا اُٿلائي ٿڪجي پيو آهيان
پر ’روگ‘ جي هن ڪرڀَ جو
مطمئن ڪندڙ جواب ملي ناهي سگھيو
رات دير سان
پنهنجي ڊيوٽي روم ڏانهن ويندي
ويم گهر جي ٻاهران گذرڻ ٿيو
هڪ ڪراڙي عورت چُنبڙي پئي!
چوڻ لڳي
منهنجي ڌيءُ جو رڙيون نٿو ٻُڌين
ويم جي سورن ۾ مري نه وڃي !
ڊاڪٽرياڻي کي ڪا پارت ته ڪر!
مان چپ ٿي ويس
مونکي گذريل سال واري
ڊسمبر جي اها رات ياد اچي وئي
جڏهن نظم لکڻ دوران ڪنهن جي سار ۾
لڳاتار روئندو رهيو هُيس!
ننڊ موٽڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو!
مون واري سنگتياڻيءَ جو فون
مسلسل بند پئي مليو!
شيلف کوليم ته وسڪي ڪانه هئي!
بورچيخاني ۾ ويس ته
گرين ٽي،ڪافي توڙي کنڊ نه پئي لڌي!
مونکي ويم جي سور ۽
اُن رات واري درد جو احساس
الائي ڇو ڄڻ ته ساڳيو لڳو!
مان ويم گهر جي در تي بيهي
ڊاڪٽرياڻيءَ کي سڏڻ لڳس!
ماسڪ منهن تان هٽائي، مُرڪندي
پنهجائپ مان چوڻ لڳي
خير ته آهي ڊاڪٽر صاحب
مون کيس
ويم جي سور،عورت جي دانهن
۽ ڪراڙي عورت جي منٿن جو ذڪر ڪندي
آڇ ڪئي ته مان سور لاهڻ واري شعبي جو ڊاڪٽر آهيان
اوهان چاهيو ته
پاڻ ٻنهين جي گڏيل ڪوشش سان
ٻار بنان سورن جي ڄمي سگهي ٿو!
هوءَ ٻيهر پنهنجائپ ۽ هُجَ مان مرڪندي چوڻ لڳي
مان توهان کي سُڃاڻان ٿي!
هائوس جاب دوران دير دير تائين ڊيوٽي روم ۾
درد جا نظم ٻڌائي
ذري گهٽ روئاري ته وجهندا هيئو!
هوءَ چوڻ لڳي
هن فطري سور جي گهرائي
ٻار سان پيار جو وڏو سبب هوندو آهي!
هو بنان هٻڪ جي ڳالهائيندي
مونکي ويم گهر جي چيمبر ۾ ويهاري
پاڻ چانھه ٺاهڻ لڳي !
۽ چانهه ٺاهيندي چوڻ لڳي
تنهنجي دوست ۽ مان
ساڳئي ونگ ۾ ته رهندا هئاسين!
هوءَ توهان کي مُشي چوندي هئي ته
اسان سڀني کي
اوهان ٻنھين تي پيار ايندو هو!
اوهان جي دوستي تي سڄي هاسٽل
رشڪ کائيندي هئي
سندس ڳالهيون ٻُڌي
ماضيءَجي جهروڪن ۾ جهاتي پاتم ته
منهنجي دل اُٻاڻڪي ٿي وئي!
۽ ذري گهٽ عورت جي
سورن جي ڳالھه وسري وئي هئي!
پر اوچتو عورت جي ٻيهر دانهن ٻُڌي
ڳالھه مٽائيندي وري به
عورت جي ويم ۽ سورن ڏانهن سندس ڌيان ڇڪايم ته
چوڻ لڳي هڪ ڳالھه سمجھه
ويم جي سورن سهڻ بنان
ٻار ڄڻڻ به ايئن آهي جيئن
رومانس ۽ درد جي احساس کان خالي شاعري!
اسان چانھه پيتي ئي پئي ته
ٻي ڊاڪٽرياڻي ٻار ڄڻائي ورتو!
درد کانپوء ٻار جي پهرين رڙ
۽ مونکي پنهنجن نظمن جي
اوٿپ، ڪلائيميڪس
۽ روڳ جي ڳالھه سمجھه ۾ آئي.

پيئڻ ڇو نه ٿا ڏين؟

پيئڻ ڇو نه ٿا ڏين؟

_هو مونکي پيئڻ ڇونه ٿا ڏين؟
ڪنوارا چپ منهنجي ڪمزوري آهن!
مان رات جي پيٽ ۾
ڪِل هڻي سنگتياڻي سان سمهندو آهيان!
هر وڳي سان گڏ
نئين بدن جي رنگيني
منهنجي روح جي خوراڪ آهي!
روشني مونکي وڻندي ناهي!
تڏهن ته
رات جو جاڳندو ۽ ڏينهن جو سُمهندو آهيان
مان شاعر آهيان ته ڇا ٿيو؟
چنڊ تي ڪيتري شاعري ڪندس
هر نظم ۾ ڪنهن
نئين عورت جو عڪس نه هوندو ته
منهنجي شاعريءَ ۾
رومانس جا رنگ ڪير ڀريندو؟
هو مونکي پيئڻ ۽ پيار کان روڪي
چون ٿا
اسٽيج تي چڙهي شاعري پڙھ
مان کين ڪيئن ٻڌايان ته
جوئر جي ماني ۽ لسي مونکي پسند ناهي،
مان ته وسڪيءَ سان وهنجندڙ
اهو شاعر آهيان
جيڪو ڳالھه ماڻهن جي ڪندو هجي
پر گهڻو ڪري ميرا ۽ گدلا ماڻهو
کيس وڻندا نه هجن!
هونئن به
مٽي، ماڻهو، ميرا ڪپڙا،
خالي گلاس، منجهند جو پهر،
اگهاڙا پير، ننگا ٻار،
پينو فقير، ڦُٽيون چونڊيندڙ
ڪراڙي عورت جو پگهر
ڪانبي جو بار، معذور ماڻهو،
ڍير تي پيل تازي ڄاول ٻار جو ڪچڙو جسم،
بيمار اُستاد، پگهار گهرندڙ نوڪر،
پراڻي گاڏي، ڪچي سڙڪ،
جڏڙي گهر ۽ پنهنجي زال جي ڀاڪر ۾ به
ڪو رومانس هوندو آ ڇا؟
هنن کي چئو ته
مونکي آرام سان پيئڻ ڏين!
مان پُرباش ٿي خيالن ئي خيالن ۾
نئين نياپي جهڙو ديس اڏي
درد کي ڀَڄائيندس!
سوچيان ٿو
هو مونکي پيئڻ ڇونه ٿا ڏين؟

رنگ

رنگ
_______________
رات پنهنجي ڌيءُ جي
مصوريءَ جو ڪم پئي ڏٺم،
تصويرن ۾
ڪيترا ئي سهڻا ۽ منفرد رنگ ڀريل ها.
مون رنگن تي سوچيو، بُرش تي سوچيو،
رنگ ڀريندڙ هٿن تي سوچيو،
آرٽ جو تصور ڏيندڙ شخص تي سوچيو،
پهرين تصوير ڪنهن ليڪي هوندي؟
هن ڪائنات جو مظهر
ڪهڙي رنگ سان ٿيو هوندو؟
ماڻهوءَ جون ڪيفيتون، ڪيفيتن تي رنگن جا اثر!
رنگ سُٺا ته آهن ئي آهن
پر اهي خراب به ٿي ٿا سگهن ڇا؟
اُهي ۽ اهڙا
ڪيترائي سوال منهنجي ذهن ۾ ڦرندا پي رهيا ته
منهنجي ننڍڙي ڌيءُ منهنجي ڀرسان ويهي
چوڻ لڳي بابا
اوهان جي چهري جو رنگ ڇو مَٽجي ويو آهي؟
مان سندس سوال تي ڇرڪي پيس!
مون سوچيو
ماڻهوءَ جا رنگ به هزار ٿين ٿا شايد
ظاهر هڪڙا ته اندر ٻيا،
مُحبت ڇاهي؟
هي به ته هڪڙو رنگ آ
ٻھروپيت ڇاهي؟
هي به هڪڙو رنگ آ
ٻار جي مُرڪ، امان جي چمي محبوبه جو سڏ،
مٽيءَ جي خوشبو،
بابا جي چهري جا گُهنج،
ٻار سان پيار، اُستاد سان جھُڪي ملڻ،
غريب کي کاڌو کارائڻ
هي به ته خوبصورت رنگ آهن،
پوءِ ڪجھه ماڻهو
رنگن جو خون ڇوٿا ڪن؟
مان پنهنجي ڌيءُ جي
سمورين تصويرن کي چُمي ڏئي
ٻار جي مُرڪ جهڙي پنهنجي دل کي
سمجهايان ٿو ته
تون پنهنجو رنگ ڪڏهن به نه مٽائجان!

ڏاڍي سڪ لڳي آ

ڏاڍي سڪ لڳي آ
_______________
”ٽائلر گريگسن“ پنهنجي محبوبه ڏانهن
هڪ خط ۾ لکيو ته
”تنهنجن زلفن کي هوا ڇهندي آ ته
منهنجي دل جلڻ لڳندي آهي.“
هوا نفيس آهي اُن سان ساڙ ڪرڻ
مونکي سمجھه ۾ نه آيو!
مون ”ٽائلر“ کان پُڇيو تون ايئن چو پيو چوين؟
ٽائلر چوڻ لڳو ته
چرياشاعر هوا جو رخ بدلبو رهبو آهي!
هوا لڳڻ سان
مزاج ۽ ڪيفيتون بدلبيون رهن ٿيون!
مان هڪ شاعر آهيان
منهنجي محبوبه جي زلفن سان ڪو راند ڪري
۽ مان ڏسندو رهان!
منهنجو جيلئس ٿيڻ غير فطري ناهي!
هو چوڻ لڳو
توکي ڪڏهن ڪنهن جي سِڪَ لڳي آ؟
هُن جي اهڙي اوچتي سوال
منهنجي سرير ۾
هڪ نئون طوفان برپا ڪري ڇڏيو!
مونکي پنهنجي
يونيورسٽي فيلو محبوبه ياد اچي وئي
هوءَ مونکي وڻندي ٿورئي هئي
هوءَ ته منهنجي شاعراڻي ڪائنات جو
نئون رنگ هئي!
شام جي پهر جهڙي وڻندڙ ڇوڪري،
جنهن جي لفظ لفظ ۾
فطرت جون حسناڪيون رقص ڪنديون هيون!
هفتي جي پڇاڙيءَ تي ديردير تائين
ڪينجهر ڪناري گڏجي
ڪئين نظم ڳايا هونداسين،
هُن هڪ ڏينهن ٻيڙيءَ ۾ ويهندي ئي
جهونگارڻ شروع ڪيو ته
”ها مان تنهنجي بنان ڪجھه به ته ناهيان.“
مونکي سندس مٺڙي آواز واري
اُن ڇوڪريءَ کي
موٽ ۾ ڏيڻ لاءِ ٻيو ته ڪجهه به نه هو
بس ڪجھه نظم هئا، ڪجھه پيار هو!
هوءَ چوندي هئي
مان تنهنجن نظمن جو نئون جنم آهيان،
’مون ٽائلر‘ کي چيو يار
هن جي چولي کي، چُنري کي، وارن کي
جڏهن هوا ڇُھندي هئي
منهنجا نظم
پهرين چميءَ جي خوشبوءِ وانگر
واءُ ۾ وکرڻ لڳندا هئا!
مان سندس اکين مان خواب ميڙي
شاعري جو هڪ ڪتاب
”هوءَ،مان ۽ ڄامشورو“
لکي کيس ارپي ڇڏيو!
هن چيو
توکي هن جي هاڻي به سڪ لڳندي آ ڇا؟
مون چيو ته
هن جي هرمُرڪ
منهنجي من جي ميراث وانگر آهي!
هن جي سِڪ ۽هن جو انتظار
منهنجن نظمن جو نئون مجموعو آهن!
هن کي وساريان ته
مونکان منهنجو درد رُسي ويندو
پوءِ منهنجي شاعريءَ جو ڇا ٿيندو؟
مون ڏٺو
ٽائلر اکيون بند ڪري
گهڙي سوا لاءِ ماٺ ٿي ويو،
۽ پوءِ چوڻ لڳو
تنهنجي محبوبا جي وارن کي
هوا نه ڇُهي ها ته شايد
تنهنجي شاعريءَ جي سُڳنڌ ۾
اها خوشبو نه هجي ها!
تنهنجي اندر ۾ فطري سڪ جو هڳاءُ نه هجي ها!
هن جي دل ۾
پنهنجي محبوبا جي وارن کي ڇُهڻ جي نئين تمنا جاڳي!
هو خاموش ٿي مونکي ڏسندو رهيو.
تيستائين مون
محبوبا ڏانهن هڪ نظم موڪلي ڇڏيو ته
” ڏاڍي سڪ لڳي آ“
فون جي گهنٽي وڳي
هڪ آواز ٻُريو
”ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي
مونسان محب ملندين ملاقات ٿيندي.“
مان ۽ ٽائلر روئي پئون ٿا!

روشنيءَ جا عڪس

روشنيءَ جا عڪس
________________
مون هڪ هنڌ پڙهيو ته
"رات جي تاريڪي به
هڪ بهترين ڪينواس وانگر آهي."
رات ۽ بهترين ڪينواس
مون پنهنجي اندر جي آرٽسٽ سان ڳالهايو،
هو چوڻ لڳو ها ڇونه،
رات جي ڪاري چادر تي
مصور پنهنجي بُرش سان
ڪيترائي رنگ ڀري سگهي ٿو،
رنگ به عجيب ٿين ٿا
ماڻهوءَ جي طبيعت تي،مزاج تي
۽ ڪيفيتن تي طاري ٿين ٿا،
رات جي سناٽي جي گهرائي،
خاموشي ۽ پُراسراريت ۾
جيترا آرٽ جا عڪس مون ڏٺا آهن
اوترا شايد ڏينهن جو
منهنجي اکين کان اوجهل ۽ اوپرا رهيا هوندا!
مونکي دل سان ڳالھه لڳي
۽ اچانڪ اها رات ياد اچي وئي
جڏهن
هرڻيءَ جي اکڙين جهڙي عورت کي
هو مون وٽ کڻي آيا هئا،
هُن جي هر وڏي ساھ ۾
هڪ پُڪار هئي، رڙ هئي، رومانس هو،
کيس زوري پرڻايو پئي ويو،
لوڙهو ٽپي گهر کان ٻاهر نڪتي
چنڊ جي روشنيءَ ۾
سندس ڪاري پوتي ماتم ڪري رهي هئي.
گهر ڀاتي جاڳي پيا!
هوءَ پڪڙجي پئي،
زخمي هوندي به رات جي ڪاري چادر تي
پنهنجي اندر جي ڪروڌ ۽
خواهش کي نئين نموني سان
چِٽڻ جو وچن ڪندي
چئي رهي هئي مري وينديس
پر اُن نِڪمي ۽ جاهل سان
شادي ڪانه ڪنديس!
مون سوچيو
اڄوڪي رات ڀَلي اونداهي هجي
پر هن جو بچي پوڻ
ڄڻ روشنيءَ جو سفر آهي.
هن جو اندر جي آزاديءَ واري
پنڌ سان پيچ آرٽ جي دنيا ۾
هڪ نئين تصوير عيان ڪري ڇڏيندو!
مان رات جي اونداهيءَ ۾
سندس اندروني توڙي ٻاهرين
ڪيفيتن جي تصويرن جا پورٽريٽ جوڙي
هڪ گئلري ترتيب ڏئي رهيو آهيان
جنهن جو نالو آهي،
’روشنيءَ جا عڪس.‘

من به ميرو ٿيندو آ ڇا؟

من به ميرو ٿيندو آ ڇا؟
______________
اوندھ کانپوءِ روشني ايندي آ
محنت ۽ پيار سان پوکيل وڻ
ڇانوَ ۾ ويهاريندا آهن،
مان هي نظم لکندي لکندي
رُڪجي ٿو وڃان،
۽ منهنجن اکين مان ڳوڙها ڳڙندا
ڊائريءَ تي ڪري ٿا پون!
منهنجي ڀرسان ويٺل منهنجي ڌيءُ
ٽشو پيپر سان منهنجا ڳوڙها اگهندي
پُڇڻ لڳي ٿي ڇا ٿيو بابا؟
مان سندس سوال کي ٽاريندي
پني تي ليڪا پائڻ لڳان ٿو.
ليڪا پائيندي پائيندي
هڪ تصوير جُڙي وڃي ٿي
هڪ اهڙي تصوير جنهن ۾
ماڻهو مونکي گدلو ۽ ميرو سمجهي
مون تي گند ۽ پٿر اُڇلڻ ٿا چاهن.
مان وري هنن جي رويئي تي
نئون نظم لکي
کين خوشبوءِ جو نئون ديس
گهمائيندي گهمائيندي
گُلن جي اُن باغ ۾ وٺي ٿو وڃان
جيڪو پنجاھ سال اڳ
بابا ۽ امان گڏجي پوکيو هو
باغ جي ڀرسان نديءَ ڪناري تي بيٺي بيٺي
هو چاهين ٿا
مان پنهنجي بدن کي ڌوئڻ شروع ڪيان
پر مان سوچيان ٿو
هنن ماڻهن جي من کي اُجرو ڪيئن ڪجي؟
منهنجي ڌيءُ
مُنهنجي ان تصويري ڪهاڻيءَ کي
سمجھڻ چاهي پئي
سندس ضد تي کيس
ظاهري ميراڻ ۽
اندر جي اُجرائپ بابت ٻڌايان ٿو ته
هوءَ وري پُڇي ٿي
بابا من به ميرو ٿيندو آ ڇا؟
مان کيس ٻُڌايان ٿو
ظاهري سونهن ۽ حسن ڏسين ٿي نه
اها به سونهن آهي.
پر اصلي سونهن انساني
اندر جا احساساتي رنگ آهن،
ماڻهو جيڪڏهن شڪل ۽ صورت بدران
پنهنجن عملن سان سڃاپجي وڃن
ته هو شايد
ڪنهن کي به ميرو نه سمجهن ها!
هوءَ قلم کڻي
هڪ نئين تصوير ٺاهي منهنجي ڀرسان رکي،
مونکي ڀاڪر پائي چوي ٿي
بابا
مون به هڪ تصوير ٺاهي آ
هڪ اهڙي تصوير
جنهن ۾ اکين جي ڌُنڌلاڻ ۽
من جي ميراڻ کي لاهڻ لاءِ
هڪ نسل جو ٻئي نسل کي نئون سڏ آهي،
اهڙو سڏ
جيڪو اُجرائپ جا احساس ۽ اندر جي
سونهن جا سُندر ڏيک ڏئي
منهنجا خوشيءَ مان وري به ڳوڙها ڳڙي ٿا پون !
۽منهنجي ڌيءُ هڪ ڀيرو ٻيهر
ٽشو پيپر سان منهنجا ڳوڙها اُگهي ٿي
۽ مان سندس ڳل تي چمي ڏئي
مُرڪي ٿو پوان.

خاموشي محبت جي ماءُ آهي

خاموشي محبت جي ماءُ آهي
_______________
رات دير دير تائين ڪمري جي ڇت تان
نيري نڀ سان ڳالهائيندو رهيم!
شهر جي خاموشي تي جهاتي پاتم
بلب ٻرن پيا، خواب ۽ ماڻهو ٻيلهه ستل هئا!
مون سوچيو پئي
خاموشي،گفتگو ۽ احساسن جي وچ ۾
ڇا هوندو؟
گهڻا ڏينهن اڳ پنهنجي
محبوبه سان ملڻ خاطر
پير پير تي ڏئي سندس ڪمري ۾
داخل ٿيو هيس،
مونکي ڏسندي ئي
هن تي سڪتو طاري ٿي ويو،
هوءَ منهجي ڀرسان آئي ته
اسان ٻنھي جون اکيون بي اختيار بند ٿي ويون!
گهڙي پل لاءِ ايئن لڳو
ڄڻ ته خاموشي برف وانگرڄمي وئي هئي!
دل جي ڌڪ ڌڪ ۽
ساهن جي سرهاڻ سان برف رجڻ ۽
رت رقص ڪرڻ لڳي هُئي.
اسان هڪٻئي سان ڳالهائڻ شروع ڪيو
مونکي احساس ٿيو ته
خاموشي به ڄڻ محبت جي ماءُ آهي!
جنهن مان پڻ لفظ ڦُٽن ٿا!
مون چنڊ تي،تارن تي،
روشنيءَ تي،موسيقيءَ تي
سُرن تي ۽ اظهار جي نمونن تي سوچيندي
هڪ نظم لکيو
مونکي ٻيهر محسوس ٿيو
خاموشي،احساس ۽ رت جي رقص جي به
هڪ الڳ زبان ٿئي ٿي
جنهن کي ڪو
دل وارو ئي سمجهي سگهي ٿو.

مان پنهنجا ڳوڙها پي ٿو وٺان!

مان پنهنجا ڳوڙها پي ٿو وٺان!
____________________
مان پنهنجو درد تنهنجي اڳيان
بيان ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان!
هاڻي ته تنهنجي اڳيان
روئڻ تي به دل نٿي ڪري!
موت سان وڙهندي وڙهندي
تنهنجي بنگلي ڀرسان پهچي
توکي پُڪارڻ لڳو هئس
گئلري مان تازي هوا کائيندي
تو نوڪر کي چيو ته تون گهر ۾ ناهين!
خبر ٿئي اُن وقت
مون پنهنجي وجود مٿان
نئون وار ٿيندي محسوس ڪيو هو!
روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل ڪارڪن
بيهوشيءَ جي بستري تي
تنهنجي سار جي انتظار ۾
رت جا ڳوڙها پيو ڳاڙي!
هوڏانهن
نئين ٽهيءَ جي نوجوان شاعر کي
ڪنهن بدمعاش
گولي هڻي زخمي ڪري وڌو آهي!
لاڙ پَٽ ۾ امن جي سفير
۽ هڪ فقيراڻي طبيعت جي امير ليکڪ جي
سار لهڻ لاءِ تو وٽان وقت رُسي ويوآهي!
مان تنهنجي گهر جي گهٽيءَ ۾
درد سان وڙهي رهيو آهيان!
۽ تون وري گئلري کان لهي
گُلن کي پاڻي پيو پيارين،
ڪيڏي نه خوشي ٿئي ها
جي تون منهنجن
خشڪ چپن تي اڌ گلاس پاڻيءَ جو رکي
مونکي
ٿورڙي آٿت ڏئي اسپتال پهچائين ها!
تون مونکان
نعرا هڻايا، بئنر لڳرايا، اسٽيٽس رکرايا!
منهنجي زمين تي قبضو ٿي ويو!
ماسترياڻي فون ڪري پُڇندي رهي ٿي ته
ٻار اسڪول ڇو نه ٿا اچن؟
پر تون مون بدران
پنهنجي خواهشن جي سرواڻي ڪري رهيو آهين!
وڏن وارن کي وهاڻو ڪري
رنگين راتيون گذاريندڙ منهنجا سهڻا سرواڻ
گهر ۾ گلن کي پاڻي ڏئي وٺ!
صبح جي واڪ به ڪرڻي هوندئي!
شام جو وسڪي به پيئڻي هوندئي!
پورهيت ۽ مزدرو جي پگهر تي
رومانس جي رنگن سان ڀرپور ۽ شاهڪار نظم
به لکڻو هوندئي!
رات هڪ وڏي جلسي جي صدارت به
توکي ئي ڪرڻي آهي!
مان ڄاڻان ٿو ته
تون منهنجي محبت، منهنجا نعرا
۽ پنهنجو وقت وڪڻي ڇڏيو آهي!
پر
منهنجا درد،منهنجا زخم
هڪ نئون وجود وٺي
هڪ ڀيرو ٻيهر تنهنجو استقبال ڪندا
تيستائين تون مُنهنجي ارمانن جي
پراڻي برانڊ واري
وسڪي پي وٺ
۽ مان پنهنجا ڳوڙها پي ٿو وٺان!

ڏک لڪائي نٿي سگھان!

ڏک لڪائي نٿي سگھان!
________________
درد ولوڙي ولوڙي
صفا ٿڪجي پئي آهيان!
ٻارن جو روئڻ ته
برداشت ڪري ٿي وڃان
پر
موالي مڙس جا دڙڪا ۽سَس جو ڪروڌ
منهنجي جيون کي روز نئين انداز ۾
زخمي ڪري رهيا آهن!
ننڍڙي هوندي
گاھ به ڪندي هيس ته لابارو به!
کير به ڏُهندي هيس ته
ماني به پچائيندي هيس!
پر ايترو ٿَڪ ڪٿي ٿيندو هو؟
ڦُٽيون چونڊيندي چونڊيندي
وڏن وارن ۽ ويڪري ڇاتيءَ وارو ڇوڪرو
چتائي ڏسندو هو ته
منهنجو ڪانبو
ذري گهٽ پيار سان ڀرجي ويندو هو!
هاڻي ته
نه اهي شامون ٿيون ٽڪرجن،
نه ئي
اهي رات جاخواب ٿا واپس اچن!
خوشين جو لطف به نٿو ماڻي سگهجي!
ايئن لڳي ٿو ڄڻ ته
هاڻي سڏڪن ۾ به ڪو اثر ئي ناهي رهيو،
مان روئان ٿي ته مِھڻا ٿا ملن!
چُپ ٿي ڪيان ته درد رَجهڻ ٿو لڳي!
پاڙي جون ڇوڪريون وري
مون کان ٽهڪ ٿيون گهرن!
مان کين ڪيئن ٻڌايان ته
منهنجي اکين جو حُسن ۽ حيات جا رنگ
اُن ڏينهن چورائجي ويا
جڏهن اسان جي انبن واري اوطاق تي
فقيراڻو سُنگ راڳ ڳائي نه سگهيو هو!
۽ مهمان ماني کائڻ بغير
واپس هليا ويا هئا!
کين ڪيئن ٻُڌايان ته
مان هاڻي ڏُک نه لڪائي ٿي سگهان
نه ئي ٻڌائي ٿي سگهان!

