مختلف موضوع

ڌرا سُرنگي ڍاٽ

هي ڍاٽ جي منظوم تاريخ آھي، جيڪا راجستان جي چارڻ ڪوي ڊاڪٽر شڪتيڏان ڪَويا لکي لکي آهي، اُها ڍاٽ جنهن جي اَڇن ڌڙن واري ڌرتيءَ جي پنهنجي هڪڙي نرالي سُونھن، ثقافت ۽ سُڃاڻپ رهي آھي. ڍاٽ جي رجواڙن ۽ ريتن جا رکوالا صدين کان سوڍا رهيا آھن. سوڍا جيڪي سُونھن، سورهيائي، ۽ عقُل ۾ مڙني کان مٿڀرا رهيا آھن. سوڍا جيڪي سنڌُ جي سُونهن آھن. سوڍا راجپوت اقوام شاهيءَ جي 36 ڪُلن ۾ شامل پرمار ڪُل سان تعلق رکن ٿا، جن جو ونس اگني ونس آھي. راجپوتن جي تابناڪ تاريخ نہ رڳو راجپوتانا جي ريتيلن ڌڙن ۾ روشن رهي آھي، پر سنڌُ جي ڌرتيءَ تي بہ سورنھن آنا سُونھي آھي. سنڌُ جي مايا ناز شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ پنھنجي ست سُورمين ۾ ٽن راجپوتاڻين کي ڳايو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 1552
  • 424
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڌرا سُرنگي ڍاٽ

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

BOOK NO: 256

ڌرا سُرنگي ڍاٽ
(تاريخ )
ليکڪ: شڪتيڏان ڪَويا
مترجم: امر رائيسنگهه راجپوت
آڪٽوبر 2019ع
ڪمپوزنگ/ٽائٽل:
ڪنول پبليڪيشن، قنبر
03337523132

ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گھر
books.sindhsalamat.com

قيمت: 200 روپيه



DHARA SURANGE DHAT
(History)
Author: SHAKTI DAN KAVIA
Translater: Amar rai Singh Rajput
First Edition@ Oct: 2019
All rights reserved with the author
@ KANWAL, Publication Kamber


اسٽاڪسٽ
سمبارا ڪنول ڪتاب هائوس، سيد آرڪيڊ، قاضي محله ـــ حيدرآباد
ڀٽائي ڪتاب گهر، گاڏي کاتو حيدرآباد-ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد-
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاھ- ڪاٺياواڙا اسٽور اردو باراز ڪراچي-رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو-
مهراڻ ڪتاب، کپرو-العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ- سليمان برادرس، نواب شاهه.
مدني بڪ اسٽور، دادو- سراج بڪ اسٽور، قنبر، ٿر ڪتاب گهر، مٺي-
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپورخاص-المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ-
عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ- مرچولال بوڪ ڊيپو، بدين-سوجهرو ڪتاب گهر، بدين-
سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر - ڪنول ڪتاب گهر، مورو-

ارپنا

امراڻو امراوتي، ڌرا سُرنگي ڍاٽ،
راجي سوڍا راجوي، پهه پرماران پاٽ.


ارپيم


سنڌ جي سُوروير، سَپوت ۽ سُگڻن
سوڍن
جي نانءُ

جن جي لاءِ ڀٽائي چيو آهي:
سوڍا تو ڳر ساههُ، نت راڻا گهڻا هن راڄ ۾.


----امر رائيسنگهه راجپوت

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڌرا سرنگي ڍاٽ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڊنگل لهجي ۾ ڍاٽ پرڳڻي جي تاريخي ۽ تهذيبي أحوال جو ليکڪ شڪتيڏان ڪَويا آھي جڏھن تہ سنڌيءَ ۾ ترجميڪار امر رائيسنگهه راجپوت آھي.
هي ڍاٽ جي منظوم تاريخ آھي، جيڪا راجستان جي چارڻ ڪوي ڊاڪٽر شڪتيڏان ڪَويا لکي لکي آهي، اُها ڍاٽ جنهن جي اَڇن ڌڙن واري ڌرتيءَ جي پنهنجي هڪڙي نرالي سُونھن، ثقافت ۽ سُڃاڻپ رهي آھي. ڍاٽ جي رجواڙن ۽ ريتن جا رکوالا صدين کان سوڍا رهيا آھن. سوڍا جيڪي سُونھن، سورهيائي، ۽ عقُل ۾ مڙني کان مٿڀرا رهيا آھن. سوڍا جيڪي سنڌُ جي سُونهن آھن. سوڍا راجپوت اقوام شاهيءَ جي 36 ڪُلن ۾ شامل پرمار ڪُل سان تعلق رکن ٿا، جن جو ونس اگني ونس آھي. راجپوتن جي تابناڪ تاريخ نہ رڳو راجپوتانا جي ريتيلن ڌڙن ۾ روشن رهي آھي، پر سنڌُ جي ڌرتيءَ تي بہ سورنھن آنا سُونھي آھي. سنڌُ جي مايا ناز شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ پنھنجي ست سُورمين ۾ ٽن راجپوتاڻين کي ڳايو آھي.
هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون امر رائيسنگهه راجپوت جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مُترجم پاران

هي ڍاٽ جي منظوم تاريخ آھي، جيڪا راجستان جي چارڻ ڪوي ڊاڪٽر شڪتيڏان ڪَويا لکي لکي آهي، اُها ڍاٽ جنهن جي اَڇن ڌڙن واري ڌرتيءَ جي پنهنجي هڪڙي نرالي سُونهن، ثقافت ۽ سُڃاڻپ رهي آھي. ڍاٽ جي رجواڙن ۽ ريتن جا رکوالا صدين کان سوڍا رهيا آھن. سوڍا جيڪي سُونهن، سورهيائي، ۽ عقُل ۾ مڙني کان مٿڀرا رهيا آھن. سوڍا جيڪي سنڌُ جي سُونهن آھن. سوڍا راجپوت اقوام شاهيءَ جي 36 ڪُلن ۾ شامل پرمار ڪُل سان تعلق رکن ٿا، جن جو ونس اگني ونس آھي. راجپوتن جي تابناڪ تاريخ نه رڳو راجپوتانا جي ريتيلن ڌڙن ۾ روشن رهي آھي، پر سنڌُ جي ڌرتيءَ تي به سورنهن آنا سُونهي آھي. سنڌُ جي مايا ناز شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائي پنهنجي ست سُورمين ۾ ٽن راجپوتاڻين کي ڳايو آھي. ڀٽائيءَ جي ست سورمين ۾ ٽي نج راجپوت آھن. سُر ليلان چنيسر ۾ ليلا، سُر سورٺ راءِ ڏياچ ۾ ستي سورٺ، ۽ سُر مومل راڻو ۾ مومل راٺوڙ. ڀٽائيءَ جي ستن سورمين ۾ شامل مارئي پڻ راجپوتاڻي آھي، پر اُن کي اڃا تائين تاريخ مڪمل طور راجپوتاڻي تسليم ناهي ڪيو، ۽ تاريخ ۾ ڪٿي ڪٿي جُزوي طور مارئي به راجپوت مڃيل آھي. جئين هڪ پراچين بيت ملي ٿو ته،

قاضي امرڪوٽ جا تون توري ڪج تپاس،
مون ناناڻو مرڌر، ڏونگر ڪڇ ڏاڏاس،
ڦُول سندي ڌيئڙي ۽ لاکي جي ڀيڻاس،
لکئي لوڙايو مون پالڻي پيءُ ڪياس،
ويهي پلنگ پاس آئون لوئي ڪيئن لڄايان.

ڪنهن ڪويءَ جي ڪَٿيل هن قديم ڪٿڻيءَ مان اهو پتو پوي ٿو ته مارئي ڪيرا ڪوٽ جي ڪڇي ڄام ڦُول راوَ جي ڌيءُ ۽ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي هڪڙي سورمي لاکي ڦُلاڻيءَ جي ڀيڻ ھُئي. جنهن جو پاليندڙ پيءُ پالڻي سُوٽھڙ هو. ڄام ڦُول راوَ جي راڻي ميراڏي جي ڪُک ۾ ليٽيل مارئي پنهنجي سج جهڙي سُونهن ۽ حب الوطنيءَ جي ڪري مُلڪان مُلڪ مشهور رهي آھي.
ڀٽائيءَ جتي سورمين کي ساراهيو آھي، اُتي سورمن کي به وڌ کان وڌ واکاڻيو آھي. مومل سان مُحبت ڪندڙ راڻي مينڌري کي ڀٽائي وڏي ڀيٽا ڏني آھي، سوڍو راڻو مينڌرو پڻ اُن ڍاٽ جو راڻو هو، جنهن جي هي تاريخ مون ترجمون ڪئي آھي. سوڍن نه رڳو مُحبت جي ميدان ۾ پاڻ مڃرايو آھي، پر ڌرتيءَ جي سڏُ تي رڻ ڀوميءَ جي ميدان ۾ پڻ ساڻيهه تان سر گهوري سرها ٿيا آھن. هانسيسر جي هانسي کان وٺي امراڻي جي راڻي رتن سنگهه تائين بهادرن ۽ ديش ڀڳتن جي هڪڙي اهڙي مالها آھي جنهن جا موتي اڄ به اُفق تي آفتاب وانگي اوجيس ڪن ٿا. اهڙن سوڍن جي شاندار تاريخ کي لکندي جتي شڪتيڏان ڪويا انجس ڪيو آھي اُتي ان کي ترجمون ڪندي آئون پڻ فخر محسوس ڪيان ٿو. پنهنجو پاڻ کي ڀاڳوندا سمجهان ٿو جو هي سوڀاڳيه مُنهنجي مُقدر جو حصو بڻيو آھي………!!
هن ڪتاب کي سنڌي ويس ۾ آڻڻ جو سِهرو اول ۾ رائسنگهه سوڍي جي سر ڏانهن وڃي ٿو، جنهن جي زرخيز ذھن ۾ اهڙي تخيل جو تصور اُڀريو، ٿيو هيئن هڪ ڀيري سندس ڳوٺ ۾ ڪچهري ڪندي هن ڪتاب جو ذڪر نڪتو ۽ رائسنگهه سوڍي اهو ڪتاب منهنجي هٿ ۾ ڏيندي چيو ته ”امر هي ٽرانسليٽ ڪرين ته تمام ڀلي ڳالهه“
مون ڪتاب وٺندي اول ڪتاب جو سرورق پڙھيو، جيڪو لکيل هو”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ ليکڪ:- ڊاڪٽر شڪتيڏان ڪَويا. ڪتاب جو سرسري طور جائزو ورتم، ڪم جي ڳالهه لڳي، سو رائسنگهه کي هائوڪار ڪري ڪتاب کڻي شام جو واپس پنهنجي ڳوٺ آيس. ٻارنهن مهينا ڪتاب کي نُڪتي کان وٺي زبر تائين پڙھندو رهيس. لکيل ته هنديءَ ۾ هو، پر ٻولي مارواڙي هُئي اُها به ڊنگل لهجي ۾، معنيٰ گاھ گنديءَ کان گهڻو هو، پر ڪم ۾ هٿ وڌم سو ڪٿي ٿو ھٿ ڪڍان. نيٺ ترجمي ۾ لڳي ويس، سانده ٻن مهينن تائين ترجمو ڪندو رهيس، هاڻي رهي تشريح سو ان تشريح ته ماڳهين ترا ڪڍي ڇڏيا. ڇاڪاڻ ته ڊنگل لهجي ۾ هڪڙي شيءِ جا الئه ڪيترا اسم گرامي، مثال طور گهوڙي کي ”پمنگ“ به چون ته ”ورهاس“ به چون، ”ڌجراج“ به چون ته ”ڪيڪاڻ“ به چون، هاٿيءَ کي ”گجراج“ به چون ته ”ماتنگ“ به چون، مينهن کي ”مهکي“ چون، اهڙا الئه ڪيترا لفظ هئا جيڪي وڏي مُشڪلات سان سمجهه ۾ آيا، هڪڙي دوهي جي معنيٰ، ڏھ دُوها پڙھڻ کان پوءِ اندازي سان صحيح ملي ٿي ويئي، ڇاڪاڻ ته ان دوهي جو تاريخي پسمنظر سمجهه ۾ آيو ٿي ۽ ٻي اهم ڳالهه ته ڊنگل لهجي جي شاعريءَ ۾ ڪافيئي جو ورجاءُ تمام گهڻو آھي ائين چئجي ته ڪٿي ڪٿي اجائي ڀرمار ڪئي ويئي آھي، مثال طور هي ڪافيا تمام گهڻا ڏنل آھن، راڻ، جاڻ، آڻ، پرماڻ، راج، ڪاج، ڌاج وغيره. بهرحال ڏکئي ڪم کي به انسان آسان ڪري سگهي ٿو اگر دل ۾ سچائيءَ ۽ ڪم سان عشق هجي ته، مون به سچائيءَ سان محنت ڪري هي قلمي پورهيو سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ وڌو آھي. جهڙو منهنجو حال آھي اوهان اڳيان آھي. وڌيڪ پڙھي پوءِ پنهنجي قيمتي راءِ کان آگاه ڪندا ته وڏا وڙ. . .
ترجمي طور هي منهنجو پهرين تجربو آھي، ان ڪري ان ۾ ڪميون ڪوتاهيون به ٿي سگهن ٿيون ان لئه اڳواٽ معذرت. آئون اول ۾ ٿورائتو رهندس وڪيل رائسنگهه سوڍو جو جنهن اهڙو انمول ڪتاب نه رڳو هٿ ڪري ڏنو پر ترجمي لاءِ همٿائڻ سان گڏ ڇپرائڻ تائين هڙان توڙي وڙان پنهنجي مُحبتن جا گُلاب دل سان آڇيا.
. آئون شڪر گُذار رهندس ڊاڪٽر شڪتيڏان ڪويا جو جنهن ڍاٽ جي تاريخ کي منظوم ڀيٽا ڏيندي ههڙو شاندار ڪتاب لکيو.
اُنهن سڀنيءَ جا لکين احسان جن سدائين منهنجي پورهئي سان پيار ڪيو آھي. مون کي همٿايو آھي.


- امر رائيسنگهه راجپوت
Cell: 0346-3751610

مهاڳ: سوڍا راڄ ونس

مهاڳ: سوڍا راڄ ونس

ڀارت پرديش جي اولهه ۾ واقع سنڌ پرڳڻي جو پنهنجو ڪو به آزاد اتهاس دستياب ناهي، ٻين مُلڪن جي تاريخي ڪتابن ۾ موجود ٽڙپکڙ معلومات ۽ مختلف واقعن جي آڌار تي ئي هن خطي جي باري ۾ ٿوري گهڻي ڄاڻ ملي سگهي ٿي. اهو ئي اصلي سبب آهي جو امرڪوٽ جي راڄ گهراڻي سوڍن پرمارن جي تاريخ جي ڄاڻ گهڻي وقت کان نه ملي سگهي آهي، صرف هِتان هُتان جي شڪ تي مُبني، مُبهم ۽ اڌوري معلومات ئي ملي سگهي آهي. اها ڳالهه به ناهي ته راجستان جي ڪُجهه شتريه ونشن سان سوڍن راجپوتن جو پُراڻو تعارف ۽ تعلق نه رهيو هُجي، مارواڙ جي لوڪ تهذيب ”جگديو ڪنڪالي“ ”عُمر مارئي“ ۽ ” مومل ميندرو“ جون ڪهاڻيون تمام گهڻيون مشهور رهيون آهن، سيمينارن ۽ محفلن ۾ رتن راڻا کي ڳايو ويندڙ عام ڳالهه آهي. پاٻوجي راٺوڙ جي جيون ڪٿا ۾ عُمرڪوٽ (امرڪوٽ) جو ذڪر آهي، جتي جي راج ڪُماري سان هن جي شادي ٿئي ٿي، شاديءَ جا ڦيرا پورا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي پاٻوجي کي چارڻيءَ جي ڍڳين کي چورن کان ڇڏائڻ لئه ڊوڙڻو پوي ٿو، پاٻوجي جي ڪٽار سان چوئنريءَ جا ڦيرا ۽ شاديءَ جي رسم پوري ڪري سوڍي راج ڪماري جڏهن پاٻوجي جي گهر پهچندي آهي، تڏهن پاٻوجي کي امر ٿيل ڏسي ٿي ۽ هُوءَ اُن سان گڏ ستي چڙهي ٿي. انهن ڪهاڻين جي لوڪ مقبوليت جي ڪري ئي ڪهاوت آهي ته ”پرڻيجي ساري پرٿوي گائيجي سوڍا“ سوڍن راجپوتن جي شان ۾ چيل چارڻ ڪَوين جا دُوها هيٺ ڏجن ٿا.

ڪيرت وليان ڪاهيلا دت وليان دوڍا
پرڻيجي ساري پرٿمي گائيجي سوڍا

راڻا امرڪوٽ را گيا جمارو جيت
جيان را منگل ڌمل ۾ گوريجي جس گيت

سوڍا امرڪوٽ را سر ڪٽايا شمشير
واهي هڻيان ويرهر وانڪا ڀارت وير

ايڪ ايڪ سُون آگڙا راڻا امرڪوٽ
پرگٽ هُوئا پرمار وي ماڻينگر منموٽ

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڍاٽ ۽ ٿروٽ ۾ گهٽ اچ وڃ جي ڪري راجستان جي شتريه سماج ۾ سوڍا راجپوتن جي باري ۾ معلومات جو ڏُڪار رهيو آهي. هن جو مکيه ڪارڻ شايد اهو آهي ته، تاريخ جي ڪتابن ۾ سوڍن جو ذڪر نه هئڻ جي برابر رهيو آهي هن بابت ڪجهه ڳالهائڻ شايد وڌاءُ نه ٿيندو.

پرما راڄ ونس

ڀارت جي تاريخ ۾ راجپوت راڄ ونسي ڇٽيهه ڪُل مڃيل آهن. جيڪي هن ريت آھن.

دس روي سوُن دس ششي سُون دُئادس رشي پرماڻ
چار هُتاسن تي ڀيو ونس ڇتيس وکاڻ


(ڏهه سوريا ونش، ڏهه چندر ونس، ٻارنهن يادوَ ونس ۽ چار اگني ونس، ٽوٽل 36 ڪُل آهن)
چار اگن ونش ۾ هي شامل آھن 1. چوهاڻ 2. سولينڪي 3. پڙهياڙ ۽ 4. پرمار؛ پرمار جي معنيٰ آهي پر+ مار = ٻين کي ماريندڙ، پرمارن جو اصلي مڪان آبُو جبل مڃيو ويندو آهي، آهستي آهستي پرمارن پنهنجي طاقت جو استعمال ڪندي جلدي ئي ڀارت، اُتر ۾ ڪشمير ۽ ٽهري گڊوال (هماليه) کان ڏکڻ جي ڪرناٽڪ تائين ۽ اوڀر ۾ بنگال کان اولهه ۾ رتناگر ساگر( سنڌ) تائين پنهنجي حڪومت ڄمائي ورتي. ان جي ڪري ئي پرٿوي پرماران تڻي پرٿوي تڻان پرمار“ واري ڪهاوت مشهور آهي، ڇترين جي ڇٽيهه ڪُلن ۾ هڪڙي وقت لڳ ڀڳ سموري هندستان تي صرف پرمارن ئي راڄ ڪيو ۽ پرمارن پرٿوي پتي سڏايو. آبُو جبل کان لهي پرمارن چندراوتي نگري وسائي، جتي سنڌوراج پرمار راڄ ڪيو. رڻ ڌوَجي پرمار چندراوتيءَ کان ڪوچ ڪري اُجين وسايو ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جو بنياد رکيو، اُجين ۾ ئي راجا وير وڪرمادتيه پيدا ٿيو، جنهن چڪرورتي سمراٽ سڏايو. ان جي نالي سان ئي وڪرمي ڪئلينڊر يعني، وڪرمي سنبت جي شروعات ٿي. پرمار ڪُل ۾ ئي يشوي راجا ڀوج ٿيو. جنهن “ڌارا” نگري وسائي ۽ پنهنجي راڄڌاني قائم ڪئي. شاعر چيو آهي ته؛

”ايڪ اُجين ڌار ٻيجو آبُو ٻيسڻو“

پنجين ڇهين صديءَ ۾ ڪنهن وقت ڌار کان اچي پرمار راجا ڌرڻي براهه چتور تي پنهنجو راڄ قائم ڪيو ۽ پوءِ راجستان جي اُلهندي حصي تي حڪومت حاصل ڪري ورتي. پرمارن هتي جو راڄ ناگ جاتيءَ کان ورتو هوندو جئين ته هن دُوهي ۾ ڏيکاريل آھي:

پرماران رُوڌابيا ناگ گيا پاتا
همين وچارا آسيا ڪڻ ري جهُونٻي چال

منڊور جي ناگادري ندي، اُتي جو ناگ ڪُنڊ، ناگور (ناگوڌر)، پُشڪر جو ناگ، سيڪر جي آس پاس واري سرزمين انت گوچر وغيره ناگ جاتيءَ جي راجستان ۾ بادشاهي ڪرڻ کي ظاهر ڪري ٿي. راجا ڌرڻي براهه پنهنجي نو ڀائرن ۾ راڄ جي نو ڪوٽن (قلعن) کي ورهايو. تنهنڪري مارواڙ کي نوڪوٽي مارواڙ چوندا آهن. ڪوٽ ورهائڻ بابت شعر هيٺ ڏجي ٿو:

منڊور سانونت هُوئو اجمير سِنڌُ سُو
گڊ پُونگل گجمال هُوئو لوڌروو ڀاڻ ڀُو

آل پال ارٻڌ ڀوجراج جالنڌر
جوگراج ڌر ڍاٽ هُوئو هانسو پارڪر

نوڪوٽ ڪِراڙو سَنجُگتا ٿر پنوار هر ٿاپيا
ڌرڻي براهه ڌر ڀايان ڪوٽ بانٽ جُو جُو ڪيا
ڌرڻي براهه جو وڏو پُٽ ديوراج ٿيو، جنهن آبُو تي راڄ ڪيو. ننڍو پُٽ باهڙراءِ هو، جنهن ٻاڙمير وسايو. راوَ باهڙ جو راوَ چاھڙ ٿيو. چاهڙجي جا ٻه پُٽ1. سوڍاجي 2. سانکلاجي ۽ هڪ ڌيءَ ڪلياڻ ڪُنور (سچيا ماتا) هُئي. سچيا ماتا جو مندر ڪِراڙو جي کنڊرن وچ ۾ اڄ به موجود آهي ۽ ٻيو مندر اوسيان ۾ مشهور آهي. سچيا ٻائيءَ جي شادي جيسلمير جي ڀاٽي راجا سان ٿي هُئي. سوڍاجي جي ڪُل ”سوڍا“ سڏرايو ۽ سانکلاجي جي ڪُل ”سانکلا“ سڏرايو. سوڍا لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي ”سوڍ“ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي وير، بهادر، سمرٿ وغيره. سوڍن جون مُکيه ڇٽيهه شاخون آهن، جن ۾ “سُرتاڻ” اعليٰ شاخ آهي، جنهن امرڪوٽ تي “راڻا” پدويءَ سان راڄ ڪيو آهي. سوڍي سنڌ ۾ رتي مُغل نالي ظالم بادشاهه کي جنگ ۾ شڪست ڏيئي پنهنجي راڄڌاني رتي ڪوٽ ۾ قائم ڪئي ۽ ”راڻا“ جي لقب سان رتوڪوٽ گاديءَ تي راڄ ڪيو. سوڍاجي جي پيڙهيءَ ۾ راڻا رائيديوجي ٿيو جنهن عمرڪوٽ جو راڄ سومرن کان ڇني ورتو ۽ پنهنجي گادي جو هند عُمرڪوٽ بڻايو.

امراڻو امراوتي ڌرا سُرنگي ڍاٽ
راجي سوڍا راجوي پهه پرماران پاٽ

راڻا جسهڙجي ولد جئه ڀرم امرڪوٽ تي وڪرمي سنبت 1282 ۾ پنهنجي حڪومت ڪئي ۽ اُن حادثي ۾ سندس مددگار چارڻ جنف ڏيٿا کي کاروڙو جي جاگير ”ڪروڙپساوَ“ ۾ تحفي طور دان ڪئي. جتي اڄ به اُن خاندان جا ماڻهو شري پيرڏان ۽ شري ڏيوي ڏان رهن پيا. ڪجهه وقت کانپوءِ ايران کان ارغونن جو حملو ٿيو ۽ اُنهن هن علائقي کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو. اُهي ڪلهوڙن کان شڪست کائي ڀڄي ويا. ڍاٽ تي ڪُجهه عرصو دائود پوٽن جو به قبضو رهيو، جيڪي پوءِ ٽالپرن (ميرن) کان شڪست کائي ڀڄي ويا. ٽالپرن ڪجهه عرصو امرڪوٽ تي راڄ ڪيو بعد ۾ سڄي سنڌ انگريزن جي قبضي هيٺ اچي ويئي. ڍاٽ جو راڄ هميشه لاءِ سوڍن جي هٿ مان نڪري ويو. انگريزن ڍاٽ پرڳڻو جوڌپور صوبي کي ليز تي ڏيئي ڇڏيو. جوڌپور جي مهاراجا هن پرڳڻي کي پنهنجي صوبي ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انگريزن کي ائين قبول نه هو. انهن سمورو پرڳڻو ٿرپارڪر جي نالي سان پنهنجي وس ڪري ورتو. پرڏيهي حملن کان پهرين امرڪوٽ تي سوڍا راجائن جو راڄ رهيو، پر هن عرصي ۾ جن راڻن راڄ ڪيو اُنهن جي باري ۾ معلومات ميسر ناهي صرف ٽي نالا عام ماڻهن جي ياد ۾ اچن ٿا.
1. راڻا اوتار ديو: هن جي شادي مارواڙ جي راوَ چُونڊا جي ڌيءَ سان ٿي هُئي.
2. راڻا همير: راڻا اوتار جي جان نشين جي باري ۾ ڪا به معلومات موجود ناهي. راڻا اوتار کانپوءِ راڻو ڏوڏو، راڻو چانپوءِ راڻو گانگو ٿيو.
3. راڻا پرشاد: راڻي گانگي کانپوءِ راڻو پَتُو عرف پرشاد عمرڪوٽ جي گاديءَ تي ويٺو. هوُ پنهنجي عرصي ۾ تمام مشهور رهيو. دهليءَ جي بادشاهه هُمايون امرڪوٽ ۾ هن وٽ پناهه ورتي ھُئي. راڻي هن جي جنگ ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. هُمايون جي پناهه وقت سندس بيگم حميده بانون سن 1542ع ۾ مهان بادشاهه اڪبر اعظم کي جنم ڏنو. راڻي پرشاد بيگم کي بادشاهي عزت ڏني، راڻي پرشاد کانپوءِ امرڪوٽ جي سوڍن جي تاريخ نه ٿي ملي. سوڍن جو امرڪوٽ تي سن 1439ع کان 1709ع تائين راڄ قائم رهيو. انگريز شاهي ايسٽ انڊيا ڪمپني ٽالپرن کان هارائي ڍاٽ پرڳڻي تي پنهنجو قبضو قائم ڪري ورتو سوڍن بادشاهي ”راڻا“ پدويءَ سان گڏ پنهنجو راجائي رُتبو ۽ رعب ته قائم رکيو، پر پرڳڻو هميشه هٿن مان نڪري ويو، جنهن جي گادي امرڪوٽ تي رهي جتي ڪيئي نالي وارا راڻا ٿي گُذريا. جيسلمير جي مهاراول پاران راڻي گانگي کان حڪومت ڇني جئه سنگهه کي گاديدار بڻايو ويو. ان کانپوءِ راڻا سُرتاڻ سنگهه (هن جو اولاد سُرتاڻ سوڍا سڏائين ٿا) راڻا آسڪرڻ، راڻا سگرام، راڻا کيم سنگهه، راڻا سگرام سنگهه دوم، راڻا سورج سنگهه، راڻا سٻل سنگهه، راڻا مهراج دوم، راڻا ڀڀوت سنگهه، راڻا صورت سنگهه، راڻا پيرڏان سنگهه، راڻا جسونت سنگهه، راڻا ارجڻ سنگهه ٿيا. موجودهه وقت راڻو همير سنگهه آهي جنهن پنهنجي بنا پرڳڻي راڻا پدوي قائم رکي آهي. ۽ هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر آهي. راڻا همير سنگهه جو والد صاحب راڻا چندر سنگهه ننڍي کنڊ جو وڏو نالو آهي. سن 1930ع ۾ جنم وٺندڙ راڻا چندرسنگهه سوڍا جاتي ۾ تمام اهم رهيو. هي ٿرپارڪر سنڌ مان ايم-اين-ايءِ ايم-پي-اي رهيو. اولهه پاڪستان لاهور ۾ اُپ منسٽر رهيو ۽ ترت ئي پوءِ پاڪستان سرڪار ۾ نارڪو ٽيڪس جو وفاقي وزير ٿي رهيو. راڻا چندرسنگهه جي وڏن کي انگريز سرڪار پاران جاگير ۽ ساڙهي ٻنڌياڻ مليل هو. راڻا چندر سنگهه جي شادي راوتسر جي راوت تيج سنگهه ۽ پدم شري لڪشمي ديويءَ جي ڌيءَ سان ٿي. راڻا چندرسنگهه جا چار پُٽ آهن.
1. شري جنگ وجئه سنگهه.
2. شري همير سنگهه.
3. شري ڀوڀت سنگهه.
4. شري پرتيپال سنگهه.
راڻا چندرسنگهه جي فقط هڪڙي ڌيءَ آهي جنهن جي شادي شاهپور ڀيلواڙا جي ٺاڪر پرتاب سنگهه (آئي-اي-ايس) جي پُٽ شري نرپت سنگهه سان ٿي آهي. راڻاچندر سنگهه جا ٻه ڀائر هُئا. اندرسنگهه ۽ بلويرسنگهه. جيڪي پهرين ئي فوت ٿي چُڪا آهن. راڻا چندرسنگهه جو مرتيو پهرين آگسٽ 2009ع ۾ ٿيو.


انگريزن سان بغاوت:

ٽالپرن کي شڪست ڏئي انگريزن هي علائقو ته پنهنجي هٿ هيٺ ڪري ورتو پر پوري ٿرپارڪر ۾ غيريقيني واري صورتحال، بربادي، ظُلم ۽ حملن جو زور وڌي ويو. سوڍا به پنهنجو دٻدٻو قائم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳا. انهن دعويٰ ڪئي ته اسان جي حُڪم کي پوري ٿر ۾ مڃيو وڃي ۽ اُنهن کي راجائن وارا حق ڏنا وڃن. پاليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل ٽائروٽ عرف تروٽ بغاوت کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سوڍن جي ڪيئي گُهرجن کي مڃڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو هو، پر هي جيڪو ڏيئي رهيو هو، اُهي سوڍا قبول نه ڪري رهيا هئا، ان ڪري تروٽ سوڍن جي انڪار کانپوءِ امرڪوٽ کان ڏهه ميل مفاصلي تي موجود ڳوٺ کيجڙيالي جي محمل علي شاهه سيد کي ڍاٽ ليز تي ڏيئي ڇڏيو. ڍاٽ جي عوام هن فيصلي جي خلاف ڀرپور بغاوت ڪئي محمد علي شاهه بغاوت کي ڪُچلڻ جي ڪوشش ڪئي عوام تي پنهنجي من ماني هلائيندي، زوري وصوليون ڪرڻ لڳو. اهڙي ظلم خلاف عوام عُمرڪوٽ جي راڻي وٽ فرياد کڻي وئي پر اُتان ڪو به فائدو نه مليو. اُن وقت ڍاٽ ۾ راڻي کانپوءِ هڪ سوڍي جوڌي رتن سنگهه پُٽ اڻند سنگهه جو ئي رُتبو عوام ۾ تمام گهڻو مقبول هو. محمد علي شاهه جي تمام گهڻي اتياچار جي ڪري عوام رتن سنگهه وٽ دانهن کڻي ويئي ته انصاف ڪيو وڃي، پر اهڙي شڪايت تي ڌيان نه ڏيندي تروٽ چيو ته، رتن سنگهه هن ليز واري معاملي ۾ مداخلت نه ڪري ۽ هن مسئلي کان پري رهي. هن کي ڪجهه زمين جي لالچ ڏني، پر هن قبول نه ڪئي. ڍاٽ جي جنتا جي دانهُن ڪُوڪن کي ڪنائيندي سوڍي رتن سنگهه محمد علي شاهه جي ظلم خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ کيس گولي هڻي ماري ڇڏيو. عوام رتن سنگهه کي ڍاٽ جي راڻپ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ تروٽ کي ليز ختم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. راڻا رتن سنگهه کي انگريز سرڪار گرفتار ڪري مقدمو هلايو ۽ آخرڪار سزا موت ڏيڻ جو فيصلو ٻُڌايو ويو. فيصلي جي خلاف بمبئي پريزيڊنسي کي گورنر ان ڪائونسل جي آڏو اپيل داخل ڪئي ويئي. اپيل منظور به ٿي، پر ڪن ماڻهن جي دغا جي ڪري رڪجي ويئي ۽ انگريز سرڪار طرفان مليل معافي نامون تڏهن ڏيکاريو ويو جڏهن هزارين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ راڻي کي ڦاهي ڏني پئي ويئي. تڏهن راڻا رتن سنگهه چيو معافي سوڍا ناهن وٺندا، هُو سُوليءَ جو سينگار ٿي صحرائن ۾ سدا لئه سُرخرو ٿي ويو. رتن سنگهه جا ٻه وڏا ڀائر اڳ ۾ ئي رتن سنگهه کي ڇڏي ٽالپرن سان گڏ ويا هليا. ڍاٽ جي عوام رتن سنگهه جي ٽن پُٽن موهڙسنگهه، رڻ جيت سنگهه ۽ جيوراج سنگهه سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي کين عزت ڏيڻ ۾ ڪا به ڪمي نه رکي آهي، رتن سنگهه کي ڍاٽ جو راڻو مڃيو ويو. رتن سنگهه جا ٽيئي پُٽ ٻالڪپڻ ۾ هُئا. رتن سنگهه جي ننڍي ڀاءُ امرسنگهه پنهنجي ننڍڙن ٻالڪ ڀائيٽين جو ساٿ نه ڏنو ۽ اُنهن کي پنهنجي قسمت جي سهاري ڇڏي ڏنو. ٽيئي نابالغ، جڳهه جڳهه تي ڀٽڪندي ڍاٽ ۾ پنهنجي عزت ۽ ڳالهه کي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هن ڪم ۾ انهن جي مدد ”ٿاني ڪا تلا“ جي سنگراسي سوڍن ڪئي. سنگراسي سوڍن جو وڏو ڀڳوجي سنگراسي محمد علي شاهه کي مارڻ ۾ رتن سنگهه سوڍي سان گڏ هو. هن کي ”ڪاري پاڻي“ واري سزا ملي ۽ انڊمان ڪوبار جي جهنگلن ۾ رهايو ويو. نابالغ هئڻ جي ڪري رتن سگهه جا پُٽ راڻپ واري پدوي کان محروم ئي رهجي ويا، پر حقيقت ۾ رُتبو ۽ دٻدٻو انهن جوئي رهيو. موهڙسنگهه ۽ رڻجيت سنگه ته بنان اولاد جي ئي هي دنيا تياڳي ويا. جيوراج جا ٻه پُٽ هئا. ڀيرجي ۽ سونجي، انهن جي جان نشينن ڍاٽ تي پنهنجو رُتبو برقرار رکيو جيڪو سماجي ۽ راڄنيتي مسئلن جي ڪري پاڪستان ڇڏي، ڀارت ۾ جوڌپور (راجستان) اچڻ تائين ائين جو ائين قائم هو. ڀڳوجي جو ڪٽنب به جيسلمير هليو ويو. ڏيوي ڪوٽ ۾ سڪونت پذير ٿيو جتي ڀارت سرڪار طرفان1971ع جي جنگ ۾ مهاجرن جي رُوپ ۾ زمين ڏني ويئي. ڀيرجي ۽ سون جي جو اولاد جوڌپور ۽ جئه پور ۾ رهي پيو، انهن ۾ ڪجهه واپار ڪن ٿا ته ڪجهه مختلف کاتن ۾ نوڪريون ڪن ٿا.

جيتمال سنگهه سوڍا
141- ڍاٽ ڌرا پولو دوتيه.
_آستا اسپتال پاوٽا جوڌپور 342006 (راج)

لوڪ گيت

لوڪ گيت
”رتن راڻا“

مهارا رتن راڻا، ايڪر تو امراڻي گهُڙلو پاڇو گهير
امراڻي ۾ ٻولي سُووا مور، هو جي هو
مهارا رتن راڻا، امراڻي ۾ ٻولي سُووا مور
باغان ۾ ٻولي ڪاڙي ڪويَلڙي ري

(اي مُنهنجا رتن راڻا! هڪ دفعو امرڪوٽ گهوڙي ساڻ اچ، امرڪوٽ ۾ مٺا مٺا مور ٻولي رهيا آھن، باغن ۾ ڪاري ڪوئل ڪوڪي ٿي تولئه. . هڪ ڀيرو اچ امرڪوٽ. )

مهارا ساير سوڍا ايڪر سُون امراڻي گُهڙلو گهير
امراڻي ۾ مهُوڙي را جهاڙ، هو جي هو
مهارا رتن راڻا، امراڻي ۾ مهُوڙا را رُونک
مهُوڙا ماهين سُون مڌ نيسري هو

(اي منهنجا سُندر رُوپ سوڍا! هڪ ڀيرو امرڪوٽ گهوڙو وٺي اچ، امرڪوٽ ۾ مَھُوڙن جا وڻ آھن، مَهوڙا جن مان شراب نڪري ٿو. )

مهارا رتن راڻا، ايڪر تو امراڻي پاڇو آو
امراڻي ۾ گهرٽ منڏاءِ ھان ري
مهارا رتن راڻا، گهر گهريئي ۾ گهرٽ منڏاءِ هو جي هو
گينهُوڙا پيسي جي هو جي، آٽئيو پيسي جي راڻي راوَ رو

(اي منهنجا رتن راڻا! هڪ ڀيرو امرڪوٽ واپس اچُ، امرڪوٽ ۾ گهرٽين جي گهور آھي، گهر گهر ۾ جنڊُ جوٽيل آھي. امرڪوٽ جون ڪُماريون ڪڻڪ پيهي رهيون آھن، راڻا راوَ تولئه تازو اٽو پيهي رهيون آھن. )
مهارا ساير سوڍا، ايڪر تو امراڻي گُهڙلو ڦير
امراڻي ۾ گهڙي ري سونار
مهارا رتن راڻا، امراڻي ۾ گهڙي ري سونار هي پايَلڙي
پايَلڙي رِم جِهم باجي ري

(اي منهنجا سُندر رُوپ سوڍا! هڪ ڀيرو امرڪوٽ گهوڙو وٺي اچ، امرڪوٽ ۾ سونارا زيور ٺاهين ٿا، امرڪوٽ ۾ سونارو ڇير گهڙي ٿو، اُھا ڇير ڇَم ڇَم ڪري وڄي رهي آھي. )

مهارا رتن راڻا ايڪر سُون امراڻي گهوڙو ڦير
ڀٽيئل اُوڀي ڇاجليئي ري ڇانهه، هو جي هو
آنسُوڙا ڍلڪاوي ڪاير مور جَيُون ري

(منهنجا رتن راڻا! گهوڙي ساڻ هڪ ڀيرو امرڪوٽ تان ڀيرو ڀڃي وڃ، تُنهنجي ڌرم پتني تولئه اُڀي پير بيٺي آھي، توتي پنهنجن ڇَتن جي ڇانوَ ڪرڻ لئه اُتاولي آھي. هُوءَ تنهنجي سار ۾ ساڻيءَ ۽ ويڳاڻي، ماندي دل سان ڊنل مور وانگي آنسُو وهائي رهي آھي. )

مهارا رتن راڻا، ايڪر سُون امراڻي گُهڙلو گهير
امراڻي ۾، گهور انڌار هان ري
مهارا سوڍا راڻا، امراڻي ۾ هي گهور انڌار، هو جي هو
وِلکا ني لاگي ري محل ماڙيان هو
مهارا رتن راڻا، ايڪر تو امراڻي پاڇو آوَ.

(منهنجا رتن راڻا! گهوڙي ساڻ هڪ ڀيرو امرڪوٽ تان ڀيرو ڀڃي وڃ، امرڪوٽ ۾ تو کانسواءِ گهور اونداهي آھي، تو بنا محل ماڙيون سڀئي اُداس لڳي رهيون آھن!)

لوڪ گيت

”مُومل“

ڪاڙي ري ڪاڙي ڪاجليئي ري ريک جي
ڪوئي ڀوُروڙان بُرجان ۾ چمڪي ويجڙي
ماڙيچي ري مومل هالو تو لي چالان امراڻي ري ديس

(ڪاري ڪاري ڪجل جي ڌارا ائين لڳي رهي آهي جئين ڀورن بادلن ۾ وڄ چمڪا ڪندي آهي. اي مارواڙ جي مُومل هلين ته توکي امرڪوٽ جي ديس ڏي وٺي هلان. )

سيس تو مومل رو سروپ ناريل جيون
ڪوئي چوٽي تو مومل ري واسينگ نانگ جيوُن
رنگ ڀيڻي اي مومل هالو تو لي چالون امراڻي ري ديس

(مومل جو مٿو ته ناريل جئين خوبصورت آهي، چوٽي ته ڄڻ واسينگ نانگ جو وراڪو هُجي. اي رنگ برنگي مومل هلين ته توکي امرڪوٽ جي ديس وٺي هلان. )


لَلَوٽ تو مومل رو آنگڙئي چار جَيوُن
ڪوئي ڀونئان تو مومل ري مرگهه لوچڻي
رنگ ميٺي اي مومل هالو تو لي چالون امراڻي ري ديس

(لِلاٽ ته مومل جو چئن آڱرين جيترو آهي ۽ چيلهه ته هرڻ جهڙي آهي اي مٺي مومل! هلين ته امرڪوٽ جي ديس وٺي هلان. )


ناڪ تو مومل ري سووٽئي ري چُونچ جَيوُن
ڪوئي آنکيان تو مومل ري رتن ناڙيان
راڻي اي مومل هالو تو لي چالون امراڻي ري ديس

نڪ مومل جو ته طوطي جي چهنب جهڙو سنهڙو ۽ سُندر آهي، اکيون ته مومل جون الماس جهڙيون آهن اي راڻي مومل! هلين ته امرڪوٽ جي ديس ڏي وٺي هلان. )

دانت تو مومل را ڏڙمئي را ٻيج جَيُون
ڪوئي هونٽ تو مومل را ريشم را ڏورڙا
من ميٺي اي مومل هالو تو لي چالون امراڻي ري ديس

(ڏند ته مومل جا ڏاڙهون جي داڻن وانگي خوبصورت آهن، چپ ته مومل جا ريشم جي داڳن وانگي سنهڙا آهن. اي من کي مٺي لڳندڙ مومل! هلين ته امرڪوٽ جي ديس ڏي وٺي هلان)

هاٿ تو مومل را چمپا ڪيري ڏاڙ جَيوُن
ڪوئي ڪيسر جهرڻي مومل ري ڪڙايان.
راڻي ري اي مومل هالو تو لي چالون امراڻي ري ديس.

(هٿ ته مومل جا چنبيلي جي ٽار جهڙا آهن، مومل جون ڪرايون به ڪيسر جهڙيون پيلون ۽ خوبصورت آهن. اي راڻي جي مومل! هلين ته امرڪوٽ جي ديس ڏي وٺي هلان.)

