ڪتاب گهر کي آف لائين ھلائڻ لاءِ ڪتاب گهر جي ائپليڪيشن انسٽال ڪريو | ✖ ٻيھر نہ ڏيکاريو
شاعري
جڏهن هُو زلفَ ڇوڙي ٿو
هي شاعريءَ جو ڪتاب ”جڏهن هو زلف ڇوڙي ٿو“ خوبصورت شاعر احساس ميرل سهتي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. هي ڪتاب امرتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
هُن جي شاعري جتي سماج ۽ سماجي حالتن جي اُپٽار ڪندي نظر اچي ٿي، اُتي هُو پنهنجي داخلي خيالن کي به اظهاري ٿو، جن ۾ اظهارِ محبت به آهي ته اظهارِ غم و رنج به آهي، جدائي به آهي ته وفائي به آهي ۽ بيوفائي به آهي. هُو عاشق مزاج شاعر آهي يا شاعر مزاج عاشق ان بابت پاڻ کي ڪا خبر ڪانهي پر هُن جي شاعري عشق جهڙي مشغلي سان مُشڪبار آهي
شاعر سڀ هڪجهڙا قطعي ڪونه هوندا آهن. ڀلي ڪير ڇابه چئي ۽ ڪير به کڻي ان راءِ سان اتفاق نه به ڪري... ڇو ته عام راءِ اها ئي آهي ته شاعر حساس دل هوندا آهن. بلاشبه ان ڳالهه کان ڪو انڪار آهي ئي ڪونه... پر سڀ شاعر هڪجيترا حساس دل نه هوندا آهن، هر شاعر جي حساسيت جو مامرو الڳ آهي... بلڪل ائين جيئن هر شاعر جي سوچ، هر شاعر جو تخيل، هر شاعر جو فهم ۽ ادراڪ جدا هوندو آهي يا هر شاعر جا احساس پنهنجا هوندا آهن. هر شاعر وٽ پنهنجي اک ۽ پنهنجي نهار هوندي آهي، جن جي اُڏام پنهنجي پنهنجي پهچ ۽ وت آهر هوندي آهي.
احساس ميرل نوجوان شاعر آهي ۽ هُن جو تعلق سنڌ جي زرخير پٽي اسٽيشن اُڏيرولال سان آهي. هُن جي تعلمي لياقت ته پنجن درجن جي پاس ٿيڻ تائين آهي، پر علمي، عقلي، ڏاهپ ۽ ڏات جي حوالي سان هُو ڪيترائي درجا پاس آهي ۽ هڪ شاعر طور سندس اُڏام اُوچي آهي، جنهن جو هُن کي الاءِ احساس آهي يا ناهي پر هُن جي سنگت ۾ سلهاڙيل هر دوست کي اهڙو احساس ضرور آهي.
احساس ميرل جي شاعراڻن احساسن ۽ جذبن جي لاءِ آءٌ ڪجهه به نٿو ڳالهايان ۽ ڪابه راءِ اوهان تي نٿو مڙهيان جو آءٌ هن جي شاعراڻي طاقت کي ڄاڻان ٿو. هُن جي شاعراڻي سگهه ۽ ائپروچ ڪنهن به سگهاري شاعر کان گهٽ ڪانهي. پختي يقين سان اها ڳالهه چئي رهيو آهيان ته هُن جي تخيل جي اُڏام مٿانهين آهي. هُن جي شاعري جتي سماج ۽ سماجي حالتن جي اُپٽار ڪندي نظر اچي ٿي، اُتي هُو پنهنجي داخلي خيالن کي به اظهاري ٿو، جن ۾ اظهارِ محبت به آهي ته اظهارِ غم و رنج به آهي، جدائي به آهي ته وفائي به آهي ۽ بيوفائي به آهي. هُو عاشق مزاج شاعر آهي يا شاعر مزاج عاشق ان بابت پاڻ کي ڪا خبر ڪانهي پر هُن جي شاعري عشق جهڙي مشغلي سان مُشڪبار آهي، جنهن ۾ پيار به آهي ته انتظار به آهي ته شڪوه شڪايتون به ملن ٿيون. عشق جون مڙئي ڪيفيتون سندس شاعريءَ ۾ نمايان آهن.