خواب، رنگ، واعدا

خواب، رنگ، واعدا
+++++++++++++++
خواب،رنگ، وعدا ۽ انتظار
منهنجي حيات جو ڄڻ ته حُسن ٿي پيا آهن!
توکي سڄي خبر آهي ته
منهنجون اکيون
تنهنجن ايرينگن ۾ اٽڪي
تنهنجا ڳل چمنديون رهنديون آهن
۽ ها جڏهن کان مان گلن جي خوشبوءِ
۽ محبت جي تصور جهڙي رات
تنهنجي بستري تي ڇڏي
واپس موٽيو آهيان!
تڏهن کان پاڻ کي ڳوليندي ڳوليندي
ٿڪجي پيو آهيان !
پر سچ اهو آ ته پاڻ سان
ملي به نٿو سگهان!
مونکي جيل جو قيد ڪٿي ٿو ماري؟
ماڻهن جون ڳالهيون پيون مارين!
ڪالھه پنهنجي ئي تر جو
هڪ نئون قيدي مليو
هن ٻُڌايو پئي ته منهنجي آزادي لاءِ
ايرينگَ وڪڻي تو هڪ وڪيل ڪيو آهي!
توکي ڪهڙي خبر ته
مان توسان ملڻ لاءِ روز سَنبرندو آهيان،
پر سَنبرندي سَنبرندي
ڳالهين جي ڳنڍ
۽ لُڙڪن جو گلاس
جيلر جي ٽيبل تي وساري
کوليءَ جي ڪنڊ ۾ روئندو آهيان ته
مونسان گڏ ٻيا قيدي به
روئڻ شروع ڪندا آهن!
تون ٻيهر وڪيل وٽ نه وڃجانءِ
ڇو ته جيل ۾
مان هڪ ڊائري لکي رهيو آهيان
جيڪا
خوابن،رنگن، وعدن ۽ انتظار جي
هڪ اهڙي ڪهاڻي هوندي
جنهن جي بئڪ ٽائيٽل تي
نم جو وڻ، چنڊ جا ليئاڪا،
روشنيءَ جا عڪس
۽ قيدين جا سڏڪا هوندا!
رات به مون هڪ خواب لڌو آهي
جنهن ۾ نُم جو وڻ،نئين واڻيل کٽ،
اَمان جي هٿن سان ڀريل ڀرت وارو وهاڻو،
تنهنجن هٿن سان
سِبيل ٽُڪ واري رلي،تنهنجو ڀاڪر،
روشن صبح جا ڪرڻا،
گلن جي تازي خوشبوءِ
۽ ڳولا جو نئون گيت
مونکي سڏي رهيا آهن!

سڪ مري ئي نٿي!

سڪ مري ئي نٿي!
_________________
انتظار جي ڪا عمر ناهي ٿيندي شايد!
تون پڙهڻ جهڙو ٿئين ته
منهنجي پهرين وهيءَ جو انتظار
اسڪول جي دروازي تي
روز نوان خواب ڏسندو رهيو!
تنهنجا ڦوٽو،تنهنجا ڪپڙا
گرم سُئيٽر اڄ به سنڀالي رکيا اٿم
سياري جي شديد سرديءَ ۾
توکي ماکي کارائڻ کان وٺي
راتين جا اوجاڳا
تنهنجون مُرڪون، تنهنجو ضد، تنهنجا ماڻا،
بستري تي
مونسان ڀاڪريون پائيندا ٿا رهن!
تون ٻاهرئين ملڪ پڙهڻ وئين
تنهنجي موٽڻ جو انتظار
اکين ۾ سدائين جاڳندو رهيو آهي!
پر ڪجھه عرصي کان
تنهنجا فون نياپا،واٽس اپ ڪال
۽ واپسيءَ جا پنڌ
سڀ ننڊ پئجي ويا آهن شايد!
ماڻهو ٻُڌائن ٿا ته
تون عمر سان گڏ وڏي پگهار وارو
وڏو ماڻهو به ٿي ويو آهين!
مان ڪمري جي ڪُنڊ ۾
پڻهين کان لڪي لڪي
هر روز روئندي آهيان!
تون سچ پچ ۾ ايڏو وڏو ماڻهو
ٿي ويو آهين ڇا؟
منهنجو انتظار
اسڪول جي دروازي کان ٿيندو
تنهنجي ڪشادي آفيس جي در تي
اُڀ پيرين بيهي بيهي
توسان ملڻ لاءِ بي قرار آهي!
مُنهنجي اکين جا جهروڪا
۽ چهري جا گهنج
انتظار جو گيت ڳائي رهيا آهن،
آفيس کا ٻاهر نڪري ڏس
در تي بيٺل ڇوڪرو
منهنجي گيت تي مونسان گڏ
روئي رهيو آهي!
منهنجي انتظار جي
پرڏيهي ويزا جو مدو ختم ۽
واپسيءَ جي فلائيٽ جو
ٽائيم به ٿيڻ وارو آهي!
تنهنجي انتظار کي
مان پرديس ۾ رولڻ نٿي چاهيان،
ٿي سگهئي ته ٿورڙو ٻاهر نڪري
مونکي ننڍڙو ڀاڪر پائي وڃ
تنهنجي سِڪ مري ئي نٿي!

پيار ۽ روڳ ڇا ٿيندو آ؟

پيار ۽ روڳ ڇا ٿيندو آ؟
_________________
سڪون جي ڳولا ۾ نڪتل مسافر
توسان ته مليو پر
دل وساري دير سان گهر پهتو!
تون وري ساڻس
پهرينءَ ملاقات ۾
ڪيل سمورا وعدا ڳنڍ ۾ ٻَڌي
واپس هلي وئينءَ ته
موٽڻ جي ئي نه ڪَيئي
درد جي لذت به عجيب ٿيندي آ
تو ڪڏهن
وڇوڙي جي لڙڪن کي
چَکي ڏٺو ناهي شايد
رات کان منهنجي اندر ۾
هڪ نئون احساس
ور ور ڏئي جاڳي رهيو آهي
تون گڏ هُجين ها ته
توکي اُن احساس جي چادر اوڍي
گهڙي کن لاءِ
پنهنجي ڀاڪر ۾ سمهاري
توسان دير دير تائين
ڳالهيون به ڪيان ها
۽ توکي محسوس به ڪرايان ها ته
پيار ۽ روڳ ڇا ٿيندو آ؟
خبر ٿئي
هائوس جاب دوران اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ
بلوري اکڙين ۽ وڏن وارن واري
سُهڻي نرس
جنهن لاءِ جڳ جهان مرندو هو.
هوءَ وري
روز صبح جو مُنهنجي هٿ ۾
تازو گل ڏئي
مُرڪ جا بادل وسائيندي
مونکي آهستي آهستي
عاشقيءَ جي اُن پنڌ تي وٺي ويندي هئي
جتي هرڪو
پنهنجي دل ۽ اکيون وساري
شايد ئي واپس موٽيو هجي!
پنجويھه سال گذري ويا هوندا
پر مان سندس ڏنل آخري چمي
اَڄ تائين
وساري ناهيان سگهيو!
۽ تون وري وعدن جي ڳنڍ
در کان ٻاهر اُڇلي
وارن کي پونيءَ ۾ ويڙهيندي
هڪ ڀيرو به پوئتي نهارڻ پسند نه ڪيو!
مان سوچيان ٿو
هي سائنس جي ترقي آهي
يا روين جي جنگ
مان جارح ناهيان
تڏهن ته جرح پسند ناهيان ڪندو!
نئين پينٽنگ
ڀلا ڪنهن کي نه وڻندي هوندي؟
پر گهاٽي وڻ جي ڇانوَ
۽ پراڻي ياريءَ جي عمر جا
احساس ۽ لباس
اُن پينٽنگ کان هزار ڀيرا بهتر آهن
جيڪي تيز بارش ۾ ڀڄندي
نه رنگ مٽائيندا هُجن
نه روين کي
زنگ لڳائي سگهندا هجن.
تون مونسان ڀلي پيار نه ڪر
پر جنهن سان به ڪرين
دل اُن جي گهر رکي
پوءِ ئي ٻاهر نڪرجانءِ!
ڇو ته مُحبت جو مزو
۽ زندگيءَ جي حسناڪي
ڪنهن کي وساري ڇڏڻ کان
وڌيڪ ياد ڪرڻ ۾ آهي!
تڏهن ته
گُلن واري نرس جي مُرڪ
منهنجي ڪمري جي
روشندان مان ليئاڪا پائي
مونکي
خوشبوءِ خوشبوءِ ڪندي رهي ٿي!

مسيحا

مسيحا
___________
مان هڪ مسيحا آهيان!
راتين جون راتيون
موت جي فرشتي سان
سامهون ٿي،
جاڳ جي جنگ وڙهندو رهان ٿو.
هڪ دوست چيو
تون پاڻ بيمار ٿي پيو آهين شايد!
ٻئي دوست چيو
تنهنجا نظم بيمار ٿي پيا آهن ڇا!
ٽيون چوي پيو
لکڻ مهل
پنهنجي شعبي جو ته ڀَرم رک!
مون سندن ڳالهيون ٻڌي مُرڪي ڏنو!
مون کين ٻڌايو ته
سنڌ جي جرڪندڙ سونهن واري هڪ شهر ۾
تازو هڪ مشاعرو ٿيو
هڪ نوجوان نظم پئي پڙهيو
مون ڏٺو
زندگي جهومي رهي هئي،
مَڌ ڀريا گلاس رقص ڪرڻ لڳا هئا
مان هُن جي لهجي ۾،
روانيءَ ۾ ۽ چپن تي
حسن کي نئين ويس ۾ مُرڪندي ڏٺو!
مون ٽنھي دوستن کي چيو
اسان ٻنھي فيصلو ڪيو آهي ته
اسان مان هڪ حسن ۽ حيات تي لکندو،
ٻيو موت سان ويڙھ تي لکندو!
هو جيڪو لکي پيو
اهڙو حُسن، اهڙو رنگ مان ڪٿان آڻيان!
۽ مان جيڪو ڀوڳيان پيو
اهو شايد هن جي عمر ناهي ڀوڳيو!
هو ڍنڍ جي ڪناري تي،
مَڌ سان گڏجي،
لفظن کي رقص ڪرائيندڙ ڪوي آهي!
۽ مان وري
آرام جي انجيڪشن سان درد کي سُمهاري
تھجد ويل ڪو نظم لکي
پنهنجن لُڙڪن کي ماڻهن سان ملائيندڙ
هڪ اهڙو مسيحا آهيان
جيڪو شفا جا در ڳوليندي ڳوليندي
ڪڏهن ڪڏهن پاڻ بيمار ٿي پوي ٿو!
مون ٽنھين کي چيو
فطرت جا رنگ ميڙڻ ۽ مُرڪن کي موٽائڻ لاءِ
تخليقڪار کي اکين جي ننڊ اُڏاري
خوابن سان گڏ ساڀيان جو
نئون ديس اُڏڻ لاءِ پاڻ کي ٻارڻو ٿو پوي!
مون هُنن کي چيو
اسان ٻئي چُمي ۽ مزاحمت سان
هڪ جيترو پيار ڪندا آهيون،
اسان کي لکڻ ڏيو
اسان ٻئي هن سُهڻي ديس جي
نئين سِر اڏاوت ۽
علاج جي تلاش ۾ نڪتل
مسافر شاعر آهيون!

سوڳ جهڙو لقاءُ

سوڳ جهڙو لقاءُ
_______________
گهڻا ڏينهن اڳ ڪنهن
پرڏيهي شاعره کي پڙهيم پئي
هن لکيو آهي ته
”ڪجھه ماڻهن سان
ويجهڙائپ وارورشتو جڙڻ کانپوءِ
ايئن لڳندو آهي
ڄڻ اُنهن جي جذبات ۽ احساسن جو ٻيو گهر
اسان جي ڇاتي ئي هجي.“
مان اهو نظم ياد ڪندي ڪندي نيٽ تي
جذبات، سونهن ۽ رشتن جي تعلق بابت
ڪيترائي مضمون ۽ شعر ڳوليندو رهيس!
هر جاءِ تي ان شاعره جي
مختصر نظم جا عڪس نظر پي آيا!
پوءِ مون سوچيو اهو سچ ته آهي
شاعرن جون ڇاتيون به
سونهن، پيار، درد ۽ سُندرتا جو
اهڙو پِڙ هونديون آهن
جتي شاعراڻيون ڪيفيتون
ڏک ۽ خوشيءَ جا مختلف ويس اوڍي
احساسن جي وشال ڪائنات جي
دلربا۽ دلفريب رنگن کي
نئون نئون جنم ڏين ٿيون!
مان پنهجي اندر جو جائزو ورتو
ڀيڻ جي ڄمڻ جي خوشي،
ڀاءُ جي شهادت کانپوءِ
امان جي اکين جي روشنيءَ جو رُسي وڃڻ!
بابا جي اوچتي خاموشي،
ڀُوري مينهن جو مري وڃڻ،
واھ جي ڪپ تان ٽارين جو ڪپجڻ،
پاڙيسريءَ جي
اڪيلي پٽ جو ڀُنگ لاءِ اغوا ٿيڻ،
ڳوٺ واري ڍنڍ تان
بندوقن جي لڳاتار ٺڪاون کانپوءِ
پکين جو مرڻ ۽ ٽهي وڃڻ،
اسڪولن مان ماءُ ٻوليءَ جولڏي وڃڻ،
پوسٽ گريجوئيشن واري عرصي دوران
پرڏيهي ڇوڪريءَ سان
سياري جي سرد ۽ ڊگهين راتين ۾
پيار جون ڳالهيون ڪندي ڪندي
ناراض ٿيڻ ۽ روئي پوڻ!
رات جي آخري فلائيٽ ۾
سندس وطن واپسي!
۽ کيس پرچائڻ لاءِ مون پاران
پرڏيھه وڃڻ جي تياري!
۽ ويزا جي رد ٿيڻ جهڙا ڪيترائي
لڙڪ، درد ۽ قصا
منهنجي ڇاتيءَ جي جَڏي ڀت ٽپندي
مونکي ماريندا ۽ جيئاريندا رهيا آهن!
هي سياري جي راتين ۽ اوجاڳن جهڙا
نظم
جيڪي نوجوان عاشقن جي اکين کي
اُجاريندا ۽ روئاريندا رهن ٿا
ايئن لڳي ٿو ڄڻ
اڌ صديءَ کان منهنجي ڇاتيءَ جي آڳر ۾
کير پيئندي پيئندي وڏا ٿيا هُجن،
تڏهن ته نئين نسل جي
اکين کي سوجهري ڏيڻ جهڙو مرتبو ماڻڻ جي
ڪجھه وڃي ويجهڙو محسوس ٿا ٿين!

ڏک جي ڪهاڻي

ڏک جي ڪهاڻي
_____________________
ڪالهه شاگردياڻين جو هڪ پُراڻو
گروپ ملي ويو.
جن سان گڏجي ڄڻ حيات جا
نوان رنگ ميڙبا هئا
ماضيءَ جيان
ڪينٽين ۾ چاءِ،برگر،سموسن جوآرڊر ڏئي
ڳالهين جون ڳنڍيون کوليوسين!
هن ڀيري سندن گفتگو جو موضوع
بلڪل مَٽيل هو
نه چيگم هئا نه چاڪليٽ!
فيسبوڪ ۽
نين موويز جي ذڪر کان خالي
هُو هڪ اهڙو سوالي پيپر کولي ويٺيون!
جنهن جي هر سوال ۾
درد هو، ڊڄ هو، ڀئو هو، ڪروڌ ۽ احتجاج هُيو!!
هڪ چيو پئي يار
سوشل ميڊيا ته رت سُڪائي ڇڏيو آهي!
رات ادا جي فون آئي
چوي پيو گهڻو ٿيو پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي
واپس موٽي آ!!
ٻي چوڻ لڳي چري آن ڇا! متان واپس وئي آن!
سڀڪجھه پاڻ تي آ
پاڻ کي ته ڪنهن ڪجھه ناهي چيو!
ٻي چوڻ لڳي سچ ٿي چوين
پر جي ڪو چوي به ها ته
اهڙيون ست سُريون ٻڌايانس ها جو
وڃي ڏيھه کي ڏس ڏئي ها!
ٽين مونسان مخاطب ٿيندي چوڻ لڳي
۽ هي معاملو
ڪنهن هڪ اداري جو آ!
ڪلھه مون هڪ انٽرنيشنل نيوز پيپر پئي پڙهي
ڀر پاسي جي ملڪن ۾ به اهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا
پوءِ ڇا ڇوڪرين پڙهڻ ڇڏي ڏنو آ؟
هو سڀ ان ڳالھه تي متفق هيون ته
هڪ اڌ واقعي جي ڪري
جيڪو هر حال ۾ ٿيڻ به نه گهرجي
پر هڪ اهڙي شخصي رويئي جي ڪري
هي سڀ ڀوڳيون پيا
جيڪو نالي جو اُستاد ته آهي
پر استاد آهي ڪونه!
هو چون پيون
ڪيڏي نه ڏک جي ڪهاڻي آ هي
جنهن جي ڪري
اُستاد جي عظمت تي سوال اُٿياآهن!
نياڻين جي تعليم تي اثر پيو آهي!
اداري جي وقار کي ڇيهو رسيو آهي!
هن قسم جي واقعن جو ورجاءُ
نه ٿيڻ گهرجي!
اسان کي بولڊ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو!
انتظاميا توڙي استادن کي
اکيون کولڻيون پونديون
والدين کي ادارن کان لاتعلقيءَ وارو رويو
ختم ڪرڻو پوندو!
مون سندن ڳالهيون ٻڌي سوچيو پئي
هي چنچل ڇوڪريون
جن جي حيات جا موضوع
ڪلاس روم، سبجيڪٽ، نيون موويز
ڄامشوري جي شام،المنظر جا رنگ
۽ مستقبل جي
حُسناڪ خوابن جهڙا روشن هئا
هو اڄ هيئن ڇو پيون سوچن!

جوڀن جو آڳر

جوڀن جو آڳر
_________________
دل چوي ٿي رات جي خاموشيءَ کي
ڀاڪر پائي نچڻ شروع ڪيان!
منهنجي پيرن ۾ پيل جهانجهر
تنهنجي دل جي آڳر تي
سموراخواب وکيري،
بار بار رقصان رقصان ٿي
محبت جو نئون گيت ڇيڙي!
هو ڏس اُجري ڍنڍ ۾
بلبن جي روشني۽ ستارن جي جهرمر،
مُرڪندڙ چهري جهڙو
دلربا ڳوٺ ٿا لڳن ڄڻ!
تون وائين جي گلاس تان
چَپ هٽائين ڇو نه ٿو؟
منهنجي ڀرسان اچي ويهه
مون تو لاءِ وسڪي جي
هڪ نئين برانڊ آندي آهي!
اچ ته اڄ پاڻ گڏجي ٿا پيئون!
اسڪن ڪلر جي جينس
ڪاري رنگ جي شرٽ
۽ گِري ڪلر جو شولڊر بئگ
مون توڏي
ڪيتري نه پيار مان موڪليا هئا
اهي توکي وڻيا به الائي ڪونه!
پر مونکي اها پڪي خبر آ ته
توکي منهنجا ٽهڪ،
خماريل اکيون، گڊ مارننگ جي
۽ ڀاڪر پائي پرچائڻ وڻندو آهي!
مان روئنديس،نچنديس، منٿون ڪنديس
پر اڄ توکي پرچائي پوءِ ئي ٿڪ ڀڃنديس!
تون وائين کي پري رک
مون ڏي ڏس،
مان ڪيڏو سَهي سنبري آئي آهيان!
منهنجي ويجهو اچ
مان مَڌ جهڙي بدن جو هر رنگ
تنهنجي ساهن ۾ اُوتڻ جو
وچن ورجائڻ آئي آهيان!
تون ٿورڙو مُرڪ، مونسان گڏجي
ڳالهين جا ٻه پئگ پي!
تنهنجي ڀاڪر جي رومانس سان
منهنجي جوڀن جو آڳر
خوشبو خوشبو ٿي ويندو.

ڳوڙهن جو ڳُجھه

ڳوڙهن جو ڳُجھه
____________________
هوءَ رقص کان انڪار ڪندي
پيرن جي پايل ۽پنهنجن لُڙڪن کي
درياءَ ۾ لوڙهڻ وئي ته
درياءُ زور زور سان روئڻ لڳو!
ڪَپ تي بيٺل پراڻي ٽاريءَ جي
ساون پنن ڇڻڻ شروع ڪيو!
اوچتو هڪ مُصور اُتان لنگهيو،
پنهنجي اکين سان
درياءَ جي ڪيفيت ۽
ٽاريءَ جي ڏک جو لقاءُ ڏسندي
حيرت ۾ پئجي ويو!
هِن کان اڳ هو ڪيترين ئي
شاهڪار تصويرن ۾ رنگ ڀري
وڏو نالو ڪمائي چڪو هو!
هُن گهڻو وقت اڳ
هڪ رقاصا جو انٽرويو ڪندي
سندس اکين جي
شاهڪار تصوير ٺاهي
پنهنجي ڪمري ۾ لڳائڻ بدران
رد عمل ڏسڻ لاءِ چوڪ تي رکي
پاڻ فوٽ پاٿ تي ويهي رهيو هو!
هُن ڏٺو ته
شهر جا ڇوڪرا
پنهجن اکين جا رنگ
اُن تصوير تي هاري نچڻ لڳا هئا!
هن کي وري رقاصا جي
پيرن ۾ پاتل پايل جي اسرار جو
اندازو تڏهن ٿيو
جڏهن درياءَ جا سڏڪا ۽ پنن جو ڇڻڻ
سندس مَن ۾ طوفان کڙو ڪرڻ لڳو هو!
هُن گهر وڃي
سمورا رنگ هاري ڇڏيا،
رقص جي تصور، رقاصا جي انگ انگ
۽ ڇير جي ڇمڪڻ تي
سوچيندي سوچيندي
مصور هڪ نئين تصوير ٺاهڻ شروع ڪئي!
پر هن جي تصوير ۾
رقص جا انگ قيد ئي نه پئي ٿيا!
هو روئندو به رهيو
۽تصوير به ٺاهيندو رهيو!
تصوير ٺاهي
اطمينان جو ساھ کڻڻ ئي لڳو ته
هڪ ڪراڙو شخص اُتان لنگهندي
سندس تصوير هٿ ۾ کڻي
چوڻ لڳو
ماءَ جي پيار،محبوبه جي ادا،
ٻار جي مُرڪ ، جهانجهر جي آواز،
چنڊ جي روشني
۽ رقاصه جي پيرن جي آڱرين واري درد کي
ڪنهن تصوير ۾ قيد ڪرڻ ايئن آهي
ڄڻ ڪائنات جي
حسين تصور جو ساھ
هڪ مُٺ ۾ بند ڪرڻ جي ناڪام مشق!
اها ڳالھه ٻُڌي
مصور جي هٿ مان برش ڪري پيو
ڇير جي ڇمڪي تي
درياءَ جي سڏڪن ۽ پنن جي ڇڻڻ جو راز
هن کي نئين سر سمجھه ۾ آيو ته
چوڻ لڳو
آرٽسٽ جي برش مان اُڀرندڙ رنگن،
رقاصا جي آڱرين
۽ شاعر جي ڳوڙهن جي ڳُجھه کي
دنيا وارا سمجهي وڃن ها ته
شايد
بندوق ۽ گوليءَ جو نالو به نه هجي ها
نه ئي ڪو راھ ويندڙ مسافر
اسڪول ويندڙ ٻار۽ پيار ڪندڙ عورت
قتل ٿئي ها!
نه ئي دنيا ۾ ڪٿي نسلي
۽ فرقيوارانه فساد ٿين ها!
هن رات جو دير دير تائين جاڳي
پير، پايل، درياءَ، پاڻي ۽
ٽاريءَ جي ڇانوَ جا عڪس ليڪيندي
هڪ نئين تصوير ٺاهي ورتي!
مينهون درياءَ ۾، ٻار ٽاريءَ ڇانو ۾
۽ رقاصا اسان جي ڳوٺ واري
پراڻي اوطاق ۾ پيار جي گيتن تي
ڳوٺاڻن کي جهومائي رهي آهي!

