تاريخ، فلسفو ۽ سياست

چين جو انقلاب

ھن ڪتاب ۾ اوھان پڙھي سگھو ٿا تہ ڪيئن ھڪ آفيمي قوم تعليمي ۽ شعوري انقلاب ذريعي عظيم عالمي طاقت بڻجي دنيا تي معاشي طور ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. ڪتاب ۾ چين جي جغرافيائي صورتحال، قديم چيني تهذيب ۽ تاريخ، ڪنفيوشس ۽ ان جا نظريا، منگول عهد جو چين، مانچو خاندان جو دؤر، آفيم جون جنگيون، چين جاپان جنگ، آفيم جي جنگين کانپوءِ نوآبادياتي ۽ جاگيرداراڻي نظام جي گرفت، 1911ع جو انقلاب ۽ محرڪ، 1911ع جو ناڪام انقلاب، انقلاب ۾ شاگردن جو ڪردار، محدود جمهوريت جو قيام، مهاڀاري لڙائيءَ ۾ چين جي شرڪت، شاگردن جا مظاهرا، ڪميونسٽ پارٽي جو قائم ٿيڻ، سرخ فوج جي اڳڀرائي، چين جو انقلاب 1949ع، مائوزي تنگ ۽ انقلاب، مائوزي تنگ جو فڪر، انقلاب کان پوءِ چين، چين جو ثقافتي ۽ تعليمي انقلاب، ھانگ ڪانگ ۽ ميڪائو جي چين کي واپسي سميت ڪيترن ئي موضوعن بابت ڄاڻ موجود آھي.
  • 4.5/5.0
  • 1178
  • 799
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book چين جو انقلاب

سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

پهريون ڇاپو: 2012ع
ڪتاب جو نالو : چين جو انقلاب
(استحصالي قوتن خلاف شاندار عوامي جدوجهد ۽ عالمي عظيم قوت جي ترقي جو سفر)
مرتب: عزيز ڏاهري
ڪمپيوٽر لي آئوٽ: امتياز علي انصاري
ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
قيمت : 300/= رپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com


"Cheen Jo Inqlab”
(Chinese Revolution)
By: Aziz Dahri
Published by: Sindhica Academy,
B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
Karachi-74400 Phone:021-32737290
www.sindhica.org
Email:sindhica_academy@yahoo.com

اسٽاڪسٽ
سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 071-5628368،
سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03013594679 –
سنڌيڪا بوڪ شاپ، روم نمبر1، مهراڻ هوٽل، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻوفون: 03468960942
العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، سکر- ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين-جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - سعيد بوڪ اسٽور، گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- ڪنول ڪتاب گهر، مورو- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ٿر ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، جنيد بوڪ اسٽور، دادو، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو،

لکپڙهه ۽ وي پيءَ ذريعي گهرائڻ لاءِ
سنڌيڪا اڪيڊمي
B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ
ڪراچي74400

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”چين جو انقلاب“ اوهان اڳيان پيش آهي. استحصالي قوتن خلاف شاندار عوامي جدوجهد ۽ عالمي عظيم قوت جي ترقي جي سفر بابت ڪتاب جو مترجم ليکڪ ۽ صحافي عزيز ڏاھري آھي.
ھن ڪتاب ۾ اوھان پڙھي سگھو ٿا تہ ڪيئن ھڪ آفيمي قوم تعليمي ۽ شعوري انقلاب ذريعي عظيم عالمي طاقت بڻجي دنيا تي معيشي طور ڪنٽرول ڪري ورتو. ڪتاب ۾ چين جي جغرافيائي صورتحال، قديم چيني تهذيب ۽ تاريخ، ڪنفيوشس ۽ ان جا نظريا، منگول عهد جو چين، مانچو خاندان جو دؤر، آفيم جون جنگيون، چين جاپان جنگ، آفيم جي جنگين کانپوءِ نوآبادياتي ۽ جاگيرداراڻي نظام جي گرفت، 1911ع جو انقلاب ۽ محرڪ، 1911ع جو ناڪام انقلاب، انقلاب ۾ شاگردن جو ڪردار، محدود جمهوريت جو قيام، مهاڀاري لڙائيءَ ۾ چين جي شرڪت، شاگردن جا مظاهرا، ڪميونسٽ پارٽي جو قائم ٿيڻ، سرخ فوج جي اڳڀرائي، چين جو انقلاب 1949ع، مائوزي تنگ ۽ انقلاب، مائوزي تنگ جو فڪر، انقلاب کان پوءِ چين، چين جو ثقافتي ۽ تعليمي انقلاب، ھانگ ڪانگ ۽ ميڪائو جي چين کي واپسي سميت ڪيترن ئي موضوعن بابت ڄاڻ موجود آھي.
ھي ڪتاب 2012ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

چين جي جغرافيائي صورتحال

چين دنيا جي سڀ کان وڏن ملڪن مان هڪ آهي، هن جي پکيڙ تقريباً پوري يورپ جي برابر آهي. ان وڏي ملڪ ۾ ڪيترائي زرخيز علائقا آهن، جيڪي پوري ملڪ لاءِ خوراڪ ۽ لباس مهيا ڪن ٿا. هن جي ڊگهي حصي ۾ جبل آهن، جن جي هنج ۾ گهاٽا وڏاٻيلا ۽ معدنيات سان ڀرپور ذخيره آهن. ڪيترائي درياءَ ۽ ڍنڍون آهن جيڪي آبي مواصلات ۽ آبپاشي جا ذريعا مهيا ڪن ٿيون. هڪ ڊگهو سمنڊ آهي، جيڪو سمنڊ پار ملڪن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿو. قديم وقتن کان هن قوم جي ابن ڏاڏن هن وسيع خطي تي محنت ڪئي، آباد رهيا ۽ پنهنجي نسل کي وسعت ڏني.
چين جي اتر اوڀر، اتر اولهه ۽ اولهه جي هڪ حصي ۾ سويت، روس آهي. اتر ۾ منگوليا آهي. ڏکڻ اولهه ۽ اولهه جي هڪ حصي ۾ افغانستان، هندستان، ڀوٽان ۽ نيپال واقع آهن. ڏکڻ ۾ هند چيني ۽ برما آهن ۽ اوڀر ۾ ڪوريا آهي جتي چين فلپائن ۽ جاپان جو ويجهو پاڙيسري آهي. چين جي جغرافيائي پکيڙ چيني عوامي انقلاب لاءِ ڪجهه فائده ۽ ڪجهه نقصان رکي ٿي. سويت يونين جي ويجهو، يورپ ۽ آمريڪا جي سامراجي ملڪن کان پري ۽ ڪيترن ئي نوآبادياتي ۽ نيم نوآبادياتي ملڪن جي وچ ۾ واقع هجڻ هن لاءِ فائديمند آهي پر جاپاني سامراجيت جو چين جي ويجهو هجڻ نقصانڪار آهي، جيڪو پنهنجي جغرافيائي ويجهڙائي جو فائدو وٺندي چيني قوم ۽ چيني عوامي انقلاب لاءِ مسلسل خطرو رهي ٿو.
چين جي آبادي 45 ڪروڙ يا پوري دنيا جي آبادي جو هڪ ڀاڱي چار آهي. هن جا 10/9 باشنده هان قوم سان تعلق رکن ٿا. ٻيون اقليتي قومون به آباد آهن، جن ۾ منگول، هوئي، تيتي، يوئي گهر، ميائو، زي، چنگ، چنگ چيا ۽ ڪوريائي شامل آهن. ثقافتي ترقي جي مختلف سطحن تي انهن جي تاريخ گهڻي پراڻي ۽ ڊگهي آهي. ٿورن لفظن ۾ ايئن چئجي ته چين ڪيترين ئي قومن تي ٻڌل وڏي آبادي وارو ملڪ آهي.
لفظ چين جو ماخذ ”چن“ آهي. ان نالي جي خاندان چين تي 210 ق م کان 249 ق م تائين حڪومت ڪئي هئي ۽ مختلف صوبن ۽ رياستن کي سلطنت ۾ شامل ڪيو هو. (جمهوريت قائم ٿيڻ کان پوءِ سرڪاري ڪاغذن ۾ چين جو نالو چونگ هوا من ڪو Chung Hua min Kuo لکيو ويندو هو.) چونگ هوا صوبي شانڪسي ۾ هڪ مشهور جبل آهي ۽ ”چونگ هوا“ جي معنيٰ آهي وچون گل ”من ڪو“ جي معنيٰ آهي عوام جي سلطنت، جغرافيائي طور تي چين جي صوبن کي ڇهن علائقن ۾ ورهايو ويو آهي.
(1) زرد درياء جا مٿاهين وارا صوبا
(2) زرد درياء جا هيٺاهين وارا صوبا (اتر چين جا ميداني صوبا)
(3) يانگسي درياء ماٿري جا مٿاهين وارا صوبا
(4) يانگسي درياء ماٿري جا وچيان صوبا
(5) يانگسي ماٿري جا هيٺاهين وارا صوبا
(6) ڏاکڻئي سمنڊ جا صوبا
ڪانسو ۾ ٻه مسلمان قومون آباد آهن، هڪ منگوليا جي سرحد ويجهو ۽ ٻي تبت جي سرحد ويجهو. انهن جي آبادي هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. شانڪسي ۾ آبادي وڌيڪ آهي ۽ هتي جا رهاڪو آفيم واپرائڻ ڪري اڀرا (ڪمزور) آهن. صوبي شانسي ۾ زمين غيرهموار ۽ واديون گهڻو تنگ آهن. وچ ايشيا ۾ شانسي جا واپاري پنهنجي قابليت ۽ حوصلي جي ڪري مشهور آهن. ٻئي حصي ۾ صوبو هنان (ڏکڻ درياء) چيلي ۽ شانٽنگ ڪوهه مشرق واقع آهي.
هتي جا رهاڪو قدڪاٺ جي لحاظ سان مضبوط پر ذهانت ۾ پسمانده آهن. چيلي صوبو هنان جي اتر ۾ آهي پيگن (اتريون گادي جو هنڌ) ۽ ٽينٽسن جي مشهور بندرگاهه هن صوبي ۾ آهي. شانٽنگ ساحلي صوبو آهي. چيني هتي هڪ هزار سال ق م اچي آباد ٿيا هئا. ڪنفيوشس ۽ فيسيس جا مڙهه دفن هجڻ ڪري چيني هن سرزمين کي مقدس سمجهن ٿا. ڪوهستان تائي سلسلو به هن ئي صوبي ۾ آهي. جنهن جو تقدس چيني عوام ويجهو مسلم آهي.
اتر چين جو علائقو گهڻو زرخيز آهي. فصل جي وقت نظر جي حدتائين هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي آهي. برسات جي کوٽ ۽ گهڻائي ٻئي هن صوبي ۾ تباهي جو سبب بڻجن ٿيون. پهرين صورت ۾ پوکي ناهي ٿي سگهندي، ٻي صورت ۾ فصل درياء جي پيٽ ۾ هليو ويندو آهي. هيٺاهين وارن صوبن ۾ زرد درياء پنهنجو رستو مٽائيندو رهندو آهي.
ٽيئن حصي ۾ زوچوان (چار چشما) واقع آهي. جيڪو پنهنجو پاڻ هڪ سلطنت کان گهٽ ناهي. آبادي ساڍا پنج ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. چنگو هن جي گادي جو هنڌ آهي. اولهه ۽ ڏکڻ ۾ تبتي ماڻهو ۽ قديم باشندا رهن ٿا. هن جي ڏکڻ ۾ يان (دکني بادل) ۽ ڪيجاؤ واقع آهن. انهن صوبن جي زمين ناهموار ۽ منظر وحشتناڪ هوندو آهي. ٻنهي صوبن ۾ بهترين کاڻيون موجود آهن، ينان ڪنهن زماني ۾ هندستان جي واپار ۽ تهذيب جو دروازو سمجهيو ويندو هو.
چوٿين حصي ۾ صوبو هوپي (اترين ڍنڍ) ۽ صوبو هنان (ڏاکڻي ڍنڍ) واقع آهن. ٻنهي جي زمين زرخيز ۽ چانورن جي پيداوار لاءِ مشهور آهي. هان درياء صوبي شانڪسي جي ڏاکڻئي علائقي مان نڪري هنڪائو ويجهو يانگسي سان وڃي ملي ٿو ۽ انهن جي ميلاپ ويجهو (3) وڏا شهر هنڪائو، دوچنگ ۽ سينسيانگ واقع آهن. چين جي تاريخ مان ثابت ٿئي ٿو ته گذريل هڪ هزار سالن ۾ هن علائقي اندر 91 تباهي مچائيندڙ ڏڪار اچي چڪا آهن. (چار سؤ سال ق م هتي چو خاندان جي طاقت ۽ سلطنت هئي) چين جي پهرين شهنشاهه هن علائقي کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪري ورتو. هن علائقي ۾ فولاد جي صنعت ترقي ڪري رهي آهي. ڳرا جهاز اندرين ملڪ 600 ميل جو سفر طئي ڪري انهن بندرگاهن تائين پهچن ٿا. جيئن ته هنان ڏکڻ ۽ اتر ۾ واقع آهي. ان ڪري اتي جي رهاڪن کي حملو ڪرڻ ۾ وڌيڪ چست ٿيڻو پوي ٿو. پهريان هن صوبي خودمختياري جو مطالبو ڪيو ۽ پنهنجي لاءِ هڪ آئين ٺاهيو. ان علائقي ۾ ٽيون صوبو ڪيانگسي (مغربي درياء) آهي. هڪ ريلوي لائين (جيڪا جاپاني سرمائي مان تعمير ڪئي وئي) ڪيوڪيانگ کان نانچنگ تائين وڃي ٿي، جيڪو صوبي جي گادي جو هنڌ ۽ چين جي وڏن شهرن مان هڪ آهي.
پنجين حصي ۾ صوبو انهوئي، ڪيانگسو ۽ چيڪيانگ واقع آهي. هن علائقي ۾ ريشم پيدا ٿيندي آهي. جنهن مان ڌاڳو تيار ڪيو ويندو آهي. انهوئي چانور ۽ چانهه جي پيداوار جي حوالي سان مشهور آهي ۽ ڳتيل آبادي وارو علائقو آهي. اترين علائقي ۾ هوائي درياءَ ۾ چاڙهه سبب ٻوڏ ايندي رهندي آهي. سنڪيانگ ڪوهستاني صوبو آهي پر وادي ۾ چانور وڏي مقدار ۾ ٿيندا آهن. شنگهائي يانگسي درياء جي منهن ويجهو هڪ نئون شهر آهي. ان جي تاريخ اڻوهين صدي عيسوي کان شروع ٿئي ٿي. آبادي 12 لک جي لڳ ڀڳ آهي. جن ۾ ڏيڍ لک غيرملڪي به شامل آهن. هن شهر ۾ هر قسم جي صنعت ترقي ڪري رهي آهي.
ڇهين حصي ۾ صوبو فوڪين ۽ ڪونٽنگ (اوڀر ميدان) واقع آهن. زبان ۽ رسم رواج جي لحاظ سان سنڪيانگ جو ضلعو ونچودر حقيقت ۾ ڪوانگسي جو هڪ حصو آهي. ڏاکڻئي سمنڊ جا رهاڪو شڪل ۽ صورت ۾ اترين چينين جي ڀيٽ ۾ جاپانين سان وڌيڪ ملندڙ جلندڙ آهي. بهرحال تهذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان انهن تي وچ چينين جو اثر آهي. انهن جو ملڻ جلڻ ديسي نسلن سان ٿيو ۽ اترين رهاڪن جا نسل تاتاري ۽ منگول قومن سان گڏجي ويا.
ڏکڻ جا صوبا ڏکين پهاڙين جي ڪري اتر چين کان عليحده آهن. تقريباً سموريون سٺيون بندرگاهون ڏکڻ ۾ واقع آهن. اتر جا رهاڪو هجرت ڪندا آهن ته منچوريا ۽ وچ ايشيا طرف ويندا آهن ۽ ڏکڻ جا رهاڪو فلپائين، هوائي ۽ فاموسا ۾ وڃي آباد ٿيندا آهن. خاص چين جا علائقه منچوريا، سنڪيانگ ۽ تبت به چين ۾ شامل سمجهيا ويندا آهن.
(1) منگوليا جي پکيڙ خاص چين جي 18 صوبن جي برابر آهي. روس ۽ چين جي وچ ۾ هجڻ ڪري هن جي وڏي اهميت آهي. مغل ۽ منگول قوم جيڪا ڪڏهن دليري ۽ بهادري جي ڪري مشهور هئي هينئر زوال طرف وڌي رهي آهي.
(2) منچوريا 3 صوبن جو مجموعو آهي، ان جي آبهوا وچولي ۽ زمين زرخيز آهي. سويابين جو تيل هتان کان ايندو آهي، ڪرنا ۾ جهنگل وڌيڪ آهن، هيلونگ ۾ ڪڻڪ وڌيڪ پيدا ٿيندي آهي، فنگ تنگ (ان کي شنگ ٽنگ به چوندا آهن) جي گادي جو هنڌ مڪڊن آهي. اڄ کان تقريباً 50 سال پهريان هتي جي آبادي ۾ ڏيڍ ڪروڙ چيني، 17 لک 50 هزار جاپاني ۽ 50 هزار روسي شامل هئا.
(3) سنڪيانگ يا چيني ترڪستان، ان جي پکيڙ خاص چين جي اڌ پکيڙ برابر آهي. ڪجهه هنڌ سمنڊ جي سطح کان 24 هزار فوٽ مٿي آهن، ڪجهه جاين تي زمين جي سطح سمنڊ کان هيٺ آهي. آبادي في چورس ميل هڪ ماڻهو آهي، علائقي ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي ۽ چين سان نالي ماتر تعلق آهي.
(4) هي علائقو به نالي ماتر چين جي اقتدار هيٺ آهي. چين جي قومي زندگي تي هن جو ڪوبه اثر ناهي.
چين جي آبادي جي باري ۾ تحقيق ڪندڙن پنجاهه سال پهريان ان جي باري ۾ مختلف ڪاٿا لڳايا هئا. ان ۾ چيني چونگي خانه جو ڪاٿو وڌيڪ اعتبار جوڳو سمجهيو ويندو آهي جيڪو 44 ڪروڙ آهي، اڪثر چيني آبادي منگول سان واسطو رکي ٿي پر ان ۾ تبتي، تاتاري، جاپاني ۽ شان نسل به شامل آهن.
پيڪن (اتريون گادي جو هنڌ) جي تعمير هڪ هزار سال قبل مسيح ۾ ٿي هئي. منچوريا ۽ منگوليا ڏانهن ڪيترائي رستا هتان کان وڃن ٿا. ٽينٽسن پيڪن جي بندرگاهه آهي ۽ پي هو درياء جي منهن ۾ واقع آهي. هتي ڌارين قومن جون بستيون آباد آهن. هنڪائو يانگسي درياء جي ڪناري تي واقع آهي. سنڪيانگ علائقي جي سموري پيداوار انهيءَ بندرگاهه کان درآمد ٿيندي آهي. نانڪن يانگسي درياءَ جي ڪناري تي ڪنهن زماني ۾ چين جي گادي جو هنڌ رهي چڪو آهي. هتي ريشم جو ڪاروبار وڏي پيماني تي ٿيندو آهي. اموئي ٻيٽ فارمون جي مقابلي ۾ تمام سٺي بندرگاهه آهي. ان جي آبادي ۽ رونق ترقي ڪري رهي آهي. وي هاءِ وي ٻيٽ نماشانٽنگ تي برطانيا جو قبضو ۽ سندس ٺڪاڻو آهي. ڪيائوچواسي ٻيٽ ۾ هڪ قلعي ۾ بند شهر هو جنهن تي جرمني جو قبضو هو ۽ 1914ع ۾ جاپان فتح ڪيو هو.
هانگ ڪانگ هڪ ٻيٽ آهي هي 2 ميل ڊگهو ۽ 2 کان 5 ميل ويڪرو آهي، هڪ پاڻي جي تنگ رستي جنهن جي ويڪر اڌ ميل آهي هن کي سمنڊ کان جدا ڪري ڇڏيو آهي هي ٻيٽ برطانيه جي قبضي ۾ رهيو آهي ۽ چيني سمنڊ جو برطانوي ٻيڙو هتي هوندو هو. هتان کان ڪنٽين 90 ميل جي مفاصلي تي واقع آهي.
زرد درياءَ (هو هانگ هو) جو چشمو تبت ۾ 14 هزار فٽ مٿاهينءَ تي آهي. ان جي گهرائي تمام گهٽ آهي ان ڪري جهاز راني نه ٿي ٿي سگهي، اهو درياءَ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا پنهنجو رستو بدلائي چڪو آهي، ڪڏهن ننڍي سمنڊ زرد ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو ۽ ڪڏهن اپسمنڊ ۾. ان جون ٻوڏون وڏي تباهي مچائيندڙ هونديون آهن. هڪ ٻوڏ ۾ 10 لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، زرد دريا کي تباهي مچائيندڙ ٻوڏن جي ڪري ”آفت چين“ به چوندا آهن. يانگسي درياءَ (3200 ميل ڊگهو) جو چشمو هوهانگ هو جي چشمي ويجهو آهي. ڪوهستاني سلسلو پيلنگ انهن دريائن جي وادين کي ڌار ڪري ٿو. يانگسي ۾ 6 سؤ ميل تائين وڏا ۽ هڪ هزار ميل تائين ننڍا جهاز هلي سگهن ٿا.

قديم چيني تهذيب ۽ تاريخ

جيتوڻيڪ چيني هڪ عظيم قوم آهي ۽ هي جهجهي آبادي، قديم تاريخ ۽ شاندار انقلابي روايت جو مالڪ وڏو ملڪ آهي پر غلامي واري نظام مان جاگيرداراڻي نظام ۾ بدلجڻ کانپوءِ هن ملڪ ۾ اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي ترقي وڏي عرصي تائين گهڻو سست رهي. جاگيرداراڻو معاشرو، جنهن جو آغاز چو ۽ چن خاندان کان ٿيو، 3 هزار سال تائين زنده رهيو. چين جي جاگيرداراڻي دور جي سياسي ۽ اقتصادي نظام جون نمايان ڳالهيون هي آهي.
(1) هتي هڪ فطري پاڻ ڀري معيشت جو دور هو، هاري پاڻ لاءِ رڳو زرعي مصنوعات ئي پيدا نه ڪندا هئا پر اهي هٿ جي هنر جون گهڻيون ئي شيون پاڻ ٺاهيندا هئا. جاگيردار انهن کان بٽائي جي طورتي جيڪو ڪجهه وٺندا هئا اهو هنن جي نجي آسائش لاءِ هوندو هو نه ڪي زمين جي استعمال ڪرڻ جي معاوضي طور. جيتوڻيڪ وقت گذرڻ سان گڏ زمين استعمال ڪرڻ يا بٽائي جي اهميت ۾ اضافو ٿيو پر اهو عنصر مجموعي طور معيشت ۾ اهم ڪردار ادا نه ڪري سگهيو.
(2) جاگيرداراڻو حڪمران طبقو جاگيردارن، اميرن، وزيرن ۽ شهنشاهن جي خاندانن تي ٻڌل هوندو هو ۽ تقريباً سموري زمين سندن ملڪيت هوندي هئي. ان جي ابتڙ هارين وٽ نه هجڻ برابر زمين هئي. هاري پنهنجي هارپي جي اوزارن سان جاگيردارن، وزيرن ۽ شاهي خاندان جي زمين تي فصل پوکيندا ۽ انهن جي نجي آسائشن لاءِ انهن کي فصل جو 40، 50، 60، 70، يا وري 80 سيڪڙوتائين حصو ڏيندا هئا. عملي طورتي هاري اڃا تائين هنن جو غلام هو.
(3) جاگيردار، امير، وزير ۽ شاهي خاندان هارين کان حاصل ڪيل بٽائي تي ئي گذارو نه ڪندا هئا پر انهن مٿان ٽيڪس به لڳائيندا، نذرانو وٺندا ۽ بيگر وهائيندا هئا. اهڙي طرح هي پنهنجي سرڪاري آفيسرن جو پيٽ ڀريندا ۽ ان فوج کي پگهار ڏيندا هئا جيڪا گهڻو ڪري هارين کي ئي چٿڻ لاءِ رکي وئي هئي.
(4) جاگيرداراڻي ملڪي نظام اقتدار جو هڪ اهڙو طبقو هلندو پئي آيو جيڪو جاگيرداراڻي استحصال جو تحفظ ڪندو هو. جيتوڻيڪ چن خاندان جي حڪومت کان پهريان جي زماني ۾ جاگيرداراڻو چين ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهائجي ويو پر پهريون چن شهنشاهه ان کي ٻيهر متحد ڪرڻ ۽ ان کي مرڪزيت ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوءِ به ڪجهه جاگيردار الڳ ٿلڳ رهيا. شهنشاه جاگيرداراڻي چين تي وڏي دٻدٻي سان حڪومت ڪئي. هن ملڪ جي سمورن حصن ۾ فوج، عدالتون، خزانن ۽ اناج جي گودامن جا انچارج سرڪاري آفيسر بڻائي ڇڏيا هئا ۽ جاگيردار ان پوري جاگيرداراڻي حڪومتي نظام جا وڏا وڏا ٿنڀ هئا.
هيءَ هئي اها جاگيرداراڻي اقتصادي ڦرلٽ ۽ سياسي تشدد جنهن تحت صدين تائين چيني هاري غربت ۽ افلاس جو شڪار ٿي غلامن وانگر زندگي گذاريندا رهيا. جاگيرداري جي زنجيرن ۾ کين انساني آزادي نصيب نه هئي. جاگيردارن وٽ انهن کي مارڪٽ ڪرڻ، گاريون ڏيڻ ۽ ايتري تائين جو قتل ڪري ڇڏڻ جو به حق حاصل هو. ان جي برعڪس وري هنن مظلوم هارين کي ڪنهن به قسم جا سياسي حق حاصل نه هئا. جاگيرداراڻو استحصال ۽ سياسي تشدد چيني هارين جي حد کان گهڻي غربت ۽ پوئتي هجڻ جي ڪري هئو. جنهن سبب چيني معاشرو ڪيترن ئي سالن تائين معاشرتي ۽ اقتصادي ترقي جي هڪ ئي مرحلي تي بيٺو رهيو.
جاگيرداراڻي معاشري ۾ سڀ کان وڏو اختلاف هاري طبقي ۽ جاگيردار طبقي وچ ۾ هو. هاري ۽ جاگيردار اهي بنيادي طبقا هئا جن معاشري جي دولت ۽ ثقافت پيدا ڪئي.
چيني جاگيردارن جي بي رحم اقتصادي ڦرلٽ ۽ سياسي تشدد هارين کي جاگيرداراڻي ظلم خلاف ڪيترين ئي بغاوتن تي مجبور ڪيو. ننڍيون وڏيون ڪيتريون ئي بغاوتون ٿينديون رهيون. اهي سڀ هاري بغاوتون يا هاري انقلابي جنگيون هيون. چن خاندان جي حڪومتي دور ۾ چن شينگ، دوڪانگ، هيانگ يو ۽ پيوپانگ جي بغاوتن کان هانگ خاندان جي حڪومتي دور ۾ جن شي پنگنن، ريڊ آءِ برد، برائنزي، هارسيز ۽ زيوڙ جون بغاوتون ٿيون جي حڪومتي دور ۾ لي، سي ۽ توچن تي جون بغاوتون، تانگ خاندان جي حڪومتي دور ۾ دانگ هن چي ۽ هوانگ چائو جون بغاوتون، سنگ خاندان جي حڪومتي دور ۾ سنگ چيانگ، ۽ فانگ لا جون بغاوتون، يوان خاندان جي حڪومتي دور ۾ چويوان ۽ چانگ جون بغاوتون، چنگ خاندان جي حڪومتي دور ۾ بيتاينگ خدائي بادشاهت جي جنگ تائين. چيني تاريخ ۾ جنهن وڏي پيماني تي هاري بغاوتون ۽ جنگيون ٿيون آهن ان جو مثال ڪٿي نٿو ملي. هارين جي طبقاتي جدوجهد، هاري بغاوتون ۽ جنگيون چيني جاگيرداراڻي معاشري ۾ تاريخي ترقي جون حقيقي قوتون آهن. هر وڏي هاري بغاوت ۽ جنگ جاگيرداراڻي حڪومت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو ۽ ٿوري يا گهڻي معاشرتي تعميري قوتن جي پرورش ۾ مدد ڏني. ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ نه ته تعميري طاقتون هيون نه ئي پيداوار جا نوان ذريعا ۽ نه ئي وري طبقاتي قوتون يا ڪا ترقي يافته سياسي پارٽي موجود هئي. تنهن ڪري هاري بغاوتن ۽ جنگين کي صحيح قيادت نه ملي سگهي. جيئن اڄ پرولتاري ۽ ڪميونسٽ پارٽي مهيا ڪري ٿي، ان ڪري هر هاري انقلاب ناڪام ٿي ويو ۽ هر انقلاب دوران يا ان کانپوءِ جاگيردارن، اميرن ۽ وزيرن هاري طبقي کي هميشه پنهنجي مقصد لاءِ هٿيار طور استعمال ڪيو. جيتوڻيڪ عظيم هاري انقلابي جدوجهد کانپوءِ ٿوري معاشرتي ترقي ٿي، پر جاگيرداراڻا اقتصادي لاڳاپا ۽ سياسي نظام بنيادي طور تي جيئن جو تيئن ئي رهيو.
چيني تهذيب ۽ تمدن کي وجود ۾ ايندي چار هزار سال گذري چڪا آهن. ان وقت يورپ تي جهالت جي اونداهي ڇانيل هئي ۽ اهل چين ايجاد جي ميدان ۾ سمورين همعصر قومن کان اڳتي وڌيل هئا. ان جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن جي تاريخ سلطنت روما کان وڌيڪ پراڻي آهي. اهل چين ان وقت سوشلزم اسٽيٽ جو تجربو ڪيو، جڏهن برطانيه ۾ ڪا مضبوط حڪومت قائم نه هئي. چين جي شهنشاهه هندستان جا علمي نوادر جمع ڪرڻ لاءِ ان وقت وفد موڪليو جڏهن يورپ علم ۽ هنر جي دولت کان محروم ۽ فن کان ناواقف هو.
چيني تهذيب جي سڄي تاريخ ۾ ان جي زراعت ۽ دستڪاري پنهنجي اعليٰ معيار جي ڪري مشهور رهي آهي. هن ڪيترائي عظيم مفڪر، سائنسدان، ايجاد ڪندڙ، سياستدان، سپاهي، اديب ۽ فنڪار پيدا ڪيا آهن ۽ هن وٽ ڪلاسيڪل سرمائي جو وڏو قيمتي ذخيرو آهي.
ڪاغذ سازي جو فن تقريباً 1300 سال پهريان ۽ باقائده ٽائيپ ذريعي ڇپائي 800 سال پهريان ايجاد ٿي. چينين کي بارود جو استعمال يورپ کان پهريان ايندو هو. مطلب ته چيني تهذيب دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان آهي. ماهرن موجب چين ۾ پٿر جو دور 5 لک سال اڳ موجود هو. ان جا آثار بيجنگ ۾ 50 ڪلوميٽر جي فاصلي تي چائوڪوٽين جي مقام تي 1929ع ۾ دريافت ڪيا ويا. ان کان پوءِ 1954ع ۾ چين جي ٻين ٻن ضلعن ۾ پيليولٿڪ ۽ نيولٿڪ دورن جي وچ عرصي جا نوادرات به مليا آهن.
چينين جو خيال آهي ته هو هميشه کان پنهنجي ملڪ ۾ آباد آهن. مغربي تاريخدان چون ٿا ته 6 هزار سال ق م جي زبردست انساني لڏپلاڻ جي سلسلي ۾ جڏهن سرياني قومون عرب ۽ برابر جي ملڪن تي ڇانئجي ويون هنيون ته توراني تهذيب جون حامل ڪجهه قومون اتر ۾ دٻجي چين ۾ به ويون هونديون ۽ اتي ئي رهي پيون هونديون ۽ اتي جي ابتدائي تهذيب ٿوري گهڻي فرق سان شباني هوندي جيئن ته ڪجهه لفظن، گهرن ۽ جهوپڙين جي تعمير مان خبر پوي ٿي جن جي ڇتين جون چوٽيون وچ ايشيا جي خانه بدوش ماڻهن جي خيمن جي چوٽين وانگر مٿي کان اٿيل هونديون آهن. چيني تاريخدان ان جي خلاف ان ڳالهه تي متفق آهن ته اتي جي تهذيب ڪڏهن به شباني ناهي رهي. جڏهن ته اهي ماڻهو هميشه کان هارپو ڪندا پيا اچن.
چيني پاڻ جهڙي طرح پنهنجي تاريخ جي ابتدا ڪن ٿا اها هي آهي ته:
اهو مڃيو ويو آهي ته ابتدا کان ڪنفيوشس جي وقت تائين (481 ق م) ڪل 22 لک 67 هزار سال ٿين ٿا. ان جو پهريون ماڻهو جيڪو هندن جي برهما ۽ ايرانين جي لي ما سان ملندڙ جلندڙ آهي، پان ڪو سڏائيندو آهي، سندس ابتدا جي خبر ناهي پر اهو خيال آهي ته کيس زمين ۽ آسمان جون رمزون معلوم هيون ۽ ان ئي انهن ٻنهي شين کي الڳ الڳ ڪيو. چيني تصويرن ۾ ان کي هيئن ڏيکاريو ويو آهي ته هو هڪ وڏي ڇپ تي بيٺل آهي، سندس هٿ ۾ ڇيڻي ۽ هٿوڙو آهي. جن سان هن ڇپ ۾ سوراخ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سوراخ مان چنڊ، سج ۽ تارا نظر اچي رهيا آهن. پان ڪو 18 هزار سال تائين دنيا جي تعمير ۾ محنت ڪئي، ان عرصي دوران هن جو جسم روز 6 فٽ وڌندو رهيو ۽ آخرڪار هو پنهنجي تعمير خاطر مري ويو. ان جو مٿو جبل ٿيو، ساهه هوا ۽ بادل ٿي ويو، آواز ڪوڪ ۾ تبديل ٿي ويو، ان جا عضوا چئن قطبن ۾ تبديل ٿي ويا. ان جون رڳون درياءَ بڻيون ۽ پٺي زميني سطح جي هيٺ مٿاهين، ان جو گوشت فصلن ۾ تبديل ٿي ويو، ان جي ڏاڙهي مان تارا پيدا ٿيا. ان جي ڏندن ۽ هڏين مان ڇپون، اوزار ۽ قيمتي پٿر وجود ۾ آيا، ان جو پگهر پاڻي ٿي ويو ۽ جيڪي ڪيڙا ان جي مرده جسم ۾ پئجي ويا هئا اهي آخرڪار انسان ٿيا، پان ڪو کانپوءِ ٽي مقدس زمانه آيا.
(1) آسماني حڪومت جو زمانو: ان وقت آسمان جي ترتيب مڪمل ٿي. ان زماني ۾ 12 ڀائرن حڪومت ڪئي. جن کي طين وانگ يعني آسماني بادشاهه چيو ويندو آهي. انهن جا جسم نانگن جهڙا هئا ۽ انهن مان هر هڪ 18 هزار سال حڪومت ڪئي.
(2) ارضي حڪومت جو زمانو: ان زماني ۾ 11 ڀائرن حڪومت ڪئي. جن کي طي وانگ يعني ارضي بادشاهه چوندا آهن. انهن جا جسم ۽ شڪل اروڙ، نانگ، گهوڙي ۽ انسان جو مجموعو هئي. انهن ڏينهن ۽ رات ٺاهيا ۽ زماني کي سال ۽ مهينن ۾ ورهايو.
(3) انساني حڪومت جو زمانو: ان زماني ۾ 9 ماڻهن حڪومت ڪئي، اهي جن وانگ يعني انساني بادشاهه سڏائيندا آهن، انهن جا جسم نانگ وانگر ۽ شڪل انسانن جي.
ان کان پوءِ ترقي جا 10 دور ڳڻيا ويندا آهن جن ۾ مختلف قسمن جي تمدني ترقي ٿي، مثال طور ان ئي زماني ۾ سوئي جن باهه دريافت ڪئي ان کان پوءِ 3 بادشاهن جو زمانو آهي ۽ ان بابت چيو ويندو آهي ته جيتوڻيڪ ديومالائي دور مان آهستي آهستي تاريخي دور ۾ تبديلي ٿي رهي آهي.
1. فوهه هي: جيتوڻيڪ چيني ان کي تاريخي هستي مڃن ٿا پر اهو شايد افساني کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي، چيو ٿو وڃي ته ان جي پيدائش به خوارق مان هئي. ان جو زمانو 2852 ق م آهي. ان جي شڪل بابت چيني چون ٿا ته ان جو جسم نانگ جهڙو هو ۽ سندس صلاحڪار به 6 وڏا نانگ هئا. ان جي قبر به اڃا تائين محفوظ ٻڌائي وڃي ٿي. هيٺين شين جي دريافت يا ايجاد ان سان منسوب ڪئي ويندي آهي.
1- شادي مقرر ڪيل رسمن سان 2- موسيقي جا ساز خاص طور تي 35 تارن جو ستار 3- اٺن شڪلين وارا عنصر (جيڪي رمل ۽ جفر ۾ استعمال ٿين ٿا.) 4- تحرير جو فن 5- پالتو جانورن جو استعمال، يعني گهوڙو، ڪتو، رڍ، سوئر ۽ ڪڪڙ.6-شهتوت جي پتي جو استعمال ريشم جي ڪپڙي جي خوراڪ طور، ان کان علاوه مڇي پڪڙڻ جو ڄار ۽ خدا جي عبادت جو طريقو به ان ڏانهن منسوب ڪيو ويندو آهي.
2. شين ننگ 2705- 2737 ق م: ان سڀ کان پهريان هر ٺاهيو ۽ کيت کيڙڻ سيکاريو، ان ڪري هن کي آسماني فلاح به چوندا آهن. هن اهڙيون بازارون قائم ڪيون، جتي جنس جي مٽاسٽا ٿي سگهي، جڙي ٻوٽين جون طبي خاصيتون دريافت ڪرڻ به ان ڏانهن ئي منسوب ڪيو ويندو آهي.
3. هوانگ طي 2595- 2704 ق م: ان ڦيٿن واري گاڏي ايجاد ڪئي ۽ جهاز، ويڙهه جا هٿيار ۽ مٽي جا ٿانوَ ٺاهيا. ان جي عمر 111 سال ٿي، پهريون شاهي تاريخدان سانگ ڪي سندس زماني ۾ مقرر ڪيو ويو. سندس ملڪه سي لنگ شي ريشم دريافت ڪئي ۽ ان جا ڪپڙا ٺاهرايا. ان کان پوءِ تقريباً 2 سؤ سال جا واقعا نه ٿا ملن ۽ اهو زمانو شروع ٿي ٿو وڃي جنهن جو ذڪر تاريخ جي ورقن ۾ آهي.
جيتوڻيڪ چين جي اصل تاريخ يا او کان شروع ٿئي ٿي. (2357 ق م) ان ئي مختلف صوبن ۽ ضلعن کي متحد ڪري هڪ سلطنت ٺاهي. ان بادشاهه پنهنجي گهر جي دروازي تي هڪ تختي لڳائي ڇڏي هئي ته جيئن عوام به حڪومتي طرز تي راءِ ڏئي پنهنجي بادشاهه کي پنهنجي خيالن کان آگاهه ڪري سگهي. اهڙو هڪ وڏو دهل به اتي رکيو ويو هو ته جيئن فريادي اچي بادشاهه کي اطلاع ڏئي سگهي. سندس خلوص ۽ رعيت جي خيرخواهي جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو ته هن پنهنجي پٽ بدران پنهنجو جانشين شن کي مقرر ڪيو جنهن جي نيڪي ۽ لياقت کي هو چڱي طرح پرکي چڪو هو، ان جي وفات تي ملڪ ۾ ڪٿي به ڳائڻ وڄائڻ نه ٿيو.
شن ( 2206- 2258 ق م): هي به پنهنجي بادشاهه جي نقش قدم تي هلندو رهيو، ننڍپڻ ۾ ئي سندس ماءُ وفات ڪري وئي هئي ۽ سندس ماٽيلي ماءُ کيس تڪليفون ۽ ايذاءَ ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي، ايتريقدر جو جان تي به حملا ڪيا ويا. پر هن نيڪي ۽ محنت سان سڀني جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. هن سال جي جنتري مڪمل ڪئي، هن وزن ۽ پيمائش جا ماپا مقرر ڪيا ۽ جسماني سزا ۾ گهٽتائي آندي. هن يااو وانگر پنهنجو جانشين پٽ جي جاءِ تي يو کي چونڊيو. جيڪو ان زماني جو پهريون بادشاهه يو اعظم هو. جنهن 2205 ق م تائين حڪومت ڪئي. هن تخت تي ويهي پنهنجي خاندان کي نوازيو جيڪو خاندان هي آ سڏيو. يواعظم مرڻ کان پهريان پنهنجي پٽ کي تاج ۽ تخت جو وارث قرارڏنو. ان کان پوءِ بادشاهي هڪ موروثي منصب بڻجي ويو. بادشاهه کي ظل الله سمجهيو وڃڻ لڳو. يواعظم پنهنجي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيا، خاص طور تي ملڪ کي ٻوڏن کان نجات ڏياري ۽ پنهنجي دروازي تي 5 قسمن جا باجا رکي ڇڏيا ته جيئن دانهن ڏيندڙ نه رڳو پنهنجو آواز اندر پهچائي سگهن پر پنهنجن مسئلي کان شهنشاهه کي آگاهه ڪن. يواعظم ملڪ کي ساڳئي مرڪز جي 9 هم چورس حصن ۾ ورهايو. وچون هم چورس شاهي علائقو هو، ان کان ٿورو پري امير ماڻهن جو علائقو، پوءِ امن جو علائقو ۽ پوءِ فوجي علائقو. ان ڪري چين جي حڪومت ”وچين حڪومت“ سڏجڻ لڳي. هن جو قول هو ته منهنجي ڪاميابي جو راز اهو آهي ته آءٌ بغير وقفي جي روزاني محبت سان ڪم ڪندو آهيان. اهائي شيءِ هئي جو هو ملڪ کي ٻوڏن کان محفوظ رکي سگهيو نه ته بقول چينين جي، هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ماڻهن بدران مڇيون هجن ها. شروعات ۾ ملڪ اندر وڏو ڏڦيڙ هو. پوءِ آهستي آهستي ٻه قومون وجود ۾ اچي ويون، هڪ جو نالو يانگ هو ۽ ٻئي جو نالو ين هو. يانگ چمڪ، جوش، عمل ۽ مردانگي کي ظاهر ڪندي هئي ۽ ين اونداهي، سستي، ماٺار ۽ نامردانگي کي. (اهو دور 300 ق م کان 200 ق م تائين باقي رهيو.) رسم ۽ رواج متعلق لکڻين جو دور 1100 ق م کان شروع ٿي، 750 ق م تائين جاري رهيو. ان دور ۾ خانگي زندگي ۽ شاهي رهڻي ڪهڻي بابت ڪتاب لکيا ويا ۽ جمهوريت طرف رجحان پيدا ٿيو. ان زماني ۾ تحرير ۽ تقرير جي آزادي تي زور ڏنو ويو ۽ اسٽيٽ سوشلزم جو بنياد وڌو ويو، امير طبقي جو وقار قائم ٿيو ۽ صعنت جي ترقي سان گڏ نوان شهر آباد ٿيا.
سپين ۽ هڏين تي ڪيل تحريرن مان خبر پوي ٿي ته 21 هين صدي ق م کان وٺي 17 هين صدي ق م تائين زيا خاندان جي حڪومت هئي، جيڪا ڪجهه ماهرن موجب چين ۾ پهرين بادشاهت تسليم ڪئي وڃي ٿي. ان خاندان جو آخري شهنشاهه جي هو، جنهن جي حڪومت کي شانگ خاندان ختم ڪري ڇڏيو، چين ۾ اڃا تائين اهڙا دستاويز موجود آهن جيڪي ٽامي، ڪمي، نانگ ۽ ٻين جانورن جي هڏين تي تحرير ڪيل آهن ۽ جن ۾ شانگ خاندان بابت تفصيل لکيل آهي. اها بادشاهت 6 سؤ سال تائين قائم رهي. اهو دور چيني تهذيب ۽ تمدن جو سنگ ميل ثابت ٿيو. ان دور ۾ چين ٽامي جي دور ۾ داخل ٿي چڪو هو ۽ ان زماني ۾ ٽامي جي ٺهيل عام استعمال جي ٿانون ۽ جنگي هٿيارن جو استعمال عام ٿيو. ان ئي زماني ۾ چين ۾ زراعت جي هنر کي سمجهيو ويو ۽ ان ۾ ترقي ٿي، ان زماني جي عام فصلن ۾ جوئر، ٻاجهري شامل هيون. ڪڻڪ پوکڻ جو رواج پوءِ شروع ٿيو، قديم آثارن واري کاتي جي رپورٽن موجب ان ئي زماني ۾ هوانگي (Huanghe) درياءَ جي ڪناري هاٿين جي موجودگي جا آثار لڌا ويا، جن کي جنگي استعمال ۾ آندو ويندو هو.
انهن سمورين دريافتن ۽ تجربن مان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته شانگ خاندان جي زماني ۾ غلام رکڻ جو رواج عام هو ۽ انهن کان سخت پورهئي وارو ڪم ورتو ويندو هو. ان کان علاوه شاهي خاندان لاءِ عياشي جي شين جي تياري جو ڪم به انهن حوالي ڪيو ويندو هو پر انهن مان مذهبي عالمن، هنرمندن ۽ تخليق ڪارن کي غلامي کان آجو قرار ڏنو ويندو هو بلڪ انهن جي خدمت لاءِ غلام مهيا ڪيا ويندا هئا. ان زماني جي هڪ مشهور ڳالهه آهي ته مسلسل پاڻي کوٽ سبب ڏڪار پئجي ويو ۽ ماڻهو لاچار ٿي ويا ته هن پنهنجي جان خدا جي درگاهه ۾ قرباني لاءِ پيش ڪئي ۽ جهنگل ۾ وڃي سجدي ۾ ڪري پيو ۽ پنهنجا گناهه قبول ڪيائين، اڃا ايستائين پهتو هو ته خدا جي رحمت سان برسات پئجي وئي جنهن سڄي ملڪ کي آلو ڪري ڇڏيو. ان بادشاهه پنهنجي مشهور وزير آء ين جي مدد سان سهڻي نموني حڪومت ڪئي، ان وزير بابت ڪيترائي فرضي قصا مشهور آهن. ڪجهه چون ٿا ته: هو هڪ شهتوت جي پتي ۾ پليو هو. هڪ ڪهاڻي آهي ته هو اعليٰ درجي جو بورچي هو ۽ ان فن جي ڪري بادشاهه جي طبيعت تي حاوي ٿي ويو هو. ڀل ڪجهه به هجي پر ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته هو پنهنجي زماني جو شايد بهترين مدبر هو. هي آ خاندان وانگر هن ۾ به نااهل ۽ نالائق وارثن جي ڪري ڪمزوري ايندي وئي. اهي بادشاهتون انتهائي ظالماڻين روين جون حامل هيون. مثال طور هر سال سرڪاري طور تي ڪيترن ئي غلامن جي قرباني ڏني ويندي هئي. هتي جو حڪمران چوسن ظلم ۽ عياشي ۾ سڀني کان اڳتي نڪري ويو. سندس ملڪه طاڪي بي انتها ظالم هئي. جڏهن ظلم جي انتها ۽ صبر جي حد ٿي وئي ته رئيس چو رعايا جي خيال سان هن جي خلاف بغاوت شروع ڪئي ۽ کيس شڪست ڏني. سن سڙي مري ويو، طاڪي گرفتار ٿي ۽ ان کي موت جي سزا ڏني وئي، پر ان جي خوبصورتي جو اهو اثر هو جو ڪو شخص ان جو سر قلم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي ٿيو. آخرڪار ودوانگ رئيس چو جي پوڙهي مصاحب طائي ڪنگ پنهنجو منهن ڍڪي ان عورت جو قصو ختم ڪيو. سن جي وزيرن مان هڪ ڪي زي نئين حڪومت جي ماتحتي قبول نه ڪئي ۽ ڪوريا هليو ويو، ان وزير 1083 ق م ۾ وفات ڪئي.
شانگ خاندان جو سڀ کان پهريون حڪمران ٽينگ هو. ان کي شڪست ڏيندڙ قبيلو زوؤ نالي هو. جنهن 11هين صدي ق م ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي، جيڪا 771 ق م تائين جاري رهي. ان دوران شانگ، زوؤ ۽ ڪجهه ٻين قبيلن وچ ۾ حڪمراني لاءِ ڪيتريون ئي جنگيون ٿينديون رهيون ۽ ماڻهو هڪ کان ٻئي علائقي تائين هجرت ڪندا رهيا، ان خاندان جي پهرين شهنشاهه جو نالو ڪيوي هو ۽ ان جو حڪومتي مرڪز شانڪسي صوبو هو، پر جڏهن زوؤ جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ هو ٻيهر اقتدار ۾ اچي ويو ته هن اولهه چين ڏانهن رخ ڪيو، جتي ان جو گادي جو هنڌ فينگ هو. ودوانگ شهنشاهه پنهنجي تسلط هيٺ علائقن کي انتظامي لحاظ کان 71 ضلعن ۾ ورهايو، اهڙي طرح خاص طورتي زراعت جو نظام مضبوط طريقي سان هلايو ويو، پر ان بابت ماهرن جي راءِ ۾ اختلاف ڏٺو وڃي ٿو، ودوانگ رياستن کي پنهنجي عزيزن ۽ اهڙن دوستن ۾ ورهائي ڇڏيو جن سلطنت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي هئي. اڳتي هلي، اها خبر پئي ته اهاوڏي غلطي هئي. مرڪزي حڪومت ڪمزور ۽ رياستون طاقتور ٿي ويون، هڪ ڀيري اهي رياستون وڌي 152 ٿي ويون هيون. اها ئي شيءِ ان خاندان جي زوال جو باعث بڻي، ڪنفيوشس ان خاندان جي آخري زماني ۾ پيدا ٿيو.
پر اڀرندي زوؤ دور جو سماج ترقي طرف روان دوان هو. شهنشاهه تخت تي ويهندي قيدين کي آزاد ڪيو، تعليم عام ڪيائين، سرڪاري عهدن کي ورثي مان ڪڍي اهليت ۽ قابليت تي ڀاڙيو، پنهنجي پيءُ جي ڪتاب ”صحيفه تغيرات“ جو متن لکيائين پر سندس زماني جون اهي سموريون ڪاميابيون سندس ڀاءُ چوڪنگ جي ڪري ٿيون. جيڪو هينئر ريئس چو ٿي ويو هو. ان جي تعريف ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته من سي هن کي چين جي بهترين عالمن مان هڪ ڄاڻايو آهي. (2) ٻيا ڪنفيوشس ۽ يو آهن. هن رئيس چين جي حڪومت ۽ سياست جو بنياد وڌو ۽ پنهنجي پيءُ جي ڪتاب تي تفصيل سان بيان لکيو. ملڪ کي وحشين کان پاڪ ڪيائين، هو شهرت ۽ مان مرتبي کان گهڻو پري ڀڄندو هو. نيڪي کان سواءِ ڪنهن به شيءِ ۾ اڳتي وڌڻ نه چاهيندو هو. هن رئيس بابت روايت آهي ته هن طرف ٻڌائيندڙ اوزار ايجاد ڪيو. هن حڪومتي قاعدن قانونن تي هڪ ڪتاب ”چولي“ جي عنوان سان لکيو. پروفيسر هرٿ جو خيال آهي ته قوم کي تربيت يافته بڻائڻ لاءِ اهو ڪتاب دنيا جي سمورن ڪتابن ايتري تائين جو بائيبل کان به ڀلو ڪتاب آهي. ان ۾ هن خلق کي 9 ڌنڌن ۾ ورهايو آهي. (1) زميندار (2) مالهي يا شڪاري (3) آري هلائيندڙ يا جهنگ ۾ ڪاٺين جو ڪم ڪندڙ (4) ڌنار (5) ڪاريگر ۽ فن وارو (6) واپاري (7) گهريلو عورتون (8) ملازم ۽ (9) اهي جن جا ڌنڌا مقرر ڪيل ناهن. ان ئي ڪتاب ۾ حڪومت جا اصول ۽ 6 وزارتن جو تفصيل سان ذڪر آهي. جيڪي هي آهن.
(1) وزيراعظم جي وزارت: حڪومت جي سمورن شعبن جي نگراني ۽ شهنشاهه بابت سمورن انتظامن جو تعلق ان وزارت سان لاڳاپيل قرار ڏنو ويو آهي.
(2) گهرو وزارت: رعيت جو سڄو انتظام هن جي حوالي هو، شادي جو انتظام به ان کاتي جو حوالي هو ۽ ان جو فرض هو ته عورت کي 20 سال ۽ مرد کي 30 کان وڌيڪ عمر تائين ڪنوارو نه رهڻ ڏنو وڃي، تعليم وغيره به هن جي ماتحت هئي.
(3) مذهبي معاملن واري وزارت: هي سمورن مذهبي معاملن جي ذميوار هئي.
(4) جنگ جي وزارت: مقصد ظاهر آهي.
(5) عدل ۽ انصاف واري وزارت: سزا ۽ جزا جي ذميواري هن کاتي تي هئي.
(6) عام فائدن واري وزارت: هن جو ڪم روڊ، پليون، شاخون وغيره ٺاهڻ هو، هي اڄڪلهه اسان وٽ ڪي پي ڊبليو ڊي جي کاتي وانگر هئي.
ان نظام جي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي تعريف ٿي سگهي ٿي ته 1900ع تائين چين جي حڪومت بلڪل ايئن ئي هلندي رهي ۽ 1900ع ۾ به صرف پرڏيهي وزارت جو اضافو ڪيو ويو ۽ ٻيو سڀ نظام بلڪل اهوئي رهيو.
شهنشاهه پنهنجي گهڻ گهرن وزيرن ۽ دوستن کي زمين تحفي ۾ ڏيندا هئا ۽ اهي پيداوار جو هڪ حصو حڪومتي خزاني ۾ جمع ڪرائيندا هئا. ان دوران جاگيردارن جو هڪ اهڙو طبقو به پيدا ٿي ويو جيڪو زمين تي ڪم ڪندڙ ڪڙمين جا حق غصب ڪندو هو. ڪيترائي ڪڙمي بادشاهن ۽ شهزادن جي زمينن تي ڪم ڪندا هئا. زوؤ خاندان رڳو وڏي پٽ کي ورثو ڏيڻ جو قانون به لاڳو ڪيو.
1002 ق م ۾ شهنشاهه چووانگ شڪار جي سلسلي ۾ رعيت جي فصلن کي لتاڙي ڇڏيو، ان جي سزا هن کي اها ڏني وئي ته دوکي سان ماڻهن هن کي درياءَ جي وچ ۾ وٺي ٻوڙي ڇڏيو. ان کانپوءِ سوه وانگ تخت تي ويٺو. (وفات 947 ق م) هن پنهنجي گاڏي ۽ اٺن گهوڙن جي مدد سان ان وقت جي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ گهمي ڏٺي. سندس سفرنامي ۾ هڪ شهزادي سان ملاقات جو ذڪر به آهي. طاؤ فلسفي جي پيروڪارن ان جو تفصيل به لکيو آهي ته ڪيئن هوءَ ملڪه ڪوهستاني باغن ۾ رهندي هئي. اتي موتين جي ڍنڍ هئي ۽ گل ڦٽندا هئا. هن جي باغن جا پهريدار جن هئا وغيره. ڪجهه ليکڪن ان ملڪه کي ملڪه بلقيس ٻڌايو آهي، پر اهو صحيح معلوم نه ٿو ٿئي ڇاڪاڻ ته اهو قصو گل بڪائولي (عمدي اڇي رنگ جو خوشبودار گل) سان ملندڙ جلندڙ آهي.
781 ق م ۾ بووانگ تخت تي ويٺو، هن جي طبيعت تي نامردانگي حاوي هئي. پنهنجي سُريت پاؤزي خاطر ملڪه ۽ ولي عهد کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيائين. پائوزي صرف تفريح خاطر اڪثر خطري جون مشعلون ٻارائيندي هئي جنهن کي ڏسي سمورا رئيس مخالف حملي جي خبر سمجهي پنهنجون پنهنجون فوجون وٺي ڀڄندا هئا ۽ محل تي پهچي معلوم ٿيندو هو ته اهو صرف مذاق آهي، هڪ ڀيري سچ پچ دشمن اچي پهتا، مشعلون روشن ٿي ويون پر دوکو سمجهي ڪير به مدد لاءِ نه آيو اهڙي طرح بادشاهه قتل ڪيو ويو ۽ پائوزي قيد ٿي ويو ۽ هن قيد دوران ئي خودڪشي ڪري ڇڏي.
اڀرندي رياست ۽ خاندان جو آخري بادشاهه يو هو، جنهن کي مغربي چين جي هڪ قبيلي جي سربراه ڪوانگ زونگ قتل ڪرائي ڇڏيو هو. هن جي پٽ پنگ ٽين صدي ق م، ۾ گادي جو هنڌ اڀرندي طرف لوڻي (موجوده هنان) صوبي جي شهر لوينگ ۾ منتقل ڪري ڇڏيو جيڪو اٺين صدي ق م تائين رهيو. انهن پنجن صدين ۾ چيني معاشري ۽ تهذيب ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي ۽ لوهه جي دريافت ۽ ان مان ٺاهيا ويندڙ زرعي اوزارن جي بدولت زراعت بي انتها ترقي ڪئي. اهڙي طرح چيني تهذيب دنيا جي سڀ کان پهرين تهذيب هئي جنهن ڇهين صدي ق م ۾ لوهه کي رجائي ان کي استعمال ۾ آندو جنهن سان تجارت ۽ هٿ جي هنر ۾ تيزي سان ترقي ٿي، شهرن ۾ اضافو ٿيو ۽ شهرن جو پاڻ ۾ رابطو پيدا ٿيو.
چين ۾ هونئن ته سڪن جي تاريخ گهڻي پراڻي آهي. پر لوهه جي سڪن جو استعمال به ان دور ۾ ئي شروع ٿيو. ان زماني ۾ زمين جي ملڪيت جي احساس زور ورتو ۽ زمين جو ڪرايو پيداوار جي مخصوص ڍل جي شڪل ۾ وصول ٿيڻ لڳو. ان زماني ۾ رياستي ڍانچي ۾ به اهم تبديليون ڪيون ويون ۽ رياست کي صوبن ۽ شهرن ۾ ورهائي گورنر ۽ مئجسٽريٽ مقرر ڪيا ويا. ادب، فلسفي، ثقافت ۽ ٻين فنن ۾ غيرمنظم ترقي ٿيڻ لڳي. چيني ماهر، جيڪي تارن جي حرڪت کي پهريان کان ئي سمجهندا هئا، هينئر چنڊ تارن ۽ زمين جي حرڪتن کي سمجهڻ جي قابل ٿي ويا. اهڙي طرح زراعت لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جا منصوبه به ٺهڻ لڳا. چين جي جغرافيه دانن دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن به ليئا پائڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي جغرافيائي صورتحال ۾ دلچسپي ورتي. ان زماني ۾ چيني شينسي جي ميدانن ۾ ڏکڻ ۽ اولهه ڏانهن پکڙيا. بادشاهن قبيلن جي خودمختيار سردارن کي خطاب ڏئي پنهنجي فرمانبرداري لاءِ آماده ڪري ورتو، آزاد قبيلن سرحدن تي حملا ڪيا. حڪيم ڪنفيوشس ۽ فيسس جي تعليم ان ئي زماني ۾ عام ٿي. ان زماني جي سوڀن جي ڪري سلطنت جو دائرو وسيع ٿيو، تعليم يافته طبقي کي عروج نصيب ٿيو، سرڪاري نوڪرين لاءِ امتحانن جو طريقو رائج ٿيو. بانس جي تختين جي جاءِ تي ڪاغذ جي ايجاد ماڻهن کي قلم کان ڪم وٺڻ جو رستو ڏيکاريو ۽ تعليم عام ٿي وئي. ان بي لگام ترقي رياست ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري ڇڏيو، جنهن سان حڪومت ڪمزور ٿي وئي ۽ ان جو فائدو وٺندي، چن خاندان (6) اهم رياستن تي قبضو ڪري اتي پنهنجي بادشاهت جو بنياد وڌو.
چن خاندان علائقائي انتظاميه جو هڪ نئون ڍانچو تيار ڪيو. هڪ گڏيل لکت ۽ انگن جي زبان ترتيب ڏني، ڪرنسي رائج ڪئي، قانون لاڳو ڪيو ۽ ماپ تور جو نظام رائج ڪيو. ماضي جي سمورين رياستن وچ ۾ حدبنديون ختم ڪيون ويون. زيان رونگ کي گادي جو هنڌ بڻايو ويو، پوري ملڪ ۾ رستن جو ڄار وڇائي مواصلات کي ترقي ڏني وئي. چن خاندان (210- 249 ق م) جي پهرين بادشاهه چيانگ سيانگ وانگ لوپودي کي پنهنجو وزير مقرر ڪيو. هو شروع ۾ واپاري هو پوءِ ليکڪ ٿيو ۽ ان ۾ ايتري جدت ۽ نواڻ آندي جو ڪير به سندس برابري نه ڪري سگهيو، جنهن کان پوءِ هو وزير ٿي ويو ۽ وزارت دوران هن جي ملڪه سان واقفيت ٿي جنهن جو نتيجو شهزادي چينگ جي صورت ۾ مليو. شهنشاه وزير کي ته ڪڍي ڇڏيو پر شهزادي کي سمجهائي ورتو. جيڪو شهنشاهه جي وفات کانپوءِ 13 سالن جي عمر ۾ تخت تي ويٺو ۽ شي هوانگ تي لقب اختيار ڪيو. شايد اهو چوڻ غلط نه هوندو ته حقيقت ۾ هو چين جو پهريون شهنشاهه هو، هن اشوڪ وانگر (جيڪو سندس همعصر به هو) ملڪ ۾ حڪومت جي مضبوطي ۽ متحد ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي، ايستائين جو هن مذهب ۾ به ويجهڙائي پيدا ڪري ڇڏي. ماتحت رياستن جو نظام ختم ڪري سڄو ملڪ هڪ شهنشاهه جي ماتحت ڪيو ويو. سمورين رياستن هوانگ تي کي شهنشاه تسليم ڪيو. جيتوڻيڪ ڪنفيوشين ايئن ئي هاءِ گهوڙا مچائي ڇڏي جيئن اشوڪ خلاف برهمڻن باهه ٻاري ڏني هئي. ٽي ڳالهيون هن کان اهڙيون ٿيون جيڪي ڪنهن کان به نه ٿي سگهيون هيون. پهريون اهو ته هن پوري ملڪ کي متحد ڪري ان جو نالو چين رکيو ۽ سمورين رياستن کي فتح ڪري ان جو پهريون شهنشاهه بڻيو. ٻيو هي ته اتر کان ايندڙ تاتارين جي حملي کان بچاءَ لاءِ ديوار چين جو بنياد وڌائين ۽ ٽيون اهو ته هن پنهنجي زماني ۾ تمام پراڻين تاريخن ۽ ٻين ڪتابن (علم جوتش، طب ۽ زراعت جي ڪتابن) کانسواءِ باقي ڪتابن کي ساڙي ڇڏيو. چين جي سرحد تي قلعا ته پهريان کان موجود هئا پر شهنشاهه هوانگ تي انهن جي نئين سر تعمير ۽ ڪوٽ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کي عالم پناهه چوڻ بهتر ٿيندو. اها ڀت شي هيلوان کان شينسي جي آخري سرحد تائين پکڙيل آهي. (تقريبن 15 سؤ ميل) ڀت جي تعمير ۽ تڪميل هڪ پيشگوئي جي بنياد تي عمل ۾ آئي، جنهن جو مطلب اهو هو ته چين جي شهنشاهيت هن قوم هٿان تباهه ٿيندي. ڀت جي تعمير ۾ هزارين ماڻهو بيگر ۾ ڪم ڪندا هئا، سزا مليل قيدين سان گڏ واپارين کي به ان ڪم تي لڳايو ويو، جنرل منگ ٽين ڪم جو نگران هو. مشهور آهي ته قلم به ان ئي جنرل ايجاد ڪيو هو. ديواراعظم جي تعمير بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون به مشهور آهن. بيان ڪيو ويو آهي ته رازن ۽ مزدورن ۾ هڪ گهوڙو به رهندو هو، جيڪو انهن جي اڳيان اڳيان هلندو هو جنهن جاءِ تي هو بيهي رهندو هو، سمجهيو ويندو هو ته تعمير جو ڪم هن جاءِ تائين ڪرڻ ضروري آهي. اهو به مشهور آهي ته ڀت جي تعمير ۾ انسانن کان سواءِ جنن کان به ڪم ورتو ويندو هو. جن کي نافرماني ڪرڻ تي ڪوڙا هڻڻ جي سزا ڏني ويندي هئي. ان بابت هي به مشهور آهي ته چين جي ملڪه ڀت جو معائنو ڪرڻ آئي ته هڪ دروازو جيڪو تازو ٺهيل هو ڪري پيو، ان مان ماڻهن اهو نتيجو ڪڍيو ته عورتن ۽ ٻلين آڏو جادو جو اثر ختم ٿي ويندو آهي.
شهنشاهه هوانگ تي جي زماني ۾ ڀت جي تعمير کان سواءِ ٻيا به ڪجهه وڏا ڪم پڄاڻي تائين پهتا. سنيانگ ويجهو شاهي محل تعمير ڪيو ويو، جنهن تي سالن جا سال لکين مزدورن روزاني ڪم ڪيو. پهاڙ ڪٽي سرنگون ٺاهيون ويون، پهاڙن کي سڌو ڪيو ويو، وڏن وڏن دريائن تي پل ٻڌا ويا. انهن ڪمن جو مقصد سلطنت جي ڏورانهن حصن کي متحد ۽ انتظام ۾ سهولتون پيدا ڪرڻ هو.
شاهي محل جو وچون ڪمرو ايترو ته وڏو ۽ ويڪرو هو جو ان ۾ هڪ ئي وقت 10 ماڻهو ويهي سگهيا ٿي ۽ 20 وال وڏا جهنڊا ڦڙڪائي پئي سگهيا. مشهور آهي ته هي عاليشان محل هڪ نجومي جي ان پيشنگوئي جي بنياد تي جوڙيو ويو هو ته شهنشاهه هر رات پنهنجي آرام جي جاءِ تبديل ڪري نه ته سندس حياتي کي خطرو آهي.
شي هوانگ تي تمام ڏاڍ کان ڪم ورتو. ڪنفيوشس جا ڪتاب قانون مخالف قرار ڏئي ساڙيا ويا. بظاهر ان جو سبب اهو ٻڌايو ويو ته لڪير جا فقير شهنشاهه جي هر قدم جي مخالفت ڪندا آهن ۽ انهن طرفان ڪنفيوشس جا قول ۽ ان جي ڪتابن مان حوالا پيش ڪيا وڃن ٿا. اهو به چيو ويندو آهي ته هو چاهيندو هو ته ايندڙ نسل کيس ئي چين جي حڪومت ۽ تهذيب جو باني سمجهن پر اهو صرف بهتان آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ ۽ رسمن کان سواءِ ٻيا ڪتاب نه ساڙيا ويا هئا. حقيقت اها آهي ته چين ايتري تائين پراڻين ۽ فرسوده رسمن ۾ ڦاٿل هو جو ترقي ناممڪن نه، ته به مشڪل ضرورر هئي. ڳالهه ڳالهه تي پراڻي دور جي ماڻهن جا مثال، بزرگن جي پيروي ۽ بي شمار رسمن ۽ پابندين سان مقابلو هو ۽ اهو وڌندڙ مزاج جي سخت خلاف هو. سڀ کان وڌيڪ اهو ته ڪنفيوشس تعليم ماتحت رياستن جي حامي هئي ۽ سياسي نقطه نظر سان انهن جو وجود مرڪزي حڪومت لاءِ موت جو پيغام هو، شي هوانگ تي رياستي نظام جو خاتمو آندو ۽ جيئن ته ماڻهن انهن ڪتابن جي بنياد تي ان تي اعتراضن جو وسڪارو لائي ڏنو ان لاءِ هن اهي سڀ ڪتاب فنا ڪرڻ جو پڪوپهه ڪيو جن جي ڪري خرابيون پيدا ٿي ويون هيون. خاندان جي حڪومت کي مستقل بنيادن تي قائم ڪرڻ لاءِ سمورا هٿيار ضبط ڪيا ويا، سمورن پوکيل فصلن تي 3/2 حصو وٺڻ شروع ڪيو ويو. (3) لک ماڻهن کي ديوار چين جي تعمير لاءِ جبري پورهئي تي لڳايو ويو، ان کان علاوه 7 لک ماڻهن کي سندن مرضي خلاف محلن جي تعمير تي لڳايو ويو ۽ ايترين ئي ماڻهن کي شي هوانگ جو مقبرو ٺاهڻ لاءِ لڳايو ويو. 5 لک ماڻهن کي گوانگ ڊانگ جي فوج کي ڀڄائڻ تي لڳايو ويو. ٽيڪسن جي ڀرمار ۽ جبري پورهئي هارين لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي ۽ هر طرف بغاوت جا آثار نظر اچڻ لڳا، شي هوانگ تي کان پوءِ ان جو ننڍو پٽ تخت تي ويٺو پر هو هڪ بلڪل ئي کدڙي جي هٿن ۾ هو ۽ ان جي ئي هٿئون صرف (3) سالن ۾ کيس ۽ سندس خاندان کي به سلطنت تان هٿ ڌوئڻا پيا.
209 ق م ۾ چين شينگ ۽ ووگوانگ جي سربراهي ۾ ڪڙمين جي هڪ وڏي بغاوت چن خاندان جي بادشاهت کي تباهه ڪري ڇڏيون، 206 ق م ۾ هاري اڳواڻ ليوبينگ حڪومت تي قبضو ڪري هان خاندان جي حڪمراني جو بنياد رکيو ۽ موجوده زيان شهر کي پنهنجي گادي جو هنڌ بڻايو. 196 ق م ۾ چائو ٽو کي بادشاهه مڃيو ويو. ان خاندان جي حڪومت 4 سؤ سال تائين جاري رهي، ان دوران 32 بادشاهه ٿيا. چائوٽو کان پوءِ ان جي بيواه تخت جي وارث يعني ان جي پٽ کي ٻاهر ڪڍي پاڻ ملڪه ٿي ويهي رهي ۽ 16 سال حڪومت ڪيائين. ان کان پوءِ 181 ق م ۾ ان جي خلاف هڪ مهم هلائي وئي جيڪا ناڪام ٿي، ان کانپوءِ نيوئي اتي جو حڪمران ٿيو ۽ هن سمورن ڪتابن کي گڏ ڪري هڪ لائبريري تعمير ڪرائي. ان کانپوءِ 140 ق م کان 87 ق م تائين ووتي جي حڪومت قائم ٿي جيڪو بنا شڪ شبهي هڪ وڏو بادشاهه هو. هن ڪيترائي علائقا فتح ڪيا ۽ ڪنفيوشس جي ڪتابن جي مطالعي جو اهتمام ڪيو. هو علم ۽ ادب جو عاشق هو جيڪو شروع ۾ ڪنفيوشس ۽ پوءِ طائو مذهب جو پوئلڳ رهيو. زيارت وارن هنڌن تان جلوس خاص طور تي هن منظم ڪيا، پر هن جي اصل بزرگي اها هئي ته هن اولهه جي طرف کان هَن قوم جا حملا بند ڪيا ۽ پنهنجي حڪومت ان طرف وڌائي. هن جي زماني ۾ گذريل بدنظمي ۽ ڪنگالي جي جاءِ قانون ۽ اعتدال والاري. قلم ۽ پينسل جي ايجاد جيتوڻيڪ چن خاندان ڪئي پر ان جو استعمال هان خاندا ڪيو. ان زماني ۾ لغت تي به پهريون ڪتاب لکيو ويو. علم ۽ ادب جي اهميت جو مثال اهو آهي ته 18ع ۾ هڪ دولت مند مشهور ليکڪ پانگ سنگ کي ان شرط تي هڪ لک رپيا روڪ ڏيڻ جو واعدو ڪيو ته هو پنهنجي ڪنهن به ڪتاب ۾ سندس نالو آڻي پر پانگ سنگ جواب ڏنو ته منهنجي ڪتاب ۾ اهڙي ڪنهن شخص جو ذڪر ڪرڻ جنهن وٽ پيسن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ايئن ئي غيرمناسب هوندو جيئن پڃري ۾ ڏاند. ان زماني ۾ جاگيرون صرف وڏن پٽن کي ڏنيون وينديون هيون. 127 ق م ۾ اڌ جاگير ننڍي پٽ کي به ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان زماني ۾ وڻن جي ڇوڏن، روئي ۽ ڦاٽل ڪپڙن مان ڪاغذ ٺاهيو ويو. اهوئي سبب هو جو ان زماني ۾ لکڻ پڙهڻ کي ايتري قدر عروج حاصل هو جو مردن کان سواءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ عورت مسمات پان چائو به ان زماني ۾ ادب ۽ تاريخ نويسي ۾ ڪمال حاصل ڪيو. هن جي ڪتابن ۾ تاريخ هان ۽ اسباق النساءِ يادگار آهن.
هان خاندان جي حڪمراني ۾ زرعي شعبي ۾ چڱي ڀلي ترقي ٿي لوهه ڳارڻ ۽ لوڻ جي ڪاروبار کي هٿي ملي. چانگان ۾ لوهه جي هڪ وڏي فائونڊري قائم ڪئي وئي. ان کان علاوه ڪپڙي، شراب، ڪاٺين جي ڪم، ڪڙهائي، رنگ ڪرڻ ۽ ٻي دستڪاري ۽ صعنتن ۾ گهڻي ترقي ٿي. تمام گهڻا خوشحال ڪاروباري شهر وجود ۾ آيا. ان ڪاروباري پکيڙ سبب مختلف قبيلن ۽ نسلن وچ ۾ رابطه پيدا ٿيا. اتر ۽ اتر اولهه طرف واڌاري وارن منصوبن تي عملدرآمد لاءِ ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون ويون. انهن مان هڪ ڊگهي جنگ زياؤنگ نو خلاف 90 سالن تائين جاري رهي. آخر 51 ق م ۾ زيائونگ جي فوجن کي شڪست ملي ۽ انهن هٿيار ڦٽا ڪيا، اهڙي طرح اتر اولهه چين تي به هان خاندان جو قبضو ٿي ويو. ان کان پوءِ اولهه طرف واپار جا رستا کلي ويا ۽ وچ ايشيا، ڏورانهين مغرب، فارس، هندستان ۽ سلطنت روم سان واپار جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيو.
چين ڪم سن بادشاه جو نائب ونگ منگ هو، جيڪو بعد ۾ پاڻ ئي بادشاهه ٿي ويو. هن ملڪ ۾ ڪيترائي سڌارا آندا؛ مثال طور زمين کي قومي ملڪيت بڻايو ويو ۽ ان کي وڏين وڏين جاگيرن ۾ ورهايو ويو، غلامن جي آزادي جو قانون ختم ڪيو ويو ۽ غلام رکڻ تي ٽيڪس لڳايو ويو، بادشاهه وياج جي روڪٿام لاءِ اعلان ڪيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي مئلن جي ڪفن دفن لاءِ قرض وٺڻ چاهين انهن کان 3 مهينن تائين ڪوبه وياج نه ورتو ويندو.
چين جي تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته هارين جون تحريڪون ڪيترن ئي حڪمرانن جو تخت اونڌو ڪرڻ جو سبب بڻيون. چيني قوم سڄي دنيا ۾ نه رڳو پنهنجي اڻٿڪ محنت جي ڪري پر آزادي سان محبت ۽ ڀرپور انقلابي روايتن جي ڪري به مشهور آهي، هان ماڻهن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته چينين ڪڏهن به ڪنهن حڪمران آڏو ڪنڌ نه جهڪايو، پر هميشه انقلابي ذريعن سان يا ته ان جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو يا ان کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هان تاريخ ۾ جاگيردارن جي پرتشدد تسلط خلاف هارين سوين بغاوتون ڪيون ۽ انهن هاري بغاوتن جي ڪري وڏيون تبديليون آيون، پر ظلم اهو ٿيو جو انهن تحريڪن جا سربراهه پاڻ حڪمران ۽ جاگيردار بڻجي انهن ئي هارين ۽ ڪڙمين جو استحصال ڪندا رهيا، جڏهن ته نوان حڪمران انهن تحريڪن جي دٻاءَ سبب پراڻن حڪمرانن جي ڀيٽ ۾ هارين کي ڪجهه بهتر رعايتون ۽ سهولتون فراهم ڪري پنهنجي اقتدار کي استحڪام بخشيندا رهيا. جيتوڻيڪ هان بادشاهن جي انهن فيصلن جي ڪري واپارين کي نقصان برداشت ڪرڻو پيو ۽ انهن مقامي اڳواڻن سان ملي بغاوت جي تحريڪن کي اڀارڻ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته ان عظيم الشان ترقي جي صرف پنجاهه سالن کانپوءِ هان بادشاهيت خطري ۾ پئجي وئي. شاهي دربار ۾ بدعنوانين جو راڄ ٿي ويو، شهنشاهه يوهان ڊي جي گهرواري ۽ ٻين سريتين جي مٽن مائٽن بدعنوانين کي هٿي وٺرائي ۽ شاهي درٻار مان مليل مراعتن جو فائدو وٺندي بي پناهه دولت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏني. ٻئي طرف حڪومت به ماڻهن تي ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيا. ان کان سواءِ هڪ لازمي شرط اهو هو ته هڪ هاري 90 ڏينهن شاهي درٻار لاءِ بغير اجرت جي ڪم ڪندو. هي اها صورتحال هئي جنهن هارين ۽ ٻين طبقن کي حڪومت خلاف نفرت تي آماده ڪيو. سن 02ع تائين هارين جي حالت اها هئي جو هنن پاڻ کي غلامي لاءِ وڪرو ڪرڻ شروع ڪيو. ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڏڪار واري حالت هئي ۽ بادشاهه ۽ امير پنهنجي گهوڙن کي داڻو کارائي رهيا هئا، جيڪو هارين جي پهچ کان گهڻو پري هو. جيڪڏهن ڪا ڪسر رهجي وئي هجي ته اها ٻوڏن پوري ڪري ڇڏي. شاهي خاندان جي هڪ فرد انهن بحرانن مان نڪرڻ لاءِ ڪجهه سڌارا لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي ويو. آخرڪار بغاوتون زور وٺڻ لڳيون ۽ انهن وانگ مانگ جي حڪومت جو تخت اونڌو ڪري ڇڏيو.
بغاوتن جي اڀرڻ ۽ انهن کي چٿڻ جي ڪشمڪش اڃا جاري هئي ته هان خاندان جي هڪ جاگيردار هنان صوبي ۾ فوجون جمع ڪري هارين جي بغاوتن کي چٿڻ شروع ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ 25ع ۾ ٻيهر هان خاندان جو اقتدار قائم ٿيو جيڪو 220ع تائين جاري رهيو. ان زماني جي مشهور ڳالهه اها آهي ته ٻڌمت سڀ کان پهريان چين ۾ داخل ٿيو. شهنشاهه مينگ تي پنهنجي هڪ خواب جي تعبير ۾ 18 ماڻهن کي ساڪامني وٽ ٻڌمت سکڻ لاءِ موڪليو. اهي اتان کان هندستاني پرچارڪن موجب 67ع ۾ واپس آيا ۽ گادي واري هنڌ هڪ مندر ٺاهيو. هن ڪيترائي سڌارا لاڳو ڪيا جن سان زراعت کي ڪافي حدتائين هٿي ملي ۽ ترقي جا رستا کلي پيا. ان زماني ۾ ٻڌمت هندستان ۽ وچ ايشيا رستي چين تائين پهتو. جيتوڻيڪ مهاتما ٻڌ بابت چينين وٽ ڪابه صحيح ڄاڻ يا تعليم نه هئي پر هنن وٽ جيتري ڄاڻ هئي اها هنن ٻين کان حاصل ڪئي هئي، ان ڪري هنن فيصلو ڪيو ته هو پاڻ هندستان وڃي ٻڌمت جا سمورا ڪتاب گڏ ڪن ۽ انهن سڀني جو ترجمو چيني زبان ۾ ڪن ته جيئن چين جا رهاڪو ٻڌمت جي حقيقي تعليم کان واقف ٿين. جيتوڻيڪ 200ع کان 600ع تائين تقريباً 82 چيني عالمن هندستان جي سياحت ڪئي، انهن مان هڪ فاهيان هو جيڪو وچ ايشيا جي ريگستاني علائقي مان ٿيندو هندستان پهتو ۽ سمنڊ رستي واپس هليو ويو. سنگ ين او ديانه ۽ گنڌارا رستي هندستان آيو ۽ انهيءَ ئي رستي سان واپس هليو ويو.
43ع ۾ جاوا، سماٽرا، هند چيني، انام ۽ ملايا وغيره چين جي اثر هيٺ اچي ويا، 74ع کان 94ع تائين پن چائو چين جو بادشاهه ٿيو. هو وڏو عقلمند ۽ ڊگهي نظر رکڻ وارو حڪمران هو. هن پنهنجي سياڻپ سان ترڪستان جي سمورين ننڍين ننڍين رياستن تي قبضو ڪري اوڀر روم جي حڪومت سان ريشم ۽ ريشمي ڪپڙي جو واپار ڪرڻ لاءِ رستو کولي ڇڏيو.
ان زماني ۾ ڪيترين ئي ايجادن کان سواءِ واپار کي هٿي ۽ نين بندرگاهن جي تعمير عمل ۾ آئي. جڏهن ته ٻئي طرف قبائلي سردارن ۽ علائقائي حڪمرانن وچ ۾ ويڙهه جي بازار گرم رهي، جنهن حڪمران طبقي کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ورتو. جنهن جي نتيجي ۾ صورتحال ڳنڀير ٿي وئي. چاليهن سالن تائين جاري رهندڙ ان جنگ ۾ جيتوڻيڪ هان خاندان کي فتح حاصل ٿي پر جنگ جي ڳرن خرچن معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ هان خاندان جو اقتدار هڪ ڀيرو وري ٿڙڻ لڳو.
شاهي خاندان جي عورتن ۽ کدڙن جي سازشن حڪومت جي پاڙن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. کدڙن دانشور طبقي کي به تشدد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪيو، جنهن خلاف شاگردن مزاحمت شروع ڪري ڇڏي ۽ وڏا وڏا مظاهرا ٿيا. ٻئي طرف هارين نين نين بغاوتن کي جنم ڏنو. انهن ۾ مشهور بغاوت ”پيلي پگون“ هئي جنهن ڊگهي عرصي تائين مزاحمت ڪندي هان خاندان جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هان خاندان جي آخري بادشاهه سين ئي (وفات 220ع) کان پوءِ چين ۾ بدانتظامي جي بازار گرم ٿي وئي. فوجي سردار ملڪ ۾ لشڪرن سان گڏ گشت ڪرڻ لڳا. ملڪ جا سمورا اختيار انهن ماڻهن جي هٿ ۾ هئا جن 220ع کان 264ع تائين نيون حڪومتون قائم ڪيون هيون. ان زماني ۾ اهڙي ته افراتفري مچي جو 4 سو سالن تائين ڪابه مضبوط سلطنت قائم نه ٿي سگهي ۽ 304ع کان 339ع تائين اترين سرحد سان گڏوگڏ تقريباً 16 رياستون وجود ۾ آيون.
”هان خاندان جي تاريخ“ نالي ڪتاب ”بان گو“ (32- 29ع) تحرير ڪيو جنهن جي لکڻ جي انداز اڄ تائين جي تاريخدانن کي پنهنجي اثر هيٺ رکيو آهي. ماديت پسند فلسفي دان وانگ چونگ شاهي درٻار ۾ وسوسن، مافوق الفطرت نظرين ۽ رجحانن جي سخت مخالفت ڪئي. سائنسدان زيانگ هينگ سيسمو اسڪوپ ۽ هوا جو رخ معلوم ڪرڻ وارا اوزار ايجاد ڪيا. ان زماني ۾ آسماني شين بابت ڄاڻڻ جي سائنس ترقي ڪئي ۽ ڪيلينڊر به ان ئي زماني ۾ جاري ٿيو. چمق جي ڪشش جا ڪارڻ به دريافت ڪيا ويا. هان خاندان جو اقتدار ختم ٿيڻ کانپوءِ چين 3 بادشاهتن ۾ ورهائجي ويو ۽ اها صورتحال 220ع کان 60 سالن تائين قائم رهي پر ان عرصي دوران ڪيترائي شهر تباهه ۽ برباد ٿي ويا ۽ ڪيترائي ڳوٺ دنيا جي نقشي تان مٽجي ويا.
هان خاندان جي اقتدار کان پوءِ (3) بادشاهتن جي دور ۾ فوج ۽ هٿيارن جي تياري خاص طور تي ترقي ڪئي. شو رياست هڪ ئي وقت 6 تير هلائڻ واري ڪمان ايجاد ڪئي، وي رياست پٿر اڇلائڻ واري توپ ايجاد ڪئي، اهڙي طرح سن ڪوان هڪ اهڙو بحري ٻيڙو تيار ڪيو جيڪو هڪ ئي وقت 10000 ماڻهن کي جنگي مشن تي کڻي وڃي سگهيو ٿي. اها ڇڪتاڻ جاري هئي ته جاگيردار طبقي مان سما خاندان هوانگي درياءَ جي وادي مان ڪنڌ مٿي ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي (3) بادشاهتن کي ختم ڪري هڪ متحد رياست قائم ڪئي، پر اهو اتحاد گهڻو وقت قائم نه رهي سگهيو ۽ 18 سالن جي مسلسل رتوڇاڻ کان پوءِ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. ان جي نتيجي ۾ 16 رياستون وجود ۾ آيون. 304ع کان 439ع جو زمانو اتر چين لاءِ تمام ڳرو رهيو ۽ ان ۾ وڏي تباهي ۽ بربادي ٿي. 16 رياستن جو خاتمو ان وقت ٿيو جڏهن اتر وي اتر چين کي ملايو.
اتر ۽ ڏکڻ چين جي ورهاست ڏکڻ چين جي ترقي جا به رستا کولي ڇڏيا. جيڪي مهاجر اتر چين ۾ سياسي ڏڦيڙ جي ڪري هجرت ڪري ڏکڻ چين ۾ وڃي آباد ٿيا هئا، اهي پاڻ سان اتر چين جا هنر به کڻي ويا هئا، جنهن سان ڏکڻ چين جي زراعت ۾ به تمام گهڻي ترقي ٿي ۽ پهريون ڀيرو چانهه جي پوک به ڪئي وئي. ان ئي زماني ۾ چيني جي ٿانون جي ايجاد به ٿي ۽ انهن تي پرنٽنگ جي فن به هان خاندان جي زماني ۾ ئي ترقي ڪئي. ان زماني ۾ واپار ”مال جي بدلي ۾ مال“ جي بنياد تي ٿيندو هو. ڌاتو جا سڪا عملي طور تي 495ع ۾ هلڻ شروع ٿيا. ڪيترن ئي دانشور خاندانن جي هجرت ڏکڻ رياست کي ثقافتي ۽ سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. ان زماني ۾ ادب ۽ فن کي هٿي ملي ۽ رياضياتي سائنس ۾ اهم ايجادون ٿيون. جن ۾ گول جي قطر جو تناسب دريافت ڪيو ويو جيڪو اڄ به صحيح مڃيو وڃي ٿو.
چين ۾ ٻڌمت جو نظريو تقريباً (2) هزار سال پهريان سامهون آيو ۽ ان کي هان خاندان جي زماني ۾ هٿي ملي. ٻڌمت جي پکيڙ آهستي آهستي تاؤازم جي جاءِ وٺندي رهي. اها هڪ قدرتي ڳالهه هئي ته ڪنفيوشس دانشورن، فلاسافرن ۽ ٻڌمت جي پيشوائن وچ ۾ ڇڪٿاڻ پيدا ٿئي، جيتوڻيڪ شهنشاهه ووڊي جي زماني ۾ هڪ عالم فان زين روح جي تباهي جو نظريو پيش ڪري ٻڌمت جي پيشوائن ۾ هلچل مچائي ڇڏي. هن جو چوڻ هو ته روح جسم سان گڏ پيدا ٿئي ٿو ۽ جسم سان گڏ مري وڃي ٿو. ان جي مقابلي ۾ ٻڌمت جي پيشوائن جو چوڻ هو ته روح هڪ جسم کان ٻئي جسم ۾ هجرت ڪري ۽ ٻيهر جنم وٺي ٿو. ايترين بادشاهتن مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ٻڌمت ۾ پناهه ورتي ۽ پنهنجي روحاني تسڪين ۽ عوام کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ان کي استعمال ڪيو. بادشاهه ووڊي ته باقاعده ٻڌمت جي تبليغ ڪئي ۽ سياست کان پاسيري ٿيڻ کان پوءِ ٻڌمندر ۾ رهائش اختيار ڪري ورتي. ليانگ خاندان جي زماني ۾ جيانڪانگ ۾ 500 ٻڌ درسگاهون هيون، جن ۾ هڪ لک ٻڌ پيشوائن ۽ ٻڌ ديوين جي رهڻ جي گنجائش هئي. ماڻهن جي زمينن تي ناجائز قبضو ڪري ٻڌمندرن جي ملڪيت قرار ڏنو ويندو هو ۽ ان جي آمدني مان وياج تي غريبن کي قرض ڏنو ويندو هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ڏکڻ رياست ۾ معاشرتي واڌويجهه انتشار جو شڪار ٿي رهجي وئي.
ٻئي طرف اتر چين ۾ به ٻڌمت کي فروغ مليو. ان کي حڪمران طبقي جي سرپرستي حاصل هئي. 534ع ۾ ليائويانگ ۾ ٻڌمت جا 1367 مندر ۽ درسگاهون هيون. ان حصي ۾ به مذهبي ادارن ذريعي غريبن جو استحصال زورشور سان جاري رهيو. ٻڌمت جا پيروڪار هاري پنهنجي فصلن جو هڪ وڏو حصو مندرن تي صدقي طور ڏيندا هئا جڏهن ته اتر ۽ ڏکڻ ٻنهي حصن ۾ ٻڌ مذهب جا پيشوا وڏا جاگيردار ۽ وياج خور هئا ۽ اهو سڀ ڪجهه واڳ ڌڻين جي سرپرستي ۾ ٿيندو هو.
چين ۾ ٻڌمت جي فروغ سان پٿر گهڙڻ جي فن ترقي ڪئي، ڇاڪاڻ ته مندرن لاءِ هزارن جي تعداد ۾ ٻڌ جا مجسما تيار ڪيا ويا. ٻڌمت جي اچڻ سان موسيقي، ناچ ۽ موسيقي جي اوزارن ۽ تعمير ۾ به نيون نيون ايجادون ٿيڻ لڳيون. ٻڌ سوترن جي ترجمي سان چيني زبان ۾ وسعت پيدا ٿي.
581ع ۾ وزيراعظم يانگ جين سوئي خاندان جي حڪمراني قائم ڪئي جنهن کانپوءِ هن ڏکڻ ۾ چن خاندان جي حڪومت کي شڪست ڏئي هڪ ڀيرو وري متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن هارين کي مختلف قسم جون رعايتون ڏئي انهن تان بار گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان زماني ۾ زرعي پيداوار ۾ اضافو ٿيڻ شروع ٿيو. ڪيترائي سڌارا لاڳو ڪيا ويا، ٻنهي حصن جي متحد ٿيڻ سان هارين کي نيون منڊيون حاصل ٿيون ۽ واپار کي هٿي ملي.
605ع ۾ جڏهن يانگ ڊي بادشاهه بڻيو ته هن نوان نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪيا. جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ 20 لک ماڻهن کي ديوار چين جي مرمت ۽ ان جي ڊيگهه ۾ واڌ تي لڳايو ويو. هن هانگ زاؤ کي زائوجن سان ملائڻ لاءِ هڪ وڏي شاخ جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪرايو، اڳتي هلي ان شاخ جي تڪميل چين جي معاشرتي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر بدقسمتي سان انهن سمورن سٺن قدمن باوجود قدرتي آفتن ۽ وڌندڙ غربت جي ڪري وري هاري بغاوتون شروع ٿي ويون جيڪي آخرڪار سوئي خاندان جي اقتدار جي خاتمي تي ختم ٿيون.
سوئي حڪومت جي هڪ ذميدار لي يوان آخري بغاوتن جي قيادت ڪئي ۽ ٽنگ خاندان جي حڪومت جو بنياد وڌو. هن چنگان کي پنهنجي گادي جو هنڌ بڻايو. اڳين حڪمرانن ٽائي زونگ ۽ زوان زونگ غريب هارين کي زمين ڏيڻ سان گڏوگڏ آبپاشي نظام جي بهتري لاءِ ڪوششون ورتيون، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته ڳوٺاڻي معيشت ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي، قالين ٺاهڻ، ايمبرائيڊري ۽ رنگ ٺاهڻ جي صنعت کي به هٿي ملي. ان عرصي ۾ 58 چاندي جون فائونڊريون 96 ٽامي جون فائونڊريون ۽ ڪيترائي دڪان زي جيانگ ۽ جيانگزي ۾ قائم ٿي ويا.
ٽائي زونگ تخت تي ويهڻ کان پهريان ئي گهڻو مشهور ٿي چڪو هو ۽ سچ ته اهو آهي ته هن پنهنجي شهرت کي سهڻي نموني برقرار رکيو، ايستائين جو چين ۽ چينين کي سندس نالي تي فخر ٿيڻ لڳو. ٻاهرين مذهبن سان به هن سٺا لاڳاپا قائم ڪيا. هن جي مدد سان 621ع ۾ ايران مان نڪتل زردشني اتي پهتا ۽ 628 ۾ اسلام جا تبليغي به گادي واري هنڌ پهريان پهتا هئا. روايت آهي ته 631ع ۾ عيسائي پادري به اتي آيا. ان وقت جي گادي واري هنڌ سي آن قو ۾ چين جي پهرين مسجد تقريباً 630 ۾ بڻجي وئي هئي.
ٻين مذهبن جي اچڻ ڪري ۽ پنهنجي طبيعت جي رجحان سبب به شهنشاهه علم ۽ ادب کي تمام گهڻي ترقي ڏني. اهڙي طرح تمدني سڌارا به سڌرندڙ رهيا. فوجداري قانون ۾ ترميم ٿي، هن جي ڪتاب ”آئينه مطلا“ ۾ سياسيات تي تمام گهڻو بحث ٿيل آهي، شهنشاهه جي وفات تي پوري ملڪ تي اداسي ڇانئجي وئي، پنهنجا ته پنهنجا پر پراون به ڏک ۾ بي حال ٿي خنجرن سان پنهنجو پاڻ کي رت ۾ ڳاڙهو ڪري ڇڏيو ۽ شهنشاهه جو جنازو پنهنجي رت سان رنگي ڇڏيو.
ان کان پوءِ وري ساڳي تنزلي جي هوا لڳي، ڪائوسنگ زال جو مريد هو. هن جي زماني ۾ هن جي ملڪه ووهوهي حڪومت ڪندي رهي. ان ئي ملڪه جي جرنيلن ڪوريا فتح ڪيو ۽ خنن وارن کي شڪست ڏني. شهنشاهه جي وفات کانپوءِ هن جائز وارث کي الڳ ويهاريو ۽ خودمختياري سان حڪومت ڪرڻ لڳي. 705ع ۾ فوجي سازش جي مدد سان مظلوم شهزادي چنگ سنگ کي بادشاهه بڻايو ويو، ۽ ملڪه گردي جو زمانو ختم ٿي ويو. هي بادشاهه ماءُ جي اثر مان نڪتو ته زال جي چنبي ۾ اچي ويو. 710ع ۾ هو ۽ سال کان پوءِ سندس ملڪه به وفات ڪري وئي.
713ع ۾ شهنشاهه هوانگ سنگ پنهنجون فوجون ڏکڻ ۾ تاتارين ۽ وڌندر عربن خلاف موڪليون، شايد اهو پهريون موقعو هو جو چيني فوجون اسلام جي فوجين سان وڙهيون. 756ع ۾ شهنشاهه هوانگ سنگ جي زماني ۾ هن جو هڪ سر ڦريو امير اولوشان باغي ٿي ويو ۽ حڪومت جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. چينين کي مسلمانن جي تلوارن جي تيزي ياد هئي، جڏهن هو ڪجهه نه ڪري سگهيا ته شهنشاهه خليفه بن منصور ڏانهن سفير موڪليو ۽ مدد جي طلب ڪئي. خليفي 10 هزار مسلمانن جو لشڪر ساڻس گڏ روانو ڪيو. جنهن چين پهچندي ئي اولوشان جي بغاوت کي ختم ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح خشڪي رستي پهريون ڀيرو مسلمانن جا قدم چين ۾ پيا پر ان وقت تائين تنگ خاندان جا خراب ڏينهن اچي چڪا هئا. عورتن ۽ محلن جو اثر وڌندو ويو ۽ سلطنت ڪمزور ٿيندي وئي. ان دوران ڪجهه بادشاهن اڀرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿيا، ووسنگ ان سڄي خرابي جو ڪارڻ ٻڌمت کي ڄاڻايو ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي ڪري ملڪ ۾ اعليٰ درجي جا ماڻهو، سپاهي، سياستدان، وزير، ليکڪ، اصلاح ڪندڙ ۽ اڳواڻ وغيره سڀ مذهبي پيشوا بڻجندا ٿي ويا ۽ ملڪ ۽ ان جي انتظام کي ڇڏي درگاهن ۽ مندرن جا ٿي رهيا هئا. هن ٻڌمت جي سختي سان مخالفت ڪئي، 4 هزار 6 سؤ درگاهن کي ڀڃي ڇڏيو ۽ اڍائي لک عورتن ۽ مردن کي ٻيهر گهرگهاٽ جي زندگي ۾ داخل ڪيو. ان سان ٿوري عرصي لاءِ بهتري ٿي پر پوءِ ماڻهو اوڏانهن ئي راغب ٿي ويا ۽ حڪومت شهنشاهه جي نه پر فوج ۽ ان جي سالارن جي هئي. عرب تاريخدانن جي بقول ان وقت چين اهڙو ئي هو جهڙو سڪندراعظم جي وفات تي مقدونيا، آخرڪار 907ع ۾ آخري تنگ بادشاهت کي ختم ڪري خاندان ليانگ ثاني شهنشاهيت سنڀالي ورتي.
ستين صدي جي شروعات ۾ ته توبو قبيلي جي هڪ اڳواڻ سانگستان گيمبو تبت جي مختلف قبيلن کي منظم ڪري پنهنجي سلطنت قائم ڪري ڇڏي ۽ ان جي گادي جو هنڌ لحاشا بڻايو. ٽنگ خاندان جي اقتدار ۾ توبو ۽ ٽنگ وچ ۾ فوجي جهڙپون معمول جو حصو بڻجي ويون پر آخر ۾ ان مسئلي کي سنجيدگي سان حل ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو ويو ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽنگ حڪومت شهزادي سين چينگ ذريعي سفارت موڪلي ته هن سانگستان گيمبو سان شادي ڪري ڇڏي. ان شادي سان هان ۽ تبت قومن وچ ۾ معاشي ۽ ثقافتي رابطا قائم ٿيا.
ان زماني ۾ عرب ۽ ٻين ملڪن مان روحاني پيشوا ۽ واپاري چين اچڻ شروع ٿيا ۽ چين جي گادي جو هنڌ چانگان بين الاقوامي ثقافتي ۽ واپاري سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو ۽ چيني ثقافت ڪوريا ۽ جاپان ۾ به متعارف ٿي. ڪاغذ جو فن جيڪو چين ۾ ايجاد ٿي چڪو هو، هتان کان وچ ايشيا ۽ عربن ذريعي يورپ ۾ متعارف ٿيو.
هڪ طرف چين جي گادي واري هنڌ ۾ ثقافتي ۽ معاشي سرگرميون جاري هيون ته ٻئي طرف حڪمران طبقي ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿي ويو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته 755ع ۾ جويوزائو ۽ آن لوشان جي فوجي ڪمانڊر مرڪز خلاف بغاوت ڪري گادي واري هنڌ چانگان تي حملو ڪري ڏنو. ان جنگ ۾ هو مارجي ويو ته هن جي هڪ نائب شي سمنگ باغين جي ڪمان سنڀالي جنهن وڏي پيماني تي هانن جو قتل عام ڪيو. جيتوڻيڪ اها بغاوت ناڪام ٿي وئي پر ان جي اڀرڻ سان فوجي ڌڙابندي ۾ اضافو ٿيو ۽ ملڪ ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي. ٻئي طرف حڪمران طبقي بدعنوانين جو بازار گرم ڪري ڇڏيو هو ۽ ڏڦيڙ نين هاري بغاوتن کي جنم ڏنو. آخرڪار 880ع ۾ هاري فوجن گادي واري هنڌ چانگان تي قبضو ڪري ورتو ۽ هوانگ چائو جي سربراهي ۾ هڪ نئين حڪومت جوڙي ورتي، اها حڪومت گهڻو عرصو قائم نه رهي سگهي ۽ ٽنگ ۽ ڏکڻ ترڪن جي هڪ شاخ شاتون گڏجي ان جو خاتمو آندو پر اها به صرف ڪجهه سال ئي قائم رهي سگهي ۽ 907ع ۾ يووين ٽنگ خاندان جي حڪومت جو خاتمو آڻي ليانگ خاندان جي حڪومت قائم ڪئي. ڪوششن باوجود چين جي سياسي صورتحال معمول تي نه اچي سگهي ۽ حڪمران خاندانن ۽ قبيلن جي جنگين جو رواج رهيو. ان وقت صورتحال اها هئي جو صرف گادي واري هنڌ چانگان ۾ رڳو ڪجهه پاڙن، مندرن ۽ رياستي عمارتن کان سواءِ پورو شهر رک ٿي ويو.
ان دوران زائو خاندان جي هڪ فوجي آفيسر زائو ڪوانگ ين هڪ بغاوت منظم ڪئي ۽ 960ع ۾ گادي واري هنڌ تي قبضوڪري، سونگ خاندان جي اقتدار جو بنياد رکيو. ان نئين حڪومت جي گادي جو هنڌ ڪائي فنگ کي بڻايو ويو. ان خاندان چين کي وري متحد ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ۽ فوجي ۽ مالياتي ادارن کي منظم رياستي ڍانچن ۾ تبديل ڪيو. هنن زرعي سڌارا پڻ لاڳو ڪيا، جيڪي گهڻو فائديمند ثابت نه ٿي سگهيا. جڏهن ته کاڻين جي کوٽائي واري شعبي ۾ سٺا نتيجا مليا. سون، چاندي، ٽامي، لوهه، ٽين ۽ سڪي جي پيداوار ۾ سٺو اضافو ٿيو. ان زماني ۾ پهريون ڀيرو ٻيڙو هلائڻ جي ڌنڌي ۾ ڪمپاس ۽ جنگين ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جو استعمال ڪيو ويو. اهڙي طرح ڇپائي جي ايجاد کي وڌيڪ تقويت ملي ۽ پورهيت کي انهن جي پورهئي جو معاوضو ملڻ لڳو. پهريون ڀيرو زين زونگ جي زماني ۾ ڪاغذ جا ڪرنسي نوٽ جاري ٿيا. تنگ خاندان جو زمانو چين لاءِ تمام سٺو ثابت ٿيو. شاعري، مصوري ۽ عام علم ۽ فن کي ترقي ملي. چين جو سڀ کان وڏو شاعر طوفو ان ئي زماني ۾ هو. اهڙي طرح لي پو شاعر به گهٽ مشهور نه ٿيو ۽ اهو به انهيءَ زماني سان تعلق رکندو هو. طوفو جو ته اهو گمان هو ته هو پنهنجي شاعري کي مليريا بخار جو علاج سمجهندو هو. بان پو به جيڪو چيني ادب ۾ واضح شهرت رکي ٿو انهيءَ زماني ۾ هو. ان جو فلسفو ڪنفيوشس (جيڪو چوي ٿو ته انسان پيدائشي طور نيڪ آهي) ۽ ٻڌ (جنهن جو فلسفو آهي ته انسان پيدائشي طورتي ناپاڪ ۽ بد آهي سٺا ڪم ۽ نئون ويس تبديل ڪرڻ کانپوءِ نيڪ ٿئي ٿو.) جي وچ وارو آهي. مصوري ۾ به ووطاؤزي ان زماني ۾ هو جيڪو چين جو سڀ کان وڏو مصور مڃيو وڃي ٿو. واپار زور وٺڻ لڳو، عرب واپارين هندستان ۽ ملايا کان وڌي ڪري چين ۾ وڃي پير ڄمايا. ابن وهاب جي نائين صدي عيسوي جو سفرنامو موچين ان وقت جي چين جي حالتن تي تاريخي روشني وجهي ٿو. چيني شهنشاهه پاڻ به عالمي سياست کان بي خبر نه هو. جيڪو سندس قول مان ظاهر آهي ته ”دنيا جا پنج وڏا بادشاهه آهن.“ هن چيو ته ”پهريون بادشاهه عراق يعني خليفه جيڪو بادشاهن جو بادشاهه آهي، ٻيو چين جو بادشاهه جيڪو خلق جو بادشاهه آهي، ٽيون ترڪستان جو بادشاهه جيڪو وحشين جو بادشاه آهي، چوٿون هندستان جو بادشاهه جيڪو هاٿين ۽ جهنگلن جو بادشاهه آهي ۽ پنجون روم جو بادشاهه جيڪو مهذب ماڻهن جو بادشاهه آهي.“
997ع ۾ سونگ خاندان جي بادشاهه تائي سنگ پوري سلطنت کي 15 صوبن ۾ ورهائي ڇڏيو. آهستي آهستي اهي صوبا 18 ۽ ان کانپوءِ 23 تائين پهچي ويا. ٻئي طرف جاگيردارن غريب عوام جو استحصال به جاري رکيو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو مرڪزي رياست کي هڪ وڌيڪ هاري بغاوت جو خطرو درپيش هو، جيتوڻيڪ سونگ خاندان جي حڪمران ونگ آنشي زرعي سڌارن جو عمل شروع ڪري ٻهراڙي جي جاگيردارن جي مفادن کي ڌڪ رسايو ۽ زراعت ۽ واپار بابت قانون جوڙي عوام کي جاگيردارن ۽ واپارين جي استحصال کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن هڪ نئون ناڻو کاتو قائم ڪيو. پگهارن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو ته جيئن سرڪاري ملازم ديانتداري سان ڪم ڪن ۽ رشوت خوري کان نفرت ڪرڻ لڳن. هن وياج خورن جي ظلم کان بچائڻ لاءِ نقد ۽ جنس جي صورت ۾ قرض ڏيڻ شروع ڪيو. هن جي باقاعده فوج 10 لک جي لڳ ڀڳ هئي پر اڌ جي لڳ ڀڳ ماڻهو ڪنهن ڪم جا نه هئا جن کي برطرف ڪيو ويو. ان زماني ۾ سڀ کان پهريان سرڪاري بينڪون قائم ٿيون، ان سان گڏ بغاوتن کي روڪڻ لاءِ فوج جي ٻيهر تنظيم ۽ ان کي جديد هٿيارن سان ليس ڪيو ويو پر اهي سڌارا گهڻو پائيدار ثابت نه ٿي سگهيا. واپاري ۽ جاگيردار طبقا حڪومت خلاف گڏيل مزاحمت تي لهي آيا، جنهن جي نتيجي ۾ 1125ع ۾ انهن سڌارن ۾ ترميم ڪري بااثر طبقن جي خواهش مطابق ڪيو ويو ۽ غريب ڪڙمي ۽ ننڍا آبادگار وري استحصال جو شڪار ٿي ويا. هاري بغاوتون وري اڀرڻ لڳيون، سونگ خاندان اندروني بگاڙ جو شڪار ٿي ويو ۽ پنهنجي جبري پاليسين جي ڪري ٻاهرين دنيا ۾ به ڪو مقام نه ٺاهي سگهيو ۽ ڪمزور پرڏيهي پاليسين جي نتيجي ۾ ڏکين شرطن تي ٺاهه ڪرڻ تي مجبور هو.مثال طور 1004ع ۾ هو کيتان کي امن برقرار رکڻ جي نتيجي ۾ ساليانو هڪ لک اونس چاندي ۽ ريشم جا 2 لک ٿان ڏيندا هئا. انهن جي ان ڪمزوري جو فائدو وٺندي رنزن قبيلي پهريان کيتان کي سونگ حڪومت خلاف استعمال ڪيو پوءِ آخرڪار هنن 1126ع ۾ سونگ خاندان جي گادي واري هنڌ ڪائي نيگ تي قبضو ڪري هوائي زونگ ۽ ولي عهد ڪوئن زونگ کي قيد ڪري ورتو، اهڙي طرح اتر سلطنت پنهنجي انجام تي پهتي.
هوائي زونگ جي هڪ ٻئي پٽ گاؤن زونگ جي اڳواڻي ۾ 1127ع ۾ فوجي ۽ سول اهلڪارن جي هڪ فوج جيانگ درياء جي پارلينان جي مقام تي ڏکڻ سونگ اقتدار قائم ڪيو. هي اهو وقت هو جڏهن اتر ۾ سونگ حڪومت نزن قبيلي سان جنگ ۾ مصروف هئي. ڏکڻ سونگ ان زماني ۾ به ترقي جا ڪيترائي مرحلا طئي ڪيا. خاص طور تي ٽڪيسٽائيل جي صنعت ۾ وڏي ترقي ٿي، هڪ نئين قسم جو ڪپڙو به دريافت ٿيو.
سونگ خاندان جي دور (960ع کان 1279ع) ۾ 18 بادشاهه ٿيا. 1127ع تائين ته اهي بادشاهه پوري ملڪ تي حڪمراني ڪندا رهيا پر ان کانپوءِ ڏکڻ تائين ئي انهن جي حڪومت محدود ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته اتريون حصو تاتارين فتح ڪري ورتو هو. ان خاندان جي شروعات ۾ ئي اتر ۾ خنن جي تاتارين تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو جنهن جي نتيجي ۾ چين انهن کي خراج ڏيڻ منظور ڪيو ۽ انهن پنهنجي خاندان جو نالو ليائو معني آهني رکيو ۽ ملڪ جو نالو به اهوئي رکي ليائوتنگ ۾ رهڻ لڳا. ان کان پوءِ اتر جي ٻين قبيلن به تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ته شهنشاهه 1126ع ۾ ٻين قبيلن جي تاتارين کي پنهنجي مدد لاءِ سڏي، اترين دشمنن کي ڀڄائي ڇڏيو پر اهي گهرايل تاتاري ان تي بس ڪرڻ وارا نه هئا. هنن خنن جي تاتارين کي شڪست ڏئي پوءِ پاڻ شهنشاهه ڏانهن رخ رکيو ۽ 1127ع ۾ اترين ملڪ جا مالڪ ٿي ويٺا ۽ ليائو جي مقابلي ۾ پنهنجي خاندان جو نالو ڪم يا ڪن معنيٰ پتل رکيو. ڇاڪاڻ ته هو چوندا هئا ته لوهه کي زنگ لڳي ويندو آهي پر سون ان کان محفوظ رهي ٿو پر ٿوري ئي عرصي کانپوءِ چنگيزي طوفان پهريان اتر ۽ پوءِ پوري چين تي ڇانئجي ويو.