توهان جڏهن هُن جي شاعري پڙهندا ته توهان کي هُو هڪ جاڳندڙ شاعر نظر ايندو، جنهن وٽ پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي حالتن، ضرورتن ۽ انهن جي تبديلين ۽ نجات جون ڳالهيون به آهن ته محبتن جو ڪمال اظهار به ملي ٿو. محبت ته هُن جي ڪلام ۾ جا بجا نظر اچي ٿي.
احساس ميرل دراصل هڪ محبت ڏيندڙ ۽ محبت وٺندڙ دوست به آهي ته محبوب به آهي ۽ عاشق به... ۽ مجموعي طور هُن جي سموري شاعري محبت جي شاعري آهي يا ائين چئجي ته هُن جي شاعري اصل ۾ محبت جو مينيفئسٽو آهي. اهڙي محبت جيڪا محبوب سان ته آهي ئي آهي پر سنڌ سان سنڌ جي ماڻهن سان ۽ سموري عالم سان محبت جو مذڪور آهي.
امرتا پاران سندس شاعريءَ جو پڌرو ٿيندڙ هي پهريون ڳُٽڪو آهي، جڏهن ته هُن جا هِن مجموعهءِ ڪلام کان اڳ به ٻه شاعريءَ جا مجموعا پڌرا ٿي چڪا آهن. نوجوان شاعر جي شاعريءَ جو هي ڳٽڪو اوهان کي اميد ته پسند ايندو. اسان جو ادارو ۽ احساس ميرل اوهان وٽان محبتن جي موٽ جا آسائتا آهيون. دعا آهي ته جتي به هجو جڙيا هجو سلامت هجو.
نيازمند
فقير محمد ڍول
20 مارچ 2016ع - ٽنڊوڄام
• شاعر پاران: دل جي ڳالهه
هڪ قول آهي ته، ”انسان علم سان نه پر ادب سان سُڃاتو وڃي ٿو. علم ته ابليس وٽ به هو پر ادب کان محروم هو..!!“ دوستو ادب هڪ اعليٰ مقام ۽ منزلت جو نالو آهي. اسين ته بس ادب جي راھ تي هلڻ جي ڪوشش ۽ جستجُو ئي ڪري سگھون ٿا. ادب هڪ سمنڊ آهي، جنهن ۾ هر ليکڪ ٽُٻي هڻندو آهي ۽ پوءِ تخيل جي تَھه مان ڪو هيرا کڻي ٿو اچي، ڪو پٿر ته ڪو وري بلڪل خالي موٽي ٿو اچي. مون به اُن سمنڊ ۾ ٽُٻي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مونکي ڇا مليو آهي، اُن جو فيصلو اوهان پيارن کانسواءِ ڪو به نٿو ڪري سگھي.
دوستو ! منهنجو پهريون ڪتاب ’تو زندگي چيو هو..!‘ اوهان پڙهيو ۽ ڀرپوُر موٽ ڏني، جنهن لاءِ آئون توهان سڄڻن جو بي حد شاڪر آهيان.
اُها منهنجي پهرين ڪاوش هُئي، جنهن ۾ ڪافي اُوڻايون هُيون ۽ هي منهنجو ٻيو ڪتاب ’جڏهن هُو زلف ڇوڙي ٿو‘ اوهان پيارن جي هَٿن ۾ آهي. مون پنهنجي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آهي ته اوهان تائين سُٺيون لکڻيون پهچائي سگھان. پر ڇا ڪجي..!! پوءِ به غلطيون رهجي وينديون آهن، ڇو ته انسان خطا جو گھر هوندو آهي.