پيت تو مومل رو پيپلئي پان جَيوُن
ڪوئي هينوڙو تو مومل رو ڪاچي ڌاو جَيُون
رنگ ڀيڻي اي مومل هالو تو لي چالون امراڻي ريس ديس

(پيٽ ته مومل جو پپر جي پن جيان آهي، من به مومل جو ميڻ جيان نرم آهي. اي رنگ ورني مومل! هلين ته امرڪوٽ وٺي هلان. )

پائون تو مومل را چاندي ڪيري کانڀ جَيوُن
ڪوئي ايڙيان ٿو مومل ري هينگڙو ڏاريان
راڻي ري اي مومل هالو تو لي چالون امراڻِ ري ديس

(پير ته مومل جا چاندي جي تند جيا چمڪندر آهن، کُڙيون ته مومل جون گُلاب جي ٽارين جيان آهن اي راڻي جي مومل! هلين ته امرڪوٽ جي ديس ڏي وٺي هلان. )

ٺاڪُر جيوراج سنگهه جو خاندان

ٺاڪُر جيوراج سنگهه جو خاندان

ٺاڪر ڀيرجي ۽ سون جي وستُت ڍاٽ تي راڄ ئي ڪيو هو. اُنهن مڪمل ڪوششن سان 2000 ايڪڙ زمين پوکڻ لائق بنان ڪنهن ڍل ۽ لوازمي جي حاصل ڪئي ۽ وڏيلي(ڀڏيلي) ڳوٺ جو بُنياد رکيو. تُرت ئي پاليٽيڪل ايجنٽ تروٽ جيو راج سنگهه کي ڍاٽ جو بينچ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو. جيوراج سنگهه جي ننڍي پُٽ سون سنگهه کي انگريز سرڪار پاران معزز پوليس پٽيل مقرر ڪيو ويو. سون سنگهه 1927ع ۾ گُّذاري ويو. جيوراج سنگهه جو وڏو پُٽ ٺاڪر ڀيروسنگهه هندي، سنڌيءَ ۽ گجراتي ٻولين تي مڪمل عبور رکندڙ هو. اُن کي راجسٿان ۽ امرڪوٽ جي راجپوتن جي تاريخ جي باري ۾ وڏي معلومات هُئي. ٺاڪر ڀيرجي گورنر جو درٻاري ۽ لوڪل بورڊ آف امرڪوٽ جو ميمبر هو. سوڍا سماج جو معزز هُئڻ ڪري راڄنيتي طور سماج هن جي وڏي عزت ڪندو هو. سن 1959ع ۾ هي ڳڻوان سوڍو سرڳواس ٿي ويو. ان جو ڀائيٽو ٺاڪر سوائي سنگهه سنڌي، هنديءَ ۽ گجراتي ٻولين جو ماهر هو. 1952ع ۾ هو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ ”جسٽس آف پيس“ به رهيو. هي سن 1961ع ۾ گذاري ويو. هن جا چار پٽ ۽ ٽي ڌيئر هُيون. پُٽ سروپ سنگهه، هري سنگهه، رُگهورير سنگهه ۽ دليپ سنگهه هُئا. وڏو پُٽ سروپ سنگهه ٻه ڀيرا ٿرپارڪر ضلع ڪائونسل جو ميمبر ٿيو. پاڪستان مان ڀارت اچڻ کانپوءِ هي چارئي ڀائر جوڌپوُر ۾ رهندا آهن. ٺاڪر ڀيرجي جي وڏي ڌيءَ جي شادي چتلواڻا (سانچور) جي راوَ رڙمل سنگهه سان ۽ ننڍي جي شادي جيسلمير جي مهاراول گرڌرسنگهه سان ٿي. ٺاڪر سون سنگهه جي ڌيءِ جي شادي ڪنور چمن سنگهه داسپان (ڀينمال) سان ٿي. ٺاڪر ڀيرجي جو هڪ پُٽ ۽ ٻه ڌيئر هيون. وڏو پُٽ کُماڻ سنگهه وڏو زميندار هو. ٺاڪر ڀيرجي جي حياتيءَ ۾ ئي هي 1949ع ۾ گُذاري ويو. کماڻ جا ٻه پُٽ ٿيا. پرٿوي سنگهه ۽ جيتمال سنگهه، پرٿوي سنگهه 1975ع ۾ گُذاري ويو. پرٿوي سنگهه جي شادي گڊسيسر (بيڪانير) جي ٺاڪر شودان سنگهه جي ڌيءَ سان ٿي. هن جا چار پٽ ٿيا. رڻويرسنگهه، رامچند سنگهه، مهاوير سنگهه ۽ دليپ سنگهه، رڻويرسنگهه چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي، دليپ سنگهه مائينگ انجنيئر آهي ۽ برلا وائيٽ سيمينٽ (کاريا) ضلع جوڌپوُر ۾ نوڪري ڪري ٿو آئون (ٺاڪر جيتمال سنگهه سوڍا جنم 1927ع) ايم-اي (انگريزي ادب)، بي-ايس-سي، ايل-ايل-بي اولهه پاڪستان سپريم ڪورٽ (سنڌ ڪراچي) ۾ وڪالت ڪرڻ سان گڏ امرڪوٽ تعلقه ۽ ٿاڻا ڪائونسل کاروڙو جو چئرمين ۽ فيڊرل ايڊوائيزري ڪائونسل آف منارٽي افيئرس گورنمينٽ آف پاڪستان اسلام آباد به رهيو آهيان. آئون سنڌ ايگريڪلچرل پاليسي ڪميٽي گورنمينٽ آف سنڌ ڪراچي جو ميمبر به رهيو آهيان. آئون نان ٽريڊيشنل آئل سينڊرس جو وشيشگيه به آهيان مُنهنجي شادي راجسٿان شيشن ڪورٽ جي جج شري ڀڳوت سنگهه جي چماوت( هراڍاڻا) جي ڌيءَ سان ٿي. آئون ”ڍاٽ ڌرا“ انٽرپرائيز جي آسٿا اسپتال جو بنيادي چئرمين آهيان ۽ سوڍا شوسل ويلفيئر جوڌپوُر جو ميمبر آهيان. پنهنجن ٽن پُٽن مهيپال سنگهه، پرهلاد سنگهه ۽ ڊاڪٽر ڪيلاش سنگهه سان گڏ جوڌپوُر ۾ رهان ٿو. مُنهنجي ٽن ڌيئرن ۾ وڏي جي شادي مهاراجا چندر ويرسنگهه راٺوڙ (رتلام ايم-پر)، وچيٽ جي شادي شري يادويندرسنگهه راٺوڙ گهنٽيل (بيڪانير) ۽ ننڍيءَ جي شادي مهاراجا شري ڪرڻ سنگهه جي جهالا بڙي سادڙي (ميواڙ) سان ٿي آهي. وڏو پُٽ ڪونر مهيپال سنگهه آسٿا اسپتال جو مالڪ آهي وچئين پُٽ ڪنور پرهلاد سنگهه ڪمپيوٽر سسٽم ۾ بي-اي- ڪئي آهي، هن وقت هي پنج محل اسٽيل لميٽيڊ ڪلول (بڙودا) ۾ اي-جي-ايم ڪمپوٽر سسٽم جي عهدي تي براجمان آهي. ڊاڪٽر ڪنور ڪيلاش سنگهه (عُرف ڊاڪٽر ڪشورسنگهه سوڍا) لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد (پاڪستان) مان ايم-بي-بي ايس ڪيو آهي، هن وقت آسٿا اسپتال پاوٽا (جوڌپور) ۾ ايڊمنسٽريٽو ۽ مئنيجر آهي.

جيتمال سنگهه سوڍا

ليکڪ پاران: پرستاونه

ليکڪ پاران: پرستاونه

ڌرا سُرنگي ڍاٽ جي من موهيندڙ مواد جي شروعات ڪيان ٿو، جوڌپوُر جي مهاراجا مانسگهه (حُڪمراني جو وقت سن 1860ع کان 1900ع ) جي هن خوبصورت دُوهي سان جيڪو هن ريت آهي ته:

مهيلان سِروهر ماروي مردان ماروُ ويس
راگان ماروُ راگڻي ديسان مارو ديس

مذڪوره دوهي جي معنيٰ هي آهي ته، عورتن ۾ سڀني کان سرس ۽ سُندر ماروي آهي، مردن ۾ مارواڙ جا مرد مڙني کان مٿي آهن. راڳن ۾ ماروُ راڳڻي سڀني کان وڌيڪ روح کي ريجهائيندڙ آهي ۽ ملڪن ۾ مارواڙ جو ڪو مَٽ ئي ناهي، مارو ديش پُراڻي زماني م مَرُو منڊل، مَروُ ديش ۽ نوڪوٽي مارواڙ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. بادشاهت جي نوڪوٽن جي ايراضي تمام وسيع هُئي پر پرمارن يا پڙهيارن جي بادشاهي وقت سهوليت مطابق گادي وارو هند بدلجندو رهيو هو. ڪڏهن آبوُ (اربُد)، ڪڏهن منڊور (منڊپوُر) ته ڪڏهن ڪِراڙو (ڪِراٽ ڪُوپ) تخت گاهه رهيا. نوڪوٽي مارواڙ جي راڄ شاهيءَ جي مرڪز جا نالا هيٺ ڏنل دوهي ۾ نمايان آهن.

ڍاٽ ڪراڙو پارڪر لوڌروو جالور
آبوُ پوُنگل ناگور سون نوڪوٽان منڊور

جئين ته مٿي ڏنل دوهي ۾ پهرين نالو ڍاٽ (عُمرڪوٽ) سرزمين جو آيو آهي. ڀارت جي ڪوٽ وارن شهرن ۾ تمام پُراڻو به عمرڪوٽ عُرف (امرڪوٽ) ئي آهي. سِنڌُو سڀيتا جي شاندار ۽ سرس ثقافت جي ارتقائي سرزمين به اُها ئي آهي. سناتن تهذيب جي ترقي سڀني کان پهرين ڍاٽ جي ڍولڻ ڌرتي کان ٿيندي مانڊ-ڌرا (جيسلمير سرزمين) ۾ پهتي، جتي مانڊ (ماڙ) راڳ جي پيدائش ٿي، اُنهي سرزمين جي پُراڻي شهر لُدروا (لودرپُور) ۾ مومل جي ميڙي ۽ اُن جي ڀر ۾ ئي پراڻي ڪاڪ نديءَ جا وڏن وڏن پٿرن سان ٻَڌل گهاٽ اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. لوڪ تهذيب جي لاکيڻي لهر ڍاٽ کان مانڊ ويندي ٿڙواٽ (مَروُ سٿل) جي دڙن ۾ پهچندي، رُوپونتين (رجڪڻن) ۾ اهڙي رِل مِل ٿي جو اُٺن جي اعليٰ نسل کي به ”ٿڙواٽ هوئاڪن ڍاٽ تڻي ٿڙي“ ڊنگل ڇندن ۾ هڪ جهڙو ئي واکاڻيو ويو. ٿڙي (ٿڙوٽ) جي لاءِ ”ري ڌوڙان آڙا ديس جگا“ حقيقت ۾ سُجاڳيءَ جو سڏ آهي، ته ڍاٽ جي دڙن جي مٺي منوهار به گهٽ اهميت واري ناهي. مشهور لوڪ گيت نانگور (ناگودر) ۾ آيل هي دُوهو ڪيڏو نه من موهيندڙ آهي.

آئو ناگودر سومرا ڍاٽ تڻي ڌوري
رهو اجوڻي راتڙي سيڻان ري ٿوري

راجسٿاني لوڪ گيت ”ڀوم پرکو هي نران، ڪهان پرکو بند“ يا ”نران سوائي ناريان“ جهڙين لوڪ ڪهاوتن ۾ به صورتمند ۽ سيرت مند راجپوتياڻين جي لاءِ ڍاٽ ۽ ٿڙوٽ ٻئي سرزمينون برابر مشهور رهيون آهن.

اُر چوڙي ڪر پاتلي جيڪاري ري ٻاڻ
جي سُک چاهو جيو رو تو ڌڻ ڍاٽيچن آڻ

(وڏيءَ ۽ ويڪري ڇاتيءَ ۽ سنهي چيلهه سان سدائين جيءَ جيءَ ڪري سڏ ڏيندڙ سوڍيون ئي آهن جي زندگيءَ ۾ سُک ڏسڻ چاهين ٿو ته زال ڍٽ ڌڃاڻي وٺي اچ. )
يا
گوپيان هُوتي ڪرشڻ ري ڪرتي رنگ رليان
ڪرشڻ سَڌايا دُوارڪا وي ٿاڪ رهي ٿڙيان

جيڪڏهن ڪرشن جون گوپيون هُجن ها ته اُن سان رنگ رليون ملهائين ها، پر ڪرشن رهيو دُوارڪا ۽ اُهي سُندريون ڍاٽيچيون ٿر جي ٿاڪن ۾ رهجي ويون. ڍاٽ ۽ پارڪر ٻنهي جي سڃاڻپ سوڍن جي ديس واري آهي، جتي سوڍن شترين جي آدي پُرش سوڍا پرمار پنهنجي راڄڌاني ڪِراڙو (ٻاڙمير) کان دولت ۽ طاقت سميت پڌاريو. شوواڙي ۾ ويٺل سچيا ديويءَ جي حُڪم سان ڍاٽ جي رتو ڪوٽ نگر تي حُڪومت ڪئي. (سنبت 1181 وڪرمي. ماگهه سُڌي تيرس جي ڏينهن ) سوڍي جي پُٽ چاچڪ ديو راڻا عُمر سومري کان راڄ کسي عُمر ڪوٽ تي پنهنجي فتح جو پرچم لهرايو. اُن وقت سال بابت گُمان هوندي به امراڻ ڌرتي تي سوڍن جي بادشاهي واري ڳالهه سڀني جي مڃيل آهي. شو واڙي بادشاهه شو هئڻ جي ڪري ئي پتراچار ۾ شڀ سماچار واقع آهي ”سوڍا لکي مهاديو جي را پرتاب سوُن “ (بانڪيداس جي لکت مطابق ”مهيچا لکي مليناٿ جي را پرتاب سُون“ ”ڀاٽي لکي لکميناٿ جي را پرتاب سُون“ ”منگڙيا ميهاجي کي پوڄين“ ”هندا چامنڊا کي پوڄين“ ”ديوراج ناگڻيچيا کي پوڄين“ ”گوگاديو گوسائين کي پوڄين“ سوڍي کي سچيا ديوي کان مليل آشيرواد جو ذڪر ڪجهه هن ريت آهي:

شو واڙي سچياءِ سياءِ هُوئي سُر راڻي
سوڍا اُوٺ کاگ سُهاءِ ڍاٽ ڏيڌو ڌڻياڻي

دل ميلي بل لاک کاگ اُوجڙا کٽڪي
سوڍان نان سُومران جهيڪ واجيو جهٽڪي

کَٽ وسي اُوسر توُٽا کنگا هُوران وڙي هَلاويو
ٻاري سوورس ٻياسي سوڍا امرڪوٽ آويو

تڏهن کان وٺي اڄ تائين ڍاٽ ۽ پارڪر ۾ سوڍن جو ئي ذڪر رهيو آهي. سوڍن جي سورهيائيءَ ۽ سخاوت مُلڪان مُلڪ مشهور آهي. شادي جهڙي شُڀ موقعي تي سوڍن جي گُڻن سان ڀريل لوڪ گيت ڳايا وڃن ٿا. هي ڪهاوت ته سڀني کي ياد هوندي ته ”پرڻيجي ساري پرٿوي گائيجي سوڍا“ (شاديون ته سڄي دُنيا ڪري ٿي پر ڳائجن صرف سوڍا ئي ٿا) راجستان جي مشهور چارڻ شاعرن ۾ دُرسا جي آڍا جو نالو تاريخ ۾ امر آهي. مهاراڻا پرتاب کي آزاديءَ جو عشق ڏياريندڙ، ڊنگل جو شاعر ڪوي منيشي دُرسا آڍا جو چيل هڪ دوُهو پُراڻن هٿ اکرن ۾ مليو آهي، جنهن ۾ ٽن آڳاٽن راجائن جي رحم دليءَ ۽ عقلمنديءَ جو ذڪر ٿيل آهي. پر سوڍن جي پوري قوم ۾ ڪَوين کي ”سانسڻ“ (سوساشن) جاگير خيرات طور ڏيڻ ۾ سڀني کان پهرين سنڌ ڪيو آهي.

سوڍا ڏيڻ جَم سانسڻ، جام ڏيڻ ورهاس
سِنڌُر ڏيئو رائسنگهه، رٿ ڏيڻو روهيتاس

جهڙي طرح سوڍا راڻا ڪَوين کي ”سانسڻ“ ۾ جاگيرون ڏيڻ جي ڪري تمام گهڻا مشهور آهن، اهڙي طرح جام نگر (ڪاٺياواڙ) جو جام راول گهوڙا (ورهاس) ڏيڻ ۾ مشھور هو. بيڪانير جو مهاراجا هاٿين جي دان ۾ ۽ بلاڙا جو مشهور ديوان روهيتاس ڪَوي چارڻن کي شاندار رٿ ڏيڻ ۾ مشهور آهن. سوڍن جو پهريون شاعراڻو اتهاس ”سوڍائڻ“ (مها ڪَوي چمن جي جولکيل) جيڪو مُنهنجي ئي اِدارت هيٺ ”راجسٿان پراچيا وِڌا پرتيشٺان“ جوڌپور (راجسٿان) کان سن 1966ع ۾ گرنٿانڪ 84 (شاعر جي ٻين رچنائن سميت) ڇپجي چُڪو آهي. پوجيه شري مُني جن وجئه جي پاران سوڍائڻ ۾ لکيل اهم ڳالهين ۾ ۽ مُنهنجي تفصيلي مهاڳ ۾ سوڍن جي تاريخي فخر جي گهڻن پاسن ۽ اُن ڌرتيءَ جي شاندار ثقافت سميت سوڍن جي سورهيائيءَ ۽ هوشياريءَ کي اُجاگر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويئي آهي. موجوده صفحن جي لڳ ڀڳ اڌ ۾ اکرن ۾ معنيٰ ۽ آخر ۾ نالا ڇند ڏيئي ٽوٽل 336 صفحن تي مشمتل ڪيل سوڍائڻ ۾ مُنهنجو 92 صفحن وارو مُهاڳ بسنت پچمي سنبت 2022 (سن 1966ع) جي ڏينهن پورو ٿيو، اُن ڏينهن سرڪاري سرٽيفڪيٽ موجب آئون 26 سالن جو نوجوان هُئس. اهو به هڪڙو عجيب اتفاق آهي ته مها ڪَوي چمن جي ڪَويا جي لکيل سوڍائڻ ڪتاب جي رچنا 1933 وڪرمي سنبت ۾ مڪمل ٿي ۽ ان جي نڪٽتم (ويجهي) خاندان ۾ جنم وٺندڙ، هنن لکڻين جي خالق ۽ مالڪ (شڪتي ڏان ڪويا) جي مذڪوره ڪتاب ” ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ جي چپائي ٺيڪ 133 سال بعد يعني سنبت 2066 وڪرمي ۾ ٿي رهي آهي. ”سوڍائڻ“ جو ڇپائيندڙ شري جالم سگهه سوڍو هو ته ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ جو ڇپائيندڙ جيتمال سنگهه سوڍو آهي ” سوڍائڻ“ جو ڇپائيندڙ اسلامڪوٽ جو سوڍو هو ته، ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ جو ڇپائيندڙ امرڪوٽ جو سوڍو آهي. جالم سنگهه ۽ جيتمال سنگهه ٻنهي جي راس هڪڙي آهي. اصل ڀومي به ٻنهي جي اسلامڪوٽ ۽ عمرڪوٽ آهي، ٻئي ڪوٽن وارا هڪ جهڙا نالا آهن. انگريزن جي حڪومت وقت رتن راڻو ئي رعيت جي رڪشا ڪندڙ هو. ان جو ٺڪاڻو وڏيلي (امراڻو) هو، جيڪو ٺاڪرُ جيتمال سنگهه جي جنم ڀومي هُئي ته، سوڍائڻ جي ليکڪ جي خاندان ۾ جنم وٺندڙ شڪتيڏان ڪويا جي جنم ڀومي ڳوٺ جو نالو به ٻارائي آھي. عمرڪوٽ جا سوڍا سُرتاڻ آهن ته، ٻارائي جا چارڻ ڪوياڻ آهن. سوڍا ٻئي ڍاٽ جا آهن ته چارڻ ٻئي ٿڙوٽ جا آهن. سوڍائڻ جي ليکڪ ڪوي چمن جي چارڻ ڍاٽ جي اڪثر ڳوٺن ۾ ڀرمڻ ڪندي لڪشميءَ ۽ ڪيرتي حاصل ڪئي ته ” ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ جي ليکڪ (شڪتيڏان ڪويا) به ڍاٽ جي گهڻن ڳوٺن ۾ ڀرمڻ ڪندي گرهه لڇمي ۽ ڪيرتا حاصل ڪئي. هي عجيب اتفاق ته، پورب جنم جي سٺن ڪمن جو ڦل ئي آهي نه ته هن طرح جا خوبصورت اتفاق ته تمام ناياب هوندا آهن.

ڍاٽ سان واسطو ۽ يادون

ڍاٽ سان واسطو ۽ يادون

روايت آهي ته منهنجي جنم ڀومي ڳوٺ ٻرائي جوڌپُور کان به آڳاٽو آباد ٿي آهي ۽ چارڻن جي ڪَويا شاخ جو مٿاسرو (اصل جاءِ) به آهي، جنهن طرح ڏيٿا چارڻن جو مٿاسرو (مَٿل) کاروڙو ڳوٺ (ڍاٽ) ۾ آهي. ڪَويا جي اسان جو وڏو هو، جنهن جي پويان اسان جي ڪَويا شاخ هلي، ۽ ڏيٿاجي جي پويان ڏيٿا شاخ جو وجود پيو. ”ڪوي منشي پرڀوُ سوينڀوُ“ جي مطابق ته ڪوي جي هڪ معنيٰ ايشور به هوندي آهي. جهڙي طرح ڍاٽ جي لوڪ پوجيه مها شڪتي چارڻي ديوي ڏيول ماتا جي پيءُ جو نالو ڀلييوجيءِ ڏاڏي جو نالو سوڍيو جي هو، اهڙي طرح ڪَويا شاخ جو اصل وڏو ڪَوَيو جي هو، جيڪو ناهڙ راوَ پڙهيار (منڊور) کان عزت پرائيندي ٻرائي جي ئي ورتمان واس چنگاواڙا ( پُراڻو نالو سُورا سُڌ) ۾ “سانسڻ” (سوشانسڻ) جاگير جي روُپ ۾ حاصل ڪندي رهي پيو. سرحد سان لڳندڙ سرزمين ٻرائي ڳوٺ ٽيڪم جي ڪَويا کي اُن ئي علائقي جي رهواسي توسير جي اڳواڻ سُونڊا شاخ جي راٺوڙ رهنما تولا سنگاوت پاران بهادريءَ ۽ سُٺن ڪمن ۽ فوجي جٿي جي اڳواڻي ڪرڻ جي ڪري ڀيٽا طور ملي هُئي. ”يتا نام اسٿ گُڻ“ جي مطابق ٻرائي هن علائقي جي 16 ڳوٺن جي چارڻ منڊل ۾ لوڙي ڪاشي (لُگهٽي ڪاشي) جي روُپ ۾ مڃي وڃي ٿي. سرگواسي ڌن ڏانجي لاڙس (چانچڙوا) هڪ گيت ۾ پاڙيسري ڳوٺ ٻرائي جي ڪوي منيشين (شاعرن) جي جنم جي جاءِ جي روپ ۾ بيان ڪيو آهي ته:

ٻَهُو لائق هي گام ٻرائي ڀيڙا وسان گنات ڀائي
راجت هي ڪويا گُڻ راسي ڪويتا ڪرڻ دوسري ڪاسي

مٿي ٻُڌايل بيان جي باوجود گهڻو پڙهيل لکيل ورائي ڳوٺ جو آئون پهريون ماڻهو آهيان. شيرگڊ جي تنهن وقت تي، 103 ڳوٺن جي علائقي ۾ سڀ کان پهرين پرائمري اسڪول ٻالوسر ڳوٺ ۾ آزاديءَ کان هڪ سال اڳ ۾ کُليو ۽ اُنهن ۾ سڀ کان پهرين داخل ٿيندڙن ۾ منهنجو به نالو شامل هو. ڏکين حالتن جي ڪري منهنجي والد صاحب مون کي ٻالوسر مان وٺي مٿاڻيان ۾ مُنهنجي ماسي وٽ ڇڏيو، جتان مون پرائمري ۽ بعد ۾ مڊل اسڪول ٺهڻ سبب اٺون ڪلاس پاس ڪيو. اُنهن ئي ڏينهن ۾ ٻالوسر ۾ سڀ کان پهرين هاءِ اسڪول کُلڻ جي پڪي خبر ٻُڌي 1954-55ع جي اندر منهنجي مڱڻي لاءِ ڪيئي ماڻهو آيا اُنهن ۾ ڪجهه اهڙا به هُئا، جن جي وڏن پنهنجي ڌيئرن جون شاديون پسماندهه ٿري علائقن ۾ اِن کان پهرين ڪڏهن به نه ڪيون هيون. هڪ ئي ذات ۾ ” اڪي وڙيان – ٻي وڙيان“ جهڙو ڀيد ڀاوَ هو. ڪنهن دولتمند يا پاڻ کان وڏي هستيءَ جي مالڪ جي ڇوڪرن کي لالچائي، نشو ڏيئي، يا زوري کنڀي کڻي شادي ڪرائڻ وارا واقعا به ٿيندا هُئا، جيڪي بعد ۾ ويجها رشتيدار ڏيج يا ٽيڪو ڏيئي صلح نامون ڪرائيندا هُئا. ٻالوسر جي اسڪول ۾ نائين ڪلاس ۾ پڙهڻ وقت مون سان به هڪ منصوبابندي وارو اهڙو ئي حادثو پيش آيو، پر مُنهنجي مزاحمت ۽ بحث بازي دؤران مخالفن مان هڪ اهم ماڻهو مون کي چيو ته وڏن وڏن گهراڻن مان آيل آڇن کي ٺُڪرائين ٿو ته هندستان کان ٻاهر وڃي شادي ڪندين ڇا !؟.
آئون ته ڪنهن طرح تلوار کڻي اُتان ٻاهر نڪري آيس، پر ڪجهه ئي عرصي کانپوءِ منهنجي مڱڻي هندستان کان ٻاهر ئي ڍاٽ ۾ ٿي. مُنهنجي ماءُ جي مرڻ وقت آئون ٻالڪ اوسٿا ۾ هُئس بعد ۾ مُنهنجي وماتا جيڪا مُنهنجي ماءُ جي ڳوٺ جي هُئي، سن 1954ع ۾ اُها به گُذاري ويئي. آئون پنهنجي پيءُ جو اڪيلو پُٽ هُئس. منهنجي صرف هڪ ڀيڻ هُئي جيڪا مون کان وڏي هُئي. هُن جون به ساهورن ۾ رهڻ واريون حالتون حق ۾ نه هُيون. بهرحال ٻالوسر هاءِ اسڪول جي پهرين بينچ جي شاگردن سان گڏ امتحاني سينٽر چوپاٽي (جوڌپُور) ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ۽ شاگرديءَ دؤران مُنهنجي شادي کاروڙو (امرڪوٽ) جي ڏيٿا شري ستيڏان (کُمجي ڏيٿا زميندار کاروڙو جو پُٽ) جي ڌيءَ سان تاريخ 7 مئي 1956ع (سنبت 2013 ويساک تٿ ٻارس وار سوموار) تي ٻاڙمير ۾ ٿي. مُنهنجي ڄڃ ۾ ڳوٺ ڀانڊور جو خوبصورت شاعر منشي ناٿو ڏانجي ٻارٽ (سنبت 1934-2018 وڪرمي) به هو جنهن کي ڊنگل ۽ پنگل جا ننڍا وڏا 63 ڪتاب برزبان ياد هُئا. ٻنهي پاسن جا جيترا ڪوي (شاعر)، پڙهيل لکيل، وڌوان، وڪيل، گلوڪار ۽ ٻيا فنون لطيف سان واسطو رکندڙ هُئا ان تعداد ۾ اهڙا ماڻهوءَ ۽ ٻين مختلف ذاتين جا سڀ گڏ ڏسڻ لئه وري نه مليا، چار ڏينهن ڄڃ جي جيڪا خدمت چاڪري ٿي ان جو سِهرو شري نيٻراج ڏيٿا جي سِر ڏانهن وڃي ٿو، جنهن جي لاءِ مُنهنجي ڄڃ م آيل ڪوي برج لالجي ڪَويا پنهنجي هڪڙي سورٺي ۾ هندو مسلم ٻنهي مذهبن ۾ ميٺ محبت حاصل ڪندڙ ۽ بنان رياست جي راجا واري لقب سان ڀيٽ ڏني آهي ته:

مُسلم راکي ماڻ، سهه هِندوُ راکي سرج
ڏيٿا نيٻ ڏيواڻ، راست بن بڻيو راجا

اڳئن سال سن 1957ع ۾ چيٽ جي پنج تٿ تي کاروڙي (امرڪوٽ) ۾ مُنهنجي وڏي سُهري شري آئيڏان جي ڏيٿا جي ٻنهي ڌيئرن جي شادي ٿي ۽ اُنهن ٻنهي ڄڃن سان گڏ پاسپورٽ ۽ ويزا وٺي آئون به پهريون ڀيرو پاڪستان ويو هُئس. سانگڙ کان کيت سنگهه وِيٺوُ ۽ ”ٻارٽ ڪا گائون“ کان ٻُڌڪرڻجي رتنو ٻنهي سان مُنهنجي ميٺ محبت رهي. ياترا جي عجب ۽ مڌر يادن جي سلسلي جي شروعات ۾ ئي سرحدي ڳوٺ گڊڙو اسٽيشن تي ريل روڪي شري ٺيٻراج جي ڏيٿا جي ناتي اُن جو واسطيدار سمجهندي ڪيئي نوجوان هٿن ۾ چانهه جون ڪٽليون ۽ لڏوئن سان ڀريل ٿال کڻي، ڄڃ واري ريل جي ڏٻي ۾ پُهتا ۽ ”جئه ماتا جي ري سا“ چئي سواگت ڪندي پنهنجي هٿن سان مٺائي ۽ چانهه جي منوهار ڪرڻ ۾ لڳي ويا. اُنهن پاران جيڪو مان ۽ عزت ملي. اُها هن وقت ۾ ته ”اُهي ڏينهن گُذري ويا“ واري ڳالهه کي ظاهرڪري ٿو. ڇا ته اُنهن اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو هو. اسان جي نالي تان ٻلهيار ٿيا ٿي. ٻئي ڄڃيون جڏهن مقرر وقت تي ڏيولجي جي پاٽ ٿان ڳوٺ کاروڙي جي چونڪ ۾ پهچي ويون، تڏهن ساميئي جي وقت ٻُڌڪرڻجي ۽ کيت سنگهه ٻنهي گهوٽن جي برابر مون کي به هڪڙي گهوڙي تي ويهاري ڍاٽ جي شاندار ثقافت مطابق وڌايو ويو. ڍول، سارنگي، هارمونيم وغيره سان گڏ گُلوڪار شاديءَ جا شُڀ گيت ڳائي رهيا هُئا. نظر اُتارڻ وغيره ۾ روپين جي جَهڙي لڳائڻ ۾ اسان به ڪا ڪمي نه رکي هئي. شاديءَ جي ٻي ڏينهن ڏيوي ڏيوتائين جي آستان تي وڃي پوڄا ڪري ”جات“ ڏيڻ واري رسم پوري ڪئي. پنج ڏينهن تائين ڄڃون رُڪيون ۽ سوڍن سردارن سان گڏ ئي ان علائقي جي سڀني ذاتين جي اهم ماڻهن جي موجودگيءَ جي ڪري محفل جو مان ڪيئي ڀيرا وڌي ويو هو. موقعي تي من منوهار، ادب، موسيقي ۽ تاريخ جي لحاظ سان محفل ڏيواليءَ جي ڏيئن جئين جرڪي رهي هئي. پنج ڏينهن تائين ڄڃ جي متل محفل جي وچ ۾ هڪڙي ڏينهن تمام اهم ڪرم ڪرڻو هو جو وڏيلي ٺڪاڻي جي عقلمند، تاريخ جي ڄاڻ رکندڙ، ڏيٿن جي گهڻ گُهري، حفاظت ڪندڙ، ۽ سموري راجسٿان جي اهم گهراڻن ۽ واقعن جي پُوري پروڙ رکندڙ شري ٺاڪر ڀيرجي جو درشن ڪري اُن کان آشيرواد وٺڻو هو. اسان ٽنهي جمائي راجائن جي ڪاڪي سُهري شريمان برڌ ڏانجي ڏيٿا، جُگت ڏانجي رتتوُ، (ٻارٽ ڪا گائون) ۽ اسانجي ٻين نوجوان ساٿين سميت ٺاڪر وڏيلي ۾ پنهنجو مان وڌائڻ لاءِ پهتاسين. ٺاڪر ڀيرجي هڪ وڏن پاون واري پلنگ تي ويٺل هو ۽ اسان سڀني سِر جُهڪائي سلام ڪيو. مونکي اڄ به ياد آهي ته، جئين ئي ورڌ ڏانجي ڏيٿا اسان ٽنهي ڄمائين جو تعارف ڪرائيندي چيو ”هي آهن شري کيت سنگهه جي سانگهڙ“ ته ٺاڪر ڀيرجي جو جواب هو ” ها سانگهڙ جا وِيٺوُ“ ”هي آهن شري ٻُد ڪرڻجي ٻارٽ ڪا گائون“ ته جواب ۾ ”ها ٻارٽ ڪا گائون را رِتنوُ“ ”هي آهن شري شڪتيڏان جي ورائي“ جواب ۾ ”ها ٻرائي جا ڪَوِيا“ ۽ پوءِ مون ڏانهن مُنهن ڪري چيائون ته “ ٻرائي جو ڪَوِيا رامڏانجي شاعر هوندو هو ۽ ڇپني ۾ مون وٽ رهيو هو“ مون اڻ ڄاڻائي ۾ اُن نالي کي صحيح نه مڃيو ۽ چيو ته ورائي ۾ صالوُجي ڪَوَيا ۽ بعد ۾ چمنجي ڪَوِيا ته وڏا شاعر ٿيا. چمنجي ”سوڍائڻ“ ڪتاب لکيو. ٿي سگهي اُهو هُجي، پر ٺاڪُر صاحب پوري وشواس سان پنهنجي ڳالهه ورجائي ته اُهو ”رامڏانجي ڪَويا ئي هو“ آئون چُپ ٿي ويس. مون ته عام شاعرن جي لسٽ ۾ به هن جو نالو نه ٻُڌو هو. ڳوٺ پُهچي مون هي ڳالهه پنهنجي والد صاحب سان ڪئي، تڏهن والد صاحب گوونڏانجي مُنهنجي غلطي ٻُڌائيندي چيائون ته ”رامڏانجي ڪَويا ته پنهنجي ئي خاندان جو هو. ڏُڪار ۾ هُو ڍاٽ ۾ رهيو هو. سنبت 1975 وڪرمي جي مها بيماري ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ سُڃا ٿي ويا هئا. اُن ئي بيماي ۾ هو به پنهنجي پنجن ڀائرن سميت فوت ٿي ويو هو. هُن جي رهڻ واري گهر جا سڃا کنڊر ڏيکاريندي مون کي چيائون ته هتي رهندو هو. مٿي بيان ڪيل ڳالهه ٻُڌي آئون حيران ٿي ويس. اُن مهان ماڻهو لئه دل ۾ پيار جو ديپ جاڳي پيو ته، سنبت 1956 جي قحط ڏُڪار ۾ سؤ ڪوهن جي دُوري کان پنهنجي گُذر سفر لئه ”مارواڙ کان ڍاٽ“ ۾ پهتل هڪ عام ماڻهوءَ جو نالو، ڳوٺ ۽ گُڻ اڄ تائين ياد آهن. جيڪو ديس مشهور راڻا رتن سنگهه جو پوٽو ۽ جيسلمير جي مهاراول شري گرڌرسنگهه جو سُهرو آهي. اهڙو حافظو ته مالڪ جي نعمت هوندو آهي. جيڪو مون جيسلمير جي سرگواسي راڄ ماتا سوڍيءَ ۾ ضرور ڏٺو هو. هُوءَ وڏيلي جي ٺاڪرُ ڀيرجي جي سپوٽ ڌيءَ (هوانڪنور ٻائي جيلال) ۽ موجوده ٺاڪر جيتمال سنگهه ( ڍاٽ ڌرا- جوڌپوُر) جي پوجئه ڦُڦُي هُئي. سن 1957ع ۾ جڏهن مون پهريون ڀيرو عمرڪوٽ شهر ڏٺو هو. تڏهن راڻا رتن سنگهه سوڍي جي وفادار ۽ ديومالائي گهوڙيءَ جي سُنبن جا چٽا نشان قلعي جي ديوار تي ڏٺا هئا. راڻي رتن سنگهه کي قلعي ۾ گول ٺهيل سيڙهين واري اوچي مقام تي لوھ جي وڏي کنڀي تي تقريبا ٻه اڍائي فوٽ جي تِکي سولي تي لٽڪايو ويو هو. انگريزن جي اهڙي ظلم جي ڪري سج اُڀرڻ کان لهڻ تائين چئي ويندڙ انگريز شاهي جو خاتمو ٿي ويو. جڏهن ته امر قرباني ڏيندڙ راڻا رتن سنگهه لوڪ گيتن ۾ ڳائجي پيو ۽ هڪ عام ماڻهوءَ مان مهاتما ٿي ويو. امرڪوٽ جي پهرين ياترا جا به يادگار لمحا اڻ وسرندڙ آهن. هڪڙو ته من مِٺي مُومل (ماڙيچي) جي امر عاشق ”راڻا مينڌرو جو محل“ جتي کنڊر جي ڳاڙهين سِرن ۾ پيار جو اُجرو پنڇي ساهه کڻي رهيو هو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ مومل سان ماڻو ڪندڙ راڻو سُر راڻي ۾ ڪجهه ڳائي رهيو هُجي، جنهن کي ٻُڌي روح کي راحت اچي وڃي. افسوس ته سچي محبت وارو اهو منظر هاڻ ڪنهن کي شايد ئي ڏسڻ ۾ اچي. ٻي يادگار گهڙيءَ ۾ گهرو ڏُک سمايل هو. جڏهن آئون دوستن سان گڏ امرڪوٽ جي بازار گهُمي رهيو هئس. تڏهن هڪڙو ڏٻري ڏيل وارو غريب پوڙهو مسلمان مُنهنجي مٿي تي جوڌپُري ڦينٽو ٻڌل ڏسي مون وٽ آيو ۽ پڇڻ لڳو ته ” توهان جوڌپوُر جا آهيو“ مون هائو چيو ته اُهو اُداس ماڻهو پُرنم اکين سان مون کي چوڻ لڳو ته ”مُنهنجي هڪڙي چانهه پيئندا ته مونکي خوشي ٿيندي“ آئون به جوڌپوُر ۾ ڄائو هُئس پر هت اچي تمام گهڻو ڏُکي آهيان. هڪڙي گلاس ۾ هوٽل مان چانهه کڻي آيو، ۽ پيئڻ جي منوهار ڪرڻ لڳو. منهنجي پاسي واري نوجوان منع ڪئي، پر مون چانهه جون ٻه سُرڪيون ڀري هُن کي اُڪير مان ڀاڪر پاتو ۽ هُن جيان هڪ اڻ کُٽندڙ اُداسيءَ ۾ وڃائجي ويس. ائين لڳو ڄڻ هُن کي هُن جو وطن ملي ويو هُجي. مُنهنجي ٻي اهم ياترا سن 1963ع فيبروري جي آهي. سنبت 2019 ڦڳڻ ساهي پنچون جي ڏينهن مُنهنجي سالي شري اندر ڏانجي ڏيٿا جي شادي ڍاٽ جي مشهور ڳوٺ چارنور جي سُکوجي گُهوَڙ جي ڌيءَ تاران ديويءَ سان مقرر ٿي. ڄڃ اُٺن ۽ گهوڙن سان ويئي هُئي. هيڏانهن ته هُئي کاروڙي جي زميندار ڏيٿا ستيڏانجي جي وڏي پُٽ جي شاديءَ ۽ هوڏانهن سڀ کان دولت مند ۽ با اثر ڪنواريتا. ڏهه ڪوهن جي مطابق چار ڏينهن اچڻ ۽ چار ڏينهن وڃڻ جا ٽوٽل 8 ڏينهن ياترا ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جا الڳ رستا، وچ ۾ دعوتن جي ڪري ڪُل چوڏهن ڏينهن ۾ ڄڃ واپس آئي. انهن ڏينهن ۾ مُنهنجي ڳوٺ ۾ پوسٽ آفيس نه هئڻ ڪري شاديءَ جو خط (ڪَنڪوُ ڇنڊيل) دير سان مليو. بهرحال سڄي ڊُڪ ڊوڙ باوجود آئون هڪڙي ماڻهو چتراجي سُٿار سان گڏ ڪٿي گاڏي ته ڪٿي اُٺ سان ڪنهن طرح وچ رستي ۾ ڄڃ ۾ شامل ٿي ويس. ديسي گيهه جي خوشبُو، ڍاٽ جا مٺا لوڪ گيت، سُگهڙ چارڻن جي محفل، هندوُ مُسلم سڀني ذاتين جا ملوڪ ڄاڃي، ڪنواريتن جي پاسي کان سوڍا لڇمڻ سنگهه (ڇاڇرو) جيڪو انهن ڏينهن ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ جو سيڪريٽري هو. اسان جي آجيان لئه بيٺو هو. ڄڃ ۾ ايندي ويندي کارڪون ۽ پتاشا رستي ۾ بيٺل ٻارن ۾ ٻُڍن ۾ ورهائيندا وياسين. مون کي ياد آهي ٽوٽل 9 مڻ ميوا، ڳُڙ ۽ مصري وغيره گهر کان وٺي پهچڻ تائين پڪا ورهاياسين، فقير محمد علي شاهه (زميندار) گهوڙي تي سُوار هو. وچ رستي ۾ تقريبن پنج ڀيرا نماز پڙهي ۽ ڍاٽ جي اُجري ريت (واريءَ) سان وضو ڪيو. مُنهنجي ڀر واري اُٺ تي سوار ڄاڃي جي هٿ ۾ ريڊيو هو، اتفاق سان جئه پور آڪاش واڻيءَ تان پاٻوُجي راڇند ڊنگل پاٺ مُنهنجي (شڪتيڏان ڪَويا) آواز ۾ نشر ٿيڻ لڳا. خبر پوندي ئي سڀئي اُٺ ۽ گهوڙا رُڪجي ويا. نشريات جي آخر ۾ ڇند پڙهندڙ جي روُپ ۾ منهنجو نالو ريڊيو تي ٻُڌي ڪيترائي ماڻهو خوش ٿي مُنهنجي سُهري ۽ وڏي سُهري آئيڏانجي صاحب کي مُبارڪ ڏيڻ لڳا. اُن وقت جئه پوُر جي نشريات سنڌ ۾ ٻُڌڻ ۾ ايندي هُئي. مون کي چڱي ريت ياد آهي، شير راجسٿان جئه نارائڻ جي وياس جي گُذاري وڃڻ تي شري مَٿُوراداس جي ماٿُر (تنهن وقت راجسٿان حڪومت ۾ وزير) راجسٿاني زبان ۾ پوجئه وياس جي کي پيءُ برابر ٻُڌائيندي شرڌانجلي ڏني هُئي. ڍاٽ ۾ ڏيول مان جو درشن ڪري، اُتي جي ڳوٺ جي خوبصورت ۽ پيرن پيادل ياترا ڪري واپس ڀارت ورڻ کانپوءِ اُنهي سال 1963ع ۾ جوڌپوُر يونيورسٽي جي هندي شعبي ۾ سڀني کان پهرين چونڊ ڪميٽي پاران سڀني شعبن جي پروفيسر جي هڪ ئي لسٽ موصول ٿي. ان ۾ منهنجو به نالو هو. چارڻ ڪميونٽي ۾ يونيورسٽيءَ ۾ هندي ادب پڙهائيندڙ آئون پهريون ماڻهو هئس. مٿي ذڪر ڪيل مُنهنجي سڀ کان اڻ وسرندڙ ياترا (ڍاٽ پاڪستان) جي وقت ساهورن ۾ سس، سهرو، وڏو سُهرو، ڪاڪي سُهرو،سالو، ساليون سڀ حياتي هُئا ۽ اُنهن جو مون سان پيار بي لوث هو. مون کي ديوتا برابر سمجهندا هُئا. سن 1963ع جي پاڪستان ياترا جي وقت مُنهنجي پهرين پُٽ وريندر جي عمر صرف 3 سال هُئي ياترائن ۾ سڀ کان اهم ۽ تلخ تجربن تي ٻڌل ياترا آهي جيون ياترا، هي دوُهو ڪيترو نه سُٺو ۽ ٺهڪندڙ آهي ته؛