ماڻهو ماڻهوءَ کي ڇو ٿو ماري؟

ماڻهو ماڻهوءَ کي ڇو ٿو ماري؟
_______________
مونکي لڳي ٿو ته
اسان سڀ حيات جي ڦلواڙيءَ جا
ساڳيا ئي گُل آهيون!
هٿن جون آڱريون،پيرن جا نشان،
اکين جون ماڻڪيون،
سڀ ته ساڳيون ئي آهن!
ساھ کڻڻ لاء آڪسيجن ساڳي،
ڇانو ۾ ويهڻ لاءِ وڻ ساڳيا،
سج اُڀريو ته ساڳيو ڏٺم،
چنڊ اُڀريو ته روشني ساڳي،
دل جا خانا، ڦڦڙن جون ناليون
رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت جو رنگ به
ساڳيو ئي ته آهي!
مَٽيل هجن ته ڪو شايد
هٿ جي لڪيرن جا نشان،
پيرن جي آهٽ
اکين جا رنگ ۽ جسم جي بيهڪ!
مُرڪ جو نمونو،آواز جي لئي
ملڻ جو انداز متان کڻي ٿورڙو مَٽيل هجي!
سوچيان ٿو ته پوءِ
اسان جا رويا ايترا جدا جدا ڇوٿا ٿين ؟
ساڳي هوا ۽ ساڳي رُت ۾
هڪڙا پيار کي ڳوليندي ٿڪجن نٿا
ته ٻيا وري نفرت جي باھ ۾
پاڻ به رَجهن ٿا ۽ سماج کي به ساڙين ٿا!
ٻار جي مُرڪ کي ماري،
سِڪايل مائرن جون جهوليون خالي ڪرڻ لاءِ سدائين آتا ۽ اُتاولا ماڻهو
رات جو گولين سان گڏ سُمهن ٿا!
۽ صبح جو وري
رت جي نئين راند کيڏڻ جو سوچي
اندر کي اُجارڻ بدران
بندوق جي ناليءَ کي صاف ڪري
شاعرن پاران لکيل
امن جي گيتن ۽ پکين جي پَرن کي
ساڙڻ جا روز نوان سانباها ڪن ٿا.
هاڻ ته منهنجي محبوبه وانگر
منهنجا نظم به مون کان رسڻ لڳا آهن،
رات دير تائين جاڳندو رهيس
نظم مونڏانهن آيا ئي نه پئي
وڏين منٿن کانپوءِ هو مون وٽ آيا آهن!
نوجوان مريضه کي
’آءِ سي يو‘ ۾ بستري تي ننڊ سمهاري،
مانيٽر جي ڊيڄاريندڙ
آواز کان ڪن لاٽار ڪري،
اوهان دوستن کان
ڏکويل دل سان پُڇي رهيو آهيان
مونکي ڪير ٻڌائيندو ته
ماڻهو ماڻهوءَ کي ڇو ٿو ماري؟

خواب به چوري ٿيندا هن ڇا؟

خواب به چوري ٿيندا هن ڇا؟
___________________
خواب چوري ٿيندا هُجن ها ته
مان پنهنجو ڪمرو
خوابن سان ڀري ڇڏيان ها
وار وڏا هوندا هئا ته
پاڙي جا هَڙئي ڇوڪرا
قِسمين قِسمين گُل کڻي
منهنجن وارن ۾ اَٽڪائڻ لاءِ آتا هوندا هئا!
منهنجي ڪمري جي ڇت،
سموريون ديوارون،روشندان،
وهاڻي جي ڇِو، بستري جي چادر
۽ ڊرائنگ ٽيبل
هر ماڻهوءَ کي ايئن وڻندي هئي
جيئن شاعرن کي
محبوبه جي پهرين نهار وڻندي آهي!
مان هاڻي به ڪو اهڙو ئي خواب
ڳولي رهي آهيان!
جنهن ۾ مُنهنجو وڃايل وجود،
جوڀن جو رومانس چپن جي مُرڪ،
وارن جي خوشبوءِ
۽ ادائن جي ڪنواري ڪهاڻي،
ڇاتيءَ تي بارش جهڙو راڳ آلاپي سگهي!
رات مون پنهنجي جوانيءَ جي
هڪ پراڻي وڊيو ڪلپ پئي ڏٺي
وڻ هئا،پکي هئا،
جُهڙ هو، رنگ هئا، گُل هئا،خوشبو هئي
مان هُن جي مضبوط ٻانهن ۾ قابو ٿي
اکيون پوري ٿڌو ساھ مس ئي کنيو ته
مينهن وسي پيو هو!
مان بارش ۾ ڀِڄندي ڀِڄندي
رنگ رنگ ٿي اُڏرڻ لڳي هئس!
مون اکيون کوليون
آسمان تي ست رنگي انڊلٺ نظر آئي!
مونکي هُن چيو
هي عورت جي جواني جو اهو جلوو آهي
جيڪو حقيقي پيار ماڻڻ کانپوءِ
هوا ۾ هُڳاءَ سان گڏ
رنگن جو مينهن وسائي ٿو!
مون سوچيو:
مان پاڻ هڪ خواب هُيس
پَر وقت منهنجا رنگ چورائي ويو!
پر مان هاڻي
ڪو به خواب چوري نٿي ڪري سگهان!

پيئڻ کان ڇو ٿي روڪين؟

پيئڻ کان ڇو ٿي روڪين؟
____________________
مونکي پيئڻ کان ڇوٿي روڪين؟
مان مرڻ ڪٿي ٿو چاهيان!
اونداهي رات آ
ميڻ بتي به نه ٻاريان.
تارا ميڙڻ کان به جهلين ٿي،
تون به ته مونسان پيار ڪري
ڄڻ باھ ۾ هٿ وڌو آهي!
مان گل گڏ ڪري رکان ئي مس ٿو ته
منهنجن ڳوڙهن
وانگر سُڪي ٿا وڃن!
گل پاڻ کي سُهڻن هٿن مان ڪرندي
۽ پيرن هيٺان لتاڙبو ڏسي
ڏاڍو رنا هوندا شايد!
مون ڪٿي پڙهيو هو ته
اُڏرڻ مهل
ڪنهن پکيءَ جو پرَ ٽٽي پئي ته
ٻيا پکي اُن جو ساٿ ناهن ڇڏيندا!
پر هتي ته بيمار کان پُڇبو ڪونه
چڱي ڀلي مان
ڀاڪر ڪڍبو ئي ڪونه!
’بيٽ مئڪر‘ هڪ هنڌ لکيو ته
”پيار ڪرڻ به ڄڻ ڪا جنگ آهي!“
اهڙي جنگ جنهن ۾
دشمن واري جي تاڙ ۾ هجي،
تون
مونسان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏي
ماڻهو هاڻي محبت جي نالي
۽ اعتماد کي به وڪڻڻ لڳا آهن!
مان به تنهنجن اکين جي
تصوير جو چميءَ وارو اشتهار
اخبار ۾ ڏئي
رات کان وسڪي پي رهيو آهيان!
تون بيمار ٿيندينءَ ته
ڪهڙي ڪم جي؟
مان ته تنهنجي مرڪ کي مارڪيٽ ۾وڪڻي نئين گاڏيءَ تي
ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان
پيار ڪرڻ لاءِ
برفاني علائقي ۾ نڪري آيو آهيان!
مونکي
پيئڻ کان اجايو ٿي روڪين!
تون منهنجي ڪمري جون
سڀئي بتيون بند ڪري
ڀلي اڪيلي سُمھي پئه
مان جيڪو
لکندو آهيان، اهڙو ڇوٿي سمجهين؟
توکي ته خبر آ
نئين برانڊ جي وسڪي،نئين ماڊل جي گاڏي
۽ سُهڻي ڇوڪري
منهنجي ڪمزوري رهي آهي!
مان ٻهراڙيءَ جي شاعرن وانگر
چُڙي چُڙي مرڻ نٿو چاهيان!
تون مونکي پڙهڻ بدران
منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب پڙهندي ڪر!
ٻاهر بارش به وسي ٿي
بادلن جون ڊوڙون مونکي سَڏين ٿيون
وسڪي پيئڻ جو وقت به ٿي ويو آهي!
هاڻي ميسيج بند ڪر
ته ڪو نئون نظم لکي
دل جو غبار هلڪو ڪيان.
مونسان ٿورڙي به دل اٿئي ته
مونکي پيئڻ ۽ پيار کان
ڪڏهن به نه روڪجانءِ!

ٻانهون ڪير مَروڙيندو؟

ٻانهون ڪير مَروڙيندو؟
_________________
آئيني جي سامهون بيٺل ڇوڪري
پنهنجي ئي اکين ۾ جهاتي پائي
سوچڻ لڳي
لڙڪ سُڪي به ويندا آهن ڇا؟
مان رُني ته هيس پر
نه ڳل آلا ٿيا آهن نه ٽشو پيپر ئي ڀِڳوآهي!
درد به پنهنجي صورت
تبديل ڪندو آهي ڇا؟
بي حسي، بيوفائي ۽ ڌوڪو
جدائيءَ جي لذت جو مزو ئي ماڻڻ نٿا ڏين!
وڇوڙي جي گيت کي ڪو
ٻُڌڻ وارو ناهي ته
سُر به پنهنجو سُرور وڃائي ٿا ويهن!
هوءَ وارن ۾ برش ڦيرائيندي
پنهنجي ڇاتيءَ، پنهنجي چيلھه
۽ ڳٽن جي ڊمپلس ڏانهن ڏسندي
پاڻ کي چوڻ لڳي؛
جوانيءَ جي هِن اڱڻ تي
ڪنهن کي به رنگ هارڻ نه ڏينديس.
هو منهنجا خواب ته
ڀورا ڀورا ڪري ويو!
پر منهنجون اکيون
جيڪي سڄي شهر کي وڻنديون هيون
انهن جو پاڻي به چورائي ويو!
هن کي پاڻ تي غصو اچڻ لڳو!
پنهنجن اکين،چپن ۽ وارن ڏانهن ڏسندي
ٻيهرچوڻ لڳي
پر هن حسن، جوڀن، ۽ جمال کي
اڪيلائي ته ويتر ماري وجهندي.
منهنجي خيال ۾
اکين جي ڳوڙهن کي ٻيهر تلاش ڪري
ڪنهن جي هنج ۾ هارجي!
ڪنهن نئين درد کي ڳولي
پاڻ سان گڏ سمهارجي!
جي ايئن نه ڪيم ته
منهنجي اندر جو رنگ ڦڪو ٿي ويندو.
منهنجون ٻانهون ڪير مروڙيندو
منهنجون ٽُٽل
چوڙيون ڪير ميڙيندو!؟
پيرن جي پازيب زنگجي ويندي،
مان آئيني جي سامهون
شايد ٻيهر ڪڏهن بيهي به نه سگهان !

اکيون ڇو نه ٿي کولين؟

اکيون ڇو نه ٿي کولين؟

صبح جو ته پاڻ مرڪي موڪلايو هو
تو جلدي موٽڻ جو انگل به ڪيو هو!
ڏِس مان واپس موٽي آيو هان
شام کان انتظار ۾ آهيان!
پر تون اکيون ئي نٿي کولين!
گذريل رات دير دير تائين
پاڻ جاڳَ جا خواب لهندي
هنج ۾ هڪ نئون سپنو ڏٺو هو،
مان مزدوريءَ تي هليو ويس
تون ويم جي سورن سبب
سرڪاري اسپتال جا ڌڪا کائي
ڏاڪڻ تان لهندي ڪري پئي هُئينءَ!
اها خبر مونکي تڏهن پئي جڏهن مان
تولاءِ هڪ صوف ۽ ڪجھه ڏاڙهون داڻا
خريد ڪري گهر پهتو هئس!
ايئن نه سوچجان ته مونکي تنهجو فڪر ئي نه هو!
پئسا شام جو مليا موبائل ۾ بئلنس هيو ئي ڪونه
تڏهن ته ڪال ڪري نه سگهيو هُيم!
مون ٻڌو آ ته ويم گهر ۾
نه ڊليوري ٽيبل هئي نه بسترو خالي هو!
نوان نوان پوسٽنگ آرڊر نڪتا آهن
ڪيتريون ئي پوسٽ گريجوئيٽ
۽ هائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرياڻيون
سيڪريٽريٽ ۾ ويٺل ڪرسين جو
پئسن سان پيٽ ڀرڻ لاء موڪل تي ويل آهن!
۽ سينئر ڊاڪٽرياڻيون
پنهجي خانگي دڪان تي
ڪائونٽر تان ڪيش ڳڻڻ ۾ مصروف آهن!
۽ڪي وري پنهنجن ٻارن کي
ٻاهر ڊنر ڪرائڻ لاءِ تياري ڪندي
ڪپڙن جي چونڊ لاءِ پريشان آهن!
چون ٿا
گهڻو رت وهڻ سبب تون ڪِري پئي هئينءَ!
توکي اسٽريچر تي کڻي ،
ايمرجنسي آپريشن بعد
پاڻ واري راتوڪي سپني کي
ٽوال ۾ ويڙهي ٻاهر ڏنو اٿن
پر پنهنجو سپني جو ساھ گهُٽيل آ!
۽ هو نيرو نيرو ٿي ويو آهي،
نه پاڻ وارو سپنو ٿو جاڳي
نه تون ئي اکيون ٿي کولين!

ٻيهر روئڻ نٿو چاهيان

ٻيهر روئڻ نٿو چاهيان
__________________
ٻارن واري ٿئيٽر مان
سهڻي سڀاءُ وارو ٽيڪنيشن ڇوڪرو
خوشي خوشي مان واپسيءَ تي
ڪو گيت گنگنائيندي چوڻ لڳو سائين
ٻاهرواهه جو ڪڪر پيا وسن!
نرسنگ هاسٽل جون سڀئي ڇوڪريون
بارش جي ڪَڻ ڪَڻ تي
تيز هوا سان گڏ رقص ڪري رهيون آهن!
مان به برسات جي پاڻيءَ سان
پاڻ کي وهنجاري هتي پهتو آهيان!
اوهان کي به ته بارش ڏاڍي وڻندي آهي نه!
مان کيس چتائي ڏٺو
هو پنهنجي ڳالھه جاري رکندي چوڻ لڳو
برسات ٻاهر ڄڻ ڪو درد وسائي رهي آهي.
سائين ڪو نئون نظم ته ٻڌايو!
مان کيس ڪيئن ٻڌايان ته
ڇهن ڪلاڪن جي ڊگهي جدوجهد کانپوء به
مان ڇويهن سالن جي
سانوري عورت کي بچائڻ بجاءِ
لاش ٻاهر ايمبولنس ۾ روانو ڪري
پنهنجي آفيس ۾ ايترو رنو آهيان
جو منهنجن نظمن جا
سڀئي ڳوڙها ايمبولنس جا سائرن چورائي
روڊ ڏانهن روانا ٿيندي ئي
ڪڪر ڪڪر ٿي وسڻ لڳا آهن!
مان وري روئڻ شروع ڪيو ته
هو مونکي ٻانهن مان وٺي،
آٽو ڪليو واري گئلري مان
بارش وسڻ جا رنگ ۽
ڪڪرن جون ڊوڙون ڏيکاريندي
پُڇڻ لڳو
بارش جي آواز ۾
رومانس ۽ درد جي اسرار جا
احساساتي رنگ اوهان کي ڇو وڻندا آهن؟
مون اوهان جي نظمن ۾
اهي سڀ رنگ بار بارڏٺا آهن،
مان ٻيهر روئي پيس،
هُن کي رت ملي ها ته هوءَ بچي پوي ها،
هوءَ ڳوٺاڻي دائيءَ وٽ
ڪوشش ڪرائڻ بدران
سڌو هِتي اچي ها تڏهن به بَچي پوي ها!
منهنجو من بارش جيان وسڻ لڳو!
۽ هو منهنجا ڳوڙها اُگهندي چوڻ لڳو
سائين جلدي ڪيو
چون ٿا هڪ ٻيو به اهڙو ئي مريض آيو آهي!
مان آپريشن ٿيٽر ڏانهن ڊوڙڻ لڳس
آڪسيجن ختم ٿي وئي آ!
هيماسل جي ٿيلهي به ڪانهي!
ڪئنولا ننڍي بور وارو پيل آ!
ائڊرينلين جو مدو پورو ٿي ويو آ!
آپريشن ٿئيٽر جي ڇت بارش جي پاڻيءَ سان
ٽمڻ لڳي ٿي!
مان روئڻ بجاءِ
پنهنجي ڪم سان لڳي وڃان ٿو
هاڻي مان ٻيهر روئڻ نٿو چاهيان!
مان ايمبولنس جي سائرن کي
ٻيهر ٻڌڻ ئي نٿو چاهيان!
ڇو ته مُنهنجي شهيد ڀاءُ جو لاش به
اهائي ايمبولنس کڻي آئي هئي!
اَمان چوندي هئي ته
اُن ڏانئڻ جو پير شل خيري به
ڪنهن ڳوٺ ۾ نه پوي!

نئين ڪٿا

نئين ڪٿا
________________
مونکي نٿو لڳي ته هو پاڻ ۾ پيار ڪندا هوندا،
ڪڏهن ڪڏهن ٽهڪ به ڏين ٿا
نوڪري به گڏ ڪن ٿا،
پئسو به جام ڪمائين ٿا
پر هومطمئن ناهن.
هُن جي پهرين زال فرسٽ فلور تان
دريءَ مان جهاتي پائي
هن جي مٿان روز ڳوڙها هاريندي آهي.
وارن جي خوشبوءِ
۽ بدن جي بي قراريءَ کي
سگريٽ جي ڦُلي جيان ڇت تان هيٺ اُڇلي
پاڻ کي وري وري دکائيندي رهندي آهي!
خودڪشي ڇا ٿيندي آ!
هوءَ سوچي سوچي بستري تي ڪري پوندي آهي!
۽ هو وري ٻي گهر واريءَ سان
بنان ڳالهائڻ جي
بيڊ روم جون لائيٽون وسائي
روئڻ لڳندو آهي!
هڪ ڀيرو مون کانئس پڇيو، ٻار گهڻا ٿئي ؟
هو سڏڪي پيو هو
هن جي سيني تي ٽن سالن کان
ٻي گهر واري جو آرس گهمندو رهيو آهي!
پر ٻار جي مُرڪ ۽ اُن جا بانبڙا
هن جي ڇاتيءَ کان رٺل رهيا آهن!
هو هاڻي نئون عشق به نٿو ڪري سگهي!
ڇو ته هن جي ٻي زال
پاڙي جي سمورن ڇوڪرن کي
ڳالهين ڳالهين ۾
سيني جا سمورا زخم ڏيکاري
درد جو نئون پورٽريٽ
پاڙي جي هر ڀت تي لڳائي ڇڏيو آهي!
هو پهرين گهر واريءَ سان وري ملڻ چاهي ٿو
پر هن کي ڀئو ٿو ٿئي ته
هُن جي ٻي گهر واري
ڪو ڌاريو ٻار نه گهر ۾ کڻي اچي!
هو هاڻي رات جو روز مون وٽ روئڻ ايندو آهي.
مان وري پنهنجا ڳوڙها پيئندي
هن جي ڳوڙهن جي نوحن جو درد
مختلف نظمن ۾ اوتي
هڪ نئين ڪٿا لکندو رهندو آهيان!

ڪرائيسز آف لائيف

ڪرائيسز آف لائيف
_________________
منهنجو ننڍڙو پٽ
ريموٽ جي بٽڻ کي تڪڙو تڪڙو دٻائيندي
ڪو اهڙو چئنل ڳولي رهيو هو
جنهن ۾
گل هجن،پوپٽ هجن،ڀنڀوريون هجن
۽ هلڪي بارش وسندي هجي!
منهنجي وڏي ڌيءُ
هڪ انگريزي ناول
”دي ڪرائيسز آف لائيف“
پڙهندي پنهنجي چهري جو پگهر
ٽشو پيپر سان صاف ڪندي
شيشي جي گلاس مان
بار بار ڍُڪ ڍُڪ پاڻي جو پيئندي
شايد ناول جي ڀوڳنا جهڙي
ڪيفيت مان گذري رهي هئي،
منهنجي ننڍي ڌيءُ
اسڪول جو هوم ورڪ ڪندي
ڪتابن سان گفتگوءَ ۾
اهڙي ته مصروف هئي
ڄڻ هن جي پوري ڪائنات جا
رانديڪا ۽ چنچلتائون
هن سان گڏ ويٺا هجن.
مان ۽ منهنجي زال
نئين ٺهندڙ گهر جي ڪمرن جي سجاوٽ
فرنيچر،گلوب،
باغيچي لاءِ ٻوٽن ۽ گلن جي قسمن جي
چونڊ بابت
ڊزائينر ۽ مالهيءَ پاران موڪليل
ڊزائين ۽ صلاحن تي غور ڪندي
ساڳي صفحي تي ويهي
نوڪريءَکان اڳ ۽ نوڪري کانپوءِ،
شادي کان اڳ ۽ شادي کانپوءِ واري زندگي،
پاڙيوارن جي گهر،ڪمرن جي سجاوٽ ۽
اڏاوت جي خوبين،خامين تي ڳالهائيندي
پنهنجي ڌُن ۾ محو هئاسين.
مُنهنجو ننڍڙو پٽ گلن،پوپٽن
۽ڀنڀورين وارو چئنل ڳولي
اسان کي گڏيل ڀاڪر پائيندي
چوڻ لڳو
اچو ته بارش ۾ ڀِڄڻ،پوپٽن کي پڪڙڻ
۽ ڀنڀورين سان ڊوڙڻ جو مزو وٺون.
منهنجي ننڍڙي ڌيءَ چوڻ لڳي
منهنجو هوم ورڪ ڏسو
سڀاڻي منهنجي ٽيسٽ آ
مونکي پوزيشن کڻڻي آ،
۽ وڏي ڌيءُ چوڻ لڳي
ناول جا هي جملا ته ٻڌو بابا
لڳي ٿو ليکڪ ڄڻ پاڻ باھ ۾ سڙڻ بعد
اسپتال جي بستري تان ويهي
سڀ ڪجهه لکيو آ.
سندس هر لفظ سڏڪي رهيوآهي!
منهنجو وڏو پُٽ
راند اڌ ۾ ڇڏي سهڪندو سهڪندو
صوفي تي ڪرندي چوڻ لڳو
شهر جي وچ بازار ۾
گولين جي برسات وسائيندي
ٻن موٽرسوار دهشتگردن
ڪيترائي ماڻهو ماري وڌاآهن.
منهنجي پُٽ جي هٿ مان ريموٽ ،
وڏي ڌيءُ جي هٿ مان ناول
۽ اسان جي هٿ مان باغيچي ۽ ڪمرن جي ڊزائين وارا پنا ڪري پيا!
اسان سرڪاري اسپتال جي
ايمرجنسي وارڊ ڏانهن ڊوڙندي پهتاسين!
صحافين جي رش،
ڪئميرائن جون فليشون،
مون ڏٺواڌڙوٽ عمر وارا ٻه زخمي
جيڪي شايد تازو تازو
ڪنهن باغ ۾ ڪم ڪري شهر مان ڀاڄي
يا پنهنجن ٻارن لاء رانديڪا وٺڻ آياهوندا
اُنهن مان
هڪ جي سيني تي ڪنهن پوپٽ جا زخمي پر
۽ مري ويل عورت جا اڌ سڙيل وار
۽ بچيل وارن ۾
ڦاٿل گلن جي پنکڙين جي سڙڻ جي
ڪافورجهڙي بُوءِ
منهنجي ساھ کي ويتر سوڙهوڪري رهي هئي!
منهنجو مَن پوپٽن جي اُڏرڻ
ڀنڀورين جي ڦيرن،گلن جي ٽڙڻ
۽ مُرجهائجڻ کان وٺي
زندگيءَ جي تحرڪ،رواني
۽ رڪجڻ جي اثرن بابت
درد ڪٿا جهڙو اُجڙيل ڳوٺ لڳي رهيو هو.
سئي، ڌاڳي، ٽاڪن، ملم پٽي
۽ زخمن جي ڪهاڻي جهڙو ٿڪل جسم کڻي
گهر موٽي آيس ته
منهنجو پُٽ ٽي وي بند ڪري روئندي
چئي رهيو هو
منهجا پوپٽ مارجي ويا،گل سڙي ويا،
ڀنڀوريون اڏري ويون!
هي ٽي وي ڪِني آ!
مونکي ٻي ٽي وي وٺي ڏيو!
وڏي پُٽ چيو: مان راند کيڏڻ کان بس ڪئي
اسان هن دونهين جهڙي شهر ۾
ڪونه رهنداسين!
۽ وڏي ڌيءُ چوڻ لڳي
اهڙا ڪتاب ته نه آڻيندا ڪيو بابا
جن ۾ گولين جا ٺڪاوَ،
بارود جي ڌپَ
۽ لاشن جي سڙڻ جو ذڪر هجي.
مان ۽ منهنجي زال کين ڀاڪرڙا پائي
نئين زندگي ۽ ايندڙ دور جي
ترقيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائي
سندن اکين ۾ جاڳ جا نوان خوابَ
پوکڻ جي ڪوشش ڪندي
ٽي وي لائونج مان اُٿي
سُمھڻ جي تياري ٿا ڪيون
ته ننڍي ڌيءُ پُڇي ٿي،
بابا گولين ۽ بارود جي فصل کي
پاڻي ڪير ڏيندوآ؟
پُٽ پُڇي ٿو
پوپٽ، ڀنڀوري ۽ گُل جي خوشبوءِ کي به
گولين سان ماريو ويندو آ ڇا؟
وڏي ڌيءُ چوڻ لڳي
ڪو اهڙو ناول هوندو جنهن ۾
ٽهڪ هجن، سُرهاڻ هجي،موت بدران
جيئڻ ۽ جيئارڻ جون ڳالهيون هجن!
مان ۽ منهنجي زال
ٻارن جي اکين ۾ چُڀندڙ سوال ڏسي
پهريون ڀيرو پاڻ کي
پنهنجي گهر ۾ اوپرو محسوس ڪرڻ لڳون ٿا!