ڪنفيوشس ۽ ان جا نظريا

انسان جو سڀ کان وڏو دشمن ان جي تنگ نظري آهي. گهڻا ماڻهو ته اسان ۾ اهڙا هوندا آهن جيڪي ڪنهن غير شيءِ کي صرف ان بنياد تي ته اها غير آهي غلط ۽ خراب سمجهندا آهن. گهٽ ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ايئن پراون کي غلط نه ٿا چون پر پنهنجي علم، فلسفي ۽ پنهنجي هر شيءِ کي ايتري قدر خامين ۽ غلطين کان پاڪ سمجهن ٿا جو ٻين جي بهتر کان بهتر شيءِ کي سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿا ڪن. الله جي اهڙن ٻانهن جو انگ تمام گهٽ آهي. جيڪي نيڪي ۽ چڱائي جي ڳالهه کي پنهنجي وڃايل شيءِ ۽ پنهنجي وراثت سمجهن ٿا ۽ جيڪي ملندو اٿن ان کي اپنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر ان عام انساني فطرت کان سواءِ به ڪنفيوشس جي نالي ۽ فلسفي جي گمنامي ۾ ايترو عرصو پيو رهڻ جو ڪارڻ چيني زبان جون مشڪلاتون به هو. غير چينين لاءِ اها زبان سکڻ تمام مشڪل آهي ۽ اها شيءِ ڪنفيوشس جي فلسفي کي منظر عام تي آڻڻ ۾ رڪاوٽ رهي آهي. شروع شروع ۾ عيسائي پادرين مناظري جي طور تي ڪنفيوشس جي فلسفي بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ ان تي ٺٺول ڪئي پر چين ۾ غيرن جي عمل دخل جي سلسلي ۾ اهڙا ماڻهو به اتي وڃي پهتا جن پنهنجي وس آهر نيڪ نيتي ۽ سچائي سان ان چيني الله جي ولي جي فلسفي کي دنيا آڏو پيش ڪيو ۽ فوراً ئي ڪنفيوشس جو نالو دنيا جي بزرگ ترين مذهبي پيشوائن ۽ صالحن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. پر چين ۾ ڪنفيوشس جي نالي ۽ ان جي تعليم کي جيڪو درجو حاصل آهي، ان جو مثال ڪٿي به نٿو ملي. ڪجهه مغربي عالمن جو خيال آهي ته ڪنفيوشس پنهنجي زندگي ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو بلڪ ان صدمي کان متاثر ٿي مري ويو پر هن جي وفات جي (2) سؤ سالن کان پوءِ من سي اس پيدا ٿيو جنهن هن جي تعليم کي تمام گهڻو عام ڪيو ۽ ان جي ڪتابن تي پيش لفظ لکيا جن جو تمام گهڻو اثر ٿيو. جيتوڻيڪ گوسن خاندان جي زماني ۾ ان فلسفي جي سخت مخالفت ڪئي وئي ۽ ان جي سمورن ڪتابن کي ساڙيو ويو پر ان کانپوءِ ڪنفيوشس کي جيڪا اهميت ملڻ لڳي ان جي ڪا حد نه رهي. هان خاندان جي زماني ۾ هن کي ”امير“ ۽ ”نواب“ جا خطاب ڏنا ويا. طانگ خاندان جي زماني ۾ هن کي ”بادشاهه“ جو خطاب ڏنو ويو ۽ سنگ خاندان هن کي ”شهنشاهه“ بڻائي ڇڏيو. مغل خاندان ۽ منچو جيتوڻيڪ تاتاري هئا ۽ چينين جا مذهب ڀائي نه هئا پر اهي به ڪنفيوشس کي ”رهبر ڪامل“ ۽ ”معلم قديم“ جي نالي سان ياد ڪندا هئا. هن وقت جڏهن هن جي وفات کي (2) هزار سال گذري چڪا آهن. دنيا جي آبادي جي چوٿين حصي جي اخلاقي، مذهبي ۽ سياسي زندگي تي مڪمل طور هن جو اثر آهي. هن جا ڪتاب جيڪي ڪنفيوشي يا چين جي ڪلاسي سڏائن ٿا چين ۾ الهامي ڪتابن جو درجو رکن ٿا ۽ انهن جو پڙهڻ ۽ سمجهڻ اهم سمجهيو ويندو آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي، جيڪو صحيح به آهي ته ڪنفيوشس جي ڪاميابي جو راز اهو آهي ته هن ڪا نئين شيءِ چينين آڏو پيش نه ڪئي پر هن ان ئي قبول ٿيل زندگي جي فلسفي کي جيڪو پهريان کان ملڪ ۾ موجود هو منظم ۽ باقاعده صورت ۾ عوام آڏو پيش ڪيو. اها ڳالهه پاڻ ڪنفيوشس به قبول ڪئي آهي ۽ ان کان علاوه به ڪنفيوشس کان اڳ جي ڪتابن ۾ اهي ئي هن جا نظريا مثال طور ”انسان ڪامل“، ”فرزانه اطاعت ۽ سعادت مندي“، ”سلطنت ۽ ان جو نظام“ سڀ موجود آهن.بهرحال ڪارڻ ڪهڙو به هجي پر ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته چين ۾ هر دلعزيزي جيڪا ڪنفيوشس کي حاصل ٿي آهي اهڙي ڪنهن ٻئي کي ڪڏهن به نه ٿي.
ڪنفيوشس 551ع ۾ رياست لو ۾ پيدا ٿيو، هن جو اصل نالو ڪنگ فوه زي هو جيڪو مغربي ليکڪن بگاڙي ڪنفيوشس ڪري ڇڏيو ۽ هينئر اهو ان ئي نالي سان پوري دنيا ۾ مشهور آهي. هن جو خاندان گنگ ملڪ جي نهايت معزز خاندانن ۾ ليکيو ويندو هو ۽ اڄ به ان جو بزرگ امير گنگ سڏائيندو آهي. ڪنفيوشس جي پيءُ جو نالو شوليانگ هو، جيڪو تمام گهڻو مضبوط ۽ طاقتور سپاهي هو. پهرين زال مان هن کي 9 ڇوڪريون ۽ هڪ معذور پٽ ٿيو. 70 ورهين جي ڄمار ۾ هن ٻي شادي ڪئي، جنهن مان ڪنفيوشس پيدا ٿيو. هن جي پيدائش ڪوهه ني جي درگاهه ۾ ٿي هئي، ان ڪري هن کي چنگ ني چوڻ لڳا، جيڪو بعد ۾ ڪنگ فوه زي ٿي ويو. جڏهن ڪنفيوشس (3) سالن جو ٿيو ته سندس والد وفات ڪري ويو ۽ هن جي تعليم جي ذميداري هن جي ماءُ تي اچي وئي، ماءُ ستن سالن جي عمر تائين پاڻ تعليم ڏني ان کان پوءِ هن کي مدرسي ۾ داخل ڪرايائين جتي هو 17 سالن جي عمر تائين رهيو. مدرسي ۾ هو سدائين پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو هو ۽ وڏن جي عزت ڪرڻ ۾ مشهور هو. مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن کي ٽڀا وڪرو ڪرڻ جي حساب ڪتاب وارو عهدو مليو. جنهن کي هن اهڙي سهڻي نموني انجام ڏنو جو آخرڪار هن جي کاتي جي ماتحت هڪ زراعتي مدرسو قائم ٿي ويو. ٿوري عرصي لاءِ ڪنفيوشس زراعت ۽ چوپائي مال جو به انسپيڪٽر ٿيو پر ان زماني ۾ هن جي ماءُ به وفات ڪري وئي ۽ هن کي مجبوراً (3) سالن لاءِ تنهائي اختيار ڪرڻي پئي. ان وقت کي به هن ضايع ٿيڻ نه ڏنو ۽ ان عرصي ۾ موسيقي ۽ تير هلائڻ ۾ مهارت حاصل ڪئي. 30 سالن جي عمر ۾ هن ظاهري ۽ باطني علم چڱي نموني حاصل ڪري ورتو ۽ هينئر هن چاهيو ٿي ته هو شهنشاهه ۽ ملڪ جي اصلاح ڪري. ان وقت ملڪ جي عجيب حالت هئي، چو خاندان جي پهرين بادشاهه وووانگ سلطنت حاصل ڪري ان کي 72 ماتحت رياستن ۾ ورهائي ڇڏيو هو ۽ هر هڪ پنهنجي مٽن مائٽن کي ڏئي ڇڏي هئي. ان ڪري پوري حڪومت واقعي هڪ وڏي گڏيل خاندان وانگر ٿي وئي پر جيئن جيئن مٽي مائٽي ۽ پاڻ ۾ محبت جا لاڳاپا پري جا ۽ ڪمزور ٿيندا ويا، تيئن تيئن مرڪزي حڪومت جو اثر پنهنجي ماتحت رياستن تي رڳو نالي ماتر رهندو ويو ۽ اهي ماتحت رياستون پاڻ ۾ ۽ مرڪزي حڪومت سان وڙهڻ ۾ اڳڀريون رهيون، پوءِ رياستن اندر به امن نه رهيو ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪجهه تمام بااثر ۽ وڏا خاندان اهڙا ٿيندا رهيا جيڪي رئيس جي پيءُ خلاف ٿي ويا ۽ رئيس ٿيڻ ٿي چاهيائون. ڪنفيوشس ان لاقانويت ۽ بدنظمي واري زماني ۾ اک کولي، جيتوڻيڪ هن جي ذهن ۾ سلطنت ۽ حڪومت جي ڪا ٻي صورت ته ڪڏهن به نه آئي پر هو ان نظام کي خرابين ۽ براين کان پاڪ ضرور ڏسڻ چاهيندو هو. هن چاهيو ٿي ته جيڪڏهن هڪ طرف رئيس شهنشاهه جي حمايت ۽ اطاعت ۾ گهٽتائي نه اچي ته ٻئي طرف رياست جا خانداني ۽ فوجي اقتدار ڌڻي رئيس جي مدد ۾ ڪوتاهي نه ڪن، سلطنت بابت هن جو نظريو انهن حالتن پٽاندڙ هو. هن چاهيو ٿي ته هو پاڻ حڪومت جو ڪجهه حصيدار بڻجي پنهنجي ڳالهه ماڻهن کان مڃرائي ۽ انهن جي اصلاح ۽ تلقين ڪري، ڇاڪاڻ جو هن جو يقين هو ته جيستائين حڪومت جي پٺڀرائي حاصل نه هوندي، اصلاح ناممڪن آهي ان ڪري هن ڪوشش به ڪئي پر ڪامياب نه ٿيو. انهيءَ ڪري ڪجهه مغربي ليکڪن هن تي رتبي جي طلب جو الزام هنيو آهي، جيڪو اسان جائز نه ٿا سمجهون. هن جي رتبي جي طلب هڪ مقصد جي ماتحت هئي، پاڻ مقصد نه هئي. جڏهن هن سمجهيو ته درٻار ۾ ڪاميابي ممڪن ناهي ته هن طاقت حاصل ڪرڻ جي هڪ ٻي صورت ڪڍي ۽ مطالعي ۽ تربيت حاصل ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. معلم جي حيثيت ۾ هن جي شهرت تمام جلد پري پري تائين پهچي وئي ۽ ٿوري عرصي ۾ هن جي چوطرف 3 هزار جانثارن جو ميڙ جمع ٿي ويو. آخرڪار 501 ق م ۾ جڏهن هن جي عمر پنجاهه سال ٿي وئي هئي هن جو مقصد پورو ٿيو ۽ هن کي لو رياست ۾ لو شهر جو ڪوٽوال بڻايو ويو، اهڙي طرح هو عملي طور به سياست ۾ داخل ٿيو، هن معاشرتي سڌارن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ آهستي آهستي لو رياست جي رئيس طنگ جو خاص ماڻهو ٿي ويو. جنهن جي هن هڪ ڀيري همت ۽ بهادري سان حياتي به بچائي هئي، پر اها حالت گهڻو عرصو نه رهي ۽ ڪنفيوشس جي مخالفن عقل کان خالي رئيس جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا. پاڙيسري رياست کي لو جي ترقي تي ساڙ ٿيو ۽ اتي جي ماڻهن تمام خوبصورت ڳائڻ وڄائڻ ۾ ماهر عورتون ۽ ڀلا گهوڙا لو جي رئيس کي تحفي ۾ ڏياري موڪليا ته جيئن نيڪ ڪمن کان هن جو ڌيان هٽي وڃي. انهن ڳالهين سان رئيس بلڪل مٽجي ويو ۽ ڪنفيوشس کي استعيفيٰ ڏيئي لو کي الوداع چوڻو پيو. اتان کان هو دشت نوردي لاءِ روانو ٿيو، هن جا شاگرد وري هن جي چوطرف اچي مڙيا ۽ هو پنهنجي شاگردن سان گڏ شهر کان شهر ۽ رياست کان رياست گهمندو رهيو، ان ريگستاني سفر ۾ هن کي اڪثر جسماني تڪليفون سهڻيون پيون، خوف ۽ خطري وارن هنڌن تان گذرڻو پيو، پر هن جو حوصلو ۽ هن جا شاگرد هن سان گڏ رهيا. وي رياست جي سرحد تي جڏهن هڪ آفيسر هن کي ان ساز ۽ سامان سان ڏٺو ته هن جي شاگردن کي چيو ته ”توهان جي آقا جي ترقي ته هاڻ ٿيڻ شروع ٿي آهي.“ ۽ اهو درست به هو، ڇاڪاڻ ته ڪنفيوشس جي شهرت جيتري ايئن شهر شهر وڃڻ سان ٿي اها ٻئي ڪنهن به طرح سان ممڪن نه هئي. 13 سالن تائين ڪنفيوشس اهڙي طرح جهنگ ۾ وڃي رهيو ۽ سخت کان سخت مصيبتون برداشت ڪندو رهيو. نيٺ رئيس هن کي ٻيهر وزارت تي گهرائي ورتو، ڪنفيوشس اهو عهدو قبول ته ڪيو پر هينئر هو پوڙهو ۽ ڪمزور ٿي چڪو هو. هن ۾ اهو اڳ وارو جوش ۽ همت نه رهي هئي، ان لاءِ هن سڌارن ڏانهن پهريان وارو ڌيان نه ڏنو ۽ پنهنجو وقت عملي ڪمن ۾ گذاريو. اعتراض ڪندڙ هتي اهو چون ٿا ته هن ڀيري سڌارن ڏانهن خاموشي ان ڪري هئي جو ڪنفيوشس پهريان وانگر پنهنجو عهدو وڃائڻ نه ٿي چاهيو، ڇاڪاڻ ته جڏهن پيري هن جي عملي ڪمن ۾ رڪاوٽ نه بڻي ته اصلاحي ڪمن ۾ ڪيئن رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿي. ماهرن جو خيال آهي ته شايد ڪنفيوشس تجربي مان اهو معلوم ڪري ورتو هو ته هن وقت ملڪ جي حالت اهڙي آهي جو جيڪڏهن هو پنهنجي سڄي عمر اصلاحي ڪمن ۾ گذاري ڇڏي تڏهن به ڪو مستقل فائدو نه ٿيندو. ان ڪري هن مناسب سمجهيو ته هو پنهنجي تجربن ۽ نظرين جو نچوڙ ڪتابن ۾ ڇڏي وڃي ته جيئن ايندڙ نسل هميشه هميشه جي لاءِ انهن مان سبق حاصل ڪري سگهن. هن جا سمورا ڪتاب ان زماني جا لکيل آهن. آخرڪار 72 سالن جي عمر ۾ هي ولي، سياستدان، فيلسوف، تاريخدان، ملڪ ۽ قوم جو پيشوا ۽ هزارين شاگردن جو شفيق استاد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. هن کي ڪوهه فوهه هنگ جي مقام تي دفن ڪيو ويو، جتي سندس قبر اڄ تائين حفاظت سان موجود آهي.
ڪنفيوشس جي نجي زندگي بدقسمتي سان خوشي ۽ ڪاميابي سان نه گذري سگهي. اها انتهائي تعجب جي ڳالهه آهي ته ڪنفيوشس جيڪو گڏيل تعلق، پيءُ جي شفقت، پٽ جي سعادت، گهريلو اداب ۽ خانداني اهميت جو سڀ کان وڏو حامي بلڪ هڪ طرح جو تخليق ڪندڙ هو ۽ جيڪو انهن حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري کي قتل جو حقدار سمجهندو هو ان جي پنهنجي گهر جون حالتون ناخوشگوار هيون. 19 سالن جي عمر ۾ هن جي شادي ٿي وئي، پر هن جي زال سان نه لڳي ۽ هڪ پٽ ٿيڻ کانپوءِ هن پنهنجي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي، ان پٽ سان به هن جا لاڳاپا بهتر نه رهيا. روايت آهي ته هن سڄي عمر ۾ پنهنجي پٽ سان صرف 2 ڀيرا ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته ان مان هن جي شاگردن اهو نتيجو ڪڍيو ته ”انسان ڪامل“ کي پنهنجي اولاد کان ڪاوڙيل رهڻ گهرجي، ان کان علاوه هن جي پيءُ کي ڳچ اولاد هو ۽ سندس هڪ ئي معذور ڀاءُ هو پر ان معذور ڀاءُ ۽ 9 ڀينرن جو هن جي زندگي ۾ ڪوبه ذڪر نه ٿو اچي. اهو مڃيو ته هو نڳو هو پر ”انسان ڪامل“ مان اها اميد ته ڪري سگهجي ٿي ته هو انهن شين کان مٿانهون هوندو. ڪنفيوشس قداور ۽ مضبوط هٿن پيرن وارو ماڻهو هو، هو سچائي ۽ نيڪي جي جيئري جاڳندي تصوير هو، پنهنجي شاگردن سان هو نهايت سرپرست طور پيش ايندو هو پر موڳن شاگردن کان پريشان رهندو هو. هن جو قول هو ته ”آءٌ صرف انهن شاگرد کي پسند ڪندو آهيان جيڪو هڪ حصو پڙهي 3 حصا پاڻ ڪڍي.“ هو سمورن رائج علمن ۾ رڌل هوندو هو، خاص طور تي هن جي تقرير گهڻي اثرانگيز هوندي هئي.
ڪنفيوشس جي تعليم ۽ فلسفي بابت گهڻي غلط فهمي پکڙيل آهي. ان جو سبب اهو آهي جو هن جي ڪتابن ۾ ان زماني جي روش موجب نه مضمونن ۾ تسلسل آهي نه ئي لکڻي جو ڪو نظام جنهن ڪري ان جو مفهوم سمجهڻ ۾ ڏکيائي ۽ اڪثر غلطي ٿي ويندي آهي. سينگ زو جي ڳوڙهي نظر ڪنفيوشس جي سڄي تعليم جو خلاصو هنن ٻن جملن ۾ ڏسي ٿي، ”پنهنجي فرض جو خيال ۽ ٻين وانگر سٺو عمل ۽ سٺو خيال“. هن جا ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ جيڪو هڪ فوري طور اثر ٿئي ٿو اهو هي آهي ته هو نهايت خشڪ ۽ سخت قسم جو فيلسوف هو جيڪو باطن کان وڌيڪ ظاهر تي زور ڏيندو هو. ڊاڪٽر ليگ، جيڪو ڪيترائي سال چين ۾ رهيو ۽ جنهن پهريون ڀيرو ڪنفيوشس جي ڪتابن جو انگريزي ۾ تشريع سان ترجمو ڪيو هو، چوي ٿو ته ”ظاهري عمل ۾ ادب ۽ قاعدي جو سختي سان لحاظ رکڻ ڪنفيوشس لاءِ گهڻو راهه کان روڪيندڙ ثابت ٿيو. هن جي اخلاقي تعليم نه رڳو هن جي عقل جو نتيجو آهي پر هو قدامت پرستي ۽ قديم قولن جي سرحدن کان محدود آهي. اهڙي طرح هن جي حاڪمن کي اهو شڪ به نه ٿو ٿئي ته هو ان سوچ سان نڪتو آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن هڪ طرف آسماني رحمت جو خيال آهي ته ٻئي طرف خلق جي بي وسي ۽ ”الانسان مرڪب الخطا“ جو علم. ان خلاف مسٽر گائلز جي راءِ آهي ته ڪنفيوشس جي فلسفي ۽ تعليم تي ڪنهن به قسم جي اعتراض جو ڪو امڪان ئي ناهي. ان جي ويجهو ڪنفيوشس جي تعليم تمام گهڻي ۽ پنهنجي جاءِ تي بلڪل مڪمل آهي.
هن جي تعليم کي اسان کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ گهرجي. (1) حقوق العباد جو نظريو يا پنجن جي تعلق وارو فلسفو ۽ (2) اخلاقيات يا انسان ڪامل جو فلسفو. اصل ۾ ڪنفيوشس متعلق راءِ ۾ ان قدر اختلاف صرف ان ڪري وڌيو جو انهن ٻنهي شين کي الڳ الڳ سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي، پر اڪثر بي تڪو بحث ڪري اجايا اعتراض يا اعتراف ڪيا ويا.
(1) پنجن جي تعلق وارو فلسفو جنهن کي حقوق العباد جو نظريو به چيو ويندو آهي ڪنفيوشس جي دماغ جو ٿورائتو ناهي. اڪثرمغرب جا ليکڪ جيڪو اهو اعتراض ڪندا آهن ته ڪنفيوشس ڪا نئين شيءِ پيش نه ڪئي اهو صرف ان حقوق العباد جي نظريي تائين ئي درست آهن. چين جو معاشرتي نظام ازل کان ئي رسمن ۾ ڦاٿل هو ۽ پان ڪو جي ئي زماني کان هر ماڻهو جي ذهن ۾ اها ڳالهه وڌي وئي هئي ته اهي رسمون ئي اصل زندگي، زندگي جو مقصد ۽ زندگي جي انتها آهن. ڪنفيوشس به ان ئي زمين جو اولاد ۽ پيدا ڪيل آهي. هاڻ ان کي اوهان قدامت پرستي چئو يا بيوقوفي. هن به انهن سمورين رسمن کي ضروري سمجهيو ۽ انهن کي باقاعده ۽ منطم ڪري ڪتابي شڪل ۾ ملڪ آڏو پيش ڪيو ۽ ان کي دليلن سان سمجهايو ته اهو ملڪ جي ترقي لاءِ ڪيئن ضروري آهن. سمورن حقوق العباد کي هن پنجن لاڳاپن ۾ ورهايو يعني گڏيل لاڳاپا (1) شهنشاهه ۽ رعيت (2) پيءُ ۽ پٽ (3) مڙس ۽ زال (4) وڏو ڀاءُ ۽ ننڍو ڀاءُ (يا بزرگ ۽ ننڍو) (5) دوست ۽ دوست.
ڪنفيوشس جو انساني لاڳاپن وارو فلسفو فطرت کي سمجهڻ تي ٻڌل آهي، انسان جي فطرت اجتماعي آهي ۽ اهوئي نيڪ آهي. هن جي برخلاف انفراديت ۽ خودي فطري ناهي عادتاً آهن ان لاءِ خراب. اهو ئي سبب آهي جو ڪنفيوشس خلق خدا جي ڀلائي ڪرڻ تي ايترو زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ايئن رهو جو ٻين لاءِ اوهان جي زندگي رحمت هجي. جيتوڻيڪ ڪنفيوشس جي ويجهو فرد هڪ وڏي تمدني مشين جو هڪ پرزو آهي ۽ اها مشين خاندان يا گهر آهي، چيني نقطه نظر سان خاندان ننڍي پيماني تي سلطنت آهي. ايئن چوڻ وڌيڪ بهتر هوندو ته سلطنت به خاندان وانگر ئي آهي. وفاقي حڪومتي نظام ۾ اها هڪ جهڙائي تمام واضح هئي. شهنشاهه پنهنجي رئيسن لاءِ پيءُ وانگر هوندو هو ۽ رئيس پاڻ ۾ ننڍن وڏن ڀائرن وانگر، رئيس پنهنجي پنهنجي رعيت جي پيءُ برابر هوندا هئا. (يا گهٽ ۾ گهٽ ٿيڻ گهرجن.)
مشين جي صحيح طور تي هلڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته هر هڪ پرزو پنهنجو ڪم ٻين پرزن سان ملي ۽ مستري جي مرضي موجب ڪري. خاندان ۾ اها شيءِ پيءُ جي مرضي موجب هلڻ سان حاصل ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ پيءُ جو پنهنجي خاندان تي مڪمل اختيار مڃيو ويو آهي. اهو اختيار ظالماڻو نه پر فطرت موجب آهي. پيءُ ۽ اولاد جي تعلق ۾ ظلم بدران محبت ۽ نرمي فطري آهي. اها ئي چيني ”خودارانه سعادت مندي“ جي اصليت آهي. جنهن جو ذڪر چيني اخلاقيات ۾ ايتري قدر آهي، پر ان سان گڏ پيءُ تي به فرض قائم ڪيا ويا آهن جيڪي هن قصي مان چڱي طرح ظاهر ٿين ٿا. ڪنفيوشس جي وزارت واري زماني ۾ هڪ شخص پنهنجي پٽ کي وٺي آيو ۽ ان جي خراب رويي جي تدارڪ جي گهر ڪئي. ڪنفيوشس ٻنهي کي 3-3 مهينا سزا ڏئي ڇڏي، ان تي هن جي ساٿي چي هو اعتراض ڪيو ۽ چيو ته ”تون پاڻ ئي چوندو آهين ته اولاد جي اطاعت سڀ کان اهم شيءِ آهي ته پوءِ تون هينئر ڇو ان بداخلاق پٽ کي موت جي سزا نه ٿو ڏين ته جيئن سڀني کي عبرت ٿئي.“ ڪنفيوشس چيو ته ڏوهه ٻنهي جو آهي، هن پيءُ به ته پنهنجي پٽ کي ڪڏهن اطاعت جي تعليم نه ڏني. مقصد جي ڳالهه ته مشين جي صحيح ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ طرف ننڍن ۾ اطاعت ۽ ٻڌي هجڻ گهرجي ۽ ٻئي طرف وڏن ۾ محبت، نرمي ۽ خيرخواهي. ان ٻه طرفي اتحاد واري عمل جي معاملي کي چيني تهذيب ۾ لي چوندا آهن جنهن جو ترجمو ”اخلاق“ ڪيو ويو آهي ۽ ان تي سمورا پنج ئي تعلق ٻڌل آهن.
ڪنفيوشس ڏٺو ته اهو عام قاعدو جيڪو خاندان جي بهبود ۽ نظام لاءِ ڪارگر هوندو آهي اهوئي سلطنت تي به برابر هوندو آهي. جنهن کي ملڪ جو سڀ کان وڏو خاندان چئي سگهجي ٿو. هتي شهنشاهه پيءُ جي جاءِ تي آهي، جنهن کي سمورا اختيار حاصل آهن، اتي هن جا فرض به اوترائي سخت ۽ اهم آهن. عزت ۽ اطاعت جو هو صرف ان وقت حقدار آهي، جيستائين هو رعيت جي ڀلائي پنهنجو فرض سمجهي. هتي به رعيت ۽ شهنشاهه جا اهي ئي ادب آهن پر جڏهن ته شهنشاهه لاءِ اهو ممڪن ناهي ته هو پنهنجي رعيت جي هر فرد سان ذاتي ميل ميلاپ رکي سگهي ۽ نه ئي رعيت انفرادي طور پنهنجي اطاعت جو اظهار شهنشاهه سان ڪري سگهي ٿي، ان ڪري ان اظهار کي اشاري طور پر مقرر وقت تي ضروري سمجهيو ويو آهي ۽ اهي لاڳاپا ۽ طريقا لاڳو ڪيا ويا جن جو ڪنفيوشس ماهر سمجهيو ويندو هو.
(2) ”اخلاقيات يا انسان ڪامل“ جو نظريو، هتي ڪنفيوشس جو تخيل ايتري قدر پاڪ ۽ بلند آهي جو جنهن جو مثال نٿو ملي سگهي، هن جي تعليم جا اصول دنياوي، دينوي فائدي تي ٻڌل ناهن. فائدو حاصل ڪرڻ ڀل اهو ڪاميابي جي شڪل ۾ هجي يا ٻي دنيا ۾ ڇوٽڪاري جي صورت ۾، ان جي اخلاقي اصولن جو چشمو ناهي. ”نيڪي صرف نيڪي لاءِ“ هن جي تعليم جو تت آهي. هن جي ان نقطه نظر سان جيڪڏهن نيڪي ڪنهن ٻئي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي يا برائي کان عذاب جي خيال سان بچايو وڃي ته اها نيڪي ناهي پر اها چالاڪي يا هوشياري ٿي ويندي آهي. ٿورو ان تعليم جي مقابلي ۾ دنيا جي ٻين اخلاقي علمن کي ڏسو ڀلي ڪيترو ئي لڪايو وڃي پر نيڪ ڪمن ڏانهن رجحان فائدي جي خيال سان ڏياريو ويندو آهي ۽ عذاب جي ڊپ کان بدي کان بچايو ويندو آهي. ان ڪري اهو ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي ته ڪنفيوشس جو فلسفو جيڪو ڪنهن به قسم جي بخشش يا انجام جو واعدو نه هن دنيا ۾ ڪري ٿو ۽ نه ئي آخرت ۾، ان ڪري ڪامياب ٿيو. هن جي مذهب ۾ ٻين مذهبن وانگر سزا ۽ جزا جو خوف يا ترغيب ناهي. ٻڌمت جيتوڻيڪ خدا جي وجود کان منڪر آهي، پر ان شي کان خالي ناهي ڇو جو اتي به دل جي پاڪائي لاءِ ”يزدان“ جي ترغيب آهي ۽ ماڻهن لاءِ جن جا دل پاڪ ناهن بي شمار سختيون رکيل آهن.
اهي اخلاقيات جا اصول سڀني لاءِ هئا پر خانداني تنظيم ۾ ئي ڪنفيوشس اها قدرتي طاقت ڏٺي جيڪا نيڪي پيدا ڪرڻ ۽ نيڪي کي عام ڪرڻ لاءِ پارس ثابت ٿي ٿي سگهي. يعني انسان جي نقل ۽ پيروي ڪرڻ جي صلاحيت ۽ عادت. جيڪڏهن خاندان جو سرپرست پاڻ ئي نيڪي جو مثال هجي ته ان خاندان جا سڀ ماڻهو عادتاً نيڪ ٿي ويندا. اها ئي مناسبت شهنشاهه ۽ رعيت جي به آهي. جيتوڻيڪ ڪنفيوشس صاف طور تي اعلان ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن شهنشاهه پاڻ پنهنجي عمل ۾ صحيح هوندو ته رعيت بغير چوڻ جي پنهنجو فرض پورو ڪندي. نه ته هونئن ڪوبه حڪم يا سختي بيڪار ثابت ٿيندي. هن جو قول آهي ته ”بادشاهه هوا وانگر آهي ۽ رعيت گاهه جهڙي ڇاڪاڻ ته گاهه جي فطرت ۾ آهي ته هوا جي رخ موجب جهڪي پوي.“
ان فلسفي جي ڪمزوري ظاهر آهي ته هر بادشاهه ڪنفيوشس ته نه ٿو ٿي سگهي. جيستائين بادشاهه جي چونڊ جو ڪو عمل جوڳو طريقو معلوم نه ٿي سگهي جيڪو رڳو ذاتي خوبين تي ٻڌل هجي اهو تقريباً ناممڪن آهي ته هر ڀيري بادشاهه اهڙو هجي جيڪو رعيت لاءِ مثال ثابت ٿئي. تعليم ۽ تربيت به هميشه ڪارگر ثابت ناهي ٿيندي. خود ڪنفيوشس جو قول آهي ته ”ڳريل ڪاٺي تي چٽسالي نه ٿي ٿي سگهي.“ تعلقات واري فلسفي ۾ جيڪا شي بار بار ڏکي لڳي ٿي اها هن جو ظاهر ۽ غير ضروري شين تي زور ڏيڻ آهي. ان ۾ ڪابه شيءِ جذباتي ناهي، ڪو عادتاً يا عقلاً ان تي عمل ڪري ته ڪري پر ان لاءِ دل ۾ چڻنگ ٻرڻ جي خبر ناهي. ٻيو ته هن جو انساني فطرت بابت نظريو ٺيڪ نه ٿو لڳي. اهو چوڻ ته انفراديت يا خودي غيرفطري آهي درست ناهي. سڀ کان پهريون ۽ پختو جذبو اهوئي آهي، اخلاقيات ۾ جيتوڻيڪ ڪفنيوشس جو تخيل تمام بلند آهي پر اها تعليم ڪجهه علمي دماغن لاءِ دلچسپي جو باعث بڻجي ته بڻجي سگهي ٿي، عام ماڻهو لاءِ ته ان ۾ نفعي کان وڌيڪ نقصان آهي. ان جي موجودگي سان ڏوهن ۾ اضافو ٿيڻ لازمي آهي. سزا ۽ جزا جو تخيل ڪنفيوشس يا غالب لاءِ ته فضول ٿي سگهي ٿو پر 99 سيڪڙو ماڻهن لاءِ تمام ضروري آهي.
ڪنفيوشس تي هر طرح جا الزام لڳايا ويا آهن ۽ عجيب و غريب اعتراض واريا ويا آهن. اهي سڀ عيسائي پادرين جون ڏاڍايون آهن، پادري جين لنگز ته انهن حرڪتن ۾ سڀني کان اڳڀرو هو. هو ڪنفيوشس کي مغرور، خودغرض ۽ بدمزاج چوندو هو. جڏهن ته اهو نه ڏٺو ويندو هو ته اهڙو ماڻهو 3 هزار جانثار ۽ مصيبتن ۾ ساٿ ڏيندڙ شاگرد ڪيئن ٿو گڏ ڪري وٺي.
ان کان پهريان جو اسان هن جا قول نموني طور پڙهندڙن آڏو پيش ڪيون مسٽر گائلز جي آخري راءِ به پيش ڪجي ٿي. هو چوي ٿو ته ”جيتوڻيڪ هن تي الزام ته تڪراري شيءِ جا لڳايا ويندا هئا پر حقيقت ۾ ڪنفيوشس خيال پرست هو.“ اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته هو بلڪل ناممڪن شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ نتيجي جي اميد کان سواءِ دل ۽ جان سان لڳو پيو هوندو هو. هڪ چيني جو ئي قول هن جي زندگي جو تمام بهترين نقشو ڇڪي ٿو. هو چوي ٿو ته ”ڪنفيوشس ان شيءِ کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳو پيو هوندو آهي جنهن بابت کيس خبر آهي ته اها حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي.“ بنا ڪنهن شڪ جي هن بابت چئي سگهجي ٿو ته دنيا ۾ ڪنهن به ماڻهو پنهنجي هم جنسن جي ڀلائي لاءِ ان قدر گهٽ ڪاميابي جي اميد جي باوجود ايتري قدر دل ۽ جان سان محنت ناهي ڪئي. اهو چوڻ به غلط هوندو ته ڪنفيوشس جو مشن ناڪام ويو. جنهن قدر تقليد جي مثال جي هن کي چين جي رئيسن ۾ تلاش هئي آخرڪار اهو مثال هو پاڻ ثابت ٿيو ۽ پنهنجي هم وطنن جي دلين ۾ هن هميشه لاءِ جاءِ ٺاهي ورتي. نتيجن جي لحاظ سان به جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن جي مرڻ کانپوءِ جيڪو اثر هن جي تعليم جو چيني خلق تي ٿيو ان کي ڏسندي هن کي دنيا جي ڪامياب ترين ماڻهن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. هو ٻڌ، ابن مريم ۽ رسول عربي صه جي صف ۾ نظر اچي ٿو ۽ اها صف اهڙي آهي جو انهن چئن کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي ان ۾ گنجائش ناهي.
ڪنفيوشس جا ڪل 9 ڪتاب آهن ۽ سمورا ڪنفيوشس جي تعليم جا حامل آهن. پر حقيقت ۾ انهن مان پنج اهڙا آهن جيڪي ڪنفيوشس پاڻ لکيا يا ترتيب ڏنا. انهن کي ڪنگ چيو ويندو آهي. باقي 4 هن جي وفات کانپوءِ هن جي شاگردن لکيا، اهي يا ته ڪنفيوشس جي ڪتابن جي تشريح آهن يا هن جا قول آهن يا هن جي شاگردن جا قول، انهن کي شو چيو ويندو آهي.
(1) شوڪنگ يعني چين جو مقدس ڪتاب: جنهن ۾ يا اؤ (جيڪو حضرت نوح جو همعصر هو) کان وٺي 619 ق م تائين جون حالتون آهن. مسٽروليم جي بقول ان ۾ هنن جي سياست جا اصول، تاريخ، مذهبي رسمون، جنگ جا اصول، موسيقي ۽ نجوم مطلب ته سڀ ڪجهه جمع آهي.
(2) شي ڪنگ يعني نظمن جو مقدس ڪتاب: هي شعرن ۽ نظمن جو مجموعو آهي جيڪي رئيسن جا شاعر موقعي جي مناسبت سان شهنشاهن ڏانهن نذراني طور موڪليندا هئا. انهن ۾ گهڻو ڪري تاريخي نظم ۽ ڳوٺاڻا گيت آهن. ٽوٽل 311 نظم آهن، انهن ۾ 11 نظم شانگ خاندان (800 ق م) جا آهن ۽ باقي 300 چو خاندان جي زماني جا آهن.
(3) پي ڪنگ يعني تبديلي جو مقدس ڪتاب: هي ڪتاب پهريان 1150 ق م ۾ وووانگ قيد ۾ لکيو هو، ڪنفيوشس ان جي تفصيل سان تشريح ڪري شايع ڪيو. هي رمل ۽ جعفر جي علم تي آهي ۽ هن ۾ 64 بيتن جي تشريح آهي.
(4) لي ڪي يعني اخلاق ۽ رسمن جو مقدس ڪتاب: هي جيتوڻيڪ ڪامل انسان جو مڪمل نصاب آهي هن ۾ سموريون رسمون تفصيل سان لکيون ويون آهن. مسٽر ڪيلري جو خيال آهي ته هي ڪتاب چينين جو بهترين ۽ تمام اهم سرمايو آهي.
(5) چُن سِن يعني بهار ۽ خزان جو مقدس ڪتاب: مٿيان ڪتاب لکيل نه پر ترتيب ڏنل هئا جيتوڻيڪ ڪنفيوشس جو ان ۾ وڏو هٿ هو پر هي ڪتاب مڪمل طور هن جو ئي لکيل آهي. هي لو رياست جي تقريباً اڍائي سو سال جي تاريخ آهي. من سن اس هن بابت لکيو آهي ته ”دنيا ۾ جهالت پکڙيل هئي، سچائي ۽ حقيقت جي ڪابه اهميت نه رهي هئي، ڪنفيوشس خدا کان ڊنو ۽ هن هي ڪتاب لکيو ته جيئن هدايت ٿئي.“ پر اهو مڃڻو پوندو ته هي ڪتاب بلڪل اميد موجب ناهي، هن ۾ ڪابه ڳالهه هدايت جي ناهي. هي ته صرف ان وقت جي ڊائري آهي، خراب کان خراب ڳالهه به هن ۾ ايئن ئي لکي وئي آهي جيئن ڪا سٺي کان سٺي ڳالهه. نه هڪ کي خراب چيو آهي نه ئي ٻئي جي تعريف ڪئي آهي. هن ان جو فائدو ڏيکاريو آهي نه ئي نقصان. ڊاڪٽر ليگ وغيره جو خيال آهي ته ”هي ڪتاب بلڪل اهڙو ناهي جو ڪنهن اعليٰ تعريف جو مستحق هجي، نه زبان نه ادا، نه سبق نه نتيجو، نه تفصيل نه فلسفو.“

چار شُو هيٺيان آهن
(1) لن يو يعني قولن جو ڪتاب: هن ۾ ڪنفويشس جا اهي قول آهن جيڪي هن جي شاگردن وقفي وقفي ٻڌا ۽ گڏ ڪيا هئا.
(2) طائي هيان يعني علم اعظم جو ڪتاب: هن ۾ تفصيل سان ٻڌايو ويو آهي ته ڪيئن انسان پهريان ولي ۽ پوءِ بادشاهه بڻجي سگهي ٿو، هي ڪنفيوشي اخلاقيات جو ڪتاب آهي.
(3) چُنگ يُنگ يعني سراسري اصولن جو ڪتاب: هن کي ڪنفيوشس جي پوٽي ترتيب ڏنو جيڪو پنهنجي ڏاڏي جي تعليم جي ماهرن مان هو.
(4) من سي اس يعني من سي اس جو ڪتاب: هن ۾ 10 ولي الله ۽ ڪنفيوشس جي خليفي جا قول آهن.
ڪنفيوشس جا قول
• سختي، ظلم ۽ سزا جي دٻاءَ سان جن ماڻهن تي حڪومت ڪئي ويندي آهي اهي جيتوڻيڪ قانوني طور تي ته ڏوهه ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن پر انهن جا اخلاق بلڪل برباد ٿي ويندا آهن، پر نيڪ حڪومت ۽ پنهنجي ضمير ۽ اختيار جي ماتحت رعيت نه رڳو ڏوهن کان بچيل رهندي آهي پر گناهه کان به محفوظ رهندي آهي جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ هڪ صدي تائين مسلسل سٺا حڪمران ٿيندا رهن ته گناهن ۽ ڏوهن جو وجود ئي نه رهندو ۽ موت جي سزا پنهنجو موت مري ويندي.
• حڪومت اها ڀلي جنهن جي رعيت خوش ۽ ڌاريا ان جي ماتحت اچي رهڻ چاهين.
• ”ڪامل انسان“ اهو جنهن کي پنهنجي گمنامي کان ڊپ ۽ پريشاني ناهي هوندي.
• نيڪي ۽ سچائي کي ڄاڻڻ بهتر آهي، ان کي پسند ڪرڻ ان کان به بهتر آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ سڀ کان بهتر آهي.
• ولي اهو آهي جيڪو نيڪ خيال رکي ٿو ۽ دوکي ۽ فراڊ جو خيال ٻين لاءِ نه ٿو رکي پر اهي برائيون ظاهر ٿي وڃن ته انهن کي فوري طور سڃاڻڻ ۾ دوکو ناهي کائيندو.
• ٻين لاءِ اهو نه ڪر جيڪو تون چاهين ٿو ته ٻيا تنهنجي لاءِ نه ڪن.
• مون کي ان ڳالهه جو ڏک ناهي ته ماڻهو مون کي نه ٿا سڃاڻين پر مون کي اهو ڏک آهي ته آءٌ ماڻهن کي نٿو سڃاڻان.
• نيڪي پيدا نه ڪري سگهڻ، پنهنجي علم جو جائزو نه وٺي سگهڻ، رستو ڏسي وٺڻ کان پوءِ به ان تي نه هلي سگهڻ (مطلب آهي قد ما جي پيروي نه ڪري سگهڻ) ۽ پنهنجي غلطين جي اصلاح نه ڪري سگهڻ، منهنجي ڏک جا ڪارڻ آهن.
• آءٌ ان کي ڪجهه ڪونه ٿو سيکاري سگهان جيڪو سکڻ جو خواهشمند نه هجي. جيڪڏهن هڪ حصو پڙهڻ کان پوءِ شاگرد 3حصا اڳتي پاڻ نه ڪڍي سگهي ته آءٌ سبق کي ناهيان دهرائيندو.
• منهنجو علم الله جي طرف کان ڏنل ناهي، آءٌ ته قدما ۽ قدامت جي پرستارن مان آهيان ۽ انهن جو ئي سچي دل سان مطالعو ڪندو آهيان.
• جيڪڏهن مان ٻن قسمن جي ماڻهن سان گڏ هوندو آهيان ته ٻنهي کان ڪجهه حاصل ڪندو آهيان. هڪ جي چڱائي کي سکي ٻين تائين پهچائيندو آهيان ۽ ٻئي جي برائي کان سبق حاصل ڪندو آهيان ۽ پنهنجي اصلاح ڪندو آهيان.
• الله جي طرفان علم ۽ ڪامل نيڪي منهنجي حصي ۾ نه آئي، آءٌ ته پاڻ جنهن شيءِ کي صحيح سمجهان ٿو ان ۾ پوءِ ڪسر ناهيان ڇڏيندو ۽ نه ئي ٻين کي ٻڌائيندي ٿڪبو آهيان.
• تصور ۽ ڌيان، گيان ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ ڪجهه به نه کائيندو هئس ۽ رات جو نه سمهندو هئس پر ان طرح مون ڪابه شيءِ حاصل نه ڪئي، محنت ۽ مطالعو انهن شين کان گهڻو بهتر ثابت ٿيو.
• طبعيات ۽ روحانيت کان هٽي ڪم ڪرڻ تمام گهڻو نقصانڪار آهي.
• ختم ٿيل معاملن تي بحث ڪرڻ، ناقابل علاج جي شڪايت ڪرڻ ۽ گذريل شين تي تنقيد ڪرڻ بيوقوفي آهي.
• اهڙو ماڻهو ملڻ مشڪل آهي جيڪو نفس تي ضابطو آڻڻ ۾ زيادتي جو قصوروار بڻيو هجي (يعني ڀلي ڪيترو به ضابطو آڻجي پر اهو ضرورت کان وڌيڪ ڪڏهن ناهي هوندو). چڱائي ڪڏهن به اڪيلي ناهي رهندي ان جي ويجهو جلد پاڙيسري اچي رهندا آهن (يعني چڱائي چڱائي کي ڇڪيندي آهي.)
• فضول خرچي سان تڪبر پيدا ٿيندو آهي ۽ ڪنجوسي سان ماڻهو پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو آهي پر اها تڪبر کان پوءِ به بهتر آهي.
• جيڪڏهن مناسب ۽ حد جي اندر نه هجي ته مهمان نوازي تڪليف ڏيندڙ ٿي ويندي آهي.
• دورانديشي بزدلي ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، بهادري سختي ۽ ظلم بڻجي ويندي آهي ۽ صاف ڳالهه ڪرڻ بدتميزي ۽ گستاخي.
• جيڪو بجاءِ ٻين جي پاڻ پنهنجي ذات تي اميد رکندو آهي اهو نفرت کان محفوظ رهندو آهي.
• جتي تعليم آهي اتي ذات پات جو فرق ممڪن ناهي.
• اعليٰ ترين ماڻهو اهو آهي جنهن جو علم الله طرفان ڏنل هجي، پوءِ اهو جنهن جو علم ذاتي هجي ان کانپوءِ اهو جيڪو جيتوڻيڪ ذهين نه هجي پر سکڻ جي ڪوشش ڪندو هجي جڏهن ته اهو سڀني کان ويل آهي جيڪو نه ذهين آهي نه ئي سکڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.
• انسان جي فطرت ساڳي آهي، ان جون عادتون ان کي هڪ ٻئي کان الڳ ۽ مخالف ڪري ڇڏينديون آهن.
• ڇوڪرين ۽ نوڪرن سان صحيح رويو اختيار ڪرڻ سڀ کان مشڪل آهي، جيڪڏهن انهن سا بي حجابي اختيار ڪجي ته اهي بدتميزي تي لهي ايندا آهن ۽ جيڪڏهن انهن سان اوپرو ۽ بخيل رويو رکجي ته اهي ناراض ٿي ويندا آهن.

منگول عهد جو چين

هڪ خانه بدوش قبيلي جا ماڻهو جن کي منگول چيو ويندو هو ۽ اتر اوڀر وادي ۾ رهندڙ هئا اتان کان هڪ نئين قيادت اڀري ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اها دنيا ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ قوت بڻجي وئي. هن چين جي ڏاکڻين رياستن تي قبضو ڪيو، ان کانپوءِ هن وچ ايشيا، روس ۽ اوڀر يورپ جون ڪيتريون ئي رياستون فتح ڪري تقريباً 90 شهرن ۾ تباهي مچائي ڇڏي. منگولن 1234ع ۾ چين ۾ نزين حڪومت جو خاتمو آڻي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ اڌ صدي تائين ڏاکڻي سونگ سلطنت لاءِ به خطرو بڻيل رهيا. 1279ع ۾ هن پوري چين تي قبضو ڄمائي ورتو. ان دوران ستارن جي مجموعي کان ڊڄي هو واپس وريو ۽ اڃا سفر ۾ ئي هو ته 27 آگست 1227ع تي صوبي شان سي ۾ فوت ٿي ويو. مرڻ کان پهريان چنگيز خان پنهنجي سڄي سلطنت پنهنجي اولاد ۾ ورهائي ڇڏي. جن ۾ 3 پٽ هئا چغتائي، تولي ۽ اوگدائي ۽ هڪ پوٽو باتو هو جيڪو هن جي پٽ جو جي جو وڏو پٽ هو. 1227ع ۾ چنگيز خان جي وفات کانپوءِ انهن ۾ اڪثر ڪري جهيڙا ٿيندا رهندا هئا. انهن مان هن جي هڪ پٽ اوگدائي خان حڪومت جو ڪاروهنوار پنهنجي هٿ ۾ ورتو. هن 1241ع ۾ اتر چين جي ڪم بادشاهه کي ختم ڪيو پر ان ئي سال پاڻ به اجل جو شڪار ٿي ويو، جڏهن ته چنگيز خان جي پوٽي قبلائي خان پوري سلطنت کي برقرار رکيو. قبلائي خان يوهان خاندان جي اقتدار جو بنياد رکيو ۽ ايندڙ 34 سالن تائين يعني 1294ع تائين چين تي حڪمراني جو ڌاڪو ڄمايو.
سنگ خاندان جي زماني ۾ ٻه اهڙيون هستيون به چين ۾ ٿيون، جن جو نالو هميشه چين ۾ زنده رهندو. وانگ آن شي (1021ع کان 1056ع) جنهن کي موجوده اشتراڪيت جو باني چئي سگهجي ٿو. هن سڀ کان پهريان تعليم واري طريقي جي اصلاح ڪئي ۽ پراڻين شعري لکڻين بدران ٻارن کي تاريخ، جغرافيائي، سياست ۽ تمدن جا رسالا پڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي. پنهنجي غيرمعمولي قابليت جي ڪري سلطنت جو وزير ٿي ويو ۽ اتي حڪومت متعلق پنهنجو نظريو عملي طور ملڪ آڏو پيش ڪيو. هن جي نظريي جو بنيادي نڪتو اهو هو ته هو شهنشاهه لاءِ اها ڳالهه فرض سمجهندو هو ته ان جي عيت کاڌ خوراڪ ۽ زندگي جي ٻين ضرورتن کان محروم نه رهي. هن جو خيال هو ته حڪومت کي ملڪ جي سڄي ڪاروبار، صنعت ۽ زراعت کي پنهنجي هٿ وس ڪرڻ گهرجي، ته جيئن ڪاريگرن ۽ مزدورن کي زندگي جي ضرورتن جي فراهمي يقيني بڻجي سگهي ۽ سرمائيدار انهن جو رت نه چوسي سگهن. هن عدالتون مقرر ڪيون ته جيئن پوري ملڪ ۾ مزدوري ۽ جنس جا اگهه هر روز مقرر ٿيندا رهن، ٽيڪس رڳو سرمائيدارن ۽ رئيسن کان ورتو وڃي ۽ غريب ان کان آجا هجن. حڪومت کي وڏي رقم ضعيفن جي وظيفن ۽ معذورن جي سارسنڀال تي خرچ ڪرڻ گهرجي. ان جي مقابلي ۾ هر گهر ۽ هر فرد جيتوڻيڪ شهنشاهه جي فوج هئي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هڪ گهر جا 2 ڄڻا فوج ۾ ملازمت جا اهل ٿيندا هئا ته هڪ کي ضرورت وقت پاڻ کي فوج آڏو پيش ڪرڻو پوندو هو. پر اهو نظام گهڻو وقت نه هلي سگهيو ۽ موجد جي زندگي ۾ ئي ناڪام ٿي ويو ان جا ڪارڻ هي هئا.
(1) لازمي فوجي خدمت
(2) وياج جي مخالفت جيڪا سرمائيدارن جي مزاج جي خلاف هئي.
(3) زميندارن ۽ سرمائيدارن جي مخالفت.
(4) بدقسمتي سان ان تجربي جي وچ ۾ ئي ڏڪار پئجي ويو. جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت کي رڳو خرچ ئي خرچ ڪرڻو پيو ۽ آمدني نه ٿي سگهي جنهن ڪري شهنشاهه ۽ وزير به هڪ ٻئي جا مخالف ٿي پيا ۽ اهو نظام درهم برهم ٿي ويو. زي ماڪيانگ (1019ع کان 1086ع) هي قدامت پرست (پراڻن ريتن رسمن جو حامي) هو ۽ ان ڪري پهريان ذڪر ڪيل جي مخالف تاريخدان جي حيثيت ۾ چين جي عالمن ۾ کيس وڏي اهميت حاصل آهي ۽ پنجين صدي ق م کان 960ع تائين جي هن جي تاريخ معياري تحرير مڃي وڃي ٿي. سياست ۾ به هن جو رتبو مٿي هو، وانگ آن شي جي ناڪامي کان پوءِ اهو ئي وزير بڻيو ۽ هن پنهنجين ڪوششن سان گهڻي قدر حڪومت کي سنڀاليو. انهن ٻن کان سواءِ به ڪيترائي اقتدار رکندڙ عالم ۽ فيلسوف ان زماني ۾ ٿيا. فن کي ترقي ملي، مصوري ڪمال تائين پهتي پر عجيب ڳالهه اها هئي ته جتي اهي ذهني ترقيون ٿي رهيون هيون، اتي پهريون ڀيرو چين جي حڪومت چينين جي هٿن مان نڪري ڌارن ڏانهن منتقل ٿي وئي.
(5) 1260ع ۾ قبلائي خان تاتارين جو سردار بڻيو ۽ هن وڌيڪ سختي ۽ دليري سان چين تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا. سنگ تقريباً ختم ٿي چڪا هئا پر ڏاکڻي شاخ همت سان وڌيڪ 20 سالن تائين ڄمي رهي. قبلائي خان سمرقند جي سازش دٻائڻ کانپوءِ 1263ع ۾ وري ڏکڻ چين تي اچي ٽٽيو ۽ 1276ع ۾ گادي وارو هنڌ فتح ٿي ويو ۽ 1299ع ۾ هو پوري چين جو طاقتور شهنشاهه بڻجي ويو. قبلائي خان هڪ نئون گادي جو هنڌ وڃي وسايو جنهن جو نالو خان بليغ رکيو بعد ۾ ڪمبلڪ سان مشهور ٿيو ۽ پوءِ پيڪن ۽ جمهوريت کان پوءِ پين سڏائيندو آهي. قبلائي خان جو مان مرتبو اهڙو هو جو تاريخ ۾ نه ڪو اهڙو بادشاهه ٿيو آهي ۽ شايد نه ئي ڪڏهن ٿيندو. اطالوي سياح مارڪو پولو جيڪو نقشو ان جي حڪومت جو ڇڪيو آهي. اهو پڙهڻ سان واسطو ٿو رکي، هن پوري يورپ کي چمڪائي ڇڏيو ۽ اهائي چمڪ هئي جنهن جي ڳولا ۾ يورپ جا سمورا درٻاري وفد تي وفد موڪليندا هئا.
منگولن جي زماني ۾ هان ۽ ٻين قومن تي ظلم ۽ جبر جا پهاڙ ڪيرايا ويا. يوهان عهد ۾ معاشري کي 6 سماجي طبقن ۾ ورهايو ويو. انهن مان سڀ کان اعليٰ درجي کي منگول حوالي ڪري انهن کي خصوصي مراعتون ڏنيون ويون. ٻئي درجي ۾ اولهه جا رهندڙ سيئو ماڻهو هئا پوءِ هان ۽ آخر ۾ ڏکڻ هان قوم کي درجو ڏنو ويو. ان زماني ۾ خاص طور تي هان قوم مٿان ڪيتريون ئي پابنديون لڳايون ويون ۽ انهن کي وڏن عهدن تي نوڪري نه ڏني ويندي هئي. منگولن جي اجازت کان سواءِ اهي هٿيار به نه ٿي رکي سگهيا.
قبلائي خان جي حڪومتي دور ۾ زرعي سڌارا لاڳو ڪيا ويا پر عام طور چين جي سماجي معيشت ترقي نه ڪري سگهي. هن ڪيترن ئي قبيلن کان زمينون ڦري منگول اميرن ۾ ورهائي ڇڏيون ۽ پنهنجي رواج موجب زمين جي وڏي وڏي ايراضي کي مال جي چارن وارن ميدانن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هارين کان انهن جا گهوڙا پڻ ڦري فوجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيا ويندا هئا. انهن قدمن جي نتيجي ۾ زرعي پيداوار کي وڏو نقصان پهتو ۽ اترين علائقن جا ڪيترائي هاري منگولن جي غلامي ۾ هليا ويا. جن هارين وٽ وڌيڪ زمينون هيون انهن مٿان ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪري انهن کي منگول اميرن جو ڪڙمي بڻجڻ تي مجبور ڪيو ويو. جڏهن ته هٿ جي هنر واري شعبي ۾ ترقي ٿي. سون جي زيورن، چاندي، پتل، لوهه، بانس، ڪاٺين، قيمتي پٿر ۽ کنڊ جي شين لاءِ ڪيترائي ڪارخانا قائم ٿي ويا. تعمير لاءِ سرن جا بٺا، چمڙي جا ڪارخانا ۽ هٿيار ٺاهڻ جا ڪارخانا پڻ قائم ٿيا. هٿيار ٺاهڻ ۾ به چڱي ڀلي ترقي ٿي. مارڪو پولو جا به چاچا نڪولو ۽ مافيو پولو جڏهن چين آيا ته اتي چنگيز خان جو پوٽو قبلائي خان حڪومت ڪري رهيو هو. هنن هتي ڪيتريون ئي عجيب ۽ غريب شيون ڏٺيون جن کي ڏسي کين حيرت ٿي. هنن جو چوڻ هو ته هي پهريون موقعو آهي جو پوري چين تي هڪ غيرملڪي فاتح حڪومت پيو ڪري. ان وقت قبلائي خان اتر ۽ ڏکڻ ٻنهي حصن جو بادشاهه هو.
شين ڊونگ شهر ۾ موجود شاخ هوئي لونگ قبلائي خان جي زماني ۾ کوٽي وئي ۽ ٽونگ زائو کان بيجنگ تائين هڪ شاخ کوٽائي گرينڊ ڪئنال مڪمل ڪيو ويو جنهن ذريعي ٻنهي شهرن جو رابطو قائم ڪيو ويو. ان زماني ۾ ڪاغذ جا نوٽ وڏي تعداد ۾ تيار ڪيا ويا. مغرب جا ڪيترائي سياح هتي آيا ۽ انهن ذريعي چين جي ثقافتي عظمت ۽ دولت جا قصا يورپ تائين وڃي پهتا. ان زماني ۾ ٻين ملڪن جا سفارتخانا قائم ٿيا، ڊاڪ جي چوڪين لاءِ ٻه لک گهوڙا مختص ڪيا ويا. يتيمن ۽ پيرسن عالمن جي معاشي مدد لاءِ وظيفا جاري ڪيا ويا. بيمارن لاءِ اسپتالون قائم ٿيون، اترين چين ۾ جڏهن مسلمانن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو ته صوبي يونن جي مسلمان گورنر ٻه مسجدون ٺهرايون، چين ۾ پنهنجي نوعيت جون اهي پهريون عبادتگاهون هيون.
منگول پاڻ ته ٻڌمت تي يقين رکندا هئا پر انهن اسلام ۽ عيسائيت جي پکڙڻ خلاف مزاحمت نه ڪئي، جڏهن ته اهي تائوازم خلاف ڪارروايون ڪندا رهندا هئا. يوهان خاندان جي حڪمرانن جاپان، برما، جاوا ۽ سيام تي ڪيترائي حملا ڪيا. قبلائي خان 3 ڀيرا فوجون موڪليون پر انهن کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻ کانپوءِ واپس موٽڻو پيو. چين ۾ جيتوڻيڪ قبلائي خان خودمختيار بادشاهه هو پر چينين جي دلين کي فتح ڪرڻ واريون سندس سموريون ڪوششون بيڪار ثابت ٿيون. جڏهن ته 1286ع کانپوءِ ته ڌارين لاءِ چينين جو نفرت وارو جذبو وڌي ويو ڇاڪاڻ ته ان سال چينين کي هٿيار رکڻ کان منع ڪيو ويو. 1294ع ۾ قبلائي خان وفات ڪري ويو ته 10، 12 سال ته خود مغلن ۾ لڙايون ٿينديون رهيون. قبلائي خان جي موت کانپوءِ منگول عهد جو زوال شروع ٿي ويو. محلاتي سازشون ۽ بغاوتون شروع ٿي ويون. شهزادن ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ شروع ٿي وئي، 1307ع کان پوءِ اڳين 25 سالن تائين 8 بادشاهتون تبديل ٿيون. رياستي اميرن ۽ جاگيردارن عوام مٿان ظلم ۽ ستم جا پهاڙ ڪيرايا. ٻئي طرف قدرتي آفتن به عام سماجي زندگي کي بحرانن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو پر نيٺ قبلائي خان جو پوٽو تيمور بو آن چنگ جي لقب سان 1307ع ۾ تخت تي ويٺو. ان کانپوءِ ٻه ٽي مغل بادشاهه ٿيا ۽ هر هڪ چينين جون دليون کٽڻ لاءِ خاص طور تي ڪوششون ڪيون پر عوام ۾ انهن غيرملڪي بادشاهن لاءِ شڪ، نفرت ۽ دلبرداشتگي وڌندي وئي ۽ پورو ملڪ بغاوت لاءِ تيار ٿي ويو، اها ڇڪتاڻ 20 سال جاري رهي. آخري منگول بادشاهه شن ڊي جي زماني ۾ هارين جي هڪ وڏي بغاوت اڀري، اڇي ڪنول جي گروهه جي جهنڊي هيٺ تحريڪون جمع ٿينديون رهيون ۽ جڏهن هڪ ٻڌ خانقاهه جي پڄاري ڄانگ مخالفت جو آواز بلند ڪيو ته سڄي خلق ان جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي وئي. باغين ڏکڻ ۾ نانڪن فتح ڪيو ۽ 1368ع ۾ آخري مغل بادشاهه شن تي کي به ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. عوام ان پڄاري يو آن چانگ کي ئي بادشاهه تسليم ڪيو. اهڙي طرح يو آن يوهان اقتدار جو خاتمو آڻي، 1368ع ۾ منگ خاندان جي حڪمراني جو بنياد وڌو.
يو آن چانگ منگولن کي بيجنگ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، هن دشمنن کي ته فتح ڪيو ئي پر ان سان گڏ پنهنجي مخالفن جن طرفان کيس بغاوت جو خطرو هو قتل ڪرائي ڇڏيو. اهڙي طرح سڄي طاقت جو سرچشمو هو پاڻ بڻيو ۽ ناجنگ کي گادي وارو هنڌ مقرر ڪري وڏي دٻدٻي سان حڪومت ڪرڻ لڳو. منگ خاندان جي حڪمرانن 1403ع کان 1433ع تائين ڪيتريون ئي بحري مهمون ڏاکڻين سمنڊن ۾ موڪليون جن جو مقصد هو ته هو جڳهه جڳهه تي واپاري مرڪز قائم ڪن ۽ ڏکڻ جي ملڪن تي سندن طاقت جو داٻو ويهي رهي. جيتوڻيڪ انهن مهمن جو نتيجو اهو نڪتو جو سماٽرا ۽ سيلون هنن جا ڍل ڏيندڙ ملڪ بڻجي ويا.
يو آن چانگ جنهن کي پينو بادشاهه به چيو ويندو آهي، تخت تي ويهندي ئي چيني تهذيب کي ٻيهر اڀاريو. شهنشاهه جي هر هلائڻ ۽ ملڪه جي شهتوت جا وڻ پوڄڻ جي روايت کي زندهه ڪيو. هن جو 30 سالن وارو دور هر لحاظ سان امن امان ۽ ترقي جو دور ثابت ٿيو. 1398ع ۾ هن جي وفات کانپوءِ سندس وصيت موجب سندس پوٽو تخت تي ويٺو پر ان جي چاچي (گذريل بادشاهه جو پٽ ين) بغاوت جو علم بلند ڪيو ۽ 1403ع ۾ نانڪن تي قبضو ڪري ان جي جاءِ تي پيڪن کي گادي وارو هنڌ بڻايو. هن ڏکڻ ۾ ڪو چين چيني فتح ڪيو ۽ ٻه هزار عالمن جي گڏيل ڪوششن سان هڪ چيني ”بحرالعلوم“ ترتيب ڏياريو جنهن ۾ 5 لک صفحا هئا، ان جو آخري نسخو 1900ع ۾ مڪه بازن جي بغاوت ۾ ساڙيو ويو. ان بادشاهه کان پوءِ وري اهو سلسلو هليو جنهن ۾ ڪمزور ۽ نااهل بادشاهه خاندان جي تباهي جو باعث بڻجندا رهيا. انهن مان ڪجهه ڪنڌ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪمزوري جي ڪري انهن جي هڪ به نه هلي ۽ ڪو چين چيني هٿن مان نڪري ويو. 16هين صدي ۾ ڊچ ۽ پرتگيز آيا ۽ انهن ڪانٽن ۽ مڪائون ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون، اڃا تائين تاتارين کان سواءِ ڪنهن به غيرملڪي چين تي حملا نه ڪيا هئا پر 1555ع کان 1557ع تائين جاپان 3 حملا ڪيا، ان جي 25 سالن کان پوءِ مشهور جاپاني جرنيل هاڊي يوشي ڪوريا ته هڪ غيرمنظم حملو ڪيو. 1597ع ۾ اهوئي سردار هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوريا تي حمله آور ٿيو ۽ چين ۽ ڪوريا جي گڏيل فوج کي شڪست ڏني، جنهن ۾ فاتح فوج جا 38 هزار 7 سو ماڻهو مارجي ويا. جاپاني انهن سڀني جا نڪ ۽ ڪن ڪٽي کڻي ويا ۽ ٽوڪيو ۾ انهن کي دفن ڪري انهن تي هڪ يادگار ٺاهي جنهن کي مي مي زڪا چيو ويندو آهي.
يو آن چانگ جي وفات کانپوءِ ان جي چوٿين پٽ چانگ يو گادي وارو هنڌ بيجنگ منتقل ڪري بحري ٻيڙن ذريعي دنيا جي مختلف علائقن سان لاڳاپا قائم ڪيا. ان زماني ۾ اقتداري طبقي کي عروج نصيب ٿيو پر ان زماني ۾ علم ۽ فن ڪا خاص ترقي نه ڪئي. منگ حڪومت پنهنجي شروعاتي حڪومتي دور ۾ زرعي شعبي ۾ وڏي پيماني تي سڌارا لاڳو ڪيا ٻئي طرف اميرن ڪمزورن جي زمينن تي قبضو ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو جنهن جي نتيجي ۾ رڳو 10 سيڪڙو ماڻهو زمين جا مالڪ هئا باقي زمينن کان سواءِ. جڏهن ته ان زماني ۾ هٿ جي هنر کي هٿي ملي. منگ حڪمرانن جي زماني جي اڌ صدي تائين فوجون مسلسل حملا ڪنديون رهيون پر انهن کي ڪاميابي نصيب نه ٿي. نيٺ 1449ع ۾ خود بادشاهه جي سرپرستي ۾ فوجن منگوليا تي حملو ڪيو پر منگولن هٿان شڪست کائي بادشاهه گرفتار ٿيو، جنهن جي بازيابي لاءِ منگ خاندان کي ڊگهي جنگ وڙهڻي پئي. 1516ع ۾ چين ۽ يورپ ۾ سامونڊري واپاري رابطه پيدا ٿيا. 1610ع ۾ هڪ اطالوي عيسائي پادري گوانگ ڊونگ بيجنگ ۾ هڪ عيسائي مذهبي ادارو قائم ڪيو.
منگ حڪمرانن 60 سالن تائين وڏي دٻدٻي سان حڪومت ڪئي پر شي زونگ (1521 کان 1527ع) جي زماني ۾ زوال جو شڪار ٿي. نورهاچو کي تاتاري قبيلن 1585ع ۾ پنهنجو سردار بڻايو. 1617ع ۾ هن پنهنجي مشهور ڪتاب ”چينين خلاف تاتارين جي نفرت جا ست ڪارڻ“ شايع ڪيو ۽ ان جي بنياد تي چينين خلاف جنگ شروع ٿي وئي. اتر اوڀر ۾ تاتارين ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ جاپاني قزاقن جي مسلسل حملن حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. شاهي درٻار ۾ کدڙن جي اهميت وڌي وئي ۽ انهن سياسي مخالفن کان چونڊي چونڊي بدلا ورتا، جنهن جي نتيجي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. نون نون ٽيڪسن عوام کي ايتري قدر بدظن ڪري ڇڏيو جو اهي بغاوت تي آماده ٿي ويا. ان بغاوت کي ”ڀوڪ جي بغاوت“ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. اها بغاوت وڌندي وڌندي فوجي ڇانوڻين تائين پکڙجي وئي ۽ هاري فوج هڪ ڀيرو ٻيهر اڳرائي شروع ڪئي ۽ هڪ ڊگهي سفر کان پوءِ بيجنگ ۾ داخل ٿي وئي. جيتوڻيڪ سنگ طي جيڪو منگ خاندان جو آخري بادشاهه هو کي رڳو هڪڙو ڊپ نه هو، سمنڊ جي طرف کان 1635ع ۾ انگريز داخل ٿيا ۽ فوجن ۽ توپن جي زور تي ڪانٽن تي حاوي ٿيا. خود ملڪ ۾ لي زي چينگ ڌاڙيل پنهنجو جٿو گڏ ڪري تمام مضبوط فوج تيار ڪري ورتي ۽ پوري ملڪ ۾ ڪاهون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. ايستائين جو وڌندي وڌندي حڪومت جي فوجن سان مقابلو ڪري انهن کي مات ڏني ۽ گادي واري هنڌ تي به حملو ڪري ڇڏيو. هو جڏهن شهر ۾ قيد ٿي ويو ته هن شاهي محل جي پويان ڪوئلي جي هڪ جبل تي وڃي پاڻ کي ڦاسي ڏئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ مانچو خاندان پنهنجو اقتدار قائم ڪري ورتو.

مانچو خاندان جو دؤر

مانچو خاندان ۾ 10 وڏا بادشاهه ٿي گذريا آهن.
(1) شيون شي 1644ع
(2) ڪانگ سي 1662ع
(3) ينگ چنگ 1722ع
(4) چن لونگ 1736ع
(5) چياجنگ 1796ع
(6) ٽاڙ ڪوانگ 1821ع
(7) سين فنگ 1851ع
(8) ٽنگ چي 1862ع
(9) ڪوانگ سو 1875ع
(10) سوانگ ٽنگ 1908ع
مانچو خاندان نزين قبيلي سان تعلق رکي ٿو جيڪو مودان ۽ شنگهاري درياءَ جي ميلاپ واري وادي جا رهندڙ هئا. انهن جي گذرسفر جو ذريعو ٻني ٻارو هو. 1580ع جي ڏهاڪي ۾ مانچو قبيلي جي سردار نورهاچي جيڪو تائي زو جي نالي سان به مشهور آهي، ان ٻئي قبيلي کي شڪست ڏئي 1616ع ۾ ڪوئنگ حڪومت (جنهن جو نالو پهريان جن هو) قائم ڪئي. اها رياست ايترو ته وڌي ويجهي جو سوزي درياءَ کي پار ڪري ڊالن درياءَ جي ڪنارن تائين وڃي پهتي. پوءِ تائي زو منگ شهر تي قبضو ڪري گادي جو هنڌ اوڏانهن منتقل ڪيو. جڏهن 1626ع ۾ هن وفات ڪئي ته سندس پٽ تائي زونگ تخت تي ويٺو. هن ڪاميابين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو جو منگوليا سان گڏوگڏ مغرب جي ڪيترن ئي شهرن تي قبضو ڪري ورتو. ان کانپوءِ هن جي فوج بيجنگ جو رخ ڪيو ۽ دره شانهائي گوان (جتي ديوار چين ۽ سمنڊ ملن ٿا) مان گذري منگ ڇانوڻي جي ڪمانڊر کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو. اهڙي طرح ديوار چين پار ڪري مانچو فوجن بيجنگ تي قبضو ڪري ورتو پر ان کان پهريان تائي زونگ وفات ڪري چڪو هو ۽ ان جي جاءِ تي ان جو پٽ فولن صرف 6 سالن جي عمر ۾ اقتدار سنڀالي شهنشاهه چين ٿيو. هو تاريخ ۾ شاهه سن چي آف ڪوئينگ جي نالي سان مشهور آهي. شهنشاهه جي نابالغي جي زماني ۾ هن جو چاچو اماوانگ حڪومت جو سربراهه رهيو ۽ ان زماني ۾ هر طرف امن امان رهيو ايستائين جو ڪجهه بغاوتون پاڻمرادو ختم ٿي ويون. هن جي وفات کانپوءِ به شهنشاهه اهي روايتون برقرار رکيون. فتح ڪيل منگ خاندان جا طرفدار روز ڪنهن نه ڪنهن تخت جي دعويدار کي آڻي بيهاري ڇڏيندا هئا ۽ ويڙهه کان پوءِ ئي ان جو فيصلو ٿيندو هو. ان جو سبب اهو هو ته يورپي واپاري ۽ پادري منگ خاندان جي زماني ۾ وڌندا پئي ويا. ايستائين جو امير، وزير ۽ شاهي خاندان جا ڪجهه شهزاده به عيسائي ٿي ويا هئا ۽ يورپ وارن جا طرفدار هئا. نئين حڪومت ۾ انهن کي ساڳيا موقعا نه هئا، ان لاءِ اهي شڪست کاڌلن کي ڀڙڪائيندا ۽ پنهنجي توپ خانن مان انهن جي مدد ڪندا هئا. ڌارين جي آمد جو سلسلو زورشور سان جاري هو. پرتگال ۽ هالينڊ وارا ته گهڻو اڳ کان ديرا ڄمائي چڪا هئا. روسين به ڪجهه عرصي کان پوءِ پنهنجو اثر ۽ اقتدار وڌائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون هيون ۽ آخرڪار اتر ۽ اتر اولهه جي هڪ وڏي حصي تي انهن جو اثر ٿي ويو. انگريز به آيا پئي پر پرتگال وارا ڪنهن ٻي مغربي طاقت جي اچڻ کي پسند نه ڪندا هئا. تبت جو دلائي لامه پاڻ پيڪن آيو ۽ جيتوڻيڪ قبلائي خان جي زماني کان کيس دلائي لامه چيو ويندو هو پر شهنشاهه باضابطه طور اهو خطاب لامائي تبت کي عطا ڪيو.
جڏهن مغرب ۾ سي وانگ بغاوت جو علم بلند ڪيو ته بادشاهه جو خيال هو ته جيڪڏهن سندس فوج عالمن جي اثر هيٺ نه رهي ته گهر جي بندشن مان نڪري ۽ تمام بهادري سان وڙهي سگهي ٿي ۽ شڪست نه ٿيندي. ان لاءِ هن پهريان 30 هزار عالمن کي ترار سان قتل ڪيو ۽ پوءِ سپاهين جي 4 لک زالن ۽ عورتن کي ماري ڇڏيو پر اها قرباني ڪنهن به ڪم نه آئي، ڇاڪاڻ ته اهو سردار ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پاڻ ئي ختم ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ بغاوت به ختم ٿي وئي. چيو ويندو آهي ته شهنشاهه جي محبوب زال جي وفات هن جي دل ٽوڙي ڇڏي هئي. شن چي کان پوءِ ان جو پٽ ڪانگ سي تخت تي ويٺو.
ان زماني ۾ وڏين بغاوتن کان سواءِ سمنڊ ۾ به طوفان آيا. فارموسا جزيرو هالينڊ وارن جي قبضي ۾ هو. اتي چينگ چي لنگ پنهنجي طاقت گڏ ڪري، سمنڊ اندر ڦرلٽ مچائي ۽ چين جي سامونڊري شهرن جا رستا بند ڪري ڇڏيا. ان جي پٽ ڪائوسنگ بي ياڪوڪسنگا پيءُ کان به وڌيڪ هٿ ڊگها ڪيا ۽ فارموسا مان ڊچ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ ان جو خودمختيار بادشاهه بڻجي ويو. شهنشاهه ان جي آڏو بلڪل مجبور هو ان لاءِ هن سامونڊي شهر وارن کي حڪم ڏنو ته اهي سمنڊ کان 10 ميل پري خشڪي ڏانهن هٽي وڃن ۽ موجوده شهرن کي تباهه ڪري نوان شهر ٺاهين. ان سان ماڻهن کي تمام گهڻو نقصان پهتو. ملاح ته مصيبت ۾ اچي ويا. بهرحال خدا خدا ڪري 1661ع ۾ ڪوڪسنگا جو پيءُ شهنشاهه جي ورچڙهي ويو ۽ قتل ڪيو ويو ان جي هڪ سال کان پوءِ ڪوڪسنگا به مري ويو.
ڪانگ سي جو حڪومتي دور اڌ صدي تائين هندستان ۾ اورنگ زيب جي حڪومت جو ساڳيو زمانو رهيو. تخت تي ويهڻ وقت هن جي عمر 8 سال هئي پر 14 سالن جي عمر کان ئي هو وزارت جي سمورن ڪمن کي پاڻ جانچڻ لڳو. ان زماني ۾ منگ درٻار جا ڪيترائي آفيسر ڪوئينگ بادشاهت سان ملي ويا ۽ پنهنجي هان قوم سان غداري جا قصوروار بڻيا. تنهن هوندي به ڪجهه آفيسر مانچو خاندان خلاف مزاحمت به ڪندا رهيا. ان زماني ۾ منگ خاندان جي وزير ووسان ڪوئي جي بغاوت ذڪر جوڳي آهي. ڇاڪاڻ ته اهوئي اهو ماڻهو هو جنهن مانچوئن کي گهرايو هو. ڪانگ سي جي زماني ۾ هو ڏکڻ اولهه صوبن جو حاڪم هو پر ايتري قدر خودمختيار هو جو شهنشاهه جي حڪمن کي به ٿڏي ڇڏيندو هو. شهنشاهه هن جي فرمانبرداري آزمائڻ لاءِ کيس درٻار ۾ گهرايو. هن کي به شڪ ٿيو ۽ هن انڪار ڪري ڇڏيو. ان جو مطلب سڌي سنئين بغاوت هئي جيڪا معمول موجب جنگ کانپوءِ ختم ٿي، جڏهن ته ان لاءِ ڪانگ سي کي پنهنجي سڄي طاقت ان ڪم ۾ لڳائڻي پئي، ڇاڪاڻ ته نه رڳو اهو ته چينين جي همدردي ووسان ڪوئي سان گڏ هئي پر آسماني آفتون به ان جي راهه ۾ رڪاوٽ هيون. اهڙي طرح جو ان ئي سال پيڪن ۾ زبردست زلزلو آيو جنهن سبب جان ۽ مال جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، ايتري قدر جو شاهي محل به برباد ٿي ويو.
يورپ جي عيسائين کي شروع شروع ۾ ته ڪانگ سي ڏاڍو ساراهيو ۽ وڌايو ڇاڪاڻ ته اهي رياضي، آسماني علم، جغرافيه ۽ طب جا ماهر هئا. انهن جي مذهبن ڏانهن به هن جو خيال بهتر ٿيندو پئي ويو پر عيسائين جي پاڻ ۾ ئي ويڇن هن کي انهن جي خلاف ڪري ڇڏيو. پهريان اهو ته چيني پنهنجي وڏڙن واري واٽ ڪنهن به طرح نه ڇڏڻ چاهيندا هئا. هڪ عيسائي فرقو اهو چوندو هو ته ان جي باوجود به عيسائي مذهب اختيار ڪري سگهجي ٿو ٻيو ان جي سخت خلاف هو، ايترو ئي نه پر هڪ فرقو ٻئي فرقي کي پنهنجي وس آهر ڪوڙو ڪرڻ ۾ رڌل هو. هڪڙو وڏو بحث ته اهو هو ته خدا کي چيني زبان ۾ طين (آسماني قوت) چئجي يا طين چو (آسماني حاڪم) يا شانگ طي (خودمختيار حاڪم). ان جي فيصلي ۾ بادشاهه جيڪو چيو اهو پوپ منظور نه ڪيو جنهن تي شهنشاهه کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي ڇاڪاڻ جو پهريان اهو ته چيني زبان بابت پوپ جو دخل ڏيڻ هن لاءِ بي معنيٰ هو ۽ ٻيو ته جڏهن بغير عيسائي هجڻ جي پوپ کي اهي اختيار هئا ته عيسائي ٿيڻ کانپوءِ ته جيتوڻيڪ هن جي شهنشاهيت نالي ماتر به نه رهندي. مقصد اهو ته ان سبب جي ڪري چيني حڪومت عيسائي نه ٿي نه ته هو بلڪل تيار هئي. (اهڙو ئي هڪڙو واقعو اسلام جي تاريخ ۾ به ٿي گذريو آهي، ڪنهن وقت ۾ روس جو بادشاهه به اسلام آڻڻ لاءِ تيار هو پر هن کي شراب جي تمام گهڻي عادت هئي، ان لاءِ هن مسلمان نمائندن کي چيو ته ٻيون سڀ ڳالهيون ته منظور آهن پر آءٌ شراب نه ٿو ڇڏي سگهان. ڪجهه مولوي ان ڳالهه تي اٽڪي پيا ته ايئن اسلام آڻڻ ته بلڪل بيڪار آهي. جيتوڻيڪ بادشاهه پنهنجي تمام وڏي سلطنت جي عيسائي ٿي رهيو. اسان جي مولوين ان وقت اهو نه سوچيو ته جنهن خدا بادشاهه کي اسلام جون خوبيون سمجهڻ جي توفيق ڏني آهي اهو آئنده ان کان شراب به ڇڏائي ڇڏيندو.) ڪانگ سي جي زماني ۾ علم ۽ ادب کي تمام گهڻي ترقي ملي، هڪ ڪتاب 1628جلدن ۾ لکيو ويو. ان جي هر جلد ۾ 2 سو صفحا هئا. پاڻ بادشاهه هڪ مقدس حڪم نامو شن بو جي نالي سان جاري ڪيو. جنهن ۾ 16 اصول ٻڌايا ويا آهن. ان کان سواءِ به بادشاهه ڪيترائي سڌارا آندا. مثال طور عورتن جا پير ٻڌڻ جي رسم خلاف حڪم جاري ڪيا. معززن جي جنازن تي عورتن جي قرباني بند ڪئي. (اها رسم انتهائي وحشياڻي هئي.) گذريل بادشاهه شن چي جي محبوبه جي جنازي تي 24 عورتن کي ذبح ڪيو ويو هو. هن فوجي ڍل وٺڻ وارو سلسلو به بند ڪيو. 1722ع ۾ شهنشاهه هڪ نئين ۽ عجيب و غريب رسم ادا ڪئي اها سندس 60هين سالگره هئي ان لاءِ هن پوري ملڪ جي 60 سال کان مٿي جي ماڻهن کي گادي واري هنڌ گهرايو ۽ جشن ملهايو، پر ان جي صرف ڪجهه مهينن کانپوءِ 20 ڊسمبر 1722ع تي شهنشاهه فوت ٿي ويو.
ڪانگ سي کانپوءِ ينگ چينگ تخت تي ويٺو. اهو تمام نيڪ ۽ سٺو بادشاهه هو. هن جو تمام مختصر زمانو ڪاميابي ۽ ناماچار سان گذريو پر مانچن لاءِ چينين جي دلين ۾ نفرت گهٽ نه ٿي، جيتوڻيڪ ڪوئينگ بادشاهت کي تمام گهڻين بغاوتن ۽ جنگي مهمن ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. انهن مان تبت تي فوج جي چڙهائي اهم آهي. جڏهن 18هين صدي ۾ ڇهين دلائي لامه کي واپس ليحاشا آڻڻ لاءِ فوجون موڪلڻيون پيون. تڏهن 1726ع ۾ ڪوئينگ حڪومت هڪ اعلاميي ذريعي تبت جي ڪمشنر کي سمورا اختيار ڏئي ڇڏيا ۽ تبت مرڪزي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو. اهڙي طرح ين جيانگ صوبو به مرڪزي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ هليو ويو. 1770ع جي ڏهاڪي ۾ مختلف صوبن ۾ مانچو حڪمرانن خلاف بغاوتون اڀرڻ لڳيون پوءِ انهن جي جاءِ مجلسن ۽ سازشن ورتي، جيڪي اڃا وڌيڪ خوفناڪ ثابت ٿيون. ”سفيد ڪنول سوسائٽي“، ”ڌرتي ۽ آسمان“ ۽ ”ٽن حصن ۾ ورهائڻ (مذهبي لحاظ سان)“ تحت هارين جي بغاوتن ڪوئينگ حڪومت کي تمام گهڻو ڪمزور ڪيو. ڏکڻ اولهه ملڪ ۾ 2 لک ٻڌ درويش اٿي کڙيا ٿيا، ان بغاوت کي روڪڻ لاءِ شهنشاهه حڪم ڏنو ته ڪنهن به خانقاهه ۾ 3 سؤ کان وڌيڪ درويش نه ٿا رهي سگهن ۽ نه ئي درويشن کي هٿيار رکڻ جي اجازت آهي.
ڌارين سان چينين جي رويئي ۾ ڪابه تبديلي نه آئي. روسي سڀني کان وڌيڪ ڪامياب رهيا، ڇاڪاڻ جو انهن جو مقصد صرف سياسي هو، مذهبي تبليغ هنن جو مقصد نه هو، عيسائي پادرين خلاف هڪ حڪم 1724ع ۾ جاري ٿيو. جنهن ڪري اهي ملڪ مان بيدخل ڪيا ويا ۽ سڀ جا سڀ ڪانٽن ۾ محدود ٿي رهجي ويا.
چين جي ٻين سمورن حڪمرانن جي ڀيٽ ۾ ڪوئينگ حڪمران وڌيڪ مرڪزيت پسند هئا ۽ ان جا اڪثر فيصلا مرڪزي گرينڊ ڪائونسل ڪندي هئي. ان کان علاوه فوجي ۽ سياسي معاملا سڌاسنوان بادشاهه جي ڪنٽرول ۾ هئا. رياستي وزير گرينڊ ڪائونسل جا حڪم جاري ڪندا هئا. فتح ڪيل هان عوام تي هر طرح جا ظلم ڪيا ويندا هئا. جيڪو ليکڪ مانچو خاندان خلاف ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪندو هو ان کي موت جي وادي ۾ اڇلايو ويندو هو. پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ان زماني ۾ ڪجهه شعبن ۾ چڱي ڀلي ترقي ٿي. مثال طور گوانگ ڊونگ صوبي ۾ رڳو چانهه تيار ڪندڙ ورڪشاپن ۾ 5 سؤ مزدور ملازم هئا. سٽ ڪتڻ ۽ ڪپڙو اڻڻ جي ڪارخانن ۾ 50 هزار پورهيت ملازم هئا. ان زماني ۾ چين ڌاڳي ۽ ڪپڙي جي صنعتن ۾ تاريخي شهرت حاصل ڪئي، ان زماني ۾ هڪ پوئتي پيل بينڪون هونديون هيون، اهي قرض ڏينديون، ماڻهن جا پئسا جمع ڪنديون ۽ ٽيڪس وصول ڪنديون هيون. ان زماني ۾ واپار ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي. چين ۽ روسي حڪومت وچ ۾ باضابطه تجارتي معاهدن ذريعي واپار ۽ ڪاروبار کي هٿي ملي. 1727ع ۾ ڪائي چٽا معاهدو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. اهڙي طرح آبي تجارت ۾ به پرتگال، هسپانيه ۽ لالينڊ سان به واپاري لاڳاپن ۾ اضافو ٿيو. ينگ چينگ قتل جي سزا جي حڪمن کي تبديل ڪري انهن کي انصاف، عقل ۽ انسانيت تي رکيو. سٺن زميندارن کي اعزاز عطا ڪرڻ جي رسم وڌي، علم ۽ ادب کي تمام گهڻي ترقي ڏني، هو پاڻ به وڏو عالم هو. هن جو ڪتاب ”جنگ جا اصول“ تمام مقدس لکڻي سمجهي ويندي آهي. 1730ع ۾ پيڪن ۾ جيڪو زلزلو آيو ان سڄي شهر کي اونڌو ڪري ڇڏيو، هڪ لک جانيون ضايع ٿيون، بادشاهه آخرڪار 5 آڪٽوبر 1735ع ۾ فوت ٿي ويو.
ينگ چين جي وفات کان پوءِ هن جو چوٿون پٽ ڪين لنگ تخت تي ويٺو. هن اندرين بغاوتن کي دٻائي وچ ايشيا جو رخ ڪيو. جنهن کي هن جي وڏن بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو هو. هن ٻيهر اتي چين جو ڌاڪو ڄمايو ۽ امن امان قائم ڪيو. حالتون بهتر ٿيڻ ڪري ئي تاتارين جو قبيلو ترغوب سائبيريا مان واپس پنهنجي ملڪ ۾ اچي ويو. (اهو قبيلو پنهنجي ملڪ جي هر ڏينهن جي هجرتن کان بيزار ٿي سائبيريا جي ٿڌن علائقن ۾ هليو ويو هو، جيڪو روسين لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيو. هينئر جڏهن هنن پنهنجي ملڪ ۾ امن امان جي خبر ٻڌي ته ٿڌ جون تڪليفون ختم ٿيڻ لڳيون ۽ هنن اهو طئي ڪيو ته جيئن به هجي پنهنجي وطن موٽي هلجي. روسي فوجن انهن کي روڪڻ لاءِ سندن گهيراءُ ڪيو پر اهي جان تري تي رکي اتان کان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. رستي ۾ روسي عورتن ۽ ٻارن کي گولين جو نشانو بڻائيندا رهيا پر اهي تيستائين هلندا رهيا جيستائين منجهن هڪ وک کڻڻ جي به سگهه هئي. اهڙي طرح اهو قبيلو هزارين قربانيون ڏئي ترڪستان پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.) ٻئي طرف ڏکڻ ۾ 1768ع ۾ حدن جي معاملي تي جهيڙو ٿيو ۽ شهنشاهه ڪين لنگ ان کي تلوار جي زور تي حل ڪيو. پوءِ ڏکڻ اولهه جابلو قبيلن جو گهيراءُ ڪيو ڇو ته ان طرف کان هميشه بغاوت جو خطرو رهندو هو جن کي هن ڀيري 1777ع ۾ شهنشاهه تقريباً ختم ئي ڪري ڇڏيو هو. ان سان گڏ ئي تبت ۾ به نئون جهيڙو شروع ٿي ويو. ڪنهن بي وفائي جي ڪري نيپالي تبت ۾ گهڙي آيا ۽ ڦرلٽ شروع ڪري ڏني پر شاهي فوجون جلد پهچي ويون ۽ انهن نيپالين کي واپس نيپال ڀڄائي ڇڏيو.
ٻين مذهبن سان مذهب جي حيثيت ۾ شهنشاهه کي ڪابه اڻبڻت نه هئي، پر سياسي نقطه نظر سان چين کان سواءِ ڪنهن جو به طرفدار نه هو. اتر اولهه صوبن جي مسلمانن جي هو سخت خلاف هو بلڪ هڪ ڀيرو ته هو انهن سڀني کي قتل ڪرڻ جو سوچي رهيو هو پر ان جي باوجود هن جي هڪ زال مسلمان هئي ۽ ان سان هو ايتري قدر محبت ڪندو هو جو ان لاءِ هن هڪ ٻه منزله محل اهڙي ريت تعمير ڪرايو جو هڪ طرف هوءَ مسجد کي ڏسي ٿي سگهي ته ٻئي طرف پنهنجي وطن ترڪستان کي. اهڙي طرح جڏهن عيسائي پادرين پر ڪڍڻ شروع ڪيا ته هن کي انهن خلاف به حڪم جاري ڪرڻا پيا. اهوئي اهو زمانو هو جڏهن اسپينين فلپائن ۾ چينين جو قتل عام شروع ڪري هزارين چينين کي ترارن سان قتل ڪيو هو. ان ڪري چين ۾ پادرين خلاف اڃا به وڌيڪ سختي ٿي وئي. مذهب کان سواءِ شهنشاهه وٽ ٻه واپاري وفد به آيا، هڪ انگريزن جو ۽ ٻيو ڊچ ماڻهن جو، پر ڪنهن کي به ڪاميابي حاصل نه ٿي.
1796ع ۾ شهنشاهه ڪين لنگ تمام گهڻو پوڙهو ٿي ويو هو ۽ ٻيو ته سندس حڪومت جو سٺ سالن وارو دور به ختم ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ هو حڪومت ڪرڻ ٻئي جو حق سمجهندو هو، ٻئي طرف سندس ماءُ وفات ڪري وئي جنهن سان هو تمام گهڻي محبت ڪندو هو ۽ پوءِ ٿوري عرصي کان پوءِ سندس وڏو پٽ به مري ويو. انهن سببن جي ڪري 1796ع ۾ هن پاڻ ئي تخت ڇڏي ڏنو ۽ ڪياڪنگ تخت تي ويٺو.
ان زماني ۾ ڳجهن جماعتن جون سرگرميون حد کان وڌي ويون، بغاوتون به ٿيون ۽ وري شهنشاهه کي مارڻ جون سازشون به ٿيون. جن ۾ ٻه ڀيرا ته شهنشاهه معجزاڻي طور بچي ويو. نه رڳو ايترو نه پر ان جي زماني ۾ ملڪ تي آسماني آفتون به آيون. پهريان طوفان ۽ ٻوڏون ۽ پوءِ ڏڪار. چين جهڙي ملڪ ۾ جتي موسم جي تبديلي کي حڪومت جي نيڪي يا بدي سمجهيو ويندو هو. انهن قدرتي آفتن جو اهو اثر ٿيو جو حڪومت خلاف سازشن ۾ ڳجهن جماعتن کي مدد ملي. ان زماني ۾ سي ڪيانگ درياءَ جي منهن ۾ دريائي ڌاڙيلن جو هڪ گروهه ٺهيو جيڪو پوري دنيا ۾ مشهور ٿيو. هڪ ٻيو مسئلو جيڪو ان زماني ۾ سامهون آيو اهو آفيم هو. 1620ع ۾ پهريون ڀيرو اسپينين فلپائن مان تمباڪو آڻي چين ۾ ان جو رواج وڌو. شروع شروع ۾ آواره غنڊن تمباڪو سان گڏ آفيم ملائي پيتي ۽ ان جو چسڪو لڳو ته پوءِ رڳو آفيم ئي پيئڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ اها وبا آهستي آهستي پوري ملڪ ۾ پکڙجي وئي. 1685ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني گوانگ زو کان سڄي چين ۾ پنهنجون واپاري سرگرميون وڌائڻ شروع ڪيون ته انگلينڊ مان ٻين شين سان گڏ وڏي مقدار ۾ آفيم به آندي وئي. 1729ع ۾ حڪومت پهريون ڀيرو ان جي روڪٿام جو حڪم جاري ڪيو پر غيرملڪي واپارين کي ان مان وڏو فائدو هو ان ڪري لڪ ڇپ ۾ ان کي جاري رکيو آيا. 1773ع تائين ته رڳو پرتگيزي ئي ان واپار جا حامل هئا پر ان سال جڏهن لارڊ ڪلائيو کي بنگال ۾ ڪاميابيون مليون ته اتي جا آفيم جا فصل به سندس ورچڙهي ويا. جيتوڻيڪ اهو سڄو مال انگريزن ذريعي چين ۾ اچڻ لڳو ۽ اهي ئي ان واپار جا واحد ٺيڪيدار هئا. چيني حڪومت گهڻي ڪوشش ڪئي ته ان نقصان ڏيندڙ واپار کي بند ڪري پر غيرملڪي ڪمپنين جي طاقت ڪانٽن ۽ سمنڊ ۾ اهڙي هئي جو چيني حڪومت انهن جو ڪجهه به بگاڙي نه ٿي سگهي.
1793ع ۾ برطانوي تاجرن جي ايلچي طور لارڊ ميڪارٽني چين آيو ۽ ڪجهه صوبن ۾ واپار ڪرڻ جي اجازت گهرڻ چاهي پر شهنشاهه ڪياڪنگ سندس درخواست رد ڪري ڇڏي ڪوئينگ حڪمرانن پنهنجي اقتدار کي استحڪام بخشڻ لاءِ پرڏيهي واپار کي صرف گوانگ زائو تائين محدود رکڻ ٿي چاهيو ۽ سمورين پرڏيهي ڪمپنين کي سرڪاري واپارين جي هڪ بورڊ ڪوهونگ ذريعي ئي واپار ڪرڻ جي اجازت هئي.
مختصر اهو ته 18 صدي دوران يورپي سرمائيدارن پنهنجي واپاري سرگرمين کي پوري دنيا ۾ پکيڙڻ ٿي چاهيو ۽ انهن لاءِ پنهنجي مقصد کي تقويت ڏيڻ لاءِ چين هڪ اهم ملڪ هو. پکيڙ ۽ آبادي جي لحاظ سان چين هڪ وڏو ملڪ هجڻ ڪري ۽ تمام گهڻن قدرتي توڙي معدني وسيلن جي ڪري خاص ڪشش رکندو هو. جيتوڻيڪ ان اهم منڊي ۾ مسلسل مداخلت جي ڪري ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ ان جو نتيجو آفيم جي جنگ طور ظاهر ٿيو. برطانوي سامراج اڳرائي ڪندي چين تي توپن جي گولن جو مينهن وسائڻ شروع ڪري ڏنو جنهن کانپوءِ چين ۾ نوآبادياتي دور جي نظام جو آغاز ٿيو.

آفيم جون جنگيون

18هين صدي جي شروعات ۾ ڪوئينگ اهل اقتدار خلاف هاري بغاوتون ۽ جنگيون اڀريون ۽ بادشاهت جي ٿنڀن هيٺان زمين کسڪڻ شروع ٿي وئي. يورپ جي سرمائيدارن اندروني ڇڪتاڻ جو فائدو وٺندي، چين جو رخ ڪيو ۽ برطانيه جي ايسٽ انڊيا ڪمپني چيني آفيسرن کي رشوت جي لالچ ڏئي اسمگلنگ ذريعي آفيم جو وڏو مقدار چين ۾ داخل ڪري ڇڏيو. هڪ اندازي موجب آفيم جون 30 هزار پيٽيون چين ۾ آنديون ويون. جن جي ماليت 20 لک چاندي جا ڊالر هئي. ان ڪاروبار ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني سان آمريڪي سرمائيدار به شامل هئا. ايڏي وڏي رقم ادا ڪرڻ سان چين جي معيشت کي وڏو ڌڪ رسيو. صورتحال ايتري ڇڪتاڻ واري ٿي وئي جو آفيم جي اسمگلنگ ۾ ملوث حڪمران طبقي جي سخت مزاحمت جي باوجود سرڪاري آفيسرن پنهنجي اختيارن جو فائدو وٺندي آفيم جي واپار تي مڪمل پابندي هڻي ڇڏي.
شهنشاهه ڪياڪنگ 2 سيپٽمبر 1820 تي 61 سالن جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويو ۽ سندس جاءِ تي هن جو ٻيو نمبر پٽ طائو ڪوانگ تخت تي ويٺو. ان شهنشاهه شروع شروع ۾ پنهنجي فرمانن سان اهڙي اميد ڏياري جو جيتوڻيڪ چين جا ڏينهن بدلجي ويندا پر جلدئي هو عورتن ۽ کدڙن ۾ ڪاهي پيو. شروع ۾ ترڪستان، فارموسا ۽ ڏکڻ اولهه صوبن جي بغاوتن کي ته روڪيو ويو پر اصل نقصان جي شيءِ ته ڪانٽن جي ڇڪتاڻ هئي. انگريزن ۽ چينين ۾ غلط فهميون وڌنديون پئي ويون ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن پاڻ کي ڏاڍو پئي ڀانيو. شهنشاهه طرفان سخت حڪم جاري ٿي چڪا هئا ته آفيم جو واپار ناجائز آهي پر ڪانٽن جا انگريز ان جي پرواهه نه ڪندا هئا. 1836ع ۾ ڪيپٽن ايليٽ انگريز آبادي جو ڪمشنر مقرر ٿي چين آيو. هوڏانهن 1839ع ۾ لِن ڪانٽن جو شاهي ڪمشنر مقرر ٿيو. هي نهايت سياڻو، ملڪ پرست، رعيت جو خيرخواهه ۽ سچو ماڻهو هو. لِن اچڻ شرط ڪانٽن جي سوداگرن کان سموري آفيم طلب ڪئي ته جيئن انهيءَ کي ضايع ڪري ڇڏي پر واپارين صرف هڪ هزار پيٽيون سندس حوالي ڪيون، لِن به انهن جي دوکي ۾ اچڻ وارو نه هو. هن گهيرو وجهي ڇڏيو ۽ 20 هزار 2 سو 83 آفيم جون پيٽيون هٿ ڪري ورتيون ۽ بنا ڪنهن دير جي انهن کي ضايع ڪري ڇڏيو.
هتي موجود ان مهم جي ليڊر لِن هڪ اعلاميو جاري ڪيو ته غيرملڪي بحري جهاز بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان لکت ۾ هڪ قسم نامو ڏيندو ته هن جهاز ۾ آفيم ناهي. انهن پابندين جو بدلو وٺڻ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي نمائندي ڪيپٽن ايليٽ برطانوي حڪومت کي هڪ درخواست ڏني ته اها چين ۾ هٿياربند فوج موڪلي ته جيئن ڪانٽن مان سمورن برطانوي واپارين جي حفاظت سان واپسي جو انتظام ٿي سگهي. اها صورتحال ڏسي همت واري لِن هڪسو برطانيه جي بري ۽ بحري فوج کي ڪانٽن ۾ لهڻ نه ڏنو. برطانيه جو حمله آوار فوجي ٻيڙو اتر طرف وڌڻ لڳو ۽ زيامن پهتو ته اتي موجود چيني فوجن زبردست مزاحمت ڪئي. اڳئين مهيني برطانوي فوجن ڊنگهائي جي جزيري تي قبضو ڪري هائي هي جي دريائي ڇيڙي تي ڇانوڻي ٺاهي ورتي. ٻئي طرف ڊڄڻي، بدعنوان ۽ غيرمقبول ڪوئينگ بادشاهه برطانيه سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ سامراجي قوتن خلاف مزاحمت ڪندڙ آفيسرن کي برطرف ڪري ڇڏيو ۽ هڪ نمائندي کي امن ڳالهين جي هدايت سان گڏ ڪانٽن اماڻي ڇڏيو. 1841ع ۾ ان نمائندي ڪيوئي شان ڪانٽن جي دفاعي تنصيبات کي ٽوڙي برطانوي واپارين کان ڦريل آفيم جي ڏنڊ طور زيانگ ڪانگ (هانگ ڪانگ) برطانوي فوجن حوالي ڪري ڇڏيو. وقت جي بادشاهه طائو ڪوانگ ان بيعزتي ۽ ذلت واري معاهدي کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪيوئي شان کي برطرف ڪري برطانيه خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ 25 فيبروري تي برطانوي فوجن هيومن تي حملو ڪري ڏنو ۽ قلعن جي حفاظت تي مقرر 400 فوجين جي زبردست مزاحمت باوجود هيومن تي قبضو ڪري ورتو. ان لڙائي ۾ سمورا چيني فوجي مارجي ويا. نيٺ ڪوئينگ حڪومت جي جرنيل يي شان برطانوي آفيسرن سان جنگ بندي جو معاهدو ڪيو ۽ ڪانٽن کي برطانوي فوجن جي دخل اندازي کان بچائڻ لاءِ برطانيه کي سٺ لک چاندي جا سڪا ادا ڪري ڇڏيا. ان کانپوءِ ڪانٽن، شنگهائي ۽ ٽن ٻين بندرگاهن ۾ واپار ڪرڻ جي عام اجازت ٿي وئي، اهو معاهدو 1842ع ۾ مڪمل ٿيو.
برطانوي سامراج جي ظلم ۽ ڪوئينگ حڪمرانن جي غداري خلاف عوام ۾ حڪومت خلاف نفرت جي لهر پکڙجي وئي. ماڻهو انگريزن جي سخت خلاف ٿي پيا. هزارين ماڻهو ڪانٽن شهر جي اتر اولهه ۾ گڏ ٿي هڪ هٿياربند قوت ۾ ڀرتي ٿيڻ شروع ٿيا. ان تحريڪ جو نالو ”پنگ ينگ يوان“ هو. ان تحريڪ جي جوانن 30 مئي 1841ع ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ برطانوي فوجين کي گهيري ۾ آڻي ختم ڪري ڇڏيو. ٻاهرين حملن خلاف چيني عوام جي اها پهرين هٿياربند جدوجهد هئي. پنهنجي هڪ هزار فوجين جي اها حالت ڏسي برطانوي فوجين آگسٽ 1841ع کانپوءِ سامونڊي علائقن تي حملو ڪيو ۽ ڏکڻ اوڀر چين ۾ اندر تائين داخل ٿي نانجنگ جي ديوار تائين پهچي ويا. برطانوي فوجين جي ان ڪارروائي دوران انهن کي مختلف ٽڪرن ۾ ورهايل چيني دستن جي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو. ڪوئينگ فوجن جي بزدلي جي ڪري برطانوي اڳرائي خلاف ڪا وڏي مزاحمت نه ٿي سگهي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو شهنشاهه طائو گوانگ ۽ ٻين حڪمرانن سڄي مزاحمت ختم ڪري، برطانوي فوجن آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا.
29 آگسٽ 1842ع ۾ نانڪنگ جي مقام تي هڪ امن معاهدي تي صحيحون ٿيون. جنهن موجب هانگ ڪانگ کي برطانيه جي قبضي ۾ ڏنو ويو ۽ چين 2 ڪروڙ 10 لک چاندي جا ڊالر ڏنڊ طور ادا ڪرڻ قبول ڪيو. ان کان سواءِ 5 اهم بندگاهون گوانگ زائو، زيامن، فزهو، ننگ بو ۽ شنگهائي پرڏيهي واپار لاءِ کوليون ويون. ان سمجهوتي ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته چين جي درآمد ۽ برآمد تي ڍل جو فيصلو برطانيه ۽ چين گڏجي ڪندا. هي اها صورتحال هئي جنهن چين جي خودمختياري کي ته مفلوج ڪيو ئي پر ان سان گڏ چين جي معيشت کي به وڏو ڌڪ رسيو. اهڙا وڌيڪ قدم کڻڻ ۽ رعايتون حاصل ڪرڻ سان چين تي سامراجي قوتن جو قبضو پختو ٿي ويو.
چين ۾ برطانيه جا قدم ڄمندي ئي ٻين سامراجي ملڪن آمريڪا ۽ فرانس به لالچي اکين سان چين طرف ڏٺو ۽ ڪيتريون ئي رعايتون حاصل ڪيون. آمريڪا برطانوي حملي ۾ مدد ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ هن 1844ع ۾ ڪوئينگ حڪومت کي وانگيا معاهدي تي صحيحون ڪرڻ تي مجبور ڪيو. ان معاهدي تحت آمريڪا چين ۾ پنهنجي مفادن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ شروع ڪيو. وامپو جو چيني فرانسيسي ٺاهه چين- برطانيه ۽ چين- آمريڪا معاهدن جي نقل ۾ ڪيو ويو جنهن تحت ڪوئينگ حڪومت چين ۾ رومن ڪيٿولڪ مذهب اختيار ڪرڻ يا ان تي عمل ڪرڻ تي عام پابندي ختم ڪري ڇڏي.
ان معاهدي باوجود ڪيترن ئي علائقن ۾ مزاحمتي تحريڪون شروع ٿي ويون. جيڪي هٿياربند شڪل اختيار ڪنديون ويون ۽ انهن مختلف قسم جون پابنديون لڳائي ڇڏيون. مثال طور فزهو ۾ برطانوي قونصليٽ تي برطانوي جهنڊو نه ٿو ڦڙڪائي سگهجي، گوانگ زائو ۾ نانجنگ معاهدي جي 10 سالن کان پوءِ تائين برطانوي شهرين جي داخلا منع هئي. ان کانپوءِ 1845ع ۾ سينگ پنگ تحريڪ گوانگ زائو پريفڪيٽ جي برطرفي جو مطالبو ڪيو. اهي ٻئي تحريڪون ڪامياب ٿيون. ان سوسائٽي جي ميمبرن جو تعداد لکن ۾ هو پر 1855ع ۾ تائيپنگ انقلاب دوران يي منگچن شينگ پنگ شي يو سوسائٽي جي 75000 ميمبرن کي قتل ڪرائي ڇڏيو. ان دوران پهرين جنوري 1850ع ۾ شهنشاهه طائو ڪوانگ فوت ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ تي هن جو چوٿون پٽ هين فينگ تخت تي ويٺو.
ان زماني ۾ طائي پنگ جي بغاوت شروع ٿي، ڏکڻ ۾ ڪوئي هُنگ سِن چُن هڪ مذهبي عالم طور اڀريو جيڪو مورتي پوڄا جي سخت خلاف هو ۽ هڪ خدا جي عبادت جي تلقين ڪندو هو. هن هڪ ”الله وارن جي جماعت“ ٺاهي. هن جو ڳجهن جماعتن سان ڪوبه تعلق نه هو، پر لفظ جماعت سان حڪومت شڪ ۾ پئجي وئي ۽ ان جي خلاف به حڪم جاري ڪري ڇڏيا. مانچوئن جي ڌاريا هجڻ ڪري چيني هونئن ئي سخت خلاف هئا، انهن حڪمن جي ڪري اڃا به وڌيڪ حڪومت جي خلاف ٿي پيا ۽ نئين جماعت ۾ شامل ٿي ويا. هينئر هنن ۽ حڪومت ۾ باقاعده لڙائي شروع ٿي وئي. ڏکڻ ۾ انهن جو زور وڌيڪ هو ان کان سواءِ حڪومت غيرملڪين جي جهيڙن ۾ ڦاٿل هئي ۽ پوري طرح بغاوت ڏانهن ڌيان نه ٿي ڏئي سگهي. (ڪجهه تاريخدانن جو خيال آهي ته اها بغاوت اصل ۾ غيرملڪين جي ئي عنايت هئي. هنن جنگ دوران حڪومت لاءِ هڪ اندروني راند رچائي ورتي هئي، واضح رهي ته ان بغاوت جو اڳواڻ عيسائي هو ۽ هن جي فوج سان گڏ غيرملڪي هٿيار هئا.) هنگ سن چن وڌندو ئي رهيو ۽ شهر تي شهر فتح ڪري ورتا، ايستائين جو نانڪن تي به قبضو ڪري ورتو ۽ پاڻ طين وانگ جي لقب سان بادشاهه ٿي ويهي رهيو. هن پنهنجي نائبن کي وانگ جو لقب ڏئي چئني طرف اماڻيو ته جيئن ڪاميابين جو سلسلو جاري رهي، اهي وانگ ٽوٽل 11 هئا. هن پنهنجي خاندان جو نالو طائي پنگ رکيو. ان کان پوءِ هو اتر طرف به وڌيو پر ان وچ ۾ شهنشاهه به ڌارين جي مدد سان هڪ فوج مهيا ڪري ورتي هئي جنهن باغين کي شڪست ڏئي آخرڪار 1856ع ۾ نانڪن ٻيهر فتح ڪري ورتو. طين وانگ ۽ ٻين وانگ کي فنا ڪيو ويو. ان بغاوت ۾ 16 صوبا 600 شهر ۽ تقريباً 2 ڪروڙ جانيون ضايع ٿيون.
هين فينگ جو زمانو صرف ان بغاوت لاءِ ئي مشهور ناهي بلڪ ان کان سواءِ به وڌيڪ نقصانڪار شي انگريزن سان ٻي ويڙهه هئي.
1842ع جي معاهدي کانپوءِ به آفيم جو واپار نه گهٽيو ۽ رڳو 1850ع ۾ آفيم جون 50000 پيٽيون هٿ ڪيون ويون. ان کان علاوه مانچسٽر جي ٽيڪسٽائيل مصنوعات ۽ ٻين شين لاءِ برطانوي سامراج چين جي منڊي کي وڌيڪ کولڻ ٿي چاهيو. جنهن جو مطلب مقامي مصنوعات ۽ پيداوار جي تباهي ۽ بربادي کان سواءِ ڪجهه به نه هو. ان سلسلي ۾ برطانيه کي آمريڪا ۽ فرانس جي مدد پڻ حاصل رهي. سڀ کان وڏي ڳالهه اها هئي ته ڳجهي نموني آفيم کڻي ايندڙ چينين جا جهاز به ان واپار ۾ رڌل هئا ۽ آفيم جي واپار جي نقصان کان بچڻ جي خيال سان اهي چيني جهاز به هانگ ڪانگ جي سمنڊ ڪناري موجود هوندا هئا. جڏهن اهي چين جي حدن ۾ گهڙندا هئا ته انهن جهازن تي انگريزي جهنڊو هڻي ڇڏيندا هئا ته جيئن چيني پوليس پڇاڳاڇا نه ڪري. آڪٽوبر 1856ع ۾ اهڙي قسم جي هڪ جهاز تي شڪ ٿيو ته اهو آفيم کڻي اچي رهيو آهي ان لاءِ جڏهن اهو چيني درياءَ ۾ پهتو ته چيني پوليس ان جي تلاشي ورتي ۽ عملي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. انگريزن کي موقعو ملي ويو ۽ انهن فوري طور حملو ڪري ٻه ٽي قلعا فتح ڪري ورتا. ٻئي طرف روسي حڪمرانن به اڳرائي واريون سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون. روس جي وزير پٽياٽن 1857ع ۾ چين جو دورو ڪيو ۽ شنگهائي پهچي روس لاءِ واپاري رعايتن جو مطالبو ڪيو. جڏهن چين جي حڪومت انڪار ڪيو ته هن آمريڪا ۽ برطانيه جي نمائندن سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون ۽ اهڙي طرح ٻين سامراجي ملڪن وانگر اهو به حملي ۾ شريڪ ٿي ويو.
انهيءَ جنگ جي مدد لاءِ 1857ع ۾ لارڊ الجن 5 هزار سپاهي انگلستان کان چين وٺي وڃي رهيو هو، سنگاپور پهتو ته کيس لارڊ ڪيننگ جو تمام ضروري خط مليو جنهن ۾ هندستاني بغاوت جو اطلاع هو ۽ فوج کي هندستان گهرائڻ لاءِ لکيو هو. جنهن ڪري سڄي فوج هندستان هلي وئي ۽ ان دير سان چين ۾ انگريزن کي ڪوبه نقصان نه ٿيو الٽو فائدو ئي ٿيو ڇاڪاڻ ته ان دوران هڪ فرانسيسي پادري چين ۾ قتل ٿي ويو جنهن ڪري فرانسيسي به انگريزن سان گڏجي ويا. آمريڪا ۽ روس پهريان کان ئي پنهنجي جنگي جهازن سان جنگ ۾ شريڪ هئا. هندستان مان به انگريزي فوج فارغ ٿي واپس چين پهچي وئي ته 1858ع ۾ انهن متحد طاقتن چين تي وڏو زوردار حملو ڪيو.
اهي اتحادي فوجون گوانگ زائو تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ اتر طرف وڌيون ۽ اپريل 1858ع ۾ داگو ۽ پوءِ مئي ۾ جيانجن تي قبضو ڪري ورتو. ڪوئينگ حڪومت جيڪا تائي پنگ جي مقامي بغاوت کي ڪچلڻ ۾ مصروف هئي، ڪنهن به قسم جي مزاحمت نه ڪئي ۽ انتهائي بزدلي جو مظاهرو ڪندي شهنشاهه هين فينگ ڀڄي جي هول ۾ وڃي لڪيو ۽ ان جي ڀاءُ پرنس ڪوانگ بنا دير جي ترتيب وار چين برطانيه، چين فرانس، چين روس ۽ چين آمريڪا معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون. انهن معاهدن موجب حملن جو ٽوٽل خرچ ۽ ڏنڊ چين جي حڪومت کي ادا ڪرڻو پوندو. انهن معاهدن ۾ سامراجن جي سمورن مطالبن کي تسليم ڪيو ويو پر ڳالهه اتي ختم نه ٿي. 1859ع ۾ شنگهائي ۾ وڌيڪ ڳالهيون ٿيون ۽ آفيم جي واپار کي قانوني حيثيت ڏني وئي. فرانسيسين جعل سازي سان بعد ۾ 2 نقطا پنهنجي عهدنامي ۾ پنهنجي طرفان وڌائي ڇڏيا ته عيسائي پادرين کي چين ۾ تبليغ جي اجازت هوندي ۽ اڳ ۾ ضبط ڪيل ملڪيتون انهن کي بغير ڪنهن معاوضي جي واپس ڏنيون وينديون. ان تي به خوش نه ٿيا ته اتحاد فوجن بيجنگ ڏانهن قدم وڌائڻ شروع ڪيا ۽ رستي ۾ ڦرلٽ، تباهي ۽ بربادي ڪندا ويا. لارڊ الجن پيڪن جي ان عجوبي نما محل کي، جنهن کي خود يورپ وارا ئي ”دنيا ۾ جنت“ چوندا هئا، توپن سان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. روس امور درياءَ جي اترين علائقن تي قبضو ڪري ورتو ۽ اولهه سمنڊ تي ولاڊي ووسٽڪ جي بندرگاهه ٺاهي ڇڏي. ڪوئينگ حڪمرانن سامراجن کي بيجنگ ۾ رهڻ ۽ پنهنجون سرگرميون جاري رکڻ لاءِ سموريون رعايتون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون. ڪولون بستي مڪمل طور برطانيه جي ڪنٽرول ۾ ڏني وئي ۽ انهن کي ان ڳالهه جي به موڪل هئي ته اهي چيني پورهيتن جو استحصال ڪري سگهن ٿا. اهڙي طرح چيني هڪ ڀيرو ٻيهر برطانيه جا غلام ٿي ويا. ان ئي سال آگسٽ ۾ شهنشاهه هين فينگ وفات ڪري ويو ۽ ٻيو بادشاهه طنگ چي جي لقب سان تخت تي ويٺو.
طنگ چي 4 سالن جو ٻار ئي هو ان لاءِ هين فينگ جون 2 راڻيون ان جي حڪومت جون سربراهه مقرر ٿيون. انهن مان هڪ ته پهرين ۽ اصل ملڪه هئي ۽ ٻي ان ٻار جي ماءُ هئي. پهرين ملڪه رڳو نالي ۾ هئي ۽ سڄا اختيار ٻي ملڪه زوشي جي هٿ ۾ هئا. اها شڪل صورت ۾ رعبدار، ڊگهي قد ۽ تاتاري شبيهه جي مالڪ هئي ۽ هونئن به نهايت عقلمند ۽ مدبر عورت هئي.
سامراجي ملڪن جي قبضن ۽ آفيم جي درآمد جي نتيجي ۾ چين جي هارين جي معاشي حالت بلڪل تباهه ٿي وئي ۽ ڪوئينگ حڪمرانن جنگين جا ڏنڊ ڀرڻ لاءِ هارين تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائي ڇڏيا. هي اها صورتحال هئي جنهن پوري ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو. سامراجن سان نفرت ۽ حڪمرانن خلاف وڌندڙ باغين هڪ ملڪ گير تائي پنگ انقلاب جو بنياد رکيو. ان انقلاب مختلف اقليتن ۾ به بغاوت جا ٻج ڇٽيا. اها هڪ عوامي بغاوت هئي ۽ ان جو سربراهه ڪو سرمائيدار نه پر هڪ اسڪول جو ماستر هونگ زيڪوان، هڪ هاري خاندان سان واسطو رکندڙ هو. هن جنتيان جي ڳوٺن مان تحريڪ شروع ڪري تائي پنگ جي خدني سلطنت جو بنياد رکيو. تائي پنگ جون فوجون صرف چند سالن ۾ 10 هزار کان وڌي 10 لک کان به وڌي ويون. انهن جي نفرت جو نشانو طاقتور اشرافيه، جاگيردار ۽ وياج خور طبقا هئا. اهي جنهن طرف ٿي ويا، رستي ۾ زمينن جي ٽيڪسن ۽ رجسٽرين جا رجسٽر ۽ رڪارڊ ساڙيندا ٿي ويا. جاگيردارن جون ملڪيتون ضبط ڪري غريبن ۾ ورهائيندا ويا. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو غريب هارين جو هڪ وڏو انگ ان فوج ۾ شامل ٿي ويو، شهري غريبن جو تعداد ان کان الڳ هو. انهن 1853ع ۾ نانجنگ ۾ حڪومت قائم ڪري جاگيرداري جو خاتمو آندو. انهن جي انقلابي قدمن سان رياست ۾ وڏي ترقي ٿي، چانهن ۽ ريشم جي برآمد ۾ وڏو اضافو ٿيو، هنن آفيم جي واپار تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي. اهو سڀ ڪجهه ته ٿيو پر هنن ان کان پوءِ چيني حڪومت جي مرڪز بيجنگ کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ نه ئي پرڏيهي تسلط جي مرڪز شنگهائي تي حملو ڪيو.
هڪ اترين مهم ۾ هناني فوجن جي سربراهه ۽ جاگيردارن جو تحفظ ڪندڙ جنگي سردار زينگ گوفان جي فوجن سان تائي پنگ جي فوجن جو جهيڙو ٿي پيو. پنگ فوجن پير پوئتي هٽايا جنهن جي نتيجي ۾ تائي پنگ حڪومت ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿي ويو ۽ اها ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي وئي. 1860ع ۾ هڪ آمريڪي پيشيور قاتل ايف ٽي وارڊ اتحادي فوجن جي ٻيهر تنظيم ڪندي شنگهائي ۽ ٻين علائقن مان ڏوهاري ماڻهو ڀرتي ڪري هڪ فوج تيار ڪئي ۽ ڪوئينگ فوجن جي مدد سان تائي پنگ شهرن ۽ ڳوٺن تي حملا ڪري انهن کي لٽڻ لڳو پر تائي پنگ فوجن انهن کي هر ڀيري شڪست ڏني. جنهن کانپوءِ ڪوئينگ حڪمرانن ۽ برطانيه وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو، ان معاهدي تحت ان فوج جي ڪمانڊ هڪ برطانوي آفيسر سي جي گارڊن حوالي ڪئي وئي. جيتوڻيڪ هڪ برطانوي آفيسر جي سربراهي ۾ ڪوئينگ فوجون ئي چيني عوام مٿان حملا ڪرڻ لڳيون، اهي فوجون 1863ع ۾ سوزهو جي شهر ۾ داخل ٿيون ۽ انهن شهر ۾ قتل عام شروع ڪري ڇڏيو.
ٻئي طرف فرانس جا فوجي ۽ نيوي جا دستا زيجيانگ جي صوبي ۾ تائي پنگ فوجن تي ڪوئينگ ڪمانڊر جي حملن جي پٺڀرائي ڪري رهيا هئا. تائي پنگ جون فوجون سامراجي حملن جو مقابلو نه ڪري سگهيون ۽ 19 جولاءِ 1864ع ۾ نانجنگ تي اتحادين جو قبضو ٿي ويو. انهن سرڪاري عمارتن کي باهه لڳائي ڇڏي ۽ تحريڪ جي اڳواڻن کي گرفتار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. چين جي تاريخ ۾ تائي پنگ جي تحريڪ وڏي اهميت رکي ٿي، ان تحريڪ انهن مذهبي ۽ قومي اقليتن کي اڀارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو جنهن جي نتيجي ۾ ڪوئينگ حڪومت مذهبي اقليتن تي حد کان وڌيڪ تشدد ڪيو.
چين تي سامراجي تسلط عوام جو معاشي استحصال وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن علائقن ۾ هاري، پنهنجي پيداوار سستن اگهن ۾ وڪڻي وڌيڪ مهانگيون ۽ درآمد ڪيل شيون خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. انهن درآمد ٿيل شين ۾ آفيم ۽ تيار ٿيل شيون هيون جڏهن ته سامراج چين مان ريشم، چانهه ۽ ڪپهه تمام گهٽ اگهن ۾ خريد ڪري کڻي ويندا هئا. غيرملڪي بحري جهاز چين جي سمنڊن ۽ دريائن تي قابض هئا. ڪسٽمز جي انتظام ۽ سمنڊ جي نگراني تي هڪ غيرملڪي انسپيڪٽر جنرل مقرر هو. برطانوي هانگ ڪانگ بينڪ، شنگهائي بينڪ، ڪارپوريشن ۽ چارٽر بينڪ آف انڊيا سميت سمورن مالياتي ادارن کي ڪنٽرول ڪري رهيا هئا.
چيني حڪومت فيصلو ڪيو ته بغير بحري طاقت جي ڌارين جو مقابلو ممڪن ناهي، ان ڪري انگلستان مان بحري ٻيڙو خريدڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. بلڪ معاملي ۾ گهڻي اڳڀرائي به ٿي هئي پر سامراجي ملڪن جي مداخلت سبب اهو سودو عين وقت تي رد ڪيو ويو. 1867ع ۾ چين جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ آمريڪن مسٽر برلنکيم جي سربراهي ۾ هڪ چيني وفد ٻين ملڪن ۾ ويو ته جيئن پنهنجو موقف پيش ڪري سگهي. ٻئي طرف ملڪ اندر غيراطمينان جوڳي صورتحال ڪجهه صوبن کي بغاوت تي مجبور ڪري ڇڏيو. صوبي يو-نان ۾ حڪومتي عملدارن مسلمانن کي ايترو ته تنگ ڪيو جو اهي مجبور ٿي سلطان سليمان جي سربراهي ۾ پنهنجي بچاءَ لاءِ اٿي کڙا ٿيا. شهنشاهي فوج جي سامهون هڪ صوبي جي حيثيت ئي ڇا هئي پر مسلمان آخري گهڙي تائين وڏي بهادري سان وڙهيا، جڏهن سڀ اميدون ختم ٿي ويون ته سلطان سليمان پنهنجي پاڻ کي ان شرط تي حوالي ڪيو ته هن جي شهر وارن جي جان بخش ڪئي وڃي ۽ انهن سڀني جي بدلي هن کان انتقام ورتو وڃي چيني ان تي راضي ٿي ويا پر هٿيار ڦٽا ڪرائڻ بعد اهي پنهنجي واعدي تان ڦري ويا ۽ انهن شهر ۾ گهڙي تقريباً 50 هزار هٿين خالي مردن، عورتن ۽ ٻارن کي ذبح ڪري ڇڏيو. (جنوري 1873) ان ئي زماني ۾ وچ ايشيا جا مسلمان تاتاري به آزاد ٿي ويا ۽ چيني حاڪمن کان پنهنجو ملڪ ڇني ورتو پر هتان کان شاهي فوجون پهتيون ۽ اتر کان روسين حملو ڪري ڏنو، وري بدقسمتي سان مسلمانن جو سردار يعقوب جان فوت ٿي ويو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو 1878ع ۾ يارقند ۽ خنن وري چينين جي قبضي ۾ اچي ويا، ان موقعي تي پڻ مسلمانن جو قتل عام ڪيو ويو.
هوڏانهن فارموسا ۾ ڪجهه جاپانين جي قتل جي ڪري جاپانين 1868ع ۾ پنهنجو جنگي ٻيڙو ان جزيري تي آڻي بيهاري ڇڏيو جنهن مان اڻڳڻيو ڏنڊ ڏئي جند ڇڏائي وئي. 1872ع ۾ شهنشاهه جي شادي ٿي ۽ هو خودمختيار ٿي ويو. 29 جون 1873ع تي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چيني شهنشاهه غيرملڪي سفيرن کي محل يا درٻار ۾ نه پر هڪ الڳ عمارت ۾ درشن ڪرايو. 1875ع ۾ شهنشاهه طنگ چي فوت ٿي ويو. (ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته بادشاهه ڪنهن بيماري وگهي مري ويو، ڪجهه جو خيال آهي ته اهو ملڪ جي سربراهه ملڪه يعني خود ان جي ماءُ جو ڪارنامو هو.) شهنشاهه جي وفات جي صرف ڪجهه مهينن کان پوءِ ان جي حامله زال به مري وئي ۽ پهريون ڀيرو مانچو خاندان ۽ سلطنت چاچي جي پٽن ۾ وئي. ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ ملڪه هين فينگ جي ستين پٽ جي پٽ ڪوانگ سو کي جيڪو چئن سالن جو هو تخت تي ويهاريو جنهن کان پوءِ ملڪه جي سربراهي وري شروع ٿي وئي.
ڪوانگ سو جي زماني ۾ شروع ۾ ئي انگريزن سان ڏند چڪ ٿي وئي. چيو ٿو وڃي ته برما سان معاهدو ڪرڻ وقت انگريزي سفارتخاني جي هڪ همراهه کي چينين ماري ڇڏيو هو، جنهن جي بدلي ۾ چيني حڪومت پوري ملڪ ۾ انگريزن جي حفاظت سان سفر جي ذميداري کنئي ۽ 2 لک تائل ڏنڊ ڏنو ۽ پنهنجو هڪ وفد انگلستان موڪلي معافي به ورتي.
ڪوريا ۾ به گرٻڙ ٿي رهي هئي، چيني حڪومت ان طرف کان بلڪل بي فڪر هئي ۽ جهيڙي ۾ پوڻ نه ٿي چاهيائين پر اتي جون ڌاريون قومون پنهنجي پنهنجي نقصان جو مطالبو ڪري رهيون هيون. فرانسيسين جا ڪجهه پادري مارجي ويا، جاپانين جي واپار کي ڌڪ رسيو. جڏهن ته جاپان فوجون ڪاهي چڙهائي ڪري ڏني پر لي هنگ چانگ ٺاهه ڪري ورتو ۽ اهو طئي ٿيو ته ڪوريا هاڻ آزاد سمجهيو وڃي ۽ چيني يا جاپاني فوجون بغير اطلاع جي اتي نه موڪليون وڃن. هوڏانهن فرانس ڪوچين چيني، ڪمبوڊيا ۽ سائيگون ۾ عمل دخل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ شهنشاهه کان اها ڳالهه به نه پڇي ته ان جو يقيني نتيجو جنگ آهي. جنهن ۾ چينين تمام گهڻي همت کان ڪم ورتو ۽ فرانسيسن کي مجبور ڪري ڇڏيو. ان دوران انگريزن وچ ۾ ٽپو ڏئي معاهدو ڪرايو جنهن تحت فرانس کي ڪجهه رعايتون ملي ويون. 1889ع ۾ شهنشاهه ڪوانگ سو جي شادي ٿي وئي ۽ هو خودمختيار ٿي ويو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪه زوشي جي ملڪي سربراهي ختم ٿي وئي. ڪوريا جو فتنو اڃا دٻيو نه هو، جاپاني ڪنهن نه ڪنهن سبب سان پنهنجو حق جتائڻ جي پويان پيل هئا ته بدقسمتي سان ٺاهه جي خلاف چيني فوجون بغير اطلاع تي ڪوريا جي محاذ تي پهچي ويون. جاپان ان کي بهانو بڻائيندي حملو ڪري ڏنو ۽ ڪجهه ئي مهينن ۾ پيڪن تائين پهچي ويو ته مجبور ٿي چينين کي ٺاهه ڪرڻو پيو. جنهن تحت ڪوريا جي مڪمل آزادي تسليم ڪئي وئي. جزيري نما ليائوطنگ فارموسا، پڪاڊوريس ۽ 20 ڪروڙ تائل جاپانين کي ڏنا ويا ۽ پنج وڌيڪ بندرگاهون واپار لاءِ کوليون ويون. ان موقعي تي جرمني، روس ۽ فرانس چينين جا همدرد بڻجي ويا ۽ جزيري نما ليائوطنگ وڌيڪ 3 ڪروڙ تائل جي بدلي چينين کي واپس ڏياريو. جنهن جي نتيجي ۾ اهي همدرد به ٻه ٻه بندرگاهون ڦٻائي ويا. جاپانين سان ويڙهه جو سڀ کان وڏو نقصان اهو ٿيو جو چينين جي ڪمزوري پوري طرح ظاهر ٿي وئي ۽ ان جو فائدو وٺڻ جي لالچ ۾ مغربي قوتون تڪڙ ۾ چين جا ڀاڱا ڪرڻ تي آماده ٿي ويون. ايستائين جو 1899ع ۾ بقول مسٽر برائون چين جي 3 هزار ميل ڊگهي سمنڊ ۾ ڪابه اهڙي بندرگاهه نه هئي جيڪا ڌارين جي قبضي هيٺ نه هجي ۽ جتي چيني پاڻ پنهنجا جهاز ڌارين جي اجازت کانسواءِ بيهاري سگهن.
جنگ جي مغربي طريقي، هٿيارن ۽ علم جو اثر ٿيڻ لازمي هو. چينين مان ڪجهه جو خيال هو ته جيستائين انهن طريقن جي پيروي نه ڪئي ويندي تيستائين ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن نه ٿو ڪري سگهجي. ان لاءِ انهن شهنشاهه کي اهي مشورا ڏيڻ شروع ڪيا. هو پاڻ به انقلابي سڌارن جو قائل هو پر اها ڳالهه يو آن شي ڪائي ۽ پوڙهي ملڪه کي پسند نه هئي، ڇاڪاڻ جو انهن جو يقين هو ته جيڪڏهن مغربيت جي ان حدتائين تقليد ڪئي وئي ته پورو ملڪ مغربين جو ٿي ويندو. جيتوڻيڪ هينئر ملڪه ٽيون ڀيرو حڪومت جون واڳون سنڀالڻ جو ارادو ڪيو ۽ 1898ع ۾ شهنشاهه جي صلاحڪارن کي قتل ۽ شهنشاهه کي قيد ڪري وري ٽيون ڀيرو ملڪ جي سربراهه بڻجي وئي. ملڪه ڪنهن حدتائين ته سامراجن جي عمل دخل کي پسند ڪندي هئي پر هن کي پورو يقين ٿي ويو ته اهي غيرملڪي پوري ملڪ تي قبضي لاءِ ڏند ڪرٽي رهيا آهن ۽ موقعي جي تلاش ۾ آهن. ان لاءِ هن غيرملڪين کي ڪڍڻ لاءِ هڪ تدبير سوچي ۽ ڳجهن جماعتن جي نفرت جو رخ جيڪو پهريان شهنشاهن خلاف هو هينئر غيرملڪين خلاف ڪري ڇڏيو.