ڪئي ڦُلي ڪئي ڦُول رهي جڌپي نئي نيوھ
ڪيتي باغ جهان ڪي کِل کِل سُوک گيوھ

جنهن سمي ڀارت ۾ هنگامي حالتون هيون. پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۾ رنڊڪ هُئي. اهڙو به هڪ موقعو آيو هو جو ڪنهن هندستاني هِندُو کي پاڪستان ياترا جي لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ڪيئي مهينا لڳي ويندا هئا. مُنهنجي سُهري شري ستيڏانجي ڏيٿا جو المناڪ موت دل جي دوري پوڻ سبب تاريخ 8 سيپٽمبر 1976ع تي سوجهاڪي جو پنهنجي گهر ۾ ٿيو. مُنهنجي سس ته هونئين ئي بيمار رهندي هُئي جئين ئي اهڙي ڏک جي خبر تار وسيلي منهنجي ڳوٺ پُهتي، تئين ئي مُنهنجي گهر واريءَ جو روئي روئي ان ڪري بُرو حال ٿيو ته، پيءُ صحتمند هوندي به گُذاري ويو ته، منهنجي بيمار ماءُ جي هاڻ ڪهڙي حالت هوندي؟ اُن کي زنده ڏسي سگهڻ مڪمن هوندو يا نه؟ ڪيئي سال گذري چُڪا هُئا هڪ ٻئي کي ڏسندي. ماءُ ۽ ڌيءَ جو وڇوڙو حياتيءَ جو وڏي ۾ وڏو حادثو هوندو آهي. مُنهنجي والد صاحب مون کي چيو ته ”ڪنهن به حالت ۾ هُن کي سندس ماءُ سان ملائي اچ“ آئون دهليءَ ۾ لڏو لاهي ويهي رهيس. اُن وقت جي صوبائي گهُرو وزير محترم رامنواس مرڌا جي ڀرپُور ڪوشش سان، اُن وقت جي ڀارتي پرڏيهي ترجمان جگت مهتا پاڪستان جي اختيارين کي خط لکيو، مُنهنجي نالي تي مرڌا صاحب جي بنگلي تي لکيو. جواب ۾ عزت جي نگاهه سان مون کي اختيارين وٽ حاضر ٿيڻ جو خط مليو آئون اُتي پهتس ته خود ويزا ڏيندڙ آفيسر مون کي چانهه پياري ۽ پاسپورٽ (منهنجو ۽ منهنجي زال جو ۽ واسيديو ٻن ڇوڪرن سميت) منهنجي حوالي ڪيا. صرف ويهه ڏينهن جي ويزا ملي. دهليءَ کان امرتسر، لاهور، ميرپور کان ٿيندي امرڪوٽ پهچڻ واري هن مشڪل سفر ۾ ضرورت مطابق خرچ ڪرڻ لاءِ پورا پئسه به کڻڻ نه ڏنائون. هٿ جي مُنڊي به ڪسٽم وارن جمع ڪري ڇڏي ۽ رُڳي رسيد ڏنائون. ڏُک جي ڪارڻ مُنهنجي مٿي ٿي ميٽي رنگ جو پٽڪو ٻڌل هو. اُن جي جاءِ تي وڏيلي جي ٺاڪر جيتمال سنگهه مونکي کاروڙي ۾ اچي چُنڙي جو پٽڪو ٻڌرايو. تاريخ 21 جنوري 1977ع تي جوڌپوُر کان نڪري واپس تاريخ 15 فيبروري 1977ع تي پهتس. ٻئي ڏينهن مهاشوراتري جو ميلو هئڻ ڪري مون 17 فيبروري 1977ع جو يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجو ڪم ڪار سنڀاليو. جاگير جو راڻو چندرسنگهه ۽ وڏيليءَ جو ٺاڪر جيتمالسنگهه سوڍا ٻئي سردار مُنهنجي ساهورين کاروڙي ۾ ساڳي ڏينهن آيا. مون کي دعوت به ڏني ۽ واپس ڀارت اچڻ وقت ٻنهي مشهور سوڍن سردارن پنهنجي مرضي مطابق پنهنجون گاڏيون لاهور تائين مون کي ڏيئي ڍاٽ جو ثقافتي مهمانوازيءَ جو شان ۽ مان رکي پنهنجي سوڍڪي سيوکائي جو ثبوت ڏنو. ان اڻ وسرندڙ ياد جو احوال ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ جي ذريعي ظاهر ٿيو. مذڪوره ڪتاب ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ جي لکڻ جا ٻه اهم مقصد آهن هڪ ته تاريخي ۽ ٻيو ثقافتي، شاعريءَ جي شروعات علم جي ديوي سرسوتيءَ جي نانءُ سان ڪئي آهي ۽ پوءِ وشيشت مُني پاران آبو جبل تي ويهي يگيه ڪرڻ، اُن ۾ دخل اندازي ڪندڙ شيطانن کان بچاءُ لاءِ منترن آڌار چار ڇتري ڪُل (پڙهيار، پرمار، سولنگي ۽ چوهاڻ) پيدا ڪرڻ جو احوال ڏنل آهي. پرمار لفظ جي معنيٰ آهي پر+مار= ڌارين کي ماريندڙ، دشمن جو ناس ڪندڙ ان ڪري پرمار جي سڃاڻپ ئي بهادري واري آهي ”سوڍائڻ“ ئي هڪڙو واحد ڪتاب آهي جيڪو سوڍن جي تاريخ اُجاگر ڪري ٿو. سوڍائڻ جو ليکِڪ چمن جي چارڻ تمام اعليٰ پائي جي شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. اُن سوڍائڻ جي شروعات شري گڻيش جي نالي سان هڪ گاهي ڇند سان ڪئي آهي ۽ اُن ۾ ”سهه ڏاتار ڪهيجي سوڍا، سورج ونس اُجاگر سوڍا“ جو ذڪر ڪنهن شڪ جي بنياد تي ناهي ڪيو پر حقيقي معنيٰ ۾ ڪيو آهي. باهه ته اصل ۾ سج جو ئي سوَروپ آهي ٻئي اصل ۾ هڪ ئي آهن.
اڳتي ڍاٽ، پارڪر جي اهم سوڍا حُڪمرانن جي نالن سميت ڪجهه اهم واقعن، اُن علائقي جي مهمان نوازي، ديوي ديوتائن، سنت ساڌوئن، راڻن جي جان نشينن جي حقيقي رشتن (ڪيترن ئي هندن تي پُٽ بدران ننڍو ڀاءُ گادي تي ويٺو هو، پر راوَن جي پيڙهي ۾ اُن کي پُٽ طور ئي ڏيکاريل آهي) جو احوال اچي ٿو. سوڍا حڪمرانن پاران راج ڪوي جي روُپ ۾ کاروڙو ڳوٺ ”ڪروڙ پسا“ سان گڏ دان ڪيو ويوهو. هن ڳالهه جي گواهي بابت پُراڻو ڇپايو اُتي جي پُراڻي وحيءَ ۾ مليو آهي. سواڙي جو اشٽ ديو ۽ سچيا ديويءَ جو روايتي پرڪرڻ ته نئين انداز سان ڊنگل ۾ ملي ٿو. نه ڄاڻ ڪيترن مشهور ماڻهن جي جنم ۽ مرڻ جون صحيح تاريخون، هُمايون جو بيگم حميده بانو سميت امرڪوٽ ۾ پناهه وٺڻ، اڪبر جي جنم جي تاريخ، سنبت، سال، مهينو، تٿ ۽ وار سميت بيان ڪيو آهي. انگريزن ۽ ٽالپرن جي حُڪمراني وقت رعيت تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف مزاحمت ڪندڙ راڻا رتن سنگهه جي واسطي اُن جي مددگار آزادي پسند باغين جا ڪجهه نالا، رتن سنگهه کي انگريزن پاران سوليءَ تي لٽڪائڻ وارو وڪرمي سنبت ۽ سال ڪجهه دوهن ۾ بيان ڪيل آهي. جيڪو تاريخي لحاظ سان ڄاڻن ضروري آهي. جئين سوڍا واگهه سنگهه (وجئراجوت) ڳوٺ ڏاهلي جو ذڪر، هڪ چارڻ جو هڪ ”ٻالوچڻ“ گيت جي راڳ تي موهت ٿي اُن راڳيءَ سان پنهنجي ڌيءِ جو رشتو ڪرڻ، سوڍا ونش جي انيڪ بهادرن جو گئو ماتا جي بچاءُ لاءِ جنگ جي ميدان ۾ وڃڻ جا انيڪ واقعا وغيره وغيره.
تاريخي اهميت وارن دُوهن جي مالها.

اگن ارڪ ايڪو ارٿ، اَسُرِ وڌوُسڻ آک
پرماران سوڍا پرٿم، سوُرج ونس شاخ

باهه ۽ سورج جي فلاسافي معنيٰ هڪ ئي هئڻ جي ڪري سوڍا سورج ونس آهن ۽ پرمارن جي شاخن ۾ سوڍا پهريون نمبر ۽ سڀني کان وڌيڪ مشهور آهن. امرڪوٽ جا سوڍا گادي دار هئڻ ڪري سُرتاڻ شاخ اهميت واري مڃي ويندي آهي.

شِو واڙي سچيارو، آڏو اِشٽ انوپ
سوڍي ني ور سنپيو ڀيو ڍاٽ رو ڀُوپ

هن ڳالهه جو پُراڻو ڇپايو ۽ شِو واڙي جي حوالي سان سوڍن جي ”شِو ڀڳتي“ جو ذڪر ”بانڪيداس جي لکڻي“ ۾ پوئتي ڏنو ويو آهي.

سُت چاهڙ سوڍو سُپهه، هال رتو گڊ ھيل
اگياري سو اڪياسي، ماهه سُڌ تيرس ميل

سوڍا پرمار چاهڙ جي پُٽ (ڪراڙو کان لڏي) سڀ کان پهرين ڍاٽ ۾ رتو ڪوٽ تي حڪمراني ڪئي هئي. هُن جي تاريخي ڄاڻ پهرون ڀيرو ڇپجڻ ۾ اچي رهي آهي. 1181 وڪرمي سنبت ماگهه ساهي تيرس جو ڏينهن. هي ڄاڻ سوڍن جي راج ڪوي جي مشهور ڳوٺ کاروڙو، (جتي مُنهنجا ساهورا آهن) ۾ هڪ پُراڻي هٿ اکرن واري لکت ۾ ملي (سن 1977ع ۾)
عمرڪوٽ جي راڻا جئه ڀرم جي پُٽ راڻا جسهڙ پرمار (سوڍا) ڏيٿا جنف چارڻ کي ”ڪروڙ پسا“ جي رسم ۾ اڌ ڪروڙ روڪ رقم ۽ اڌ ڪروڙ جي عيوض ۾ کاروڙي ڳوٺ جي جاگير دان ڪئي هئي. سنبت 1291 وڪرمي ۾. جئه ڀرم جي پُٽ جسهوڙ ۽ جنف ڪَوي جي هن تاريخي ڳالهه بابت ڇپايو هيٺ ڏجي ٿو. جيڪو اُن ئي پُراڻي هٿ اکرن واري لکڻي مان مليو آهي.
سهس ڌين سلوار، اسي ڌرواهڻ اگل
ترڻ سؤ کونڏي تيس جڪي دُوجڻي مهاجل
سانڍي ڪرها سؤ سات دُڙڪ پچاس دُئاگل
ڀجڙ ويسان دس ڀلا جڪي باج جهڙا ويگاگل
اڌڪوڙ گرٿ جسهڙ اُچٿ ايڪاڻئو پرمار هُو
جنف نان ڏيدي کاروڙو سمنت واري جئه ڀرم سَهوُ
مٿي ٻُڌايل وارتا سان واسطو رکندڙ دُوها ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ ۾ 13 ۽ 14پڙهڻ جهڙا آهن، جن ۾ کاروڙي جي ڏيٿا چارڻن کي راڻپ واري لقب سان نوازڻ واري ڄاڻ به موجود آهي. مارواڙ ۾ اگڙاوا (ضلع جالور) جي روهڙيا ٻارٽ ۽ ڍاٽ ۾ کاروڙي جي ڏيٿا، انهن ٻنهي ڳوٺن کي حُڪمرانن پاران راڻپ جو لقب مليل آهي.
ڍاٽ جي لوڪ ديوتا پٿوري پير جي جنم تاريخ، وار سميت پهريون ڀيرو هن شاعري واري ڪتاب جي ذريعي ڇپجڻ ۾ اچي رهي آهي. سوڍا ڀاڻ جي پُٽ مانڏڻ جي ڌرم پتني (زال) سونل جي ڪُک مان پٿورو جو جنم سنبت 1556 وڪرمي سُڌي ساتم سومر جي ڏينهن ٿيو. دوها 9-8 حاضر آهن.

آيو سونل ري اِينڏر سوڍا ونس سَڌير
مانڏڻ سُت ڌر ڍاٽ ۾ پرگٽ پٿورو پِير

پنري سوڇپڻ پوڻان سُڌ مگسر ساتم
هُوئو سوم ني ڀاڻ هر جاڻ پٿورو جلم

بادشاهه اڪبر جي جنم ڀومي به امرڪوٽ آهي. هن شاعريءَ واري ڪتاب ۾ تاريخي لحاظ سان هر ڳالهه جو ذڪر ڪيل آهي، پر پنهنجي پاران ۾ صرف ٻه دُوها حاضر آهن جن ۾ هُمايون جي پناهه وٺڻ ۽ اڪبر جي جنم تاريخ جو صحيح احوال آهي ته:

ساهه هُمايون لِي سرڻ جلميو اڪبر جيٿ
وانٽِي ڪَستوري وڙي امراڻي ڌر ايٿ

پنري سؤ نناڻوي ڪاتي سُڌ ڇٺ ڪوٽ
اڪبر وار اڏيت ني هُوئو جلم همروٽ

پارڪر جو پونجو سوڍو سخاوت سان گڏ ڀڳوان جي وڏن ڀڳتن واري لسٽ ۾ به شامل آهي. هُن پنهنجي ڌيءَ جي شادي، ناڊُولا چوهاڻن ۾ وڏي وير بهادر راجوڌر چوهاڻ سان ڪئي هُئي. جيڪو سوُئي ڳوٺ جي رهواسي ۽ ” جڪتون ڪي واوَ“ جي سوامي هنگول جهڙِي ڀينڪر دهستگرد کي هارائڻ وارو هو. هُن جي بهادريءَ ۽ سُپوٽائيءَ جو احوال کاروڙي جي چارڻ ڪوي سُوجي ڏيٿي سورٺن ۾ ڪيو آهي، جو ”ڏيول جي را ڇند“ جهڙي پُراڻي ۽ مشهور ڪتاب جو ليکڪ هو. هي ڄاڻ اڃا تائين ڪنهن ڪتاب ۾ اچي نه سگهي آهي پهريون ڀيرو هتي بيان ڪئي ويئي آهي ته:

پُونجو سوڍو پارڪر اڌ ڀُت ريجهه امُنگ
راجوڌر چوهاڻ رو سُسرو ڀڳت سُچنگ

ڍاٽ جي ڏاهلي ڳوٺ جي مشهور سوڍي واگهه سنگهه ولد رُگهوناٿ سنگهه (وجئه را) جي باري ۾ هڪڙو لوڪ گيت ڊنگل لهجي ۾ جهانڦلي (ٻاڙمير) جي چارڻ ڪوي ڪيسروجي جهيٻا لکيو هو، جيڪو ڀوج جي شاعري سکيا واري اسڪول ۾ پڙهيو هو. اُن صرف هڪڙي واگهه سنگهه کي ئي بي داغ ڪوٺيو هو. واگهه سنگهه کي نشڪلنڪ ڍاٽي سردار مڃيندي ٻين سڀني ديوتائن، اوتارن، امُلهه شين، ۾ ڪا نه ڪا خامي ڏيکاري آهي جئين باهه ٻاري ٿي، سمنڊ کارو آهي، ڪرشڻ ڪارو آهي، شنڪر رُدر آهي، چندر ما وڌي گهٽي ٿو، راهو جو سر ناهي، ڪيتو جو بدن پورو ناهي، شيش نانگ جي ڦڻ ۾ زهر آهي، برهما به ”گهڙڻ، ڀڃڻ” ۾ آهي، سون ۾ ساهه ناهي وغيره وغيره مٿي ٻُڌايل سڀني ۾ هڪڙي هڪڙي خامي آهي بغير ڪنهن اوگڻ يا خامي جي صرف ڍاٽ جو سردار واگهه سنگهه سوڍو ئي آهي. چار دُوهن واري ”ويليو“ گيت جي آخري ٻن شعرن ۾ ائين چيو آهي ته؛

برهما ويسڪ ڪُنڀ وسياڻ ڪنچڻ واس بنان اَڪليس
اَتي تو ڪَلنڪت اڪُوڪو نڪلنڪ سوڍا ڍاٽ نريش.

هي گيت ٻُڌي سوڍي واگهه سنگهه جي دل ۾ عجيب سوچ پيدا ٿي ته، سڀني ديوي ديوتائن ۽ پڌارٿن ۾ خاميون بيان ڪري مون کي اُنهن سڀني کان مٿي ٻُڌايو آهي. ڪيئي ديوتا جلدي ڪاوڙجي ويندا آهي ڪٿي مُنهنجا ڏُکيا ڏينهن نه اچي وڃن. ان ڳڻتي ۾ اچي واگهه سنگهه ڪوي ڪيسرا جي جهيٻي کي چيو ڪويراج! هينئر توهان ماني کائي اوطاق ۾ سُمهي رهو. سڀاڻي ڳوٺ ۾ رهاڻ ڪري سڀني ڳوٺاڻن جي سامهون توهان کي آئون دان ڪندس، پوءِ اهو گيت قبول ڪندس. قدرت جو عجيب کيل ٿيو. رات جو ڪوٽڙيءَ جي ڇِٿ ڪري پيئي، جنهن ۾ دٻجي گيت جو خالق، مري ويو، اُهو گيت ۽ سوڍو واگهه سنگهه اجر، امر ٿي ويا. هڪڙو دُوهو ان سلسلي ۾ هيٺ ڏجي ٿو جيڪو ڌرا سُرنگي ڍاٽ جي خالق جو لکيل آهي:

وڏ هٿ سوڍو واگهه سنگهه ڏاهلي گج ڏاڻ
جهيٻي ڪيسر جهانڦلي جيرا وڌ حد ڪيا واکاڻ

ڍاٽ جي کانهاڻو ڳوٺ ۾ هڪ ڄڃ آئي، کاڌي کان پوءِ پاڻي جي گهُر ٿي، پاڻي وقت تي موجود نه هو. ويجهي ڳوٺ” پريمي ري ويري“ کان اُٺ جي پخال پُهتي ڪونه هُئي. معمولي دير جي مجبوريءَ کي نه سمجهندي ماڻهن شڪايت ڀري لهجي ۾ چيو ته اسان کي پاڻي کپي جلدي کڻي اچو، اُن تي گهر جي مالڪ ڏيٿا چارڻ گهر ۾ پيل ڍڳين جي نج گيهه جي پخال ڀري اچي ڄاڃين جا هٿ ڌوئارڻ شروع ڪيا ماڻهو حيران ٿي ويا ”گيهه سان هٿ پيو ڌوئارين“ جواب مليو ته ”پاڻيءَ کان ته گيهه جي قيمت مٿي آهي!“ ايتري ۾ پاڻيءَ واري پخال به پهچي ويئي، هي دُوهو اُن جي باري ۾ آهي ته؛

جل ري جگهه جان رو کانهاڻو راکيو خيال
چڙوُ ڪرايو چارڻان گِهرت پخال ۾ گهال

امرڪوٽ جو هڪ پُراڻو نالو ”همروٽ“ به آهي، جيڪو امرڪوٽ يا هميرڪوٽ جو بگڙيل رُوپ آهي اُتي جا به سنت درويش مشهور ٿيا. هڪ ته نجانند (جنهن جو پُراڻو نالو ديوچنده) ۽ ٻيو ان جو چيلو پراڻ ناٿ، جيڪو ”ڌامي پنٿ“ جو باني رهيو. امرڪوٽ ڄائي شري نجانند سواميءَ جو وقت سن 1581ع کان 1655ع، (سنبت 1638 کان 1712 وڪرمي) تائين هو. سوامي پراڻ ناٿ جو جنم سنبت 1675 ڀاڌر پڌ وڌي چئوڏس رويوار جي ڏينهن ٿيو ۽ سنبت 1751 شروڻ وڌي تيرس جي ڏينهن سرگواس ٿي ويو. هن ڪتاب ۾ اُنهن ٻنهي سنتن کي مشهور ساڌوئن واري فهرست ۾ هن ريت شامل ڪيو ويو آهي ته؛

هُوئا سنت همروٽ ۾ جپيو نام اٺ جام
ڏيوچند سُون ڏرسيا نجانند ڄڻ نام

تڻ گادي سامي تپيو ڌامي پٿ ڌجال
پراڻ ناٿ هُوئو سِڌ پُرش اوڌوُ ڀيک اُجال

روهڙي سکر جي مشهور صوفي پير جميل شاهه کي هندُو ملسم سڀ برابر روپ ۾ پوڄين ٿا. جوڌپُور جي رهواسي جلنڌر ناٿ جي مها مندر ۾ جتي نج مندر آهي، اُن جي ٻاهرين حصي تي ڪافي اوچائيءَ سان انهن وڏن ماڻهن جون رنگين شڪليون ۽ نالا لکيا ويا آهن. جن کي سِڌ جلنڌر ناٿ درشن ڏنو هو. هندوُ ڀڳتن سان گڏ جميل پير جي تصوير به نالي سميت آھي. ”پاٻو پرڪاش“ جي ليکڪ مها ڪَوي مُوڙجي آشيا جي لکيل ”ڀاکر ڀُوشڻ“ نالي جي هڪ دُوهي ۾ هي ڳالهه ڏيکاريل آهي ته، پري کان آيل پانڌي جميل پير جي نمسڪار ڪرڻ کانپوءِ گرنار ڏتاتريءَ جي ڌوڻيءَ جو درشن ڪندا آهن. خود شاعر جي لفظن ۾:

آوي جاتري اڙگ سُون، جميل پير جُهار
تپيو دِت سامي تٺي، نامي گر گرنار

سوڍائڻ جي ليکڪ چمن جي ڪَويا پڇمي پير جميل شاهه جا تمام بهترين ڇند جوڙيا هئا، جيڪي سوڍائڻ جي حصي ۾ ڇپيل آهن. جن کي پڙهڻ سان هندو مُسلم ڀائيچاريءَ جو اهڙو آئينو ڏسجي ٿو، جو سمجهڻ مُشڪل ٿي پوي ٿو. ”نبي پڙه نام“ سان گڏ ”رِدي گُڻ رام“ ۽ ”حد ويگوَ ويس ليان ايڪ هِندوُ، ڪيرت ڏيس مهيس ڪلا“ ۽ ”جوگي جميلا ٿياسي ڀلا، اڻ گهڙ اللّه اللّه“ جهڙا صوفيانه شعر اَڀيد ( ڪوبه ڀيد ڀاوَ نه ) جي بهترين شڪل ڏيکارين ٿا. اهڙي طرح امرڪوٽ ۽ کاروڙي جي وچ ۾ روحل واءِ آهي جتي روحل فقير هڪ ڪَنڊي هيٺ ويهي مالها ڦيريندو هو. اُن کي ”ڪنڊڙي وارو پير“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ کيجڙيءَ کي ڪنڊي چوندا آهن. روحل ڀڳت پهرين سن 1755ع کان1772ع تائين ته، غلام شاهه ڪلهوڙي جو مُلازم هو. بعد ۾ ڇهوٽڻ (ٻاڙمير) جي مشهور سنت شري ڏونگر پُري مهاراج جو چيلو بڻي تپسيا ۾ مگن رهيو. مٿي ذڪر ڪيل ٻئي پير ڍاٽ سان گڏ ٻين علائقن ۾ به پوڄيا، مڃيا وڃن ٿا. هن ڪتاب ۾ انهن بابت ٻه دُوها هيٺ ڏجن ٿا؛

پير وڙي پڇماڻ پت، سنڌ ۾ جميل شاهه
سکر ڌڻي پُوجي سهي رل مل دونون راهه

ڀلو هُوئو روحل ڀڳت ڌر امراڻ ڍاٽ
ڪنڊڙي واڙو پير ڪهيجي پوجي تاپس پاٽ

هن کانپوءِ شاعرن ۽ فنڪارن بابت گهڻي عزت مان، ۽ قدر جا انيڪ مثال ڏنل آهن. جن ۾ سوڍن سان گڏ سمان، جاڙيجا وغيره ۽ ٻين گهڻين ذاتين ۾ جنم وٺندڙ، امر ڪيتي جي ڪري جڳ مشهور ٿيندڙ ۽ لوڪ گيتن جي نائڪن جهڙو نصيب حاصل ڪندڙ شامل آهن. سوڍو کينئرو ته چونئريءَ ۾ ڳايو ويندو آهي، منڊور جي راوَ چُونڊا جي ڌيءَ ڦُول ڪنور سان امرڪوٽ جي راڻي اوتار ڏي شادي ڪئي هُئي، اُن ڄڃ ۾ سوڍن ٽي هزار توکر (گهوڙا) ريجهه (دان) ۾ ڏنا هُئا. اهڙو بيان هڪ ڊنگل گيت ۾ آيل آهي، جيڪو هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. وڏن سخي ڏاتارن جي ساراهه ۾ چيل دُوهن (25 کان 33) جي بعد ۾ لوڪ گيتن جي خوبصورت لڙهيءَ ۾ هڪ ٻي نائيڪ ۽ نائيڪا جي مهما ڏنل آهي ته، ٻئي طرف “ٻالوچڻ” گيت جي انوکي راڳ تي موهت ٿي، قطار سان گڏ آيل نوجوان ڀيرڏانجي پُٽ ساڌوُلوجي (سانگڙ جا رهواسي) کي “جاڙيپا” (ٻاڙمير ) ڳوٺ جي چارڻ رتنوُ ڪلوجي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏني. سنبت 1958 وڪرمي جي هي حقيقي ڪٿا آهي، پر اڄ ته اُن راڳ ”ٻالوچڻ“ (هڪ بلوچ عورت جي سُونهن جو ذڪر) کي ڳائڻ وارو ڪو ماڻهو ئي نٿو ملي. مُنهنجا رشتيدار اُنهن ٻنهي شين ۾ ڀڙ هئڻ ڪري آئون پوري حقيقت ڄاڻان ٿو. هن سلسلي ۾ هي دُوهو حاضر آهي؛

ڀيري سانگڙيئي ڀلي، ٻالوچڻ گائي
ڪلي رتنُو ڪوڏ سُون، پُتري پرڻائي

ڍاٽ سنگيت جو ڳڙهه رهيو آهي. راڳ ۾ رس ۽ راڳڻين جي پرک ۽ پروُڙ جا ڪيئي خوبصورت مثال ملن ٿا. کانهاڻو ڳوٺ جي هڪ چارڻ راڻجي پُٽ رڻڇوجي (ٻارٽ ڪلوجي جو پوٽو) ۾ هڪ اهم خوبي هي هُئي ته، گيتڪار عورتن جي وچ ۾ گَلي جي آواز سان ٻُڌائي ڏيندو هو ته گهڻن عورتن جو مُنهن هِن طرف آهي، هُن جي گلي ۾ ”ڪنٺلو“ پاتل آهي، هُوءَ حاملا آهي، ھُوءَ سهاگڻ آهي يا ڏُهاگڻ آهي. معلوم ڪرڻ کانپوءِ ڳالهه سؤ سيڪڙو صحيح ثابت ٿيندي هُئي. اُن سلسلي ۾ هن ڪتاب جو هي دُوهو پڙهڻ لائق آهي:

پاتو راگان پارکُو، رڻڇي رو سُت راڻ
هُوئو لکاڻي کانهڻي، چَترُ ڪنٺ پهچاڻ

اِتهاس ۾ مشهور ڍاٽ جا دَڙا، سَپُوٽ سوڍن جي دوستيءَ ۾ اعليٰ پائي جو احساس، ڍاٽي ڌجراج (اعليٰ گهوڙا) وغيره جي باري ۾ چوڪڙيو “ڌراسُرنگي ڍاٽ” ۾ حاضر آهي؛

ڌن ڌن ڌورا ڍاٽ را جوڌ سجو را ڄاڻ
نورا ڪَر ڪَر نيهه سُون سورا رکي سُڄاڻ

هوئي جگ ۾ هوڪبا، راڳ تڻو انو راڳ
پورس انمي پاگ ۾ ڀل سوڍا وڏ ڀاڳ

ڌرتي اُوجڙ ڍاٽ ري والهي واٽ وسيس
ٿِروُ امامو ٿاٽ وهي هاٽ رهاڻ هميس

سوڍان رنگ ليڌا سدا ريڌا گُڻ راجاڻ
ڪيڌا اڀري ڪُوياڻ ڏيڌا سانسڻ ڏاڻ

سُوروير سوڍاڻ ۾ جلمي ٿيٽوُ جاڻ
لي ڪرپاڻ رڻ ڌر لڙي، اُوتبنگ پڙ امراڻ

سانڀل ڪيرت سنڌڙي نرمل ڀڙڪي نُور
سوڍا ريجهاڙو سَڪل، پرمل جس ڀرپوُر

ڍاٽ انوُکو جس گهڙت هي هيت ري هاٽ
جُونو تِلڪ لِلاٽ جگ، ڌُرو تاري جُيون ڍاٽ

ان طرح هڪ پُراڻو دُوهو پيش ڪرڻ سان ان تاريخ جي صحيح طرح پروڙ پوندي.

ڪيهر لنڪي گوريان سوڍو ڀنور سُڄاڻ
بڙ جُهڪيا لانٻي سَران، آيو ڌر امراڻ
هي” لانٻو سرووَر“ ڀارت ۾ سڀنيءَ کان وڏو ۽ ويڪرو تلاءَ آهي. سڀ کان پهرين هن کي بند جي روپ ۾ ٺاهڻ وارو امرڪوٽ جو راڻو ”دُرجن شال“ هو. جنهن جو اولاد پارڪريا سوڍا سڏائيندا آهن. ڍاٽي گهوڙن جو اعليٰ نمونو مون خود گڻگور ۾ ڏٺو هو. ڍاٽ جي ٺڪاڻي وڏيلي (ڀڏيلي) جي جوشيلي جوان شريمان سروپسنگهه سوڍي کي سونن زيورن سان سينگاريل گهوڙي تي سُواري ڪندي سرموڙ روپ ۾ ڏٺو هو.

ورهاسان ناسان وجي، پرٿمي ٿڙڪي پوڙ
گجب ڍاٽ گڻگور ري، ڏيٺي واهه گُهڙ دوڙ

طور انوٺي تريوٽ پيچ مولئي پاڻ
تن ڪَسيا جَرڪس تُري سُڀٽ جڪي سوڍاڻ

آڏُو شِو رو اِشٽ هي، ڏيوي مان ڏيول
جبرا جوڌ جوان جگ، آڇي اوڌ اول

ڍاٽ جي تاريخي فخر ۾ هي ٻه مثال وڏي اهميت رکن ٿا. راجسٿان جي لوڪ ديوتائن يا پنج پيرن ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽ پُراڻا لوڪ پوجئه مها پُرش پاٻوُجي راٺوڙ ۽ رامڏيوجي تُونئر ٻئي ڍاٽ جي سوڍن جا جمائي هُئا، سوڍي سُورجمل جي ڌيءَ ڦُول ڪنور جي شادي پاٻوُجي راٺوڙ (ڪولُو) ۽ رامڏيوجي جي شادي سوڍي دلجي جي ڌيءَ نيتل ٻائي سان ٿي. ان حوالي سان به هڪ دُوهي ۾ ٻنهي لوڪ ديوتائن جا ساهورا امرڪوٽ ۾ ٻُڌايل آهن. اهڙي طريقي جو دُوهو هن ڪتاب جي شروعاتي حصي ۾ ڏنل آهي؛

امرڪوٽ پرڻيا اُوڀي مهي ٻنڌي سِر موڙ
تُونئر رامسا پير تيُون، رنگ پاٻُو راٺوڙ

ڍاٽ جي سوڍن جي باري ۾ هڪ نئي ڄاڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي بادشاهه هُمايون کي سرڻ ڏيڻ واري راڻي پتو (پرشاد) جو نالو هر ڪنهن ٻُڌو آهي. راوَن جي ونشاولي (پيڙهي) ۾ راڻي پرشاد جو جان نشين ته سُرتاڻ ڏيکاريل آهي، پر پيڙهين جي نالن ۾ عام طور تي ته جان نشين کي پُٽ سمجهندا آھن. راڻو پتو عُرف پرشاد جي پُٽ جي طور راڻو سُرتاڻ لکيو ويو آهي. صحيح حقيقت هي آهي ته راڻي گانگي جا ٻه پُٽ هُئا. پتو ۽ سُرتاڻ. ٻاهرين حُڪومتن جي مُداخلت سان راڻو پتو کي تخت تان هٽائي حُڪومت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي دُور انديشي کان ڪم وٺندي، سُرتاڻ امرڪوٽ جي راڄ جي واڳ سنڀالي ورتي، جنهن جي ڪري اڄ تائين سُرتاڻ سوڍا ڍاٽ جا گاديدار راڻا بڻيل آهن؛

راڻ گانگ امراڻ ري تنوج پتو سُرتاڻ
تپڌاري سُرتاڻ رو جميو راجس جاڻ

امرڪوٽ ۾ سُرتاڻ سوڍو گاديدار بڻيو تنهن کانپوءِ جون پيڙهيون هن ريت آهن، راڻا آسڪرڻ، راڻا سگرام سنگهه ۽ راڻو مهراج (پهريون) تائين حُڪومت ۾ ٻاهرين حملن جو جنهجهٽ شروع ٿي ويو. جئين ته هُن ڪتاب جي ڇپائيندڙ ۽ هن وقت جي سوڍا سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيل عقلمند ۽ سُرتاڻ شاخ جي شان ٺاڪر جيتمال سنگهه سوڍي ڪتاب جي مهاڳ ”سوڍا راڄ ونش“ جي وچ ۾ صاف لکيو آهي ته ” ڪجهه وقت کانپوءِ ايران کان ارغونن جو حملو ٿيو اُنهن هن علائقي کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو. اُهي ڪلهوڙن کان شڪست کائي ويا. ڍاٽ تي ڪجهه وقت دائود پوٽن جو به قبضو رهيو. جيڪي پوءِ ٽالپرن (ميرن) کان هار کائي ڀڄي ويا. ٽالپرن به ڪجهه عرصو امرڪوٽ تي راڄ ڪيو بعد ۾ سڄي سنڌ انگريزن جي هٿ هيٺ اچي ويئي. ڍاٽ جو راڄ هميش لاءِ سوڍن جي هٿ مان نڪري ويو. کڻي ليز تي يا ٻين سببن جي ڪري پر سنبت 1839 کان 1970 وڪرمي تائين امرڪوٽ جوڌپوُر جي ماتحت رهيو. مهراج وجئه سنگهه جي وقت کان شروع ٿيو مهاراجا مانسنگهه جي شروعاتي ڏهه سالن تائين بڻيو رهيو. تڏهن ڪويراج ”بانڪيداس“ اُتي جو سفر ڪري ”همروٽ ڇتيسي“ لکيو هو. اُن ۾ شامل هڪ دُوهو هي آهي؛

وجئه ڀُوپ ري وار ۾ ، ڌڻي مان جوڌاڻ
مارواڙ نوڪوٽي مجهه رهي ڍاٽ امراڻ

مٿي بيان ڪيل احوال ۾ ڪو به گُمان ناهي ڇاڪاڻ ته، اُن ڏکئي وقت ۾ خُدا جي قدرت سان ڪي المناڪ حادثا پيش آيا هئا، ڍاٽ تي قضا جو قهر ڪڙڪي پيو هو. راڻي مهراج جا ٻه پُٽ هُئا. وڏو ڪيسرسنگهه ۽ ننڍو ڪونپجي، ظالم ماڻهن جو هن علائقي تي قبضو ۽ دهشت ڦهليل هُئي. راڻي ڪيسر سنگهه جي وقت چارڻن جي سڀ کان اهم ڳوٺ کاروڙي مان سرڪاري محصول وصول ڪرڻ وارو ڪڙو حُڪم ان آڌار تي ڏنو ويو ته، اهو پئسو شاهي خزاني ۾ جمع ٿيندو. چارڻن جو سانسڻ (سو شاسڻ) سڀني رجوڙان ۾ شروع کان ئي سرڪاري ٽيڪس کان آجو رهيو هو. رڳو چارڻ ئي نه، پر ان ڳوٺ جا رهواسي سڀئي ٽيڪس کان آجا هُئا. ڪٿي هڪ اڌ قانون ٽوڙڻ وارو واقعو پيش ايندو هو ته، چارڻ مرد ماڻهو ”تگو“ (احتجاج) ڪندا هُئا. جتي عورتون ”جمر“ (جوهر) ڪندي جيئريون باهه ۾ ٻري مرنديون هيون ۽ اُتي حُڪمران کي ”شراپ“ (بد دُعا) ڏيئي برباد ڪري ڇڏينديون هُيون. راڻي ڪيسر سنگهه جي وقت به ائين ٿيو هو، چاهي مٿئين حڪمرانن جو دٻاءُ هو، پر حالت بگڙي ويئي هُئي ۽ کاروڙي ڳوٺ جا سڀئي ماڻهون ”اوچالا“ (لڏي) ڪري ٻئي هنڌ هليا ويا. بعد ۾ ڪيسرسنگهه کي اُن جي ننڍي ڀاءُ ڪونپجي ماري وڌو. حالتون جڏھن شنڪرداس جي غلط نظرن جي ور چڙهي ويون تڏهن راڻي کينئراج حالتن کي مُنهن ڏنو ۽ راڄ جي واڳ سنڀالي، جنهن جو اولاد هڪڙو جاگير جو وارث بڻيو ۽ ٻيو پُٽ ٺاڪر وجئه سنگهه جو اولاد ٺاڪر وڏيلي جا وڏا ٿيا. ”يٿا نام اسٿت گُڻ“ جي مطابق اُھي وجئه، سورج، مهاسنگهه، اڻندسنگهه، رتن جهڙا تيجسوي ۽ تپوٻلي سوڍا سردار ٿيا. رتن راڻا جو نالو پوري هندستان ۾ مشهور لوڪ گيت جي ذريعي گونجي ٿو ۽ جيستائين ڪائنات قائم آهي هي نالو اجر ۽ امر رهندو. جاگير ۽ وڏيلي (ڀڏيلي) جي اهم جان نشينن جا نالا دُوهن تي مُشتمل شاعريءَ ۾ بيان ڪيا ويا آهن. پر ”رتن راڻي را ڇند“ ته الوڪڪ ۽ مٺي ڊنگل تخليق آهي. اُن ۾ پرمار ونش جي پيدا ٿيڻ کان وٺي رتن راڻا جي آزاديءَ جي عشق ۽ ساهه ڏيئي ويساهه ڏيڻ واري قرباني تائين تاريخي معلومات سان گڏ سارسي ڇند، ڇپايه ۽ دُوها پنهنجي نرالي نوعيت سان نروار آهن؛
هن ڪتاب ۾ ”سرتاڻ سوڍا ٺاڪر وڏيلي شاخ“ بابت ڏنل دُوهو، هن ونش جي وڏائي سان گڏ اُن جي اصولن، بهادريءَ ۽ ايماندريءَ کي ڀرپور نموني ظاهر ظهور ڪري ٿو؛

ڌجا ڦڙوڪي ڌرم ري مُوڪي ڪدي نه ماڻ
چُوڪي نهين ڪُلوٽ چلڻ سوڍ جڪي سُرتاڻ

هن کانپوءِ راڻي رتن سنگهه جو ساٿ ڏيندڙ انگريزن کان باغي ۽ آزاديءَ جي عاشق نوجوانن ۽ ويجهن ساٿين جا نالا وڏي عزت ۽ شان سان بيان ڪيا ويا آهن، جن جي شان ۾ شاعري حاضر آهي. جنهن کي پڙهي دل پرسن ٿي ويندي؛

رهيو ساٿ رتنيس ري سوڍو ڀڳُو سُچنگ
سنگراسي ڀڙ اُنڙ سُڻ ريڻوَ آکي رنگ

ڪارونجهر ڏونگر قلعو نڊر سوڍ نختيت
اڙ تروٽ انگريز سُون رهيو ڀڙ رڻ کيت

ڦنڦيڙڻ فرنگي ني راڻ رتن ري سِتٿ
سميڙ، امرو رامسي سوڍا تهُون سمستٿ

ڀوجاڻي رجوٽ ڀلي سام ڌرم سِر موڙ
رتن راڻي منتري راکيو رنگ ڏيسل راٺور

ديس ڪاج اڻ ديس ري ڌار فرنگي ڌيس
تجيو ليز نهين پراڻ تڪي، رنگ سوڍا رتنيس

رتن سنگهه جي ياد ۾ ”جُهراوا“ جي رُوپ ۾لوڪ گيت ”رتن راڻا“ ڳوٺ ”باليوا“ (ضلع ٻاڙمير) جي شوڏانجي ٻارٽ جو جوڙيل آهي جيڪو تمام گهڻو دل کي وڻندڙ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ رس ڀرئي راڳ ۾ رچيل آهي. راڻي رتن سنگهه جي راڻيءَ ڳوٺ ڦوگورو (تعلقه –شو) جي ڀٽياڻي هُئي. اُن جي پُٽ ٺاڪر جيوراج سنگهه ننڍپڻ ۾ ئي يتيم ٿي وڃڻ باوجود پنهنجي گهراڻي جي اوچائي، عزت ۽ مان اڳي کان وڌيڪ روشن ڪيو. جيوراج سنگهه جا ٻه پُٽ ٺاڪر ڀيرجي ۽ ٺاڪر سون جي ٿيا. جن راجپوتي ڌرم کي روشن ڪندي. ڍاٽ ۽ پارڪر سان گڏ جيسلمير تائين پنهنجي اثر جي ڌاڪ ڄمائي. ڏيول ماتا جي پاٽ آسٿان کاروڙي جي ڏيٿي کُومجي، ستيڏان جي کي گود ورتو. کومجي جي مري وڃڻ کانپوءِ سوڍن جي ڏنل ڏيٿن واري جاگير تي ٻين ڌارين ماڻهن پنهنجو حق ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي گود ۾ آيل ٻار جي سچي مُحافظ ۽ گهڻ گُهري ٺاڪر ڀيرجي، سونجي ۽ آئيڏان سنگهه نگراجوت انهن ٽنهي، پنهنجي گهر جو خرچ ڪري ڏيٿن جي جاگير ۽ جائيداد کي بچايو اُن احوال جا دُوها هيٺ ڏجن ٿا.

سوڍ ڀڏيلي را سري رتن هرا ڪُل رُوپ
ڀير سون ٻهون ڀرات رو اُوجل سُجس اَنُوپ

اڙوي پاڙي اڙگلان ويهڪ گود وِواد
رکيو ڏيٿان رو رِجڪ دي سوڍان امداد

ان کانپوءِ ٺاڪر جيوراج سنگهه جي خاندان جي وڏ ماڻهپائي، سناتن ڌرم سان مُحبت، پنهنجي جنم ڀوميءَ ۽ وڏن جي عزت کي ساڳي طرح برقرار رکڻ جي جستجوُ، ادب ذوق هُئڻ جو ذڪر ڪيل آهي. ” نر ناناڻي جائي“ يا ”ماما جيان را مارڪا، ڀونڏا ڪيون ڀاڻيج“ واري ڪهاوت مطابق هي دُوهو ڏسو؛
سروپ سنگهه، رُگهويرسنگهه، هر، دلپت اِت هيج
ٻاکاسر ٻلونت را ڀڙ چيارون ڀاڻيج

ان سلسلي ۾ رتن سنگهه جي خاندان ”سپوٽ نرَرتنان“ ۽ انهن جي جنم ڀومي جا گُڻ وڌيڪ پڙهڻ جهڙا آهن؛

ٿاٽ ڀڏيلي ٿيٽ سُون سُجس منڏيلي ساج
ڌاڪ هُوتي امراڻ ڌر انجس مَرُوڌر آج

رجوٽ راڻي رتن ري مهي ڪُلوٽ مجبوُط
ريت سناتن راکڻي سوڍا گهڻا سَپُوت

مٿي ڏنل سموري تعارفي احوال کانپوءِ وڌيڪ شاخن جي ويجهي ماضي ۾مشهور ماڻهن جي تاريخي لحاظ کان اهميت بيان ڪيل آهي، جيڪا سوڍا ونس جي نوجوانن جي اڏولتا ۽ بهادريءَ کي بنائي رکڻ لئه به سٺو سنوئڻ ثابت ٿيندي. ان سلسلي ۾ ڇاڇرو، اسلامڪوٽ، گوڌيار، ڪيرٽِي، حويلي، ڇور، جاگير ۽ پاٻوهر وغيره جي اهم ماڻهن سان گڏ سُرتاڻ، ڀوجراج، گنگڏاس، نرا، نٻا، رام، ساڏُول، وجئه را، پنچاڻ وغيره جي خاص ٺڪاڻن جو به ذڪر آهي.