محبوب ڏانهن خط

محبوب ڏانهن خط

تنهنجي هڪڙي ميسيج جي انتظار ۾
ڪيئي راتيون جاڳندي گذاريون اٿم!
رات به ديردير تائين
’نوارا ايليا‘ واري پراڻي گھر جي آڳنڌ ۾
سبز چاءِ جي پتن جي خوشبوءَ ۾ ويڙهجي،
ڪڏهن چنڊ ته
ڪڏهن چنڊ جي ڌيمي روشنيءَ سان،
ڳالهائيندي رهيس!
ٽي ڀيرا سبز چاءِ، ٻه ڀيرا ڪافيءَ جا
وڏا وڏا مَگ
هورڙيان هورڙيان پيئندي،
آءِ فون جي چمڪندڙ ۽ نازڪ اسڪرين کي
ڳٽن تي گھمائيندي،
تو واري ڏنل پهرين چُميءَ کي ياد ڪندي
روئي پئي هيم.
خبر ٿئي
اَسراٽي مهل
جڏهن پکين ٻولڻ جي تياري پئي ڪئي،
شام واري بارش ٻيهر موٽي آئي هئي،
مان به هڪ ڀيرو ٻيهر
بوند بوند ٿي وسڻ لڳي هيم،
۽ ها! بارش جو پاڻي
منهنجن گھاٽن وارن مان ڇڻندو
منهنجن والن ۽ ڪلهن تان ترڪندو
منهنجي بي قرار بدن ۾
نديءَ جي لهرن جهڙو
روڳ اوتي رهيو هو!
۽ وري تون سوچيندو هوندين ته
مان توکي وساري ڇڏيو هوندو!
هِتي هر روز نئين بارش وسندي آهي!
هِتان جي هوا،
پهاڙن جي ڀاڪر ۾ پوکيل
چاءِ جي مختلف نمونن جي خوشبوءِ
منهنجي بدن ۾
روز ڪي نوان رنگ اوتڻ چاهيندي آهي!
پر قسمَ سان
مان اڃا تائين صفا بدلي ناهيان!
منهنجو رنگ به ساڳيو آ
منهنجا چپ به ساڳيا هن!
بس منهنجي ٽهڪن جو ردم،
ڳلي جو پُرسوز آواز
۽ منهنجا ڊگھا ڀُورا وار
جيڪي توکي ڏاڍا وڻندا هئا!
اُهي ’نوارا ايليا‘ جي پراڻي گھر جيان
پوڙها ٿيندا پيا وڃن!
تو چيو هو موٽي ايندين
منهنجن ناسي،نيرين اکين ۾
پيار جا ڪي گل پوکيندين،
جلدي موٽڻ جي ڪَر نه
مان تنهنجن سپنن کي
وڌيڪ سُمهاري نٿي سگھان!!

___________________
نوٽ _ نوارا ايليا سريلنڪا جو خوبصورت علائقو آهي، جتي سج لهڻ جو منظر،پکين جون ٻوليون،چاءِ جي فصلن جي خوشبو مون کي بيحد متاثر ڪيو، ان موقعي تي هن نظم کي بارش جي ڪَڻ ڪَڻ جي وڻندڙ آواز سان گڏ اتاريو هيم!

پروفيسر

پروفيسر
_______________
پوڙهي پروفيسر سان سندس آفيس ۾ ويهي
هن وڏا خواب لڌا ها!
مون کيس گهڻو ئي سمجهايو هو ته
سرجري سکڻ ايتري ڏکي ناهي
ڪتاب ۽ ڪم سان دلچسپي
تنهنجي ڊگريءَ جا وڏا ضامن آهن!
پر شايد هوءَ منهنجي ڳالهين جو مطلب
اُبتو ڪڍندي سمجهندي هئي ته
مان کيس پروفيسر کان پري ڪري
پنهنجو اُلو سڌو پيو ڪيان!
مونکي هي پروفيسر تڏهن کان زهر لڳندو هُيو
جڏهن گذريل سال بم ڌماڪي ۾
ٽراما سينٽر ۾ زخمي پهچندا رهيا!
ايمبولنس جون رڙيون اسان جو
ساھ سُڪائي ۽ رت ڳاڙي رهيون هيون
۽ نئين پرڻيل عورت جي ويڪري ڇاتي
سڙيل چولي سان گڏ دُکي رهي هئي!
۽ هو وري
گرلس هاسٽل جي سختين جا زنجير ٽوڙي
تازو تازو نئين بئچ ۾
هائوس جاب لاءِ آيل شاگردياڻين سان
سيلفيون ڪڍرائي، مُرڪندي
پنهنجي پيشي ۽ پنهنجي پيشانيءَ جو
منهن ڪارو ڪري رهيو هو!
مان کيس ڪيئن سمجهايان ته
هن جي آفيس
جنهن کي مان پڃرو سڏيندو آهيان!
ان ۾ چڪن پيٽيز، برگر
۽ پيزن کائڻ کانپوءِ
هو ڊنر لاء کيس ٻاهر وٺي ويندو!
۽ هن سندر ڇوڪريءَ جي
وارن ۾ ويڙهجي سندس ڪنوارن جذبن
۽ کير جهڙي اُجري بدن جي سرجري ڪري
سندس اندر جي انگن جي
اسٽرلائيزشن جو ڀَرم ٽوڙي
سرجريءَ جا نوان ٽرم کيس پڙهائيندو!
هوءَ منهنجن ڳالهين کي اهميت ڏيڻ بجاءِ
مُنهنجي درد کي لتون هڻندي رهي هئي!
مان هاڻي اُن وارڊ ۾ ناهيان ويندو
جتي ماڻهن بجاءِ مسافر پکين جا
رات جي اونداهيء ۾ آپريشن ٿين!
ايمرجنسيءَ سبب هن وارڊ ۾
مجبورن وري اڄ اچڻ ٿيو
هوءَ نرس جيڪا منهنجي
هڪ دوست کي وڻندي آهي!
۽ مان وري هُن کي ڏاڍو وڻندو آهيان!
اُن ٻڌايو ته دريءَ جي ڀرسان بيٺي
هن ڏٺو ته
رات دير سان پروفيسر پنهنجي آفيس ۾
سڏڪا ڀري روئي رهيو هو!
۽ پوء هڪ ٺڪاءُ ٿيو!
هن جو سرد لاش صوفا سيٽ تي
پيلو ٿي چڪو هو!
سبب معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته
سندس هائوس آفيسر ڌيءُ
ٻن راتين کان سندس ئي وارڊ جي
نوجوان ٽيڪنيشن سان
ڪورٽ مئريج ڪري
کيس هڪ ميسيج موڪليو هو ته:
پپا پليز هاڻي ڪا به سرجري نه ڪجو
منهنجي ڏاج لاءِ توهان کي
هونئن به هاڻي ڪجھه وٺڻو نه پوندو!

دل ته اڄ به قيد آهي

دل ته اڄ به قيد آهي
_______________
هن ٻيو ڀيرو ڏکويل انداز ۾
لکيو آهي ته
هاڻي مان تنهنجون ڪهاڻيون
پڙهي نٿي سگهان،
هر ڪهاڻيءَ ۾ مان پنهنجي تصوير ڏسي
ڊڄي ويندي آهيان ته
منهنجو مُڙس جيل ۾
تنهنجون ڪهاڻيون پڙهي ويٺو ته
هن کي ويتر ڏک ٿيندو!
ڪيترائي خون ڪري جيل ويندڙ
منهنجو مڙس چڙ ۾ اچي
ڦاسيءَ جي سزا خلاف اپيل تان هٿ کڻي
هميشه لاء مونکي ڇڏي هليو ويندو،
توکي ته خبر آ
هن جي مونسان پيار جي شادي ٿيل آهي!
هن جي سمورن ڏوهن، گناهن جي
مونکي اهڙي طرح خبر آهي
جهڙي هن کي جديد هٿيارن
۽ منهنجي جسم جي
سمورين رنگتن جي اٿل پٿل
۽ انگ انگ جي جهومڻ جي سڃاڻ!
هن کي منهنجي بدن جا تِر به ڳڻيل آهن!
تون اُن رات ڀت ٽپي مونسان ملڻ آيو هئين
تنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ اهو ئي انداز هو
جڏهن مان شادي کان اڳ
هن سان ملڻ لاء ڪندي هيس!
تون هڪ ڪهاڻيءَ ۾
منهنجي پسند جا رنگ،
رسڻ کانپوءِ پرچائڻ جو انداز،
بستري جي چادر
۽ وهاڻي جي ڇِوَ جي اُڻت جو ذڪر ڪندي
ذري گهٽ ساڳئي پرفيوم
منهنجي بدن تي هاري ويو آهين
جيڪا هو اڪثر مون لاءِ وٺي ايندو هو!
مان هن سان ملاقات لاءِ وڃڻي هُيس
پر تنهنجي بدن جي خوشبو
۽ پرفيوم جو اثر وڃي ئي نٿو!
تون هاڻي منهنجي بدن جي بيهڪ
۽ بي قراريءَ جو ذڪر
ڪنهن به ڪهاڻيءَ ۾ نه ڪجان،
هو جيل ۾ ڪتاب گهڻا پڙهي رهيو آهي
ڪنهن رسالي ۾
پنهنجي تصوير نما ڪهاڻي پڙهي
هو روئي نه ڏئي،
هو مون سان ڏاڍو پيار ڪندو آهي،
هُن جي اکين جي ڳوڙهن سان گڏ
منهنجي انتظار جهڙي سونهن به
لڙهي ويندي!
پوءِ تون شايد ڪا ڪهاڻي لکي نه سگهين!
ان ڪري اهڙي ڪهاڻي نه لکندو ڪر
جنهن ۾ رِليءَ جي ٽُڪن جهڙا
منهنجا اَنگ ۽ رنگ نظر اچڻ لڳن،
تون ته منهنجي پياسي بدن جي
عارضي اُڃ لاھڻ ايندو آهين!
پيار ته مان هن سان به ڪندي آهيان
ڏوهاريءَ جي زال هجڻ سبب
ڪڏهن ڪڏهن
ڏوھ ته ڪري وٺندي هونديس
پر
دل ته اڄ به هن سان گڏ قيد آهي.

وڻ ضرور پوکجان

وڻ ضرور پوکجان
_____________________
تون منهنجي قبر تي بيهي ڇوٿو روئين؟
تون سمجهين ٿو ته
مان اُتي ستل آهيان!
مان ته اُن ڏينهن کان
وڻ پوکڻ واري مهم تي نڪري چڪو آهيان،
جنهن ڏينهن تو مونکي ماري
اُس ۾ ڦٽو ڪيو هو!
مان ڦاروَن جا ٻوٽا، پپيتن جا وڻ،
زيتونن جا ننڍا ننڍا باغ،
نم جا ننڍا ننڍا جهُٻٽا،
ڪجهه اَباڻڪي زمين ۾
ته ڪجھه وري اُٻاڻڪن رستن تي
لڳائي ورتا آهن!
تون ڪچڙي منجهند ڌارا وڃي ڏسجان
مان ته ڌنارن سان گڏ پاڻي پيئندي
پراڻا گيت ٻُڌي رهيو آهيان!
جيڪي مال چاريندي
اسان گڏجي ڳائيندا هئاسين!
تون ايترو روئي
منهنجي نظمن کي سوڳوار نه ڪر،
ڳوڙها اُگھه ۽ وڻ پوکڻ واري مهم ۾
منهنجو ساٿ ڏي
ڇو ته مان ڪنهن به ڇوڪريءَ جي
ڊگهن وارن مٿان
سندس نازڪ هٿن کي ٿڪائيندڙ
ڇَٽي ڏسڻ بدران
نم جي ڇانوَ ۾ ڦاروا کائيندي ڏسڻ ٿو چاهيان!
مان پکين جون اُڏارون، چَڙين جا آواز
بوڙينڊي جا سُر ۽ ڌنارن جا گيت ٻڌندي
شام جو موٽي اچي
قبر جي هن ڪُنڊ ۾
سڪون جي ننڊ سمهندو آهيان!
خوبصورت گيت لکندڙ سُھڻا ڪوي
شاعري ڀلي ڪر
پر ڪو هڪ اهڙو وڻ ضرور پوکجان
جنهن هيٺان
تُنهنجي محبوبه هڪ ڀيرو ئي ٿڪ ڀڃي
ٿڌو ساھ ڀريندي
ساهيڙين کي ٻُڌائي سگهي ته
هن ٻوٽي کي سندس عاشق شاعر جي اکين مان
ڪرندڙ ڳوڙهن جي ڳوٺ جو
پاڻي پيتل آهي.

حرمتن جو حَسين خواب

حرمتن جو حَسين خواب
-----/------------
مان ته رات جو خواب آهيان
هنن مونکي
مارڻ جو ڪيئن سوچيو؟
هُنن کي ڪهڙي خبر ته
جڏهن ماڻهو اکيون بند ڪري
سُمھڻ ويندا آهن ته
مان سندن
ذهنن ۽ احساسن جي آڳرن ۾
نيرُ هاري
کين ٻڌائيندو آهيان ته
اوهان منهنجي قبر تي نه اچجو
مان مري ٿوروئي ويو آهيان!
مان ته حق ۽ باطل جي جنگ جو
نغارو هان،
جيڪو سج لهڻ کانپوءِ
نما شام جو نئين جُنبش سان،
مومنن جي گهرن تي
ڪارين بيرڪن سان گڏ
خواب وانگر لهندو آهي!
معصومن کير نه پيتو ته ڇا ٿيو!
پاڻيءَ جي پياس سان جهيڙو
وڏي ڳالھه ناهي!
ڇو ته مان رات جو اهڙو خواب آهيان
جيڪو اوندھ کي روشن ڪرڻ لاءِ
باھ سان وڙهندي
خيمن جي اندر به
پردي جي لڄ کي بچائيندو رهيو!
پاڻي،کير ۽حيات کان وڌيڪ
مان حرمتن جو حُسين خواب آهيان!
نيزن جا نشان
منهجي پيشاني تي ڏسي وٺ!
مان پياسو هوندي به
پٺتي هٽڻ جو سوچيان ها ته
درد جو نالو ئي نه هجي ها!
کير جي اهميت اُن مٽيءَ کان پُڇ
جتي ٿڃ کي به باھ ۾ ساڙيو ويو،!
خيما جلايا ويا
گهوڙن جي سُنبن جا آواز اڄ به ماتم ڪده آهن!
هنن جا نيزا مُڏا ٿي ويا
تير زنگجي ويا،ڪمانون ٽُٽي ويون!
پر منهنجو ڪپيل گردن اڄ به
اَلم جي بيرڪ سان گڏ
وقار سان جهومي پيو!
ڪير ٿو چئي
مان مري ويو آهيان؟
مان ته روشنيءَ جي سڏ جهڙو خواب آهيان ،
حُسينيت جي حُسين خواب کي
نئين عزم سان ورنائي ڏس
سينا زني ڪندي هجوم گڏبا ويندا
۽ ظلم پاڻ ئي مري ويندو!.

ڳوڙها دل جا وائيپر آهن

ڳوڙها دل جا وائيپر آهن
____________________
ڳوڙها دل جا وائيپر آهن
هو دلين کي ڌوئي
اڳتي وڌڻ لاء رستو صاف ڪن ٿا.
هي مان نٿو ڳالهايان
هي هڪ شاعر ’جيف برائون‘ ٿو ڳالهائي
جنهن سان مان سندس
نظمن معرفت ڪلھه رات مليو هئس.
’شيڪسپيئر‘ ڪير هو ته
’وليم ورڊس ورٿ‘ ڪير هو؟
ڀٽائي ڇا پئي ڳايو؟
ته سچل ڇا پئي ڳالهايو؟
مان به انهن جي باغ جو هڪ گُل کڻي ناهيان
ته ڪا گل ٻاٽي ضرور آهيان،
جيڪا نئين سر نکري
پنهنجو رنگ ڌاري رهي آهي،
اهڙو رنگ
جنهن ۾ سُڌارتا، سُلڇڻائپ ۽
ايمان جي لفظن جو نمين جهڙو نئون ڳوٺ
اسان جي برفي انب هيٺان
ڪانڀ ڪڍي،
وطن ۽ وقت جا نقش چٽي
هڪ ڪويءَ کي شاعراڻي شور ۾
ڀلي اڪيلو
پر نمايان ڪري نکاري بيهاري رهيو آهي!
تون منهنجي ڳوڙهن هاڻن ڳالهين تي
کلڻ بجاءِ روئڻ شروع ڪر
تڏهن ئي وڃي ڪو
نم جي ٻُور جي خوشبو ۽ کير ڌارا جهڙو
اُجرو نظم لکي سگهندين!

اُميد

اُميد
______________________
مان پنهنجا خواب پنهنجون اُميدون،
وچ ٻيلي ۾
۽ گيت سمنڊ تي ڇڏي،
پاڻ صحرا ۾ تتل واريءَ تي سمھي پيو آهيان!
ٻيلي ۾ بارش نه وسڻ سبب
وڻن جا پَن ڇڻي رهيا آهن،
کين اُميد جهڙي هڪ اهڙي
خواب جي ضرورت آهي
جيڪو ايندڙ اونهاري ۾
بارش جا سمورا رنگ کڻي اچي
کين سُڪڻ کان بچائي سگهي!
۽ سمنڊ تي سج لهڻ کان اڳ
بَدامنيءَ سبب
ڇوڪرين اچڻ ڇڏي ڏنو آهي!
ڇولين سان گڏ رقص ڪرڻ
۽ اکيون بند ڪري، بدن کي آلو ڪرڻ لاءِ
ڪو به نئون پيار ڪندڙ
جوڙو ناهي پهتو!
ٿي سگهي ٿو منهنجا گيت ٻڌي
ڪي نوان عاشق،
پنهنجي رولاڪين کي ماٺ ڪرائڻ
۽پنهنجن واعدن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ
ڪو نئون گيت ڇيڙين
۽ مان هنن جي سُرن ۾
پنن جي سُڪڻ، ٻيلن جي وڍجڻ
۽ صحرا جي تپش جو درد اوتي
کين احساس ڏياريان ته
پيڙا کانسواءِ نه پيار ۾ مزو آهي
نه فطرت جي حسناڪي ۽ حاصلات جي
ويجهو وڃي سگهجي ٿو ته.
مونکي اُميد آهي ته
سمنڊ ڪناري تي
بالڪنيءَ ۾ وار سُڪائيندڙ ڇوڪريون،
۽ سالنسر ٽوڙي
بائڪن تي ڊوڙندڙ ڇوڪرا،
هڪ ٻئي جي چيلھه ۾ ڀاڪر وجهي
اُميد جو هڪ هڪ وڻ پوکي
محبت جو نئون ڳوٺ اڏيندا!

دانشور

دانشور
____________________
هو ڪو وڏو دانشور ته ناهي!
پر جيتريقدر کيس مان سڃاڻان ٿو ته،
دانشور جي مٿي تي ٻڌل
پٽڪي جو اهو آخري وَر آهي
جنهن لاءِ لوڪ سمجھندو آهي ته
اُن وَر ۾
ماضيءَ جا ڇانورا ۽ پاڇولا،
حال جا حُسناڪ رويا، روشني
۽ مستقبل جي کڙندڙ ستارن جي
اها جھرمر پويل آهي!
هو سمجھندا آهن ته
جڏهن اهو ور کوليو ويندو ته
چوطرف روشنيءَ جا
اهڙا ڏيئا ٻَرڻ لڳندا،
جن کي ڪا به هوا، ڪو به طوفان
وسائي نه سگھندو!
پر مونکي چڱيءَ طرح خبر آهي ته
دانش جي قافلي جو رهجي ويل
هي اهو ئي وَر آهي،
جيڪو ڳوٺ کان شهر ڏانهن ويندي
بس جي ڇت تي ويٺي ٻٻر ۾ اٽڪي پيو هو!
هن جي رڙين ڪرڻ تي
ڪنهن به
بس بيهارڻ جي حامي نه ڀري هئي!
ها مونکي ياد ٿو اچي ته
تاريخ جي ڳولا ۾ نڪتل
هي اسان واري قافلي جواهو ئي ور آهي،
جيڪو جھنگ مان ويندي ويندي
ڄاڱري ٻير جي ڪُنڊن ۾ ڦاسي
ليڙون ليڙون ٿي ويو هو!
ڪي چون ٿا ته،
ڦاڙهي جي سڱن ۾ ڦاسي پيل
دانش جو هي اهو مظلوم وَر آهي،
جنهن کي پنهنجي ئي قافلي جي دانشورن
زخمي حالت ۾ بگھڙن حوالي ڪري
”شاعريءَ جي ارتقا ۽ سونهن جو سفر“
واري ڪانفرنس
ختم ٿيڻ تائين
سندس زخمي ٿيڻ واري ڳالهه کي
اُن ڪري لڪايو هو ته،
اُن ڪانفرنس ۾ انهن مان ئي
ڪو خاص مهمان هو
ته ڪنهن کي صدارت ڪرڻي هئي!
ها انهن مان هڪڙو
اُن ڪانفرنس جي اهم نشست جو
ماڊريٽر به هو ته ڪنهن کي
”ادب جي اوسر ۾ حڪومتن جو ڪردار“
تي خاص مقالو به پڙهڻو هو!
هن کي اها خبر ئي نه هئي ته
دانشوريءَ جي هن جهان ۾
هر ڪنهن جي وَر ۾
سرڪاري عهدا ماڻڻ ۽ مراعتون
حاصل ڪرڻ لاءِ
مُحبت ۽ انقلاب واري شاعريءَ بجاءِ
درخواستون لڪايل هيون!
ڇو ته هن جي هڪ وَر ۾ شاعريءَ جا ٻه اسم
ته ٻئي وَر ۾
ترن ۽ چانورن واري لائيءَ جا
بچيل ننڍڙا ٽڪرا ها!!
ها تڏهن ته هو ٻٻر ،ڄاڱري ٻير
۽ ڦاڙهي جي سڱن مان جان ڇڏائي
جڏهن مشاعري ۾ رت ڳاڙيندو
پهتو هو ته
هُن کي اُن ڏينهن واري مشاعري ۾
پيار، محبت، حسناڪي
۽ وطن دوستيءَ بجاءِ
دان جي تريءَ تي
ڪي نوان ور ۽ وڪڙ نظر اچڻ لڳا ها!
۽ هن جو ڦاڙهي جي سڱن ۾ ڦاٿل
دانش وارو ور ڦٿڪي رهيو هو!

درد دل جا گناهه ڇاڻي ٿو

درد دل جا گناهه ڇاڻي ٿو
_____________________
منهنجا ظاهري
جسماني زخم ته ڀرجي سگهن ٿا
اي دوست!
پر ٽٽل دل ڳنڍجي نٿي سگهي!
تو ڪڏهن
ڪڪرن جي درد کي محسوس ڪيو آ
جڏهن هو
بارش جي روپ ۾ روئڻ شروع ڪندا آهن!
مان نٿو سمجهان ته
تو برف جي ڳرڻ جي پيڙا
۽ پهاڙن جي ڇاتيءَ مان وهندڙ
آبشارن جي روڳ ۽ سوڳَ کي
ماتم ڪندي ڏٺو هُجي!
مون اهڙا درد،اهڙي ڀوڳنا ۽ پيڙا وارا پل
تڏهن به ڏٺا ها
جڏهن اسان جي اوڌر تي ورتل ڀوري مينهن
اوچتو مري وئي هئي!
جنهن جي وڏي اوھ وارن کير ڀريل ٿڻن مان
منهنجو به پيٽ ڀربو هو
ته منهنجي ڀيڻ جي
پڙهائيءَ جو خرچ به نڪرندو هو!
امان کي مون پهريون ڀيرو
روئندي تڏهن ڏٺو هو!
۽ ها مون ڪيئي ڏينهن
امان جي اندر جي ڪڪرن کي
ننڍڙي باغيچي ۾ مينديءَ جي وڻ ڀرسان
وسندي تڏهن ڏٺو هو
جڏهن منهنجي پروفيسر ڀاءُ کي
لابارو ڪندڙ پورهيتن جي
حقن لاء ڳالهائڻ تي شهيد ڪيوويو هو!
۽ ها تون منهنجي ڳوڙهن ڳاڙڻ کي
منهنجي ڪمزوري نه سمجھه
مان تڏهن کان پنهنجن ڳوڙهن کي
آبشاري پهاڙ جي طاقت
۽ ڪڪرن جي وسڪاري وانگر مضبوط
۽ آبياري ڪندڙ ڀائيندو آهيان
جڏهن امان روئڻ کانپوءِ
چوندي هئي
درد ناهي ته دل به ڪهڙي آ
درد دل جا گناھ ڇاڻي ٿو.!