چين جاپان جنگ

اوڀر ۾ جاپان به پنهنجي سامراجي ارادن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ آمريڪي سامراج جي مدد سان اپريل 1874ع ۾ چين جي جزيري تائيوان تي چڙهائي ڪئي. ان ڪارروائي ۾ اهم آمريڪي فوجي آفيسر ۽ اڳوڻي آمريڪي ڪونسل جاپاني جرنيلن اوڪوما ۽ سياگو جي مدد ڪئي پر هتي انهن کي زبردست مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو. ان کانپوءِ آمريڪا جي هڪ اڳوڻي صدر يو ايس گرانٽ 1879ع ۾ چين ۽ جاپان وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪندي تائيوان جي علائقي ليوڪيو کي چين ۽ جاپان وچ ۾ ورهائڻ جي تجويز ڏني، جنهن کي چين رد ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ 1881ع ۾ هڪ طرفي ڪارروائي ڪندي جاپان پوري خطي تي پنهنجو قبضو قائم ڪري ورتو.
ڪوئينگ خاندان جو اٺون شهنشاهه ٽنگ چي 2 جنوري 1875ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، وفات وقت هن جي عمر 30 سالن جي لڳ ڀڳ هئي. هن جو موت چيچڪ جي مرض سبب ٿيو. کيس ڪو به اولاد نه هو ان ڪري شهزادي چون جي 4 سالن جي پٽ سائي ئي اين کي ڪوانگ سو جي لقب سان تخت تي ويهاريو ويو ۽ سلطنت جون واڳون فوتي شهنشاهه جي ماءُ ملڪه زوشي جي هٿ ۾ رهيون. ڪوانگ سو جي زماني جي شروعات ۾ چين تي ڏڪار نازل ٿيو. چيلي، شانسي، نهان ۽ ڪانسو ۾ تقريباً هڪ ڪروڙ آبادي بک وگهي مري وئي. ڏڪار سٽيلن صوبن ۾سٺا رستا نه هجڻ ڪري کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون شيون پهچائڻ ۾ سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو. حڪومت محسوس ڪيو ته ملڪ جي مختلف حصن وچ ۾ ريل جو قائم هجڻ ضروري آهي، جيتوڻيڪ هڪ غيرملڪي ڪمپني کي شنگهائي کان واسنگ تائين (12 ميل) ريلوي لائين وڇائڻ جي اجازت ڏني وئي، حڪومت جي ان قدم سان عوام ۾ حڪومت خلاف نفرت جي لهر پکڙجي وئي. جنهن جا 3 ڪارڻ هئا.
(1) ماڻهن جي ابن ڏاڏن جون قبرون ۽ يادگار جيڪي ريلوي لائين جي رستي ۾ اچي ويندا انهن جو نالو نشان ئي مٽجي ويندو.
(2) ريلوي لائين ٺاهڻ سان چين ۾ غيرملڪين جو اثر رسوخ وڌي ويندو.
(3) ٽرينن جي جاري ٿيڻ کان پوءِ چيني مهاڻن کي ٻيڙين جو ڪرايو گهٽ ڪرڻو پوندو.
عوام جي مظاهرن باوجود چين ۾ 14 فيبروري 1876ع ۾ ريلوي جاري ڪئي وئي. مظاهرن ۾ شدت ايندي وئي ۽ هزارين ماڻهو ريلوي انجڻ جي سامهون اچي بيهندا هئا، نوجوان ته پوئتي هٽڻ بدران ڪٽجي مرڻ کي ترجيح ڏيندا هئا. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو حڪومت کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو ۽ 1877ع ۾ غيرملڪي ڪمپني کان ريلوي انجڻ خريد ڪري ان کي درياءَ ۾ غرق ڪيو ويو ۽ ريلوي لائين جزيري فارموسا موڪلي وئي.
برطانوي سامراج برما تي قبضي کانپوءِ پاڻ کي اڃا وڌيڪ وڌائڻ وارن ارادن تي عمل لاٰءِ ڏکڻ طرف چين جي صوبي زينان ۾ مداخلت شروع ڪري ڇڏي. 1876ع ۾ هن ڪوئينگ حڪومت کي چي فوڪنونشن تي صحيح ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. جنهن تحت برطانيه زينان، ميچوان، تبت، ڪوئينگ هائي ۽ ڪانسو ۾ معاشي ۽ فوجي سرگرمين جو اختيار حاصل ڪري ورتو.
جڏهن فرانس جرمني سان جنگ کان فارغ ٿيو ته هن اوڀر ۾ قبضي هيٺ آيل علائقي تي نئين سر پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 1874ع ۾ هڪ معاهدي تحت سرخ دريا جا ڪنارا، بندرگاهه هيپ هونگ ۽ نپوئي غيرملڪي واپار لاءِ کوليا ويا. جنهن کانپوءِ اولهه چين جي صوبي زينان مان به واپار جون راهون کلي ويون. فرانس ويٽنام ۾ به پنهنجون ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. هن صوبي زينان ۾ مداخلت ڪرڻ ٿي چاهي، ان اڳرائي جو نتيجو ئي هو جو چين ۽ فرانس ۾ باضابطه جنگ شروع ٿي وئي. ڪجهه معرڪن کان پوءِ ليويونگ فوجي ڪوششن سان ٽينٽسن جي مقام تي صلح جو معاهدو ٿيو پر فرانسيسي جنرل جي تڪڙ جي ڪري صورتحال وري خراب ٿي وئي. اڃا چيني جنرل کي حڪومت طرفان آخري هدايتون نه مليون هيون ته فرانيسي فوج تڪراري علائقي تي قبضو ڪري ورتو جنهن ڪري وري جنگ شروع ٿي وئي. فوجن جي سربراهي ليويونگ فو ڪري رهيو هو جنهن زينان ۾ فرانسيسي فوجن کي شڪست ڏني جنهن کان پوءِ فرانسيسي ڪابينا ٽوڙي وئي پر چيني حڪمرانن جي ڪمزوري جو نتيجو هو جو فتح حاصل ڪرڻ باوجود انهن فرانسيسي سامراج سان انهن جي شرطن تي ٺاهه ڪيو، جنهن تحت ٽونگ ڪنگ فرانسيسين جي قبضي ۾ هليو ويو ۽ چين کي سرسي هجڻ باوجود هڪ ڪروڙ تائل (ڪرنسي) جنگ جي ڏنڊ طور ادا ڪرڻو پيو.
فرانس سان جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ ليويونگ فو چين ۾ بحري فوج قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، امارات بحري لاءِ لينگ جو نالو تجويز ڪيو ويو. مارچ 1881ع ۾ شهنشاهه جي شادي جو جشن ڌوم ڌام سان ملهايو ويو.
ڪوريا ۾ چين جو عوام گذريل 2 هزار سال کان معاشي ۽ ثقافتي طور تي هڪ ٻئي جي ويجهو رهيو هو. جڏهن سورهين صدي جي ٻئي ڏهاڪي ۾ ڪوريا تي جاپاني فوجن حملو ڪيو ته ڪوريائي ايڊمرل لي شن سن چيني امداد سان جاپاني فوج کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. ان حوالي سان ڪوريا چين جو دوست ملڪ هو. جاپان ۾ سرمائيداري کي هٿي ملڻ سان پيدا ٿيل صورتحال هن جي سامراجي هوس کي اڃا به وڌائي ڇڏيو. جاپاني وزيراعظم تناڪا هڪ منصوبي تحت تائيوان، ڪوريا، منگوليا ۽ چين تي قبضي کانپوءِ پوري دنيا کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو ويٺو هو. جاپان کي ڪوريا ۾ واپار بابت به ڪجهه شڪايتون هيون ۽ چيني حڪومت ان جهيڙي کان پاسيرو ٿي بيٺي هئي ۽ ڪوريا جي واقعن جي ذميداري پنهنجي مٿان نه ٿي کڻڻ چاهيائين پر اتي جون غيرملڪي قومون پنهنجي نقصان جي ازالي جو مطالبو ڪري رهيون هيون جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو جاپان ڪوريا جي خودمختياري کي تسليم ڪندي، ساڻس سڌوسنئون معاهدي ڪري ورتو. چيني حڪومت کي اها ڳالهه نه وڻي، ان دوران 1882ع ۾ ڪوريا ۾ هڪ بغاوت ٿي جنهن جو فائدو وٺندي جاپان پنهنجون فوجون موڪلي ڪوريا جي شاهي محل تي قبضو ڪري ورتو. 1894ع جي هڪ ٻي بغاوت ۾ چين جي حڪومت کان جاپان خلاف ويڙهه ۾ مدد طلب ڪئي وئي، ڪوئينگ حڪومت جاپاني حڪومت ڏانهن هڪ پيغام موڪليو ته چين ۽ جاپان گڏيل طور ڪوريا جي خطي مان پنهنجون فوجون ڪڍي وٺن. جاپانين چيني حڪومت جي تجويز رد ڪري ڇڏي ۽ ڪوريا جي بادشاهه کي گرفتار ڪري ڪوريا جي گادي واري هنڌ سيول ڏانهن ويندڙ سمورن رستن جي ناڪابندي ڪري ڇڏي. ان چڙڏياريندڙ صورتحال جي ڪري چين ۽ جاپان وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي پر ان وقت چين جي ملڪه زوشي جنگ لاءِ بلڪل تيار نه هئي. هن ٺاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جاپان خلاف روس ۽ برطانيه کان مدد طلب ڪئي. ان کان پهريان جو اهي ٻئي سامراجي ملڪ چين جي مدد ڪن جاپان وڏي چالاڪي سان ڪوريا ۽ چين جي ڪجهه علائقن تي قبضو ڪري ورتو.
ڪجهه ننڍن ننڍن معرڪن کانپوءِ 10 سيپٽمبر تي پنگ ينگ ۾ سخت لڙائي ٿي، 6 هزار چيني سپاهي ان جنگ ۾ ڪم آيا باقي بي ترتيبي سان اتر طرف ڀڄي ويا. ان واقعي جي ٻن ڏينهن کانپوءِ بحري جنگ شروع ٿي جنهن ۾ چيني وڏي بهادري سان وڙهيا پر انهن جا 5 جهاز ٻڏي ويا. 21 نومبر تي جاپاني فوج پورٽ آرٿر تي قبضو ڪري ورتو. فتح کان پوءِ شهرين جو قتل عام ڪيو ويو. اهڙي طرح فيبروري 1890ع ۾ وي هاءِ وي، جي مقام تي سخت جنگ ٿي پر چيني بحري فوج جي سربراهه ٽنگ شڪست کان پوءِ صلح جو جهنڊو بلند ڪرڻ کان پوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي. اتر ۾ به چين جي حڪومت شڪست کان پوءِ ٺاهه ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ۽ 17 اپريل تي ڪوشمو نوسڪي ۾ ٺاهه تي صحيحون ٿيون. معاهدي تحت چين جزيري نما ليائوٽنگ، جزيري فارموسا ۽ جزيرن ميڪاڊورس تان هٿ کڻي ويو. چين جاپانين کي 2 سؤ ملين تائل (ڪرنسي) جنگ جي ڏنڊ طور ادا ڪيا. ان کان سواءِ صوبي هوپي، ڪيانگسو، زوچوان ۽ چنڪيانگ ۾ ڪجهه بندرگاهون واپار لاءِ کوليون ويون ۽ جاپانين کي صنعتون هڻڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.
اڳين پنجاهه سالن تائين تائيوان جي عوام جاپان جي قبضي خلاف مزاحمت جاري رکي ۽ ليائوٽنگ تي جاپاني قبضو روس جي سامراجي ارادن جي راهه ۾ رڪاوٽ هو ان لاءِ هن چين جي وحدت قائم رکڻ بهاني فرانس ۽ جرمني جي مدد سان ان معاملي ۾ مداخلت ڪئي ۽ جاپان کي اهو خطو چين حوالي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڏنڊ 2 سؤ ميلن تائل بدران صرف 30 ملين تائل رکيو ويو.
جاپان جي مقابلي ۾ چين کي جيڪا شڪست ملي ان غيرملڪي طاقتن جي لالچ کي اڃا به وڌائي ڇڏيو. انهن جا حوصلا وڌي ويا ۽ چين کي مفت جو مال سمجهي وڌ کان وڌ حصو وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. روس پورٽ آرٿر جو ٺيڪو حاصل ڪري ورتو. آفيم جي ٻي جنگ دوران چين جي بدحالي جو فائدو وٺندي، روس اتر ۽ اتر اولهه ۾ چين جي 15 لک اسڪوائر ڪلوميٽر ايراضي تي قبضو ڪري ورتو. 1898ع ۾ هن لش ين ۽ دلائن خطن کي ليز تي حاصل ڪري چين جي اوڀر ريلوي جي تعمير جو حق حاصل ڪري ورتو. جرمني 1897ع ۾ چائوچو تي رڳو ان ڪري قبضو ڪرڻ مناسب سمجهيو جو ان علائقي ۾ 2 جرمن تبليغين کي قتل ڪيو ويو هو. ان کانسواءِ جرمني 1897ع ۾ جائيوزائو جو علائقو جبري طور ليز تي وٺي اتان کان جنان تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. برطانيه جيڪو چين جاپان تڪرار ۾خاموش رهيو هو ان به 2 اپريل 1898ع ۾ وي هاءِ وي جو ٺيڪو حاصل ڪري ورتو. ان کان سواءِ برطانيه ڪوئينگ حڪومت کي ديوار چين کان ٻاهر ريلوي لائين جي تعمير لاءِ قرض جي پيش ڪش ڪئي، جنهن تي روس ۽ برطانيه وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ۽ نيٺ برطانيه ۽ روس وچ ۾ ريلوي ۽ پٽڙيون وڇائڻ وارن علائقن جي ونڊ ورڇ تي ٺاهه ٿي ويو. فرانس ان کان هڪ مهينو پوءِ رنگچونون تي قبضو ڪري ورتو، ان کان سواءِ گوانگ زائو صوبو ليز تي وٺي ڇڏيو. ايستائين جو اٽلي به سائمن جو مطالبو ڪيو ۽ 1899ع تائين چين جي سمنڊ تي جنهن جي ڊيگهه 3 هزار ميل جي لڳ ڀڳ هئي هڪ به اهڙي بندرگاهه اهڙي نه هئي جتي چيني حڪومت غيرملڪي طاقتن جي اجازت کان سواءِ پنهنجا جهاز ڪاهي وڃي سگهي.
مطلب ته چين کي مختلف سامراجي اثر جي دائري ۾ ورهايو پئي ويو. ديوار چين جي اترين حصي تي روس دعويٰ ڪيو ويٺو هو، برطانيا چانگ جيانگ جو خطو، جرمني شان ڊونگ ۽ يونان جو هڪ حصو، گوانگ ڊونگ ۽ گوانگ زي صوبن جي وڏي حصي تي برطانيه جو قبضو هو. جڏهن ته انهن صوبن جا ٻيا علائقا فرانس جي ڪنٽرول ۾ هئا. جاپان وري فوجيان کي پنهنجي جاگير بڻائي ڇڏيو هو. آمريڪا پنهنجي لاءِ سمورا دروازا کليل رکيا ۽ کيس سامراجن جي قبضي هيٺ علائقن ۾ مداخلت ڪري چيني عوام جو سڌوسنئون استحصال ڪرڻ جو حق حاصل هو. ان سڄي صورتحال ۾ چين جا اقتدار وارا طبقا ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا. هڪ حصو جنهن جي سربراهي ملڪه زوشي ڪري رهي هئي، جيڪا سامراجي ملڪن مان ايندڙ پنهنجي عياشي جي سامان جي لالچ ۾ سامراجي قوتن جي چين ۾ موجودگي کي فخر جي نگاهه سان ڏسندي هئي ٻيو حصو اميرن ۽ جاگيردارن جو هو، جيڪو معاشي ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ سامراجي قوتن جي ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو، ان جي سربراهي لي هانگ زينگ ڪري رهيو هو. اهي ماڻهو ”مغربت جي اثر هيٺ آيل ٽولي“ جي نالي سان مشهور هئا. ٻئي حصا پنهنجن پنهنجن مقصدن تحت هڪ ٻئي جي ٽڪر ۾ هئا ۽ هڪ ٻئي تي برتري حاصل ڪرڻ جي فڪر ۾ رهندا هئا.

باڪسرز جو هنگامو

سامراجي ملڪن صنعتي ادارن، ريلن جي تعمير ۽ کاڻين جي کوٽائي ۾ تمام گهڻو سرمايو لڳايو هو. ان سان چين جي معيشت تي هنن جو ڪنٽرول ٿي ويو ۽ اهي ڪوئينگ حڪومت جي مالي معاملن ۾ سڌوسنئون مداخلت جي قابل ٿي ويا. چين ۾ سامراجي مفادن جي حفاظتي سرگرمين ۾ مصروف گروهن ۾ هڪ ٻي ورهاست سامراجي ملڪن جي ايجنٽي جي حوالي سان هئي جنهن ۾ هڪ طرف روس ۽ ٻئي طرف برطانيه ۽ ٻين سامراجين جي ايجنڊا تي هلي رهيا هئا. ٻئي طرف ملڪ ۾ ڳجهون انجمنون گهڻي عرصي کان قائم هيون، جن جو مقصد رڳو مانچو خاندان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻو هو. انهن انجمنن جي پروپيگنڊه سان چينين ۾ نئون جوش ۽ ولولو پيدا ٿي ويو. عوام ۾ اها ڳالهه زور وٺي وئي ته جاپان جنگ ۾ ان ڪري ڪامياب ٿيو هو جو هن سماج کي بدلائي ڇڏيو هو ۽ هر ڪم ۾ نوان طور طريقا استعمال ڪيا. نوان خيال پکيڙڻ ۾ عيسائي تبليغين کان سواءِ چين جي ڪجهه اعليٰ پائي جي مفڪرن به وڏو حصو ورتو ۽ هوچي صوبيدار چنگ چي ٽنگ جو نالو به وڏي اهميت جو حامل آهي جيڪو 1835ع ۾ پيدا ٿيو. 1910ع ۾ وفات ڪيائين. ڪنفيوشس جو پيروڪار هو. پنهنجي زندگي ۾ هن ڪيتريون ئي يونيورسٽيون قائم ڪيون ۽ علم جي اشاعت ۾ مدد ڪئي. هن ”چين جي واحد اميد“ نالي اهم ڪتاب لکيو. چنگ چي ٽنگ پارلياماني طرز حڪومت جو حامي هو، مغربي تعليم کي آفيم کان گهٽ نقصانڪار نه سمجهندو هو، هن جي خواهش هئي ته عبادتگاهن کي مدرسن ۾ تبديل ڪري ڇڏجي.
ان زماني ۾ ڪانگ يودي نالي (هي شخص ڪنٽين جو رهاڪو هو) هڪ محقق جي ڪتابن وڏي شهرت ماڻي. پٽيراعظم جي سوانح حيات، انگلستان جون آئيني تبديليون ۽ ترڪي جو زوال هن جا بهترين ڪتاب آهن. اهي ڪتاب چين جي شهنشاهه جي مطالعي هيٺ رهندا هئا. ڪانگ يودي هڪ رسالو به شايع ڪندو هو. عوام کيس موجوده وقت جو ڪنفيوشس سمجهندو هو. هن کي شاهه جي حصار ۾ ويجهڙائي حاصل هئي ۽ شهنشاهه اڪثر هن جي مشورن تي عمل ڪندو هو. شهنشاهه نون خيالن ۽ سائنس جي ايجادن مان گهڻو متاثر هو، اڪثر ان موضوع تي ڳالهائيندي چوندو هو:
”چين ۾ ذهين ماڻهن جي کوٽ ناهي، چيني به يورپ ۽ آمريڪا جي رهاڪن وانگر ايجادون ڪري سگهن ٿا پر پراڻن خيالن ۽ رسمن جي پيروي ۽ وسوسن انهن لاءِ ترقي جون راهون بند ڪري ڇڏيون آهن.“
شهنشاهه عزم ڪيو ته ڀل ڪجهه به ٿي پوي پراڻن رواجن ۽ رسمن کي ختم ڪيو ويندو. 1898ع جي شروع ۾ هن 118 غيرملڪي ڪتاب، نقشا، ڌرتي جو گولو ۽ چارٽ خريد ڪيا. ان کان علاوه هن جولاءِ 1898ع ۾ سماجي ۽ تعليمي اصلاح لاءِ جيڪي حڪم جاري ڪيا انهن جو مطلب هي هو.
(1) پيڪن ۾ نيون يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن.
(2) ريلوي لائين کي وڌيڪ وسعت ڏني وڃي.
(3) تعليم جي موجوده طريقي کي بدلايو وڃي.
(4) آرٽ، سائنس ۽ زراعت جي ترقي لاءِ مؤثر تدبيرون اختيار ڪيون وڃن.
(5) اهي سموريون خرابيون ختم ڪيون وڃن جن سان ملڪ جي ترقي رُڪي پئي آهي.
فوتي شهنشاهه جي ماءُ ملڪه زوشي انهن سڌارن کي پنهنجي ۽ پنهنجي خيرخواهن جي حق ۾ نقصانڪار سمجهندي مخالفت شروع ڪري ڇڏي. ملڪه جي راءِ هئي ته ماديت طرف چينين جو رجحان انهن مغربي طاقتن کي فائدو پهچائيندو جيڪي چين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري پاڻ ۾ حصا پتيون ڪرڻ گهرن ٿيون. شهنشاهه کي ملڪه جي خراب ارادن جي خبر پئجي وئي ۽ هن يو آن شي ڪائي کي حڪم ڏنو ته ملڪه کي گرفتار ڪيو وڃي. يو آن شي ڪائي ان تي عمل ڪرڻ بجاءِ سموري فوج ملڪه جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ ملڪه شهنشاهه کي اهو اعلان ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته:
”جيتوڻيڪ ملڪه زوشي ان کان پهريان به اڪثر نازڪ وقتن تي حڪومت جي ڳنڀير مسئلن کي حل ڪندي رهي آهي، ان لاءِ کيس ريجنٽ مقرر ڪيو ٿو وڃي ته جيئن مابدولت سلطنت جي معاملن ۾ سندن مفيد ۽ دانشمنداڻن مشورن مان فائدو حاصل ڪري سگهن.“
ان اعلان کان پوءِ شهنشاهه زندگي جا باقي ڏينهن نظربندي جي حالت ۾ گذاريا. هن کان سمورا اختيار کسيا ويا ۽ پراڻن صلاحڪارن کي قتل ڪيو ويو. ڪانگ يودي وڏي مشڪل سان جان بچائي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو. (ملڪه اقتدار ۾ ايندي ئي ڪانگ يودي جي گرفتاري تي انعام مقرر ڪري ڇڏيو هو.) ملڪه 22 سيپٽمبر 1898ع تي حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ شهنشاهه جي انهن سمورن حڪمن کي رد ڪري ڇڏيو جيڪي هن سماجي ۽ تعيلمي اصلاح لاءِ جاري ڪيا هئا. هن بظاهر پرڏيهي طاقتن جي قبضي کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو، هڪ سرڪاري اعلان جا لفظ هي هئا:
”غيرملڪي طاقتون ڪاوڙيل چيتن وانگر اسان کي تڪي رهيون آهن ۽ اسان جي اندرين علائقن کي ڦٻائڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهن ٿيون. هنن کي خبر آهي ته چين وٽ فوج ناهي، هو اسان سان وڙهڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي. اهي ان حقيقت کان بيخبر آهن ته ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن جن لاءِ چين ڪهڙي به طرح راضي نه ٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن اسان کي وڌيڪ مجبور ڪيو ويو ته ان کان سواءِ ڪو چارو نه رهندو ته اسان پنهنجي مقصد جي صداقت تي يقين رکندي غاصبن جي مقابلي ۾ متحد تي وڃون.“
مانچو خاندان جي مخالفت ۾ جيڪي ڳجهون انجمنون هيون، انهن ۾ آءِ هو چوان گهڻي مشهور ۽ طاقتور هئي. (اها انجمن عوام ۾ باڪسر جي نالي سان مشهور هئي.) ملڪه ان انجمن کي اپيل ڪئي ته شاهي خاندان جي مخالفت بدران غيرملڪي اقتدار جي مخالفت ڪري. باڪسر ملڪه جي مشوري کي مڃي ورتو، ان انجمن جا ميمبر پنهنجي طاقت کي ناقابل فتح سمجهندا هئا ۽ غيرملڪي طاقتن خلاف هنن جو جوش، نفرت ۽ ديوانگي جي حدتائين پهچي ويو هو. باڪسر جي غصب جو پهريون نشانو اهي عيسائي تبليغي بڻيا جيڪي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ رهندا هئا. شائٽنگ ۾ چرچ آف انگلينڊ جو هڪ تبليغي قتل ڪيو ويو. ٽنگفو ۾ به ٻن تبليغين جو ساڳيو ئي انجام ٿيو. هڪ مشهور واقعي نگار جو بيان آهي ته ان فساد ۾ 120 پروٽسنٽ تبليغي، 53 ٻار، 35 رومن ڪيٿولڪ پادري ۽ 9 سسٽرز کي قتل ڪيو ويو. مقتول ڪجهه انگريز هئا، ڪجهه آمريڪي ۽ ڪجهه سوئيڊن جا تبليغي هئا. انهن سان گڏ ڪيترائي نوان عيسائي چيني به قتل ڪيا ويا. ڪجهه ناليوارن چيني عهديدارن عيسائين خلاف تحريڪ کي پوري طاقت سان روڪيو نه ته جاني نقصان جي لسٽ شايد ڊگهي هجي ها.
باڪسرز ملڪ اندر پرڏيهي اثر کي ختم ڪري گادي واري هنڌ ڏانهن وڌڻ لڳا. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ غيرملڪي سفارتخانن جو تعلق پرڏيهي دنيا سان بلڪل ڪٽجي ويو. ريزرو سپاهي انهن جي حفاظت لاءِ ناڪافي هئا. عام طور تي اهو خيال ظاهر ڪيو پئي ويو ته جن غيرملڪي سفيرن کي گهيري ۾ آندو ويو هو انهن مان هڪ به بچي نه سگهندو. جاپاني سفارتخاني جي چانسلر سوگو کي 11 جون تي قتل ڪيو ويو. جرمن سفير بيرن فان ڪيٽل کي به 12 جون تي قتل ڪيو ويو ان ئي ڏينهن پروفيسر جيمس گم ٿي ويو بعد ۾ خبر آئي ته هو قتل ٿي ويو آهي. گهيرو ڪرڻ وارن سفارتخانن تي وڌيڪ سخت حملا نه ڪيا. جنهن مان معلوم ٿيو ٿي ته ان سلسلي ۾ منجهن ڪجهه اختلاف هئا، ان دوران ملڪه ٻه ڀيرا غيرملڪي سفيرن لاءِ فروٽ، کاڌو ۽ ٻيون شيون موڪليون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پرڏيهي سفارتڪارن جي مدد لاءِ فوجي دستو پهچي ويو ۽ ان گهيراءُ ۾ هنن جا 60 سپاهي مارجي ويا، 131 زخمي ٿيا. کاڌ خوراڪ ۽ ٻيو سامان تقريباً ختم ٿي ويو هو. 4 آگسٽ تي جاپاني، فرانسيسي، روسي، جرمن، اٽلي ۽ برطانيه جون فوجون گهيري ۾ آندل پرڏيهي سفيرن جي مدد لاءِ پهچي ويون. 14 آگسٽ تي سکن جو هڪ دستو جنرل گيلي جي ڪمان ۾ گهيري ۾ آندلن وٽ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. بيجنگ ۾ پرڏيهي فوجن جي اچڻ شرط ئي ملڪه ۽ شهنشاهه پنهنجي خاص ماڻهن سان گڏ گادي واري هنڌ کان سيانفو ويجهو هڪ عبادتگاهه ڏانهن هليا ويا. ويندي وقت ملڪه سامراجي قوتن کي ”فسادين“ کي چٿڻ جو پيغام ڏئي وئي. گهيري ۾ آندلن کي ڇڏائڻ کان پوءِ پرڏيهي فوج ٽنگچو ۾ جيڪا رتوڇاڻ ڪئي ان بابت هڪ اکين ڏٺي شاهد جو بيان آهي ته:
”ان افسوسناڪ واقعي سان هر سفيد فام ماڻهو جا لڱ ڪانڊارجي ويندا ته باڪسر ته رڳو 40 تبليغي عورتن ۽ 25 ٻارن کي ئي قتل ڪيو هو پر پرڏيهي فوج صرف هڪ ٽنگچو ۾ جنهن جي باشندن ڪابه مزاحمت نه ڪئي هئي، اهي ظلم ڪيا جو اعليٰ خاندان جي 70 عورتن شرمناڪ زندگي گذارڻ تي موت کي ترجيح ڏني.“
مطلب اهو ته اتحادي فوجن جنهن بي دردي ۽ بربريت سان بيجنگ ۽ ٻين شهرن کي لٽي برباد ڪيو اها منگولن جي بربريت کي به مات ڏئي وئي. پرڏيهي سپاهين جي باهه چينين جي گهرن ۽ دڪانن کي لٽڻ کانپوءِ وسامي وئي. پهريان برطانيه پوءِ جاپاني فوج نظم ۽ ضبط قائم ڪيو. سامراجن اعلان ڪيو ته اهي چين ۾ جنگ ڪرڻ نه پر چين ۾ فسادن تي ڪنٽرول ڪرڻ، امن بحال ڪرڻ ۽ بغاوت کي چٿي چين جي جائز حڪومت کي بحال ڪرڻ آيا هئا. باڪسر تحريڪ ته ختم ٿي وئي پر ان سان سامراجن کي اهو پيغام ضرور مليو ته جيڪڏهن انهن چين کي سڌوسنئون ڪنٽرول ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين اهڙين ڪيترين ئي بغاوتن سان مهاڏو اٽڪائڻو پوندو. سيپٽمبر 1900ع ۾ فيلڊ مارشل جنرل فان والڊرس جي ڪمان ۾ جرمن فوج چين جي سامونڊي پٽي تي لٿي ۽ نقصان جو ڏنڊ وصول ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر اڳتي وڌڻ لڳي پر اها چين جي خوشقسمتي هئي جو ان وقت سياسي مخالفت سبب پرڏيهي طاقتن ۾ ڏڦير پئجي ويو هو. روس چين کان ڳري ڏنڊ جو مطالبو ته ڪري رهيو هو پر ٻين طاقتن سان تعاون نه پئي ڪيائين. چيني حڪومت سان نقصان جي ازالي لاءِ جيڪا ڳالهه ٻولهه شروع ٿي هئي ان جي نتيجي ۾ 7 سيپٽمبر 1901ع ۾ هڪ معاهدي تي ڌرين جون صحيحون ٿيون. جنهن جا شرط هن طرح هئا.
(1) مغربي طاقتن کي باڪسرز جي فساد ۾ جيڪو نقصان پهتو آهي چين ان جي معذرت لاءِ شهزادي چون کي يورپ موڪليندي.
(2) هڪ چيني وفد معذرت لاءِ جاپان موڪليو ويندو.
(3) بيرن فان ڪيسٽر (مقتول جرمن سفير) جي يادگار قائم ڪئي ويندي ۽ ان تي جرمن ۽ لاطيني زبان ۾ مقتول جو نالو ۽ واقعي جي تاريخ لکيل هوندي (اها يادگار جنگ عظيم ۾ چين جي شامل ٿيڻ کان پوءِ ڊاهي وئي.)
(4) چين ۾ ڪجهه سال هٿيارن جي درآمد تي پابندي هوندي.
(5) جيڪي چيني عهديدار ظلم جا ذميوار آهن انهن کي سزا ڏني ويندي.
(6) سنگ يامن جي قديم شاهي عمارت کي پرڏيهي آفيس ۾ تبديل ڪيو ويندو.
(7) نوڪرين لاءِ عام امتحانن جو سلسلو 5 سالن لاءِ بند ڪيو ويندو.
(8) سفارتخانن جي چوطرف ڀت ڏياري ويندي، ان کان سواءِ ٽينٽسن ۽ بيجنگ جي وچ ۾ واقع ٻين هنڌن تي ڪوٽ ڏيڻ جي اجازت ڏني ويندي.
(9) ٽڪو جي قلعن تان توپون لاٿيون وينديون.
(10) 480 ملين تائيل جو ڏنڊ 4 سيڪڙو وياج جي شرح سان 39 سالن ۾ لاڳاپيل طاقتن کي ادا ڪيو ويندو.
(11) ڏنڊ بحري چونگي جي آمدني مان ادا ۽ پرڏيهي بينڪن ۾ جمع ڪرايو ويندو. (ان معاهدي تحت بحري چونگي جو کاتو چيني حڪومت جي اقتدار واري دائري مان ٻاهر نڪري ويو.)
ان معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ملڪه خاندان سميت سيانفو کان بيجنگ واپس آئي ۽ اقتدار سنڀاليائين. ملڪه جو خيال هو ته هوءَ اتحادي فوجن جي مدد سان گهڻي وقت تائين اقتدار جا مزا ماڻيندي، پر وقت ۽ تاريخ ڪهڙو فيصلو ڪيو اهو اسان اڳتي هلي ڏسون ٿا.

آفيم جي جنگين کانپوءِ نوآبادياتي ۽ جاگيرداراڻي نظام جي گرفت

چين تبديل ٿي چڪو آهي. 1840ع جي آفيم جي جنگ کانپوءِ چين آهستي آهستي نيم نوآبادياتي ۽ نيم جاگيرداراڻي معاشري ۾ تبديل ٿي ويو. 18 سيپٽمبر 1931ع جي واقعي تائين، جڏهن جاپاني سامراجن پنهنجو هٿياربند حملو شروع ڪري ڇڏيو، چين ٿورو وڌيڪ نوآبادياتي، نيم نوآبادياتي ۽ نيم جاگيرداراڻي معاشري ۾ تبديل ٿي چڪو هو. چيني جاگيرداراڻو معاشرو تقريباً 3 هزار سال تائين قائم رهيو، پوءِ 19 هين صدي جي وچ ڌاري، پرڏيهي سرمائيداري جي اچڻ سان چيني معاشري ۾ عظيم تبديليون آيون.
جيتوڻيڪ چين جو جاگيرداراڻو معاشرو صنعتي معيشت ۾ ترقي ڪري چڪو هو، ان ڪري چين کي پرڏيهي سرمائيداري کان سواءِ به آهستي آهستي پاڻمرادو سرمائيداراڻي معاشري ۾ بدلجي وڃڻو هو. پر پرڏيهي سرمائيداري جي اچڻ سان اهو عمل اڃا به تيز ٿي ويو. چين جي معاشرتي ۽ معاشي ڀڃ ڊاهه ۾ پرڏيهي سرمائيداري وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو. هڪ طرف ته هن چين جي پاڻ ڀري فطري معيشت جي بنيادن جي اهميت کي نظرانداز ڪندي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گهريلو صنعتن کي تباهه ڪري ڇڏيو ته ٻئي طرف هن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ صنعتي پيداوار جي رفتار تيز ڪري ڇڏي. چيني جاگيرداراڻي معيشت جي بنيادن تي فسادن وارا اثر ته هڪ طرف رهيا ان صورتحال چين ۾ سرمائيداراڻي پيداوار جي ترقي لاءِ ڪجهه خارجي حالتن ۽ امڪانن کي جنم ڏنو. فطري معيشت جي تباهي سرمائيداراڻي پيداوار کي مارڪيٽ مهيا ڪئي ۽ گهريلو صنعتن جي تباهه ٿيڻ سبب هارين ۽ ڪاريگرن جو هڪ وڏو انگ بيڪار ٿي وڃڻ سان صنعتي پيداوار کي جاري رکڻ لاءِ مزدورن جو مسئلو به حل ٿي ويو.
اصل ۾ تقريبا 60 سال پهريان 19هين صدي جي آخر ۾ جاگيرداراڻي اقتصادي ڍانچي ۾ ڪجهه سوراخ پوڻ سان پورهيتن، جاگيردارن ۽ وچولي طبقي پرڏيهي سرمائي جي تحريڪ تحت جديد صنعت ۾ سرمايو لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيو. تقريباً 40 سال پهريان 20 هين صدي جي شروعات ۾ چيني سرمائيداري ڪجهه قدم اڳتي وڌي. پوءِ تقريباً 20 سال پهريان، پهرين سامراجي جنگ دوران چيني قومي معيشت ڪجهه وسعت اختيار ڪئي، خاص طور تي موتي ۽ اٽي جي صعنت. ان جو ڪارڻ اهو هو ته يورپ ۽ آمريڪا جا سامراجي ملڪ جنگ ۾ مصروف هئا ۽ انهن عارضي طورتي چين تي پنهنجو تشدد بند ڪري ڇڏيو.
چيني سرمائيداري جي زوال ۽ ترقي جي ڪهاڻي ساڳئي ئي وقت ۾ چيني بورجوايت ۽ پرولتاريت جي اسرڻ ۽ ترقي جي به ڪهاڻي آهي. جهڙي طرح واپارين، جاگيردارن ۽ وچولي طبقي جو هڪ حصو چيني بورجوايت جي اڳيان اڳيان هلندڙ هو، اهڙي طرح هارين ۽ مزدورن جو هڪ حصو چيني پرولتاريت جو قائل هو. ان ڪري نمايان معاشرتي طبقن جي حيثيت سان بورجوايت ۽ پرولتاريت نيون ڄاول هيون ۽ چيني تاريخ ۾ پهريان ڪڏهن به نظر نه اينديون هيون. اهي جاگيرداراڻي معاشري جي ڪک مان معاشرتي طبقن جي حيثيت ۾ نڪتيون هيون. اهي چيني جاگيرداراڻي معاشري جا جاڙا ٻار آهن. جيڪي هڪ ٻئي سان لاڳاپيل هجڻ باوجود هڪ ٻئي جا دشمن آهن. بهرحال چيني پرولتاريت فقط چيني قومي بورجوايت سان گڏوگڏ ئي ترقي نه ڪئي پر هن چيني سامراجيت تحت هلندڙ ڪارخانن ۽ فيڪٽرين جي ترقي سان گڏ به ترقي ڪئي. اهڙي طرح چيني پرولتاريت جو هڪ وڏو حصو چيني بورجوايت کان وڌيڪ پراڻو ۽ تجربيڪار آهي ۽ وڌيڪ وسيع بنيادي معاشرتي طاقت آهي.
بهرحال سرمائيداري جي اسرڻ، ترقي ۽ ان تبديلي جو صرف هڪ انداز پهريان آهي، جيڪو چين ۾ سامراجي قبضي سبب پيدا ٿيو. هڪ ٻيو انداز ۽ لازمي پهلو به آهي، يعني چيني سرمائيداري جي ترقي کي روڪڻ لاءِ سامراجي ۽ چين جي جاگيرداراڻين طاقتن جو ٺاهه.
چين تي حملو ڪندڙ سامراجي طاقتن جو قطئه اهو مقصد نه هو ته ڪو جاگيردار چين کي سرمائيدار چين ۾ تبديل ڪيو وڃي. ان جي ابتڙ هنن ته چين کي پنهنجي نوآبادياتي ۽ نيم نوآبادياتي بڻائڻ ٿي چاهيو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سامراجي قوتون تشدد جا فوجي، سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي ذريعا استعمال ڪنديون رهيون آهن. جنهن سان چين آهستي آهستي نوآبادياتي ۽ نيم نوآبادياتي ملڪ بڻجي ويو آهي.
اهي ذريعا هيٺيان آهن.
(1) سامراجي طاقتن چين خلاف ڪيتريون ئي تشدد واريون جنگيون ڪيون. مثال طور: آفيم جي جنگ جيڪا برطانيه 1840ع ۾ ڪئي. 1958ع ۾ برطانوي، فرانسيسي، اتحادي طاقتن جي جنگ، 1884ع ۾ چيني، فرانسيسي جنگ1894ع ۾ چيني جاپاني جنگ ۽ 1900ع ۾ 8 اتحادي طاقتن جي جنگ. جنگ ۾ چين کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ هنن چين جي تحفظ هيٺ اڳوڻن ڪيترن ئي پاڙيسري ملڪن تي رڳو قبضو ئي نه ڪيو پر چين جي ڪيترن ئي حصن تي قبضو ڄمائي انهن کي ”ڪرائي“ تي چاڙهي ڇڏيو. مثال طور جاپان نادان ۽ پنگو جزيرن تي قبضو ڪيو ۽ لوشن جي بندرگاهه ”ڪرائي“ تي ڏئي ڇڏي. پنهنجن علائقن کي وڌائڻ کان سواءِ اتان کان ڏنڊ به وٺندا رهيا، قصو ڪوتاهه جاگيرداراڻي نظام حڪومت کي وڏيون چوٽون لڳيون.
(2) سامراجي طاقتن چين کي ڪيترن ئي غيرمنصفاڻن معاهدن تي صحيحين تي مجبور ڪيو آهي، جنهن تحت اهي چين ۾ پنهنجون بري ۽ بحري فوجون رکي سگهن ٿيون ۽ چين جا پاڻمرادو مشير آهن. هنن پوري ملڪ کي سامراجي اثر جي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو.
(3) انهن غيرمنصفاڻن معاهدن ذريعي سامراجي طاقتن چين جي اهم واپاري مرڪزن تي قبضو ڪري ورتو ۽ انهن مرڪزن مان ڪيترن ئي خاص علائقن کي الڳ ڪري هنن پورو ڪاروهنوار پنهنجي هٿ ۾ ڪري ورتو. هنن چين جي ڪسٽم، پرڏيهي واپار ۽ مواصلات (بري،بحري، اندروني، آبي ۽ هوائي) تي قبضو ڪري ورتو. اهڙي طرح اهي چين ۾ پنهنجي شين جو ذخيرو ڪندا رهيا. انهن کي پنهنجي صنعتي شين لاءِ منڊي ٺاهيندا ۽ ان جي زراعت کي پنهنجي سامراجي ضرورتن جي تابع رکندا رهيا آهن.
(4) سامراجي طاقتن چين جي ڪچي مادي ۽ سستي ليبر کي چين ۾ ئي استعمال ڪرڻ لاءِ اتي ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون صنعتون قائم ڪري رکيون هيون ۽ چين جي قومي صنعت تي بناجواز اقتصادي دٻاءُ وجهي ان جي پيداواري قوتن جون راهون روڪينديون رهيون.
(5) سامراجي طاقتن چيني حڪومت کي قرض ڏنو ۽ چين ۾ بينڪ قائم ڪرڻ سان چين جي ماليات ۽ ڏيتي ليتي تي پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو. هنن نه رڳو چين کي صنعتي مقابلي ۾ ئي پٺي ڀر ڪيرايو پر هن جي ماليات ۽ ڏيتي ليتي جو به گلو دٻائي ڇڏيو آهي.
(6) سامراجي طاقتن واپاري مرڪزن کان ڏورانهن ٻهراڙي وارن علائقن تائين ناجائز نفعو ڪمائيندڙ واپارين جو هڪ وڏو ڄار وڇائي ڇڏيو ۽ پنهنجي مفاد لاءِ وياج خور واپارين جو هڪ طبقو پيدا ڪري ورتو، ته جيئن هو آساني سان هاري طبقي ۽ ٻين جو استحصال ڪري سگهن.
(7) سامراجيت پهريان پاڻ کي اڳوڻي معاشرتي ڍانچي جي حڪمران ٽولي، جاگيردارن، واپارين ۽ وچولي وياج خور طبقي مان عوام جي اڪثريت خلاف متحد ڪري ٿي. سامراجيت هر جاءِ تي سرمائيداري کان اڳ ڦرلٽ (خاص طور تي ٻهراڙي ۾) جي قسمن جو تحفظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي جيڪي هن جي رجعت پسند اتحادين جي زندگي جي بقاء جي بنياد طور ڪم ڏين ٿا. سامراجيت پنهنجي پوري مالي ۽ فوجي طاقت سان چين اندر اها طاقت آهي، جيڪا جاگيرداراڻي نظام جي رهيل سهيل حامين ۽ انهن سان گڏ بورجوائي عسڪري ڍانچي جي حمايت، تحفظ ۽ ان جي پرورش ڪري ٿي.
(8) سامراجي طاقتون ويڙهن کي پاڻ ۾ وڙهندو رهڻ ۽ چيني عوام کي دٻائڻ لاءِ رجعت پسند حڪومت کي وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ فوجي مشيرن جو وڏو انگ مهيا ڪن ٿيون.
(9) سامراجي طاقتن چيني عوام جي ذهنن ۾ زهر ڀرڻ جي ڪسر ڪڏهن ڪانه ڇڏي. اها سندن ثقافتي حملي جي پاليسي آهي ۽ ان کي اهي اسپتال ۽ اسڪول قائم ڪرڻ، اخبارون شايع ڪرڻ، شاگردن کي ٻين ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي بهتري واري جذبي جي بهاني عملي جامو پارائي رهيون آهن. مقصد اهڙن دانشورن کي تربيت ڏيڻ آهي جيڪي سندن مفادن جو خيال رکن ۽ عوام کي ڪنڌ مٿي کڻڻ نه ڏين.
(10) 8 سيپٽمبر 1931ع کان جاپاني سامراجيت جي وڏي پيماني تي حملي نيم نوآبادياتي چين جي هڪ وڏي حصي کي جاپاني نوآبادياتي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
اهي حقيقتون چين ۾ سامراجي قوتن جي اچڻ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ تبديلي جو ٻيو رخ پيش ڪن ٿيون. جاگيرداراڻي چين جو رت ۾ رنڱيل رخ جنهن کي نيم جاگيرداراڻي ۽ نيم نوآبادياتي چين ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.
جيتوڻيڪ هاڻ اهو واضح آهي ته چين خلاف حملي ۾ سامراجي طاقتن هڪ طرف ته جاگيرداراڻي نظام کي ٽوڙي مروڙي ۽ سرمائيداري جي عنصرن کي اُڀاري جاگيرداراڻي معاشري کي نيم جاگيرداراڻي معاشري ۾ تبديل ڪرڻ جي جلدبازي ڪئي ۽ ٻئي طرف چين تي پنهنجي بي رحم حڪومت مڙهي هڪ آزاد ملڪ کي هڪ نوآبادياتي ۽ نيم نوآبادياتي ملڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
انهن ٻنهي پاسن کي سامهون رکي اسان ڏسي سگهون ٿا ته چين جو نوآبادياتي، نيم نوآبادياتي ۽ نيم جاگيرداراڻو معاشرو هيٺيان نمايان عنصر رکي ٿو.
(1) جاگيرداراڻن وقتن جي پاڻ ڀري فطري معيشت جا بنياد تباهه ٿي ويا، پر جاگيردار طبقي طرفان هاري طبقي جو استحصال جيڪو جاگيرداراڻي استحصالي نظام جو بنياد آهي، فقط جاري ئي نه رهيو پر منافعي خور واپارين جي استحصال سان ملي چين جي معاشرتي ۽ سياسي زندگي تي حاوي ٿي ويو.
(2) جيتوڻيڪ قومي سرمائيداري ڪنهن حدتائين ترقي ڪري چڪي هئي ۽ هن چين جي سياسي ۽ ثقافتي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، پر اها چين جي معاشرتي معيشت جي ڪا وڏي طرز نه بڻجي سگهي، اها جهڙي بيجان ۽ مختلف درجن ۾ گهڻو ڪري سامراجيت ۽ جاگيرداري سان لاڳاپيل رهي.
(3) شهنشاهن ۽ اميرن جي خودمختيار حڪومتن جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ ان جي جاءِ پهريان جاگيردار طبقي ۾ ويڙهاڪن جي تسلط ۽ پوءِ وڏي بورجوايت ۽ جاگيرداري جي گڏيل آمريت سنڀالي. قبضي هيٺ آيل علائقن ۾ جاپاني سامراجيت ۽ ان جي ڪٺ پتلين جي حڪومت قائم ٿي وئي.
(4) سامراجن چين جي اهم مالي ۽ اقتصادي ذريعن تي ئي ڪنٽرول نه ڪيو هو پر ان جي فوجي ۽ سياسي طاقت به هنن جي هٿ ۾ هئي، قبضي هيٺ آيل علائقي ۾ هر شيءِ سامراجيت جي قبضي ۾ هئي.
(5) چين جي اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي ترقي تمام گهڻي غيرهموار آهي ان جو سبب اهو آهي ته هي ملڪ ڪيترين ئي سامراجي طاقتن جي مڪمل يا جانبدار قبضي ۾ رهيو. هي گهڻي عرصي تائين عدم اتحاد جي حالت ۾ رهيو ۽ هن جو علائقو تمام گهڻو وسيع هو.
(6) سامراجيت ۽ جاگيرداري جي ٻٽي تشدد تحت ۽ خاص طور تي جاپاني سامراجيت جي وڏي حملي جي نتيجي ۾ چيني عوام خاص طور تي هاري تمام گهڻو غريب ٿي ويا. انهن جي گهڻي تعداد ۾ رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست حڪومت ڪندي هئي ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جا سياسي حق حاصل نه هئا. جهڙي طرح چيني عوام ۾ بک، بدحالي ۽ آزادي جو فقدن آهي، اهڙو شايد ئي ڪٿي هجي.
چين جي نوآبادياتي، نيم نوآبادياتي ۽ نيم جاگيرداراڻي معاشري جا نمايان عنصر مٿيان آ هن. ان صورتحال جو تعين گهڻو ڪري جاپاني ۽ ٻين سامراجي طاقتن ڪيو. اهو غيرملڪي سامراجيت ۽ ملڪي جاگيرداري جي ٺاهه جو نتيجو هو.
سامراجيت ۽ چيني قوم وچ ۾ تڪرار، جاگيرداري ۽ عوام وچ ۾ تڪرار، جديد چيني معاشري جا بنيادي تڪرار هئا. ڪجهه ٻيا تڪرار به آهن. مثال طور بورجوايت ۽ پرولتاريت وچ ۾ تڪرار. خود رجعت پسند حڪمران طبقي اندر تڪرار ۽ اختلاف، پر سامراجيت ۽ چيني عوام وچ ۾ سڀ کان وڏو تڪرار هو. انهن تڪرارن ۽ انهن جي شدت جو نتيجو لازمي طور انقلابي تحريڪن جي صورت ۾ ظاهر ٿيڻو هو. جديد ۽ هم عصر چين ۾ عظيم انقلاب انهن ئي بنيادي تڪرارن مان ظاهر ٿيا.

1911ع جو انقلاب ۽ محرڪ

[b](1)گذريل سؤ سالن جون انقلابي تحريڪون
[/b]سامراجيت ۽ چيني جاگيرداري جي سازش جي طور تي چين جي هڪ نوآبادي ۽ نيم نوآبادي ۾ تبديل ٿيڻ جي تاريخ، چيني عوام جي سامراجيت ۽ ان جي حامين خلاف جدوجهد جي تاريخ به آهي. آفيم جي جنگ، تائيپنگ جي کوٽائي، بادشاهت جي تحريڪ، چيني فرانسيسي- جنگ، چيني جاپاني جنگ، 1898ع جي تحريڪ اصلاح، زي هوتوان تحريڪ، 1911ع جو انقلاب، 4 مئي جي تحريڪ، 30 مئي جي تحريڪ، اترين مهم، زرعي انقلابي جنگ ۽ جاپان خلاف هارين جي مزاحمت جي جنگ، اهي سڀئي جنگيون سامراجين ۽ انهن جي حوارين خلاف جنگ ۾ تيار هجڻ جي سلسلي ۾ چيني عوام جي لازوال جذبي جي ترجماني ڪن ٿيون.
اها چيني عوام جي گذريل سؤ سالن ۾ اڻٿڪ جدوجهد هئي جو سامراجيت چين کي فتح نه ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪري سگهندي. بهادر چيني عوام وڙهندو رهندو. جيتوڻيڪ جاپاني سامراج هينئر پنهنجي پوري طاقت سان وڏو حملو ڪري رهيو آهي ۽ وانگ چنگ دي جهڙا ڪيترائي جاگيردار ۽ وچولي طبقي جا ڪجهه ماڻهو پهريان ئي دشمن سان ملي ويا آهن يا ايئن ڪرڻ جي تيارين ۾ آهن. جيستائين چيني عوام جاپاني سامراج کي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي ملڪ کي مڪمل طور آزاد نه ڪرائي وٺندو تيستائين جدوجهد ختم نه ڪندو.
چيني عوام جي قومي انقلابي جدوجهد جي تاريخ پورن سؤ سالن جي آهي. جيڪا 1840ع ۾ آفيم جي جنگ کان شروع ٿئي ٿي جيڪا 30 سالن تائين جاري رهي. ان کان پوءِ 1911ع جو انقلاب اڀريو، ان نه ته هن محل تائين پنهنجي ڀرپور شڪل اختيار ڪئي آهي ۽ نه ئي اڃا تائين ڪا ڪاميابي حاصل ڪري پنهنجو ڪو ڪم پورو ڪيو آهي. جڏهن ته چيني عوام خاص طور تي ڪميونسٽ پارٽي مضبوط ارادي سان جنگ جاري رکڻ جي ذميداري پوري ڪندي اچي.
انقلاب جا هدف ڪهڙا آهن؟ ان جو ڪم ڪهڙو آهي؟ ان جو محرڪ قوتون ڪهڙيون آهن؟ ان جو ڪردار ڪهڙو آهي؟ ۽ ان جا ڪهڙا تناظر آهن؟ هاڻ اسان انهن سوالن تي بحث ڪنداسين.

[b](2) انقلاب جا هدف
[/b]پهرين باب جي ٽئين سيڪشن ۾ پنهنجي تجزئي سان اسان اهو سمجهي ويا آهيون ته چين جو اڄوڪو معاشرو هڪ نوآبادياتي، نيم نوآبادياتي ۽ نيم جاگيرداراڻو معاشرو آهي. چيني معاشري جي نوعيت کي سمجهڻ کان پوءِ ئي اسان چيني انقلاب جا هدف، ڪم، وڏيون قوتون، ڪردار، تناظر ۽ ان جي آئنده شڪل صورت واضح طورتي سمجهي سگهون ٿا. تنهن ڪري چيني معاشري يعني چين جي حالتن کي واضح طور سمجهڻ ئي چيني انقلاب جي مسئلن کي سمجهڻ جي شروعات آهي.
جيئن ته اڄ جي چين جي نوعيت نوآبادياتي، نيم نوآبادياتي ۽ نيم جاگيرداراڻي آهي. تنهن ڪري موجوده مرحلي ۾ اسان جا وڏا هدف ۽ دشمن ڪهڙا آهن؟
اسان جا هدف يا دشمن سامراجيت ۽ جاگيرداري، سامراجي ملڪن جا سرمائيدار ۽ اسان جي ملڪ جو جاگيردار طبقو آهي. اهي ئي سڀ کان وڏا ظالم ۽ موجوده مرحلي ۾ چيني معاشري جي ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن. اهي ٻئي ملڪ ۽ چيني عوام کي دٻائين ٿا. سامراجيت چيني عوام جو سڀ کان خطرناڪ دشمن آهي ۽ قومي تشدد ۽ حبس ۾ ان جو نمايان حصو آهي.
چين تي جاپان جي هٿياربند حملي وقت جاپاني سامراج ۽ ان سان سرعام يا لڪ ڇپ ۾ معاهدو ڪرڻ وارا چيني غدار ۽ رجعت پسند انقلاب جا سڀ کان وڏا دشمن آهن.
چيني بورجوايت جيڪا پاڻ به سامراجي تشدد جو شڪار آهي. ڪنهن وقت انقلابي جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪري چڪي آهي. مثال طور 1911ع جي انقلاب ۽ انقلابي جدوجهد ۾ شريڪ هئي، مثال طور اترين مهم ۽ جاپان خلاف جنگ ۾ مزاحمت ڪئي، پر 1927ع کان 1938ع جي ڊگهي عرصي تائين هن جو مٿيون گروهه يعني رجعت پسند ماڻهن جو گروهه سامراجيت سان ملي ويو. هن جاگيردار طبقي سان رجعتي اتحاد قائم ڪري ورتو ۽ انهن دوستن، ڪميونسٽ پارٽي، پرولتاريت، هاري طبقي ۽ ننڍن ننڍن سرمائيدارن سان غداري ڪئي جن هن جي مدد ڪئي هئي ۽ اهڙي طرح چيني انقلاب کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. تنهن ڪري ان زماني ۾ انقلابي عوام ۽ انقلابي سياسي پارٽي (ڪميونسٽ پارٽي) انهن سرمائيدار عنصرن کي پنهنجو سڀ کان وڏو نشانو بڻايو. مزاحمت جي جنگ دوران وانگ چنگ زي جي قيادت ۾ وڏي بورجوايت ۽ وڏي جاگيرداري جو هڪ حصو غداري ڪري دشمن سان وڃي مليو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو جاپان مخالف عوام قومي مفادن سان غداري ڪندڙ انهن وڏن سرمائيدارن ۽ جاگيرداراڻن عنصرن کي انقلاب جو هدف ۽ پنهنجو دشمن سمجهڻ لڳو.
ان مان ظاهر آهي ته چيني انقلاب جا دشمن وڏا طاقتور آهن. انهن ۾ طاقتور سامراجي ۽ جاگيرداري قوتون ئي شامل ناهن پر اهي رجعت پسند سرمائيدار به شامل آهن جن سامراجي ۽ جاگيرداري قوتن سان ملي ڪري عوام جي مخالفت ڪئي هئي. تنهن ڪري انقلابي چيني عوام جي دشمنن جي قوت کي گهٽ سمجهڻ غلط آهي. انهن دشمنن جي موجودگي ۾ چيني انقلاب کي پرتشدد بڻائڻ ۽ ڊگهي عرصي تائين جاري رکڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي. انهن طاقتور دشمنن جي هوندي، انقلابي طاقتن کي ڊگهي عرصي ۾ ئي ان قابل بڻائي سگهجي ٿو باقي چيني انقلابي جدوجهد هڪ رات ۾ ڪامياب ٿي سگهي، غلط آهي.
انهن دشمنن جي هوندي چيني انقلاب جي جدوجهد هٿياربند هجڻ گهرجي، نه ڪي پرامن. اسان جي دشمنن چيني عوام لاءِ پرامن زندگي ناممڪن بڻائي ڇڏي آهي ۽ انهن کي سياسي آزادي ۽ جمهوري حقن کان محروم رکيو آهي. اسٽالن چوي ٿو ”چين ۾ هٿياربند انقلاب هٿياربند انقلاب جي مخالفن سان جنگ ۾ مصروف آهي. اها چيني انقلاب جي خاص ڳالهين مان هڪ ڳالهه آهي.“ اها ڳالهه درست آهي تنهن ڪري هٿياربند جدوجهد، انقلابي جنگ، ڇاپا مار جنگ ۽ فوجي ڪم جي اهميت گهٽ ڪرڻ غلط آهي.
انھن دشمنن جي هوندي بنيادي انقلابي علائقن جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته چين جي وڏن وڏن شهرن تي ڊگهي عرصي کان طاقتور سامراجن ۽ انهن جي رجعت پسند چيني اتحادين جو قبضو آهي. تنهن ڪري انقلابي صفن جي پوئتي پيل ڳوٺن کي ترقي وٺرائڻ، بنيادي علائقن کي انقلاب جي مضبوط عسڪري سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي مرڪزن ۾ تبديل ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن اتان کان دشمنن جو مقابلو ڪري سگهجي. جيڪي ٻهراڙي وارن علائقن تي حملي لاءِ شهرن کي استعمال ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح ڊگهي ويڙهه ذريعي انقلاب مڪمل فتح حاصل ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن اهي سامراج ۽ ان جي اتحادين سان مفاهمت بدران جنگ جاري رکڻ جو پڪو پهه ڪري چڪا آهن، جيڪڏهن اهي پنهنجن فوجن کي مستحڪم ۽ منظم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ پنهنجي طاقت گهٽ هجڻ ڪري في الحال طاقتور دشمن سان فيصلائتي جنگ کان پاسو ڪن ٿا ته پوءِ انهن لاءِ ايئن ڪرڻ لازمي آهي. اهڙي صورتحال سان ئي چيني انقلاب چين جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ فتح حاصل ڪري سگهي ٿو. اهو ان ڪري ممڪن آهي جو چين جي اقتصادي ترقي غيرهموار آهي. (چيني معيشت مضبوط سرمائيدار معيشت نه هجڻ ڪري) ڇاڪاڻ جو ان جو علائقو تمام وسيع آهي. انقلاب مخالف ڪيمپ غيرمتحد ۽ تڪرارن جي ورچڙهيل آهي. ڇاڪاڻ ته هارين جي جدوجهد جيڪا انقلاب جي وڏي طاقت آهي ان جي قيادت ڪميونسٽ پارٽي يعني پرولتاڙيت پارٽي ڪري ٿي پر ٻئي طرف اهي سموريون حالتون انقلاب کي غيرهموار ۽ مڪمل فتح کي مشڪل ۽ ڊگهو بڻائي ٿيون ڇڏين. ان مان واضح آهي ته انقلابي بنيادي علائقن ۾ ڊگهي انقلابي جدوجهد گهڻو تڻو هاري گوريلا جنگ تي ٻڌل آهي ۽ ان جنگ لاءِ انقلابي بنيادي علائقا استعمال ڪرڻ جي ضرورت، هارين منجهه اڻٿڪ محنت ۽ جوش سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت ۽ گوريلا جنگ جي ضرورت کي نظرانداز ڪرڻ غلط آهي.
هٿياربند جدوجهد تي زور ڏيڻ جو اهو مطلب ناهي ته جدوجهد جا ٻيا طريقا ڇڏي ڏجن، ان جي ابتڙ هٿياربند جدوجهد ان وقت تائين ڪامياب نه ٿي ٿي سگهي جيستائين ان کي جدوجهد جي طريقن سان نه ڳنڍيو وڃي. ڳوٺاڻن بنيادي علائقن ۾ ڪم ڪرڻ تي زور ڏيڻ جو مطلب اهو ناهي ته شهرن ۽ ٻين انهن وڏن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪم نه ڪيو وڃي جيڪي اڃا تائين دشمن جي قبضي هيٺ آهن. ان جي ابتڙ شهرن ۽ ٻين ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪم نه ڪرڻ ڪري اسان جا پنهنجا بنيادي علائقا ڪٽجي ويندا ۽ انقلاب کي شڪست ملندي. ان کان علاوه انقلاب جو مقصد شهرن ۽ دشمن جي اڏن تي قابض ٿيڻ آهي ۽ اهو مقصد شهرن ۾ مناسب ڪم ڪرڻ کان سواءِ پورو نه ٿو ٿي سگهي.
هاڻي اهو واضح آهي ته عوام خلاف دشمن جي سڀ کان وڏي هٿيار يعني ان جي فوج کي تباهه ڪرڻ کان سواءِ نه ته شهرن ۾ ۽ نه ئي ڳوٺن ۾ انقلاب ڪامياب ٿي ٿو سگهي. ان ڪري جنگ جي ميدان ۾ دشمن جي فوج جي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کان سواءِ ان کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ به ضروري آهي.
اهو پڻ واضح آهي ته ڪميونسٽ پارٽي کي انهن ٻهراڙي وارن ۽ شهري علائقن ۾ پروپيگنڊه ۽ تنظيمي ڪم ڪرڻ جي سلسلي ۾ جلدباز ۽ مهم باز نه هجڻ گهرجي. جن تي دشمن ۽ ظلم جون رجعتي طاقتون هڪ عرصي کان قابض آهن پر اتي سٺا ڪارڪن ڳجهي نموني ڪم ڪن، طاقت گڏ ڪن ۽ مناسب وقت جو انتظار ڪن. دشمن خلاف عوام جي جدوجهد جي قيادت ڪرڻ ۾ پارٽي سان آهستي آهستي قدم سان قدم اڳتي وڌائڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ سرعام سرگرمين جا اهڙا طريقا اپنائڻ گهرجن، جن جي قانون، معاشرتي رسمون ۽ رواج اجازت ڏين ٿا، رڳو گوڙ ۽ انڌاڌنڌ عمل اسان کي ڪاميابي نٿو ڏياري سگهي.

[b](3) چيني انقلاب جا نالا
[/b]موجوده مرحلي ۾ سامراجيت ۽ جاگيردار طبقو چيني انقلاب جا سڀ کان وڏا دشمن هجڻ ڪري انقلاب کي هن وقت ڇا ڪرڻ گهرجي؟
انهن ٻنهي دشمنن کي چوٽ رسائڻ، قومي انقلاب ذريعي پرڏيهي سامراج جي تشدد جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ جمهوري انقلاب ذريعي جاگيردار طبقي جو تشدد ختم ڪرڻ بلاشڪ وڏا ڪم آهن پر قومي انقلاب ذريعي سامراجيت جو تختو اونڌو ڪرڻ پهريون ۽ سڀ کان اهم ڪم آهي.
اهي ٻئي عظيم ڪم هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن. سامراجي قبضو ختم ڪرڻ کان سواءِ جاگيردار طبقي جو قبضو ختم نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته سامراجيت ان جو سڀ کان وڏو سهارو آهي. ٻين لفظن ۾ جيستائين جاگيردار طبقي کي ختم ڪرڻ لاءِ هارين جي جدوجهد جي مدد نه ڪئي ويندي تيستائين سامراجي تشدد جو تختو اونڌو ڪرڻ لاٰءِ مضبوط انقلابي دستن جي تياري ناممڪن آهي. ڇو جو چين ۾ جاگيردار طبقو سامراجي تشدد جو وڏو معاشرتي بنياد آهي ۽ هاري طبقو چيني انقلاب جي وڏي طاقت آهي تنهن ڪري اهي بنيادي ڪم يعني قومي انقلاب ۽ جمهوري انقلاب هڪ ٻئي کان ڌار هجڻ باوجود هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن.
اصل ۾ اهي انقلابي ڪم جي ڪري ئي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. قومي انقلاب جو پهريون ڪم جاپاني سامراجي حملو ڪندڙن کي روڪڻ آهي ۽ جنگ کٽڻ لاءِ جمهوري انقلاب جي پڄاڻي تمام ضروري آهي. قومي ۽ جمهوري انقلاب کي پوري انقلاب جا 2 مختلف مرحلا سمجهڻ غلط آهي.

[b](4) چيني انقلاب جون محرڪ طاقتون
[/b]چيني معاشري جي بناوٽ ۽ نوعيت تي تجزيا ڪيا، چيني انقلاب جا دشمن ۽ ڪم کان پوءِ هاڻي اسان کي ڏسڻو آهي ته چيني انقلاب جون محرڪ طاقتون ڪهڙيون آهن.
جيتوڻيڪ چيني معاشرو نوآبادياتي، نيم نوآبادياتي ۽ نيم جاگيرداراڻو آهي. چيني انقلاب جا دشمن گهڻو ڪري پرڏيهي سامراجي تسلط ۽ ملڪي جاگيرداري آهن ۽ جيتوڻيڪ چيني انقلاب جو وڏو ڪم انهن ٻنهي ظالمن جو تختو اونڌو ڪرڻ آهي، تنهن ڪري هاڻي اسان کي اهو معلوم ڪرڻو آهي ته چيني معاشري اندر اهي ڪهڙا طبقا ۽ جماعتون آهن، جيڪي انهن ظالمن خلاف وڙهڻ جيتري طاقت رکن ٿا؟ اهو مسئلو موجوده مرحلي ۾ چيني انقلاب جون محرڪ قوتون دريافت ڪرڻ جو مسئلو آهي. چيني انقلاب جي بنيادي پاليسي جي مسئلي جو صحيح حل ڪڍڻ لاءِ ان مسئلي کي واضح طورتي سمجهڻ تمام ضروري آهي.
موجوده چيني معاشري ۾ ڪهڙا ڪهڙا طبقا آهن؟ جاگيردار طبقو ۽ بورجوا طبقو، جاگيردار ۽ سرمائيدارن جو مٿيون حڪمران طبقو، پرولتاري طبقو، ننڍن ننڍن سرمائيدارن جو طبقو ۽ ٻيا مزدور وغيره جيڪي چين جي وڏي ايراضي واري علائقي ۾ ظلم جو شڪار آهن.
چيني انقلاب طرفان انهن سمورن طبقن جي روين جو تعين معاشري ۾ سندن اقتصادي حيثيت سان ٿئي ٿو. اهڙي طرح انقلاب جي محرڪ قوتن سان گڏوگڏ ان جي دشمنن ۽ معاملن جو تعين چيني معاشرتي ۽ اقتصادي نظام جي نوعيت سان ٿيڻو آهي.
اچو! ته هينئر اسان چيني معاشري جي مختلف طبقن جو تعين ڪيون.

[b]جاگيردار طبقو
[/b]جاگيردار طبقو چين ۾ سامراجي تسلط جو معاشرتي بنياد آهي. هي اهو طبقو آهي، جيڪو هارين جو استحصال ڪرڻ، انهن کي دٻائڻ، چين جي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي ترقي کي روڪڻ لاءِ جاگيرداراڻي نظام کان ڪم وٺي ٿو ۽ ڪنهن به قسم جو ترقي پسند ڪردار ادا نٿو ڪري.
تنهن ڪري جاگيردار طبقو انقلاب جو دشمن آهي، ايستائين جو انقلاب جي محرڪ قوت، موجوده مزاحمت واري جنگ ۾ جاگيردارن جي هڪ جماعت سرمائيدارن (ڦرندڙ گهرندڙ سرمائيدارن) سان گڏجي جاپاني حملي آورن آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن ۽ اهي غدار ٿي ويا آهن. جڏهن ته وڏن جاگيردارن جي هڪ جماعت وڏي بورجوايت (محنتي سرمائيدار) جي هڪ ٻئي جماعت سان گڏ جاپان جي مخالف ڪئمپ ۾ هجڻ باوجود ٻڏتر جو شڪار آهي، جڏهن ته روشن خيال ماڻهن جي هڪ وڏي جماعت، جيڪا وچولن ۽ ننڍن جاگيردارن تي ٻڌل آهي، سرمائيداري جي رنگ ۾ رنڱيل هجڻ باوجود جنگ لاءِ جوش ۽ جذبي جو اظهار ڪيو آهي. اسان کي جاپان خلاف گڏيل جنگ ۾ انهن سان متحد ٿيڻ گهرجي.

[b]بورجوايت
[/b]منافعي خور وڏي بورجوايت ۽ قومي بورجوايت ۾ فرق آهي. منافعي خور وڏي بورجوايت هڪ اهڙو طبقو آهي، جيڪو سامراجي ملڪن جي سرمائيدارن جي مفادن جو خيال رکي ٿو ۽ انهن جي اثر هيٺ وڌي ويجهي ٿو، بي شمار رشتن ان طبقي کي چين جي ٻهراڙي واري علائقن ۾ جاگيرداراڻين قوتن سان ڳنڍي رکيو آهي. اهو طبقو به چيني انقلاب جو دشمن آهي، ڇاڪاڻ ته اهو انقلاب جي پوري تاريخ ۾ ڪڏهن به محرڪ قوت ناهي رهيو.
پر منافعي خور وڏي بورجوايت جون مختلف جماعتون مختلف سامراجي قوتن جون وفادار هونديون آهن ۽ جڏهن وچ ۾ اختلاف ڇڪتاڻ واري صورتحال اختيار ڪري ويندا آهن ۽ انقلاب ڪنهن خاص سامراجي طاقت ڏانهن رخ ڪري وٺندو آهي ته ٻين سامراجي طاقتن جي مفادن جو خيال رکندڙ منافعي خور بورجوا طبقن لاءِ هڪ خاص حد ۽ هڪ خاص وقت لاءِ اينٽي سامراجي محاذ ۾ شرڪت ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو آهي پر جيئن ئي سندن آقا انقلاب کان منهن موڙيندا آهن، اهي به منهن موڙي وٺندا آهن.
موجوده جنگ ۾ جاپان جي حامي وڏي بورجوايت (ڦرندڙ گهرندڙ بورجوايت) يا ته هٿيار ڦٽا ڪري چڪي آهي يا ايئن ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي. يورپ جي حامي ۽ آمريڪا جي حامي وڏي بورجوا جماعت (محنتي بورجوايت) اينٽي جاپاني ڪئمپ ۾ هجڻ باوجود تمام گهڻو ٻڏتر جو شڪار آهي، اها هڪ ئي وقت جاپان سان مزاحمت ڪرڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي مخالفت ڪرڻ جو ٻٽو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اهڙي بدلجندڙ بورجوايت لاءِ اسان جي پاليسي اها آهي ته ان کي پنهنجو دشمن سمجهيو وڃي ۽ ان کي پختي ارادي سان ڌڪ رسايو وڃي. محنتي بورجوايت لاءِ اسان کي ٻي انقلابي پاليسي استعمال ڪرڻ گهرجي. هڪ طرف ته اسان کي انهن سان ملي وڃڻ گهرجي، ڇو جو اهي اڃا جاپان جا مخالف آهن ۽ جاپاني سامراج سان سندن تڪرار مان فائدو وٺڻ گهرجي پر ٻئي طرف اسان کي ان خلاف سختي سان جدوجهد ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هڪ هٽي تي ٻڌل اينٽي ڪميونسٽ ۽ رجعت پسنداڻي پاليسي اختيار ڪري ٿي، اهڙي پاليسي جيڪا مزاحمت ۽ اتحاد ٻنهي لاءِ نقصانڪار آهي.
قومي بورجوايت ٻٽي ڪردار جي مالڪ آهي. هڪ طرف سامراجيت ۽ جاگيرداري ان کي دٻائي رکيو آهي تنهن ڪري اها انهن ٻنهي جو ضد آهي، ان لحاظ سان هڪ انقلابي طاقت آهي. چيني انقلاب دوران هن سامراجيت، افسر شاهي ۽ ويڙهاڪن خلاف جنگ ۾ ڪنهن حدتائين جوش ۽ جذبي جو اظهار ڪيو آهي پر ٻئي طرف اها سامراجيت ۽ جاگيرداري جي مڪمل ۽ سرعام مخالفت ڪرڻ جي جرئت کان محروم آهي ڇو جو اها اقتصادي ۽ سياسي طورتي تمام سست آهي ۽ هن جا اڃا تائين سامراجن ۽ جاگيردارن سان واسطا آهن. جڏهن عوامي انقلابي قوتون طاقتور ٿي وينديون آهن ته هي به سرعام سامهون اچي وينديون آهي.
قومي بورجوايت جي ٻٽي ڪردار مان خبر پوي ٿي ته اها ڪنهن حدتائين ۽ هڪ خاص وقت ۾ سامراجيت، افسر شاهي ۽ ويڙهاڪن خلاف انقلاب ۾ حصو وٺي سگهي ٿي ۽ انقلابي طاقت بڻجي سگهي ٿي پر اهو به خطرو آهي ته هيءَ ٻين وقتن ۾ منافعي خور وڏن سرمائيدارن جي پيروڪارن ۽ انقلاب مخالف عنصرن جي ساٿي به بڻجي سگهي ٿي.
چين ۾ قومي بورجوايت جيڪا گهڻو ڪري وچولي بورجوايت تي ٻڌل آهي، ڪڏهن به اقتدار ۾ ناهي آئي بلڪ وڏي جاگيردار طبقي ۽ وڏي بورجوايت هن کي پاڻ کان پري رکيو آهي. جيتوڻيڪ هن 31-1927ع جي انقلابي عرصي ۾ سيپٽمبر جي واقعي کان پهريان انقلاب مخالفن جي پيروي به ڪئي هئي. موجوده جنگ ۾ اها ڦرندڙ گهرندڙ وڏي جاگيردار طبقي ۽ وڏي بورجوايت سان ئي اختلاف نه ٿي رکي پر محنتي وڏي بورجوايت سان به اختلاف رکي ٿي ۽ هن مهل تائين اسان جي بهترين اتحادي ثابت ٿي آهي. تنهن ڪري قومي بورجوايت ڏانهن اسان جي پاليسي جو مفاهمتي هجڻ لازمي آهي.

[b]ننڍي بورجوايت جا مختلف حصا
[/b]هاري طبقي کان سواءِ ننڍي بورجوايت دانشورن جي وڏي انگ، ننڍن واپارين، ڪاريگرن ۽ ان قسم جي ٻين هنرمندن ۽ ڪم وارن ماڻهن تي ٻڌل آهي، انهن جي حيثيت ڪنهن حدتائين وچولي طبقي جي هارين جهڙي آهي. اهي سڀ سامراجيت، جاگيرداري ۽ وڏي بورجوايت جي ظلم جو شڪار آهن ۽ انهن کي آهستي آهستي تباهي ۽ بربادي جي ويجهو آندو پيو وڃي.
تنهن ڪري ننڍي بورجوايت جا اهي حصا انقلاب جي محرڪ قوتن منجهان هڪ آهن ۽ پرولتاريت جا اعتبار جوڳا اتحادي آهن، اهي صرف پرولتاريت جي قيادت ۾ ئي آزادي حاصل ڪري سگهن ٿا.
اچو ته هاڻ اسان هاري طبقي کان سواءِ ننڍي بورجوايت جي مختلف حصن جو تجزيو ڪريون.

[b]پهريون[/b]: دانشور ۽ شاگرد، هي ڪو الڳ طبقو يا گروهه ناهي، موجوده چين ۾ سندن بڻ بنياد، معيار ۽ سياسي نطقه نظر مان اندازو لڳائي انهن کي ننڍي بورجوايت جي زمري ۾ رکي سگهجي ٿو. گذريل ڪجهه سالن ۾ انهن جي انگ ۾ گهڻو اضافو ٿيو آهي. دانشورن جي ان حصي کي ڇڏي جنهن پاڻ کي سامراجيت ۽ بورجوايت سان ڳنڍي رکيو آهي ۽ عوام جي مفادن جي خلاف ڪم پيو ڪري، باقي تمام دانشورن ۽ شاگردن کي سامراجيت، جاگيرداري ۽ وڏي بورجوايت دٻائي رکيو آهي ۽ اهي مسلسل بيروزگاري يا تعليم جو تسلسل ٽٽڻ واري خوف ۾ مبتلا رهن ٿا. تنهن ڪري اهي خاص انقلابي آهن، اهي گهٽ يا وڌ بورجوائي فني علم سان ليس آهن. اهي سياست جي ورن وڪڙن کي جلدي سمجهي ٿا وٺن ۽ انقلاب جي موجوده مرحلي ۾ عوام سان تعلق رکن ٿا.
1911ع جو انقلاب، 1919ع جي 4 مئي جي تحريڪ، 1925ع جي 30 مئي تحريڪ ۽ 1935ع جي 4 ڊسمبر جي تحريڪ کان پهريان پرڏيهه ۾ رهندڙ چيني شاگردن جي تحريڪ ان جو ثبوت آهي. خاص طور تي بدحالي جو شڪار دانشورن جو وڏو انگ انقلاب جي حمايت ڪرڻ يا ان ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مزدورن ۽ هارين سان ملي سگهي ٿي. چين اندر دانشور ۽ شاگرد ئي هئا جن سڀ کان پهريان مارڪسي، لينني نظريي کي وڏي پيماني تي قبول ڪيو. انقلابي دانشورن جي چرپر کان سواءِ انقلابي طاقتن کي نه ته ڪاميابي سان منظم ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي انقلابي ڪم ڪاميابي سان هلائي سگهجن ٿا پر دانشور ۽ ان وقت تائين داخليت پرست پنهنجي سوچ ۾ عمل کان سواءِ ۽ پنهنجي عمل ۾ غيرمستقل مزاج هوندا آهن جيستائين اهي پاڻ کي دل ۽ جان سان عوامي ۽ انقلابي جدوجهد ۾ شامل نه ڪري وٺن ۽ عوام سان متحد ٿي انهن جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ جو پڪوپهه نه ڪري وٺن پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن انقلابي دانشورن جي اڪثريت اميدن موجب ڪردار ادا ڪندي ۽ عوام سان رشتو قائم رکندي، پر اهي سڀ جا سڀ آخري منزل تائين انقلابي نه رهندا. ڪجهه انقلاب جي ڏکئي موڙ تي انقلابي صفن مان ٻاهر ٿي ويندا ۽ مايوس ٿي ويندا ۽ ڪجهه انقلاب دشمن بڻجي ويندا. دانشور ڊگهي عرصي تائين عوامي جدوجهد ۾ شرڪت ڪرڻ سان ئي پنهنجون خاميون ختم ڪري سگهن ٿا.

[b]ٻيون[/b]: ننڍا واپاري، هي عام طور تي ننڍا وڏا دڪان هلائيندا آهن هڪ ٻه ملازم به رکي وٺندا آهن، اهي ماڻهو سامراجيت ۽ وڏي بورجوايت ۽ منافعي خورن جي استحصال سبب اڪثر تباهي جي خطري جو شڪار رهندا آهن.

[b]ٽيون ڪاريگر[/b]: هي تعداد ۾ تمام گهڻا آهن، هنن جا پنهنجا پيداوار جا ذريعا آهن، هي ڪو پگهاردار ملازم نه ٿا رکي سگهن. هنن وٽ هڪ يا ٻه ڪم سکندڙ يا مددگار هوندا آهن. هنن جي پوزيشن وچولي طبقي جي هارين جهڙي آهي.

[b]چوٿون[/b]: فني ڌنڌي ڌاڙي وارا ماڻهو، هي ڊاڪٽرن ۽ ٻين ڪمن ڪارين وارن ماڻهن تي ٻڌل آهن. هي ٻين جو استحصال نه ڪندا آهن ۽ جي ڪندا آهن ته تمام گهٽ، هنن جي پوزيشن ڪاريگرن جهڙي آهي.
ننڍي بورجوايت جا اهي حصه ڳچ آبادي تي مشتمل آهن. اسان کي انهن کي پاڻ سان ملائڻو پوندو ۽ سندن مفادن جو خيال رکڻو پوندو، اهي انقلاب جا حامي آهن ۽ انقلاب ۾ شرڪت ڪن ٿا. اهي بهترين اتحادي آهن. هنن جي ڪمزوري اها آهي ته اهي سگهو ئي بورجوايت جي اثر ۾ اچي ويندا آهن. تنهن ڪري اسان کي هنن جي وچ ۾ انقلابي پروپيگنڊه ۽ تنظيمي ڪم جاري رکڻو پوندو.

[b]هاري طبقو:
[/b]هاري طبقو چين جي پوري آبادي جو تقريباً 80 سيڪڙو آهي ۽ اڄ چين جي قومي معيشت جي وڏي طاقت.
هاري طبقي اندر وڏي تيزي سان ننڍ وڏائي جو شعور پيدا ٿي رهيو آهي.

[b]پهريون[/b]: امير هاري، هي ٻهراڙي جي آبادي جو تقريباً 5 سيڪڙو يا جاگيردارن سان ملي ڪري 10 سيڪڙو آهي ۽ ڳوٺاڻي بورجوايت جوڙين ٿا. چين اندر گهڻو ڪري امير هاري، ڪردار جي لحاظ سان نيم جاگيردار آهن ۽ پنهنجون زمينون ڪرائي تي ڏئي منافعو ڪمائيندا آهن ۽ مزدورن ۽ ڪڙمين جو استحصال ڪندا آهن. اهي پاڻ به ٻني ٻارو ڪندا آهن ۽ ان لحاظ سان هاري طبقي جو هڪ حصو آهن. امير هارين جو وجود هڪ خاص عرصي تائين ڪارائتو ثابت ٿيندو. ٿي سگهي ٿو ته اهي هارين جي سامراجيت خلاف جدوجهد ۾ تعميري ڪردار ادا ڪن ۽ جاگيردارن خلاف زرعي انقلاب جي جدوجهد ۾ غيرجانبدار رهن. ان ڪري اسان کي امير هارين کي جاگيردار طبقي جو حصو تصور نه ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي ختم ڪرڻ جي ناپائيدار پاليسي اختيار نه ڪرڻ گهرجي.

[b]ٻيو[/b]: وچولا هاري، اهي چيني ٻهراڙي جي آبادي جو تقريباً 20 سيڪڙو آهن. اهي اقتصادي طورتي مڇي ماني وارا آهن. (فصل سٺو ٿيڻ جي صورت ۾ اهي ڪجهه بچائي به رکندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن مزدور به ڪرائي تي رکي وٺندا آهن يا ٿوري گهڻي رقم وياج تي به ڏئي ڇڏيندا آهن.) اهي عام طورتي ٻين جو استحصال نه ڪندا آهن پر سامراجيت، جاگيردار طبقو ۽ بورجوايت سندن استحصال ڪندي آهي. کين ڪنهن به قسم جا سياسي حق حاصل ناهن. انهن مان ڪجهه وٽ پنهنجي ضرورت موجب زمين به ناهي هوندي ۽ انهن مان فقط هڪ گروهه (مڇي ماني وارا وچولا هاري) وٽ فالتو زمين هوندي آهي. وچولا هاري اينٽي سامراجيت انقلاب ۽ زرعي انقلاب ۾ رڳو شامل ئي نه ٿا ٿي سگهن پر سوشلزم کي قبول به ڪري سگهن ٿا تنهن ڪري وچولو هاري طبقو پرولتاريت جو اعتماد جوڳو اتحادي بڻجي سگهي ٿو ۽ انقلاب جي هڪ اهم محرڪ طاقت آهي. وچولي هاري طبقي جو مثبت يا منفي رويو هڪ اهڙو عنصر آهي جيڪو انقلاب جي فتح يا شڪست جو تعين ڪري ٿو. زرعي انقلاب کانپوءِ اها ڳالهه صحيح ثابت ٿيندي. جڏهن ته اهي ٻهراڙي جي آبادي جي اڪثريت هوندا.

[b]ٽيون[/b]: غريب هاري طبقو، چين ۾ غريب هاري ۽ ڪڙمي ملي ڪري ٻهراڙي جي آبادي جو تقريباً 70 سيڪڙو حصو آهن. اهي وڏي انگ ۾ هاري جن جي پنهنجي زمين ناهي يا تمام گهٽ آهي، جيڪا ٻهراڙي جي نيم پرولتاريت آهي اهائي چيني انقلاب جي سڀ کان وڏي محرڪ قوت آهي ۽ اهي پرولتاريت جا فطري ۽ وڌيڪ اعتماد جوڳا اتحادي آهن ۽ چيني انقلابي قوتن جو هر اول دستو آهن. صرف پرولتاريت جي قيادت ۾ ئي غريب ۽ وچولي طبقي جا هاري آزادي حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ پرولتاريت انهن سان مضبوط ۽ پڪي ارادي وارو اتحاد قائم ڪري انقلاب کي فتح ڏياري سگهي ٿي، نه ته ٻنهي مان هڪ به ممڪن ناهي ”هاري طبقي“ مان مراد غريب ۽ وچولو هاري آهي.

[b]پرولتاريت[/b]
چيني پرولتاريت ۾ جديد صنعتي مزدورن جو تعداد اڍائي لکن کان 3 ڪروڙن تائين آهي. ننڍين صنعتن، هٿ جي هنر ۽ شهرن اندر دڪانن ۾ مددگار طور ڪم ڪندڙ مزدورن جو تعداد تقريباً 12 ڪروڙ آهي. ان کان سواءِ ٻهراڙي جي پرولتارين (ڪڙمين) ۽ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ملڪيت کان محروم ماڻهن جو هڪ وڏو انگ آهي.
دنيا جي هر جاءِ تي پرولتاريت جي بنيادي خوبين کان سواءِ چيني پرولتاريت جو ترقي يافته معيشت سان تعلق، ان اندر تنظيم ۽ ڊسيپلين جو شديد احساس ۽ نجي پيداوار جي کوٽ منجهس ڪيتريون ۽ نيون خوبيون پيدا ڪيون آهن، اهي ڪهڙيون خوبيون آهن؟

[b]پهريون[/b]: ڪنهن ٻئي طبقي جي مقابلي ۾ پرولتاريت انقلابي جدوجهد ۾ وڌيڪ مستقل مزاج ۽ تيز آهي. ڇاڪاڻ ته اها ٽن قسمن جي تشدد جو شڪار آهي. (سامراجيت، بورجوايت ۽ جاگيرداري) انهن ٽنهي جو پنهنجو پنهنجو تشدد ايترو ته ڀيانڪ آهي جو ٻين ملڪن ۾ ان جو شايد ئي مثال ملندو هجي. ڇاڪاڻ ته يورپ جي برعڪس نوآبادياتي ۽ نيم نوآبادياتي چين ۾ معاشي سڌارن لاءِ ڪوبه اقتصادي بنياد نه آهي، تنهن ڪري پوري جي پوري پرولتاريت سواءِ ڪجهه گروهن جي تمام گهڻي انقلابي آهي.

[b]ٻيو[/b]: انقلابي منظر تي ظاهر ٿيندي ئي چيني پرولتاريت پنهنجي ئي انقلابي پارٽي يعني ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت هيٺ اچي وئي ۽ چيني معاشري ۾ سياسي طور گهڻي باشعور ٿي وئي.

[b]ٽيون[/b]: جيئن ته چيني پرولتاريت بنيادي طورتي غريب هارين تي مشتمل آهي تنهن ڪري هارين سان فطري تعلق رکي ٿي.
تنهن ڪري ڪجهه ڪمزورين باوجود، مثال طور هن جي اقليت (هاري طبقي جي مقابلي ۾)، هن جو عروج (سرمائيدار ملڪن جي پرولتاريت جي مقابلي ۾) ۽ هن جي گهٽ تعليمي سطح (بورجوايت جي مقابلي ۾) چيني پرولتاريت چيني انقلاب جي بنيادي محرڪ قوت آهي. پرولتاريت جي قيادت کان سواءِ چيني انقلاب جي ڪاميابي ممڪن ناهي. ان سلسلي ۾ اسان ماضي مان هڪ مثال وٺون ٿا. 1911ع جو انقلاب ان ڪري ناڪام ٿيو جو پرولتاريت شعوري طورتي ان ۾ شرڪت نه ڪئي ۽ نه ئي ڪميونسٽ پارٽي وجود ۾ آئي هئي. ٿورو عرصو پهريان 27-1924ع جي انقلاب هڪ خاص عرصي ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته وڏي بورجوايت پرولتاريت سان اتحاد ۾ غداري ڪئي ۽ گڏيل انقلابي پروگرام تان هٿ کڻي ڇڏيو ان کان سواءِ چيني پرولتاريت ۽ ان جي سماجي پارٽي کي اڃا مناسب تجربو به حاصل نه هو، پر هن وقت موجوده اينٽي جاپاني قومي متحده محاذ جي قيادت ڪري رهيون آهن، تنهن ڪري پوري قوم متحد ٿي مستقل مزاجي سان عظيم مزاحمتي جنگ وڙهي رهي آهي. چيني پرولتاريت کي سمجهڻ گهرجي ۽ انتهائي باشعور سياسي طبقو ۽ تنظيمي پختگي جي باوجود اها فقط پنهنجي طاقت جي ٻل تي فتح حاصل نه ٿي ڪري سگهي. ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس مختلف حالتن موجب انقلاب ۾ شرڪت جي اهل سمورن طبقن ۽ گروهن سان متحد ٿيڻو پوندو ۽ هڪ متحده انقلابي محاذ منظم ڪرڻو پوندو. چيني معاشري جي سمورن طبقن ۾ هاري طبقو مزدور طبقي جو ثابت قدم اتحادي آهي، ٽين ننڍي بورجوايت اعتماد جوڳي اتحادي آهي ۽ قومي بورجوايت هڪ خاص وقت ۽ هڪ خاص حد تائين اتحادي آهي. جديد چيني انقلابي تاريخ جي ثابت ڪيل بنيادي قانونن مان اهو هڪ آهي.

[b]بي گهر ماڻهو:
[/b]چين جي نوآبادياتي ۽ نيم نوآبادياتي حيثيت شهرين ۽ ڳوٺاڻن جي وڏي اڪثريت کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي. روزگار جي سٺن ذريعن کان محروم هجڻ ڪري انهن ماڻهن جي اڪثريت گذر سفر لاءِ ناجائز طريقا استعمال ڪندي آهي ۽ چور، ڌاڙيل، فقير ۽ طوائف بڻجي ويندا آهن. اهو معاشرتي گروهه غيرمتوازن آهي. انهن مان ڪجهه ته رجعتي طاقتن وٽ کپي ويندا آهن ته وري ڪجهه انقلاب ۾ شامل ٿي ويندا آهن، انهن ۾ تعميري صلاحيتن جي کوٽ هوندي آهي ۽ اهي تعمير بدران تخريب طرف گهڻو مائل هوندا آهن. انقلاب ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ اهي انقلابي صفن ۾ بغاوت ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪندا رهندا آهن، تنهن ڪري اسان کي انهن کي سڌارڻ جو طريقو ۽ سندن تخريب جو تدارڪ ڪرڻ اچڻ گهرجي. اهو هو چيني انقلاب جو محرڪ قوتن جو تجزيو.

[b](5 ) انقلاب جو ڪردار
[/b]هينئر اسان چيني معاشري يعني چين جي خاص حالتن جي ڄاڻ حاصل ڪري چڪا آهيون. چين جي سمورن انقلابي مسئلن جي حل لاءِ ان جي اڳواٽ ڄاڻ هجڻ ضروري آهي. اسان چيني انقلاب جي دشمنن، ڪمن ۽ محرڪ قوتن کان واقف ٿي چڪا آهيون. اهي انقلاب جي موجوده مرحلي تي بنيادي ڳالهيون آهن ۽ چيني معاشري يعني چين جي خاص حالتن مان پيدا ٿين ٿيون. انهن کي سمجهڻ کان پوءِ هينئر اسان اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته موجوده مرحلي ۾ انقلاب جو هڪ ٻيو مسئلو يعني چيني انقلاب جو ڪردار ڇا آهي؟ ڇا بورجوائي، جمهوري يا پرولتاري سوشلسٽ انقلاب آهي؟ ظاهر آهي ته اهو پهريان ذڪر ڪيل آهي آخر ۾ نه.
جيئن ته چيني معاشرو نوآبادياتي، نيم نوآبادياتي ۽ نيم جاگيرداراڻو آهي ۽ جيئن ته چيني انقلاب جو ڪم قومي جمهوري انقلاب ذريعي آهي، جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن بورجوايت به حصو وٺندي آهي، انهن ٻنهي دشمنن جو تختو اونڌو ڪرڻو آهي، ۽ جيئن ته انقلاب جي تلوار سرمائيداري ۽ نجي سرمائيدار ملڪيتن (ڀل وڏي بورجوايت انقلاب کي دوکو ڏئي ان جي دشمن ڇو نه بڻجي وڃي) بدران سامراجيت ۽ جاگيرداري طرف آهي، تنهن ڪري موجوده مرحلي ۾ چيني انقلاب جو ڪردار پرولتاري، سوشلسٽ نه پر بورجوائي ۽ جمهوري آهي.
بهرحال موجوده چين ۾ بورجوائي ۽ جمهوري انقلاب هينئر پراڻي قسم جو نه پر نئين خاص قسم جو آهي، اسان ان قسم کي نئون جمهوري انقلاب چئون ٿا ۽ اهو چين کان سواءِ به ٻين سمورن نوآبادياتي ۽ نيم نوآبادياتي ملڪن ۾ زور وٺي رهيو آهي. نئون جمهوري انقلاب عالمي پرولتاري ۽ سوشلسٽ انقلاب جو هڪ حصو آهي، ڇو ته اهو مستقل مزاجي سان سامراجيت يعني بين الاقوامي سرمائيداري جي مخالفت ڪري ٿو. سياسي طورتي هي سامراجن، غدارن ۽ رجعت پسندن تي انقلابي قوتن جي گڏيل آمريت لاءِ ڪوشان آهي ۽ چيني معاشري جي بورجوائي آمريت تحت معاشرو تبديل ڪرڻ جي مخالفت ڪري ٿو. اقتصادي طورتي هن جو مقصد سامراجن، غدارن ۽ رجعت پسندن جي سموري ڪاروبار ۽ سرمائي کي قومي بڻائڻ ۽ جاگيردارن جي زمين هارين ۾ ورهائڻ آهي پر ان سان گڏ هو نجي سرمائيداراڻي ڪاروبار ۽ امير زمينداراڻي معيشت جو تحفظ به ڪري ٿو.
تنهن ڪري نئين قسم جو جمهوري انقلاب هڪ طرف ته سرمائيداري لاءِ رستو صاف ڪري ٿو ته ٻئي طرف سوشلزم لاءِ ضروري شيون مهيا ڪري ٿو. چيني انقلاب جو موجوده مرحلو نوآبادياتي، نيم نوآبادياتي ۽ نيم جاگيرداراڻي معاشري جي ڀڃ ڊاهه ۽ سوشلسٽ معاشري جي قيام جي وچ وارو بحراني مرحلو آهي. يعني اهو نئين جمهوري انقلاب جو عمل آهي، اهو عمل جيڪو پهرين مهاڀاري جنگ ۽ روس جي آڪٽوبر انقلاب سان شروع ٿيو، چين ۾ 1919ع جي 4 مئي جي تحريڪ سان شروع ٿئي ٿو. نئون جمهوري انقلاب پرولتاريت جي قيادت هيٺ عوام جو سامراجيت ۽ جاگيرداري خلاف انقلاب آهي. چيني معاشرو فقط اهڙي انقلاب ذريعي ئي سوشلزم طرف قدم وڌائي سگهي ٿو، ٻيو ڪو رستو ناهي.
نئون جمهوري انقلاب يورپ ۽ آمريڪا جي جمهوري انقلابن کان تمام گهڻو مختلف آهي. ڇاڪاڻ ته ان جو نتيجو بورجوايت جي آمريت نه پر پرولتاريت جي قيادت هيٺ سمورن انقلابي طبقن جي متحده محاذ جي آمريت آهي. موجوده مزاحمت ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت ۾ بنيادي علائقن ۾ قائم ٿيل اينٽي جاپاني جمهوري سياسي طاقت ئي اينٽي جاپاني قومي متحده محاذ جي سياسي طاقت آهي، اها نه ته بورجوائي ۽ نه ئي پرولتاريت جي هڪ طبقي واري آمريت آهي پر پرولتاريت جي قيادت هيٺ انقلابي طبقن جي گڏيل آمريت آهي. جمهوريت ۽ جاپان خلاف مزاحمت جا سمورا حامي پنهنجي پنهنجي وفاداري سان ان سياسي طاقت ۾ شرڪت جا حقدار آهن.
نئون جمهوري انقلاب سوشلسٽ انقلاب کان مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته هي چين ۾ سامراجن، غدارن ۽ رجعت پسندن جي اقتدار جو تختو اونڌو ڪرڻ جي حق ۾ ته آهي پر صنعتي سرمائي جو ڪو اهڙو حصو تباهه ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جيڪو اينٽي سامراجي ۽ اينٽي جاگيرداري جدوجهد ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جو اهل هجي.
نئون بنيادي انقلاب بنيادي طورتي ”ڊاڪٽر سن يات سن جي ٽن عوامي اصولن“ ۾ ٻڌايل انقلاب سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. 1934ع ۾ ڪومن تانگ جي پهرين قومي ڪانگريس جي جاري ٿيل ميني فيسٽو ۾ ڊاڪٽر سن يات سن لکيو هو.
”جديد ملڪن ۾ هٿ ٺوڪيو جمهوري نظام بورجوايت جي ڏاڍ ۽ عوام کي دٻائڻ جو هٿيار آهي پر ڪومن تانگ جو جمهوريت جو اصول هڪ اهڙو جمهوري نظام آهي جيڪو ڪجهه ماڻهن جي ملڪيت بدران عوام جو پنهنجو نظام هوندو .“
محترم ڊاڪٽر وڌيڪ لکيو آهي:
”بينڪ، ريلوي، ايئر لائينز جهڙن ڪمرشل ادارن، ڀلي اهي چيني ملڪيت هجن يا غير ملڪي ملڪيت، جيڪي پنهنجي ڪردار ۾ يا ته قابض نه هجن يا وري نجي ڪاروهنوار لاءِ انهن کي هلائڻ مشڪل هجي، کي حڪومت پنهنجي تحويل ۾ وٺي پاڻ انهن جو ڪاروهنوار هلائيندي. تاريخي نجي سرمايو ماڻهن جي روزگار تي اثرانداز نه ٿئي، سرمائي کي باقاعده طور هلائڻ جو اهو بهترين طريقو آهي.“
اڳتي هلي ڊاڪٽر سن پنهنجي ان ميني فيسٽو ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي پاليسين جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو آهي.
”اسان کي عوام کي بيدار ڪرڻو پوندو ۽ گڏيل جدوجهد ۾ دنيا جي انهن قومن سان متحد ٿيڻ گهرجي، جيڪي اسان سان برابري وارو سلوڪ ڪن ٿيون.“ پراڻي جمهوريت جا 3 عوامي اصول جيڪي پراڻي بين الاقوامي ۽ ملڪي حالتن موجب اختيار ڪيا ويا هئا، انهن کي ٻيهر بين الاقوامي ۽ ملڪي حالتن موجب نئين جمهوريت جي 3 عوامي اصولن ۾ ڏنو ويو. جڏهن چيني ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي 22 سيپٽمبر 1937ع جي ميني فيسٽو ۾ اهو اعلان ڪيو ته اڄ چين کي ٽن عوامي اصولن جي ئي ضرورت آهي ۽ اسان انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهڻ لاءِ تيار آهيون ته هن ڄاڻايل عوامي اصولن جو ذڪر ڪيو هو. ڊاڪٽر سن يات جا اهي 3 اصول 3 عظيم پاليسين جا حامي آهن. يعني روس سان اتحاد، ڪميونسٽ پارٽي سان تعاون ۽ مزدورن، هارين جي مدد. نيئن ملڪي ۽ بين الاقوامي حالتن ۾ جيڪڏهن 3 عوامي اصولن مان هڪ به 3 عظيم پاليسين کان هٽي ٿو وڃي ته اهو انقلابي نه ٿو رهي. هتي اسان ان حقيقت تي بحث ڪنداسين ته جيتوڻيڪ ڪميونزم ۽ ” 3 عوامي اصول“ جمهوري انقلاب لاءِ سياسي پروگرام ۾ هڪ ٻئي سان متفق آهن پر اهي ٻين سمورين ڳالهين ۾ هڪ ٻئي جا مخالف آهن.
تنهن ڪري بورجوائي جمهوري انقلاب ۾ پرولتاريت، هاري طبقي ۽ ننڍي بورجوايت جي ٻين حصن جي ڪردار کي جيتوڻيڪ جدوجهد ڪندڙ قوتن جي صف بندي (يعني متحده محاذ ۾) يا ملڪي طاقت جي تنظيم ۾ نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، جيڪو به انهن طبقن کان نظر بچائي گذرڻ جي ڪوشش ڪندو اهو چيني قوم جي تقدير جو مسئلو يا چين جا ٻيا مسئلا حل ڪرڻ جي اهل نه هوندو. چيني انقلاب کي موجوده مرحلي ۾ عوامي جمهوريه تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. جنهن ۾ مزدور، هاري ۽ ننڍي بورجوايت جي ٻين گروهن جي ڪا واضح حيثيت هجي ۽ اهي ڪو واضح ڪردار ادا ڪن. ٻين لفظن ۾ مزدورن، هارين، شهري ننڍي بورجوايت ۽ سامراجيت ۽ جاگيرداري خلاف ٻين سمورن ماڻهن جي اتحاد تي ٻڌل عوامي جمهوريه هجڻ گهرجي، صرف پرولتاريت جي قيادت هيٺ اهڙي جمهوريه جي مڪمل تشڪيل ممڪن آهي.

[b](6) چيني انقلاب جا تناظر
[/b]هينئر جيئن ته بنيادي ڳالهين، يعني چيني معاشري جي نوعيت ۽ موجوده مرحلي ۾ چيني انقلاب جا دشمن، ڪم، محرڪ قوتون ۽ ڪردار واضح ٿي چڪا آهن. هاڻ ان جا تناظر يعني بورجوائي جمهوري ۽ پرولتاري سوشلسٽ انقلاب وچ ۾ تعلق يا چيني انقلاب جي موجوده ۽ آئنده مرحلن جي وچ ۾ تعلق کي ڏسڻو ۽ سمجهڻو آهي.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته چيني انقلاب جو قطعي تناظر سرمائيداري نه پر سوشلزم ۽ ڪميونزم آهي ڇاڪاڻ ته موجوده مرحلي ۾ چين جو بورجوائي جمهوري انقلاب پراڻي طرز جو نه پر هڪ خاص طرز جو جمهوري انقلاب آهي. يعني هڪ نئون جمهوري انقلاب ۽ اهو انقلاب 20هين صدي جي ٽئين ۽ ننڍي ڏهاڪي ۾ ٻي عالمي جنگ جي زماني ۾ نين بين الاقوامي حالتن ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي. ٽيون ۽ چوٿون ڏهاڪو جنهن ۾ سرمائيداري زوال پذير ۽ سوشلزم ترقي پذير آهي.
بهرحال اها ڳالهه حيرت جو سبب نه پر پوري طرح متوقع آهي ته چيني انقلاب جي فتح کان پوءِ به چيني معاشري اندر ڪنهن حدتائين سرمائيداراڻي معيشت ترقي ڪندي. ڇاڪاڻ ته موجوده مرحلي ۾ چيني انقلاب جو مقصد معاشري جي موجوده نوآبادياتي، نيم نوآبادياتي ۽ نيم جاگيرداراڻي حالت کي تبديل ڪرڻو آهي يعني نئين جمهوري انقلاب کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي. اقتصادي طورتي پوئتي پيل چين ۾ هڪ حد تائين سرمائيداراڻي ترقي جمهوري انقلاب جو نتيجو هوندي، پر اها چين جي پوري تاريخ بدران ان جو فقط هڪ ئي پهلو هوندو، پوري تصوير نه، پوري تصوير سرمائيدار عنصرن سان گڏوگڏ سوشلسٽ عنصرن جي ترقي کي به ظاهر ڪري ٿي. سوشلسٽ عنصر ڪهڙا هوندا؟ ملڪ اندر طاقتن ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ پرولتاريت جي وڌندڙ اثر، پرولتاريت ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت جنهن کي هاري طبقي، دانشور طبقي ۽ ننڍي بورجوايت پهريان ئي قبول ڪري چڪا آهن يا قبول ڪرڻ وارا آهن. عوامي جمهوريه جي ملڪيت معيشت جو ملڪي حصو ۽ مزدور طبقي جي ملڪيت معيشت جو حصو، اهي سڀ سوشلسٽ عنصر هوندا. ان موجب بين الاقوامي حالتن ۾ اضافي سان اهو امڪان آهي ته چيني بورجوائي، جمهوري انقلاب سرمائيداراڻي مستقبل بدران سوشلسٽ مستقبل جو حامل هوندو.

[b](7) ڪميونسٽ پارٽي ۽ چيني انقلاب جي ٻٽي ذميداري
[/b]ان ڳالهه جي پهرين حصن کي گڏ ڪندي جيڪڏهن اسان چيني انقلاب کي مجموعي طور تي ڏسون ته ان جو ڪم ٻٽو نظر ايندو، يعني هي پنهنجي حصي ۾ بورجوائي جمهوري انقلاب به کنيو پيو هلي. ٻين لفظن ۾ انقلاب جي موجوده ۽ آئنده ٻنهي مرحلن ۾ ان ٻٽي انقلابي ڪم جي ذميداري ڪميونسٽ پارٽي تي لاڳو ٿئي ٿي، يعني پرولتاريت جي پارٽي جنهن جي قيادت کان سواءِ ڪوبه انقلاب ڪامياب ٿي نٿو سگهي.
چين جي بورجوائي جمهوري انقلاب دنيا ۾ جمهوري انقلاب کي مڪمل ڪرڻ ۽ حالتون سازگار ٿيڻ تي ان کي سوشلسٽ انقلاب ۾ تبديل ڪرڻ، چيني ڪميونسٽ پارٽي جي عظيم انقلابي ڪم جو نچوڙ آهي. پارٽي جي هر ميمبر کي ان جي تڪميل لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به حالت ۾ هن کي اڌ ۾ نه ڇڏيو وڃي. ڪجهه پختي ذهن وارا ڪميونسٽ سوچين ٿا ته سندن ڪم موجوده جمهوري انقلاب تائين محدود آهي ۽ آئنده سوشلسٽ انقلاب کي آڻڻ سندن حدن ۾ نه ٿو اچي، پوءِ وري هو اهو سوچين ٿا ته موجوده انقلاب يا زرعي انقلاب حقيقت ۾ سوشلسٽ انقلاب آهي. کين پرزور لهجي ۾ ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي ته اهي ٻئي نظريه غلط آهن.
هر ڪميونسٽ کي معلوم هجڻ گهرجي ته ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت هيٺ هلندڙ انقلابي تحريڪ جا مجموعي طور تي ٻه مرحلا آهن. يعني جمهوري انقلاب ۽ سوشلسٽ انقلاب جيڪي بنيادي طورتي ٻه مختلف انقلابي عمل آهن ۽ ٻيو عمل پهرين عمل جي تڪميل کان پوءِ ئي مڪمل ٿئي ٿو. جمهوري انقلاب سوشلسٽ انقلاب جي ضروري تياري جو مرحلو آهي ۽ سوشلسٽ انقلاب جمهوري انقلاب جو نتيجو آهي. اهي قطعي مقصد جنهن لاءِ سمورا ڪميونسٽ ڪوشان آهن. سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ معاشري جو قيام آهي، چيني انقلاب جي صحيح طورتي قيادت ڪرڻ لاءِ جمهوري انقلاب ۽ سوشلسٽ انقلاب وچ ۾ واضح فرق ۽ انهن وچ ۾ گڏيل تعلق کي سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي.
ڪميونسٽ پارٽي کان سواءِ ٻي ڪا پارٽي چين جي انهن ٻنهي انقلابن جي قيادت ڪرڻ جي اهليت نه ٿي رکي. ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي پيدائش واري ڏينهن کان ئي اهو ٻٽو ڪم پنهنجي مٿان کنيو آهي ۽ ان ۾ ڪاميابي لاءِ 18 سالن کان وڙهندي پئي اچي.
اهو ڏکيو پر شاندار ڪم آهي ۽ اهو ڪم باشواني رنگ ۾ رنڱيل ڪميونسٽ پارٽي کان سواءِ تڪميل تائين نٿو پهچي سگهي، اها پارٽي جيڪا قومي پيماني جي آهي ۽ جنهن جو ڪردار عوامي آهي، هي پارٽي جيڪا نظرياتي، سياسي ۽ تنظيمي طورتي پوري طرح مستحڪم آهي. تنهن ڪري هر ڪميونسٽ جو فرض آهي ته هو اهڙي ڪميونسٽ پارٽي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڦڙتي سان حصو وٺي.

1911ع جو ناڪام انقلاب

هتي چين ۾ باڪسر تحريڪ جي ڪارروائي ۽ پوءِ شڪست دوران روس منچوريا تي پنهنجو اقتدار قائم ڪري ورتو هو. چين جي احتجاج جي کيس ڪهڙي پرواهه هئي پر آمريڪا، برطانيه ۽ جاپان جي گڏيل احتجاج تي هن ڏيڍ سال کان پوءِ ان علائقي مان فوج واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو. روس اهو واعدو پورو نه ڪيو ته 1902ع ۾ روس، جاپان جنگ شروع ٿي وئي جيڪا 1905ع تائين جاري رهي. ان جنگ جون سموريون جهڙپون چين جي سرزمين تي ٿيون هيون. جيتوڻيڪ جنگ جو سڌوسنئون اثر چين تي پيو، جنگ ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ اهي سمورا حق جيڪي منچوريا ۾ روس کي حاصل هئا اهي جاپانين کي حاصل ٿي ويا ۽ ڪوريا به سڌوسنئون جاپان جي قبضي هيٺ اچي ويو. انهن واقعن چين ۾ بيداري جي نئين لهر پيدا ڪري ڇڏي. ڪجهه صوبن ۾ سڌارن جو ڪم شروع ڪيو ويو ۽ چين جي راڻي انهن سڌارن کي وري جاري ڪري ڇڏيو جن کي هن 1889ع ۾ ختم ڪري ڇڏيو هو.
چيني حڪومت 1905ع ۾ هڪ پينل مقرر ڪيو ته اهو مختلف ملڪن جي آئين جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ چين لاءِ پارلياماني طرز جي حڪومت متعلق پنهنجي راءِ پيش ڪري. ان وفد جي واپسي تي اعلان ڪيو ويو ته 9 سالن کان پوءِ ملڪ ۾ پارليامينٽ قائم ڪئي ويندي. وانگ چنگ هوئي جاپاني طرز حڪومت جو آئين ٺاهيو جنهن جي منطوري 1908ع ۾ ڏني وئي. آفيم جي روڪٿام لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا، بيجنگ ۾ آفيم واپرائڻ جا اڏا بند ڪيا ويا، آفيم جي درآمد، وڪري ۽ ڏوڏي جي پيداوار تي سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون، عبادتگاهن کان مدرسن جو ڪم ورتو ويو ۽ سوين نوجوانن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن ۾ موڪليو ويو.
شهنشاهه چين 14 نومبر 1908ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ان جي ٻئي ڏينهن راڻي به دم ڌڻي حوالي ڪيو، انهن ٻنهي جي اوچتي لاڏاڻي سبب عوام ۾ ڪيتريون ئي افواهون پکڙجي ويون. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته شهنشاهه ۽ راڻي جي وفات خودڪشي سان ٿي، ملڪ ۾ اها پيشگوئي مشهور هئي ته جڏهن ماءُ جي هنج ۾ ٻار کي شهنشاهه بڻايو ويندو، ان وقت مانچو خاندان جو اقتدار ختم ٿي ويندو. شهنشاهه ڪوانگ سو جي وفات کان پوءِ شهزادي چون جي پٽ کي ڪوسوان ٽنگ جي لقب سان شهنشاهه بڻايو ويو. يو آن شي ڪائي، چنگ چي چنگ ۽ فوتي شهنشاهه جي ٻي گهرواري ملڪه لونگ يوکي نگران مقرر ڪيو ويو.
شهنشاهه ڪوانگ سو طرفان نومبر ۾ هي اعلان ڪيو ويو ته:
”هن کان پوءِ اسان ان تجويز کي جيڪا اڪثريت جي تائيد سان ملڪ جي بهتري لاءِ پيش ڪئي ويندي اختيار ڪنداسين، ماڻهن کي فطرت ئي پيدا ڪري ٿي ۽ اها ئي سندن حڪمرانن کي وجود ۾ آڻي ٿي، ماڻهن جا ڪن فطرت جا ڪن، ماڻهن جون اکيون فطرت جون اکيون آهن.“
شهنشاهه ڪوانگ سو جو آخري اعلان هي هو:
”اڄ سلطنت جي سمورن باشندن جو رجحان جمهوريت طرف آهي، ڏاکڻين صوبن ان تحريڪ جو آغاز ڪيو آهي، اترين صوبن جا سپهه سالار ان جي تائيد ڪري رهيا آهن. رب جي رضا ظاهر ۽ عوام جو مقصد واضح آهي، رڳو هڪ خاندان جي عظمت ۽ شان برقرار رکڻ لاءِ ڪروڙين ماڻهن جي خواهشن کي ڪيستائين لتاڙي سگهجي ٿو. تنهن ڪري اسان (ان وقت شهنشاهه جي ماءُ ريجنٽ جي حيثيت سان ڪم ڪري رهي هئي.) اهو فيصلو ڪيو آهي ته چين ۾ ايندڙ طرز حڪومت آئيني ۽ جمهوري هوندو ته جيئن ماڻهن جو مطالبو پورو ٿي سگهي ۽ انهن ڏاهن جي راءِ موجب عمل ٿي سگهي جيڪي تخت ۽ تاج کي عوام جي وراثت سمجهن ٿا.“
چين جا باشنده قديم زماني کان ئي داخلي انتظام ۾ خودمختيار هئا. شهنشاهه کي قوم جي عظمت ۽ اقتدار جو محافظ سمجهيو ويندو هو، جاپان هٿان شڪست کان پوءِ چينين کي پنهنجي ڪمزوري ۽ پسماندگي جو احساس ٿيو. قومي ذلت جو ذميوار شهنشاهه کي قرار ڏنو ويو. مانچو خاندان خلاف بغض ۽ ڪيني جا پراڻا داغ تازه ٿي ويا. ان نفرت آهستي آهستي نسلي دشمني جي شڪل اختيار ڪري ورتي. ماڻهو سمجهندا هئا ته غيرملڪي خاندان چين جي عزت ۽ مفاد ڌارين کي وڪڻي رهيو آهي. شهنشاهه پنهنجي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ ٻين ملڪن کان قرض وٺي رهيو آهي. باڪسرز جي ناڪامي ۽ غيرملڪي طاقتن جون شرطون قبول ڪرڻ سان مانچو خاندان جي زوال پذير اثر کي اڃا به وڌيڪ نقصان پهتو.
1911ع کان پهريان چين ۾ سامراجي ملڪن جي ٽوٽل سيڙپڪاري ڏيڍ ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ هئي. ڪوئينگ حڪومت جا ان وقت جا پرڏيهي قرض به هڪ ارب 40 ڪروڙ ڊالر هئا. جن ۾ ريلوي لائن وڇائڻ جو پرڏيهي قرض 30 ڪروڙ ڊالر هو. درآمد برآمد جي ڀيٽ ۾ گهڻي وڌيڪ هئي، سامراجي ملڪن جو تيار ڪيل مال چين جي منڊين ۾ سٿيو پيو هوندو هو، هڪ طرف چين ۾ آمريڪا ۽ برطانيه جا ڪارخانا ڏينهن رات تماڪ جي تياري ۾ مصروف هئا ته ٻئي طرف صرف 1905ع ۾ 6 لک 60 هزار پائونڊ اسٽرلنگ جو تماڪ درآمد ڪيو ويو. جاپان جي ڪچي ريشم يورپ جي منڊين ۾ مار ٿي کاڌي ته وري جاپان جو مال ڏينهن رات چين جي منڊين ۾ پهچي رهيو هو. چين جي چانهه جي درآمد جيڪا 1886ع ۾ 260 ملين پائونڊ هئي، 1905ع ۾ رڳو 180 ملين پائوند وڃي رهي. چين جي زرعي پيداوار تي به سامراجن جو ڪنٽرول هو. هي اها صورتحال هئي جنهن مان چين 1905ع ۾ گذري رهيو هو ۽ هن جي آبادي جو هڪ وڏو حصو بيروزگاري ۽ فاقه ڪشي ۾ مبتلا هو.
هاڻي ڏسو، جيڪي ٻيون خرابيون پيدا ٿي چڪيون هيون، حاڪم طبقي جو اقتدار سالن جا سال هلندو ٿي آيو، سندن عهده به موروثي هئا، اعليٰ عهدن تي ويهڻ لاءِ امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ جي شرط هئي. موروثي اقتدار جي ڪري هن طبقي جي اخلاق ۽ عادتن ۾ خرابيون ته پهريان کان ئي پيدا ٿي چڪيون هيون پر مانچو خاندان جي زماني ۾ انهن جون خرابيون انتها تي پهچي ويون. اعليٰ عهدن لاءِ ڪيترائي ڊپلوما پيش ڪرڻا پوندا هئا. عهده گهٽ ۽ اميدوار بيشمار هوندا هئا. سرڪاري ملازمت جا اميدوار ٺٺ ٺانگر قائم رکڻ لاءِ قرض کڻي خرچ ڪندا رهندا هئا. ملازمت حاصل ڪرڻ کان پوءِ انهن جو سڄو ڌيان پئسو ڪمائڻ طرف هوندو هو، کين پنهنجن فرضن سان ڪابه دلچسپي نه هئي. حڪومت انهن جي رشوت خوري ۽ غريب آزاري تي پردو وجهندي هئي. عهديدارن کي هڪ مقام کان ٻئي مقام تي ان اصول تحت تبديل ڪيو ويندو هو ته هٿ رنڱڻ جو موقعو سڀني کي ملڻ گهرجي. مانچو خاندان جي آخري دور ۾ اعليٰ عهده ۽ منصب وڪرو ٿيڻ لڳا، امتحان ذريعي اهل ماڻهن کي سليڪٽ ڪرڻ وارو پراڻو دستور نالي ماتر وڃي رهيو. چين ۾ پرڏيهي طاقتن جو اثر وڌڻ سان ان خاندان جي حالت بد کان بدتر ٿي وئي. اهي ماڻهو پرڏيهي طاقتن کي ملڪ جي ڪنهن به علائقي تي قبضو ڪرڻ ڏين ته حڪومت کين ڊڄڻو ۽ نااهل قرار ڏئي برطرف ڪري ڇڏي. جيڪڏهن زبردستي قبضو ڪندڙن سان جنگ ڪن ته پرڏيهي طاقتن جي دٻاءَ پوڻ تي حڪومت طرفان مٿن پرڏيهي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ جو الزام لڳيو وڃي ۽ سخت سزائون ڏنيون وينديون هيون.
حڪومت جي مهربانين ۽ اخلاقي ڪمزورين کان سواءِ ان طبقي جي زوال جو هڪ سبب اهو به هو ته جديد علم جي شايع ٿيڻ سان سندن محدود واقفيت جو ڀاندو ڦاٽي پيو. حڪومت جديد سول سروس قائم ڪرڻ ٿي چاهي پر نوان ماڻهو پراڻين روايتن کان واقف نه هجڻ ڪري پنهنجا فرض سٺي نموني نه ٿي ادا ڪري سگهيا. هن طبقي جو زوال بادشاهن جي زوال جو ڪارڻ بڻيو ۽ سلطنت جو انتظام نون عهديدارن جي هٿن ۾ هليو ويو.
ڊاڪ ٽڪيٽون جاري ٿيڻ لڳيون، پوسٽ آفيسون قائم ٿي ويون، ريلوي لائين جي تعمير کان پوءِ مختلف هنڌن تان اخبارون شايع ٿيڻ لڳيون. انهن جي شايع ٿيڻ سان عوام جي خيالن تي اهڙو اثر ٿيو جو اهي شهنشاهيت کان بيزار ٿي پيا، امير طبقي ۽ پرڏيهي ماڻهن جي ظلم ۽ جبر جون داستانون پڙهي پڙهي عوام اندر بدلي جي باهه ڀڙڪي اٿي. جاپان، چين جنگ کان پوءِ روس جاپان کي مجبور ڪيو هو ته منچوريا جي هڪ وڏي علائقي تي قبضي بدران چين کان ڳرو ڏنڊ وٺي. فرانس ۽ روس چين کي قرض ڏيڻ جو فيصلو ڪيو جيئن ته اهي ٻئي گهربل رقم مهيا نه ٿي ڪري سگهيا ان ڪري برطانيه ۽ جرمني باقي رقم مهيا ڪرڻ جو ذمو کنيو. برطانيه ۽ جرمني جي ادارن معاهدو ڪيو ته چين ۾ جتي به ڪاروبار تي سرمايو لڳائڻ جو موقعو مليو اتي برابر فائدي جي شرط تي سرمايو لڳائيندا.
اها هڪ قدرتي ڳالهه هئي ته حڪومت جي بدعنوانين خلاف معاشري جي هر طبقي مان بغاوت اڀري. 1905ع جي آخري اڌ حصي ۾ شنگهائي ۽ ٻين 6 بندرگاهن ۾ چيني واپارين آمريڪي شين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو پر حڪومت اهڙين تحريڪن تي ضابطو آڻيندي وئي. جڏهن 1904ع ۾ برطانوي سامراج تبت تي قبضو ڪري ورتو ۽ ڪاشا جي 1500 ماڻهن جو قتل عام ڪيو تڏهن ڪوئينگ حڪومت ماڻهن جي مدد يا برطانوي حڪومت سان احتجاج ڪرڻ بدران ابتو برطانيه سان هڪ ڳجهي ٺاهه ۾ ڪيترائي حق برطانيه کي ڏئي ڇڏيا. جيتوڻيڪ چين ۾ اڀرندڙ بورجوائي پنهنجن مفادن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي ۽ سرمائيدارن جي سرپرستي ۾ ڪيتريون ئي تحريڪون منظم ٿيڻ شروع ٿي ويون. اڳئين سال انهن سوسائٽين ۽ تحريڪن جي ملڻ سان ٽوڪيو ۾ چيني انقلابي ليگ جو قيام عمل ۾ آندو ويو ۽ ان ليگ ڊاڪٽر سن يات سين کي پنهنجو ليڊر چونڊيو. انهن جي بنيادي جدوجهد مانچو خاندان جي اقتدار جي خلاف هئي. سندن نعرن ۾ زمين جي برابر ملڪيت ڏيڻ جو نعرو خاص طور تي ذڪر جوڳو آهي. ٽونگ مينگ هوئي تحريڪ پنهنجي منشور ۾ آزادي، برابري ۽ ايڪي جو پروگرام پيش ڪيو. سن يات سين به پنهنجا ٽي بنيادي اصول پيش ڪيا، جن ۾ قومپرستي جو اصول، جمهوريت جو اصول ۽ عوام جي زندگي جي بهتري جو اصول شامل هئا. هن جمهوريت جي اصول تحت هڪ جمهوري ري پبلڪ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ٽونگ مينگ هوئي جي ڪارڪنن پهرين سال ۾ 10,000 ماڻهن جي ميمبرسازي ڪئي. ڪوئينگ حڪومت جاپان سان ملي ڪري ان تحريڪ کي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها وقت سان گڏوگڏ پکڙجندي وئي ۽ ڪيترائي دانشور، ڳجهين انجمنن ۽ سرڪاري فوج جا سپاهي سن يات سين جي تحريڪ ۾ شامل ٿيندا ويا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اها تحريڪ حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو خطرو بڻجي وئي. جيتوڻيڪ حڪومت ڪيترن ئي سياسي، انتظامي، رياستي، تعليمي ۽ سماجي سڌارن جو اعلان ڪيو ۽ جمهوريت جي بحالي جا قدم کنيا.
آڪٽوبر 1910ع ۾ بيجنگ ۾ پهرين نيشنل اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو، اسيمبلي ۾ صرف هڪ ايوان هو ۽ ان جا اڌ ميمبر حڪومت طرفان نامزد ڪيا ويندا هئا جيڪي منگول، مانچو ۽ چينين جي نمائندگي ڪندا هئا.
اسيمبلي جو تناسب هن طرح هو:
(1) شهزاده ۽ نواب 16
(2) مانچو امير 10
(3) ڍل ڏيندڙ رياستن جا سردار 14
(4) شاهي خاندان جا نمائنده 06
(5) کاتن جا اعليٰ عهديدار 32
(6) ناليوارا عالم 10
(7) وڏا وڏا ٽيڪس ڏيندڙ 10
(8) صوبائي اسيمبلين جا چونڊيل نمائنده 110
ماڻهو مانچو خاندان کان تنگ ٿي پيا هئا ۽ انهن سڌارن مان مطمئن نه هئا، سرڪاري عهديدارن ۽ مانچو خاندان جي نمائندن جي گهڻائي باوجود نيشنل اسيمبلي جي روش شروع کان ئي حڪومت جي خلاف هئي، نيشنل اسيمبلي جو مطالبو هو ته کيس قانون ٺاهڻ جو اختيار فوري طور ڏنو وڃي، راڻي جي نالي تي هڪ درخواست به موڪلي وئي ته اسيمبلي کي قانون ٺاهڻ جا اختيار ڏنا وڃن جنهن تي هي جواب مليو:
”آئين بادشاهه طرفان لاڳو ڪيو ويندو آهي، رعيت ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ بادشاهه کي مجبور نه ٿي ڪري سگهي، بادشاهه جي ذات مقدس آهي ۽ کيس سمورا اختيار حاصل آهن. جيتوڻيڪ هو انهن اختيارن کي دستور موجب ئي ڪم ۾ آڻي ٿو.“
ان جو مقصد راڻي پاران اهو ظاهر ڪرڻ هو ته چين جي شهنشاهه کي دستوري حڪومت قائم ڪرڻ متعلق اهي ئي اختيار حاصل آهن، جيڪي روس ۽ جاپان جي شهنشاهن کي حاصل آهن. سمورا قانون سندس منظوري سان ٺهندا آهن ۽ سمورا عهديدار ان جي حڪم سان مقرر ڪيا ويندا آهن. پارليامينٽ کي طلب ڪرڻ ۽ ٽوڙڻ جو اختيار به وٽس آهي ۽ اهوئي بحري ۽ بري فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي.
نيشنل اسيمبلي کي شاهي خاندان جي خرچن بابت ڪي به اختيار نه هئا، اها رقم ان جي منظوري کان سواءِ قومي خزاني مان ڪڍي ويندي هئي. مانچو خاندان جو وجود ئي انقلابي انجمنون قائم ڪرڻ لاءِ ڪافي هو. راڻي جيڪو پروگرام ٺاهيو هو، ان مان شاهي خاندان جا دشمن فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. کير پياڪ شهنشاهه جو پيءُ پرنس ريجنٽ سوچ ويچار ۽ ڏاهپ کان محروم هو، هن جي نظر اڄ جي آئيني ۾ ايندڙ سڀاڻي جي ڏينهن کي نه ٿي ڏسي سگهي. نيشنل اسيمبلي جي مانچو صدر پرنس پولون زور ڏنو ته اسيمبلي قانون ٺاهڻ جا جيڪي اختيار طلب ڪري ٿي اهي کيس ڏنا وڃن. اهڙي طرح مانچو خاندان جو اقتدار قائم رهي سگهي ٿو پر ان جي مفيد مشورن تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو. پرنس ريجنٽ جيڪا وڏي رعايت ڏني اها هي هئي ته هن دستوري حڪومت جي تيارين جو وقت مختصر ڪري ڇڏيو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو حقيقي پارليامينٽ 1917ع بدران 1913ع ۾ قائم ٿي وئي. ان مقصد لاءِ 2 نومبر 1910ع ۾ حڪم جاري ڪيو ويو. ريڊيڪل پارٽي ان مان مطمئن نه ٿي. هن جو مطالبو هو ته اختيار فوري طور ڏنا وڃن. 30 نومبر 1910ع تي هن هڪ قرارداد پيش ڪئي ته وزيرن کي اسيمبلي آڏو جوابده قرار ڏنو وڃي، پر ريجنٽ اهو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.
گرما گرم بحثن کان پوءِ نيشنل اسيمبلي جو اجلاس 11 جنوري 1911ع تي ملتوي ٿي ويو پر ٻئي اجلاس کان پهريان ئي انقلاب جا اهڙا جهٽڪا محسوس ٿيڻ لڳا جن شهنشاهيت جي ايوانن جا بنياد لوڏي وڌا. حڪومت مئي 1911ع ۾ 4 سلطنتن کان هوڪوانگ ريلويز جي تعمير لاءِ قرض ورتو. (انهن ريلويز جو نالو هوڪوانگ ان ڪري تجويز ڪيو ويو جو اهي صوبي هوچي ۽ هونان مان ٿي گذريون) ٻئي صوبا هڪ ئي گورنر جي ماتحت هئا. هو ڪوانگ جي لغوي معنيٰ آهي ڍنڍ جو ميدان. تجويز اها هئي ته هڪ ريلوي لائين ڏکڻ ۾ هنڪائو کان صوبي ڪوانٽنگ جي اترين سرحد طرف تعمير ڪئي وڃي. (هتي ان جو ميلاپ ٻي لائين سان ٿي وڃي ها، جيڪا ڪونٽين کان اتر طرف هڪ چيني ڪمپني جي تعمير هيٺ هئي.) ٻي لائين هنڪائو کان اولهه طرف صوبي زوچوان تائين. اها لائين صوبي زوچوان جي گادي واري هنڌ چنگٽو تائين وڃي ها. جڏهن هنگائو کان اولهه طرف لائين وڇائڻ جي تجويز غور هيٺ هئي ته ان وقت صرف برطانيه ۽ فرانس جو سرمايو لڳل هو. جرمني قرض متعلق چين کي بهتر شرطون پيش ڪيون جن جي نتيجي ۾ جرمني به سرمايو لڳائيندڙن ۾ شامل ٿي ويو ۽ هنگائو کان اولهه طرف به ريلوي لائين تعمير ٿيڻ لڳي.
چين جي حڪومت 1903ع ۽ ان کان پوءِ 1904ع ۾ آمريڪا سان واعدو ڪيو هو ته هنگائو کان مغرب جي ريلوي لائين جي تجويز آئي ته آمريڪا ۽ برطانيه سان مشورو ڪيو ويندو. آمريڪا 1909ع ۾ چين جي حڪومت کي ان واعدي جي ياد ڏياري ۽ ان جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ برطانيا کي شامل ڪيو ويو، جيئن ته زوچوان ڪمپني ڪوئچوفو کان چنٽوفو تائين ريلوي لائين جو صرف ٿورو حصو ٺاهيو هو، ان لاءِ بيجنگ حڪومت فيصلو ڪيو ته ريلوي لائين جي تعمير وارو ڪم ڪمپني کان واپس ورتو وڃي ۽ 4 سلطنتن کان 40 لک پائونڊ قرض وٺڻ جي تجويز بدران 60 لک پائونڊ قرض حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ان مقصد لاءِ 20 مئي 1911ع تي هڪ معاهدو مڪمل ٿيو. زوچوان ڪمپني هڪ ڪروڙ 10 لک تائل جي سرمائي سان قائم ڪئي وئي. ان جي صدر رٻڙ جي مسئلي تي 70 لک تائل ضايع ڪري ڇڏيا هئا ۽ ان وقت تائين 25-20 ميل پٽڙي وڇائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم نه ٿيو هو.
اهو اطلاع ملڻ تي ته حڪومت پرڏيهي سرمائيدارن سان زوچوان ريلوي جي تعمير لاءِ معاهدو ڪيو. 4 آگسٽ تي ڪمپني جي پارٽنرن جي هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ حڪومت کان ڪمپني جي نقصان جي ازالي جو مطالبو ڪيو ويو. حصيدارن چيو ته اسان کي پرڏيهي سرمائيدارن سان معاهدي ڪرڻ تي ڪوبه اعتراض ناهي، اسين پاڻ سان انصاف چاهيون ٿا. مواصلات واري وزير شينگ سوان هوئي تجويز پيش ڪئي ته زوچوان ڪمپني جديد معاهدي ۾ 40 لک تائل جي حصيدار ٿي سگهي ٿي پر ڪمپني ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو ۽ حڪومت کان هڪ ڪروڙ 10 لک تائل جو مطالبو ڪيو ۽ واضح ڪيو ته جيڪڏهن اهو ممڪن نه هجي ته ان جو وياج ئي ادا ڪيو وڃي. مواصلات واري وزير چيو ته 70 لک جي رقم ضايع ٿي چڪي آهي. جنهن جي جواب ۾ ڪمپني اهو جواب ڏنو ته 70 لک رقم ڪمپني جي صدر ضايع ڪئي جيڪو حڪومت جو مقرر ڪيل آهي، ان ڪري ضايع ٿيل رقم جي ذميداري حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي. زوچوان صوبي جي ڪيترن ئي شهرن ۾ حڪومتي روش خلاف ناراضگي جي اظهار لاءِ جلسا منعقد ڪيا ويا. اعليٰ عهديدارن کي خط موڪليا ويا ۽ زوچوان جي انهن ناليوارن سرمائيدارن جي نالي درخواستون شايع ڪيون ويون جيڪي بيجنگ ۾ رهندڙ هئا، ڪمپني جي حصيدارن هڪ جلسي ۾ فيصلو ڪيو ته ان مسئلي جي حل لاءِ پرنس ريجنٽ جي خدمت ۾ هڪ وفد موڪليو وڃي.
پرنس ريجنٽ حالتن جي اهميت ۽ وقت جي ضرورت کي نه سمجهيو ۽ زوچوان ڪمپني جا سمورا مطالبا رد ڪري ڇڏيا. زوچوان ڪمپني جي حصيدارن جو هڪ وڌيڪ جلسو 18 آگسٽ تي منعقد ٿيو، جنهن ۾ حڪومت کي مطالبن جي مڃتا لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي. ان وچ ۾ زوچوان جي ڪجهه شهرن ۾ هنگاما ۽ چڪريون ٿيون ۽ سرڪاري عهديدارن تي حملا ڪيا ويا. صوبائي اسيمبلي ڪمپني جي مطالبن جي حمايت ڪئي، زوچوان ڪمپني جي مهلت 2 سيپٽمبر تي ختم ٿي وئي. 4 سيپٽمبر تي حصيدارن جو هڪ جلسو ٿيو جنهن ۾ حڪومت کي ڌمڪي ڏني وئي ته ڪمپني صوبي جي وسيلن تي قبضو ڪري پنهنجا پئسا وصول ڪري وٺندي.