وشِش ورڻاوَ -:

انهن دُوهن ۾ لانٻي تلاءَ جي مٿئين حصي ۾ پٺار ڀُوميءَ جو ذڪر آهي، اُتي” لنڪڙو“ آسٿان آهي جنهن کي لنڪيو به چيو ويندو آهي. سانئري واگهاڻيءَ جا اُٺ اُتان کان ئي پاٻوجي راٺوڙ وٺي آيو هو. لنڪيو جو مطلب لنڪا جي طرف سمجهڻ سراسر غلط آهي. ان حصي ۾ ڍاٽ جي ٺاٺ ۽ عروج سان گڏ سوڍن جي شاندار ثقافت ۽ تهذيب جو تدارڪ به ڪيل آهي. گُڻن سان ڀريل سوڍن جي شان ۽ مان کي مون خود اکين سان ڏٺو آهي، اُنهن جو مهمان ٿي رهيو آهيان، اُنهن جي هڪڙي جهلڪ ته ڏسو؛

هوئا دمامي ديوتا سُوپ راگ سُڀياڻ
رنگ جمتو رهاڻ ۾ سانپرت ڌر سوڍاڻ

ساڪر ري روٽي سري پرگهل ٿال پرساءِ
سو وُن ري ٻاڄٺي سج ڪَوي رو مان ڪراءِ

ڪلا اُمنگي ڪورڻي پنگي سووَن پاٽ
ريتان چنگي راکڻي ڌرا سُرنگي ڍاٽ

اُن کانپوءِ ”شري رتن راڻي را ڇند“ آهي. هن حصي جي شروعات ۾ هڪ دُوهو ۽ 12 سارسي ڇند، هڪ ڇپايو (سنبت 1923 وڪرمي ۾ راڻي جي ديهانت واري تاريخ) ۽ آخر ۾ هڪ دُوهو ڏنل آهي، جنهن ۾ راڻي رتن بابت ڪٿيل ڇَندن جو تعداد بيان ڪيل آهي. سڀني سارسي ڇندن ۾ چوٿين نمبر واري مصرع ساڳي آهي. هڪڙي ڇند جو مثال هيٺ ڏجي ٿو؛

انياءِ ميٽڻ سيس ارپڻ رهي سوڍان ريت هي
سُولي چڙهيو هِت ديس ري گونجي جُهراوو گيت هي
همروٽ گڊ سُم منڏيا هينست پراڻ تياگ پُمنگ هي
امراڻ ڌرتي ڪري انجس رتن راڻا رنگ هي

”سنڌوُ سورنڀ“ هن ڀاڱي جي تقريبا ٻه درجن دُوهن ۾ ماضي، وچئين دؤر ۽ حاليه وقت تائين سنڌ ۽ سوڍاڻ علائقي (سنڌوُ روپي سمنڊ) ۾ پوڄيا ويندڙ پيرن، ديش ڀڳتن، سنتن لوڪ ديوتائن، ڀڳتي، ستي، ساڌوي عورتن، شاعرن، ۽ گھڻين ذاتين جي وڏن ماڻهن وغيره جي سُهڻي تعارفي جهلڪ گهڻي پيار سان تخليق ڪئي ويئي آهي. ان بابت ٻه دُوها حاضر آهن؛

ڏيوي سُون ٿانڪ ڏيپي، پُسپ سُڳند پرماڻ
موتي جُيون درياءُ مجهه سنڌ ۾ تِيوُن سوڍاڻ

پال ڌرم رڻ پوڍيو کل ڌل جهونجي خاص
سنڌ ۾ ڏاهرسين رو امر هُوئو اتهاس
اپڻيات ري ياد“ واري حصي جي دوهن ۾ سن 1957ع کان وٺي هن وقت تائين ڍاٽ ڌرا ۾ جنم وٺندڙ سڀني ذاتين جي سپُوٽ ماڻهن، اُنهن جي گُڻن، ڍاٽ جي مهمان نوازيءَ ۽ عام زندگيءَ ۾ خاص انسانيت جهڙن گُڻن سان ڀريل ماڻهن کان متاثر ٿيندي به دلي طرح پرڻام ڪيان ٿو. اُنهن سان بي حد پيار هوندي، انسانيت جي ناتي، ڪَٿيل نو دوها نموني جي روُپ ۾ ڏنل آهن. هي ڀاڱو ” ڍاٽ را پرسند چارڻ“ تاريخ، ادب ۽ ڏات ٽنهي نظرن سان اهم آهي. ڏيٿا چارڻ جي پيدائش کان وٺي پوري ڍاٽ علائقي جي پُراڻي زماني کان نئين دؤر تائين انيڪ گڻوان، پڙهيل لکيل، ڀڳتن، شاعرن، سنگيتڪارن، ”جمر“ جوهر ڪرڻ وارين ستين عورتن، ڏاتارن جو بنيادي تعارف ڏنل آهي. سوڍائڻ علائقي جي ڪنهن به ڄڳهه جو رهواسي هُجي اُن جي ياداشت شاعريءَ ۾ وڌيڪ هوندي آهي ڇاڪاڻ ته، سنسڪرت ۾ ننڍڙي پر تمام بهترين هدايت ڪئي ويئي آهي ته ”يا ڪويتا سا ڪنٺگتا“ مطلب جيڪا ياد ٿي سگهي اُها ئي شاعري آهي. دُوها ته اڻ پڙهيا به ياد ڪري سگهن ٿا. انهن دُوهن ۾ ڪيئي نيون ڳالهيون پهريون ڀيرو سامهون آيون آهن. مثال جي لاءِ چارڻن ۾ چوڏهن مشهور ڀڳت ٿيا آهن، ڇپائيي ۾ سڀنيءَ جا نالا ڇهه مصراعن ۾ ممڪن آهن، پر دُوهي جي ٻن مصراعن ۾ ته ڪن مهان ڀڳتن جا نالا ئي ممڪن آهن؛

آلُو اِيسر آسڪرڻ ماڌُو مَٿُورا داس
ٽيلي ٻارٽ تيجسي نج گُڻ ڀڳت نواس

مٿي ڏنل دُوهي ۾ ٻُڌايل آلُو (الو ناٿ ڪَويا)، اِيسر (ايسرا پرميسرا سڏيو ويندڙ) مهان ڀڳت ڪوي ايسرداس، آسڪرڻ (ايسرداس جو چاچو آسوجي ٻارٽ) ماڌُو (”رام راسُو“ جهڙي شاعريءَ جو ليکڪ ۽ ڍڳين جي حفاظت ڪندي پنهنجو ساهه ڏيندڙ ڀڳت) ماڌُوداس جي ڏڌواڙيا، ٽيلي ٻارٽ تيجسي واري مصرع ۾ ته تيجسي ٻارٽ جو ڳوٺ ٽيلو (نرهرداس جو اوتار چريتر جي ليکڪ جو ڳوٺ) ٻُڌايل آهي. ماڌُو سان گڏ مَٿوُرا داس لفظ ته گهڻن جو ٻُڌل هوندو، پر اڄ ڏينهن تائين ان جي جنم ڀوميءَ ۽ تخليق وغيره سڀ ڪجهه نامعلوم ئي رهيو. هڪ پراڻي هٿ اکرن واري لکت مان سڀ کان پهرين مون کي معلوم ٿيو ته مَٿوُراداس ڏيٿا شاخ (ڍاٽ-پارڪر علائقي جي) جو چارڻ هو. جنهن ”راگهوَ راسُو“ نالي رام ڀڳتي سان ڀريل شاعري تخليق ڪئي هُئي ”ڌار سُرنگي ڍاٽ“ ۾ ان حوالي سان هي دوُهو حاضر آهي؛

ڀاڻو ڪُل ۾ هري ڀڳت ڏيٿو مَٿُورا داس
”راگهوَ راسو“ ڄڻ رچيو اڙ چَهوُن ڪوٽ اوُجاس

اهڙي نموني جا ٻه چار مثال پڙهڻ جهڙا آهن.

موٽو تاڪب مٺڙيو جُونجهو ڏيٿو جاڻ
ڀُج پڙيو ڪائب ڀلي پرگٽ ڍاٽ پهچاڻ

سُت راجوڙ ڏيٿو سري ملهارو مهراڻ
سداورت راکيو سدا کاروڙو کُوماڻ

جس ڏيٿي رو جگمگي مرُوڌر ڍاٽ تمام
منڏيو ٻاڙمير مگ نينٻراج رو نام

ويڏو ڏيٿو ويدگان هُوئو ڍاٽ ۾ هيڪ
ويڏاڻِ جڻ سُون وسي نام امر ڀڙ نيڪ

ان کانپوءِ ”ڏيول-چرت“ ۾ ڍاٽ جي ڪُل ديوي ۽ چارڻ گوتر ۾ مشهور ديوين جي مالها ۾، پهرين مصرع ۾ مهان ديوي ڏيول ماتا جو ديومالائي چريتر بيان ڪيل آهي، راجسٿان ۾ شري ڪرنيجيءَ جو نالو سڀني جو ٻُڌل آهي. ديش نوڪ کان لڏي بيل گاڏي ۾ ڪرنيجي پنهنجي موسيري (ماسات) وڏي ڀيڻ ڏيول جي سان ملڻ لئه ڍاٽ (کاروڙو) ۾ آئي هُئي، اُن وقت کوهه ۾ ويٺل اڻندي کاتي جي آهُو ڳوٺ ۾ ياد ڪندي ئي حفاظت ڪئي هُئي. اُن بابت پُراڻو دوُهو اڄ تائين هلندو اچي؛

آهُو ۾ تُٽي ورت ڪُوئي مَجهه پيٺانهه
اڻندو کاتي تاريو مان کاروڙي ٻيٺانهه

هنگلاج ماتا جو اوتار مڃي ويندڙ مهان شڪتي شري ڏيول جي جيون ڪٿا ۽ قدرتي معجزن جو پهرين دوُهن ۾ کولي احوال ڏيڻ، بعد شري ”ڏيول جي را ڇند“ واري حصي ۾ هڪ دوهو، اَٺ ريڻڪي ڇند، چار ڇهپيا، ۽ آخر ۾ هڪ دُوهي سان گڏ هن اهم باب کي مڪمل ڪيو ويو آهي. ڏيول جي جو جنم ته ماڙوا (تعلقو پوڪرڻ) جي ڀليوجي سنڍائچ جي گهر ٿيو هو. ماءُ پيءُ جي اڪيلي ڌيءَ هُئي، شاديءَ جي وقت ٻين اٺ نياڻين سان گڏ ”نوَ تورڻئي مگري“ ۾ جتي نوَ دُرگا جي نموني هڪڙي ئي وقت گڏ شادي ٿي ھئي اُهي پٿر جا وڏا کنڀا، هڪ ٻئي سان ڪافي پري اڄ تائين بيٺا آهن، مون خود وڃي ڏٺا آهن. ان جون ڇهه ئي ڌيئرون ديوين جي روُپ ۾ پوڄيون وڃن ٿيون. ٻُوٽ ۽ بهچراءِ جي مشهوري راجسٿان، گُجرات ۽ ڪڇ ۾ ڪُجهه وڌيڪ آهي. ڏيول جي والد صاحب جي گذاري وڃڻ تي خود پنهنجي مائٽن ۾ ويئي ۽ والد جي گهريلو نوڪر ويگڙ ذات جي ميگهواڙ کي سمورو مال، ملڪيت دان ۾ ڏيئي ڇڏيو، جاگيري ختم ٿيڻ وقت اُن ميگهواڙ جي اولاد کي سرڪاري معاوضو مليو. ڪرنيجيءَ جي مڙ ۾ ڍڳين جي حفاظت ڪندڙ دسرت ميگهواڙ جي به روزانو پوڄا ٿئي ٿي. ان طرح ڏيول جي به سمريا سڏ ڏيندڙ، سڀ ڪجهه ڏسندڙ لوڪ ديوي ٿي. روزانو پڙهڻ لئه مُنهنجي لکيل ڏيول جي جي 8 ريڻڪي ڇندن ۾ سڀني جي چوٿين مصرع هي آهي ته

”مهمائي ويس هٿي ڏيول مان، ڀلي ڪري تُون ڀليائي“

”ڏيول-چرت“ کانپوءِ ”پرمار ونشي ديويان“ جي نالي واري ڀاڱي ۾ ديوين جا نالا، پاٽ آسٿان، پيءُ جو نالو ۽ ٻن ٽن چارڻين ديوين ۾ انهي نالن سان مشهور ديوين جي فرق سان ڪُل ڇهه پرمار ونش ۾ پيدا ٿيل ديوين جي واسطي، دُوها ۽ هڪ ڇهپايو (ٻن لحاظن کان) ڇپيو آهي. مٿي ڏنل روزانو پڙهڻ جهڙن ڏيول جي جي ڇَندن کانپوءِ ”ڪوَي – پرچئه“ واري ڀاڱي ۾ مون پنهنجو مڪمل تعارف دُوهن ۾ بيان ڪيو آھي، ڍاٽ سان واسطو پُورب جنم جي سُٺن ڪمن جو ئي ڦل آهي. آخر ۾ بيان ڪيو آهي ته ”سوڍائڻ“ جي شاعر ڪَوي چمن جي ڪَويا جو ڏاڏو ڪرنيڏانجي ۽ منهنجي والد صاحب سرڳواسي گووند ڏانجي جو ڏاڏو هرسنگهه ٻئي سڳا ڀائر هُئا، اهڙي طرح مها ڪَوي مُنهنجي والده صاحب جو ويجهو واسطيدار ڀائر هو. مطلب مُنهنجو وڏو پيءُ هو. سالن جو وقفو ڪيترو ئي هُجي، پر حققيت اها ئي آهي. پوءُ مُنهنجي ڍاٽ ۾ ساهورن ۾ پهريون ڀيرو کاروڙي پهچڻ جي ٻن ڏينهن کانپوءِ مون پوجئه ٺاڪر ڀيرجي سوڍا (وڏيلي) سان ملاقات ڪري ادبي ڪچهري ڪئي هُئي، ان ئي ڀيرجي جي پوٽي ٺاڪر جيتمال سنگهه سوڍي جي اصرار تي مون هي شاعراڻون ڪتاب ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ پايه تڪميل تائين پهچائي، ماتا ڏيول جي پيرن ۾ هڪ سورٺي ذريعي ارپڻ ڪيو آهي. ڪتاب جي منصوبي ۽ لکڻ بابت ٻُڌايل ڪُل 9 دُوها، جيڪي شُڀ انگ طور به سُٺو سنئوڻ آهن، ايترا ته سادن لفظن ۾ لکيل آهن جو عام پڙهندڙ جلدي ئي سمجهي سگهي ٿو. تخليق 2065 وڪرمي سنبت ۾ ٿي، پر ڇپائي (پهريون ڇاپو) سن 2009ع سنبت 2066 وڪرمي ۾ مڪمل ٿي. اصل ڪتاب ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ آخر ۾ ڪجهه گيت ڏيئي ڪتاب کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ مڪمل ڪيو ويو آهي.


اڀياس

1- گيت راڻا اوتارڏيو (امرڪوٽ) جو:-
هن ۾ امرڪوٽ جو ڳاٽ تمام اوچو ٿيو آھي! ڇاڪاڻ ته منڊور جي راوَ چونڊاجي جي راجڪُماريءَ (ڦُول ڪنور) سان شادي ڪرڻ وقت راڻي اوتار ڏي ٽي هزار گهوڙا يجمانن کي دان ڪيا هئا. جنهن جو سبب هي هو ته سوڍي کينئري پنڌرنهن سؤ گهوڙا جيسلمير ۾ سانڀيلي کان چونئري تائين پهچڻ لئه يجمانن کي دان ۾ ڏنا هُئا. ان واقعي بابت چونئريءَ جي وقت ”سوڍو کينئرو“ گيت ڳايو ويندو آھي. ان جي هڪ پيڙھي کانپوءِ ”ٽي هزار گهوڙا“ راڻي اوتار دان ۾ ڏنا.
2- گيت راڻا رتن سنگهه جو:-
ويرڀاڻ ڏيٿا (کارچي) جو لکيل: هن گيت ۾ انگريزن کان ليز حاصل ڪري غريبن سان ظُلم ڪندڙ محمد علي شاھ سان مقابلو ڪندڙ راڻا رتن سنگهه جي رعيت سان محبت جو ذڪر آهي.
3- سوڍا سونجي وڏيلي (ڀڏيلي) جو گيت:-
جُونجهار ڏيٿا (مٺڙيو) جو لکيل: ٺاڪُر ڀڏيلي جي سوڍي سون سنگهه جي ساراھ ۾ رچيل هي گيت تمام خوبصورت آھي. تاريخ جي ڄاڻون ڀيرجي جو ننڍو ڀاءُ سون سنگهه ڍاٽ ۾ تمام گهڻو مقبول هو.
4- سوڍا سوائي سنگهه وڏيلي(ڀڏيلي) جا ڇَند:-
کومڏان لانگيڏان جي ٻارٽ (ڀيماويري) جا لکيل: ٺاڪُر ڀڏيليءَ جي مشھور سوڍي ولد سونجي جي شان ۾ رچيل هنن ڇَندن ۾ سوائي سنگهه جي بهادري، مهمان نوازي، رحم دلي ۽ سُلڇڻائي جي سُندر شڪل ڊنگل ريڻڪي نموني ۾ تمام بهترين سليقي سان ڏني ويئي آھي.
5 - سوڍا دولت سنگهه جا ڇَند (اُٺ جا واکاڻ) :-
جيمل جي جهيٻا (جهانڦلي) جا لکيل: ڊنگل ادب ۾ انسانيت خدمت ڪندڙن جي هميشه واکاڻ واري ريت رهي آھي. وڏن ماڻھن سان گڏ اُنهن جي مددگار سُواري اُٺن، گهوڙن ۽ هاٿين وغيره جي ٺاھُ ٺُوھ، سينگار ۽ تيجسوي رُوپ کي ڇَندن ۾ بند ڪري، ٻُڌائڻ ۾ گُڻ پوڄا جي تهذيب جهلڪندي آھي. جوڌپور جي مهاراجا گجئه سنگهه جي هاٿين جا ”رومڪ ڇَند“ ” گجئه سنگهه ديئا گجراج ڪمنڌج اِندر جيسي رٿ آرهتا“ آسوپ ٺاڪر ناهرخانجي پاران دان ڪيل گهوڙن جا ڇَند، ”ورهاس ايسا ونسواڻ وڌارڻ دان سي ناهر خان ديئي“ جي طرح دولت سنگهه سوڍي پاران ڪوي جيملجي جهيٻا ڳوٺ جهانڦلي کي بنان گُهرئي ۽ گهر ويٺي اُٺ جو دان ڪرڻ سان گڏ ٻاجهر سان ڀريل ڳوڻ تُحفي جي رُوپ ۾ موڪلي ڏني ته، اُن ٻُڍي شاعر ڏُکئي وقت ۾ اهڙي مدد ملڻ تي خوش ٿي اُٺ جي واکاڻ وارا ڇَند سرجيا. جيڪي تمام گهڻا مشھور ٿيا. هن موضوع تي ڪجهه روشني وجهڻ وڌاءُ نه ٿيندو. جيملجي جهيٻا پنهنجي دؤر جو بهترين شاعر هو. اُن جي زبان پَرندي هُئي. اُن معمولي ماڻھن پاران ڪيل غير معمولي ڪمن تي شاعري لکي اُنهن کي تاريخ ۾ امرتا بخشي ڇڏي.
ادبي حوالي سان تمام وڏو ڪم ڪيو هو، پر ٻُڍاپڻ ۾ هٿ تنگ ٿي ويو، گهر ۾ ڪوبه ڪمائڻ وارو نه هو. ڏُڪار پوڻ ڪري اولهه راجستان ۾ غريب ۽ بي سهارا ماڻھن جي حالت نازڪ هُئي. سوڍو دولت سنگهه ڍاٽ جي ڳوٺ ڇوڙ جو رهواسي، گنگڏاس شاخ جو تمام مشھور ۽ اثر و رسوخ وارو ماڻھو هو. جيسلمير جي مها راول مُولراججي دولت سنگهه سوڍي کي کوهڙي ڳوٺ سنبت 1842 وڪرمي ۾ عنايت ڪيو هو. جتي ستين پيڙھيءَ ۾ ان جو اولاد اڄ به رهي پيو. گُڻن سان ڀريل رحم دل سوڍي جڏھن ڪوي جيمل جي جهيٻا جو حال احوال معلوم ڪيو تڏھن ڪنهن ماڻھوءَ کان خبر پيئي ته ڪَويسر جي حالت بُري آھي. اهو معلوم ڪندي هن دياوان سوڍي جي درياءَ جھڙي دل ڀرجي آئي. هن ڇا ڪيو جو چار مڻ ٻاجهري سان ڀريل ڳوڻ، هڪ سانڍ (اُٺڻي) تي پلاڻي تُحفي طور موڪلي ڇڏي. ٻاجهريءَ سان ڀريل ڳوڻ ۽ برسات پوڻ تي پوکڻ لئه ”جوڙو“ ٻئي مهرباني طور گهر ويٺي ملڻ تي ڪوي ڌنيواد ۽ شُڀ ڪامنا ڏني. اُٺ جي باري ۾ ”رومڪند ڇَند“ ٺاهڻ وارو ذھن ٺاهي ورتو. پُراڻي زماني ۾ ڪيئي شاعر اڻ پڙھيل هئڻ ڪري شاعري زباني ياد ڪندا هئا. مون اهڙا ٻه شاعر اکين ڏٺا جيڪي ٻنيءَ ۾ هر هلائيندي به رومڪند ۽ ريڻڪي جهڙا ڇَند ۽ ڊنگل گيت تمام بهترين نموني سرجي وٺندا هئا. ننڍو وڏو ڪتاب جوڙي زباني ياد ڪري ڇڏيندا هئا. سرڳواسي آسُوڏانجي سَنڊائچ ڳوٺ ماڙوا (پوڪرڻ) ته زندگيءَ جي اٺين ڏهاڪي ۾ ”رامڏي رُوپڪ“ نالي اعليٰ پائي جو ڪتاب زباني جوڙي ٻُڌائي ڇڏيندو هو. جيڪو پنهنجي هٿ اکرن ۾ لکي نه سگهندو هو. جيمل جي جهيٻا به لکڻ ۾ شايد ڪمزور هو جو ڳوٺ آڪلي (ٻاڙمير) جي پنهنجي رشتيدار نوجوان شاعر ڀڳوڏان پُٽ هرداسجي جهيٻا کي هي ڇَند لکڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ خوبصورت روپ ڏنو. جهيٻي جا لکيل ”اُٺ جا واکاڻ“ جهڙا ڇَند ٻئي ڪنهن به شاعر نه سرجيا هئا. اُنهن ڇَندن جي سرجڻ جو وقت سنبت 1842 وڪرميءَ کان 1850 وڪرميءَ جي لڳ ڀڳ آھي. سنبت 1812 وڪرميءَ ۾ ڀينڪر ڏُڪار پيو هو تڏھن جيسلمير جي ”جينجهڻياري“ ڳوٺ جي سَپوٽ ۽ رحم دل ڀاٽي مُولچند ”سداورت“ هلائي هُئي. ڏُڪار سبب سنڌ ڏي لڏي ويندڙ غريب ۽ بي سهارا خاندانن پاران اڻھوند ۽ مُشڪلاتن جي ننڍڙن ٻارن کي انهي ڀاٽي سردار جي ڀروسي ننڊ ۾ ڇڏي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ آڌي رات جو اُھي معصومن کي ڀري ننڊ ۾ اڪيلا ڇڏي سنڌُ لڏي ويا. ٻئي سال برسات پوڻ وقت واپس ڳوٺ ورندي ممتا جي مارين مائرن جڏھن پنهنجن ٻارن کي کلندي ڪُڏندي خوش ڏٺا تڏھن انهن جي اکين ۾ خوشيءَ جا لُڙڪ لڙي پيا. ان ڀاٽيءَ جي مدد ۽ رحم دليءَ جي باري ۾ جيمل جي جهيٻا جو لکيل هي سورٺو پڙھڻ وٽان آھي:

مُوڪيا ماويتريهه ٻاڙڪيا ٻاروتري
جادم جَتن ڪريهه موٽا ڪيڌا مُولچند

سنبت 1812 وڪرميءَ جو ته هي سورٺو آھي. سنبت 1842 وڪرميءَ ۾ کوهڙيءَ جو ڳوٺ سوڍي دولت سنگهه کي مليو. ان کانپوءِ جيمل جي جهيٻا جي لکيل ڇَندن جي ڪَڙي ملائڻ سان اها پڪ ٿئي ٿي ته، هُو حياتيءَ جي اٺين ڏھاڪي ۾ هو. آخري ڏينهَن ۾ لاهور جي سِک بادشاھ رڻجيت سنگهه سان ملڻ لئه ويو ۽ اُتي ئي هن جو موت ٿيو. ان بابت هي سورٺو آھي ته:

اڙ مُرڌر سُون آڻ ڪترا گُڻ ڏگڙي ڪيا
جيمل رو جيراڻ لکيو ھُوتو لاهور ۾

سوڍا دولت سنگهه جا ڇَند ”اُونٽ را وکاڻ“ ڪيئي ماڻھن پاران سکڻ جي دؤران سلسليوار نمبر ۽ ڇَند بدلجي وڃڻ ڪري، ڪيئي وڃائجي ويا. اتفاق سان مون پاران ٽن ماڻھن جي واتان ٽيپ رڪارڊ ڪيا ويا هئا. اُھي ٽيئي وڏا مري ويا. هڪ ٻن ٻين ماڻھن کان ۽ هڪ پينسل سان لکيل پنو ڪٿان هٿ آيو. اُنهن سڀنيءَ کي گڏ ڪري، سليقي سان ترتيب وار ٻه دوها، ٻارنهن رومڪند ڇَند، ۽ آخر ۾ هڪ ڇپايو ڏيئي، هن ڪتاب ۾ ان ڪري شامل ڪيم ته، جيئن ڍاٽ ۾ جنم وٺندڙ هڪ سپوٽ گنگڏاس سوڍي دولت سنگهه جي تاريخي اهميت هميشه محفوظ رهي. ھُن جو ذڪر اِتهاس جي پَني ۾ هميشه امر رهي. اُنهن ڇندن جي تقريبن اڌ صدي گُذري وڃڻ کانپوءِ ”سوڍائڻ“ جي سرجڻهار مها ڪوي چَمن جي ڪويا، سڻ ڌري (ٻاڙمير) جي راول وڀوت سنگهه جا ڇَند رومڪند ”اُونٽ را وکاڻ“ هڪ دُوهو، ٻارنهن ڇَند ۽ آخر ۾ هڪ ڇپيو لکيو هو. اُن جي برابريءَ جا ڇَند اڄ ڏينهن تائين ڊنگل ادب ۾ ناهن ملي سگهيا. ڪٿي ڪٿي اکر ڪٽجي ويا هئا، پر منهنجي والد صاحب سنڀالي رکيا هئا، جنهن سبب سوڍائڻ جي اڀياس ۾ مون انهن کي به سن 1966ع ۾ ڇپائي ڇڏيو هو.

آخر ۾ هڪڙو احوال ته جڏهن مون ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ کي پنهنجي ڳوٺ ٻرائي ۾ لکي پورو ڪيو تڏهن امر ٻلڌاني ”راڻي رتن سنگهه جا ڇند سارسي“ فون تي ٺاڪر ارجڻ سنگهه چوهاڻ (جهوٽڙا-جالور) کي ٻُڌايا، تڏهن هُو ايترو ته خوش ٿيو جو هن ڪتاب کي ڇپائڻ وارو سڄو ڪم قبول ڪري ورتو. اهڙي ادب ذوق، سماجي خدمت گار ۽ سڄڻ جا لک ٿورا مڃان ٿو. بعد ۾ ٺاڪر جيتمال سنگهه سوڍا جيڪو سوڍا شوشل ويلفيئر جو باني ۽ راڻي رتن سنگهه جي وڏ گهراڻي سان تعلق رکندڙ آهي. مون کي هڪ نياپي ۾ چيو ته ”راڻي رتن سنگهه ۽ ڍاٽ پرڳڻي جي گهڻين يادگرين کي جنهن ڪتاب ۾ دل سان لکيو ويو آهي ”سوڍائڻ“ کانپوءِ جي صرف هڪڙي اهڙي تخليق کي آئون پاڻ پنهنجي پاران ڇپائڻ جو پڪو ارادو ڪري چُڪو آهيان“ ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي تڪليف ڏيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. پوءِ به بنان ڪنهن لالچ جي نيڪ دل سان آڇ ڪندڙ مُنهنجي گهڻگُهري، ادب ذوق ٺاڪر ارجڻ سنگهه سوڍا لئه نيڪ تمنائون. باقي ٺاڪر جيتمال سنگهه ۽ اُن جي خاندان جي باري ۾ ڪجهه لکڻ لاءِ مون وٽ لفظ ئي ناهن…بس ايترو چوندس ته؛ جيوم شرڌه شتمو
دُوهو
هينوڙي هندا حرف هي البيلو اِتهاس
ڌرا سُرنگي ڍاٽ ري خوبي آهج خاص

شڪتيڏان ڪَويا
ڏياري-سنبت 2066 وڪرمي
پولو-2 جوڌپُور راجسٿان.

”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“

”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“
(ڊنگل لهجي ۾ ڍاٽ پرڳڻي جو تاريخيءَ ۽ تهذيبي احوال)

دُوها

سُمت سَماپي سُرستي اڪت انوٺي آڻ
ڌرا سُرنگي ڍاٽ را وڌ وڌ ڪرون وکاڻ
(اي سرسوتي ديوي! اهڙِي ڪا انوکي ڏات ڏئي جو آئون ڍاٽ جي سُندر رنگن واري ڌرتيءَ جي وڌ کان وڌ ساراهه ڪري سگهان)

مُني وشيشٽ جگ منڏيو آبُو سکر اُتنگ
دانو جد ڏيدو دخل ڊاڀڻ ڪيڌو ڍنگ
(وشيثٽ مُني جڏهن آبُو جبل تي ويهي يگيه ڪيو هو، تڏهن شيطاني صفت طاقتن دخل اندازي ڪئي هُئي. انهن کان بچاءُ لاءِ مُني باهه جي ڪُن مان چار شتري پيدا ڪرڻ جو سعايو ڪيو هو. )

اگن ڪُنڊ سُون اُوپنا پهه شتري پرمار
سولنڪي چوهاڻ سم هوئا وڙي پرتهياڙ
(باهه جي ڪُن مان چار راجپوت يوڌا پيدا ٿيا، جن مان بادشاهه پرمار ٿيو. سولنڪي، چوهاڻ ۽ پوءِ پڙهيار پيدا ٿيو)

اگن ارڪ ايڪو ارٿ اَسُروِ وڌُوسڻ آک
پرماران پرٿم سوڍو سورج ونسي ساک
(باهه ۽ سج هڪڙي ئي ڳالهه آهن، باهه ۾ به تپش آهي ته سج ۾ به تپش آهي، ان حوالي سان سوڍو سورج ونس آهي ۽ پرمارن ۾ پهرين نمبر تي آھي)

وڪرم اُجيڻ نرپ وڏو پر دُک ڪاٽ پرمار
جليمو ڪُل جگديو جڻ ڏيو سيس ڏاتار
(اُجيڻ نگريءَ جو وڏو بادشاهه وير وڪرم هو، جيڪو ٻين جا ڏک ڏور ڪندڙ پرمار هو. جگديو جي ڪُٽنب ۾ جنم وٺندڙ هي وڏو ڏاتار هو جيڪو سر ڏيئي سرهو ٿيو)

ڪُل پرماران جس ڪلس ڌارا نگري ڌيس
پرکي آخر ڀوج پهه وِسُوڌا لاک وريس
(پرمار ونس جي واکاڻيل گادي ڌار نگري آهي، جتي راجا ڀوج راڄ ڪيو هو، اُن تخت جي ٻٽيهه گُڻن کي پرکيو هو. راجا ڀوج جي ساراهه صدين تائين هلندي رهندي)

پوڻا ساک پينتيس هي وڏ پرماران وَنس
سوڍ پرماڻو جگ سهي اَمراڻون اونتَس
(پرمارن جي وڏ گهراڻي جون پوريون پنجٽيهه 35 شاخون آهن جن ۾ سوڍا جڳ مشهور آهن، سوڍن جي ڪري امرڪوٽ جو ڳاٽ سڀني کان اوچو آهي)

اکي سُجس تيون آڀرڻ پرڻ راکي ڏي پراڻ
گهر آيو مُونگم گهڻي سو ڌرتي سوڍاڻ
(واکاڻ اُنهن جا ڪجن جيڪي ساهه ڏيئي ويساه ڏين ٿا پنهنجي جان ڏيئي وچن پاريندڙ ۽ گهر آيل مهمان کي وڏي عزت ڏيندڙ ڌرتي سوڍاڻ (ڍاٽ) آهي)

گور سريکي گوريان مرد جٺي من موٽ
پرهه نوڪوٽان ۾ پرٿم ڪهيجي امرڪوٽ
(جتي جون عورتون حُورن جهڙيون حسين آهن، مرد مڻيادار آهن سڀني نوڪوٽن ۾ پهريون نمبر امرڪوٽ آهي)


شِو واڙي سَچيا آڏو اِشٽ انُوپ
سوڍي ني وَر سمپيو ڀَيو ڍاٽ رو ڀُوپ
(شِو واڙيءَ ۾ اِشٽ ديو شِو آهي، سَچيا ماتا جي ديا سان سوڍي کي دعا ملي ۽ هوُ ڍاٽ جو بادشاهه ٿيو)

سُت چاهڙ سوڍ سُپهه، هال رتوگڊ هيل
اگياري سؤ اڪياسئي ماهه سُڌ تيرس ميل
(چاهڙ راءُ جو پٽ سوڍو سنبت 1181 ۾ تيرس جي ڏينهن رتي ڪوٽ تي پنهنجو راڄ قائم ڪيو)

سوڍ هرو چاچگ سري پيهه امراڻو پاٽ
عُمر سومري اوُٿپيو کت پورس جس کاٽ
(سوڍي جي پوٽي چاچڪ ديو عُمر سومري کي هارائي امرڪوٽ جو راڄ هٿ ڪيو)

جئه ڀرم سُت جسهڙ جڪي ريجهه سوڍا امراڻ
ڏيٿا ڪوي جنف ني ڏيو کاروڙو جس کاڻ
(جئه ڀرم جو پُٽ جسهڙ هو، جنهن امرڪوٽ ۾ وڏو دان ڪندي، جنف چارڻ کي کاروڙي جي جاگير 1500 اڪڙ ڪروڙ پساوَ ۾ ڏني)


ٻارهي سؤ اڪراڻوي وت ٿت ڪروڙ وريس
راڻپ پڌوي ريڻوان سوڍان ڪي بگسيس
(سنبت 1291 وڪرمي ۾ ڍاٽ جي سوڍن پاران کاروڙي جي ڏيٿا چارڻن کي راڻپ واري لقب سان نوازيو ويو هو. )


ڏيول ڀليائي ڏيپي سگت وڏي سوڍاڻ
ٿانڪ کاروڙو ٿپيو پرچا جگت پرماڻ
(ڀلئي چارڻ جي ڌيءَ ڏيول شڪتيءَ کي سوڍا سچي دل سان پوڄيندا آهن جنهن جو آسٿان کاروڙي چارڻ ۾ آهي، جيڪا سڄي دنيا کي سمريا سڏ ڏي ٿي)

آوڙ ڏيوي ايٿ هي سمنڊ هاڪڙو سُوک
جيواڙيو مهرڪ جدي روي پهر هيڪ روڪ
(آوڙ ديوي اُتي آهي، جتي هاڪڙو درياءَ سُڪي ويو آهي، جنهن مهرک کي زنده ڪيو هو. سج کي هڪڙو پهر روڪي ڏيکاريو هو)


امرڪوٽ پرڻيا اُوڀي مهي ٻنڌي سِر موڙ
تونئر رامسا پير تِيُون رنگ پاٻوُ راٺور
(سِر تي سهرا ٻڌي امرڪوٽ مان پرڻجي آيل تونئر پير رامڏي ۽ پاٻوجي راٺور اوهان کي سلام آهي)

آيو سونل ري اينڏر سوڍان ونس سَڌير
مانڏڻ سُت ڌر ڍاٽ ۾ پرگٽ پٿورو پِير
(سونل جي ڪُک مان پيدا ٿيو، سوڍن جي سدير ونس جومالڪ، مانڏڻ جو اولاد ڍاٽ ۾ پٿوري جي نالي سان مشهور پير ٿيو)

پنري سؤ ڇپن پوڻان سُڌ ميگهسر ساتم
هوئو سوم ني ڀاڻهر ڄاڻ پٿورو جلم
(سنبت 1556 وڪرمي، نکشتر ميگهسر جي ساهي سَتون تي، سومر جي ڏينهن مانڏڻ ڀاڻ جي پُٽ پٿوري جو جنم ٿيو)

مُڏي اکاڙي رو مهنت وير ناٿ سِڌ ويس
ڏيو مُگٽ ڏيول مان اڻ ٿانڪ آديس
(آکاڙي مندر جو مهنتر ويرناٿ ساڌو هو، ڏيول ماتا جي آديس سان اُن جو ٿان به اُتي آهي)

هوئو سنت همروٽ ۾ جپيو جاپ اَٺ جام
ڏيو چند سُون ڏرسيا نجانند گڻ نام
(امرڪوٽ ۾ هڪڙو سنت ٿيو، جيڪو اٺ ئي پهر ايشور جي نالي ۾ مگن هوندو هو، جنهن جو اصل نالو ڏيو چند هو، پر پوءِ نجانند نالي سان مشهور ٿيو. )

تڻ گادي سامي تپيو ڌامي پنٿ ڌجال
پراڻ ناٿ سِڌ پُرش ابڌوُ ڀيک اجال
(اُنهي گاڌي تي وري سامي تپسيا ڪئي، جنهن ڌامي نالي پنٿ جو بنياد وڌو. پراڻ ناٿ نالي اهو سچو ماڻهو سدائين سامين جي ويس ۾ هوندو هو. )

پير بڙو پڇماڻ پَت سنڌ ۾ جميل شاهه
سَکر ڌڻي پوجي سهي رل مِل دُونون راهه
(اولهه ۾ وڏو پير سنڌ جو جميل شاهه آهي، جنهن کي هندو مسلم سڀئي پوڄين ٿا. )

ڀلو هُوئو روحل ڀڳت ڌر امراڻون ڍاٽ
ڪنڊڙي واڙو پير ڪهيجي پوڄي تاپس پاٽ
( امراڻي جي ڌرتيءَ تي روحل ڀڳت جهڙو ڀلو ۽ نيڪ ڀڳت ٿيو، جنهن کي ڪنڊڙيءَ وارو پير ڪري سڏيو ويندو آهي، جنهن جي پوڄا پاٽ به ڪندا آهن. )


سوڍ کينئري سَمپيا هيور ڏيڊ هجار
چونئري ويلا چاوَ سُون سُجس گائي سنسار
(سوڍي کينئري چوئنري چڙهڻ کان اڳ ساميئي وقت چارڻن، ڀاٽن ۽ ڀانن کي پنڌرنهن سؤ گهوڙا خيرات ۾ ڏنا هُئا. جنهن ڪري چوئنري وقت وڏي چاهه سان سوڍو کينئرو گيت ڳائي، هي سنسار اُن جا گُڻ ڳائي ٿو)

ڌيا چونڊ ڪمڌج ري پرڻو جان پڌار
اپيا راڻي اوتار ڏي تين سهس توکار
(چُونڊا راوَ راٺورڙ جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ وقت راڻي اوتار ڏي يجمانن کي ٽي هزار گهوڙا دان ۾ ڏنا هُئا)

سوڍي بانٽي سمپدا چندڻ ورس چوئيس
ڪيرت گاوي ڪاڇٻو ڍاٽ پارڪر ڌيس
( پارڪر جي سوڍي راڻي چندن چوويهه سال ڪارونجهر وٽ دان ڪيو، جنهن جو اصول هو ته دان پُڃ ڪرڻ کان اڳ ۾ ڏندڻ پاڻِي ڪو نه ڪندو هو. جنهن جا گڻ ڪاڇٻي ڳايا آهن)

سوڍ رتن مُولي سُپهه ڀلو سُپوتان ڀاوَ
پربت ميسڻ ني پرتک ڪيڌو ڪروڙ پساوَ
(سوڍو رتن چارڻن کي دان ڏيڻ ۾ مشهور هو جنهن پربت ميسڻ (چارڻن شاخ) کي دان ۾ ڪروڙ پساوَ ڪرايو هو)

سانول سُڌ چارڻ سُڪوي آکيا گيت امام
سمپي ساتُون سندڙي جس لي اُنڙ جام
( چارڻن جي بهترين شاعر، سنڌ جي ڄام اُنڙ جي ساراهه ۾ ڪيئي خوبصورت گيت لکيا آهن)

تڻ رو سُتن تماچي سنڌ تڻو پتساهه
وسُوڌا چَهُون ڪوٽان وڌي پرمل پول پرواهه
(تنهن جو پُٽ ڄام تماچي ٿيو، جيڪو سنڌ جو بادشاهه هو. جنهن جي ساراه چؤڏس ائين چمڪي رهي آهي جئين پونم جو چنڊ چمڪندو آهي)

سمان روگڊ سامئي سُڌ تاران رو سام
اُنڙ هندي اوڙ ۾ جس لي گاهو جام
(سمن جو گڊ سامئي کي چوندا آهن، جيڪو بهترين سخي سڏيو ويندو آهي. ڄام جي لقب سان سڏيو ويندو آهي ڄام اُنڙ جي ساراه هر ڪهنه ٻڌي هوندي ان جي خاندان ۾ ڄام ڳاهو به مشهور ٿي گذريو آهي)

وِيڪو پُنوئاڻي وَروي گڊوان نون گجراج
جاڙيچو جس جاڻ گر سُڌ تاران رو سرتاج
(ويڪو پنهوئاڻي چارڻن کي هاٿي دان ۾ ڏيندو هو، اُهو جاڙيجو سڀني ڏاتارن جو سرتاج هو، جنهن جا گڻ صديون ڳائينديون)

سپڙ ڇهوٽاڻي سمون هتوان پورڻ هام
پنگ چڙهايا پالڪيان نج ڪُل چاوون نام
(سپڙ ڇهو ٽاڻي سمون وڏو ڏاتار ٿي گذريو آهي جنهن جي هاڪ هر هند هلي ٿي، جنهن چارڻن کي پالڪين ۾ چڙهايو هو)

هيڙائو گاوي هُلس ڌن اوجڙي ڌر ڍاٽ
ڪانٽي موتي پوويان ٻنون ويهنتي واٽ
( ڌنڪار ڍاٽ جي ڌرتيءَ کي جيڪا هيڙائو جا گُڻ ڳائي ٿي، جنهن واٽ ۾ ڪنڊن جي جاءِ تي موتي وڇائي ماڻهن جي آڌرڀاءُ ڪئي هُئي. هيم هيڙائو ڄام اُنڙ ۽ لاکي ڦُلائي کان به مٿي ڏاتارهو).