حُسينيت زنده باد

حُسينيت زنده باد
__________________
مان پنهنجون اکيون،
دل توڙي دماغ مٽيءَ ۾ پوري
روشني ءَ جي ڳولا ۾
روز ڪنهن نئين اعتماد سان
دل جي سوجهري تي
سفر ۾ نڪري پوندو آهيان!
هو اکين هوندي به اکين کان انڌا
چالاڪي ۽ مڪاريءَ سان
روشنيءَ کي اوندھ جي چادر ۾
ويڙهڻ جي ڪوشش ڪندي،
پنهنجو منهن ميرو ڪندارهندا آهن!
هنن جون ٻِلي جهڙيون اکيون
گهڙامنجيءَ ڀرسان رکيل
کير جي چونئريءَ مان
کير پيئڻ لاءِ آتيون آهن!
پر منهنجي اعتماد جي روشني
۽ جَڳ جو ڀروسو
هنن جي چالاڪي ۽ مڪاريءَ کي
لفظن جا پٿر هڻي
مون ڏانهن گل موڪلي رهيو آهي.
۽ مان جيڪو
حُسين جو مشتاق آهيان،
نائين محرم تي
حق ۽ باطل جي جنگ جي
فلسفي تي سوچي
اوندھ ۾ روشني پکيڙڻ لاءِ
حسينيت زنده باد جي سڏ کي ورنائي
هڪ نئين سفر تي
روانو ٿيڻ لاء نڪري پيو آهيان!
قافلا وڌي رهيا آهن
روشنيءَ جا عاشق پاڻ ۾ گڏجڻ لڳا آهن
۽ هنن جا ’شمر‘جهڙا
ڀيلا ٻُوٿ ڏسڻ وٽان آهن!

مان توڏي روز هڪ نئون نظم اُماڻيندس

مان توڏي روز هڪ نئون نظم اُماڻيندس
_________________________
رات جي پُراسراريت ۽ ٻار جي گهري ننڊ
منهنجي وجود جو بي چين رنگ آهن!
پکين جي ماٺ ۽
وڻن جي لامن جي ٻُوٽيل اکين ۾
مان پاڻ کي ٻُڏندي محسوس ڪندو آهيان!
مان درد جي نئين ڪائنات جو سپاهي آهيان،
جنهن جي هٿ آڱرين ۾
قلم جي حُرمت جو دامن
داغدار ٿي ئي نٿو سگهي!
مان اڪثر ڪري
بتيءَ جي روشنيءَ ۾
پيار ۽ امن جا گيت ۽ نظم لکندي
اندر جي پُراسرايت کي پنن تي اوتيندي
پنهنجي پياري زال کان لڪي لڪي
هٿ تريءَ تي
زهره ۽عطارد جي اُڀارن سان ڳوڙها اُگهي
سڏڪن کي روڪيندو رهيو آهيان ته
جيئن سندس خوابن ۾ رخنو نه پوي!
ست راتيون اڳ به
منهنجا ٻار ، رات جي خاموشي پاڻ ۾
۽ منهنجي زال
منهنجي خوابن سان سُتل ئي هئي !
۽ مان وري ٻه جاڙا نظم لکي رهيو هئس،
جن جو عنوان هو
”محبوبه جي اکين ۾ گذاريل اڌ رات“
۽ ”تنهنجا خواب سُمهڻ نٿا ڏين“
در کڙڪيو، هڪ نئون درد جاڳيو
منهنجا ٻار، رات جي خاموشي ۽
منهنجي زال اڌوري خواب سان
گڏ جاڳي پياهئا!
هو آيا مونکي پاڻ سان گڏ وٺي ويا
ڏوھ پُڇيم ته
منهنجي سامهون منهنجو ئي نظم
”ڌرتي تنهنجا شعرلکان ٿو“
رکي لاڪپ ڪري ڇڏين ٿا!
مان اُن ئي پني جي خالي پاسي تي
هي نئون نظم لکي
پنهنجي ٻارن ۽ پنهنجي زال ڏانهن
اُماڻيان ٿو ته
”مان توڏي روز هڪ نئون نظم اماڻيندس“.

دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري

دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري
______________________
رات دير دير تائين مان،منهنجي شاعري
سمنڊ جون لهرون،
چنڊ جا ليئاڪا،
سامونڊي لهرن جون روڳ جهڙيون ڊوڙون
۽ منهنجي محبوبه جون
نيريون اکيون جاڳندا رهياسين،
چنڊ رکي رکي
پنهنجي حُسناڪين کي
سمنڊ ۾ وهنجاري رهيو هو!
سامونڊي لهرون مائي ڀاڳيءَ جي آواز ۾
منهنجي سوڳ ۽ درد کي
ڪڏهن ٻوڙيندي ته ڪڏهن تاريندي،
“لهرن منجهه لڙهندي اچي
تارن منجھه ترندي اچي
دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري“
ڳائيندي منهنجي
روح جي تارن کي
ڇيهون ڇيهون ڪنديون رهيون!
مونکي ڪناري تي اڪيلو ڇڏي
نيرين اکين واري ڇوڪري
مُهاڻي سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي
سمنڊ جي هُن پار هلي وئي!
مُون ڏٺو
سمنڊ جون لهرون، چنڊ جي روشني،
کاري پاڻيءَ جو رنگ
۽ منهنجي دل ۾ڊوڙندڙ رت نيرو ٿي ويو!
مون اُتي موجود سمورن ماڻهن کان پُڇيو
نيرو رنگ سوڳ جي نشاني آ
يا ڀروسي جو احساس؟
مونکي ماڻهن مان ڪنهن به جواب نه ڏنو !
پر مون سامونڊي لهرن جا آخري ڳوڙها
پنهنجن چپن تي ڪرندي ڏٺا!
هو بيحد کارا۽ اُداس ضرور هئا
پر سندن آخري احساساتي چميءَ ۾
آس، اُميد ۽جاڳ جي هڪ جلا ۽جوت هئي!
نيرين اکين واري ڇوڪري
توکي سمنڊ پي نٿو سگهي!
تون اجهو ٿي موٽي اچين
ڇو ته تنهنجي اندر جي اُڇل ۾
ست سُر سمايل آهن!
۽ها منهنجوايمان آهي ته
سُر ۽ سنگيت کي سمنڊ ڳهي نٿو سگهي!

روشني توکانسواءِ اڌوري آ

روشني توکانسواءِ اڌوري آ
__________________
هو چون ٿا ته مان وڃائجي ويو آهيان،
پر مان ته پيار آهيان
وڃائجي ڪيئن ٿو سگهان؟
رات روميءَ کي پڙهيم پئي
هو چوي پيو:
پيار جو ڪو بنياد ناهي هوندو
پيار ته
سمنڊ جي سماءَ جهڙي ڪيفيت آهي،
جنهن جي نه شروعات جي
خبر هوندي آهي نه ختم ٿيڻ جو پتو!
ته پوءِ هو مونکي وڃائجي ويل ڇوٿا سمجهن؟
مان ته سمنڊ جي هن ڪناري تي
پکين جي آکيري جي ڀَر ۾ ويهي
ڦُٽڻ جي لقاءَ
۽ ڄمڻ جي وارتا کي ڏسي رهيو هئس!
سنڀال جي سُندرتا جا رنگ
چُڳڻ ۽ چُڳائڻ جا سليقا
۽ پَکين جي اُڏرڻ جون حُسناڪيون ڏسڻ لاءِ
مونکي ڪاٺين بدران پاڻ ٻارڻو پيو!
مان هاڻي هاڻي سمنڊ جي
گهري سُس پُس ٻڌي
برف جهڙين ٿڌين ڇولين مان
ٻاهر نڪري
بدن کي پپل جي پنن سان ڍڪي
پنهنجي پهرين محبوبه جي
گهر پهتو آهيان!
جتي سندس ٻار
مون لاءِ گل کنيون بيٺا آهن،
پوءِ به هو چون ٿا مان وڃائجي ويو آهيان.
مان وڃائجڻ جي ڏک ۾
اکيون بند ڪري
محبوبه جي سيني تي پاڻ اُڇلائي
روئڻ شروع ڪيو ته
هوءَ چوڻ لڳي،
اکين جي ماڻڪين جهڙا منهنجا دوست،
ٿورڙو منهنجن اکين ۾ ڏس
روشني توکانسوا اڌوري آ!
مان هن جي ٻانهن ۾ وڪوڙجي
وڃائجي ويل ماڻهوءَ جي
پيارجي
ڪهاڻي لکي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾
تنقيدلاءِ کڻي وڃي رهيو آهيان.

مان ۽ مُنهنجي ڪلاس فيلو

مان ۽ مُنهنجي ڪلاس فيلو

مان ۽ منهنجي ڪلاس فيلو
روز ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي،
فون ڪال،واٽس اپ،ميسج يا ميسينجر تي
دير دير تائين ڪچهري ڪندا رهندا آهيون،
منهنجي زال منهن تي چادر وجهي
لڳاتار روئيندي رهي آهي!
اڳ ۾ مونکي اها خبرئي نه هئي
پر ٻن راتين کان وهاڻي جي ڇوَ
۽ هُن جي پوتيءَ جي ڪنڊ
آلي ٿيل مون تڏهن ڏٺي
جڏهن هوءَ منهنجي ڳالهين تي
مونسان ننڊ ۾ جهيڙو ڪندي روئي رهي هئي!
هُن کي منهنجي پراڻي ڊائري
زهر لڳندي هوندي،
ڇو ته مان جڏهن يورپ ويو هئس ته
هن جا ئي صحي ٿيل چيڪ بڪ
اُن ئي بئگ ۾ رکيل ها
جن ۾ پراڻي ڊائري
۽ ڪجھه تازيون تصويرون به رکيل هيون!
هن آرام سان پڙهي
مونڏانهن منهنجي سنگتياڻيءَ جا لکيل جملا
”پيار خدا جي خزاني جي دل جو آواز آهي.“
ورجائيندي
واپس ايندي ئي مونسان
پنهنجي پيار جو نئين نموني اظهار ڪندي
اکين تي چمي ڏئي روئڻ شروع ڪيو هو.
چئن ٻارن جي ماءُ
جيڪا منهنجي ماسات به آهي ته زال به آهي،
هوءَ منهنجي امان جي مونکي ڏنل
آخري نشاني آهي
هوءَ مونسان گڏ منهنجي شاعري جي هر بند ۾
پاڻ کي ڳوليندي ڪراڙي ٿي رهي آهي!
مان سوچيان ٿو
منهنجي نظمن جي ڪنهن مجموعي جو مهاڳ
هوءَ پاڻ لکي !
ڏسان ته هڪ شاعر سان گذارڻ جو
تجربو هن کي ڪيئن لڳو!
۽ ها مان هي سمورا نظم هن کي ارپي کيس نئين پيارجو اهڙو اظهارڪندس جو
سموريون زالون
پنهنجن شاعر مڙسن سان
دل کولي ڳالهائي۽ ڳوڙها ڳاڙي سگهن.

سنهي سُئيءَ سبيو

سنهي سُئيءَ سبيو

شاھ سائين چيو
”سنهيءَ سُئيءَ سبيو مون مارن سين من“
’ڊبليو ايس مَروين‘ کي پئي پڙهيم
هو چوي پيو:
”تنهنجي جدائي مون لاء ايئن آهي
جيئن سُئيءَ ۾ ڌاڳو داخل ٿي
منهنجي هر ڪم کي سبندي
مون ۾ نوان رنگ ڀريندو هجي.“
هڪ هنڌ ڀٽائي لکيو.
”اکين ۾ ٿي ويھه، ته واري ڇپر ڍڪيان
توکي ڏسي نه ڏيھه،آءٌ مَ پسان ڪي ٻيو.“
هڪ ٻئي گمنام شاعر کي پئي پڙهيم
چوي پيو:
”اي منهنجا محبوب
سهي سنبري، سهڻو ٿي ٻاهر نڪر ته
جيئن دنيا توکي ڏسي رشڪ کائي ته
منهنجو محبوب سڀ کان سهڻو آ.“
مان شاعريءَ جي رمز
۽ هنن خيالن تي سوچيندي سوچيندي
ڳوٺ ڀرسان مڇيءَ جي تلاءَ تائين
اڪيلو نڪري ويس
مونکي تلاءَ ۾ چنڊ جي ليئاڪن
مڇين جي تڙپ ۽ ترڻ جا منظر
پنهنجي شاعريءَ ۾ نظر اچڻ لڳا!
مون سوچيو پئي
ڀٽائي جڏهن اکين ۾ ٿي ويھه لکيو هوندو
ته محبت جو سمنڊ
سندس اکين ۾ ڪيئن ماپيو هوندو؟
يا جي سمنڊ ۾ لهي هن
هي سٽون لکيون هونديون ته
اُن وقت لهرن جي ڏک جي
حالت ۽ ڪيفيت ڪهڙي هوندي.؟
منهنجي اڳيان ”ڊبليو ايس“ چوڻ لڳو
سُئيءَ ۾ ڌاڳي وجهڻ جي منظر جي
گهرائپ ۽ سُئيءَ سان
من جي رنگينين کي ٽوپجڻ واري
تڪليف ۽ احساس کي
ڪيئن ٿو محسوس ڪرين؟
مونکي ڪو به جواب نَه سُجهيو،
مون سنڌ ۾ روز مرندڙ ۽ ماريون ويندڙ
آڙين جهڙيون ڳڀرو ڇوڪريون،
خودڪشي ڪندڙ وڏن وارن
۽ ويڪري ڇاتي واري ماسترياڻي،
هنج ۾ ٻار سميت مارجي ويل عورت جي تصوير،
نيري رنگت واري ٻار جي لاش،
امڙين جون ڳوڙهن کان خالي
سُڪي ويل اُداس اکيون،
احتجاج ڪندڙ اديبن جا سوڳوار نعرا
۽ زخمي سنڌ جو روح اڳيان رکي
هن ڏانهن ڏسڻ لڳس.
مون ڏٺو
ڀٽائي،ايس ڊبليو مروين ۽ گمنام شاعر
پاڻ ۾ ڳالهائيندي چوڻ لڳا:
درد ته ساڳيو آ پر
درد کي بيان ڪرڻ
۽ محسوس ڪرڻ جي ڪيفيت
۽ اُن کي پيش ڪرڻ جو فن
هرشاعر جوپنهنجو آ!
مان سندن گفتگو ٻڌي ڳوڙها هاري
پُٺتي موٽيس ته
پويان آواز آيو
پنهنجن پيرن تان ميندي لاهي
جبلن جي جهاڳ جهڙو
ڊگهو سفر ڪري هڪ ٻيو نظم لکجان!
جنهن ۾ عمل جا رنگ ۽
جستجو جا نوان ڏس هجن!
ڇو ته لفظن جي ماتم سان گڏ
هاڻي زندھ دل ڪردارن جي به ضرورت آ
جيڪي گلن سان به پيار ڪن ته
گرميءَ ۾ پياس جهڙو پنڌ به ڪري سگھن.

تون چاهين ٿي ته

تون چاهين ٿي ته
_______________
هن رات وڏي ڏُکَ ۽ ڪاوڙ مان
ڪنهن پرڏيهي شاعر جي نظم جون سٽون
اِن باڪس ڪندي لکيو آهي ته
"تون مونسان پيار نه ڪجانءِ
اُن کان اڳ، جو تون منهنجي دل ٽوڙين
مان تنهنجي دل ٽوڙي ڇڏينديس."
مون کيس ميسيج ۾ لکيو ته
موت بادلن تي سفر ڪندي نظر اچي
تڏهن به شاعر پنهنجي شعرن ۾
موت ۽ بادلن کي حُسناڪ قرار ڏيندي
شاعريءَ ۾ رقص ڪندي نظر ايندا آهن،
مون کيس لکيو ته
تون ته منهنجي حواسن ۾ سُڳنڌ ڦهلائيندڙ
اهو رنگ آهين
جنهن جي هڪ هڪ هڳاءَ تي
ڪائنات جو ساھ هرکيو پوي!
ياد ٿئي ڊيوٽيءَ واري پهرين رات
رسيپشن تي ڳالهيون ڪندي ڪندي
پاڻ درياءَ جي هُن پار هليا ويا هئاسين،
تنهنجا ڳوڙها
منهنجن ٻانهن جي ڀاڪر مان ڪري
ماحول کي وڌيڪ غمگين ڪري رهيا ها!
تون چاهين ٿي ته
مان توسان شادي ڪيان!
توکي خبر آهي ته
اسان جو ڪچڙو گهر آهي،
جتي گئس بدران ڇيڻن ۽ ڪاٺين تي
چلھه ٻَرندي آهي،
اسان شاور بدران نلڪي هيٺان
اڃا تائين به پوتڙو ٻڌي
ميٽَ سان وهنجندا آهيون!
اسان جي لوڙهي واري گهر جي ٻاهران
ڪُتن جون ڀونڪون
توکي ڪٿي سمهڻ ڏينديون!
اسان ڪُڪڙين جا آنا ۽ کير وڪڻي
پاڻي پي سمھي پوندا آهيون!
مان ڪيئن پڙهيس
اها هڪ خبر مونکي آ ۽ ٻي امان کي ،
جيڪا اسان کي
مکڻ کارائڻ بجاءِ آسرا کارائي
ڪتاب وٺي ڏيندي هئي!
مڃان ٿو تنهنجي خواب ۾
منهنجي ڀاڪر جهڙو گهر هوندو
پر يار
تنهنجن امير مائٽن جي ذهني محل جهڙو
مون وٽ ته ڪو تڏو به ناهي
جنهن تي مان کين ويهاري
سُڪل ماني کارائي سگهان!
منهنجي هن ڊگهي ميسيج کانپوءِ
هن جون اوڇنگارون
منهنجي موبائل فون جو
هانءُ ڦاڙي رهيون هُيون!
۽ مان
امان کي اڇو برقعو هٿ ۾ ڏئي
هن جي شهر واري گهر
تائين وڃي رهيو آهيان!

هُن خط موڪليو آهي

هُن خط موڪليو آهي
_________________
هوءَ گرمين جي موڪلن تي
گهر ويل آهي!
اُتان هن وري
هڪ نئون خط موڪليو آهي،
هُن لکيو آهي ته
ٽٽل دليون،ڀڳل عضوا، ڊٺل گهر،
ڏٻرا ٻار،پيرن اگهاڙيون عورتون
۽ سڙيل ٽرانسفارمر ڏسي
هُن جو من چلھه تي رکيل
ديڳڙيءَ ۾ رَجهي رهيو آهي!
هن پنهنجن رت هاڻن ڳوڙهن سان
لکيل خط جي سِٽ سِٽ ۾
هڪ نئين ڪهاڻي لکي
فيسبوڪ جي وال تي
روئڻ شروع ڪيو آهي!
هُن يونيورسٽيءَ جي فزڪس واري شعبي مان
پهرين پوزيشن کڻندڙ
مون واري روم پارٽنر جي
ڪلاس فيلوءَ جي ڪهاڻي جي ڪلائميڪس ۾
ڪاري پٿر جو ذڪر ڪندي
کيس بچائڻ لاءِ
مونکي سندس مدد ڪرڻ لاءِ
لفافي ۾ پنهنجون اکيون بند ڪري،
مون ڏي اُن ڪري موڪليون آهن ته
مان سندس اکين سان
اُن ڇوڪريءَ جي درد ڪهاڻي پڙهي ڏسان!
هن لکيو آهي ته
اوهان شاعر آهيو
اوهان جون اکيون اڄڪلھه
فائيو اسٽار هوٽلن جي ڪاريڊور ۾
اين جي اوجي اڳواڻن
۽ سرڪاري اُمداد ڏانهن وڌيڪ ڏسڻ لڳيون آهن!
تون سمنڊ ڪناري تي
جينس واري ڇوڪريءَ سان شام گذارڻ بدران
هن يونيورسٽيءَ مان پڙهي آيل
ڇوڪريءَ جي
اديب پيءُ جي رويئي کي
پاڻ اچي اکين سان ڏس!
۽پوء ڪو نظم لک ته
شاعر لکي ڇاٿو ۽ ڪري ڇاٿو!
مونکي ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڪا
ڪارن ڪپڙن واري نرتڪي
منهنجي اندر جي آڳر ۾
آڳ لڳائي
نئين انداز ۾ نچي رهي آهي!
هيءُ ڪهڙي ديس جي ڇوڪري آهي؟
جيڪا مُنهنجي دل جي
شريانين مان پنهنجا پير ٻوڙي
مينديءَ رتا رنگ کڻي
منهنجو ساھ سُڪائي رهي آ!
نه نه مان غلط ٿو سوچيان
هيءَ اها ئي ڊگهن وارن ۽ سنهڙي چيلھه واري
ساڳئي ڇوڪري هوندي
جيڪا منهنجي ڊائري
نائين درجي ۾ پاڻ سان گڏ کڻي
مونکي ’سُهراب فقير‘ سان
باجي ڀرسان ويهاري
نئون گيت ڳائڻ لاء چئي وئي
ته واپس ئي نه موٽي!
مان اها ڊائري ڳوليندي ڳوليندي
ايئن لڳي ٿو ڄڻ
پاڻ کي
نئين سر ڳولي لڌو آهي!
مون ٻُڌو آ ته
اهائي ساڳي ڇوڪري
رات جو دير سان فيسبوڪ وال تان
منهنجن نظمن ۾
پنهنجي بدن جي رنگن کي پسندي
۽ ڊگهن وارن جي خوشبو ۾ ويڙهجي
منهنجن حسين خيالن کي پڙهندي
روئي ڏيندي آهي!
۽ ها
مان ۽ منهنجا نظم
اڌ رات جو سندس پيرن جي رقص تي
اُن ڇوڪري
۽ سمورن شاعرن جي دل،دماغ ۽ ساهن ۾
رومانس جا رنگ وکيري
مي رقصم مي رقصم ٿي اُڏامڻ لڳون ٿا!

ڪاش

ڪاش

ڪاش منهنجي دل اُڏري به سگھي ها
۽ هن جي سڙڻ جو ڪو سبب به نه هجي ها!
خبر ناهي ته شاعراڻي مزاج وارا
هي جملا ڪٿي پڙهيا هُيم؟
يا منهنجي دل تي ازخود تري آيا!
هيءَ صبح جي واڪ تي
نڪرڻ مهل جي ئي ڳالھه آهي،
هو ساڳيو ئي بئنڪ مئنيجر
جيڪو پکين جي شڪار جو وڏو شوقين آهي
رستي تي ملي ويو،
هُن جي هٿ ۾ بندوق ڏسي
منهجي مَن کي گهٻراهٽ ٿيڻ لڳي !
مونکي پنهنجي گهرواري وڻ ۾
سالن کان رات جو موٽي ايندڙ پکين جي ننڊ
۽ صبح جون ٻوليون ياد اچڻ لڳيون!
مون کانئس پُڇيو
توکي پکين جو اُڏرڻ ناهي وڻندو ڇا؟
تو ڪڏهن هنن کي اُڏار دوران ڳائيندي ٻڌو آهي؟
هنن جي خاموشيءَ ۾ درد جي امڪان کي
ڪڏهن محسوس ڪيو اٿئي؟
هو چُپ ٿي مونکي ٻڌندو رهيو.
مون هن کي چيو
يار پکين جي پهرين اُڏار ۽
پرن جي سرگم سان گڏ منهنجي دل به
ڪڏهن ڪڏهن اُڏرڻ چاهيندي آهي!
هن پنهنجي ماٺ کي ٽوڙيندي چيو
تون ڊاڪٽري ڇڏي شاعر ڇونه ٿو ٿي وڃين!
۽ وري هو چوڻ لڳو
ته پکي
هر سال اسان واري ڍنڍ تي ڇو ايندا آهن؟
۽ شام جو
پنهنجي ديس ڇو موٽي وينداآهن؟
مون هن ڏانهن ڏٺو
۽ پوءِ پنهنجي دل ۾ جهاتي پائي
هن کان سوال پُڇيم
تون بئنڪ ۾ ڇونه سمهين پوندو آهين؟
هن جي هٿ مان بندوق ڪري پئي!
۽ مون چيو
شال پکين جون اُڏارون ۽ محبوب جون نهارون
گڏ گڏ رقص ڪنديون رهن!