انقلاب ۾ شاگردن جو ڪردار

چين ۽ جاپان جنگ کان پوءِ ملڪ ۾ قوميت جي جيڪا تحريڪ پيدا ٿي ان جي ترقي ۾ شاگردن به نمايان حصو ورتو. سوين چيني نوجوان جيڪي فرانس ۽ جاپان ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا (انهن مان اڪثر ڪينٽين جا رهندڙ هئا.) تن جي خواهش هئي ته چين ۾ نئين طرز جي حڪومت قائم ٿئي. هڪسلي جان، سٽورٽ مل ۽ ٻين مغربي ليکڪن جي ڪتابن سندن خيالن ۾ انقلاب پيدا ڪري ڇڏيو هو. ايستائين جو ڪجهه پرجوش نوجوان برطانيه، فرانس ۽ آمريڪا جي حڪومتي نظام کي به ناقص سمجهندا هئا ۽ چين ۾ سوشلسٽ طرز حڪومت قائم ڪرڻ چاهيندا هئا. راڻي ڪانگ يودي ۽ سيانگ جي چائو خلاف موت جي سزا جا جيڪي حڪم جاري ڪيا هئا انهن سان نوجوانن جي اها راءِ اڃا به وڌيڪ پختي ٿي وئي ته شاهي خاندان جي صاف ۽ چٽن واعدن تي به اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي.
مانچو خاندان جو اقتدار ختم ڪرڻ ۾ جن شاگردن انتهائي جوش ۽ ولولي سان ڪم ڪيو هو انهن ۾ سن يات سين جو نالو خاص طور تي ذڪر جوڳو آهي. ان نوجوان هانگ ڪانگ جي ميڊيڪل ڪاليج مان ڊپلومه حاصل ڪيو هو. حڪومت ملڪي سياست ۾ حصو وٺڻ ڪري سندس خلاف هئي ۽ ان بغاوت جي ڏوهه ۾ سندس خلاف موت جي سزا جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. سن يات سين وطن کي الوداع چوڻ تي مجبور ٿيو ۽ يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾ گشت ڪندي چين جي قومي تحريڪ جي حق ۾ پروپيگنڊه ڪندو رهيو. لنڊن ۾ رهڻ دوران چيني سفارتخاني جي ماڻهن کيس سڃاڻي اغوا ڪري ورتو. انهن کيس ڳجهي نموني چين موڪلڻ ٿي چاهيو. سن يات سين ڪاغذ جي هڪ ٽڪري تي پنهنجو حال لکي روشندان مان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو، اهو خط اتفاق سان ڊاڪٽر ڪنٽيلي کي ملي ويو. ڊاڪٽر محترم هانگ ڪانگ جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ سن يات سين جو استاد رهي چڪو هو. هن فوري طور برطانوي اختيارين کي ان واقعي جو اطلاع ڏنو ۽ انهن جي وقت سر مداخلت جي ڪري سن يات سين کي سفارتخاني جي قيد مان آزادي ملي.
باڪسرز جي ناڪامي کان پوءِ سن يات سين ۽ سيوانگ گنگ ”ٽنگ مينگ هوئي“ نالي هڪ انقلابي انجمن قائم ڪئي. پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ چيني ان انجمن جي وڏي مالي مدد ڪندا هئا. ان انجمن جي ڪارڪنن جو يقين هو ته جيستائين مانچو خاندان جو اقتدار ختم نه ٿيندو تيستائين چين کي نجات نصيب نه ٿيندو. ان مقصد لاءِ بي شمار سازشون ٿيون، ڪيترائي نوجوان حڪومت جي ظلم جو نشانو بڻيا.
ڪجهه تاريخدانن چيني شاگردن جي ناڪام سازشن کي غيراهم قرار ڏنو آهي ۽ انهن جي حالتن جو خلاصو بيان ڪيو آهي پر حقيقت اها آهي ته شاگردن هر موڙ تي مٿي سان ڪفن ٻڌي قربان ٿيڻ جو ثبوت ڏنو. چين ۾ جمهوريت جو قيام ”ٽنگ مينگ هوئي“ جي اڻٿڪ محنت ۽ ڪوششن جو نتيجو هو. ملڪ ۾ 10 هزار سالن کان ڇڙواڳ بادشاهن جو اقتدار هلندو پئي آيو، شاگردن 10 سالن جي گهٽ عرصي ۾ ان کي تباهه ڪري ڇڏيو.
حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي انجمن محب وطنن جي نالي سان قائم ڪئي وئي. هڪ شاگرد علم مسمي بولون ان جو رهنما هو. ڳجهون انجمنون ان جي مدد ڪنديون هيون. ڪجهه صوبن ۾ اعليٰ آفيسر لڪ ڇپ ۾ محب وطنن جي حمايت ڪندا هئا. ان ئي انجمن حڪومت خلاف بي اعتمادي پکيڙي هئي. آگسٽ 1911ع ۾ سرڪاري مدرسن جي شاگردن حڪومتي پاليسي خلاف احتجاج ڪندي عام هڙتال ڪري ڇڏي. اهي ماڻهو جيڪي اعليٰ عهده حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا حڪومت خلاف نفرت ظاهر ڪرڻ لڳا. دڪاندارن پنهنجو ڪاروبار بند ڪري حڪمرانن کي چئي ڇڏيو ته زوچوان ريلوي ڪمپني جي تڪرار جو نبيرو ٿيڻ تائين ڪوبه ٽيڪس ادا نه ڪيو ويندو. شهنشاهه ڪوانگ سو جا اهي اعلان جن ۾ صوبن کي ريلوي لائين جي تعمير ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا هئا، عام هنڌن تي چنبڙايا ويا. زوچوان صوبي ۾ شهرن جا در ۽ دريون ”شاهه شهيد زنده باد“ جي نعرن سان گونجڻ لڳا. پرنس ريجنٽ 6 سيپٽمبر 1911ع تي گورنر جي نالي هڪ حڪم موڪليو جنهن ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي تاڪيد هئي. ان ڏينهن زوچوان ريلوي ڪمپني جي حصيدارن جو هڪ جلسو ٿيڻو هو. 600 ماڻهو هال ۾ ويهي پنهنجي ليڊرن جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ان دوران گورنر جي حڪم تي سمورن ليڊرن، جن ۾ بولون به شامل هو، گرفتار ڪيا ويا ۽ جلسو بغير ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ٿي ويو.
9 سيپٽمبر تي عوام گورنر جي گهر آڏو گڏ ٿي گورنر سان ملاقات جي اپيل ڪئي ۽ اڳواڻن جي آزادي جومطالبو ڪيو. گورنر ملازمن کي چيو ته جيڪڏهن اوهان هٿيار ڇڏيو ته ملاقات ٿي سگهي ٿي. احتجاج ڪندڙن اها شرط منظور ڪري ورتي پر هٿيار رکندي ئي گورنر جي ملازمن قتل عام شروع ڪري ڇڏيو. گورنر جي ظلم سلطنت جي بارود جي گودامن ۾ چڻنگ اڇلائي ڇڏي ۽ ان ڌماڪي مانچو خاندان جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو.
زوچوان صوبي ۾ عام بغاوت شروع ٿي وئي، اڳواڻن جنگ ۾ ثابت قدم رهڻ لاءِ حلف کنيو ۽ فيصلو ڪيو ته هن جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن کي وطن جي شهيدن جي زمري ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ سندن پونئيرن کي امداد ڏنو ويندو. هاڻي واقعا تيزي سان پيش اچي رهيا هئا. 10 آڪٽوبر جي رات ووچانگ ۾ بغاوت ٿي پئي، اها انهن ٻن تنظيمن منظم ڪئي جيڪي فوجي سپاهين ۾ تمام گهڻو سرگرم هيون. ان ۾ شاگردن ۽ هارين به وڏي سرگرمي سان حصو ورتو. ان تحريڪ ڪجهه ڏينهن ۾ ويجهن شهرن هانڪو ۽ هان يانگ تي قبضو ڪري ورتو. ووچانگ ۾ تيزي سان پکڙجندر تحريڪ کي تربيت يافته دستن جي سخت کوٽ محسوس ٿي. ڇاڪاڻ جو ان تحريڪ ۾ گهڻو ڪري ماڻهو ڳوٺاڻا ۽ شهري هئا پر وٽن ويڙهه جو تجربو نه هو ۽ نه ئي کين تربيت ڏيڻ جو ڪو انتظام هو. ان تحريڪ ۾ پيشور انقلاب پسندن ڪوبه حصو نه ورتو. (هوانگ سنگ غير جانبدار رهيو ۽ سن يات سين ان وقت چين ۾ موجود نه هو.) 18 آڪٽوبر 1911ع تي هنڪائو حڪومت جي پڇاڳاڇا سان خبر پئي ته هتي هڪ انقلابي انجمن جو مرڪز آهي، جتي بم ٺاهيا ويندا آهن. انقلاب پسندن کي گرفتار ڪري حڪمرانن حوالي ڪيو ويو. ووچانگ جي گورنر انهن ماڻهن کي ٻئي ڏينهن ئي ڦاهي تي لڙڪائي ڇڏيو. ان خدمت جي صلي ۾ پرنس ريجنٽ کيس هڪ ڦڪي شاهي لباس سان نوازيو. انقلاب پسندن ٻئي ڏينهن گورنر جو گهر ساڙي ڇڏيو. گورنر هڪ جنگي جهاز ۾ سوار ٿي جان بچائي، فوج به بغاوت جو جهنڊو کڻي ورتو. فوج جو ليڊر ڪرنل لي يوان سنگ هو، جيڪو پوءِ ٻه ڀيرا جموريه چين جو صدر چونڊيو ويو. ان دوران هوپي مان هڪ لشڪر جاري بغاوت کي روڪڻ لاءِ زوچوان موڪليو ويو. مشهور اعتدال پسند مانچو ليڊر توان فنگ ان جو جنرل بڻيو جيڪو آئيني ڪميشن جي ميمبر جي حيثيت سان 1905ع ۾ پرڏيهه ويو هو ۽ جنگ جي فن کان ناواقف هو، صرف مانچو هجڻ جي ڪري کيس جنرل بڻايو ويو هو. (ان وقت سمورا مانچو پيشيور سپاهي سمجهيا ويندا هئا.) اها فوج يانگسي وادي جي ڪناري ناهموار علائقي ۾ ڊگهو سفر ڪري ڪجهه هفتن کانپوءِ زوچوان جي سرحد ۾ داخل ٿي. انقلاب پسندن ووچانگ مان ان جي نالي پيغام موڪليو جنهن کي ٻڌندي ئي سپاهين بغاوت ڪري ڇڏي.
20 نومبر تي توان فنگ ويس بدلائي شهر مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر شهر جي دروازي وٽ کيس سڃاڻي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪن ڪٽڻ کان پوءِ سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي وئي. 2 سپاهي توان فنگ جي سسي کڻي هنڪائو پهتا، ان لاءِ جو باغين مانچو سردارن جي قتل لاءِ انعام جو اعلان ڪيو هو. آڪٽوبر 1911ع جي شروعات ۾ اتر چين ۾ فوج جنگي مشقن جي تياريون ڪري رهي هئي. آغاز طور شاهي گارڊ بيجنگ جي اترين ميدان ۾ پرنس ريجنٽ کي سلامي ڏيڻ لاءِ پهتو. سپاهين دستور موجب پريڊ ڪئي، ان کانپوءِ ريجنٽ علمبردار کي نئون ريشمي جهنڊو ڏنو. سپاهي جهنڊو کڻي ادب وچان پوئتي هٽي رهيو هو ته اچانڪ ٿاٻو کائي ڪري پيو ۽ ان سان گڏ شاهي جهنڊو به رک ۾ ملي ويو. اهو سٺو سنئوڻ نه هو، واقعي سان پرنس ريجنٽ جي چهري جو رنگ ڦڪو ٿي ويو. شاهي جهنڊي جو رک ۾ ملي وڃڻ مانچو خاندان جي دور لاءِ نڀاڳ هو پر ان وقت ڪنهن کي به ان پيش گوئي جي جرئت نه ٿي. 10 آڪٽوبر تي ووچانگ جي فوج بغاوت جو جهنڊو بلند ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ اها باهه ٻين صوبن ۾ به تيزي سان پکڙجڻ لڳي. انقلاب پسندن هنڪائو کي فتح ڪري باهه لڳائي ڇڏي ۽ سيانگ جي هٿيارن جي گودام تي قبضو ڪري ورتو. ان تحريڪ ايترو ته زور پڪڙيو جو ڀرپاسي جي سمورن صوبن ڪوئينگ حڪومت کان آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو. انهن صوبائي حڪومتن جا نمائنده جانجنگ ۾ گڏ ٿيا ۽ انهن چين جي ري پبلڪ ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان عبوري حڪومت جو صدر ڊاڪٽر سن يات سين کي چونڊيو ويو. ڪوانٽنگ صوبو جنهن جي گادي جو هنڌ ڪوانٽنگ هو سڀني صوبن کان پوءِ انقلاب ۾شامل ٿيو.
شانٽنگ به مرڪزي حڪومت جي پاڃاري لاهي ڇڏي. ٽائي يوان شانسي سيان ۽ شينسي ۾ هزارين بي گناهه مانچو عورتن ۽ مردن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. معصوم ٻار به انقلاب پسند فوج جي غضب کان نه بچي سگهيا. 22 آڪٽوبر 1911ع تي نيشنل اسيمبلي جو اجلاس منعقد ٿيو. جنهن جي ڪارروائي سان انقلاب پسندن کي تمام گهڻي مدد ملي. گذريل سال قانون ٺاهڻ جا اختيار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، هن سال ان تي وري زور ڀريو ويو ۽ ان سان گڏ اهو به مطالبو ڪيو ويو ته شاهي خاندان جي ماڻهن کي اعليٰ عهدن تي مقرر نه ڪيو وڃي. (ان مطالبي جو حقيقي مقصد اهو هو ته شهزادي چنگ کي وزارت تان برطرف ڪيو وڃي) وزير اسيمبلي آڏو جوابده هجن، اترين فوج جي جرنلن انهن مطالبن جي حمايت ڪئي ۽ انهن طرفان جديد آئين جو هڪ مسودو اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو 19 نقطن تي ٻڌل هو. تجويز ڪيل آئين ۾ شاهي خاندان جو اقتدار بحال رکيو ويو پر اختيار کسيا ويا. مسودي ۾ ان ڳالهه جي تشريح موجود هئي ته قانون ٺاهڻ صرف اسيمبلي جو ڪم آهي، آئين ۾ ترميم جو حق به ان کي ئي هوندو. شهنشاهه کي انتظامي اختيارن کان محروم ڪيو ويو ۽ وزيراعظم جي چونڊ جو اختيار اسيمبلي کي ڏنو ويو، ان آئين جا اهم نقطا هن ريت هئا.
(1) شهنشاهه اسيمبلي جي چونڊيل وزيراعظم کي منظور ڪندو.
(2) وزيراعظم وزير مقرر ڪندو.
(3) اسيمبلي ۾ حڪومت کي شڪست ملي ته ان کانپوءِ وزيرن جي مجلس کي ٽوڙيو ويندو يا اسيمبلي کي.
(4) وزيرن جي مجلس کي 2 کان وڌيڪ اسيمبليون ٽورڻ جو اختيار نه هوندو.
(5) اسيمبلي جي منظوري کان سواءِ پرڏيهي طاقتن سان ڪوبه معاهدو نه ڪيو ويندو.
(6) سمورا خرچ بجيٽ مطابق هوندا، شاهي خاندان جي خرچن تي به اسيمبلي کي اختيار هوندو.
(7) جيڪڏهن اسيمبلي بجيٽ مطابق خرچ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ته گذريل سال جي بجيٽ مطابق خرچ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.
اسيمبلي 2 نومبر تي اهو آئين منظور ڪري ورتو. 3 نومبر تي ريجنٽ کان مطالبو ڪيو ويو ته ان کي لاڳو ڪرڻ جو حلف کڻي. 26 نومبر تي حلف جي رسم شاهي ايوان ۾ ادا ڪئي وئي. پرنس ريجنٽ نئين آئين جي لاڳو ٿيڻ کان پهريان ڪيترائي ڀيرا هڪ جنگي سردار يوان شي ڪائي کي اقتدار ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. کيس اميد هئي ته يوان شي ڪائي جي مدد سان انقلاب کي آساني سان چٿي سگهجي ٿو. (شهنشاهه ڪوانگ سو جي وفات وقت يوان شي ڪائي کي اهو چئي ملازمت مان برطرف ڪيو ويو هو ته سندس پير ۾ زخم آهي پهرين هو ان جو علاج ڪرائي، حقيقت ۾ شاهي خاندان يوان شي ڪائي جي اقتدار کان ڊنل هو ۽ کيس ڪنهن بهاني سان برطرف ڪرڻ ٿي چاهيو) يوان شي ريجنٽ جي هر آڇ کي ٿڏي ڇڏيو ۽ جواب ڏنو ته اڃا منهنجي پير جو ڦٽ ناهي ڇٽو. جڏهن وڌيڪ زور ڀريو ويو ته يوان هي شرطون رکيون.
(1) مونکي بري ۽ بحري فوج جو ڪمانڊر بڻايو وڃي.
(2) فوج جي خرچ لاءِ سرڪاري خزانو منهنجي حوالي ڪيو وڃي.
سندس اهي شرطون منظور ڪيو ويون. 4 نومبر تي اعلان ڪيو ويو ته يوان شي ڪائي کي وزيراعظم مقرر ڪيو ٿو وڃي پر يوان وزارت قبول ڪرڻ کان جواب ڏنو. هن چاهيو ٿي ته اسيمبلي نئين آئين موجب مون کي چونڊي (ان ۾ سامراجي ملڪن جي مرضي ته شامل هئي) 7 نومبر تي اسيمبلي هن کي وزيراعظم چونڊيو ۽ 9 نومبر تي شهنشاهه طرفان ان جي تصديق ٿي وئي. 15 نومبر تي هن وزيراعظم جو منصب سنڀاليو. (يوان کي چونڊڻ کان پهريان بيجنگ ۾ سخت بي چيني پکڙيل هئي، انقلاب پسندن گادي واري هنڌ اقتدار قائم ڪري ورتو هو ۽ نئين آئين جي نظام متعلق ڪابه پيش گوئي نه ٿي ٿي سگهي. هزارين ماڻهو گادي وارو هنڌ ڇڏي ٻين هنڌن ڏانهن وڃي چڪا هئا). اسيمبلي آڪٽوبر 1911ع جي اجلاس ۾ هڪ قانون منظور ڪيو ته چوٽيون رکڻ جي رسم ختم ڪئي وڃي، ٻئي قانون ۾ عورتن کي حڪم ڏنو ويو ته پير ٻڌي نه رکن. مردن ۾ مٿي تي وڏيون وڏيون ۽ ٿلهيون ٿلهيون چوٽيون رکڻ جي رسم نه رڳو صحت جي لحاظ سان هاڃيڪار هئي پر غلامي ۽ بيوسي جي هڪ دل آزاريندڙ يادگار هئي. مانچو خاندان جي مخالفن ان ذليل رسم کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ ٿي چاهيو. ان مسودي جي حمايت ۾ گرم ۽ جذباتي تقريرون ڪيون ويون، رڳو ڪجهه ماڻهو ان جي مخالفت جي جرئت ڪري سگهيا. هڪ لڪير جي فقير پوڙهي چيني ان مسودي خلاف تقرير ڪندي چيو:
”آءٌ چوٽي کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزير سمجهان ٿو، تلوار سان سسي ڌڙ کان ڌار ڪرائڻ لاءِ تيار آهيان پر چوٽي کي استرو نه ڏيکاريندس.“
مسودو اڪثريت جي راءِ سان منظور ڪيو ويو.
مانچو خاندان ماتحت چيني عورتن ۽ مردن لاءِ لباس جو رنگ ۽ ڍنگ به مقرر ڪري ڇڏيو هو. نيشنل اسيمبلي سرڪاري ملازمن جي وردي متعلق هڪ قانون لاڳو ڪيو جنهن تحت وردي جو بوٽ، مارننگ فراڪ (اهو ڪوٽ جيڪو يورپين صبح جي وقت پائيندا هئا) دعوت ۾ پائڻ جو ڪوٽ، قميض، ڪالر ٽائي، ريشمي ٽوپلو ۽ بوٽن جو پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو. نئين وردي جا نمونا سرڪاري طورتي مهيا ڪيا ويا. ان قانون کي لاڳو ڪرڻ کان پوءِ اسيمبلي جو سڄو منظر بدلجي ويو. 1911ع ۽ 1912ع ۾ اسيمبلي ميمبر ريشم جا رنگين ۽ ڪڙڪيدار ڪپڙا پائي ايندا هئا ۽ 1913ع ۾ ڪارو فراڪ، ڪوٽ ۽ پينٽ پائي اچڻ لڳا. ڳوٺن ۾ رهندڙ درزين گهڻي عرصي کان پوءِ وڃي نئين لباس کي صحيح نموني ٺاهڻ سکيو.
اسيمبلي مواصلات واري وزير خلاف ان بنياد تي غداري جو الزام لڳايو جو هن زوچوان ڪمپني سان انصاف نه ڪيو. اسيمبلي جو مطالبو هو ته ان شخص کي موت جي سزا ڏني وڃي. ڄاڻايل وزير پرڏيهي سفير دوستن جي مدد سان جان بچائي سنگٽائو هليو ويو. يوان شي ڪائي بيجنگ ۾ موجود رهيو ۽ ڪجهه ڏينهن ترسي شاهي فوج جي ڪمانڊ لاءِ هنڪائو هليو ويو. سرڪاري فوج وڏي ويڙهه کان پوءِ ان شهر تي قبضو ڪري ورتو. هنيانگ ۾ به انقلاب پسندن کي شڪست ملي. انقلابي فوج جو ڪمانڊر جنرل هوانگ سنگ سرڪاري فوج جي حملي کان پهريان ئي فرار ٿي ويو. انقلاب پسندن نانڪن تي قبضو ڪري ڪنهن حد تائين هنڪائو جي نقصان جو ازالو ڪري ورتو.
يوان شي ڪائي بيجنگ واپس اچي جنگ جي خرچ لاءِ حڪومت کان وڌيڪ پئسا طلب ڪيا پر خزانو خالي هو، حڪومت پرڏيهي ملڪن کان قرض وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر پئسا نه ملي سگهيا. يوان شي ڪائي پيسا نه هجڻ ڪري حڪومت کي صلاح ڏني ته انقلاب پسندن سان ٺاهه ڪيو وڃي. اهو مشورو قبول ڪيو ويو. 6 ڊسمبر 1911ع ۾ ٽونگ حڪومتي نمائندي جي حيثيت ۾ صلح جي ڳالهه ٻولهه لاءِ روانو ٿيو ۽ هنڪائو پهچي يوان هنگ سان ملاقات ڪئي. (لي يوان هنگ ڪجهه صوبن جي فيڊريشن جو صدر هو.) ٽونگ هنڪائو کان شنگهائي پهتو ۽ 18 ڊسمبر تي باغي صوبن جي نمائندن سان ملاقات ڪئي. ان ۾ ڊاڪٽر واٽنگ فنگ به شامل هو. (ٽونگ ۽ هي ٻئي ڪيٽنن جا رهواسي هئا، هو آمريڪا ۾ چين جي سفير جي حيثيت ۾ به رهي چڪو هو) انقلاب پسندن طرفان هيٺيون تجويزن پيش ڪيون ويون.
(1) عارضي ٺاهه جو اعلان ڪيو وڃي.
(2) سرڪاري فوج کي ميدان جنگ مان واپس گهرايو وڃي.
(3) شهنشاهه تاج ۽ تخت تان هٿ کڻي وڃي.
(4) شاهي خاندان لاءِ ساليانو پينشن مقرر ڪئي وڃي.
ٽونگ انهن شرطن کي قبول ڪرڻ جي حق ۾ هو، هن خط ذريعي حڪومت کي انقلاب پسندن جا مطالبا موڪلي ڇڏيا پر حڪومت ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ 23 ڊسمبر تي صلح ڪانفرنس ملتوي ٿي وئي. 28 ڊسمبر تي يوان شي ڪائي استعيفا پيش ڪري ڇڏي پر ان کي منظور نه ڪيو ويو. يوان انقلاب پسندن جي ان مطالبي جو حامي هو ته شهنشاهه تخت تان دستبردار ٿي وڃي. (يوان کي سامراجي ملڪن جي پٺڀرائي حاصل هئي.)
ٻئي طرف سامراجي ملڪ جيڪي موجوده حڪومت مان مايوس ٿي چڪا هئا پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن متبادل مهري جي تلاش ۾ هئا ۽ حڪمران طبقي جي ڪيترن ئي اميرن، آفيسرن، فوجي اهلڪارن، جاگيردارن ۽ شاهي خاندان جي ماڻهن جڏهن تحريڪ کي زور پڪڙيندي ڏٺو ته اهي به پنهنجن مفادن جي تحفظ لاءِ انقلاب پسندن سان ملي ويا ۽ اهي جيڪي انقلابين جي کل لاهڻ کان به پاسو نه ڪندا هئا هينئر انهن کي لفظي حمايت ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا.

محدود جمهوريت جو قيام

1911ع جو انقلاب جيتوڻيڪ ناڪام انقلاب هو پر ان جو ايترو فائدو ضرور ٿيو جو ان انقلاب 300 سال پراڻي ڪوئينگ خاندان جي بادشاهت ختم ڪري ڇڏي ۽ رڳو اهو ئي نه پر 2000 سال قديم جاگيرداراڻي بادشاهتن جي ٻيهر جوڙجڪ کي به ناممڪن بڻائي ڇڏيو. ان انقلاب سامراجي ملڪن کي به لوڏي ڇڏيو ۽ انهن کي تيستائين آرام نه آيو جيستائين يوان شي ڪائي ٻيهر اقتدار نه سنڀاليو. ڏکڻ جي صوبن جي نمائندن جو اجلاس 29 ڊسمبر 1911ع تي ٿيو جنهن ۾ ڊاڪٽر سن يات سين کي صدر چونڊيو ويو. (چنڪيانگ کان سواءِ سمورن صوبن ان اليڪشن کي تسليم ڪيو هو.) پهرين جولاءِ 1912ع تي ڊاڪٽر سن يات سين نانڪن جي هنڌ تي آخري بادشاهه هنگ دن جي مزار تي پنهنجي منصب جو حلف وفاداري کنيو. 28 ڊسمبر تي شهنشاهه جي هڪ حڪم ۾ واضح ڪيو ويو هو ته طرز حڪومت جو فيصلو نيشنل اسيمبلي جي راءِ تي ڇڏيو ٿو وڃي، جيڪا بعد ۾ چونڊبي. 29 ڊسمبر تي جمهوريت پسندن ان کي تسليم ڪري ورتو.
ڏکڻ ۾ جمهوريت جي قيام ۽ ڊاڪٽر سن يات سين جي صدر چونڊجڻ کان پوءِ چين ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. ڏاکڻين صوبن نانڪن کي گادي جو هنڌ بڻايو ۽ آئين لاڳو ڪري ڇڏيو. (اهو آئين 10 آڪٽوبر 1923ع تائين لاڳو رهيو.) 17 جنوري 1912ع تي يوان مٿان بم اڇلايو ويو. هن جو هڪ محافظ مارجي ويو. ڪجهه زخمي ٿيا ۽ يوان بچي ويو. ان واقعي کان پوءِ مختلف افواهون مشهور ٿي ويون. ڪنهن چيو ته بم انقلاب پسندن اڇلايو، ڪنهن چيو ته اها شاهه پسندن جي حرڪت هئي. 7 فيبروري 1912ع تي ڏاکڻين صوبن سان ٺاهه جي ڳالهه ٻولهه پڄاڻي تي پهتي. جنهن تحت راڻي لونگ يو جيڪا ريجنٽ جا فرض سرانجام ڏئي رهي هئي، 12 فيبروري 1912ع تي تاج ۽ تخت تان شهنشاهه جي هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ يوان شي ڪائي کي جمهوريت قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. (ان اعلان ۾ اهو واضح ڪيو ويو هو ته اهي اعلان خلق خدا جي خونريزي کان بچڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.) جمهوريت پسندن سان جيڪو معاهدو ٿيو اهو ان جي هڪ نقطي تحت فيصلو ڪيو ويو هو ته چين جو شهنشاهه سڄي ڄمار شهنشاهه جي لقب سان ڄاتو ويندو ۽ کيس خرچ پکي لاءِ ساليانو 40 لک تائل جي رقم ڏني ويندي. هڪ ٻي نقطي ۾ هو ته يوان شي ڪائي کي جمهوريت جو صدر چونڊيو ويندو. ڏاکڻين صوبن جي حڪومت ختم ڪئي ويندي ۽ هڪ نقطي جو متن هن طرح هو ته شهنشاهه وڌيڪ ماڻهن کي خطاب ڏئي نه سگهندو. جيڪي ماڻهو ان کان خطاب ماڻي چڪا هئا انهن جا خطاب بدستور قائم رهندا.
مانچو دور ۾ شهزادن جا پنج مرتبه مقرر هئا. جيڪي نسل در نسل قائم رهندا هئا پر هر پيڙهي ۾ انهن جي عظمت ۽ شان هڪ درجو گهٽ ٿي ويندو هو. ايستائن جو 12 پيڙهين کان پوءِ هڪ شهزادي جي حيثيت عام ماڻهن جهڙي وڃي رهندي هئي (جيڪڏهن ان دوران هو پنهنجي ذاتي قابليت جي بنياد تي ڪو وڏو منصب حاصل نه ڪري سگهيو هجي ته) شاهي خاندان کان سواءِ شهزادن جا 8 خاندان ٻيا به هئا، جن جا مرتبا ساڳيا هئا. انهن ۾ پيڙهين جي گذرڻ سان ڪا گهٽتائي نه ايندي هئي (اهي انهن مانچو شهزادن جو اولاد هئا جن چين جي فتح ۾ مدد ڏني هئي.) ڪنفيوشس ۽ تائوازم جي باني جي اولاد جا ٻه وڏا مرتبا هئا. شاهي خاندان ۽ ٻين 8 شاهي خاندانن کان سواءِ اميرن جا 9 مرتبا مقرر هئا جن مان ڪجهه چند پيڙهين تائين قائم رهندا هئا. انهن مان 5 مرتبن کي يورپ جي ڊيوڪ، مارڪوئس، ارل، وائي ڪائونٽ ۽ بيرن جي برابر قرار ڏئي سگهجي ٿو. مانچو خاندان جي زوال مانچو قوم جي انهن ماڻهن کي وڏو نقصان پهچايو جن وٽ سپاهي ٿيڻ کان سواءِ گذر سفر جو ڪو ٻيو ذريعو نه هو. شاهي فوج ۾ مختلف رنگن جا 8 جهنڊا هئا.
(1) سڄو ڦڪو وٽ اڇي
(2) اڇو رنگ
(3) سڄو اڇو وٽ ڳاڙهي
(4) هلڪو ڦڪو رنگ
(5) سادو ڳاڙهو رنگ
(6) سڄو ڳاڙهو وٽ اڇي
(7) هلڪو نيرو رنگ
(8) سڄو نيرو وٽ اڇي.
انهن جهنڊن هيٺان فوج جا 3 ڊويزن رهندا هئا، مانچو، منگول ۽ چيني (هي چيني انهن چينين جي نسل مان هئا جن چين فتح ڪرڻ ۾ مانچو قوم جي مدد ڪئي هئي.) انهن علمبردار سپاهين کي معاشي مدد لاءِ هڪ تائل ۽ هڪ ٻوڪو (دٻو) چانورن جو ماهوار ڏنو ويندو هو. سوارن کي گهوڙن جي خرچ لاءِ الڳ رقم ڏني ويندي هئي. بيواهن ۽ يتيمن جي پرورش لاءِ خاص وظيفا ملندا هئا. ان کان سواءِ شادي ۽ غمي جي تقريبن ۾ سپاهين کي وڏي رقم ڏني ويندي هئي. اڪثر هنڌن تي سپاهين جي رهڻ لاءِ بيرڪون موجود هيون ۽ ڪجهه هنڌن تي انهن کي جاگيرون به مليل هيون.
حڪومت طرفان نقد ۽ جنسن جي صورت ۾ سپاهين کي جيڪي وظيفا ملندا هئا اهي انقلاب کان پوءِ بند ٿي ويا، اڪثر سپاهي ويلا ڪاٽڻ لڳا. پارليامينٽ پهريان جن مسئلن تي غور ڪيو ان ۾ هڪ مسئلو انهن فاقه ڪاٽيندڙن کي مدد ڏيڻ جو به هو.
جمهوريت پسندن نانڪن کي گادي وارو هنڌ بڻائڻ ٿي چاهيو تنهن ڪري انهن يوان کي درخواست ڪئي ته هتي اچي پنهنجي منصب جو حلف کڻو، هڪ وفد اها درخواست کڻي 26 فيبروري تي بيجنگ پهتو. وفد جو استقبال نهايت عزت ۽ احترام سان ڪيو ويو ۽ مهمانن کي اميرن جي ڪاليج ۾ رهايو ويو (جمهوريت پسندن جو وفد ان دروازي کان شهر ۾ داخل ٿيو جيڪو اڳ ۾ بادشاهن جي گذرڻ لاءِ مخصوص هو. عوام ان دروازي کي مقدس سمجهندو هو، شهر ۾ اها افواهه پکڙجي وئي ته جلد ئي ڪا مصيبت بيجنگ جي باشندن تي نازل ٿيڻ واري آهي. مقدس شاهي دروازي جي بيحرمتي ڪئي وئي آهي.) يوان شي ڪائي 29 فيبروري تي پرڏيهي آفيس ۾ وفد جي اعزاز ۾ هڪ دعوت ڪئي. ان وقت جڏهن مهمان ڀلن کاڌن مان لطف اندوز ٿي رهيا هئا ته ٻاهر بندوق ڇٽڻ جو آواز آيو. پهريدار سپاهي هڪ ٻئي پٺيان باغي ٿي گوليون هلائڻ لڳا، بجلي بند ٿي وئي، باغين پهريان اميرن جي ڪاليج تي حملو ڪيو. وفد جا جيڪي ميمبر دعوت ۾ شريڪ نه هئا وڏي مشڪل سان ڀت ٽپي ينگ مينز ڪرسچين ايسوسيئيشن جي اڱڻ ۾ پهچي ويا. باغي سپاهين بينڪن ۽ دڪانن کي لٽڻ شروع ڪري ڇڏيو. شهر جي مختلف حصن ۾ باهه لڳي وئي. 3 ڏينهن تائين رتوڇاڻ جي راند جاري رهي، حڪمرانن ڊپلوميٽڪ ڪور جي اعليٰ عهديدارن کي درخواست ڪئي ته شهر ۾ امن قائم ڪيو ۽ رتوڇاڻ کي روڪيو.
پرڏيهي سفيرن امن قائم ڪرڻ جو ذمو کڻڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو جڏهن ته فوج (جنهن جو تعداد 2 هزار جي لڳ ڀڳ هو) کي شهر ۾ گشت ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، ٽينٽيسن مان آمريڪي سپاهي مدد لاءِ بيجنگ ۾ آيا، فوج جي گشت سان ڦرلٽ بند ٿي وئي، گادي واري هنڌ ۾ جن سپاهين بدتميزي جو طوفان برپا ڪيو انهن جو تعلق ٽين ڊويزن سان هو، انهن ماڻهن شهر کي چڱي طرح لٽيو ۽ ان کان پوءِ بيجنگ، هنڪائو ريلوي تي 3 ٽرينن ۾ سوار ٿي ويا هليا. ٽئين ڏينهن ڪجهه بينگاهه ماڻهو جيڪي گهرن ۽ دڪانن جي ملبي ۽ گرم رک جي ڍيرن مان بچيل سچيل شين کي کوٽي ڪڍي رهيا هئا انهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن کي فرار ٿيل سپاهين جي عبرت لاءِ ڦاهي تي لڙڪايو ويو.
ان واقعي کانپوءِ نانڪن جي وفد کي پاڻ ان ڳالهه جو يقين ٿي ويو ته امن قائم ڪرڻ لاءِ بيجنگ کي گادي وارو هنڌ بڻائڻ وڌيڪ مناسب آهي. جيتوڻيڪ اهو فيصلو ٿيو ته 10 مارچ تي يوان شي ڪائي صدر جي حيثيت ۾ پنهنجي منصب جو حلف کڻندو. اها رسم تمام سادگي سان پرڏيهي آفيس ۾ ادا ڪئي وئي. حلف کڻڻ وقت يوان شي ڪائي کي جرنل جي وردي پاتل هئي. هن ٽوپي هٿ ۾ رکي حلف کنيو ۽ دستاويز نانڪن وفد حوالي ڪيا. ان کان پوءِ صوبن جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون. ڏکڻ ۽ اتر جي اتحاد کان پوءِ نئين پارليامينٽ لاءِ چونڊيون ٿيون. ان جو اجلاس 29 اپريل تي بيجنگ ۾ ٿيو. 7 مئي تي فيصلو ڪيو ويو ته پارليامينٽ 2 ايوانن تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هڪ سينيٽ جنهن ۾ صوبن، ماتحت علائقن ۽ مختلف ادارن جا نمائندن شامل هجن، ٻيو نمائندن جو ايوان جنهن ۾ صوبن مان ننڍن ضلعن جا نمائنده شامل هجن. اليڪشن کان پوءِ ٻن ايوانن جي پارليامينٽ جو اجلاس 1913ع جي بهار واري موسم ۾ شروع ٿيو.
نئين حڪومت جي قائم ٿيندي ئي ٻيهر تعمير لاءِ قرض جي ضرورت پيش آئي. اتر ۽ ڏکڻ ۾ فوجن جو تعداد 10 لک جي لڳ ڀڳ هو، اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان کي گهٽائي 3 لک ڪيو وڃي، پر ڇانٽي کان پهريان سپاهين کي پگهار ڏيڻ ضروري هو ۽ اهو ڪم قرض کڻڻ کان سواءِ نه ٿي ٿي سگهيو. جنهن ڪري 4 سلطنتن کي قرض ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي ۽ شروعاتي خرچ کڻڻ لاءِ سلطنتن سان واعدو ڪيو ويو ته جيڪڏهن انهن مناسب شرطن تي پئسا ڏنا ته حڪومت انهن سان قرض جو معاملو طئي ڪري وٺندي. ان واعدي کان چار ڏينهن پوءِ وزيراعظم هڪ ٻئي گروپ سان قرض جو معاهدو ڪيو. واعدي خلافي جو سبب اهو هو ته چيني ان لاءِ آماده نه هئا ته قرض وٺي پرڏيهي طاقتن کي نگراني جو حق ڏنو وڃي. بينڪرن جي نئين گروپ جي مدد روس ڪئي هئي جنهن پڻ ٻيهر تعمير جي قرض ۾ حصو وٺڻ ٿي چاهيو. ان کان سواءِ جاپان به زور ڀري رهيو هو. جيتوڻيڪ 21 جون تي روس ۽ جاپان کي به بينڪرن ۾ شامل ڪيو ويو. 1913ع جي بهار جي موسم ۾ معاهدي تي صحيحون ٿيون. ان دوران آمريڪا ان گروپ کان ڌار ٿي ويو.
راڻي لونگ يو تاج ۽ تخت تان هٿ کڻڻ کان پوءِ دنيا جي جهميلن مان دلبرداشته ٿي وئي هئي ۽ آخر ان ئي غم ۾ پڄري پڄري پوري ٿي وئي. 22 فيبروي 1913ع تي سرڪاري جهنڊو جهڪايو ويو ۽ شهر ۾ 3 ڏينهن تائين ماتم رهيو.
جيتوڻيڪ آمريڪا چين جي حڪومت کي قرض ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو پر چين ۾ ان جي جواب کي سٺي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. آمريڪا جي صدر ولسن پنهنجي تقرير ۾ واضح ڪيو هو ته قرض جون شرطون چين جي اقتصادي ترقي تي اثر وجهڻ واريون آهن. ڪجهه ٽيڪس جيڪي ويجهر ۾ ئي لاڳو ڪيا ويا آهن اهي قديم زماني جي يادگار آهن. ان کان سواءِ پرڏيهي نمائندن ذريعي انتظام جي تجويز اعتراض جوڳي آهي. چين کي صرف انهن ڳالهين سان ئي آمريڪا جي نيڪ دلي ۽ اصول پسندي جو يقين ٿي ويو. 18 اپريل تي چيني پارليامينٽ جو اجلاس ٿيو. 30 اپريل تائين ٻنهي ايوانن جي تنظيم مڪمل ٿي وئي، 2 مئي تي آمريڪي صدر جو پيغام چيني پارليامينٽ ۾ ٻڌايو ويو.
پارليامينٽ مستقل آئين جو مسودو تيار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي پر ان ڪارروائي جي شروعات ۾ اها خبر پئي ته ملڪ جي صدر ۽ پارليامينٽ جي سڀ کان وڏي پارٽي جي نقطه نگاهه مختلف هئي. ڪميٽي صدارت کي هڪ اهڙو عهدو بڻائڻ ٿي چاهيو جنهن تي ويهڻ واري جو فرض پارليامينٽ جي فيصلن کي لاڳو ڪرڻ هجي. ڪميٽي جي ويجهو اهو ضروري هو ته وزيرن جي مجلس وزيراعظم سميت پارليامينٽ آڏو جوابده هجي. صوبن کي وڏي حدتائين خودمختياري ڏيڻ جي تجويز هئي. ان جي ابتڙ صدر جي راءِ هئي ته مرڪز ۾ هڪ مضبوط حڪومت قائم ڪئي وڃي، هن رڳو نالي ماتر صدر نه ٿي رهڻ چاهيو. هن جي خواهش هئي ته آمريڪي صدر کي جيڪي اختيار حاصل آهن اهي ئي جمهوريه چين جي صدر کي به حاصل هجڻ گهرجن ان کان سواءِ هن گورنرن جي مقرري جو اختيار به پنهنجي هٿ ۾ رکڻ ٿي چاهيو.
يوان پارليامينٽ جي مخالف ميمبرن کي مختلف طريقن سان هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪجهه دٻاءُ به وڌو ويو جنهن جي نتيجي ۾ بغاوت به ٿي ۽ بيجنگ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو. عدالت رڳو ٻڌڻي کان پوءِ باغين کي موت جي سزا جا حڪم ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيا. حڪومت جي انهن ڪاررواين سان مخالف خوفزده ٿي ويا. تجويز ڪيل آئين متعلق اهو فيصلو ٿيو ته صدر جي چونڊ بابت جيڪا شق آهي پهريان ان کي لاڳو ڪيو وڃي ۽ دير نه ڪئي وڃي ۽ ٻين شقن جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. اها ڪارروائي ان لاءِ ڪئي وئي جو يورپين ملڪن چئي ڇڏيو هو ته جيستائين صدر کي باضابطه طور نه چونڊيو وڃي جمهوريت کي تسليم نه ڪيو ويندو.
پارليامينٽ جو اجلاس 6 آڪٽوبر 1915ع تي ڏينهن جي 8 بجي کان شروع ٿي رات جي 8 بجي تائين جاري رهيو. گهڻو ئي گوڙ ٿيو پر نيٺ ٽئين بيلٽ تي يوان کي صدر چونڊيو ويو. ٻئي ڏينهن لي يوان هنگ نائب صدر چونڊيو ويو. صدر جي چونڊ جي ڪارروائي شاهي محل جي سڀ کان وڏي ڪمري ۾ ٿي. ان جاءِ تي اڳ ۾ شهنشاهه 9 ڏينهن جي درٻار منعقد ڪندا هئا ۽ شهزادن ۽ اميرن طرفان نذرانه پيش ڪيا ويندا هئا. يوان شي ڪائي 10 مارچ تي منگول شهزادن، مانچو جرنلن، تبتي اڳواڻن ۽ پرڏيهي سفيرن جي هڪ وڏي اجتماع ۾ هڪ وڏي جهنڊي هيٺان پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. ان تقريب ۾ حڪومت طرفان قاتلن ۽ ڌاڙيلن کان سواءِ سمورن قيدين کي آزادي ۽ ڏنڊ جي معافي جو اعلان ڪيو ويو.
انقلابي حڪومت پوري چين جي ماڻهن جي سماجي زندگي تي نمايان اثر ڇڏيو. علاج جو پراڻو طريقو ڇڏيو ويو، لباس جو ڍنگ بدلجي ويو، يورپين ڪيلينڊر رائج ٿي ويو. ستن ڏينهن جو هفتو مقرر ڪيو ويو ۽ آچر تي موڪل رکي وئي. ڪرسمس ۽ پهرين جنوري مذهبي ڏڻ تسليم ڪيو ويو، مغربي طرز جي لباس جي گهرج وڌي وئي. اخبار پڙهڻ جو شوق عام ٿي ويو ۽ ماڻهو خطن ذريعي خبرون موڪلڻ لڳا، ٽرين ذريعي سفر ڪرڻ لڳا، بينڪن جا نوٽ ۽ ڊاڪ جون ٽڪيٽون رائج ٿي ويون، ماڻهو ووٽ جو قدر ۽ قيمت سمجهي ويا. ڇوڪريون تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسن ۾ وڃڻ لڳيون. نوجوان نارين حق طلب ڪرڻ لاءِ انجمنون قائم ڪري ورتيون. هڪ ٻئي کي پسند ڪري شاديون ٿيڻ لڳيون. ماڻهو انگريزي، فرانسيسي جاپاني ۽ جرمن ٻوليون سکڻ لڳا، نوجوانن رسمن ۽ رواجن جي اصلاح لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڇڏي. روشن خيال حڪمرانن ۽ واپارين جي هڪ جماعت سندن حمايت ڪئي. ڪومنتانگ جا سرگرم ڪارڪن ڪٽر سوشلسٽ هئا. انهن جو مقصد ملڪ ۾ سوشلسٽ حڪومت قائم ڪرڻ ۽ وطن کي ترقي طرف وٺي وڃڻ ۽ آمدني جي وسيلن کي عوام جي فائدي لاءِ ڪم ۾ آڻڻ هو. سن يات سين جي ريلوي اسڪيم ان ئي تحريڪ جو هڪ حصو هئي.
يوان شي ڪائي جي صدر چونڊجڻ کان پوءِ نانڪن وارن ”ٽنگ مينگ هوئي“ کي هڪ سياسي انجمن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ان جو نالو ڪومنٽنگ (جمعيت جمهور) رکيو. سن يات سين لينن ۽ ان جي دوستن جي حقيقت کان باخبر هو ته چين جي سرزمين سياسي پارٽين جي ترقي لاءِ گهڻو سازگار ناهي. هن ڪومنيٽانگ جي عمل ۽ اثر جي دائري کي ان ڪري وسيع ڪرڻ ٿي چاهيو جو اها جماعت اهوئي ڪم ڪري جيڪو آمريڪا ۾ گهرو ويڙهه کان پوءِ ري پبلڪن پارٽي سرانجام ڏنو هو. هن جو مقصد هو ته وزارت ذريعي حڪومت تي اقتدار قائم رکيو وڃي. يوان شي ڪائي وزارت ۾ ڪومنيٽانگ جي 5 ميمبرن کي شامل ڪري ورتو ۽ ٽنگ شائو کي وزيراعظم جو عهدو ڏنو.
ٽنگ شائو قرض لاءِ پرڏيهي ملڪن سان ڳالهيون ڪري رهيو هو، يوان 4 سلطنتن سان واعدو ڪيو هو ته ضرورت جي وقت اوهان کان سواءِ ڪنهن ٻئي کان قرض نه ورتو ويندو. جاپان ۽ روس ان ڳالهه مان ناخوش هئا ته انهن کي قرض جي درخواست ڇو نه ڪئي وئي. روس جي اشاري تي بيلجيم جي هڪڙي بينڪ چيني حڪومت کي قرض ڏيڻ جي آڇ ڪئي. وزيراعظم ان کي قبول ڪيو، ان کانپوءِ هڪ برطانوي بينڪر ڪرسپ 50 لک پائونڊ قرض ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. وزيراعظم اها درخواست به قبول ڪري ورتي، لاڳاپيل سلطنتن ان خلاف گڏيل آواز اٿاريو. ٽنگ شائو ۽ ڪرسپ ٻنهي تي اعتراض واريا ويا، جنهن کان پوءِ ٽنگ شائو مستعفي ٿي ويو. وزيراعظم جي مستعفي ٿيڻ کان پوءِ ڪومنٽنگ پارٽي ۽ يوان شي ڪائي وچ ۾ اختلاف وڌيڪ واضح ٿي ويا. ان ئي وقت ۾ هڪ ٻي سياسي پارٽي قائم ٿي جنهن جو نالو ”ڪونگ هوئنگ“ هو، جيڪا پوءِ چينوٽنگ جي نالي سان مشهور ٿي. يوان کي ان پارٽي مان وڏي مدد ملي ۽ هن آهستي آهستي انقلاب پسندن جي جاءِ تي پنهنجي خيرخواهن کي مقرر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. چينوٽنگ جي راءِ هئي ته مرڪز ۾ هڪ طاقتور انتظامي ادارو قائم ڪيو وڃي.
1912ع کان 1919ع تائين چين سياسي ڇڪتاڻ ۽ شديد بدامني جو شڪار رهيو. يوان شي ڪائي جي حڪومت ۾ جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي پنهنجن مفاد وارين سرگرمين کي جاري رکڻ جو موقعو ملندو رهيو. ان دوران يوان شي ڪائي پاڻ کي بادشاهه مڃرائڻ جي ڪوشش به ڪئي، جيڪا ناڪام ثابت ٿي ۽ ان سلسلي ۾ سامراجي ملڪ به سندس مدد نه ڪري سگهيا. 1916ع ۾ جڏهن هو لاڏاڻو ڪري ويو ته ڪجهه جنگي سردارن وچ ۾ وري جنگ شروع ٿي وئي. انهن مان هڪ سردار جڏهن بيجنگ تي قبضو ڪري ورتو ته هن مرڪزي حڪومت جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پر اها مرڪزي حڪومت رڳو نالي ماتر هئي، ڇاڪاڻ ته حقيقت ۾ ان وقت چين ڪجهه جنگي سردارن جي قبضي ۾ ٽڪرن ۾ ورهائجي چڪو هو. سامراجي قوتن پنهنجي روايتي پاليسي ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو تحت ملڪي ورهاست مان فائدا حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، پر ان دوران شروع ٿيندڙ پهرين عالمي جنگ سامراجي قوتن کي چين ۾ پنهنجيون سرگرميون محدود ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ان صورتحال جو سڀ کان گهڻو فائدو جاپان ورتو ۽ هن چين ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائي روس ۾ آڪٽوبر انقلاب برپا ٿيڻ تي بيجنگ ۾ جنگي سردارن جي حڪومت کي روس خلاف استعمال ڪيو.
يوان شي ڪائي جيڪا پاليسي اختيار ڪئي هئي ڪومن پارٽي ان مان بيزار ٿي پئي. سونگ چائو جيڪو وزيراعظم واري وزارت جو اميدوار هو يوان کان مطالبو ڪيو ته پارٽي جي ذميدار حڪومت قائم ڪئي وڃي. يوان شي، جنهن آئين موجب ڪم ڪرڻ جو حلف کنيو هو، ان تي پهريون وار اترين صوبن جي ڪجهه فوجي گورنرن هڪ مختصر خط جي صورت ۾ ڪيو، جنهن جو مقصد هو ته مستقل آئين جو مسودو پارلياماني ڪميٽي بدران (جنهن جي تجويز عارضي اسيمبلي منظور ڪئي هئي) حڪمرانن جي مقرر ڪيل ڪميٽي تيار ڪري. پارليامينٽ جي چونڊيل ميمبرن ان خط کي پنهنجي لاءِ چئلينج سمجهيو. اڃا انهن جي ڪاوڙ نه لٿي هئي ته ڪومن پارٽي جي ناليواري ڪارڪن سونگ چائو کي شنگهائي ۾ قتل ڪيو ويو. 18 اپريل 1916ع ۾ پارليامينٽ جو هڪ اجلاس منعقد ٿيو. يوان شي کي رسمي طور ان ۾ شريڪ ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ ان جي سيڪريٽري کي به بيان پڙهي ٻڌائڻ جي اجازت نه ڏني وئي. ايوان ۾ ٽوٽل 586 ميمبر هئا جن مان 269 ميمبرن جو ڪومن پارٽي سان تعلق هو. 274 سينيٽرز مان 123 سينيٽر ڪومن پارٽي جا ميمبر هئا. اجلاس جي آغاز ۾ ڪجهه تمام اهم مسئلن تي بحث شروع ٿي ويو.
(1) اسپيڪرن جي چونڊ جو طريقو
(2) سونگ جي قتل واري واقعي تي يوان جي مذمت
(3) قرض جي سلسلي ۾ يوان مٿان پرڏيهي طاقتن سان سازش جو الزام.
بهرحال 27 اپريل تي قرض واري معاهدي تي صحيحون ٿيون. جنهن ۾ 5 سلطنتون شريڪ هيون (آمريڪا ڌار ٿي ويو.) يوان پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ کان سواءِ ئي معاهدي تي صحيح ڪري ڇڏي. پارليامينٽ ان کي ناجائز قرار ڏنو، شنگهائي ۽ نانڪن جي ليڊرن چيو ته اسان ان قرض کي ادا ڪرڻ جا ذميدار نه هونداسين. پرڏيهي بينڪرن انهن حالتن جي ڄاڻ هجڻ باوجود قرض جي رقم يوان شي حوالي ڪري ڇڏي. پارليامينٽ صدر جي بجيٽ نامنظور ڪري ڇڏي، جون ۾ ٻنهي ايوانن جي هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي ته حڪمرانن کي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ لاءِ هڪ قانون لاڳو ڪري.
يوان جولاءِ ۾ پنهنجي حڪمت عملي تحت صوبي ڪيانگسي جي انقلاب پسند گورنر کي برطرف ڪري ان جي جاءِ تي پنهنجي ڍنگ جو ماڻهو مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر گورنر پنهنجو عهدو ڇڏڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ان سان گڏ ٽن صوبن جا گورنر به ملي ويا جن کي پنهنجي برطرف ٿيڻ جو انديشو هو. انهن چئني اعلان ڪيو ته جيڪڏهن سندن خلاف ڪو قدم کنيو ويو ته ان جي مزاحمت ڪئي ويندي.
سن يات سين ۽ هوانگ سنگ اعلان ڪيو ته يوان شي ڪائي کي عهدي جي غلط استعمال جي سزا ڏيڻ ضروري آهي. انهن کي اميد هئي ته جهڙي طرح قوم مانچو خاندان خلاف بغاوت ۾ حصو ورتو هو اهڙي طرح يوان خلاف جنگ لاءِ به تيار ٿي ويندي، پر اها اميد پوري نه ٿي. سرمائيدارن جيڪي پنهنجي ڪاروبار کي وڌندي ڏسي رهيا هئا، يوان جي حمايت ڪئي. عوام ان خلاف ڪنهن خاص سرگرمي جو اظهار نه ڪيو. علائقو دوهان لي يوان هنگ جي اثر سبب يوان جو وفادار رهيو. نانڪن جي فتح لاءِ فنگ ڪوچنگ کي مقرر ڪيو ويو، هوانگ سنگ ست ڀيرا فنگ ڪوچنگ جي فوج کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو پر اٺون ڀيرو هو پاڻ هڪ جهاز ۾ سوار ٿي فرار ٿي ويو. حملو ڪندڙ فوج ٽن ڏينهن تائين شهر ۾ رتوڇاڻ جي راند جاري رکي جنهن ۾ شهر جو وڏو حصو تباهه ٿي ويو. سن يات سين پناهه وٺڻ لاءِ جاپان هليو ويو، پارليامينٽ جا ٻيا ميمبر به جيڪي يوان جي خلاف هئا ملڪ کان ٻاهر هليا ويا.
3 آڪٽوبر تي پارليامينٽ ۾ ڪميٽي جي ترتيب ڏنل مسودي جي ٽين پڙهائي ختم ٿي وئي. 8 آڪٽوبر تي يوان ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس ۾ صدر چونڊجي ويو، ٻئي ڏينهن لي يوان هنگ نائب صدر چونڊيو ويو ۽ 10 آڪٽوبر تي جمهوريت جي ٻي سالگره جي ڏينهن يوان جي پهرين صدر جمهوريه هجڻ جو اعلان ڪيو ويو. اهو يورپين ملڪن ۽ جاپان فوري طور تسليم ڪري ورتو. 26 آڪٽوبر تي آئيني ڪميٽي پنهنجن تجويزن جو باقي حصو پيش ڪيو. ان مسودي ۾ هي تجويزون هيون.
(1) وزارت پارليامينٽ آڏو جوابده هجي.
(2) پارليامينٽ هڪ ڪميٽي ذريعي ڪاروهنوار جي نگراني ڪري
(3) پرڏيهي ملڪن سان جيڪي معاهده ڪيا وڃن انهن جي ٻنهي ايوانن مان منظوري ضروري آهي.
(4) صدر جو ڪوبه فيصلو وزيراعظم جي صحيح کان سواءِ مڪمل نه سمجهيو وڃي.
جيڪڏهن انهن تجويزن کي منظور ڪيو وڃي ها ته يوان جي حيثيت هڪ صدارت ڪندڙ آفيسر کان وڌيڪ نه هجي ها. ان ئي ڊپ کان هو ڪميٽي جي تجويزن کي منظور ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيو، ۽ پارليامينٽ ٽوڙڻ جو مطالبو ڪيو. 4 نومبر تي ڪومن پارٽي کي قانون جي خلاف قرار ڏنو ويو، پارليامينٽ جي اڌ ميمبرن جون سيٽون خالي ٿي ويون. 26 نومبر 1913ع تي 71 ڄڻن جي هڪ انتظامي مجلس قائم ٿي وئي. 10 جنوري 1914ع تي پارليامينٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو. ذميدار وزيرن کي سيڪريٽري ايٽ تبديل ڪيو ويو، انهن تبديلين کان پوءِ يوان هڪ خودمختيار ڊڪٽيٽر بڻجي ويو. 10 مارچ تي گورنرن جي فرمائش تي صوبائي اسيمبلين کي به ٽوڙيو ويو. نئون قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي. جنهن پهرين مئي 1914ع تي مسودو تيار ڪري ورتو. تجويز ڪيل آئين ۾.
(1) سمورا اختيار صدر کي ڏنا ويا.
(2) صدر جي عهدي جو مدو 10 سالن تائين وڌايو ويو.
(3) ڪائونسل آف اسٽيٽ کي اختيار ڏنو ويو ته 3/2 ميمبرن جي حمايت سان هڪ ئي شخص کي ٻيهر صدر چونڊي سگهي.
(4) صدر کي اختيار ڏنو ويو ته جنهن شخص کي چاهي خطاب عطا ڪري.
(5) نائب صدر جي چونڊ جو اختيار به صدر کي ڏنو ويو.
يوان شي پنهنجي دور ۾ جمهوريت جي اصول خلاف ڪيتريون ئي ڪارروايون ڪيون تنهن هوندي به ملڪ ۾ ڪا وڏي بغاوت نه ٿي، جڏهن ته هن جي مالي حالت پهريان کان بهتر ٿي وئي ۽ جن سلطنتن هن کي اقتصادي طورتي ڪمزور ڏسڻ ٿي چاهيو انهن جون اميدون دم ٽوڙڻ لڳيون، عارضي اقتصادي خوشحالي ۽ امن جو وڏو سبب اهو هو ته پرڏيهي سرمايو وڏي مقدار ۾ ملڪ ۾ موجود هو.
1915ع جي بهار واري موسم ۾ هڪ همراهه مسمي ٽنگ يو جيڪو ڪانگ يودي جي رفيقن ۽ حامين جي اصلاح ۾ هو پيس پرولوشن ليگ انجمن (انجمن حمايت امن) جي نالي سان هڪ انجمن قائم ڪئي. ان زماني ۾ يوان شي ڪائي جي هڪ صلاحڪار فرينگ جي گڊزنور هڪ مضمون شايع ڪيو جنهن ۾ هن اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته چين لاءِ جمهوريت کان شهنشاهي بهتر آهي.
ڪائونسل آف اسٽيٽ يوان شي ڪائي کي درخواست ڪئي ته عوام جون التجائون قبول فرمايو ۽ پنهنجا برڪتن وارا قدم ڀري شهنشاهي تخت کي شرف بخشيو. عام ماڻهن جي اظهار لاءِ ريفرنڊم جو ڊرامو رچايو ويو. انهن حالتن کان متاثر ٿي سيانگ جي چاؤ جيڪو يوان جو پراڻو دوست ۽ قانون وارو وزير هو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ پيش ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي رسالي جسٽس ۾ يوان جي نالي هڪ خط شايع ڪيو جنهن ۾ لکيل هو:
”جڏهن اوهان پهريان طرز حڪومت ۾ تبديلي جي تجويز پيش ڪئي هئي ته ان وقت به مون اوهان سان اختلاف ڪيو هو ۽ هينئر به اوهان سان اختلاف رکان ٿو. حڪومت جي روش ۾ تبديلي ترقي جي علامت هوندي آهي ۽ طرز ۾ تبديلي انقلاب جو دليل آهي. انقلاب ۾ هميشه قوم جي ترقي رڪجي ويندي آهي.“
سوشي چانگ به سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. يوان ان ڊپ کان ته ڪٿي لي يوان هنگ به هنڪائو ۾ بغاوت نه ڪري ڇڏي، کيس بيجنگ گهرائي ورتو ۽ پرنس جو خطاب ڏنو. لي يوان هنگ ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن سان يوان شي ڪائي جي همدردن ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي. فنگ ڪوچنگ کي چيف آف جنرل اسٽاف مقرر ڪيو ويو، پر هو نانڪن ۾ ئي رهيو. توان چي سوئي به جنگ جي وزير واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ڪائونسل آف اسٽيٽ جو هڪ ميمبر جنهن تي يوان کي وڏو اعتماد هو ينان هليو ويو ۽ اتي پهچي يوان جي مخالفت لاءِ فوج ڀرتي ڪري ورتي.
29 آڪٽوبر تي جاپاني سفير برطانوي ۽ روسي سفيرن سان گڏ پرڏيهي آفيس آيا ۽ چيو ته يوان جي تخت تي ويهڻ واري تجويز مناسب نه ٿي لڳي ان ڪري ڏکڻ ۾ مخالفت وڌندي پئي وڃي ۽ دنيا جي سياست ۾ بگاڙ پئجي رهيو آهي. چيني وزارت طرفان کين جواب مليو ته ان ڳالهه جو فيصلو جمهوريه چين جي هٿ ۾ آهي. بهرحال امن امان قائم رکيو ويندو. پرڏيهي طاقتن کي گهرجي ته اهي پنهنجن ملڪن ۾ چيني باغين جي سرگرمين کي روڪين.
12 آڪٽوبر تي ڪائونسل آف اسٽيٽ صدر کي اطلاع ڏنو ته سڀ ماڻهو آئيني شهنشاهيت قائم ڪرڻ ۽ اوهان کي شهنشاهه بڻائڻ ٿا چاهين. تنهن ڪري ڪائونسل درخواست ٿي ڪري ته اوهان شاهي تخت تي ويهو. يوان شي ڪائي ان درخواست جي جواب ۾ چيو ته شاهي تخت تي ڪنهن اهڙي ماڻهو کي ويهاريو جيڪو مون کان بهتر هجي. ان رسمي انڪار کان پوءِ يوان شي ڪائي ڪائونسل جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ ”خواهش جمهور“ جي آڙ ۾ انهن سڀني ذميدارين کان آجو ٿي ويو جيڪي جمهوريت جي مفاد متعلق مٿس لاڳو ٿيون ٿي. ڇاڪاڻ ته ملڪ اندر ۽ ٻاهر شهنشاهيت جي مخالفت وڌندي پئي وئي. ان ڪري تاج پوشي واري تقريب ملتوي ڪري هڪ اعلان ۾ واضح ڪيو ويو ته:
”صدر يوان شي ڪائي ان شرط تي شهنشاهه ٿيڻ لاءِ راضي آهي ته طرز حڪومت ايندڙ سال تائين نه بدليو وڃي. هو سمجهي ٿو ته اهو قدم سندس خاندان لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو پر کيس وطن سان محبت آهي ۽ ان لاءِ هو وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي.“
يوان شي ڪائي ڪانگ يودي کي طلب ڪري کيس هڪ خطاب ڏنو، ڪانگ يودي جواب ڏنو ”اهو ڏينهن ياد ڪر جڏهن 1898ع ۾ تو مون سان غداري ڪئي هئي.“ 10 نومبر تي شنگهائي جي گورنر کي قتل ڪيو ويو. 5 ڊسمبر تي باغين جي هڪ پارٽي ان ئي بندرگاهه ۾ هڪ جهاز تي حملو ڪري ڏنو. ان کان پوءِ ينان ۾ سائي آؤ جي بغاوت جا اطلاع مليا. چئني صوبن جا گورنر ان سان ملي ويا ۽ انهن جون فوجون اتر طرف وڌڻ لڳيون. ڪينٽين مان يوان شي ڪائي جي گورنر کي ڪڍيو ويو (ماڻهو کيس ڪينٽين جو ڪاسائي چوندا هئا). سن يات سين ۽ هوانگ سنگ پرڏيهه مان واپس اچي ويا ۽ جمهوريت کي بچائڻ لاءِ سرگرمي سان جدوجهد ڪرڻ لڳا. (ان دوران سائي آؤ وفات ڪري ويو) جنرل فنگ ڪوچنگ اعلان ڪيو ته آءٌ وچين علائقي مان اترين فوج کي ڏاکڻين صوبن طرف وڃڻ نه ڏيندس. ٻين جرنلن فنگ جي پيروي ڪئي، سمورن صوبن ۾ اها ڳالهه مشهور ٿي وئي ته يوان جا حامي کيس تباهي کان نه ٿا بچائي سگهن.
جاپاني حڪومت هڪ زباني بيان ذريعي يوان کي تنيبهه ڪئي ته اوهان کي شهنشاهه بڻجڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. تاجپوشي واري تقريب جيڪا جنوري ۾ منعقد ٿيڻ واري هئي ملتوي ڪئي وئي. ٻن مهينن کان پوءِ عام راءِ يوان شي ڪائي جي خلاف ٿي وئي. سمورا دوست منهن موڙي ويا نيٺ تاجپوشي جي تجويز ترڪ ڪئي وئي. انقلاب پسندن شهنشاهي جي تجويز کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. انهن جي دٻاءَ سان وري ذميوار وزارت قائم ڪئي وئي. ان کي فوج کان سواءِ سمورا اختيار ڏنا ويا. ان دوران باغي صوبن ۾ هڪ الڳ حڪومت قائم ٿي وئي ۽ مرڪز سان ان جو ڪو تعلق نه رهيو.

مهاڀاري لڙائي ۾ چين جي شرڪت

يورپ ۾ مهاڀاري لڙائي شروع ٿي ته چيني حڪومت کي به اهو خدشو ٿيو ته متان يورپين قومون چين جي سرزمين تي زور آزمائي ڪن، تنهن ڪري چين جي پرڏيهي وزير 3 آگسٽ 1914ع تي جرمني ۽ روس جي سفيرن کي چيو ته چين جي سرزمين ۽ چين جي سمنڊ ۾ جنگ نه ڪئي وڃي. جرمني واعدو ڪيو ته جيڪڏهن اوڀر ۾ بيت المقدس ۾ جرمن جي قبضي هيٺ آيل هنڌن تي حملو نه ڪيو ويو ته هو فرانس ۽ برطانيه جي قبضي هيٺ آيل هنڌن تي قبضو نه ڪندو. ان مقصد لاءِ برطانيه سان ڳالهه ٻولهه شروع ٿي ته جاپان اچانڪ جنگ ۾ شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اها ڳالهه ٻولهه اڌ ۾ رهجي وئي.
ان دوران چيني حڪومت آمريڪا کي درخواست ڪئي ته چيني سمنڊ جي اڻ ڌرئي قائم رکڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. جاپاني حڪومت 13 آگسٽ تي ان خلاف احتجاج ڪيو ۽ ان جي 2 ڏينهن کانپوءِ جرمني کي الٽميٽم ڏئي ڇڏيو. 23 آگسٽ تي برطانيه جي اتحادي جي حيثيت ۾ جرمني خلاف جنگ جو اعلان ڪيو ويو، جنگ جي اعلان کانپوءِ جاپان ڪياؤ چو جي جرمن علائقي تي فوجي چڙهائي شروع ڪري ڏني. مختصر برطانوي فوج به جاپاني فوج سان گڏ هئي، چيني حڪومت ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪياؤ چو جي واپسي لاءِ جرمني سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڇڏي هئي پر ان جي ختم ٿيڻ کان پهريان ئي جاپان سنگهٽائو تي حملو ڪري ڇڏيو. لونگ ڪائو بندرگاهه تي فوج لاٿي وئي ته جيئن سنگهٽائو تي پويان کان حملو ڪري سگهجي. اها فوج هڪ سؤ ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪرڻ کان پوءِ سنگهٽائو ويجهو پهتي. چيني حڪومت جي احتجاج جو اهو جواب ڏنو ويو ته اهو عمل فوجي ضرورت جي ڪري ڪيو ويو آهي. چيني علائقي ۾ جاپاني فوج هارين ۽ شهرين کي نقصان پهچايو، پوسٽ آفيسن تي قبضو ڪيو ويو. ريلوي تي قبضي جو اهو ڪارڻ ٻڌايو ويو ته اها جرمن فوج جي اقتدار هيٺ هئي. جاپاني فوج لاءِ مضبوط بيرڪون ٺاهرايون ويون ۽ 16 نومبر تي سنگهٽائو تي جاپان جو قبضو ٿي ويو. برطانوي فوج واپس هلي وئي. شانٽنگ ۾ صرف جاپاني فوج وڃي رهي، چيني حڪومت جرمني ۽ جاپان جي جنگ جي ميدان جي حدبندي ڪري ڇڏي ۽ هن ان خطي کان ٻاهر جن علائقن تي جاپان قبضو ڪري ورتو هو انهن کي واپس وٺڻ ٿي چاهيو. جاپان ڪجهه ڏينهن تائين ته ٽرڪائيندو رهيو، نيٺ پنهنجي فوج کي هٽائڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
جاپاني سفير 18 جنوري 1915ع تي چين جي صدر يوان شي ڪائي سان ملي جاپاني حڪومت جا 21 مطالبا پيش ڪيا ۽ چيو ته جيڪڏهن انهن کي منظور نه ڪيو ويو ته ان جو نتيجو چين جي حق ۾ سٺو نه هوندو. ان وقت جاپان جو طاقتور دشمن روس جنگ ۾ الجهيل هو ۽ آمريڪي اتحادي جاپان سان چين جي معاملي ۾ جنگ لاءِ تيار نه هو. جاپان جون فوجون چين جي گادي واري هنڌ کان ڪجهه ڏينهن جي فاصلي تي شانٽنگ ۾ موجود هيون ۽ ان جو ٻيڙو به تيار هو. جيڪڏهن چين 21 مطالبا مڃي وٺي ها ته سندس حيثيت هڪ ڍل ڏيندڙ ملڪ کان وڌيڪ نه رهي ها. جاپان جا جيڪي پرڏيهه ۾ نمائنده هئا انهن ان ڳالهه جي ترديد ڪندي چيو ته جاپان چين کي ڪي به مطالبا پيش ناهن ڪيا. جاپان جي پرڏيهي وزارت 2 فيبروري تي اعلان ڪيو ته ڪجهه مسئلن تي چين سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي پر ان سان چين جي آزادي ۾ ڪوبه خلل نه ٿو پوي. 8 فيبروري تي جاپان پنهنجن مطالبن بابت اتحادين کي آگاهه ڪيو پر انهن ۾ اهي مطالبا نه هئا جن سان چين جي آزادي تي اثر پيو ٿي. ان دوران مطالبن جي حقيقي نوعيت متعلق پرڏيهي نمائندن چين مان جيڪي اطلاع موڪليا انهن تي يقين نه ڪيو ويو. يوان شي ڪائي 17 فيبروري تي جاپان جي مطالبن جو متن شايع ڪري ڇڏيو پر ان وقت به غيرملڪي ايجنسين ان تي يقين نه ڪيو. 22 فيبروري تي جاپان هڪ اعلان ۾ پنهنجي مطالبن جا وڌيڪ تفصيل شايع ڪيا. ان ۾ واضح ڪيو ويو ته جن مطالبن کي وڌيڪ اعتراض جوڳو قرار ڏنو پيو وڃي اهي صرف هڪ درخواست جي حيثيت رکن ٿا. ان سان گڏ ئي بيجنگ کي آگاهه ڪيو ويو ته انهن مطالبن ۾ ضروري ۽ غيرضروري جو ڪو فرق ناهي سڀ منظور ٿيڻ گهرجن. ان مرحلي ۾ آمريڪا 13 مارچ 1908ع جو اهو معاهدو ياد ڏياريو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن چين جي وحدت ۽ آزادي قائم رکڻ جو واعدو ڪيو هو. جنهن کان پوءِ 28 اپريل تي جاپان نوان مطالبا پيش ڪيا جن ۾ واضح ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن چين مطالبا منظور ڪري ورتا ته آئنده مناسب موقعي تي علائقو ڪياؤ چو واپس ڪيو ويندو. يوان پهرين مئي تي جواب ڏنو ته چين جو بحث هيٺ علائقو فوري طور واپس ڪيو وڃي.
ان کان پوءِ 7 مئي تي جاپان الٽيميٽم موڪلي ڇڏيو جنهن ۾ چين کي مطالبا منظور ڪرڻ لاءِ 51 ڪلاڪن جي مهلت ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته مطالبن جا 4 حصا بنادير منظور ڪيا وڃن. پنجين حصي تي پوءِ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. چين 8 مئي تي جاپان جا مطالبا منظور ڪري ورتا (چين ۾ ڪنفيوشس جي نظريي مطابق اها تعليم عام هئي ته جنگ ڪرڻ وڏي بيوقوفي آهي جيڪڏهن حڪومت انصاف ڪري ٿي ته ان سان به انصاف ڪيو ويندو، ماڻهن ويڙهه جو فن ترڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ فوجي آفيسرن کي ذلت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. جڏهن ته چين جي فوجي حالت تمام گهڻي خراب هئي) آمريڪي حڪومت 13 مئي تي هڪ خط اماڻيو جنهن ۾ واضح ڪيو ويو هو ته آمريڪا ڪنهن به اهڙي معاهدي کي نه مڃيندو جنهن سان ان جي حقن ۽ چين ۾ کليل دروازي جي پاليسي تي اثر پوي ٿو (ان ۾ چين جي آزادي جو ڪوبه ذڪر نه هو.) جاپان ڌمڪي ڏيئي جيڪي مطالبا منظور ڪرايا هئا اهي ٻن معاهدن ۾ لکيل هئا. انهن مان هڪ معاهدو شانٽنگ بابت هو، جنهن تحت جاپان کي ان علائقي ۾ اهي ئي حق حاصل ٿي ويا جيڪي ان کان اڳ جرمني کي حاصل هئا، (ان معاهدي ۾ شانٽنگ ريلوي جو ڪوبه ذڪر نه هو.) جاپان شانٽنگ ريلوي متعلق ان کان پهريان اعلان ڪيو هو ته ان ريلوي تي فوجي ضرورت جي ڪري عارضي طور قبضو ڪيو ويو آهي. ٻئي معاهدي ۾ جيڪي مطالبا مڃرايا ويا انهن مان ٻه هي هئا.
(1) چيني حڪومت فوڪين ضلعي جي سامونڊي ڪناري تي ڪنهن به پرڏيهي طاقت کي بندرگاهه يا بحري فوج جو ٺڪاڻو يا ڪوئلي جو گودام قائم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي ۽ نه ئي ان جي تعمير لاءِ ڪنهن ملڪ کان قرض وٺندي.
(2) جيڪڏهن مختلف ڪمن لاءِ سرمايو، غيرملڪي پوليس، فوج يا فوجي مشينري جي ضرورت پئي ته اهو مطالبو صرف جاپان کان ڪيو ويندو. (اڳ ۾ اهو مطالبو ڪيو ويو هو ته وڏن وڏن شهرن ۾ پوليس، فوج ۽ سمورن کاتن جي اعليٰ عهدن تي جاپانين کي مقرر ڪيو ويندو.)
يوان شي ڪائي ڪجهه ڏينهن بيمار رهڻ بعد جون 1916ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ان جي جاءِ تي لي يوان هنگ جانشين ٿيو. چين جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ بسنينگ 13 فيبروري 1917ع ۾ جرمني سان واسطو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٻين غيرجانبدار ملڪن کي به ان جي دعوت ڏني. واسطو ٽوڙڻ جو ڪارڻ اهو هو ته ان زماني ۾ آبدوز ٻيڙي فرانس جي هڪ جهاز کي ٻوڙي ڇڏيو، ان حادثي ۾ 500 چيني مزدور اجل جو شڪار ٿيا. چين ۾ يوان شي ڪائي جي اڳوڻي صلاحڪار سيانگ شي وي اتحادين کي مدد ڏيڻ لاءِ چيني مزدورن (قلين) جي ڀرتي شروع ڪري ڇڏي ۽ ان مسئلي تي جرمني ۽ چين وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. 14 مارچ تي چيني پارليامينٽ به جرمني سان ناتو ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو. ان دوران جاپان جي چرچ تي اتر چين جي فوجي گورنرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جرمني سان جنگ جو اعلان ڪيو وڃي. انهن ماڻهن کي اميد هئي ته جنگ جو اعلان ٿيڻ تي آمريڪا، برطانيه ۽ جاپان وٽان فوج لاءِ وڏي رقم ملي ويندي. جرمني ۽ چين جا لاڳاپا ٽٽڻ کان پهريان جاپان ان ڳالهه جي خاطري ڪري ورتي هئي ته صلح جي وقت شانٽنگ متعلق اتحادين طرفان سندس مطالبن جي مخالفت نه ڪئي ويندي. پهرين مارچ 1917ع تي فرانس ۽ جاپان وچ ۾ هڪ ڳجهو معاهدو ٿيو، جنهن ۾ جاپان ان ڳالهه جو اقرار ڪيو ته چين مان جرمنين کي ڪڍڻ، سندن واپار ختم ڪرڻ ۽ ملڪيت ضبط ڪرڻ ۾ چيني حڪومت جي مدد ڪندو. ان عيوض فرانس اهو واعدو ڪيو ته هو آئنده صلح ڪانفرنس ۾ شانٽنگ تي جاپان جي قبضي جي حمايت ڪندو. جاپان 16 فيبروري تي برطانيه سان معاهدو ڪيو ته جيڪڏهن برطانيه شانٽنگ جي مسئلي تي سندس حمايت ڪري ته هو جرمن آبدوزن سان مقابلي ۾ هندي سمنڊ ۽ روم سمنڊ ۾ برطانيه جي مدد ڪندو. اهڙي طرح 1916ع ۾ روس سان به هڪ ڳجهو معاهدو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ڌرين هڪ ٻئي جي قدمن جي تائيد جو اقرار ڪيو هو. اٽلي جي مدبرن به جاپان جي تائيد ۽ حمايت جا زباني واعدا ڪيا هئا. حقيقت اها هئي ته اتحادين چين جو هڪ وڏو صوبو قربان ڪري جاپان کي پنهنجو اتحادي بڻائي ورتو هو. پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ دوستي جي جيڪا قيمت هئي ان کي نظر ۾ رکندي ان سودي کي مهانگو نه ٿو چئي سگهجي. چيني حڪومت جرمني سان لاڳاپا ختم ڪرڻ لاءِ جنگ جو اعلان ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي ڇاڪاڻ ته چيني مدبرن جو هڪ وڏو انگ جنگ جي خلاف هو.
سن يات سين ڪينٽين مان لائيڊ جارج جي نالي هڪ پرزور خط موڪليو هو، جنهن ۾ ان عمل خلاف احتجاج ڪيو ويو هو ته جنگ ۾ شرڪت لاءِ چين تي مختلف طريقن سان دٻاءُ وڌو پيو وڃي ان جي ابتڙ ٻي پارٽي جي راءِ هئي ته جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ سان چين کي ڪجهه وڏا فائدا حاصل ٿيندا. پهريون اهو ته اهي سڀئي علائقا مستقل طور واپس ملي ويندا جيڪي جرمني ۽ آسٽريا جي اثر هيٺ آهن. ٻيو اهو ته فسادي باڪسرز جي ڏنڊ جي ادائگي بند ڪئي ويندي. ٽيون اهو ته ڏنڊ جي جيڪا رقم برطانيه ۽ فرانس کي ادا ڪرڻي آهي اها ملتوي ڪئي ويندي. چوٿون اهو ته چين کي صلح ڪانفرنس ۾ جنگ جي ڌر جي حيثيت ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو ملندو ۽ هو شانٽنگ جي واپسي جو مطالبو ڪري سگهندو. چيني مدبر انهن خيالي فائدن جي اميد ۾ انهن نقصانن کي وساري ويٺا جيڪي فرانس ۽ برطانيه هٿان چين کي پهتا هئا. ڪانگ يودي جنگ ۾ شرڪت جو مخالف هو، ان دوران آمريڪا چين کي جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني، گهڻو ڪري ان خيال سان ته جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ چين کي جاپان جي ڏاڍ مڙسي خلاف احتجاج ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو.
14 مارچ 1917ع تي جرمني خلاف جنگ جو اعلان ڪيو ويو. سن يات سين ان انديشي کان ته متان اترين صوبن جا گورنر صلح ڪانفرنس ۾ وطن سان غداري ڪن جرمني خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جاپان پهرين آڪٽوبر 1917ع ۾ ڪياؤ چو ۽ ريلوي واري علائقي تي پنهنجو ڪاروهنوار جاري رکيو. جنهن جي نتيجي ۾ ريلوي لائين جي ٻنهي طرفن کان 10-10 ميل جو علائقو عملي طور جاپان ۾ شامل ٿي ويو. آمريڪي ۽ برطانوي درسگاهون به جاپان جي تعليم کاتي تحت اچي ويون. برطانوي ۽ آمريڪي واپارين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ڪيترن ئي ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو. جاپانين کي آباد ڪرڻ لاءِ چينين کي زمين وڪڻڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ لوهه ۽ ڪوئلي جون کاڻيون چينين جي قبضي مان نڪري ويون.
جاپان ۾ آفيم واپرائڻ تي پابندي هئي پر ان جي باوجود 1915ع ۾ 358543 اونس آفيم درآمد ٿي (ان مان 3/2 برطانيه کان آئي هئي). خيال ڪيو ويندو آهي ته ان جو ڳچ حصو شانٽنگ ۾ ويو هوندو. ان کان سواءِ سينان ۾ ڊرگ جا سوين اسٽور قائم هئا. جتي آفيم ۽ ڪوڪين وڪرو ٿيندي هئي. چيني پوليس کي جاپاني پوسٽ آفيس جي تلاشي جو اختيار نه هو. تنهن ڪري چين جي سمورن صوبن ۾ اها منشيات بنا روڪ ٽوڪ پهچي ٿي وئي. ڊرگ اسٽورن کي سرڪاري مدد به ملندي هئي. ان مان اهو پتو پوي ٿو ته شانٽنگ ۾ منشيات ڪنهن خاص پاليسي تحت وڪرو ڪئي ٿي وئي. برطانيه آفيم جي برآمد بند ڪري ڇڏي ۽ ڪوريا ۾ ڏوڏي جي پيداوار شروع ڪري ڇڏي.
جاپان جي ان پاليسي خلاف شانٽنگ ۾ بي چيني جي لهر پکڙجي وئي، شاگرد جاپان خلاف تحريڪ ۾ اڳيان اڳيان هئا. پيپلزيونين جي نالي سان هڪ سوسائٽي قائم ٿي ۽ ٻين صوبن ۾ اهڙي قسم جون انجمون ٺهي ويون. ڪوريا ۾ انقلابي تحريڪ کي چٿڻ لاءِ جاپان سخت تدبيرون اختيار ڪيون، جن سان چين ۾ جوش پکڙجي ويو. ان جوش کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ اترين حڪومت 24 سيپٽمبر 1918ع تي جاپان سان هڪ معاهدو ڪيو جنهن مطابق ريلوي جي علائقي مان فوج هٽائي ويندي ۽ ريلوي هڪ ڪميٽي تحت ڪئي ويندي جنهن ۾ جاپان کي سرسي حاصل هوندي. چيني پوليس جاپاني آفيسرن تحت ڪم ڪندي، ان معاهدي بابت ڏاکڻئين حصي ۾ مختلف افواهون پکڙجي ويون ڪجهه ماڻهن بيان ڪيو ته جاپان اترين حڪومت کي 3 سؤ ملين ين قرض طور ڏنا آهن. ڏکڻ وارن کي انديشو هو ته بيجنگ حڪومت صلح ڪانفرنس ۾ جاپان جي نمائندگي ڪندي.
ان وقت شنگهائي ۾ اتر ۽ ڏکڻ جي اتحاد لاءِ ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي، ان لاءِ ڪينٽين مان مخلص نمائندن جو هڪ وفد پيرس اماڻيو ويو. ڪينٽين جي نمائندن جو سربراهه سي ٽي ونگ هو. چيني وفد چيو ته جاپان کي اهي ئي حق حاصل هوندا جيڪي جرمني کي حاصل هئا. جاپان طرفان مئي 1915ع جي معاهدي جو حوالو ڏنو ويو پر چيني وفد اهو چئي ان معاهدي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته اهو دٻاءَ جو نتيجو هو. فيوم جي قبضي بابت ۾ آمريڪي صدر ولسن واضح ڪري ڇڏيو هو ته ڳجها معاهدا جيڪي صلح ۾ رڪاوٽ هجن ۽ جن جي اطلاع تي اٽلي ڪانفرنس کان ڌار ٿي ويو انهن کي نه مڃيو ويندو اٽلي طرفان اها تجويز پيش ڪئي وئي ته شانٽنگ کي 5 طاقتن جي ماتحت ڪيو وڃي، جنهن کي جاپان مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چيني وفد ولسن جي اصول پسندي ۽ منصف مزاجي مان ڪيتريون ئي اميدون لڳايو ويٺو هو پر اهو به جاپان جي ان اقرار کان پوءِ ته آخرڪار ڪيائوچو چين کي واپس ڪيو ويندو، ان جي مطالبن جي تائيد لاءِ تيار ٿي ويو. ورسائي معاهدي تحت شانٽنگ ۾ جرمن حق غيرمشروط طورتي جاپان حوالي ڪيا ويندا. چيني نمائندن کي معاهدي تي صحيحن ۽ جاپان جي غيررسمي واعدي کي مڃڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڏکڻ چين ۾ اها افواهه مشهور ٿي وئي ته بيجنگ حڪومت پنهنجي نمائندن کي ورسائي معاهدي تي صحيح ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چين جي مفادن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي، ڏکڻ چين جي نمائندن معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

شاگردن جا مظاهرا

شاگردن 7 مئي 1919ع تي پوري ملڪ ۾ مظاهرا ڪيا. (انهن مظاهرن جو مقصد جاپان جي ان الٽيميٽم جي ورسي ملهائڻ هو جيڪو هن 21 مطالبن جي صورت ۾ چين کي ڏنو هو.) بيجنگ ۾ 10 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين جن ۾ ابتدائي درسگاهن کان وٺي يونيورسٽي تائين جا شاگرد شامل هئا جهنڊين سان گڏ جلوس جي صورت ۾ گشت ڪيو، شهر ۾ گشت ڪرڻ کان پوءِ شاگردن سفارتخانن ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو ته جيئن پرڏيهي سفيرن جي همدردي حاصل ڪري سگهن. پرڏيهي سفارتخانن جي پوليس جلوس کي روڪي ورتو. شاگردن جو خيال هو ته پوليس اهو عمل جاپاني سفارتخاني جي چرچ تي ڪيو آهي.
شاگردن جو جلوس سفارتخانن کان واپس ايندي ناڻي واري وزير جي گهر ڀرسان گذريو ته اوچتو ڪنهن چيو ”غدارن سان 2 ڳالهيون ڪرڻ ٿا چاهيون.“ ان وقت ناڻي واري وزير، پرڏيهي وزير ۽ چين جي سفير جيڪو ٽوڪيو ۾ هو ان بابت اهو مشهور هو ته انهن جاپان جي حمايت ۽ چين سان غداري ڪئي آهي. هڪ مختصر وفد ناڻي واري وزير جي گهر پهچي ملاقات جي درخواست ڪئي جيڪا منظور نه ٿي، جنهن کان پوءِ شاگردن جي هجوم گهر تي حملو ڪري ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ دروازو ۽ ڀت جو هڪ حصو ٽٽي پيو. وزير صاحب پوئين ڀت ٽپي جاپاني سفارتخاني ۾ پناهه ورتي. چنگ سونگ سيانگ شاگردن جي ورچڙهي ويو. هنگامي ۾ هن جو هڪ هٿ ڀڄي پيو پر جان بچي ويس، گهر ڀڄي پيو ۽ ڪجهه لڏي ويو، پوليس طلب ڪئي وئي ان ڪجهه شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو. وزيرن مطالبو ڪيو ته انهن کي موت جي سزا ڏني وڃي. وزيراعظم ۽ صدر ان تجويز کي منظور ڪرڻ ٿي چاهيو پر ان دوران شاگردن جي گرفتاري جي خبر پوري ملڪ ۾ پکڙجي وئي. ان دوران هر شهر ۾ هڪ شاگرد يونين قائم ٿي چڪي هئي. شاگردن درسگاهن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا جلوس نڪرڻ لڳا، بيجنگ ۾ شاگردن جي هڪ وڏي انگ صدر ۽ ٻين وزيرن جي سرڪاري عمارتن کي گهيري ۾ آڻي ورتو. گهيرو ڪندڙ ڪمنبلن ۽ ٻين شين سان ليس هئا. حڪومت شاگردن جي عام گرفتاري شروع ڪري ڇڏي، جيلون ڀرجي ويون، ايتري قدر جو درسگاهن کي جيلن ۾ تبديل ڪيو ويو. قيدي شاگردن جيلن جي اختيارين کي به پنهنجو هڏ ڏوکي بڻائي ورتو ۽ جيلن مان آزاد ٿيا ته قيد ڪندڙ به ساڻن گڏ هئا. مرڪزي حڪومت معطل ٿي رهجي وئي. ان طلاع تي حڪومت شاگردن سان مقابلي لاءِ فوج کان ڪم وٺڻ ٿي چاهيو اهڙي عمل پوري قوم کي مڇرائي ڇڏيو، ان کان سواءِ اهو انديشو به هو ته جن شاگردن تي قنداقن سان حملو ڪيو وڃي، ٿي سگهي ٿو ته اهي حڪومتي حامين جا گهڻ گهريا هجن.
شاگردن واپارين جي انجمن کي جيڪا درخواست ڪئي هئي اها منظور ڪئي وئي ۽ عام هڙتال جو اعلان ڪيو ويو. حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته گرفتار شاگردن کي آزاد ڪري، غدارن کي سزا ڏي ۽ شانٽنگ جي معاملي تي پنهنجو ڪردار واضح ڪري.
بينڪن 10 ڏينهن تائين سمورو ڪاروبار بند رکيو، هر قسم جو واپار بند رهيو، ٽيڪس جي ادائگي بند ڪئي وئي، اها هڙتال ايتري قدر ڪامياب رهي جو”چورن چوري ۽ فقيرن پنڻ ڇڏي ڏنو.“
شهر ۾ هر هنڌ چانورن جا دڪان کليل هئا ته جيئن غريب تڪليف جو منهن نه ڏسن. حڪومت بندوق جي زور تي دڪان کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ ڪامياب نه ٿي، نيٺ حڪومت کي مخالفن آڏو گوڏا کوڙڻا ئي پيا ۽ جون ۾ شاگردن جا مطالبا مڃيا ويا. صدر معذرت سان شاگردن کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ غدارن جون سرگرميون ظاهر ڪرڻ تي سندن ٿورو مڃيو. ٽنهي غدارن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا پر ان کان اڳ اهي چين مان فرار ٿي ويا. حڪومت اعلان ڪيو ته هوءَ پيرس ۾ پنهنجي نمائندن جي پاليسي جي تائيد ڪندي. قوم جي گڏيل مطالبي جي ڪري چين جا نمائنده آمريڪا، جاپان ۽ اتحادين جي دٻاءَ ۾ نه آيا ۽ انهن 28 جون 1919ع تي ورسائي معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
جاپان جي 21 مطالبن کان پوءِ ئي ان جي مال جي بائيڪاٽ جي تحريڪ شروع ٿي وئي هئي. شاگردن حصو وٺي ان ۾ جان وجهي ڇڏي. وڏن وڏن واپارين انهن کي اجازت ڏئي ڇڏي ته جتي به جاپاني مال نظر اچي ساڙي ڇڏيو. شاگرد دڪانن جي نگراني ڪندا هئا ۽ جاپاني مال وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري وٺندا هئا ۽ بازارن ۽ چوڪن ۾ انهن جي مال جا ڍير لڳائي باهه ڏئي ڇڏيندا هئا. ان تحريڪ سان ننڍن ننڍن دڪاندارن کي وڏو نقصان پهتو. انهن حڪومت کي مدد جي درخواست ڪئي، ڪجهه هنڌن تي عوام ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون. مظاهرو ڪندڙن پوليس چوڪين جو گهيراءُ ڪري ورتو، چيني بواءِ اسڪائوٽس هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات پوليس جا فرض انجام ڏنا. پرڏيهي طاقتن پنهنجي اثر هيٺ علائقن ۾ مظاهرو ڪندڙن جي اچڻ تي پابندي وجهي ڇڏي. جاپاني جهاز هلائيندڙ واپارين ۽ ڪارخانن کي بائيڪاٽ جو نقصان محسوس ٿيڻ لڳو.
پهرين مهاڀاري لڙائي جي شروع ۾ ئي جاپان ڪوشش ڪئي هئي ته چين ۾ يورپ جي واپار تي قبضو ڪري وٺجي. چين ۾ جاپان جو مال سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيڻ لڳو. شاگردن جي تحريڪ ان کي سخت نقصان پهچايو. چين جا واپاري به ٻين ملڪن کان مال طلب ڪرڻ لڳا ۽ اهي شيون ملڪ اندر به تيار ٿيڻ لڳيون جيڪي پهريان جاپان مان گهرايون وينديون هيون. صابڻ ۽ دوا ٺاهڻ جا وڏا وڏا ڪارخانا کلي ويا. شاگردن انهن ڪارخانن جي قائم ڪرڻ ۽ پيداوار ۾ وڏي مدد ڪئي. امن قائم ٿيڻ جا آثار ظاهر ٿيندي ئي يورپي ملڪن جاپان کان مال خريد ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ سوين جاپاني ڪارخانن جا ترا نڪري ويا. ماڻهن جاپاني جهازن ذريعي مال موڪلڻ بند ڪري ڇڏيو. جهاز ڪمپنيون سرڪاري مدد سان ڪم هلائينديون رهيون. جاپاني بينڪرن کي خبر پئجي وئي ته چين جي فوجي گورنرن جي تجويزن کي ڪم ۾ آڻڻ لاءِ وٽن ڏوڪڙ باقي ناهن رهيا، جيڪو ڪجهه سوٿي طور ڏنو ويو آهي ان بابت به ڪا باضابطه دعويٰ نه ٿي ڪري سگهجي. اڪثر چيني پارليامينٽ ۽ وزيرن جي منظوري کان سواءِ پئسو لڳايو ويو هو.
ڪا پرڏيهي طاقت جاپان جي مدد لاءِ تيار نه هئي، جاپاني حڪومت مجبور ٿي پنهنجن ايجنٽن کي چين مان واپس گهرائي ورتو ۽ فولادي مڪي بدران نرم پاليسي اختيار ڪئي. شاگردن جي تحريڪ اتر چين جي غدار گورنرن جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو. باڪسرز کان پوءِ اها پرڏيهي اثر رسوخ خلاف سڀ کان وڏي تحريڪ هئي. ان زماني ۾ چينين پنهنجي ملڪي ۽ قومي مشڪلاتن کي محسوس ڪيو ۽ دنيا کي پنهنجي مزاحمت جي طاقت جو ثبوت ڏنو. باڪسرز چين جي زوال جو شڪار اقتدار کي تباهه ٿيڻ کان بچايو هو، شاگردن جي تحريڪ ان کان وڌيڪ پائيدار اثر ڪيو. جيستائين اندروني سياست جو تعلق آهي. شاگردن جي تحريڪ چين جي نئين تاريخ جو پهرين باب آهي. باڪسرز جي هنگامن رڳو فوجي جذبا اڀاريا هئا پر شاگردن انهن سمورين سياسي طاقتن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪري ڇڏيو، جن کي چين جي جمهوريت جو بنياد سمجهيو وڃي ٿو. شاگردن واپارين ۽ بينڪرن کي جيڪي اپيلون ڪيون هيون انهن ۾ مغربي طرز جي پاليسين کان وڌيڪ دانائي جو ثبوت ڏنو. ماڻهن کي خبر پئجي وئي ته حڪمرانن جي قديم طبقي بدران ڪير اقتدار ۾ ايندو. بينڪرن جا اجلاس بيجنگ ۾ منعقد ٿيندا هئا ۽ بحران جي وقت اهي حڪومت جي حال کي ڏسندا رهندا هئا.
شاگردن جي تحريڪ عوام جي حالت بدلڻ لاءِ سوين راهون کولي ڇڏيون. شاگردن مفت تعليم ڏيڻ جا سوين اسڪول قائم ڪري ڇڏيا. جتي غريب ٻارن ۽ اڻ پڙهيل بالغن کي تعليم ڏني ويندي هئي. پهريان منڊين، عبادتگاهن ۽ ٻين هنڌن تي تعليم ڏني ويندي هئي پوءِ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جا وقت مقرر ڪرڻ کان علاوه مفت تعليم جي نالي سان هڪ تحريڪ شروع ڪئي وئي. ان سان تعليم کي تمام گهڻي هٿي ملي، ڏکڻ ۾ ڪونٽنگ تعليم پکيڙي، نون اسڪولن ۾ جمهوري حڪومت جي اصول جي تعليم ڏني ويندي هئي. نوان ڪتاب ۽ اخبارون شايع ڪيا ويا، ڪوريا ۽ جاپان جي زبانن جي مطالعي کان پوءِ چيني زبان جي الفابيٽ ترتيب ڏني وئي ۽ تعليم واري وزارت ان کي منظور ڪري ورتو.
اڪثر تاريخدانن چيني شاگردن جي تحريڪ جا 3 دور قائم ڪيا آهن.
(1) 1900ع کان 1911ع تائين.
(2) 1911ع کان 1919ع تائين.
(3) 1919ع کان 1938ع تائين.
پهرين دور ۾ ٽنگ مين هوئي مانچو خاندان جو اقتدار هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو، ٻئي دور ۾ شاگردن جي پارٽي جو اثر رسوخ وڌڻ لڳو ۽ ٽئين دور ۾ نوجوان وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيهه هليا ويا ۽ ڪيترن ئي نئين حڪومت ۾ عهده قبول ڪري ورتا ۽ معاشري جي اصلاح جو ڪم ڪرڻ لڳا. ٻئي دور ۾ پهرين وارو جوش ۽ جذبو نه رهيو. اڪثر شاگرد عهدا حاصل ڪري سک واري زندگي گذارڻ لڳا. مهاڀاري لڙائي شاگردن جي سستي ۽ مايوسي کي نئين جوش ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جاپان جي 21 مطالبن خلاف ملڪ ۾ هڪ گوڙ برپا ٿي ويو. شاگردن انهن عهديدارن جي نگراني شروع ڪري ڇڏي، جن تي جاپان جي حمايت جو شڪ هو، اهو دور شاگردن جي 4 مئي واري هڙتال تي ختم ٿيو ۽ حڪومت شاگردن جا هيٺيان مطالبا مڃي ورتا.
(1) غدارن کي جلاوطن ڪيو وڃي
(2) حڪومت پيرس ٺاهه تي صحيح نه ڪري
ان هڙتال کان پوءِ امير طبقي ۽ حڪمران طبقي جا نشا ٽٽا، پرڏيهي وزير ۽ مواصلات واري وزير کي برطرف ڪيو ويو. 4 مئي جي هڙتال کان پوءِ شاگردن جو جوش قابو مان ٻاهر نڪري ويو هو ۽ ايئن ئي لڳو ڄڻ منجهن نظم ۽ ضبط ڪڏهن به قائم ٿي نه سگهندو پر سن يات سين جي تقريرن ۽ چائنا ايسوسيئيشن جي سرگرمين سندن جوش ۾ وچٿرائي پيدا ڪئي. ”ملوڪيت مرده باده“، ”سرمائيداري مرده باد“، ”اڻ برابري وارن معاهدن کي ساڙي ڇڏيو“ اهي نعرا ان دور جي يادگار آهن. ٽئين دور ۾ شاگردن جي آزادي واري تحريڪ هڪ بلند مقام تي پهچي وئي، اسٽوڊنٽس يونين ان ئي دور ۾ قائم ٿي، قومي تحريڪ جو دائرو مزدورن تائين وڌي ويو.
چين ۾ علم ۽ فن جي ايجاد ۽ تهذيب جي تحريڪ يورپ جي جديد تحريڪ کان ڪيترائي سال پهريان شروع ٿي هئي، جيڪا ترقي جا ڏاڪا طئي ڪندي ڪمال جي ويجهو اچي پهتي آهي. چين وارا سماجي، صنعتي ۽ تعليمي سڌارن واري تحريڪ کي ”نئين لهر“ سڏين ٿا. ان دور ۾ تعليمي ۽ سياسي مقصدن لاءِ سوين اخبارون جاري ڪيون ويون. پراڻين روايتن کي نون نظرين جي ڪسوٽي تي جانچيو ويو، ان عهد جي تنقيد ۾ تخريب جو عنصر نمايان آهي.
ان ئي زماني ۾ عيسائين خلاف هڪ تحريڪ شروع ٿي، جنهن جو باني هڪ سوشلسٽ فاصل ساقي پورن هو. اها تحريڪ پرڏيهي اقتدار جي مخالفت ۾ تبديل ٿي وئي. هڪ چيني شاگرد پرڏيهي اثر جي تشريح هنن لفظن ۾ ڪئي.
”سمورن پرڏيهي ماڻهن جي پوڄا جي عادت ۽ انڌاڌنڌ پيروي..... مراد پرڏيهي اثر کان آزادي ۽ پنهنجي صلاحيتن تي اعتماد هجڻ گهرجي. هن وقت چين ۾ اهو خيال پکڙيل آهي ته پرڏيهي ماڻهو چينين کان افضل آهن، اهوئي خيال چينين کي يورپ جو شاگرد بڻائي ٿو. ان جو نتيجو مادي ترقي ۽ اخلاقي تنزل آهي. اهو خيال چينين جي خودداري کي ختم ڪيو ٿو ڇڏي. انهن جي حيثيت مشڪرن کان وڌيڪ نه ٿي رهي. پرڏيهي مخالفت جي نتيجي ۾ چيني اهو سمجهي ٿو ته سڀ انسان برابر آهن، پرڏيهي ماڻهو به عيبن کان پاڪ ناهن ان ڪري اسان ڇو سندن آڏو جهڪون. پرڏيهي مخالفت سان ملڪي مفادن کي ڪوبه خطرو ناهي. ان جو تعلق ته رڳو چينين سان آهي جيڪي پنهنجي خودداري وڃائي ويٺا آهن ۽ هر ڳالهه ۾ پرڏيهي ماڻهن کي پنهنجو استاد ۽ آقا ٿا سمجهن. جيڪڏهن غيرملڪي ماڻهن سان هن تحريڪ جو ڪجهه تعلق آهي ته اهو صرف انهن سان جن جو دماغ آسمان تي هوندو آهي ۽ چينين کي ذليل سمجهن ٿا.
جڏهن غيرملڪي اسان جي مدد ڪن ٿا ته اسان انهن جي عزت ڪيون ٿا ۽ جڏهن هو اسان سان محبت ڪن ٿا ته اسان به انهن سان محبت ڪيون ٿا پر جيڪڏهن هو اسان کان نفرت ڪن ٿا ته اسان کانئن نفرت ڪيون ٿا. هڪ وقت هو جڏهن غيرملڪي ماڻهن اسان جي جهالت جو فائدو وٺندي اسان جا حق غصب ڪيا پر جيڪو گذري ويو سو گذريو ويو، هينئر اسان اميد ٿا ڪيون ته غيرملڪي دوست اهو خيال ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ته چين صرف هڪ حدتائين مهذب آهي ۽ اسان چينين کان ڪنهن معاملي ۾ بالاتر آهيون.“
1915ع کان 1925ع تائين تعليم تمام گهڻي ترقي ڪئي. شاگردن جي تحريڪ ۾ ڇوڪرين به حصو ورتو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته يونيورسٽين ۾ گڏيل تعليم شروع ٿي وئي. 1920ع کان پوءِ تمام گهٽ غيرملڪي استادن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. 1925ع کان شاگردن جي تحريڪ نئين سر شروع ٿيڻ سان مشن جي اسڪولن کي نقصان پهتو. ماهرن جي راءِ هئي ته شاگردن کي پرڏيهه نه موڪليو وڃي. ٻاهران تعليم حاصل ڪري ايندڙ شاگرد پنهنجي ملڪ ۾ ڪو چڱو ڪم نه ٿا ڪري سگهن ۽ ننڍي عمر هجڻ ڪري مٿن غيرملڪي تهذيب جو اثر حاوي ٿي ٿو وڃي ۽ پنهنجي تهذيب ۽ تمدن کان بيگانا ٿيو ٿا وڃن.
چين ۾ ڌاڳا ٺاهڻ جا ڪارخانا چيني ۽ جاپاني سرمائي سان قائم ٿي چڪا هئا. 1925ع ۾ شنگهائي جي ڪارخانن ۾ 10 لک چرخيون (جنهن تي سُٽُ ڪَتِبو آهي) ڪم ڪري رهيون هيون. اُڻڻ جو ڪم شروع ٿيڻ وارو هو، فولاد جا ڪارخانا ۽ روغن ٺاهڻ جا ڪارخانا به قائم ٿي ويا هئا. انهن ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي حالت غلامن کان به بدتر هئي. شاگرد انهن ڪارخانن ۾ ويا ۽ مزدورن کي منظم ڪيو. مزدورن جا حق حاصل ڪرڻ ۽ حالت بهتر بڻائڻ لاءِ هڙتالون ٿيون. هر هڪ هڙتال جي نتيجي ۾ ڪارخانيدارن کي مزدورن جا مطالبا مڃڻا پيا. پرڏيهي ڪارخانن ۾ به هڙتالون ٿيون ۽ انهن ۾ به مزدورن کي فتح ٿي، جهازن تي ڪم ڪندڙ چينين به هڙتالون ڪيون ۽ پنهنجي اجرت ۾ اضافو ڪرايو، غيرملڪي ڪارخانن جون ايجنسون وٺڻ جو طريقو ڇڏيو ويو ۽ واپاري مال گهرائڻ لڳا. 1913ع کان 1924ع جي وچ ۾ چين جي برآمد ۾ 27 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ 1944ع ۾ برآمدي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌي وئي.
چين آزادي ۽ خودمختياري جي وڏين دعوائن باوجود ايترو آزاد نه هو جو درآمد ٿيندڙ غيرملڪي مال تي پنهنجي مرضي موجب ٽيڪس لڳائي سگهي. يورپ جي سلطنت چيني سمنڊ جي تقريباً سمورن اهم هنڌن تي پنهنجو گڏيل قبضو ڪري رکيو هو. ٽينسن، شنگهائي ۽ هانگ ڪانگ کان سواءِ ٻيا سامونڊي پٽي وارا شهر پرڏيهي قومن جي قبضي ۾ هئا ۽ قبضن کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ قابض قومن جي بري ۽ بحري فوج به انهن علائقن ۾ رهندي هئي. چين کي پنهنجن وڏن وڏن دريائن ۾ به آزادي سان جهاز هلائڻ جي اجازت نه هئي. ان جي ابتڙ ٻين قومن جا ٻيڙا ڪانگسي درياءَ وغيره ۾ اندرين ملڪ ڏيڍ هزار ميل تائين بنا روڪ ٽوڪ وڃي ٿي سگهيا. پرڏيهي ملڪن جي بري ۽ بحري فوج چيني حڪومت سان صلاح مشورو ڪرڻ کان سواءِ مظاهرا ڪندي هئي.
چيني حڪومت کي قومي قرضن جي مصيبت به ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. قرض اڪثر حالتن ۾ سامونڊي ڍل جي ضمانت تي حاصل ڪيا ويندا هئا. ان کان سواءِ پرڏيهي سرمائي جو مسئلو به پريشان ڪندڙ هو. آمريڪا، فرانس، برطانيه ۽ ٻين ملڪن ڪروڙين رپين جو سرمايو لڳائي رکيو هو. جاپاني سرمايو به 20 ڪروڙن کان گهٽ نه هو. برطانوي سرمائي جو تعداد 10 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ هو. جن ملڪن جو سرمايو چين ۾ لڳل هو اتي جي حڪومت چين جي ڪاروهنوار کي پنهنجي مرضي ۽ مفاد مطابق ڏسڻ ٿي چاهيو ۽ ڪنهن به اهڙي تبديلي کي برداشت نه ڪنديون هيون جن سان انهن جي فائدي ۾ گهٽتائي ٿيڻ جو انديشو هجي، ان ڪري ئي برطانيه ۽ فرانس کي چين جي ڏاکڻين صوبن جي داخلي سياست سان وڌيڪ دلچسپي هئي. بيجنگ ۾ جاپان ۽ آمريڪا جو اقتدار نظر ايندو هو. 1911ع جي انقلاب کان پوءِ هارين ۽ پورهيت جون گهڻيون اميدون جمهوريت سان وابسته ٿي ويون هيون. جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو ڪجهه صوبن ۾ پرڏيهي سرمائي جي مدد سان حڪومت جو ڪم هلائي رهيا هئا تنهن هوندي به جمهوريت ۽ عوامي ڀلائي جو چرچو عام هو.
وطن جي ڪجهه خيرخواهن روسي مدبرن جي مدد سان 1926ع ۾ هڪ نئين تحريڪ شروع ڪئي جنهن جو مقصد اهو هو ته اترين صوبن ۾ جنرلن جي حڪومت ختم ڪري ملڪ ۾ هڪ مرڪزي جمهوريت قائم ڪئي وڃي. جمهوري تحريڪ جي علمبردارن جو چوڻ هو ته مرڪز ۾ نئين حڪومت قائم ٿيندي ئي قومي قرضن تي پابندي پئجي ويندي. جمهوريت جي تحريڪ هڪ حد تائين ڪامياب وئي ۽ نانڪن کي گادي جو هنڌ بڻايو ويو. ڪجهه صوبن ۾ جنرلن جي حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ باقي صوبا مرڪزي حڪومت جا نالي ماتر فرمانبردار رهيا.
سن يات سين قوميت، جمهوريت ۽ عوامي ڀلائي لاءِ جيڪي سونهري اصول مقرر ڪيا هئا چين جي نئين حڪومت انهن تي بي دلي ۽ لاپرواهي سان عمل ڪيو. اهوئي سبب هو جو مرڪز ۾ جمهوري حڪومت جي قائم ٿيڻ سان نه قومي قرضن جو بار گهٽيو نه ئي هارين جي حالت بهتر ٿي. اجنبي طاقتن کي دستور موجب پراڻي تجارت ۽ فوجي چرپر بابت سموريون رعايتون حاصل رهيون.
عوام جي پارٽي جنهن جو نالو ڪومنٽگ هو ان سن يات سين جي نظريي موجب سمورن صوبن کي هڪ مرڪزي نظام تحت ڏسڻ ٿي چاهيو ۽ ان ئي مقصد لاءِ اتر چين ۾ هڪ زبردست مهم موڪلڻ جو سوچيو پئي ويو. ان دوران پارٽي اندر سخت اختلاف پيدا ٿي ويا. پارٽي جي ساڄي ٻانهه جنرل چيانگ ڪيائي شيڪ عوام ۾ هر دلعزيز هو. هن چاهيو ٿي ته اتر چين ۾ فوجي مهم موڪلڻ ۾ امير طبقي ۽ فوجي حڪمرانن کان مدد ورتي وڃي. جنرل چيانگ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو. جيتوڻيڪ ڪاميابي سرمائيدارن جي امداد جو نتيجو هئي پر عوام ۾ ان جو اثر رهجي ويو ۽ ماڻهو کيس پنهنجي ليڊر مڃيندا رهيا.
ڪومنٽانگ جي ساڄي ٻانهن 1927ع ۾ انقلاب پسندن کي چٿي ڇڏيو. مزدورن ۽ هارين جون انجمنون قانون جي خلاف قرار ڏنيون ويون ۽ عام وٺ پڪڙ جو سلسلو شروع ٿي ويو. جنرل چيانگ ۽ ان جا حامي ان ڪاميابي تي ڏاڍو خوش ٿيا پر اها خوشي وقت کان اڳ ثابت ٿي. انقلاب پسند ڪجهه ڏينهن خاموش رهڻ کانپوءِ وري اڀريا ۽ ڪيانگ جي ڏکڻ اولهه ۾ هڪ مزدور حڪومت قائم ڪري ورتي. مزدورن ۽ هارين تي تشدد ۽ انهن جي آواز کي دٻائڻ جو نتيجو عام بي چيني جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. اتحاد جي خواب جي تعبير ڏڦيڙ جي صورت ۾ ظاهر ٿي. عوام جو جوش ۽ جذبو حڪومت جي سختين سان گهٽجڻ بدران وڌندو ويو، ايستائين جو امير طبقي جي گرفت ڪمزور ٿي وئي، سياسي بيداري سرمائيدارن جي رهيل سهيل اثر کي به ختم ڪري ڇڏيو. تعليم يافته شهري ۽ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻا قومي ترقي لاءِ متفق ٿي، صحيح راهه ڳولڻ لڳا ان طلب ۽ تلاش ۾ کين اها تمام جلد ان حقيقت جي خبر پئي ته ڪجهه غيرملڪي طاقتون چين جي قومي ترقي کي پنهنجي مفاد خلاف سمجهي سڌارن وارين سمورين تجويزن کي ناڪام ڪرڻ جي پويان پيل آهن. جاپان به اجنبي طاقتن ۾ شامل هو، ان ڪري ان خلاف به نفرت جو جذبو پيدا ٿيڻ لڳو ۽ اهوئي اڳتي هلي دشمني جو بنياد بڻيو.
ان کان پهريان غيرملڪي برتري ۽ اقتدار سياسي مداخلت ۽ نامناسب رعايتن خلاف مظاهرا رڳو تعليم يافته طبقي تائين محدود هئا پر مزدورن ۽ هارين به ان ۾ حصو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو. ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته چين جي اقتصادي ترقي ۽ تنظيم کي وڏو خطرو ان ئي ملڪ مان ٿي سگهي ٿو جيڪو بحرالڪاهل ۾ پاڻ کان سواءِ ڪنهن قوم جو اقتدار ڏسڻ نٿو چاهي، جاپاني شين جي بائيڪاٽ جو محرڪ به اهوئي خيال هو. جاپاني مال جي بائيڪاٽ جي تحريڪ شهرن ۽ ڳوٺن مان ٿيندي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهچي وئي ۽ اڪثر هنڌن تي جاپاني مال سان هولي کيڏي وئي.
جاپان ۾ آبادي جي واڌ سان گڏ گذرسفر جي ذريعن واري مسئلي جي اهميت به وڌندي پئي وئي. جاپاني مدبر 19هين صدي جي آخر کان ان بنياد تي سلطنت وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. انهن جي نظرن منچوريا ۽ ڏکڻ ۾ سيام ۽ جزيري نما ملايا کي تاڙي ورتو هو. سماٽرا ۽ جاوا ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي کان پهريان واپار ۾ جاپانين جو حصو 4/1 سيڪڙو هو. 16 سالن کان پوءِ اهو حصو 30 سيڪڙو ٿي ويو. هالينڊ، فرانس ۽ برطانيه جاپان جي ان واپاري اڳڀرائي کي ڪڙي نظر سان ٿي ڏٺو ۽ هالينڊ پنهنجي بحري ٻيڙي جي طاقت ۾ اضافي جي تجويز ان خيال سان ڪئي هئي ته جيئن جاپان خلاف آئنده قدم ۾ ان کان ڪم ورتو وڃي.
جاپان اتر چين کي پنهنجي طاقت جا گهوڙا ڊوڙائڻ لاءِ رڳو ويجهو هجڻ جي ڪري نه چونڊيو هو پر کيس ان سرزمين ۾ قدرت جا خزانا دفن ٿيل نظر ايندا هئا. اتر چين پنجن صوبن تي ٻڌل آهي، انهن مان شانسي، چامارشانٽنگ ۽ سوي يون ايراضي جي لحاظ سان امتيازي حيثيت رکن ٿا. زميني ماهرن جو اندازو آهي ته انهن صوبن ۾ ڪيترائي لک ٽن ڪوئلو موجود آهي. چين ۾ جيترو لوهه موجود آهي ان جو 80 سيڪڙو منچوريا ۽ 10 سيڪڙو اتر چين ۾ موجود آهي. ڪپڙو ٺاهڻ ۽ سٽ ڪٽڻ جا 8/1 سيڪڙو ڪارخانا اترين صوبن ۾ آهن ۽ انهن ۾ 4/3 سيڪڙو ڪارخانا جاپانين جي ملڪيت آهن. انهن ڪارخانن ۾ جاپان جو جيڪو سرمايو لڳل آهي اهو بائيڪاٽ جي تحريڪ جي نتيجي ۾ بلڪل ختم ٿي وڃي ها.
جاپاني مدبرن کي يقين هو ته منچوريا متعلق اسان جا جيڪي ارادا آهن، جنگ جي ڪري پيدا ٿيل پيچيدگين جي ڪري ڪير به ان ۾ مداخلت نه ڪري سگهندو. ان وقت روس داخلي ڳڻتين ۾ ورتل هو ۽ آمريڪا چين جي 8 معاملن ۾ اڪيلو مداخلت ڪرڻ جي جرئت نه ٿي ڪري سگهيو. برطانيه وٽ به غيرجانبداري قائم رکڻ کان سواءِ ڪو چارو نه هو. جاپان 1931ع ۾ منچوريا شامل ڪرڻ لاءِ جيڪو فوجي قدم کنيو گڏيل قومن جو اتحاد به ويچارپ جي ڪري ان خلاف ڪو اثرائتو قدم نه کڻي سگهيو. چيني حڪومت فرنگ جي بارگاهه ۾ هڪ وڏي فرياد ڪئي پر ڪير به سندس داد لاءِ نه پهتو. گڏيل قومن جي جمعيت جي 18 هين سالياني اجلاس ۾ ويلنگٽن ۾ چين جي فرانس ۾ مقرر سفير پنهنجي حڪومت طرفان 4 آڪٽوبر 1937ع ۾ هي اعلان ڪيو.
”جاپان پنهنجي بري، بحري ۽ هوائي فوج سان چين تي جيڪو حملو ڪيو آهي اهو انتهائي جابراڻو قدم آهي. ان جا سبب ڀلي ڪهڙا به هجن اهي جاپان جا پنهنجا پيدا ڪيل آهن، هو چين تي حملي لاءِ بهانو ڳولي رهيو هو. جيڪڏهن اهو فرض ڪيو وڃي ته اهي سبب پيدا ڪرڻ ۾ جاپان جو عمل دخل ناهي تڏهن به انهن جي نوعيت اهڙي نه هئي جو هڪ امن پسند پاڙيسري تي اهڙي حملي کي جائز قرار ڏئي سگهجي. جاپان جي امن پسندي واري دعويٰ ۽ ٺاهه جي ڳالهه کي نظر ۾ رکندي هر جهيڙي جو فيصلو (ڀل اهو ظاهري طورتي ڪنهن حد تائين اهم معلوم ٿيندو هجي) پرامن طورتي ٿي ٿي سگهيو. چين شروع ۾ ئي اها خواهش ظاهر ڪري ڇڏي هئي ته هنڱ چائو جي فضائي اڏي بابت رسمي سياسي طور تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي.“
ٽينسن ۾ 20 هزار جاپاني فوج ۽ هڪ سؤ جهاز جمع ٿيڻ کان پوءِ چين جاپان کي صلاح ڏني ته ان جهيڙي جو فيصلو پرامن طور سان ڪرايو وڃي. ان ڪوشش ۾ ناڪامي کان پوءِ هن واشنگٽن معاهدي تي صحيحون ڪندڙ 9 سلطنتن ۽ ٻين سلطنتن يعني جرمني ۽ سوويت يونين کي (جنهن جا مفاد اولهه جي مقدس هنڌ سان وابسته هئا) ان معاملي کان آگاهه ڪيو ته چين ان جهيڙي جو فيصلو بين الاقوامي قانون تحت ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر جاپان طاقت استعمال ڪرڻ واري پاليسي ۽ چين جي ان حصي جي فتح واري پروگرام تي عمل پيرا آهي. جاپان جي اها حرڪت چين جي ٻڌي ۽ سياسي آزادي خلاف هڪ جابراڻو قدم آهي. جيئن ته چين گڏيل قومن جي جماعت جو ميمبر آهي ان ڪري جاپان جو اهو حملو گڏيل قومن خلاف چئلينج جي حيثيت رکي ٿو. جاپان جو اهو قدم معاهدي جي شڪ نمبر (2) جي ڀڃڪڙي آهي. بحرالڪاهل ۽ پوءِ پوري دنيا تي اقتدار جو علم بلند ڪرڻ بابت جاپان جا جيڪي عزم آهن چين جي فتح انهن جي ئي ڪڙي آهي. ان سان عالمي امن کي سخت خطرو آهي، جاپاني حڪومت جي ذميدار ميمبر بار بار اهو اعلان ڪيو ته چين کي سچائي جي کوٽ جي سزا ڏني ويندي ۽ گوڏن ڀرجهڪڻ تي مجبور ڪيو ويندو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جاپان چين کان سچائي ۽ دوستي جي ڪهڙي مظاهري جي توقع رکي ٿو. شايد اهو ته چين ٽوڪيو جي حڪمن تي بنا ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ جي عمل ڪري. جاپان جي پرڏيهي وزير اهو چئي ته ”چيني حڪومت جاپان جي مخالفت ۽ ان خلاف فساد کي پنهنجي قومي پاليسي جو محور بڻائڻ چاهي ٿي.“ رڍ کي گدڙ جي کل پارائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن اهو واضح ناهي ڪيو ته چين کي جاپان بابت ڪهڙا جذبا رکڻ گهرجن. مون کي تعجب آهي ته هن اهو ڇو نه چئي ڇڏيو ته مسلسل ڪاهه، هزارين چينين جي بيدردي سان قتل، ڪروڙين رپين جي ملڪيتن جي تباهي ۽ هڪ ٻئي پٺيان ان جي صوبن تي قبضو ڪرڻ تي چين کي جاپان جا ٿورا مڃڻ گهرجن ۽ ساڻس محبت ۽ دوستي جو تعلق رکڻ گهرجي. تباهي ۽ بربادي جي انهن طريقن سان جاپان چين سان دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻ ٿو چاهي. جاپاني مدبرن جي بيانن مان لڳي ٿو ته جاپان جنگ ۽ جدل جي مافيا ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي. ڪاميابين جي حد کان وڌيڪ خواهش انهن عملن مان ظاهر آهي جيڪي چين ۾ ڪيا ويا آهن. بين الاقوامي امن کي تباهه ڪرڻ جا اهي روشن مثال آهن، جن سان جاپان جي مٿان شرمندگي ۽ ملامت ٿي رهي آهي. ان سان نه رڳو بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ٿئي پر معاهدن جا اصول به ٽٽن ٿا. خاص طور تي ڪيلوگ معاهدو (پيرس) ۽ واشنگٽن معاهدو (جنهن ۾ جاپان اڃا تائين شريڪ آهي.) جاپان جي اها روش چين ۾ ويڙهه ۽ چين جي باشندن جي مصيبت ۾ مبتلا هجڻ جو سبب آهي. مون کي خبر آهي ته هتي امن پسند ماڻهو به موجود آهن، شايد اهو سوال ڪن ته گڏيل قومن جي جمعيت ڇا ڪري؟ مان ان حقيقت کان باخبر آهيان ته گذريل تجربن کي ڏسندي جمعيت کي احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو پر ان جو اهو مطلب قطعي ناهي ته ڪجهه به نه ٿو ٿي سگهي. ان لاءِ جمعيت پنهنجي هڪ ميمبر ۽ عالمي امن کي بچائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪري. جيڪڏهن گڏيل قومن جي جمعيت طاقت جي مقابلي ۾ حق جي حمايت نه ٿي ڪري سگهي ته دنيا کي اهو ته ٻڌائي سگهي ٿي ته ظلم ڪنهن ڪيو، جيڪڏهن اها ظلم کي روڪي نه ٿي سگهي ته ان جي مذمت ته ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن اها بين الاقوامي قانون لاڳو نه ٿي ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ اهو اعلان ته ڪري سگهي ٿي ته اڃا تائين انهن معاهدن کي ڪالعدم قرار ناهي ڏنو ويو. جيڪڏهن اها پوڙهن، عورتن ۽ ٻارن جي بيدردي سان قتل ۽ فضائي بمباري جي ناجائز طريقن سان ملڪيتن جي تباهي کي روڪي نه ٿي سگهي ته پنهنجا جذبا ته ظاهر ڪري ٿي سگهي ته جيئن انهن طريقن کي ترڪ ڪرڻ بابت عالمگير مطالبي کي هٿي ملي. اخلاقي ۽ قانوني اعتبار کان جمعيت کي ڪنهن به معاهدي متعلق پنهنجا فرض نڀائڻ کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي پر اهو ان جي وجود لاءِ به ضروري آهي ته جيڪا نازڪ صورتحال تازو اوڀر ۾ پيدا ٿي آهي ان کي نظر ۾ رکندي بين الاقوامي معاهدن، انسانيت ۽ انصاف جي ابتدائي اصولن جي ڀڃڪڙي جي مذمت ڪري، چين ۾ جاپاني طيارن جي بمباري خلاف عالمي ضمير زبردست احتجاج ڪيو آهي. سموري مهذب دنيا کي ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي. ان حقيقت جو اظهار به ضروري آهي ته شنگهائي ۾ جاپاني ٻيڙي جي ڪمانڊر ان چيف اهو اعلان ڪيو هو ته جهازن ذريعي نانڪن تي بمباري ڪئي وڃي. ان بابت آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽس مسٽر ڪاڊل هل هي اعلان ڪيو ته ”آمريڪا ان عمل کي پسند نه ٿي ڪري ته نانڪن جي باشندن ۽ ڌاري آبادي کي خطري ۾ وڌو وڃي نه ئي ان تجويز کي پسند ٿي ڪري ته نانڪن ۾ ترسيل ڌاريا شهر مان نڪري وڃن جتي هو جائز طريقي سان ڪاروبار ڪري رهيا آهن. حڪومت جي راءِ ۾ هڪ وڏي علائقي تي بمباري جتي ڌاري آبادي هجي انصاف، قانون ۽ انسانيت جي اصول خلاف آهي.“
گڏيل قومن جي جمعيت جي مشاورتي مجلس جيڪا 23 ميمبرن تي مشتمل هئي تنهن چين، جاپان تڪرار بابت هڪ قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ جاپان جي ان عمل جي مذمت ڪئي وئي ته هن جهازن سان چين جي شهرن مٿان بم وسايا. مشاورتي مجلس ان قرارداد ۾ واضح ڪيو ته جاپان جا اهي قدم پوري دنيا ۾ نفرت ۽ افسوس پيدا ڪندڙ آهن ۽ انهن متعلق ڪابه لاچاري پيش نه ٿي ڪري سگهجي. جمعيت جي ميمبرن کي سفارش ڪئي وئي ته سهولت ۽ امڪان جي حدن ۾ رهي چين جي وڌ کان وڌ مدد ڪئي وڃي. تقرير ختم ڪرڻ کان پهريان اهو واضح ڪرڻ ضروري ٿو لڳي ته جاپان جي حملي سان اوڀر ۾ تازو نازڪ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اهو مسئلو گڏيل قومن جي جمعيت جي ضروري غورويچار ۽ عمل جو مستحق آهي.
”پورو چين امداد ۽ سهائتا لاءِ اکيون ڦاڙي مهذب دنيا ڏانهن ڏسي رهيو آهي انهن جو اميدون گڏيل قومن جي جمعيت سان وابسته آهن، جيڪا امن ۽ انسانيت جي اصول جي حامي آهي. چين جا رهواسي هر مهذب قوم کي درخواست ٿا ڪن ته ظلم ۽ تشدد جي بي لگام طاقتن کي روڪڻ لاءِ جلد قدم کنيا وڃن. چينين کي قتل عام کان بچايو وڃي ۽ انهن جي مصيبتن کي گهٽ ڪيو وڃي. مون کي اميد آهي ته گڏيل قومن جي جمعيت انسانيت جي ناتي چين سان انصاف ڪرڻ ۽ دنيا ۾ امن قائم رکڻ لاءِ جلد ڪو اثرائتو قدم کڻندي.“
جاپان جي ظلمن بابت جيڪو ڪجهه گڏيل قومن جي جمعيت ۾ چيو ويو جاپان جي نمائندي هڪ ڊگهي تقرير ۾ ان جو جواب ڏنو. جنهن جو هي فقرو خاص طورتي ذڪر جوڳو آهي ته ”جاپان خلاف اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جو حق صرف ان قوم کي آهي جنهن جو دامن انهن الزامن کان پاڪ هجي.“ گڏيل قومن جي جمعيت جي تجويزن ۽ قراردادن جو اوڀر ۾ تازو پيدا ٿيل صورتحال تي ذري برابر به اثر نه ٿيو ۽ جاپان منچوريا تي پنهنجو قبضو قائم ڪرڻ بعد ان جو نالو تبديل ڪري منچوڪائو رکي ڇڏيو.
قومپرست چينين ۽ سوشلسٽن وچ ۾ گهڻي وقت کان ڇڪتاڻ جاري هئي ۽ چين جي وڏي طاقت ان گهرو ويڙهه تي خرچ ٿي رهي هئي. جنرل چيانگ ڪيائي شيڪ چيني سوشلسٽن جي ليڊر مائوڊي ٽونگ سان ٺاهه ڪري ورتو. جاپان خلاف متحده محاذ قائم ڪرڻ جي تحريڪ زور وٺي وئي ۽ جاپانين جي اڳئين قدم کي روڪڻ لاءِ فوجي پلٽن ٺاهڻ جون تياريون شروع ٿي ويون پر اها تحريڪ اڃا ابتدائي مرحلي ۾ هئي ته 7 جولاءِ 1937ع تي هڪ معمولي واقعي جي بنياد تي جاپان سان نئين جنگ شروع ٿي وئي اهو معمولي واقعو اهو هو ته ڳوٺ لوڪو چائو ۾ مارڪو پولو پل ڀرسان هڪ جاپاني گشتي دستي جا 2 سپاهي غائب ٿي ويا. جاپانين چين جي حڪومت کان انهن جي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ان جي منظور نه ٿيڻ تي جنگ شروع ٿي وئي. ان جنگ ۾ 1942ع تائين جاپان جا 16 لک سپاهي ۽ آفيسر مارجي ويا هئا ۽ زخمي ٿيا هئا. چين جو نقصان ان کان ٻيڻو هو تقريباً 6 لک چيني بمباري ۽ ٻي جنگي تباهي ۾ اجل جو شڪار ٿيا. تقريباً 10 لک چورس ڪلوميٽر علائقو چينين جي قبضي مان نڪري ويو هو. ان ڊگهي ۽ تباهي مچائيندڙ جنگ ۾ ڪجهه هنڌن مثال طور ونگ چائو، فوچائو ۽ چنگ شا ۾ چينين کي شاندار فتح به حاصل ٿي ۽ هنن حملو ڪندڙن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو پر مجموعي طورتي چين جي محاذ جي حالت اهڙي نه هئي جنهن سان مستقل قريب ۾ ڪا وڏي اميد وابسته ڪئي وڃي. بهرحال چيني تمام گهڻي نقصان باوجود همت ۽ بهادري سان وڙهي رهيا هئا. ڇاڪاڻ ته چين جاپان جنگ عالمگير جنگ جو ضميمو بڻجي وئي هئي ۽ چين اتحادين ۾ شامل هو ان ڪري جاپان ۽ چين وچ ۾ صلح جو ڪوبه امڪان نه هو.