دوستو! هڪ ڳالهه قابلِ ذڪر آهي ته ادبي پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ سان سِکڻ لاءِ گھڻو ڪجھه ملي ٿو. تخيّل، بحر وزن، قافيو رديف، عُيُوبِ شاعري ۽ محاسنِ شاعريءَ جي صحيح نموني ڄاڻ ملي ٿي. اُن کان علاوه اسان وٽ اُڏيرو لال اسٽيشن ۾ سنڌي ادبي سنگت جون دستوري، تنقيدي ۽ اصلاحي گڏجاڻيون باقاعدگي سان ۽ ڀرپُور نموني سان هلنديون آهن، جنهن ۾ مون جهڙا ڪيترائي احساس لاڀ حاصل ڪندا آهن. دعا آهي ته سڄي سنڌ جا سڀئي لکاري ادب جي اُفق کي چُمن ۽ منهنجي لاءِ به دعا ڪن ته آئون به ادب جي راھ جو پڪو مسافر ٿي سگهان. آمين.
آخر ۾ هڪ گذارش ته مون جيڪي ٽُٽل ڦُٽل لفظ جوڙي شاعريءَ جي صورت ۾ اوهان جي آڏو پيش ڪيا آهن، اُنهن تي پنهنجي قيمتي راءِ ضرور ڏيندا.
اوهين چاهيو اگر دلبر..!!
بڻايو سون مٽيءَ کي
اوهان جي هٿ ۾ جيڪا
اچي شيءِ ٿي وڃي پارس
اوهانجا نيڻ جادوگر
ڏسڻ سان قيد ڪن دِلِيون
اکيون جنهن ساڻ ڀي ملِيون
سو ٿيندو شهر سوچن جو
اوهانجي سُونهن سرس آ، ڄڻ
پرين ڪشمير جي وادي
اوهانجي آجيان گلڙا
ڪندا آهن پَيا اڪثر
اوهين چاهيو اگر دلبر..!!
اوهين چاهيو اگر دلبر..!!
محبت جي بتيلي کي
ڪناري تي پُڄايو يا
ڪُنن جي وچ رسايو ڀل
مونکي اڄ آزمايو ڀل
مڃي مون هار او جانان
سڀئي بازيون اوهان لاءِ
بهارون ڀي اوهان لاءِ
منهنجي دل کي اگر ٽوڙي
اوهانکي چين جي آيو
منهنجي ڳوڙهن جو خير آهي
جفائن جي هٿوڙي سان
وفائن کي رکي ڀِت تي
مٿان پوءِ درد جا دلبر
ڀلي ڪوڪا ڇڏيو ٺوڪي..!!
اوهان کي ڪير ٿو روڪي..!!
اوهان کي ڪير ٿو روڪي..!!
منهنجا ڳوڙها
اُگهي چوڻ لڳو
تون روئندو نه ڪر
ڇو ته
تنهنجي لڙڪن ۾
مون پاڻ کي
لُڙهندي ڏٺو آ.
*
• اُتي هي گڏ وري هوندا
اُتي هي گڏ وري هوندا
مٺا اڄ توکي هڪڙي مان
ٻُڌايان ڳالهه ٿو دل جي
ڪڏهن هي سوچيو آ تو
ملون ٿا پاڻ ڇا جي لئه
ڪٿي جو تون، ڪٿي جو مان
نه پنهنجي ذات ساڳي آ
نه ڪِي محلات ساڳي آ
نه پنهنجو رت جو رشتو
نه آهي ڀت جو رشتو
نه تون منهنجو ڏٺل هئين
نه مان تنهنجو ڏٺل آهيان
ڀلا پوءِ معاملو ڇاهي
ڪڏهن تو يارَ سوچيو آ
مگر هي پڪ سمجهي ڇڏ
جتي آ روح جو رشتو
اُتي هر ذات بي معنيٰ
فڪر فڪرات بي معنيٰ
عجب هي سلسلو آهي
هتي جي گڏ ٿيا آهيون
انهيءَ ۾ تنهنجو ۽ منهنجو
ڀلا ڪهڙو ڪمال آهي
اصل ۾ مان هي سمجهان ٿو
اُتي جيڪي به گڏ هئاسين
اُهي هِت روح گڏ آهن
وري وڇڙيا جڏهن پوءِ هي
اُتي هي گڏ وري هوندا
اُتي هي گڏ وري هوندا
*
• صحبت
پڇيومانس،
تون
عزت ڇو وڪڻندي آهين؟
چيائين،
جيڪي ضمير
کپائين ٿا
انهن جي
صحبت جو
اثر آهي.