ڪاش هينئن به ٿي سگھي ها

ڪاش هينئن به ٿي سگھي ها
___
مُنهنجي
جنم ياترا واري ڏينهن
منهنجي ننڍڙي ڳلي مان نڪتل
پهرين رڙ تي
امان جي ٻرندڙ اکين مان
روشني جا پهريان ليئاڪا
۽ خوشيءَ وارا احساس
ڪاش مان ٻيهر ڏسي سگھان!
ڪاش اُن ڏينهن واري
صبح جي ٿڌڙي هوا
۽ پرھ ڦٽيءَ جي ڪوملتا
جهڙي پهرئين ڀاڪر
۽ اسان جي گھر واري آڳنڌ اڳيان
ادا وڏي پاران پوکيل
گلن ۽ گل ٻاٽين جي خوشبو
جهڙي پهرين چميءَ وارا
دلربا احساس
ڪو مون کي موٽرائي ڏئي!
”ادا فيض“ پاران پوکيل
اِهي گل به ته هاڻي سُڪي سڙي ويا آهن!
جن جي هُڳاءَ سان گڏ
امان جا
مزدور ۽ پورهيت پير پسار ڪندي
مونکي پنهنجي گرم ڇاتيءَ سان لڳائي
ممتا جو احساس ڏياريندا هئا!
ڪاش ڪو مُون کي
پنهنجي حصي واري کير وٽي مان
آخري ڍُڪ بچائي
اهڙي طريقي سان پياري
جنهن مان ننڍڙي هجڻ جو احساس
مون وٽ ٻيهر موٽي اچي!
۽ ها مکڻ چاڻي جهڙي نرملتا،
ٽپڪي انب وارو مٺاس
۽ انبن واري باغ ڀرسان اَڏ جي ڪپ تي
بابا پاران پوکيل
مينديءَ جي تازي ٻور واري خوشبوءِ کي
ڪالھه کان منهنجو بي قرار روح
ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو آهي!
پر مان اسپتال ۾ آهيان!
زخمين جو رت ڌوئي ڌوئي
منهنجو من ويتر بي قرار ٿي پيو آهي!
آهي ڪو؟
جيڪو منهنجي پورهيت امڙ جي
احساساتي رنگن جهڙي
ڪا هلڪي مُرڪ مونکي آڇي!
ته جيئن زندھ رهڻ جي تمنا جاڳي سگھي!
۽ زخمين جو رت ڌوئندي ڌوئندي
ٿڪجي پوڻ واري احساس کان به بچي سگھان!
۽ هو سِڪيلڌو ٻار
جيڪو سامهون واري بستري تي
سڪايل عورت جي هنج ۾
ڊگھا ڊگھا ساھ کڻي رهيو آهي!
مان ٻار جي رڳن ۾
خوشبوءَ جو واس اوتڻ ٿو چاهيان!
مان امان جي ٻرندڙ اکين مان
پهرئين ڏينهن واري روشنيءَ جا ڪجھه رنگ
هنج ۾ ٻار کڻي ويٺل
هن اُداس عورت جي احساسن ۾ اوتڻ ٿو چاهيان!
ڪاش هوءَ به جِست واري وٽي مان
رابيل جهڙي هن ٻار کي پنهنجي حصي
جو کير پياري سگھي!

هر ڊاڪٽر شاعر هجي

هر ڊاڪٽر شاعر هجي
________________
منهنجون اوجاڳيل اکيون
جيڪي منهنجي ماءُ،
منهنجي زال،
توڙي منهنجي ڪلاس فيلو
محبوبا کي ڏاڍيون وڻنديون آهن
خدا شايد مونکي سمهڻ خاطر
عطا ناهن ڪيون!
’آءِ سي يو‘ جي هر بستري ڀرسان
مانيٽرن جا آواز
۽ وينٽيليٽرن جو سهڪو
منهنجي اکين سان گڏ
جاڳڻ، جا عادي ٿي ويا آهن!
اڄ رات جو ٻين وڳي
ويم جي سورن
۽ رت جي ضايع ٿيڻ سبب
ٻئي جوان ۽ پهريتيون عورتون
اسٽريچر تي موت سان وڙهي رهيون آهن!
منهنجن مريضن کي
تازي توڙي اڇي رت جون
ڏھ ٻارنهن بوتلون گهربل آهن!
پر هُنن سان
هڪ هڪ مرد گڏ آيو آهي
هنن کي فائيل به ٺهرائڻا آهن!
رپورٽون به ڪرائڻيون آهن!
۽ موبائل فون تي
ڳوٺ وارن کي حال حوال به ڏيڻو آهي!
مان سوچيان ٿو مرد مريض سان
پورو ڳوٺ گڏ هوندو آهي!
هي عورتون مُئي موت سان به
اڪيلي ويڙھ وڙهڻ لاء پئدا ٿيون آهن شايد!
مُنهنجي اُداس اکين ۾
آرس جا اڀرندڙ احساس ڀڙڪو ڏئي
مانيٽرن جي آواز سان گڏجي
مرداڻي سماج جي بي حسيءَ تي
درد جو گيت جهونگاريندي
ڳوڙها ڳاڙڻ لڳا آهن!
۽ ها جي هي ٻئي پهريتيون جوان عورتون
رت نه ملڻ سبب مري ويون ته
منهنجون اُداس اکيون ڪڏهن به
سُمھي نه سگهنديون!
۽ پڪ سان منهنجي ننڊ به مري ويندي!
]2[
مان اڃا به جاڳان ٿو
مونکي هُنن جي بچي وڃڻ تي
هڪ اهڙو نظم لکڻو آهي
جيڪو زندگيءَ جي سمورن حسين رنگن،
حسناڪ روين
۽ دلربا احساسن جي تصوير ڏيکاري!
مان اڃا به جاڳان ٿو
مونکي هُنن جي بچي وڃڻ تي
سماج جي ڪنهن سُڄاڻ عورت جي
هڪ اهڙي آخري چُمي گهرجي
جيڪا ورهين پُڄاڻان
امان منهنجي اکين تي ڏيندي
منهنجي من ۾
احساسن جي هڪ نئين دنيا اوتي هئي!
مان اڃا به جاڳان ٿو
هُنن جي بچي وڃڻ تي
جيڪرهر گهر جي ماءُ جي من مان
اها آس اُڀري ته
هر شاعر ڊاڪٽر هجي ۽ هر ڊاڪٽر شاعر هجي.

مون کي ڳوڙھا ته ميڙي ڏيو!

مون کي ڳوڙھا ته ميڙي ڏيو!
____________________
مينهن جي ڪَڻ ڪَڻ کي، درد جي احساس کي،
ڳوڙهن جي وَهڻ کي، ۽ چُمين جي ڪوساڻ کي،
ڪير آهي جيڪو ميڙي
منهنجي لائبرريءَ جي ڪٻٽ ۾
ڪتابن سان گڏ رکي ڏئي!
ڇو ته
مان روزانو مينهن سان،درد سان، ڳوڙهن سان،
۽ چُمين جي ڪوساڻ سان
ڪٿي نه ڪٿي ملي
ڊائريءَ ۾ هڪ نئين تصوير ليڪي
لائبرريء کي روئاري پوءِ سمهندو آهيان!
منهنجا ڪتاب هاڻي
منهنجي ڊائريءَ ۾ سنڀالي رکيل
ان آتم ڪٿا کي روبرو ڏسڻ چاهن ٿا!
۽ لائبرريءَ ۾ رکيل بابا جي پراڻي قلم سان
هڪ اهڙو ناول لکڻ ٿو چاهيان
جيڪو لفظن بجاءِ
شهر جي گهٽين ۾ بارش جيان وسڻ لڳي!
اهڙي بارش جنهن جي سُرن ۾
اسان جي ڳوٺ واري دائي
’ماسي راضل‘ جي ڳلي جهڙو سوز هجي!
اهڙا ڳوڙها جنهن ۾ چَپ ته آلا ٿين
پر نِڙيءَ مان لفظ گهُٽجڻ بدران
امان جي سڏ جهڙا ٿي پيار جو احساس ڏيارين!
منهنجو ڀاءُ شام ڌاري ماريو ويو!
گلن جي خوشبوءِ جهڙي منهنجي وڏي ڀائٽي
پنهنجي پيءُ جو آخري ديدار ڪرڻ بعد
ڪچڙي منجهند جو
پنهنجي حيات وڃائي ويٺي!
بابا ڪمري مان ئي ٻاهر نه نڪتو!
۽ امان دروازي ڏانهن ڏسندي ڏسندي
پنهنجي مُنهن روئي روئي دل جا وال وڃائي ويٺي!
ڪير آهي جيڪو
هي سمورا ڳوڙها مونکي ميڙي ڏئي
جن سان هڪ ناول لکي وٺان
جنهن جو عنوان هجي
”مون کي ڳوڙها ته ميڙي ڏيو“.

من ڪي گل ٽڙي پون

من ڪي گل ٽڙي پون
______________
هن مون ڏي ميسيج ڪيو آهي ته
تنهنجا نظم
بکايل جو پيٽ به نٿا ڀري سگهن!
تنهنجا نظم هڪ بيواھ عورت جي
ٻارن جي فِي ڀرڻ جي قابل به ناهن!
تنهنجا نظم
سترنهن ڏينهن کان وارڊ ۾ تڙپندڙ
بنا سفارش واري مريض کي
آپريشن جي لسٽ تي به نٿا رکرائي سگهن!
تنهنجا نظم
روئندڙ ٻار لاءِ رانديڪو به نٿا ٿي سگهن!
تنهنجا نظم
ڳورهاري عورت جو
الٽرا سائونڊ به نٿا ڪري سگهن!
۽ ها تنهنجا نظم
ساھ جي تڪليف وقت
نيبولائيزر وارو ڪم به نٿا ڏئي سگهن !
ته پوءِ اي منهنجا شاعر
تون رات جو دير دير تائين جاڳي
ڊگها ڊگها نظم ڇو ٿو لکين!
هن جو هي ميسيج پڙهي
مون سان گڏ منهنجن نظمن رات کان وٺي
روئڻ شروع ڪيو آهي!
نظمن جي ڳوڙهن مان
نوان نظم ڦُٽڻ لڳا آهن!
ٽٽل دلين، ڀَڳل روڊن، ويران اسڪولن،
بيمار ٻارن،بيواھ عورتن
معذور ماڻهن،سرڪاري اسپتالن،
وڏيون فيس وٺندڙ
ڪميشن خور طبيبن، عطائي ڊاڪٽرن
روڊ حادثن
۽ امان جي يادن، ٻوليءَ جي بقا
۽ ماڻهن جي روين تي ماتم ڪندي
منهنجا نظم
لڙڪ لڙڪ ٿي وسي رهيا آهن
اُن اميد سان ته
مَن ڪي تازاگل ٽڙي پون!

نظم روئن ٿا

نظم روئن ٿا
________________
منهنجو بيقرار۽ بيچين مَن
يار جون گرم ٻانهون
ڄڻ ته چادر ۾ ويڙهيل تازو گوشت هجان !
عمر به ته ڪا ايڏي وڏي نه هئي
ٽَپڪي انب جهڙو بدن!
هُن سان ملندي هُيس ته
رنگ رنگ ٿي اُڏرڻ لڳندي هيس!
هو بَڙ جي گهاٽي ڇانوَ جهڙو
ڊگهي قد ۽ مضبوط ٻانهن وارو
سانورو شخص
مون تي بارش جي نيسارن
۽ آبشارن جيان وسندو هو ته
مان جڏي ڇت جيان ٽمڻ لڳندي هيس!
منهنجن وارن جا وڪڙ
۽ هُن جي
گرم ڀاڪرن جو احساس
منهنجي ساھ ۽ سرير ۾ اوتجي
هڪ نئين نشي جي صورت اختيار ڪندي
منهنجي اندر کي نچائيندو هو،
۽
مان پنهنجي والدين جي لڄ خاطر
پنهنجي ڪُک ۾ پلجندڙ ڪائنات کي
ڪُتن جي حوالي ڪري
پنهنجي حسناڪ جواني ۽ نچندڙ جسم جي
انگ انگ ۽ رنگ رنگ کي
برف جي ڪئن ۾ ويڙهي ’آءِ سي يو‘ ۾ پهتي آهيان!
مون ٻُڌو آ تون هڪ شاعر ڊاڪٽر آهين!
تو پيار جا ڪيئي نظم لکيا آهن!
هڪ ڳالھه چوانءِ
مونکي بچائڻ بدران مون تي هڪ نظم لکجانءِ!
مان هن کي
ڪئنولا هڻي ئي رهيو هيس ته
هوءَ اکيون ٻوٽي
آءِ سي يو مان اُڏري ڏورگهڻو ڏور هلي وئي!
۽ ها مون
هڪ نظم به لکي ورتو آهي!
اهڙو نظم جنهن ۾
هڪ ڇوڪري روئندي چوي ٿي
امان کي گهراءِ ته مونکي کير پياري!

خواب به مرندا آهن ڇا؟

خواب به مرندا آهن ڇا؟
__________________
منهنجي دل مڃي ئي نٿي ته ڪو
پاڻ وڇڙي ويا آهيون!
هو چون ٿا تنهنجا خواب
مري ويا آهن!
مان نٿو سمجهان ته
منهنجا خواب ٽائرن هيٺان ڏئي
ڪنهن روڊ تي چيٿاڙياهوندا!
پر هو ٻارُ جيڪو
مانيءَ جي ڳولا ۾ نڪتو هو
اهو ٽاڪ منجهند جو
مون واري اسپتال ۾
کليل وارن ۽ ميرن ڪپڙن واري
ضعيف عورت جي هنج مان
منهنجي چيمبر۾ سندس
هٿن مان ڪري پيو هو!
ٻار جنهن جي نڪ ۽ ڪنن مان
رت وهي رهيو هو!
اهو به ته منهنجوئي خواب هو
پوءِ مان ڇو نه ٿو مڃان ته
خواب مري به سگهن ٿا!
هوءَ پوڙهي عورت جنهن جي پوتيءَ پاند ۾
صرف پنجهٺ رپيا ئي ٻڌل هئا
هن کي اسٽور وارو پوري دوا ڪٿان ڏيندو؟
ٽانگي واري ڪراڙي همراھ جي
بيواه زال مري ويندي ته
هن جي ڌيءُ جا خواب ڪير ميڙيندو؟
پوءِ مان ڇو نه ٿو مڃان ته
خواب ماريا به ويندا آهن!
مان سوچيان ٿو خواب رڳو
بستري جي ننڊ جو عڪس ناهن!
خواب اُتساھ، اعتماد، ڀروسي ۽ جاڳرتا جو خوبصورت رنگ به آهن ته
خواب زندگي گذارڻ جو ڍنگ به آهن.
هاڻي وڃي ڳالھه سمجھه ۾ آئي آ!
تون جلدي موٽي آ او منهنجي محبوبه
پاڻ دير تائين جاڳنداسين!
مون واري نئين گهر جي ٽيرس۾
’باربي ڪيو‘ پچائيندي
ٽانڊن تي هٿ به سيڪينداسين
۽پوء پنڪ ڪلر واري ڪمبل ۾
هڪ گڏيل خواب لهنداسين!
خواب اهڙو جنهن ۾
ٻار پاڻ ٻنهين جي ڇاتين تي ڊوڙن پائيندا هُجن!
روڊ تي ڪو به لاش نه ڏسجي
۽ دوا، دارونءَ لاءِ
ڪنهن به رَئي جي ڪُنڊ
ڳوڙهن هاڻيون ڳالهيون نه ڪري!
۽ ها منهنجي محبوبه
پڪ سمجھه پاڻ گڏجي پياسين ته
ڪو به خواب مري نه سگهندو!

شاعري هن جي اکين ۾ سُمهي پئي آهي

شاعري هن جي اکين ۾ سُمهي پئي آهي
________________________
مان ڇا ڪيان؟
منهنجي سموري شاعري
هن جي اکين ۾ سمھي ٿي پوي!
هن جي ٿڌي ساھ کڻڻ سان
هوا پاڻ شاعري ٿي
منهنجي ڏات کي للڪاري رهي آهي!
منهنجي دل ٽُـٽي ڪٿي آ؟
مان ته کيس نئين ترتيب ڏئي رهيو آهيان!
پر پوء به هوءَ
مونکي ڳنڍڻ جي ڪوشش ٿي ڪري،
منهنجي دل کي سبندي سبندي
هن جا هٿ ٿڪجي پيا آهن!
کيس ڪير ٻڌائي ته
هاڻي دنيا تبديل ٿي رهي آهي.
دوازي تي انتظار ڪرڻ بدران
اِمو، ميسينجر يا واٽس اپ تي
پنهنجي ئي ڪمري مان
منهنجو هٿ پڪڙي
مونسان پيار به ڪري سگهي ٿي
ته جهيڙو به ڪري سگهي ٿي!
ها باقي هڪ ڳالھه آهي ته
مان تاثرات،احساسن۽خيالن جي
پرزا پرزا ٿيل
ڪنهن نئين مشاهدي جي برانڊيڊ بوتل آهيان!
هوءَ جي ان سان گڏ
رات جا ڪجھه پل گذاري ته
مَڌ سندس اکين مان ليئا پائي
منهنجي شاعريءَ جي نئين تصوير ليڪي،
شاعرن جي دلين ۽
مشاعرن جي دل لُٽي سگهي ٿي!
پر مان ڇا ڪيان
منهنجي شاعري هن جي اکين ۾
سُمھي پئي آهي
۽ هوءَ دريءَ کان ٻاهر نهاري ئي نٿي.

موٽي ئي ڪانه

موٽي ئي ڪانه
_________________
مونکي اها خبر ناهي
ته هنن سٽن جو سرجڻهار ڪير آهي؟
پر منهنجي ڪمري جي نارنگي
رنگت واري ديوار تي
تڏهن کان فريم ۾ لڳل آهن
جڏهن مان نائين درجي ۾ پڙهندو هيس!
”سارو ئي ويو آخوشبوءِ سان واسجي
ڪمري ۾ جو تون آهين
ته گلدان ڇا رکان مان.“
منهنجي زال مونکان
ڪڏهن ڪڏهن پڇندي به آهي ته
ته هي شعر ڪنهن لاءِ
ديوار تي نمايان ڪري لڳايو اٿئي؟
مان اشارو ڪندي
کيس چوندو آهيان
ڪمري ۾ تون آهين
ته ٻيو ڪنهن لاءِ هوندو هي شعر!
هوءَ چپ ٿي ويندي آهي!
پر دريءَ مان ٻاهر،
کجين جي ڊگهن وڻن،
بيد مشڪ جي قدآور لڏندڙ لامن
۽ پکين جي اُڏارن سان گڏ
منهنجي اکين مان اُڏرندڙ ڳوڙهن کي
ڪيترائي ڀيرا ڏسي
هوءَ ڪافي جي مَگ سميت
منهنجي ڀرسان ويهي ،
منهنجا ڳوڙها اُگهڻ جي
ڪوشش ڪندي رهي آهي!
مان هن کي ڏاڍو پيارو آهيان
۽ هوءَ مونکي به ڏاڍي وڻندي آهي!
پر
منهنجون اکيون ڪڪر ڪڪرٿي
اُن ڇوڪريءَ جي
وڏي ماڙيءَ جي ڇت تي روز وسنديون آهن!
جيڪا نائين درجي ۾
منهنجي شاعريءَ جي
پهرين ڊائري پاڻ سان گڏ کڻي
هلي وئي ته موٽي ئي ڪانه!

ٻار وڏو ٿي ئي نٿو سگھي

ٻار وڏو ٿي ئي نٿو سگھي
____________________
مان مختلف ٻارن جي
وڇڙي ويل امڙين جون ڪهاڻيون پڙهندي پڙهندي
اُداس ٿي پيو آهيان
هر ڪهاڻيءَ ۾ هڪ الڳ درد آ
هُنن جون ڳالهيون هُنن جو انداز
ڪيترو نه
فطري ۽ معصوم ٿو لڳي،
هنن جي لفظ لفظ مان
ايئن پيو لڳي ڄڻ
باک ڦٽيءَ مهل گل ڳوڙها ڳاڙيندا هجن!
هيءَ ڪهاڻي پڙهي ڏسو
اکيون ازخود ڀرجي ايندوَ!
ٻارڙي لکي ٿي ته،
”گذريل جنوريءَ ۾
جڏهن پهاڙ برف سان مڪمل طور ڍڪيل ها،
اسان جي گهر جي ڇت به
برفباريءَ سبب سفيد لڳي پئي هئي
۽وڻن کي به
برف جي پوشاڪ پاتل هئي!
۽ ها تڏهن
تازو تازو بابا امان کان الڳ ٿي
ٻي شادي ڪري ڇڏي هئي!
امان ڳڻتيءَ ۾ بيمار ٿي پئي هئي!
مان ان وقت ستن سالن جي
۽ امان ستٽيهن سالن جي هئي،
ڪجھه عرصي بعد
امان جي جسم جو وڏو حصو
باھ ۾ سڙي پيو هو!
ڊاڪٽرن جون ڪوششون ناڪام
ٿي چڪيون هيون!
مان امان جي پيرن جو ٿڪ لاهيندي
ڪيترائي ڀيرا
سندس سڙيل ڄنگهن تي سمهي پئي هوندم!
مونکي خبر ناهي ته
هن کي سور ٿيندو هوندو يا نه
پرهُن ڪڏهن به منهنجي ننڊ ۾
رخنو نه وڌو هو!
مان اڪيلي هُيس
ٻاهر برف هئي،ٿڌڙي هوا هئي
مونکي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته
مان امان جو لاش برف ۾ ڍڪي رکان
يا ڪمري ۾ ئي پيو هجي!
هيلپ لائين تان مدد گهريم
ماسڪ پاتل چار ماڻهو آيا
امان کي اسٽريچر تي کڻي ويا!
منهنجو انتظاربرف جي پهاڙ تي ڄمي
سورهن سالن جوٿي ويو آهي!
پر امان اڃا تائين ناهي موٽي!
وڻن مان برف ۾ ويڙهيل پن ڇڻن ٿا!
مان پنن جي درد مان
لفظ چونڊي چونڊي
امان ڏانهن خط موڪليان ٿي ته
امان!
مان انتظار جي برف ڳاري رهي آهيان!
تون ڪڏهن موٽي ايندينءَ؟

هڪ نئون درد

هڪ نئون درد
________________
مان بس جي پوئينءَ سيٽ تي
ننڊ جي ڳولا ڪندڙ
ڪنهن رولاڪ مسافر جيان،
گهمندي ڦرندي
ماڻهن جي اکين مان نظم ڳولي
دير دير تائين جاڳي تهجد ويل
فيسبوڪ تي اپلوڊ ڪندو رهندوآهيان!
ڪالھه بس ۾ هڪ ڪراڙي عورت ملي وئي
هن جي اکين جي آڳر مان ڪو
سندس جوان پٽ جي
تصوير چورائي ويو هو!
ميرن ڪپڙن وارو ڪمزور ٻار
مانيءَ ڳڀي لاءِ
۽ هيروئن جو عادي نوجوان
نشي لاءِ پئسا پِني رهيو هو
تازي رٽائرمنٽ وٺندڙ استاد
کيسي ۾هٿ هنيو ته
سندس پينشن جا پئساگم هئا!
هو مونکي بِشني سمجهي
پنهنجي چهري تان پگهر اُگهندي
منهنجي کيسي ڏانهن تَڪي رهيو هو!
مون ڏيڍ سئو رپيا سندس هٿ تي رکيا ته
هُن جي ڪراڙين اکين مان
ڳوڙها ڪري پيا!
هن کي اسپتال ۾ داخل بيمار ڌيءُ جي
آپريشن جي في به ڏيڻي هئي ته
دوا به وٺڻي هئي!
۽مون وٽ واپسيءَ جو ڪرايو ئي ڪونه هو!
ڊرائيور سامهون ڏسڻ بجاءِ
شيشي مان پوئينءَ سيٽ تي ويٺل
جوان ڇوڪريءَ جي اکين ۾ اکيون ملائي
وڏي آواز ۾
”تنهنجي به ڪجھه دل آهي او سهڻا
کلڻ ٿو تنهنجو ٻڌائي“
هلائي رهيو هو!
لائي وڪڻندڙ ڇوڪرو زور زور سان
هوڪو ڏيندي
هر مسافر کي اکين ئي اکين ۾
لائي خريد ڪرڻ لاءِ
ڄڻ ته ايلاز ڪري رهيو هو!
بس اڳئين اسٽاپ تي پهتي ئي ڪانه ته
پوليس وارا بس بيهاري
گاڏيءَ جا ڪاغذ ۽ ڊرائيور جو پراڻو لائيسن قبضي ۾ ڪري
پنهنجي گهر جي سيڌي لاءِ
ڪنڊيڪٽر کان ٻه سئو رپيا وٺي
موبائل ۾ وڃي ويٺا!
مان سڄي ڏينهن جي سفر ۾
رومانس جي رنگن کي ڳوليندو رهيس
پر مونکي روڊ تي وڄندڙ هر هارن مان
هڪ نئون درد مليو.