ڪميونسٽ پارٽيءَ جو قائم ٿيڻ

نومبر 1918ع ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي جي خاتمي کان پوءِ جنوري 1919ع ۾ فاتح سامراجي ملڪن طرفان پيرس ۾ گهرايل امن ڪانفرنس ۾ وارسا جي هنڌ تي هڪ معاهدو ٿيو جنهن ۾ ٻين فتح ڪيل ملڪن سان جيڪو سلوڪ ٿيو اهو تاريخ جي ڪتابن ۾ محفوظ آهي پر چين سان اهو سلوڪ ڪيو ويو، ته هن جي صوبي شين ڊونگ کي جرمني کان کسي جاپان حوالي ڪيو ويو، ان فيصلي خلاف چين ۾ ڀرپور مزاحمت ڪئي وئي. 4 مئي 1919ع تي بيجنگ جي هڪ وڏي چوڪ ٽائينانمن اسڪوائر ۾ شاگردن هڪ مظاهري ۾ حڪمرانن ۽ سامراجي قبضي خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو. اهي شاگرد هڪ جلوس جي صورت ۾ چين جي مواصلات واري وزير ڪاؤ رولن (جيڪو غدار ۽ جاپاني ايجنٽ طور مشهور هو) جي سرڪاري رهائش گاهه تي پهتا ۽ ان کي باهه لڳائي ڇڏي. صرف اهوئي نه، هنن اتي موجود جاپاني معاملن واري وزير زينگ زونگ زيانگ کي به سخت مارڪٽ ڪئي. انهن شاگردن کي پوري ملڪ ۾ داد ۽ تعريف جي نظر سان ڏٺو ويو ۽ انهن شاگردن سان ٻڌي جي اظهار طور 3 جون 1919ع تي شنگهائي ۾ هڪ وڏي اجلاس ۾ عام هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان جي صرف 2 ڏينهن کان پوءِ تانگ شان ۽ چانگ زنديان جي 70000 کان وڌيڪ مزدورن سامراجي ملڪن خلاف هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان کان سواءِ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ننڍن واپارين ۽ شاگردن به مقامي طورتي هڙتالون ڪيون.
انهن هڙتالن جو نتيجو اهو نڪتو ته چين جي رجعتي حڪومت 28 جون تي وارسا ٺاهه تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چيني حڪومت جو اهو فيصلو پوري دنيا جي اخبارن ۾ نمايان طور تي ڏيکاريو ويو. چيني عوام روس ۾ ظاهر ٿيندڙ سوشلسٽ انقلاب مان متاثر هو. ان ۾ اڃا به وڌيڪ نرالي ڳالهه اها ته روس ۾ بادشاهي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ روس جي انقلابي حڪومت چين سان ٿيل سمورن غيرمنصفاڻن معاهدن کي ختم ڪري چيني عوام جي دلين ۾ پنهنجي نظرين جي شمع روشن ڪري ڇڏي ۽ اها روشني پکڙجندي پوري چين کي روشن ڪري وئي، هي اها صورتحال هئي، جنهن کان متاثر ٿي ڪيترائي چيني دانشور ۽ شاگرد مزدورن سان رابطا وڌائڻ لڳا. شنگهائي، نيان ۽ ڪيترن ئي ٻين شهرن ۾ ٽريڊ يونينون، مزدورن جا ادارا ۽ پارٽ ٽائيم اسڪول ٺاهڻ لڳا. بيجنگ، شنگهائي ۽ گوانگ زائو ۾ مارڪسي نظرين کي رائج ڪرڻ لاءِ رسالا به نڪرڻ شروع ٿي ويا.
پيرس ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڪجهه شاگردن چين ۾ مرڪزي مارڪسي گروپ جوڙيو، ڪجهه تاريخدانن موجب ڪميونسٽ پارٽي جو قيام اصل ۾ 1920ع ۾ عمل ۾ اچي چڪو هو ۽ ان کي ٽين انٽرنيشنل جي مرڪزي نمائندن جي حمايت حاصل هئي. هتان کان نوجوان ڪميونسٽن چين جو رخ ڪيو ۽ چين ڪميونسٽ پارٽي جي دائري کي وڌائڻ ۾ مدد ڏني. چين ۾ پهريون مارڪسي گروپ به نومبر 1920ع ۾ جڙي چڪو هو ۽ ان ئي سال آگسٽ ۾ چين جي سوشلسٽ يوٿ ليگ جو بنياد وڌو ويو، مارڪسي گروپ ۽ يوٿ ليگ جون شاخون بيجنگ، هانڪو، چنگشا، گوانگ زائو، واريي نان ۾ به قائم ٿي ويون. ٽوڪيو جي تعليمي ادارن ۾ به تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد هڪ مارڪسي گروپ منظم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
چيني ثقافت جي مرڪز شنگهائي ۾ جولاءِ 1921ع ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي تاسيسي ڪانگريس منعقد ٿي، جنهن ۾ 13 نمائندن شرڪت ڪئي، جيڪي پوري ملڪ ۾ پکڙيل گروپن جي 50 ميمبرن جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. ان پارٽي جو باني توسيو هو، جيڪو ان پهرين ڪانگريس ۾ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ 1927ع تائين چين جي ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري رهيو. هن بيجنگ يونيورسٽي جي ڊين جي طور تي چيني نوجوانن کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان کان پوءِ اسٽالن جي ظالماڻين پاليسين جي نتيجي ۾ انقلاب جي خوني شڪست جو ذميوار قرار ڏئي کيس پارٽي عهدي تان برطرف ڪيو ويو، پوءِ هو چين جي ٽرائسڪائيٽ تحريڪ جو ليڊر بڻجي ويو ۽ ان ئي جدوجهد ۾ 1942ع ۾ قتل ٿي ويو. ان کان علاوه هن سان گڏ لي ڊاز هائو ۽ مائوزي تنگ به شامل هئا. شاهي خاندان سان تعلق رکندڙ ليڊر زوان لائي جيڪو پيرس ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو فرانس ۾ ئي ڪميونسٽ نظرين کان متاثر ٿي پيرس برانچ ۾ 1922ع ۾ شامل ٿي ويو. ڪميونسٽ پارٽي جون شروعاتي ڏينهن جون پاليسيون، جن ۾ بورجوا اصلاح پسندي جي رجحانن ۽ نظرين کي رد ڪيو ويو، هو نوجوانن ۾ تيزي سان پکڙجڻ شروع ٿي ويا.
جولاءِ 1921ع جي ڪانگريس چين ۾ بالشويڪ پارٽي جي طرز تي پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. اها پارٽي پوءِ عالمي سوشلسٽ انقلاب لاءِ پورهيت طبقي جي بين الاقوامي پارٽي ٽين انٽرنيشنل جو حصو بڻجي اڀري. ان ڪانگريس ۾ ٽين انٽرنيشنل جي مرڪزي ڪميٽي جا ٻه نمائندا موجود هئا. ان ئي پروگرام تحت چين جي ڪميونسٽ پارٽي ٽريڊ يونين سيڪريٽريٽ جوڙيو، جنهن جو مقصد پورهيت طبقي جي تحريڪ کي وڌيڪ باشعور، متحرڪ ۽ منظم ڪرڻ هو. ڪميونسٽ پارٽي وڏي تيزي سان پورهيت طبقي جي غم ۽ ڪاوڙ کي ڪم ۾ آڻيندي پنهنجو پهريون تعارف مزدور تحريڪ جي هڪ وڏي جدوجهد ۽ بغاوت جي صورت ۾ ڪرايو، جيڪا جنوري 1922ع کان فيبروري 1923ع تائين جاري رهي. ان 13 مهينن جي عرصي ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي ۽ سوشلسٽ يوٿ ليگ (جنهن جو نالو جنوري 1925ع ۾ تبديل ڪري ڪميونسٽ يوٿ ليگ رکيو ويو هو.) هڪ سؤ کان وڌيڪ ڪامياب هڙتالون ڪرايون، وڏن شهرن کان سواءِ صنعتي علائقن ۾ 3 لک کان وڌيڪ مزدورن ان تحريڪ ۾ حصو ورتو، جن ۾ ريل ۽ بحري جهازن جا مزدور ۽ ملاح به شامل هئا.
هڪ ٻي وڏي هڙتال، جيڪا 1922ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ جهاز هلائيندڙن جي هڙتال کان شروع ٿي هئي. انهن اجرتن ۾ اضافي ۽ برطانوي سامراج جي ڏاڍ جي خاتمي جا مطالبا پيش ڪيا. فيبروري جي آخر تائين هانگ ڪانگ جي سمورن مزدورن انهن جهاز هلائيندڙن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو. اها هڙتال مڪمل طور ڪامياب ٿي، جنهن سان ملڪ جي پورهيتن جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿي ويا، ان ئي سال سڀ کان پهرين ليبر ڪانگريس ملڪ گير بنيادن تي گوانگ زائو ۾ رکي وئي.
ڪميونسٽ پارٽي جي ٻي قومي ڪانگريس جولاءِ 1922ع ۾شنگهائي ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ 123 ميمبرن جي نمائندگي ڪندڙ 12 نمائندن شرڪت ڪئي. ان ڪانگريس هڪ منشور تيار ڪيو، جنهن ۾ چين ۾ انقلاب جي پروگرام بابت بحث ڪيو ويو هو. ان ڪانگريس ۾ پارٽي جو سياسي رسالو به جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جيڪو ”هفت روزه گائيڊ“ جي نالي سان سيپٽمبر 1922ع کان جولاءِ 1927ع تائين شايع ٿيندو رهيو. ان ڪانگريس ۾ سرڪاري طورتي ڪميونسٽ انٽرنيشنل جو حصو بڻجڻ جي قرارداد به منظور ڪئي وئي.
ڪانگريس مزدور طبقي ۾ وڌيڪ بيداري جي لهر ڊوڙائي ڇڏي، ريل، جهازن ۽ ٻين مزدورن جون ڪيترن ئي صوبن ۾ هڙتالون ٿيڻ شروع ٿي ويون. 1922ع ۾ ٿيل ريلوي جي هڙتال ۾ 20 هزار کان وڌيڪ مزدورن شرڪت ڪئي. آڪٽوبر ۾ ڪائي لو آن جي 40000 ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم بند ڪيو ويو. سامراجن ۽ چيني حڪمرانن انهن هڙتالن کي جبر ۽ تشدد ذريعي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي. 7 فيبروري 1923ع تي بيجنگ، هانڪو ريلوي جي پورهيتن جو قتل عام انهن ئي ڪوششن جو نتيجو هو. اهو واقعو چين جي تاريخ ۾ ”7 فيبروري جو قتل عام“ جي نالي سان مشهور آهي. ان ڏينهن 40 مزدور قتل، 300 کان وڌيڪ زخمي ۽ 40 مزدور گرفتار ٿيا. شهيد ٿيندڙن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي 2 اهم ميمبر لن زيانگ ڪوئين ۽ سي يانگ به شامل هئا. ٽريڊ يونين جي آفيسن کي تباهه ڪيو ويو يا وري بند ڪيو ويو. مزدورن جي رت سان هولي کيڏڻ جو ذميدار هڪ سامراجي ايجنٽ ۽ جنگي سردار ووپائي فو هو. اها ان زماني جي آخري هڙتال هئي. جنهن کان پوءِ پورهيت تحريڪ عارضي طور تي ڪمزور ٿي وئي. انهن هڙتالن جو ايترو فائدو ضرور ٿيو ته پورهيت طبقي جي سياسي بيداري ۽ طاقت جا منظر ماڻهن پنهنجي اکين سان ڏٺا ۽ پوري دنيا جي مزدورن آڏو سندن اميج هڪ وڏي سياسي قوت طور نمايان ٿيو.
پهرين مهاڀاري لڙائي کانپوءِ آمريڪا، برطانيا ۽ جاپان 3 وڏا سامراجي ملڪ چين جي استحصال ۾ مصروف هئا ۽ 1918ع کان پوءِ برطانيا جو اثر رسوخ گهٽجڻ شروع ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ جاپاني سامراج ٻن وڏن دشمنن طور سامهون آيا. ان زماني ۾ چين جا حڪمران به ڏڦير جو شڪار هئا ۽ پورو ملڪ گهرو ويڙهه جي ڪيفيت ۾ مبتلا هو. جون 1923ع ۾ پارٽي جي ٽين ڪانگريس منعقد ٿي، جنهن ۾ 432 ميمبرن جي نمائندگي ڪندڙ 30 نمائندن شرڪت ڪئي. ان دوران روس ۾ بالشويڪ انقلاب ۽ روسي ڪميونسٽ پارٽي جو نظرياتي ۽ سياسي زوال شروع ٿي چڪو هو، جنهن جا اثر چين جي ڪميونسٽ پارٽي تي به پيا.
اسٽالن ازم تي برتري رکندڙ ڪومنٽيانگ جي نمائندن بالشويڪ پارٽي خلاف نظرياتي ترميمن ذريعي 4 طبقن (مزدور، هاري، وچولو ۽ سرمائيدار) جي بلاڪ جو نظريو مڙهي ڇڏيو. جنهن کي بنياد بڻائي ڪميونسٽ پارٽي کي سن يات سين جي قيادت ۾ ٺهندڙ چيني سرمائيداري جي قومپرست پارٽي ڪومنيٽانگ ۾ ضم ٿي ان لائحه عمل ذريعي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. (ڪومنيٽانگ 1911ع ۾ انقلاب جي شڪست کان پوءِ سن يات سين جي قيادت ۾ 1912ع ۾ وجود ۾ آئي هئي. ان جو بنياد ٽونگ مينگ هوئي ”چين جي انقلابي ليگ“ هو) ان مسئلي تي چين ۾ ڪميونسٽ پارٽي سخت اختلافن جو شڪار ٿي وئي ۽ اڳتي هلي اهي اختلاف پارٽي جي تباهي جو باعث ته بڻيا ئي، پر سڄي انقلابي تحريڪ به برباد ٿي وئي. ان ترميم پرستي جي نتيجي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي حمايت ڪومنيٽانگ کي ملي ۽ جنوري 1924ع ۾ ڪومنيٽانگ جي ڪانگريس ڪميونسٽ پارٽي جي مدد سان ئي منعقد ٿي سگهي. ان ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي حمايت جي آڇ کي قبول ڪيو ويو ۽ ان اتحاد جا اهم ۽ بنيادي اصول سامراج دشمني ۽ جاگيردار دشمني بڻايا ويا، جن کي سن يات سين پنهنجي ٽن عوامي اصولن ۾ ضم ڪري هڪ منصوبي جي شڪل ڏني.
اها ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ وڏي غلطي هئي، ڇاڪاڻ ته هن اڳين تجربن جي روشني ۾ ڪوبه سبق نه سکيو ته چين جي بورجوازي ڪنهن به قسم جو انقلابي ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل نه هئي. ڪومنيٽانگ جي ان ڪانگريس ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي جن ميمبرن شرڪت ڪئي، انهن ۾ مائوزي تنگ، لي ڊاز هائو ۽ لن بوڪو شامل هئا. انهن سڀني کي ڪومنيٽانگ جي مرڪزي مجلس عامله جو متبادل ميمبر چونڊيو ويو. ڪميونسٽ پارٽي جو اهو قدم سن يات سين، ڪومنيٽانگ ۽ چيني سرمائيدارن جي برادري برابر هو، انهن جون سموريون صلاحيتون ۽ وسيلا ڪومنيٽانگ جي ليڊرن کي فائدو پهچائي رهيا هئا.
اڃا صرف ٻه سال ئي گذريا هئا ته عوام ۾ هڪ نئين تحريڪ جنم وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ جنوري 1925ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي چوٿين ڪانگريس شنگهائي ۾ منعقد ٿي. جنهن ۾ 980 ميمبرن جي نمائندگي ڪندڙ 20 نمائندن شرڪت ڪئي. ان ڪانگريس پراڻي قيادت کي ٻيهر چونڊي ورتو ۽ ان ۾ مختلف تنظيمي معاملن تي قراردادون پاس ڪيون ويون، پر بنيادي ڍانچو ۽ طريقيڪار اهوئي هو، جنهن جي هدايت ماسڪو مان ڪئي وئي هئي. ان ئي سال مارچ ۾ سن يات سين لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ڪومنيٽانگ جي قيادت ۾ اهم تبديليون ظاهر ٿيون. شنگهائي ۽ ڪوئنگ ڊائو ۾ جاپان جي ڪپهه جي فيڪٽرين ۾ هڙتالون ٿيون، جڏهن انهن هڙتالن جو سلسلو وڌيو ته پهرين مئي 1925ع ۾ ڪل چين ليبر ڪانگريس منعقد ٿي، جنهن ۾ ڪل چين ٽريڊ يونين فيڊريشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو. جنهن جو چيئرمين لن وي من ۽ نائب چيئرمين ليو شائو چي کي چونڊيو ويو.
پورهيتن جي وڌندڙ قوت کان ڊڄي انهن جا حوصلا پست ڪرڻ لاءِ جاپاني مل مالڪن 14 مئي تي شنگهائي جي ڪاٽن مل جي مزدورن کي ڪو سبب ٻڌائڻ کان سواءِ برطرف ڪري ڇڏيو. مزدور نمائندن ۽ مل مالڪن وچ ۾ ڳالهيون اڃا جاري هيون ته 15 مئي تي جاپانين هڪ پورهيت اڳواڻ گوزنگ هانگ کي جيڪو ڪميوسنٽ پارٽي جو ميمبر به هو قتل ڪرائي ڇڏيو. اها هڪ اهڙي چڻنگ هئي جيڪا شعلو بڻجي اڀري ۽ 30 مئي تحريڪ جو سبب بڻجي وئي. ان ڏينهن ٻن هزار کان وڌيڪ مزدورن ۽ شاگردن ان قتل، جاپاني سامراج جي ظلم ۽ جابراڻن قانونن جي تسلط خلاف پرجوش مظاهرو ڪيو. نانجنگ روڊ تي لارڊز پوليس اسٽيشن (جتي گرفتار شاگردن کي رکيو ويو هو) جي ٻاهران 10 هزار شاگرد ۽ مزدور گڏ ٿيا ۽ پنهنجن ساٿين جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو. برطانوي پوليس انهن مظاهرو ڪندڙن مٿان گوليون وسايون ۽ 10 احتجاج ڪندڙ مارجڻ کان علاوه 15 ڄڻا سخت زخمي ٿيا. ان مظاهري ۾ شامل وڌيڪ 53 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
اهو واقعو چيني تاريخ ۾ ”30مئي جو قتل عام“ جي نالي سان مشهور آهي. انهن ٽڪراءَ وارن واقعن ۾ 4 جون تائين سؤ کان وڌيڪ مزدور ۽ شاگرد مارجي چڪا هئا. 31 مئي تي شنگهائي جي ٽريڊ يونين جڙي، جنهن جي ميمبرن جو تعداد 2 لک هو. مزدورن جي ان تحريڪ کان متاثر ٿي 50 هزار شاگردن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هڙتال ڪري ڇڏي. 7 جون تي شنگهائي جي مزدورن، شاگردن ۽ دڪاندارن جي هڪ گڏيل ڪائونسل جڙي، جنهن سامراجن سان ڳالهين لاءِ 17 مطالبا پيش ڪيا، جن ۾ سڀ کان اهم مطالبو چين مان سامراجي فوجن کي ڪڍڻ بابت هو. اهي مطالبا پيش ڪرڻ کان پوءِ ان احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ هٿي ملي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي شنگهائي جي عوام جي حمايت ۾ اها تحريڪ بيجنگ، جنگ شا هانڪو، نانجنگ، نيانجن، جينان، فزهو، ڪوئنگ ڊائو، ڪيائي فينگ، چونگ ڪوئنگ، هانگ زو ۽ ذيانگ جائيڪو ۽ ٻين شهرن ۾ پکڙجي وئي. ان احتجاج جي حمايت هارين ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مظاهرن ۽ ٻين طريقن سان ڪئي. شنگهائي جي پورهيتن جي حمايت لاءِ چندو گڏ ڪيو ويو. فوجي دستن ۽ پوليس سان عوام جون چڪريون ٿيون ۽ روڊن تي رت وهڻ لڳو. رت جي ان لالي پوري ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ورتو. ان تحريڪ گوانگ زائو ۽ هانگ ڪانگ ۾ سڀ کان وڌيڪ زور پڪڙيو. هانگ ڪانگ ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت ۾ هڪ لک مزدورن شنگهائي جي عوام جي حمايت ۾ 19 جون 1925ع تي عام هڙتال جو اعلان ڪيو. هڙتال ۾ شامل مزدورن گوانگ زائو طرف مارچ ڪيو ۽ اتي جا پورهيت به ڪم ڇڏي ساڻن گڏجي ويا.
اهي هڙتالي جڏهن مارچ ڪندي هڪ بستي شاڪي ۾ پهتا ته برطانوي، فرانسيسي ۽ پرتگيزي جنگي ٻيڙين ۾ لڳل مشين گنن سان انهن مٿان گولين جو مينهن وسائي ڇڏيو. ان حملي ۾ 2 سؤ کان وڌيڪ مظاهرو ڪندڙ مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا. ان واقعي سامراجن خلاف عوام جي نفرت کي اڃا وڌائي ڇڏيو. 29 جون تي هانگ ڪانگ ۾ ٿيل مظاهري ۾ اڍائي لک مزدورن شرڪت ڪئي. انهن پورهيتن پنهنجي هڪ هڙتالي ڪميٽي جوڙي ۽ 2 هزار هٿياربند پڪٽن تي ٻڌل دفاعي قوت منظم ڪئي. گوانگ ڊونگ صوبي ۾ هڪ انقلابي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ صوبي جي مختلف حصن ۾ پورهيتن جي هٿياربند دستن کي مقرر ڪيو ويو ته جيئن سامراجي طاقتن خلاف رنڊڪون وجهي، انهن جو رستو روڪيو وڃي ۽ عوامي عدالتون قائم ڪري تحريڪ جي غدارن ۽ سامراج جي ايجنٽن کي سزائون ڏنيون وڃن. ان صوبي ۾ کاٻي ڌر جي حڪومت ۽ هارين جي تحريڪ جي مدد سان اها هڙتال 16 مهينن تائين جاري رهي. اها دنيا جي پورهيتن جي تحريڪ ۾ سڀ کان ڊگهي هڙتال هئي، جنهن کي هڪ لک منظم هڙتالين جي احتجاج قائم رکيو.
پهرين جولاءِ 1925ع ۾ گوانگ زائو ۾ قومي حڪومت قائم ڪئي وئي. ان انقلابي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ پورهيتن جي فوجي دستن کي هڪ انقلابي فوج ۾ ضم ڪيو ويو. هڪ سال اندر ان صوبي مان سمورين انقلابي مخالف قوتن جو صفايو ڪيو ويو. ان فوج فيبروري ۽ آڪٽوبر ۾ ٻن وڏين مشرقي مهمن ۾ حصو ورتو. ان گڏيل فوج جي مشرقي ڪمان جو سياسي ڊائريڪٽر چواين لائي هو. مئي 1926ع ۾ گوانگ زائو ۾ گوانگ ڊونگ صوبي جي هارين جي نمائندا ڪانفرنس منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب 6 لک 20 هزار ماڻهو انهن هاري تنظيمن ۾ شامل ٿي چڪا هئا. ان مهيني ۾ مائوزي تنگ کي هاري تحريڪ گوانگ زائو اداري جو انچارج مقرر ڪيو ويو. ان اداري ۾ تربيت جي حوالي سان ليڪچر ڏيندڙ ڪميونسٽ ليڊرن ۾ لي لي سان به شامل هو، جنهن فيبروري 1925ع ۾ جاپاني سامراج خلاف ڪپهه جي ملن ۾ مزدورن جي هڙتال جي قيادت ڪئي.
سن يات سين جي وفات کان پوءِ چينگ ڪائي شيڪ ڪومنيٽانگ جو ليڊر بڻيو ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي قوت منظم ٿيڻ سان چئن طبقن جي انقلابي، جمهوري ۽ قومي اتحاد پنهنجي اصولن کان هٽي ويو ۽ هن ڪميونزم ۽ طبقاتي جدوجهد جي مخالفت شروع ڪري ڇڏي. ڪومنيٽانگ جي هڪ وڏي حصي بيجنگ کان ٻاهر ڏاکڻي پهاڙين ۾ سن يات سين جي مزار ٻاهران نومبر 1925ع ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ٿيڻ کان پهريان به ڪومنيٽانگ جي ليڊرن ڪميونسٽن تي مختلف حملا ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ته 1925ع ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي ميٽنگ ۾ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري چين ڊوسيو ماسڪو جي سرڪاري لائين جي خلاف ڪومنيٽانگ کان پارٽي کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ غيرانقلابي قوتن خلاف پارٽي جي طبقاتي بنيادن کي ويڙهه لاءِ تيار ۽ منظم ڪرڻ جي تجويز ڏني، پر ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ پارٽي ليڊرن ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪومنيٽانگ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو.
مارچ 1926ع ۾ مائوزي تنگ ”چيني سماج ۾ طبقن جو تجزيو“ نالي ڪتاب شايع ڪيو، جنهن ۾ هن قومي بورجوازي جي ڪجهه حصن تي ڀاڙڻ جو نظريو پيش ڪيو هو، جيڪو انتهائي ڪمزور هو. جيتوڻيڪ ان کي چين ڊوسيو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته پارٽي جي کاٻي ڌر ۽ چين جي سرمائيدار طبقي خلاف ڪو گڏيل لائحه عمل اختيار نه ٿي سگهيو.
18 مارچ 1926ع ۾ چينگ ڪائي شيڪ چالاڪي ڪندي هڪ ڪميونسٽ جي ڪمان ۾ بحري جهاز کي گوانگ زائو کان وامپو ڏانهن روانو ڪيو ۽ جڏهن اهو بندرگاهه کان نڪري ويو ته چينگ اها افواهه پکيڙي ڇڏي ته اهو جهاز بغير اجازت بندرگاهه کان نڪتو آهي ۽ ڪميونسٽ پارٽي سندن حڪومت خلاف ڪنهن سازش ۾ مصروف آهي. ان افواهه کي بنياد بڻائيندي هن ”وامپو فوجي اڪيڊمي“ ۽ ”قومي انقلابي فوج“ مان ڪميونسٽ ميمبرن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. حڪومت گوانگ زائو، هانگ ڪانگ هڙتالي ڪميٽي جي آفيسن ۽ روس کان ايندڙ ڪومنيٽانگ جي صلاحڪارن جي رهائشگاهن جو گهيراءُ ڪري ورتو. جنهن جي نتيجي ۾ قومي انقلابي فوج جي پهرين ڊويزن مان سمورن ڪميونسٽن کي برطرف ٿيڻو پيو. اسٽالن ازم کاٻي ڌر طرفان صلح پسندي جي رجحان جي نتيجي ۾ جڙندڙ پاليسين جي ڪري چينگ ڪائي شيڪ وڏي آساني سان چين جي قومي فوج کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري ورتو. 15 مئي تي ڪومنيٽانگ جي مجلس عامله جي هڪ ميٽنگ ۾ هڪ قرارداد ذريعي ڪميونسٽ پارٽي جي ڪومنيٽانگ هيڊڪوارٽر ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي برطرف ڪيو ويو ۽ حڪومت جي ڪنهن به شعبي ۾ ڪميونسٽن کي ڪنهن به اهم عهدي ڏيڻ تي پابندي وڌي وئي. ان طرح مصلحت پسندي جي اها پاليسي ڪميونسٽ پارٽي جي تباهي جو باعث بڻجي وئي.
هيءَ اها صورتحال هئي، جنهن سامراجي طاقتن کي هوشيار ڪري ڇڏيو ۽ انهن ان مان فائدو وٺندي انقلاب کي چٿڻ جي تياري جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو ۽ هنن 24 مارچ 1927ع تي نانجنگ شهر ۾ سخت بمباري ڪئي. چينگ ڪائي شيڪ، جيڪو بظاهر سامراج دشمن رويو اختيار ڪيو ويٺو هو، انقلابين خلاف ٿيندڙ ان ڪارروائي ۾ پوري طرح شريڪ هو. سامراجين ان فوجي بورجوازي کي شنگهائي ۾ مڪمل مدد ڏني ۽ هن انقلابين مٿان ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. هن 12 اپريل 1927ع تي هڪ فوجي ايڪشن ذريعي هزارين مزدورن جو قتل عام ڪيو. چينگ مارشل لا لڳائڻ کان پهريان ڪميونسٽ دشمن سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون هيون، پر ڪومنٽرن طرفان ان جي حمايت ڪرڻ جو دٻاءُ جاري رهيو، جنهن تحت چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري چين ڊوسيو به هر صورت ۾ چينگ ۽ ان جي ڪومنيٽانگ جو ساٿ ڏيڻ ۽ ان سان ڪم ڪرڻ جي پاليسي جاري رکي، پر ان سان گڏوگڏ انقلابي پنهنجون سرگرميون به جاري رکيو پئي آيا.
3 جنوري 1927ع تي هانگو ۾ برطانوي ملڪيتن کي انقلابين پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو ۽ اترين مهمن ۾ انقلابين جي سرگرمين جي ڪري چينگ جي فوجن ان لاءِ پنهنجو اڳتي وڌڻ جو عمل سست ڪري ڇڏيو ته جيئن مقامي جنگي سردار انقلابي پورهيتن ۽ هارين جو قتل عام ڪري سگهن. 21 مارچ تي انقلابين کي چٿڻ لاءِ چينگ سامراجي فوجن گڏيل ڪارروائي ڪئي. شنگهائي جي ان قتل عام کان پوءِ به ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي نمائندن چينگ ڏانهن خط موڪليو ته هو هڪ طرفي ڪارروائي نه ڪري ان جي باوجود به چينگ سامراجين جي تعاون سان نانجنگ ۾ انقلاب دشمن حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
اپريل 1927ع ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پنجين ڪانگريس منعقد ٿي ته ان ۾ تنقيد باوجود چين ڊوسيو کي هڪ ڀيرو ٻيهر جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، رڳو ايترو نه پر وانگ چن وي جي هٿ ٺوڪي ”کاٻي ڌر“ جي حڪومت جي حمايت به ڪئي وئي، پر ان جا ارادا به جلد سامهون اچڻ شروع ٿي ويا. جڏهن اها حڪومت به چينگ سان ملي وئي ۽ هن به پورهيتن جو قتل عام شروع ڪري ڇڏيو. اهو سڀ ڪجهه اسٽالن جي پاليسين تحت ئي ٿي رهيو هو. ٽرائسڪي 1923ع ۾ به چينگ ڪائي شيڪ سان ڪنهن به قسم جو ٺاهه ڪرڻ ۽ ان جي پارٽي کي ٽين انٽرنيشنل جي اتحادي جو درجو ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هئي ۽ هينئر به هو وانگ سان ڪنهن به قسم جي ٺاهه خلاف آواز اٿاري رهيو هو. جون ۾ ڪميونسٽ پارٽي وري به وانگ جي چينگ خلاف متحده محاذ ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي، پر هن ان جو جواب پورهيتن جي وڌيڪ قتل عام جي صورت ۾ڏنو. ان کي هڪ الميو ئي چئي سگهجي ٿو. جنهن ڪومنيٽانگ پارٽي کي ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي پگهر سان سنواريو هو، اها ئي پارٽي انقلاب پسندن جي قتل عام ۾ ملوث هئي.
15 جولاءِ تي ان ئي ڪومنيٽانگ پارٽي جي کاٻي ڌر جي وانگ حڪومت مارشل لا لاڳو ڪري ڪميونسٽن کي گرفتار ڪري، پورهيتن جي تنظيمن تي پابندي لڳائڻ کان سواءِ انهن جو قتل عام ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته سوويت يونين ۽ ڪومنٽرن کان آيل صلاحڪارن کي انهن جي انقلاب دشمني جي ڪري چين ڇڏڻو پيو ۽ پنهنجي پهريان کان موجود نمائندن کي واپس گهرائي اسٽالن پنهنجي هڪ خاص نمائندي لومي ناڊز کي چيني ڪميونسٽ پارٽي کي هدايت ڏيڻ لاءِ چين موڪليو، پر ٻئي طرف 15 جولاءِ 1927ع تي ماسڪو ۾ ٿيندڙ ڪومنٽرن جي ميٽنگ ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي تي الزام لڳائي ان جي مذمت ڪئي وئي. اهڙي طرح 7 آگسٽ تي لومي ناڊز جي سربراهيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي هڪ غير معمولي ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ چن توسيو کي به مفاد پرست ظاهر ڪري اسٽالن ۽ ڪومنٽرن جي غلط پاليسين جي نتيجي ۾ ٿيل شڪست جو ذميوار قرار ڏنو ويو ۽ اهوئي ڪجهه ڪميونسٽ ليڊر تانگ پن سان به ٿيو. ڪيوي بائي کي ڪميونسٽ پارٽي جو نئون جنرل سيڪريٽري بڻايو ويو. انهن سڀن انقلاب دشمن ڪوششن باوجود به انقلابي عمل ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ جاري رهيو ۽ سيپٽمبر ۾ مائوزي تنگ جي قيادت ۾ نيان ۾ هارين جي هڪ تمام وڏي قيادت اڀري، اهڙي طرح آڪٽوبر ۾ شين سي ۾ پورهيتن جون تنظيمون قائم ٿيون.
چين جي مسئلي تي سرڪاري اپوزيشن سان اختلاف ۽ ان کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ جي ڪري ٽرائسڪي ۽ زنويف کي ڪميونسٽ پارٽي آف سوويت يونين مان ڪڍيو ويو، جنهن کان پوءِ ڪومنٽرن جي قيادت مفاد پرستي ۽ مصلحت پسندي جي پاليسي کي ڇڏي انتهاپسندي طرف قدم وڌايا، جيڪا پهرين پاليسي کان به وڌيڪ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي. 11 کان 16 سيپٽمبر 1927ع تي گوانگ زائو ۾ هڪ مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان فيصلي کي هوا ڏيڻ ۾ ڪومنٽرن جا نمائندا لومي ناڊز ۽ نيومان اڳڀرا هئا. اها مهم ڪميونسٽ پارٽي ۽ انقلاب جي هن مهل تائين جي ڪاميابين لاءِ تباهي مچائيندڙ ثابت ٿي ۽ ان غيرمنظم مهم دوران چينگ جي فوجن 70 هزار ڪميونسٽن کي قتل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ ايندڙ پنجن سالن جي عرصي ۾ هڪ لک انقلابي ۽ پورهيت قتل ڪيا ويا ۽ چين جو انقلاب ڪيترن ئي سالن لاءِ پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي ويو. ان سان بين الاقوامي انقلاب ۽ چين جي پورهيت طبقي کي ازالي نه ٿيڻ جهڙو نقصان پهتو ۽ ڪميونسٽ تحريڪ تي گهرا اثر پيا.

سرخ فوج جي اڳڀرائي

1927ع جي انقلاب جي شڪست جي نتيجي ۾ جڏهن ڪميونسٽ پارٽي منتشر ٿي وئي ته بي شمار پارٽي ليڊر ۽ ڪارڪن هتان کان فرار ٿي ڏکڻ چين يا ٻين علائقن ڏانهن هليا ويا. اها هڪ رت سان رنڱيل شڪست هئي، جنهن ۾ نه رڳو سامراجي قوتن پر قومي بورجوازي هٿان اپريل کان سيپٽمبر 1927ع دوران 37 هزار 9 سؤ 85 ماڻهو قتل ٿيا. اهڙي طرح جنوري کان آگسٽ 1928ع دوران 27 هزار 6 سؤ 99 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. 1930ع ۾ 14 هزار ماڻهو مارجي ويا ۽ 1931ع ۾ صرف 6 صوبن ۾ 39 هزار 7 سؤ 78 ڄڻن کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو، جيڪي ڳڻپ ۾ نه اچي سگهيا يا جن جا تفصيل نه ملي سگهيا، انهن جو تعداد به ڪو گهٽ نه هوندو. بيجنگ مان ڪميونسٽ پارٽي جي شايع ٿيندڙ رسالي ۾ مرڻ وارن جو تعداد لکن ۾ ٻڌايو ويو. ان شڪست ڪميونسٽ پارٽي ۾ ڏڦير پيدا ڪري ڇڏيو ۽ ان جو تنظيمي ڍانچو بلڪل تباهه ٿي ويو. پارٽي ۾ شامل مزدورن جو انگ گهٽجڻ لڳو، جيڪو 58 سيڪڙو کان گهٽ ٿيندي 1930ع جي شروعات ۾ صرف 1.2 سيڪڙو وڃي بچيو.
شهرن کان فرار ٿي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ويندڙ ڪميونسٽ اڳواڻن ۾ هڪ اهم اڳواڻ مائوزي تنگ به هو، جيڪو اوڀر نهان جي صوبي جينگ ڪانگ جي پهاڙي سلسلي ۾ ٿاڪ ٺاهي ويٺل هو. هڪ ٻيو اهم ليڊر زيوڊي پنهنجي هڪ هزار ساٿين سان ڏکڻ نهان پهتو، هو مقامي هاري بغاوتن ۾ حصو وٺندو ويو ۽ هن جي ساٿين جو تعداد وڌندي وڌندي 9 هزار تائين وڃي پهتو. هڪ ٻيو اهم اڳواڻ چن يي به پنهنجي ساٿين سميت اچي پهتو ۽ ٻنهي اڳواڻن جي سربراهي ۾ اهو دستو ڏکين رستن جون صعوبتون برداشت ڪندو، جينگ ڪانگ جي جابلو رستي اپريل 1928ع ۾ مائوزي تنگ جي دستي سان وڃي گڏ ٿيو. انهن قوتن هڪ هنڌ گڏ ٿي هارين جي سرخ فوج جو بنياد رکيو. ان سرخ فوج بابت خبرون جڏهن ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ پهچڻ لڳيون ته هارين ۾ زندگي جي لهر ڊوڙي وئي ۽ غريب ماڻهو خوش ٿيا. هنن جو چوڻ هو ته اهي سپاهي غريبن جي مدد ڪن ٿا، اهي اميرن کان حساب وٺندا ۽ زميندارن جو سون چاندي رستن تي اڇلائي ڇڏيندا ته جيئن غريب ماڻهو کڻن. امير ماڻهو ڊنل هئا ۽ انهن ماڻهن کي جلاد ۽ ڌاڙيل چوندا هئا. ان بنيادي سرخ فوج کي ابتدائي ڪجهه جهڙپن ۾ شڪسٽ کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سرخ فوج سڌوسنئون فوجي ٽڪراءُ جو طريقو ختم ڪري گوريلا طرز تي جنگ وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو. جيتوڻيڪ مائوزي تنگ پنهنجن دستن سان لوزيائو جي جبلن جو رخ ڪيو، ان دوران چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي ڇهين ڪانگريس جولاءِ 1928ع ۾ منعقد ٿي، جتي 40 هزار ميمبرن جي نمائندگي 84 هزار نمائندا ڪري رهيا هئا. ان ڪانگريس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر نامناسب نتيجا ڪڍيا ويا ۽ چين جي انقلاب کي سامراج ۽ جاگيردار خلاف هڪ بورجوا جمهوري انقلاب قرار ڏنو ويو ۽ چيني انقلاب لاءِ هڪ 10 نقاطي پروگرام پيش ڪيو ويو. 1929ع جي بهار واري موسم ۾ مائوزي تنگ، زيوڊي ۽ چن يي پنهنجين فوجن سان گڏ ڏکڻ جيانگ زي طرف قدم وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيا. انهن اتي جي ماڻهن کي تربيت ڏئي گوريلا جنگ لاءِ تيار ڪيو ۽ ڏکڻ جيانگ زي کي انقلابي تحريڪ جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. ان جي اڳئين سال ڏهين سرخ فوج جوڙي فوجيان، زيجيانگ ۽ جيانگزي جا انقلابي مرڪز قائم ڪيا ويا. سڀ کان پهريان سرخ فوج جو محاذ زيوڊي جي ڪمانڊ ۾ 30 هزار افرادي قوت سان جوڙيو ويو، ان جو سياسي ليڊر مائوزي تنگ هو. ان ئي سال مختلف صوبن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جا ٻهراڙي وارا مرڪز قائم ڪري، انهن علائقن ۾ جاگيرداري ختم ڪري جاگيردارن جون زمينون ضبط ڪيون ويون، جنهن ڪري ٻهراڙي وارن علائقن ۾ سرخ فوج جي حمايت ۾ اضافو ٿيو. ان ئي سال چينگ ڪائي شيڪ جي ڪومنيٽانگ فوجن جيانگزي جي مرڪز تي حملن جو آغاز ڪري ڇڏيو، پر ان جي ٽن وڏن حملن کي ناڪام بڻايو ويو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته سرخ فوج جي ساک مضبوط ٿي.
نومبر 1931ع ۾ جڏهن هارين ۽ مزدورن جي پهرين قومي ڪانگريس جيانگزي صوبي ۾ منعقد ٿي ته ان ۾ هڪ جمهوري حڪومت به جوڙي وئي، جنهن جي مجلس عامله جو چيئرمين مائوزي تنگ کي چونڊي ويو ۽ سرخ فوج جو ڪمانڊر (انچيف) زيوڊي کي مقرر ڪيو ويو. ان دوران 1931ع ۾ جاپان چين تي هڪ حملو ڪري چين جي هڪ وڏي علائقي تي قبضو ۽ 30 ڪروڙ چيني عوام کي فتح ڪرڻ سان گڏ پنهنجو ڪنٽرول قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي نگراني ۾ مانچو ڪوؤ جي حڪومت قائم ڪري ڇڏي. جاپاني قبضي خلاف پوري ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪون شروع ٿي ويون، صنعتي مرڪزن ۾ مزدورن هڙتالن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ڪميونسٽ پارٽي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گوريلا ڪاررواين ۾ مصروف هئي ۽ شهرن ۾ قيادت جي کوٽ جي ڪري اهي هڙتالون وڌيڪ اثرائتيون ثابت نه ٿي سگهيون ۽ آهستي آهستي اها تحريڪ دم ٽوڙي وئي. چينگ ڪائي شيڪ 5 لک فوج منظم ڪري، جون 1932ع ۾ سرخ فوج جي ڳڙهه تي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏو حملو ڪيو، پر ان حملي کي به ناڪام بڻايو ويو. ان کانپوءِ چينگ ڪائي شيڪ سامراجي ملڪن جي مدد سان هڪ ڀيرو ٻيهر گهيرو وجهي حملو شروع ڪيو، پر ان ڀيري ڪميونسٽ پارٽي ان مسئلي تي اندروني اختلافن جو شڪار ٿي وئي. پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي مائو جو لائحه عمل رد ڪري ڇڏيو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ان سال سخت مزاحمت جي باوجود سرخ فوج کي پوئتي هٽڻو پيو. 16 آڪٽوبر 1934ع تي مائو دشمن جو گهيرو ٽوڙي جيانگزي مان نڪري ويو ۽ پنهنجي مشهور لانگ مارچ جو آغاز ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ٻين ٻن اڳواڻن زيانگ زنگ ۽ چن يي فوجن سميت جيانگزي ۾ رهي ئي گوريلا ڪارروايون جاري رکيون. اها قوت بعد ۾ نئين چوٿين فوج جوڙڻ جو سبب بڻي.
سرخ فوج لانگ مارچ ڪندي جنوري 1935ع ۾ صوبي گوازهو جي هنڌ زيني پهتي، جتي مائو پنهنجي فيڪشن جي هڪ ڪانفرنس منعقد ڪئي، جنهن ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي کاٻي لائن کي رد ڪري فوجي ڪمان جو هڪ گروپ جوڙيو. جنهن جي قيادت مائوزي تنگ، چواين لائي ۽ وانگ زيازينگ حوالي ڪئي وئي. ڪانفرنس کان پوءِ هڪ ڀيرو وري لانگ مارچ شروع ٿيو ۽ اها سرخ فوج يانان جي صوبي کان ٿيندي سيچوان ۽ زيڪانگ پار ڪندي مائو گونگ پهتي، جتي سيچوان شانڪسي کان شڪست کاڌل چوٿين سرخ فوج ان سان اچي ملي. اها گڏيل فوج اتر طرف برفاني جبلن کي لتاڙيندي ماسرگائي جي هنڌ پهتي ۽ پوءِ اتر طرف ئي قدم وڌائيندي دريائن ۽ بيابانن کي پار ڪندي، آڪٽوبر 1935ع ۾ اتر شانڪسي جي انقلابي مرڪز پهتي. هتي ڪيترائي مقامي يونٽ سرخ فوج ۾ شامل ٿيڻ شروع ٿي ويا. اهڙي طرح 6 هزار ميل جي لانگ مارچ جو پهريون مرحلو ڪاميابي سان ختم ٿي ويو. ان ڊگهي لانگ مارچ ۾ سرخ فوج ڪومنيٽانگ جي 11 ريجمنٽن کي شڪست ڏني، جن جو تعداد لکين فوجين تي ٻڌل هو ۽ ان دوران انهن 5 جابلو سلسلن ۽ 3 وڏن دريائن کي پار ڪيو. ان لانگ مارچ جي خاص ڳالهه اها هئي ته ان ۾ 30 هزار ماڻهو شريڪ هئا، پر جڏهن اهو لانگ مارچ ختم ٿيو ته صرف 20 هزار ماڻهو زنده بچي سگهيا هئا. ان دوران ماسڪو مان حڪمن تحت هڪ ڀيرو ٻيهر انهن کي بورجوازي جي ڪجهه حصن سان صلح ڪرڻو پيو. پهرين آگسٽ تي جاپان خلاف مزاحمت جي سلسلي ۾ قومي نجات جي تحريڪ جي ڪري جنگ کي روڪيو ويو ۽ ڊسمبر 1935ع ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي ”موجوده سياسي صورتحال ۽ پارٽي جا فرض“ جي نالي سان هڪ قرارداد منظور ڪئي ۽ سرخ فوج جي الڳ سڃاڻپ ختم ڪري مختلف حڪمرانن جي فوجي ڌڙن سان گڏي ڇڏيو. پوءِ جاپان خلاف اتر اوڀر اتحاد کي منظم ڪيو ويو. هتي هڪ اهڙو واقعو ٿيو جنهن ڪميونسٽ پارٽي جي اندروني ڪيفيت تي وڏا نتيجا ڇڏيا. 12 ڊسمبر 1936ع تي ڪومنيٽانگ فوجن جي ڪمانڊرن زيانگ زيوليانگ ۽ زينگ هوچينگ هنان ۾ سرخ فوج تي حملو ڪرڻ جي سلسلي ۾ چينگ ڪائي شيڪ جي حڪمن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ان بغاوت ۾ چينگ ڪائي شيڪ کي گرفتار ڪري ڪميونسٽ پارٽي کي اطلاع ڏنو ته هن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي. ڪميونسٽ پارٽي فوري طور تي چواين لائي، ڪوئن بانگ زيان ۽ يي جيانجنگ کي پنهنجن نمائندن طور زيان روانو ڪيو. ڪميونسٽ پارٽي ۽ چينگ ڪائي شيڪ وچ ۾ ڳالهين ۾ چينگ ڪائي شيڪ قومي ايڪي ۽ جاپان خلاف مزاحمت جي مطالبن تي اتفاق ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي سفارش تي کيس آزاد ڪيو ويو. چينگ ڪائي شيڪ واپس پهچندي ئي برطانوي، آمريڪي ۽ جاپاني سامراج سان ملي ويو ۽ سرخ فوج خلاف پهريان کان به وڌيڪ شدت سان سرگرميون شروع ڪري ڏنيون. بدقسمتي جي ڳالهه اها آهي ته جاپان مخالف قومي متحده تحريڪ کي ڪميونسٽ پارٽي پهريان کان به وڌيڪ اهميت ڏيندي، ان جي چوڻ تي آمريڪا ۽ برطانيا جي طرفدارن کي قيادت ۾ شامل ڪري ورتو، پر جڏهن 7 جولاءِ 1937ع تي جاپان بيجنگ جي ڏکڻ اولهه ڀرپاسي جي علائقن تي حملو ڪيو ته حڪمرانن جي رويي مان اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته جاپاني حملن سان آمريڪا ۽ برطانيا جي مفادن کي ڇيهو رسي رهيو هو ۽ حڪمرانن جي مزاحمت صرف پنهنجي سامراجي آقائن جي مفادن جي تحفظ لاءِ هئي. متحده محاذ جي هڪ وڏي حصي پنهنجو نالو تبديل ڪري حڪمران طبقي جي فوج جي طرز تي اٺين روٽ فوج رکي ڇڏيو. ان اٺين فوج شانڪسي صوبي جي دره پنگ زنگ گوان ۾ جاپان جي اهم ترين فوجي ڊويزن اتاگائي جي 3 هزار ڪمانڊرن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. اصل ۾ جاپاني ڏاڍ خلاف حقيقي مزاحمت سرخ فوج جا دستا ئي ڪري رهيا هئا. جڏهن ته ڪومنيٽانگ جون قومي فوجون هر جاءِ تي مات کائي رهيون هيون. سرخ فوج جا دستا جاپانين خلاف گوريلا ڪاررواين کي به جاري رکيو پئي آيا ۽ پنهنجي قبضي هيٺ علائقن ۾ سڌارن ذريعي ٻهراڙي جي عوام ۾ مقبول ٿي رهيا هئا.
آڪٽوبر 1938ع ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي ڇهين مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس يانان ۾ منعقد ڪيو، جنهن ۾ ٻين معاملن سان گڏ پارٽي جي ڪومنيٽانگ سان اتحاد جي به مخالفت ڪئي وئي. اهي نظريا وانگ منگ پيش ڪري رهيو هو، جيڪو چين جي ڪميونسٽ پارٽي ۾ اسٽالن ازم جو حامي هو، ان ئي سال جاپانين ڪومنيٽانگ جي فوجن خلاف ڪاررواين کي معطل ڪري پنهنجين سمورين فوجن کي سرخ فوج خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ان دوران 21 آگسٽ 1937ع تي اسٽالن چين جي حڪومت سان معاهدو ڪري ورتو ۽ ان هاري پورهيت دشمن حڪومت کي ٻين سامراجي ملڪن کان به وڌيڪ امداد فراهم ڪئي. آمريڪا ۽ برطانيا ان جنگ جو غور سان مطالعو ڪري رهيا هئا. انهن چينگ ڪائي شيڪ ۽ جاپان وچ ۾ ٺاهه ڪرائي پنهنجي سامراجي تسلط جي مقصدن کي پورو ڪرڻ ٿي چاهيو. 1939ع جي شروعات ۾ دنيا اندر اها خبر مشهور ٿي وئي ته آمريڪا ۽ برطانيا ”بحرالڪاهل تي بين الاقوامي ڪانفرنس“ ڪوٺائڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. چين ۾ موجود برطانوي سفير سر آرچيبلاڊ ڪلارڪ ڪير مصالحتي نمائندي طور هانگ ڪانگ، چوئنگ ۽ شنگهائي جا دورا ڪري رهيو هو. ان شڪست جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ڪميونسٽ پارٽي جو لانگ مارچ ۽ پوري چين ۾ جاپان خلاف تحريڪ جو دٻاءُ هو. هينئر اسٽالن هڪ ڀيرو ٻيهر مائو تي دٻاءُ وجهي رهيو هو ته هڪ ڀيرو ٻيهر چينگ ڪائي شيڪ سان اتحاد ڪري وٺي، پر مائوزي تنگ جواب ڏئي ڇڏيو. ان جو سبب اهو هو ته اهو اتحاد ڪميونسٽ پارٽي ۽ سرخ فوج ۾ ڏار وجهي ٿي سگهيو. اهوئي سبب هو جو روسي حڪومت ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي ۾ سخت اختلاف پيدا ٿي ويا، پر چين ۾ انقلاب پسندن جي وڌندڙ طاقت ۽ سرخ فوج جي ڪاميابين جي ڪري روسي حڪومت انهن جو ڪجهه به نه بگاڙي سگهي.
40-1939ع جي وچ ڌاري شانڪسي ۾ ڪومنيٽانگ جي فوجن جاپان خلاف مزاحمت ڪندڙ چيني فوجن جي ٺڪاڻن تي حملا شروع ڪري ڇڏيا، جن کي شڪست ڏني وئي. ان دوران ڪومنيٽانگ حڪومت سان ٺاهه نه ڪرڻ ۽ اسٽالن جي پاليسي جي مخالفت ڪرڻ تي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي تعداد ۾ اضافو ٿيو. يعني هٿياربند فوج جو تعداد 5 لک ۽ ميمبرن جو تعداد 8 لک کان به ٽپي ويو هو، جن ۾ گهڻو ڪري مظلوم ۽ ذهني طور تي پوئتي پيل ماڻهو شامل هئا، پر ان وڏي تعداد ۾ صنعتي مزدورن جو تعداد 7 سيڪڙو کان به گهٽ هو. هاڻ چينگ ۽ جاپان مڪمل طور اتحادي هئا. ڪومنيٽانگ جي کاٻي ڌر جو نمائندو وانگ جنگ وي ڊسمبر 1938ع ۾ جاپانين آڏو هٿيار ڦٽا ڪري انهن سان ملي ويو هو ۽ 1940ع ۾ نانجنگ جي حڪومت قائم ڪري جاپانين جي نمائندگي ڪرڻ لڳو. هن چينگ ڪائي شيڪ سان ملي وچ چين ۾ تائينان نيو فورٿ آرمي (سرخ فوج) جي مختلف دستن ۽ ڇانوڻين تي حملي جي منصوبابندي ڪئي.
1939ع ۾ اسٽالن ۽ هٽلر هڪ ٻئي تي چڙهائي نه ڪرڻ جو هڪ ڳجهو معاهدو ڪري ورتو، پر اهو معاهدو گهڻي وقت تائين قائم نه رهي سگهيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ٽٽي ويو. جنهن جي نتيجي ۾ جون 1941ع ۾ هٽلر سوويت يونين تي حملو ڪري ڏنو. ان ئي دوران جاپان جو هٽلر سان معاهدو ٿي ويو ۽ بحرالڪاهل جي خطي ۾ اها جنگ ڊسمبر ۾ شروع ٿي وئي. ان جنگ جي شروعات ۾ جاپان هر محاذ تي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ جاپانين چين ۾ ظلم ۽ بربريت جي انتها ڪري ڇڏي، ان بربريت ۾ ڪومنيٽانگ جون فوجون انهن جو ساٿ ڏئي رهيون هيون. سرخ فوج جنگ جي تياري جي سلسلي ۾ تياري طور تي هارين کي وڌيڪ رعايتون ڏئي پيداوار ۾ اضافو ڪري غذا ۽ ٻيا وسيلا ذخيرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، جن علائقن ۾ 1942ع دوران ۽ ان کان پوءِ شڪست ملي هئي، سرخ فوج هڪ ڀيرو ٻيهر اڳڀرائي شروع ڪري ڇڏي. هوڏانهن جنگي محاذن تي صورتحال تبديل ٿيڻ لڳي ۽ ڪيترائي محاذ جاپاني فوج جي هٿ مان نڪري ويا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو چين ۾ ان جي پوزيشن ڪمزور ٿي وئي. 1943ع ۾ ڪومنيٽانگ هڪ ٻيو وڏو حملو جون ۽ جولاءِ جي وچ ۾ ڪيو، جنهن ۾ انهن نيان تي چئني طرفن کان حملو شروع ڪري ڇڏيو. ڪميونسٽ پارٽي جيڪا ان سرحدي صوبي جي گادي واري هنڌ مصروف ۾ هئي، عوامي حمايت سان ان حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ اڳڀرائي ڪندي 15 مختلف علائقن کي ڪومنيٽانگ ۽ جاپاني قبضي مان آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
ٻئي طرف جيڪي علائقا ڪومنيٽانگ جي انتظام هيٺ هئا، اتي سماجي بدحالي ۽ بدعنوانين جي نتيجي ۾ ڏڦيڙ واري ڪيفيت هئي. انهن علائقن تي چئن خاندانن جي حڪمراني ۽ دولت تي قبضو هو. اهي سڄي معيشت تي حاوي هئا ۽ عوام کي ٽيڪسن جي بار ۽ استحصال جو شڪار ڪيو ويٺا هئا. آفيسر شاهي گهوٻين ۽ جبر ذريعي غريبن کي لٽڻ جي بازار گرم ڪري ڇڏي هئي. جاپاني ناڪابندي زندگي جي ضرورت وارين شين جي پهچ مشڪل بڻائي ڇڏي هئي. هزارين ترقي پسند نوجوانن کي بيگار ڪيمپن ۾ قيد دوران قتل ڪيو ويو. ان ظالماڻي طرز عمل، بدعنوانين ۽ ڪومنيٽانگ آمريت خلاف عوام ۾ بي چيني ۽ ملڪ ۾بغاوت جنم وٺي رهي هئي، ڪومنيٽانگ جا ليڊر مهاڀاري لڙائي ۾ جاپاني سامراج جي شڪست يقيني ڏسي آمريڪي سامراج سان ٺاهه ٺوهه ڪري رهيا هئا. آمريڪي آشيرواد حاصل ڪرڻ کان پوءِ چينگ ڪائي شيڪ ڪومنيٽانگ جي حڪومت برقرار رکڻ لاءِ ڪجهه ڪميونسٽن کي به حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، پر پوين تجربن کي نظر ۾ رکندي ڪميونسٽن اها آڇ ٿڏي ڇڏي. مهاڀاري لڙائي ۾ جاپان کي شڪست جي ڪري ان جي فوج پوئتي هٽڻ شروع ٿي وئي. سرخ فوج جو نالو هڪ ڀيرو وري تبديل ڪري پيپلز لبريشن آرمي رکيو ويو، جنهن جي ڪمانڊر انچيف جاپاني فوجن کي هٿيارن کان خالي ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. 14 آگسٽ 1945ع ۾ جاپان شڪست مڃي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان ڊگهي جنگ ۾ عوام جي فتح جا آثار يقيني نظر اچي رهيا هئا، پرآمريڪا جي هوائي ۽ زميني مدد سان ڪومنيٽانگ شهرن ۽ مواصلات جي ذريعن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ آمريڪي امداد سان ئي ڪومنيٽانگ پيپلزلبريشن آرمي تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، جنهن سان ملڪ هڪ ٻي تباهي مچائيندڙ گهرو ويڙهه جو شڪار ٿي ويو.

چين جو انقلاب 1949ع

جاپاني شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ايٽمي حملن جي نتيجي ۾ جاپان جي شڪست کانپوءِ ٻي مهاڀاري لڙائي پڄاڻي تي پهتي ته چين تي جاپان جي گرفت ازخود ختم ٿي وئي. جڏهن ته آمريڪي سامراج حرڪت ۾ اچي ويو ۽ ان چين کي آمريڪي ڪالوني بڻائڻ ۽ چين جي منڊين تي قبضو ڪرڻ لاءِ زبردست منصوبابندي شروع ڪري ڇڏي. جنگ ختم ٿيڻ تائين چين ۾ برطانوي سرمايو 450 ملين پائونڊ هو، جڏهن ته آمريڪي سامراج ڪومنيٽانگ حڪومت کي 3 ارب ڊالر جو قرضي ڪري چڪو هو. مطلب ته اهي سامراجي قوتون مستقبل ۾ پنهنجي مفادن جي تحفط لاءِ ڪجهه به ڪري وڃڻ لاءِ تيار هيون. چينگ ۽ ڪومنيٽانگ مڪمل طور سامراجي قوتن جي چنبي ۾ هئا ۽ انهن جي اشارن تي نچي رهيا هئا. ان ڪري هاڻ اهو ضروري ٿي ويو هو ته چين ۾ انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو ٽڪراءُ يا جدوجهد شروع ڪئي وڃي. مائوزي تنگ جيڪو چين ۾ هڪ سرمائيداراڻي قومي جمهوري انقلاب لاءِ ڪوشان هو، ان پنهنجي ڪتاب ”ٻاراڻي جمهوريت“ ۾ واضح طورتي لکيو آهي ته ”سرخ فوج جي فتح بعد به اسان کي چين ۾ 50 کان 100 سالن تائين سرمائيداراڻي نظام مان گذرڻو پوندو.“ جيتوڻيڪ پنهنجن انهن نظرين کي عملي جامو پارائڻ لاءِ مائو حڪمرانن سان ٺاهه وارو رستو اختيار ڪيو ۽ 28 آگسٽ 1945ع تي مائو چونگ ڪوئنگ ويو ۽ هڪ مهيني جي مسلسل ڳالهين بعد 10 آڪٽوبر تي مائوزي تنگ ۽ ڪومنيٽانگ حڪومت وچ ۾ هڪ امن معاهدو ٿيو، جنهن تحت ”امن ۽ جمهوريت“ جي اصولن کي تسليم ڪرڻ سان گڏ ملڪ ۾ گهرو ويڙهه کي روڪڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
معاهدي جي فوراً بعد ڪميونسٽ پارٽي معاهدي تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ اوڀر زي زيانگ، ڏکڻ زي زيانگ ۽ ڏکڻ آنهوئي مان پنهنجي فوجن کي واپس گهرائي ورتو. ٻئي طرف صورتحال اها هئي ته جڏهن چونگ ڪوئنگ ۾ ڳالهيون جاري هيون ته ان وقت به ڪومنيٽانگ فوجون سرخ فوج جي ڪنٽرول هيٺ علائقن تي مختلف طرفن کان حملا ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيون هيون. جيتوڻيڪ معاهدي تي صحيحون ٿيڻ کان فوراً بعد ڪومنيٽانگ هڪ وڏو فوجي دستو شانڪسي صوبي ۾ سرخ فوج جي مرڪز شانگ ڊانگ تي حملي لاءِ روانو ڪري ڇڏيو. اهڙي ئي صورتحال هيبي صوبي جي علائقي هاندان ۾ به پيش آئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هڪ ڀيرو وري جنگ جي چڻنگن هوا پڪڙي ۽ ان گهرو ويڙهه ۾ ڪومنيٽانگ کي هڪ لک 10 هزار فوجي جوانن جي مارجي وڃڻ جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو.
سرخ فوج جي هڪ وڏي ڪاميابي جي باوجود ڪميونسٽ پارٽي ڪومنيٽانگ سان هڪ ڀيرو ٻيهر امن معاهدو ڪيو. جنهن تي 10 جنوري 1956ع ۾ صحيحون ڪيون ويون. انهن ڳالهين ۾ آمريڪي صدر جي خصوصي نمائندي ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڌرين جنگ بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. اهو معاهدو اصل ۾ آمريڪي سامراج ۽ ڪومنيٽانگ جي منافق طرز عمل جو نتيجو هو. آمريڪي سامراج جو مقصد ڪومنيٽانگ کي اهو موقعو فراهم ڪرڻ هو ته اها پنهنجي فوج جي نئين صف بندي ڪري وري هڪ وڏي حملي جي تياري ڪري سگهي. جنهن ڏينهن ان معاهدي تي صحيحون ٿيون، ان ئي ڏينهن چين جي ڪميونسٽ پارٽي جمهوري قوتن جي هڪ مشاورتي ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ ڪومنيٽانگ به هڪ جمهوري قوت جي طورتي موجود هئي. هتي جيڪا قرارداد پاس ٿي ان ۾ وري انقلابي لائحه عمل تيار ڪرڻ بدران امن، جمهوريت ۽ قومي ايڪي کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ان ڪانفرنس جا اجلاس اڃا جاري هئا ته ڪومنيٽانگ حڪومت وڏا فوجي دستا گهرو ويڙهه جي محاذن تي حملي لاءِ اماڻي ڇڏيا. ڪميونسٽ پارٽي جي ان پاليسي جو هڪ ئي نتيجو نڪتو ته چين ۾ انقلاب برپا ڪرڻ جي پروگرام ۾ دير ٿيندي وئي ۽ سامراجي قوتن هٿان مزدورن ۽ هارين جو قتل عام جاري رهيو. ان معاهدي ۾ آمريڪي نمائندن، جيڪي ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا، اهي ئي ڪومنيٽانگ فوجن جي اچ وڃ ۽ ٻين فوجي ڪاررواين جي نگراني ڪري رهيا هئا. انهن چينگ ڪائي شيڪ جي فوجي آفيسرن ۽ سپاهين کي تربيت به ڏني.
چينگ ڪائي شيڪ 26 جون 1946ع تي هيبي ۽ هينان جي وسيع علائقي تي حملي لاءِ 3 لک فوجن کي جمع ڪري گهيراءُ ڪري ورتو. وچ وارن ميداني علائقن ۾ پيپلز لبريشن آرمي اهو گهيرو ٽوڙي نئين پوزيشن سنڀالي ورتي. ان جي اڳئين مرحلي ۾ چينگ ڪائي شيڪ آمريڪي صلاحڪارن جي رهنمائي ۾ 16 لک وڌيڪ باقاعده فوج سان سرخ فوج جي انتظام هيٺ تقريبن سمورن علائقن تي وڏو حملو ڪري ڏنو.
چين جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي جنگ جي آغاز ۾ چينگ ڪائي شيڪ جي فوج جو ٽوٽل تعداد 43 لک هو ۽ پيپلزلبريشن آرمي جو تعداد 12 لک 80 هزار هو. ڪومنيٽانگ حڪومت هٽلر جي جنگي پاليسي تي عمل پيرا رهندي، هڪ تيز فتح حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي تحت هلي رهي هئي ۽ 1947ع جي شروعات ۾ اها جنگ عروج تي پهچي وئي. ان لانگ مارچ ۾ مائوزيتنگ ۽ چوتهه تمام ذهين ۽ قابل فوجي حڪمت عملي اختيار ڪندڙ ڪمانڊرن جي طورتي نمايان ٿيا. اها هڪ بي مثال جنگي داستان آهي، جنهن جو چين جي تاريخ ۾ ڪٿي به مثال نٿو ملي. ان دوران سرخ فوج ترتيبوار 11 صوبن فوچئين، شانڪسي، ڪوانگ تونگ، هونان، ڪوانگشي، ڪوئيچو، ينان، شيکانگ، سيچوان، ڪانسو ۽ شينسي تي ٻڌل 25000 ميل ڊگهو فاصلو طئي ڪيو. ان دوران چينگ ڪائي شيڪ پنهنجي سڀ کان ڀلي بري ۽ بحري فوج کي حرڪت ۾ آڻڻ ۽ مختلف صوبن جي جنگي سردارن ۽ زميندارن جي هٿياربند قوتن جي مدد کان ڪم وٺڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ۽ سرخ فوج جي راهه ۾ قدرتي رڪاوٽن واري هنڌ دفاعي انتظامن سان گڏوگڏ سرخ فوج جو پيڇو ڪندي مسلسل حملا به جاري رکيا.
سرخ فوج هڪ اهڙي دشمن، جيڪو وڌيڪ بهتر هٿيارن سان ليس ۽ تعداد ۾ به تمام وڌيڪ هو، جي سڌي سنئين مقابلي کان پاسو ڪرڻ لاءِ اوچن جبلن، تيز دريائن، خطرناڪ رڪاوٽن ۽ رستن تي خاص طورتي مغربي سيچوان ۾ سمنڊ جي سطح کان 5 هزار ميٽر مٿانهين تي برف سان ڍڪيل جبلن ۽ ان جي خطرناڪ ڌٻڻ وارن علائقن کان اڳتي قدم وڌايا. ان متحرڪ دفاع جي پاليسي تحت پيپلزلبريشن آرمي پنهنجن ڪجهه علائقن مان نڪري متحرڪ حملن ذريعي دشمن جي 7 لک کان به وڌيڪ فوج کي بيڪار ڪري ڇڏيو. پيپلزلبريشن آرمي گهڻو ڪري دشمن کان ڦريل هٿيارن سان ليس ٿي مقابلو ڪيو. ان جنگ ۾ پيپلزلبريشن آرمي جي فتح سان سپاهي مضبوط ۽ دلير ٿي ويا ۽ ڪومنيٽانگ جون فوجون مسلسل شڪست جي ڪري دلبراشتا ٿي ويون. جيتوڻيڪ ڪومنيٽانگ پوري ملڪ ۾ جنگ بند ڪري ان کي مخصوص علائقي تائين محدود ڪري ڇڏيو. هاڻي پاسو پلٽجي چڪو هو، جنهن ۾ فوجي حڪمت عملي سان گڏوگڏ سياسي پروگرام ۽ لائحه عمل به اهم ڪردار ادا ڪيو. 13 سيپٽمبر 1947ع تي ڪميونسٽ پارٽي جي اهتمام هيٺ هڪ قومي زرعي ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ هڪ زرعي قانون پاس ڪيو ويو. جنهن جا ڪجهه نقطا هن طرح هئا:
• استحصال جي نظام تي ٻڌل جاگيرداراڻي ۽ نيم جاگيرداراڻي نظام جو خاتمو ۽ زميندارن جي ملڪيت هارين جي نالي ڪئي وڃي.
• پوري ملڪ ۾ موجود سمورين درسگاهن، اسڪولن، مندرن، ادارن، تنظيمن ۽ هارين جي زمينن جي وراثتي ملڪيت جو خاتمو ڪيو وڃي.
• پوري ملڪ ۾ جاگيردارن جا ملڪيت جا سمورا حق ختم ڪيا وڃن.
• انهن سڌارن کان پهريان سمورن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هارين ڏانهن رهيل سمورن قرضن جو خاتمو ۽ عام معافي جو اعلان ڪيو وڃي.
ان قانون جي هڪ آرٽيڪل جون ڪجهه شقون ڪومنيٽانگ جي فوجي سپاهين تي به لاڳو ٿيون ٿي، جنهن موجب پيپلز لبريشن آرمي، جمهوري حڪومت ۽ سمورين عوامي تنظيمن جي ٻهراڙي ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن کي هارين جي برابر زمينون ۽ ملڪيتون ٻهراڙي وارن علائقن ۾ فراهم ڪيون وينديون. جاگيردارن ۽ انهن جي خاندانن کي به هارين جي برابر زمينون ڏنيون وينديون ۽ دشمن فوج جي ماڻهن جي خاندانن کي هارين جي برابر زمين ڏني ويندي. ان پاليسي نه رڳو عام غريب ماڻهو کي سرخ فوج ۾ شموليت يا حمايت طرف متوجهه ڪيو پر ڪومنيٽانگ فوج جا سپاهي به ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لڳا. اهي سڌارا پيپلزلبريشن آرمي جي انتظام هيٺ علائقن ۾ تيزي سان لاڳو ڪيا ويا ۽ 10 ڪروڙ هارين ۾ زمينون ورهايون ويون.
ٻئي طرف ڪومنيٽانگ جي انتظام هيٺ علائقن ۾ جيڪي آمريڪي ڪالوني بڻجي چڪا هئا، ظلم، جبر ۽ بدعنوانين جي انتها ٿي چڪي، هئي ۽ آمريڪي امداد رياستي آفيسرن جي ٽجوڙين ۾ پئي هئي. انتها ته اها هئي ته هٿيار ۽ ٻيون ضروري شيون سرڪاري فوجي ڪميونسٽن کي ڀڳڙن مُٺ تي وڪڻي ڇڏيندا هئا ۽ ڪير به پڇڻ وارو نه هوندو هو. جولاءِ 1947ع ۾ آمريڪا ۽ ڪومنيٽانگ وچ ۾ ٿيل ڳجهي معاهدي ذريعي چينگ چين جا علائقائي، فوجي، معاشي، داخلي ۽ سفارتي حق ۽ اختيار آمريڪا کي وڪڻي ڇڏيا. ان وقت تائين چينگ آمريڪا کان 4000 ملين ڊالر وڌيڪ قرض وٺي چڪو هو. ان دوران عام استعمال جي شيون جنگ کان پهريان جي ڀيٽ ۾ 60000 ڀيرا وڌي چڪي هئي. ٻهراڙي جي تحريڪ سان گڏوگڏ شهرن ۾ به ان بحران خلاف بغاوت اڀري رهي هئي، ڊسمبر 1946ع ۾ هڪ شاگردياڻي سان زنا خلاف 5 لک شاگردن مظاهرو ڪيو.
10 آڪٽوبر 1947ع تي پيپلزلبريشن آرمي هڪ منشور جاري ڪيو، جنهن تحت ملڪ جي مظلوم طبقن، عوامي تنظيمن، پرڏيهه ۾ رهندڙ چينين ۽ ٻين محب وطن عنصرن جي يڪجهتي جي اظهار طور هڪ گڏيل جمهوري حڪومت قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان حڪومت ۾ مزدور، هاري، سپاهي، دانشور ۽ ڪاروباري ماڻهن جي شريڪ ٿيڻ جي توقع هئي. ان منشور ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي سربراهي ۾ هڪ عوامي جمهوري متحده محاذ ٺاهڻ جي اپيل به شامل هئي. جيتوڻيڪ ڪومنيٽانگ حڪومت جي شڪست کي ڏسندي سرمائيدار طبقي جا ڪيترائي دانشور ۽ سياسي ليڊر ڪميونسٽ پارٽي طرف متوجهه ٿيا. 1948ع جي شروعات ۾ هانگ ڪانگ جي بورجوا سياستدانن هانگ ڪانگ ۾ ڊيموڪريٽڪ ليگ جي جهنڊي هيٺ ڪميونسٽ پارٽي سان اتحاد ڪيو. ان دوران پيپلز لبريشن آرمي تقريبن هر محاذ تي ڪومنيٽانگ فوجن کي شڪست ڏئي، علائقا آزاد ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا. ان ئي سال ٽن وڏين مهمن دوران پيپلزلبريشن آرمي اوڀر ۾ ڪومنيٽانگ جي فوجن کي شڪست ڏئي پوري اتر چين کي آزاد ڪرائي ورتو. ان کان پوءِ هو اها ئي مهم، جيڪا نومبر 1948ع کان شروع ٿي ۽ 31 جنوري 1949ع تائين اوڀر چين ۾ انقلاب دشمن فوجن کي شڪست ڏئي ان خطي کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي. اهڙي طرح بيپنگ ۽ يانجنگ جي فوجي اڳڀرائي 5 ڊسمبر 1948ع کان شروع ٿي 31 جنوري تائين هلي. انهن فوجي مهمن ۾ ڪومنيٽانگ جا لکين فوجي ماريا ويا ۽ چين جي انقلاب جي فتح جا واضح آثار نظر اچڻ لڳا.
مارچ 1949ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي ستين مرڪزي ڪميٽي جي ٻئي پليزي سيشن جو اجلاس گهرايو ويو ۽ پارٽي جي ڪم کي ٻهراڙي کان شهرن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته ڪميونسٽ پارٽي ۽ پيپلزلبريشن آرمي جي مرڪزن کي بيجنگ منتقل ڪيو وڃي. ڪومنيٽانگ شڪست کان بچڻ لاءِ امن جو ڊرامو ڪندي پهرين جنوري 1949ع تي امن جي اپيل ڪئي ۽ ڪنهن به قسم جي پذيرائي نه ملڻ جي صورت ۾ چينگ ڪائي شيڪ پنهنجي نائب کي صورتحال سنڀالڻ جي هدايت ڪري پنهنجي رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هن جي اپيل جو جواب مائوزي تنگ پنهنجن اٺن شرطن سان گڏ ڏنو. جنهن کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽي جي نمائندن ۽ ڪومنيٽانگ جي نئين صدر وچ ۾ 15 ڏينهن تائين هلندڙ ڳالهين کان پوءِ ”داخلي امن“ جو هڪ وڌيڪ ٺاهه ڪيو ويو، پر صرف ٻن ٽن مهينن کان پوءِ اهو معاهدو به ٽٽي ويو.
پيپلز لبريشن آرمي جا دستا چانگ جيانگ درياءَ پار ڪندي 23 اپريل 1949ع تي ڪومنيٽانگ حڪومت جي مرڪز نانجنگ ۾ داخل ٿيا ۽ حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ آهستي آهستي ٻين علائقن جو وارو آيو ۽ محدود پيماني تي جنگين کان پوءِ تبت کان علاوه باقي سموري چين کي آزاد ڪرايو ويو. 1946ع کان 1950ع جي وچ ۾ پيپلزلبريشن آرمي ڪومنيٽانگ جي هٿيارن جي ذخيرن، ٽينڪن، بڪتربند گاڏين ۽ ٻين فوجي گاڏين تي قبضو ڪري ورتو. 21 سيپٽمبر 1949ع تي چين جي عوامي سياسي مشاورتي ڪانفرنس بيجنگ ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ چين جو نالو ”عوامي جمهوريه چين“ رکيو ويو ۽ مائوزي تنگ کي حڪومت جي مرڪزي ڪائونسل جو چيئرمين چونڊيو ويو. ليو چائوشي، سونگ چنگ لنگ، لي جي شين، زانگ لان ۽ گواگانگ کي نائب چيئرمين چونڊيو ويو. ان کان سواءِ 55 ميمبرن تي ٻڌل مرڪزي حڪومت جي هڪ ڪائونسل جوڙي وئي، جنهن ۾ چواين لائي به شامل هو. اهڙي طرح عوامي جمهوريه چين جي فتح جو جشن پهرين آڪٽوبر 1949ع تي ملهايو ويو ۽ بيجنگ جي تائينانمين اسڪوائر کان مائوزي تنگ هيءَ پڌرائي جاري ڪئي.
ڪامريڊ مائوزي تنگ لانگ مارچ جي اهميت کي هنن جاندار لفظن ۾ واضح ڪيو آهي:
”لانگ مارچ جي سلسلي ۾ اهو سوال اٿاري سگهجي ٿو ته ان جي ڪهڙي اهميت آهي؟ اسان جو جواب اهو آهي ته لانگ مارچ تاريخ ۾ پنهنجي قسم جو پهريون مارچ آهي، اهو هڪ منشور آهي. ان سڄي دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سرخ فوج مجاهدن جي فوج آهي ۽ سامراجي ۽ انهن جا پالتو ڪتا چينگ ڪائي شيڪ ۽ اهڙي قسم جا ٻيا ماڻهو ڪنهن ڪم جا ناهن. ان اسان جي اردگرد گهيرو وجهڻ، اسان جو پيڇو ڪرڻ، رستي ۾ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ ۾ سامراج ۽ چينگ ڪائي شيڪ جي قطعي ناڪامي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لانگ مارچ جي هڪ مشهوري ڏيارڻ جي قوت به آهي، ان 11 صوبن جي تقريباً 20 ڪروڙ ماڻهن تي اها حقيقت پڌري ڪري ڇڏي آهي ته سرخ فوج، جيڪا راهه اختيار ڪئي آهي اها سندن آزادي جي واحد راهه آهي. لانگ مارچ کان سواءِ عوام کي دنيا جي ان عظيم صداقت جي وجود جو، جنهن جي سرخ فوج پيروي ڪري ٿي، ايترو جلدي ڪيئن خبر پئجي سگهي ها؟ لانگ مارچ ٻج پوکڻ جي مشين آهي، ان 11 صوبن ۾ ڪيترائي ٻج پوکيا آهن، جيڪي ڦٽندا، انهن مان پن نڪرندا ۽ گل ٽڙندا ۽ اهي وڏا ٿيندا ۽ آئنده فصل ڏيندا. مختصر اهو ته لانگ مارچ جو نتيجو اسان جي سوڀ ۽ دشمن جي شڪست جي صورت ۾ نڪتو آهي.“
لانگ مارچ جي ڪامياب پڄاڻي چيني انقلاب کي ان قابل بڻائي ڇڏيو ته هو 1927ع جي بحران کان پوءِ هڪ وڌيڪ بحران تي ضابطو آڻي سگهي. ان جاپان خلاف جنگ مزاحمت ۽ انقلاب جي مستقبل لاءِ چيني عوام جو اعتماد وڌايو. ان چيني ڪميونسٽ پارٽي ۽ سرخ فوج جي عمده دستن کي محفوظ رکيو ۽ سخت آزمائشن مان گذري پارٽي جي صفن کي چمڪايو. ان قوت جي بدولت جاپان خلاف مزاحمت جي جنگ دوران پارٽي ۽ ڪامريڊ مائوزي تنگ جي صحيح قيادت ۾ انقلابي قوتون پهريان کان وڌيڪ مضبوط ٿيون ۽ اهڙي طرح ان عظيم فتح جو بنياد پيو، جنهن ذريعي چيني عوام سامراجي قوتن ۽ انهن جي پالتو ڪتن، ڪومنيٽانگ رجعت پسندن جي اقتدار جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ هڪ نئين چين جو بنياد رکيو.

مائوزي تنگ ۽ انقلاب

مائوزي تنگ پهرين مهاڀاري لڙائي (سامراجي قوتن جي لڙائي) کان پوءِ عملي سياست ۾ آيو. 1917ع ۾ روس جي انقلاب مارڪس ۽ لينن نظريي کي عام ڪرڻ ۽ غلام ملڪن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن بعد 1921ع ۾ چين جي مختلف حصن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو قيام عمل ۾ آيو. چيئرمين مائو هڪ ڳچ آبادي واري ملڪ ۾ پنهنجن خيالن جي وڏي پيماني تي اشاعت ذريعي ممتاز ترين ڪميونسٽ ۽ گذريل صدي جو سڀ کان بااثر سياسي اڳواڻ ثابت ٿيو.
آمريڪي سامراج ايشيا ۾ پنهنجن مفادن جي تحفظ لاءِ سڀ کان وڏي قلعي جي تعمير لاءِ چين تي هڪ ڪاٺ جي گڏي جهڙي حڪمران کي مڙهي ڇڏيو، پر آمريڪي سامراج اهو سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي ته چين ۾ به انقلاب جو بنياد پئجي سگهي ٿو ۽ ان سرزمين تي مائوزي تنگ جهڙا ليڊر پيدا ٿي سامراجيت جا ٽپڙ گول ڪري سگهن ٿا.
غريبن جي هڏ ڏوکي مائوزي تنگ، جنهن پنهنجي سڄي زندگي غريبن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. 1893ع ۾ صوبي هنان ۾ هڪ غريب هاري جي گهر پيدا ٿيو. هن جي والد گهڻي محنت ڪري زمين حاصل ڪري ورتي ۽ گهر جي حالت بهتري ٿي وئي. هن جو والد مائو کي سست ۽ ناڪاره چوندو هو. هڪ ڀيري ان ڪجهه مهمانن جي سامهون مائو کي مار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو آپي مان نڪري ويو ۽ ڌمڪي ڏني ته هو ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي انت آڻي ڇڏيندو پر بعد ۾ ماءُ پيءُ کيس سمجهايو ۽ معافي گهري.
کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، هو جڏهن پڙهڻ لکڻ جي قابل ٿيو ته ننڍي عمر جي مائو اولهه ملڪن جي تحريڪن، تنظيمن، معاشرتي ۽ اقتصادي سرگرمين کان سواءِ دنيا جي سياسي ۽ عسڪري تاريخ جو مطالعو به ڪيو. ان ٻاراڻي واري دؤر ۾ مائو ليانگ چي چائو جي سياسي ۽ ثقافتي سڌارن ۽ قومي انقلابي ليڊر سن يات سين جي نظرين ۽ حڪمت عملي جو به غور سان مطالعو ڪيو. اڃا هو انقلابي تصورن جو مطالعو ڪري ئي رهيو هو ته چين ۾ اچانڪ انقلاب برپا ٿي ويو. دو چانگ ۾ 10 آڪٽوبر 1911ع تي چين جي حڪمران مانچو خاندان خلاف جنگ شروع ٿي وئي. 12 ڏينهن جي اندر بغاوت جي اها باهه چانگشا تائين پکڙجي وئي.
مائوزي تنگ هنان ۾ انقلابي فوج جي هڪ دستي ۾ ڀرتي ٿي ويو. هو 6 مهينن تائين هڪ معمولي سپاهي رهيو، ننڍڙو مائو اڃا اهو تصور قائم نه ڪري سگهيو هو ته ”سياسي طاقت هميشه توب ۽ بندوق جي نالين مان پيدا ٿيندي آهي.“ فوج جي انهن 6 مهينن ۾ مائو کي فوجي ليڊرن ۽ انهن جي ڪارنامن سان جهڙو عشق ٿي ويو. اهو صرف قدرتي جذبو هو، ڇاڪاڻ ته پرائمري جي تعليم دوران به ننڍڙو مائوزي تنگ پراڻي چين جي جنگجو شهنشاهن جو ئي پرستار نه هو، پر هو نپولين ۽ آمريڪا جي جارج واشنگٽن کي به پوڄيندو هو.
1912ع جي بهار جي موسم ۾ نئين جمهوريه چين جنم ورتو ۽ ان سان گڏ ئي مائوزي تنگ جي فوجي ملازمت ڇڏائجي وئي. هو پورو هڪ سال ڀڄ ڊڪ ڪندو رهيو. ڪڏهن هن پوليس اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ ڪڏهن صابڻ ٺاهڻ جي اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ پوءِ هو هڪ قانون جي اسڪول ۾ ويو ۽ بعد ۾ ڪاروباري اسڪول ۾ داخلا ورتي، پوءِ هڪ ثانوي اسڪول ۾ تاريخ جو مضمون پڙهڻ شروع ڪيو. ان دوران هو صوبائي لائبريري ۾ مختلف ملڪن جي انقلابي تحريڪن بابت لٽريچر پڙهندو رهيو، پر چين جنهن صورتحال ۾ مبتلا هو ان جي ڪري مائوزي تنگ پنهنجي آئنده ڪردار متعلق ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو ۽ پوءِ هڪ حقيقت اها به هئي ته سرڪاري ملازمتن جو سسٽم بند ڪرڻ ۽ نام نهاد جديد تعليمي ادارن ۾ مغربي تعليم رائج ڪرڻ کان پوءِ چيني نوجوانن لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ به ناممڪن هو ته اهي چيني روايتن مطابق تربيت حاصل ڪن يا مغربي ملڪن جي تربيت اختيار ڪن ته جيئن اهي پنهنجي وطن لاءِ ڪارائتيون خدمتون انجام ڏئي سگهن.
مائوزي تنگ 1918ع ۾ چانگشا فرسٽ پراونشل نارمل اسڪول مان گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن ۾ چيني تاريخ، فلسفو ۽ مغربي تعليم تي ٻڌل مضمون پڙهايا ويندا هئا. تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ مائوزي تنگ شاگرد تنظيمون قائم ڪرڻ تائين سياسي سرگرميون جاري رکيون. انهن سڀني تنظيمن ۾ اهم ترين تنظيم ”نيو پيپلز اسٽڊي سوسائٽي“ هئي، جيڪا 1917ع ۾ قائم ٿئي هئي. ان سوسائٽي جا ميمبر بعد ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿي ويا هئا. انهن مائوزي تنگ جي قيادت تسليم ڪري ورتي، ايستائين جو ڪميونسٽ پارٽي کي 1949ع ۾ قطعي فتح ۽ ڪاميابي حاصل ٿي.
مائو چانگشا اسڪول مان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد پيڪنگ يونيورسٽي ۾ داخل ٿي ويو، جنهن کي چين جي سڀ کان وڏي ۽ اهم ترين تعليمي اداري جي حيثيت حاصل هئي. مائو 6 مهينن تائين پيڪنگ يونيورسٽي ۾ لائبريرين رهيو. هن جي سڄي ڌيان جو مرڪز ٻه شخصيتون هيون، هڪ لي تا چائو ۽ ٻي چن توسيو. چيني ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد رکندڙ اهي ئي ٻه شخصيتون هيون. مائوزي تنگ اڃا پيڪنگ يونيورسٽي ۾ ئي هو ته چين ۾ 4 مئي 1919ع ۾ اها عظيم تحريڪ شروع ٿي، جنهن اڌ صدي ۾ چين جي حالت بدلائي ڇڏي.
اصل ۾ 4 مئي 1919ع جي تحريڪ شاگردن جي هڪ عالم گير مظاهرن جو نالو آهي، جيڪي پهرين مهاڀاري لڙائي کان پوءِ پيرس جي امن ڪانفرنس ۾ چين جي صوبي شائتونگ ۾ جرمني جا سمورا اثاثا ۽ ملڪيتون چين کي واپس ڏيڻ بدران جاپان حوالي ڪرڻ خلاف سڄي چين ۾ ڀڙڪي اٿيا هئا. 1925ع ۾ چين ۾ ثقافتي انقلاب شروع ٿي چڪو هو، جيتوڻيڪ چين ۾ دنيا جي اعتدال پسند تصورن جي جاءِ مارڪسزم ۽ لينن ازم ورتي ۽ مائو شنگهائي ۾ پنهنجن 11 ڪميونسٽ ساٿين سان گڏ پهرين جولاءِ 1921ع ۾ چائنيز ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد وڌو، جيڪي انقلابي خيال ۽ تصور هن مهل تائين مشڪل تحريرن ۽ ڪتابن جي شڪل تائين محدود هئا، اهي تصور هينئر جذباتي تقريرن جي صورت ۾ بدلجي ويا. پوءِ سڀ کان وڏو انقلاب اهو آيو ته سياست جي اسٽيج تي نئين نسل جو قبضو ٿي ويو. اهو درست آهي ته 4 مئي 1919ع جي مظاهرن جو اهتمام چن توسيو ڪيو هو، پر چين جي شاگردن ۽ نوجوان طبقي کي جلد ئي اهو احساس ٿي ويو ته چين جي ان نئين تاريخي ڊرامي جو اصل ڪردار اهي ئي آهن، جيتوڻيڪ مائوزي تنگ پنهنجي 1919ع جي هڪ مضمون ۾ لکيو ته:
”هي دنيا اسان جي دنيا آهي، هي قوم اسان جي قوم آهي، هي معاشرو اسان جو معاشرو آهي. جيڪڏهن اسان نه ڳالهائينداسين ته ٻيو ڪير ڳالهائيندو؟ جيڪڏهن اسان عمل پيرا نه هونداسين ته ٻيو ڪير عمل جي ميدان ۾ ٽپو ڏئي سگهي ٿو؟“
اها اٽل حقيقت آهي ته ان وقت کان هن مهل تائين مائوزي تنگ جي موجوده نئين نسل جي لمحي لاءِ به اهو فراموش ناهي ڪيو ته قوم ۽ وطن جي تقدير جي مالڪ نئين نسل ئي آهي، ڀل پيڪنگ هجي يا تائي پيهه (چيانگ ڪاشٽگ جو چين) هجي اهي چيني قوم جا ورثا آهن ۽ اهي ئي ان جا حقيقي مالڪ آهن.
1919ع جي گرمين ۾ مائوزي تنگ جانگشا ۾ اهڙيون تنظيمون قائم ڪيون، جن ۾ شاگردن ۽ نوجوانن کي واپارين ۽ مزدورن جي تنظيمن ۾ شامل ڪري ڇڏيو ته جيئن پوري ملڪ ۾ مظاهرا ڪري حڪومت کي جاپان جي مخالفت تي مجبور ڪري سگهجي، پر ان دوران مائوزي تنگ انهن تنظيمن کي هارين کان پري رکيو. ان زماني مائو جي تحريرن ۾ جڳهه جڳهه تي ”ڳاڙهي جهنڊي واري فوج“ جو ذڪر اچي ٿو ۽ هن بار بار روس جي انقلاب جا حوالا ڏنا آهن، پر 20-1919ع ۾ اهو ذڪر ان وقت شروع ٿيو، جڏهن مائوزي تنگ هوتان جي حڪمرانن خلاف بغاوت کان پوءِ اتان کان فرار ٿي پيڪنگ هليو ويو ۽ اتي مارڪسزم تي مختلف ڪتاب پڙهيا. هو چوي ٿو:
”منهنجي دل ۽ دماغ تي مارڪسزم ايئن سوار ٿي ويو آهي، جيئن منهنجو عقيدو بڻجي چڪو آهي ته مارڪسزم ئي حقيقي شي آهي ۽ منهنجو اهو عقيدو ڪڏهن به بدلجي نٿو سگهي.“
جون 1920ع ۾ چانگشا جي گورنر جي بدلجي وڃڻ تي مائو پنهنجي صوبي ۾ واپس هليو ويو ۽ سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ هڪ پرائمري اسڪول جو پرنسپال بڻجي ويو. جتي هن ڪميونسٽن جو هڪ ننڍڙو گروهه ٺاهي ورتو ۽ ان ئي سال جي سياري ۾ شادي ڪري ورتي. هن جي اها پهرين گهرواري هن جي اخلاقيات جي استاد جي ڌيءُ هئي. جيتوڻيڪ اسڪول ڊيوٽي ۾ هن جو ڪافي وقت لڳندو هو، پر ان باوجود به هن ٿورو گهڻو وقت ڪڍي سياسي سرگرميون جاري رکيون. 1921ع ۾ جڏهن ٻين ڪميونسٽ گروپن جي ڪانفرنس منعقد ٿي ته مائوزي تنگ به ان ۾ شرڪت ڪئي. هو ماسڪو پرست ڪميونسٽ پارٽي جي ٻن نمائندن کي به پاڻ سان وٺي ويو هو ۽ واپس اچي چيني ڪميونسٽ پارٽي (ccp) جو بنياد وڌو. 1923ع ۾ نوجوان گروپ سن يات سين جي ڪومنيٽانگ سان اتحاد ڪري ورتو ته جيئن پيڪنگ جي نااهل حڪومت خلاف زبردست محاذ قائم ڪري سگهجي. اهوئي اهو موقعو هو، جڏهن مائوزي تنگ اسڪول جي پرنسپال جي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ پيشيور سياسي ۽ انقلابي ليڊر جو ڪردار اختيار ڪيو.
24-1923ع ۾ مائو گهڻو ڪري پنهنجي زال ۽ ٻن ٻارن سان گڏ شنگهائي ۾ رهيو، جتي هن کي ڪومنيٽانگ جي مقامي سربراهه جي حيثيت حاصل هئي. ان سان گڏوگڏ هو چيني ڪميونسٽ پارٽي جو قائد به هو. 25-1924ع جي گرمين ۾ مائو آرام ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي اباڻي ڳوٺ هليو ويو، جتي هن کي هارين جا مظاهرا ڏسڻ جو موقعو مليو، جيڪي 1925ع جي مئي ۽ جون ۾ شنگهائي ۾ پرڏيهي پوليس هٿان گوليون لڳڻ ڪري درجنين چينين جي قتل خلاف احتجاج جي طور تي شروع ٿي ويا هئا. مائوزي تنگ کي انهن مظاهرن مان يڪدم اهو محسوس ٿيو ته چين جي هارين ۾ ڪافي جان ۽ جوش موجود آهي، جنهن کان پوءِ هن ڳوٺن جي نوجوانن کي بيدار ۽ فعال ڪري چين کي تازي زندگي بخشڻ جو عزم ڪري ورتو.
هن هنان صوبي جي هارين کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪري پوري ملڪ ۾ هارين جي مخصوص انجمنن جو ڄار وڇائي ڇڏيو. صوبي هنان جو فوجي گورنر مائو جي پويان پيل هو، جنهن ڪري مائو اتان فرار ٿي هڪ سال لاءِ شهري آبادي يعني ڪينٽين هليو آيو، جيڪو ڪومنيٽانگ جو سڀ کان اهم مرڪز ۽ ڳڙهه بڻجي چڪو هو. جنهن جي قيادت مارچ 1925ع ۾ سن يات سين جي وفات کان پوءِ چيانگ ڪائي شيڪ سنڀالي ورتي هئي. ڪينٽين ۾ رهڻ بعد به مائو ٻهراڙي تي پنهنجو پورو ڌيان رکيو.
مائو هنان واپس وڃي جنوري ۽ فيبروري 1927ع ۾ هاري تحريڪ جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ اهو نتيجو ڪڍيو ته جيڪڏهن ڪوشش ڪئي وڃي ته تمام مختصر وقت ۾ چين جي ڪروڙين هارين جي لشڪر جي مدد سان چيانگ ڪائي شيڪ خلاف وڏو انقلاب برپا ڪري سگهجي ٿو. جيڪو مالدار شهري ۽ ٻهراڙي جي طبقن سان ملي ڀڳت ڪري مزدورن ۽ هارين خلاف مهم شروع ڪري چڪو هو. جيتوڻيڪ مائو جي ان مهم سان چين ۾ ڪومنيٽانگ سان اتحاد ڪري انقلاب جو، جيڪو خواب اسٽالن ڏسي رهيو هو، اهو پورو نه ٿي سگهي ۽ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هر جاءِ تي چيني ڪميونسٽ پارٽي کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو.
آگسٽ 1928ع ۾ مائوزي تنگ رهيل سهيل هارين کي گڏ ڪري چن ڪانگ شان جي جبل تي مورچي تي مقرر ڪيو ۽ ڳوٺن ۾ هڪ اهڙي طرح جي نئين جنگ شروع ٿي وئي، جنهن جو مرڪزي ڪردار هٿين خالي عوام بدران سرخ فوج ادا ڪرڻ لڳي ۽ اهو مائوزي تنگ سان ڪروڙين هارين جي همدردين ۽ حمايت جو ئي نتيجو هو، جو ان گهرو ويڙهه ۾ مائوزي تنگ شهرن ۽ ڳوٺن جو گهيراءُ ڪري چيانگ ڪائي شيڪ کي شڪسٽ ڏني ۽ سمورن ڳوٺن جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو.
اقتدار جي راهه ۾ مائوزي تنگ سياسي جدوجهد جي صحرا ۾ 22 سالن تائين دربدر ٿيندو رهيو. ان عرصي کي 4 مرحلن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ پهريون مرحلو هن جي شروعاتي ٽن سالن جو آهي. جنهن ۾ مائوزي تنگ ۽ ڪمانڊر انچيف چوتهه ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گوريلا جنگ جاري رکي، پر ان جدوجهد کي مائوزي تنگ جا حامي ۽ ان کان وڌيڪ شنگهائي جي مرڪزي ڪميٽي جا ليڊر جن کي ماسڪو ۾ قائم ڪومنٽرن قيادت جي تخت تي ويهاريو هو، ان حقيقت کي پوري طرح سمجهي رهيا هئا ته اهو مرحلو صرف شروعات آهي ان وڏي انقلاب جي جيڪو شهرن ۾ برپا ٿي ويندو.
1930ع جي گرمين ۾ ماؤزي جي سينٽرل ڪاميٽيءَ ”سرخ فوج“ کي ڏاکڻيئن چين جي ڪيترن ئي شهرن تي قبضي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اميد اها هئي ته قبضي ٿيل شهرن جا مزدور به ان ۾ شامل ٿي ويندا پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن اهو محسوس ڪيو ويو ته ان طريقي سان گهڻو نقصان ٿيندو ته ماؤزيءَ ماسڪو جي سينٽرل ڪاميٽيءَ جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي جنگ بندي ڪري ڇڏي. انهيءَ سال ڪومنتانگ ماؤزي تنگ جي پهرين زال کي گولي هڻي ڇڏي جنهن کان پوءِ ماؤزي هڪ اهڙي مائيءَ سان شادي ڪئي جنهن سان هن جو 1928ع کان تعلق هيو.
ٻيو مرحلو جنهن کي ڪيانگسي جو مرحلو چوڻ گهرجي، جيڪو چيني سوويت ري پبلڪ جي قيام جو مرحلو آهي، جيڪا مائوزي تنگ جي قيادت ۾ نومبر 1931ع ۾ ڪيانگسي صوبي جي هڪ حصي ۾ قائم ٿي. جيئن ته شهرن ۾ انقلاب جي حمايت جو فقدان هو، ان ڪري ڪاميابي جو سڄو زور انقلابين جي مرڪزي اڏن کي مضبوط ڪرڻ تي لڳايو ويو. روس جي حڪومت لکن جي آبادي واري چيني علائقي تي پنهنجو قبضو قائم رکيو. سرخ فوج جي نفري وڌائي ٻه لک ڪئي وئي، ان فوج 4 حملن ۽ گهيراءُ ۾ چيانگ ڪائي شيڪ جي فوج جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. جيتوڻيڪ چيانگ ڪائي شيڪ پنهنجي ڪمان ۾ جيڪا فوج رکي هئي مائو جي فوج ان جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ آڪٽوبر 1934ع ۾ مائو جي سرخ فوج کي ڪيانگسي جو محاذ ڇڏڻو پيو.
چيانگ ڪائي شيڪ جي ايئرفورس ان صوبي تي لڳاتار هوائي حملا ڪري رهي هئي ته 41 سالن جي مائوزي تنگ ۽ ان جي ويجهي ساٿي چو اين لائي لشڪر جوڙڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ اهو سڄو لشڪر اتر اولهه چين ڏانهن هليو ويو. عين ان وقت ننگو جي شهر تي بم ڪري رهيا هئا، گهر ۽ عمارتون تباهه ٿي رهيون هيون، ڀڄندڙ رهواسي بمن ۾ اجل جو شڪار بڻجي رهيا هئا. هر طرف زخمين جون آهون ۽ دانهون ٻڌڻ ۾ پئي آيون، مائوزي تنگ پنهنجي دوست کي چيو ته:
”هاڻي شانگسي مان نڪرڻو پوندو، پر اسان چيانگ ڪائي شيڪ لاءِ صرف کنڊر ۽ رک جا ڍير ڇڏي وينداسين.“
جيتوڻيڪ هڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهن جو قافلو ترتيب ڏنو ويو. ان لشڪر جو نالو سرخ فوج ڏئي مائوزي تنگ مارچ جو حڪم ڏنو، اهو لشڪر ڏينهن جو ڪنهن اوٽ ۾ لڪيل رهندو هو ۽ رات جو ٻيهر مارچ شروع ڪري ڏيندو هو ۽ گوريلا ڪارروايون به ڪندو هو. مائوزي تنگ جو آرڊر آف ڊي هي هو ته:
”دشمن اڳتي وڌي ته اوهان پوئتي هٽي وڃو، دشمن فرار واري راهه اختيار ڪري ته ان جو شڪار وانگر پيچو ڪيو، هو بيحال ٿيڻ لڳي ته اوهان قدم اڳتي وڌايو ۽ دشمن ٿڪجي وڃي ته ان تي فوري طور حملو ڪري ڏيو. مطلب ته اسان کي هڪ قدم پوئتي هٽي ٻه قدم اڳتي وڌڻو آهي.“
چيني ڪميونزم ۽ مائوزي تنگ جي تاريخ ۾ 34-1931ع جو دؤر اونداهون زمانو سمجهيو ويندو آهي ۽ ان دؤر متعلق گهڻو ڪري اختلاف آهن، ڇاڪاڻ جو سياسي ۽ فوجي ماهر ان ڳالهه جو تعين نه ڪري سگهيا آهن ته ان عرصي دوران حڪمت عملي مائو جي هلندي رهي يا ٻين ليڊرن جي، بهرحال 1935ع جي ٿڌ واري موسم ۾ 6 هزار ميل لانگ مارچ ۾ مائو جي هڪ لک ساٿين مان صرف 20 هزار باقي وڃي رهيا، پر اهي ساٿي تجربيڪار، مائو ۽ سي سي پي جا مخلص ڪارڪن هئا. مائو مارچ دوران پنهنجي پويان مخلص ڪارڪنن جا ننڍا ننڍا گروپ ڇڏيندو ويو، جن بعد ۾ گڏجي هڪ مضبوط سياسي ۽ فوجي بنياد فراهم ڪيو. لانگ مارچ جو رهيل سهيل لشڪر اتر اولهه چين ۾ پهتو ته مائوزي تنگ جي ڳوٺاڻي مهم جي ٽئين مرحلي جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا هئا. جيتوڻيڪ ان مرحلي ۾ جاپان خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ ڪومنيٽانگ سان اتحاد قائم ٿي ويو. مائوزي تنگ کي سڄي پارٽي جي ليڊرن تي برتري حاصل ٿي وئي.
آگسٽ 1935ع ۾ ماسڪو ڪونٽرن پنهنجي ستين ڪانگريس ۾ چيني ڪميونسٽن جي لانگ مارچ دوران هڪ مهم ۾ فاشزم خلاف متحده محاذ جي اصول جو اعلان ڪيو ۽ مئي 1936ع ۾ چيني ڪميونسٽن پهريون ڀيرو ان امڪان کي قبول ڪيو ته اهڙي متحده محاذ ۾ چيانگ ڪائي شيڪ ۽ نيشلسٽ ڪئمپ جا مخالف عنصر به شامل ٿي سگهن ٿا.
سيان جي واقعي کان، جنهن ۾ انهن فوجي ليڊرن ڊسمبر 1936ع ۾ چيانگ ڪائي شيڪ کي اتر اوڀر چين مان ان ڪري اغوا ڪري ورتو هو، جو هن ڪميونسٽن خلاف گهرو ويڙهه ۾ حصو وٺڻ بدران جاپان جا کسيل گهرگهاٽ واپس وٺڻ ٿي گهريا، ٻنهي ڌڙن ۾ اتحاد جو رجحان تيز ڪري ڇڏيو ۽ 3 جولاءِ 1937ع ۾ جڏهن جاپان سڄي چين کي غلام بڻائڻ جو آخري قدم کڻي ورتو هو، ڪميونسٽن ۽ ڪومنيٽانگ طرفان اختلاف وساري گڏيل اتحاد تي ٻڌل نئون محاذ قائم ڪيو ويو. ان گڏيل اتحاد جو باقاعده اعلان سيپٽمبر 1937ع ۾ ڪيو ويو.
چين جاپان جنگ دوران ڪميونسٽن فوج جو هڪ وڏو حصو ننڍن ننڍن دستن جي شڪل ۾ ترتيب ڏئي، انهن دستن کي دشمن جي مورچن جي پويان پهچائي ڇڏيو. جتي هو ڇاپا هڻندڙن جي رهنمائي ڪرڻ لڳا، جن دشمن جي مواصلاتي لائين ۽ شهرن جي وچ ۾ وڏي علائقي تي قبضو ڪري ورتو هو. ان فوجي ڪارروائي جو ڪهڙو نتيجو نڪتو، ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن جاپان هٿيار ڦٽا ڪيا ته نه رڳو انهن ڇاپا هڻندڙن ۽ جنگ وڙهندرن جي نفري 5 لک کان 10 لک جي وچ ۾ هئي، پر ان 9 ڪروڙ تائين جي آبادي واري وڏي علائقي تي سياسي ڪنٽرول به حاصل ڪيو ويو هو.
40-1936ع جي مرحلي ۾ مائوزي تنگ کي 1920ع کان پوءِ پهريون ڀيرو لکڻ پڙهڻ جو وقت مليو ۽ مائوزي تنگ بهترين ڪتاب پيش ڪيا. پنهنجي انقلابي تحريڪ ۽ انقلابي جدوجهد تي ٿلهو ڪتاب مرتب ڪيو. هن فوجي ۽ عسڪري موضوع تي ڊسمبر 1936ع ۾ چين جي انقلابي جنگ متعلق نهايت اهم حقيقتن جي نالي سان پنهنجو تاريخي ڪتاب لکيو. 1938ع ۾ شانگسي جي دؤر جي جدوجهد، ڊگهي جنگ ۽ جاپان خلاف جنگ تي نهايت اهم معلومات سان ڀريل ڪتاب لکيا. مائوزي تنگ کي يقينن ان ڏس ۾ داد ڏيڻو پوندو، جو هن ڪومنيٽانگ جي ڪردار کي خاص طور تي خراج تحسين پيش ڪيو، جيڪو ڪومنيٽانگ جاپان خلاف چين جي آزادي واري جنگ جي محاذ تي ادا ڪيو.
40-1939ع ۾ حالتون ايترو بدلجي ويون، جو مائوزي تنگ کي پنهنجي سرزمين تي ڪميونسٽ اقتدار جا قدم هميشه لاءِ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت محسوس ٿي. هن چين ۾ پنهنجي قيادت کي قائم رکڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ مائو پنهنجي ڪتاب ”چين جو انقلاب ۽ چيني ڪميونسٽ پارٽي“ ۾ پوري وضاحت ڪئي آهي. جنهن کي پارٽي جا ميمبر پنهنجي لاءِ هڪ مقدس ڪتاب سمجهن ٿا. مائوزي تنگ ٻين ماڻهن لاءِ به ”نئين جمهوريت“ جي نالي سان ڪتاب لکيو. انهن ٻنهي ڪتابن جو موضوع تقريبن هڪ ئي آهي ۽ هڪ جهڙا دليل پيش ڪيا ويا آهن. مائوزي تنگ جي نقطه نظر سان چيني انقلاب به موجوده دنيا جي انهن ملڪن ۽ قومن جي انقلاب جهڙو ئي هو، جيڪي برطانيا، جرمني يا جاپاني سامراجيت خلاف آيا. مائوزي تنگ داخلي حڪمت عملي جو اهو بنياد رکيو ته جاپان خلاف محاذ جوڙيندڙ سمورين پارٽين جي گڏيل آمريت قائم ٿي وڃي.
ڪميونسٽ پارٽي ۾ مائوزي تنگ جا ٻه وڏا سياسي رقيب هئا. هڪ وانگ بنگ جيڪو ڪجهه عرصو ماسڪو ۾ رهڻ کان پوءِ چين آيو هو، ٻيو چانگ ڪوتائو جنهن شروع شروع ۾ مائوزي تنگ جي سياسي ۽ فوجي قيادت کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. انهن ٻنهي اڳواڻن تي اهو الزام هو ته اهي ٻئي ڪومنيٽانگ جي اشاري تي نچندا آهن، پر مائوزي تنگ جو اصل ارادو اهو هو ته انهن کي ڪميونسٽ پارٽي جو سچو ليڊر تسليم ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ هن آڪٽوبر 1938ع ۾ مارڪسزم کي اهڙي مارڪسزم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو ته چيني مارڪسزم صرف چيني حالتن موجب هوندي ته جيئن اها انهن کي صحيح معنيٰ ۾ راس اچي سگهي.
مائوزي تنگ کي هڪ نقصان اهو به ٿيو، جو هن کي خبر نه هئي ته سوويت جي ڪميونزم ڪهڙي طرح جي آهي. جڏهن ته چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ٻين ڪيترن ئي مرڪزي اڳواڻن کي روسي ڪميونزم جي پوري ۽ صحيح ڄاڻ هئي، نه ئي مائو کي روسي زبان ايندي هئي، جو هو ڪارل مارڪس ۽ لينن جو مطالعو ڪري سگهي. جيتوڻيڪ هو اها دعويٰ ضرور ڪندو رهندو هو ته هو چين کي هر طرح سان ڄاڻي ۽ سمجهي ٿو. مائوزي تنگ ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي روس پرست اڳواڻن جا پاڻ ۾ اختلاف 1942ع جي مبينا اصلاحي مهم جي موقعي تي عروج تي پهچي ويا. ان اصلاحي مهم جو مقصد ڪارل مارڪس جي نظريي ۽ لينن جي اصولن کي چيني ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد بڻائڻو هو ته جيئن اهي 1937ع جي توسيعي پروگرام تحت ڀرتي ڪيل هزارين نون ڪارڪنن لاءِ به قابل عمل بڻجي سگهن. ان سلسلي ۾ پارٽي ڪارڪنن جي فائدي لاءِ لينن، اسٽالن ۽ بلغاريه جي ڪوٽرن ليڊر جارجي ڪيروف جي ڪتابن ۽ بيانن جو مطالعو ضروري سمجهيو ويندو هو، پر مائوزي تنگ جو ان سان گڏوگڏ اهو نظريو به هو ته چينين کي لڪير جو فقير به بڻائڻ گهرجي، يا چين کي انڌاڌنڌ روس جو نقل شروع ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي روسي هدايتن جو محتاج بڻجڻ گهرجي.
جڏهن مائوزي تنگ جي ڳوٺاڻي مهم جو چوٿون ۽ آخري مرحلو شروع ٿيو، جنهن ۾ مائوزي تنگ جي فوج ۽ ڪومنيٽانگ يعني چيانگ ڪائي شيڪ جي فوج ۾ جنگ شروع ٿي وئي ته روس جي سربراهه اسٽالن جي چيني ڪميونسٽن جي فتح لاءِ دلچسپي گهٽجي وئي. اسٽالن کي اهو يقين ئي نه هو ته ڪو چيني ڪميونسٽن کي واضح ۽ حقيقي فتح حاصل ٿي ويندي، پر هو محسوس ڪندو هو ته جيڪڏهن چيني ڪميونسٽ اقتدار ۾ اچي ويا ته اهي سوويت روس لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويندا، پر 20 آڪٽوبر 1949ع تي مائو جڏهن عوامي جمهوريه چين جو اعلان ڪيو ۽ ان جو چيئرمين بڻجڻ قبول ڪيو ته ان کان سواءِ ڪو چارو نه هو ته اسٽالن ڪنهن نه ڪنهن طرح صورتحال کي تسليم ۽ قبول ڪري.
مائوزي تنگ جيڪو هينئر عوامي جمهوريه چين جو چيئرمين بڻجي چڪو هو. ڊسمبر 1949ع ۾ ماسڪو جي دوري تي ويو ۽ ان ڊگهي ۽ صبر واري ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ مائو اسٽالن کي نه رڳو روس ۽ چين جي پاڻ ۾ دوستي ۽ هڪ ٻئي جي مدد واري معاهدي تي صحيح ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر روس کان محدود اقتصادي امداد به حاصل ڪري ورتو پر ان کان پهريان جو چين روسي امداد مان فائدو وٺي چين کي ڪوريا جي جنگ ۾ ڪوريا جي پيانگ يانگ حڪومت جو ساٿ ڏيڻو پيو، جنهن جي پٺيان روس هو ۽ ڪوريا جي جنگ ۾ ٽپو ڏيڻ کان پوءِ ئي اسٽالن کي يقين ٿيو ته مائوزي تنگ قابل اعتماد آهي. اسٽالن کان پوءِ جڏهن خروشيف جو دؤر آيو ته هو آمريڪي سامراجيت جو هٿيار بڻجي ويو. مائو سمجهيو ٿي ته آمريڪا ڪوريا کي چين تي حملي لاءِ اڏو بڻائڻ چاهي ٿو. جڏهن 1957ع ۾ آمريڪا ”سرخ چين“ جي ڀرپاسي پنهنجا اڏا قائم ڪري ورتا ته مائوزي تنگ پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو:
”ڇا اسان ان سان ڊڄي وينداسين؟ هو بيشڪ ايٽم بم استعمال ڪن، جيڪڏهن 70 ڪروڙ چينين مان 40 ڪروڙ مارجي ويا، تڏهن به 30 ڪروڙ چيني پنهنجن دشمنن کي منهن ڏئي ويندا.“ ۽ پوءِ 3 سالن جي اندر اندر دنيا اهو ٻڌي تعجب ۾ پئجي وئي ته چين ميزائل بردار ايٽم بم تيار ڪري ورتو آهي.“
اسٽالن جي موت کان پوءِ به ڪيترن ئي سالن تائين چيني پنهنجي ملڪ ۾ ان ئي قسم جو سوشلزم هلائيندا رهيا، جيڪو روس جي سوشلزم جي نقل برابر هو. عوامي جمهوريه چين جي قيام کان پوءِ پهرين 10 سالن جي عرصي ۾ مائوزي تنگ شايد ئي ڪنهن عوامي ۽ وڏي تقريب ۾ نظر آيو. پرڏيهي سفيرن جي اچڻ تي رسمي تقريبن ۾ انهن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ يا چيئرمين جي حيثيت سان فرمانن تي صحيحون ڪرڻ کان سواءِ مائوزي تنگ جا صرف محدود بيان ۽ تقريرون هونديون.
31 جولاءِ 1955ع ۾ هو صرف رسمي سرڪاري لاڳاپن مان نڪري هڪ تمام وڏي ميڙ ۾ آيو ۽ هن هڪ ڏينهن اڳ 5 سالن جي ترقياتي پروگرام جي روشني ۾ هڪ زبردست تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن پوري ملڪ ۾ گڏيل مدد جي اصول تحت زرعي فارم قائم ڪرڻ تي زور ڏنو. اهو 4 سالن جو هڪ اهڙو دؤر شروع ٿيو، جنهن ۾ مائوزي تنگ زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجن ڪجهه دوستن جي مرضي جي خلاف پنهنجي من ماني ڪندو رهيو.
56-1955ع ۾ مائوزي تنگ پنهنجو ٽن جلدن تي ٻڌل ڪتاب ”سوشلزم جي سمنڊ جي ويرن جي لاٿ ۽ چاڙهه“ شايع ڪيو. ان ڪتاب ۾ سڄو مواد ڳوٺن ۾ اجتماعي فارم قائم ڪرڻ متعلق هو. 1956ع جي بهار واري موسم ۾ روس جي نئين ڊڪٽيٽر خروشيف اها تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن 1934ع ۾ روسي ڪميونسٽ پارٽي ۾ اسٽالن طرفان ڪيل اٿل پٿل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ته ان جي ٽن مهينن کان پوءِ مائوزي تنگ ان پاليسي جو اعلان ڪيو، جنهن تحت مختلف ۽ ٽڪراءَ وارن نظرين تي ٻڌل تقريرن جي آزادي ڏني وئي ته جيئن چين ۾ به اسٽالن جهڙا سخت قدم نه کڻڻا پون.
جيتوڻيڪ 1956ع ۾ پولينڊ ۽ هنگري ۾ سوويت روس جي قيادت خلاف بغاوتون ڀڙڪي اٿيون، پر مائوزي تنگ خيال جي آزادي واري پاليسي نه ڇڏي ۽ هن پنهنجي 27 فيبروري 1957ع جي مشهور تقرير ۾ پوري جرئت سان اهو اعلان ڪيو ته هر حڪومت کي عوام جي ٽڪراءَ وارن نظرين ۽ خيالن کي سهڻي نموني منهن ڏيڻ گهرجي. مائوزي تنگ جو خيال هو ته جن دانشورن ۽ ماهرن کي هن جنوري 1956ع ۾ خراج تحسين پيش ڪيو هو ۽ جن کي چين جي اقتصادي ترقي لاءِ اهم قرار ڏنو ويو هو، اهي اهو محسوس ڪري حڪمران پارٽي جي حمايت ۽ تائيد ڪندا ته حڪمران پارٽي پنهنجي پاڻ کي غلطين کان پاڪ نه ٿي سمجهي ۽ ڪجهه ماڻهن ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت تي به تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڏني.
اهو ئي ڪارڻ هو جو 1957ع ۾ مائوزي تنگ کي پنهنجو ڌيان خاصن کان هٽائي ڪري عوام تي ڏيڻو پيو. مائوزي تنگ پنهنجي دل ۾ اهو فيصلو ڪري ورتو هو ته جيڪڏهن ماهر اڃا مڪمل طور رستي تي نه آيا ته هو انهن کي ڪارخانن، صنعتن يا زرعي فارمن ۾ سڀ کان بيڪار جاين تي مقرر ڪري سڌو ڪري وٺندو. ان دوران چين کي موجوده جديد چين بڻائڻ لاءِ هو هر هڪ جي تخليقي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکندو. مائوزي تنگ کي چين جي دانشورن ئي انهيءَ انتهائي قدم تي مجبور ڪري ڇڏيو هو، پر اقتصادي ضرورت ان کان به گهڻو اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ چين ۾ اهي نيون پاليسيون لاڳو ڪيون ويون، جن کي اڳتي جي طرف هڪ وڏي چال چئي سگهجي ٿو.
چين لاءِ روسي امداد گهٽجندي پئي وئي. مائوزي تنگ ان نتيجي تي پهتو ته چين جي اقتصادي ترقي جي واحد ضمانت ان شڪل ۾ حاصل ٿي سگهي ٿي ته مزدورن، ڪاريگرن ۽ ڪارڪنن جا ننڍا ننڍا ادارا وڌ ۾ وڌ تعداد ۾ قائم ڪيا وڃن. جيڪي مقامي ذريعن ۽ وسيلن تي ڀاڙين ۽ اهڙا پروگرام شروع نه ڪيا وڃن، جن لاءِ ڳرو سرمايو گهربل هجي. جنهن تحت 1958ع ۾ اهڙا عوامي ادارا قائم ڪيا ويا ۽ ننڍن ننڍن اجتماعي ادارن جو هڪ وڏو ڄار وڇايو ويو.
جنوري 1967ع کان سيپٽمبر 1968ع تائين ڪيترن ئي صوبن ۾ انقلابي پارٽيون اقتدار کسڻ واري ڀڄ ڊڪ ۾ مصروف ٿي ويون. اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پارٽي جا اڳوڻا عهديدار، سرخ گارڊ، انقلابي باغي ۽ آزادي واري عوامي فوج جا ميمبر شامل هئا. ان کان پوءِ صفائي جو عمل شروع ٿيو ۽ عين ان وقت اپريل 1969ع تائين پارٽي ڪانگريس منعقد ڪئي وئي ۽ پارٽي جي ٻيهر تنظيم سازي شروع ڪئي وئي، جنهن تحت اڳوڻن ميمبرن مان ڪيترن ئي کي برقرار رکيو ويو، پر عوام سان گهرو رابطو قائم ڪرڻ جي حڪمت عملي شروع ڪئي وئي.
چين جي ثقافتي انقلاب متعلق اهو حتمي اندازو قائم نه ٿو ڪري سگهجي ته اهو سڄو سارو مائوزي تنگ جي اڳوڻن تصورن تي ٻڌل هو، پر اهو مڃڻو پوندو ته مائوزي تنگ واقعي چيني معاشري ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو هو. بهرحال ان حقيقت ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش ناهي ته مائوزي تنگ جي تازين پاليسين ئي نه پر ان جي عملي زندگيءَ ئي چين جي قومي انقلاب کي ڪامياب بڻايو ۽ جيتوڻيڪ جديد عظيم چين جي هر ڪاميابي جو سهرو مائوزي تنگ جي مٿي تي نه ٿو ٻڌي سگهجي. اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته چين جي تعمير ۽ ترقي ۾ گهڻو ڪري عملي ڪردار مائوزي تنگ جو ئي هو. هن دنيا جي سڀ کان وڏي آبادي جي مالڪ ملڪ کي بيدار ڪرڻ، باڪردار بڻائڻ ۽ چين جي آزادي ۽ خودمختياري جو تحفظ ڪري دنيا جي پنجين سڀ کان وڏي قوت جو درجو ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.