*
• اليڪشن
اڄ اليڪشن هئي،
محبت جي سِيٽ تي،
وفا ۽ جفا آمهون سامهون
بيٺل هئا..!!
منهنجي دل جو ڌڙڪو
تيز ٿي ويو،
۽ مان بي تاب هُئس
فيصلو ٻُڌڻ لاءِ..!!
نيٺ نتيجي جو
اعلان ٿيو ته جفائن
ڪلين سوئيپ ڪيو آهي..!!
*
• سپنا
سپنن جا سڀ ٺِيڪا
منهنجي حصي ۾ آيا،
پر افسوس ..!!
منهنجي عمر ڀر جي
خوابن کي ساڀيان
ملي نه سگھي..!!
۽ منهنجو وجود ڪنهن
ڪلراٺي زمين جيان
سيلابن جي وَرَ چڙهي ويو..!!
تڏهن منهنجون اکيون
لڙڪن جي آجيان
ڪنديون رهيون..!!
*
• بي رُخي
مون جيڪي اميدن جا
ڪبوتر اُڏايا
اُهي تنهنجي اڱڻ تي
لهڻ کان پهريان ئي
تنهنجي بي رُخيءَ جي
بازن جي وَرَ
چڙهي ويا..!!
ها مان اڄ به
سمنڊ تي ويندو آهيان
۽ توکي ياد ڪري
دل کي چوندو آهيان
اڄ به ڇولين جو رقص
ساڳيو آ..!!
۽ لهندڙ سج جي اوٽ ۾
پرينءَ جو عڪس
ساڳيو آ..!!
پر جڏهن هِي
تنهائيءَ جو عالم
سوچن جي سرحد تي
اڪيلائيءَ جو علم لڳائي
جيت جو جشن ملهائيندو آهي
تڏهن دل
ائين چوندي آهي
اڄ سمنڊ ۽ مان
هڪ ٿي وڃون..!!
*
• ڏيئو
مون کي خزائن جو
زهر پياري
پاڻ بهارن جو
امرت پيتائين
پر سندس اُڃ نه لٿي
شايد..!!
هُن جي نظر
منهنجي زندگيءَ جي
ڏيئي تي هئي..!!
*
• محبّت
چيائين..!!
محبت ڇا آهي..!؟
چيم..!!
محبت دلين جي
سرزمين تي
اُها محلات آهي
جيڪا سِرن، سيمينٽ
۽ لوهه سان نه پر
انسان جي اخلاق، عاجزي
۽ ڪردار سان ٺهندي آهي..!!
*
• ڪاغذ جي ٻيڙي
تنهنجا به قول جانان
ڪاغذ جي ٻيڙي وانگي
آهن هوا سان جُڙِيَل
هڪ جاءِ نٿا ٽِڪن..!!
*
• ٻَٻُر جو وڻ
اکين جي آرسيءَ ۾
سندس تصوير ڏسي
دل ۾ دفن يادن جو
آتش فشان ڦاٽڻ لڳو
۽ ذهن تي سوچن جو
لشڪرطواف ڪرڻ ۾
مصروف ٿي ويو..!!
دل جو ڌڙڪو
بي لغام گھوڙي جيان
تيز ٿيڻ لڳو..!!