سُڻ ناگوڌر سومرا انتس وَڌي الوڙ
رنگ ڀيڻي اڌ رين ۾ گهڻ مونگي هلي گهوڙ
( اي ناگوڌر سومرا ٻُڌ ! اندر ۾ وڏي اُڪير اُٿي آهي! رنگن ۾ ٻُڏل اڌ رات جو اندر ۾ پيار جو درياءَ پلٽي پيو آهي، دل تو تان نڇاور ٿيڻ لئه تڙپي اُٿي آهي)

مِهاجڙ جايو مينڌرو گهِر رَسالُو گيت
محل هُوتا امراڻ مهي پر تک نشاني پريت
(”مهاجل جايو مينڌرو“ نالي رس ڀريو لوڪ گيت امراڻي جون عورتون ڳائينديون آهن، جيڪو سچي ۽ پڪي پيار جي پوري نشاني آهي. امراڻي اهڙي پيار جي نشاني طور هڪ محلات هوندي هُئي. )

ميڙي تج آئي ملڻ ڪيا پراڻ قربان
گونجي مُومل گيت ۾ امر پريت اُهناڻ
( ماڙيون ڇڏي، محلاتون ڇڏي، صرف محبوب سان ملڻ لئه آئي ۽ جان قربان ڪري ويئي. اهڙي سچي پيار جي نشاني مُومل گيت ذريعي اڄ به ڍاٽ جي دڙن تي گونجي ٿي)

ڀيري سانگڙيئي ڀلي ٻالوچڻ گائي
ڪلي رتنُو ڪوڏ سُون پُتري پرڻائي
(سانگڙ ڳوٺ (راجسٿان ۾) جي ڀيري نالي چارڻ ڪلاڪار اهڙي بهترين نموني ”ٻالوچڻ“ ڳائي جنهن کان متاثر ٿي ڪَلي رتنوُ چارڻ پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏني)

باتان جلال بُوبنان ٿٽي بکر رو ٿاٽ
واٽ پريت چاوي بي حد هيٿارت ري هاٽ
(جلال بُوبنان جو ڳالهيون صديون ڪنديون آهن جتي بکر جو ٺٺ هو پيار ۽ محبت جو ڳالهيون هونديون هيون. )

ساهه رسالو سانڀڙو سنڌي سات سنيهه
گاوي منگل گوريان آپي ڪنٺ اڇيهه
(اي سنڌيو! شاهه جي رسالي کي سڪ ۽ محبت سان ٻُڌو، جنهن کي خوبصورت ڇوڪريون شُڀ ڏيهاڙن تي پنهنجي ڪوئل جهڙي آواز ۾ آلاپين ٿيون. )

ساهه هُمايون لي سرڻ جلميو اڪبر جيٿ
بانٽي ڪستوري وڙي امراڻون ڌر اُيٿ
(دهليءَ جي شهنشاهه هُمايون جڏهن شاهه سُوريءَ کان شڪست کائي راڻي پرشاد وٽ جتي پناهه ورتي هُئي اُها امرڪوٽ جي ڌرتي آهي، جتي بادشاهه اڪبر جو جنم ٿيو هو. جڏهن اڪبر ڄائو هو تڏهن راڻي پرشاد پوري شهر ۾ کٿوريءَ جي خوشبوءِ ڦهلائي هُئي)

ڀاماسا تڻون ڀون ڪروڙي ڌج ڪينڪاڻ
هُوتا سهر همروٽ ۾ ساک ڀري سوڍاڻ
(ڀاماسا راجا جو محل هوندو هو. جتي ڪروڙن جي ملهه وارا ڀلا گهوڙا هوندا هئا، اهو امرڪوٽ شهر هو. جنهن جي شاهدي سوڍن جي سموري ڌرتي ڏئي ٿي)
سنڌ ديس سوڍاڻ هي رتناڪر رو روُپ
ڏڌي مٿڻ جم درسيا چوڏهي رتن چُونپ
(سوڍن جي ديس سنڌ سمنڊ وانگي آهي جنهن ۾ رهندڙ سوڍا ائين خوبصورت لڳن ٿا ڄڻ سمنڊن مان نڪتل چوڏهن رتن (هيرن) هُجن)

رنڀا جسهڙي رمڻيان چندر مُکي من چاوَ
مڻين گهڻا گج گامڻي ويس سُرنگا وڻاوَ
(رنڀا (سرڳ لوڪ جي اپڇرا جو نالو) جهڙيون خوبصورت وينگسون، چنڊ جهڙن وڻندڙ چهرن سان، ڪيئي زيور پائي، هاٿي وانگي ڌيميون ڌيميون هلندي سُندر ويس وڳن ۾ من کي موهي مارين ٿيون. )


گهرت امرت ڌيڻا گهڻا وڻ وينيوجن وڌ وڌ
ڌينان وهي سُرڌين جَيُون سڌن رما رِد سِڌ
(کير، مکڻ، گيهه جون نديون هلن ٿيون. ڍاٽ جي ڌرتيءَ تي رِڌي سِڌي جي ڪرپا سان ليلا لهر لڳا پيا آهن)

وڏ گهڊنبر ڪَلپ ورڇ هئي روي جَيُون ورهاس
سري ڌار سوڍاڻ ري رنگ روُپ گُڻ راس
( سوڍن جي خوبصورت ڌرتي ڍاٽ سڀني کان وڌيڪ گُڻن، رنگن ۽ رُوپن سان رچيل آهي جتي جا گهوڙا سج جهڙا سُندر ۽ تيجوان آهن)

هر گهر ۾ اوطاق هلي ٿِروُ هٿيان ٿاٽ
دپٽ اُڙي گيهه ڏُوڌ ري ڌر اوپجائوُ ڍاٽ
( هر گهر ۾ اوطاق هلي ٿي. سدائين ٺٺ ٺاٽ لڳا پيا آهن، گيهه ۽ کير جي خوشبوءَ ڍاٽ جي اُجري ڌرتيءَ تي مهڪي رهي آهي)

طور انوُٺي تريوَٽي پيچ موليو پاڻ
تن ڪَسيا جرڪس تُري سُڀٽ جڪي سوڍاڻ
(انوکي طريقي سان تريٽو پائي، مٿي تي ڦينٽو ٻڌي، سينگاريل گهوڙن جا لغام ڇڪي سنواري صرف سپوٽ سوڍا ئي ڪري سگهندا آهن،جن جي لوڏ جي هوڏ ڪوبه نه ٿو ڪري سگهي)

لال ريسمي لُنگيان خاص نصرپوري کيس
چنگا نر هيور چَوان وڙي سُرنگا ويس
(ڳاڙهيون ريشمي لُنگيون ڪُلهن تي، ٻيا خاص نصرپوري کيس کڻي گهوڙن تي سنوار ٿيندڙ خوبصورت سوڍن جا رنگ برنگي ويس وڳا موهندڙ آهن)

ورهاسان ناسان وجي پوهمي ٿرڪي پوڙ
گجب ڍاٽ گڻگور ري ڏيٺي واھ گُهڙ دوڙ
(گهوڙن جي وڄندڙ ٽاپولين سان، ڌرتي ڌُٻندي آهي، گڻگور (وِرت) جي ڏينهن گهوڙن جي ڊُوڙ ڍاٽ ۾ غضب جي هوندي آهي، جيڪا مون اکين سان واهه جو ڏٺي آهي)

ڍاٽ ڌرا ري ڌيوڙي گجب سُرنگو گات
جَيُون سورج ري جُوت ۾ پويڻ کِليو پرات
(ڍاٽ ڌرتيءَ جي ڌيئاري غضب جا سُندر گيت ڳائيندي آهي ۽ هوءَ ائين ٽڙندي آهي جئين سُورج جي ڪرڻن تي پرهه ڦُٽي جو ڪنول جو گُل ٽڙندو آهي)

اوکاڻو آڏُو اِڙا پرتک گُڻ پرماڻ
جي سُک چاهو جيو رو ڌڻ ڍاٽيجي آڻ
(سموري ڌرتيءَ تي اهو ئي پُراڻي ڪهاوت مشهور آهي ته جيڪڏهن زندگيءَ جا سمورا سُک صحيح نموني ماڻڻ چاهين ٿو ته، زال ڍاٽ جي ڍاٽياڻي وٺي اچ)

گهاٽ انوکي جس گهڙت هئي هيت ري هاٽ
جُونو تِلڪ لِلاٽ جگ ڌُرو تاري جَيُون ڍاٽ
( مالڪ سائين ڍاٽ کي انوکي نموني سان ٺاهيو آهي، محبت جي هاڪ آهي جئين قُطب تارو هن جهان جي نرواڙ تي جهوني تِلڪ جيان خوبصورت لڳي ٿو ائين ئي ڍاٽ سُهڻي آهي)

سانڀڙ ڪيرت سنڌڙي نرمل ڀڙڪي نوُر
سوڍا ريجهاڙُو سڪل پرمل جَس ڀرپُور
(سنڌ جو تعارف ٻُڌو! هي اُها ڌرتي آهي جتي نرمل نور وسي ٿو. جتي سڀني سان محبت ڪندڙ سوڍا رهن ٿا. جن جي ساراهه سڄو ڏيهه ڀرپور نموني سان ڪري ٿو. )

ڌن ڌن جهوني ڍاٽ ۾ جبر سوڍ جونجهار
گائيجي گيتان گُڻي دل پريمي ڏاتار
(ڍاٽ جي سڀاڳي ڌرتيءَ تي ڪيئي سپوٽ سوڍا، زوردار بهادر، سخي ڏاتار ۽ محبت ڪندڙ مرد پيدا ٿيا آهن، جن جا گڻ گيتن ۾ ڳائجن پيا)

گيت رتن راڻو گجب ڦهليو جس چهون ڦير
ايڪر سُون امراڻي ۾ گهوڙلو پاڇو گهير
(راڻي رتن جي باري ۾ رچيل لوڪ گيت ”هڪ وار امرڪوٽ گهوڙو وٺي اچ“ چوڏس غضب جو ڦهليو آهي)

رڻمل کاوڙيو رُوچي گائي رائچند گيت
جلو هنجلو جگت ۾ پُڻ وائريو پريت
(ضلعي هنجلي جو رڻمل کاوڙيو به مشهور هو جنهن جي باري ۾ رائچند گيت ڳايو ويو. )

واگهو ڪوٽڙيو وڙي لاکو ڦُلاڻيهه
جسمان آيل جوڙ ري سروڻ رنگ ماڻيهه
( هن دُوهي ۾ ڪڇ جي مشهور ڌاڙيل ۽ سخي ڏاتار لاکي ڦلاڻي ۽ راجستان جي مشھور سخي واگهي ڪوٽڙئي جي وڏائي بيان ڪئي ويئي آهي)

ڪاڇي ڪريو ڪوڏسُون گڻ توڏڙلي گائي
سيڻان ري واڙي سرس جِت مورُوڙو جائي
(ڪڇ پرڳڻِي جا ڪاڇي ماڻهو شوق سان ڪرهليو ۽ توڏڙلي ڳائيندا آهن. سڄڻ جي سرزمين سڀنيءَ کان ڀلي آهي جتي مورُوڙو وڃي ٿو)

”تاريخ ۾ مشهور سوڍن جو تعارف“

”تاريخ ۾ مشهور سوڍن جو تعارف“

ڌن ڌن ڌورا ڍاٽ را جوڌ سجورا جاڻ
نُورا ڪَرڪَر نيهه سُون سورها رکي سُجاڻ
(ڍاٽ ڌرتيءَ جا سڀاڳا دَڙا، جتي جوڌا پيدا ٿين ٿا، اُتي محبتن جي منوهار ڪئي وڃي ٿي. سڄڻ کي خوش رکيو وڃي ٿو)

گيتان آلوُ گُونجتي ڍاٽي تڻي ڌوريهه
رو اَجوڻي راتڙي ٿِٿ سيڻان ٿوريهه
(ڍاٽ جي ڌَڙن واري ڌرتي گيتن سان گُونجي ٿي. اڄوڪي رات سڄڻ جي ٿوري سان هتي ئي رهي پئو)

هووي جگ ۾ هوڪٻا راگ تڻون انو راگ
پورس انمي پاگ ۾ ڀل سوڍا وڏ ڀاگ
(راڳ توڻي رس ۾ دنيا ۾ اها هاڪ آهي ته بادشاهي ۾ سوڍن جو تخت سڀنيءَ کان سرس آهي)

سُور وير سوڍاڻ ۾ جلمي ٿيٽوُ جاڻ
لي ڪرپاڻ رڻ ڌڙ لڙي اُتٻنگ پڙ امراڻ
(سُوريهه ويرن جي سڀاڳي ڌرتي سوڍڪيءَ ۾ هتي ڪيئي جوراور جوڌا پيدا ٿيا آھن، جيڪي ڪرپاڻ (هٿيار) کڻي جنگ جي ميدان ۾ گهڙيا، جن جا سِر ڪٽجي ويا، پر ڌڙ لڙندا رهيا، امراڻ جي ڌرتيءَ تي اُنهن جا شيش سورهيائيءَ جا ثبوت بڻجي رهجي ويا)

ڌرتي اُوجل ڍاٽ ري والهي واٽ وسيس
ٿرو امامان ٿاٽ هلي هاٽ رهاڻ هميس
(ڍاٽ جي اُجري ڌرتي، جتي سدائين گهڻي کان گهڻان ٺٺ باٺ رهيا آهن. جتي سدائين رهاڻ رچيل هوندو آهي)

سوڍان رنگ ليڌا سدا ريڌا گُڻ راجاڻ
ڪيڌا اڀري ڪَوياڻ ڏيڌا سانسڻ ڏان
(راجائن جي گُڻن سان ڀريل سوڍن سدائين سلام ورتا آهن. چارڻن کي نهال ڪندڙ سوڍا سانسڻ (ڪروڙ پساوَ) جهڙا ڏان ڏيندا آهن)


آڏُو شِو رو اِشٽ هي ڏيوي مان ڏيول
جبرا جوڌ جوان جگ آڇي اوڌ اول
(شو ڀڳوان جي ڪرپا سان ڏيول ماتا هن ڌرتيءَ تي راضي آهي، هن ڌرتيءَ کي زوردار جوڌا، جوان ۽ عقلمند انسان سڀنيءَ کان اول ڏئي ٿي).


سوڍا پرسند سُورما، آپي ريجهه اُمنگ
اتم ٻل نج اِشٽ رو رجوٽ گهروٽ رنگ
(سوڍا تمام گهڻا مشهور دلير آهن، اُهي غريبن کي دل سان دان پُڃ (خيرات) به تمام گهڻو ڏيندا آهن، پنهنجي اصول ۽ خودداري سان راجائي ڪندڙ اُنهن وڏ گهراڻن کي سلام آهي. )


ويرت ڪيرت ري وگت پرماران ڪُل پنٿ
نامي ڪوي چمنيس رو گُڻ ”سوڍائڻ“ گرنٿ
(پرمارن جي ويرتاهه ۽ ڪارنامن جي گُڻن سان ڀريل ڪتاب ”سوڍائڻ“ مشهور شاعر مها ڪَوي چمن جي چارڻ جو لکيل آهي)

ونڪ آسيو ورڻيو هال رائمل هيج
سوڍ ويرسي رو سُجس تويو ساندو تيج
(رائمل ويرسي سوڍي جو سُجس ڪوي بانڪيداس تمام بهترين نموني ڳايو آهي. )

سوڍ نٻاوت ويرسي سُت تڻ چار سَڌير
”پچائڻ ”ڏيوو“ پرٻل وانڪو راگهوَ وِير
(نٻن ۽ ويرسي سوڍن ۾ ٽي چار اتنهائي سپوٽ ٿيا. پُچائڻ ۽ ڏيو پنهنجو مٽ پاڻ هُئا ته، وانڪو ۽ راگهو به عقل جا وير هُئا)

پچائڻ رو پوترو سُت ڀاکر سُڀياڻ
سوري سوڍي ري سدن جلميو راسو جاڻ
(پچاڻ جو پوٽو ۽ ڀاکر جو سپوٽ پُٽ رائسنگهه سوريهه وير سوڍو ٿي گُذريو آهي)

ڀيروَ گنگداسُوت ڀڙ سوڍ اُنڙ سمراٿ
گڊ ٿپيو وانڪو گرند گُڻ جهمال جس گاٿ

واڍ رمان وِت واڙيو ڪر جُڌ آيو ڪام
سوڍ چند امران سَتي ويڪونٽان ۾ واس
(جنگ ۾ شهيد ٿيل گنگڏاس سوڍي چند جي ستي ناري امران، جيڪا چنڊ تي ستي چڙهي سرگ لوڪ ۾ ويئي)

سوڍي دولت سنگهه ري ڪيرت سُڻان چهون ڪُونٽ
پنهنچايا گهر پاتوان اڻ منگيا ڏت اونٽ
(سوڍي دولت سنگهه جي ساراهه چوڏس ٻُڌي رهيو آهيان، جنهن چارڻن کي اڻ گُهريا اُٺ دان ۾ ڏيندي گهر پهچائي ڏنا)


سوڍو سلامڪوٽ رو جس ڌاري جگمال
راساوت رَجوٽ رکي سُتروان ري اُر سال
(اسلامڪوٽ جو سوڍو جگمال انتهائي ساراهڻ جوڳو آهي، رائسنگهه جي هن پُٽ سدائين راجائي ٻارن وانگي پنهنجي تهذيب جي وارثي ڪئي ۽ راڄ جي سار سنڀال ڪئي)

سُت مهاوَ جالم سَري، دل اوجڙي ڏاتار
وت سوڍائڻ هت وَروي ساک نٻاڻ سڻگار
(مهاسينگهه جو پُٽ جالم سنگهه عظيم هو، جنهن جي دل صاف هُئي. هُو وڏو سخي ڏاتار هو. هُن سوڍن جي شان خاطر سخاوت وارو گڻ سدائين قائم رکيو. هُو نٻا شاخ جو سينگار هو. )

وڏ هٿ سوڍو واگهه سنگهه ڏاهلي گج ڏاڻ
جهيٻي ڪيسر جهانڦلي جيرا وڌ حد ڪيا واکاڻ
(سوڍو واگهه سنگهه وجئرا هٿ جو ڇُوٽ سخي ڏاتار ۽ وڏي دل وارو هو. جنهن جو ڳوٺ ڏاهلي هو. ڏاهلي جي هن ڏياوان سوڍي جا گهڻي کان گهڻا واکاڻ ڪيسروجي جهيٻي ڳوٺ جهانڦلي واري ڪيا آهن)

سوڍان ۾ ٻهون سُورما ڏيپي رام ڏيپال
لکيا سُوجڙي جهولڻا ڪُل ڏيٿان ڪرڻال
(سوڍن ۾ تمام گهڻا سُورما ٿي گُذريا آهن، پر رام ڏيپال جو نالو اڄ به چمڪي ٿو، جنهن جي ساراهه ۾ ڏيٿا ڪُل جي آفتاب سُوجڙي چارڻ جُهولڻا (ڇند جو قسم) لکيا آهن)

پونجو سوڍو پارڪر اڌڀُت ريجهه اُمنگ
راجوڌر چُوهاڻ رو سُسرو ڀڳت سُچنگ
(پارڪر جو پونجو سوڍو وڏو ڏاتار هو، دل گُهريا دان ڏيندڙ پونجو، راجوڌر چوهاڻ جو سهرو هو. )
نامي سِڌ اکوي نٻو کت اوجلي ورد کاٽ
هر ڀجيو جگمال هر ڌاري انجس ڍاٽ
(اکجي جي نيڪ نالي سان سڏجندڙ نٻو سوڍو تمام مشهور ڀڳت هو، اکجي جگمالاڻي نٻي ايشور جي وڏي ڀڳتي ڪئي هُئي، جنهن جا جس اڄ به ڍاٽ ۾ ڳائجن پيا. )

ڀوجراج سوڍو ڀگت مانيجي مُنيراج
ساڏُولوتان خان سُت آنٻو پوجي آج
(ڀوجراج سوڍن ۾ مُنيراج نالي ڀڳوان جي ڀڳت کي وڏي مڃتا مليل آھي، ساڏُورن ۾ وري خانجي جو پُٽ آنٻو پوڄيو وڃي ٿو. )

سوڍ جالم سنگهه ري ڀُئا اڀل ڪنوار
ستي ڀگت اکوي سُتا نِت پوجي نر نار
(اسلام ڪوٽ جي مشھور سوڍي جالم سنگهه جي ڀُئا (ڦُڦي) اول ڪنور ستي ڀڳتياڻي هُئي. اکجي جي ڌيءَ کي روز نر ناريون پوڄين ٿا. )

مالا ڦيري مُول سنگهه گوڌيار جڻ گام
سام سُتن سوڍو سهي رُوڙو ڀجيو رام
(گوڌيار جي سوڍي مُول سنگهه ولد سام سنگهه رام جي اهڙي ڀلي مالها جپي جو اڄ به سندس نالو اجر امر آھي)

سِوو کانپ ساڏُول ري چَوان سوڍ چيلار
گئُووان هِت لي ويرگتي جس گاهڙ جوڌار
(چيلهار جي سِوي ساڏُور ڍڳين جي رکشا ڪندي پنهنجا پِراڻ ڏيئي امرتا پراپت ڪئي، جنهن جا جس چوڌاري پيا ڳائجن. )



جاڻي ويراڻي جگت ڀڙ ونڪو ڪُل ڀاڻ
سوڍ وچايو کيتسي پرتک گَئُووان پِراڻ
(ويراڻي جو ڳوٺ دُنيا سُڃاڻي ٿي، جنهن جي ڀاڻ ڪُل ۾ پيدا ٿيندڙ سوڍي وير بهادر کيت سنگهه ڍڳين جا پراڻ بچايا هئا. )

سوڍ وچاوڻ سُرهيان ڪَلو آويو ڪام
ڦُولان ڏوهٽ سَت ڦٻي ڌيءَ رڙيارو ڌام
(حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندي ڪَلي سوڍي جام شهادت نوش ڪيو، جنهن تي رڙياري جي ڏوھٽ ڦُولان ستي چڙھي، جنهن جو ڌام اڄ به رڙياري ۾ موجود آھي. )

اڌڀُت ڀڙ امراڻ رو سوڍو سُورجمل
ڌن هوئي تڻ ري ڌيئا پلا ٻنڌيا پال
(امرڪوٽ جي ديوتائي سُونهن جي مالڪ سوڍي سُورجمل جي ڌيءَ سڀاڳي هُئي جو پاٻوجي راٺوڙ جهڙي ويرپال وجود سان زندگيءَ جا پلا ٻڌي چونئريءَ جا ڦيرا ڦري. )

دِلي تڻي ڌن ڏيڪري سوڍي نيتل ساٿ
رچيو جگ ور رامڏي هَو جوڙي جگ هاٿ
(امرڪوٽ جي دلجي جي ڌيءَ نيتل ٻائيءَ سان رامڏي پير شادي ڪئي، جنهن جي اڳيان هاڻي جڳ هٿ جوڙي نمسڪار ڪري ٿو. )

راڻو سوڍو رائمل من موٽي مهراڻ
گڊوان رچيا گيت گُڻ پُختا ملي پرماڻ
(راڻو سوڍو رائمل سِنڌُو درياءَ جيڏي دل جو مالڪ هو، جنهن جي گُڻن جا گيت چارڻن سرجيا آھن جن مان هن جي سُگُڻن جي پڪي شاهدي ملي ٿي.)

چاوو ڀڙ چيلهار رو دل موٽي ڏاتار
سُت مهاوَ جونجهارسنگهه سوڍان ڪُل سڻگار
(چيلهار جو مشهُور ڏاتار، وڏي دل جو مالڪ جُهوجهار سنگهه ولد مهاسينگهه ساڏُور سوڍن جو سينگار هو)

نرا ونس ۾ نُور هو پهه سوڍا پرتاب
ڪُرب ڏيو ڪويراج ني سؤ ڌجراج سماپ
(نرن سوڍن ۾ نُور جهڙو بادشاهه پاٻُوهر جو سوڍو پرتاب سنگهه هو، جيڪو چارڻن کي ڪُرب (دان ڏيڻ جو هڪ قائدو) ۾ سؤ گهوڙا ڏيئي سرهو ٿيو هو. )


سوڍ هُوئو کنگهار سُت گرڌر هر گُڻمال
مانجهي ڍاٽ سهر مجهه لالو جس ليوال
(کنگهارسنگهه جو پُٽ گرڌرسنگهه تمام عقلمند هو. جنهن جا ڍاٽ جي شهرن ۾ اڄ به گُڻ ڳائجن پيا)


گام ڪيرٽي رو گُڻي، سوڍو اڻند سُچيل
مگها سُتن ڏيوان مُنگٽ هِتوان هئه هميل
(ڳوٺ ڪيرٽيءَ جو تمام مهان آهي، جتي ديوتائن جهڙو سوڍو اڻند سنگهه ولد مگهجي رهي ٿو آهي)


سوڍ ڪانٽيو چند سُت دُرجن شال دُجهال
ليڌي ڪيرت لوڙ ني من واڇنت ڏي مال
(ڪانٽئي جو سوڍو دُرجن شال ولد چندن سنگهه وڏو مالدار ۽ دولتمند ماڻهو هو، جنهن چارڻ ڪَوين کي من گُهريا مال ڏيئي، پنهنجي ڪردار کي جڳن لئه جيئرو ڪيو. )
سرڻيان ساڌار را ورد آپي وريام
سَري ريت سوڍاڻ ري آڏُو اتن امام
(پناهه لئه آيل پناهگيرن کي وڏي عزت ڏيڻ، سام جهلڻ، سام تي ساهه ڏيڻ، اها ريت سوڍن جي ديس جي شاندار سُڃاڻپ آهي)


شير شاهه سُوري سُڀٽ دلي تخت دٻاءِ
شاهه هُمايون شرڻ نُون جد پڇم ڏس جاءِ
(شير شاهه سُوري جڏهن دهلي جي تخت تي قبضو ڪري هُمايون کي هارايو هو، تڏهن هُمايون بادشاهه پناهه لئه اولهه طرف ويو هو. )


شاهي دل بيگم سهيت جوڌنگر جيساڻ
هارُو پڙ ني هاليو آخر ڌر امراڻ
(شاهي جٿي ۽ بيگم سميت شاهه همايون جوڌپوُر ۽ جيسلمير جي مهاراجائن وٽ پناهه لئه ويو، پر ڪنهن به هٿ نه وڌا آخرڪار مايوس ٿي امرڪوٽ آيو)


پلٽيا چاڪر وِکم پُل سَرڻ وروي نَرٻ سوڍ
حميده بانون ٻيهن هُوئي اَمر چونڙي اوڍ
(سڀئي ڏکن جا پَل ڏُور ٿي ويا. سوڍي بادشاهه پناهه ڏني، حميده بانون جي مٿي تي چُني وجهي اُن کي ڌرم جي ڀيڻ ڪئي)


راڻ پتي سُرتاڻ ري ماس ڏيو مهماڻ
تورڻ محراٻان تٺي اجي کڙا ايهناڻ
(سُرتاڻ سوڍي راڻي پتو عرف پرشاد پناهه لئه آيل مهمان کي وڏو مان ڏيندي گوشت کارايو هو. جنهن جون نشانيون قلعي جي بُرجن ۾ اڄ تائين بيٺيون آهن)
پنري سؤ نناڻوي ڪاتي سُڌ ڇٺ ڪوٽ
اڪبر وار اڏيت ني هُوئو جلم همروٽ
(سنبت 1599 وڪرمي جي، ڪَتي مهيني جي ساهي ڇٺ تي، آچر جي ڏينهن اڪبر بادشاهه جو جنم امرڪوٽ ۾ ٿيو هو. )


جلم ڀوم آيو جدي مُڻ اڪبر ڦرماڻ
ڍاٽ مويسي کينگ ڌر هُوئي ڇُوٽ هندواڻ
(اڪبر بادشاهه جڏهن واپس جنم ڀومي گهمڻ عمرڪوٽ آيو، تڏهن حُڪم ڏنو ته ڍاٽ جي سمورن هندوئن کان سرڪاري ٽيڪس وصول نه ڪيو وڃي، اُنهن کي عام معافي ڏني وڃي)


ويرو جيٿ کُداويو پُنئرٿ پتساهه
امراڻو ڌر آگري رهي هيت ري راهه
(هتي رحم دل بادشاھ اڪبر کوهه به کڻايو هو. اڪبر جيستائين بادشاهه هو آگري ۽ امرڪوٽ ۾ محبت واري لهه وچڙي هُئي)

”سُرتاڻ سوڍا پاٽَوي (گاديدار) “جاگير وارا

”سُرتاڻ سوڍا پاٽَوي (گاديدار) “جاگير وارا

دُوها

راڻا گنگ امراڻ ري تنوج پتو سُرتاڻ
تپ ڌاري سُرتاڻ رو جميو راجس جاڻ
(امرڪوٽ جي راڻي گنگا سنگهه جا ٻه پُٽ ٿيا، پتو ۽ سُرتاڻ سنگهه، سُرتاڻ سنگهه انتهائي دُور انديش ۽ عقلمند هو. اُن ڪري راج گديءَ تي سُرتاڻ ويٺو. ان کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين اُن جو اولاد سُرتاڻ سوڍا سڏائيندا آهن ۽ اُهي ڍاٽ جي گاديءَ جا مالڪ آهن. )

آسڪرڻ سگرام اِم راڻ پِرٿم مهراج
ڪيسر سُت کيمون ڪَهُون سانگو دُتيه سَڪاج
(اُن کانپوءِ آسڪرڻ، سگرام سنگهه، مهراج اول ۽ پوءِ ڪيسر سنگهه جو پُٽ کيمون، بهترين راڻا ٿيا)

سگرام وجڙ سَهودران دوئي ڦلي درساءِ
اگرج تو جاگير ام، اَنوج وڏيلي آءِ
(سگرام سنگهه ۽ وجئه سنگهه ٻئي ڀائر هُئا ٻئي سپوٽ هئا. وڏو جاگير جو مالڪ بڻيو ۽ ننڍي ڀڏيليءَ جو ڳوٺ وسايو)

سگرام ري سوراج سو سُت تڻ رو سٻليس
سٻل تڻو مهراج سو ڪرم دُوسرو ڪهيس
(سگرام جو پُٽ شوراج ٿيو، شوراج جو پُٽ سٻل سنگهه ٿيو. سٻل سنگهه جو پُٽ مهراج ٿيو. جنهن کي دُنيا مهراج ٻيو جي نالي سان سڃاڻي ٿي. )

راڻ ٻئي مهراج ري ٻيٺي پاٽ وِڀُوت
مچي ڍاٽ ڌوران مهين حد گوران اڻهونت
(راڻي مهراج ٻيو جي پُٽ وڀُوت سنگهه جي گاديءَ تي ويهڻ وقت ڍاٽ جي دڙن ۾ انگريزن جي راڄ جي ڌاڪ متل هُئي. انگريز پوري ڍاٽ تي قابض هُئا)
پير اڏان سنگهه جس پر گٽ راڻ ڌرا امراڻ
وڀُوت سُت تالا وِلند من موٽي مهراڻ
(ڀڀُوت سنگهه جو پُٽ پيرڏان سنگهه جڏهن ڍاٽ جي گاديءَ تي براجمان ٿيو. تڏهن اُن جو نالو پوري مهراڻ ۾ بُلند ڪري ڇڏيو. )


جَسونت اَرجڻ پاٽ جڻ ڀيا سوڍ ٻهَون ڀِرات
راڻپ جاگيري رهي اول جڪي اکيات
(جسونت سنگهه ۽ ارجڻ سنگهه ٻئي ڀائر هئا جيڪي گاديدار راڻا ٿيا. جن جي وقت ۾ راڻپ ۽ جاگير ٻئي مشهور ٿيون. )


سوڍو آئيڏان سنگهه سُت نگيس سُڀياڻ
هيرو هُوتو وِڀُوت هر جس جاگير سُون جاڻ
(ڀڀوت سنگهه جو پُٽ نگراج سنگهه جاگير جو هيرو هو جنهن جا گُڻ اڄ به جاگير ۾ گونجن ٿا. اُن جو پُٽ سوڍو آئيڏان سنگهه انتهائي سپوٽ ٿيو)


پهه سُرتاڻان پاٽوي گِهر ڌِير گنڀير
سوڍو راڻو چندر سنگهه وڪيو جُهڪيو نه وير
(ڍاٽ جي گاديءَ تي سُرتاڻ سوڍو راڻوچندر سنگهه جڏهن بادشاهه طور براجمان ٿيو، تڏهن هن گاديءَ جي هاڪ هندين ماڳين مشهور ٿي. گنڀيرتا سان ڀريل هي اڏول شخص ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان نه جُهڪيو نه وڪاميو. هن حياتيءَ ۾ ڪڏهن به هار نه مڃي)

تَڻ رو ڪُنور تٻو ٻلي جلميو ڀل جاگير
سوڍان ۾ چاوو سُڀٽ هو امراڻ همير
(تنهن (راڻا چندر سنگهه) جو پُٽ همير سنگهه ڀلي جاگير ۾ ڄائو، جنهن جا گُڻ هن وقت تي امرڪوٽ ۾ گونجن ٿا. هُو تمام تپو ٻلي ۽ عقلمند آهي سوڍن ۾ هن وقت اُن جي مشهوري سڀني کان مٿي آهي)

”سُرتاڻ سوڍا؛ ٺاڪر وڏيلي (ڀڏيلي) وارا“

”سُرتاڻ سوڍا؛ ٺاڪر وڏيلي (ڀڏيلي) وارا“

دُوها


ڌَجا ڦڙُوڪي ڌرم ري مُوڪي ڪدي نه ماڻ
چوُڪي نهين ڪُلوٽ چلڻ سوڍا جڪي سُرتاڻ
(سدائين ڌرم جو جهنڊو ڦڙڪندو رهندو، ڪڏهن به پنهنجي ڌرم تان نه هٽندا ۽ نه ئي راجپوتي چال چلت ڇڏيندا، سوڍا جيڪي سُرتاڻ آهن)


راڻا پرٿم مهراج سُون ڪيسر کيم سڪاج
وجئه سنگهه سورج مهاسينگهه وڙي اڻند رتن ڪُل آج
(راڻي مهراج پهرين کانپوءِ ڪيسر سنگهه ۽ رآڻو کيمراج ٿيا، پوءِ وجئه سنگهه، سورج، مهاسينگهه ۽ پوءِ اڻند سنگهه جو رتن سنگهه انتهائي سَپوٽ ٿيا)

رنگ سوڍا راڻا رتن امراڻي ڌر آءِ
ديا پِراڻ هِت ڏيس ري گيتڙلا جس گاءِ
(سوڍا راڻا رتن سنگهه توکي سلام آهي، تو ڀلي امرڪوٽ جي ڌرتيءَ تي جنم ورتو، تو ديس خاطر پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. اڄ تنهنجي ساراهه گيتن ۾ گونجي پيئي)

سنڌ تڻو ايجنٽ سو ايڪ تروٽ انگريج
سمپي ڌرتي ليج سُون طور دکاوڻ تيج
(سنڌ جو پوليٽيڪل ايجنٽ انگريز تروٽ هو، جنهن ڍاٽ جي ڌرتي ليز تي ڏيئي ڇڏي، پنهنجو دٻدٻو ۽ تيور ڏيکارڻ لئه ڌرتي ليز تي ڏني)
انيتي ڪي محمد علي ڏڪر وصولي ڏاڻ
هڻيو وير هٿنال سُون راڻ رتن امراڻ
(محمد علي شاهه ليز ملڻ کانپوءِ عوام تي وڏو ظلم ڪيو. زوري ٽيڪس وصول ڪيو. جنهن کي وير بهادر راڻي رتن سنگهه هٿيار هڻي ماري وڌو)

رهيو ساٿ رتنيس ري سوڍو ڀڳُو سُچنگ
سنگراسي ڀڙ اُنڙ سڻ ريڻو آکي رنگ
(رتن سنگهه سان گڏ ڀڳُوجي سنگراسي هيو، جنهن محمد علي شاهه کي مارڻ وقت رتن سنگهه جو ڀرپور ساٿ ڏنو. اي عقلمند ۽ وير بهادر سنگراسي سوڍا ٻُڌ! توکي چارڻ ڪوي سلام ڪري ٿو)

ڪاروُنجهر ڏونگر قلعو نڊر سوڍ نختيت
اڙ تروٽ انگريج سُون رهيو ڀڙ رڻ کيت
(ڪارونجهر جبل واري قلعي ۾ بهادر سوڍي نخت سنگهه انگريز تروٽ سان ڀرپور مقابلو ڪيو ۽ جنگ جي ميدان ۾ هوشياري سان وڙهندو رهيو)


ڦنڦيڙڻ فرنگاڻ ني راڻ رتن ري ستٿ
سميڙ، امرو، رامسي سوڍا تينهون سمستٿ
(انگريزن کي هيسائڻ، ٽڙ پکڙ ڪرڻ ۽ شڪست ڏيڻ لئه رتن سنگهه جو ساٿ ڏيندڙ سميڙسنگهه، امرسنگهه ۽ رامسنگهه ٽيئي سوڍا هڪ ٻئي کان مٿي بهادر ۽ اڏول هُئا)

ڀوجاڻي رجوٽ ڀلي سام ڌرم سر موڙ
رتن راڻ منتري رکيو رنگ ڏيسل راٺوڙ
(ڀوجاڻين جي راجائي چال چلت ۽ سام جهلڻ واري ريت سدائين بهترين رهي آهي، راڻي رتن سنگهه پنهنجو وزير ڏيسل راٺوڙ کي رکيو. اُن ڀوجاڻي ڏيسل راٺوڙ کي لک لک سلام)
لاکو هيڪ لَک جَيُون سنگراسي ري ساک
توان ٿانجي رو تڙو ڀڳُو سُتن جس ڀاک
(سنگراسي سوڍن ۾ لاکو تمام مشهور هو. جنهن جي باري ۾ ڪهاوت آهي ته ”لاکو هيڪ لکان جهڙو“ ڳوٺ ٿانجي رو تڙ جي اُن لاکي جي پيڙهي ۾ سپوٽ ڀڳوجي ٿيو، جنهن جو پُٽ ڀاکر ٿيو. جنهن جا جس اڄ به ڳائجن پيا. )


گهوڙي چڙهه ڏي گُهومرا راجَس ڪرتو راڻ
سُولي چڙهتان رتن پَمنگ تجيو پراڻ
(جنهن گهوڙيءَ تي چڙهي راڻو راڄ ۾ سفر ڪندو هو، اُها گهوڙي راڻي رتن سنگهه جي ڦاهيءَ تي چڙهڻ کانپوءِ پنهنجو سِر قلعي جي ديوارن سان هڻي هڻي مري ويئي)

ڏيس ڪاج اڻديس ري ڌار فرنگي ڌيس
تجيو ليس نهين پراڻ تڪي رنگ سوڍا رتنيس
(اڻند سنگهه جي وطن ۾ انگريز جي ڪاوڙ ۽ دٻدٻو برداشد نه ڪندي راڻي رتن سنگهه مرڻ گهڙي تائين پنهنجو مان ۽ مرتبو نه ڇڏيو)

ٻاليوي سِو ٻارهٽ گائي جُهراوو گيت
ڪيو امر چُهون ڪوٽ ۾ راڻ رتن اڻ ريت
(سڀئي چارڻ ڪَوي جُهراوو (لوگ گيت) ڳائي راڻي رتن سنگهه کي چؤڏس چمڪائي رهيا آهن)

ساير سوڍو رتن سنگهه، جيو راج سُت جيڻ
ڀٽياڻي جايو ڀلو طور سوايو تيڻ
(سوڍو رتن سنگهه پنهنجو مٽ پاڻ هو، جنهنجو پُٽ جيو راج سنگهه انتهائي سَپُوت هو.)

جيوراج سنگهه سوڍ جڻ تنوج اُڀي سرتاج
جاڻو لاج مرجاد ۾ اول گهراڻو آج
(جيوراج سنگهه سوڍو، جنهن جو اولاد اعليٰ مقام تي آهي لڄ، مريادا، شان ۽ شوڪت ۾ هي گهراڻو (خاندان) سڀني کان اول نمبر تي آهي)


سوڍ ڀڏيلي را سَري رتن هرا ڪُل رُوپ
ڀير، سون ٻهون ڀرات رو اُوجڙ سُجس انُوپ
(رتن سنگهه جي پريوار وارا ڀڏيلي جا سوڍا سڀني کان مٿي آهن ڀيرجي، ۽ سون سنگهه ٻنهي ڀائرن جي ساراهه شاندار نموني ٿئي ٿي)

سهنس دوئي سولو وَرس وسيو ڀير ويڪُونٽ
سوڍ ڇهنتر سال رو چاليو جس چَهُون ڪونٽ
(سنبت 2016 وڪرمي ۾ ڀيرجي سوڍو سرڳواس ٿي ويو. 76 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويندڙ سوڍي جي ساراهه چؤڏس ٿي رهي آهي)

سون سرکيو سون هو تيکو رجوٽ طور
هت چت ريجهاڙُو هُوتو سوڍان ۾ سرمور
(سون سنگهه سوڍو سون جي برابر هو، جنهن جا تيز تيور ۽ بهترين راجائي جا گُڻ مشهور هُئا. دل ۽ روُح کي ريجهائيندڙ، رس ڀريون رهاڻيون ڪندڙ هي سوڍو سڀنيءَ کان مٿي هو)

سوڍ سوائي سون سُت رکي سوائي ريت
پريت سوائي پالڻي ڪُرب سوائي ڪريت
(سون سنگهه جي پُٽ سوڍي سوائي سنگهه پنهنجي راجپوتي ريتن جو شان وڌايو، محبت واري روايت قائم رکي، رعيت سان پيار گهڻو ڪيو. ڪوين (ٻارٽن ) کي ڪُرب (خيرات جو قائدو) به تمام گهڻو ڏنو)

جيتمال پيٿل جسا ڀيرهر وڏ ڀاگ
سُتن سوائي سون هر لي جس ڪلوٽ لاگ
(جيتمال سنگهه ۽ پرٿوي راج جهڙا ڀير جي سپوت پوٽا ٿيا، اهڙا ئي سوائي سنگهه جا پٽ يعني سون سنگهه جا پوٽا ٿيا.)