مائوزي تنگ جو فڪر

[b]ڪميونسٽ پارٽي:
[/b]• انقلاب آڻڻ لاءِ انقلابي پارٽي جو هجڻ تمام ضروري آهي. انقلابي پارٽي کان سواءِ مارڪسي ۽ لينني انقلابي طرز تي قائم ڪيل جماعت کان سواءِ مزدور طبقي ۽ عوام جي قيادت ڪرڻ ۽ سامراج ۽ ان جي ڇاڙتن کي شڪست ڏيڻ ناممڪن آهي.
“انقلابي دوستو! متحد ٿي سامراجي حملي خلاف ڄمي بيهو.“ (نومبر 1947)
• مارڪسزم ۽ لينن ازم جي نظريي سان هٿياربند هڪ اهڙي پارٽي، جيڪا پنهنجو احتساب ڪندي رهي ۽ جيڪا عوام سان گهرو رابطو قائم رکي. اهڙي پارٽي جي قيادت هيٺ فوج، اهڙي پارٽي جي قيادت ۾ سمورين انقلابي تنظيمن ۽ گروهن جو هڪ متحده محاذ اهي 3 اهڙا هٿيار آهن، جن جي مدد سان اسان دشمن کي شڪست ڏني آهي.
“عوامي جمهوري آمريت تي اظهار خيال” (30 جون 1949ع) چونڊ تحريرون
• جيئن ته اسان چوندا رهندا هئاسين، تحريڪ اصلاح اصل ۾ مارڪسي تعليم جي هڪ وسيع تحريڪ آهي. اصلاح جو اهو مقصد آهي ته سڄي ڪميونسٽ پارٽي پاڻ تنقيد جي ذريعي مارڪسزم جو مطالعو ڪري، اسان يقيني طورتي تحريڪ اصلاح دوران مارڪسزم متعلق گهڻو ڪجهه سکي سگهون ٿا.
“چيني ڪميونسٽ پارٽي جي پروپيگنڊه ڪم تي قومي ڪانفرنس ۾ تقرير”(12 مارچ 1957ع)
• چين جي ڪروڙين ماڻهن لاءِ بهتر معاشي ذريعا حاصل ڪرڻ ۽ اقتصادي ۽ ثقافتي لحاظ کان پسمانده ملڪ کي هڪ خوشحال ۽ طاقتور ملڪ ۾ تبديل ڪرڻ انتهائي محنت طلب ڪم آهي. ان ڪم کي سهڻي نموني ڪرڻ لاءِ اسان کي پارٽي کان ٻاهر انهن ماڻهن سان گڏجي به ڪم ڪرڻو پوندو، جن جا خيال بلند آهن ۽ جيڪي اصلاح جا حامي آهن. تنهن ڪري اسان کي حال ۽ مستقبل ٻنهي ۾ تحريڪ اصلاح کي زورشور سان هلائڻو پوندو ۽ پنهنجي هر خامي کي دور ڪرڻو پوندو.
ڪنهن انقلابي پارٽي جي پاليسي ان جي سمورن عملي ڪمن جي آغاز جو نقطو هوندي آهي ۽ پنهنجي پاڻ کي ان پارٽي جي عملي ڪمن دوران ۽ نتيجن طور ظاهر ڪندي رهندي آهي. ڪا انقلابي پارٽي جڏهن ڪو عملي قدم کڻندي آهي ته اها پنهنجي پاليسي کي به عمل جو لباس پارائي رهي هوندي آهي. جيڪڏهن اها صحيح پاليسي کي عملي لباس نه پارائي رهي هوندي آهي ته ڪنهن غلط پاليسي جي اثر هيٺ هوندي آهي. بهرحال ان جي ڪا نه ڪا پاليسي ضرور هوندي آهي. جيڪڏهن اها شعوري طور تي ڪنهن قائم ڪيل پاليسي تي گامزن نه هوندي آهي ته انڌاڌنڌ ايئن ڪرڻ ۾ مصروف هوندي آهي، جنهن شيءِ کي اسان تجربو چئون ٿا. اهو ڪنهن پاليسي کي عملي لباس پارائڻ جو عمل ۽ آخري نتيجو هوندو آهي. فقط عوام جي عمل ذريعي يعني تجربي جي ذريعي اسان ڪنهن پاليسي جي غلط يا صحيح هجڻ جي تصديق ڪري سگهون ٿا ته اها ڪنهن حدتائين صحيح يا غلط آهي، پر عوام جو عمل خاص طور تي هڪ انقلابي پارٽي ۽ انقلابي عوام جي عمل جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن پاليسي سان ضرور هوندو آهي. تنهن ڪري ڪوبه عملي قدم کڻڻ کان پهريان اسان کي پارٽي ۽ عوام جي آڏو ان پاليسي جي وضاحت ڪرڻي پوندي، جيڪا اسان خاص حالتن کي نظر ۾ رکندي مرتب ڪئي هوندي آهي نه ته پارٽي جا ميمبر ۽ عوام اسان جي پاليسي جي قيادت کان ڌار ٿي بي سوچيل سمجهيل ڪم ڪرڻ لڳندا ۽ ڪنهن غلط پاليسي تي گامزن ٿي ويندا.
“صعنت ۽ ڪامرس متعلق پاليسي تي خيالن جو اظهار” (27 فيبروري 1948ع)
• اسان جي پارٽي چيني انقلاب متعلق هڪ عام لائن ۽ هڪ عام پاليسي لاڳو ڪرڻ کان سواءِ ڪم ڪرڻ جون ڪجهه پاليسيون ۽ ڪجهه خاص لائينون متعين ڪري رکيون آهن، پر اڪثر ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اسان سان ڪافي ڪامريڊ انهن خاص پاليسين کي ته ياد رکن ٿا، پر ڪم ڪرڻ جي عام لائينن ۽ عام پاليسي کي وساري ٿا ڇڏين. عام لائين ۽ عام پاليسي کي وسارڻ کان پوءِ اسان انڌا ۽ پريشان انقلابي بڻجي وينداسين ۽ جڏهن اسان ڪنهن خاص لائن ۽ خاص پاليسي تي گامزن ٿينداسين ته پنهنجو توازن وڃائي ڪڏهن کاٻي ته ڪڏهن ساڄي لڏندا رهنداسين، اهڙي طرح اسان جي ڪم کي نقصان پهچندو.
“شانسي، سويوان جي آزاد ڪيل علائقي جي ڪميونسٽ عملي جي
هڪ پريس ڪانفرنس ۾ تقرير” (01 اپريل 1948ع)
• ڪنهن به معاشري ۾ ردوبدل جي محرڪ گهڻو ڪري ان معاشري جي داخلي اختلافن جي واڌويجهه آهي، يعني پيداواري قوتن ۽ پيداوار جي تعلق وچ ۾ اختلاف، مختلف پارٽين وچ ۾ ٽڪراءُ ۽ نئين ۽ پراڻي جي وچ ۾ اختلاف، اختلافن جي اها ترقي ۽ واڌويجهه ڪنهن معاشري کي اڳتي جي طرف وڌائي ٿي ۽ نئين معاشري کي پراڻي معاشري تي غالب ڪرڻ جي محرڪ بڻجي ٿي.
“اختلافن جي اهميت” (آگسٽ 1937ع) چونڊ تحريرون
• جاگيردار طبقي جي بي رحماڻي ڦرلٽ ۽ سياسي جبر هارين کي انهن خلاف بغاوت ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. اها هاري طبقي جي جدوجهد، بغاوتون ۽ جنگيون هيون، جن چيني جاگيرداراڻي معاشري ۾ تاريخي ترقي جي حقيقي ۽ بامقصد طاقت کي جنم ڏنو.
“چيني انقلاب ۽ چيني ڪميونسٽ پارٽي” (ڊسمبر 1939ع)
• آخري تجزئي جي طور تي قومي جدوجهد، طبقاتي جدوجهد جي ڳالهه آهي. آمريڪا جي سفيد فارم باشندن مان فقط بااقتدار حڪمران رجعت پسند طبقو ئي اتي جي ڪارن باشندن تي مڙهيل آهي. اهي ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ انهن مزدورن، هارين، انقلابي اديبن ۽ ٻين روشن خيال ماڻهن جي نمائندگي نه ٿا ڪري سگهن، جيڪي سفيد فارم ماڻهن جي اڪثريت تي مشتمل آهن.
“نسلي امتياز خلاف آمريڪي حبشين جي انصاف تي ٻڌل جدوجهد جي حق ۾ بيان” (8 آگسٽ 1963ع)
• دنيا وارؤ! متحد ٿي آمريڪي حملو ڪندڙن ۽ انهن جي ڇاڙتن کي هيٺ ڏيکاريو. عوام کي منظم ڪرڻ اسان جو فرض آهي، جيستائين چين جي رجعت پسند طبقي جو تعلق آهي، اسان جو فرض آهي ته عوام کي منظم ڪري ان طبقي کي اقتدار کان محروم ڪري ڇڏيون. رجعت پسند ماڻهو هر جاءِ تي هڪ جهڙا ئي آهن. جيڪڏهن اوهان انهن کي ڌڪ نه هڻندو ته اهي ڪرڻ جو نالو ئي نه وٺندا. اهو ٻهارو ڏيڻ جي برابر آهي يعني فرش تي جتي جتي ٻهارو لڳندو اها جاءِ صاف ٿي ويندي ۽ جيڪا جاءِ ٻهاري جي پهچ کان پري رهندي اتي مٽي ۽ ڄارو بدستور ڄميل رهندو.
“جاپان خلاف جنگ ۾ فتح کان پوءِ اسان جي پاليسي ۽ صورتحال” (13 آگسٽ 1945ع)
• چيانگ ڪائي شيڪ جي هميشه اها ئي ڪوشش هوندي هئي ته هو عوام کي ذري برابر اقتدار ۽ ڪڻڪ جي هڪ داڻي کان به محروم رکي ۽ اسان؟ اسان جي پاليسي ادلي جو بدلو ڏيڻ آهي ۽ زمين جي هر انچ لاءِ وڙهڻو آهي. هن جو سلوڪ اسان جي سلوڪ جي اڳڪٿي هوندو آهي، هو هميشه عوام تي جنگ مڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن جي کاٻي ۽ ساڄي ٻنهي هٿن ۾ تلوار آهي. هن جي نقش قدم تي هلندي اسان به تلوار کڻي وٺندا آهن. هاڻي جڏهن چيانگ ڪائي شيڪ پنهنجون تلوارون تيز ڪري رهيو آهي، اسان کي به هٿيار تيز ڪرڻ گهرجن.
“جاپان خلاف جنگ ۾ فتح کان پوءِ اسان جي پاليسي ۽ صورتحال”
• اسان جو دوست ڪير آهي؟ اسان جو دشمن ڪير آهي؟ انقلاب لاءِ اهو اولين اهميت جو سوال آهي؟ چين جي اندر اڳوڻين انقلابي جدوجهد جي ناڪامين جو بنيادي ڪارڻ اهوئي هو، جو اهي ماڻهو پنهنجن حقيقي دشمن تي حملا ڪرڻ لاءِ پنهنجي دوستن کي سڃاڻن ۽ ان اسان گڏجڻ ۾ ناڪام رهيا هئا. هڪ انقلابي جماعت عوام جي رهنما هوندي آهي ۽ جڏهن انقلابي جماعت عوام کي گمراهه ڪري ڇڏي ته ڪوبه انقلاب ڪامياب نه ٿو ٿي سگهي. انقلاب ۾ ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته اسان عوام کي گمراهه نه ڪيون ۽ پنهنجي حقيقي دشمن تي حملا ڪرڻ خاطر پنهنجن حقيقي دوستن سان متحد ٿيڻ طرف ڌيان ڏيون. حقيقي دشمنن ۽ دوستن جي سڃاڻپ لاءِ ضروري آهي ته اسان چيني معاشري ۾ مختلف پارٽين جي اقتصادي حالت جو عام تجزيو ڪيون ۽ انقلاب بابت انهن جي نظرين جو پتو لڳايون.
“چيني معاشري ۾ مختلف طبقن جو تجزيو”(مارچ 1926ع)
• جيڪو به انقلابي ماڻهن جي حمايت ڪري ٿو، اهو سڄو انقلابي آهي. جيڪو به سامراجيت، جاگيرداري، افسر شاهي ۽ سرمائيداري جو حامي آهي، اهو انقلابي قوتن جو دشمن آهي، جيڪو به لفظن ذريعي انقلابي ماڻهن جي حمايت ڪري ٿو پر پنهنجي عمل ۾ ان جي خلاف آهي ته اهو فقط زباني طور تي انقلابي آهي، پر جيڪو عمل ۽ لفظن ٻنهي ذريعي انقلاب پسندن جو حامي آهي، اهو صحيح معني ۾ انقلاب پسند آهي.
“چيني عوامي مشاورتي ڪانفرنس جي پهرين قومي ڪميٽي جي ٻئي اجلاس جي پڄاڻي واري تقرير” (23 جون 1950ع)
• جيڪڏهن دشمن اسان جي ڪنهن ماڻهو، ڪنهن فوج يا ڪنهن مڪتبه فڪر تي حملو نه ٿو ڪري ته منهنجي خيال ۾ اها هڪ خراب ڳالهه آهي، ڇو جو ان جو مطلب ته اسان ۽ اسان جو دشمن هڪ ئي سطح تي بيٺا آهيون. جيڪڏهن اسان جو دشمن اسان تي حملو ڪري ٿو ته اها سٺي ڳالهه آهي. ڇو جو ان مان ثابت ٿو ٿئي ته اسان ۽ دشمن جي وچ ۾ هڪ امتيازي ليڪو ڇڪجي ويو آهي. جيڪڏهن دشمن اسان تي انڌاڌنڌ حملو ڪري ٿو ۽ گارگند ڪري ٿو ته ان مان خبر پوي ٿي ته اسان پنهنجي ۽ هن جي وچ ۾ رڳو جدا حد قائم نه ڪئي آهي، پر هڪ وڏي حد تائين پنهنجو مقصد به حاصل ڪري ورتو آهي.
“دشمن جو حملو خراب شيءِ نه پر سٺي شيءِ آهي.” (26 مئي 1939ع)
• جيتوڻيڪ چين ۾ سوشلسٽ انقلاب جي بدولت ذاتي ملڪيت جو نظام ختم ٿي چڪو آهي ۽ عوام جي وڏي پيماني تي انقلابي جدوجهد هڪ حدتائين پڄاڻي تي پهچي چڪي آهي، پر اڃا تائين شڪست کاڌل جاگيردارن ۽ دولتمندن جون نشانيون باقي آهن. طبقاتي جدوجهد ختم ناهي ٿي. پرولتارين ۽ بورجواين وچ ۾ طبقاتي ۽ نظرياتي ڇڪتاڻ اڃا گهڻي عرصي تائين جاري رهندي ۽ ڪجهه وقتن تي شدت اختيار ڪري وٺندي، پرولتاري پنهنجي نقطه نظر سان دنيا کي بدلائين ٿا، بورجوا به اهوئي ڪجهه چون ٿا، ان لحاظ سان اڃا تائين اهو مسئلو حل ناهي ٿيو ته اشتراڪي نظام کٽيندو يا سرمائيداراڻو نظام.
“عوام وچ ۾ اختلافن کي صحيح طور تي سمجهڻ” (27 فيبروري 1987ع)
• اسان جي ملڪ ۾ سوشلزم ۽ سرمائيداري وچ ۾ نظرياتي ڇڪتاڻ جو فيصلو ٿيڻ ۾ اڃا چڱي ڀلي دير لڳندي. ان جو سبب اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ بورجواين ۽ اديبن جو اثر به چڱي ڀلي دير تائين جاري رهندو. اهڙي طرح انهن جا طبقاتي نظريا به قائم رهندا. جيڪڏهن اها ڳالهه پوري طرح نه سمجهي وئي ته وڏي غلطي هوندي.، جنهن جي ڪري نظرياتي ميدان ۾ جنگ جاري رکڻ جي اهميت کي نظرانداز ڪيو ويندو.
اسان جي ملڪ ۾ بورجوا ۽ نيم بورجوا نظريو ۽ مارڪسٽن خلاف نظريو اڃا گهڻي دير تائين جاري رهندو. بنيادي طورتي اسان جي ملڪ ۾ سوشلسٽ نظام قائم ٿي چڪو آهي. اسان پيداوار جي ذريعن جي ملڪيت کي تبديل ڪرڻ جي بنيادي جنگ کٽي سگهون ٿا، پر اڃا تائين اسان سياسي ۽ نظرياتي محاذن تي مڪمل فتح حاصل ناهي ڪئي. نظرياتي ميدان ۾ اڃا تائين اهو مسئلو حل ناهي ٿيو ته پرولتارين ۽ بورجواين وچ ۾ جنگ ۾ آخرڪار ڪير ڪامياب ٿيندو. اسان کي بورجوا ۽ نيم بورجوا نظريي خلاف اڃا ڊگهي جنگ ڪرڻي آهي. اها ڳالهه نه سمجهندي نظرياتي جدوجهد کي ختم ڪري ڇڏڻ هڪ غلطي آهي. اسان کي سمورن غلط خيالن ۽ زهريلي جڙي ٻوٽين جي سختي سان ڀڃ ڊاهه ڪرڻي آهي. انهن کي ڪنهن به حالت ۾ وڌڻ ويجهڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، پر اسان جي تنقيد تجزياتي ۽ دليلن سان ڀرپور هجڻ گهرجي نه ئي بورجوائي قسم جي تنگ نظريي تي ٻڌل.
“پروپيگنڊه ڪم تي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي قومي ڪانفرنس ۾ تقرير”(12 مارچ 1957ع)
• محدود نظري ۽ ترميم پسندي، اهي ٻئي مارڪسزم جون مخالف آهن. مارڪسزم کي هر حالت ۾ ترقي پذير ۽ ڪڏهن ڄميل نه هجڻ گهرجي، جيڪڏهن اهو دقيانوسي ۽ ڄميل ٿي ويو ته بيجان بڻجي ويندو، پر مارڪسزم جي بنيادي اصولن کان ڪڏهن منهن نه موڙڻ گهرجي نه ته ڪيترن ئي قسمن جون غلط فهميون پيدا ٿيڻ لڳنديون. مارڪسزم کي مافوق الفطرت نقطه نظر سان ڏسڻ ۽ ان کي ڪا بي لچڪ شيءِ سمجهڻ محدود نظري آهي. مارڪسزم جي بنيادي اصولن جي ترديد ڪرڻ ۽ ان جي سڄي سچائي کان انڪار ڪرڻ ترميم پسندي آهي. ترميم پسندي بورجوائي نظريي جو هڪ قسم آهي. ترميم پسند سوشلزم ۽ سرمائيداري جي وچ ۾ آمريت، پرولتاري آمريت ۽ بورجوائي آمريت جي وچ ۾ ڪنهن قسم جي فرق کان منڪر آهن. جنهن شيءِ جي هو اشاعت ڪن ٿا اهو سوشلسٽ نظريو نه پر سرمائيداراڻو نظريو آهي. موجوده حالتن ۾ محدود نظري کان گهڻو وڌيڪ ترميم پسندي نقصانڪار آهي. نظرياتي محاذ تي اڄڪلهه اسان جي اهم ترين ڪمن مان هڪ اهو به آهي ته ترميم پسندي جي تنقيد جو پول کوليون.
ترميم پسندي ۽ موقعي شناستي هڪ اهڙو بورجوائي رجحان آهي، جيڪو محدود نظريي کان گهڻو وڌيڪ خطرناڪ آهي. ترميم پسند ۽ موقعي شناس زباني طورتي مارڪسزم جي حمايت ڪندا آهن ۽ محدود نظري کي گهٽ وڌ چوندا آهن، پر جنهن شيءِ تي حملو ڪري رهيا هوندا آهن اها اصل ۾ مارڪسزم جي اندر هڪ اهڙو ٺهراءُ آهي جيڪو باجي جي سرن جي اندر هوندو آهي. اهي ماديت ۽ مارڪسي منطق جي مخالفت ڪندا آهن يا ان جي شڪل بگاڙي ڇڏيندا آهن. اهي عوام جي جمهوري آمريت ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي نمايان ڪردار کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهڙي طرح سوشلسٽ تبديلين ۽ سوشلسٽ تعمير جي مخالفت يا انهن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اسان جي ملڪ ۾ سوشلسٽ انقلاب جي بنيادي فتح کان پوءِ اڃا تائين ڪجهه اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي سرمائيداراڻي نظام کي ٻيهر بحال ڪرڻ ۽ مزدور طبقي جي هر محاذ تي مخالفت ڪرڻ جي اجائي اميد لڳايو ويٺا آهن، ان ڇڪتاڻ ۾ ترميم پسند انهن سان گڏ آهن.
“عوام جي وچ ۾ اختلافن کي صحيح طورتي سمجهڻ” (27 فيبروري 1957ع)

[b]سوشلزم ۽ ڪميونزم
[/b]• ڪميونزم پرولتاري نظريي جو هڪ مڪمل نظام ۽ نئون معاشرتي نظام آهي. هي ٻئي ڪنهن به نظرياتي ۽ معاشرتي نظام کان جدا آهي ۽ انساني تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ جامع، ترقي پسند، انقلابي ۽ اعتدال پسند نظام آهي. جاگيرداري جو نظرياتي ۽ معاشرتي نظام فقط تاريخ جي عجائب گهر ۾ رکڻ واري شي آهي. دنيا جي هڪ حصي ۾ (سوويت يونين) سرمائيداري جو نظرياتي ۽ معاشرتي نظام به تاريخ جي عجائب گهر ۾ رکجي چڪو آهي ۽ ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ به ان جا پويان پساهه آهن. ان کي جلد ئي وقت جي عجائب گهر ۾ رکيو ويندو. اڄڪلهه ته اشتراڪي، نظرياتي ۽ معاشرتي نظام ئي زندگي جي طاقتن سان ڀرپور آهي ۽ هڪ طوفان وانگر دنيا ۾ گجگوڙ پيو ڪري.
“نئين جمهوريت تي خيالن جو اظهار” (جنوري 1940ع)
• مجموعي طورتي ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت هيٺ چيني انقلابي تحريڪ جا ٻيا مرحلا آهن. يعني جمهوريت ۽ سوشلسٽ انقلاب، جيڪي بنيادي طورتي ٻه مختلف انقلابي عمل آهن. ٻيو عمل ان صورت ۾ پڄاڻي تي پهچائي سگهجي ٿو جڏهن پهريون عمل مڪمل ٿي وڃي. جمهوري انقلاب سوشلسٽ انقلاب لاءِ ضروري آهي ۽ سوشلسٽ انقلاب جمهوري انقلاب جي لازمي ڪڙي آهي. اها آخري منزل جنهن لاءِ ڪميونسٽ ڪوشان آهن ۽ هڪ سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ معاشري کي جنم ڏيندو.
“چيني انقلاب ۽ چيني ڪميونسٽ پارٽي” (ڊسمبر 1939ع)
• سوشلسٽ انقلاب جو مقصد پيداواري قوتن کي آزاد ڪرڻ آهي. زراعت، هٿ جي هنر ۽ صنعت جي شعبن ۾ انفرادي ۽ پرائيويٽ ملڪيت کان سوشلسٽ ۽ اجتماعي ملڪيت طرف اها تبديلي پيداواري قوتن کي حد کان وڌيڪ آزاد ڪري ڇڏيندي يعني صنعتي ۽ زرعي پيداوار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ معاشرتي حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن.
“سپريم ڪورٽ ڪانفرنس ۾ تقرير” (25 جنوري 1956ع)
• اسان هينئر رڳو معاشرتي نظام ۽ نجي کان عوامي ملڪيت ئي ۾ انقلاب نه آڻي رهيا آهيون، پر ٽيڪنالوجي ۽ هٿ جي هنر سان وڏي پيماني تي جديد مشيني پيداوار ۾ به انقلاب آڻڻ لاءِ ڪوشان آهيون. انهن ٻنهي انقلابن جو پاڻ ۾ گهرو واسطو آهي. زراعت جي شعبي ۾ اسان جي ملڪ جي موجوده حالتن موجب گڏيل امداد ذريعي وڏين مشينن جو استعمال انتهائي ضروري آهي. (سرمائيدار ملڪن ۾ زراعت جي ترقي سرمائيداراڻي طريقي سان ٿيندي آهي) تنهن ڪري اسان کي ڪنهن به صورت ۾ صنعت ۽ زراعت، سوشلسٽ صنعت ڪاري ۽ زراعت جي سوشلسٽ تبديلي کي (2) مختلف شيون تصور نه ڪرڻ گهرجن ۽ ڪنهن به صورت ۾ هڪ جي اهميت کي گهٽ ڪري ٻئي جي اهميت کي وڌائڻ نه گهرجي.
“گڏيل زرعي امداد جي مسئلي تي خيالن جو اظهار” (31 جولاءِ 1955ع)
• نئون معاشرتي نظام به هاڻي ئي قائم ٿيو آهي. ان جون پاڙون مضبوط ٿيڻ لاءِ وقت گهربل آهي. اهو ڪڏهن به سوچڻ نه گهرجي ته نئون نظام قائم ٿيندي ئي پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري وٺندو. اهو ناممڪن آهي اهو آهستي آهستي پنهنجون پاڙون مضبوط ڪندو آهي، ان کي استحڪام بخشڻ لاءِ ملڪ ۾ سوشلسٽ صنعت ڪاري ۽ اقتصادي محاذ تي سوشلسٽ انقلاب ئي ضروري ناهي پر سياسي ۽ نظرياتي محاذن تي هڪ مسلسل اڻٿڪ سوشلسٽ انقلابي جدوجهد جي ضرورت آهي. ان کان علاوه ڪجهه ٻين مددگار بين الاقوامي عنصرن جي به ضرورت آهي.
“پروپيگنڊه ڪم بابت چيني ڪميونسٽ پارٽي جي عوامي قومي ڪانفرنس ۾ ڪيل تقرير” (12 مارچ 1957ع)
• چين اندر سوشلسٽ نظام کي استحڪام ڏيڻ ۽ اهو فيصلو ڪرڻ جي جدوجهد ته اثرائتو سوشلزم يا سرمائيداراڻو نظام قائم ٿيندو، اڃا گهڻو وقت لڳندو، پر اسان سڀني کي اهو احساس هجڻ گهرجي ته سوشلزم جو نئون نظام بنا شڪ استحڪام حاصل ڪندو. اسان يقيني طورتي جديد صنعت، جديد زراعت، جديد سائنس ۽ ثقافت سان هڪ سوشلسٽ ملڪ تعمير ڪري سگهون ٿا.
اسان جي ملڪ جي مخالفت ڪندڙ اديبن جو انگ تمام گهڻو آهي. اهي اسان جي ملڪ يعني پرولتاري آمريت کي پسند نه ٿا ڪن ۽ پراڻي معاشري جون آهون پيا ڀرين. انهن کي جڏهن به ڪو موقعو ملندو اهي انتشار پکيڙيندا ۽ ڪميونسٽ پارٽي جو تختو اونڌو ڪري پراڻي معاشري کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. پرولتاري ۽ بورجوا رستن، سوشلسٽ ۽ سرمائيداراڻن رستن مان اهي ماڻهو هٺ ڌرمي سان پهريان ذڪر ڪيل رستي تي هلڻ پسند ڪن ٿا. اهي ماڻهو سياسي، صنعتي، ثقافتي، تعليمي، سائنسي، فني ۽ مذهبي شعبن ۾ هر جاءِ تي نظر ايندا آهن ۽ اهي تمام گهڻا رجعت پسند آهن.
سڀ کان سنجيده هاري طبقي جي تعليم آهي. ٻهراڙي واري معيشت ٽڙيل پکڙيل هوندي آهي ۽ سوويت يونين جي تجربي جي روشني ۾ زراعت کي سوشلسٽ بڻائڻ ۾ ڪافي وقت لڳندو. اهو تمام ڏکيو ڪم آهي، پر زراعت کي سوشلسٽ بڻائڻ کان سواءِ سوشلزم جا بنياد مڪمل طورتي مضبوط نه ٿا ٿي سگهن.
“عوام جي جمهوري آمريت تي خيالن جو اظهار” (30 جون 1949ع)
گڏيل امداد جي وڏين وڏين انجمنن ۾ غريب هاري ۽ هيٺين وچولي هاري طبقي جي پوزيشن مضبوط ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ان طريقي سان غريب ۽ پيڙهيل هاري طبقي وچ ۾ اتحاد قائم ڪري سگهجي ٿو ۽ گڏيل امداد جي ادارن کي گڏيل طور مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. ان ئي طريقي سان ڪميونسٽ پارٽي جي پاليسي مطابق سمورن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ سوشلسٽ انقلاب اچي سگهي ٿو ۽ پيداوار کي وڌائي سگهجي ٿو. ٻي صورت ۾ غريب ۽ وچولن ڳوٺاڻن وچ ۾ نه ته اتحاد قائم ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي گڏيل امداد جي انجمنن کي مضبوط ڪري سگهجي ٿو، ان حال ۾ نه ته پيداوار کي هٿي ڏئي ٿي سگهجي ۽ نه ئي سمورن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ سوشلسٽ انقلاب اچي سگهي ٿو.

[b]چيني ٻهراڙي ۾ انقلاب
[/b]• وچولن هارين سان متحد ٿيڻ ضروري آهي ۽ متحد نه ٿيڻ غلط آهي، پر پوري ٻهراڙي ۾ سوشلسٽ پاسو پلٽڻ ۽ وچولن هارين سان متحد ٿيڻ لاءِ ڪميونسٽ پارٽي ۽ مزدور طبقي کي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ گهرجي؟ يقيناً غريب هارين کان سواءِ ڪنهن ٻئي تي اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي. جنهن زماني ۾ جاگيردارن خلاف ڪارروائي جاري هئي ۽ زرعي سڌارا لاڳو ڪيا پئي ويا ته ان زماني ۾ به ايئن ئي ڪيو ويو هو، اڄ به زراعت جي شعبي ۾ سوشلسٽ پاسو پلٽڻ لاءِ امير هارين ۽ ٻين سرمائيداراڻن عنصرن خلاف، جيڪا جدوجهد جاري آهي، ان ۾ به غريب هارين تي ٻيهر اعتماد ڪيو پيو وڃي. انهن ٻنهي انقلابي دؤرن ۾ وچولو هاري طبقو شروعاتي مرحلن ۾ لڏي ويو هو. واقعن جي عام رجحان ۽ انقلاب جي ويجهو پهتل فتح کي صاف طور تي ڏسڻ کان پوءِ ئي وچولا ڳوٺاڻا انقلاب جو پاسو وٺندا. وچولن هارين کي پاڻ سان ملائڻ لاءِ غريب هارين کي محنت ڪرڻي پوندي ته جيئن قطعي فتح تائين انقلاب کي ڏينهون ڏينهن وڌايو وڃي.
“فوان ڪائونٽي ۾ غريب هارين جي انجمن امداد ۽ انجمن وچولي طبقي جي گڏيل امداد انجمن جو سبق” نالي ڪتاب جو پيش لفظ، چيني ايڊيشن جلد ٻيو (1955ع)
• ”گڏيل زرعي امداد جي تحريڪ“ شروع کان ئي هڪ سخت قسم جي نظرياتي ۽ سياسي جدوجهد ڪري رهي آهي. گڏيل امداد جي ڪا انجمن به اهڙي قسم جي جدوجهد مان گذرڻ کان بغير قائم نه ٿي ٿي سگهي، ڪنهن پراڻي معاشري جي جاءِ تي ڪنهن نئين معاشري جو بنياد وجهڻ لاءِ ضروري آهي ته پهريان ان جاءِ کي چڱي طرح صاف ڪيو وڃي. اها حقيقت آهي ته پراڻي نظام جا بچيل سچيل خيال گهڻي عرصي تائين ماڻهن جي ذهنن جو پيڇو ڪندا رهندا ۽ اهي آساني سان پيڇو نه ٿا ڇڏين. گڏيل امداد جو ڪو ادارو قائم ڪرڻ کان پوءِ ان کي پنهنجا بنياد مضبوط ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد مان گذرڻو پوندو. ان کان پوءِ جڏهن اهو ٿڌو ٿيو ته ان جي ڍانچي جي تباهه ٿيڻ جو خطرو آهي.
“هڪ سنجيده سبق” نالي ننڍڙي ڪتاب جو تعارفي نوٽ (1955ع)
• گذريل ڪجهه سالن کان چين جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ سرمائيداري جون نيون قوتون آهستي آهستي ڪنڌ مٿي کڻي رهيون آهن، جڳهه جڳهه تي امير هاري اڀري رهيا آهن ۽ وچولي طبقي جا مڇي ماني وارا هاري امير تر ٿي رهيا آهن. ان جي ابتڙ ڪيترائي هاري پيداوار جا مناسب ذريعا نه هجڻ ڪري اڄ به بدحالي جو شڪار آهن، انهن مان ڪجهه ته قرض هيٺان دٻيل آهن، ڪجهه پنهنجون زمينون گروي رکي زندگي گذاري رهيا آهن. جيڪڏهن اهو رجحان بنا روڪ ٽوڪ جاري رهيو ته اسان جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ واري جدوجهد بيڪار ويندي. جن هارين جون زمينون کسجي چڪيون آهن، يا اڄ به بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن، اهي شڪايت ڪندا ته اسان انهن جون مشڪلاتون حل ڪرڻ ۽ انهن کي تباهي کان بچائڻ لاءِ ڪجهه به نه پيا ڪيون. ان کان سواءِ جيڪي مڇي ماني وارا وچولا هاري ڏينهون ڏينهن سرمائيداري طرف وڌي رهيا آهن، اهي به اسان مان خوش نه هوندا. ڇو ته سرمائيداراڻو رستو اختيار ڪرڻ کان سواءِ اسان سندن مطالبا پورا نه ٿا ڪري سگهون. ڇا انهن حالتن ۾ مزدورن ۽ هارين جو اتحاد ثابت قدم رهندو؟ هرگز نه. هڪ نئين بنياد کان سواءِ ان مسئلي جو ڪو به حل ناهي. ان جو مطلب اهو آهي ته اسان آهستي آهستي زراعت سان گڏوگڏ صنعت ۽ هٿ جي هنر جي شعبن ۾ به سوشلسٽ پاسو پلٽيندا رهون. ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب اهو آهي ته جاگيرداراڻي معيشت ۽ انفرادي معيشت کي ٻهراڙي مان ختم ڪري ڇڏجي ته جيئن سمورا ٻهراڙي وارا هڪ جهڙا ٿي وڃن. مزدورن ۽ هارين جي اتحاد کي پائيدار بڻائڻ جو اهو ئي واحد طريقو آهي.
“گڏيل زرعي امداد جي مسئلي تي خيالن جو اظهار” ( 31 جولاءِ 1955ع)
• عالمگير منصوبا بندي مان اسان جو مطلب آهي اهڙي منصوبا بندي جيڪا اسان جي ملڪ جي 60 ڪروڙ عوام جي مفادن جو خيال رکي. منصوبا ٺاهڻ وقت، ڪاروبار ڪرڻ وقت يا مسئلن تي غور ويچار ڪرڻ وقت اسان کي ان حقيقت جو خيال رکڻ گهرجي ته چين جي آبادي 60 ڪروڙ ماڻهن تي مشتمل آهي، اسان کي حقيقت کان ڪڏهن به منهن نه موڙڻ گهرجي.
“عوام وچ ۾ اختلافن کي صحيح نموني سمجهڻ ”(27 فيبروري 1957ع)
• ”ٻين ڳالهين کان سواءِ چين جي 60 ڪروڙ عوام جي نمايان ڳالهه اها به آهي ته اهي غريب ۽ ذهن جا ڪورا آهن. اها ڳالهه بظاهر خراب ٿي سگهي ٿي، پر حقيقت ۾ سٺي آهي. بدحالي انسان جي اندر پنهنجي حالت تبديل ڪرڻ، باعمل ٿيڻ ۽ انقلاب پيدا ڪرڻ جي خواهش کي جنم ڏي ٿي. ڪاغذ جي هڪ ڪوري پني تي بهترين تحرير لکي ۽ خوبصورت تصوير ٺاهي سگهجي ٿي.“
چيني انقلاب جي ملڪ گير فتح ۽ زرعي مسئلن جي حل کان پوءِ به چين جي اندر اهي بنيادي اختلاف موجود رهندا. پهريون اندروني اختلاف يعني مزدور طبقي ۽ بورجوا طبقي جي وچ ۾ اختلاف، ٻيو جارجي يعني چين ۽ سرمائيدار ملڪن وچ ۾ اختلاف. عوام جي جمهوري انقلاب جي فتح کان پوءِ مزدور طبقي جي قيادت ۾ ملڪي ڪاروهنوار کي ڪمزور نه ٿيڻ گهرجي، بلڪ ان کي ڏينهون ڏينهن مضبوط بڻائڻ گهرجي. “چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ستين مرڪزي ڪميٽي جي ٻئي ڪل اجلاس جي رپورٽ” (15 مارچ 1949ع)
• ”ڇا اوهان اسٽيٽ پاور ختم ڪرڻ چاهيو ٿا؟“ جي ها! پر هينئر نه، اسان ڃا ايئن نه ٿا ڪري سگهون آخر ڇو؟ ڇاڪاڻ ته اڃا سامراجيت موجود آهي. ڇاڪاڻ ته اڃا داخلي ردعمل موجود آهي، ڇاڪاڻ ته اڃا اسان جي ملڪ ۾ طبقاتي فرق موجود آهي. اسان جو موجوده ڪم عوامي رياست لاءِ نمايان مشينون يعني عوامي فوج، عوامي پوليس ۽ عوامي عدالتن کي مضبوط بڻائڻ آهي ته جيئن قومي دفاع ۽ عوامي مفادن کي استحڪام بخشي سگهجي.
“عوامي جمهوريت تي خيالن جو اظهار” (30 جون 1949ع)
• اسان جي ملڪ ۾ هڪ عوامي جمهوري آمريت آهي، جنهن جي قيادت مزدور طبقو ڪري ٿو ۽ جنهن جو بنياد مزدور ۽ هارين جي اتحاد تي قائم آهي. ان آمريت جو مقصد ڪهڙو آهي؟ اسان جو پهريون ڪم انهن رجعت پسند جماعتن جي ڦرلٽ ڪندڙ عنصرن کي چٿڻ آهي. جيڪي اسان جي ملڪ ۾ سوشلسٽ انقلاب جي مخالفت ٿا ڪن. ٻين لفظن ۾ اسان کي پنهنجن ٻين دشمنن جي وچ ۾ داخلي اختلاف ختم ڪرڻو آهي. مثال طور انقلاب جي مخالفن کي قيد ڪري انهن مٿان ڪيس هلائي انهن کي سزا ڏيڻ آهي، جاگيردارن، بورجوائين ۽ سرمائيدارن کي هڪ خاص عرصي لاءِ انهن جي آزادي، تقرير ۽ ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم ڪرڻ آهي. اهي سڀ ڳالهيون اسان جي آمريت جي حدن ۾ داخل آهن. امن امان قائم ڪرڻ ۽ عوام جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اهڙن قاتلن، بدمعاشن، ٺڳن ۽ دغابازن تي آمريت جو سڪو هلايو وڃي، جيڪي امن جا سخت دشمن آهن، ان آمريت جو ٻيو ڪم پرڏيهي دشمنن جي حملن ۽ اندروني ڏڦيڙ کان بچائڻ آهي، ان صورت ۾ ان آمريت جو مقصد اسان جي سمورن ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ آهي ته جيئن چين جا ماڻهو آرام سان چين کي جديد سائنس، صنعت، زراعت ۽ ثقافت جي لحاظ سان هڪ سوشلسٽ ملڪ بڻائي سگهن.
“عوام وچ ۾ اختلافن کي صحيح نموني سمجهڻ” (27 فيبروري 1957ع)
• عوام جي جمهوري آمريت لاءِ مزدور طبقي جي قيادت جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اهو مزدور طبقو ئي آهي، جيڪو ڏاهو، بي غرض ۽ مڪمل طور تي انقلابي هوندو آهي. انقلاب جي سڄي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته مزدور طبقي جي قيادت کان سواءِ انقلاب ناڪام ٿي ويندو آهي ۽ مزدور طبقي جي قيادت ۾ انقلاب ڪامياب ٿي وڃي ٿو.
“عوام جي جمهوري آمريت تي خيالن جو اظهار” (30 جون 1949ع)
• ”عوام جي جمهوري آمريت جو بيناد مزدور طبقي، هاري طبقي ۽ هيٺين بورجوا طبقي جي اتحاد ۽ گهڻو ڪري مزدورن ۽ هارين جي اتحاد تي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي طبقا چين جي 80 کان 90 سيڪڙو آبادي تي ٻڌل آهن. سامراجين ۽ رجعت پسندن کي شڪست ڏيڻ ۾ انهن ٻنهي طبقن جي طاقتن جو نمايان حصو آهي. نئين جمهوريت کان سوشلزم طرف وڌڻ جو گهڻو دارومدار به انهن ٻن طبقن جي اتحاد تي ئي آهي.“
طبقاتي جدوجهد، سائنٽيفڪ تجربا ۽ پيداوار لاءِ جدوجهد، اهي 3 عظيم انقلابي تحريڪون آهن، جيڪي هڪ طاقتور سوشلسٽ ملڪ جي تعمير لاءِ تمام ضروري آهن. اهي تحريڪون ان ڳالهه جي يقيني ضمانت آهن ته ڪميونسٽ آفيسر شاهي، محدود نظري ۽ ترميم پسندي کان آزاد ٿي ويندا ۽ کين ڪير به فتح نه ڪري سگهندو. اهي ان ڳالهه جي معتبر ضمانت آهي ته پرولتاري مزدورن سان متحد ٿي ويندا ۽ جمهوري آمريت تشڪيل ڏيندا. جيڪڏهن انهن تحريڪن جي غيرموجودگي ۾ جاگيردارن، امير هارين، رجعت پسندن ۽ هر قسم جي مخالف عنصرن کي ڪنڌ مٿي کڻڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ جيڪڏهن ان دوران اسان جي ڪارڪنن اکيون بند رکيون ۽ ڪجهه حالتن ۾ دشمن ۽ اسان جي وچ ۾ فرق محسوس ڪندڙ انهن سان تعاون ڪرڻ لڳا ۽ اسان جا مزدور ڪارڪن ۽ اديب رجعت پسندن جي نرم ۽ سخت هٿيارن خلاف غيرمسلح ٿي ويا ته ان صورت ۾ کين اسان جي انقلاب کي ناڪام بڻائڻ ۽ پراڻي فرسوده معاشرتي نظام کي ٻيهر قائم ڪرڻ ۾ گهڻو عرصو نه لڳندو. ان صورت ۾ مارڪسي ۽ لينني پارٽي بنا شڪ ترميم پسندن جي پارٽي يا وري فاشسٽ پارٽي بڻجي ويندي ۽ سڄي چين جو رنگ بدلجي ويندو.
“جسماني محنت ۾ ڪارڪنن جي شرڪت متعلق صوبي چيڪيانگ جي 7 جامع تحريرن تي نوٽ” (9 مئي 1963ع)
• چين ۾ سوشلزم کي مضبوط بنيادن تي بيهارڻ لاءِ چيني عوام ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت هيٺ هڪ زبردست تحريڪ اصلاح هلائي رهيو آهي. اها تحريڪ هڪ اهڙو ملڪ گير مناظرو هلائي رهي آهي، جيڪو آزاد به آهي ۽ پابند به. ان مناظري ۾ شهرن ۽ ڳوٺن اندر مختلف قسم جي مسئلن تي بحث ڪيو ويندو. مثال طور سوشلسٽ ۽ سرمائيداراڻي نظام ۾ ڀيٽ، ملڪ جو بنيادي نظام ۽ ان جون پاليسيون، ڪميونسٽ پارٽي جو طريقيڪار ۽ حڪومت جا کاتا ۽ عوام جي ڀلائي جو مسئلو. اهو مناظرو حقيقتن کي آڏو رکي ڪرايو ويندو ته جيئن عوام جي اندر حقيقي اختلافن کي ختم ڪري سگهجي، جيڪي فوري طور ڌيان طلب آهن. ماڻهن ۾ خود تعليمي ۽ خودنگري لاءِ اها هڪ سوشلسٽ تحريڪ آهي. “آڪٽوبر جي عظيم سوشلسٽ انقلاب جي 40 هين سالگره تقريبن جي موقعي تي سپريم سوويت روس جي اجلاس ۾ ڪيل تقرير” (6 نومبر 1957ع)
• تعميرات جي شعبي ۾ اسان جي سامهون تمام گهڻو ڪم پيو آهي، جيتوڻيڪ اسان جي پارٽي ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ميمبر آهن، پر پوءِ به اهي ملڪ جي آبادي جي مقابلي ۾ اقليت جي حيثيت رکن ٿا. سرڪاري کاتن ۽ عوامي ادارن ۾ گهڻو تڻو ڪم پارٽي کان ٻاهر جي ماڻهن کي ڪرڻو پوندو. اهو ڪم ايتري دير ۾ سهڻي نموني نه ٿو ڪري سگهجي، جيستائين عوام تي اعتبار ۽ پارٽي کان ٻاهر جي ماڻهن سان تعاون نه ڪنداسين، پارٽي جي اتحاد کي مضبوط تر بڻائڻ سان گڏوگڏ اسان جي لاءِ اهو به ضروري آهي ته اسان سمورن جمهوري طبقن، جمهوري جماعتن ۽ عوامي تنظيمن کي به مستحڪم بڻايون ۽ عوام جي جمهوري متحده محاذ کي وڌ کان وڌ وسعت ڏيون. ان سان گڏوگڏ اهو به ضروري آهي ته اسان جي صفن ۾ جيڪڏهن ڪو غيرصحت مند يا اسان جي پارٽي ۽ عوام وچ ۾ اتحاد کي نقصان پهچائڻ وارو ڪو عنصر نظر اچي ته ان جو صفايو ڪندا رهون..
“چيني ڪميونسٽ پارٽي جي اٺين قومي ڪانگريس ۾ افتتاحي خطاب” (25 سيپٽمبر 1956ع)

[b]عوامي اختلافن کي صحيح نموني سمجهڻ
[/b]• اسان ٻن قسم جي معاشرتي اختلافن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. پهريون اهي اختلاف، جيڪي اسان جي ۽ دشمن جي وچ ۾ موجود آهن، ٻيا اهي اختلاف جيڪي عوام جي اندر ملن ٿا. اهي ٻئي فطرت جي لحاظ کان بلڪل مختلف آهن. انهن ٻنهي اختلافن کي صحيح طورتي سمجهڻ کان پهريان اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ”عوام“ جو ڇا مطلب آهي؟ ۽ ”دشمن“ مان ڇا مراد آهي؟ موجوده مرحلي ۾ يعني سوشلزم جا بنياد مضبوط ڪرڻ واري مرحلي ۾ اهي سمورا طبقا ۽ جماعتون جيڪي سوشلسٽ تعميري نصب العين جون حامي آهن عوام جي زمري ۾ اچن ٿيون. ان جي ابتڙ اهي سموريون معاشرتي قوتون ۽ گروهه جيڪي سوشلسٽ انقلاب جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهن ٿا ۽ جيڪي سوشلسٽ تعمير کي نقصان پهچائڻ جي فڪر ۾ رهن ٿا، اهي عوام دشمن آهن.
چين جي موجوده حالتن ۾ عوام اندر جيڪي اختلاف ملن ٿا، اهي انهن اختلافن تي ٻڌل آهن جيڪي مزدور طبقي، هاري ۽ ادبي طبقي کانسواءِ ٻين طبقن وچ ۾ ملن ٿا. اسان جي عوامي حڪومت عوام جي مفادن جي صحيح ترجماني ڪري ٿي، هي حڪومت عوام جي خادم آهي، پر ان جي باوجود به عوام ۽ حڪومت وچ ۾ ڪيترائي اختلاف موجود آهن. اهي اختلاف حڪومت جي مفادن اندر، اجتماعي ۽ انفرادي مفادن جي اندر، جمهوريت ۽ مرڪزيت جي وچ ۾، ليڊرن ۽ عوام جي وچ ۾، ڪجهه سرڪاري آفيسرن ۽ عوام جي وچ ۾ اختلافن تي ٻڌل آهن، اهي سمورا ختلاف عوام جي اندر به ملن ٿا.
اسان جي ۽ اسان جي دشمن وچ ۾ اختلاف مخالفت وارا اختلاف آهن. عوام جي صفن ۾ مزدور طبقي ۾ ملندڙ اختلاف مخالفت وارا اختلاف نه آهن، پر ڦرلٽ ڪندڙ ماڻهن ۽ ڦرلٽ جو شڪار ماڻهن وچ ۾ موجود اختلاف مخالفت وارا نه هجڻ کان سواءِ مخالفت وارا به آهن.
اسان جي عوام جي سياسي زندگي ۾ ڪنهن شخص جي ڳالهه ٻولهه ۽ ڪردار جي غلط ۽ صحيح جي تميز ڪهڙي طرح ڪري سگهجي ٿي؟ اسان جي دستور جي اصولن، عوام جي اڪثريت ۽ عام سياسي صورتحال جي بنياد تي اها تميز هيٺين طريقن سان ٿي سگهي ٿي:
(1) ڳالهه ٻولهه ۽ ڪردار سان مختلف طبقن جي عوام کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ بدران متحد ڪرڻ گهرجي.
(2) انهن کي سوشلسٽ پاسو پلٽڻ ۽ سوشلسٽ تعمير لاءِ نقصانڪار ٿيڻ بدران فائديمند بڻائڻ گهرجي.
(3) انهن کي عوام جي جمهوري آمريت کي ڪمزور ڪرڻ بدران مستحڪم ڪرڻ گهرجي.
(4) انهن کي جمهوري مرڪزيت کي ڪمزور ڪرڻ بدران پائيدار بڻائڻ گهرجي.
(5) انهن کي ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت کي ڪمزور ڪرڻ بدران مضبوط بڻائڻ گهرجي.
(6) انهن کي دنيا جي امن پسند عوام کي ۽ بين الاقوامي سوشلسٽ اتحاد کي نقصان پهچائڻ يا ڪمزور ڪرڻ بدران مضبوط بڻائڻ گهرجي.
انهن ڇهن طريقن ۾ سڀ کان اهم سوشلسٽ طريقو ۽ پارٽي جي قيادت آهي.
انقلاب جي مخالفن کي چٿڻ جو مسئلو اسان جي ۽ دشمنن جي وچ ۾ جدوجهد جو مسئلو آهي. يعني اسان جي ۽ دشمنن جي وچ ۾ اختلاف آهي، عوام مان ڪجهه ماڻهو ان مسئلي کي ٻي نظر سان ٿا ڏسن، ٻن قسمن جا ماڻهو اسان کان مختلف نقطه نظر رکن ٿا. کاٻي ڌر جو نقطه نظر رکندڙ ماڻهو اسان جي ۽ دشمن جي وچ ۾ڪوبه فرق محسوس نه ٿا ڪن. اهي انهن ماڻهن کي به پنهنجو دوست ٿا سمجهن، جن کي عوام جي اڪثريت پنهنجو دشمن ٿي سمجهي، ساڄي ڌر جي سوچ رکندڙ ماڻهو اسان جي ۽ دشمن جي وچ ۾ اختلافن کي ايترو ته وڌائي چڙهائي بيان ڪن ٿا، جو اهي عوام جي ڪجهه اختلافن کي به دشمن جا اختلاف تصور ڪن ٿا ۽ انهن ماڻهن کي به انقلاب جو مخالف سمجهن ٿا، جيڪي حقيقت ۾ انقلاب جا مخالف نه آهن. اهي ٻئي نقطه نظر غلط آهن، جيڪي نه ته انقلاب جي مخالفن کي چٿڻ جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ڪا مدد ڏين ٿا ۽ نه وري انقلاب کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪن ٿا.
مختلف اختلافن کي مختلف طريقن سان ختم ڪري سگهجي ٿو. مثال طور پرولتارين ۽ بورجوائين وچ ۾ اختلاف سوشلسٽ انقلاب ذريعي ختم ٿي سگهي ٿو. عوامي ۽ جاگيرداراڻي نظام وچ ۾ اختلاف کي جمهوري انقلاب ذريعي ڪري سگهجي ٿو. نوآبادياتي ۽ سامراجيت وچ ۾ اختلاف کي قومي انقلابي جنگ ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو. هڪ سوشلسٽ معاشري ۾ مزدور طبقي ۽ هاري طبقي وچ ۾ اختلاف کي زراعت ۾ اجتماعي مشيني پوکي سان ختم ڪري سگهجي ٿو.
ڪميونسٽ پارٽي اندر اختلاف کي ذاتي احتساب ۽ تنقيد سان ختم ڪري سگهجي ٿو. معاشري ۽ فطرت وچ ۾ اختلاف کي پيداواري قوتن کي ترقي ڏئي ختم ڪري سگهجي ٿو. مختلف اختلافن کي مختلف اصولن سان ختم ڪرڻ جي طريقن تي مارڪس ۽ لينن جي پيروڪارن کي سختي سان پابند رهڻ گهرجي.
“اختلافن متعلق خيالن جو اظهار” (آگسٽ 1937ع)
• جيئن ته اختلاف مختلف نوعيت جا هوندا آهن، تنهن ڪري اسان جي ۽ دشمن جي وچ ۾ اختلافن ۽ عوام اندر اختلافن کي مختلف طريقن سان ختم ڪري سگهجي ٿو. پهرين ذڪر ڪيل اختلافن جي صورت ۾ دشمن ۽ پنهنجي وچ ۾ هڪ واضح حد مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي. پوءِ ذڪر ڪيل اختلافن جي صورت ۾ غلط ۽ صحيح جي وچ ۾ فرق ڪرڻ لازمي آهي، اهو صحيح آهي ته دشمن ۽ اسان جي وچ ۾ فرق جو مسئلو به صحيح ۽ غلط جو معاملو آهي. مثال طور اهو سوال ته ملڪي ۽ غيرملڪي رجعت پسندن، سرمائيدارن جاگيردارن ۽ اسان مان ڪير صحيح راهه تي آهي، اهو به صحيح ۽ غلط جو مسئلو آهي، پر اهو ماڻهن جي اندر صحيح ۽ غلط جي مسئلي کان مختلف نوعيت جو مسئلو آهي.
“ماڻهن اندر اختلافن کي صحيح طور سمجهڻ” (27 فيبروري 1957ع)
• ماڻهو چاهين ٿا ته انهن جي حڪومت ۽ اهي ماڻهو جيڪي پيداوار جي ذريعن، ثقافتي ۽ تعليمي ادارن جا سربراهه آهن، مناسب ۽ لازمي حڪم جاري ڪندا رهن ته جيئن ماڻهو پنهنجين زندگين کي مناسب طور تي ترتيب ڏئي سگهن ۽ تعليم ۽ پيداوار کي اثرائتي نموني جاري رکن. اها عقل جي ڳالهه آهي ته انتظامي حڪمن ۽ قاعدن کان سواءِ امن قائم نه ٿو رهي سگهي، عوام وچ ۾ اختلافن کي ختم ڪرڻ لاءِ انتظامي حڪم ۽ تعليم هڪ ٻئي جا مددگار هوندا آهن. انتظامي قاعدن کي به تعليم ۽ ترغيب سان لاڳو ڪرڻ گهرجي، نه ته ڪيترين ئي صورتن ۾ اهي اثرائتا ثابت نه ٿيندا.
بورجوا ۽ نيم بورجوا ماڻهو هر موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا. اهي هر ممڪن طريقي سان سياسي ۽ نظرياتي مسئلن تي هٺ ڌرمي سان خيالن جو اظهار ڪندا رهندا. اوهان کي انهن مان اها اميد نه رکڻ گهرجي ته انهن جو بيان ڪرڻ جو اهو طريقو ڪڏهن ان جي ابتڙ به ٿي سگهي ٿو. اوهان کي انهن کي دٻائڻ ۽ زبان بند ڪرڻ جو طريقو استعمال نه ڪرڻ گهرجي، کين خيالن جي اظهار جو موقعو ڏيو، پر ان سان گڏ ساڻن بحث ڪرڻ کان سواءِ مٿن تنقيد به ڪيو. اسان کي بنا شڪ هر غلط خيال تي تنقيد ڪرڻ گهرجي. تنقيد کان پاسو ڪرڻ سٺي ڳالهه ناهي ۽ نه ئي غلط قسم جي خيالن کي پکڙجندي ڏسي خاموش تماشائي جي حيثيت اختيار ڪرڻ گهرجي. جتي به زهريلا ٻوٽا گونچ ڪڍن، انهن کي پاڙان پٽي اڇلائي ڇڏڻ لازمي آهي، پر اسان جي تنقيد تنگ نظر نه هجڻ گهرجي. ان جي برعڪس اسان جو طريقو منطقي هجڻ گهرجي. اسان کي سائنٽيفڪ تجزئي ۽ دليلن سان ڀرپور گفتگو ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اختلاف ۽ جدوجهد دنيا ۾ جتي ڪٿي ملن ٿا، پر اختلافن کي حل ڪرڻ جا طريقا اختلافن جي نوعيت مطابق هوندا آهن. ڪجهه اختلاف کلي دشمني جا حامل هوندا آهن ۽ ڪجهه ان جي ابتڙ هوندا آهن. حالتن جي ترقي سان گڏوگڏ ڪجهه اختلاف جيڪي بنيادي طور غيرمنصفاڻا هوندا آهن، اهي دشمني واري شڪل اختيار ڪري ويندا آهن ۽ جيڪي بنيادي طور مخالف هوندا آهن، اهي غيرمخالف بڻجي ويندا آهن.
“اختلافن جي مسئلي تي خيالن جو اظهار” (آگسٽ 1937ع)
عام حالتن ۾ عوام وچ ۾ اختلاف مخالفت وارا نه هوندا آهن، پر جيڪڏهن انهن کي مناسب طورتي نه ڏٺو وڃي، يا وري جيڪڏهن انهن تي نظر نه رکي وڃي ته اهي مخالفت وارا بڻجي ويندا آهن. هڪ سوشلسٽ ملڪ ۾ غيرمخالف اختلافن جو مخالفت وارا اختلاف ٿي وڃڻ عارضي هوندو آهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته سوشلسٽ نظام ۾ ماڻهو جي ڦرلٽ ختم ٿي ويندي آهي ۽ عوام جا بنيادي مفاد هڪجهڙا ئي هوندا آهن.
“عوام اندر اختلافن کي صحيح طور سمجهڻ” (27 فيبروري 1957ع)
اسان جي ملڪ ۾ مزدور طبقي ۽ بورجوا طبقي وچ ۾ اختلافن جو تعلق عوام اندر ملندڙ اختلافن سان آهي. انهن جي وچ ۾ طبقاتي ڇڪتاڻ وڏي حد تائين هڪ جهڙي آهي، جيڪا عوام جي صفن ۾ ملي ٿي. ان جو سبب اهو آهي ته چيني بورجوائين جو ٻٽو ڪردار آهي. بورجوا جمهوري انقلاب جي زماني ۾ انهن ماڻهن جو انقلابي ڪردار هجڻ سان گڏوگڏ ٺاهه ڪرڻ وارو ڪردار به هو، پر سوشلسٽ انقلاب جي زماني ۾ اهي ماڻهو هڪ طرف ته مزدور طبقي کي دوکو ڏئي نفعو ڪمائيندا آهن ۽ ٻئي طرف سوشلسٽ دستور جي حمايت ڪندا آهن ته هنن سوشلسٽ تبديلي کي قبول ڪيو آهي. بورجوا جاگيردار، سرمائيدار ۽ سرمائيداراڻي ذهنيت رکندڙ وڏا وڏا آفيسر هوندا آهن. بورجوا ۽ مزدور طبقي وچ ۾ اختلاف آهي ته پهريان ذڪر ڪيل ڦرلٽ ڪندو آهي ۽ پوءِ ذڪر ڪيل ڦرلٽ جو شڪار ٿيندو آهي. اهو اختلاف مخالفت واري نوعيت جو آهي، پر چين جي حالتن ۾ جيڪڏهن ان مخالفت واري اختلاف تي مناسب توجهه ڏني وڃي ته ان کي پرامن طريقي سان غيرمخالف اختلاف ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، پر جيڪڏهن اسان ان تي مناسب ڌيان نه ڏنو ته اهو اسان جي ۽ دشمن جي وچ ۾ سخت اختلاف جي شڪل اختيار ڪري وٺندو.
• 195ع ۾ هنگري اندر سوشلسٽ انقلاب خلاف بغاوت مان پتو پوي ٿو ته اتي رجعت پسندن سامراجي قوتن سان ملي اتي جي عوام اندر موجود اختلافن جو فائدو وٺندي هنگري جي سوشلسٽ معاشري جو تاڃي پيٽو ٽيرڻ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، هنگري جي انهن واقعن مان اسان کي تعبيري سبق حاصل ڪرڻ گهرجي.

[b]جنگ ۽ امن:
[/b]• جڏهن ملڪن، قومن، جماعتن ۽ سياسي گروپن وچ ۾ اختلاف هڪ خاص مرحلي تائين پهچي وڃن ته انهن کي ختم ڪرڻ جي جدوجهد جو نالو جنگ آهي. جڏهن کان مختلف طبقا ۽ نجي ملڪيت وجود ۾ آئي آهي، جنگ ان زماني کان جاري آهي.
“چين جي انقلابي جنگ ۾ ويڙهه جي فن جا مسئلا” (ڊسمبر 1932ع)
• ”جنگ سياست جي جاري رهڻ جو نالو آهي.“ ان لحاظ سان جنگ سياست سان لاڳاپيل بلڪ پاڻ هڪ سياسي عمل آهي. قديم زماني کان ڪا به اهڙي جنگ ناهي ٿي، جنهن جو ڪونه ڪو سياسي ڪردار نه هجي.....“ پر جنگ جون پنهنجون مخصوص خاصيتون هونديون آهن ۽ ان لحاظ سان ان کي عام طور تي سياست جي برابر جو درجو نه ٿو ڏئي سگهجي. جنگ ٻين طريقن سان سياست کي جاري رکڻ جو نالو آهي. جڏهن سياست هڪ خاص مقام تائين ترقي ڪري وٺندي آهي ۽ عام ذريعن کان ان لاءِ وڌيڪ ترقي ڪرڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي ته جنگ ان جي راهه ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ شروع ٿي ويندي آهي. جڏهن اهي رڪاوٽون ختم ٿي وينديون آهن ۽ سياست جو مقصد پورو ٿي ويندو آهي ته جنگ بند ٿي ويندي آهي، پر جيڪڏهن رڪاوٽون ختم نه ٿيون ٿين ته جنگ ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين رڪاوٽون پوري طرح ختم نه ٿي وڃن. تنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته سياست بغير رتوڇاڻ جي جنگ آهي ۽ جنگ بغير رتوڇاڻ جي سياست آهي.
“ڊگهي جنگ تي خيالن جو اظهار” (مئي 1938ع)
• تاريخ ظاهر ڪري ٿي ته جنگيون ٻن قسمن جون هونديون آهن. انصاف ۽ ناانصافي جون جنگيون، جيڪي جنگيون ترقي جي عمل کي تيز ڪنديون آهن، اهي انصاف جون جنگيون هونديون آهن ۽ جيڪي جنگيون ترقي جي رفتار کي روڪينديون آهن، انهن کي ناانصافي جون جنگيون چيو ويندو آهي. اسان (ڪميونسٽ) انهن سمورين ناانصافي وارين جنگين جي خلاف آهيون، جيڪي ترقي جي رفتار کي روڪين ٿيون پر اسان ترقي پذير انصاف جي جنگين جا مخالف نه آهيون. اسان (ڪميونسٽ) انصاف جي جنگين جا رڳو حامي ئي نه آهيون، پر انهن ۾ سرگرمي سان شرڪت به ڪندا آهيون. پهرين مهاڀاري لڙائي کي ناانصافي جي جنگ چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ شامل ڌريون سامراجي مفادن لاءِ وڙهي رهيون هيون. تنهن ڪري پوري دنيا جي ڪميونسٽن ان جنگ جي شد ۽ مد سان مخالفت ڪئي هئي. اهڙي قسم جي جنگ جي مخالفت ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته ان کي شروع ٿيڻ نه ڏجي، پر جيڪڏهن شروع ٿي وڃي ته پوءِ جيستائين ممڪن هجي ان ناانصافي جي جنگ جي مخالفت ڪئي وڃي.
هڪ طبقاتي معاشري ۾ انقلاب آڻيندڙ انقلابي جنگيون لازمي هونديون آهن. انهن کان سواءِ نه ته رجعت پسند حڪمرانن جو تختو اونڌو ڪري ٿو سگهجي ۽ نه وري معاشرتي ترقي حاصل ٿيندي آهي ۽ نه ئي عوام سياسي اقتدار حاصل ڪري سگهندو آهي.
“اختلافن تي خيالن جو اظهار” (آگسٽ 1937ع)
• انقلابي جنگ زهرهه جو اثر ختم ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي ديسي دوا آهي، جيڪا رڳو دشمن جي زهر کي ئي ختم ناهي ڪندي پر اسان جي اندر گندگي کي به ختم ڪري ڇڏيندي آهي. انصاف تي ٻڌل هر انقلابي جنگ نهايت طاقتور هوندي آهي ۽ ڪيترين ئي شين جو پاسو پلٽي ڇڏيندي آهي يا انهن جو پاسو پلٽڻ لاءِ راهه هموار ڪندي آهي. چين ۽ جاپان جي جنگ ٻنهي ملڪن جي حالت تبديل ڪري ڇڏيندي، پر شرط اهو آهي ته چين جياپي جي جنگ ۾ پاڻ کي محفوظ رکي. جنگ دوران ۽ جنگ کان پوءِ چين ۽ جاپان جي عوام بلڪ هر شيءِ جي حالت تبديل ٿي ويندي.
“ڊگهي جنگ تي خيالن جو اظهار” (مئي 1938ع)
• فوجي جدوجهد کان سواءِ چين ۾ نه ئي پرولتاريت، نه ئي عوام ۽ نه ئي ڪميونسٽ پنهنجا پير مضبوطي سان ڄمائي ٿا سگهن ۽ نه ئي انقلاب ڪامياب ٿي ٿي ٿو سگهي. پارٽي قائم ٿيڻ کان وٺي هن مهل تائين، انهن 118سالن جي عرصي ۾ اسان جي پارٽي انقلابي جنگين جي وچ ۾ ترقي ۽ استحڪام حاصل ڪندي رهي آهي، هٿياربند جدوجهد کان سواءِ ڪميونسٽ پارٽي کي اهو اقتدار حاصل نه ڪرڻو هو، جيڪو هن حاصل ڪيو آهي. پارٽي جي سمورن ڪامريدن کي اهو تجربو فراموش نه ڪري ڇڏڻ گهرجي، جنهن لاءِ اسان جانين جي قرباني ڏيو ويٺا آهيون.
“ڪميونسٽ کي متعارف ڪرائڻ” (4 آڪٽوبر 1939ع)
• رياست جي مارڪسي نظريي موجب فوج رياستي اقتدار جو سڀ کان وڏو حصو هوندي آهي، جيڪو به اقتدار حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ان وٽ مضبوط فوج جو هجڻ لازمي آهي. ڪجهه ماڻهو اسان کي جنگ جا ڇڙواڳ حمايتي چئي اسان جو مذاق اڏائيندا آهن. اسان واقعي جنگ جا ڇڙواڳ حامي آهيون. اها خراب ڳالهه ناهي پر سٺي ڳالهه آهي، روسي ڪميونسٽن جي بندوق سوشلزم کي عملي لباس پارايو. اسان هڪ عوامي جمهوريه جي تخليق ڪنداسين. سامراجي نظام اندر طبقاتي جدوجهد اسان کي سيکاريو آهي ته مزدور طبقو هٿيارن جي مدد کان سواءِ بورجوائين ۽ جاگيردارن کي شڪست نه ٿو ڏئي سگهي. ان لحاظ سان اسان چئي سگهون ٿا ته صرف بندوق جي ذريعي پوري دنيا ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي.
“جنگ ۽ ويڙهه جي فن جا مسئلا” (16 آڪٽوبر 1938ع)
• جيئن جيئن انساني معاشرو ترقي ڪندو ويندو آهي، انساني قتل عام ڪرڻ جي جنگ پاڻمرادو ختم ٿي ويندي آهي. اها ايندڙ وقت جي ڳالهه ناهي، پر جنگ کي ختم ڪرڻ جو اهو ئي طريقو آهي ته جنگ جي مخالفت جنگ سان ۽ انقلاب خلاف جنگ جي مخالفت انقلابي جنگ سان ۽ قومي انقلاب خلاف جنگ جو مقابلو قومي انقلابي جنگ سان ڪيو وڃي. جڏهن انساني معاشرو ايتري قدر ترقي ڪري وڃي جو مختلف طبقا ختم ٿي وڃن ته هر قسم جي انقلابي ۽ غيرانقلابي، انصاف ۽ ناانصافي جي جنگين جو نالو نشان پاڻمرادو ختم ٿي ويندو. اهو زمانو انسانيت لاءِ مستقل امن جو دؤر هوندو. انقلابي جنگ جي اصولن متعلق اسان جي مطالعي جو بنياد سمورين جنگين کي ختم ڪرڻ جي خواهش آهي. سامراجين ۽ ڪميونسٽن وچ ۾ اهوئي فرق آهي.
“چيني انقلابي جنگ ۾ ويڙهه جي فن جا مسئلا” (ڊسمبر 1932ع)
• دائمي عالمي امن حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي سوشلسٽ ملڪن ۽ دنيا جي ٻين امن پسند ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا مضبوط بڻائڻا پوندا. اسان کي گڏيل عزت، علائقائي خودمختياري ۽ استحڪام جي بنياد تي اهڙن سمورن ملڪن سان خوشگوار سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش ڪرڻ گهرجي، جيڪي اسان سان پرامن طور تي رهڻ جا خواهشمند هجن. اسان کي ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي اهڙن سمورن ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي، جيڪي قومي آزادي لاءِ ڪوشان هجن.
اسان امن جا خواهشمند آهيون، پر جيڪڏهن سامراج جنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهن ته اسان وٽ به ڪو ٻيو چارو ناهي ۽ اسان به ملڪ جي تعميراتي ڪمن کي وقتي طور پينڊنگ ۾ رکي، انهن سان فيصلائتي جنگ وڙهنداسين. جيڪڏهن اوهان روزمره جي معاملن ۾ جنگ کان ڊنل آهيو ۽ اوهان تي جنگ مڙهي وئي ته پوءِ اوهان ڇا ڪندؤ؟ پهريان مون چيو هو ته مشرق مغرب تي حاوي ٿي رهيو آهي ۽ جنگ نه لڳندي، پر هاڻي مون جنگ لڳڻ جي صورت ۾ حالتن جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي، يعني مون ٻنهي قسم جي امڪانن جو ذڪر ڪيو آهي.
“ماسڪو ۾ ڪميونسٽ ۽ مزدورن جي پارٽين جي اجلاس جي موقعي تي تقرير” (18 آڪٽوبر 1957ع)
• پوري دنيا جا ماڻهو اهو سوچي رهيا آهن ته ٽين مهاڀاري لڙائي لڳندي يا نه؟ اسان کي به ان سوال لاءِ ذهني طور تي تيار رهڻ ۽ ان جو تجزيو ڪرڻ گهرجي. اسان امن جا حامي ۽ جنگ جي خلاف آهيون، پر جيڪڏهن سامراجي جنگ ڪرڻ تي بضد آهن ته اسان کي به جنگ کان خوفزده نه ٿيڻ گهرجي. ان سوال متعلق اسان جو رويو به ساڳيو ئي آهي، جيڪو هر ڪنهن جنگ متعلق هوندو آهي يعني پهرين مهاڀاري لڙائي کان پوءِ سوويت يونين 20 ڪروڙ عوام سان وجود ۾ آيو. ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ سوشلسٽ ملڪن جو گروهه پنهنجي گڏيل 90 ڪروڙ آبادي سان اڀريو. جيڪڏهن سامراجين ٽين مهاڀاري لڙائي جي باهه ڀڙڪائي ته يقينن ڪروڙين وڌيڪ ماڻهو سوشلسٽ بڻجي ويندا ۽ سامراجين لاءِ زمين تي رهڻ ڏکيو ٿي پوندو. ان صورت ۾ سڄي سامراجي ڍانچي جي ڌماڪي سان ڪرڻ جو به امڪان آهي.
“عوام اندر اختلافن کي صحيح طور سمجهڻ” (27 فيبروري 1957ع)
• دنيا جي رجعت پسندن ۽ سامراجين جو منطق اهو آهي ته بار بار هنگامو برپا ڪيو ۽ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيهر هنگامو برپا ڪيو.... اهي انهن ئي حرڪتن سان تباهه ۽ برباد ٿي ويندا آهن، پر پنهنجو اهو منطق ڪڏهن به نه ڇڏيندا آهن. جڏهن اسان اهو چئون ٿا ته سامراجيت وحشي صفت آهي ته اسان جي چوڻ جو مطلب هوندو آهي ته ان جي فطرت ڪڏهن به تبديل نه ٿيندي. سامراجي ڪڏهن به پنهنجا ڪاسائين وارا ڪهاڙا نه ڇڏيندا ۽ اُهي انجام تائين پهچڻ کان پهريان ڪڏهن به دنيا جا پرامن شهري نه بڻجي سگهندا.
• مقابلو ڪيو، مقابلو ڪيو ۽ ڄمي مقابلو ڪيو. ناڪامي جي صورت ۾ وري مقابلو ڪيو، ايستائين جو ڪامياب ٿي وڃو. اهو عوام جو منطق آهي ۽ اهو پنهنجو اهو منطق ڪڏهن به نه ڇڏيندو. روس ۽ چين جو عوام ان اصول جي پيروي ڪندي عوامي انقلاب آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.
“سرابن جي دنيا مان نڪري اچو ۽ جدوجهد لاءِ تيار ٿي وڃو.” (17 آگسٽ 1949ع)
• اهو خيال ڪرڻ ته اسان ڪامياب ٿي ويا آهيون، تنهن ڪري سامراجين ۽ انهن جي حوارين جي تخريبي منصوبن جي پرواهه نه ڪيون، تمام وڏي غلطي هوندي. جيڪو به ٿوري دير لاءِ هٿيارن کي رکي ڇڏيندو آهي، اهو سياسي طورتي هٿين خالي ٿي ويندو آهي ۽ پاڻ کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيندو آهي.
“نئين سياسي مشاورتي ڪانفرنس جي انتظامي ڪميٽي کي خطاب” (15 جون 1949ع)
• سامراجي ۽ چين اندر سندن رجعت پسند حواري چين ۾ ڪڏهن به پنهنجي شڪست قبول نه ڪندا. اهي هر ممڪن طريقي سان گروهن جي صورت ۾ چيني ماڻهن تي حملا ڪندا رهندا. مثال طور اهي پنهنجن ايجنٽن کي چين ۾ داخل ڪري هتي ڏڦيڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪندا. اهي انهن تخريبي سرگرمين کان باز نه ٿا اچي سگهن. مثال طور سامراجي چيني رجعت پسندن کي چڙ ڏياريندا ۽ چين جي بندرگاهن کي بند ڪرڻ لاءِ پنهنجن فوجين کي به استعمال ڪندا. اهي جيستائين ممڪن هوندو ايئن ڪندا رهندا. پنهنجي تخريبي ڪارروائين کي وسعت ڏيڻ لاءِ اهي پنهنجي فوجين جي مدد سان چين جي سرحدن تي گڙٻڙ پيدا ڪري سگهن ٿا. اسان کي انهن سڀني ڳالهين کي ذهن ۾ رکڻو گهرجي.
دنيا ترقي پذير آهي، مستقبل روشن آهي. تاريخ جي ان عام رجحان کي ڪير به نه ٿو بدلائي سگهي. اسان کي عوام جي اندر دنيا جي ترقي ۽ روشن مستقبل جي حقيقتن کي وڌ کان وڌ عام ڪرڻ گهرجي ته جيئن فتح تي سندن يقين پختو ٿئي.
“چنگ ڪنگ ڳالهه ٻولهه جي موقعي تي”(17 آڪٽوبر 1945ع)

[b]جدوجهد ڪيو ۽ ڪامياب ٿيو:
[/b]• پوري دنيا جا ساٿيو! متحد ٿي آمريڪي حملا آورن ۽ انهن جي حوارين کي شڪست ڏيو. پوري دنيا جا ماڻهو! مقابلو ڪيو، مشڪلاتن آڏو ڄمي بيهي رهو ۽ زنده دلي سان قدم بقدم اڳتي وڌو. پوءِ پوري دنيا تي اوهان جو راڄ هوندو.
“آمريڪي حمله آورن خلاف ڪانگو جي عوام جي حق ۾ بيان” (28 نومبر 1964ع)
• چيني ڪميونسٽ پارٽي مارڪسزم ۽ لينن ازم جي سائنس جي بنياد تي بين الاقوامي ۽ ملڪي صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهتي آهي ته ملڪي ۽ غيرملڪي رجعت پسندن کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. جڏهن آسمان تي ڪارا بادل هئا ته مون چيو هو ته اهي عارضي آهن، اونداهي جلد ئي ختم ٿي ويندي ۽ سج پنهنجي پوري روشني سان چمڪڻ لڳندو.
“موجوده صورتحال ۽ اسان جو ڪم”(25 ڊسمبر 1947ع) چونڊ فوجي تحريرون
• تاريخي اعتبار سان رجعت پسند طاقتون جنگ جي ميدان ۾ ناڪام ٿيڻ کان پهريان انقلابي قوتن خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي جوش سان وڙهنديون آهن. ڪجهه انقلابي انهن جي ان اظهاري طاقت کان ڊڄي ويندا آهن، پر اهي اها حقيقت وساري ويهندا آهن ته دشمن جو ڏيئو اجهامي رهيو آهي ۽ اهي فتح جي روشني سان منور ٿيڻ وارا آهن.
“ٻي مهاڀاري لڙائي جو رخ موڙيندر نڪتو” (12 آڪٽوبر 1942ع) چونڊ تحريرون
• جيڪڏهن اهي (ڪومنيٽانگ) اسان سان وڙهيا ته اسان انهن جو خاتمو آڻي ڇڏينداسين. دشمن جو خاتمو آڻڻ سان اطمينان حاصل ٿيندو آهي، دشمن جو جيترو گهڻو خاتمو ايندو، اوترو وڌيڪ اطمينان ملندو. چين جا مسئلا پيچيده آهن، ان ڪري اسان جي ذهنن کي ايتري قدر پيچيده ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن اهي اسان سان وڙهن ته مڪمل فتح تائين اسان کي انهن جو مقابلو ڪرڻو پوندو.
“چنگ ڪنگ ڳالهه ٻولهه جي موقعي تي” (18 آڪٽوبر 1947ع)
• جيڪڏهن ڪو اسان تي حملو ڪري ۽ جيڪڏهن حالتون جنگ لاٰءِ سازگار هجن ته اسان پنهنجي حفاظت لاءِ دشمن جو مڪمل خاتمو آڻڻ لاءِ دليري سان وڙهنداسين. (اسان ايئن ئي انڌاڌنڌ حملا ناهيون ڪندا. جڏهن اسان حملو ڪندا آهيون ته فتح حاصل ڪري وٺندا آهيون.) اسان رجعت پسندن جي ظاهري ڏيٺ ويٺ مان ڪڏهن به متاثر ناهيون ٿيندا.
“ڪومنيٽانگ سان ٺاهه جي موقعي تي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو گشتي مراسلو” (26 آگسٽ 1945ع)
• اسان امن جا حامي آهيون، پر جيستائين آمريڪي سامراج پنهنجي غلط قسم جي مطالبن کي نه ٿو ڇڏي ۽ عوام دشمن منصوبن کان نه ٿو مڙي، ان وقت تائين چيني عوام لاءِ فقط اها راهه آهي ته ڪوريا جي عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي آمريڪي سامراج جو مقابلو ڪندو رهي. اسان جنگ نه ٿا چاهيون. اسان فوري طور جنگ بند ڪرڻ ۽ باقي مسئلا بعد ۾ پرامن طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر آمريڪي سامراج ايئن ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان صورت ۾ جنگ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي، آمريڪي سامراج جيترو عرصو چاهي وڙهي، اسان وڙهنداسين ۽ ايستائين وڙهندا رهنداسين جيستائين هو پاڻ جنگ بند ڪرڻ تي راضي نه ٿي وڃي، يعني چيني ۽ ڪوريائي عوام جي مڪمل فتح تائين.
“چيني عوامي مشاورتي ڪائونسل جي پهرين قومي ڪميٽي جي چوٿين اجلاس ۾ تقرير” (7 فيبروري 1953ع)
• خبر ناهي ته ڪڏهن ملڪ ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي وڃي، اسان کي ان لاءِ تيار رهڻ گهرجي. جيڪڏهن اها سڀاڻي شروع ٿي وڃي ته اسان کي اڄ ئي تيار ٿي وڃڻ گهرجي. اها ته هڪ ڳالهه ٿي، موجوده بين الاقوامي ۽ گهريلو صورتحال ۾ اهو ممڪن آهي ته گهرو ويڙهه کي ڪجهه عرصي تائين محدود رکيو وڃي، اها ٻي ڳالهه ٿي. پهرين ڳالهه اها آهي ته اسان کي ڇا جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. ٻي ڳالهه اها ته گهڻي عرصي تائين ڪهڙي شيءِ موجود رهي ٿي. قصو مختصر ته اسان کي هر حالت ۾ تيار رهڻ گهرجي، تيار رهڻ جي صورت ۾ اسان هر قسم جي پيچيده صورتحال کي مناسب طورتي منهن ڏئي سگهون ٿا.
“جاپان خلاف جنگ مزاحمت ۾ فتح کان پوءِ صورتحال ۽ اسان جي پاليسي” (13 آگسٽ 1945ع)

[b]عوامي جنگ
[/b]• لوهي ڪوٽ ڪهڙو آهي؟ لکين ڪروڙين ماڻهو، جيڪي پوري خلوص سان انقلاب جي حمايت ڪن ٿا. اهي حقيقي طورتي لوهي ڪوٽ آهن، جنهن کي دنيا جي ڪابه طاقت ٽوڙي نه ٿي سگهي، انقلاب جا مخالف اسان کي شڪست نه ٿا ڏئي سگهن. ان جي ابتڙ اسان انهن جو خاتمو آڻي سگهون ٿا. چين جا لکين ڪروڙين ماڻهو انقلابي حڪومت جي چوطرف گڏ ٿي رهيا آهن ۽ اهي انقلابي جنگ کي وسعت ڏيڻ ۾ مدد ڏئي رهيا آهن. اسان انقلاب جي سمورن مخالفن جو صفايو ڪري پوري چين کي پنهنجو ڪنداسين.
• جنگ وڙهڻ جي بهترين طاقت عوام آهي. عوام ۾ انتشار هجڻ جي ڪري ئي جاپان اسان کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر ان شڪست جو بدلو وٺڻ وقت چين جا لکين ڪروڙين ماڻهو جاپاني سامراج کي پنهنجي شعلن جي لپيٽ ۾ آڻي وٺندا ۽ ان کي زنده ساڙي رک ڪري ڇڏيندا.
“ڊگهي جنگ” (مئي 1939ع)
• سامراجي اسان سان اهڙي طرح هٿ چراند پيا ڪن، جو اسان کي به سنجيدگي سان ساڻن مهاڏو اٽڪائڻو پوندو. ايئن ڪرڻ لاءِ رڳو باقاعده طاقتور فوج جي ئي ضرورت ناهي، پر عوام جا رضاڪار فوجي دستا به وڏي پيماني تي منظم ڪرڻا پوندا، پوءِ جنگ جي صورت ۾ دشمن لاءِ اسان جي ملڪ ۾ هڪ انچ به اڳتي وڌڻ ڏکيو ٿي پوندو.
“مشن هوا خابرو ايجنسي جي نمائندي کي انٽرويو” (29 سيپٽمبر 1958ع)
• انقلابي جنگ تي مجموعي طور غور ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته عوامي گوريلا ۽ سرخ فوج جنگ دوران اهڙي طرح هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا، جهڙي طرح انسان جو ساڄو هٿ ۽ کاٻو هٿ هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا. عوامي گوريلن کان سواءِ اسان جي فوج هڪ هٿين خالي سپاهي وانگر هوندي. جنگي نقطه نظر سان جڏهن اسان فوجي حملن ۾ عوام کي بنيادي اهميت ڏيون ٿا ته ان جو اهو مطلب آهي ته اسان وٽ هٿياربند عوام آهي. اهو ئي سبب آهي جو دشمن اسان تي حملو ڪندي ڊڄي ٿو.
“چيني انقلابي جنگ ۾ ويڙهه جي فن جا مسئلا” (ڊسمبر 1932ع)
• بنا شڪ ڪنهن جنگ ۾ فتح يا شڪست جو دارومدار ٻنهي طرفن جي فوجي، سياسي، اقتصادي ۽ قدرتي حالتن تي هوندو آهي، پر فتح يا شڪست جو فيصلو ڪندڙ رڳو اهي عنصر ناهن هوندا. انهن جو تعلق جنگ کي هلائڻ جي قابليت سان به هوندو آهي. جنگ کي کٽڻ جي ڪوشش ۾ ڪو سپهه سالار مادي حالتن جي پابندين کي ٻرانگهي نه ٿو سگهي. انهن پابندين جي حدن ۾ رهي ڪري کيس فتح حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ميدان جنگ جي ڊرامي جو اسٽيج خارجي مادي حالتن سان جڙندو آهي ۽ هڪ سپهه سالار ان اسٽيج تي ڪنهن هڪ اهڙي ڊرامي جي هدايتڪاري ڪري سگهي ٿو، جيڪو آوازن، رنگن، قوتن ۽ شان شوڪت سان ڀرپور هجي.
جنگ جو خاص مقصد پنهنجو تحفظ ۽ دشمن جي تباهي آهي. دشمن کي تباهه ڪرڻ جو مطلب ان کي هٿين خالي ڪرڻ يا مزاحمت جي طاقت کان محروم ڪرڻ آهي نه ته سندس هر سپاهي يا ماڻهو کي ماري ڇڏڻ. قديم جنگين ۾ ڍال ۽ نيزو استعمال ڪيا ويندا هئا. نيزو دشمن تي حملو ڪرڻ ۽ ان کي تباهه ڪرڻ جڏهن ته ڍال پنهنجي حفاظت جي لاءِ ڪتب آندي ويندي هئي. موجوده زماني جا هٿيار به نيزي ۽ ڍال جي جديد شڪل آهن. بم، بمبار جهاز، مشين گنون ۽ زهريليون گيسون اهي سڀ نيزي جون ترقي يافتا شڪليون آهن. جڏهن ته هوائي حملن کان بچڻ جون جايون، لوهه جون ٽوپيون ۽ گيس کان بچڻ لاءِ نقاب ڍال جي جديد ترين نمائندگي ڪن ٿا. ٽينڪ هڪ نئون هٿيار آهي، جنهن ۾ نيزي ۽ ڍال ٻنهي جون خاصيتون ملن ٿيون. دشمن کي تباهه ڪرڻ جو وڏو ذريعو حملو آهي، پر بچاءُ به لازمي آهي، حملي جو مقصد دشمن کي تباهه ڪرڻ آهي پر ان سان گڏ حملي جو ٻيو مقصد پنهنجي حفاظت ڪرڻ به آهي. ڇو جو جيڪڏهن دشمن تباهه نه ٿيو ته اوهان تباهه ٿي ويندو. دفاع جو فوري مقصد پنهنجو تحفظ آهي، پر ان سان گڏ دفاع جو مطلب دشمن تي حملو ڪرڻ يا حملي جي تياري ڪرڻ به آهي. پوئتي هٽڻ دفاع جي زمري ۾ اچي ٿو جڏهن ته پيڇو ڪرڻ حملي جي تسلسل جو نالو آهي. هتي اهو به ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي ته جنگ جو پهريون مقصد دشمن جي تباهي ۽ ثانوي مقصد پنهنجو تحفظ آهي، ڇاڪاڻ ته دشمن کي وڏي پيماني تي تباهه ڪرڻ سان ئي موثر طور پنهنجو تحفظ ڪري سگهجي ٿو. حقيقي جنگ ۾ گهڻي عرصي تائين وڏو ڪردار دفاع ۽ باقي عرصي لاءِ حملو ادا ڪندو آهي، پر جيڪڏهن جنگ کي مجموعي طورتي ورتو وڃي ته حملي جي اهميت وڌيڪ آهي.
“ڊگهي جنگ” (مئي 1938ع) چونڊ تحريرون
• فوجي آپريشن جا سمورا وڏا وڏا اصول هڪ بنيادي اصول مان جنم وٺندا آهن. يعني دشمن کي تباهه ۽ پنهنجي پاڻ کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ..... پوءِ جنگ ۾ بهادراڻي ايثار جي حوصلا افزائي ڪئين ڪئي ويندي آهي؟ جنگ ۾ ڪا نه ڪا قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. ڪجهه وقتن تي تمام وڏي قيمت، ڇا اها پنهنجي پاڻ حفاظت جو ضد ناهي؟ حقيقت ۾ ڪو اختلاف ناهي. اهو چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته ايثار ۽ پنهنجي پاڻ حفاظت هڪ ٻئي جي ضد ۽ هڪ ٻئي جا مددگار آهن. ايثار دشمن کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ ضروري ناهي، بلڪ پنهنجي پاڻ حفاظت جي لاءِ لازمي آهي. ان بنيادي اصول مان فوجي آپريشن جا وڏا وڏا اصول نڪرندا آهن. تنهنجي ڪري دشمن کي تباهه ڪرڻ ۽ پنهنجو تحفظ ڪرڻ جو اصول سمورن فوجي اصولن جو بنياد آهي.
“جاپان خلاف گوريلا جنگ ۾ ويڙهه جي فن جا مسئلا” (مئي 1938ع)

[b]اسان جي فوجي آپريشن جا هيٺيان اصول آهن:
[/b](1) پهريان دشمن جي ڇڙوڇڙ فوج تي حملو ڪري ٽڙي پکڙي وڃو ۽ پوءِ دشمن جي ڳري فوج تي ڀرپور حملو ڪري ڏيو.
(2) پهريان ننڍن ۽ وچولن شهرن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ وڏن شهرن تي قبضو ڄمايو.
(3) دشمن جي وڏي طاقت کي تباهه ڪرڻ اسان جو وڏو مقصد هجڻ گهرجي. ڪنهن شهر يا جاءِ تي قبضو ۽ ان جو گهيراءُ ڪرڻ اسان جو ڏو مقصد ناهي. ڪنهن شهر يا جاءِ تي قبضو ڪرڻ دشمن جي وڏي طاقت کي تباهه ڪرڻ جو نتيجو هوندو آهي، ڪو شهر يا جاءِ ڪيترائي ڀيرا هٿن ۾ اچي هلي وڃڻ بعد قطعي طور هٿ اچي ويندا آهن.
(4) هر جنگ ۾ بهترين فوج ميدان ۾ لاهيو، ڀلي دشمن جي فوج اوهان کان 5 يا 6 ڀيرا وڌيڪ ڇو نه هجي. دشمن کي مڪمل طور وڪڙ ۾ آڻيو ۽ ڪنهن کي به گهيري مان بچي نڪرڻ جو موقعو نه ڏيو. خاص حالتن ۾ دشمن کي ڌڪ رسائڻ جا طريقا استعمال ڪيو، يعني دشمن جي دل ۽ ٻانهن تي. انهن جي هڪ حصي يا ٻئي حصي جا قدم ڪڍڻ جي نيت سان زبردست حملا ڪيو ته جيئن اسان جي فوج دشمن جي باقي فوج کي تباهه ڪرڻ لاءِ تيزي سان حرڪت ۾ اچي سگهي. اهڙي سست رفتاري سان جنگيون نه وڙهو، جو اسان کي فائدي جي بدران نقصان برداشت ڪرڻو پوي.
(5) ڪا جنگ شروع نه ڪيو، جنهن لاءِ اوهان تيار نه هجو يا جنهن کي کٽڻ بابت اوهان کي يقين نه هجي. هر جنگ لاءِ تيار رهڻ جي ڪوشش ڪيو ۽ دشمن ۽ پنهنجي وچ ۾ جيڪي به حالتون هجن انهن ۾ رهي جنگ کٽڻ جي ڪوشش ڪيو.
(6) جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي ويڙهه جي فن جو مڪمل طور مظاهرو ڪيو، يعني حوصلي سان وڙهو. ٿڪ جي خوف کان بغير وڙهو. (يعني ٿوري عرصي ۾ آرام ڪرڻ کانسواءِ وڌيڪ وڙهو.)
(7) جڏهن دشمن حرڪت ۾ هجي ته ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو. ان سان گڏ پنهنجي پوزيشن کي نظر ۾ رکندي حملا ڪيو ۽ دشمن جي اهم هنڌن ۽ شهرن تي قابض ٿي وڃو.
(8) جيستائين شهرن تي حملو ڪرڻ جو تعلق آهي. دشمن جي جن شهرن جو دفاع ڪمزور هجي انهن تي قبضو ڪري وٺو، پوءِ مناسب موقعي تي جڏهن حالتون اجازت ڏين ته دشمن جي وچولن دفاع وارن اهم هنڌن تي قابض ٿي وڃو. دشمن جي مضبوط ۽ اهم هنڌن تي قبضو ڪرڻ لاءِ مناسب ۽ موزون حالتن جو انتظار ڪيو.
(9) دشمن جي هٿ آيل هٿيارن ۽ فني ماڻهن سان پنهنجي طاقت مضبوط بڻايو. پنهنجي فوج لاءِ هٿيار گڏ ڪرڻ جو وڏو ذريعو جنگ جو محاذ آهي.
(10) مختلف حملن جي وچ ۾ آرام جي موقعي مان پورو پورو فائدو وٺو، ان عرصي ۾ نوجوانن کي تربيت ڏيو ۽ انهن کي مضبوط ڪيو. آرام، تربيت ۽ استحڪام جي وقفي ۾ گهڻي ڊيگهه نه هجڻ گهرجي ۽ نه ئي دشمن کي ساهه کڻڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي.
چيانگ ڪائي شيڪ کي شڪست ڏيڻ ۾ عوام جي آزاد فوج اهي ئي وڏا وڏا طريقا استعمال ڪيا هئا. اهي طريقا عوام جي آزاد فوج ملڪي ۽ غيرملڪي دشمنن سان ڊگهي عرصي تائين جنگ جي نتيجي ۾ سکيا آهن ۽ اسان جي صورتحال جي عين مطابق آهن.... اسان جي ويڙهه جي فن جو بنياد عوامي جنگ تي آهي، جيڪا فوج عوام جي خلاف هجي اها ڪڏهن به اسان جا طريقا استعمال نه ڪري سگهندي.
“موجوده صورتحال ۽ اسان جا ڪم” (25 ڊسمبر 1947ع) چونڊ تحريرون.
• تياري کان سواءِ نه ته برتري حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ نه ئي اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي. اها حقيقت سمجهڻ کان پوءِ هڪ فوج ڀلي گهٽ ئي ڇو نه هجي، پر تيار هجڻ جي صورت ۾ پاڻ کي وڌيڪ فوج تي اچانڪ حملو ڪري ان کي شڪست ڏئي سگهي ٿي.
“ڊگهي جنگ” (مئي 1938ع)

[b]عوامي فوج:
[/b]• چيني سرخ فوج هڪ اهڙي هٿياربند تنظيم آهي، جيڪا انقلاب جي سياسي ڪم کي عملي جامو پارائي رهي آهي. موجوده حالتن ۾ خاص طورتي سرخ فوج کي پنهنجون سرگرميون فقط جنگ تائين محدود نه رکڻ گهرجن. دشمن جي فوجي طاقت کي تباهه ڪرڻ کان سواءِ هن فوج کي پروپيگنڊه جو ڪم به ڪرڻ گهرجي ۽ عوام کي هٿياربند ڪرڻ کان علاوه انقلابي سياسي اقتدار قائم ڪرڻ ۾ به مدد ڪرڻ گهرجي. سرخ فوج جنگ براءِ جنگ ناهي وڙهندي، پر عوام وچ ۾ پروپيگنڊه جي ڪم لاءِ به کين منظم ڪري ٿي، انهن کي هٿياربند ڪندي آهي ۽ انقلابي سياسي اقتدار قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. انهن مقصدن جي نه هجڻ ڪري جنگ پنهنجو مقصد وڃائي ويهندي آهي ۽ سرخ فوج جو ڪو جواز نه ٿو رهي.
“پارٽي اندر غلط خيالن کي صحيح ڪرڻ” (ڊسمبر 1929ع) چونڊ تحريرون
• عوام جي آزاد فوج هميشه ويڙهو فوج هوندي آهي. پورو ملڪ فتح ڪرڻ کان پوءِ به هن تاريخي دؤر ۾ جڏهن اسان جي ملڪ ۾ طبقاتي فرق اڃا باقي هوندو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ سامراجي نظام قائم هوندو، اسان جي فوج هڪ ويڙهو فوج رهندي. (يعني اسان جي فوج کي پنهنجي ملڪ اندر طبقاتي فرق ختم ڪرڻ ۽ دنيا مان سامراجي نظام ختم ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو.) ان معاملي ۾ اسان کي ڪنهن ڪوتاهي جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي.
“چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ستين مرڪزي ڪميٽي جي ٻئي اجلاس ۾ پڙهيل رپورٽ مان” (5 مارچ 1949ع)
• اسان جو قومي دفاع مضبوط ٿي ويندو ۽ ڪنهن سامراجي طاقت کي اسان جي حدن تي ٻيهر حملي جي جرئت نه ٿيندي. اسان کي بهادر ۽ آزاد فوج جي بنياد تي پنهنجي فوج جوڙڻ گهرجي. اسان کي هڪ طاقتور فوج جي ئي ضرورت ناهي، پر طاقتور هوائي ۽ بحري فوج جي به ضرورت آهي.
“چيني عوامي سياسي مشاورتي ڪانفرنس جي پهرين اجلاس ۾ افتتاحي خطاب” (21 سيپٽمبر 1949ع)

[b]قيادت ۽ پارٽي جون ڪميٽيون:
[/b]• اجتماعي قيادت کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪنهن منفرد ماڻهو جي سمورن معاملن ۾ هلندي ختم ڪرڻ لاءِ پارٽي ڪميٽي نظام هڪ اهم نظام آهي. اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اڪثر وڏن وڏن ادارن ۾ هڪ ماڻهو سمورن معاملن کي انجام ڏيڻ ۽ سمورن اهم مسئلن کي پاڻ ئي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهم مسئلن جا فيصلا پارٽي ڪميٽي اجلاس ۾ ناهن ٿيندا، بلڪ اهڙا فيصلا هڪ ماڻهو ئي ڪري وٺندو آهي ۽ پارٽي ڪميٽي جي ميمبرشپ وڃي نالي ماتر رهندي آهي. ڪميٽي ميمبرن اندر اختلاف راءِ جو فيصلو ناهي ڪيو ويندو ۽ ان کي ايئن ئي ڇڏي ڏنو ويندو آهي. پارٽي ڪميٽي ميمبرن جي وچ ۾ حقيقي اتحاد نه پر نالي ماتر اتحاد آهي، ان صورتحال کي تبديل ڪرڻو پوندو، هينئر کان وڏن وڏن ادارن ۾ پارٽي ڪميٽي جلسن لاءِ هڪ جامع نظام متعارف ڪرايو ويندو. سمورا اهم مسئلا بحث لاءِ ڪميٽين ۾ پيش ڪيا ويندا ۽ هر ڪميٽي جا ميمبر خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڪنهن اهڙي نتيجي تي پهچندا، جنهن کي هو عملي لباس پارائي سگهندا هجن. پارٽي ڪميٽي جا اجلاس ٻن حصن ۾ ورهايل هوندا، هڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي جا اجلاس ۽ ٻيا عام اجلاس. انهن ٻنهي کي پاڻ ۾ مجهائڻ نه گهرجي، ان کان سواءِ اسان کي اهو به احتياط ڪرڻ گهرجي ته ٻين کي نظرانداز ڪري نه ته اجتماعي ۽ نه ئي ذاتي ذميداري تي زور ڏيون. فوج ۾ جنگ دوران ڪمانڊر حالتن کي نظر ۾ رکندي هنگامي فيصلو ڪري سگهي ٿو.
“پارٽي ڪميٽي نظام کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جو اظهار” (20 سيپٽمبر 1948ع)
• پارٽي ڪميٽي جي سيڪريٽري ۾ سٺيون ليڊرشپ واريون صلاحيتون هجڻ گهرجن. هڪ پارٽي ڪميٽي ۾ 10 کان 20 تائين ميمبر هوندا آهن. اها فوج ۾ ”اسڪواڊ“ جي برابر هوندي آهي ۽ سيڪريٽري اسڪواڊ ليڊر وانگر هوندو آهي. ان اسڪواڊ جي قيادت ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي، مرڪزي ڪميٽي جي هر علائقائي بيورو ۽ ذيلي علائقائي بيورو تحت تمام وڏو علائقو هوندو آهي ۽ ان تي تمام وڏيون ذميداريون لاڳو ٿينديون آهن. قيادت ڪرڻ جو مطلب عام ۽ خاص پاليسين جو فيصلو ڪرڻ ئي ناهي، پر ڪم جي صحيح طريقن جي ايجاد به آهي. جيڪڏهن ڪم ڪرڻ جي طريقن کي نظرانداز ڪيو وڃي ته عام ۽ خاص پاليسين جي صحيح هجڻ جي صورت ۾ به گڙٻڙ پيدا ٿي سگهي ٿي، هڪ ليڊر واريون ذميداريون پوريون ڪرڻ لاءِ هڪ پارٽي ڪميٽي کي پنهنجي اسڪواڊ ميمبرن تي اعتبار ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي پنهنجو ڪردار پوري طرح ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻو پوندو. هڪ سٽي اسڪواڊ ليڊر بڻجڻ لاءِ سيڪريٽري جو مطالعو وسيع ۽ تحقيقاتي نوعيت جو هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو سيڪريٽري يا ڊپٽي سيڪريٽري پنهنجي ميمبرن وچ ۾ پروپيگنڊه ۽ تنظيمي ڪم سٺي نموني نه ٿو ڪري ته ان لاءِ پنهنجي اسڪواڊ جي سارسنڀال مشڪل ٿي ويندي ۽ هو پنهنجي ڪميٽي جا اجلاس ڪاميابي سان منعقد نه ڪرائي سگهندو. جيڪڏهن اسڪواڊ ليڊر هڪ ٻئي سان قدم ملائي نه هلندا ته اهي ڪڏهن به لکين ماڻهن جي جنگ جي ميدان ۽ تعميراتي شعبي ۾ قيادت نه ڪري سگهندا. هونئن ته عام حالتن ۾ سيڪريٽري ۽ ڪميٽي جي وچ ۾ اهڙا لاڳاپا هجڻ گهرجن، جو اقليت کي اڪثريت جي ڳالهه مڃڻي پوندي. اهي لاڳاپا اسڪواڊ ليڊر ۽ ان جي ماتحتن جي لاڳاپن کان مختلف هوندا آهن.
“پارٽي ڪميٽين جي ڪم ڪرڻ جا طريقا” (13 مارچ 1949ع)
• مسئلن کي سامهون آڻيو، اهو فقط اسڪواڊ ليڊر جو ڪم ناهي پر ڪميٽي جا ميمبر به ايئن ڪن. ماڻهن جي پٺڀرائي نه ڪيو. جڏهن به ڪو مسئلو پيدا ٿئي، اجلاس منعقد ڪيو مسئلي کي بحث لاءِ سامهون رکو ۽ ڪو فيصلو ڪيو. اهڙي طرح مسئلو حل ٿي ويندو. جيڪڏهن ڪو مسئلو موجود آهي ۽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش نه ٿو ڪيو وڃي ته اهو حل نه ٿي سگهندو ۽ ڪيترن ئي سالن تائين اينگهندو ويندو. اسڪواڊ ڪميٽي جي ليڊر ۽ ميمبر جا لاڳاپا ڏاڍا خوشگوار ۽ دوستاڻا هجڻ گهرجن. سيڪريٽري ۽ ڪميٽي ميمبرن جي وچ ۾ مرڪزي ڪميٽي ۽ ان جي علائقائي ادارن وچ ۾ گڏيل سوچ ويچار ۽ حمايت کان وڌيڪ ڪا به شيءِ اهم ناهي. ”اطلاعن جي ڏي وٺ ڪيو.“ ان جو مطلب آهي ته پارٽي ڪميٽي جا ميمبر ڌيان طلب ڳالهين تي هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪن. هڪ گڏيل راءِ لاءِ اهو تمام اهم آهي، ڪجهه ماڻهو ايئن ناهن ڪندا، جڏهن ته هڪ چيني چوڻي موجب اهي هڪ ٻئي جي ايترو ويجهو هوندا آهن، جو هڪ ٻئي جي ڪڪڙن جون ٻانگون ۽ هڪ ٻئي جي ڪتن جا آواز به ٻڌندا آهن. نتيجو اهو ته اهي گڏيل زبان کان محروم آهن.
• جيڪي معاملا اوهان نه ٿا سمجهو انهن بابت پنهنجن ماتحتن کان پڇو. جنهن ڳالهه جي اوهان کي خبر ناهي، ان بابت ايئن ظاهر نه ڪيو ته ڄڻ اوهان کي خبر آهي، پنهنجي ماتحتن جي ڳالهين کي غور سان ٻڌڻ گهرجي. استاد بڻجڻ کان پهريان شاگرد بڻجڻ ضروري آهي. ڪو به حڪم جاري ڪرڻ کان پهريان پنهنجي ماتحتن سان مشورو ڪيو ۽ انهن جي راءِ به غور سان ٻڌو. ممڪن آهي ته انهن جون ڳالهيون درست نه هجن، پر انهن جو تجزيو ڪرڻ ضروري آهي، پر سٺين ڳالهين کي ٻڌي انهن تي عمل ضرور ڪرڻ گهرجي. ماتحتن جي غلط ڳالهين کي به ٻڌو ۽ تجويزن کي به ٻڌو. جيتوڻيڪ انهن تجويزن تي عمل ته نٿو ڪري سگهجي، پر تنقيد ته ڪري سگهجي ٿي.
• پيانو وڄائڻ سکو، پيانو وڄائڻ وقت 10 جون 10 آڱريون حرڪت ۾ هونديون آهن، جيڪڏهن ڪجهه اڱرين کي حرڪت ڏني وڃي ۽ ڪجهه کي ساڪن رکيو وڃي ته پياني ۾ هم آهنگي پيدا نه ٿي سگهندي، پر جيڪڏهن ڏهن ئي آڱرين سان پيانو جا سر دٻايا وڃن ته ڪو به ساز نه اڀرندو. سٺو ساز پيدا ڪرڻ لاءِ آڱرين جي هڪ ٻئي سان تعاون سان گڏ انهن کي ترتيب سان حرڪت ۾ آڻڻ ضروري آهي. هڪ پارٽي ڪميٽي کي پنهنجي مرڪزي ڪم کي سٺي نموني ذهن ۾ رکڻ گهرجي ۽ ان مرڪزي ڪم ذريعي زندگي جي ٻين شعبن ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي. موجوده وقت ۾ اسان کي ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ڪرڻو آهي، ڪجهه مسئلن تي ڌيان ڏيڻ ۽ ٻين کي نظرانداز ڪرڻ سياڻپ ناهي. جتي به مسئلو هجي اسان کي ان جي نشاندهي ڪري ان کي حل ڪرڻ گهرجي. ڪجهه ماڻهو سٺو ۽ ڪجهه ماڻهو خراب پيانو وڄائيندا آهن ۽ انهن جي سازن ۾ زمين آسمان جو فرق هوندو آهي. پارٽي ڪميٽي جي ميمبرن کي سٺو پيانو وڄائڻ سکڻ گهرجي.
• ”مضبوطي سان هٿ وجهو،“ ان جو مطلب آهي ته پارٽي ڪميٽي جي ڪا ڳالهه نه رڳو سمجهڻ گهرجي، پر چڱي طرح سمجهڻ گهرجي. ڪنهن ڳالهه کي صحيح نموني سمجهڻ سان ئي ان جا مختلف پاسا سامهون ايندا آهن. جيڪڏهن اوهان کي ڪا ڳالهه صحيح نموني سمجهڻي ئي ناهي ته ان ۾ هٿ نه وجهو. ظاهر آهي ته کليل هٿن سان ڪابه شيءِ مضبوطي سان نه ٿي پڪڙي سگهجي. اسان جا ڪجهه ڪامريڊ وڏن وڏن ڪمن ۾ هٿ ته وجهندا آهن، پر انهن جي گرفت مضبوط ناهي هوندي تنهن ڪري اهي ان ۾ ڪامياب ناهن ٿيندا. ڪنهن به شيءِ کي منڍ کان ئي پڪڙ ۾ نه آڻڻ عقلمندي ناهي، پر جيڪڏهن گرفت مضبوط نه هجي ته به ان جو ڪو فائدو ناهي.
• اوهان جي ذهن ۾ انگ اکر هجڻ گهرجن. ان جو اهو مطلب آهي ته اسان کي ڪنهن صورتحال يا ڪنهن مسئلي جي وڏي پاسي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ان جو بنيادي تجزيو ڪرڻ گهرجي، هر خوبي هڪ خاص مقدار ۾ ظاهر ٿيندي آهي ۽ مقدار کان سواءِ خوبي جو وجود ناهي هوندو. اڄ به اسان جا ڪيترائي ڪامريڊ اهو نه ٿا سمجهن ته شين جي وڏي پاسي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. مثال طور بنيادي انگ اکر، سيڪڙي جو تناسب ۽ وڏيون حدون جيڪي هر شيءِ جي خوبين جو تعين ڪنديون آهن. انهن جي ذهن ۾ انگ اکر ناهن هوندا. آخر ۾ نتيجو اهو نڪرندو آهي ته غلطيون وڌي وينديون آهن.
• ”عوام کي يقين ڏيارڻ جا نوٽيس“، (يعني ايجنڊا) اجلاس جي نوٽيس کان پهريان جاري ڪرڻ گهرجن، انهن جي حيثيت عوام کي يقين ڏيارڻ جي نوٽيس جي برابر هوندي آهي ته جيئن هرڪو سمجهي سگهي ته ڪهڙيون ڳالهيون بحث هيٺ اينديون ۽ ڪهڙا مسئلا حل ٿيندا. ان صورت ۾ اهي انهن تي خيالن جو اظهار ڪرڻ لاءِ مناسب تياري ڪري سگهن ٿا. ڪجهه جاين تي قراردادون ۽ رپورٽون پهريان تيار ڪرڻ کان سواءِ اجلاس گهرايا ويندا آهن ۽ جڏهن ماڻهو اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پهچندا آهن ته پوءِ انهن کي ان وقت ايجنڊا کان آگاهه ڪيو ويندو آهي، اهو ته ان چوڻي برابر ٿيو ته ”فوجون ۽ گهوڙا ته پهچي چڪا آهن، پر کاڌو ۽ چارو تيار ناهي.“ اها ڪا سٺي ڳالهه ناهي. جيڪڏهن اجلاس جون تياريون مڪمل نه آهن ته اجلاس طلب نه ڪيو. ”ٿوري پر بهتر فوج ۽ عام ڪارووهنوار“. تقريرون، مضمون ۽ قراردادون، اهي سڀ جو سڀ مختصر ۽ جامع هجڻ گهرجن. اجلاس به گهڻو ڊگهو ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. جن ڪامريڊن کي اوهان سان اتفاق نه هجي انهن کي پاڻ سان متحد ڪرڻ ۽ انهن سان ڪم ڪرڻ تي ڌيان ڏيو. فوج ۽ شهري زندگي ٻنهي شعبن ۾ ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ جي ضرورت آهي. پارٽي کان ٻاهر جي ماڻهن سان به ان قسم جا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو. اسان ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان گڏ ٿيا آهيون. اسان کي فقط پنهنجي هم خيال ڪامريڊن سان ملي ڪم نه ڪرڻ گهرجي، پر مختلف خيال رکندڙ ماڻهن سان به واسطي ۾ رهڻ گهرجي.
• تڪبر نه ڪيو، جيڪو به وڏي عهدي تي مقرر آهي، ان لاءِ اتحاد قائم رکڻ لاءِ اهو تمام اهم شرط ۽ بنيادي اصول آهي، جن ماڻهن زندگي ۾ تمام وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ ڪڏهن به ڪا وڏي غلطي نه ڪئي هجي، انهن کي به تڪبر نه ٿو سونهين. ٻه نمايان لڪيرون ڇڪيو، پهريان انقلاب ۽ انقلاب جي مخالفن جي وچ ۾ ينان ۽ سيان جي وچ ۾ ڪجهه ماڻهو اهي نمايان لڪيرون ڇڪڻ ضروري نه ٿا سمجهن. مثال طور اهي جڏهن آفيسر شاهي جو مقابلو ڪن ٿا ته اهي ينان جو ذڪر ان انداز ۾ ڪندا آهن، جيئن اتي ڪابه شيءِ صحيح ناهي ۽ اهي ينان جي آفيسر شاهي ۽ سيان جي آفيسر شاهي ۾ ڀيٽ ڪري فرق تلاش ڪرڻ وساري ڇڏيندا آهن، اهو بنيادي طور تي غلط آهي.... ٻيو انقلابي صفن اندر فرق، صحيح ۽ غلط، خوبين ۽ خامين جي وچ ۾ فرق، ينان 1937ع کان 1947ع تائين چيني ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو صدر مقام رهيو آهي، سيان اتر اولهه ۾ ڪومنيٽانگ جي رجعت پسند حڪومت جو مرڪز هو. ڪامريڊ مائوزي تنگ ٻنهي شهرن کي انقلاب ۽ رجعت پسندي جون علامتون بڻايو آهي؟ تلاش ڪري اهو معلوم ڪرڻ ته اوليت ڪنهن کي ۽ ثانويت ڪنهن کي حاصل آهي، تمام ضروري آهي يعني ڇا ڪالهه جي مقابلي ۾ ڪاميابي 30 سيڪڙو يا 70 سيڪڙو حاصل ٿي آهي؟ اسان کي هر ماڻهو جي ڪم جو بنيادي تجربو ڪري معلوم ڪرڻ گهرجي ته ڇا ان جون ڪاميابيون 30 سيڪڙو ۽ ناڪاميون 70 سيڪڙو آهن ته پوءِ اسان کي هن جي ڪم کي مجموعي طور ساراهڻ گهرجي. مسئلن کي حل ڪرڻ وقت اسان کي انقلاب ۽ انقلاب مخالفن جي وچ ۾ خوبين ۽ خامين جي وچ ۾ نمايان لڪيرون ڇڪڻ نه وسارڻ گهرجي. انهن ٻنهي ڳالهين کي ذهن ۾ رکڻ سان اسان حالتن کي چڱي نموني سمجهي سگهنداسين ۽ ڪيترن ئي معاملن کي هلائڻ ۾ اسان کي مدد ملندي، نه ته مسئلا اسان جي ذهن ۾ پوشيده رهجي ويندا. اهي نمايان لڪيرون ڇڪڻ لاءِ مطالعو ۽ تجزيو ضروري آهي.
• تنظيم جي شعبي ۾ مرڪزيت پسند رهنمائي تحت جمهوريت قائم ڪرڻ ضروري آهي. ايئن هيٺ ڏنل لڪيرن تي حل ڪري سگهجي ٿو.
(1) پارٽي جي وڏين وڏين تنظيمن کي واضح طور تي رهنمائي ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻ کي قيادت جا مرڪز ثابت ڪرڻ لاءِ مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
(2) وڏين تنظيمن کي ننڍين تنظيمن جي مسئلن ۽ عوام جي زندگي کان آگاهه هجڻ گهرجي ته جيئن اهي انهن جي صحيح رهنمائي ڪري سگهن.
(3) پارٽي جي ڪنهن به تنظيم کي مسئلا حل ڪرڻ وقت انهن جا سرسري فيصلا نه ڪرڻ گهرجن، ڪوبه فيصلو ڪري ان تي قائم رهڻ گهرجي.
(4) پارٽي جي مٿين سطح جا ادارا جيڪڏهن ڪنهن اهم نوعيت جو فيصلو ڪن ته ان کي وڏي تيزي سان هيٺين سطح جي ادارن ۽ ميمبرن تائين پهچائڻ ضروري آهي.
(5) هيٺين سطح جي ادارن کي پارٽي جي مٿين سطح جي ادارن کان ملندڙ هدايتن تي تفصيل سان بحث ڪرڻ کان پوءِ انهن کي عملي لباس پارائڻ جي طريقن تي غور ڪرڻ گهرجي.
“پارٽي اندر غلط خيالن کي درست ڪرڻ” (ڊسمبر 1929ع)