۽ وري
لڙڪن جون لارُون
سانوڻ جي مينهن جون
سِڪون لاهڻ لئه
گھٽ نه هُيون..!!
پر مون کي خبر آهي..!!
مون کي دردن جي ديس ۾
اڪيلو ڪرڻ وارِي
منهنجي پنهنجي دل آهي
شايد انهيءَ ۾ هُن جو
ڪو قصور نه هو..!!
ڏوهه ته منهنجو آهي..!!
مون جنهن کان
ٻير پئي گھريا سو
ٻَٻُر جو وڻ هو..!!
*
• معاف ڪر فقير..!!
جنهن جي لاءِ جُهڪڻ لفظ
توهين مثل هو..!!
مون اُن جبل کي
عشق جي اشارن تي
جُهڪندي بيوس ٿي
هٿيار ڦِٽا ڪندي
پنهنجي اَوج تي ٿڌا ساھ ڀري
پڇتاءُ جي پيڙاءُ ۾
پاڻ کي اُن قيدي جيان
سمجھندي محسوس ڪيو آهي..!!
جنهن کي عمر قيد جي سزا ملي هجي..!!
مون سمنڊ کي
ڪُوزي جي شڪل ۾ ڏٺو..!!
جيڪو پنهنجي مستيءَ جا مثال
قائم ڪري دنيا تي پنهنجي
دٻدٻي جو حامي هوندو آهي..!!
مون ڏٺو عشق جون حدون پار ڪندي
اُن عاشق کي جنهن جي اکين ۾
اميدن جا هزارين خواب
ڪنهن پينُو فقير جيان
در در وڃي وفا جي خيرات لاءِ
صدا هڻندا رهيا..!!
پر موٽ ۾ اُهوئي جواب ته
معاف ڪر فقير..!!
*
• حُسن ۽ اجرڪ
ها جڏهن سنڌي ٽوپي
۽ اجرڪ پائي هلندو آهي
تڏهن دنيا جو ڪوبه لباس
سندس مقابلو ڪرڻ کان
قاصر هوندو آهي..!!
انتهائي پُر اثرسنڌي ٽوپيءَ تي
چِٽِيل سنڌ جو نقشو
ايئن لڳندو آهي ڄڻ،
آڪاش تي چوڏهينءَ جو چنڊ
اُڀريو هجي..!!
جنهن جي سُهائي جي حد لامحدود
روشنيءَ جو باعث ٿيو وڃي..!!
۽ اجرڪ تي ٺهيل ستارن جي
جھِر مِر روشنين وانگي
پنهنجي سُڃاڻپ ۽
خوبصورتيءَ جا هزارين مثال
قائم ڪريو ڇڏي..!!
ها..!! اجرڪ جو ڳاڙهو رنگ
گُلاب جي گُل جيان هر دل کي
ڇُهڻ جو هنر ڄاڻي ٿو..!!
۽ جڏهن اجرڪ اوڍي نروار ٿيو
تڏهن ايئن لڳو ته سونهن جا
سڀ خزانا سندس بدن سان
سلهاڙيل هجن..!!
ها..!! جتان به گذريو
هر نظر جو محور هو..!!
ايئن محسوس پئي ٿيو ڄڻ ته
حسن جون سڀ حدون اُن اجرڪ تي
فنا ٿي ويون هجن..!!
*
• سرد خانو
زندگي..!!
اُن موڙ تي اچي
هٿ ڪڍيا آهن..!!
جتان واپسيءَ جي رستي جو
ڪوبه نشان نظر نٿو اچي..!!
منهنجي وجود کي
ڪنهنجي وڇوڙي
اُن وڻ جيان ڪري ڇڏيو آهي
جيڪو خزان جي موسم ۾
پنهنجا پَنَ ڇاڻي
ڇانءُ ڏيڻ کان
محروم ٿي ويو هُجي..!!
ڪاش..!! هُن کي
منهنجي درد جو احساس ٿئي..!!