ٽانڊن تي ماتم

ٽانڊن تي ماتم
_________________
منهنجن تمام گهٽ دوستن کي
اها خبر هوندي ته
مان روئندو گهڻو۽ پڙهندو گهٽ آهيان!
هيءَ بريڪنگ نيوز ناهي
نه ئي ڪا ڇرڪائيندڙ خبر!
هيءَ منهنجي به ڳالهه ناهي
هيءَ هڪ ڪيفيت جي ڳالھه آهي!
ياد نٿو اچي، پر مون ڪٿي پڙهيو هو ته
”ڪيفيتن کي ڪو به پڙهي ناهي سگهندو.“
ڪڏهن ڪڏهن
احساسن ۽ ڪيفيتن جي گهرائيءَ کي
ظاهر ڪرڻ به
ڄڻ ته باھ ۾ هٿ وجهڻ برابر آهي
۽دوست چون ٿا ته
مان به هاڻي
ٽانڊن تي ماتم ڪرڻ لڳو آهيان!
مان کين ڪيئن ٻُڌايان ته
لفظ مون تي وسي رهيا آهن!
ڪيفيتون پهاڙن جي ڀاڪر مان نڪري
ڪٿي گل ته ڪٿي آڳ ٿي
خوشبو ۽ تپش جو الڳ الڳ روپ ڌاري
هڪ نئون ديس جوڙڻ لاءِ
ڄڻ ته ڪو چِلو ڪاٽي ٻاهر نڪتيون آهن!
راتيون مونسان گڏ جاڳڻ لڳيون آهن!
۽ پکي منهنجي دل جي سئمنگ پول ۾
شڪارين کان لڪي وهنجڻ اچن ٿا!
۽ سج لھڻ کانپوءِ
منهنجي دل جي لامَ تي ننڊ به ڪرڻ اچن ٿا!
ڪنهن کي خبر هجي يا نه هجي
پر منهنجا ۽ پکين جا خواب
ذري گهٽ ساڳيا هوندا آهن!
رات هڪ ڇوڪري ملي،ڏاڍي وڻي وئي
چيومانس دوستي ڪندينءَ!؟
چوڻ لڳي ڪو آڳڙيو ٿو لڳين!؟
اڳ ۾ گهڻا عشق ڪيا اٿئي؟
مان ڇرڪي ويس،
آڱرين تي عشق ڳڻيندي کيس ٻڌايم
تون منهنجي ستٽيهين سنگتياڻي هونديئن!
هوءَ جيستائين ٻيو ڪو سوال پُڇي
مون کيس ٻڌايو ته
پکين جي دل،پوپٽن جا رنگ
آبشارن جو ردم ۽ ندين جي ڇولين جهڙو
پورو جڳ سمايل آهي مون ۾!
تون به ڪا
هڪ رات منهنجي آڳر ۾ رهي ڏس
تنهنجي اکيون مون مان اصل نه ڍاپندي!
چمي هوءَ پُڇڻ لڳي
هي نظم توڏي ڪير موڪليندو آهي؟
مون کيس چيو
منهنجي هر نظم ۾ ستٽيهن عاشقين جو
نچوڙ سمايل آهي!
هوءَ وڏو ڀاڪر پائيندي چوڻ لڳي
تون اکيون بند ڪر
مان توکي پيار ڏيڻ ٿي چاهيان!

قيدياڻيءَ جو خط

قيدياڻيءَ جو خط
__________________
منهنجي ڇاتي ۽ اکين کي غور سان ڏسندڙ ڇوڪرا
مون توکي سونهن پسڻ،
گل سنگهڻ، خوشبو هڻڻ
۽ مُرڪي ملڻ کان ڪڏهن به ناهي روڪيو!
تون رات جي پوئين پهر ۾
جيل جي ڊگهي ديوار ٽپي هڪڙو ڀيرو ئي پر
منهنجي بيرڪ ۾ ضرور اچجان !
مان توکي سنهڙي چولي اندر روئندڙ
زخمي دل کولي ڏيکارڻ ٿي چاهيان !
جيل ۾ هوا جي داخلا
۽ بادلن جي وسڻ تي
ڪيڏي نه ڊگهي پابندي لڳائي وئي آهي!
هتي گلن کي پاڻي ڏيڻ بدران
درد جو ٻج، اوجاڳن جا وڻ ۽ خوف جو فصل
پوکيو ويندو آهي!
قيدين جي سمورن خوابن کي رات جو لڻي
صبح جو بنان ڪفن جي دفنايو ويندو آهي،
منهنجو مڙس، منهنجو پٽ،
مان ۽منهنجو پيءُ
جدا جدا ڪمرن ۾ واڙيل آهيون!
مونسان پيار ڪندڙ ڇوڪرا
هوا ملئي ته کيس چئجان
مونکي تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳي آ!
رات جيل جي سلاخن پويان
ڊگهين ديوارن کان
تازي هوا، بادل ۽ بارش بابت پڇيم ئي مس ته
ديوارن روئڻ شروع ڪري ڏنو!
هڪ پراڻي سزايافته قيدياڻي منهنجي ڀرسان آئي ۽ چوڻ لڳي
چري ڇوڪري
ايئرپورٽ تان آن ايئر ٿيل
تنهنجي پهرين ۽ آخري مسڪراهٽ،
هوا ۾ اُڏامندڙ هٿ لڪيرون ۽ هوائي اڏي کان ٻاهر
بي قابو عاشق ڇوڪرن جي رقص کي
تنهنجي حوصلي ۽ جرئت جي ضرورت آ!
مون قيدياڻيء کان اڌارو قلم وٺي
دل جي ڊائريءَ ۾
جيل جي پهرين رات جي خوف
۽ وسوسي کي
نئين رومانس ۽ شاعريءَ جو
رنگين ويس ويڙهي،
خوف کي ختم ڪندي
پيار ۽ ڀروسي جو
گيت لکڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي !

مصور جو درد

مصور جو درد

هڪ سئو ٽيهن ماڻهن جا لاش،
سوين ماڻهن جو وهندڙ رت،
ٻارن جي رانديڪن جا سڏڪا،
مٿي اُگهاڙين عورتن جا وکريل وار ۽ گرم لُڙڪ،
ڪئميرائن جون ڳاڙهيون اکيون،
ٽي وي اسڪرين جون رت هاڻيون تصويرون،
ڪراڙن ڪلهن تي ٽي ٽي لاشا!
سڙڻ بعد ڪوئلي جهڙي آڱر مان
مَڱڻي واري مُنڊي!
رات دير تائين مصور سڙي ويل ماڻهن جي
لاشن کي جاڳ جهڙيون اکيون
۽ مُرڪ جا نمونا اوتڻ جي ڪوشش ڪندي
برفباري، گهاٽن وڻن، جهڙالي موسم،
پکين جي اُڏارن، اسڪولي ٻارن جا ٽهڪ
۽ انبن جي باغ ۾ موسيقيء جي محفل واريون
تصويرون گڏ ڪري،
لاشن ۾ نوان رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿيڻ بعد
پنهنجون آڱريون ۽ برش ساڙي
زارو قطار روئي رهيو آهي!

سنڌو درياءَ سان ملاقات

سنڌو درياءَ سان ملاقات
_______________________
پهاڙن جي هنجَ مان گذرندي
مون گاڏيءَ مان لهي
پهاڙن جي سيني کي چيري
ڊڪندڙ پاڻيءَ ۾ جهاتي پاتي!
امان جي هٿ ۾ ڀريل گلاس جهڙي آسيس
احساس ڏياريندڙ پاڻي!
ڀرسان بيٺل جهوني مڙس ٻڌايو ته
هي سنڌو درياءُ آهي!
مون پنهنجو سر نمائي هيٺ ڏٺو
محسوس ٿيو ڄڻ ته امان منهنجي بدن تي
گرميءَ ۾ ٿڌو پاڻي هاريندي
چمي ڏئي رهي آهي!
آسمان ڏانهن ڏسندي
گلن جي خوشبوءَ جو واس وٺڻ لڳس ته
پٿر تي ويٺل هڪ ڇوڪريءَ تي نظر پئي
هوءَ اڪيلي سر
سنڌو درياءَ جي وهڪري جي مَڌر آواز سان گڏ
ڏور پهاڙيءَ تي
لڏندڙ گلن جيان ڪنڌ لوڏيندي
ڪڪر ڪڪر ٿي وسي رهي هئي!
مون ڀرسان ويهي کانئس روئڻ جو سبب پُڇيو!
هوءَ منهنجي سوال مان
پنهنجائپ جي خوشبوءِ محسوس ڪندي
مونکي ڏسندي ئي ٻيهر روئڻ لڳي!
هوءَ روئندي به رهي ۽ ڳالهائيندي به رهي!
هن جي لفظ لفظ ۾
امان جي ڳالهين جهڙو گهر هو!
هوءَ چئي رهي هئي ته پهاڙ ڪَٽي
پٿر منهنجي ڇاتيءَ مٿان اڇلايا پيا وڃن!
منهنجي راھ ۾ رڪاوٽن جا لوهي در ڏئي
مونکي ڀاڱا ڪري
منهنجي حسناڪ رنگت ،رويئي
۽ اندر جي اُڇل تي بند ٻڌي رهيا آهن!
مان سندس گفتگوءَ جي سحر
۽ لُڙڪن جي برسات ۾
پاڻ کي ٻڏندي ۽ ترندي محسوس پئي ڪيو!
ڇوڪريءَ مونکي ڀاڪر پاتو
مون سندس ڳوڙها اگهڻ جي ڪوشش ڪئي
هُن منهنجو هٿ پڪڙيندي
چُمي ڏئي چيو منهنجا ڳوڙها ئي ته
منهنجي روح جو حقيقي حسن آهن،
منهنجي ڇاتيءَ مان وهندڙ
اهو وهڪرو ئي ته آهي
جيڪو جواني ۽ حُسناڪيت جو سبب بڻيل آهي!
پاڻيءَ ۾ سندس لڙڪ ڪرندا رهيا
وهڪري جي ڇوھ ۽ موھ مان
هڪ آواز اُڀريو
اهي لڙڪ ئي ته اڃايل مٽيءَ کي آباد پيا ڪن!
تون ته انهن کي اُگهي بند ٻڌڻ جي
ڪوشش نه ڪر!
مان دير دير تائين سندس هنج ۾ ستو رهيس
منهنجي ننڍڙي ڌيءُ سنڌ
گاڏي مان لهي چوڻ لڳي
بابا
اسڪردو هلڻو ناهي ڇا؟
]
اسڪردو ويندي سنڌوءَ سان ملاقات[

پيار جي وصف

پيار جي وصف

ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران
ڇوڪريون پُڇنديون هيون
ڪڏهن پيار ڪيو ٿَئي؟
مان سندن اکين ۾ مُرڪ جو سُرمو اوتي
سندن ئي ڳٽن جي ڊمپلس تي
ٻه چار چميون ڏئي چوندو هئس
پيار ڇا ٿيندو آهي؟
ڇوڪرين جا ڳٽا شرم ٻوٽڙين جيان
پهريان ڪومائجي
پوءِ سورج مُکي بڻجي
رنگ رسيلا ٿي ويندا هئا!
ڪا نه ڪا ڇوڪري
ڪَن ۾ اچي چوندي هئي
پيار جي وصف
توکان ئي ٻڌڻ تي دل گهري ٿي!

ضد ۽ پيار

ضد ۽ پيار

منهنجي ننڍڙي ڌيءُ رات مون کان سوال ڪري
پاڻ ته سمھي پئي
پر مونکي ننڊ ئي ناهي آئي!
هن پڇيو بابا
ضد ۽ پيار ۾ ڪو فرق آهي ڇا؟
پٽ جو ضد ڀلو يا ڌيءُ جو ؟
مون سندس سوال جو جواب ڳولھيندي
گهر ۾ لڳل تصويرن ڏانهن ڏٺو!
پهاڙن جي هڪ تصوير تان برف ڳري رهي هئي!
ٻي تصوير ۾ بارش کانپوءِ
گُل مرڪي رهيا ها!
ٽين تصوير ۾ هڪ ڇوڪري
ڪراڙي پيءُ جي آڱر پڪڙي کيس جهاز ۾ ويهاريندي
چئي رهي هئي
مونکي هتي ناهي رهڻو مونکي ڳوٺ وٺي هل!
چوٿين تصوير ۾ جهاز اُڏامي رهيو هو!
صبح جو اُٿي
ڌيءُ جي مٿان پيل رلي پري ڪري
کيس هلڪڙي چمي ڏيڻ لڳس ته
سندس ڀر ۾ هڪ تصوير پئي هئي
ان جي هيٺان لکيل هو
ضدي ڇوڪري هوائي اڏي بدران
جهاز جيل ۾ لينڊ ڪرائي
هوا ۾ ريشمي هٿ لوڏي
نرم نرم
هٿ ڪراين ۾ پيل هٿڪڙين کي
چمي ڏئي چوي پئي
مان ضد ۽ پيار جي وصف جو
نئون نظم لکڻ پئي وڃان!

]
هڪ سياسي اڳواڻ جي قيدي ڌيءُ ۽ پيءُ جي گفتگو[

مٺيءَ جي رات

مٺيءَ جي رات

مان ٿڪ ڀڃڻ لاءِ
ڀٽن تي اڏيل شهر ڀرسان
ٿڌي هوا ۾،
بنا ڪنهن ڊپ جي اکيون بند ڪري
ڪيئي راتيون واريءَ تي ليٽي
ريڊيو حيدرآباد، مٺي ۽ آڪاشواڻيءَ تان
سُر ۽ سنگيت جو لطف ماڻي
اَسر ويل گهر موٽندو هئس!
بندوق جو ٺڪاءُ
مون توڙي منهنجن ٻارن
اڳ ۾ ڪڏهن ٻُڌو ئي ڪونه هو!
ها البته
شادي،ڏياري يا ڪنهن ٻئي خاص ڏڻ تي
ميڻ بتين جي روشني
۽ ڦٽاڪن جي شور ۾
ڪي گهڙيون گذاريون هوندم!
امان چوندي هئي
اڳي قتل جو ٻُڌبو هو ته
سڄي تر ۾ حراس ڦهلجي ويندو هو!
گهرن ۾ دانگي نه چڙهندي هئي!
ٻارن کي گهرن مان
ٻاهر نڪرڻ نه ڏبو هو!
پر هاڻي
دردُ ڀِٽن ۾ به ڪاهي پيو آهي!
جڏهن کان وڻن ۾ واڍي پئي آهي!
بارش وسڻ ۽ مورن نچڻ
ڇڏي ڏنو آهي!
تڏهن کان ماڻهن جي مَن مان
محبت به لڏي وئي آهي!
هي ڪي ٻه لاش ناهن
جن کي چِتا تي چاڙهيو پيو وڃي!
هي امن جي تصور کي
اڱرن جي پيٽ ۾ وجهي
ڀِٽَ ڀرسان
رات جو پُرسڪون ننڊ ڪندڙ
پکين جي آکيرن ۾
ٽانڊا وجهڻ جي رسم وڌي پئي وڃي!
هي رڳو آکيرا ۽
کنڀ ٿوروئي ساڙيا پيا وڃن!
پر پکين ۽ سندن ٻچڙن جي
اگهاڙن سينن کي پچائي
بند پيل بوتل کولي
مٺيءَ جي ماڪ ڀنل
صبح جي لڙڪن سان
هٿ ڌوتا پيا وڃن!
منهنجي زال ته هاڻي چاڪليٽ وٺڻ لاءِ به
ٻارن کي دڪان تي وڃڻ نٿي ڏئي!
سگريٽ ختم ٿي ويا آهن،
دير تائين کليل ڪئبن
سج لھڻ سان ئي بند ڪري
’ڌرمون‘ سَوڙ ويڙهي وڃي سُتو آهي!
وسڪي پي دوستن سان گڏ
ڪڙهائي کائڻ جو ڪيترو نه مزو هوندو هو!
هوٽلن جا بيرا،ماڻهن جا ٽهڪ،
صندل توڙي تُول وهاڻا
سڀ ڄڻ ته سرد لاش لڳنداهجن هاڻي!
’صادق فقير‘ جي سُرن سان گڏ رقص ڪندڙ
مٺيءَ جي رات
توکي شايد ڪا نظر لڳي وئي آهي!
تنهنجون گهٽيون گيتن بدران
معصوم رت سان پيون وهنجن!

]ٻن معصوم سنڌ واسين جي قتل بعد لکيل[

ائبارشن

ائبارشن

تو ڪڏهن آسمان کي،
وڻن کي يا پکين کي روئندي ڏٺو آ!
هوا جي خاموشيءَ ۾
ٻار جي پهرين دانهن جنهن به ٻڌي هوندي
ننڊ اُن جي بستري تان اُٿي
سُڏڪڻ لڳي هوندي!
هن جو رَتُ بند ٿئي ته گهر وڃي نه!
گهر وينديس ته مارجي وينديس!
پنهنجي ٿڌي ٿيندڙ
پيشانيءَ تي هٿ رکي
گهر جي دروازي مان آهستي آهستي پير کڻي
سوڙهي ساھَ سان
لوئيءَ ۾ ويڙهيل پنهجو جسم ڪمري ۾ اڇلي
سڏڪڻ لڳي هئي!
هوءَ ايمرجنسي ۾ اسپتال پهتي آ!
هن جي زندگي خطري ۾ آ
مان سوچيان ٿو
هِتان بچندي ته هُتي مري ويندي!
هو به هر هر مون کان هڪ ئي سوال پڇن ٿا ته
ايترو خون وهڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو!
مان ڊاڪٽرياڻيءَ جي اکين ۾ ڏسي
چُپ ٿي وڃان ٿو!
هوا جو شور ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳي ٿو!
ٻاهر زور زور سان
بارش وسڻ لڳي ٿي!
اسان جيستائين سندس آپريشن شروع ڪيون
هوءَ خاموش ٿي وڃي ٿي!
مارجڻ کان بچي ويل ڇوڪري
خون جي آخري قطري سان گڏ،
سندس مائٽن جي ذهن ۾
هڪ ئي سوال ڇڏي وئي ته
ايترو خون وهڻ جو
آخر ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟
روڊ پاس هٿ ۾ ڏيندي
ڊاڪٽرياڻي جي ڪُڇڻ کان اڳ
مان کين چوان ٿو
زندگي ۽موت خدا جي هٿ ۾ آ!
هو روئڻ لڳن ٿا!
۽ مان به اسپتال جي ڇت تي چڙهي
روئڻ لڳان ٿو پر
هوا منهنجا لڙڪ اگھي اگھي ٿڪجي پئي آ!

نظم لکڻ ٿو چاهيان

نظم لکڻ ٿو چاهيان
________________
رات جي وچين پھر ۾
مان هڪ نظم لکڻ ٿو چاهيان!
اهڙو نظم
جيڪو جاڳَ جي پنڌ ۽ مسافريءَ جي
ٿَڪ لاهڻ جي ڪم اچي سگهي،
مان سوچيان ٿو
منهنجي شاعري،منهنجا نظم
منهنجون ڪهاڻيون
۽ ڪجھه ڪالم
نه بيمارن کي چاڪ ٿا ڪري سگهن
نه اغوا ٿيل ٻارڙيءَ کي موٽائي ٿا سگهن!
لڙڪ اُگهڻ لاءِ منهنجي شاعريءَ ۾
دلاسي جهڙو ڪو دڳ به نظر نٿو اچي!
پوءِ به هي ماڻهو مون ڏي
اُميد جي نظرن سان ڇوٿا ڏسن؟
مان ته هڪ اهڙو حڪيم آهيان
جيڪو مريضن جي نبض کي وڪڻي،
گهر جو خرچ ۽ جهاز جو ڀاڙو ڳڻي ڳڻي
رات جو وهاڻي هيٺان رکي
ننڊ ڪرڻ ويندو آهيان!
مان سوچيان ٿو
شاعري ڇڏي راڳ ڳائڻ شروع ڪيان!
پر سوچيان ٿو هتي ته هر شاعر
پنهنجي شاعري ڳارائيندو مونکان!
مان ته
ماڻهن جي شاعري ڳائڻ جو خواب لڌو آ!
ماڻهو چون ٿا
اسان بيمار ٿي پيا آهيون!
اسان کي دوا ڏي شاعري نه ٻڌاءِ!
امان چوي ٿي
چندر جو ڪو گيت گُنگناءِ
بابا چوي ٿو
ڪوڏر کڻ پاڻيءَ جي واري تي هَل!
مان سوچيان ٿو
هنن سمورن مسئلن کي ميڙي ڪو نظم لکيم ته
درد جا انبار لڳي ويندا
۽ ماڻهو ڪم ڪرڻ بدران روئڻ شروع ڪندا!

تخليقڪار

تخليقڪار
_________________
هيءَ تخيل ناهي!
هي رقص جو نمونو،لفظن جو ماتم
۽پکين جا لُڙڪ آهن!
درد نچي ٿو،شاعر سرگوشيءَ ۾
زخمي پيرن جو رت ۽ بدن جي خوشبو
ڪاغذ تي اوتي
ڪمري جي ڪنڊ ۾روئي پوي ٿو!
۽ روئي روئي
وري لکڻ شروع ٿو ڪري!
زندگيءَ جي زخمي نوحي جهڙو رنگ
لفظن ۾ اُوتي
درد کي دل جي تار تي ٽنگڻ کان اڳ
هو سوچي ٿو ته
عورت جي ڇاتيءَ جا اُڀار،
وارن ۾ سڳيءَ جو لُڏڻ،
مرد جي ڀاڪر جو اسرار،
حسين ناريءَ جي بدن جي خوشبو،
ٻار جي ڄمڻ جو انتظار،
هي سڀ حُسن آهي
يا منهنجي چهري جا گُهنج؟
هو امڙ جي ڏنل چمي
۽ اُستاد جي ڏنل پهرين مار کي
ياد ڪندي لکي ٿو
زندگي جماليات جي جهلڪ
۽ پيڙا جو وهندڙ سمنڊ آهي!
مونکي عورت جي حسن ، مرد جي ڀوڳنا
۽ زندگيءَ جي هڪ هڪ گُهنج تي
وري وري لکڻ گهرجي!
هو سوچي ٿو
رقاصه نچندي آ
گهنگهرن جو آواز،ڇير جو وڄڻ
۽ ناچڻيءَ جي مُرڪ ضرور روئندي هوندي!
هو انهن زخمي پيرن جي
آخري ڳوڙهن کي ڳولي
ان جي راز تي لکڻ ٿو چاهي!

ڌيءَ جو پيءُ ڏانهن خط

ڌيءَ جو پيءُ ڏانهن خط
________________
پيارا بابا سائين
توهان جي سمجهاڻيءَ تي عمل ڪندي
مان ته پنهنجي هم ڪلاسي ٻارن سان
اهڙا لفظ اورڻ جي ڪوشش ڪيان ٿي
جيڪي اسان جي وجود جي سُڃاڻپ هجن!
امان ٻڌائيندي آ ته
منهنجي ڄمڻ تي ڳوٺ جي زائفن
جيڪي لاڏا ڳايا،ٻارن ناچ ڪيو
’ماسي راضل‘ دهل وڄايو
اُن خوشيءَ ۾
پنهنجي مٽيءَ جو اهڙو ته خاص هُڳاءُ هو
ڄڻ ته ڌرتي رقص ڪندي هُجي!
پر هتي ته ڳالھه ئي اُبتي لڳي پئي آ
والدين جو ڏهاڙو ملهائڻ جي
تياري ڪئي پئي وڃي!
سڀئي ٻار امان کي مَما چون ٿا
بابا کي پَـپا ۽ ڊيڊ چون ٿا!
مان پنهنجي ڪلاس ٽيچر کي چوان ٿي ته
ڪو هڪ سبق ته اهڙو پڙهائي
جنهن ۾ اسان جي
گهر،گهٽين ۽ راندين جا منظر هُجن!
اسان جو ماضي ۽حال هجي
اسان جي رُسڻ، پَرچڻ
۽ ٽهڪن جو ذڪر ماءُ ٻوليءَ ۾ هجي!
جنهن ۾ منهنجي ڄمڻ تي
لاڏا ڳايا ويا هجن،امان لولي ڏني هجي!
پر هتي ته
رنگ به ڌاريا آهن ته رقص به ڌاريو آهي!
مان هتي ڄڻ اوپري هجان!
کلان ٿي ته اوپري!
روئان ٿي ته ڪو به
ڳوڙهن جي ڳالهه ئي نٿو سمجهي!
بابا سائين
ٿورڙو وقت ڪڍي
اسڪول جي انتظاميه سان ملي
کين امان جي ٻوليءَ جي پارت ته
ڪري وڃو!

لاوارث ٻار جي رڙ

لاوارث ٻار جي رڙ
____________
تون مونکي سج لهڻ مهل
لاوارثيءَ واري حالت ۾
گٽر ڀرسان اُڇلي پوئتي ئي نه ڏٺو!
ويندي ويندي کير پيارڻ بدران
ٻه ڳوڙها ئي کڻي پيارين ها
تڏهن به شايد مان مُرڪي پوان ها!
تنهنجي گرم ڇاتيءَ کي ڇُهڻ
۽پهرين چَڳڙ جو ارمان
مونکي مرڻ به نٿو ڏئي!
ڪُتن جون ڏاٺون
منهنجي ڪچڙي گوشت تي
ڪيترو گذارو ڪنديون!
مونکي ڏاڍو سيءُ ٿو ٿئي!
منهنجي بدن تي ويڙهيل ڪمبل
ڪو رستي ويندڙ غريب پيءُ
پنهنجي ٻار لاءِ کڻي ويو!
کير جي بوتل گٽر ۾ ڪري پئي!
مان سوچيان ٿي
مونکي وڌيڪ جيئڻ جو حق به ناهي!
تون به اڳتي لاءِ
پنهنجو خيال رکجانءِ!
هن جو پيٽ تومان نه ڀربو ته
هو وري ڪنهن
ٻئي گوشت جي تلاش ڪندو!
اُن کي چئجانءِ
ٻارن کي مارائڻ بجاءِ
پنهنجي حَوس کي ماري!
ڇو ته
ٻار جي آخري سڏڪي
۽ مرڪ جي مرجهاءَ تي
پکي به روئڻ لڳندا هوندا!
۽ ها تون
منهنجي ڀاڱي جو کير هارڻ بجاءِ
پکين کي پيارجانءِ!
مان وري ڪنهن شام جو
موٽي اينديس
تڏهن جڏهن تنهنجي
حقيقي ڪُک سائي ٿيندي!