[b]عوامي طرز عمل:
[/b]• هارين جي تحريڪ هڪ عظيم واقعو آهي، ٿوري ئي عرصي ۾ چين جي مرڪزي، اترين ۽ ڏاکڻين صوبن ۾ ڪروڙين هاري زبردست طوفان وانگر هڪ سرڪش ۽ تيز طاقت وانگر اٿي بيهندا ۽ ڪا وڏي طاقت به سندن راهه ۾ ڀت بڻجي نه سگهندي. اهي هر بند کي ٽوڙي آزادي جي رستي تي هلي پوندا. اهي سمورن سامراجين، ويڙهن، بي ايمان آفيسرن ۽ ظالمن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيندا. هر انقلابي پارٽي ۽ هر انقلابي ڪامريڊ کي هڪ امتحان مان گذرڻو پوندو ۽ امتحان ذريعي خبر پوندي ته اهي اسان سان گڏ آهن يا نه؟ هتي 3 متبادل رستا نظر ٿا اچن، پهريون انهن جي اڳيان هلي انهن جي رهنمائي ڪرڻ، ٻيو انهن جي پويان هلي خاميون ڪڍڻ ۽ ٽيون انهن جي آڏو بيهي رهڻ ۽ انهن جي مخالفت ڪرڻ. هر چيني انهن مان ڪو متبادل رستو چونڊي سگهي ٿو، پر حالتون اوهان کي پنهنجي صحيح فيصلي تي جلد کان جلد پهچڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون.
“هنان ۾ هارين جي تحريڪ بابت هڪ تحقيقي رپورٽ” (مارچ 1927ع)
• ٻهراڙي اندر معاشي تبديلي ۽ گڏيل امداد جي لهر ڪيترين ئي جاين تي پهچي چڪي آهي ۽ اها جلد ئي پوري ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي وٺندي. اها هڪ وسيع سوشلسٽ تحريڪ آهي، جنهن ۾ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ڳوٺاڻا حصو وٺي رهيا آهن. اها عظيم عالمي اهميت جي حامل آهي. ان تحريڪ کي هڪ يا ٻئي ذريعي پوئتي ڇڪڻ بدران اسان کي هن کي هڪ باقاعده ۽ پرجوش قيادت ڏيڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ ۾ ڪجهه غلطيون لازمي آهن، پر انهن کي ختم ڪرڻ ڏکي ڳالهه ناهي. جيڪڏهن اسان هارين ۽ پنهنجي عملي کي مثبت مدد ڏيون ته خامين ۽ غلطين کي ختم ڪري سگهجي ٿو.
“گڏيل زرعي امداد جي سوال تي خيالن جو اظهار” (31 جولاءِ 1955ع)
• عوام اندر سوشلزم لاءِ تمام گهڻو جوش ۽ جذبو ملي ٿو. اهي ماڻهو جيڪي انقلابي دؤر ۾ به دقيانوسي طريقن جا پيروڪار آهن، اهي ان جوش ۽ جذبي کي ڏسڻ جا اهل نه آهن. اهي انڌا آهن ۽ انهن کي هر جاءِ تي اونداهي ئي نظر اچي ٿي. اڪثر وقتن تي اهي بري ۽ ڀلي جي تميز به نه ٿا ڪري سگهن. اسان جو اهڙي قسم جي ڪيترن ئي ماڻهن سان واسطو پئجي چڪو آهي، جڏهن به ڪو نئون خيال جنم وٺي ٿو ته هي فوراً ان جي مخالفت تي لهي ٿا اچن، پر بعد ۾ کين پنهنجي شڪست قبول ڪرڻي پوندي آهي ۽ اهي هڪ حد تائين پنهنجو احتساب به ڪرڻ لڳندا آهن، پر وري جڏهن ڪو نئون خيال اُڀري ٿو ته هي پهرين جهڙي حرڪت ڪن ٿا، انهن کي پويان کان ڌڪو ڏئي اڳتي وڌائڻو ٿو پوي.
“هي ڪالوني ٻن سالن ۾ ڪوآپريٽو ادارو بڻجي ويو نالي ڪتاب جو تعارف” (1955ع)
• اسان جي پارٽي گذريل 20 سالن کان عوامي ڪم ڪري رهي آهي ۽ 12 سالن کان هر ڏينهن عوامي نقطه نظر کي وسعت ڏئي رهي آهي. اسان هميشه چيو آهي ته انقلاب لاءِ عوام تي اعتبار ڪرڻو پوندو نه ئي حڪم جاري ڪندڙ آڱرين جيترن ماڻهن تي، پر پوءِ به ڪجهه ڪامريڊن جي ڪم ۾ عوامي نقطه نظر نه ٿو ڇلڪي، اهي اڃا به عوام کان ڪٽيل آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن تي اعتبار ڪن ٿا. ان جو سبب اهو آهي ته اهي جيڪو به ڪم ڪن ٿا ان کي ماڻهن آڏو بيان نه ٿا ڪن، جن جي اهي قيادت ڪن ٿا ۽ کين خبر نه ٿي پوي ته اهي عوام جي تخليقي قوتن کي ڪيئن ڪم ۾ آڻين. انهن جي خواهش هوندي آهي ته ٻيا ماڻهو به سندن ڪم ۾ هٿ ونڊائين، پر اهي ٻين ماڻهن کي معلوم ٿيڻ نه ڏيندا آهن ته انهن کي ڪهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي. جڏهن صورتحال اهڙي هجي ته پوءِ ڇو اميد ڪجي ته هر ماڻهو ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيندو؟ انهن خيالن ۾ ڪهڙي طرح ڪو ڪم سٺي نموني ڪري سگهجي ٿو. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ بنيادي ڳالهه اها آهي ته نظرياتي تعليم کي عوامي طرزعمل تي ڪهڙي طرح هلايو وڃي؟ پر ان سان گڏ اسان کي انهن ڪامريڊن کي ڪم ڪرڻ جا ڪجهه جامع طريقا به سيکارڻا پوندا.
“شن سي سويان نالي اخبار جي ادارتي عملي سان ڳالهه ٻولهه” (2 اپريل 1948ع)
• اسان جو 24 سالن جو تجربو ان حقيقت جي ترجماني ڪري ٿو ته صحيح ڪم، صحيح پاليسي ۽ ڪم ڪرڻ جو صحيح انداز هميشه عوام جي مطالبن جي مطابق هوندو آهي ۽ عوام سان اسان جا لاڳاپا قائم ڪندو آهي. ان جي برعڪس غلط ڪم، غلط پاليسي ۽ ڪم ڪرڻ جو غلط طريقو هميشه عوام جي خواهشن جي ابتڙ هوندو آهي ۽ اسان کي انهن کان پري ڪري ٿو ڇڏي. محدود نظر، گروهه بندي، آفيسر شاهي اهي سموريون بيماريون نقصانڪار ۽ ناقابل برداشت آهن ۽ اهي اسان کي عوام کان پري ڪري ٿيون ڇڏين، تنهن ڪري انهن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي.
“گڏيل حڪومت تي خيالن جو اظهار” (27 اپريل 1945ع)
• هر قسم جي ڪم ۾ بالادستي غلط آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ کي عوام جي سياسي شعور کان مٿانهون رکڻ ۽ رضاڪاراڻي عوامي عمل جي ڀڃڪڙي ڪرڻ بي صبري ۽ جلدبازي جي علامت آهي. اسان جي ڪامريڊن کي ڪنهن به صورت ۾ اهو تصور نه ڪرڻ گهرجي ته جيڪا شيءِ هو سمجهن ٿا ان کي عوام به سمجهندو هجي. اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ته ڇا عوام اوهان جي ڳالهه سمجهي ٿو ۽ ان مطابق عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اوهان کي انهن جي وچ ۾ رهي معلومات حاصل ڪرڻي پوندي. ايئن ڪرڻ سان اسان بالادستي جي غلط رويي جي پاڙ پٽي سگهون ٿا. هر قسم جي ڪم ۾ پويان پويان رهڻ به غلط آهي. ڇاڪاڻ ته عوام جي سياسي شعور جي سطح کان هيٺ رهڻ ۽ تعميري انداز ۾ انهن جي قيادت نه ڪرڻ سستي جي بيماري آهي. اسان جي ڪامريڊن کي اهو فرض ڪرڻ گهرجي ته جيڪا ڳالهه هو پاڻ نه ٿا سمجهن ان کي عوام به سمجهڻ جي اهليت نه ٿو رکي. اڪثر وقتن تي ايئن به ٿيندو آهي ته عوام اڳتي نڪري ويندو آهي ۽ انهن جا اڳواڻ پويان گهيلبا ايندا آهن.
“گڏيل حڪومت تي خيالن جو اظهار” (24 اپريل 1949ع)
• اسان جي پارٽي جي سمورن عملي ڪمن ۾ ”عوام کان عوام تائين“ صحيح قيادت جو هجڻ تمام ضروري آهي. ان جو مطلب آهي ته عوام جي ٽڙيل پکڙيل ۽ غيرمنظم خيالن کي کڻو ۽ انهن تي انتهائي غور ۽ فڪر ڪري انهن کي جامع ۽ منظم خيالن ۾ تبديل ڪيو. پوءِ عوام جي اندر انهن خيالن جي اوستائين تبليغ ڪندا رهو، جيستائين اهي انهن کي اپنائين، تڏهن انهن خيالن کي عمل ۾ آڻيو ۽ ان عمل جي روشني ۾ انهن جي درستگي کي پرکيو. پوءِ وري عوام ۾ وڃو ۽ انهن وٽان خيال حاصل ڪري انهن تي غور ۽ فڪر ڪيو ۽ پهريان وانگر انهن کي جامع ۽ منظم شڪل ڏيڻ کان پوءِ ٻيهر عوام ۾ کڻي وڃو ۽ انهن کي عملي لباس پارائي انهن جي درستگي جو امتحان وٺو. اهو چڪر ايئن ئي جاري رهڻ گهرجي علم بابت مارڪس جو اهو ئي نظريو آهي.
• اسان کي عوام ۾ وڃي انهن کان سکڻ گهرجي ۽ انهن جي تجربن کي گڏ ڪري انهن کي بهتر اصولن ۽ طريقن ۾ اوتڻ گهرجي. وري عوام ۾ انهن اصولن ۽ طريقن کي کڻي وڃجي ۽ عوام کي انهن کي عملي لباس پارائڻ ۽ انهن اصولن ۽ طريقن جي روشني ۾ پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ چئو. اهڙي طرح اوهان انهن کي خوش رکڻ ۽ آزادي حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندؤ.
“منظم ٿي وڃو” (29 نومبر 1943ع)
• پاڻ کي عوام سان ڳنڍڻ لاءِ عوام جي خواهشن ۽ ضرورتن موجب عمل ڪرڻ تمام لازمي آهي. عوام جي بهبود لاءِ ٿيندڙ سمورن ڪمن جي ابتدا عوام جي ضرورتن کان ٿيڻ گهرجي، نه ئي ڪنهن هڪ ماڻهو جي خواهش سان. ڀلي اها خواهش ڪيتري به نيڪ نيتي تي ٻڌل ڇو نه هجي. اڪثر ايئن ڏٺو ويو آهي ته ظاهري طورتي ته عوام ڪجهه تبديلين جي خواهش رکندو آهي، پر داخلي طور تي نه ته انهن کي پنهنجي ضرورتن جو شعور هوندو آهي ۽ نه ئي تبديلين لاءِ تيار هوندا آهن، اهڙن معاملن ۾ اسان کي صبر سان انتظار ڪرڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي ڪم ذريعي ان وقت تائين تبديلي نه آڻڻ گهرجي، جيستائين عوام جي اڪثريت کي ان تبديلي جي ضرورت محسوس نه ٿئي ۽ ان لاءِ اسان سان نه گڏجي. ٻي صورت ۾ اسان عوام کان ڪٽجي وينداسين. عوام جي ڀلائي جو ڪو به ڪم ان وقت تائين ڪامياب نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين عوام ان ۾ شرڪت لاءِ تيار نه هجي. هتي ٻه ڳالهيون سامهون آيون آهن، پهريان عوام جون تحقيقي ضرورتون نه ئي اسان جي خيال ۾ عوامي ضرورتون، ٻيو پنهنجي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ عوام جي اندر پنهنجون خواهشون نه ئي اسان جي اندر عوام جي حالت بهتر بڻائڻ جون خواهشون.
“ثقافتي ڪم ۾ متحد محاذ” (30 آڪٽوبر 1944ع)
• اسان جي ڪانگريس کي سڄي پارٽي کي چوڻ گهرجي ته اها هوشيار رهي ۽ ڏسي ته ڪو ڪامريڊ پنهنجي ڪم ۾ پنهنجي عوام سان ڪٽيل ته ناهي؟ ان ڪامريڊ کي سيکارڻ گهرجي ته اهو عوام سان رابطو رکي. انهن جي وچ ۾ ڪم ڪري ۽ انهن جي موجوده سطح مطابق انهن کي جاڳائي، يا انهن جي اندر سياسي شعور بيدار ڪري. انهن کي رضاڪاراڻي طورتي آهستي آهستي منظم ٿيڻ ۾ مدد ڏي ۽ داخلي ۽ خارجي حالتن موجب انهن جي بنيادي جدوجهد کي تيز تر بڻائڻ ۾ ساٿي بڻجي.
“گڏيل حڪومت تي خيالن جو اظهار” (24 اپريل 1945ع)
• قيادت ڪندر گروهه ڇو نه ڪيترو به سرگرم عمل هجي، پر جيڪڏهن اهو عوام سان ملي ڪم نه ٿو ڪري ۽ ان جي سرگرمين ۾ عوام جون سرگرميون نه ٿيون ڇلڪن ته ان جي سڄي جدوجهد بيڪار ثابت ٿيندي. ٻئي طرف جيڪڏهن عوام پاڻ ئي سرگرم عمل آهي ۽ ان کي ڪنهن اهڙي گروهه جي قيادت نصيب ناهي، جيڪو ان جي سرگرمين کي مناسب طور تي منظم ڪري سگهي ته عوام جون سرگرميون نه ته پائيدار ثابت ٿينديون آهن ۽ نه ئي اهي صحيح رخ ۾ وينديون آهن ۽ نه ئي انهن جو معيار بلند ٿيندو آهي.
“قيادت جي طريقن بابت ڪجهه سوال” (01 جون 1943ع)
• اسان کي عوام جي ڀلائي ۽ انهن جي ننڍن وڏن سڀني مسئلن ڏانهن سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهي سمورا مسئلا، جيڪي عوام جي بهتري سان تعلق رکن ٿا اسان جي ميٽنگن جي ايجنڊا ۾ شامل هجڻ گهرجن. اسان کي انهن کي بحث هيٺ آڻڻ گهرجي، انهن بابت فيصلا ڪرڻ گهرجن ۽ انهن کي عملي لباس پارائي نتيجن جو تجزيو ڪرڻ گهرجي. اسان کي عوام جي ان نقطه نظر سان مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن کي احساس ٿئي ته اسان انهن جي مفادن جي نمائندگي ڪيون ٿا ۽ اسان جون زندگيون سندن لاءِ وقف آهن. پوءِ اسان کي انهن کي هڪ سطح کان ٻي سطح تائين وٺي وڃڻ گهرجي. يعني انقلابي جنگ لاءِ تيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي انقلاب جي حمايت ڪن ۽ ان کي هر طرف پکيڙي ڇڏين. اهي اسان جي سياسي اپيل تي لبيڪ چون ۽ انقلاب ۾ قطعي فتح تائين وڙهندا رهن.
“عوام جي ڀلائي جو خيال رکو، ڪم ڪرڻ جي طريقي تي ڌيان ڏيو” (27 جنوري 1943ع)
سياسي ڪم:
• اسان جي فوج هڪ اهڙو سياسي نظام ٺاهيو آهي، جيڪو عوامي جنگ لاءِ بنيادي (اهو حوالو ان انقلابي هٿياربند فوج طرف آهي، جيڪا چيني ڪميونسٽ پارٽي ۽ ڪومنيٽانگ گڏيل طور تي 27-1924ع ۾ پهرين انقلابي جنگ جي زماني ۾ منظم ڪئي هئي.) حيثيت رکي ٿو ۽ جنهن جي ڪري ان جي پنهنجن صفن ۾ اتحاد پيدا ٿئي ٿو ۽ ان جي عوام سان لاڳاپا قائم ٿيڻ کان سواءِ دشمن جي صفن ۾ انتشار پکڙجي ٿو. ان ئي نظام جي ڪري اسان جي فوج جنگ جي ميدان ۾ ڪامياب ٿيندي آهي.
“گڏيل حڪومت تي خيالن جو اظهار” (27 اپريل 1945ع)
• اٺين روٽ فوج جي سياسي ڪم جو بنياد ٽن اصولن تي آهي. پهريون آفيسرن ۽ ماتحتن جي وچ ۾ اتحاد جو اصول، يعني فوج اندر سزا ڏيڻ، ڄاڻي واڻي آفيسرن ۽ ماتحتن وچ ۾ ڊسيپلين قائم ڪرڻ جي ڪوشش کان پاسو ڪرڻ، ان شعوري ڊسيپيلن کي ترڪ ڪرڻ سان سڄي فوج ۾ اتحاد قائم ٿيندو. ٻيو فوج ۽ عوام وچ ۾ اتفاق، يعني عوام جي مفادن جو خيال رکڻ، عوام جي اندر پروپيگنڊا گهٽ ڪرڻ، عوام کي هٿياربند ۽ منظم ڪرڻ، انهن جي اقتصادي بار کي گهٽائڻ، فوج ۽ عوام جي دشمنن ۽ غدارن کي ختم ڪرڻ، ان جي بدولت عوام ۽ فوج ۾ هر هنڌ اتحاد قائم ٿيو آهي. ٽيون دشمن سان نرم ورتاءُ ڪرڻ جوا صول، اسان جي فتح جو دارومدار رڳو فوجي آپريشن تي ئي ناهي، پر دشمن جي فوجين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ تي به آهي.
“برطانوي صحافي برٽرام کي انٽرويو” (25 آڪٽوبر 1938ع)
• اسان جي فوجن کي انهن سمورن اصولن تي پابندي ڪرڻ گهرجي، جيڪي فوج ۽ عوام، حڪومت ۽ فوج، فوج ۽ ڪميونسٽ پارٽي، آفيسرن ۽ ماتحتن ۽ فوجي ڪم ۽ سياسي ڪم جي وچ ۾ اتحاد قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا ۽ ڪڏهن به جنگي غلطيون نه ڪرڻ گهرجن. آفيسرن کي ماتحتن جو خيال رکڻ گهرجي ۽ کين سزا وغيره ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، فوج ۽ عوام جي مفادن جو خيال رکڻ گهرجي، فوج کي حڪومت ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي عزت جو خيال هجي ۽ ان کي ڪڏهن به آزاد هجڻ جي دعويٰ نه ڪرڻ گهرجي.
“منظم ٿي وڃو” (29 نومبر 1943ع)
• جاپاني جنگي قيدين بابت اسان جي پاليسي انهن کي آزاد ڪري ڇڏڻ تي ٻڌل آهي، انهن قيدين کان سواءِ جيڪي وحشياڻين حرڪتن جي ڪري عوام جي نفرت جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ جن لاءِ اعليٰ اختيارين موت جي سزا تجويز ڪئي آهي. جنگي قيدين جن کي مجبوراً رجعت پسند فوج سان گڏيو ويو هو، پر جيڪي هينئر انقلاب ڏانهن مائل آهن، اسان کي انهن کي پنهنجي طرف آڻڻ گهرجي ته جيئن اهي اسان جي فوج لاءِ ڪم ڪري سگهن. باقي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. جيڪڏهن اهي اسان جي خلاف وڙهندي ٻيهر قيدي ٿي وڃن ته انهن کي ٻيهر به آزاد ڪيو وڃي. اسان کي نه ته انهن جي بيعزتي ۽ نه ئي انهن جي رجعت پسنداڻي رويي جي ملامت ڪرڻ گهرجي، پر انهن سان اسان جو رويو شفقت ۽ خلوص وارو هجڻ گهرجي، ڀلي اهي ڪيترا به رجعت پسند ڇو نه هجن، اسان جو رويو ساڻن نرم ئي هجڻ گهرجي. رجعت پسندن کي شڪست ڏيڻ جو اهو وڏو اثرائتو طريقو آهي.
“پاليسي تي خيالن جو اظهار” (25 ڊسمبر 1940ع)
• ڪنهن فوج جو بنياد سپاهي هوندا آهن. جيستائين انهن جي اندر ڪو ترقي پذير سياسي جذبو نه هجي ۽ جيستائين ڪنهن ترقي پذير سياسي ڪم ذريعي انهن جي اندر اهڙو جذبو پيدا نه ڪيو وڃي. ان وقت تائين آفيسرن ۽ سپاهين ۾ نه ته اتحاد قائم ڪري سگهجي ٿو نه ئي مزاحمت جي جنگ جي حق ۾ جوش ۽ جذبو اُڀري سگهي ٿو.
“ڊگهي جنگ” (مئي 1938ع)
• سرخ فوج جي اندر ڪجهه ڪامريڊن ۾ خالص فوجي نقطه نظر انتهائي ترقي يافتا شڪل ۾ ملي ٿو. ان جو اظهار ڪجهه هن ريت ٿيندو آهي. اهي ڪامريڊ فوجي معاملن ۽ سياست کي هڪ ٻئي جو ضد سمجهن ٿا ۽ اهو مڃڻ کان انڪار ڪندا آهن ته فوجي معاملا سياسي ڪمن کي پورو ڪرڻ جو ذريعو آهن. ڪجهه ته ايئن به چوندا آهن ته ”جيڪڏهن فوجي لحاظ سان سٺا آهيو ته ظاهر آهي اوهان سياسي لحاظ سان به سٺا هوندا، پر جيڪڏهن اوهان هڪ سٺا فوجي نه آهيو ته اوهان هڪ سٺا سياسي ڪارڪن به نه ٿا ٿي سگهو.“ انهن جي اها ڳالهه فوجي معاملن کي سياست تي ترجيح ڏيڻ برابر آهي.
“پارٽي اندر غلط خيالن جي اصلاح” (ڊسمبر 1969ع)
• شاگردن ۽ اديبن منجهه نظرياتي ۽ سياسي ڪم جي تنزلي اچي وئي آهي ۽ ڪجهه غيرصحت منداڻا رجحان پيدا ٿي پيا آهن. ڪجهه ماڻهو سوچين ٿا ته انهن کي سياست يا ملڪ جي مستقبل ۽ انسانيت جي اصل مقصد سان واسطو رکڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. ايئن نظر پيو اچي ته جيئن مارڪسي فلسفي جو، جيڪو طوفان اٿيو هو هينئر اهو لهي ويو آهي. اهڙي قسم جي رجحانن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي سياسي ۽ نظرياتي ڪم کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. اديبن ۽ شاگردن کي دل لڳائي مطالعو ڪرڻ گهرجي، پنهنجي مخصوص شعبن ۾ مطالعي کان سواءِ انهن کي سياسي ۽ نظرياتي طورتي به ترقي ڪرڻ گهرجي. ٻين لفظن ۾ انهن کي مارڪسزم، لينن ازم، موجوده حالتن ۽ سياست جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. صحيح سياسي نقطه نظر جو فقدان روح کان بغير جسم جي برابر آهي...... سمورن محڪمن ۽ ادارن کي پنهنجون سياسي ۽ نظرياتي ذميداريون پوريون ڪرڻيون پونديون. اها ڳالهه ڪميونسٽ پارٽي، يوٿ ليگ، سرڪاري کاتن، تعليمي ادارن ۽ سمورن استادن تي لاڳو ٿئي ٿي.
“عوام اندر اختلافن کي صحيح طور سمجهڻ” (27 فيبروري 1957ع)
• سياسي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سرخ فوج جي سمورن سپاهين اندر جماعتي شعور اچي ويو آهي ۽ اهي زمين ورهائڻ، سياسي طاقت قائم ڪرڻ، مزدورن ۽ هارين کي هٿياربند ڪرڻ بابت بنيادي ڳالهيون سمجهي ويا آهن. اهي اهو به ڄاڻن ٿا ته اهي پنهنجي لاءِ، مزدور طبقي لاءِ ۽ هاري طبقي لاءِ وڙهي رهيا آهن، تنهن ڪري اهي ڪنهن شڪايت کان سواءِ سخت جدوجهد جون سختيون برداشت ڪري سگهن ٿا. هر ڪمپني، بٽالين ۽ ريجمنٽ جي پنهنجي ”سپاهي ڪميٽي“ آهي، جيڪا سپاهين جي مفادن جو تحفظ ڪري ٿي، عوامي ۽ سياسي ڪم جاري رکي ٿي.
“چنگ ڪانگ جي جابلو علائقي ۾ جدوجهد” (25 نومبر 1928ع)
• رجعت پسندن ۽ پراڻي معاشري عوام تي جيڪي ظلم ڪيا آهن، انهن تان پردو کڻڻ جي تحريڪ سپاهين ۽ ڪمانڊرن جي سياسي شعور کي تمام گهڻو اجاگر ڪيو آهي ۽ اهي پوري ملڪ جي مزدور طبقي جي آزادي، زمين جي منصفاڻي ورڇ ۽ عوام جي گڏيل دشمن چيانگ ڪائي شيڪ جي رهزني ٽولي کي تباهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. محنت جي جذبي ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت هيٺ سپاهين ۽ ڪمانڊرن کي هڪ مضبوط اتحاد جي رشتي ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي، ان ڪري فوج جي اندر اتحاد ۽ ڊسيپلن ملي ٿو ۽ ان عوام کي وڏي پيماني تي تربيت ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان پنهنجي سياسي، اقتصادي ۽ فوجي جمهوريت کي وڏي منظم طريقي سان ترقي ڏني آهي. فوج هڪ فرد وانگر متحد ٿي وئي آهي ۽ ان جو هر ماڻهو ان کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي. هي فوج بنا خوف هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ سمورين مادي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
“آزادي فوج ۾ نئين طرز جي نظرياتي تعليمي تحريڪ”(7 مارچ 1948ع)
• گذريل ڪجهه مهينن دوران تقريباً پوري آزادي فوج، وڏي تربيت ۽ تربيت کان پوءِ عملي ڪم جي وچ ۾ وقفن جي عادي بڻائي وئي آهي. اهو سڀ ڪجهه وڏي منظم ۽ جمهوري طريقي سان ڪيو ويندو آهي. ان ڪري فوج جي اندر انقلابي روح پيدا ٿي ويو آهي ۽ ان جا سپاهي ۽ ڪمانڊر جنگ جي مقصد کان چڱي طرح واقف آهن، فوج جي اندر غلط قسم جي نظرياتي رجحانن کي ختم ڪن ٿا ۽ پنهنجن صلاحيتن کي مارڪسي تعليم جي روشني ۾ بهتر بڻائين ٿا. فوج اندر ان نئين نظرياتي تعليمي تحريڪ ۽ نون خيالن کي وڌ کان وڌ پکيڙڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اها تحريڪ ۽ خيال جمهوري هجڻ سان گڏ عوام کي به پسند آهن.
“شن سي سويان جي هڪ آزاد علائقي ۾ ڪميونسٽ عملي جي هڪ ڪانفرنس ۾ تقرير” (01 اپريل 1948ع)
• ”اينٽي جاپان فوجي ۽ سياسي ڪاليج“ جي تعليمي پاليسي اها آهي ته شاگردن اندر صحيح قسم جا نوان خيال پيدا ڪيا وڃن. انهن کي محنتي بڻايو وڃي ۽ انهن کي ويڙهه جو فن، نوان ۽ لچڪدار طريقا سيکاريا وڃن. اهي ٽن بنيادي عنصر اسان جي سپاهين کي جاپان خلاف انقلابي سپاهي بڻجڻ ۾ مدد ڏيندا. انهن ٽن عنصرن کي نظر ۾ رکندي استاد شاگردن کي تعليم ڏيندا آهن.
“دشمن جو حملو خراب نه پر سٺي شيءِ آهي” (26 مئي 1939ع)

[b]آفيسرن ۽ ماتحتن ۾ لاڳاپا:
[/b]• اسان جي فوج جون هميشه ٻه پاليسيون رهيون آهن، پهريان اسان کي پنهنجي دشمنن سان بي رحماڻو سلوڪ ڪرڻ گهرجي. انهن تي تسلط ڄمائي انهن کي تباهه ڪري ڇڏيڻ گهرجي، ٻيو اسان کي پنهنجي پاڻ سان، عوام سان، پنهنجن ڪامريڊن سان، پنهنجي آفيسرن ۽ ماتحتن سان نرم سلوڪ ڪرڻ، اسان جو ۽ انهن جو اتحاد مضبوط هجڻ گهرجي.
“ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ مرڪزي پارٽي اجلاس ۾ تقرير” (18 سيپٽمبر 1944ع)
• ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته غلط طريقن کي استعمال ڪرڻ سان آفيسرن ۽ ماتحتن جي وچ ۾ فوج ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپا خراب ٿيندا آهن، پر آئون انهن کي هميشه اهوئي چوندو رهيو آهيان ته بنيادي طورتي سپاهين ۽ عوام جي عزت ڪئي وڃي ته لاڳاپا ڪڏهن به ڇڪتاڻ وارا نه ٿيندا. ان بنيادي رويي سان مختلف پاليسيون ۽ طريقي ڪار پيدا ٿيندا آهن. جيڪڏهن اسان ان بنيادي رويي کان منهن موڙي ڇڏيو ته سموريون پاليسيون ۽ طريقي ڪار يقينن غلط ثابت ٿيندا ۽ آفيسرن ۽ ماتحتن وچ ۾ ۽ عوام ۽ فوج جي وچ ۾ لاڳاپا ڪڏهن به خاطري واري شڪل اختيار نه ڪندا. فوج جي سياسي ڪم لاءِ اسان جا 3 وڏا اصول آهن. پهريون آفيسرن ۽ ماتحتن ۾ اتحاد، ٻيو فوج ۽ عوام وچ ۾ اتحاد ۽ ٽيون دشمن جي فوج ۾ بگيڙو وجهڻ. انهن ٽنهي طريقن کي اثرائتي نموني لاڳو ڪرڻ لاءِ اسان کي ٻين جي عزت جي بنيادي رويي کان شروعات ڪرڻ گهرجي، يعني اسان کي سپاهين، عوام ۽ دشمن جي جنگي قيدين جي عزت ڪرڻ گهرجي، جيڪي ماڻهو ان ڳالهه کي ڪو فني معاملو سمجهن ٿا ۽ بنيادي رويي جي طورتي نه ٿا وٺن اهي غلط آهن ۽ انهن کي پنهنجي نقطه نظر جي اصلاح ڪرڻ گهرجي.
“ڊگهي جنگ” (مئي 1938ع)
• اسان جي ڪامريڊن کي خبر هجڻ گهرجي ته عوام جا نظريا تبديل ڪرڻ تمام وڏو ۽ تڪليف وارو ڪم آهي ۽ انهن کي اها اميد نه رکڻ گهرجي ته ڪجهه تقريرون ڪري ۽ اجلاس گهرائي عوام جي ڪيترائي سال پراڻن نظرين کي ٿوري دير ۾ تبديل ڪري وٺندا. انهن کي پنهنجو پوئلڳ بڻائڻ لاءِ ترغيب جي ضرورت آهي، دٻاءُ وجهڻ جي نه! انهن تي دٻاءُ وجهڻ سان ڪم نه هلندو. ان طريقي کي دشمن تي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي، پر پنهنجن ساٿين، دوستن ۽ عوام لاءِ ڪنهن به صورت ۾ نه.
“پروپيگنڊا ڪم لاءِ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ڪانفرنس ۾ تقرير” (12 مارچ 1957ع)

[b]فوج ۽ عوام وچ ۾ لاڳاپا:
[/b]• انهن تحريڪن دوران فوج کي پنهنجي طرف کان، ڪميونسٽ پارٽي ۽ حڪومت کي پنهنجي طرف کان 1943ع جي خامين ۽ غلطين جو مڪمل جائزو وٺڻ گهرجي ۽ 1944ع ۾ انهن جي اصلاح ڪرڻ گهرجي. هينئر کان اڳتي اهڙي قسم جون تحريڪون هر جاءِ تي سال جي پهرين مهيني ۾ شروع ڪرڻ گهرجن ۽ ان دوران ”حڪومت جي حمايت ۽ عوام جو خيال“ ۽ ”فوج جي حمايت ۽ جاپان خلاف وڙهندڙ سپاهين جي ڪٽنبن سان ترجيحي سلوڪ“ جهڙا فقرا بار بار عوام آڏو دهرائڻ گهرجن. جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ فوج ڪميونسٽ پارٽي، حڪومت يا عوام جي ڪنهن گروهه سان ڪا زيادتي ڪئي آهي ته ان تي تنقيد ڪئي وڃي. اهڙي طرح جيڪڏهن ڪميونسٽ پارٽي، حڪومت يا شهري باشندن فوج سان ڪا زيادتي ڪئي آهي ته ان کي به بحث هيٺ آڻن گهرجي. اهڙي تنقيد سان خاميون ۽ غلطيون ختم ٿي وينديون آهن.
”حڪومت جي حمايت ۽ عوام جو خيال“ ۽ ”فوج جي حمايت ۽ جاپان خلاف وڙهندڙ سپاهين جي ڪٽنبن سان ترجيحي سلوڪ“ جون تحريڪون.

[b]وڏن شعبن ۾ جمهوريت:
[/b]• فوج جي اندر هڪ بهتر جمهوريت رائج ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪا آفيسرن ۽ ماتحتن وچ ۾ فرق جو فرسوده نظام ختم ڪري ڇڏي ۽ جنهن ذريعي آفيسر ۽ ماتحت هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ لڳن. جيڪڏهن هڪ ڀيرو ايئن ٿي ويو ته آفيسرن ۽ ماتحتن جي وچ ۾ اتحاد قائم ٿي ويندو، فوج جي وڙهڻ جي صلاحيت تمام گهڻي وڌي ويندي ۽ جنهن کي گهڻي دير تائين جاري رکڻ جي اسان جي قابليت ۾ بناشڪ اضافو ٿيندو.
“ڊگهي جنگ” (مئي 1938ع)
• ڪميونسٽ پارٽي جي ڪردار کان بلڪل مٽيل حالتن ۽ خاطري جوڳن هٿيارن جي فقدان باوجود سرخ فوج پنهنجو ڪم جهڙي طرح جاري رکيو آهي ۽ جهڙي طرح دشمن سان جڳهه جڳهه تي وڙهندي رهي آهي، ان جو وڏو ڪارڻ ان جو جمهوريت جي اصولن تي ڪم ڪرڻ آهي. آفيسر پنهنجي ماتحتن تي ڪاوڙبا ناهن، آفيسرن ۽ ماتحتن سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي. سپاهين کي اجلاس گهرائڻ ۽ ڳالهائڻ جي اجازت آهي. ننڍيون ننڍيون رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن ۽ هر ڪنهن کي حسابن جو معائنو ڪرڻ جي اجازت آهي. چين ۾ فوج کي به جمهوريت جي ايتري ئي ضرورت آهي، جيتري عوام کي. فوج جي پراڻي فرسوده نظريي کي درهم برهم ڪرڻ لاءِ فوج اندر جمهوريت جو هجڻ ضروري آهي.
“چنگ ڪانگ جي جابلو علائقي ۾ جدوجهد” (25 نومبر 1928ع)
• فوج جي سمورين صفن ۾ سياسي ڪم جي پاليسي جو اهو مقصد آهي ته سپاهين، ڪمانڊرن ۽ فني عملي جا حوصلا بند ڪيا وڃن ته جيئن مرڪزي قيادت تحت هڪ جمهوري تحريڪ ذريعي سياسي اتحاد، بهتر معياري زندگي ۽ بهتر فوجي ويڙهه جي فن جا ٽه وڏا مقصد حاصل ٿي سگهن. ”3 پابنديون“ ۽ ”3 سڌارا“ جن تي اڄڪلهه اسان جي فوج وڏي جوش ۽ جذبي سان عمل ڪري رهي آهي. اها پهريان ٻن مقصدن کي سياسي ۽ اقتصادي جمهوريت جي طريقن سان حاصل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. جيستائين اقتصادي جمهوريت جو تعلق آهي سپاهين جي چونڊيل نمائندن کي ڪمپني جي سامان ۽ کاڌي پيتي جي انتظام ۾ ڪمپني جي ليڊرن جو هٿ ونڊائڻ ۽ مدد ڪرڻ جو حق حاصل هجڻ گهرجي. جيستائين فوجي جمهوريت جو تعلق آهي، تربيت دوران آفيسرن ۽ سپاهين (3 پڇا ڳاڇائون ۽ 3 اصلاح پارٽي کي مضبوط ڪرڻ ۽ فوج کي نظرياتي تعليم ڏيڻ جي سلسلي ۾ شروع ڪيا هئا. 3 پڇاڳاڇائن جو مطلب هو خاندان، نظريو ۽ طرزعمل جي پڇاڳاڇا، فوج اندر خاندان، فرض جي ادائگي ۽ وڙهڻ جي خواهش اهي 3 پڇاڳاڇائون هيون. ”3 سڌارن“ جو مطلب هو، تنظيمي استحڪام، نظرياتي تعليم ۽ طريقي ڪار جي اصلاح) کي اهڙن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي ته ڪيئن دشمن جي پوزيشن تي قبضو ڪيو وڃي. جڏهن جنگ ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري رهي ته اجلاس ڪيئن منعقد ڪيا وڃن، ”اترين شن سي“ ۾ پن ٽونگ جي جنگ جي ميدان ۾ شن سي چيار هوئي علائقي ۾ شي چياچنگ جي جنگ جي ميدان ۾ ان قسم جي فوجي جمهوريت کي وڏي ڪاميابي سان عملي لباس پارايو ويو هو. ان مان ثابت ٿي ويو ته عمل سان ڪنهن نقصان بدران فائدو ئي ٿيندو آهي.
“فوج جي اندر جمهوري تحريڪ” (30جنوري 1948ع)
• موجوده عظيم جدوجهد ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جو اهوئي مطالبو آهي ته ان جا مک ادارا، سمورا ميمبر ۽ سڄو عملو اڳتي وڌڻ جي جذبي جو پورو اظهار ڪري، ڇاڪاڻ ته اهو جذبو فتح جي اڳڪٿي هوندو آهي. اهو جذبو مک ادارن جي قابليت، پارٽي ميمبرن ۽ عملي جي تعميري ڪم ڪرڻ جي خواهش، ذميداريون قبول ڪرڻ جو جوش ۽ ولولو، سوال اٿارڻ جي قابليت ۽ جرئت، خامين تي تنقيد ڪرڻ جي حوصلي ۽ مک ادارن جي نگراني جي ذميداري مان نمايان طورتي ظاهر هجن گهرجي، نه ته اهو جذبو خالي دهل هوندو، پر اڳيان اڳيان هلڻ جي ان جذبي جو دارومدار پارٽي اندر جمهوريت پکيڙڻ تي آهي. جيڪڏهن پارٽي جي زندگي ۾ جمهوريت ناهي ته پوءِ اهو جذبو ڪارآمد ثابت نه ٿيندو. صرف جمهوري ماحول ۾ قابل ماڻهن کي وڏي انگ ۾ اڳتي آڻي سگهجي ٿو.
“قومي جنگ ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جو ڪردار” (آڪٽوبر 1938ع)
• هر ڪنهن کي، ڀلي اهو ڪير به هجي ڳالهائڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، پر شرط اهو آهي ته اهو بگيڙو وجهندڙ عنصر نه هجي ۽ حملا نه ڪري، هو غلط ڳالهه ڪري تڏهن به ڪو مسئلو ناهي، هر سطح جي ليڊرن لاءِ هڪ سٺو ٻڌندڙ هجڻ ضروري آهي. ٻن اصولن جو پابند هجڻ ضروري آهي. پهريون جيڪو ڪجهه اوهان ڄاڻو ٿا بنا ڊپ ڊاءَ چئي ڏيو، ٻيو مخاطب تي الزام نه ڏيو، بلڪ ان جي لفظن کي تنبيهه سمجهو، جيستائين اوهان ڳالهائيندڙ تي الزام ڏيندؤ، اصول تي صحيح طور پابند نه ٿي سگهندو، ان وقت تائين اوهان جيڪو ڪجهه ڄاڻو ٿا بنا ڊپ ڊاءَ چئي نه سگهندؤ.
“1945ع لاءِ ڪم” (15 ڊسمبر 1944ع)
• نظريي جي شعبي ۾ فيشن ايبل جمهوريت جون پاڙون ڪٽيون وڃن. پهريان ته اهو ٻڌائڻ گهرجي ته فيشن ايبل جمهوريت تنظيم کي مڪمل طورتي تباهه ۽ پارٽي جي جدوجهد ڪرڻ جي صلاحيت کي گهٽائي ٿي، جنهن ڪري پارٽي پنهنجي جدوجهد جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿي ۽ انقلاب کي شڪست جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. ٻيو اهو ٻڌائڻ گهرجي ته فيشن ايبل جمهوريت جو ذريعو نيم بورجوا ماڻهو آهن، جيڪي قاعدن قانونن کان پري ڀڄن ٿا، جڏهن پارٽي جي اندر اها خاصيت اچي ويندي آهي ته اها سياسي ۽ تنظيمي طور تي فيشن ايبل جمهوري خيالن کي ترقي ڏيندي آهي. اهي خيال پرولتاريت جي جنگجو ڪمن سان ڪابه هڪجهڙائي نه ٿا رکن.
“پارٽي اندر غلط خيالن جي اصلاح” (ڊسمبر 1929ع)

[b]عوام جي خدمت:
[/b]• ڪامريڊ بي ٿون جو خلوص ۽ ان جي عوام سان تمام گهڻي عقيدت هن جي ڪم اندر ذميواري واري احساس مان ظاهر آهي. هر ڪميونسٽ کي ان جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي. اسان کي هن کان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. اهو جذبو پنهنجي اندر پيدا ڪري هر ڪو عوام لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو. هڪ انسان جي قابليت وڌيڪ هجي يا گهٽ، پر جيڪڏهن ان جي اندر عوام جي خدمت جو جذبو موجود آهي ته اهو نيڪ دل ۽ مقدس انسان آهي، اعليٰ اخلاق ۽ ننڍن وڏن مفادن کان اعليٰ انسان، هڪ اهڙو انسان جيڪو عوام لاءِ تمام قيمتي آهي.
“نارمن بي ٿون جي ياد ۾” (21 ڊسمبر 1939ع)
• جتي به جدوجهد ٿيندي، اتي قرباني ۽ حياتي تان هٿ ڌوئڻ جا حادثا عام هوندا، پر اسان جي دل ۾ عوام جو ڏک سور آهي ۽ اسان کي انهن جي مفادن جو خيال آهي. عوام لاءِ جان ڏيڻ ثواب جو ڪم آهي، ان جي باوجود اسان کي قربانين کان بچڻ گهرجي.
“عوام جي خدمت ڪيو” (8 سيپٽمبر 1944ع)
• هر انسان کي مرڻو آهي پر موت، موت ۾ فرق آهي. قديم چيني ليکڪ ”زو ما چين“ چيو هو ”جيتوڻيڪ موت جو پٿر هر ماڻهو تي هڪ جهڙو ڪري ٿو، پر ڪن لاءِ اهو ڇپ جيڏو ڳرو ۽ ڪن لاءِ ڪک جهڙو هلڪو هوندو آهي.“ عوام لاءِ جان ڏيڻ نيڪي آهي، پر فاشسٽن، ظالمن ۽ معاشي رهزنن لاءِ مرڻ بي معنيٰ آهي.

[b]حب الوطني ۽ بين الاقواميت پرستي
[/b]• ڇا هڪ ڪميونسٽ، جيڪو بين الاقواميت پرست آهي هڪ ئي وقت حب الوطن به ٿي سگهي ٿو؟ اسان جو نظريو اهو آهي ته ايئن ٿي ئي نه ٿو سگهي، پر ان کي ضرور ٿيڻ گهرجي. حب الوطني ڇا آهي ان جو تعين تاريخي حالتن تي هوندو آهي. جاپاني حملو ڪندڙن ۽ هٽلر جهڙي به هڪ ”حب الوطني“ آهي ۽ انهن جي مقابلي ۾ اسان جي حب الوطني به آهي. ڪميونسٽن کي جاپاني حملي آورن ۽ هٽلر جهڙي حب الوطني جي ڄمي مخالفت ڪرڻ گهرجي. جاپان ۽ جرمني جا ڪميونسٽ ان لحاظ سان شڪست کاڌل آهن، ڇو ته انهن جي ملڪن جنگ جو آغاز ڪيو آهي. جاپاني حمله آورن ۽ هٽلر کي هر ممڪن طريقي سان شڪست ڏيڻ جرمني ۽ جاپان جي عوام لاءِ بهتر هوندو. ڇاڪاڻ ته جاپاني حمله آورن ۽ هٽلر جيڪا جنگ شروع ڪئي آهي اها اتي جي عوام ۽ دنيا جي عوام کي نقصان پهچائي رهي آهي. چين جو معاملو مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته اهو حملي جو شڪار آهي. تنهن ڪري چيني ڪميونسٽن کي حب الوطني ۽ بين الاقواميت پرستي کي پاڻ ۾ ملائڻو پوندو. اسان هڪ ئي وقت حب الوطن ۽ بين الاقواميت پرست آهيون ۽ اسان جو نعرو آهي ”حمله آورن خلاف مادروطن جي حفاظت ڪيو.“ اسان جي ويجهو شڪست کاڌل ذهنيت هڪ ڏوهه، مزاحمت جي جنگ ۾ فتح تائين وڙهڻ فرض آهي. ڇاڪاڻ ته مادر وطن جي دفاع ۾ وڙهندي ئي اسان حمله آورن کي شڪست ڏئي سگهون ٿا ۽ قومي آزادي حاصل ڪري سگهون ٿا. صرف قومي آزادي حاصل ڪري ئي پرولتاري ۽ مزدور طبقي لاءِ پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. چين جي فتح ۽ حمله آورن جي شڪست ٻين ملڪن جي ماڻهن جي مدد ڪندي. اهڙي طرح قومي آزادي جي جنگين ۾ حب الوطني بين الاقواميت پرستي جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي.
“قومي جنگ ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جو ڪردار” (آڪٽوبر 1938ع)
• هي ڪهڙي قسم جو جذبو آهي، جيڪو پرڏيهين کي چيني عوام جي آزادي واري جنگ ۾ حمايت تي مجبور ڪري ٿو؟ اهو بين الاقواميت جو جذبو آهي، ڪميونزم جو جذبو آهي، جنهن مان هر چيني کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. اسان کي سمورن سرمائيداراڻن ملڪن جاپان، برطانيا، آمريڪا، جرمني، اٽلي ۽ ٻين سرمائيدار ملڪن جي پرولتارين سان متحد ٿي سامراجيت جو تختو اونڌو ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان پنهنجي ملڪ ۽ عوام سان گڏ ٻين ملڪن ۽ انهن جي عوام کي آزاد ڪرائي سگهون. اها ئي اسان جي بين الاقواميت پرستي آهي ۽ اسان ان بين الاقواميت پرستي جي ڀيٽ ۾ تنگ نظر قوم پرستي ۽ تنگ نظر حب الوطني جي مخالفت ڪيون ٿا.
“نارمن بي ٿون جي ياد ۾” (27 ڊسمبر 1939ع)
• حالتون مسلسل بدلبيون رهنديون آهن. 1911ع جي انقلاب کي اڃا رڳو 45 سال ٿيا آهن، پر پوري چين جو نقشو ئي بدلجي ويو آهي. اڳين 45 سالن ۾ يعني 2011ع يا ايڪيهين صدي جي شروعات ۾ چين جون حالتون وڌيڪ بدلجي وينديون. اهي هڪ طاقت ۽ سوشلسٽ ملڪ بڻجي ويندو ۽ ان کي بڻجڻ به گهرجي، چين جي پکيڙ 96,00,000 چورس ڪلوميٽر ۽ آبادي 60 ڪروڙ آهي. هن کي انسانيت جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هڪ ڊگهي عرصي تائين هن ڪجهه به ناهي ڪيو، جنهن لاءِ اسان شرمسار آهيون. اسان کي نهٺائي سان رهڻ گهرجي. اڄ ئي نه پر اڄ کان 45 سال پوءِ به اسان کي نهٺو رهڻ گهرجي. پنهنجي بين الاقوامي لاڳاپن ۾ اسان چينين کي ملڪ فتح ڪرڻ جي هوس ۽ جنگجو وطن پرستي کان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ گهرجي.
“ڊاڪٽر سن يات سين جي ياد ۾” (نومبر 1956ع)

[b]محنت ۽ بچت ذريعي ملڪي تعمير:
[/b]• اسان کي هميشه عوام ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي ياد ڏيارڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ اسان جو ملڪ هڪ وڏو سوشلسٽ ملڪ آهي، پر اقتصادي لحاظ سان پٺتي پيل ۽ غريب آهي. اهو هڪ تمام وڏو فرق آهي. چين کي امير ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪيترائي سال سخت جدوجهد جي ضرورت آهي، ٻين لفظن ۾ ان جدوجهد ۾ ٻين شين کان علاوه گهٽ خرچ تي سختي سان عمل ڪرڻ لازمي آهي، ٻين لفظن ۾ اسان کي بچت ۽ محنت ذريعي ملڪي تعمير ڪرڻي آهي.
“عوام اندر اختلافن کي صحيح طور سمجهڻ” (27 فيبروري 1957ع)
• سمورين فيڪٽرين، دڪانن ۽ حڪومت جي سمورن واپاري ادارن ۾ محنت ۽ بچت تي عمل جي ضرورت آهي. هر ڳالهه ۾ محنت ۽ گهٽ خرچ کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. بچت جو اهو اصول سوشلسٽ اقتصاديات جي بنيادي اصولن مان آهي. چين هڪ وڏو ملڪ آهي، پر هي اڃا غريب آهي. چين کي خوشحال بڻائڻ ۾ اڃا ڪيترائي سال لڳندا. هن وقت به اسان کي محنت ۽ گهٽ خرچ جي اصولن کي نظر ۾ رکڻو پوندو، پر ايندڙ ڪجهه سالن، خاص طورتي ايندڙ شروعاتي ڪجهه 5 سالن منصوبن دوران محنت ۽ گهٽ خرچ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
“گڏيل امداد جي اداري کي محنت ۽ بچت سان هلائڻ” (1955ع)
• اسان جتي به هجون اسان کي پنهنجي مادي ذريعن ۽ انساني قوت کي جمع ڪرڻو پوندو ۽ هر قسم جي فضول خرچي کان پاسو ڪرڻو پوندو. اسان جتي به هجون اسان کي ڪم جي شروعات کان ئي ايندڙ سالن جو خيال رکڻو پوندو ۽ دشمن کي ملڪ مان ڪڍڻ کان پوءِ ملڪ جي تعمير لاءِ ڊگهي جنگ ڪرڻي پوندي. هڪ طرف اسان کي فضول خرچي ۽ ذريعن کي وڃائڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو ته ٻئي طرف پيداوار کي وڏي پيماني تي پکيڙڻو پوندو. ويجهڙ ۾ ئي ڪجهه جاين تي ماڻهن کي ان ڪري نقصان برداشت ڪرڻو پيو، جو انهن ڊگهي نظر نه رکي ۽ مادي ذريعن، انساني قوت ۽ پيداوار جي شعبن ۾ گهٽ خرچ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، اسان کي ان مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي.
“اسان کي اقتصادي ڪم سکڻ گهرجي” (10 جنوري 1945ع)
• سرڪاري خرچ ۾ بچت جي اصول کي هر وقت نظر ۾ رکڻ گهرجي، سمورن سرڪاري ملازمن کي تنبيهه ڪرڻ گهرجي ته رشوت ۽ فضول خرچي وڏو ڏوهه آهي ۽ فضول خرچي خلاف اسان جون تحريڪون پهريان ئي هڪ حد تائين ڪامياب ٿي چڪيون آهن، پر ان ڏس ۾ اڃا وڌيڪ جدوجهد جي ضرورت آهي. اسان کي جنگي جدوجهد، انقلابي مقصد ۽ اقتصادي ترقي لاءِ رپيو رپيو جمع ڪرڻو پوندو. “اسان جي اقتصادي پاليسي” (23 جنوري 1934ع)
• اسان جي ڪيترن ئي ڪارڪنن ۾ هڪ خطرناڪ رجحان پيدا ٿي رهيو آهي. يعني عوام جي خوشين ۽ غمين ۾ شرڪت نه ڪرڻ، پنهنجي فائدي ۽ شهرت جو خيال رکڻ، اها تمام خرب ڳالهه آهي، ان رجحان تي ضابطو آڻڻ جو اهوئي طريقو آهي ته اسان پيداوار ۾ اضافي جي تحريڪ دوران پنهنجي تنظيمن جي طريقيڪار کي سادو بڻايون. گهٽ خرچ کان ڪم وٺون ۽ ڪجهه ڪارڪنن کي هيٺين سطح تي تبديل ڪري ڇڏيون ته جيئن اهي پيداواري ڪم ۾ لڳي وڃن.
“عوام اندر اختلافن کي صحيح طور سمجهڻ ” (27 فيبروري 1957ع)
• پنهنجي خوراڪ مهيا ڪرڻ جي جدوجهد ۾ فوج جهڙي طرح پيداوار ۾ اضافو ڪيو آهي، ان سان نه رڳو فوج جو معيار بلند ٿيو آهي ۽ عوام تان بار گهٽيو آهي، پر فوج کي به وڌائڻ ۾ مدد ملي آهي. ان کان سواءِ به ڪجهه هيٺيان فائدا ٿيا آهن. مثال طور:
(1) آفيسرن ۽ سپاهين جا لاڳاپا بهتر ٿيا آهن. پيداوار جي شعبي ۾ آفيسر ۽ سپاهي گڏجي ڪم ڪن ٿا ۽ انهن جا لاڳاپا ڀائيپي وارا آهن.
(2) محنت طرف بهتر رويو: جڏهن کان فوج پنهنجي ماني پاڻ حاصل ڪرڻ شروع ڪئي آهي، محنت طرف عوام جو رويو به بهتر ٿيو آهي.
(3) استحڪام ۽ ڊسيپلن: پيداوار جي ميدان ۾ محنت جي ڊسيپلين فوج اندر وڌيڪ ڊسيپلين پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
(4) عوام ۽ فوج جي وچ ۾ بهتر لاڳاپا: جڏهن کان فوج محنت ذريعي پنهنجي ماني پاڻ ڪمائڻ شروع ڪئي آهي، ان روزي روٽي جي معاملي ۾ عوام تي بار وجهڻ ڇڏي ڏنو آهي. پيداوار جي شعبي ۾ جڏهن کان فوج ۽ عوام هڪ ٻئي جي مدد شروع ڪئي آهي. انهن جي ڀائيپي ۾ استحڪام اچي ويو آهي.
(5) فوج حڪومت خلاف شڪايتون ختم ڪري ڇڏيون آهن ۽ ٻنهي جا لاڳاپا خوشگوار ٿي ويا آهن.
(6) پيداوار جي عظيم تحريڪ کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. جڏهن کان فوج پيداوار جي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ لڳي آهي. حڪومت ۽ ٻيا ادارا به ان شعبي ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان مصروف ٿي ويا آهن. ان سان عوام کي به همت ملي آهي ۽ ماڻهو پيداوار ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن.
“پيداوار جي عظيم تحريڪ جي اهميت” (27 اپريل 1945ع)
• ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن فوج پيداوار وڌائڻ ۾ مصروف ٿي وئي ته اها ويڙهه جي قابل نه رهندي ۽ جيڪڏهن حڪومت ۽ ٻين ادارن به اهو ئي ڪيو ته اهي پنهنجي اصل ڪم کان هٽي ويندا. اهو بي بنياد دليل آهي. گذريل ڪجهه سالن ۾ اسان جي فوج سرحدي علائقن ۾ وڏي پيماني تي پنهنجي مدد پاڻ تحت پيداوار وڌائي آهي ۽ ان سان گڏ ئي اها پنهنجي فوجي تربيت، سياسي ڪم ۽ ٻين ڪمن کي سرانجام ڏيڻ ۾ پهريان کان وڌيڪ ڪامياب ٿي آهي. ان کان سواءِ فوج ۽ عوام ۾ وڌيڪ اتحاد پيدا ٿيو آهي، پوئين سال پيداوار ۾ اضافي سان گڏ فوج جنگ جي محاذ تي به ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ هن وسيع تربيت جي هڪ تحريڪ پڻ شروع ڪئي. اهو پيداوار جو ئي ڪمال آهي، جو سرڪاري ملازم ۽ ٻين تنظيمن جا ماڻهو وڌيڪ بهترانداز ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ هاڻي اهي وڌيڪ محنت ۽ مهارت سان ڪم ڪن ٿا. سرحدي علائقن ۽ جنگ جي محاذ، ٻنهي جاين تي هڪ جهڙي صورتحال آهي.
“اسان کي اقتصادي ڪم سکڻ گهرجي” (10 جنوري 1945ع)

[b]خوداعتمادي ۽ سخت جدوجهد:
[/b]• اسان جي پاليسي جو بنياد ڪهڙو هجڻ گهرجي؟ ان جو بنياد اسان جي پنهنجي طاقت هجڻ گهرجي. ان جو مطلب آهي پنهنجي جدوجهد جي ذريعي هڪ نئين حياتي. اسان اڪيلا ناهيون، دنيا جا اهي سڀ ماڻهو ۽ ملڪ، جيڪي سامراجيت جي خلاف آهن اسان جا دوست آهن، ان باوجود اسان پنهنجي جدوجهد ذريعي پنهنجي نئين حياتي تي زور ڏيون ٿا. پنهنجي گڏ ڪيل قوتن تي اعتبار ڪرڻ سان اسان سمورن چيني ۽ غيرملڪي رجعت پسندن کي شڪست ڏئي سگهون ٿا.
“جاپان خلاف مزاحمت جي جنگ ۾ فتح ۽ صورتحال” (13 آگسٽ 1945ع)
• پورو ملڪ فتح ڪرڻ اسان جي ڊگهي سفر جو صرف پهريون قدم آهي. چيني انقلاب عظيم آهي، پر انقلاب کان پوءِ جو رستو ڊگهو هوندو. ڪم وڌيڪ ۽ سخت نوعيت جو هوندو. اها حقيقت پارٽي جي ميمبرن کي معلوم هجڻ گهرجي. تنهن ڪري اسان کي ڪامريڊن کي نهٺو، بردبار ٿيڻ ۽ انهن کي تڪبر کان پري رکڻ ۾ سندن مدد ڪرڻي پوندي. انهن کي سادي زندگي گذارڻ ۽ سخت جدوجهد جي طريقي تي عمل پيرا رهڻ جي تلقين ڪرڻي پوندي.
“چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ستين مرڪزي ڪميٽي جي ٻئي ڪل اجلاس جي رپورٽ” (5 مارچ 1949ع)
• اسان کي عالمي ترقي جي حقيقتن ۽ روشن مستقبل بابت عوام ۾ مسلسل پروپيگنڊا ڪرڻي پوندي، ته جيئن فتح ۾ انهن جو عقيدو بحال ٿئي. ان سان گڏ اسان کي عوام ۽ پنهنجي ڪامريڊن کي پنهنجي رستي جي ورن وڪڙن کان آگاهه ڪرڻ گهرجي. انقلاب جي رستي ۾ اڃا وڏو ڦيرو آهي، اسان جي پارٽي جي ستين ڪانگريس اسان جي رستي جي ڪيترين ئي مشڪلاتن جو اندازو لڳايو آهي. ڪيترائي ڪامريڊ وڌيڪ مشڪلاتن بابت سوچڻ پسند نه ٿا ڪن، پر مشڪلاتون حقيقت آهن. اسان کي مشڪلاتن کي تسليم ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته انهن کي تسليم ڪرڻ سان ئي انهن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. دنيا ۾ ڪوبه سڌو رستو ناهي. اسان کي خطرناڪ ۽ ڏکئي رستي تي هلڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. اهو سوچڻ کل جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ ڏينهن سمورا رجعت پسند پاڻمرادو اسان جي رستي تان هٽي ويندا يا اسان جي آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيندا. جيتوڻيڪ اسان جو مستقبل روشن آهي، پر رستي جا ور وڪڙ به تمام گهڻا آهن. هڪ گڏيل جدوجهد ۾ عوام سان متحد ٿي اسان ڏکيائين تي ضابطو آڻي فتح حاصل ڪري سگهون ٿا.
“چونگ ڪنگ ڳالهه ٻولهه جي موقعي تي” (7 آڪٽوبر 1945ع)
• چيني زبان ۾ هڪ لوڪ ڪهاڻي آهي، جنهن جو نالو آهي ”اهو بيوقوف پوڙهو، جنهن جبلن کي لوڏي ڇڏيو.“ اها هڪ اهڙي پوڙهي بابت آهي، جيڪو گهڻو وقت اڳ اتر چين ۾ رهندو هو ۽ اترين جبل جو بيوقوف پوڙهو سڏيو ويندو هو. هن جي گهر جو منهن ڏکڻ طرف هو ۽ هن جي گهر جي ويجهو تائي هانگ ۽ وينگو نالي ٻه وڏا جبل هئا. جيڪي هن جي گهر جي رستي ۾ اچي رهيا هئا. هڪ ڏينهن هو پختي ارادي سان پنهنجي پٽن جي هٿن ۾ ٽيڪم ڏئي انهن جبلن کي کوٽڻ ۽ پنهنجي رستي تان هٽائڻ لاءِ نڪري پيو. ان علائقي جي هڪ ٻئي ماڻهو جيڪو عقلمند پوڙهي جي نالي سان مشهور هو. هن کي جبلن ڏانهن ويندي ڏسي ٽوڪ واري انداز ۾ چيو: ”اوهين ڪيترا چريا آهيو اوهين ٻه چار ماڻهو ايڏن وڏن جبلن کي ڪهڙي طرح کوٽي سگهندؤ؟“ بيوقوف پوڙهي جواب ڏنو ”جڏهن آءٌ مري وينديس ته منهنجا پٽ اهو ڪم جاري رکندا، جڏهن اهي مري ويندا ته منهنجا پوٽا جبلن کي کوٽيندا رهندا ۽ انهن کان پوءِ انهن جا پٽ ۽ انهن جا پوٽا اهو ئي ڪم ڪندا رهندا ۽ اهو سلسلو ايئن ئي جاري رهندو. جيتوڻيڪ جبل ڊگها آهن پر اهي وڌيڪ ڊگها ٿي نه ٿا سگهن، آهستي آهستي کوٽيندي رهڻ سان هڪ ڏينهن هنن کي زمين جي سطح سان ملائي سگهجي ٿو.“ عقلمند پوڙهي جي نصيحت کي نظرانداز ڪرڻ کانپوءِ هو هر روز پنهنجي پٽن سان جبل کوٽڻ لاءِ ويندو هو. رب ان جي ارادي جي قوت مان تمام گهڻو متاثر ٿيو، ان فرشتا موڪليا، جيڪي جبلن کي پنهنجن پٺن تي کڻي پري ڇڏي آيا. اڄ به ٻه وڏا جبل چيني عوام کي دٻايو ويٺا آهن. انهن مان هڪ سامراجيت ۽ ٻيو جاگيرداري آهي. ڪميونسٽ پارٽي انهن جبلن کي کوٽي رستي تان هٽائڻ جو پڪوپهه ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي وڏي محنت سان ڪم ڪري خدا کي متاثر ڪرڻو پوندو. اسان جو خدا چيني عوام آهي، جيڪڏهن اهو اسان سان گڏجي اسان جو هٿ ونڊائي ته اسان انهن جبلن کي پنهنجي رستي تان هٽائي سگهون ٿا.
“اهو بيوقوف پوڙهو، جنهن جبلن کي هٽائي ڇڏيو” (11 جون 1945ع)

[b]غلط خيالن جي درستگي:
[/b]• فتح کان پوءِ پارٽي اندر ڪيترائي رجحان اچي ويا. مثال طور تڪبر، پاڻ کي هيرو سمجهڻ، سستي، ترقي نه ڪرڻ جي خواهش، آرام سان محبت ۽ ڏکئي ڪم کان پاسو ڪرڻ. اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته دشمن اسان کي هٿيارن ذريعي فتح نه ٿو ڪري سگهي، پر بورجوا ماڻهو هروڀرو تعريف ڪري اسان مان ڪجهه ماڻهن تي حاوي ٿي سگهن ٿا، جن کي دشمنن جا هٿيار فتح نه ڪري سگهيا ۽ جيڪي انهن دشمنن سان ڄمي مقابلو ڪرڻ جي ڪري هيرو سڏرائڻ جا حقدار آهن، پر اهي ڪميونسٽ دشمن جي کنڊ لڳل گولين جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن. اسان کي ان قسم جي صورتحال جو تدارڪ ڪرڻو پوندو.
“چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ستين مرڪزي ڪميٽي جي ٻئي ڪل اجلاس جي رپورٽ” (5 مارچ 1949ع)
• جيڪڏهن اسان ڪجهه شين کي انڌاڌنڌ چمبڙيا رهياسين ته اهي اسان لاءِ بار ۽ پيرن جي زنجير بڻجي سگهن ٿيون. مثال طور ڪجهه غلطيون ڪرڻ کان پوءِ اسان محسوس ڪرڻ لڳندا آهيون ته ڀلي ڪجهه به ٿي پيو اوهان انهن غلطين تي ڄميا رهندا، ايئن اوهان بي دل ٿي ويندا آهيو، پر جيڪڏهن اوهان ڪا به غلطي نه ڪئي آهي ته ممڪن آهي ته اوهان محسوس ڪرڻ لڳو ته اوهان ڪابه غلطي نه ٿا ڪري سگهو. اهڙي طرح اوهان فريب جو شڪار ٿي سگهو ٿا. ڪم ۾ ڪاميابي جو فقدان نااميدي جي جراثيمن کي جنم ڏئي سگهي ٿو، پر ٻئي طرف ڪم ۾ ڪاميابين جو احساس غرور ۽ تڪبر به پيدا ڪري سگهي ٿو. ان ڪري ڪو ڪامريڊ پنهنجي جدوجهد جي مختصر رڪارڊ کي نظر ۾ رکندي ذميداري کان ڊڄي سگهي ٿو ۽ ٻئي طرف هڪ ڪامريڊ ڊگهي جدوجهد جي ڊگهي رڪارڊ کي نظر ۾ رکندي ضدي ٿي سگهي ٿو. مزدور ۽ هاري هڪ ئي طبقي سان تعلق رکڻ جي فخر سبب اديبن کي حقارت جي نظر سان ڏسي سگهن ٿا. ٻئي طرف اديب پنهنجي علم تي ناز ڪرڻ جي ڪري مزدورن ۽ هارين کي ناقابل همدردي سمجهي سگهن ٿا. انسان جو ڪنهن خاص هنر ۾ ماهر هجڻ ان جي اندر ٻين لاءِ حقارت ۽ تڪبر جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ڪنهن ماڻهو جي عمر به ان کي دوکو ڏئي سگهي ٿي. نوجوان پنهنجي رت جي گرمي ۽ ٻانهن جي طاقت جي ڪري پوڙهن تان ٺٺولون ڪري سگهن ٿا ۽ ٻئي طرف پوڙها تجربيڪار هجڻ ڪري نوجوانن تي کلي سگهن ٿا. جيڪڏهن ماڻهو ۾ آگاهي نه هجي ته اهڙيون سموريون شيون پيرن جون زنجيرون بڻجي سگهن ٿيون.
“اسان جو مطالعو ۽ موجوده صورتحال” (12 اپريل 1944ع)
• فوج ۾ ڪجهه ڪامريڊن جو رويو ڪجهه سپاهين ڏانهن، عوام ڏانهن، حڪومت ڏانهن ۽ پارٽي ڏانهن ڏاڍو تڪبر وارو آهي. اهي ذاتي ڪمن ۾ رڌل ڪامريڊن تي ته الزام هڻن ٿا، پر پنهنجي پاڻ کي انهن الزامن کان آجو سمجهن ٿا. اهي پنهنجي ڪاميابين جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر پنهنجي خامين کي ڪڏهن نه ٿا ڏسن. اهي خوشامد پسند ڪن ٿا، پر تنقيد برداشت نه ٿا ڪن... فوج کي اهي غلطيون پاڙئون پٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. “منظم ٿي وڃو” (29 نومبر 1943ع)
• سخت ڪم اسان جي سامهون پيل هڪ بار وانگر آهي، جيڪو اسان کي کڻڻ جي دعوت ڏئي پيو. ڪجهه بار هلڪا ۽ ڪجهه بار ڳرا هوندا آهن. ڪجهه ماڻهو ڳري بار بدران هلڪي بار کي ترجيح ڏيندا آهن. اهي هلڪو بار ته کڻي وٺندا آهن پر ڳرو بار ٻين ڏانهن ڌڪي ڇڏيندا آهن، اهو ڪو سٺو رويو ناهي.... ڪجهه ڪامريڊ ان کان مختلف هوندا آهن اهي هلڪو بار ٻين لاءِ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ ڳرو بار پاڻ کڻي وٺندا آهن. اهي گهڻيون سختيون سهندا آهن ۽ زندگي جي آرام کان گهٽ لطف اندوز ٿيندا آهن، اهي سٺا ڪامريڊ آهن. اسان کي انهن جي ڪميونسٽ جذبي مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي.
“چونگ ڪنگ ڳالهه ٻولهه جي موقعي تي” (17 آڪٽوبر 1945ع)
• اهڙن ماڻهن جي کوٽ ناهي، جيڪي پنهنجي ڪم ۾ غير ذميدار هوندا آهن ۽ آسان ڪم کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ ڳرو بار ٻين ڏانهن ڌڪي ڇڏيندا آهن، اهي هر موڙ تي پاڻ کي ٻين کان اڳتي تصور ڪن ٿا ۽ جڏهن ٿورو ڪم ڪري وٺن ٿا ته وڏيون ڊاڙون هڻڻ شروع ٿي وڃن ٿا ته جيئن ٻيا ماڻهو سندن ڪارنامن کان بي خبر رهجي وڃن. انهن کي عوام ۽ پنهنجن ڪامريڊن سان ڪابه محبت ناهي هوندي. حقيقت ۾ اهڙا ماڻهو ڪميونسٽ ناهن يا وري انهن کي صحيح معنيٰ ۾ ڪميونسٽ نه ٿو چئي سگهجي.
“نارمن بي ٿون جي ياد ۾”(21 ڊسمبر 1939ع)
• جيڪي ماڻهو اهڙي قسم جي آزادي جا دعويدار آهن، اهي عام طور تي ”مان پهريان“ جي اصول جي تابع هوندا آهن ۽ عام طورتي پارٽي ۽ فوج وچ ۾ لاڳاپن کي خراب ڪندا آهن. جيتوڻيڪ اهي زباني طورتي ته پارٽي جي عزت ڪن ٿا، پر حقيقت ۾ اهي پنهنجي پاڻ کي پارٽي تي ترجيح ڏيندا آهن. اهي ماڻهو ڇا ٿا چاهين؟ اهي شهرت ۽ اقتدار جا بکيا آهن ۽ هميشه اڳتي رهڻ چاهين ٿا. جڏهن به انهن کي ڪنهن ڪم يا شعبي جو انچارج بڻايو ويندو آهي ته اهي ”آزادي“ جي دعويٰ ڪرڻ لڳندا آهن. ان مقصد تحت اهي ڪجهه ماڻهن کي پاڻ سان ملائي وٺندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهن کي پاڻ کان ڌار ڪري خوشامد تي لهي ايندا آهن. اهڙي طرح اهي بورجوائي سياسي پارٽين جي بيهوده طريقن کي ڪميونسٽ پارٽي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهي پنهنجي ان بدديانتي جي ڪري بعد ۾ پڇتائيندا آهن. منهنجو يقين آهي ته اسان کي هر ڪم ديانتداري سان ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ايمانداراڻي رويي کان سواءِ دنيا ۾ ڪوبه ڪم نه ٿو ڪري سگهجي. “پارٽي جي طريقيڪار جي اصلاح ڪيو” (1 فيبروري 1942ع)
• سرخ فوج ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي عياشيءَ جي تلاش ۾ پنهنجي انفراديت قائم رکندا آهن. انهن کي هميشه اميد هوندي آهي ته انهن جي فوج جا يونٽ وڏن وڏن شهرن ۾ داخل ٿيندا. اهي اتي ڪم ڪرڻ لاءِ نه پر عيش ڪرڻ لاءِ ويندا آهن. اهي ڪم کان پاسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
“پارٽي اندر غلط خيالن کي صحيح ڪرڻ ”(ڊسمبر 1929ع)
• اسان کي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ خودغرصي سان زندگي گذارڻ ۽ ٻين جي ڪمن تي پنهنجي شعبي جي ڪم کي ترجيح ڏيڻ جي رجحان جي مخالفت ڪرڻ گهرجي، جيڪو ماڻهو ٻين جي مشڪلاتن جو احساس نه ٿو ڪري، اهو انهن جي درخواست تي به پنهنجي شعبي يا يونٽ جي ماڻهن کي ٻين يونٽن ۾ منتقل ناهي ڪندو. اهو پنهنجي گهر جي گندگي ٻين جي گهرن جي درن آڏو اڇلائي ٿو ڇڏي ۽ ٻين کاتن، علائقن ۽ ماڻهن تي ذري برابر به ڌيان نه ٿو ڏي. اهو انتهائي خودغرض ۽ تنگ نظر ماڻهو آهي، جنهن جي اندر ڪميونزم جو جذبو مري چڪو آهي. اسان کي اهڙن ماڻهن جي تربيت لاءِ جدوجهد تيز ڪرڻي پوندي ۽ انهن کي سمجهائڻو پوندو ته تنگ نظري جي ان رجحان کي اڳتي وڌڻ جي اجازت ڏني وئي ته تمام گهڻو خطرناڪ ثابت ٿيندو. “پارٽي جي طريقيڪار جي اصلاح ڪيو” (1 فيبروري 1942ع)
• جيڪڏهن ڪو ماڻهو صاف طور تي غلط ڳالهه پيو ڪري پر امن ۽ دوستي جي خاطر ان کي ڪجهه نه چوڻ ۽ صرف ان لاءِ اصولي ڳالهه ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ ته هو اوهان جو پراڻو واقف آهي، اوهان جي ئي شهر جو رهندڙ آهي، اوهان جي ئي اسڪول مان پڙهيو آهي، اوهان جو گهاٽو دوست يا گڏ ڪم ڪندڙ يا ماتحت آهي، يا وري ڪنهن معاملي تي سٺي نموني بحث ڪرڻ بدران اهو سوچي هلڪي ڦلڪي انداز ۾ بحث ڪرڻ ته ان سان اوهان جا خوشگوار لاڳاپا رهن، ان سان ٻنهي کي نقصان پهچندو. آزاد خيالي جو اهو هڪڙو قسم آهي. ڪنهن اداري يا انسان جي اصلاح ڪرڻ لاءِ صاف صاف تجويز پيش ڪرڻ بدران ان جي پويان غير ذميداراڻي تنقيد ڪرڻ، ماڻهن کي منهن تي ڪجهه به نه چوڻ ۽ بعد ۾ انهن تان چٿرون ڪرڻ، يا وري ڪنهن اجلاس ۾ خاموش ويٺو رهڻ پر بعد ۾ ماڻهن جي چيل ڳالهين تي ٽهڪ ڏيڻ، گڏيل زندگي جو ڪوبه خيال نه رکڻ پر پنهنجي رجحان مطابق زندگي گذارڻ آزاد خيالي جو ٻيو مثال آهي. جيڪڏهن ڪا شيءِ ذاتي طور تي اوهان کي متاثر نه ٿي ڪري ته ان کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ، اهو ڄاڻيندي به ته ڪير غلط آهي، ڄاڻي واڻي خاموش رهڻ، پاڻ کي الزام کان بچائڻ لاءِ انتهائي محتاط رهڻ، اهو آزاد خيالي جو ٽيون مثال آهي. حڪم نه مڃڻ، پر پنهنجي راءِ ٻين تي مڙهڻ، ڪنهن اداري کان خاص مراعتون طلب ڪرڻ، پر ان جي ڊسيپلن کي قبول نه ڪرڻ، آزاد خيالي جو اهو چوٿون مثال آهي. اتحاد يا ترقي يا ڪم کي مناسب طور ڪرڻ جي سلسلي ۾ غلط سوچ قائم ڪرڻ، اصولي بحث بدران ذاتي حملن ۽ جهيڙن ذريعي دل جي باهه ڪڍڻ يا انتقام وٺڻ، اهو آزاد خيالي جو پنجون قسم آهي. غلط نقط نظر کي ٻڌڻ ۽ ان تي تنقيد نه ڪرڻ يا وري انقلاب جي مخالفن جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ انهن جي رپورٽ نه ڪرڻ ۽ انهن کي ان انداز ۾ وٺڻ ته ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ناهي، اهو آزاد خيالي جو ڇهون مثال آهي. عوام جي وچ ۾ رهندي به پروپيگنڊا جو ڪم نه ڪرڻ، اجلاسن ۽ مظاهرن ۾ خاموش رهڻ، ڪامريڊن جي جذبن تي غور نه ڪرڻ ۽ انهن جي ڀلائي سان ڪوبه تعلق نه رکندي اهو وساري ڇڏڻ ته اهي ڪميونسٽ آهن، اهو آزاد خيال جو ستون قسم آهي. ڪنهن کي عوام جي مفادن کي نقصان پهچائيندي ڏسڻ ۽ ان جي خلاف آواز نه اٿارڻ، ان کي روڪڻ يا بحث ڪرڻ بدران ان کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏيڻ، اهو آزاد خيالي جو اٺون مثال آهي. ڪنهن جامع منصوبي يا طرف کان بغير بي دلي سان ڪم ڪرڻ، رضا ڪاراڻي طور ڪم ڪرڻ ۽ چين ۾ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ ته مسجد جا مولوي ته ٿياسين هاڻي آذان به ڏيڻي پوندي، اهو آزاد خيالي جو نائون قسم آهي. اهو سوچڻ ته مون انقلاب جي وڏي خدمت ڪئي آهي، پنهنجي غلطين ۽ خامين کان آگاهه هجڻ باوجود انهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ ۽ پنهنجي پاڻ سان آزاد خيال رويو اختيار ڪرڻ اهو آزاد خيالي جو ڏهون قسم آهي.
“آزاد خيالي جو مقابلو ڪيو” (7 سيپٽمبر 1937ع)
• عوامي رياست عوام جي حفاظت ڪندي آهي. فقط اهڙي قسم جي رياست ۾ ماڻهو پاڻ کي وڏي پيماني تي جمهوري طريقن سان تعليم يافتا بڻائيندا آهن. پنهنجي پاڻ کي نين شڪلين ۾ تبديل ڪندا آهن. ان عمل ۾ سمورا ماڻهو حصو وٺندا آهن ۽ ملڪي ۽ غيرملڪي رجعت پسندن جي اثر، خراب عادتن ۽ پراڻي معاشري مان حاصل ڪيل خيالن کان آزاد هوندا آهن. اهي رجعت پسندن جي ڳالهين سان گمراهه ناهن ٿيندا ۽ سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ معاشري طرف وڌندا رهندا آهن.
ڊسيپلن:
• عوام جي صفن ۾ جمهوريت، مرڪزيت، آزادي ۽ ڊسيپلن لازم و ملزوم جي حيثيت رکن ٿا. اهي هڪ ئي شيءِ جا ٻه رخ آهن. مخالف به ۽ متحد به، تنهن ڪري اسان کي هڪ کان انڪار ڪري ٻئي تي زور نه ڏيڻ گهرجي. عوام جي اندر اسان نه ته آزادي کان سواءِ ۽ نه وري ڊسيپلن کان سواءِ گذارو ڪري ٿا سگهون. جمهوريت ۽ مرڪزيت، آزادي ۽ ڊسيپلين جو اهو اتحاد اسان جي جمهوري مرڪزيت جي جوڙجڪ ڪري ٿو. ان نظام تحت ماڻهو وڏي پيماني تي جمهوريت ۽ آزادي مان لطف حاصل ڪندا آهن، پر ان سان گڏ ئي انهن کي سوشلسٽ ڊسيپلن جي حدن ۾ رهڻو پوي ٿو.
“عوام اندر اختلافن کي صحيح طور سمجهڻ ”(27 فيبروري 1957ع)
• اسان کي پارٽي ڊسيپلن جي نئين سر تصديق ڪرڻي پوندي، يعني:
(1) هڪ فرد هڪ اداري تحت هوندي آهي.
(2) اقليت اڪثريت جي تحت هوندي آهي.
(3) هيٺين سطح مٿين سطح جي تحت هوندي آهي.
(4) پوري ميمبر شپ مرڪزي ڪميٽي جي تحت هوندي آهي.
• جيڪو به ڊسيپلن جي انهن اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو، اهو پارٽي جي اتحاد کي نقصان پهچائي ٿو.
“قومي جنگ ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جو ڪردار” (آڪٽوبر 1938ع)
• ڊسيپلن جا 3 وڏا قاعده هيٺيان آهن:
(1) پنهنجن سمورن ڪمن ۾ حڪم جي تعميل ڪريو.
(2) عوام کان ڪڏهن ڪا شي، ايستائين جو ڌاڳو به مفت طلب نه ڪريو.
(3) مال غنيمت واپس ڪري ڇڏيو.

هيٺيان 8 نڪتا ڌيان طلب آهن.
(1) نرمي سان ڳالهايو.
(2) جيڪو ڪجهه خريد ڪيو، ان جي مناسب قيمت ادا ڪيو.
(3) اوڌر ورتل شيءِ واپس ڪري ڇڏيو.
(4) اوهان کان نقصان ٿي وڃي ته ان جي قيمت ادا ڪيو.
(5) ماڻهن کي نقصان نه ڪيو.
(6) فصلن تي حملو نه ڪيو.
(7) عورتن کي تنگ نه ڪيو.
(8) قيدين سان خراب سلوڪ نه ڪيو.
“چين جي عوامي فوج جي هيڊڪوارٽر کي هدايتون” (10 آڪٽوبر 1947ع)

انقلاب کان پوءِ جو چين

انقلاب کان پوءِ چين جي انقلابي حڪومت انهن سمورين پابندين ۽ سنگهرن کي ٽوڙڻ شروع ڪري ڇڏيو، جيڪي سرمائيداراڻي نظام يا سامراجي ملڪن انهن جي خلاف قائم ڪيون هيون. چين جا انقلابي حڪمران حالتن ۽ واقعن جو تجزيو ڪرڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهتا ته چين ۾ روس جي طرز جو اسٽالن ازم نظام رائج ڪيو وڃي، پر انهن وٽ نه ته مارڪسي ۽ بين القواميت تي ٻڌل مستقبل جو پروگرام هو ۽ نه وري سوشلزم جي حصول لاءِ پرولتاريه ۾ شعوري قيادت جو اهو ڪردار هو. ان جي باوجود انقلابين انتشار پکڙيل صوبن کي گڏ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن ملڪ ۾ زرعي انقلاب آڻڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ شروع ڪيا ۽ پيداوار جي سمورن ذريعن کي قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. اهڙي طرح چين پيداوار جي ذريعن کي تمام گهڻي ترقي وٺرائڻ سان گڏوگڏ ٻين معاملن ۾ جنهن تيز رفتاري سان ترقي جي شروعات ڪئي 20هين صدي جي ڪنهن ٻئي نوآبادياتي ملڪ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. ان جو شايد سڀ کان وڏو سبب اهو هو ته جڏهن چيني عوام جي ڊگهي جدوجهد فتح جي منزل حاصل ڪري چڪي ته سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام جو خاتمو تحريڪ جي اڳواڻن جي پهرين ترجيح هو. جيتوڻيڪ جڏهن 1949ع ۾ ملڪ ۾ سرمائيداري نظام ختم ڪيو ويو ته قومي تحويل ۾ ورتل صنعتن جا بنيادي مقصد تبديل ٿي ويا ۽ سرمائيدار انقلابي وهڪري جو مقابلو نه ڪري سگهيا. جيڪڏهن اهي مختلف حربا استعمال ڪري آفيسر شاهي جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿي وڃن ها ته به هارين ۽ پورهيتن جو استحصال ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ جو سلسلو جاري نه ٿي رکي سگهيا. انقلاب کان پوءِ سمورا مالياتي ادارا، بينڪ، اثاثا ۽ سامراجين جي انتظام هيٺ هلندڙ ادارا قومي تحويل ۾ ورتا ويا. اهڙن ڪيترن ئي قدمن سان سامراجي ملڪن جي منافع خوري جي سنگهرن کي ٽوڙڻ جو تيز رفتار سلسلو شروع ٿي ويو. ملڪ ۾ پهريون ڀيرو معيشت کي هلائڻ جو طريقيڪار منڊي جي لاهن چاڙهن جي ماتحت رکڻ بدران ضرورتن ۽ سهولتن جي فراهمي جي بنياد تي قائم ڪيو ويو. جيتوڻيڪ پيداواري صلاحيتن، ضرورتن ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ معاشي ۽ صنعتي پيداوار ۾ توازن پيدا ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي وئي. ان نئين نظام تحت گهڻي مقدار ۾ سرمايو ۽ وسيلا پيدا ٿيڻ جي ڪري سماجي ترقي ۾ به اضافو ٿيڻ شروع ٿي ويو. ڪيترين ئي سماجي براين مثال طور جسم فروشي، بدعنواني ۽ عورتن خلاف تعصب وغيره جي خاتمي جو عمل شروع ٿي ويو. انقلاب کان پوءِ 10 سالن ۾ ڪيترائي سماجي ۽ معاشي منصوبا پڄاڻي تي پهتا ۽ سمورن شهرين لاءِ روزگار حاصل ڪرڻ برابري جي بنياد تي ممڪن بڻايو ويو. جاگيرداري نظام جي خاتمي ۽ هارين ۾ زمينون ورهائڻ وارو عمل ڪافي حد تائين ته لانگ مارچ دوران ئي مڪمل ڪيو ويو هو، جنهن سان ننڍن هارين ۾ به خوشحالي آئي. اهي سمورا منصوبا، لائحه عمل ۽ عملي قدم پورهيت طبقي جي ساٿ ۽ جمهوري قوتن جي ماتحت هجڻ بدران مارڪس جي نظرين جي ابتڙ (اسٽالن ازم مطابق) ماسڪو جي طرز تي آفيسر شاهي جي باقيات تي ٻڌل هڪ بيورو ڪريٽڪ ڍانچي جي ماتحت ٿي رهيا هئا. جيتوڻيڪ چين ۾ بيورو ڪريسي جي سڄي دلچسپي پنهنجين مراعتن ۽ دولت ۾ اضافي لاءِ هوندي هئي. ان لاءِ چين ۾ سماجي ارتقا ۽ معيشت جي ٻيڙي صرف ڪجهه سالن ۾ ئي ڪرپشن جي سمنڊ ۾ لوڏا کائڻ لڳي. ان صورتحال چين ۾ خارجي ۽ داخلي سطح تي هڪ بحرانن کي جنم ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ زرعي ۽ صنعتي پيداوار ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. عام ضرورتن مثال طور جنس، تيل، ڪپڙا ۽ صابڻ وغيره جي قلت جي نتيجي ۾ راشن بندي جو نظام لاڳو ڪيو ويو. چين ۾ ترقي جي رفتار ترقي يافتا ملڪن سان هڪ جهڙائي رکڻ بدران پنهنجي ويجهن ملڪن تائيوان ۽ ڪوريا جي ڀيٽ ۾ گهٽجي وئي. روسي آفيسر شاهي ماسڪو جي مفادن تحت چيني انقلاب کي پنهنجي اثر هيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ته چيني آفيسر شاهي ان کي گهڻو وقت برداشت نه ڪري سگهي. ماسڪو واشنگٽن جي مقابلي ۾ پنهنجي طاقت ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ چيني انقلاب کان فوراً پوءِ چين کي اقتصادي ۽ فوجي امداد ڏنو هو، پر جڏهن ماسڪو چيني آفيسر شاهي جي مفادن کي نظرانداز ڪندي واشنگٽن سان ڪجهه معاهدا ڪيا ته اسٽالن ازم جي انهن ٻنهي رجحانن وچ ۾ اختلا ف پيدا ٿي ويا. جنهن نه صرف انهن ملڪن ۾ پر پوري دنيا ۾ کاٻي ڌر جي تحريڪن تي ناڪاري اثر ڇڏيا، انهن اختلافن کي بنياد بڻائيندي چيني ۽ روسي آفيسر شاهي پوري دنيا ۾ موجود ڪميونسٽ پارٽين ۾ پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. چيني آفيسر شاهي وڌيڪ متحرڪ هئي ۽ هن سامراج دشمني جو نعرو لڳائي دنيا ۾ وڌيڪ حمايت حاصل ڪري ورتي ۽ نوآبادياتي ملڪن ۾ روسين خلاف چينين تيزيءَ سان پروپيگنڊا مهم جاري رکي. روسي ۽ چيني آفيسر شاهي پنهنجن پنهنجن مفادن تحت ٽين دنيا جي ملڪن، جن ۾ پاڪستان، افغانستان، سريلنڪا، انڊونيشيا ۽ يمن خاص طور ذڪر جوڳا آهن، جي ظالم ۽ رجعتي حڪمرانن جي حمايت ڪئي. اقوام متحده جو ميمبر بڻجڻ جي سوال تي چين دنيا جي مختلف حڪمرانن جي انڌي حمايت ڪئي. 1962ع جي چونڊن ۾ انڊونيشيا جي ڪميونسٽ پارٽي هڪ وڏي پارٽي طور اڀري رهي هئي، پر صرف سوئيڪارنو جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ چيني ليڊرن انڊونيشيا ۾ ڪميونسٽ پارٽي کي سوئيڪارنو جي حمايت ڪرڻ تي نه صرف آماده ڪيو، پر ڪميونسٽ پارٽي کي سوئيڪارنو جي نيشلسٽ پارٽي ۾ ضم ڪرڻ تي به مجبور ڪري ڇڏيو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سوئيڪارنو جي پارٽي جي کاٻي ڌر ڪميونسٽن جا نالا ۽ ايڊريسون حاصل ڪري جنرل سوهارتو جي قيادت ۾ 15 لک ڪميونسٽن جو قتل عام ڪيو. هن سوئيڪارنو کي به هٽائي پنهنجي آمريت جو بنياد رکيو. اهو سڀ ڪجهه چين ۽ روس جي غلط خارجه پاليسي جي نتيجي ۾ ٿيو. اهڙي طرح پاڪستان ۾ 69- 1967ع ۾ ايوبي آمريت خلاف انقلاب جي صورتحال پيدا ٿي وئي، پر مرحليوار انقلاب جي حامي روس جي کاٻي ڌر ان تحريڪ کي سي آءِ اي جي تحريڪ قرار ڏئي عليحدگي اختيار ڪر ي ڇڏي. جنهن کان پوءِ چين جا کاٻي ڌر جا اڳواڻ به بي اثر ٿي رهجي ويا ۽ مسٽر ڀٽو صورتحال کي سمجهندي سوشلسٽ انقلاب جو پروگرام پيش ڪري ان تحريڪ جي قيادت سنڀالي ورتي. مشرقي پاڪستان ۾ ان تحريڪ جي قيادت مائو پسند اڳواڻ مولانا ڀاشاني ڪري رهيو هو. جڏهن اها تحريڪ پنهنجي عروج تي هئي ته مائوزي تنگ مولانا ڀاشاني کي بيجنگ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ ان کي ان تحريڪ کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ کان روڪيو. ان جو بنيادي ڪارڻ اهو هو ته ايوب خان چيني بيوروڪريسي ۾ اثر رسوخ رکندو هو ۽ خاص طور ان لاءِ به ته ايوب خان گڏيل قومن ۾ چين جي ميمبر شپ جي سوال تي چين جي موقف جي حمايت ڪندو هو.
روسي ۽ چيني ڪميونسٽ پارٽين جي پاڻ ۾ اختلافن جي ڪري ڪيترن ئي ملڪن ۾ انقلاب اڀرڻ کان رهجي ويا. روسي آفيسر شاهي چين خلاف ان وقت کلي سامهون آئي، جڏهن 1962ع ۾ ڀارت ۽ چين وچ ۾ ٽڪراءُ ٿيو ۽ ماسڪو ڀارت جي حمايت ۾ چين کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پنهنجا ٽيڪنيشن ۽ صلاحڪار واپس گهرائي ورتا. اهڙي طرح ويٽنامي ڪميونسٽ پارٽي روسي ڪميونسٽ پارٽي جي اثر هيٺ هجڻ ڪري چين ويٽنام جي جنگ ۾ ويٽ نامي ڪميونسٽ پارٽي جي ڪافي عرصي تائين مدد نه ڪئي. 70-60-1950ع جي ڏهاڪن ۾ پوري ٽين دنيا جي ملڪن ۾ انقلاب جو رواج هو ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ جن ۾ ويٽنام، ڪمپوچيا، ڪيوبا، ليائوس، ايٿوپيا، انگولا، اترڪوريا، يمن، شام ۽ ڪيترن ئي ٻين ملڪن انقلاب برپا ٿيا ۽ انهن ملڪن ۾ سرمائيداري ۽ جاگيرداري جو خاتمو ٿيو. سامراج کي هر محاذ تي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، پر اهي انقلاب جلد ئي خواب بڻجي ڇڙوڇڙ ٿي ويا. ان جو بنيادي ڪارڻ انقلاب جي قيادت ڪرڻ وارن ۾ سوشلزم نظريي جي پختگي جي کوٽ هو. پورهيتن جي هر اول دستي جو نه هجڻ ۽ انقلاب ۾ دير به هڪ وڏو ڪارڻ هو. جڏهن ته اسٽالن ازم جو قومپرستي جو نظريو عالمي انقلاب جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي ويو ۽ ان ئي انداز ۾ چين ۾ خارجي ۽ داخلي بحران پيدا ٿيا ۽ چين کي سوشلسٽ رياست بڻائڻ جو مائو جو نظريو ان جي ئي دور ۾ ناڪام ٿي ويو. مائو ملڪي تعمير ۽ ترقي جا ڪيترن ئي اهم منصوبن جا ٺيڪا آمريڪي تعميراتي ڪمپني جان ڊائرکي ڏئي ڇڏيا. هي اهو اختلاف هو، جنهن چيني بيوروڪريسي ۾ نون اختلافن کي جنم ڏنو ۽ نه صرف بيورو ڪريسي جي ڍانچي ۾ ڏار پوڻ شروع ٿي ويا، پر انهن ٻنهي ڌڙن ۾ باقاعداجنگ شروع ٿي وئي، دنيا ان سڄي ڪارروائي کي نئين ثقافتي انقلاب جي نالي سان سڃاڻي ٿي.

چين جو ثقافتي انقلاب

چين جو انقلاب ۽ ان کان پوءِ جيڪو انتظامي ڍانچو جوڙيو ويو، ان ۾ فرد ۽ شخصيت جي واضح تسلط جو تصور موجود هو. بيوروڪريسي به مائو جي شخصيت جي سحر کي سرڪاري ميڊيا تي اُڀارڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. سرڪاري ادب ۽ شاعري ۾ مائو کي ”اوڀر جو سج“ ۽ ”بيشمار قوتن جو مالڪ“ قرار ڏنو ويو. اها صورتحال اڄ به قائم آهي ۽ شانڪسي صوبي جي اترين حصي ۾ گوشائي ڪن ڳوٺ جي پيروڪارن جون ڪيتريون ئي قديم مزارون آهن. اتي مائوزي تنگ جو هڪ مندر به تعمير ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نه رڳو ٻهراڙي جا ماڻهو پر مقامي ڪميونسٽ پارٽي جا عهديدار به مائو جي پوڄا ڪندي نظر ايندا آهن. ڪجهه ٻين صوبن جي پٺتي پيل علائقن ۾ به ساڳي صورتحال آهي. انقلاب کان پوءِ مائو کي هڪ اهڙي سوفٽ سماجي صورتحال ملي، جنهن جي بنياد تي ان جي ساٿين کيس ڪميونسٽ ديوتا سمجهڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ انهن اهو به تصور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ته مائو پنهنجي شخصيت جي جادو ۽ قيادت ۾ ايڏو وڏو انقلاب برپا ڪري سگهي ٿو، جنهن ايشيا جي تاريخ کي هڪ نئون بنياد فراهم ڪيو ته هو پنهنجي شخصيت جي ئي زور تي چين کي درپيش سمورا مسئلا حل ڪري وٺندو. جيتوڻيڪ 17 مئي 1966ع ۾ ظاهر ٿيندڙ ثقافتي انقلاب جي عمل ۽ ان جي تيزي سان اُڀرڻ جي عمل ۾ مائو جي شخصيت جو وڏو عمل دخل هو. اڄ 40 سالن کان پوءِ جڏهن چين سڄي آمريڪا سميت مغربي ملڪن جي منڊين تي قابض ٿي چڪو آهي ۽ اها ڳالهه آمريڪا لاءِ خاص طورتي ڳڻتي جو باعث آهي، مغربي ميڊيا ان ثقافتي انقلاب جو جيڪو رخ دنيا کي ڏيکاري رهي آهي، اهو انتهائي تعصب تي ٻڌل آهي. اهي مائو خلاف پروپيگنڊا ۾ مضبوط چيني معيشت جي قائدن ۽ چيني سماج جي ترقي ۾ مائو جي ڪردار کي بگاڙڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. اصل ۾ اهي چين جي آفيسر شاهي ۾ موجود مختلف خيالن جي ڌڙن مان ان ڌڙي جي پوزيشن مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن، جيڪو چين ۾ وري سرمائيداري نظام رائج ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. مغربي ملڪن جي اها واويلا ان خوف جو به آئينو آهي، جيڪو اهڙي ئي ”ثقافتي انقلاب“ جي هڪ ڀيرو وري اڀرڻ سان ان سامراجي سرمائيداري کي خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو، جنهن جي زور تي نه رڳو چين جو استحصال ڪيو پيو وڃي، پر اهي عالمي سرمائيداري کي زنده رکڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. مائو جي ان تسلط خلاف واويلا ڪندڙ سامراجي ادارا هر دؤر ۾ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ فوجي آمريت، فرقيواريت، شخصيت، مذهب ۽ قومپرستن کي ٻين جو استحصال ۽ پنهنجو تسلط قائم رکڻ لاءِ استعمال ڪندا رهيا آهن. 1949ع جي انقلاب کان پوءِ آفيسر شاهي ڪميونسٽن جو ويس مٽائي وري ان رياستي آفيسر شاهي جو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، جيڪو ان کان پهريان هوءَ ادا ڪندي رهي آهي. جيتوڻيڪ ان جو نتيجو اهو نڪتو ته پکڙجندڙ بدعنواني سان سماجي ڏڦيڙ ۽ اختلاف وڌڻ شروع ٿي ويا ۽ ان جا نتيجا ايترا خطرناڪ هئا، جو مائو ۽ ان جا ويجها ساٿي به پريشان ٿي ويا. اهو ثقافتي انقلاب بيجنگ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ کان شروع ٿيو ۽ ان جا اثر ايترو وڌي ويا جو 1965ع ۾ جڏهن پارٽي ڪانگريس منعقد ٿي ته ان ۾ مائو جا فڪر جيڪي پهريان قوم لاءِ اونداهي ۾ لاٽ طور پيش ڪيا ويندا هئا ثانوي حيثيت اختيار ڪري ويا، ۽ اهو مائو لاءِ هڪ اوپن چئلينج هو. مئي 1966ع ۾ مائو جوابي حملو ڪيو ۽ سرمائيداراڻي نظام لاءِ راهه هموار ڪرڻ واري مصلحت پسند عنصر ۽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ڊينگ زيائو پنگ جي ڪجهه قدمن جي مذمت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ مائو ملڪ جي ڪروڙين نوجوانن کي اپيل ڪئي ته اهي سرخ گارڊ جا دستا تيار ڪري حڪومتي هيڊڪوارٽرن ۽ ٻين اهم ادارن تي حملا ڪري مخالفن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏين. اهو سلسلو ڪجهه مهينن تائين جاري رهيو ۽ ان دوران سرخ فوج ڪيترن ئي ڪرپٽ آفيسرن کي گرفتار ڪري انجام تائين پهچايو. انهن ڪيترن ئي جاگيرداراڻي باقيات کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جي حالت پيدا ٿي وئي. ڪجهه هنڌن تي سرخ فوج جي مختلف ڌڙن وچ ۾ به جهيڙا ٿيا، ڏکڻ گوانگ زي ۽ گوانگ ڊونگ صوبن ۾ ڪيترن ئي سرڪاري اهلڪارن کي تذليل ڪري انهن کي گرفتار ڪرايو ويو. هر شهر ۾ ريڊيڪل انقلابي ڪاميٽيون ٺاهيون ويون، جيڪي جنون جي حد تائين مائو جون وفادار هيون. انهن ڪميٽين مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ حڪومت جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اهو سرخ انقلاب مائو جي ڪنٽرول مان به نڪري ويو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ان سرخ فوج کي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ لاءِ مائو کي سرڪاري فوج جو استعمال ڪرڻو پيو، تنهن هوندي به چين ۾ مائو جو اهو ثقافتي انقلاب مائو جي وفات تائين ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جاري رهيو.
ان ثقافتي انقلاب جو محرڪ موسيقي جو هڪ ٿيٽر بڻيو. جتي 1961ع ۾ بيجنگ ۾ هڪ موسيقي جي رقص تي ٻڌل ڊرامو اسٽيج ڪيو ويو هو، جنهن جو نالو ”هائي روئي جي آفيس مان برطرفي“ هو، جنهن ۾ 16هين صدي جي منگ بادشاهت جي زماني ۾ هڪ سرڪاري ملازم هائي روئي کي هڪ ديانتدار پر خوددار سرڪاري ملازم ڏيکاريو ويو هو. هو عياش ۽ بگڙيل شهنشاهه جي ظالماڻين پاليسين تي کلي عام تنقيد ڪندو هو. ان ڏوهه ۾ کيس تذليل سان گڏ جيل اماڻيو ويو. ان ڊرامي ۾ بيجنگ جي ايوانن ۾ ٿيندڙ ڪشمڪش ۾ مائو جي ڪجهه پاليسين جي عڪاسي هوندي هئي، اهڙي طرح اهو ڊرامو حڪومت خلاف نفرت پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيو. اهو ڊرامو شنگهائي جي هڪ ناليواري دانشور ۽ منگ تاريخ جي ماهر وؤهان لکيو هو.
ان کان پهريان 1958ع کان پوءِ تيز رفتار صنعتي ترقي جي پروگرام هيٺ گهڻو ڪري گهريلو صنعت کي هٿي وٺرائي وئي، پر اها مهم چڱا نتيجا نه ڏئي سگهي ۽ معاشي بدحالي جو باعث بڻي. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو پورو چين سخت قسم جي ڏڪار جي لپيٽ ۾ اچي ويو. جنهن ڪري لکين ماڻهو بک وگهي اجل جو شڪار بڻجي ويا. ان صورتحال مائو جي ساک کي تمام گهڻو متاثر ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ مائو جي قوت ۽ ڪنٽرول کي ان وقت پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ڊينگ زيائوپنگ ۽ ملڪ جي صدر ليوشائوچي محدود ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن جو احساس جلد ئي مائو جي ويجهن ساٿين کي به ٿيو ۽ انهن مائو خلاف سرگرم آفيسر شاهي جي ان گروپ کي شڪست ڏيڻ لاءِ سڀ کان پهريان ڊرامي جي ليکڪ وؤهان جي ان راند کي نشانو بڻايو، انهن ان کي سامراجيت تي ٻڌل سرمائيداراڻن رجحانن کي فروغ ڏيڻ جو ذريعو قرار ڏنو. 1965ع ۾ مائو جي گهر واري زيانگ ڪوئينگ ۽ ان جي هڪ ويجهي ساٿي ڪانگ شينگ شنگهائي جي هڪ دانشور وريائو دينيوان (جيڪو بعد ۾ اُڀرندڙ چار جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويو هو) کي وؤهان جي ان ڊرامي خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ ۽ پريس ميڊيا ذريعي ان تي ٺٺول ڪرڻ جي سلسلي ۾ استعمال ڪيو. ان سان گڏوگڏ پارٽي جي اعليٰ ادارن ۽ رياست جي اهم ڍانچن هائي روئي جي خلاف ۽ مائو جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو. ان جي ابتڙ بيگم مائو جي خواهش موجب هڪ جديد انقلابي اوپيرا ”شهر جي جبل کي حڪمت عملي سان ڪنٽرول ۾ ڪرڻ“ جي ميڊيا ۾ خاص مشهوري ڪئي وئي ته جيئن ”هائي روئي جي آفيس مان برطرفي“ جي اثرن کي ختم ڪري سگهجي، پر جڏهن ان مهم جا مثبت نتيجا نه نڪتا ته مائو ڪيترائي قاعده ۽ ضابطا پاسي تي رکي نوجوانن جي باغي جذبن کي اُڀارڻ شروع ڪيو ۽ ان جا نتيجا حاصل ڪيا. 16 مئي 1966ع ۾ پولٽ بيورو کان هڪ سرڪاري سرڪلر جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ پارٽي ۾ موجود مائو جي خلاف اعليٰ عهديدارن جي مذمت ڪئي وئي هئي. ان سرڪلر ۾ اهو به چيو ويو هو ته ”اسان جي حڪومت، اسان جي پارٽي، اسان جي هٿياربند فوج ۽ مختلف ثقافتي گروپن جا نمائندا اصل ۾ انقلاب دشمنن جو هڪ گروهه آهي، انهن کي جڏهن به موقعو ملندو، اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ پرولتاريت جي آمريت کي سامراجيت تي ٻڌل سرمائيداراڻي آمريت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا.“ اها حقيقت آهي ته ڊينگ زياؤپنگ ۽ ان جا ساٿي مائو حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ پولٽ بيورو جي سرڪلر جي نتيجي ۾ سازشن جو طوفان اٿي رهيو هو ۽ هر واقعو پهريان کان موجود واقعن کان وڌيڪ هو. صدر ليوشائو چي جي موت، دفاع واري وزير لن بيائو جي مائو کي قتل ڪرڻ جي سازش ۽ وري ڀڄڻ دوران جهاز حادثي ۾ موت آفيسر شاهي جي ڌڙن وچ ۾ انتشار جي ڪيفيت جي عڪاسي ڪري ٿي. مائو آگسٽ ۾ تائينانمين چوڪ تي سرخ سپاهين جي ريلي جي صدارت ڪئي. جڏهن هو پيپلزلبريشن آرمي جي وردي پهري پنهنجن ڪلهن کي لوڏيندي ظاهر ٿيو ته نوجوانن جي رت جي گرمي پلٽا کائڻ لڳي. سرخ سپاهين جي اها تحريڪ هڪ طوفان بڻجي نڪتي ۽ ان جا دستا ٻانهن تي ڳاڙها رومال ويڙهي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ڪيمپن مان نڪتا ۽ هر طرف پکڙجي ويا. مائو جا اهي دستا 4 پراڻين شين جا خاص طور تي دشمن هئا، يعني پراڻي ثقافت، پراڻين ريتن رسمن، پراڻين عادتن ۽ پراڻين سوچن، ان دوران ڪيترائي تنقيدي سيشن ٿيا، جن ۾ والدين، استادن ۽ شاگردن کي به نشانو بڻايو ويو. بيجنگ جي هڪ اسڪول جي پرنسپال به ان طوفان جي لپيٽ ۾ اچي وئي. ان جو سبب اهو هو ته ماضي ۾ استاد شاگردن تي جيڪي ظلم ڪندا هئا ان خلاف شاگرد به ڄمي بيهي رهيا ۽ انهن کان انتقام وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو. مزي جي ڳالهه اها هئي ته جڏهن اسڪول ۾ پرنسپل ۽ ٻين استادن کي تشدد جو نشانو بڻايو پئي ويو ته تشدد ڪندڙن ۾ ليوشائو چي ۽ ڊينگ ريائونگ جون ڌيئرون به شامل هيون. سرخ سپاهين کي ٽرينن ۽ بسن ۾ مفت سفر ڪرڻ جي سهولت حاصل هئي، اهي جتي چاهين بغير ٽڪيٽ وڃي ٿي سگهيا. انهن رستن، گلين ۽ دڪانن جا نالا تبديل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، ايستائين جو انهن اهو قانون به لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ روڊن جي اشارن ۾ ڳاڙهي (سرخ) روشني جو مطلب وڃڻ ۽ سائي روشني جو مطلب بيهڻ قرار ڏنو ويو هو.
1971ع ۾ دفاع واري وزير لن بيائو ۽ ان جي ساٿين شنگهائي جي ريلوي اسٽيشن کان هلندڙ مائو جي ان ريل کي بم سان اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر جڏهن اها سازش ناڪام ٿي وئي ته لن بيائو پنهنجي ساٿين کي گڏ ڪري ڏکڻ ۾ جنگي حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سلسلي ۾ هن لي ماسڪو جي حمايت حاصل هئي ۽ هو ٻن طرفن کان اتر تي حملا ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لڳو، پر ان ئي رات لن بيائو جي ڌيءُ جي مڱڻي هئي ۽ اها اتر سمنڊ ڪناري هڪ هنڌ بيڊي تي پنهنجي مڱڻي جو جشن ملهائي رهي هئي. جڏهن کيس پنهنجي پيءُ جي سازشن جي خبر پئي ته هن فوري طور ان سازش کي بي نقاب ڪري ڇڏيو. لن بيائو ڀڄي ماسڪو روانو ٿي ويو، پر جهاز رستي ۾ ئي حادثي جو شڪار ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هو مري ويو.
هيءَ اها صورتحال هئي، جڏهن چار جو ٽولو پوري طرح حرڪت ۾ اچي اقتدار تي قابض ٿيڻ لاءِ پر تورڻ لڳو. جنهن جي نتيجي ۾ بيگم مائو پنهنجي دشمنن خلاف انتقامي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون، پر چار جو ٽولو جيڪو پوري طرح اقتدار تي قابض ٿي چڪو هو، ان حڪمرانن جن ۾ وزيراعظم چواين لائي به شامل هو کي پنهنجي اختيار ۾ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.

چين جو تعليمي انقلاب

دنيا جا اڪثر انقلاب حڪومت جي تبديلي تائين محدود رهندا آهن، پر انقلاب جو صحيح مفهوم حڪومت جي تبديلي سان گڏوگڏ معاشرتي تبديلي هوندو آهي ۽ جڏهن معاشرتي تبديلين جو آغاز ٿي وڃي ته سڀ کان پهريان تعليم کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جيئن تعليم ذريعي ماڻهن جي ذهنن کي بدلائي سگهجي. اهوئي سبب آهي جو اهڙو انقلاب ڀل روس ۾ آيو هجي يا اسپين ۾ يا وري چين ۾ ان جو نتيجو آخرڪار تعليم جي ترقي جي صورت ۾ آيو آهي.
1949ع ۾ جڏهن چين ۾ انقلاب اڀريو ته چيني زبان جي الفابيٽ ڏکي ۽ سمجهه کان ٻاهر هئي. ان الفابيٽ جي ڪري چين جو ڪتابي سرمايو محدود هو. ان کان سواءِ ان وقت چين ۾ عام تاثر اهو هو ته دانشور طبقو صفائي جي علامت ۽ پورهيو ڪندڙ طبقو گندگي جي علامت آهي. انهن خيالن جي ڪري چين جي حالت قديم هندستان جهڙي هئي، جنهن ۾ علم حاصل ڪرڻ صرف هڪ طبقي تائين محدود هو ۽ ٻين ماڻهن کي جبري طور علم کان پري رکيو ويندو هو.
جڏهن چين جي انقلابي حڪومت اقتدار جون واڳون سنڀاليون ته ان آڏو ڪيترائي مسئلا هئا. تعليمي ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ڏکي الفابيٽ هئي. چيني زبان پڙهڻ لاءِ ان وقت هڪ هزار کان ڏيڍ هزار اکرن کي ڄاڻڻ ضروري هو ۽ اهو گهڻو وقت طلب ڪم هو. ان مشڪل تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ چين ۾ زبان جي ترتيب جو هڪ نئون طريقو اختيار ڪيو ويو، جنهن جي بدولت هڪ ذهين ماڻهو ٽن يا چئن هفتن کان پوءِ چيني زبان ڪنهن حدتائين سمجهي سگهيو ٿي. چين ۾ فوري طور تي اکرن جي شڪل آسان ڪئي وئي، مثال طور عام ڳوٺاڻي کي چيني زبان پڙهڻ لاءِ اکرن جي جيڪا شڪل ٺاهي وئي، اها هن طرح هئي، گهر، وڻ، ڳئون، دروازو وغيره. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو چيني زبان عام ماڻهن جي سمجهه ۾ اچڻ لڳي. ان تحريڪ سان بالغن جي تعليم جي سلسلي ۾ وڏي مدد ملي.
چين جي تعليمي ترقي ۾ جيڪا شيءِ ٻئي نمبر تي سڀ کان وڏي رڪاوٽ هئي اها چين جي استادن تي آمريڪي اثر رسوخ هو. ان وقت چين جا اڪثر استاد آمريڪا مان تربيت حاصل ڪري ايندا هئا، جن جي ذهنن تي اها شيءِ سوار هوندي هئي ته علم جي نعمت عام ماڻهن لاءِ ناهي هوندي، پر اهو تحفو صرف هڪ طبقي لاءِ مخصوص آهي، جيڪو عوام کان مٿانهون ۽ انهن تي حاڪميت لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي. چين جي آزادي کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته قديم چين ۽ آمريڪي تربيت يافتا استادن جي انهن مدي خارج نظرين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي ۽ وري جڏهن آمريڪا تائيوان، ڪوريا ۽ اتر چين ۾ عوامي حڪومت خلاف محاذ ٺاهي ورتا ۽ چين جي نسلي حڪومت جي بائيڪاٽ جو علي الاعلان ڪيو ته چين جي دانشور ۽ اهل علم طبقي جي نظرين ۾ تبديلي جا قدرتي سبب پيدا ٿي ويا. ان وقت چين ۾ نيون تعليمي ۽ ثقافتي تحريڪون اڀريون، جن جو بنياد سامراجي ۽ جاگيرداري نظرين جي مخالفت ڪري رهيو هو. تعليم ۾ جيڪو نئون روح پيدا ٿيو، ان ۾ عوام ۽ صرف عوام اهم هو. ان وقت چين جي سربراهه مائوزي تنگ چين جي تعليمي ڍانچي لاءِ هي بنيادي نعرو ڏنو ته ”اسان جو تعليمي نظام سامراجي ذهنن جي نفعي ٿو ڪري ۽ اهو چيني قوم جي آزادي ۽ ان جي وقار جو امين آهي. ان نظام جو سلسلو دنيا جي سوشلسٽ ۽ جمهوري قوتن سان ملي ٿو.“ مائوزي تنگ جا اهي لفظ چين ۾ تعليمي نظام جي بنيادي اصول طور اڄ به نظر ۾ رکيا ويندا آهن. پوءِ جلد ئي چين ۾ تعليمي نظام لاءِ واضح اصول مرتب ڪيا ويا. انهن اصولن جي روشني ۾ چين ۾ تعليمي ترقي جو پورو خاڪو ترتيب ڏنو ويو. چين ۾ پهريون ڀيرو بنا مذهبي فرق، رنگ نسل، عمر ۽ جنس هر فرد کي تعليم حاصل ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي وئي.
تعليمي پسماندگي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ گهڻ رُخي منصوبي تحت نه صرف ننڍن ٻارن جي تعليم کي اهميت ڏني ٿي وئي، پر وڏن کي به ان سلسلي ۾ نظرانداز نه ڪيو ويو. ابتدائي طور تي عام اسڪول کوليا ويا، جن ۾ 12 سالن جي عمر تائين جي ٻارن لاءِ لازمي ۽ مفت تعليم جو انتظام هو. ان کان پوءِ 15 سالن جي ٻارن لاءِ جونيئر مڊل اسڪول ۽ 18 سالن جي ٻارن لاءِ سينئر مڊل اسڪول قائم ڪيا ويا. منصوبي تحت سينئر مڊل اسڪولن جي بين بين ووڪيشنل اسڪول، پولي ٽيڪنڪ اسڪول ۽ ميڊيڪل اسڪولن ۾ به تعليم شروع ڪئي وئي. 18 سال جي سينئر مڊل اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ يونيورسٽي جي تعليم ۽ فني يا پيشيوراڻن اسڪولن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون اعليٰ سطح تي ٽن سالن جو تربيتي ڪورس پاس ڪري ٿي سگهيا. ان کان مٿي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ريسرچ انسٽيٽيوٽ قائم ڪيا ويا.
ان باقاعده ۽ مسلسل تعليمي نظام سان گڏوگڏ بالغن جي تعليم لاءِ به هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويا. ننڍن سان گڏ وڏا به پرائمري، جونيئر ۽ سينئر مڊل اسڪولن مان فائدو حاصل ڪري ٿي سگهيا. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن جي مٿان ڪا پابندي نه لڳائي وئي، جيتوڻيڪ ان وقت جاءِ جي کوٽ جي ڪري وڏن جي تعليم لاءِ خاص انتظام الڳ ڪرڻا پيا. انهن انتظامن تحت وڏن کي ورڪشاپن، کائڻ پيئڻ جي ڪمرن ۽ ورانڊن ۾ تعليم ڏني وڃڻ لڳي. استادن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ استادي پيشي کي خاص سهولتون فراهم ڪيون ويون، جنهن ڪري ماڻهو ان پيشي ڏانهن راغب ٿيڻ شروع ٿيا. هنگامي ضرورت تحت استادن لاءِ خصوصي مختصر ڪورس شروع ڪيا ويا.
چين جي آزادي جي صرف ٽن سالن کان پوءِ چين جي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وارن جي تعداد جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته جتي ڪو منيٽانگ حڪومت جي دؤر ۾ هڪ ٻار تعليم حاصل ڪري رهيو هو، اتي هاڻي ڏيڍ سؤ کان ٻه سؤ تائين ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. ان انقلابي تبديلي کي ڏسندي ئي ته ڪنهن چيو هو ته سڄو چين اسڪول ٿو هلائي.

چين گڏيل قومن جو ميمبر بڻجي ويو

1949ع ۾ مائوزي تنگ جي انقلابي تحريڪ هڪ نئين چين کي جنم ڏنو. 60 ڪروڙ چينين ايشيا ۾ آمريڪا جي سڀ کان وڏي حمايتي چينگ ڪائي شيڪ جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ چينگ ڪائي شيڪ کي چين کان 90 ميل اتر ۾ هڪ ننڍي ٻيٽ تائيوان ۾ پناهه وٺڻي پئي. چينگ ڪائي شيڪ خلاف مائوزي تنگ جي فتح آمريڪا جي سامراجي ارادن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو. آمريڪي سامراج تاريخ جي حقيقتن کي قبول ڪرڻ بدران تاريخ سان هڪ شرمناڪ مذاق ڪيو ۽ 60 ڪروڙ چيني عوام جي آئيني حڪومت جي مقابلي ۾ چينگ ڪائي شيڪ تائيوان ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي، جنهن جو نالو قومپرست چين رکيو ويو. گڏيل قومن اصل چين جي نمائندا حڪومت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ آمريڪي ايجنٽ چينگ ڪائي شيڪ جي ڀاڳوڙي حڪومت جي ميمبرشپ بحال رکي وئي. آمريڪا چينگ ڪائي شيڪ جي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ان کي وڏي فراخدلي سان فوجي ۽ اقتصادي امداد ڏني. آمريڪا کي اميد هئي ته مائوزي تنگ جي انقلابي حڪومت چين جي 60 ڪروڙ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويندي، جنهن جي نتيجي ۾ چين انتشار ۽ بددليءَ جو شڪار ٿي ويندو . چين ۾ اشتراڪي نظام جي ناڪامي کان پوءِ چينگ ڪائي شيڪ لاءِ ان تي ٻيهر قبضو ڄمائڻ لاءِ دروازا کلي پوندا، پر آمريڪا جي توقع جي ابتڙ اشتراڪي چين تمام گهٽ عرصي ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي طاقت بڻجي ويو. مائوزي تنگ جي حڪومت کي شروعات ۾ تمام ڏکين مرحلن مان گذرڻو پيو، پر جيڪي قومون باهه ۽ رت ۾ وهنجي نڪرنديون آهن، انهن جي مضبوط ارادن سامهون دنيا جو ڪو به قلعو ناقابل فتح ناهي هوندو. ڪوريا جي جنگ ۾ چين ۽ آمريڪا جو پهريون ٽڪر ٿيو ته چين ثابت ڪيو ته اهو صرف ڪاغذي شينهن ناهي. چين جا ماڻهو دنيا ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪرڻ لاءِ فتح نه ٿيڻ جهڙا ارادا کڻي اٿيا آهن. اهو ان مضبوط ارادي جو ئي نتيجو هو جو چين گڏيل قومن ۾ مستقل سيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ تائيوان جي ڪٽ پتلي حڪومت ۽ ان جي پٺڀرائي ڪندڙ آمريڪي سامراج کي منهن ڀر ڪرڻو پيو.
عوامي جمهوريه چين 22 سالن جي ڇڪتاڻ کان پوءِ گڏيل قومن جو ميمبر بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ کيس ويٽو جي اختيارن جي حامل مستقل سيٽ ڏني وئي. 26 آڪٽوبر 1971ع ۾ پيڪنگ ۾ عوامي جمهوريه چين جي قائم مقام پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي ان فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ اعلان ڪيو ته چين گڏيل قومن ۾ پنهنجي سيٽ سنڀالڻ لاءِ فوري طور هڪ وفد موڪلڻ تي غور ڪري رهيو آهي. جنرل اسيمبلي ۾ هڪ ڏينهن پهريان ڳڻپ ذريعي عوامي جمهوريه چين کي عالمي اداري جو ميمبر بڻائڻ ۽ تائيوان کي گڏيل قومن مان خارج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. تائيوان کي خارج ڪرڻ ۽ ان جي جاءِ چين کي ڏيڻ جي قرارداد البانيا ۽ پاڪستان سميت 22 ملڪن پيش ڪئي هئي، جيڪا 35 جي مقابلي ۾ 76 ووٽن سان منظور ڪئي وئي. جڏهن ته 17 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. قرارداد تي فيصلو سادي اڪثريت سان ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته جنرل اسيمبلي ان کان پهريان آمريڪا ۽ ان جي حامين جي اها قرارداد رد ڪري ڇڏي هئي ته تائيوان جي سوال کي اهم سمجهيو وڃي ۽ ان تي فيصلو ٻه ڏهائي اڪثريت سان ڪيو وڃي. جڏهن ته قرارداد 55 جي مقابلي ۾ 59 ووٽن سان رد ڪئي وئي.
سيڪريٽري جنرل اوٿان جيئن ئي چين جي گڏيل قومن جي رڪن بڻجڻ ۽ تائيوان کي خارج ڪرڻ جو اعلان ڪيو اسيمبلي هال تاڙين ۽ اڀ ڏاريندڙ نعرن سان گونجي اٿيو. جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ چين جي ميمبرشپ جي سوال تي بحث جي شروع ۾ ئي اجلاس ۾ شريڪ ماڻهن کي اندازو ٿي ويو هو ته آمريڪا جي ٻه ”چين“ واري پاليسي ناڪام ٿي ويندي ۽ تائيوان جي جاءِ چين کي ڏني ويندي. ان لاءِ ووٽنگ کان پهريان ئي تائيوان جا نمائندا پنهنجي سيٽ ڇڏي وڃي چڪا هئا ۽ انهن کي پنهنجي حڪومت طرفان ٽيليفون تي ايئن ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هئي. آمريڪا ۽ ان جي ساٿين کي بحث جي شروع ۾ ئي اندازو ٿي ويو هو ته اٺ ڪهڙي پاسي ويهندو. جيتوڻيڪ ان شڪست کان بچڻ لاءِ آمريڪا ۽ ان جي حامين هڪ آخري ڪوشش طور هڪ قرارداد ذريعي اهو مطالبو ڪيو ته چين جي ميمبرشپ جي مسئلي تي ووٽنگ 48 ڪلاڪن لاءِ ملتوي ڪئي وڃي، پر اها قرارداد رد ٿي وئي، جنهن کان پوءِ البانيا، پاڪستان ۽ ٻين جي قرارداد تي ووٽنگ جو رستو صاف ٿي ويو. جنهن ۾ عوامي جمهوريه چين کي ميمبر بڻائڻ ۽ تائيوان جي ميمبرشپ خارج ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. جڏهن جنرل سيڪريٽري البانيا جي قرارداد تي ايوان کان راءِ طلب ڪئي ته آمريڪي نمائندو مسٽر جارن بش اٿي بيهي رهيو ۽ مطالبو ڪيو ته قرارداد جي ٻنهي حصن تي الڳ الڳ ووٽنگ ڪرائي وڃي. جڏهن ته قرارداد جمع ڪرائيندڙن اعلان ڪيو ته قرارداد تي مجموعي طور ووٽ ورتا وڃن. جنهن تي سڀ کان گهڻي ڦڪائي آمريڪي نمائندن کي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجن ساٿين ۽ حمايتين کي ڪجهه منٽ پهريان اهو يقين ڏياري رهيا هئا ته اهي تائيوان جي ميمبرشپ خارج ٿيڻ نه ڏيندا، پر ان جي ابتڙ قرارداد تي مجموعي ووٽ ورتا ويا ۽ چين کي ميمبرشپ ڏني وئي.