جيڪو مونکي
اُن پوڙهي پيءُ جيان
محسوس ٿيندو آهي
جنهن کي جوان پُٽَ
هجڻ باوجود به
روشنين جي شهر ۾
لاوارث حالت ۾
ڪنهن اسپتال جو
سرد خانو نصيب ٿيو هُجي..!!
*
• پاڻي
اڄ تنهنجي ياد جا بادل
وڇوڙي جي وِڄ سان
صلاح ڪري..!!
منهنجي دل جي
ڪچي گھر مٿان
ڪڙڪي پيا..!!
۽ منهنجي نيڻن جي
سڀني خوابن کي
پاڻي ڪري ڇڏيو..!!
*
• چوڏهينءَ جو چنڊ
ها پرينءَ جي هلڻ ۾
سنڌوءَ جي لهرن جهڙي
موج ۽ مستي هُئي..!!
هُن جي هلڻ سان
موسم کي سُرُور ملي رهيو هو
۽ ڄامشوري جون هوائون
سندس زُلفن سان کيچل
ڪري رهيون هيون..!!
هُن جيئن جيئن آڱريون
پنهنجي زُلفن ۾ ڦيرايون پئي
ايئن ٿي لڳو ته..!!
حسن جون سڀ ادائون
سندس آڱرين ۾ قيد ٿيل هجن
۽ سندس نگاهون جنهن تي به
پَيون ٿي، اُهو اُتي ئي
پٿر پئي ٿي ويو..!!
سندس چپن جي مرڪ
محبت جي لاعلاج فراق جي
ڦٽن تي مرهم مثل هُئي..!!
سندس ڳل بهار جي موسم ۾
تازن گلن جيان سونهن جي
سربراهي ڪري رهيا هئا..!!
اڃان ڇا ٻُڌايان..!؟
سندس ڳل تي ڪارو تِر
آڪاش جي چوليءَ تي چوڏهينءَ
جي چنڊ وانگي چمڪي رهيو هو..!!
*
• بزدل
وري رت جي هلي هولي
وري معصوم ماريا ويا..!!
اُجاڙي تو ڇڏي دشمن
وري ڪنهن ماءُ جي جھولي
ٿيا ڪَئِين ٻار لاوارث
ڀڳي تو چيلهه جُهوني جي
امڙ کان نُور ڀي کَسِيَئي
بهارن کي ڏئي تِيلِي
خزان آندي تو گلشن ۾
تون خوش آهين پنهنجي پَرَ ۾
تون سمجھين ٿو ايئين ظالم
دليريءَ جو ڪيو ڪم ٿم..!!
مگر مونکان اڙي سنگدل
قسم ڀي تون کڻائي پُڇ
تون بزدل آن..!!
تون بزدل آن..!!
*
• زندهه آهن
هن دل کي
اڃا به تنهنجي راھ ۾
اميدن جا ڏيئا ٻاري
انتظار ڪرڻ جي
عادت ناهي وئي..!!
بس هڪ ڀيرو..!!
منهنجي مَن جي مانڌاڻ
۽ اکين جي ڳاڙهاڻ
ڏسي وڃ..!!
ڏس اچي..!!
اڄ به تنهنجي ياد جا
پنڇي منهنجي
اکين جي آکيري ۾
حسرتن جا
خواب سجائي
زندھ آهن..!!
*
• مثال
هُو جڏهن
گلستان ۾ آيو
ته گلن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي..!!
پوپٽ..!!
سندس ڳلن کي چمڻ لاءِ
تڙپندا رهيا..!!۽ هُن جي نهار ۾
دلين کي قيد ڪرڻ واريون
سڀئي ڪَڙيون موجود هيون..!!
۽ سندس زُلف
ڪاريهر نانگ جيان
هر دل کي
ڏنگي رهيا هئا..!!
سندس گُفتار جو ذائقو
ماکيءَ ۽ مصريءَ لاءِ
هڪ مثال هو..!!
*