سروُپ سنگهه، رُگهويرسنگهه، هري، دلپت اِت هيج
ٻاکاسر ٻلوت را ڀڙ چيارون ڀاڻيج
(سروپ سنگهه، رگهو ويرسنگهه، هريسنگهه ۽ دلپت سنگهه سڀئي پيارا هُئا. ٻاکاسر جي مشهور ڌاڙيل ٻلوت سنگهه جا اهي چارئي ڀاڻيجا هوشيار ۽ عقلمند هُئا)

جنگي آڻ جبان انگ مَٺُون اَنُوپ
سوڍ سوائي سنگهه رو سُت پاٽوي سُروپ
(شيرين زبان وارو، خوبصورت انگلٺ وارو (خدونال) تهذيب ۾ مرداني ٺسڪ سان سرشار سروپ سنگهه سوڍو سوائي سنگهه جو راجائي ٻار هو. )


جيتمال سنگهه جوپيو جيتهتٿ جس جوت
هي وڏ ڀاڳي ڀيرهر سوڍ کُماڻ سينهوت
(جيتمال سنگهه جي ساراهه جتي ڪٿي ٿئي ٿي. ڀيرجي جو وڏو پٽ سوڍو کماڻ سنگهه به وڏو ڀاڳوند آھي)

اوجڙ چَت نِت آسٿا وڏپڻ کيات وويڪ
جيوراج ڪُل جيت هي نامي سوڍا نيڪ
(اُجري آتما ۽ نيڪ نيت وارو، رحمدلي سان ڀريل خانداني ٻار، جيوراج جي ڪُل ۾ پيدا ٿيل جيتمال سنگهه سوڍو سوڍن ۾ نيڪ دل ۽ نامور شخصيت آهي)

کُومهرا تينون کرا، جيتمال سُت جور
مهيپال پرهيلاد مجهه ڪنور سَپُوت ڪِسور
(کُماڻ سنگهه جا ٽيئي پوٽا سپوٽ شهزادا آهن جيڪي جيتمالسنگهه جو اولاد آهن. مهيپال، پرهيلاد ۽ ڪِشور ٽيئي هڪ ٻئي کان مٿي آهن)


عِلاج سارون آ سٿا ساران ۾ سرتاج
سوڍ ڪسور سماج ۾ اول ڊاڪٽر آج
(علاج لئه آسٿا اسپتال (جوڌپُور) سڀني کان بهتر آهي، سوڍو ڪشور سنگهه، سوڍا سماج جو پهريون ڊاڪٽر آهي)


پُتر چار پرٿويراج را وڏ سپوت رڻوير
سوڍا رام دليپ سا من موٽي مهاوير
(پرٿيوراج سنگهه جا چار پُٽ آهن. وڏو رڻويرسنگهه انتهائي سپوٽ آهي، سوڍو رامچندرسنگهه، دليپ سنگهه ۽ مهاويرسنگهه سڀئي وڏي دل وارا آهن)


ٿاٽ ڀڏيلي ٿيٽ سُون سُجس منڏيلي ساج
ڌاڪ هُوتي امراڻ ڌر انجس مروُڌو آج
(ڀڏيلي ۾ به ٺٺ هوندا هُئا. اڄ ڏينهن تائين اُنهن جي ساراهه ٿئي پيئي. امرڪوٽ ۾ هاڪ هوندي هُئي ۽ اڄ مروڌر (راجستان) به اُنهن تي فخر ڪري ٿو)

رجوٽ راڻي رتن ري مهي ڪُلوٽ مجبُوط
ريت سناتڻ راکڻي سوڍا گهڻا سُپوت
(راڻي رتن سنگهه جي راجائي ۽ اُٿي ويٺي انتهائي مضبوط هوندي هُئي، سوڍا تمام گهڻا سپوت هُئا جن هندُو ڌرم جي ريتن ۽ رسمن کي برقرار رکيو)


سُرتاڻن ري ساک ۾ سگپڻ گهڻ سرموڙ
جيساڻي بيڪاڻ جَيُون ٺاوي مروُڌر ٺوڙ
(سُرتاڻ سوڍن جي رشتيداري (گناتپي) سڀنيءَ کان مٿي رهي آهي جيلسمير ۽ بيڪانير ۾ رشتيداريون ڪندي انهن مارواڙ به گناتپي جو هند بڻايو)

”مختلف شاخن جا مشهور ماڻهو“

”مختلف شاخن جا مشهور ماڻهو“


دُوها

ڇاجي سوڍا ڇاڇري اڇا گُڻ اکيس
ڀوجراج ڪل ۾ ڀلو ڏيپي ڪيرت ڏيس
(اکجي سوڍي جا نيڪ گُڻ ڇاڇري تي ڇانيل هُئا. ڀوجراج سوڍن ۾ هي تمام سپوٽ هو، جنهن جي ساراهه سڄو ديس ڪري ٿو)


سوڍو محبت وچن سِڌ سُت ڀُوپت سُڀياڻ
سلامڪوٽ نٻان سري جالم هر گهڻ جاڻ
(مُحبت سنگهه سوڍو ”سِڌوچن“ ماڻهو هو، هن جي دعا پِٽ هلندي هُئي. ڀُوپت سنگهه جو هي سپوٽ پُٽ تمام مشهور هو. اسلام ڪوٽ نٻن جو شهر هو. جالم سنگهه کي هرڪو گهڻو ئي سُڃاڻي ٿو)


محبت سُت چهنو مُدي پانچ پُتر تڻ پيک
سوڍو ٽيلات سُڀٽ ٻلونت نٻان وسيک

سوڍو نونگهڻ وانڪ سُت، پڌم هرو پيراڻ
گوڌيار جلميو گُڻي وڏڪان کيات وکاڻ

(پدم سنگهه جو پوٽو سوڍو نونگهجي ولد وانڪجي صفا هيرو هو، گوڌيار ۾ جنم وٺندڙ ان گڻوان انسان جا وڏڙن واکاڻ ڪيا آهن)


سوڍو وجئه سردار سُت گِڻو ڪيرٽي گام
ڀُوج جئه نگر پڙهيو ڀلو نٻو اُوجاڙي نام
(وجئه سنگهه ولد سردار سنگهه سوڍو ڪرٽي جهڙي مشهور ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. جنهن ڀوُج جئه نگر مان تعليم حاصل ڪري نٻن جو نالو روشن ڪيو)


سوڍ حويلي را سَري ڏيپي گنگداسُوت
سپوت چندڻ پُور سُت جگ مگ ڪيرت جوت
(حويلي جي سوڍي گنگڏاس سوڍن کي چمڪايو. پورسنگهه جو سپوٽ چندن سنگهه ٿيو. جنهن جي ڪردار جي روشني ھر طرف جڳمڳائي رهي آهي)

ڪُل ڏيپڪ سوڍو ڪمل تيونهي ڀرات سُرتاڻ
ڍاٽ حويلي مُرڌرا چاوي ڪي پهچاڻ
(ڪمل سنگهه سوڍو ڪُل جو ڏيئو آهي، تنهن جا ڀائر سُرتاڻ سوڍا آهن، جن جي مشهوري جي هاڪ ڍاٽ، حويلي ۽ مارواڙ ۾ آهي)

ستيڏان سنگهه سُورمو ڀلو ڇاڇري ڀوج
ويد ڌنتر ڇوڙ وچ امر سنگهه گُڻ اوج
(ستيڏان سنگهه مشهور سورهيه وير ڀوجراج سوڍو آهي جنهن جي هاڪ ڇاڇري ۾ ڇانيل آهي ۽ ڇوڙ ۾ وري امر سنگهه سوڍي جي گڻن جي مشهوري متل آهي)


نارڻ سنگهه موٽي نخت سُت گل سنگهه سڌير
ڇوڙ پنچ سوڍو ڇَتو گنگداسُوت گَهِير
(وڏي نالي وارو نارڻ سنگهه ولد گل سنگهه سڌير انسان هو، ڇوڙ ۾ هي گنگڏاس سوڍو پنهنجو مٽ پاڻ هو. هُو گنڀيرتا جو مالڪ هو)
پريم سنگهه ۽ چهنسنگهه پُڻ تڪي ڀرات سُرتاڻ
انگان رجوٽ اُوپتا جُگ سوڍا گهڻ جاڻ
(پريم سنگهه ۽ چهنسنگهه ٻئي ڀائر سُرتاڻ سوڍا هُئا. انگلٺ (خدوخال) ۾ راجائي ٻار لڳندا هُئا)


وانڪو کُومو ڇوڙ وچ اوپي وڏ آڪُوت
گنگداسُوتان ۾ گِڻو سڪتو پتو سپوت
(وانڪو ۽ کومون ڇوڙ ۾ وڏا طاقتور سردار هُئا. گنگڏاسن ۾ وري سکتو ۽ پتوجي سپوٽ هُئا)


سچيا پُر بجُو سهي سوڍو ڪُل ساڏول
شيڪشڪ ڪوي سگرامسنگهه ادب ڍاٽ اِنُو ڪول
(سچيا پُر تنهنجو نالو ڀلي وڄي، ساڏورُ سوڍو سگرام سنگهه شاعري جو اُستاد هو ڍاٽ جي ادب ۾ هن جو نالو نرالو هو)
امرڪوٽ سُرتاڻ اِم ڀوج ڇاڇري ڀال
گنگ کارڙي ڇوڙ گِڻ پنچائڻ پرت پال
(سُرتاڻ سوڍا امرڪوٽ ۽ ڀوجراج سوڍا ڇاڇري ۾ رهندا آهن، گنگڏاس کارڙيءَ ۽ ڇوڙ ۾ رهندا آهن)


نرا مٺي رڻکُو نٻا رام مِٿُوڻ رهنت
ساڏُول چيلهار سھ خاص ٺڪاڻان کنت
(نرا ۽ نٻا مٺي ۾، رام سوڍا مٿي رهندا آهن، ساڏور سوڍا چيلهار ۾ رهندا آهن اهي انهن جا خاص ٺڪاڻا (هند) آهن جتي ٻنيون ٻارا ۽ کُوهه پنهنجا آهن)


ڍاٽ پارڪر ري ڌرا آڏو سوڍ اُتن
وڌيا جُيون هي پراگوَڙ ڌرا سُجس اَن ڌن
(ڍاٽ ۽ پارڪر سوڍن جي ڪري مشهور آهن، جتي ان ۽ ڌَن جي ڪابه ڪمي ناهي)

ڪڇ ڪاٺيا واڙ ۾ ماڙ ڌرا وچ ماڻ
ويڪاڻي جوڌاڻ وچ سوڍا وسي سُجاڻ
(ڪڇ ۽ ڪاٺيا واڙ کان وٺي جيسلمير واري ڌرتي تائين سوڍن جو وڏو مان آهي، بيڪانير ۽ جوڌپُور ۾ به مشهور سوڍا رهندا آهن)

وجئه ڀُوپ ري وار ۾ ڌڻي مان جوڌاڻ
مارواڙ نوڪوٽ مجهه رهي ڍاٽ امراڻ
(جڏهن وجئه سنگهه جوڌپور جو مهاراجا هو، تڏهن هي رياست جوڌپُور جي جي ماتحت هُئي. ان وقت امرڪوٽ نوڪوٽي مارواڙ ۾ شامل هو)

”وڌيڪ احوال“

”وڌيڪ احوال“

سوڍا ڪمڌج ٻَهوُن سٻل سورج ونسي ساک
جس ڊنڪا وجئه جبر رڻ بانڪا ورد راک
(سوڍا ۽ راٺوڙ ٻئي طاقتور سورج ونشي شاخ سان تعلق رکندڙ آهن، جن جي سورهيائي ۽ طاقت جو ڏهڪاءُ چؤڏس پکڙيل آهي، جنگ جي ميدان ۾ لڙڻ واري وڏائي انهن ٻنهي جو شان آهي)

مُڻان لنڪڙو ڍاٽ مجهه ڪهي لنڪيو ڪوئي
پرٿم تيٺ پٺار هي جگ لانٻو سَر جوئي
(ڍاٽ ۾ لنڪڙو آسٿان مشهور آهي، جنهن کي ”لنڪيو” به چوندا آهن، دُنيا جتي لانٻو تلاءَ ڏسڻ وڃي ٿي، اُتي ”پٺار“ ڀومي آهي. لنڪيو اُتي ئي آهي)

مهينگو موهران مُول سُون ڌُر ميسڻ لي ڍاٽ
سو واگهاڻي سانئرو ٿت مهينگُو ورد ٿاٽ
(ڍاٽ ۾ ميسڻن (چارڻن جي شاخ) کي پئسن جي مُلهه کان مٿي دان ڏيندو هو. اُهو سانئرو واگهاڻي هو، جنهن وٽ مهينگُو (چارڻن جي شاخ) وڏا ٺٺ ڪندا هُئا)

سوڍ سبد رو اَرٿ سو سُور وير سمرٿ
نام پرماڻي گُڻنڌي، هُئي ڏاتا وڏ هٿ
(سوڍا لفظ جي معنيٰ آهي سوريهه، بهادر ۽ اڏول، نالو مشهور هُجي، گُڻن سان ڀريل هُجي، ڏاتار ۽ هٿ جو ڇُوٽ هُجي)

دُوها دمامي ديوتا سُوپ راگ سُڀياڻ
رنگ جمتو رهاڻ ۾ سانپرت ڌر سوڍاڻ
(ديوتائن ۽ دلبرن جي واکاڻ ۾ دُوهن ۽ سُوپ راڳ جي رس سان رهاڻ رچندي هُئي. سڀاڳي ڌرتي سوڍڪاريءَ جي سدائين شاندار ثقافت رهي آھي)
ساڪر ري روٽي سري پرگهل ٿال پُرساءِ
سوون رو ٻاجوٽ سج ڪَويڻ مان ڪراءِ
(ساڪر جي روٽي (گيهه ۽ کنڊ واري ماني) وڏي ٿال ۾ وجهي سون جي ٻاڄٺي تي رکي ڏيندا آهن، سوڍاڻ ۾ چارڻ ڪوين جي وڏي عزت ڪئي ويندي آهي)

ڪَلا اُمنگي ڪورڻي پِنگي سوون پاٽ
ريتان چنگي راکڻي ڌرا سُرنگي ڍاٽ
(مهمان جو وڏو مان رکندي اُن کي سون جي ٿانون ۾ ماني کارائيندا آهن. ڀليون ريتون قائم رکڻ ڍاٽ جي رنگن واري ڌرتيءَ جي اهم خُوبي آهي)


منک لکان جلمي مري ڪري ياد نهين ڪوئي
ڪرتب گيتان ۾ ڪَٿي جيان رو جيتب جوئي
(لکين انسان روز جنمن ۽ مرن ٿا، پر ڪنهن کي ڪو ياد ئي نه ٿو ڪري. ڪردار اُنهن جا گيتن ۾ ڳايا ويندا آهن جن جي زندگين ۾ سُٺا ڪارناما هوندا آهن)

ڪي تو وھ وڌوان ڪَوي راڳي ڪه رجهوار
ڀڙ هوئي يا هري ڀڳت امر پريم آڌار
(يا ته پڙهيو لکيو شاعر هُجي، يا ته راڳي هُجي، يا هوشيار، عقلمند ۽ ڏاهو هجي يا وري ڀڳوان جو ڀڳت صوفي سنت هُجي، ڪردار انهن جا ئي ڳائبا آھن)

ڀيا سوڍ ڪي هري ڀڳت جگت وکاڻي جوئي
گُڻان سپوتي جد گرهه هئه مجبوط هوئي
(ڪي سوڍا جڳ مشهور ڀڳوان جا ڀڳت ٿيا، ڪي گُڻن جي ڪري سپوٽ ته ڪي بهادري ۽ ويرتاهه جي ڪري مضبوط ٿيا)

”شري رتن راڻي جا ڇند“

”شري رتن راڻي جا ڇند“

دوهو


گونجي جس گيتان گهر انجس سُت اڻند
رنگ سوڍا رتنيس را چَوون سارسي ڇند
(اڻند سنگهه جي پُٽ جي ساراهه گيتن ۾ گونجي پيئي. رتن سنگهه سوڍي کي سلام پيش ڪرڻ لئه سارسي ڇند سرجيان ٿو)


”ڇند- سارسي“

(1)
پرمار ڪُل ارٻد پرگٽيو، ساک پينتيسان سَهي
اکيات وير اگر ڪاري، ڪيرت سوڍان ڪَهي
آڏو ڪيراڙو اوتن اُوپي، گُڻ تريوڻي گنگ هي
امراڻ ڌرتي ڪري اَجنس، رتن راڻا رنگ هي
جئه رتن سوڍا رنگ هي

(پرمار سوڍا آبُو جبل تي ظاهر ٿيا، جن جون پنجٽيهه 35 شاخون آهن، تمام بهادر ۽ سپوٽ هئڻ سوڍن جي سڃاڻپ رهي آهي، آبو جبل کان وٺي ڪيراڙو تائين چمڪي رهيا آهن. امرڪوٽ جي ڌرتي توتي فخر ڪري ٿي، اي! سوڍا راڻا رتن سنگهه توکي پرڻام آهي!)


(2)
سوڍاڻ ڏيس وسايو سوڍي، رتي ڪوٽ سو راج هو
سچيا ڏيوي وَر سمپيو، تخت امر تاج هو
نوڪوٽ ۾ همروٽ نامي، تيج مرد تُرنگ هي
امراڻ ڌرتي ڪري انجس، رتن راڻا رنگ هي

(سوڍائڻ (ڍاٽ) سوڍي وسايو، جنهن جو پهرين راڄ رتوڪوٽ هو، سچيا ڏيوي جو وردان هو ته تنهنجو تخت ۽ تاج هميشه امر رهندو. نَو ڪوٽن ۾ همروٽ نالي ڪوٽ جا ماڻهو تيجوان ۽ بهادر آهن، امرڪوٽ جي ڌرتي توتي ناز ڪري ٿي اي سوڍا راڻا رتن سنگهه! توکي سُرخ سلام آهي)



(3)
سانسڻ ڏيڻ جيم سوڍا، وير دوڍاهه واهروُ
مهماڻ آيان ڪري مُونگهم، گهڻي دت گهينساهروُ
رجواٽ را گُڻ ڍاٽ راجي، سَپُوتان رو سنگ هي
امراڻ ڌرتي ڪري انجس، رتن راڻا رنگ هي

(چارڻن کي سانسڻ (ڏان جو قائدو) ڏيڻ سوڍن جو شان آهي. سورهيائي ۽ ويرتاهه کان وٺي گهر آيل مهماڻ جي گهڻي هيت ۽ پيار مان منوهار ڪرڻ به سوڍن جو اهم گُڻ آهي، ڍاٽ جي ڌرتي راجائي جي گُڻن سان ڀري پيئي آهي. هڪ ٻئي کان مٿي سپوٽن جا جوڙ آهن امرڪوٽ جي ڌرتي توتي فخر ڪري ٿي…اي! سوڍا راڻا رتن سنگهه توکي سلام آهي)


(4)
جڻ ونس ٻاهڙراوَ جهڙا، سُتن چاهڙ نِرپ سِري
چَهُون ڪُونٽ ويرت راڻ چاچگ، فتح ڪيرت جگ ڦِري
همير ويسو سوڍ جسهڙ، وڏيرا اُتٻنگ هي
امراڻ ڌرتي ڪري اَنجس، رتن راڻا رنگ هي

(جنهن ونس ۾ ٻاهڙ راوَ جهڙا بادشاهه پيدا ٿيا، جنهن جو پُٽ چاهڙ راوَ ٿيو. انهي جو اولا چاچڪ ديو ٿيو، جنهن جي امرڪوٽ فتح ڪرڻ واري واکاڻ چؤڏس ڦهليل آهي، همير، ويسو ۽ جسهڙ سوڍو وڏا نالا هُئا. امرڪوٽ جي ڌرتي توتي فخر ڪري ٿي اي رتن راڻا! توکي سُرخ سلام آهي)



(5)
سُرتاڻ سوڍا پاٽوي سو، پيڙهيان اپرمپرا
سگرام وجمل ٻَهون سانپرت ، کيم سُت ٻنڌوَ کرا
وجساهه ري سُورج وڪسيو، سُوروير پَرسنگ هي
امراڻ ڌرتي ڪري اَنجس، رتن راڻا رنگ هي

(سُرتاڻ سوڍا ڪيئي پيڙهين کان گاديدار رهيا آهن، سگرام ۽ وجئه مل ٻئي ڀاڳوند ۽ سپوٽ هُئا، ٻئي کيمراج جا پُٽ سچا ۽ کرا هُئا. وجئه سنگهه جو سورج مل انتهائي دليري ۽ ويرتاهه جو ثبوت هو. امرڪوٽ جي ڌرتي توکي فخر ڪري ٿي اي رتن راڻا! توکي هزارين سلام آهن)


(6)
مهاسينگهه سُورج مل ري، اڻند جڻ گهر اُوپيو
رتنيس جلميو کاڻ رتنان، ڪيويان پر ڪوپيو
ڌن ڍاٽ ري ڌڻياپ ڌارڻ، آپ ري آسنگ هي
امرڻ ڌرتي ڪري اَنجس رتن راڻا رنگ هي

(سورج مل جو مهاسينگهه ٿيو ۽ مهاسينگهه جو اڻند سنگهه ٿيو، اڻند سنگهه جي گهر رتن سنگهه هيرن جي کاڻ پيدا ٿيو. جنهن دشمنن سان ڪاوڙجي اُنهن کي ديش مان ڀڄايو اي!ڍاٽ جي ڌڻياڻِي ڏيول هُو تنهنجي ئي آسري هو. امرڪوٽ جي ڌرتي توتي فخر ڪري ٿي اي! رتن راڻا توکي رنگ آهي)



(7)
مهراج راڻو دُوسرو مهي، ڪُرب راڻپ ڪاٽ دي
ڪر ڪوٽ عُمر خالصي ڪُل، ڌر اجاري ڍاٽ دي
سن اٺارهي پنياليس سُون، ڦيلي انيتي فرنگ هي
امراڻ ڌرتي ڪري اَنجس، رتن راڻا رنگ هي.

( راڻي مهراج دوم جي وقت راڻپ تي آيل سموريون تڪليفون راڻي رتن سنگهه ختم ڪيون، عمرڪوٽ کي آزاد ڪرايو، سن 1845ع ۾ انگريزن جو ظلم ڦهلجي ويو هو. امرڪوٽ توتي ناز ڪري ٿو اي رتن راڻا توکي سلام آهي)


(8)

ڀيڙو سميڙو امرو ڀڙ، سوڍ رامو ساٿ هي
انگريج تروٽ هُونت اڙيا، ڀِڙڻ ڪج ڀارٿ هي
واجتا ڏنڪا وير ونڪا، ديک دُنيا دنگ هي
امراڻ ڌرتي ڪري اَنجس، رتن راڻا رنگ هي

(سميڙ سنگهه، امرسنگهه ۽ رامسنگهه ٽيئي گڏ هُئا. انگريز تروٽ سان ڀرپور جنگ لڙيا، وير بهادرن جون لَلڪارون ٻُڌي دُنيا دنگ رهجي ويئي، امرڪوٽ جي ڌرتي توتي ناز ڪري ٿي اي رتن راڻا! توکي پيار ڀريا پرڻام آهن)


(9)
ليني اِجار ليج سو، لاکان غريبان لُوهيا
ڦرياد سُڻتان ڀُجا ڦڙڪي، ڪَٿن ڍابڻ را ڪيا
تڪرار ٺيڪيدار تُڙ، محمد علي ماتنگ هي
امراڻ ڌرتي ڪري اَنجس، رتن راڻا رنگ هي.

(ليز وٺڻ کانپوءِ لکين غريبن کي ٽيڪس جي نالي تي ڦُريو ويو. غريب ماڻهو راڻي رتن وٽ فرياد کڻي ويا. ماڻهن جون دانهون ٻُڌندي ئي هن جا ڏولها رڦڻ لڳا، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان جنگ ڪرڻ جو سعايو ڪرڻ لڳو، تڪراري محمد علي شاهه هاٿي وانگي پهلوان هو. امرڪوٽ جي ڌرتي توتي فخر ڪري ٿي اي! رتن راڻا توکي سلام آهي)


(10)
سيد هڻتان رتن ساٿي، ڀڳو سوڍو ڀرات هي
کٽ ماس پهلي سُورمو خود، پرڻيو پرکيات هي
جس کاٽ سنگراسي گيو جد، نير سيام نخنگ هي
امراڻ ڌرتي ڪري اَنجس، رتن راڻا رنگ هي.

( جڏھن رتن سنگهه سوڍي ۽ سيد جو جهيڙو ٿيو، تڏهن ڀڳوجي سنگراسي سوڍو ڀائرن جهڙو ڀائر گڏ هو، هن سُورمي چهه مهينا پهرين شادي ڪئي هُئي، انگريزن جڏهن ڪاري پاڻي واري سزا ڏني هُئي، تڏهن هن جي نوراني ڪنوار جي اکين مان نير وهي رهيو هو)


(11)
انياءِ ميٽڻ سيس اَرپڻ، رهي سوڍان ريت هي
سُولي چڙهيو هِت ديس ري، گونجي جهرُاوو گيت هي
همروٽ گڊ سُم منڏيو هينست، پراڻ تياڳ پمنگ هي
امراڻ ڌرتي ڪري اَنجس، رتن راڻا رنگ هي.

(ظلم کي ختم ڪرڻ،ءپنهنجو سر ڏيئي سرهو ٿيڻ سوڍن جي ريت ۾ شامل آهي، وطن جي وارثي خاطر رتن سوڍو ڦاهي تي چڙهيو. جنهن جي باري ۾ ” جُهراوو“ (هڪ لوڪ گيت) گيت گونجي رهيو آهي. راڻي جي مرڻ وقت هن جي وفادار گهوڙي امرڪوٽ جي قلعي جي ديوارن کي مٿو هڻي هڻي رڙيون ڪندي مري ويئي. امرڪوٽ جي ڌرتي توتي فخر ڪري ٿي اي رتن راڻا! توکي سلام آهي)


((12)
ڀر نيڻ راڻيءَ جُهري ڀٽيل ڌرا ولکي ڍاٽ هِي
سُت جيوراج سَپُوٽ سوڍو، ٿِر مرجادا ٿاٽ هِي
اُڻ سوُرمي رو جس اکو، سگتيس ٻاڻ سُچنگ
امراڻ ڌرتي ڪري اَنجس، رتن راڻا رنگ هي

(راڻي رتن جي گهر واري ڀٽياڻي راڻيءَ جون اکيون ڀريل آهن، انڇر نير روڪيو نه ٿو رُڪي، ڀٽياڻي جو جيءِ جُهري چُڪو آهي، ڍاٽ جي سموري ڌرتي اُداس آهي. جيوراج سنگهه سپوٽ سوڍو سدائين ڍاٽ جي مريادا ۽ شان مان جو مثال رهندو. سر ڏيئي سرهو ٿيندڙ هن وطن جي وارث سُورمي جا گُڻ ڳائڻ وارو شڪتيڏان ڪويا آهي، امرڪوٽ جي ڌرتي توتي ڳاٽ اوچي سان فخر ڪري ٿي! اي رتن راڻا توکي سُرخ سلام آهي)

”ڇپايو“ ڇهه سٽو

اکان سَنمت اُگڻيس، ورس تيئيسو وڪرم
راڻ گيو امراڻ رتنسي، برهم مائين رَم
ولکا هاٽ باجار، نار نر آنسوُ نيڻ
ڍاٽ پارڪر ڌرا، سوڪ ڇايو ڪُل سيڻ
پمنگي موئي سُم سر پٽڪ، راج فرنگي روليو
مانڏيو رتڻ راڻي مُلڪ، امر نام رو اوليو.

(سنبت 1923 وِڪرميءَ ۾ راڻي رتن سنگهه کي انگريز تروٽ ڦاهي ڏني. راڻو سرگ لوڪ ويو هليو. شهر، بازار سڀ اُداس ٿي ويا. مرد، عورتون اکين مان نير هاري وياڪل ٿي ويا، ڍاٽ کان وٺي پارڪر تائين سموري ساڻيهه تي سوڳ ڇائينجي ويئي. راڻي جي وفادار گهوڙِي راڻي جي مرڻ کانپوءِ قلعي جي ديوارن سان پنهنجو سر هڻي مري ويئي. راڄ انگريزن هٿ ڪيو ۽ راڻي پنهنجو نالو امر ڪيو )
. . .

دوهو“

دُئادس ڇندان ۾ دکيو، راڻ رتن رو رُوپ
ڌن سوڍا امراڻ ڌر اڻند سُتن اَنوُپ

)ٻارنهن دُوهن ۾ راڻي رتن جو رُوپ ڏيکاريو آهي. شابس هُجي امراڻ ڌرتيءَ جي سوڍي، اڻند سنگهه جي سپوٽ پُٽ راڻي رتن سنگهه کي جنهن وطن جي مريادا خاطر پاڻ ملهائي انوکي ۽ اعليٰ روايت قائم ڪئي)

سنڌ جي خوشبو“

سنڌ جي خوشبو“
”دوها“

ڏيوي سوُن ڏيپي پُسپ سُڳند پرماڻ
موتي جَيوُن درياءَ مجهه، سنڌ ۾ تيون سوڍان
) ڏيوي ڏيول ماتا جو ٿان چمڪي رهيو آهي، گُلن جي خُوشبو اچي رهي آهي، سنڌ ۾ سوڍا ائين آهن جئين سمنڊ ۾ موتي هوندا آهن)

پال ڌرم رڻ پوڍيو کَل ڌل جونجهي خاص
سنڌ ۾ ڏاهر سين رو اَمر هُوئو اِتهاس
) پنهنجو ڌرم پاليندي، فرض نڀائيندي رڻ جي ميدان )جنگ) ۾ ڪاهي پيو، جنهن جي هاڪ اڄ به سنڌ ۾ هلي ٿي. سنڌ جي تاريخ ۾ راجا ڏاهر جي تاريخ امر ٿي ويئي.)

ڌرا سنڌ اوتار ڌن لينو جوهلي لعل
چاوو ”چيٽي چنڊ“ رو سُڀ اَڇب هر سال
)سنڌ ڌرتيءَ تي اوتار وٺندڙ جهولي لعل مشهور سنت آهي، جنهن جو هر سال چيٽي چنڊ تي لڳندڙ مليو تمام مشهور آهي)
سنڌي ڀڳتان ۾ سَري راجي ٽينئون رام
پريم پرڪاسي ست پُرش نڪسيو چهُون ڏس نام
(سنڌي ڀڳتن ۾ ٽينئون رام سڀني کان اُتم آهي پريم، پرڪاشي سچو پچو درويش هئڻ ڪري هن جو نالو چوءَڏس چمڪي رهيو آهي)


ساهُو جامان جمر سَج دوکي ڪر دهواٽ
هڙ ويچي ٻيهُون همين ڌر پوجيجي ڍاٽ
(ساهُو ۽ جامان ٻنهي جوهر ڪيو هو. هڙووچي (چارڻن جي شاخ) ٻئي چارڻيون ديويون ڍاٽ ۾ پوڄجي رهيون آهن)

پنکيروئان رو پالگر نيڻون ڀگت نراٽ
اُڻ تپسي رو آج هي ڌرمي ٿانڪ ڍاٽ
(پکين کي پاليندڙ ڀڳت نيڻون رام وڏو سنت هو، اُن تپيسوي ڀڳت جو آکاڙو ڍاٽ ڌرتيءَ جو وڏو ڌارمڪ آسٿان آهي. جتي اڄ به ثواب لئه پکين کي ان ۽ جل ڏنو ويندو آهي)

ساڌُو پوُجي سڪل هي ماڌُو لعل حُسين
آپ مُونئو ٻالڪ اُٺيو هُوئو نه دُوجو هوين
(ماڌو لعل حُسين وڏو سنت ساڌو پوڄڻ لائق هو، جنهن پاڻ پنهنجا پراڻ ڏيئي ٻالڪ سرجيون ڪيو، اُن جهڙو ٻيو سنت نه ٿيو)


ڌيان گيان ۾ ڌيان گر ڌر اُجٻالي ڍاٽ
ٿاپيو آسڻ کير ٿل نيپڻ ڀڳت نراٽ
(ڌيان ۽ گيان (ڄاڻ) ٻنهي ۾ مگن رهندڙ، ڍاٽ جي ڌرتيءَ کي اُجاريندڙ سنت نيپڻ وڏو ساڌوُ هو، جنهن پنهنجو آسٿان کيرٿل (کيرٿر) جبل تي قائم ڪيو)

ششيه ڀيو سترام رو ڪنور رام سُڀ ڪام
سِڌ ڀگت سنگيت سُڻ گُڻ ريهڙڪي گام
(سنت سترام داس جو چيلو، ڀڳت ڪنورام مشهور گائڪ هو، جنهن جي گلي ۾ ڀڳوان ويٺل هو. اُن جي سنگيت ٻُڌي روح کي راحت اچيو وڃي، جنهن جو ڳوٺ روهڙي سکر جي ويجهو ريهڙڪي هو)

سِنڌُو رل مل صوفيان هالي نيهه هَلور
گونجيو نارو گجب هي ”جيئي سنڌ“ رو جور
(سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي جتي محبت جون نديون وهن ٿيون، جتي جيئي سنڌ جو زوردار نعرو غضب جو گونجيو آهي)

سنڌڙي وُٺان ميهه سُون ڌاروڙا هلي ڍاٽ
ريتان گيتان ريلڻي وهي نيهه ري واٽ
(سنڌ ۾ جڏهن ميهوڳي مُند سانوڻيءَ جا وسڪارا ٿيندا آهن، تڏهن پلر پالوٽون ڪندو آهي. ڍاٽ جي ريتن ۽ گيتن ۾ رڳو محبت جي ڳالهه هوندي آهي. هن موسم ۾ پيار پرواڻ چڙهيل هوندو آهي)

چارڻ ري چيتاوڻي سانپرت جگي سماج
سنڌي بيت چيا سٻد اُڻ ڪوي شيخ اياج
(چارڻ ڪَوين کي چئلينج ڪرڻ جهڙا بيت سنڌ جي شاعر شيخ اياز سرجيا آهن، جنهن کي سمورو سماج واکاڻي ٿو)

شو مندر ڏيول سگت سِڌ نماڻو شاهه
رَبُو ساهه تيُون رتن گر بيبي مٺان بڊاهه
(ڏيول شڪتي ۽ شو مندر وٽ درويش نماڻي شاهه ربو شاهه ۽ بيبي مٺان جي درگاهه آهي)


ٿان مانسريا ٿپي مهندر تڻان محل
کاروڙي ڌوري کرا ڀيڙا اِترا ڀل
(کاروڙي جي دڙي تي ٺهيل اهي درگاهون محل نما تمام خوبصورت آهن، جيترا گڏ آهن ايترا سهڻا لڳن ٿا)

گُهوڙ ٻارٽ گهڻڪرا ٿڙوٽ ڌوران ٿاٽ
آڏُو ڏيٿان رو اُتن ڌرا سُرنگي ڍاٽ
(گُهوڙ (چارڻ) گهڻي ڀاڱي ٿڙوت (راجسٿان ) ۽ ڏيٿا اصل کان ڍاٽ ۾ رهندا آهن)

مگهارام ڀڳتان مڻي کتري ڏيپلي خاص
اٽل ڀروسو ايشور نرکيو ڍاٽ نواس
(سدائين ايشور جي ڀروسي تي هلندڙ ڀڳت مگهارام کتري ڍاٽ جي شھر ڏيپلي ۾ خاص پوڄيو وڃي ٿو.)

هري را هجار هاٿ هي اول ڀروسو ايڪ
مالا ڦيري ڌن مِٺي ڏيٿي آنٻو ڏيک
(ڀڳوان جا هزارين هٿ آهن، اُن تي ئي ڀروسو رکي آنٻوُ ڏيٿي ايشور جي مٺي مالا جپي امر ٿي ويئي)

کنگهار پير هَوئو کرو سوڍان ونس سَڌير
ڌر جاهيلو ڍاٽ ۾ وڻي سمادي وِير
(سوڍن ۾ کنگهار پير وڏو سنت ساڌو هو، جنهن جي سمادي (آخري آرام گاهه) ڳوٺ جانهيري ۾ آهي)

چندو پير ڀيو ڇَتو ڪارونجهري مُقام
ڪرامت پرچو ڪيو اٿاگ نير امام
(ننگر پارڪر جي ڳوٺ ڪارونجهري ۾ چندو پير ظاهر ٿيو، جنهن تمام گهڻي برسات وسائي معجزو ڏيکاريو)

هل هنسلي نِت هُتي ڏُجو پير ڏاکنت
ڪٿان سمادي ڪانٽيو رسا نام راکنت
(ڏُجو پير چوندو هو هل هنسلي (گهوڙي) نت هُتي. آتما جو ايشور سان ميلاپ لئه آلاپ ڪندو هو. هن پير جي آخري آرام گاهه ڪانٽيو ۾ آهي)

پير پٿوري پوتران ماني ڍاٽ تمام
جاڻون راوت جَيُون سمرٿ پير سُنام
(پير پٿوري پوٽن کي سڄي ڍاٽ مڃيندي آهي راوت پير به پيرن ۾ وڏو نالو آهي)

هريان کانهڻي هُوئي جهيٻان وَڌو سُجهل
مرمان ڏيٿي ڍاٽ مجهه آکي سَتي اول
(ڳوٺ کانهڻي ۾ جهيٻن (چارڻن جي شاخ) جي نُنهن هريان تمام سپوٽ ٿي گُذري آھي، ڍاٽ ۾ مريان ڏيٿي پهرين ستي سڏي ويندي آهي)

گرو هيمچند گوت رو رُوڙو مجنارام
کپرو ار کاروهڙو توي ڀگت گُڻ تام
(هيمچند گوت ۾ گُرو مجنارام هو. کپرو ۽ کاروهڙو انهن ٻنهي سِڌ ڀڳتن جا گُڻ ڳائين ٿا.)

موتي گُڻيسگر مهنت آکاڙي امراڻ
ڇَتو رامگر ڇاڇري جبرو سامي جاڻ
(موتي ۽ گڻيس گر ٻئي امرڪوٽ جي آکاڙي مندر جا مهنت (اڳواڻ) هُئا. ڇاڇري ۾ ظاهر ٿيل سامي رامگر تمام وڏو پهتل ٻاوو هو)

”پنهنجن جي ياد“

”پنهنجن جي ياد“
دُوها

وانڪو پنچ ونائيڪا سُت پيلاد سُجاڻ
آڏو گهر اوڍاڻيو وسُودا ڍاٽ وکاڻ
(پنجن پٽيلن ۾ پڇُيو ويندڙ وانڪو پهلاج جو سپوٽ پُٽ هو. جنهن جا ڍاٽ اڄ به گڻ ڳائي ٿو)

ٽيڪم ڪنيو ٽالمو کتري گورڌن خاص
پُڻ ٻاوو پونم پُري وڏ کاروڙي واس
(ٽيڪم، ڪنهيو، ٽولمو ۽ گورڌن داس کتري ۽ ٻاوو پونم پُري اهي سڀئي وڏا ماڻهون هُئا ۽ کاروڙي ۾ رهندا هُئا)

سيوا ڀلپڻ سادگي امرڪوٽ نج اوڪ
هُوتو ڀڳت هنگلاج رو سو درجي سنتوڪ
(شيوا سخاوت ۽ سادگي امرڪوٽ وارن جي صحيح سڃاڻپ رهي آهي، سنتوش درزي به هنگلاج جو ڀڳت ۽ سادگيءَ وارو شخص هو)

مالهي ٺاوو موڙجي کرو ميرپورخاص
ڀڻان ستن جڻ ڀارمل ڪل پرهياڙ پرڪاس
(موڙجي مالهي تمام بهترين ماڻهو هو، ميرپورخاص ۾ رهندو هو، جنهن جي پُٽ ڀارمل اعليٰ تعليم پرائي پڙهيارن جو نالو روشن ڪيو)

جس جوگا جاڻي جڪي ڪُبکاڻي نر ڪيم
دل سُڌ ڀيرو ڏيوڙو پرهاران ۾ پريم
(جنهن جي سُٺن ڪمن جي سُڌ هوندي، اُن جي گلا ڪير ڪندو دل جو صاف ماڻهون ڀيرو ڏيووڙو پرهياڙن (مالهين جي شاخ) ۾ انتهائي محبتي ماڻهو هو)
هر چند تو همروٽ ۾ اول عِلاجوُ ايڪ
مدد ڪرڻ هر منک ري نام ڪمايو نيڪ
(ڊاڪٽر هرچند راءِ سُوٽهڙ امرڪوٽ جو واحد ڊاڪٽر هو جيڪو علاج جو ماهر هوندو هو، هر ماڻهوءَ جي انسانيت جي ناتي مدد ڪندو هو، پَراُپڪاري ٿي هُن پنهنجو نالو روشن ڪيو)

کاروڙي واسي کرو سو چترو سُوٿار
اپڻيات مالهي اکو چوکو منکا چار
(کاروڙي جو چترو سُوٽهڙو سچو پچو ماڻهو هو۽ اکو مالهي پنهنجائپ ڏيندڙ هو.)

ڀل ويرومل ڀاٽيو حد تاراچند هاٽ
نائي هندوُ نيڪ هو ڌر امراڻي ڍاٽ
(ويرومل ڀاٽيو به ڀلو ماڻهو هو، پر تاراچند جي ڳالهه ئي پنهنجي هُئي. ٻئي هُندو نائي ڍاٽ جا نيڪ دل انسان هُئا)

ڪڪڙ امرڪوٽ رو سانپرت ٽيڪم ساهه
گڻان پاڻ جس لي گيو ونس ميصري واهه

”ڍاٽ جا مشهور چارڻ“

”ڍاٽ جا مشهور چارڻ“

دُوها

مارُو تڻو ڀُوان مهي اُڻ ري بيٽا آٺ
وان ۾ ڏيٿو پاٽوي ٿيان چارڻان ٿاٽ
(مارُو جا اٺ پُٽ ٿيا جن ۾ ڏيٿو گاديدار بڻيو ۽ چارڻن جا ٺٺ ٿي ويا)

ڏيٿي هندو ڏيڪرو نڊر جنف جڻ نام
پايو ڪروڙ پساوَ ۾ گُڻ کاروڙي گام
(جنف نالي چارڻ ڏيٿي جو بهادر پُٽ هو. جنهن سوڍي جي وڏي مدد ڪئي ۽ اُن جي عيوض ۾ سوڍي جسهڙ کان جاگير ڪروڙ پساوَ ۾ ورتي جاگير سان گڏ کاروڙي جو ڳوٺ به حاصل ڪيو)

جڻ گهر ريلڻ جلميو ڌر ريلڻ جس ڍاٽ
اُڻ ري سپوت اوپنو کينهر دت ورد کاٽ
(جنهن گهر ۾ ريلڻ جنم ورتو اُن گهر ۾ وري کينئري نالي سپوٽ پيدا ٿيو)


ڀُوگل جڻ ري سُت ڀيو ڀولو ڏايو ڀال
هُوئو درشن هنگلاج رو ايهگ ونس اُجال
(جنهن جو پُٽ ڀوگل نالي الله لوڪ درويش پيدا ٿيو. هن ڀوري ڀڳت کي هنگلاج ماتا درشن ڏنو، ڀوگل جي ڀڳتي جي ڪري ئي ڏيٿا ونس اُجاگر ٿيو.)

تنوج دوئي ڀوگل تڻان مالو ني مهڌير
ماهٽ ڌارو مال ري سُت جلميا سَڌير
(ڀوگل جا ٻه پُٽ مالو ۽ مهڌير ٿيا، مالي جا ماهٽ ۽ ڌاروُ ٻه سپوٽ پُٽ ٿيا)

ماهٽ وڏ ڀاڳي مُدي جڻ گهر ٻاٻن جاڻ
وردائي ڏيول وَڌو پُورب وچن پرماڻ
(ماهٽ وڏو ڀاڳوند هو جنهن جي گهر ٻاپن جنم ورتو، جيڪو مهاشڪتي ڏيول کي ڪنوار جي رُوپ م وٺي آيو، پُورب جنم جي وچن سان مهاشڪتيءَ سان وَريو)

ڌارُو ري ويڪو ڌَجر اُپجس ڌارو انگ
سراپيو ڏيول سگت سوڍي دُوڍي سنگ
(ڌارو جو وِيڪو ٿيو. جيڪو ڪَپوٽ هو جنهن کي شڪتي ڏيول سوڍي ڏوڏي سميت سراپ (بد دعا) ڏني)

ٻاپن ڏيٿو ٻاپ تيون ڏيول مان دُنياڻ
ديد، کينڊ مهيپا ڏيپي سُت تينون سُڀاڻ
(ٻاپن ڏيٿو جن جو والد ۽ ڏيول ماتا شڪتي ماءُ هُئي. اُهي ديد، کينڊ ۽مهيپا ٽيئي سپوٽ پُٽ چمڪي رهيا آهن)

ڀاڻوَ ڪُل ۾ هري ڀڳت ڏيٿو مَٿُوراداس
”راگهوَ راسو“ جڻ رچيو اڙ چَهُون ڪونٽ اُجاس
(ڀاڻ خاندان ۾ ڀڳوان جو ڀڳت مَٿُورا داس ڏيٿو پيدا ٿيو، جنهن ”راگهو راسو“ ڪتاب لکيو جنهن جي ساراهه چوڏس چمڪي رهي آهي)

ڀوگل سُت مهڌير ڀل ونس تڻڪا وڏ ڀاگ
ڏيٿو سُوجو ڪوي ڏيپي انجس مود اٿاگ
(ڀوگل جو پُٽ مهدير ڀلي ڄائو، جنهن جو ونس ڀاڳوند ٿيو جنهن ۾ سُوجي ڏيٿي جهڙو مها ڪَوي شاعر پيدا ٿيو، جنهن جي بي حد ساراهه ٿئي پيئي)


ڇند جُهولڻا ري ڇٽا اوپي گهٽا اُمنگ
همير ڏيٿي را حرف سوڍان کيات سُچنگ
(جنهن جهُولڻا ڇند (ڇندن جي هڪ نمونو) تخليق ڪيا اُن همير ڏيٿي جا اکر سوڍن جي سپوتائي کي ساراهي رهيا آهن)

ويدو ڏيٿو ويدگان هُوئو ڍاٽ ۾ هيڪ
ويداڻي جڻ سُون وسي نام امر ڀڙ نيڪ
(ويدو ڏيٿو ڍاٽ ۾ هڪڙو ئي هو، جنهن جي نالي پويان ويداڻي وسن ٿا.)