مهربان هستيءَ کي سلام

مهربان هستيءَ کي سلام
__________________
مان اُن سان
ملڻ وڃي رهيو آهيان
جنهن کي
سنڌ جي هوا ڏاڍي وڻندي هئي،
هو پاڻ مٿان
گند اُڇلائيندڙ عورت کان
نفرت ڪرڻ بدران
اُن جي بيماريءَ بابت
پاڻ عيادت ڪرڻ ويو هو،
هن جنهن
امين ۽ صادق طور
هڪ اهڙي سُڃاڻ ماڻي
جنهن جي ذڪر سان
ايمان تازو ٿي ٿو وڃي،
هو جنهن جي اڱڻ تي
عورت هُجي يا مرد
ٻار هجي يا ٻڍو پنهجا درد هاري
اميد جا نوان گل ميڙي ٿو اچي!
هو جنهن جي
هر گفتگو ۽ تحرڪ ۾
حڪمت جا
نوان گس ۽ ڏس ڏِک ڏيندا هُجن!
مان هُن جي در جي
چائنٺ چمڻ ٿو وڃان،
جنهن ’طائف‘ ۾
چٿرون برداشت ڪندي
پٿرن لڳڻ سبب
رت ڳاڙيو ته رت سان
سندس جُتي ڀرجي وئي!
پوءِ به هُن
سهپ،رواداري ۽ برداشت جي رنگن جا
ڪيئي ڏيئا ٻاريا ۽ گل ٽيڙيا!
اهڙا گل جن جي خوشبو
روح کي معطر ڪندي هجي!
مان مذهبي رنگ کان
وانجهيل شخص
هن انتهاپسنديءَ جي دور ۾
هڪ معتدل ۽ مهربان
هستي کي ضرور
سلام پيش ڪندس
جنهن جو هر رنگ
پيار جو سبق ڏيندو هجي!
]رسول پاڪ جي روضي ڏانهن ويندي[

ڳـوڙهـا

ڳـوڙهـا

منهنجا نظم ٿورئي آهن؟
هي ته زندگي جي ڏک ڀري وارتا آهن
منهنجي اندر جا ڳوڙها آهن
درد جا سڏڪا ۽ اونداهيءَ ۾ ڊڪندڙ
خواب آهن!
مان سُمهان ٿو ته ننڊ روئي ٿي پوي!
مان جاڳان ٿو ته
ڄڻ ڪو حيات جا زخمي پَر پٽي رهيو هُجي،
منهجي بستري جا گُهنج،
وهاڻي جي ڇِوَ، ڪمري ۾ رکيل گلدان
۽ روشندان مان ايندڙ سج جا ڪرڻا،
رومانس جي رنگن ۾ اوتيل منهنجو سِڪڻو روح،
سڀ زخمي ٿي
مونسان گڏ روئي روئي مونکان پُڇن ٿا
هر ۾ وهندڙ ڏاندن جيان
هي عورتون زمينن تي ڪم ڇوٿيون ڪن؟
۽ هي مرد
هوٽلن جون بئنچون ڀَڃي رات جو
زالن جا ڳوڙها اُگهڻ ۽ ٻارن جي بکئي پيٽ
۽ انگ اگهاڙي بدن ڏانهن ڏسڻ بدران
کير جو وٽو پي ڪيئن ٿا
سڪون جي ننڊ سمهي پون؟

مونکي وڪامڻ نه گهرجي

مونکي وڪامڻ نه گهرجي

رات هڪ نوجوان اديب مليو
مونکان پڇي پيو
تنهنجي شاعريءَ ۾
هاڻي اهو درد ڇو ڪونهي رهيو؟
مان کيس ڪيئن ٻڌايان ته
مون پنهنجي شاعري وڪڻي
قلم ۾ پنهنجن لڙڪن بدران
اُڌاري مس وجهي ڇڏي آهي!
هن حيرت مان مون ڏي نهاريندي
مونکان پڇيو
سرڪاري گيسٽ هائوس تي
ان رات توسان گڏ
ڪنهن جا ٽهڪ پئي ٻُريا؟
مان سندس سوال تي ڇرڪي ويس!
هن کي ڪيئن ٻڌايان ته
ڪنهن وڏي ميلي جي تياري ڪرڻي هئي!
مختلف راڳڻين تي
ڊگهو بحث ڪرڻ لاءِ پنهنجي وجود کي
صنف نازڪ جي وارن ۾ ويڙهي سمهڻ
ڪيترو نه ضروري هوندو آهي!
مان کيس ڪيئن ٻڌايان ته
هن ئي سال
وڏي شهر جي فائيو اسٽار هوٽل ۾
سرڪاري خرچ تي
ڪتابن جي مَنڊي لڳڻي آهي!
وڏا وڏا اديب گڏ ٿي
ڌرتي ۽ ٻوليءَ جا ڳُڻ ڳائيندا!
رات جو وسڪي پي هڪٻئي کان پُڇندا
منهنجي مقالي جو مغز ننڍو هو يا وڏو؟
تاڙيون ڳڻيئي!
نوجوان ليکڪ منهجن اکين ۾
پنهنجي درد کي ڳولڻ لڳو هو!
اوچتو ڇرڪ ڀريندي هو ڏسي ٿو ته
اجرڪ جي ڦلڙين بدران
منهنجي اک جي ماڻڪين ۾
سرڪار سان ڪيل نوان معاهدا ٽنگيل آهن!
هو منهنجي اکين ۾
ٽنگيل تصوير ڏسي روئي ٿو پوي!
مان هُن کي
شهر جي وچ چوڪ تي ڇڏي
هي نظم لکي رهيو آهيان ته
”گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته وڪامڻ نه گهرجي ها!“

تخليقڪار جي در تي حاضري

تخليقڪار جي در تي حاضري
____________________
هن سفر ۾ مان اڪيلو ناهيان
مونسان منهنجا ٻار به گڏ آهن!
ها البته
هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو
جڏهن مونسان گڏ
منهنجن ٻارڙن ۽ يارڙن بدران
چار ميٽر اڇو ڪپڙو
۽ مٽيءَ جو هڪ ڍِڳ ئي ته هوندو!
مٽيءَ کي مان
ايترو پيارو ڇو آهيان؟
’احرام‘ ڏانهن ڏسندي
منهنجون اکيون ڀرجي ٿيون اچن!
۽ ’ڪعبي‘ ڏانهن ويندي
منهنجي ذهن ۾
ڪيترائي خيال اُڀري اچن ٿا!
پر هڪ حساس ماڻهوءَ ناتي
هڪ تخليقڪار جو تصور
ور ور ڏيئي
ذهن جي ديوار تان جهاتيون پائيندي چوي ٿو
سندس گهر جي اڱڻ تي
سندس ئي تخليق جا رنگ ته ڏسجان!
هنن جي اکين ۾ عقيدت ۽ عاجزيءَ جون
گُل ٻاٽيون ڪيئن ٿيون ٽڙن!
۽ تخليقڪار
انهن جي عجز ۽ انڪساريءَ تي
ڪيترو نه خوش ٿيندو هوندو!
مننهجي دل ۾
هڪ ٻيو خيال به اچي ٿو ته
خدا گُل به خلقيا آهن
ڪنڊا به خلقيا آهن
خدا ماڻهو به خلقيا آهن ته
جانور به پيدا ڪيا آهن !
هر شئي جي صورت ۽ ڪم کي
الڳ الڳ رنگن ۾ ويڙهيو هوندائين!
پر هڪ تخليقڪار
اِهو ڪٿي ٿو سوچي سگهي ته
سندس پوکيل باغ کي
ڪو وڍي ڇڏي!
يا ڪو سندس ئي
تخلياتي رنگن کي
مٽائڻ جي ڪوشش ڪري!
مان رستي ۾ آهيان
ڪائنات جي سونهن
۽ حسن جي تخليقڪار کان
سندس ئي آڳر ۾
عاجزيءَ مان چند ڳوڙها ڳاڙي
هڪ سوال ڪندس ته
اي منهنجن اکين کان اوجهل
سُهڻا تخليقڪار
منهنجي مٽي
جيڪا تنهنجي تخيل جو
حسين خيال هوندي
۽ ساڳي مٽي
جيڪا منهنجي ماءُ به آهي
اُن جي سيني تي
ڪو رهڙون ڏيندو هجي
۽ مان
هڪ تخليقڪار شاعر ناتي
قلم کڻان،ڳوڙها ڳاڙيان
ماتم ڪيان،
اُن جو تحفظ ڪيان
يا
هٿ ٻڌي ويهي رهان؟
مان چار ميٽر ڪپڙو اوڍي
پنج سئو ڪلو ميٽرن جو
پنڌ ڪري
هڪ امين ،صادق
۽ سندس محبوب جي اڱڻ تان
هي خيال کڻي
هڪ تخليقڪار جي در تي
حاضري ڀرڻ وڃي رهيو آهيان!
اُن اميد سان ته
هو ماڻهن جي دلين ۾
ماڻهپي جا نوان رنگ ڀريندو!
۽ مونکي نئين سگهه ڏيندو
ته جيئن مان به ڪو
اوندھ ۾ ڏيئو ٻاري
مٽي، ماڻهپي، محبت ۽ ماءُ جي
حُسناڪ رنگن کي بچائڻ لاءِ
پنهنجو عملي ڪردار
ادا ڪري سگهان!

]ڪعبت الله ڏانهن ويندي[

ڪعبي ڏانهن سفر

ڪعبي ڏانهن سفر
_______________
مان دير دير تائين
ڪبوتر چوڪ تي جاڳي
ماڻهن جي اچ وڃ ۾
سندن اکين کي پڙهڻ جي
ڪوشش ڪندي رات گذاري ڇڏي آهي!
ڪعبي ڏانهن
کڄندڙ پيرن جي ٿَڪ
۽ دل جي آس نراس جا
ڪيئي رنگ نظر اچي رهيا آهن!
ڪبوتر سڄو ڏينهن داڻو چُڳي
ٿَڪ ڀڃڻ لاءِ سُمهي پيا آهن!
ماڻهن جي اکين ۾
الڳ الڳ درد ڪٿا جا
قصا جهاتيون پائي رهيا آهن!
ماڻهن جي ڊوڙ ۾
ڄڻ ته ڪو خاص خوف به آهي!
ڪجهه ماڻهو معافي وٺي،
گناھ بخشائي
نئون سفر شروع ڪرڻ چاهن ٿا!
ڪي وري سڪون جي ڳولا ۾ نڪتل
مسافرن جيان
ننڊ کي دل ۾ سُمهاري
پاڻ کي جاڳائي رهيا آهن!
مان ڪعبي ڏانهن ويندڙ
رستي تي مٽيءَ جي موھ
ماڳن،مڪانن۽ روين تي سوچيندي
فجر ڪري ڇڏي آهي!
مان ڪبوتر چوڪَ تي
جاڳندي سوچيندو رهيس ته
مُجسمي ساز
مٽي ڳوهي جڏهن انسان کي ٺاهيو هوندو
اُن جي مزاج ۾به
ان ئي مٽيءَ جو موھ شامل ڪيو هوندو!
ڇو ته مديني جي مزاج ۾
شفقت،پيار۽مهمان نوازيءَ جا رنگ ڏسي
جڏهن مڪي پهتو آهيان
ته ٽريولر ايجنٽ کان وٺي
هوٽل واري تائين هر ماڻهوءَ جو مزاج
مديني جي مٽي ۽ محبت جي
رمز کان بلڪل الڳ نظر پيو اچي!
مونکي سچ پچ به
تخليقڪار جي ان رمز تي
عبرت سان گڏ پيار ٿو اچي!
جنهن پنهنجي تخليق ۾
مختلف رنگ اوتي
منهنجي ڪبوتر جهڙي دل ۾
نئين تخيل جي
اُن راز کي عيان ڪيو آهي ته
سختي ڇاهي؟پيار ڇاهي؟
ٿَڪ ۽سڪون جي وچ ۾
زندگيءَ جو ٻيو به سفر آهي
۽ هن سفر کانپوءِ ڪو ٻيو سفر به آهي!
۽ مان سوچيان پيو
هر مٽيءَ جو موھ پنهنجو آ
هوا جو هُڳاءُ ۽ اکين جي نِمي
مَڪي جي ڪبوتر چوڪ تي
مونکي چئي رهيا آهن ته
تخليقڪار جي تخليق ۾
پڇتاءُ به ضرور هوندو!
پر اميد جي رنگن کان خالي
هر تخليق ڄڻ ته
تابوت ۾ بند ميت هُجي ٿي.

نئين سال جي وِش

نئين سال جي وِش

مونکي خبر آ
ڊسمبر توکي ڇو وڻندو آ؟
اها به ڊسمبر جي
هڪ خاموش شام ئي ته هئي نه!
برف سان ڍڪيل وڻ،
بارش جي تازي خوشبوءَ،
۽ پاڻيءَ سان ونھتل روڊ،
مون اُن ئي ڏينهن
توکي تنهنجي گهر جي در تي ڊراپ ڪندي
پهرين چمي ڏئي
پيار جو خاموش اظهار ڪيو هو شايد!
تو اکيون ٻوٽي
منهنجي آلي ڪلهي تي ڀِڳل وار کنڊيڙي
مونکي
پنهنجائپ ۽ پيار جي پهرئين پنڌ تي
ساڻ وٺي وڃڻ جو وچن ڪيو هو!
تون ڪرسمس جي موقعي تي
گُل کڻي
مونکي هن ڊسمبر ۾ به ڳوليندي رهينءَ!
تنهنجي دوست ٻُڌايو پئي
تون هيٽر تي هٿ سيڪيندي
روئي رهي هئينءَ!
مان وري هتي ڪمبل ويڙهي
ڳوڙهن سان ڳالهيون ڪندي
رات گذاري رهيو هئس!
خبر ٿئي
ڊسمبر جي برف جهڙي رات ۾ اک لڳندي ئي
ڊسمبر جي آخري شام
توسان گڏ گذارڻ جو
مون هڪ سُهڻو خواب لڌو آ!
منهنجي دل
صبح جي ڪوهيڙي، بادلن جي ڊوڙ،
۽ سياري جي پهرين رُهيءَ ۾
توسان گڏ ڊگهي ڊرائيو ڪرڻ لاءِ
خيالن ئي خيالن ۾
برف جيان ڳڙي رهي آهي!
مان مُلڪ کان ٻاهر ويل آهيان
۽ ها مان جيستائين تو وٽ پهچان
تون ڪاڏي به نه وڃجانءِ!
ايڪيٽيهين ڊسمبر جي آخري فلائيٽ
ساڍي يارهين وڳي
تنهنجي شهر جي
ايئرپورٽ تي لينڊ ڪندي!
ايئرپورٽ تي وٺڻ اچين ته
پاڻ سان گڏ ڇَٽي کڻي نه اچجانءِ!
مان توکي
پنهنجي ڀاڪر ۾ ويڙهي
نئين سال جي وِش ڪندس!

ٻولي

ٻولي
_________________
ضروي ناهي ته منهنجي مُرڪ ۾
لڪل ڳوڙها تنهنجي ٻُڪ ۾ ڪري پون!
پر ياد رک
تنهنجي دل جا زخم روز اگهڻ
مان ئي ايندي آهيان!
تون مونکي ماني ڀلي نه ڏي پر
منهنجي ٻارن جي چپن تان
ماءُ ٻوليءَ جا رنگ ڪڏهن به نه هٽائجانءِ!
مون ڪالهه سبزي منڊيءَ مان
دڪان واري کان بصر پئي گهريا ،
هو منهنجي ڳالهه سمجهي نه سگهيو ته
منهنجون اکيون نمڪين ٿي ويون!
رڪشا واري کي چئو ته
هو مونسان ڀاڙي ڪرائي جو حساب
سولي سنڌيءَ ۾ ڪري
مان ريجو ڳڻيندي ڀلجي ٿي پوان!
هن کي ڪيئن سمجهايان ته
منهنجو اسڪول ايترو به پري ناهي!
رينجرز چوڪيءَ تي بيٺل سهڻو سپاهي
منهنجي شناختي ڪارڊ کي
پڙهڻ کان قاصر آهي!
هو ورائي ورائي منهنجي
شناختي ڪارڊ واري تصوير
۽ منهنجن اکين ۾ پيو ڏسي!
اُستادياڻي روز ڊائري ۾
نوٽ هڻي ٿي موڪلي ته
ٻارن سان صرف انگريزي ۾ ئي ڳالهايو
ٻهراڙيءَ جي
ماءُ کيس ڪيئن ٻڌائي ته
هن کي صرف اها ئي ٻولي ڳالهائڻ ايندي آ
جيڪا هن
گهٽين ۾ راند روند ڪندي
ڳالهائي،گهر ۾ ٻُڌي ۽ سکي هئي!

آءِ، سي، يو

آءِ، سي، يو
________________
منهنجا اِهي دوست جيڪي
مونکي گهڻو سُڃاڻن ٿا
اُنهن کي خبر آهي ته
مونکي ٻار،عورتون،ڪتاب،گُل
ڏاڍا وڻندا آهن!
مان ٽن مهينن بعد ٻيهر
آءِ سي يو ۾ مانيٽرن سان
جاڳي نئون گيت جهونگاريندي
روئي رهيو آهيان!
چوٿين نمبر ڪيوب ۾ داخل
روڊ ڪناري تي کيڏندڙ ٻار جي مٿي تي
جيپ جو ٽائر
زندگيءَ جي
ساڀيان جهڙي خواب کي لتاڙي
گيريج ۾ ننڊ ڪري رهيو آهي!
مونکي وري ٻار جون
اُجهاڻل اکيون سڏي چون ٿيون
امان کي سڏي ڀرسان ويهار!
پنجين نمبر بستري تي
هڪ نوجوان عورت سُتي پئي آهي
جنهن جي سُر ۽ صورت تي
جڳ مُوهت هوندو هو!
زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائڻ لاءِ
ٻُڪ ٽِڪين جو کائي
پَرس ۾ پيل خالي پتن کي
آخري چمي ڏئي
منجهند ڌاران هِتي پهتي آهي!
هُن کي مڙس گهران ڪڍي
سندس ئي سينگاريل ڪمري ۾
ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ کي
سُمهاري ڇڏيو آهي!
هُن جا ٻار اسپتال جي دروازي تي
سيءَ ۾ ٿڙڪي رهيا آهن!
زمين ٿڌي ٿي وئي آهي!
مون وٽ هڪ ڪمبل آ
اهو هنن جي مٿان وجهان يا
کين اُن تي سمهاريان!
”آءِ سي يو“ ۾ ٻارن جي اچڻ تي پابندي آهي
هونئن به ٻه ٻيون عورتون
جن جي جسم ۾ نشي آور دوائن
ايترو ته اثر ڪيو آهي جو
هنن جون اُبتيون سبتيون
ڳالهيون ٻڌي
منهنجو ساھ ٿو منجھي ته
ٻارن کي پنهنجي هنج ۾
مان ڪيئن سمهاريان!
رات جو ڏيڍ ٿيو آهي شايد!
ٻار کي چيٿاڙيندڙ
سرڪاري جيپ واري همراهه،
نڪاحن جي رومانس واري عادي مجرم
۽طلاقيل عورت جي درد کان وانجهيل
وڏي بنگلي واري شرابي مرد کي
ڪير ٻڌائيندو ته
رات ڊگهي ٿيندي ٿي وڃي؟
پنهنجي اُماڻيل
درد واري ڪاري پرس مان
ڪجهه لڙڪ ۽ هي ٽي ٻار
هِتان کڻي وڃي
مون وٽ صرف هڪ ڪمبل آهي
هيٽر ڀرسان
ننڊ جا عادي هي ٻار
آخر مان ڪٿي سمهاريان!

انتظار جو گيت

انتظار جو گيت
________________
اڄ رات مونکي توڏي
هڪ ڊگهو خط لکڻو هو!
خط ۾ تازا لڙڪ به موڪلڻا هئا!
خوابن جا ڊوڙندڙ بادل،
۽ احساسن جي ڪنواري دنيا جا
ڪيئي ٿانَ ويڙهي
توسان پيار جو نئون اظهار
به ڪرڻو هو!
تون گڏ ناهين ته
هي سياري جون سرد راتيون
ويتر ڊگهيون ٿينديون پيون وڃن!
ڪمري جي لائيٽ بند ڪري
پُراڻا گيت ٻڌي توکي ساريندي
سُمهڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو ته
ڪمرو به مونسان گڏ سُڏڪڻ لڳي ٿو!
اڄ هڪ ڇوڪري ملي هئي
مون کان تنهنجو پُڇيائين پئي!
پهريان ته مون کيس
سُڃاتو ئي ڪونه!
پر پوءِ هن ياد ڏياريو ته
هن جو مڱيندو جيڪو
روڊ حادثي ۾ مري ويو هو!
اهو پنهنجو ڪلاس فيلو دوست هو!
پاڻ سان گڏجي هُنن
ڪيئي ڀيرا ڪينٽين تي ڪافي به پيتي هئي!
بلوري اکين واري
رقص جهڙي ڇوڪريءَ جي
نيڻن ۾ نه ڏک هو نه ڪنهن لڙڪ لڙڻ جا آثار!
هن ته هڪ ٻئي برگر ڇوڪري سان
شادي ڪري زندگيءَ جي
نئين سفر تي هلڻ شروع ڪيو آهي!
وري وري تنهنجو پُڇيائين ته
مون کيس ٻڌايو
اسان اڃا به ملڻ جي آس جا خواب لهندي
پاڻ ماري رهيا آهيون!
خبر ٿئي هوءَ ويندي ويندي ڇا چئي وئي؟
چوڻ لڳي چريا ماڻهو
وقت سان گڏ هلڻ سک!
انتظار جي عمر ايتري به ڊگهي نه ڪر جو
پاڻ انتظار ٿي وڃي!
هوءَ چوڻ لڳي
ڳوڙها ڳاڙڻ ۽ پاڻ مارڻ بجاءِ
زندگيءَ ۾ نوان سُر اوتي
حُسناڪين ۾ جدت جا تازا رنگ ڀريان!
مان کيس ڏسندو ئي رهجي ويس!
مان توڏي خط اُن ڪري نٿو موڪليان ته
ڪٿي هن جون ڳالهيون ٻُڌي
تون به انتظار جي نڙيءَ تي لت ڏئي
مونکان پري نه هلي وڃي!
هونئن به وڇڙي وڃڻ لاءِ مرڻ ضروري ته ناهي !
پر ها مري وڃڻ لاءِ
وڇوڙي جو هڪ روڳ ئي ڪافي هوندو آهي!
مان توڏي
خط ته نٿو موڪليان پر
پهريون ڀيرو هڪ ٻُڏتر ۽ خوف ۾ مبتلا ٿيل
دل جو ٽڪرو نظم جي صوت ۾ موڪلي
توسان جلدي ملڻ جو
توڏي سُنديس ٿو موڪليان ته
منهنجو انتظار اڃا ٿَڪو ناهي!
تون جاڳندي هُجين ته مونکي
ٻُڙي ٽي ٻُڙي ٻُڙي اٺ نو چار ٽي ٻُڙِ ٽي چار تي.
هڪ رنگ ته ڪر
مان توکي
انتظار جو هڪ گيت ٻڌايان.

سنڌ سلامت

سنڌ سلامت
www.sindhsalamat.com

سنڌ سلامت جو مشن ۽ مقصد سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ پکيڙ کي وسيع ڪرڻ آهي ۽ پڻ دنيا سان گڏ سندس رفتار سان هلڻ جو سانباهو ڪيو آهي ڇو ته تاريخ هميشه انهن قومن جو احترام ڪيو آهي جن پنهنجي علمي سرمائي جي حفاظت ڪئي آهي. سنڌ سلامت پڻ پنهنجي ٻوليءَ جي بقاء خاطر سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل قيمتي ۽ ناياب ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي نه رڳو محفوظ رکڻ پر پنهنجي اديبن، ليکڪن، محققن ۽ شاعرن جي علم، هنر ۽ مشاهدن کي کي ڊجيٽلائيز ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيءَ سان پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي.
اسان جي خواهش ھئي ته سنڌي مواد تي مشتمل هڪ اهڙوڪتاب گھر قائم ڪجي جتي هر موضوع تي مشتمل ڪتاب موجود ملن جن کي ڳولڻ ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ آسان هجي پر اينڊرائيڊ سميت آئي فون يا ونڊوز آپريٽنگ سسٽم سميت هر قسم جي ڊوائيس تي آساني سان آن لائين پڻ پڙهي سگهجي.
۽ اهو سڀ ”سنڌ سلامت ڪتاب گھر“ ذريعي ئي ممڪن ٿي سگھيو. اميد ته سنڌ سلامت ڪتاب گھر ذريعي سموري دنيا ۾ موجود سنڌي نه صرف ڀرپور لاڀ حاصل ڪندا پر سنڌ سلامت ڪتاب گھر کي وڌيڪ فائديمند بنائڻ لاءِ پنهنجو پورو پورو ساٿ نڀائيندا.

سنڌ سلامت ڪتاب گھر جي اينڊرائيڊ اپليڪيشن:

https://play.google.com/store/apps/details?id=com.sindhsalamat.book