مدد خان لي ملڦيو ويدو قابل ويک
رائيپال لايو درس لاکاڻي جس ليک
(مدد خان پٺاڻ ويدي چارڻ کي قابل وٺي ويو هو جتان رائپال لاکاڻي واپس وٺي آيو)

تاجي لاکيڻو تُري ڏيٿي کيتي ڏِيڌ
موج بروڻ چتوڙ مجهه ڪڻي هوڏ نهين ڪِيڌ
(کيٿي ڏيٿي خيرات ۾ گهوڙو تازي ڏنو هو چتوڙ ۾ اهڙي سخاوت جي ڪنهن به هوڏ نه ڪئي)

ڏيٿو گيتان ۾ ڏيٻي نيتو وڏ هٿ نام
ڍاٽي اس ريجهان ڌروي وڏ ڏاتا وريام
(وڏي دل جو مالڪ سخي ڏاتار نيتو ڏيٿو گيتن ۾ چمڪي رهيو آهي، ڍاٽ جي ڌرتيءَ جو هي وڏو ڏاتار ماڻهو هو)

ڌرا سُڻيجي ڍاٽ ۾ جاچگ مُک گهڻ جاڻ
ڏيٿي واگهي را ڏيا وڏنگ تڻان واکاڻ
(ڍاٽ جي ڌرتيءَ جي واگهي ڏيٿي جي ڏنل گهوڙن جا واکاڻ هندين ماڳين هلن ٿا. سخي ڏاتار واگهي ڏيٿي کي هر منگتو تمام گهڻو سُڃاڻي ٿو)
جل ري جگهه جان رو کانهڻي رک خيال
چَروُ ڪرايو چارڻان گِهرت پخال ۾ گهال
(ڳوٺ کانهيڻي جي چارڻ ڄاڃين کي گيهه سان هٿ ڌوئاريا هُئا. ويجهي ڳوٺ مان پاڻي جي پخال ٿوري دير سان پهتي، تنهن ڪري ڄاڃين پاڻي جي شڪايت ڪئي، تڏهن هڪ چارڻ پنهنجي گهران نج ڳائي گيهه جي پخال ڀري ڄاڃين جا هٿ ڌوئاريا ان تي هر ماڻهو حيران ٿيو هو.)

پاتو راگان پارکُو رڻڇي روسُت راڻ
هوئو لکاڻي کانهڻي چتر ڪنٺ پهچاڻ
(چارڻ راڳ جا پارکُو هوندا آهن ڳوٺ کانهيڻي جو راڻجي ولد رڻڇوجي چارڻ راڳ جو وڏو ماهر هو. هُو گلي مان سُڃاڻي وٺندو هو ته گيت ڳائيندڙ وڌوا آهي يا سهاڳڻ، پرڻيل آهي يا ڪنواري رڻڇو لکجي جو پوٽو هو)

وڏو گهراڻون ٻارٽان اُوپيو ڍاٽ انوُپ
کاڻ گُڻان ري کاهيڻي راڻ سُتن ڪوي رُوپ
(چارڻن جو هڪ وڏو خاندان ڍاٽ جي ڌرتيءَ تي انمول رتن ٿي چمڪيو آھي، ڳوٺ کانهيڻي ۾ گُڻن جي کاڻ هُئي، راڻجي جو پُٽ وڏو شاعر ٿي گُذريو هو)

چارنور رو چانڻو دِت وِت ۾ سُکڏان
گُهوڙ ڪُل ڪيرت گهڻي مونگارٿ گهڻ مان
(سُکڏان چارڻ ڳوٺ چارنور جي روشني هو، گُهوڙ نک سان تعلق رکندڙ سُکڏان گهر آيل مهمان جي وڏي مرجات رکندو هو، جيءِ جيءِ ڪري منوهار ڪندو هو.)

سُت سَپوُت سُکڏان رو ڏيسي پرتاپ ڏان
وينجهار سر ديپل وسي گڊوي ڪُل گڻوان
(سُکڏان جو پُٽ پرتاب ڏان تمام گهڻو سپوٽ ٿيو، جنهن گڊوي (چارڻ) ڪُل کي گڻن سان مالا مال ڪيو)
ڍاٽي ڪوي جيساڻ ڌر پات گُهوڙ پرڀيس
مان ڪيو مهماڻ رو هري رو ڌيان هميس
(جيسلمير جي ڌرتيءَ تي هڪڙو ڍاٽي ڪوي پاتو گُهوڙ مشهور شاعر هو، وڏو مهمان نواز ۽ ايشور جو ڀڳت هو)

پريمي ري ويري پُڻان سوجو گُهوڙ سُجاڻ
ڏيپيا ڀگت ٻهون ڏيڪرا اوگت ڌُن ايهناڻ
(ڳوٺ ”پريمي ري ويري“ جو سُوجو گُهوڙ سپوٽ چارڻ هو جنهن جا ٻئي پُٽ ايشور جا ڀڳت ٿي چمڪيا)

ڀلو هوئو ماڌُو ڀڳت ڀلي ڌيانگر ڀرات
جلميا چارڻ جات ۾ گڻو ڍاٽ سوغات
(ماڌو ڀڳت تمام ڀلو انسان هو، ان جو ڀاءُ ڌيانگر به ايشور پراڻي هو. چارڻ ذات ۾ پيدا ٿيندڙ اهي ٻئي ڀائر ڍاٽ لئه سوکڙي هُئا)

ڀيما ويري واس ڀل کومڏان ڪوي خاص
رچ دي ”رنگ ترنگڻي“ پنگل ڪيو پرڪاس
(ڳوٺ ڀيما ويريءَ جو مشهور چارڻ ڪوي کومڏان هو، جنهن ”رنگ ترنگڻي“ نالي ڪتاب لکيو. اُن تخليق پنگل ادب کي چمڪائي ڇڏيو)

ٻارٽ کانهيڻي وسيا راس تُلڇو رنگ
چارڻور گُهوڙ چَوان سو پُرکيس سُچنگ
(ڳوٺ کانهيڻي جا راسو ۽ تُلڇو مشهور چارڻ هُئا، چارڻور جو ڪوي پُرکو گُهوڙ نالي وارو چارڻ هو)

جس آخر پڍڻي جبر راٺي مجهه ريواس
سُورو پُورو رام سُت کِڙيو ڀورو خاص
(ڳوٺ راٺي جو رهواسي رام جو پُٽ ڀورو مشهور وير بهادر ۽ سپوٽ ٿي گذريو آهي جنهن جي واکاڻ زوردار ٿئي ٿي)
ڌرامٺڙيو ڍاٽ ۾ وڏو پنچ وڌوان
طور سُتن پونجي تڻو ڏيٺو اجيتڏان
(ڍاٽ جي ڳوٺ مٺڙيو چارڻ جو پنجن ۾ پڙهيل لکيل اجيتڏان چارڻ هو. هو ڏاهو ماڻهو پونجي جو پُٽ هو)

سگا ڀرات سُرتاڻيان ڀير هميرو ڀل
ڍاٽي جس آسير ڌن وس اونڏير اول
(ٻئي سڳا ڀائر ڀيرو ۽ هميرو صورتاڻي تمام سپوٽ هُئا، جن جي ساراهه ڌرتي ڪري ٿي اونيهر تون سدائين وسندو رهين.)

موٽو تاڪٻ مٺڙيو جونجهو ڏيٿو جاڻ
ڀُوج پڊيو ڪائب ڀلي پرگٽ ڍاٽ پهچاڻ
(مٺڙيو ۾ جونجهو ڏيٿو تمام وڏو ماڻهو هو، جيڪو ڀوج مان پڙهي آيو هو، اُن جو نالو ڍاٽ جي سُڃاڻپ هو)

جونجهو سُتن ڏيٿو جبر ڀور ڏان ڪل ڀاڻ
گل ڊنگل گهڻ گونجتي ساهت کيات سجاڻ
(جونجهي ڏيٿي جو پُٽ ڀُور ڏان مشهور اديب هو جنهن جي ڳالهه ڊنگل ادب ۾ گونجي ٿي، هي تمام ادب ذوق ۽ ساهت جو پارکو ماڻهو هو.)

جس ڏيٿي رو جگ مگي مُرڌر ڍاٽ تمام
منڏيو ٻاهڙمير مگ نيٻراج رو نام
(ڍاٽ کان وٺي مارواڙ تائين نيٻراج ڏيٿي جي ساراهه جا گيت گونجن ٿا، ٻاڙمير ۾ نيٻراج جو نالو تمام گهڻو مشهور آهي)

سُت راجڙ ڏيٿي سِري ملا هرو مهراڻ
سداورت راکيو سدا کاروڙي کُوماڻ
( ملا جو پوٽو ۽ راجڙ ڏيٿي جو پُٽ کوماڻ تمام رحمدل انسان هو. جنهن کاروڙي ۾ سدائين سداورت (ٻين جي مدد ڪرڻ) قائم رکيو.)
ڪويڻ اچلو جهڻڪلي پڇي ڍاٽ پرسٿان
سُت تينون لي ساٿ ۾ مٿاسري گهڻ مان
(ڪوي انچلوجي جهڻڪلي مان لڏي ڍاٽ ۾ اچي رهيو پنهنجي ٽن پُٽن سميت اصل مڪان ڏي موٽي آيو)

ڏيٿو آئيڏان هو مهپان ۾ منموٽ
ستيڏان ورڌيس سا انوج گُڻان ري اوٽ
(مهپان ۾ آئيڏان ڏيٿو انتهائي سُلجهيل ماڻهو هو، ستيڏان ۽ ورڌ ڏان ٻئي سندس ننڍا ڀائر هُئا اهي به خاصيتن جي کاڻ هئا.)

کوڙي آيو کُوم ري ستيڏان سُڀياڻ
ريڻو ڪل رو رُوپ هو کرا گُڻان ري کاڻ
(ستيڏان کي کومڏان گود ورتو (ريڻو ڪُل) ۾ هي گڻن جي کاڻ هو)

دُهيتا ڀارت ڏان ري جلم چوچرو جيٿ
روهڙياڻي انتران دي کاروڙي ڏيٿ
(ڀارت ڏان جي ڌيءَ ڳوٺ چوچري ۾ جنم وٺندڙ انتران ٻائي کاروڙي ۾ پرڻائي ويئي)

پُتري جائي پيلڙي سُک ري لهر سمان
اندرو پيرو سُت اُڀئي تينون ڀل سنتان
(پهرين ڌيءَ ڄائي، خوشين جي کاڻ ساڻ کڻي آئي. لڪشميءَ جو واسو ٿيو، پوءِ اندرو ۽ پيرو ٻه پُٽ ٿيا ٽيئي اولاد سپوٽ ٿيو)

اندر ڏان سُت اگرڻي نج کاروڙي نيس
سُڻان ”اندروا سورٺا“ اُڻ نامي اُپديس
(وڏو پُٽ اندر ڏان کاروڙي جو وڏو نالو هو، جنهن جا تخليق ڪيل ”اندروا سورٺا“ پڙهڻ جهڙا آهن)
ڏيول مان آشيش دي، ٿت ري قائم ٿاٽ
پيرڏان ڏيٿو پرسد کومهرو جس کاٽ
(ڏيول ماتا جي آشريواد سان کومڏان جو پوٽو پيرڏان ڏيٿو تمام گهڻو مشهور ٿيو جنهن جا ٺٺ باٺ شهزادن وارا هُئا)

سُپوٽ آئيڏان سُت ڪيسر ديو ڪويس
ڏيٿا کاروڙي ڏيپي داکي ڌن ڌن ديس
(آئيڏان جا پُٽ ڪيسر ۽ ڏيو سپوٽ هُئا ٻئي شاعر به هُئا، کاروڙِي جي ڏيٿن ۾ نالو روشن ڪيائون، جن جي جئه جئه ڪار پورو ديس ڪري ٿو)

ڪيسر هندان کٽ ڪنور تيج ڏان وڏ طور
موهن ڀمر مُرار جَيُون دولو ڀُور دلير
(ڪوي ڪيسر جا ڇهه پُٽ ٿيا، جن ۾ وڏو تيجڏان هو، موهن، ڀمرو، مُراري، ڏولو ۽ ڀورو به نالي وارا هُئا)

ڏيو تڻان ترينهون ڏيڪرا سکري اوڙ سُمت
ڀرات ڀواني مڌن ڀل ڏيٿو جومادت
(ڏيو جا ٽي پُٽ ٿيا جن جي سُڃاڻپ عزتدار ماڻهن ۾ هُئي جومادت، ڀواني ۽ مڌن ٽيئي ڀائر سُپوٽ هُئا)

ورڌ ڏان ري سُت وڏو هي سپرت هنگلاج
ڀوان چند اشوڪ ڀل سُندر مود سماج
(ورڌ ڏان جو وڏو پُٽ هنگلاج سپوٽ آهي، ڀوان چند ۽ اشوڪ به سماج جي سُونهن آهن،)

پيرڏان ري سُت پرٿم ڏيٿو تيرٿ ڏان
ڪنور ڀلو ڪيلاس جَيوُن مهاوير گهڻ مان
(پيرڏان جو وڏو پُٽ تيرٿ ڏان ٿيو، ڪنور مهاوير ۽ ڪيلاش به عزت ۽ مان وارا ٿيا)
اندر ڏان ري آويو ڪنور گود ڪيلاس
امرت پل جَيُون آنگڻي اوُگو سُور اُوجاس
(ڪنور ڪيلاش کي اندر ڏان ڏيٿي گود ورتو، اندر ڏان جو اڱڻ امرت پُل ۾ سوُرج وانگي چمڪڻ لڳو)

سدا اشٽ شو سگت رو اُر آڻند اُجهيل
ڪُل ڏيٿي ڪيلاس ري وڌي ونس جس ويل
(شو ۽ مهاشڪتي ڏيول ماتا جي ڏيا سان سدائين سک ۽ آنند جي ڇانوَ ۾ ڪيلاش ڏيٿي جو ڪٽنب وڌنڌو رهيو)

اڙوي پاڙي اڙگلان ويهڪ گود وِواد
راکيو ڏيٿان رو رجڪ دي سوڍان امداد
(ڪنور ڪيلاش کي گود ويهارڻ کانپوءِ پري جي پيڙهي وارن جاگير حاصل ڪرڻ لئه مسئلا پيدا ڪيا پر ڏيٿن جي جاگير سوڍن هڙان وڙان خرچ ڪري بچائي ڏني ائين سمجهو امداد ڏني)

سوڍو راڻو اڪ سهي پهه امراڻو پاٽ
ڏيٿو راڻو دُوسرو ڌن کاروڙي ڍاٽ
(هڪڙو راڻو سوڍو آهي جيڪو امرڪوٽ تي راڄ ڪري ٿو، ٻيو راڻو ڏيٿو چارڻ آهي جيڪو ڍاٽ جي ڳوٺ کاروڙي تي راڄ ڪري ٿو)

”شري ڏيول چِرت“

”شري ڏيول چِرت“
دُوها

پرڻمون شري گڻپتي پرٿم سُرست رهي سهاءِ
توون چرت ڏيول تڻون ڪيرت اُڪت ڪهاءِ
(اي گيش ڏيوتا! پهرين توکي نمسڪار آهي، اي سرسوتي ديوي! تون مدد ڪجانءِ ته جئين آئون ڏيول ماتا جي مڪمل ڪٿا ڪيرتن ٻُڌائي سگهان)

ويدگ ڏيٿي ڪُل وِڌوُ ڀليا سَڌوُ سُ ڀل
کاروڙي هنگلاج خود ڏيول روُپ دُجهل
(ويدگ ڏيٿي جي خاندان ۾ ڪنوار جي رُوپ ۾ آيل، ڀلئي جي ڀاڳوند ڌيءِ ڏيول ماتا کاروڙي ۾ هنگلاج جو ٻيو اوتار وٺي آئي هُئي)

پڙ پوتو جنف رو پرٻل ڀُوگل نام ڀڻنت
کينهر سُت هي کانت سُون ڪُل ڏيوي ڪرمڻت
(جنف چارڻ جو پڙ پوٽو ڀُوگل ڀڳت ڀورو بادشاهه هو جنهن جي خاندان ۾ ڪُل ڏيوي ڪرامت واري، ڪنوار جي رُوپ ۾ آئي)

هليو پنٿ ريلڻهرو پرڻ گهه سنمک پانوَ
هئه پرسڻ هنگلاج رو چارڻ ري گهڻ چاوَ
(ريلڻ جو پنت سنمک گهڻو هليو هنگلاج ماتا سرهي ٿي چارڻن جي جئه جئه ڪار ٿي ويئي)

ڀاو هونت ڀوڙو ڀگت سات وار سن پيک
آد سگت پرگٽي آکيو ور سُڌ مانگ وسيڪ
(ڀُوگل پنهنجي سچي دل سان ست دفعا هنگلاج ماتا جي ياترا ڪئي ۽ هنگلاج کي سڪ مان سڏ ڪيو ساڌو جي پُڪار سُڻي هنگلاج ماتا درشن ڏيندي چيو” گهُر جيڪو گُهرڻو هُجي“)
نيڻي نرمل ڇوي نرک اوُجل جوت اکنڊ
ڀُوگل مُک سُون ڀاکيو” مان مانجو گهر منڊ“
(هنگلاج ماتا جي اکين ۾ اکنڊ جوت جهڙو نُور ڏسي ڀوگل ڀڳت چيو” اي ماتا مُنهنجو گهر وساءِ“)

سگت ڪهيو ”مان“ سٻد سُڻي او وَر ڦڙي نه آج
تيجي پيڙهي گهر تُمهان هُون آسُون هنگلاج
(مهاشڪتي هنگلاج ماتا چيو ”اِهو وچن اڄ نه پرندو تون مون کي ماءُ چيو آهي، هاڻي آئون تنهنجي ٽي پيڙهي ۾ تنهنجي گهر ايندس)

ڀُوگل ري ٻي سُت ڀيا مالو ني مهڌير
ماهٽ ڌارو مال ري ڪونئر اوڀئه ڪٺير
(ڀوگل جا ٻه پُٽ ٿيا، مالو ۽ مهڌير، مالي جا ٻه ڪنور ٿيا ماهٽ ۽ ڌارو)

ڀاڳ پُرش ٻاپن ڀيو ماهٽ سُت وڏ من
ڏيوي ري ورڏان سُون ڌَر ڌيڻا ان ڌَن
(ماهٽ جو وڏو پُٽ ٻاپن ڀاڳوند ماڻهو هو جيڪو ڏيوي جي وچن سان مال ملڪيت وارو ٿيو.)

چارڻ ڪُل سنڍائچان توان ماڙوو تيٿ
آڍي ويران ري اُينڏر جلمي ڏيول جيٿ
(سنڊائچ چارڻن جي خاندان ۾ ڳوٺ ماڙوي ۾ ڏيول ماتا جنم ورتو، آڍي ويران (ماتا جو نالو) جي ڪک مان جنم ورتو )

سيس کُلي تيرهه ورس ڪنيا رمي سَڪاج
ستوَنتي ڀلڻ سڌوُ ليس نه ڪرتي لالج
(کُلي مُنهن تيرنهن سال ٻالڪ اوسٿام ۾ راند روند ڪندي رهي، ڀلئيجي چارڻ جي ڪَنيا سامائجڻ تائين ڪنهن کان حجاب نه ڪندي هُئي)
سوڍ هري هيڪو سُتا پُورب وچڻ پرماڻ
نجران ٻاپن نرکيو تڻ پَل گونگهٽ تاڻ
(سوڍي چارڻ جي هڪڙي ئي پوٽي ٿي. پورب جنم جو ڦل هو. جڏهن سندس ور ٻاپن تي نظر پيئي، تڏهن هن کي سڃاڻي ورتو ۽ گهونگهٽ ڪڍيو.)

پارک سُوٿاري پُڻيو کري ڏوڪري خاص
سرور گهاٽي وال سنگ ور چارڻ وشواس
*
وات صحيح لِک ويدگان مل ڪيڌي مَنوار
ماس ڇٺي ساوو سُڪر ڪر سگپڻ ستڪار
(ويدگن صحيح ڳالهه لکي آهي ملي پوءِ منوار ڪئي، ڇهين مهيني جي سائي شُڪر وار تي مڱڻو ٿيو هو)

ماهٽ سُت مالاهرو لگن تڻي سُڀ ليک
ڏيول ڌڻ ٻاپڻ دُلهو پرڻ اُما ڀو پيک
(مالي جي پوٽي ۽ ماهٽ جي پُٽ جو شڀ لگن نڪتو، ڏيول ڪنوار بڻي ۽ ٻاپن گهوٽ ٿيو، شو ۽ پاروتي وانگي انهن جي شادي ٿي)

نو دُرگاري نيم ري ڪوي ڪُل ريت ڪراءِ
چونئري نو ڀيڙي چڙهي ڏيول حُڪم دراءِ
(نو دُرگا واري قانون تحت ڪوي اها رسم پوري ڪئي، ڏيول جي حُڪم سان 9 ڪنيائون (نياڻيون) گڏ چونئري ڦريون)

وڌ سُڌ ڪنيا آٺ وڙ نومي ڏيول نام
اوڀا نوَ ٿنڀا اجي پاهڻ تڪان پرڻام
(اٺ ڪنوارون ٻيون هيون ۽ نائين ڪنوار ڏيول ماتا هُئي، جتي چونئريءَ واري رسم ٿي هُئي اُتي اڄ تائين پٿر جا نو 9 ٿنڀا ٺهيل آهن.)

جيگ هُوئو وڏ ڀاگ جِت سَمپي دِت ڏي سيک
مهي کاروڙي ماڙوي طور بَڌائي تيک
(وڏي ڌام ڌوم سان شادي ٿي، جنهن ۾ گهڻو ڏاج ڏنو ويو کاروڙي ۽ ماڙوي ۾ رشتيداري ڪري پنهنجو مان ۽ شان وڌايو)

ٻنڌي تورڻ ور وَڌوُ اڇٻ هرک اپار
گهُر نوبت ماهٽ گهري منڏيو منگلا چار
(گهوٽ ۽ ڪنوار تورڻ هيٺيان وڌايا ويا. ماهٽ جي گهر دُهل ۽ شهنايون وڄڻ لڳيون خوشيون ئي خوشيون ٿي ويون.)

هٿ موڙي ري ريت هُوئي ونڙي گهران وڌاءِ
مانجڻ اينٺ پرٿا مُدي ڏيول نهه ڪيداءِ
(هٿ موڙي (هٿ پُڻون) جي رسم نڀائڻ لئه ڪنوار کي گهر م وڌائي پاڙي وارين سڀني ماين گراهه ڏنو، جُوٺو ٿانوَ مانڃڻ لئه ڪنوار (ڏيول) کي ڏنو ويو، ڏيول ماتا جُوٺو مانڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو)

آپيو ساسُو اوڙڀو ڀل سارڌُو ڀيٽ
داسي لاونت ڏائيجي ٿال مانڃڻ ٿيٽ
(سس اوجهڻو (مهڻون) ڏنو ته اهڙي جيڪڏهن هُئينءَ ته ڏاج ۾ نوڪرياڻي وٺي اچين ها ٿال مانڃڻ لئه)

اکر سُڻ ڌُر اوجهڻون ڪي اِڌڪي ڪرامت
جيميا نهين کٽ ماس جد سانپرت لَکي سگت
(مهيڻي جو اکر ٻُڌي ڏيول ماتا ڪروڌ ۾ اچي اهڙي ڪرامت ڏيکاري جو ڇهه مهينا ماني ڪونه کاڌي. تڏهن سڀني کي پروڙ پيئي ته هي مهاشڪتي آهي)

ساهل ڏيول سانڀڙي گيا ڪونڀارڻ گيهه
اڪلوتو سُت اوبريو جيسلمير جڌيجهه
(ڪونڀاريءَ جو اڪيلو پُٽ جڏهن جيسلمير جي مها راول پنهنجي بيماري جي علاج لئه گهريو تڏھن هُوءَ ڏاڍي اُداس ٿي، ان جي پُٽ کي بچائڻ لئه مها شڪتي ڏيول ماتا جيسلمير نريش جي ابوٺيءَ جو علاج ڪيو ۽ ڪونڀاريءَ جو پُٽ بچي ويو. ابوٺيءَ جو علاج ماڻھوءَ جي ڪليجي سان ٿيندو هو. جيسلمير ۾ راجا کي واري سان ماڻھو قرباني ڏيندا هئا)

رٿ وهنتان جيساڻ رُوک مهه ڀالي سُڀ ميٺ
ميٽيو ڏيول ڪر مهر اڌپُت پيٺ اڏيٺ
(جيسلمير جي مها راوَل جي پُٺن ۾ اڏيٺ ٿي هُئي جنهن تي ماتا ديا جي نظر وجهي اُن کي ميٽي ڇڏيو ”اڏيٺ“ (پُٺن ۾ ڦوڙهو ٿيندو آهي)

جدي اٺاري جات را منک ديا سنگ ميل
ڀليائي ڪيجي ڀلي آرت ڪيان اُٻيل
(جڏهن راول جي اڏيٺ ختم ٿي تڏھن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڏيو ماتا کي تمام گهڻو ڏاج ڏيڻ سان گڏ ارڙهن يجمان به ڏاج ۾ ڏنا، جن ۾ ڏرجي (درزي) سُوٽهر، ميگهواڙ، مڱڻهار، نائي، سونارو وغيره شامل هُئا، ڏاج ڏيئي پُڪار ڪئي ته ”اي ڀليئي چارڻ جي ڌي مون تي مهر ڪجانءِ.)

گوراڙو ڍولي گُڻي مُونئون سُڻي مهاءِ
قبر مانئي سُون ڪاڍ ني جيواڙيو خود جاءِ
(گوراڙو ڍولي (مڱڻهار) جڏهن ماتا ڏيول جي مهما ٻُڌي مري ويو تڏهن ماتا پاڻ وڃي کيس قبر مان ڪڍي جيئاريو، مئل کي زنده ڪيو)

پرچي ري گت پيکلو ريت ڪليجڻ ريت
اجي آل اولاد اُڻ گائي سڪي نه گيت
(معجزي جي گت ته ڏسو،روايت ريت ۾ دٻجي ويئي، موروثيت مٽيءَ ۾ ملي ويئي، اُن جو اولاد اڄ ڏينهن تائين گيت ڳائي نه ٿو سگهي)
شري ڏيول ڀلڻ سُتا گيان پتا سُرگيهه
سدن ماڙوي سمپدا سمپي گهڻي سنيهه
(ڀليئي جي ڌيءَ شري ڏيو ماتا جڏهن سندس پتا ڀليو گُذاري ويو تڏهن ماڙوي ويئي ۽ سموري مال ملڪيت دان ڪري آئي)

سيوڪ ويگهڙ ساک رو آپي ڌرا اليک
ميگهواڙ ڪُل ماوجو پويو سانپرت پيک
(ويگهڙ ذات جو ميگهواڙ ڀليئي جو نوڪر هو ماتا ڏيول ڀليئي جي سرگواس ٿيڻ تي سموري زمين ۽ چل سمپٿي اُن کي دان ڪئي هُئي. جنهن جو سمورو معاوضو اڄ تائين ميگهواڙن کي ملي ٿو)


ڏيول مان ري ڏيس ري ڀلي ريت من ڀاءِ
کولي بوتل مڌ کني گيت نه ڍولي گاءِ
( ڏيول ماتا جي وطن جي هڪ ريت تمام بهترين ۽ دل کي وڻندڙ آهي ته گُلوڪار شراب جي بوتل کولي گيت ناهي ڳائيندو)

هنگلاج رو رُوپ هي ڏيول مان دُنياڻ
ڏيد کينڍ مهپا ڏيپي سُت تينون سُڀياڻ
(ڏيول ماتا مهاشڪتي هنگلاج جو رُوپ آهي دوهيداس، کينڍ ۽ مهپا هن جا سپوٽ پُٽ آهن)

ٻاپن ري کٽ ٻيٽان بهچر ٻُوٽ ٻلال
جڻڻي ڏيول ري جَيُون هي ڀئي سگت سب ڀال
(ٻاپن جون ڇهه ديئرون ٿيون. جن ۾ ٻهچر ٻُوٽ ٻلال، کيتو، بيجري، ميڻسري شامل آهن، ڏيول جي ڪُک مان پيدا ٿيل اهي سڀئي ڏيول وانگي شڪتيون ٿيون. جن کي پوڄيو وڃي ٿو)

ٻينهڙ کيتوُ ٻيجري ميڻسري گهڻ ماڻ
ستونتي ٻاپڻ سَڌوُ ٿت پوڄيجي ٿان
(کيتوُ، ٻيجري ۽ ميڻسري ٽنهي ڀينرن جو مان مٿانهون آهي، ٻاپن جون اهي ستيون ڌيئرون پوڄيون وڃن ٿيون)

ٻهچراءِ ري رُوچي وڏم پالگ ڪُوڪڙ پاٿ
مُغلان کاڌا پيٽ ميهن سهه ٻوليا ساٿ
(ٻهچراءِ ماتا جي وڏي مهما هي آھي ته هُن جا پاليل ڪُڪڙ مُغلن کاڌا ته هُن مغلن جي پيٽ ۾ پيل ڪُڪڙن کي ڳالهائي ڏيکاريو.)

ڍاٽ جمائي ڪمڌجان ڏيڌو پرچو دُوٽ
هُڻ ڪوگت روٺي سگت بڻي سنگهڻي ٻُوٽ
(ڍاٽ جي راٺوڙ ڄماين کي ڪروڌ مان معجزو ڏيکاريو راٺوڙن ٻُوٽ ديوي جي مشڪري ڪئي، ٻُوٽ پنهنجي مشڪري ٻُڌي تباهي مچائي ڇڏي)

دُوڍي لوپي ڪار تد پايو مرڻ پرماڻ
ويسي ني ڏيول وروي راج تخت امراڻ
(دوڍي ڏيول ماتا جو احترام نه ڪيو ۽ بدلي ۾ موت پرايو، ويسي تي ڏيول راضي ٿي هُن کي تخت امراڻ ۾ راڄ ڏنو)

نرپ ڀڙ پاري ننگر رو ڀيم سوڍ گُڻ ڀل
بند ڪاٽ راجس وروي ڏيوي ڌن ڏيول
(پاري ننگر جو بادشاهه ڀيمون سوڍو ڀلوڙ ۽ گڻوان هو جنهن کي ڏيول ماتا تڪليفن جا بند ڪٽي راڄ ڏنو هو)

بي حد انيت ڪي وٽل پايو ڦل تڻ پاڻ
ڀکيو ڏيول کپر ڀر جُلمي هرڀم جاڻ
(هر ڀم نالي پارڪر جو بي حد ظالم راجا هو جنهن کي ڏيول ماتا تباهه ڪري زمين دوز ڪيو هو)
. بڇ مُوئو هٿ براهمڻي آڪُل مرڻ اتيوَ
ڪروڻا سُڻ ڏيول ڪيو سُت ڌينوُڪا سجيوَ
(ڍڳي ڌينوڪا جو گابو برهمڻي هٿان مري ويو هو، ڳئو هتيا تي برهمڻي جون رڙيون ٻُڌي ڏيول هُن کي (گابي) سرجيون (زنده) ڪيو)

ميڙي مهکي هي منع ڀلي نه داسي ڀل
ٻالڪ ڪانه نه وينڌڻا پاتو ڏيٿان پل
(ماڙي ٺاهڻ، مينهن پالڻ ۽ نوڪرياڻي رکڻ جي منع ٿيل آهي ڏيٿن چارڻن جا ٻار ڪن ڪونه ٽوپائيندا آهن )

ميهائي ڪرني ملي ڏيول سُون جڻ ڏن
کاروڙي رِي کيات سُون ڍاٽ هُوئي ڌن ڌن
(ڪرڻي ماتا جڏهن پنهنجي ماسات ڀيڻ ڏيول سان ملڻ آئي هُئي، اُن وقت آهو ۾ کوهه ۾ ويٺل اڻندي کاتي کي ڏيول ماءُ کاروڙي ۾ ويٺي بچايو هو)

ورسان ۾ ڏيول وڏي آد سگت اوچل
ساک پرماڻي جگ سري ڪنياڻي ڪرڻل
(عمر ۾ ڏيول وڏي هُئي، مهاشڪتي ڏيول جي ننڍي ماسات ڀيڻ ڪنياڻي شاخ ۾ جنم وٺندڙ ڪرني سج جهڙي شڪتي شالي ديوي هُئي جنهن ڪيناڻي شاخ کي جڳ ۾ چمڪايو)

ٻيهون ماسيائي ٻيهن پرگٽ تيج پرتاب
مان ڏيول تون ماڙوي شري ڪرني سُواپ
(ٻئي ماسات ڀينرون قدرتي نُور سان ڀرپُور ظاهر ٿيون، مانڏوي ۾ ڏيول ظاهر ٿي ۽ سُواپ ۾ ڪرني)

نو دُرگا نو رات نِت ٿٿ کاروڙي ٿان
پڇي هنگول نه پرسڻو ڏيول ري ورڏان
(نوراتن ۾ نوَ دُرگا جي پاٺ سان کاروڙي جي ٿان ۾ پوڄا ٿيندي آهي، ڏيول ماتا جو وردان آهي ته انهن ڏينهن کانسواءِ هنگلاج ماتا راضي نه ٿيندي)
ڏيٿان ري جڻڻي ڏيپي سوڍان ري سُرراءِ
ڌڻياڻي تون ڍاٽ ري مان ڏيول مهماءِ
(ڏيٿن جون ڌيئرون توکي پوڄين ٿيون، سوڍن کي سدائين چمڪائڻ واري مان ڏيول تون ڍاٽ ۾ ڀلي ڄائي)

ڍاٽ پارڪر ماڙ ڌر گُڻي ڪڇ گُجرات
مُرڌر ۾ پوڄي منک ڏيول ني ڏن رات
(ڍاٽ، پارڪر، ڪاٺياواڙ، ڪڇ ۽ گجرات کان وٺي مارواڙ جي ڌرتيءَ تائين ماڻهو ڏيول کي ڏينهن رات پوڄين ٿا)


مان ڏيول ڪيجي مهر ڌر سيوگ پر ڌيان
چويا دُوها چاوَ سُون ڪويا شڪتيڏان
(اي ڏيول ماتا! تون رحم جي نظر ڪج. شيوڪ تي ڌيان ڌرج، ڪوي شڪتيڏان ڪَويا وڏي چاهه مان تنهنجا دُوها ڪَٿيا آهن)

”شري ڏيول جي جا ڇند“

”شري ڏيول جي جا ڇند“

دُوهو

وسُوڌا ٿائي ويس هٿ ڌائي جيون ڌڻياپ
سُر رائي ڀليا سَڌوُ آئي ڏيول آپ
(ويهه هٿن واري، سڀنيءَ جي ڌڻياڻي ڏيول ماتا ڀلي ڪري آئي، ڀلياجي جي سُپتري تنهنجي سدا جئه جئه ڪار هجي)



(ڇند ريڻڪي)



(1)
شري ڏيول رُوپ پرگٽ سُر رائي ڌر پڇمائي مود ڌَري
وچنان هنگول راءِ وردائي سرڻائي ساڌر سِري
آڍي ويران ري جائي ايڪل ڇِت اُوپر ڪيرت ڇائي
مهمائي ويس هٿي ڏيول مان ڀلي ڪري تُون ڀليائي
جئه ڀلي ڪري تون ڀليائي

(شري ڏيول ماتا تُنهنجي ظاهر ٿيڻ سان پڇمائي (اولهه) ڌرتي چمڪي رهي آهي، هنگلاج ماتا جي وچن سان اُن جو اوتار وٺي تون آئي آهين، توکي آڍي ويران جنم ڏنو آهي. ويهن هٿن سان مشهور ماتا، ڀلياجي جي ڌيءَ تون ڀلي ڪري آئين.)



(2)
ڍاٽي اس وال ماڙوي مُرڌر پُوگ اکيسر تال پَهي
ماهٽ رو ڪنور مالهر مينڍت سَر ڍڪ ڪَنيا هال سَهي
سنگپڻ ڪر ڏيٿا ڀال سنڊائچ ساوو جهال سڌر سائي
مهمائي ويس هٿي ڏيول مان تون ڀلي ڪري ڀليائي

(ڍاٽي ماڻهن جو ميڙ جڏهن مارواڙ جي ڳوٺ ماڙوي اکيسر تلاءَ تي پُهتو. تڏهن ماهٽ جي پُٽ، مالي جي پوٽي (ٻاپن) کي ڏسي، ڏيول ماتا مٿي تي چُني اوڍي ڏيٿن، سنڊائچن سان سگپڻو ڪيو. لگن پتر جو شُپ پنو ڏنو، ويهه هٿن واري ڀلياجي جي ڌيءَ ڏيول ماتا تون ڀلي ڪري آئين.)



(3)
سجيان گهمساڻ جُونگ رٿ سينگهوَ، هيتوَ مل جاني هرکي
ڏيپي ڪُل گوروَ ٻاپن دُلهو، نوَ چوَنئري ڀيڙي نرکي
نوَ تورڻيو مگري ٿنڀا نوَ، پرتک اُما ڀَوَ پرڻائي
مهمائي ويس هَٿي ڏيول مان تُون ڀلي ڪري ڀليائي.

(ڄڃ ۾ وڏو ميڙو متل هو اُٺن ۽ گهوڙن جا رٿ هُئا. گهمساڻ واري ڄڃ ۾ ڄاڃي مُحبت سان ملندي خوش نظر اچي رهيا هُئا، ٻاپن گهوٽ جو خاندان فخر ڪري رهيو هو، نوَ ڪنيائون گڏ چونئري چڙهي رهيون هُيون. نو تورڻئي مگري جا نوَ کنڀا ٺهيل هُئا. شِو ۽ پاروتي وانگي شادي ڪندڙ ويهه هٿن واري ڏيول ماتا ڀلياجي چارڻ جي ڌيءَ تون ڀلي ڪري آئين)



(4)
کانڏالي ڏيو تخت کاروڙي سُجس وڌيا سينجوڙي
ماهٽ گهر منگل هٿ موڙي ۾ مانج اينٽ سُون من موڙي
جميا کٽ ماس نه ڌُرا اوجهڻي ٿوڙي ۾ اوڙک ٿائي
مهمائي ويس هَٿي ڏيول مان ڀلي ڪري تُون ڀليائي

(کڙگ (هٿيار جو نالو) ڌاريندڙ مهاشڪتي ڏيول ماءُ، تون کاروڙي جي تخت تي براجمان آهين، تُنهنجي ۽ ٻاپن جي جوڙِ (گهوٽ ۽ ڪنوار) سُجوڙي کاروڙي جو ڳاٽ اُوچو ڪيو آهي، ماهٽ جي گهر خوشين ۾ هٿ موڙي واري رسم ٿي، جنهن ۾ جوُٺو ٿال ماڃڻ لئه توکي چيو ويو تو انڪار ڪيو، اُن تي تنهنجي سس توکي مهڻو ڏنو، مهڻي تي ڪروڌ ڪندي تو اهڙو معجزو ڏيکاريو جو ڇهه مهينا تو ماني ئي ڪونه کاڌي، ٿوري ۾ تُنهنجي سُڃاڻپ ٿي ويئي. اي ويهه هٿن واري واکاڻيل مهاشڪتي ڏيول مان! تون ڀلياجي جي ڌيءَ ڀلي ڪري آئين)


(5)
همروٽ ڇُوٽ ويس همير رو سگت ٻُوٽ ڏيول سَرڻي
دُوڍي ويرم سُون هوئي دُوٺ موڪلي مُوٺ دويڻ مرڻي
سانٻڙي پُوٺ آسيس سَماپي تُوٺ هوئي ري ٿر تائي
مهمائي ويس هٿي ڏيول مان ڀلي ڪري تون ڀليائي

(امرڪوٽ جي راجا همير جي پُٽ ويسو کي دُوڍي دُشمن مارڻ لئه وير مُٺ (منترن سان مارڻ) موڪلي پر ويسي سوڍي ڏيول ماتا ۽ ٻُوٽ شڪتيءَ جا پير پڪڙيا. اُنهن جي ڪرپا سان دُوڍو مري ويو ۽ ويسي کي امرڪوٽ جو راڄ مليو. اي ويهه هٿن واري مان ڏيول! تون ڀلياجي جي ڌيءَ ڀلي ڪري آئين)

(6)

آرت سُڻ ساڏ ڪُنڀاري آگم اِڪلوتو سنڀرم اُبري
جادم جيساڻ آڏيت پيٺ جو هي جگ مالم ڪَشٽ هري
نِرپ پارينگر ڀيم ڪر نيکم کپر ڀر هرڀم کائي
مهمائي ويس هٿي ڏيول مان تُون ڀلي ڪري ڀليائي

(ڏُک جي گهڙين ۾ ڪُنڀارڻ جو سڏ ٻُڌي اُن جي اڪيلو پُٽ بچايو، جيسلمير جي ڀاٽي راجا جي پُٺن ۾ ٿيل اڏيٺ (اَبوٺي) جو روڳ ختم ڪري اُن جو درد دُور ڪيو، ڀيم کي پاري ننگر جو بادشاهه ڪيو ۽ هرڀم جهڙي ظالم کي زمين دوز ڪندڙ اي! ويهه هٿن واري ڏيول ماتا، تون ڀلياجي جي ڌيءَ تُون ڀلي ڪري آئين)



(7)

برهمڻي هَتي مرت گَئوُ ٻال وپ ڪُوٽ ڪِپال رُدن ڪرتي
پت راک ڀال مان ڏيول اڻ پُل پراڻ پال تن پرهرتي
مرگ ٽولان ٽال سجيو ڪيو سهي سانپرت ديال سُر رائي
مهمائي ويس هتي مان ڏيول تُون ڀلي ڪري ڀليائي

(برهمڻي عورت جي هٿان ڳئوُ جو ڦر مري ويو، ڳئوُ هَتيا جي پاپ کان ڊڄندي برهمڻي مٿو ڪُٽي رڙيون ڪري رهي هُئي، اُن جو ڀرم رکندي ڏيول ماتا تو ڳئُو جو ڦر زنده ڪيو، تون ديالو آهين! اي ويهه هٿن واري ڏيول ماتا! تون ڀلياجي جي ڌيءَ ڀلي ڪري آئين)


(8)

چوسٺ جوگڻ سڻگار هاس چت راس نرت ڪيلاس رمي
پاوي ڪُڻ پار سرس امرت پُل نرکت کيلا نپڻ نمي
سُڀياڻ پرواڙا سَهي سگت سُڻ گُڻ ڪوَيو ڪيرت گائي
مهمائي ويس هَٿي ڏيول مان تُون ڀلي ڪري ڀليائي

(چوهٺ جوڳڻين سان ڪيلاش پربت تي راند ڪندي سونهندڙ اي ڏيول ماتا! تنهنجا گُڻ ڪَويو (شڪتيڏان) ڪٿا ۾ ڳائي ٿو تون ٻُڌ، ويهه هٿن واري مها شڪتي ڏيول مان! تون ڀلياجي جي ڌيءَ ڀلي ڪري آئين)


”ڇپايا“
(ڇهه سِٽا)
(1)

پرگٽ ڌرا پڇماڻ ماڙوو سانسڻ موٽو
سنڊائچ ڪُل سدن آد سگتي رو اوٽو
ڌن چَڪلُو ري ڌيا پيک آڍي پرڻائي
پُورب وچن پرماڻ اينڏر ويران ري آئي
هنگلاج رُوپ هٿگرهڻ هل ڌن کاروڙي ڍاٽ ڌر
سگتيس ڀڻي ڀليا سَڌوُ مان ڏيوي ڪيجي مهر

(اولهه جي ڌرتيءَ تي ظاهر ٿي ماڙوي (ڳوٺ) جو مان وڌايو، سنڊائچ ڪُل (چارڻن جي شاخ) جهڙو وڏو خاندان شڪتيءَ جو اباڻو گهر هو، جتي ڀاڳوند چَڪَلُو جي ڌيءَ آڍي پرڻايل هُئي، پُورب وچن جي ڪري وِيران جي ڪُک مان جنم ورتو، کاروڙي جي ڀاڳوند ڌرتيءَ تي هنگلاج ماتا جو اوتار ٿيو. شڪتيڏان ڪَويا هي ڪهاڻي لکي آهي، ڀلياجي جي سُپوٽ ڌيءَ ڏيول ماتا تون رحم ڪجانءِ)
(2)
ڌن ڌڻياڻي ڍاٽ پاٽ سوڍان ڪُل پايو
پَٺو پير پرچاءِ لووڙي امر لايو
ساهل سُڻ سُررائي واڇڙو گَئوُ جيوايو
جادوَ پت جيساڻ، مور اڏيٺ مَٽايو
نرپ ڀيم ڪيو پاري ننگر ڀکيو هرڀم ني ڀڙي
ڀليائي ڏيول ڀاوَ سُون ساڏ ڪِيا مان سانڀڙي

(ڍاٽ پرڳڻي جي مالڪ سوڍن جي بادشاهي ڪُل کي حاصل ڪيو، پير پَٺو راضي ٿيو امر لووڙي (چادر) اوڍاڻي طور وٺي آيو، پُڪار ٻُڌي تو گَئوُ جو ڦر بچايو، ڀاٽي راجا جي ابوٺي جو درد ختم ڪيو، ڀيم کي پاري ننگر جو بادشاهه ڪيو ۽ ظالم هرڀم کي شڪست ڏئي ماريو. ڀلياجي جي ڌيءَ تون ڏکن ۾ سڏ ٻُڌجانءِ)

(3)
ٿِت کاروڙي ٿان ڀلي ڏيول ڀليائي
ڪيتان ساري ڪاج پاج سمدان پرڀتائي
ٻائي جائي ٻُوٽ، بيچرا، ٻلال ٻجري
پنچم کيتوُ پُڻاڻ مُڻان ڇٺي ميڻسري
دوئي داس، کينڍ مهپا ڏيپي سُت تينون سُڀياڻ هي
وڏاڙي ڏيو ٻاپن وَڌوُ پرگٽ ڌر پڇماڻ هي

(کاروڙي جي ٿان ۾ تون ڀلياجي جي ڌيءَ ڀلي ڪري آئين! ماڻهن جا ڪاڄ سُڌاريا، ڏکن جي سمندرن مان اُڪاري پار ڪيا. تنهنجون ڇهه ڌيئرون ٿيون ٻُوٽ، ٻيچراءِ، ٻلال بيجري، پنجون نمبر کيتوُ ۽ ڇهين ميڻسري جي نالي سان مشهور آهي، دوئيڏاس، کينڍ ۽ مهپا جي نالي سان مشهور تنهنجا ٽيئي پُٽ سَپُوٽ آهن، ٻاپڻ ڏيو توکي ڪنوار جي روُپ ۾ وٺي آيو تون اولهه جي ڌرتيءَ تي ظاهر ٿيئن)
(4)

چوراسي چارڻي وڙي ديويان وراجي
هي سروپ هنگلاج ڇتي ماڌائي ڇاجي
وانڪل کووڙ وڙي آوڙا ڏيول آئي
سيڻي ڪرڻل ساٿ مات مالهڻ مهمائي
موگل ناگوي موٽڪا پرات بروڙي جس پڙي.
شري راجل کوڙ ڀڻ سگت چالڪنيچي سينهن چڙهي


(چارڻن جون 84 چوراسي ديوويون مشهور آهن، جن مان خوبصورت هنگلاج روُپ مادائي (ماداجي جي ڌيءِ وانڪل جيڪا آوڙ ديوي جي ڦُڦي هُئي) پرٿوي تي سُونهي ٿي.
وانڪل، کووڙ کانپوءِ آوڙا ڏيول جي جنم ورتو، ڪرنيجي ڏيوي سان گڏ سيڻي ۽ مالهڻ ماتا جي مشهور ٿيون، موگل، ناگوي، موٽڪا ۽ بروڙي جا جَس ڪتابن ۾ پڙهن ٿا، شري راجل ڏيوي ۽ کوڙل ماتا مهاشڪتيون ٻُڌجن ٿيون، چالڪنيچي ديوي شينهن تي سُواري ڪري ٿي)


دُوهو

نَونڌ اُڏڌ ڪمي نٿي پرٿي سُجس پرياڻ
ويس هٿي ڏيول وگت ڪَٿي ”سگت“ ڪوياڻ

”پرمار ونس جون ديويون“

”پرمار ونس جون ديويون“

دُوها

وَڏ پرماران وَنس ۾ کَٽ ڏيويان وِکيات
پُوجيجي پَڇماڻ ۾ ڏيو ڪَلا ڏرسات
(پرمارن جي وڏي پيڙهيءَ ۾ ڇهه ديويون مشهور آهن، جيڪي اولهه جي ڌرتيءَ تي ديومالائي طور پُوجيون وڃن ٿيون)

وانڪل مالڻ ويدنگان ڀلي پَنوران ڀال
رُوپان هي اِڻ روُپ ۾ اُڀئه ونس اجوال
(ويدنگ چارڻن ۾ وانڪل مالڻ ۽ رُوپان نالي ديويون ٿيو ۽ اُنهن ئي نالن سان پرمار ونس ۾ به ديويون ٿيون، جن ونس اُجاگر ڪيا)

سُت سوڍو اور سانکلو ڌن ڪلياڻ ڌياهه
تينون چاهڙ راوَ تڻان ڏيوان اَنس ڏيياهه
(چاهڙ راوَ جا پُٽ سوڍو ۽ سانکلو ٿيا، ڀاڳوند ڌيءَ ڪلياڻ ڪَنور (سچياءِ) ٿي، ٽيئي اولاد ديوتائن جو ڦل هُئا)

ڪنيا راجا ڪلنگ ري سگت وڏي سچياءِ
سِوواڙي سُون اوسيان ٿان پرسند ٿياءِ
(راجا ڪَلنگ پرمار جي ڌيءَ مهاشڪتي سچياءِ ٿي جنهن جا آسٿان سِوواڙي ۽ اوسيان ۾ مشهور ٿيا)

مالڻ دُولائي مُدي ٿپيو ٻرائي ٿان
ڌن مالڻ ويروُ ڌياهه مات جانري مان
(دُولاجي چارڻ جي ڪَنيا مالڻ ديوي جو ٿان ٻرائي ڳوٺ ۾ آهي ۽ ويرو پرمار جي ڌيءَ مالڻ جو پاٽ آسٿان جانري ۾ آهي.)

مگي راوَ ري ڏيڪري جڪي جوگ ماتاهه
تَوان ٿان تاراتري سَمپي سُک ستاهه
(مگي راوَ جي ڌيءَ جوگ ماتا جو پاٽ آسٿان تاراتري ۾ آهي سُک سمپتي ڏيڻ واري ديوي آهي)

ٻيٽي نرپ بدريس ري روپان ڏي راڻيهه
ٿت ڏُوڏئي ٿاپنا جگ ساري جاڻيهه
(بادشاهه بدريس جي ڌيءَ روپاڏي راڻيءَ جو پاٽ آسٿان ڏُوڏئي ۾ آهي، سڄي دُنيا سڃاڻي ٿي)

وانڪل نرپ ڄڳديوي ري، ونس پرماران ويهه.
وانڪل مادائي وڙي آوڙ ڀُئا اکيهه
(راجا ڄڳديو جي ڌيءَ وانڪل پرمار ونس ۾ ديوي ٿي ۽ مادوُجي چارڻ جي ڌيءَ وانڪل ڏيوي چارڻ ونس ۾ ديوي ٿي جيڪا آوڙ جي ڀُئا يعني ڦُڦئ هُئي)

”ڇپايو“
(ڇهه سٽو)

دُهيتا نرپ ڄڳديو مات وانڪل مهمائي
پُتري ڪلنگ پرمار ڪَلوُ سچياءِ ڪهائي
ٿپيو جانري ٿان ويروُ ڌيءَ مالڻ واجي
ٻيٽي نرپ بدريس روپان ڏوڏئي راجي
ڌن مگي راوَ ري سارڌوُ، جوگ ماتا تاراتري
ڪلياڻ ڪُنور چاهڙ تڻي سِوواڙي ٿانڪ سري.

(راجا جڳديو جي ڌيءَ وانڪل ڏيوي مشهور ٿي، ڪَلنگ پرمار جي ڌيءَ ڪَلوسچياءِ نالي سان سڏجي، ويروُ جي ڌيءَ مالڻ جانري ۾ ڄائي، راجا بدريس جي ڌيءَ روپاڏي ڏُوڏئي ۾ راج ڪيو، مگي راوَ جي ڌيءَ جوگ ماتا تاراتري ۾ ڄائي، چاهڙ راوَ جي ڌيءِ ڪلياڻ ڪُنور (سچياءِ) جو ٿان سِوواڙي مشهور ٿيو)

”شاعر جو تعارف“

”شاعر جو تعارف“

دُوها

گام ٻرائي گُڻياڻ جلم ڀوم مَمَ جوءِ
لوڙي ڪاسي ليکوي ڪري نه سَوَوڙ ڪوءِ
(ٻرائي جو خوبصورت ڳوٺ مُنهنجي جنم ڀومي آهي، لوڙي ڪاسي (ڪاري کٿي) واري ساڳي وڏائي ٻيو ڪير به نٿو ڪري سگهي)


سانسڻ ڪَويا سمر سُت پايو ٽيڪم پاڻ
تولي سانگاوت تڪي سمپيو سُونڍي راڻ
(سَمر جي پُٽ ڪَويا بادشاهي حاصل ڪئي تولي سانگاوت راڻپ واري پدوي (لقب) ڏنيءِ ٽيلو (تالڪ) ڏنو)


گهروٽ سَري سَپُوٽ گهڻ رهي وڏيران ريت
مهي ڪَوياڻ مٿاسرو ڏيپي جم آڏيت
(هن سپوٽ گهراڻي جي ريت رسم سدائين وڏن گهراڻن واري رهي آهي، ڪَوياڻ شاخ جو مٿاسرو (اصل ڳوٺ) سج چيان چمڪي ٿو)


اوڙ کاڻ ڪُل آپري پيڙهي تڻون پرماڻ
سار روُپ اڻ ڀانت سُون ڪٿي سگت ڪَوَياڻ
(پنهنجي خاندان جي سُڃاڻپ پيڙهين کان وٺي پاڻ تائين، شاعريءَ جي ذريعي ڪوي شڪتيڏان ڪَويا هن طريقي لکي آهي)


رهون ڌُڙي سِوڏان ري وڏ آٿمڻي واس
سوي تڻون پرڀو سڪَو جلميو ڏيوو جاس
(شِوڏان واري ڌڙي سان واسطو رکان ٿو، جيڪو اعليٰ خاندان آهي شِوي جو پُٽ پرڀو ٿيو اُن جو ڏيوو ٿيو)


ڏيو تڻان ٻَهُون ڏيڪرا هُوان ڪرڻ هريَند
ساک جُڙي سوڍاڻ سُون ڪُلڌر اُوڀئه ڪَونند
(ڏيوڏان جا ٻه پُٽ ٿيا ڪرن ۽ هريَند، هن خاندان جي سپوٽ پُٽ ئي ”سوڍائڻ“ کي سرجيو هو)


چَو ”سوڍائڻ“ ڪَوي چَمن ويدگ ڪُل وڌوان
پتا جڪڻ لُڌريس پُڻ ڏاڏو ڪرني ڏان
(”سوڍائڻ“ جي ليکڪ ۽ چارڻن جي پڙهيل لکيل شخص چمن جي جو والد صاحب لُڌريس ۽ ڏاڏو ڪرني ڏان هو)


ڪَرن تڻون لَگُهو ڀرات ڪَهي هريسنگهه ڪَويو هوءِ
هريَند ري جَسونت هُوئو جا سُت گووند جوءِ
(ڪرنيڏان جو ننڍو ڀائر هريسنگهه ٿيو، هريسنگهه جو پُٽ جَسونت ٿيو ۽ جسونت جو پُٽ گووند ڏان (منهنجو والد صاحب) ٿيو)


ڪرنهرو چمنو ڪَهو هريندهر گووند
سُت گوند سگتيس ري وڏ پتو چمن ڪوند
(چمن کي ڪرناڻي چئو ۽ گووند کي هرياڻي يا هرسينگهاڻي چئو، گووند جو پُٽ شڪتيڏان شاعر ٿيو ۽ ڪرناڻين ۾ وڏو چَمن شاعر ٿيو)
گووند ڏان پتا گُڻي ساهت کيات سُجاڻ
نج اِڪلوتي پُتر ني پرڻايو پڇماڻ
(منهنجو والد صاحب گووند ڏان تمام سپوٽ ۽ ادب جو پارکوُ هو، هُن پنهنجي اڪيلي پُٽ (شڪتيڏان) کي اولهه مان پرڻايو)


ڌن کاروڙي ري ڌرا ٿت ڏيول روٿان
ستيڏان ري سارڌوُ مم جوڙائت مان
(کاروڙي جي ڌرتي تمام وڏ ڀاڳوند آهي جتي مهاشڪتي ڏيول ماتا جو آسٿان آھي، اُن ڳوٺ جي ستيڏان جي ڌيءَ مُنهنجي زال بڻجي منهنجو مان مٿانهون ڪيو)


مالڻ ڏي ڏيول مهر ڌر ٿڙوٽ سُون ڍاٽ
ڏينا پانچون هي ڏيڪرا ٿايا سب سُک ٿاٽ
(مالڻ ۽ ڏيول ماتا جي ڪِرپا سان ٿڙوٽ (راجسٿان) کان وٺي ڍاٽ تائين سڀ سُک آنند ٿي ويا، منهنجا پنج ئي پُٽ ٿيا)


وڏو پُتر وريندر هي، نرپت هِمت نام
تنوج ڀلي منجيت تيُون واسُو ديو وريام
(وڏو پُٽ وريندر آهي، ٻين جا نالا نرپت، همت، واسُوديو آهن ننڍو منجيت آهي)

مامو اڪلسي ڏان مو جيساڻ ڪوي راج
گُڻ ٻارٽ ري گام رو سُڪوي هُوتو سرتاج
(منهنجو مامون اڪلسي ڏان جيسلمير جو مشهور شاعر هو، ڳوٺ ”ٻارٽ ري گام“ ۾ جنم وٺندڙ هي شاعرن جو سرتاج هو)
ڀليائي ڪيجي ڀلي ديا رکي دُولائي
سيوگ تو چاهي سدا سُڀ نجران سُررائي
(اي ڀلياجي جي ڌيءَ ڏيول تُون ڀلي ڪجانءِ، دُولاجي جي ڌيءَ مالڻ ڏي تون مهر ڪجانءِ، هن داس تي سَدائين سُک جي نظر رکجانءِ)


سوڍان ري ڏيٿا سُڪوَي آد سناتن ايهه
ڏيول ڪُل ڏيوي ڏيپي سُڀ جس گهڻو سنيهه
(سوڍن جا خانداني شاعر ڏيٿا ڪَوي آهن، سنڌڙيءَ جا سوڍا ڪُل ڏيوي جي رُوپ ۾ ڏيول ماتا کي پوڄين ٿا)


تَر آنٻان جُهڪيا تٺي سر لانٻان سرهر
ڌر اُن جُوني ڍاٽ ري هَوڙي منڊگي هرڌر
(انب جي وڻن جا ڏار اُتي جُهڪيل آهن، جتي لانٻي جو تلاءَ ڇوليون هڻي ٿو. اُن ڍاٽ جي خوبصورت ڌرتيءَ جي ياد هانوَ ۾ هُري رهي آهي)


چارڻور لگ چارڻان ٻارهي گام وسنت
جڪي ڍاٽ ۾ جوويا دل آڙوُ درسنت
(ڳوٺ چارنور جي آس پاس چارڻن جا ٻارنهن ڳوٺ آباد آهن، جنهن ڍاٽ ڏٺو آهي اُن اهي ضرور ڏٺا هوندا)

اهي هي آهن 1. مٺڙيو 2. رڻملاڻي 3. پريمي ري ويري 4. ويداڻي 5. چارڻور 6. کانهيڻو 7. ڇَهو 8. ڪيسراڙو 9. روھل 10. ناڪرائيو 11. بگنُو 12. بوڙاوو)

سري ريت راکي سدا مود جوگ من مان
سُجس ساسري ڍاٽ سو داکي شڪتيڏان
(سماج ۾ سدائين سُٺي ريت رکندڙ مان ۽ عزت ڏيندڙ ڍاٽي ساهورن جا واکاڻ شڪتيڏان ڪويا ڪيا آهن)

”ڪتاب جو تصور ۽ تخليق“

”ڪتاب جو تصور ۽ تخليق“

دُوها

رَتن ڪُلوڌر ڪُل رتن جتن ڪري گهڻ جاڻ
گرنٿ رچايو وڏ گُڻي رنگ هو سوڍا راڻ
(رتن سنگهه سوڍي جي خاندان جي رَتن (هيرو) تمام گهڻي معلومات گڏ ڪري هي ڪتاب تخليق ڪرايو، اهڙي معلوماتي ڪتاب تخليق ڪرائڻ تي سوڍا راڻا توکي سلام آهي)


گُڻ ساگر وِڌا گهر چَوان سپوتان چار
جيتمال سنگهه لي سُجس سوڍان ڪُل سڻگار
(عقل جي سمنڊ ۽ گُڻن جي گنڀيرتا سان ڀريل سَپُوٽ سوڍي جيتمال سنگهه کي جس هُجي هُو سوڍن جو سينگار آهي)

چانپاوت ني چارڻان ورحد سناتن بند
سوڍو جيت رو ساسرو سونو اور سُڳنڌ
(چانپاوت راٺوڙن کي چارڻن هندو ڌرم ۾ تمام وڏو مقام ڏنو آهي، سوڍي جيتمال سنگهه جا ساهورا به چانپاوت راٺوڙ آهن، هن جو ساهرو سونو ۽ سُڳند سان ڀريل آهي)


اُوجل چِت نِت آسٿا وڏپڻ کيات وويڪ
جيو راج ڪُل جَيت هي نامي سوڍو نيڪ
(اُجري آتما ۽ نيڪ نيت جو وڏو مثال آسٿا اسپتال آهي، جنهن جو باني جيوراج جي خاندان ۾ جنم وٺندڙ نيڪ مرد سوڍو جيتمال سنگهه آهي)

جلم ڀوم نج قوم جس امر ڪرڻ اِتهاس
ڀيرھري هِت ڀاوَ سُون پوٿي ڪيڌ پرڪاس
(پنهنجي جنم ڀوميءَ ۽ قبيلي جي تاريخ کي سدا امر ڪرڻ لئه نيڪ دليءَ سان ڀيرجي جي پوٽي جيتمال سنگهه هي ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو آهي)


دت ڪيرت دوڍاهه ڏيپي سوڍا ڪڌي نه سُوم
مچسي ساهت جگت ۾ ڍاٽ سُجس ري ڌُوم
(دان ڪندڙ سوڍن جي ساراهه جڳ ڪري ٿو، سوڍا ڪڏهن به ڪنجوس ناهن هوندا، هي ادب جڳ ۾ مشهور ٿيندو ڍاٽ جي ساراهه جي ڌوم مچندي)


سنمت دو سهس پينسٺ ڀاڌروَ سُد نَم ڀال
ڌرا سُرنگي ڍاٽ ري منگل ڪي گُڻ مال
(سنبت 2065 ۾ بڊي جي ساهي نوم تي ڌرا سُرنگي ڍاٽ جي تخليق پايه تڪميل تي پهچائي)


ماس ستمبر نوَ منگل اُڀئه سهس سن آٺ
سمپورڻ ڪيڌو سُجس ڌرا سُرنگي ڍاٽ
(سيپٽمبر مهيني جي نائين تاريخ تي منگل جي ڏينهن سن 2008ع تي ڌرا سُرنگي ڍاٽ کي مڪمل ڪيو ويو)

گُڻي ٻرائي گام هي جِلو جوڌپُور جاڻ
ڪويا شڪتيڏان ڪرت پورڻ گرنٿ پرماڻ
(ضلعي جوڌپُور جي خوبصورت ڳوٺ ٻرائي جي ڪَويا شڪتيڏان چارڻ جو لکيل ڪتاب مڪمل ٿيو)

ضميمون-1

ضميمون-1


گيت راڻا اَوتارڏي جو (پُراڻو)
(ساڻور)


اوتار راڻا پرڻيجي آتان
سج گهمساڻ اتي ڀلي ساج
چونڊي راوَ رماڙي چونئري
گهوٽيچي ڏينا ڌجراج
(وڏي ڌام ڌوم واري ڄڃ وٺي راڻو اوتار ڏي شآدي ڪرڻ آيو. راوَ چونڊاجي پنهنجي گهر ۾ چونئري ڦيرائي. گهوٽ يجمانن کي گهوڙا دان ڪيا)

سُت کيمال ٻاند سِر سهرا
سرس ڪيو جگ نام سري
ڇت منڊور ڪري ورد ڇولان
حد ريجهان اکمال هري
( کيمراج سنگهه جي پُٽ سِر تي سهرا ٻڌي پنهنجو نالو دنيا ۾ روشن ڪيو. منڊور جي ڌرتي، فخر ڪري ٿي. حد کان وڌيڪ دان ڏيئي راڻي نالو روشن ڪيو)
هوتج مال اوڌمي هاٿان.
وڏم پر ماران آنڪي وار
امر هوٿو پرٿمي ري اُوپر
هيور ڏيڌا تين هجار
(پرمارن جي وڏي ونس ۾ اهو پهرين دفعو هو جو ايڏو وڏو دان ڪيو ويو. ڌرتي تي هميشه لاءِ امر ٿي ويو، ٽي هزار گهوڙا دان ڪيا راڻي اوتار ڏي)

ويرا سُجس چئون ڏس واڌي
پراجو ڪُل پرٿماد پرماڻ
سوڍي راڻي وڏاڙن سُپاهه
انجس هوئو ڌر گڊ امراڻ
( واکاڻ جون گهڙيو چؤڏس وڌي ويون، سوڍي راڻي جي وڏائي جا جس هر طرف وڌي ويا گڊ امراڻ جي ڌرتي فخر ڪرڻ لڳي


گيت راڻا رتن سنگهه جو
(ويرڀاڻ ڏيٿا (کارچي) جو لکيل)


وڏان وڏنگان پاکران جيڻ راوتان سجوڙ ونڪا
سميڙو، امرو، رامسي، ٻنڌوان سماج
واڏ ڪري پاتساھ ڪيو سوڍ راڻ وِکو
دوکيان پڇاڙ پاڙي دُوجو کيمراج

رجواڙان سُڻي وات وِکو ڪيو ڍاٽ راڻي
جيتوادي ڀڙان گهوڙان ايهواڻي جوڙ
جوڌاڻ ساٿ ري متر دُرگو آساڻي جيهو
راڻ ري ڀوجاڻي منتري ڏيسلو راٺوڙ

اٽڪان ڪَٽڪان چڙھي اڻنداڻي کڙي آوي
ڌُوپٽان وڪٽان کڙي اران وانٽ ڌَن
ٿرڪي مچڪي ٿاڻان مليڇاڻي پڙي ٿنڊ
رات ڏي اُدرڪي بڪي او آيو رتن

لاکان دلان واڙا ليا ڪي فرنگي لُوٽ
تيگ ساهي پاتساهي ٻنڌ رو ستول
راجڌاني ڍاٽ هندواڻي ٽيڪ وير راکي
ٻوھ دامان هووي هرا وگهيرو سو ٻول

ٻاپُوڪاري بات ڪري دڪاري سجوڙ ويلي
چوڙي گهاڙي چڙھي گهوڙي لُوٽيو چيلار
ڪوپيو پڪڙي ٻانڌُو ڌڪاڙي ڏونگران ڪاڙان
پاتساھ جهان تيج سُڻي يُون پُڪار

آپري وات ري ڌرا وڏان سي وڏيري آڻي
ڪوپيو دوکيان ماٿي گهڻي جاجهي ڪروڌ
سمان ڪري ڀورا اوڪيل ميلهيان سامهان
جيترائي منائي لاوو اڻنداڻي جوڌ

جماڙي آپ ري ڌرا ارياڻ ڪيڌا جير
ورڌائي ويسي جيم نيساڻ وجاءِ
وڏون نون چڙھائي سگهه فتح ڪري ٻيا وجا
سدائي پرواڙا جيت ڏيولا سَهاءِ



(گيت سوڍا سون سنگهه ڀڏيليءَ جو)

جُوجهار ڏان ڏيٿا (مٺڙيو) جو لکيل:


ڪاڇ سنڌ ديس گُجرات ليئڻ ڪيرتي
ماڙ، ميواڙ، مارواڙ موني
ڪاٺياواڙ ني دهلي هند دُوارڪا
سوڀ جيوراج ري ڪري سوني

سَپُوتران نکتر مڻنڌر هووي سامرٿ
پيڙھيان تڻي پرتيت پالي
وهان گرهي ديس آڌاريو ڌجاٻنڌ
ڀلپڻان ڪري سو جگت ڀالي

پوترو رتن ري ڇتري ورڌ پاليو
آڏ را ورڌ امراڻ آڻيو
نياءِ نو لاک هي ڀير ڏيول سگت
جيت ڪر پٿوري ۾ جاڻيو

امر اوساڻ اُپڪار ڪر اِڙا پر
راڻ سُرتاڻ را وڏان راجان
سوڍ مهراڻ جيو وار وار سونجي
پُورڻ مرجاد ري ڪرڻ پاجان


ڇَند سوڍا سوائي سنگهه ٺاڪُر (ڀڏيلي)
(کُومڏان لانگيڏان ٻارٽ (ڀيماويري) جا لکيل)

دُوها


اڙ سُڀ ڀڏيلي اُوپر سوڍا نرپ سَوِنيس
اُڊگ ڏيس جامين امل وڌتي ڀاڳ وِسيس
(ڀڏيليءَ جي ڀاڳوند ڌرتيءَ تي سون سنگهه جو پُٽ سوائي سنگهه سوڍو راڄ ڪري ٿو. امل ڪسونٻا ڪندي هن ڀوميءَ جو مان جڳ ۾ مشھور ڪري ٿو)



اُوپي نيلي اڙا پر ٿانڪ سوڍان ٿير
آپڪا سنڌُو اوجلا نهران کڙڪي نير

(سائي سرزمين سنڌُ تي سوڍن جو راڄ سُونهي ٿو، توهان جو سنڌُو ڪيڏو نه صاف ۽ شفاف آھي، جنهن جو نير نهرن ۾ ڇُلڪي رهيو آھي)


(ڇَند ريڻڪي)


(1)
اڙ پر جل نهر وڌت نت اُولگ، گوم اُڏڪ سمتو گيهرا
مودڪ انب ڪيل پنگت اُپون مهه، ڌن ڌن سنڌ رمڻيڪ ڌرا
سُڀ ڪر نرپ واس وسي سونيسور، ڪويان دت سُڌ تار ڪري
اڌپُت ڌر سنڌ ڀڏيلي اُوپر سمرٿ ڀڙ سونيس سري


(2(
پراڪرم جس سوڍ وڌت انگ پورس، ڪنور سون سنگهه رو چڙھت ڪلا
ڪيسر لنڪا رتن رو ڪُلوڌر، اوپي سڌن جن سُجس اِڙا
ڀِن ڀِن سب بات جوتل بهادر، ڌن رجپُوت ورڌ ڌري
اَڌپُت ڌر سنڌُ ڀڏيلي اُوپر، سمرٿ ڀڙ سونيس سري


(3(
آرس اُوپر ميلاتان اُوپت، گگن کروڪا اُڊگ گرهي
ون ڦُول سمان گليڇا مخمل، رِڌ سِڌ جيوتي واس رهي
پن گهٽ جد ڪوس سُورڻ انپورڻ، ڪيرت ڏسون چهونڪار ڪري
اَڌپُت ڌر سنڌُ ڀڏيلي اُوپر، سمرٿ ڀڙ سونيس سري


(4(
ڪر ڪر تهان سمر سُتن ڪر ڪبجي، ڊر ڊر ارگڻ داٻ ديا
ڀر ڀر تَن من سروج ڀُجاٻل، ڪرڙا ڀڙڪي جير ڪيا
پڙ پڙ اري پاوَ ڀيٽ ڌر پُوجت، پرسڻان سر پر ٿاپ پري
اَڌپُت ڌر سنڌُ ڀڏيلي اُوپر، سمرٿ ڀڙ سونيس سري

(5(
اِڙا پد نت اُڪت اتي اوچل، رڻوَ بهادر ڏيڻ رٿا
پرمارٿ ڪاج سُڌارڻ پبلڪ، ڪر سُک ڏيڻ يٿا ڪٿا
دل سُون آسيس ڏيئي سب دُنيا، ڪروڙ شٻد سُوراج ڪري
اَڌپُت ڌر سنڌُ ڀڏيلي اُوپر، سمرٿ ڀڙ سونيس سري


(6(
پُورڻ ان ديگ ميماڻان پُشڪل، ٿال امرت سم اسنکيه ٿيئي
ڪڍيان پوساڪ سجائت ڪريان،دل جد ڪويان موج ديئي
تاڪٻ ورڻ آڻ ڪيا من ترپتا، هيم ردان جيوراج هري
اَڌپُت ڌر سنڌُ ڀڏيلي اُوپر، سمرٿ ڀڙ سونيس سري


(7(
مَرُوڌر، جيساڻ، ارٻڌ، گرمالوَ، ڍونڍاڙ ويڪاڻ جيتاڻ اپي
اِڙ پر دهلي، آگري، الور، جونجهاڻون بُوندي سُجس جپي
سنڌ واو ڍاٽ ڪارونجهر سهتا، ڪڇ ڪاٺي مُک سُجس ڪري
اَڌپُت ڌر سنڌُ ڀڏيلي اُوپر، سمرٿ ڀڙ سونيس سري


(8(
هنگول ساٿ ڏيول نت اوپر،جنگل رائي اتي سوائي تڻي
پڪش ماتول شڪتي سهاءِ هو، نوي لاک نت سهاءِ بڻيا
اوني پر راج سوڍ رهي اوچل، آشيش ڪوي کُومون اچري
اَڌپُت ڌر سنڌُ ڀڏيلي اُوپر، سمرٿ ڀڙ سونيس سري


دوها


جُگل سُتن جيوراج را سون ڀير سُريند
دُوئو داتاور رنگ ديان ڪرمي ڀڙ سُک ڪند


سُتن سوائي سنگهه رو سروپ سنگهه سُڄاڻ
داني اديڪ دلير ڀڙ وڌ وڌ رنگ وکاڻ


ڇتري برڌ ڌاري ڇاڇري اکجي سوڍ انُوپ
اُگتي روي رنگ آپون رتن سُتن ڪُل رُوپ


مُغل رتي ني ماريو جبر کيل رڻ جنگ
ڪوٽ رتو قبجي ڪيو راجن سوڍا رنگ

”شجرو پرمارونس جو“

”شجرو پرمارونس جو“

دُوهو

ڇهه مهينا ڇهه سو ورس وڙي ڏهاڙا وِيس
راج وڪرم راجس ڪيو تين گهڙي پل تِيس
(راجا وير وڪرمادتيه هن پرٿويءَ تي ڇهه سؤ سال، ڇهه مهينا، وِيهه ڏينهن ٽي گهڙيو ۽ ٽيهه پل راڄ ڪيو).

1. راجا وير وڪرما دتيه.
2. راجا چندرسين جي
3. راجا سهسديو
4. راجا ڀوم ديوجي
5. راجا ٻلديو جي
6. راجا پتسين جي
7. راجا ڀُوپت سين جي
8. راجا جسڌمل جي
9. راجا ومل سين جي
10. راج ساليواهن جي
11. راجا ستڪُوار جي
12. رجا ويرو چند جي
13. راجا ڀيم ديوجي
14. راجا مهلا پم جي
15. راجا پرٿوي وپم جي
16. راجا يُجو ديوجي
17. راجا ڪورڌن جي
18. راجا سهسواڻ جي
19. راجا سگت ڪور جي
20. راجا سامديوجي
21. راجا ويرپال جي
22. راجا وجئه پال جي
23. راجا سوم جي
24. راجا سنڌليس جي
25. راجا ڀوج
26. راجا بُڌراوَجي
27. راجا وير نارائڻ جي
28. راجا اُڌيدت جي
29 راجا جگديوجي (مُولي جامنگر- گُجرات)

(30) راوَڌاراوش جي راوَ ڪابا جي (ڪابا شاخ)
31 راوَ دنڌ مارجي
(هن جي ڇوڪرن نوڪوٽ وسايا. جنهن کي نوڪوٽي مارواڙ چوندا آهن هن جو امرسنگهه نالي ڇوڪرو ٿيو جنهن امرڪوٽ شهر جو بنياد وڪرمي سنبت 1071 ۾ رکيو (
32. راج ڌرڻي وارهاجي
33. راوَ ڌوم

34. راوَ باهڙجي امٽ راوَ جي
(هن ٻاڙمير-وسايو) (امٽ شاخ- نرسينگهه گڊ)
35 راوَ چاهڙ جي (چاڙار-وسايو)
36 راڻا سوڍا جي (هن رتي ڪوٽ جو راڄ مُغلن کان ڇني ورتو).
37 راڻا چاچڪ ديوجي
38 راڻا رائديوجي (هن عُمرڪوٽ جو راڄ مُغلن کان ڇني ورتو )
39 راجا جئه ڀرم جي
40 راڻا جسهڙ جي
(هن جنف ڏيٿا چارڻ کي ڳوٺ کاروڙو ۽ پنڌرنهن سؤ ايڪڙ جاگير ڪروڙ پساوَ ۾ دان ڪئي هئي)
41 راڻا سو ميشور جي
42 راڻا ڌرا ورش جي

43 راڻا دُرجن شال آسراءِ
(هن جو اولاد پارڪر جا راڻا ٿيا)
44 اڻو کينئروجي
(هن جي شادي جيلسمير جي ڀاٽي راجڪماري ڦُول ڪُنور سان ٿي هُئي)
45 اڻا اوتار ڏي جي
( هن راڻي منڊور جي راوَ چونڊاجي جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ پرڻجڻ وقت يجمانن کي ٽي هزار گهوڙا ريجهه ۾ دان ڪيا).
46 اڻا ٿروجي
47 راڻو همير جي
48 راڻو ڏوڏو جي
49 راڻو ويسو (ويرسين) جي
50 راڻو تيجسي (تيجسنگهه )

51 راڻو چمپراج جي (چانپو) ٺاڪر ڪانسنگهه جي

52 راڻو گنگسنگهه جي (گانگو) ٺاڪر وڻويرجي

ٺاڪر گوئيند داس جي

ٺاڪر نارڻ سنگهه جي

گنگداس جي ويرسنگهه رامسنگهه
(گنگڏاس شاخ) (ويرسين شاخ) (رام شاخ)
(هي ٽيئي سوڍا نارڻوت سڏائيندا آهن)
53 راڻو پتو عرف پرشاد
( هن دهليءَ جي بادشاهه هُمايون کي پناهه ڏني هُئي)
54 راڻو چندر سين (هي راجا سورج سنگهه جو سهُرو هو)
55 راڻو ڀوجراج
56 راڻو ايسرداس
(هن کي جيسلمير جي راجا اول سٻل سنگهه سنبت وڪرمي 1710 ۾ گادي تان لاهي گانگي جي پوٽي جئه سنگهه عرف جڳ سنگهه کي امرڪوٽ جي گادي تي ويهاريو. )
57 راڻو سُرتاڻ سنگهه.
58 راڻو آسڪرڻ جي
59 راڻو سگرام سنگهه جي

60 راڻو مهراج اول راڻو ڪونپو جي

راڻو سنڪرداس جي
(هن کانپوءِ گادي نشين راڻو کيمراج ٿيو)
61 راڻو ڪيسرجي
62 راڻو کيمراج جي (کيمون )

63 سگرام سنگهه جي ٺاڪر وجئه سگهه

64 راڻو شوراج جي ٺاڪر سورج مل جي

65 راڻو سٻل سنگهه ٺاڪر مهاسينگهه جي

66 راڻو مهراج دوم ٺاڪر اڻندسنگهه جي

اڻندسنگهه جي اولاد: (1) ٺاڪر امر سنگهه(2) راڻا رتن سنگهه(3) ٺاڪر خانجي(4) ٺاڪر اکيراج جي
67 راڻو ڀڀُوت سنگهه

68 راڻو صورت سنگهه راڻو پيرڏان سنگهه ٺاڪر نگراچ جي

تيجمال سنگهه جي ، لکجي، آئيڏان سنگهه جي
69 راڻو پيرڏان سنگهه
70 راڻو جسونت سنگهه
71 راڻو ارجڻ سنگهه
72 راڻو چندر سنگهه

73 راڻا همير سنگهه(موجودهه راڻو MPA سنڌ اسيمبلي)

ڀُوپال سنگهه، ڊاڪٽر پرتيپال، سنگهه، جنگ وجئه سنگهه

ڪنور ڪرڻي سنگهه (ضلع نائب چيئرمين ٿرپاڪر)

ڀنور شوراج سنگهه

ڀڏيلي وارن جو شُجرو“

ڀڏيلي وارن جو شُجرو“

راڻا رتن سنگهه

جيو راج سنگهه موهڙ سنگهه رڻجيت سنگهه

سون سنگهه ڀيرسنگهه

سوائي سنگهه کُماڻ سنگهه



جيتمال سنگهه پرٿوي سنگهه


رگهوير سنگهه دلپت سنگهه سروپ سنگهه هري سنگهه

پرڌمن سنگهه جئه سنگهه
دليپ سنگهه رام چندر سنگهه رئوير سنگهه

وجندر سنگهه


رگهوير سنگهه امراج سنگهه يرواور سنگهه اروين ڪمار


ڪشور سنگهه پرهيلاد سنگهه مهيپال سنگهه

ديومتر سنگهه روهيتا سنگهه

سوڍا دولت سنگهه جا ڇَند

سوڍا دولت سنگهه جا ڇَند

(اُٺ جا واکاڻ)
(ڪوي جيمل جي جهيٻا (جهانڦلي) جا لکيل)

[b]دُوها[/b]
سوڍا ڪيرت سانڀڙي ماٺا آکر ميٽ
دولت سنگهه ڏي ميلهيا پاتان گهر پاڪيٽ
(سوڍو دولت سنگهه وڏو دانيور هو، غريبن جون ڳڻتيون مٽائيندڙ هي سوڍو، چارڻن گهرين اَڻ گهريا پاڪيٽ اُٺ پهچائي ڏيندو هو. )

دانج دولت سنگهه را ڌونا گڊنگ ڌڙال
سونڍ پکيڻان سنگلي گول تڻي گوڏال
(دولت سنگهه جي دان ۾ ڏنل گهوڙن جي ڇا ڳالهه ڪجي؟ سوڍو دولت اُٺ ۽ گهوڙا اهڙا دان ڪندو هو، جهڙا سونڍ بنان هاٿي هُجن. )

[b](ڇَند رومڪند)
[/b]
(1)
تَلي گول گوڏاڙ نلي نُگٽا تُڇ پينڏاءِ جوڙ هينڏول پنٿا
ججهول لنڪول سَ منڪڙ جهاڙي مڌ ڇڪول سَ گول مٿا
سج ٽول ورول ساريکاءِ سارس ڪوساءِ رول الول ڪيئي
سَج ڪيرت ڪاج ڌجاٻنڌ سوڍي دولت سنگهه جماج ديئي

(2)
انگيئي نگ ڪاڇيئي کيت اُپناءِ ميمت گهومئي سُڌ منا
چوهڪان ٻهون پرگگهل آنٺُوئي چاڙئي ڪونگر ٿنڀ سگهوس ڪنا
پرچنڊ ڌڙي ڪنڌ ٻاٿ پرماڻي موُنٺ مونگهئه مولويئه
سَج ڪيرت ڪاج ڌجاٻنڌ سوڍي دولت سنگهه جماج ديئي
(3)
مُک گهات مهور جهيڪاڙيئي ميمت ڀيڙ پلاڻ دُتنگ ڀلا
چڙھيان سرٻنگ اُمنگ وڌي چِت چوسٺ ڪوساءِ ڏيهه چلا
راوَ راڻ سٻي سُرتاڻ سَ ريجهئي واڪاءِ ڦُوٽيئي سُم ٻيئي
سَج ڪيرت ڪاج ڌجاٻنڌ سوڍي دولت سنگهه جماج ديئي
(4)
نو هٿ جهوڪ پسم نرمل انگ سُچنگ اڍنگ اِسا
اُڙلي بگلاءِ آريساءِ اينڏر جوهل ڏيول ٿنڀ جِسا
گهٽ گهاٽ ٺنٺراءِ هاٽ گهڙيا جم مينڍ ھستئي ميلويئي
سَج ڪيرت ڪاج ڌجاٻنڌ سوڍي دولت سنگهه جماج ديئي

(5)
چسڙڪ ڪري مُک رو مڌ چاٽيئي هونٽ ڏَسي وڪرال هوئا
رونگهاڙ پهاڙ ديتانئي روڙاءِ جُونگ اموجهئي گروي جوئا
درياوَ گهري گگرول دهلاءِ ڪوپ نه جهلي ڪاوليئي
سَج ڪيرت ڪاج ڌجاٻنڌ سوڍي دولت سنگهه جماج ديئي

(6)
اوناڙ ڀينساڙ گُجاڙ امانماءِ جهاڙ پڇاڙ مهي جهرتا
ڌرتي ڪروت جُهارت ڌيرت ڀاريئي ڏاڻ مرگان ڀرتا
چهوهال پنچال ڇوالگ چاواءِ ڪُونگ دُوي نَو نيس ڪيئي
سَج ڪيرت ڪاج ڌجاٻنڌ سوڍي دولت سنگهه جماج ديئي

(7)
ٿيڙتا بگ ٻاڻ ٿڙيا نيهه ٿاڪيئي ويگ پون جيسا ويهڻان
اس مينڍ اِسا ٻل اُونٽ امولک گوڏر هيم تڻانگهڻان
وڌ واهڻ ڪي کگئيس ورولڻ ساهڻ نندءِ ساچُويئي
سَج ڪيرت ڪاج ڌجاٻنڌ سوڍي دولت سنگهه جماج ديئي

(8)
لج ليڻ کڙا رج ليهه نه لوپئي ڌُورت صورت رُوپ ڌرا
ٻڌ مينگل ڪاچيئي تانتڻ ٻاڌاءِ سيل سُچنگ سجيان سُگرا
اونٽڀان ڌر اُونٺ نه آويو اُونڻت وياج ٻھُورانئي ٿاڪويئي
سَج ڪيرت ڪاج ڌجاٻنڌ سوڍي دولت سنگهه جماج ديئي

(9)
کتريان گُر آڏ وڏا ورڌ کاٽڻ ڇوٽانءِ موٽانءِ ڏاڻ چڙھي
گڍ ڪوٽانءِ ڍال انگجيئي گجيئي کيل سري کترواٽ کڙي
نرڀئي نختيت وڏو نيهتاوت لوڙيئي گهوڙاءِ ورگگ ليئي
سَج ڪيرت ڪاج ڌجاٻنڌ سوڍي دولت سنگهه جماج ديئي
(10)
بُڙڙاٽ ڪري دڌ ماٽ گهڻي ٻل جُهوٺ مُکان مڌ ڦيڻ جهڙي
ڪڙلنڪ چڙھي چک رت ڪماليئي ڀُو گگڙاٽ يُون ويج ڀڙي
سجيان سرٻنگ جهلي پنٿ ساول وي ڪڻ ڀانت وکاڻ ويئي
سَج ڪيرت ڪاج ڌجاٻنڌ سوڍي دولت سنگهه جماج ديئي

(11)
سُڌتا ڪرون ويڪم ڀوج ساريکوءِ جاچيانئي جيون نونند جڙي
امراڻ جيساڻ ٻنهي پک اوجل ڍاٽ ڌڻي گنگڏاس ڌُڙي
درياوَ جسو چِت ڀيروَ دُوجو اُوڻنت ميٽي اول گيئي
سَج ڪيرت ڪاج ڌجاٻنڌ سوڍي دولت سنگهه جماج ديئي

(12)
پرمار وڏو ڏاتار پرگٽيئي ڌار اُجيڻي انجس ڌري
کٽون ساڌار ڀلا ورڌ کاٽڻ قائم راجس راج ڪري
کگ تياگ سوڀاگ سري نوَ کنڏاءِ ونس ڇَتيسي اُوپويئي
سَج ڪيرت ڪاج ڌجاٻنڌ سوڍي دولت سنگهه جماج ديئي

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/Zyf8Dht.jpg[/img]