چين- روس لاڳاپا

روس ۽ چين جا لاڳاپا شروع ۾ تمام خوشگوار هئا. روس نه ٿي چاهيو ته چين ۾ اشتراڪي نظام کي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پوي. 1949ع ۾ اشتراڪي چين مائوزي تنگ جي قيادت ۾ قومپرست چين (تائيوان) کي شڪست ڏني ته عالمي سطح تي خاص طور تي ٻن وڏين طاقتن آمريڪا ۽ روس جو مليل جليل ردعمل سامهون آيو. آمريڪا ان حوالي سان منفي رويو اختيار ڪيو ۽ نه صرف اشتراڪي چين کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر ان جي مخالف قومپرست چين (تائيوان) جي مڪمل طور فوجي، سياسي ۽ معاشي امداد ڪئي، ڇاڪاڻ ته سوويت يونين کان پوءِ ايشيا ۾ اشتراڪي چين هن جي هڪ دشمن طور سامهون آيو. ٻئي طرف سوويت يونين اشتراڪي چين جي قائم ٿيڻ جي آجيان ڪندي، چين ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايو، ڇاڪاڻ ته عالمي سطح تي نظرياتي لحاظ سان هن کي هڪ مضبوط ساٿي جي ضرورت هئي. چين به روس جي مثبت رويي تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن کي به آمريڪي مخالفت کان بچڻ سان گڏوگڏ نئين ملڪ لاءِ ٽيڪنالاجي جي ضرورت هئي، جيڪا هن کي سوويت يونين کان ئي ملي ٿي سگهي. ان کان سواءِ نظرياتي هڪ جهڙائي جي ڪري ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ ڪو شخصي ٽڪراءُ به نه هو ۽ چين ۾ اشتراڪيت کي هٿي وٺرائڻ ۾ سوويت ڪميونسٽ پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
انهن ڳالهين ۽ گڏيل مفادن کي نظر ۾ رکندي مائوزي تنگ 1950ع ۾ سوويت يونين جو دورو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن دوستي جي معاهدن سان گڏوگڏ مختلف نوعيت جي ٻه طرفان اقتصادي، سياسي ۽ واپاري معاهدا به ڪيا ۽ اهو عزم ڪيو ته ٻاهرين اڳڀرائي جو گڏجي مقابلو ڪيو ويندو. ان دوري کان پوءِ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي وئي. زراعت ۽ صنعت جي فروغ جي سلسلي ۾ مارڪس ازم ۽ اسٽالن ازم جي نظرين کي نظر ۾ رکندي اجتماعيت جي اصول کي اپنايو ويو. چين جي ترقي لاءِ سوويت يونين تعاون فراهم ڪيو ۽ پنهنجا فوجي صلاحڪار چين اماڻيا. انهن قدمن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ شروع ۾ لاڳاپا نهايت خوشگوار بنياد تي قائم ٿيا. جڏهن ته 1953ع ۾ اسٽالن جي موت کان پوءِ ٻنهي ملڪن جا تعلقات بگڙجڻ شروع ٿي ويا.
اسٽالن جي دؤر ۾ چين اقتصادي ۽ صنعتي لحاظ سان، جيڪا ترقي ڪئي ان ۾ روس جي امداد جو وڏو دخل هو، پر نظرياتي هم آهنگي جي باوجود روسي ليڊر چين جي آبادي کان ڊنل هئا. روس نه ٿي چاهيو ته چين ان قدر ترقي ڪري جو هڪ ڏينهن ان جو شمار دنيا جي وڏين طاقتن ۾ ٿيڻ لڳي. وڏي طاقت بڻجڻ کان پوءِ چين اشتراڪي بلاڪ ۾ روسي قيادت جي هڪ هٽي کي چئلينج ڪري ٿو سگهيو. ان امڪان جو احساس اسٽالن کي به هو. ان جي شعور ۾ به عظيم چين جو خوف لڪيل هو. هڪ روايت موجب جنهن ڏينهن مائو ”عوامي جمهوريه چين“ قائم ٿيڻ جو اعلان ڪيو، اسٽالن ريڊيو تي ان تقريب جو اکين ڏٺو احوال ٻڌي رهيو هو. هن جي چهري جا تاثر ٻڌائي رهيا هئا ته هن جون اکيون پري خلا ۾ ڪنهن عظيم طوفان جا آثار ڏسي رهيون آهن.
جيتوڻيڪ چين ۽ روس ٻئي دعويٰ ڪندا هئا ته انهن جي اختلافن جي پس منظر ۾ قومي عصبيت ڪم نه پئي ڪري، پر حقيقت اها آهي ته انهن ٻنهي جي وچ ۾ ٻن مختلف تهذيبن، ٻن مختلف قوميتن جو فاصلو رڪاوٽ بڻيل هو. چين اوڀر ۾ آهي ۽ روس اولهه ۾. روس ۽ چين جا اختلاف پهريون ڀيرو 1956ع ۾ سامهون آيا. ڪميونسٽ پارٽين جي 20هين ڪانگريس ۾ خروشيف جي تقرير ڪميونسٽ بلاڪ کي باقاعده ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. خروشيف پنهنجي تقرير ۾ اسٽالن تي سنگين الزام هنيا ۽ ان جي دؤر کي وحشت ۽ بربريت جو دؤر قرار ڏيندي اعلان ڪيو ته ڪميونزم جي بين الاقوامي تحريڪ کي شخصيت پرستي جي لعنت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو وقت ويجهو اچي ويو آهي. اسٽالن هڪ اذيت پسند، جاهه طلب ۽ مغرور آمر هو. هن جي گناهن جو ازالو اسان صرف ان صورت ۾ ڪري سگهون ٿا ته هن جي شخصيت جي بت کي هميشه هميشه جي لاءِ ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجي. ان تقرير پوري دنيا ۾ هڪ سنسني پکيڙي ڇڏي. يوگو سلاويه جي صدر مارشل ٽيٽو ان جي آجيان ڪندي چيو ته اسٽالن جي ڏوهن تان پردو کڻي روس جي موجوده ليڊرن ڪميونزم جي عالمي تحريڪ تي ٿورو ڪيو آهي. مارشل ٽيٽو نظرياتي طور ڪميونسٽ هجڻ جي باوجود اسٽالن جو زبردست دشمن هو. اسٽالن روس جي ڪميونسٽ پارٽي کان سواءِ ٻين ملڪن جي ڪميونسٽ پارٽين جا معاملا به پاڻ طئي ڪندو هو. مارشل ٽيٽو کي يوگو سلاويه جي اندرين معاملن ۾ روس جي مداخلت سخت ناپسند هئي ۽ آخرڪار 1948ع ۾ مارشل ٽيٽو اسٽالن جا حڪم مڃڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. يوگو سلاويه پهريون ڪميونسٽ ملڪ هو، جنهن ماسڪو خلاف علي الاعلان بغاوت ڪئي ۽ بنيادي طور اشتراڪي نظرين تي ڪاربند رهڻ جي باوجود روس ۽ آمريڪا جي سرد جنگ ۾ غيرجانبدار رهڻ جو فيصلو ڪيو. ٻئي طرف چين اسٽالن جو بت ٽوڙڻ جي حق ۾ نه هو. مائوزي تنگ خروشيف جي تقرير کي وڏي سياسي غلطي قرار ڏنو. مائوزي تنگ جو خيال هو ته اسٽالن کي ڏوهاري ثابت ڪرڻ سان ڪميونسٽ تحريڪ کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو. اسٽالن تنقيد جي لائق ضرور آهي، پر لعنت ۽ ملامت جي نه. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته اسٽالن جي 30 سالن جي قيادت دوران ڪميونسٽ تحريڪ کي تمام گهڻو استحڪام نصيب ٿيو. اسٽالن ۾ ڪيتريون ئي ڪمزوريون هيون، پر هن جي خوبين جو پلڙو پوءِ به ڳرو هو. اسٽالن کي ڏوهاري ثابت ڪرڻ جو مطلب اهو ٿيو ته ان جي دؤر ۾ ڪميونسٽ تحريڪ، جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون اهي سڀ هڪ مجرماڻي ذهن جي پيداوار هيون.
شروع ۾ چين خروشيف جي اسٽالن مخالف پاليسين کي رڳو دليلن ذريعي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن روس چين جي احتجاج کي نظرانداز ڪري اسٽالن ازم خلاف پنهنجي مهم جاري رکي ته چين روس کي تنبيهه ڪئي ته هو ڪميونسٽ بلاڪ ۾ ڏار وجهڻ کان پاسو ڪري. ”جيڪڏهن ڪامريڊ اسٽالن ڏوهاري آهي ته اسان سڀ ڏوهاري آهيون.“ پيڪنگ جي هڪ اخبار پيپلز ڊيلي پنهنجي هڪ ايڊيٽوريل ۾ لکيو ”پر اصل حقيقت اها آهي ته نه ڪامريڊ اسٽالن ڏوهاري هو ۽ نه اسان سڀ ڏوهاري آهيون. اصل ڏوهاري مغربي سامراج آهي، جنهن جي خلاف ڪامريڊ اسٽالن سڄي ڄمار جدوجهد ڪئي. روسي ڪامريڊن کي گهرجي ته اهي ڪامريڊ اسٽالن جي خلاف بيڪار مهم هلائڻ بدران مغربي سامراج کي فيصلائتي شڪست ڏيڻ جي جدوجهد تيز ڪن. اسٽالن خلاف مهم هلائي روسي ليڊرن آمريڪا جي سرمائيدارن جا هٿ مضبوط ڪري ڇڏيا آهن.“ روسي ليڊرن چين جي تنبيهه تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪميونسٽ ملڪن جي راءِ کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. خروشيف پوري دنيا جي ڪميونسٽ پارٽين کي ڳجها خط اماڻيا،، جن ۾ چين ۽ روس جي اختلافن تي روشني وجهندي ثابت ڪيو ويو ته اسٽالن تشدد ۽ دهشتگردي جو رستو اختيار ڪندي ڪميونزم جي عالمي تحريڪ کي نقصان پهچايو هو. سرمائيداراڻي نظام خلاف پرولتاري آمريت جي جنگ صرف اصولي بنيادن تي کٽي سگهجي ٿي، تشدد ۽ دهشتگردي جي زور تي نه. انهن خطن ۾ اشاري سان چين جي ليڊرن تي انتهاپسندي جا الزام به لڳايا ويا. هاڻي چين ۽ روس جي نظرياتي اختلافن باقاعده سياسي جنگ جي صورت اختيار ڪري ورتي ۽ ڪميونسٽ بلاڪ جا ٻه ڌڙا ٻن الڳ الڳ رستن تي روان دوان ٿي ويا.
ٻي مهاڀاري لڙائي دوران اوڀر يورپ جي ڪميونسٽ ليڊرن ماسڪو ۾ پناهه ورتي هئي. جڏهن روسي فوجون مغرب طرف وڌيون ۽ مشرقي يورپ تي قابض ٿي ويون ته انهن ڪميونسٽ ليڊرن پنهنجن ملڪن ۾ وڃي، جيڪي حڪومتون قائم ڪيون، اهي مڪمل طور تي اسٽالن جون وفادار هيون ۽ ان جي اشارن تي نچنديون هيون. صرف يوگوسلاويه هڪ اهڙو ڪميونسٽ ملڪ هو، جنهن روس جي بالادستي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ان کان سواءِ مشرقي جرمني، رومانيه، البانيه، هنگري، پولينڊ، چيڪو سلواڪيه ۽ بلغاريه جون حڪومتون اسٽالن جي موت تائين ماسڪو کي اقتدار جو والي وارث مڃينديون رهيون، پر انهن ملڪن جي عوام روسي مداخلت کي ڪڏهن به دل سان قبول نه ڪيو. بنيادي طورتي ڪميونسٽ هجڻ جي باوجود انهن ملڪن جي ماڻهن پنهنجي قسمت جا فيصلا پاڻ ڪرڻ پنهنجو حق ٿي سمجهيو ۽ اهو حق انهن کان روس کسي ورتو هو. وارسا معاهدي تحت انهن مان ڪيترن ئي ملڪن ۾ روسي فوجون موجود هيون. ظاهر ۾ ته اهي فوجون مغربي سامراج جي جارحاڻن ارادن خلاف مشرقي يورپ جي دفاع لاءِ رکيون ويون هيون، پر حقيقت ۾ انهن جو مقصد روس سان مشرقي يورپ جي وفاداري کي مستحڪم بڻائڻو هو. 1956ع ۾ هنگري جي عوام روس جي اقتدار اعليٰ خلاف، جيڪا بغاوت ڪئي ان کي روسي فوجين ئي چٿيو هو ۽ چين ان جي سخت مخالفت ڪئي هئي. انهن سببن جي ڪري ٻنهي ملڪن جي اشتراڪي پارٽين هڪ ٻئي تي کلي ڪري تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. 1960ع ۾ روس اقتصادي ۽ فوجي امداد بند ڪري پنهنجن فوجي ۽ ٻين صلاحڪارن کي چين مان واپس گهرائي ورتو، جنهن کي چين دشمني جي انتها قرار ڏنو. تائيوان حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ روس جي رڳو اخلاقي مدد ۽ 1962ع ۾ چين ۽ ڀارت وچ ۾ سرحدي تڪرار ۾ روس طرفان چين جي حمايت ڪرڻ بدران غيرجانبداري جي مظاهري چين کي روس خلاف بدظن ڪري ڇڏيو.
انهن سببن کان سواءِ به تاريخي لحاظ سان روس 19 هين صدي جي شروعات ۾ چين جي ڪمزور حڪومت جو ناجائز فائدو وٺندي ٻين سامراجي ملڪن سان ملي ان جي ڪيترن ئي علائقن تي قبضو ڪري ورتو هو. جڏهن اختلافن شدت اختيار ڪري ورتي ته چين انهن علائقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ روس تي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ 1963ع ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم چو اين لائي روس ۽ چين جي ٻيهر حدبندي جو مطالبو ڪيو. انهن اختلافن تڪرارن جي شڪل اختيار ڪري ورتي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 1969ع ۾ خونريز سرحدي جهڙپون شروع ٿي ويون، جنهن سان ٻنهي طرفن کان سخت جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. روس چين تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ منگوليا جي سرحد تي 52 ڊويزن فوج جو اضافو ڪري ڇڏيو، جنهن سان چين جي سلامتي خطري ۾ پئجي وئي.
روس ۽ چين جي اختلافن اوڀر يورپ جي سياست تي وڏو اثر وڌو. البانيه روسي اثر رسوخ مان نڪري چين سان اچي مليو. رومانيه ۾ به قومپرست رجحانن زور پڪڙي ورتو. اوڀر يورپ جي ٻين ملڪن ۾ به اهو احساس پيدا ٿيڻ لڳو ته روسي اقتدار اعليٰ کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ به اشتراڪي نظرين تي ڪاربند رهي سگهجي ٿو. البانيه چين جي جنهن زور شور سان حمايت ڪئي، اها صرف نظرياتي بنيادن تي نه هئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته البانيه جا ليڊر چين جي ليڊرن وانگر سرمائيداراڻي نظام خلاف مڪمل ۽ فيصلائتي جنگ جا حامي هئا، پر چين جي علي الاعلان حمايت ڪرڻ سان البانيه جو اصل مقصد روس جي اقتدار اعليٰ کي چئلينج ڪري پنهنجي قومي خودمختياري جي تصديق ۽ تحفظ ڪرڻ هو. چيڪو سلواڪيه، هنگري ۽ پولينڊ جيئن ته نظرياتي طور تي خروشيف جي ”ترميم پسندي“ جي حق ۾ هئا، ان ڪري انهن روس ۽ چين جي جهيڙي ۾ روس جو ساٿ ڏنو، پر اها صرف نظرياتي هم آهنگي جي ڳالهه هئي نه ته سياسي طور تي انهن ملڪن ۾ به قومپرست رجحان روسي اقتدار اعليٰ تي حاوي ٿيندا پئي ويا.
آمريڪا ۽ روس جي گڏيل سرد جنگ جو مقصد ڪيوبا جي ناڪابندي هو. جڏهن آمريڪي حڪومت روس کي ڪيوبا مان پنهنجا ميزائيل هٽائي ڇڏڻ جو الٽيميٽم ڏنو ته پوري دنيا ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. ”ڇا دنيا ٽين مهاڀاري لڙائي جي ڪنڌي تي اچي پهتي آهي؟“ اهو سوال ڪروڙن ذهنن تي تري آيو. روس ۽ آمريڪا جي فوجي طاقت بابت اندازا لڳايا ويا. ايٽمي جنگ جي خوفناڪ نتيجن بابت بحث ٿيا. دنيا جي ڪجهه سياسي حلقن ۾ آمريڪا کي ڪيوبا جي ناڪابندي ڪرڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. مشهور برطانوي فيلسوف برٽرينڊرسل روس کي اپيل ڪئي ته هو انساني نسل کي تباهي کان بچائي. نيٺ خروشيف انتهائي ڊرامائي انداز ۾ اعلان ڪيو ته روس آمريڪا جي جنگي جنون کي ٿڌو ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو، پر هو ايئن نه ڪندو. ”اسان انساني نسل جي بقا خاطر ڪيوبا مان پنهنجا ميزائيل هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“ دنيا اطمينان جو ساهه کنيو. خروشيف جي ان فيصلي کي امن پسند قوتن جي فتح قرار ڏنو ويو، پر چين جو رد عمل شديد هو. ”روس آمريڪي اڳرائي سامهون هٿيار ڦٽا ڪري، جنهن شرمناڪ بزدليءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، ان اسان کي قائل ڪيو آهي ته سرمائيداراڻي نظام ۽ سامراجي قوتن جي چئلينج جو اثرائتو جواب ڏيڻ جي جرئت صرف چين ۾ آهي. روس ڪارل مارڪس ۽ لينن جي نظرين ، جيڪا غداري ڪئي آهي ان جو ازالو اسان ڪنداسين.“ چين جي الزامن جي جواب ۾ خروشيف اعلان ڪيو ته روس جنگ نه ٿو چاهي، ڪو چريو ماڻهو ئي هن دؤر ۾ جنگ جو تصور ڪري سگهي ٿو. اسان آمريڪا کي دنيا جي نقشي تان مٽائڻ جي اهليت رکون ٿا، پر اهو صرف ان صورت ۾ ٿيندو جڏهن اسان تي جنگ مڙهي وڃي نه ته اسان سرمائيداراڻي نظام کي پرامن طريقي سان به شڪست ڏئي سگهون ٿا. امن جو رستو جنگ جي رستي کان بهتر آهي. لينن ۽ ڪارل مارڪس جي تعليم کي اسان صرف ”پرامن گڏيل بقا“ ذريعي ئي پکيڙي سگهون ٿا.
چين ”پرامن گڏيل بقا“ جي نعري کي لينن ۽ مارڪس جي بنيادي نظرين ۾ ترميم ڪرڻ جي شرمناڪ روسي سازش قرار ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ روس ۽ چين وچ ۾ ڇڪتاڻ اڃا به وڌي وئي ۽ روس ۽ آمريڪا وچ ۾ سرد جنگ جو دائرو محدود ٿي ويو. ايٽمي تجربن تي پابندي لڳائڻ جي تحريڪ شروع ٿي، جنهن زماني ۾ روس ۽ آمريڪا وچ ۾ ڊگهيون ڳالهيون ٿيون. چين 1964ع ۾ پنهنجو پهريون ايٽمي تجربو ڪرڻ جي تيارين ۾ هو. چين روس تي الزام هنيو ته هو سامراجي طاقتن سان سازباز ڪري چين کي ايٽمي طاقت بڻجڻ جي حق کان محروم ڪرڻ چاهي ٿو. ان دوران چو اين لائي جو هڪ بيان اخبارن ۾ نمايان طور شايع ٿيو، جنهن ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو هو ته چين هر قيمت تي هٿيارن جي معاملي ۾ پاڻڀرو بڻجندو. ”روس جي ترميم پسند ليڊرن روسي انقلاب جي روح کي مجروح ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي لينن ۽ ڪارل مارڪس جي تعليم کي فروغ ڏيارڻ جي ذميداري چين تي لاڳو ٿئي ٿي. اسان ان ذميداري کي پورو ڪنداسين، اسان آمريڪا جي سامراجي ارادن آڏو ڪڏهن به هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين. روس ۽ آمريڪا ايٽمي ميدان ۾ اسان کان گهڻو اڳتي آهن، پر چين مستقبل قريب ۾ هڪ عظيم ايٽمي طاقت بڻجي ويندو.“
1963ع ۾ روس ۽ آمريڪا وچ ۾ ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ختم ڪرڻ ۽ ايٽمي تجربن تي پابندي لڳائڻ جي معاهدي تي صحيحون ٿيون. ڪينيڊي اعلان ڪيو ته هي معاهدو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته آمريڪا دنيا ۾ پائيدار امن جو خواهشمند آهي، پر چين ان معاهدي کي آمريڪي ڊپلوميسي جو شاهڪار قرار ڏيندي، ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ”اسان ايٽم بم بڻائڻ جي حق ٿا هٿ نه کڻنداسين.“ چين جي هڪ اخبار پيپلز ڊيلي لکيو ته،
”آمريڪا دنيا کي ڌوڪو ڏئي رهيو آهي، ڇا دنيا ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ آمريڪا جي جارحاڻين سامراجي سرگرمين کان آگاهه ناهي؟ ڇا دنيا نه ٿي ڄاڻي ته آمريڪا چين تي حملي لاءِ بهانا ڳولي رهيو آهي؟ اسان آمريڪا جي متوقع حملي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪنداسين.“
18 آڪٽوبر 1964ع ۾ چين پنهنجو پهريون ايٽمي تجربو ڪيو، جيڪو اميدن کان وڌيڪ ڪامياب ثابت ٿيو. هاڻي چين عالمي سياست ۾ آمريڪا ۽ روس جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ لاءِ ايٽمي برابري ۾ شامل ٿي چڪو هو. ٻئي طرف روس هڪ عرصي تائين ٻي وڏي طاقت جي حيثيت سان آمريڪي سامراج جي بالادستي کي چئلينج ڪري رهيو هو. افغانستان ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي ناقص حڪمت عملي ان کي آسمان کان زمين تي اڇلائي ڇڏيو. نه رڳو روس جي فوجن کي افغانستان مان ذليل ٿي نڪرڻو پيو، پر روس ۾ خودمختياري جون جيڪي تحريڪون هلي رهيون هيون، اهي ڪامياب ٿي ويون ۽ اهڙي طرح روس ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي ويو. آمريڪا جي مقابلي ۾ پنهنجن اتحادين جي مدد ۽ سرپرستي ڪندڙ روس معاشي بدحالي ۽ سياسي تباهي جو شڪار ٿي ويو. ان کان پوءِ عالمي منظرنامي تي آمريڪا جون پاليسيون هلنديون رهيون ۽ روس جو ڪردار تقريباً زيرو ٿي ويو. ٻئي طرف آمريڪا سان مقابلي ۾ ڄمي ويندڙ روس ايٽمي هٿيارن ۾ نمبر ون جي حيثيت جو مالڪ معاشي طور ايترو ته مجبور ٿي ويو، جو هو پنهنجا هٿيار وڪرو ڪري پنهنجون معاشي ضرورتن پوريون ڪرڻ لڳو. ان صورتحال ۾ روس جي خواهش هئي ته ڀارت، روس ۽ چين جو هڪ اهڙو اتحاد بڻجي وڃي، جو ٽئي ملڪ آمريڪا آڏو هڪ قوت بڻجي بيهي رهن. اهڙي طرح روس جتي معاشي طور پاڻ سنڀالي ٿي سگهيو، اتي ڏکڻ ايشيا جي سياست تي به اثرانداز ٿي ٿي سگهيو. ان دوران هن چيچنيا ۾ انتهائي بي رحمي جو مظاهرو ڪندي تمام گهڻو بارود ۽ هٿيار استعمال ڪري عالمي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو ۽ عالمي ردعمل کان بچڻ لاءِ چين ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو ۽ بورس يلسن جيڪو ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ آمريڪا جي وڌندڙ اثر رسوخ جي ڪري پريشان هو، چين جو دورو ڪري چين جي صدر زانگ زيمن سان اهم ملاقاتون ڪيون. روس ۽ چين وچ ۾ 4 هزار ڪلوميٽر ڊگهي گڏيل سرحد جي ٻن معاهدن ذريعي نشاندهي ٿيڻ کان سواءِ سرحدي تڪرار به حل ٿي ويا. روسي صدر جي چين جي دوري ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي نتيجي ۾ گڏيل پڌرائي ۾ روس ۽ چين دنيا ۾ يڪ طاقتي نظام بدران طاقت جي مناسب توازن تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي سربراهن گڏيل قومن کي به چيو ته اها پنهنجي غيرجانبدار ڪردار ڏانهن موٽي. گڏيل پڌرائي ۾ اولهه ملڪن طرفان انساني حقن جي آڙ ۾ ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي پاليسي کي رد ڪيو ويو.
1982ع ۾ چين جنهن آزاد خارجه پاليسي جو اعلان ڪيو هو، ان جا رهنما اصول سراسر آمريڪي سامراج جي خلاف هئا، جنهن ۾ چيني پرڏيهي آفيس سامراج ۽ سرمائيداراڻي نظام جي مذمت ڪندي واضح ڪيو هو ته هو هر ان ملڪ سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جيڪو ڪنهن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪري، جيتوڻيڪ انهن اصولن تي چين روس سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. 1986ع ۾ سوويت يونين جي صدر گورباچوف ملڪ جي اقتصادي مسئلن کي نظر ۾ رکندي ۽ لاڳاپن ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ چين جي انهن مطالبن کي تسليم ڪري ورتو، جيڪي ڇڪتاڻ جو سبب بڻيل هئا. سوويت يونين نه صرف افغانستان مان فوج واپس گهرائڻ لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪيا، پر ويٽنام جي حمايت تان به هٿ کڻي وئي.
مارچ 1986ع ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ماهرن جي مٽاسٽا جو هڪ معاهدو ٿيو. ان کان سواءِ شنگهائي ۾ 20 سالن کان پوءِ سوويت سفارتخانو کولڻ جي اجازت ڏني وئي. مئي 1989ع ۾ سرحدي تڪرارن جي حل لاءِ سربراهه ڪانفرنسون به ٿيون، انهن قدمن سان لاڳاپن ۾ وڌيڪ خوشگوار تبديليون آيون. ڊسمبر 1991ع ۾ سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ گورباچوف جي جاءِ تي بورس يلسن اقتدار ۾ آيو ته چين کي روس کان ٻيهر خطرو پيدا ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته هو هاڻي اشتراڪي ملڪ نه رهيو هو ۽ سرمائيداراڻي حڪومت پنهنجا پير ڄمائي رهي هئي. جيتوڻيڪ چين جي ان ڳڻتي کي نظر ۾ رکندي بورس يلسن دوستي ۽ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ چين جو فوري طور دورو ڪيو ۽ پنهنجن لاڳاپن جو بنياد نظرياتي اصولن تي رکيو، جنهن مطابق ٻنهي ملڪن کي نظريي موجب لاڳاپن کي واپاري ۽ معاشي بنيادن تي روان دوان ڪرڻو هو. ان ڪري ٻنهي ملڪن مختلف معاملن تي 24 معاهدا ڪيا، ايترن ويجهن لاڳاپن ۽ معاهدن جي ڪري اولهه ملڪن ۽ خاص طور تي آمريڪا کي ڳڻتي ورائي وئي، پر ٻنهي ملڪن ان جي پرواهه نه ڪئي.
اپريل 1996ع ۾ روس، چين ۽ وچ ايشيا جي ٽن رياستن قازقستان، ڪرغستان ۽ تاجڪستان گڏجي هڪ علائقائي ۽ فوجي اتحاد قائم ڪيو، جنهن جو مقصد سرحدن جي اندر ۽ ٻاهر بنياد پرست عنصرن تي نظر رکڻ هو، بعد ۾ اهو معاهدو ”شنگهائي فائيو“ جي نالي سان مشهور ٿيو. نومبر 1997ع ۾ چيني صدر چيانگ زيمن روس جو دورو ڪيو ته بورس يلسن ان جو پرجوش استقبال ڪيو. اهو دورو ان لاءِ به ٻنهي ملڪن لاءِ اهميت رکندڙ هو، جو آمريڪا جي ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ اثر رسوخ کان پوءِ ان ڳالهه جي سخت ضرورت محسوس ڪئي پئي وئي ته ڪنهن نه ڪنهن کي ته آمريڪا جي سامهون بيهڻو آهي. ڇاڪاڻ ته سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ طاقت جو توازن بگڙجي ويو هو ۽ ان کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي ضرورت هئي. چين جي صدر پاران روس جو دورو آمريڪا لاءِ خطري جي گهنٽي هو. چيني صدر جڏهن روس جو دورو ڪيو ته ان جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ ان موقعي تي آمريڪا جي مقابلي ۾ چين پنهنجي نيو ورلڊ آرڊر جو اعلان ڪيو. سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا جي بالادستي ختم ڪرڻ لاءِ چين جي اها پهرين ڪوشش هئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي عالمي ڪردار کي تسليم ڪري ورتو.
جنوري 1999ع ۾ چين جي اعليٰ سطحي وفد روس جو دورو ڪيو. روسي وزيراعظم پرايماڪوف ان وفد کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي اعلان ڪيو ته ”روس اقتصادي ترقي ۽ گڏيل لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.“ ان کان پوءِ روس ۽ چين هڪ گڏيل ڪميشن قائم ڪيو، جنهن جو ڪم هو ته اها 21 هين صدي جي ضرورتن موجب هڪ ٻئي جي ضرورتن جو تعين ڪري. پهرين آڪٽوبر 1999ع ۾ جڏهن چين جي انقلاب جي 50 هين سالگرهه ملهائي وئي ته روس چين جي شاندار ترقي تي خراج پيش ڪرڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي وفد بيجنگ اماڻيو.
جنوري 2000ع ۾ بورس يلسن جي استعفيٰ کان پوءِ روس جي نئين صدر ولادي مير پيوٽن اقتدار سنڀاليو ته لاڳاپن ۾ جاري رجحانن کي وڌيڪ تقويت ملي ۽ ٻنهي ملڪن علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ لاڳاپن کي گڏيل مفادن جي اصولن تي مضبوط ڪيو. 16 جولاءِ 2001ع ۾ ڪريملين ۾ ٿيندڙ روس چين سربراهه ملاقات ۾ دوستي جو هڪ معاهدو ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن جي سربراهن آمريڪا جي نيشنل ميزائيل ڊفينس پروگرام ۽ بحرالڪاهل ۾ انٽرسيپٽ ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي آمريڪا جي سخت مذمت ڪندي چيو ته انهن قدمن سان نه رڳو عالمي سطح تي هٿيارن جي گهٽتائي جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ڪوششن کي نقصان پهتو آهي، پر 1972ع ۾ ٿيل اينٽي بيليسٽڪ ميزائيل معاهدي جي به ڀڃڪڙي ٿي آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٿيل دوستي جي ان معاهدي جي وضاحت ڪندي انهن سربراهن چيو ته ”هي نه ته فوجي معاهدو آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٽئين ملڪ خلاف ڪو گڏيل لائحه عمل آهي، پر هي صرف سٺن پاڙيسرين وچ ۾ دوستي جو مثالي معاهدو آهي، جيڪو نه صرف گڏيل مفادن کي هٿي وٺرائڻ پر بين الاقوامي سلامتي جي استحڪام لاءِ مستقبل ۾ فائديمند ثابت ٿيندو. روس ۽ چين ٻنهي ملڪن ان حقيقت کي مڃي ورتو آهي ته پرامن ۽ دوستاڻن لاڳاپن ۾ ئي ٻنهي ملڪن جي بقا آهي.“

پاڪ- چين لاڳاپا

پاڪستان عوامي جمهوريه چين کي 1950ع ۾ تسليم ڪيو هو. ان ئي سال پاڪستان تبت تي چين جي حملي جي مذمت کان پاسو ڪيو ۽ گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي قرارداد تي ووٽنگ ۾ به حصو نه ورتو، جنهن ۾ چين کي حمله آور قرار ڏنو ويو هو. عوامي جمهوريه چين کي گڏيل قومن ۾ پنهنجو حق ۽ 4 ٻين وڏين طاقتن جي برابر مقام حاصل ڪرڻ لاءِ تقريباً 50 سال جدوجهد ڪرڻي پئي ۽ چين جي ان اصولي جدوجهد ۾ پاڪستان مسلسل چين جي حمايت ڪندو رهيو. اهڙي طرح لياقت علي خان جي حڪومت عوامي جمهوريه چين کي نه رڳو تسليم ڪيو، پر گڏيل قومن ۾ ان کي ان جو جائز مقام ڏيڻ جي مطالبي جي به پرزور حمايت ڪئي.
ڪوريا جنگ جي مسئلي تي پاڪستان گڏيل قومن جي ڪوريا بابت ڪميشن ۾ شامل هو، جنهن کان پوءِ پاڪستان جي اڻ ڌري حيثيت مشڪوڪ ٿي وئي ۽ ان سان اهو تاثر مليو ته پاڪستان آمريڪا جو طرفدار بڻيل آهي. ان ئي وقت چين پاڪستان جو نالو غيرجانبدار ملڪن جي فهرست مان ڪڍي ڇڏيو. جڏهن پاڪستان پنهنجا فوجي دستا ڪوريا موڪليا، تڏهن به پاڪستان جي غيرجانبدار رهڻ واري دعويٰ کي ڌڪ رسيو. جڏهن ته بعد ۾ پاڪستان گڏيل قومن ۾ چين کي حمله آور قرار ڏيڻ ۽ چين کي فوجي اهميت جو ڪچو مال برآمد ڪرڻ تي پابندي متعلق قراردادن تي ڪنهن به طرح ووٽ نه ڏنو، پر پاڪستان جو ايئن غيرجانبدار رهڻ چينين جو اعتماد بحال نه ڪري سگهيو. ڏکڻ اوڀر ايشيا معاهدي ۾ پاڪستان جي شامل ٿيڻ تي چين سان بهتر لاڳاپن جي امڪانن کي وڌيڪ نقصان پهتو، تنهن هوندي به پاڪستان معاهدي ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ ڀارت جي اڳرائي وارن ارادن کي جواز طور پيش ڪيو. چين به ڏکڻ اوڀر ايشيا معاهدي ۾ پاڪستان جي ذميدارين کان چڱي طرح آگاهه هو. هن حقيقت پسنداڻو رويو اختيار ڪندي مناسب موقعي جو انتظار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن هو پاڪستان کي ان فوجي معاهدي کان الڳ ڪرڻ تي آماده ڪري سگهي ۽ هن کي اهو موقعو بنڊونگ ڪانفرنس ۾ مليو، جتي هن پاڪستان جي خدشن جي پٺڀرائي ڪئي ۽ ان کان پوءِ چو اين لائي پاڪستان جي وزيراعظم محمد علي بوگرا کي پيڪنگ اچڻ جي دعوت ڏني. پاڪستان جو وزيراعظم چين نه وڃي سگهيو، تنهن هوندي به دعوت واپس نه ڪئي وئي، پر جڏهن چوڌري محمد علي وزيراعظم ٿيو ته ان دعوت جي تجديد ڪئي وئي. چوڌري محمد علي به خارجه پاليسي ۾ تبديلي نه ڪري سگهيو، ڇاڪاڻ ته هو به اهڙي حڪومت ۾ شامل رهيو هو جنهن چين خلاف فوجي معاهدن ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان کان پوءِ حسين شهيد سهروردي وزيراعظم بڻيو ته ان چو اين لائي جي دعوت نه صرف قبول ڪئي پر هو پيڪنگ به ويو، جيتوڻيڪ پاڪ چين لاڳاپا ۽ گڏيل تعاون جو آغاز وزيراعظم سهروردي جي دؤر کان ٿيو، پر ٻئي طرف پاڪستان حڪومت ان خدشي جو به شڪار رهي ته متان پاڪ چين دوستي کي واشنگٽن ٽيڏي اک سان ڏسي، انهن خدشن واري دؤر ۾ وزيراعظم چوي اين لائي پاڪستان جي دوري تي آيو ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. چين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي حمايت ڪري ٿي سگهيو، پر ان لاءِ ضروري هو ته پاڪستان به فارموساد جي مسئلي تي چين جي حمايت جو اعلان ڪري، ڇاڪاڻ ته چين لاءِ ڪشمير کان وڌيڪ اهم مسئلو فارموساد جو هو، جتي ڪائي شيڪ جي حڪومت ڪومينٽانگ حڪومت جي وجود جي برابر هئي، پر پاڪستان جي وزيراعظم حسين شهيد سهروردي اهڙو ڪو به يقين نه ڏياريو.
آڪٽوبر 1958ع جي مارشل لا کان پوءِ ايوب خان اقتدار ۾ آيو ته هن شروع ۾ ئي دفاعي معاهدن ۾ شامل رهڻ جي پاليسي اختيار ڪئي، پر هن کي جلد ئي ڏکڻ اوڀر ايشيا معاهدي جي نقصان جو احساس ٿيو ته هن خارجه پاليسي تي نظرثاني ڪئي ۽ ان جو کليو اظهار گڏيل قومن ۾ چين جي ميمبرشپ جي مسئلي تي ڪيو. جڏهن ته ان جي باوجود به پاڪستان ”سيٽو“ جهڙي معاهدي جي زنجيرن ۾ ڦاٿل هو ۽ ان معاهدي تحت پنهنجا فوجي دستا لائوس موڪلڻ تي مجبور ٿي ٿي سگهيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪري ها، ته چين سان پاڪستان جا خوشگوار لاڳاپا صرف هڪ خواب ئي رهجي وڃن ها پر لائوس بابت صدر ايوب حقيقت پسنداڻو بيان ڏئي چين جي موقف جي حمايت ڪري پاڪ چين لاڳاپن جي راهه هموار ڪئي.
ايوب خان جي مارشل لا حڪومت جي هڪ سال کان پوءِ اتفاق سان پاڪستاني حڪومت کي هڪ اهڙو چيني نقشو مليو، جنهن ۾ پاڪستان جو اتريون علائقو چين ۾ ڏيکاريو ويو هو. اهو نقشو ڀارتي ذريعن کان پاڪستان کي مليو. انهن ڏينهن ۾ گلگت ۾ نامعلوم هوائي جهاز پرواز ڪندي ڏٺا ويا. جيتوڻيڪ پاڪستان ڪو احتجاج نه ڪيو، پر يقين هو ته اهي چيني جهاز هئا. ان کان اڳ چين ڀارت سرحدي جهڙپون ٿي چڪيون هيون. ايوب خان محسوس ڪيو ته چين سان سرحدي فيصلو ٿي وڃڻ گهرجي. جيتوڻيڪ هن 23 آڪٽوبر 1959ع ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته پاڪستان تمام جلد سرحدي فيصلي لاءِ چين سان رابطو ڪندو. پاڪستان ان سلسلي ۾ چين کي درخواست به ڏئي ڇڏي.
1961ع جي شروعات ۾ پاڪستان چيني حڪومت کي هڪ يادداشت نامو موڪليو، ان ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدي امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ چين جي سرحدي علائقي سنڪيانگ ۽ ان سان لڳو لڳ انهن علائقن جي وچ ۾ جن جو دفاع پاڪستان جي ذميداري هو حدبندي جي تجويز پيش ڪئي وئي. ڀارت ان موقعي تي پيڪنگ ۽ اسلام آباد کي احتجاجي مراسله اماڻيا، جن ۾ ان تجويز تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو هو. ڀارت جو موقف هو ته گلگت جيئن ته مقبوضه ڪشمير جو حصو آهي، ان ڪري پاڪستان کي اهو حق ناهي ته هو ڄاڻايل سرحد جو تعين ڪري. ايوب خان پنهنجي موقف جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان کي ڄاڻايل سرحد لاءِ چين کي درخواست ڪرڻ جو هر حوالي سان حق حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته چين جي سرحد تي واقع علائقن تي پاڪستان جي عملداري آهي.
ايوب خان جو چين کي پاڪستان سان سرحدن جي تعين جي ٺاهه تي راضي ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ جرئت منداڻو قدم اهو بيان هو، جيڪو هن واشنگٽن ۾ ڏنو. اهو هي ته ”انصاف جي تقاضا اها آهي ته گڏيل قومن ۾ چين کي پنهنجو جائز مقام ملڻ گهرجي ۽ پاڪستان آئنده ان مسئلي تي چين جي حق ۾ ووٽ ڏيندو.“ آمريڪا جي دوري کان واپسي تي هن چيني سفير کي چيو ته هو چين سان سرحدي معاهدي لاءِ ڳالهين جا منتظر آهن. آخرڪار 3 مئي 1962ع ۾ پاڪستان ۽ چين سرحدي ڳالهين تي ٺاهه ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويا ۽ طئي ٿيو ته حدبندي جي نوعيت عارضي هوندي ۽ قطعي معاهدو ڪشمير جو مسئلو حل ٿيڻ کان پوءِ ڪيو ويندو. ڳالهين جي پهرين مرحلي ۾ چين جنگ نه ڪرڻ جي معاهدي جي آڇ ڪئي ۽ چيو ته سرحدي ٺاهه جي شروع ۾ جنگ نه ڪرڻ جو ٺاهه به شامل ڪري وٺجي. چين ان سلسلي ۾ ڀارت جي احتجاج کي رد ڪري ڇڏيو.
پاڪ-ڀارت ڳالهين جي ناڪامي کانپوءِ 29 آگسٽ 1963ع ۾ هڪ ٻي سياسي ڪاميابي حاصل ڪندي، پاڪستان چين سان هڪ فضائي معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان معاهدي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي فضائي ڪمپنين کي هڪ ٻئي جي علائقي ۾ پرواز ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان سواءِ پاڪستان ۽ چين جي چونڊ هنڌن تي جهازن جي بنا رڪاوٽ پرواز لاءِ گهربل سهولتون مهيا ڪرڻ هو. ان جي نتيجي ۾ آمريڪي حڪومت ڍاڪا ايئرپورٽ جي واڌاري لاءِ 4,00,000 ڊالر قرض ڏيڻ جي معاهدي کي ملتوي ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح معاهدي جي سلسلي ۾ ناراضگي ظاهر ڪئي وئي ۽ پاڪستان ۾ ان جو سخت ردعمل سامهون آيو. ايوب خان پاڪ- چين معاهدي ذريعي فضائي طور دنيا سان ڪٽيل چينين لاءِ رستو کولي ڇڏيو. واشنگٽن ان معاهدي کي آزاد دنيا جي استحڪام خلاف هڪ سازش قرار ڏنو، جنهن ڪري پاڪستان آمريڪا کان وڌيڪ بدظن ٿي ويو ۽ آمريڪا طرفان پاڪستان جي اقتصادي ۽ فوجي امداد بند ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان ٻيا وسيلا تلاش ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو. ان صورتحال ۾ چين پاڪستان جي ٽئين ترقياتي منصوبي لاءِ امداد جي آڇ ڪري پاڪستانين جي دل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. جڏهن جمهوريه چين جو چيئرمين ليوشائو چي اپريل 1965ع ۾ پاڪستان جي دوري تي آيو ته هن ڪيترين ئي تقريبن ۾ اهو يقين ڏياريو ته جيڪڏهن پاڪستان تي ڪنهن به حملو ڪرڻ جي جرئت ڪئي ته چين بنا دير پاڪستان جي مدد ڪندو ۽ ان جو عملي ثبوت چين 1965ع جي جنگ ۾ پيش ڪري ڇڏيو.
چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن ۽ گڏيل اعتماد ۾ نه رڳو اضافو ٿيندو ويو، پر گهٽ وڌ سمورن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به نظرياتي هڪ جهڙائي دوستي جي ان رشتي کي وڌيڪ استحڪام بخشيو. عوامي جمهوريه چين آزمائش جي هر گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو ۽ خاص طور تي ڪشمير جي مسئلي تي هن هر فورم تي پاڪستان جي موقف جي پٺڀرائي ۽ حمايت ڪئي.
شاهراه ريشم جي تعمير لاءِ عوامي جمهوريه چين پاڪستان سان فني ۽ مالي تعاون جو هڪ شاندار مثال پيش ڪيو، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ زميني رستي واپار کي وڏي هٿي ملي ۽ ان واپار سان خاص طور تي ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي وڏو فائدو پهتو. وري 1971ع ۾ اها ”شاهراهه ريشم“ ”شاهراهه قراقرم“ بڻجي وئي ۽ جنهن روڊ تي اٺن ۽ گهوڙين ذريعي سفر ڪيو ويندو هو، هاڻي ٻنهي ملڪن وچ ۾ جيپ ۽ ٻيون گاڏيون اچڻ وڃڻ لڳيون. ان کان پوءِ پاڪ فضائيه پاڪستان ۽ چين وچ ۾ فضائي سفر جو ناقابل يقين ڪارنامو انجام ڏنو ۽ پاڪ چين لاڳاپا هڪ نئين دؤر ۾ داخل ٿي ويا.
1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي بحران دوران ڀارت گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا شروع ڪئي ته ٻين ملڪن وانگر چين به ڀارت خلاف سخت احتجاج ڪيو. ان کان پوءِ جڏهن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ گڏيل قومن اوڀر پاڪستان جي مسئلي کي پاڪستان جو اندروني مسئلو قرار ڏنو ته روس ۽ ڀارت اوڀر پاڪستان ۾ ”پرتشدد ڪارروايون ۽ رتوڇاڻ“ بند ڪرڻ جا مشورا ڏئي رهيا هئا. جيتوڻيڪ اپريل 1971ع جي ٻئي هفتي ۾ عوامي جمهوريه چين ڀارتي حڪومت جي نالي هڪ احتجاجي مراسلو لکيو، جنهن ۾ ڀارت کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت تي سخت تنبيهه ڪئي وئي هئي. ڀارتي حڪمرانن چين جي احتجاج کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جو سلسلو جاري رکيو. انهن حالتن ۾ چين پاڪستان کي خاطري ڪرائيندي اعلان ڪيو ته ”ڀارت آمريڪا ۽ سوويت يونين جي هشي تي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪئي آهي. ڀارت جي انهن ڪاررواين سان ان جا واڌاري وارا ارادا بي نقاب ٿي ويا آهن. جڏهن ته پاڪستاني عوام کي يقين ڪرڻ گهرجي ته پرڏيهي حمله آورن خلاف ان جدوجهد ۾ چين سندن ڀرپور مدد ڪندو.“ ان جنگ ۾ چين پاڪستان جي صرف سفارتي سطح تي مدد ڪئي ۽ عملي مدد کان پاسو ڪيو، ان جو ڪارڻ اڄ تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته چيو ويندو آهي ته آمريڪا چين کي ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن هن ان معاملي ۾ مداخلت ڪئي ته هو به سڌوسنئون جنگ ۾ ٽپو ڏيندو. جيتوڻيڪ ٿي سگهي ٿو ته چين روس ۽ آمريڪا سان سڌوسنئون جهيڙو يا ٽين مهاڀاري لڙائي جو خطرو کڻڻ مناسب نه سمجهيو هجي. جڏهن ته ان کان پوءِ به چين پاڪستان جي سفارتي حمايت جاري رکي ۽ پاڪستان جي 90 هزار جنگي قيدين جي واپسيءَ جي سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪيو.
اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ 1972ع ۾ چين 11 ڪروڙ ڊالر جو قرض واپس نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پراڻين شرطن تي وڌيڪ قرض ڏيڻ جي آڇ به ڪئي. ان کان پهريان چين نومبر 1970ع ۾ هڪ ارب رپين جو قرض بنا وياج 20 سالن لاءِ ڏنو هو ۽ پوءِ ان لاءِ وڌيڪ 10 سالن جي مهلت به ڏني. 1972ع ۾ چين ٽيڪسلا جي ڪارخاني لاءِ نه رڳو مشينون مهيا ڪيون، پر انهن مشينن لاءِ ڪچو مال ڏيڻ جي به ذميداري قبول ڪئي. دنيا ۾ اهڙو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي ته ڪنهن ملڪ مشينري سان گڏ ڪچو مال به مهيا ڪيو هجي. چين پاڪستاني ماڻهن کي تربيت ڏيڻ وارا به فراهم ڪيا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو لاڙڪاڻي ۾ جنهن شگرمل جو افتتاح 1974ع ۾ ڪيو ويو، ان جي مشينري ٽيڪسلا ۾ تيار ڪئي وئي ۽ ان سلسلي ۾ گهربل ساڍن 3 ڪروڙ رپين جو ناڻو چين قرض نه پر عطئي طور ڏنو. ان کان علاوه ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر ۾ ڪيترائي منصوبا چين جي تعاون سان پڄاڻي تي پهتا.
جولاءِ 1977ع ۾ جڏهن ڀٽو حڪومت جي خاتمي کان پوءِ جنرل ضياءُالحق حڪومت جون واڳون سنڀاليون ته چيني حڪومت سفارتي ذريعن کان پاڪستان کي دوستي ۽ خيرخواهي جو يقين ڏياريو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ڏينهون ڏينهن ترقي ڪرڻ لڳا. 1982ع جي آخر تائين جنرل ضياءُالحق ٽه ڀيرا عوامي جمهوريه چين جو دورو ڪري چڪو هو. 1982ع ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، فني ۽ واپاري رابطن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪاميٽي قائم ڪئي وئي ۽ چين هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۾ پرڏيهي مداخلت ۽ خطرن جي مقابلي لاءِ جائز جدوجهد ۾ هر قسم جي مدد جو يقين ڏياريو.
جنرل ضياءُالحق جي وفات کان پوءِ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي دؤر ۾ به پاڪستان چين لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار رهيا، ڇاڪاڻ ته چين انهن ٻنهي حڪمرانن کي اسلامي انتها پسند تنظيمن خلاف ڪارروائي جو چيو هو، پر ٻئي حڪمران ڪارروائي کان لاچار رهيا، جنهن جي ڪري پاڪ چين لاڳاپن ۾ بهتري نه اچي سگهي. چين ڪجهه اسلامي جماعتن تي الزام لڳايو ته اهي چين جي مسلمانن جي مدد ڪري حالتون خراب ڪري رهيون آهن. ان حوالي سان روزنامه جنگ ۾ هڪ خبر 11 جنوري 1996ع ۾ هن طرح شايع ٿي:
”چين جي حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته اها جماعت اسلامي ۽ ٻين مذهبي ۽ سياسي تنظيمن خلاف ان الزام هيٺ ڪارروائي ڪري ته اهي چين جي داخلي معاملن ۾ مداخلت ڪري پاڪستاني سرحدن جي ويجهو واقع صوبي سنڪيانگ ۾ حڪومت مخالف چيني عسڪريت پسندن کي مالي مدد، هٿيار ۽ تربيت ڏئي رهيون آهن ۽ اهڙي طرح چيني سرزمين کي عدم استحڪام جو شڪار بڻائي رهيون آهن.“ هانگ ڪانگ جي بااثر اخبار ”فار ايسٽرن اڪنامڪ ريويو“ ان حوالي سان هڪ خصوصي رپورٽ شايع ڪئي ته ”چيني حڪومت پاڪستان جي ڪجهه انتهاپسند اسلامي تنظيمن جي صوبي سنڪيانگ ۾ ٿيندڙ سرگرمين کان سخت تنگ آهي ۽ بظاهر اهي سرگرميون اسلام جي تبليغ خاطر ٿي رهيون آهن، پر حقيقت ۾ ان صوبي کي اسلامي انتهاپسندن جو ڳڙهه بڻائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. اهو سلسلو گذريل ڪجهه سالن کان جاري آهي ۽ هينئر 3 سال پهريان ئي سنڪيانگ جي شهر برن ۾ انتهاپسند مسلمانن جي هڪ تحريڪ سختي سان چٿي وئي آهي ۽ فوجي ڪارروائي ۾ 22 ڄڻا مارجي ويا هئا.“
2005ع ۾ هڪ ڀيرو وري چين پاڪستان جي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو انهن ديني تنظيمن خلاف ڪارروائي ڪري، جيڪي صوبي سنڪيانگ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري رهيون آهن.
سال 2002ع کان پاڪ چين ٻه طرفي واپار ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. سال 6-2005ع جي شروعاتي 6 مهينن دوران پاڪ چين ٻه طرفي واپار جو ڪاٿو هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي اضافي سان 4 ارب 26 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويو. جڏهن ته سال 4-2003ع جي شروعاتي 6 مهينن دوران واپار جو ڪاٿو 3 ارب 6 ڪروڙ ڊالر هو. چين لاءِ پاڪستاني برآمد ۾ به 2. 39 سيڪڙو اضافو ٿيو. جولاءِ کان ڊسمبر 2005ع دوران چين لاءِ پاڪستاني برآمد 83 ڪروڙ 20 لک ڊالر تائين هئي. ٻنهي ملڪن واپار جي واڌاري لاءِ جيڪي قدم کنيا، ان ۾ ارلي هارويسٽ پروگرام سرفهرست آهي، جنهن تحت 2008ع تائين ٻه طرفو واپار 8 ارب ڊالر تائين پهچائڻ تي اتفاق ٿيو آهي.
چين پاڪستان ۾ ڪيترن ئي منصوبن ۾ فني ۽ مالي مدد فراهم ڪري پاڪستان سان دفاعي شعبن ۾ به تعاون جو ثبوت فراهم ڪري چڪو آهي، پر ان ۾ سڀ کان اهم ۽ ذڪر جوڳو ڪارنامو گوادر بندرگاهه جي تعمير لاءِ فني ۽ مالي مدد آهي. بندرگاهه جي تعمير تقريباً مڪمل ٿي چڪي آهي، جنهن سان سمنڊ کان محروم افغانستان ۽ ايشيائي رياستن کي به زبردست فائدو حاصل ٿيندو ۽ پاڪستان کي ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين جي مد ۾ سٺي آمدني حاصل ٿيندي ۽ ان جي واپار کي به هٿي ملندي. اهڙيءَ طرح بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ به مدد ملندي، پر بدقسمتي سان پاڪستان جي ڪجهه پاڙيسري ملڪن لاءِ اها صورتحال ناقابل برداشت آهي. اهي پاڪستان ۽ چين جي خوشگوار لاڳاپن کي برداشت ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن. صدر پرويز مشرف جي چين جي دوري کان پهريان بلوچستان ۾ 3 چيني انجنيئرن جو قتل ان سلسلي جي ڪڙي هو، پر پاڪستان لاءِ اها اطمينان جوڳي ڳالهه هئي ته چين ان سانحي کان پوءِ پنهنجن ماهرن کي واپس گهرائڻ بدران وڌيڪ فني ماهر پاڪستان موڪلڻ جو اعلان ڪري پاڪ چين دوستي خلاف دشمنن جي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
20 فيبروري 2006ع تي صدر پرويز مشرف چين جو دورو ڪيو ۽ بيجنگ ۾ اقتصادي، سماجي، دفاعي ۽ تجارتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ بي 13 ٺاهن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون. چين پاڪستان کي زلزلي کان متاثر علائقن جي بحالي لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. جيڪو 20 سالن ۾ واپس ڪرڻو هوندو. انهن يادداشتن جو مقصد زندگي جي مختلف شعبن کي فروغ ڏيڻ ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو. صدر جنرل پرويز مشرف ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري سرگرمين کي تيزي سان فروغ ڏيڻ لاءِ آزاد واپاري معاهدن جي سلسلي ۾ وڌيڪ قدم کڻڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي مستقل ميمبرشپ لاءِ چين پاڪستان جي مدد ڪري.
صدر جنرل پرويز مشرف هي دورو ان وقت ڪيو، جڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ زبردست اضافو ٿيو ۽ پاڪستان جي اهم ترقياتي منصوبن ۾ عوامي جمهوريه چين طرفان فني ۽ مالي تعاون ڪيو، آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ، ڪشمير مسئلي سميت ڀارت سان سمورن تڪراري معاملن تي ٿيل ڳالهين جي ناڪامي جي ڪري هي خطو حالتن ۽ واقعن جي روشني ۾ ڪيترن ئي خدشن جو شڪار آهي. چين جي زبردست اقتصادي ترقي به يورپ ۽ آمريڪا جهڙن سامراجي ملڪن جي اک ۾ ڪنڊي جيئان چُڀي رهي آهي ۽ پاڪستان ۾ گوادر کان علاوه گومل زيم ڊيم ۽ شاهراهه مڪران جي تعمير ۾ چين جي تعاون خلاف به سازشن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. ڪجهه عالمي طاقتون پاڪ چين لاڳاپن ۾ ڏار وجهڻ کان سواءِ چين جي چوطرف گهيرو تنگ ڪرڻ ۾ به مصروف آهن. ڪشمير جي مسئلي تي چين طرفان پاڪستان جي موقف جي ڀرپور حمايت ۽ پٺڀرائي به ڪجهه ملڪن لاءِ ناقابل برداشت آهي. ان پس منظر ۾ صدر جنرل پرويز مشرف جو چين جو دورو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ طئي ٿيل معاهدن جي نتيجي ۾ پاڪ چين دوستي وڌيڪ مستحڪم ٿيندي ۽ مضبوط حڪمت عملي جي بنياد تي انهن جي وچ ۾ تعاون ۾ اضافي سان نه صرف علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ سازشن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو، پر هن خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي گراف کي بلند ڪرڻ ۾ به مدد ملندي.

هانگ ڪانگ جي واپسي

هانگ ڪانگ تي 156 سالن جي راڄ کان پوءِ برطانوي نوآبادياتي تان يونين جيڪ لهندي ۽ پهرين جولاءِ جي صبح جي سج هانگ ڪانگ جي آزاديءَ جو جهنڊو ڦڙڪندي ڏٺو. ڏيڍ صدي گذرڻ کان پوءِ هانگ ڪانگ ٻيهر چين جو حصو بڻجي ويو. برطانوي حڪمرانن سڏ ڪندي پنهنجي ان نوآبادياتي کي الوداع چيو، جڏهن ته چين ۽ هانگ ڪانگ جي ڪروڙين ماڻهن ان تاريخي گهڙي تي ڀرپور جشن ملهايو. هانگ ڪانگ دنيا جو اهم ترين واپاري ۽ اقتصادي مرڪز ۽ تفريحي مقام آهي. جنهن جي ايراضي هڪ هزار 40 مربع ڪلوميٽر ۽ آبادي 64 لک آهي. برطانيا 26 جنوري 1841ع ۾ هانگ ڪانگ تي قبضو ڪيو هو ۽ 19 آگسٽ 1843ع ۾ ان کي باضابطا طور برطانيا جي نوآبادياتي قرار ڏئي علائقي ۾ پهريون برطانوي گورنر مقرر ڪيو. بعد ۾ برطانيا هڪ وڌيڪ فريبي معاهدي تحت 1898ع ۾ ان علائقي کي چين کان 99 سالن تائين ليز تي وٺي ڇڏيو.
19 هين صدي جي وچ ۾ برطانوي ڪمپنين، جيڪو ڦرلٽ جو بازار گرم ڪيو هو، ان دوران وڏي پيماني تي آفيم به درآمد ڪئي وئي.آفيم سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين ۾ سڀ کان اڳڀري ”جارڊين مٿي سن“ ڪمپني هئي. جڏهن چيني حڪومت اتي آفيم جي درآمد تي پابندي هئي ته انهن پابندين جو بدلو وٺڻ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي نمائندي ڪيپٽن ايليٽ برطانوي حڪومت کي درخواست ڪئي ته اها چين ۾ هٿياربند فوج موڪلي ته جيئن ڪانٽن مان سمورن برطانوي واپارين جي حفاظت سان واپسي جا انتظام ڪيا وڃن. جنهن جي نتيجي ۾ ڊڄڻي، ڪرپٽ ۽ غيرمقبول ڪوئينگ بادشاهه برطانيا سان ٺاهه لاءِ سامراجي قوتن خلاف مزاحمت ڪندڙ آفيسرن کي برطرف ڪري ڇڏيو ۽ هڪ نمائندو امن ڳالهين جي هدايتن سان نانڪن موڪليو. 1841ع ۾ ان نمائندي ڪيوئي شان ڪانٽن جي دفاعي تنصيبات کي ٽوڙي برطانوي واپارين کان ڦريل آفيم جي ڏنڊ طور تي زيانگ ڪانگ (هانگ ڪانگ) برطانوي فوجن حوالي ڪري ڇڏيو. وقت جي بادشاهه طائو ڪوانگ ان ذلت ڀريل معاهدي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪيوئي شان کي برطرف ڪري برطانيا خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ 25 فيبروري تي برطانوي فوجن هيومن تي حملو ڪري قلعن جي حفاظت تي مقرر 400 فوجين کي زبردست مزاحمت باوجود هيومن تي قبضو ڪري ورتو. ان ويڙهه ۾ سمورا چيني سپاهي مارجي ويا. نيٺ ڪوئينگ حڪومت جي جرنيل يي شان برطانوي آفيسرن سان جنگ بند ڪرڻ جو معاهدو ڪري ورتو. برطانوي سامراج جي ظلمن ۽ ڪوئينگ حڪمرانن جي غداري خلاف عوام ۾ حڪومت خلاف نفرت جي لهر پکڙجي وئي، ماڻهو انگريزن جي سخت خلاف ٿي ويا، هزارين ماڻهن 30 مئي 1841ع ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ برطانوي فوجين کي گهيري ۾ آڻي ختم ڪري ڇڏيو. اها پرڏيهي اڳرائي خلاف چيني عوام جي پهرين هٿياربند جدوجهد هئي. پنهنجي هڪ هزار فوجين جي اها حالت ڏسي برطانوي فوجين آگسٽ 1841ع کان پوءِ چين جي سامونڊي علائقن تي حملو ڪري ڏنو ۽ ڏکڻ اوڀر چين ۾ اندر تائين داخل ٿي نانجنگ تائين پهچي ويا. ڪوئينگ فوجن جي بزدلي جي ڪري برطانوي اڳرائي خلاف وڏي مزاحمت نه ٿي سگهي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو شهنشاهه ڊائو گوانگ ۽ ٻئي حڪمران ٽولي سموري مزاحمت ختم ڪري برطانوي فوجن آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. 29 آگسٽ 1842ع ۾ نانڪنگ جي مقام تي هڪ امن معاهدي تي صحيحون ٿيون، جنهن تحت هانگ ڪانگ کي برطانيا جي قبضي ۾ ڏنو ويو. مطلب ته برطانيا نوآبادياتي سامراجي جبر ذريعي چين کي اڻ برابر ٺاهن تي مجبور ڪري ان جي مختلف علائقن ۽ خطن کي پنهنجين ڪالونين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. نانڪنگ جي معاهدي کان پوءِ برطانوي سامراج هانگ ڪانگ کي وري چين ۾ آفيم سپلائي جي اڏي طور استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. جنهن ڪمپني سڀ کان وڌيڪ آفيم سپلائي ڪئي اها اڄ به هانگ جي سڀ کان وڏي ڪمپني آهي، پر هينئر ان جي استحصال جو طريقو تبديل ٿي چڪو آهي. ان جي شين ۾ تبديلي اچي وئي، پر ان جا مقصد نه بدليا. برطانوي سامراج هر ڪالوني وانگر هانگ ڪانگ ۾ به پنهنجن مقامي ڇاڙتن کي سهولتون ڏئي انهن ذريعي اقتدار کي مضبوط ڪيو. ان وقت هانگ ڪانگ ۾ 17 امير ترين ماڻهو چيني هئا، جيڪي پنهنجي ڊيوٽي طور برطانوي سامراج جي مقصدن جي تڪميل ۾ لڳل هوندا هئا، ٻي عالمي جنگ کان پوءِ سامراجين ڪيترن ئي علائقن جي پنهنجن مفادن تحت ورهاست ڪئي، پر هانگ ڪانگ کي پهريان وانگر برطانوي اڏي طور رهڻ ڏنو. 1949ع ۾ جڏهن چيني انقلاب ڪامياب ٿيڻ وڃي رهيو هو ته آمريڪي سامراج پنهنجي اثر هيٺ علائقن کي انقلاب جي اثرن کان پري رکڻ لاءِ تمام گهڻي ترقي ڏني ۽ انهن علائقن ۾ سماجي استحڪام پيدا ڪيو.
ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ حالتون تبديل ٿي چڪيون هيون. برطانيا جي معيشت تباهه ٿي چڪي هئي. جڏهن ته 1949ع جي انقلاب کان پوءِ چين ۾ ترقيءَ جو عمل شروع ٿي چڪو هو. جنهن جي نتيجي ۾ چين دنيا جي خطي ۾ هڪ نئين طاقت طور اڀريو. جنهن سان چين ۽ برطانيا ۾ طاقت جو توازن چين جي حق ۾ اچي ويو، نه ته برطانيا پنهنجن سفارتي معاهدن تان ڦري به سگهيو پئي. هن اهو به ڄاتو ٿي ته جيڪڏهن هن ڪانگ ڪانگ جي واپسي ۾ سياڻپ کان ڪم ورتو ته چين فوجي ڪارروائي جو حق رکڻ سان گڏ ايئن ڪري به سگهي ٿو. تنهن هوندي به برطانيا هانگ ڪانگ جي واپسي پوئتي ڪرڻ لاءِ سفارتي طور تي جيڪو ڪري سگهيو ٿي اهو هن ڪيو، پر آخرڪار هو 1979ع ۾ چين سان ڳالهيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو. ان کان پوءِ برطانوي سامراج هڪ ٺڳ نمائندي ڪريس پيٽن کي هانگ ڪانگ جي آخري گورنر طور موڪليو ۽ ان 1991ع ۾ بنيادي حقن جو بل پاس ڪرايو ۽ هانگ ڪانگ تي ڊگهي برطانوي آمريت کان پوءِ اچانڪ جمهوري بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هن 400 ميمبرن تي ٻڌل هڪ اسيمبلي ٺاهي. هن اهڙن قدمن سان رڳو هانگ ڪانگ جي چين ڏانهن منتقلي ۾ ڏکيائيون پيدا ڪري دير ڪرڻ ٿي چاهي، صرف ايترو ئي نه پر ڪريس پيٽن پنهنجن مقامي ڇاڙتن سان ملي هڪ ”ڊيموڪريٽڪ پارٽي“ جو بنياد رکيو ۽ جڏهن چين طرفان هانگ ڪانگ جي منتقلي ڪميشن جي سربراهه لوپنگ اپريل ۾ هانگ ڪانگ جو دورو ڪيو ته هن پنهنجن ڇاڙتن ذريعي ان خلاف مظاهرا ڪرايا. وري سيپٽمبر 1995ع ۾ ڪريس پيٽن جي حامي جماعت ڊيموڪريٽڪ پارٽي آئيني ڪائونسل جون چونڊون کٽي ورتيون ۽ 1996ع ۾ 4 جون 1989ع جي نائينانمن اسڪوائر واقعي جي سالياني ڏينهن جي موقعي تي 20000 ماڻهن هانگ ڪانگ جي وڪٽوريا پارڪ ۾ ميڻ بتيون ٻاري چيني بيوروڪريسي خلاف احتجاج ڪيو. اهو سڀ ڪجهه پنهنجي جاءِ تي 30 جون 1997ع کان پهريان ئي شيڊول کان هٽي ڪري چيني صدر جي حڪم تي لبريشن آرمي جي 4 هزار جوانن جو هڪ خصوصي دستو هانگ ڪانگ ۾ اهم پوزيشن سنڀالڻ لاءِ موڪليو ويو، جنهن تي آمريڪي سامراج ڳڻتي ظاهر ڪئي، پر چيني حڪومت ان قدم کي معاهدي جي عين مطابق قرار ڏنو. هانگ ڪانگ کي چين حوالي ڪرڻ جون تاريخي تقريبون سمنڊ ڪناري ڪنوينشن سينٽر تي منعقد ٿيون، جتي برطانيا جي ولي عهد شهزادي چارلس هانگ ڪانگ کي باضابطا طور چين جي صدر جيانگ زي من حوالي ڪيو. ان تقريب ۾ گورنر ڪريس پيٽن، ان جي زال ۽ 3 ڌيئرون تمام اداس نظر اچي رهيون هيون.

ميڪائو چين کي واپس ملي ويو

جهڙيءَ طرح 1997ع جي سڀ کان وڏي خبر اها هئي ته هانگ ڪانگ چين کي واپس ملي ويو، اهڙي طرح 1999ع جي اهم ترين خبر هئي ته ميڪائو چين کي واپس ملي ويو ۽ ان تي پرتگال جي عملداري ختم ٿي وئي. 20 ڊسمبر 1999ع ۾ ان اهم واقعي جي پيش اچڻ سان ئي ايشيا ۾ 4 سو سالن واري تسلط کان پوءِ يورپ جي آخري نوآبادياتي به ختم ٿي وئي.
جزيري نما ميڪائو چين جي ڏاکڻي سامونڊي پٽي جي ويجهو هانگ ڪانگ کان 60 ميلن جي مفاصلي تي آهي. ميڪائو صرف 6 مربع ميل تي ۽ ٻن ننڍن ننڍن ٻيٽن تائيد ۽ ڪولون تي مشتمل آهي. 1990ع جي آدمشماري مطابق هن جي ڪل آبادي 5 لک 16 هزار هئي، جنهن ۾ 97 سيڪڙو چيني نسل جا ماڻهو هئا ۽ پرتگيزي صرف 5 سيڪڙو هئا. پرتگال ۽ چين جي وچ ۾ 1987ع ۾ هڪ معاهدو ٿيو هو، جنهن تحت پرتگال اعلان ڪيو هو ته هو 1999ع ۾ هي جزيرو چين کي واپس ڪري ڇڏيندو.
ميڪائو جي تاريخ گذريل ڪيترن ئي صدين تي پکڙيل آهي. 1513ع ۾ پهريون پرتگيزي بحري جهاز پرل درياءَ ۾ پهتو، ان کان پوءِ جهازن جي اچ وڃ شروع ٿي وئي. ان وقت هتي منگ نسل جو چيني شهنشاهه حڪمران هو. 1557ع ۾ هن اهو جزيرو پرتگال حوالي ڪري ڇڏيو. اها ايشيا ۾ يورپ جي پهرين نوآبادياتي هئي ۽ سالن جا سال ان جو واپار صرف چين تائين محدود هو، ڇاڪاڻ ته چين ئي ان جي سڀ کان ويجهي سرزمين هئي. 1553ع ۾ ميڪائو ۽ چين وچ ۾ سرڪاري واپاري معاهدو ٿيو، ان کان پوءِ جاپان سان به واپاري رابطا ٿي ويا پر بعد ۾ جڏهن هانگ ڪانگ ۽ ڪنسٽون جي واپاري اهميت وڌي وئي ته ميڪائو جو واپار آهستي آهستي گهٽجي ويو. شروع ۾ واپارين کي ڪنسٽون ۾ صرف نومبر کان مئي تائين داخل ٿيڻ جي اجازت هئي، ان ڪري واپارين ميڪائو ۾ ديرا ڄمائي ورتا.
19 هين صدي جي وچ ۾ بين الاقوامي بحري واپار ۾ هانگ ڪانگ ميڪائو کي پوئتي ڇڏي ويو ۽ ڪجهه ئي سالن ۾ ميڪائو جون واپاري سرگرميون ايستائين ٿڌيون ٿي ويون، جو انهن کي ٻيهر عروج نصيب نه ٿيو. ميڪائو تي جيتوڻيڪ پرتگال جي عملداري رهي، پر هتي ڪڏهن به پرتگيزين جي آبادي ۾ اضافو نه ٿيو. هتي اڄ به 97 سيڪڙو چيني نسل جا ماڻهو آباد آهن. جيڪي ٻڌمت ۽ عيسائيت جا پيروڪار آهن. پرتگيزين جو چوڻ آهي ته 16 هين صدي عيسوي ۾ هنن هن علائقي ۾ بحري ڦرلٽ جو خاتمو آندو ۽ ميڪائو جا چيني حڪمران ڏاڍا احسانمند هئا، ان ڪري انهن پرتگيزين کي هتي رهڻ جي اجازت ڏني هئي. جڏهن ته چينين جو چوڻ آهي ته پرتگيزي هتي واپار جي بهاني آيا هئا ۽ جڏهن انهن جو واپار چمڪي پيو ته هنن چيني حڪمرانن کي رشوت ڏئي ميڪائو تي قبضو ڪري ورتو، پر ان جي بدلي ۾ اهي چيني حڪمرانن کي ساليانو رقم ادا ڪندا هئا.
چينين جڏهن 1842ع ۾ هانگ ڪانگ برطانيا جي حوالي ڪري ڇڏيو ته پرتگال ميڪائو جو مطالبو ڪيو، جيتوڻيڪ هنن 1849ع ۾ ان کي فري پورٽ قرار ڏئي چينين جا ڪسٽم هائوس ختم ڪري ڇڏيا ۽ ميڪائو تي مڪمل پرتگيزي عملداري جو اعلان ڪري ڇڏيو. چين 1887ع تائين پرتگال جي ان قدم جي مخافلت ڪئي، پر پوءِ رسمي طور ان کي پرتگال جي حوالي ڪري ڇڏيو. 1976ع ۾ پرتگال ميڪائو کي انتظامي، مالي ۽ اقتصادي طور خودمختياري ڏئي ڇڏي.
ميڪائو قدرتي وسيلن جي لحاظ سان مالامال ناهي. هتي ٿورو گهڻو مڇي جو شڪار ٿيندو آهي. هي هڪ فري پورٽ آهي، پر واپار جو مقدار گهڻو ناهي. چين کي ٽيڪسٽائيل مصنوعات، رانديڪا، هٿرادو گل، چيني شراب ۽ اليڪٽرانڪس جي مصنوعات فراهم ڪندو آهي. سياحت هن ملڪ لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. تجزيو ڪندڙن موجب هانگ ڪانگ ۾ پوري دنيا مان سياح ايندا آهن، پر انهن جي ڌيان جو مرڪز ميڪائو هوندو آهي. جنهن جا جوا جا اڏا، شراب جا اڏا، مساج پارلر ۽ ان قسم جون ٻيون تفريح واريون شيون سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿيون وٺن. ميڪائو ۽ هانگ ڪانگ وچ ۾ نه رڳو روايتي ٻيڙيون پر جديد فيريز ڏينهن رات هلنديون رهنديون آهن. 1997ع ۾ چين ۽ پرتگال وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا. 1987ع ۾ چين ۽ پرتگال وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن تحت اهو طئي ٿيو ته ميڪائو ۾ 50 سالن تائين ماڻهن کي پنهنجا نمائندا پاڻ چونڊڻ ۽ پنهنجي مقامي قانون مطابق زندگي گذارڻ جي آزادي حاصل هوندي. ميڪائو جو انتظام ۽ ڪاروهنوار ان وقت هڪ گورنر حوالي هو، جنهن کي پرتگال طرفان مقرر ڪيو ويو هو. ان جي مشاورت لاءِ هڪ قانون ساز اسيمبلي هوندي هئي. ميڪائو ۾ سرڪاري طور تي پرائمري تعليم لازمي آهي.
ميڪائو ۽ هانگ ڪانگ جيتوڻيڪ ويجها آهن، پر ٻنهي جي حالتن ۾ ڪافي فرق ٿو ملي. ان جو هڪ سبب اهو آهي ته برطانيا پنهنجي حڪمراني جي آخري دؤر ۾ هانگ ڪانگ ۾ ڪجهه جمهوري سڌارا لاڳو ڪيا هئا، جنهن ڪري هتي ڪرپشن نظر نه ٿي اچي. ان جي مقابلي ۾ ميڪائو جي اسيمبلي جزوي طور چونڊيل آهي، جنهن ۾ چينين جو عمل دخل گهڻو آهي. هتان جون معاشي ۽ سماجي حالتون ڪڏهن به سٺيون ناهن رهيون. پرتگال 1974ع ۾ به اها آڇ ڪئي هئي ته هو ميڪائو تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهي، پر پاڻ چين ان آڇ کي قبول نه ڪيو ۽ چيو ته هو انتظار ڪري سگهي ٿو. حقيقت ۾ 1997ع کان ئي ميڪائو کي ٽيڪنيڪل طور چين جو حصو سمجهيو ويو هو. هتي جمهوريت جي ڪڏهن به حوصلا افزائي نه ڪئي وئي هئي، جنهن جو سبب اهو هو ته هتي ڪرپشن عروج تي هئي، بيروزگاري جي شرح 6 سيڪڙو هئي، جوا جي اڏن جي ڪري هتي ڏوهن جي شرح هميشه وڌيڪ رهي. زير زمين ڳجها ڏوهاري گروهه هميشه پاڻ ۾ اٽڪيا پيا هوندا هئا. 1998ع ۾ ميڪائو ۾ 28 ماڻهو قتل ڪيا ويا، جڏهن ته 1999ع ۾ 37 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، انهن حالتن جي ڪري سياسي تجزئي نگارن جو خيال آهي ته ميڪائو ۾ اقتدار جي تبديلي اميد کان وڌيڪ خوف جي فضا ۾ واقع ٿي رهي آهي.

مستقبل جو چين

2 جون 2001ع تي جاپان جي خابرو ايجنسي”Kyodo“ جي جاري ڪيل هڪ خبر عالمي سياست جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿي، ان خبر مطابق جاپان جي نئين اتحادي حڪومت ۾ شامل 3 وڏين پارلياماني سياسي پارٽين جي سيڪريٽري جنرل، جيڪو آمريڪا جي دوري تي هو، واشنگٽن ۾ آمريڪا جي اعليٰ اختيارين سان ملاقات ڪئي. ڳالهين دوران آمريڪي نائب دفاعي وزير ۽ ايشيا لاءِ نائب پرڏيهي وزير رچرڊ آمرٽيج چين کي ايشيا لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو ۽ جاپان تي زور ڏنو ته ان حوالي سان دفاعي معاملن ۾ جاپان آمريڪا جو ساٿ ڏي. آمريڪي اختيارين انديشو ظاهر ڪيو ته ايشيا جو اهو علائقو، جيڪو دنيا جي وڏي آبادي وارن ملڪن تي مشتمل آهي، جنگ ۾ اچي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته جزيري نما ڪوريا، چين، انڊونيشيا، ڀارت ۽ پاڪستان وڏيون فوجي قوتون آهن. کي اهو به ٻڌايو ويو ته بش انتظاميا جي منصوبي موجب آمريڪي فوجي حڪمت عملي ۽ منصوبابندي جو رخ يورپ کان ايشيا طرف موڙڻ چاهي ٿي ۽ اها آمريڪا جي فوجي منصوبا بندي جو حصو آهي.
آمريڪي اختيارين ۽ جاپاني سياستدانن کي اها به خبر هئي ته جاپان جو آئين عالمي مسئلن کي عسڪري انداز ۾ حل ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏي. ان لاءِ جاپان جي آئين ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي، ڪجهه تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته آمريڪا هاڻي چين جو گهيرو ڪرڻ ٿو چاهي. سرد جنگ جي خاتمي جي تقريبن 11 سالن کان پوءِ عالمي سطح تي سياسي لحاظ سان اها سڀ کان وڏي تبديلي هوندي. آمريڪا دنيا جو واحد ملڪ آهي، جنهن کي جنگين مان فائدو پهتو آهي، پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ آمريڪا جنگ جي آخري دؤر ۾ شامل ٿيو، اهڙي طرح ٻي مهاڀاري لڙائي جي آخر ۾ اتحادين ۾ شامل ٿيو. انهن ٻنهي جنگين ۾ آمريڪا کي اهو فائدو پهتو، جو جنگ کان پري رهي هٿيارن ۽ ٻين شين جي واپار تي ڇانئجي ويو. جيئن ته اهو 7 سمنڊ پار واقع هو، ان ڪري جنگ جي شعلن کان به محفوظ رهيو، جنهن ڪري پوري دنيا جو سرمايو ۽ ذهين ماڻهو آمريڪا ۾ گڏ ٿي ويا ۽ ايئن آمريڪا هڪ نئين سامراج طور اُڀري سامهون آيو.
1945ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي جي خاتمي کان پوءِ گڏيل قومن جو ادارو قائم ٿيو. آمريڪا، برطانيا، فرانس ۽ روس کي سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل سيٽ ۽ ويٽو پاور ڏنو ويو. چين پوءِ گڏيل قومن ۾ شامل ٿي اها سيٽ حاصل ڪري سگهيو. گڏيل قومن ۾ چين جي سيٽ ۽ آمريڪا چين لاڳاپن ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو. ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ روس، آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس جو جرمني خلاف اتحاد هو، پر جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ انهن ۾ سرد جنگ شروع ٿي وئي، جيڪا آمريڪي پاليسي جو حصو هئي. اهڙي طرح آمريڪا يورپ سميت پوري دنيا کي اهو تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته جيڪڏهن سوويت يونين کي نه روڪيو ويو ته اهو پنهنجي اشتراڪي نظام سان گڏ پوري دنيا تي قابض ٿي ويندو. ان خطري جو احساس ڏياريندي اولهه يورپ جي ملڪن تي ٻڌل آمريڪا نيٽو بلاڪ جوڙيو، جنهن جي مقابلي ۾ روس اوڀر يورپ جي ڪميونسٽ ملڪن تي ٻڌل هڪ گروپ وارسا معاهدي جي حوالي سان جوڙيو. جرمني جيڪو پهرين ۽ ٻين مهاڀاري لڙائي ۾ پوري دنيا سان اٽڪيو ويٺو هو، ان کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. اوڀر جرمني کي وارسا معاهدي تحت سوويت يونين ميزائيلن ۽ ايٽمي هٿيارن جو ڳڙهه بڻائي ڇڏيو، ايئن ئي آمريڪا اولهه جرمني ۾ ڪيو. ان حڪمت عملي سان فرانس ۽ برطانيا ان لاءِ خوش هئا ته جيڪڏهن ٽين مهاڀاري لڙائي لڳي ته ان جو ميدان ٻنهي طرفن کان جرمني هوندو.
1945ع کان 1990ع تائين آمريڪا پوري دنيا جي سرمائيدارن ۽ ذهين ماڻهن کي ذهني طور ان خوف ۾ مبتلا رکيو ته آمريڪا ئي سرمائي ۽ اعليٰ ذهني صلاحيتن کي بچائي سگهي ٿو ۽ روس پوري دنيا کي تباهه ڪري ڇڏيندو. 1990ع ۾ سرد جنگ جي خاتمي جو اعلان ٿي ويو، جيتوڻيڪ نيٽو جو جواز نه هو پر نيٽو جي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ عراق جي حوالي سان مختصر عرصي جو جنگي ڊرامو رچائي پوري دنيا ۾ خوف جي فضا قائم ڪئي وئي. ان بابت آمريڪا کي اندازو هو ته اهو ڊرامو گهڻي وقت تائين جاري نه رهي سگهندو. ان ڪري هن کي هڪ ٻي سرد جنگ درپيش هئي، هاڻي آمريڪي پاليسي جا پول پڌرا ٿيڻ کان پوءِ اندازو ٿي رهيو آهي ته ان نئين جنگ جو آغاز ايشيا جي خطي سان چين جي خلاف هوندو.
چين ۾ مائوزي تنگ جي قيادت ۾ 1948ع ۾ انقلاب آيو، چين جي ايراضي 957290 ڪلوميٽر آهي، جيڪا سڄي دنيا جي زمين جو چوڏهون حصو آهي.اها ايراضي تقريباً يورپ کنڊ جي برابر آهي. خشڪي تي چين جون سرحدون تقريباً 12400 ميل ڊگهيون آهن ۽ ان جو سمنڊ 8 هزار 7 سو ميل ڊگهو آهي. خشڪي تي چين جون سرحدون منگلوليا، روس، اتر ڪوريا، ويٽنام، لائوس، برما، ڀارت، ڀوٽان، نيپال، پاڪستان، افغانستان، تاجڪستان، ڪرغستان ۽ قازقستان سان ملن ٿيون. سمنڊ ۾ چين جي ويجهو ڏکڻ ڪوريا، جاپان فلپائن وغيره آهن. چين جي پوري علائقي کي 31 انتظامي ضلعن ۾ ورهايو ويو آهي. جيڪي سڌاسنوان مرڪزي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهن. انهن ۾ 22 صوبا، 5 خودمختيار علائقا ۽ 3 ميونسپل ڪاميٽيون شامل آهن. جڏهن ته هانگ ڪانگ ۽ ميڪائو کي خصوصي علائقو قرار ڏنو ويو آهي. تائيوان جزيري تي چين جي دعويٰ 1949ع کان آهي. پوري دنيا جي آبادي جو پنجون حصو چيني باشندن تي مشتمل آهي. هن وقت چين جي آبادي تقريباً هڪ ارب 20 ڪروڙ آهي، چين دنيا جي قديم تهذيبن مان هڪ جو امين آهي، جيڪا 4 هزار سال کان وڌيڪ پراڻي آهي. چين ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني آفيم کي هٿي وٺرائي ۽ 40-1839ع ۾ پهرين آفيم جي جنگ ٿي. واپاري لحاظ سان ٻي جنگ برطانيا ۽ چين وچ ۾ 60-1856ع وچ ۾ لڳي.
نسلي ۽ لساني حوالي سان چيني دنيا جي سڀ کان وڏي متحد قوم آهي. چيني قوم هڪ ٿي ڊگهي عرصي تائين نهايت صبر سان جدوجهد ڪري سگهي ٿي. ان جو مثال ديوار چين جي تعمير ۽ مائوزي تنگ جو تاريخي لانگ مارچ آهي، حڪمرانن جي فرمانبرداري ڪرڻ جو جذبو چيني قوم ۾ ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. چينين ۾ حسن ۽ جماليت به وڌيڪ آهي. خاص طور تي ننڍين شين ۾ خوبصورتي پيدا ڪرڻ جو هنن جو پنهنجو انداز آهي. انهن ئي صلاحيتن ۽ خوبين جي ڪري اڳوڻي سوويت يونين جي مقابلي ۾ چين ۾ اشتراڪي نظام ان حوالي سان وڌيڪ ڪامياب رهيو. چين جون شيون خوبصورتي ۽ معيار سان گڏوگڏ گهٽ قيمت جي ڪري پوري دنيا جي مارڪيٽ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن.
چين جي تاريخ جي مطالعي مان اندازو ٿئي ٿو ته باوجود هڪ وڏي قوم هجڻ جي چين تاريخ ۾ هميشه مجموعي طور اڳرائي کان پاسو ڪيو ۽ ڪوشش ڪئي ته جنگ کان پري رهي امن ۽ تهذيب کي هٿي وٺرائي، شايد ان لاءِ چينين وحشي قبيلن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تمام وڏي فوج رکڻ بدران ديوار چين تعمير ڪئي ته جيئن پنهنجو دفاع ڪري سگهن.
آزادي ۽ انقلاب جي حوالي سان جيڪڏهن اسان جديد چين جي تناظر ۾ چين جي پاليسين جو جائزو وٺون ته چيني قوم جو تاريخي مزاج اتي به نظر اچي ٿو. انقلاب کان پوءِ چين پورو ڌيان ملڪ جي ترقيءَ تي ڏنو ۽ اڳوڻي سوويت يونين وانگر نه ڪنهن ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪئي ۽ نه وري سوويت بلاڪ ۾ رهي آمريڪي بلاڪ جي خوف خلاف محاذ ٺاهيو. اهوئي سبب آهي جو انقلاب جي ٿوري ئي عرصي کان پوءِ روس ۽ چين ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا.
1945ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي جي خاتمي کان پوءِ جڏهن نيٽو ۽ وارسا معاهدي جي حوالي سان آمريڪا ۽ سوويت بلاڪ هڪ ٻئي کان سرد جنگ ۾ گوءِ کڻي وڃڻ ٿي چاهي ته چين سرد جنگ کان پاڻ کي پري رکيو، هڪ ڊگهي عرصي تائين چين آبادي جي ڪنٽرول تي ڌيان نه ڏنو، پر هاڻي چين ۾ قانون تحت هڪ جوڙي کي صرف هڪ ٻار ڄڻڻ جي اجازت آهي، هاڻي چين ۾ آبادي ۾ اضافي جي رفتار ترقي جي مقابلي ۾ گهٽ ٿي وئي آهي ۽ ان جا نمايان اثر ايندڙ 10 يا 15 سالن ۾ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا. اصل ۾ اهوئي خوف اولهه يورپ ۽ آمريڪا کي کائي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته پنڌرهن ويهن سالن تائين چين پنهنجي ان حڪمت عملي ۽ منصوبابندي تحت ترقي ڪندو رهيو ته هو دنيا جي سڀ کان وڏي اقتصادي، سياسي ۽ فوجي قوت بڻجي ويندو. ايندڙ سالن ۾ ان جي آبادي ڪنٽرول ۾ اچي ويندي بلڪ دنيا تي مڙهيل سرمائيداراڻو نظام ناڪام ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته هن وقت چين جي اشتراڪي نظام ۾ وقت جي ضرورت سان گڏ لچڪ پيدا ڪندي سڌارا جاري آهن.
چين جي معاشي ترقي جي سطح بلند ٿي رهي آهي. مثال طور 1945ع ۾ چين جا ناڻي جا ذخيرا 79 بلين ڊالر هئا ۽ 1996ع ۾ اهي ذخيرا وڌي 130 بلين ڊالرن تائين پهچي ويا. هن وقت يعني 2006ع ۾ چين ۾ 1600 جي لڳ ڀڳ زرعي سائنس جي تحقيق جا ادارا موجود آهن، جن ۾ 85000 هزار ماهر ڪم ڪري رهيا آهن. صرف زرعي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ 55000 تائين تدريسي عملو آهي، جيڪو تحقيق ۽ تربيت جو ڪم ڪري رهيو آهي. پوري چين ۾ 14.00.000 زرعي ڪارڪن ڪم ڪري رهيا آهن ۽ پوري چين ۾ زرعي شعبي ۾ حڪومت 20 بلين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن وقت دنيا جي 500 ملٽي نيشنل ڪمپنين مان 40 ڪمپنيون چين ۾ ڪم ڪري رهيون آهن ۽ وڌيڪ غيرملڪي سيڙپڪارن کي تربيت ڏني پئي وڃي. چين خوراڪ ۾ پاڻڀرو آهي، هٿيار ٺاهڻ ۾ هو دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي، اتي صنعتي ترقي جي رفتار تمام تيز آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ جيتوڻيڪ چيني شين جي رستا روڪ جاري آهي، پر چيني شيون قيمت ۽ معيار جي لحاظ کان مقابلي ۾ ڪيترن ئي ترقي يافتا ملڪن کي پوئتي ڇڏي ويون آهن. ان جي ميزائيل ٽيڪنالاجي ۽ ايٽمي ترقي کان آمريڪا ۽ روس ٻئي ڊنل آهن. انهن حالتن ۾ آمريڪي انتظاميا پنهنجي فوجي حڪمت عملي ۽ منصوبا بندي کي يورپ کان ايشيا ڏانهن منتقل ڪري رهيو آهي ۽ چين جو گهيرو تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. ان تناظر ۾ جڏهن اسان نيپال ۾ پيش آيل واقعن جو جائزو وٺون ٿا ته ڳڻتي ٿي ٿئي. چين وانگر نيپال به دنيا جو قديم ترين ملڪ آهي. هماليه جبل جي ڪڇ ۾ واقع دنيا جي هن واحد هندو بادشاهت ۽ سلطنت جي پکيڙ 147000 مربع ڪلوميٽر آهي. نيپال کان ئي دنيا جي بلند ترين جابلو چوٽي مائونٽ ايوريسٽ جو رستو وڃي ٿو. نيپال جي هڪ اهميت اها به آهي ته هن جي سرحد هڪ طرف کان چين جي علائقي تبت ۽ ٻئي طرف ڊگهي سرحد ڀارت سان ملي ٿي. ان ملڪ جي 90 سيڪڙو آبادي هندو آهي. 5 سيڪڙو ٻڌ آهي ۽ تقريبن 3 سيڪڙو مسلمان آهن. ان جي ٽوٽل آبادي 2 ڪروڙ 34 لک آهي. نيپال جو شمار دنيا جي غريب ترين ملڪن ۾ ٿيندو آهي، اهو ڪافي عرصي تائين برطانيا جي اثر هيٺ رهيو ۽ 1951ع ۾ نيپال ۾ بادشاهت سان گڏوگڏ پارلياماني جمهوريت کي آئيني حيثيت حاصل ٿي.
چين ۾ تبت جي علائقي کي تڪراري قرار ڏيڻ جي سازش ۾ ڀارت شريڪ رهيو آهي. ان جي شروعات 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ٿي، جڏهن تبت جي روحاني پيشوا ”دلائي لامه“ چين مان فرار ٿي ڀارت ۾ سياسي پناهه حاصل ڪئي ۽ 1962ع ۾ چين سان ڀارت جون سرحدي جهڙپون شروع ٿي ويون. اهو ئي اهو موڙ آهي جڏهن چين جا پاڪستان سان دوستاڻا لاڳاپا تيزي سان مستحڪم ٿيڻ شروع ٿي ويا. نيپال کي مستقبل ۾ چين جي علائقي تبت ۾ عليحدگي جي تحريڪ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، پر نيپال ۾ به عوام جو هڪ وڏو انگ مائوزي تنگ جي نظرين جو حامي آهي. هن نيپال ۾ بادشاهت جي خاتمي لاءِ گوريلا تحريڪ شروع ڪئي هئي، جنهن ۾ ڪجهه سال پهريان چند سؤ ماڻهو شامل هئا، پر هينئر انهن گوريلن جو تعداد 30 هزار کان به ٽپي چڪو آهي ۽ هنن شاهي خاندان کان پنهنجا وڏا مطالبا مڃرايا به آهن.
چين جي حوالي سان آمريڪي پاليسين کي نظر ۾ رکندي پاڪستان کي تمام گهڻو احتياط ڪرڻو پوندو. ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته پاڪستان 54 سالن ۾ ڀارت کان سياسي ۽ خارجي سطحن تي شڪست کاڌي آهي. پاڪستان کي پهرين شڪست سياسي محاذ تي 49-1948ع ۾ ڪشمير مسئلي تي ان وقت ٿي، جڏهن لياقت علي خان گڏيل قومن ۾ ڀارتي وزيراعظم پنڊت نهرو جي ڪوششن تي گڏيل قومن طرفان جنگ بندي قبول ڪري ورتي. ڀارت گڏيل قومن جي ان قرارداد کي قبول ڪيو هو ته ڪشمير ۾ ووٽنگ ٿيندي. چيو ويو آهي ته 1962ع ۾ ڀارت ۽ چين وچ ۾ سرحدي جهڙپون جاري هيون ته پاڪستان جنگ ڪري ڪشمير آزاد ڪرائي ٿي سگهيو. پاڪستان اهو موقعو ان ڪري ضايع ڪري ڇڏيو جو اهو عالمي سياست ۽ خارجي معاملن جو صحيح اندازو نه لڳائي سگهيو، اهڙي طرح 1965ع ۾ هارايل جنگ به ڀارت سفارتي ۽ خارجي سطح تي پاڪستان کان کٽي ويو.
1980ع جي ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ روس خلاف جدوجهد ۾ پاڪستان جي اهميت آمريڪا ۽ اولهه ملڪن لاءِ وڌي وئي، اهوئي اهو دؤر آهي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر ۾ شروع ڪيل ايٽمي پروگرام کي ميزائل ٽيڪنالاجي سان گڏ تيزي سان اڳتي وڌايو ويو. 85-1984ع تائين جنرل ضياءُالحق جي دؤر ۾ پاڪستان نه صرف ايٽمي هٿيار ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو، پر انهن کي استعمال ڪرڻ لاءِ ميزائيل ٽيڪنالاجي کي به ترقي ڏني وئي هئي. اهوئي اهو دؤر هو جڏهن روس جي حيثيت ۽ فوجي قوت جي چيلهه چٻي ٿي رهي هئي ۽ هن افغانستان مان نڪرڻ لاءِ معاهدو ڪرڻ ٿي چاهيو. 86-1985ع تائين 3 سال ايترا اهم هئا، جو جيڪڏهن پاڪستان ڪشمير آزاد ڪرائڻ چاهي ها ته ڪرائي ٿي سگهيو پر پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سطح تي سفارتي ۽ سياسي صورتحال جو صحيح اندازو نه لڳائي سگهيو. 1990ع کان پوءِ روس جون حالتون خراب ٿيڻ شروع ٿي ويون ته هٿيار ٺاهڻ جي ڪارخانن ۾ ڪم بند ٿي ويو. ڀارتي فوج جا 80 سيڪڙو هٿيار روسي هئا، تنهن ڪري سپلاءِ ۾ دير ٿي رهي هئي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪمزور سياسي قيادت ان موقعي تي ڪوبه جرئتمنداڻو فيصلو نه ڪري سگهي.
پاڪستان 1971ع ۾ چين- آمريڪا لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي اهو دؤر آهي جڏهن سرد جنگ جي حوالي سان آمريڪا، روس، ڀارت، عربن ۽ اسرائيل جي علائقن ۾ آمريڪي پاليسين ۾ واضح تبديليون ظاهر ٿي رهيون هيون. 1967ع جي عرب اسرائيل جنگ کان پوءِ مصر روس کان ان وقت جديد روسي ”سام ميزائل“ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. 1969ع ۾ چين ۽ روس ۾ سرحدي جهڙپون ٿيون ۽ آمريڪا ڊگهي عرصي تائين ويٽنام ۾ جاري رهندڙ جنگ جو نقصان برداشت ڪري ويٽنام مان واپس ٿيڻ ٿي چاهيو. ان وقت جي آمريڪي صدر نڪسن حالتن موجب چين سان بهتر لاڳاپن ۽ مفادن کي هٿي وٺرائي آمريڪا کي ويٽنام مان ڪڍڻ ٿي چاهيو. جولاءِ 1971ع ۾ ان سلسلي ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ آمريڪي وزيرخارجه هنري ڪسنجر چين جو ڳجهو دورو ڪيو. هي اهو دور آهي جڏهن 1970ع جي چونڊن کان پوءِ پاڪستان ۾ سياسي بحران شدت اختيار ڪري ويو ۽ ڀارت 1965ع جي جنگ جو بدلو وٺڻ لاءِ عالمي سطح تي سفارتي، خارجي ۽ سياسي محاذن تي ڪامياب حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيو هو ۽ ٻئي طرف اوڀر پاڪستان جي حوالي سان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ تيزي سان مداخلت ڪري رهيو هو. غيرجانبدار ملڪن جي تحريڪ ۽ اسلامي خاص طور تي عرب ملڪن ۾ روسي اثرن تحت هو پاڪستان کي آمريڪي مفادن جو رکوالو ثابت ڪري عالمي سطح تي تڪراري بڻائي رهيو هو.
جڏهن چين ۽ آمريڪا جي ڳجهن لاڳاپن جي سوويت يونين کي خبر پئي ته 9 آگسٽ 1971ع ۾ روس ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ ڊگهي مدي وارو دفاعي معاهدو ٿيو، ان ٺاهه جي ڪري آمريڪا اهو ڪردار ادا نه ڪري سگهيو، جيڪو هو ڊسمبر 1971ع ۾ ادا ڪري ٿي سگهيو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڀارت ۽ روس وانگر ڪو به فوجي تعاون جو ٺاهه نه هو. ايئن 1971ع جي جنگ ۾ به پاڪستان عالمي سطح تي سفارتي ۽ سياسي طور ناڪام رهيو.
1969ع کان آمريڪي ۽ روسي پاليسين ۾ تبديلي جا اثر 1971ع جي پاڪ ڀارت جنگ کان سواءِ 1973ع جي عرب اسرائيل جنگ تي به پيا. هي اهو زمانو آهي جڏهن آمريڪا ويٽنام مان نڪرڻ ۾ ته ڪامياب ٿي ويو، پر 1971ع ۽ 1973ع جي جنگين جي حوالي سان عالمي سطح تي آمريڪا کي روس جي مقابلي ۾ تمام گهڻو پوئتي هٽڻو پيو. 1974ع ۾ پاڪستان ۾ اسلامي سربراهه ڪانفرنس منعقد ٿي. 1973ع جي جنگ ۾ تيل کي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو آمريڪا جي مقابلي ۾ چين جي وڌيڪ ويجهو اچي ويو ۽ روس سان پاڪستان جا لاڳاپا بهتر ٿي نه سگهيا. اسلامي ملڪن ۾ روس جي حوالي سان آمريڪي مفادن خلاف منصوبا بندي ۽ حڪمت عملي کي هوا ڏني وئي. ذوالفقار علي ڀٽو شمله معاهدي ذريعي ڪشمير مسئلي کي زنده رکيو، پر ان مسئلي تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي. 1990ع کان 1999ع جي دؤر ۾ اهم واقعو ڪارگل جو مسئلو هو ان جا ڪيترائي پاسا آهن، پر سڀ کان اهم پهلو اهو آهي ته ان واقعي کان پوءِ ڀارت آخر ان ڳالهه تي مجبور ٿيو ته ڪشمير مسئلي تي پاڪستان سان ڳالهيون ڪري.
آمريڪي پاليسين ۾ تازي تبديلي جي حوالي سان خاص طور ڏکڻ ايشيا ۾ صورتحال ماضي جي مقابلي ۾ بلڪل مختلف ٿي وئي آهي. آمريڪا چين جو گهيرو ڪري رهيو آهي. چين جون سرحدون 14 ملڪن سان ملن ٿيون. سمنڊ کان 3 ملڪ هن جي ويجهو آهن، تائيوان چين لاءِ هڪ اهم مسئلو آهي. نيپال ۾ ڀارتي ايجنسي را جو وڏو نيٽ ورڪ گهڻي عرصي کان ڪم رهيو آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن نيپال ۾ تازن واقعن جي حوالي سان چين نواز عنصر طاقتور ٿيا آهن ته ڀارت هتي به چين خلاف اهڙيون حالتون پيدا ڪري سگهي ٿو، جهڙيون افغانستان ۾ روس خلاف هيون. جيڪڏهن چين نيپال ۾ فوجي مداخلت ڪري ها ته ان کي روس وانگر نقصان پهچي ها ۽ جيڪڏهن اتي آمريڪا ۽ ڀارت نواز عنصر طاقتور هجن ها ته ان ڳالهه جو انديشو آهي ته ايندڙ سالن ۾ چيني علائقي تبت ۾ عليحدگي جي تحريڪ کي هوا ڏني ويندي. اهي ٻئي صورتون چين لاءِ پريشاني جو سبب هونديون، ڇو جو چين جي اها پاليسي رهي آهي ته هو ڪنهن جنگ يا تڪرار ۾ الجهڻ کان سواءِ تيزي سان ترقي ڪري. جيڪڏهن چين روس ۽ آمريڪا وانگر جنگ ۾ الجهي ويو ته ڊگهي عرصي تائين چين لاءِ فوجي يا جنگي نوعيت جا خرچ برداشت ڪرڻ ڏکيو هوندو. اهڙي طرح چين کي اندروني طور به ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ٿي سگهي. جيئن روس سان افغانستان جي جنگ ۾ ٿيو هو. جڏهن ته چيني قيادت مان اها اميد آهي ته اها اهڙي خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر کان بهتر حڪمت عملي ترتيب ڏيندي.
جيڪڏهن نيپال ۽ تبت چين لاءِ افغانستان بڻجن ٿا ته ڀارت جي پوزيشن اهڙي ئي هوندي جهڙي روس افغان جنگ ۾ پاڪستان جي هئي. ايئن ڀارت کي روس ۽ يورپ سان گڏوگڏ ڀرپور آمريڪي حمايت ۽ امداد حاصل ٿي سگهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ آمريڪا، يورپ ۽ روس جي ڪوشش هوندي ته پاڪستان تي ڀارت سان دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ زور وڌو وڃي ۽ ٿوري گهڻي اميد اها به آهي ته ڪشمير مسئلو حل ڪرايو وڃي. اهو به ممڪن آهي ته ڀارت پاڪستان کي ڊگهي عرصي تائين ڳالهين ۾ منجهائي رکي ۽ وڏين قوتن جي تعاون سان پاڪستان کي اقتصادي ۽ سياسي طور تي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، ان لاءِ هاڻي ڀارت اها ڪوشش ڪندو ته ڪشمير ۾ مجاهدن جون ڪارروايون ڪهڙي طرح بند ٿي وڃن ۽ هو مقبوضه ڪشمير مان پنهنجي 7 لک فوجي ڪڍي سگهي.
ان نئين صورتحال ۾ چين کي ڪهڙيون ڪهڙيون پريشانيون آهن، ان جو اندازو چين جي قيادت کي آهي. چين خلاف اها هڪ ڊگهي سرد جنگ هوندي، جنهن ۾ تائيوان ۽ نيپال جي محاذن کان سواءِ به گوريلا جنگ جا محاذ کلي سگهن ٿا، اقتصادي ۽ سياسي طور تي به عالمي سطح تي چين جي ناڪابندي ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن چيني قيادت ٻڌي ۽ اعليٰ صلاحيتن کي ڪتب آڻي ته چين سرد جنگ کي گهڻي عرصي باوجود به کٽي سگهي ٿو. چين خلاف آئنده شروع ٿيندڙ امڪاني سرد جنگ ۾ آمريڪا، برطانيا، جاپان ۽ فرانس جهڙين قوتن کي علائقي ۾ ڪنهن مرحلي تي ايٽمي هٿيارن جي استعمال جو به انديشو آهي.
چين جي ڀرپاسي 18 ملڪ اهڙا آهن، جن جي مجموعي آبادي دنيا جي تقريباً اڌ آبادي جي برابر آهي. هي علائقو پنهنجي پيداوار ۽ منڊيءَ جي حوالي سان به اهم آهي. ايئن نين حالتن تحت انهن قوتن جي ڪوشش هوندي ته علائقي ۾ ايٽمي جنگ نه ٿئي. هن علائقي ۾ چين، ڀارت ۽ پاڪستان ٽئي ايٽمي طاقتون آهن. اهوئي اهو نڪتو آهي، جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشمير مسئلي تي ڳالهين لاءِ تمام اهم آهي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا، فرانس ۽ برطانيا ڄاڻين ٿا ته جيڪڏهن پاڪستان کي طاقت جي دؤر تي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته علائقي ۾ ايٽمي جنگ لڳي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ايٽمي جنگ لڳي وئي ته هڪ طرف ايٽمي تباهي سان وڏين ڪمپنين جي ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڪيل اربين، کربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ۽ قرضن جو نقصان ٿيندو ته ٻئي طرف چين خلاف ترتيب ڏنل منصوبو به اونڌو ٿي ويندو.
ٻئي طرف چيني قيادت به آمريڪي منصوبا بندي کان بي خبر ناهي روس ۽ چين گڏجي آمريڪي عراق ۽ افغانستان تي قبضي ۽ وچ ايشيا ۾ ان جي فوج جي موجودگي جي حوالي سان پنهنجون پرڏيهي پاليسيون ترتيب ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته آمريڪا روس خلاف ان جي اڳوڻين رياستن ۽ چين خلاف پنهنجن نون اتحادين جاپان، ڏکڻ ڪوريا، آسٽريليا ۽ انڊيا کي استعمال ڪري رهيو آهي. روس ۽ چين نه رڳو واپاري حوالي سان متحد آهن، پر دفاعي حوالي سان به متحد آهن. روس ۽ چين جا صدر گڏيل طور مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ متحد ٿيا آهن ۽ انهن جي اتحاد سان آمريڪا کي ايران خلاف اقتصادي پابندين ۽ حملي ۾ رڪاوٽ پيش اچي رهي آهي.
جولاءِ 2005ع ۾ چين جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي پروفيسر جنرل زوچنگ بيٽرهو هانگ ڪانگ فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ هڪ بريفنگ ۾ ڌمڪي ڏني هئي ته تائيوان سان جهيڙي دوران آمريڪا حملو ڪيو ته چين آمريڪا خلاف ايٽمي هٿيار استعمال ڪري سگهي ٿو. عالمي سياست جي موجوده تناظر ۾ چيني جرنيل جو، اهو بيان هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جنهن جو مقصد آمريڪا کي اهو احساس ڏيارڻ آهي ته عوامي جمهوريه چين تائيوان سميت پنهنجي قومي سلامتي جي معاملن ۾ تمام گهڻو حساس آهي. جيتوڻيڪ بيجنگ انتظاميا جنرل زوچنگ هو جي بيان کي ان جي ذاتي راءِ قرار ڏنو هو، پر چين کان ڊنل آمريڪي انتظاميا ان کي جواز بڻائي تائيوان کي چين جي ايٽمي هٿيارن جي مقابلي ۾ پنهنجو دفاع مضبوط ڪرڻ جا مشورا ڏئي رهيو آهي، جنهن جو مقصد تائيوان دوستي کان وڌيڪ چين دشمني ئي نڪري ٿو. حالانڪ آمريڪا رڳو انهن جوازن کي بنياد بڻائيندي پنهنجي نيوڪليئر جنگ جي صلاحيت کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي پاليسي تي گامزن آهي. چين اڃا تائين محدود ايٽمي اثاثن جو حامل آهي. آمريڪي فارن افيئرز ميگزين جي رپورٽ موجب آمريڪا پنهنجي مخالف طاقتن تي حملي جي پاليسي رکي ٿو، جنهن جو اظهار هو جاپان تي ايٽمي حملي سان ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي وسيلن سان مالامال وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا تي پنهنجي بالادستي جي راهه ۾ اتر ڪوريا، چين ۽ روس کي رڪاوٽ سمجهي ٿو. جيتوڻيڪ آمريڪي پاليسيون يورپي يونين جي مفادن کي به نقصان پهچائي رهيون آهن. ان ڪري هاڻي يورپي يونين به آمريڪا جي مقابلي ۾ روس وانگر چين کي هٿيارن ۽ جديد نظام فراهم ڪري مضبوط قوت بڻائڻ جي خواهشمند لڳي ٿي ۽ چين کي هٿيارن جي فراهمي تي پابنديون ختم ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. روس به چين جي فوجي طاقت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف ايران خلاف آمريڪي قدم يورپ ۽ ايشيا ۾ واشنگٽن مخالفن جي خدشن ۾ اضافي جو باعث آهن. ٻئي طرف دنيا ۽ خاص طور تي ايشيا ۾ چين جي وڌندڙ اقتصادي ۽ سياسي اثر کان ڊنل آهي، پنهنجي عالمي ٿاڻيداري کي خطري ۾ ڏسي آمريڪا هاڻي بيجنگ کي نشانو بڻائڻ جي منصوبن تي عمل پيرا آهي.
جڏهن چين تي مائوزي تنگ ۽ چو اين لائي جي حڪمراني هئي ۽ پوري دنيا تي آمريڪي ايٽمي جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو، تڏهن به چين تي ايٽمي حملن جو خطرو موجود هو. ان دؤر جي چيني دستاويز ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ ڳجهي اجلاس جي ماجرا موجود آهي. ان وقت چين تي آمريڪا ايٽمي حملو ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو. مائوزي تنگ کي جڏهن ان ايٽمي حملي جي منصوبابندي جون رپورٽون مليون ته هن چيني ڪميونسٽ پارٽي جي مک اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو هڪ اجلاس طلب ڪري ورتو ۽ سوال ڪيو ته جيڪڏهن ايٽمي جنگ ٿي ته ڪيترا چيني باشندا مارجي ويندا؟ پوءِ پاڻ ئي ان سوال جو جواب ڏيندي مائوزي تنگ چيو ته چين تي ايٽمي حملي جي نتيجي ۾ اسان جي اڌ آبادي مارجي ويندي، پر ان جي باوجود 2 هزار 7 سؤ ملين آبادي سامراجي نظام کي ختم ڪري ڇڏيندي. ايٽمي جنگ جي صورت ۾ وڏي پيماني تي جنگ ٿيندي، پر زنده بچي ويندڙ چيني باشندا ان ظلم خلاف وڙهندا رهندا. اسان ايٽمي جنگ جي تباهين کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر سامراجي نظام سان مفاهمت نه ڪنداسين.
ماسڪو ۾ مائوزي تنگ پنڊت جواهر لعل نهرو سان ملاقات دوران اولهه ملڪن ڏانهن پيغام موڪليو هو ته ايٽمي جنگ کان ڊڄي اسان سامراجي نظام کي تسليم نه ڪنداسين. شروع ۾ مائوزي تنگ جو خيال هو ته ايٽم بم انساني مستقبل جو فيصلو نه ڪندا ۽ نه ئي ايٽم بم عالمي سياست ۾ فيصلائتو عنصر آهي. 13 آگسٽ 1945ع ۾ مائوزي تنگ اهو موقف اختيار ڪيو ته ايٽم بم جنگ جا فيصلا نه ٿو ڪري پر بعد ۾ چيني قيادت کي احساس ٿيو ته جيڪڏهن هنن حالتن جي نزاڪت کي محسوس نه ڪيو ۽ ايٽمي معاملن ۾ مهارت حاصل نه ڪئي ته پوءِ چين عالمي ڪشمڪش جي ڊوڙ ۾ گهڻو پوئتي رهجي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ ڊسمبر 1959ع ۾ مائوزي تنگ جي قيادت ۾ ايٽم بم ٺاهڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي. مائوزي تنگ چيني سائنسدانن ۽ ٽيڪنيڪي ماهرن کي چيو هو ته ايٽم بم چين جي سلامتي لاءِ ضروري آهي، ايٽمي معاملن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي. ان وقت ايٽمي ٽيڪنالاجي تي اولهه جي هڪ هٽي هئي، روسي به ايٽمي معاملن کان آگاهه هئا. 27 مارچ 1950ع ۾ ڊگهين ڳالهين کان پوءِ چين ۽ روس ۾ ايٽمي معاملن بابت گڏيل معاهدو ٿيو، جنهن تحت روس چين جي ايٽمي معاملن ۾ مدد جو پابند هو. ان معاهدي جو مقصد چين کي ايٽمي قوت بڻائڻ هو. فيبروري 1953ع ۾ چين جي اهم ايٽمي ماهرن روس جو دورو ڪيو ۽ ان دوري ۾ چيني ايٽمي ماهرن کي روس جي ايٽمي مرڪزن جو دورو ڪرايو ويو ۽ انهن کي اهم ايٽمي معلومات فراهم ڪئي وئي. آمريڪا ۽ مغربي ملڪن کي جڏهن ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته چين روس جي مدد سان ايٽمي صلاحيت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ماسڪو تي دٻاءُ وڌو ويو ته چينين سان ايٽمي اشتراڪي عمل نه ڪيو وڃي، پر ان وقت ماسڪو ۽ چين جي سربراهن ۾ نظرياتي هم آهنگي هئي. روس ۽ چين جو هڪ ئي نقطه نظر هو. مائوزي تنگ روسي ڪميونسٽ پارٽي جي بالادستي کي قبول ڪندو هو. ان ڪري روس آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جو دٻاءُ قبول نه ڪيو.
مارچ 1955ع ۾ روس ۽ چين وچ ۾ ٻيو ايٽمي معاهدو ٿيو، جنهن ۾ ايٽمي اشتراڪي عمل کي آخري شڪل ڏني وئي. روس چين کي ايٽمي ماهر ۽ ايٽمي ٽيڪنالاجي ڏيڻ جو پابند هو. 14 آڪٽوبر 1940ع ۾ ”پيڪنگ ريويو“ مطابق مائوزي تنگ چيو هو ته چين ايٽمي حملي کان پاسو ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪندو پر حملي جي صورت ۾ هر ممڪن فوجي صلاحيت استعمال ڪئي ويندي، پر آمريڪا ۽ مغربي ملڪن ماسڪو ته هر قسم جو دٻاءُ برقرار رکيو ۽ هڪ مرحلو اهڙو آيو، جو ماسڪو چين مان ايٽمي ماهرن کي واپس گهرائي ورتو ۽ ايٽمي معاملن ۾ مدد ۽ مشاورت ختم ڪري ڇڏي. چيو ٿو وڃي ته ماسڪو ۽ واشنگٽن ۾ هڪ ڳجهو معاهدو ٿيو هو، جنهن تحت چين کي ايٽمي مدد ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو هو. جڏهن 1950ع جي ڏهاڪي ۾ مائوزي تنگ روسي اڳواڻن تي زور وڌو ته اهي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين تي حملو ڪري آمريڪي سامراجيت ختم ڪري ڇڏين ته ماسڪو چينين تي دٻاءُ وڌو ته اهي پنهنجو ايٽمي پروگرام ختم ڪري ڇڏين، ڇاڪاڻ ته روس وٽ ايٽمي صلاحيت آهي ۽ اهو پوري دنيا ۾ سوشلسٽ نظام جي حمايتي ملڪن جي دفاع جي قابل آهي. بعد ۾ هڪ ڏاهي هڪ مضمون ۾ لکيو ته روس جي سربراهه جوزف اسٽالن جي موت کان پوءِ مائوزي تنگ ڪميونسٽ دنيا جي واحد ليڊر بڻجڻ جي خواهش رکي ٿي، ان ڪري هن ايٽمي هٿيار فوري طور ٺاهڻ ٿي چاهيا، پر روسي ليڊرن مائو تي زور ڏنو ته چين طرفان ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ دنيا ۾ ايٽمي هٿيارن جي پکيڙ روڪڻ جي ڪوشش لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو. ان ڪري چين پنهنجو ايٽمي پروگرام مڪمل طور ختم ڪري ڇڏي، روس وٽ ايٽمي صلاحيت موجود آهي. اهو سمورن سوشلسٽ ملڪن جو تحفظ ڪري سگهي ٿو، پر مائوزي تنگ چيني ايٽمي ماهرن تي اعتماد برقرار رکيو. چين ايٽمي ميزائيل جو پروگرام ڊاڪٽر چن شن شين جي سربراهي ۾ شروع ڪيو هو. جيڪو ڪيليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ آمريڪي راڪيٽ پروگرام سان لاڳاپيل رهي چڪو هو. اهو 1955ع ۾ واپس وطن آيو. 1958ع ۾ چين راڪيٽ ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. آمريڪين چين جي ايٽمي پروگرام کي روڪڻ لاءِ روسين جي مدد به حاصل ڪئي، پر اهي ناڪام رهيا. جنهن کان پوءِ چين جي ايٽمي پروگرام کي تباهه ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو. 1981ع ۾ آمريڪا ۾ لارنس گاڊيلا جو هڪ ڪتاب به شايع ٿيو هو، جنهن ۾ آمريڪي سي آءِ اي طرفان چين جي ايٽمي ليبارٽرين کي تباهه ڪرڻ جو مڪمل منصوبو شايع ڪيو ويو هو. لارنس گارڊيلا پاڻ 9 جولاءِ ۽ 30 جولاءِ 1952ع ۾ چين جي ايٽمي ليبارٽري کي تباهه ڪرڻ جي آمريڪي منصوبي ۾ شرڪت ڪئي هئي. هن ڪتاب ۾ لکيو هو ته آمريڪي سي آءِ اي ڪوريا جي جنگ کان پوءِ ئي چين جي ايٽمي ليبارٽري کي تباهه ڪرڻ جي منصوبي تي عمل ڪري رهي آهي. بعد ۾ ڪي جي بي به ان راند ۾ شامل ٿي وئي. تائيوان جي سيڪريٽ سروس به چين خلاف افرادي قوت فراهم ڪئي هئي. لارنس گاڊيلا جو اهو ڪتاب هن جي موت کان پوءِ شايع ٿيو، ڇاڪاڻ ته هن پبلشر کي چيو هو ته هي ڪتاب منهنجي زندگي ۾ شايع ٿيو ته مون کي ماري سگهجي ٿو.
مائوزي تنگ ۽ چواين لائي ٻئي ملي ڪري ايٽمي پروگرام مڪمل ڪرڻ لاءِ مصروف عمل رهيا. 29 جون 1964ع ۾ ان وقت جي آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڊين رسڪ چين جي امڪاني ايٽمي ڌماڪي جي اڳڪٿي ڪئي هئي، پر فرانس جي صدر چارلس ڊيگال کي وقت کان اڳ چين جي ايٽمي ڌماڪي جي خبر پئجي وئي ته روس جي ايٽم بم جي خالق پائيو ٽرڪيپٽارا چيني ماهرن کي سموري ايٽمي ڄاڻ فراهم ڪري ڇڏي آهي ۽ چين ڪنهن به وقت ايٽمي ڌماڪو ڪري سگهي ٿو.
ايوب خان جي دؤر ۾ چينين سفارتي سطح تي پاڪستان آڏو به احتجاج ڪيو هو ته آمريڪي سي آءِ اي جي اهلڪارن پي آءِ اي جي ڪينٽن اڏامن ۾ فوائلز لڳائي سفر ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح چين جي ايٽمي معلومات واشنگٽن کي فراهم ڪئي آهي. ايوب خان ذوالفقار علي ڀٽو جي نگراني ۾ چين جي ان الزام جي سرڪاري جاچ به ڪرائي هئي. چينين کي اهو به شڪ هو ته ايٽمي توانائي ڪميشن جو ڍاڪا مرڪز آڪسٽوب ذريعي چين جي ايٽمي سرگرمين جي جاسوسي ڪري رهيو آهي. 25 فيبروري 1963ع ۾ ”نيويارڪ ٽائيمز“ مطابق ذوالفقار علي ڀٽو فيبروري 1963ع ۾ چين وڃي جيڪي ٺاهه ڪيا هئا، ان تي آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڊين رسڪ واشنگٽن ۾ آمريڪي سفير کي گهرائي ڌمڪي ڏني هئي ته اوهان باهه سان کيڏي رهيا آهيو. جڏهن چين ايٽمي ڌماڪو ڪيو ته چيني ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت 16 آڪٽوبر 1964ع ۾ پنهنجي پاليسي بيان ۾ چيو هو ته هاڻي دنيا ۾ ايٽمي جنگ نه ٿيندي چين جو ايٽمي ڌماڪو چين جي قومي دفاع جي پاليسي جو حصو آهي. آمريڪا جي سيڪريٽري آف ڊفينس رابرٽ ميڪمنارا چين جي ايٽمي ڌماڪي تي تبصرو ڪندي چيو ته آمريڪا سوويت يونين ۽ پوري ڪميونسٽ دنيا کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. چو اين لائي 29 آڪٽوبر 1964ع ۾ فلپائن جي اخبار ”منيلا ٽائيمز“ کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته اها حقيقت آهي ته آمريڪا جي ايٽمي هٿيارن جو اسان مقابلو نه ٿا ڪري سگهون، پر اها حقيقت آهي ته چين ايٽم بم ٺاهي ورتو آهي ۽ اهو ايشيائي ڪارنامو آهي. 18 سيپٽمبر 1968ع ۾ هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ آئزن هاور چيو هو ته ڪوريا جي جنگ ۾ آمريڪا چين خلاف ايٽم بم استعمال ڪرڻ جي منصوبا بندي ڪري ورتي هئي. ڪوريا جي جنگ بابت آمريڪي دستاويزن موجب چين کي ايٽم بمن سان تباهه ڪري ان جي فوجي قيادت کي ختم ڪرڻ آمريڪي پاليسي ساز ادارن جو مقصد هو. برطانيا جي هڪ اخبار ”گارجين“ جي 12 اپريل 1965ع جي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو هو ته ماسڪو ۽ بيجنگ ان ڳالهه تي متفق آهن ته واشنگٽن ويٽنام جي جنگ کي چين خلاف وڏي حملي طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هو چين جي فوجي قيادت کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان پهريان تباهه ڪرڻ چاهي ٿو. ان جو واضح مقصد اهو آهي ته ڪوريا جي جنگ کان پوءِ ويٽنام جي جنگ دوران به آمريڪي منصوبا ٺاهيندڙ چين جي ايٽمي ۽ فوجي صلاحيتن کي تباهه ڪرڻ جو ارادو رکندا هئا. چيني سربراهن جو خيال هو ته جاپان ذريعي به آمريڪا چين تي فوجي دٻاءُ برقرار رکڻ چاهي ٿو.
چين جي ايٽمي طاقت بڻجڻ تي ان وقت جي آمريڪي صدر لنڊن بي جانسن ان ايٽمي ڌماڪي کي انسانيت لاءِ اهم قرار ڏنو هو، پر چيني مبصرن ان راءِ جو اظهار ڪيو هو ته هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم اڇلائڻ وارن ۽ هزارين ايٽمي هٿيار رکندڙ آمريڪين کي اسان جي ايٽمي پروگرام تي تنقيد جو حق ناهي. ماسڪو ۽ بيجنگ جي نظرياتي اختلافن مان واشنگٽن گهڻائي فائده حاصل ڪيا آهن. 1971ع جي پاڪ ڀارت جنگ اصل ۾ ماسڪو ۽ بيجنگ جي وچ ۾ فوجي ڇڪتاڻ هئي، جنهن ۾ پاڪستان کي قرباني جو ٻڪر بڻايو ويو. روسين دل کولي ڀارت جي مدد ڪئي، جڏهن ته چين سفارتي حد تائين پاڪستان جي حمايت ڪندو رهيو. ڍاڪا سانحي کان پوءِ پاڪستان جي فوجي طاقت بحال ڪرڻ ۾ چين جو اهم ڪردار رهيو آهي، پر ماسڪو نئين دهلي جي واڌاري وارن ارادن جي تڪميل ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو بعد ۾ به ماسڪو ڀارت کي چين خلاف اڀارڻ ۾ مصروف رهيو. ”ڪرسچئن سائنس مانيٽر“ جي 1982ع جي هڪ رپورٽ مطابق روسين اندرا گانڌي کي چيو هو ته چين جو اهم مقصد ايشيا تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي. 30 سيپٽمبر 1982ع جي ”هندستان ٽائيمز“ موجب ڀارت چين سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ماسڪو پريشان هو، جڏهن ته اندرا گانڌي روسي سربراهن کي يقين ڏياريو هو ته ڀارت جي چين سان دوستي ماسڪو جي قيمت تي نه ٿيندي.
چين طرفان آمريڪا تي ايٽمي حملي جي ڌمڪي کي وسيع عالمي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. افغانستان ۽ عراق جنگ کان پوءِ طاقت جو توازن تبديل ٿي رهيو آهي. چين به اقتصادي قوت طور اڀري رهيو آهي. ڀارت سان آمريڪا جي اسٽريٽجڪ تعاون نئين شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. آمريڪا هينئر به فوجي لحاظ سان طاقتور آهي. چين ۽ اسرائيل جي فوجي رابطن تي آمريڪا کي اعتراض رهيا آهن. چين جو هڪ اهم آمريڪي آئل ڪمپني ”يوني ڪول“ کي خريد ڪرڻ جو فيصلو به اهميت رکي ٿو، جنهن کي قانون سازي ڪري روڪڻ جي آمريڪي حڪمت عملي تي بحث شروع ٿي چڪو آهي. چين کي پنهنجي سلامتي بابت ڳڻتي ٿي پئي آهي. ان ڪري هو آمريڪا خلاف ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيڻ تي مجبور ٿيو. جڏهن ته خليج جي پهرين جنگ کان پوءِ چين جي ملٽري اسٽريٽجڪ ڊپارٽمينٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ميجر جنرل وانگ پوننگ خيال ظاهر ڪيو هو ته دنيا ۾ مستقبل ۾ طاقت جا نوان سياسي ۽ فوجي مرڪز وجود ۾ ايندا. آمريڪا واحد سپرپاور نه رهندو. آمريڪا، روس، چين ۽ جاپان مستقبل ۾ نوان عالمي مرڪز هوندا. خليج جي جنگ ۾ جاپان جو ڪردار ان جي مستقبل جي ارادن جو گواهه آهي. ان ”فوجي نظريي“ مان صاف ظاهر آهي ته جاپان جي فوجي قوت تي چين جي نظر آهي ۽ اهو آمريڪا جي بالادستي جي تصور تي به ڌيان ڏيندو رهيو آهي پر اصل حقيقت اها آهي ته چين کي اهو احساس ٿي ويو آهي ته سندس گهيراءُ ڪيو پيو وڃي ۽ ان جي بين الاقوامي اقتصادي ۽ فوجي قوت کي محدود ڪرڻ لاءِ آمريڪي منصوبا بندي عملي شڪل اختيار ڪري رهي آهي. آمريڪا اصل ۾ چين ۽ ڀارت جي ايٽمي رابطن کان به ڊنل آهي. ڀارت جو روس سان به ايٽمي ٺاهه آهي، جڏهن تارا پور اسٽيشن لاءِ آمريڪا ڀارت کي پاڻي جي فراهمي روڪي ڇڏي هئي ته ڀارت جي ايٽمي توانائي ڪميشن جي سربراهه ڊسمبر 1994ع ۾ بيجنگ جو دورو ڪري تارا پور ايٽمي پلانٽ لاءِ يورينيم حاصل ڪرڻ جي معاهدي کي عملي شڪل ڏني هئي. 11/9 ۽ 7/7 کان پوءِ عالمي سياست ۾ هڪ نئين ڪشمڪش پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ۾ چين به فيصلائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو. آمريڪا کي به پنهنجي عالمي بالادستي ۽ ان جي اثرن کان آگاهي ۽ ان جي ضرورتن جو احساس آهي. ان لاءِ جولاءِ 2006ع جي پهرين حصي ۾ آمريڪي سي آءِ اي اساما بن لادن ۽ القاعده قيادت کي زنده يا مرده گرفتاري لاءِ قائم خصوصي سيل اهو چئي بند ڪري ڇڏي آهي ته القاعده ۽ انتهاپسند گروپ هاڻي آمريڪا لاءِ خطرو ناهن رهيا. حالانڪ صورتحال ان جي ابتڙ نظر اچي رهي آهي. افغانستان فتح ڪرڻ کان پوءِ آمريڪي ۽ اتحادي فورسز پنهنجي سمورن ظلمن باوجود به افغان عوام کي پنهنجو غلام بڻائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. آمريڪا افغانستان ۾ ڪٺ پتلي حڪومت ٺاهي دنيا تي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته افغان عوام آمريڪي برانڊ آزادي ۽ جمهوريت کي قبول ڪري چڪو آهي، پر افغاني ماڻهو هميشه وانگر غير ملڪي قبضي کي تسليم ڪرڻ کان انڪاري ئي رهيا. جڏهن ته طالبان خلاف آپريشن به ناڪام ٿي رهيو آهي، آمريڪي ۽ اتحادي دعوائن جي ابتڙ اڄ به طالبان افغانستان ۾ مضبوط حيثيت برقرار رکندي قابض آمريڪي فوج خلاف وڙهي رهيا آهن. اهڙي ئي صورتحال آمريڪا کي عراق ۾ به درپيش آهي. جتي القاعده رهنما الزرقاوي جي شهادت باوجود آمريڪي فوجن کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هٿين خالي عراقي عوام تي آمريڪي فوج جا حملا نه صرف عالمي سطح، پر آمريڪا اندر به تنقيد جو حدف آهن. جڏهن ته آمريڪي ڪانگريس جي چونڊن ۾ آمريڪي حڪمران پارٽي ري پبلڪن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ناڪامي ۽ آمريڪي فورسز جي انسانيت جو ڪنڌ جهڪائيندڙ ظلمن تي پنهنجي عوام ۾ ڪرندڙ ساک بچائڻ لاءِ هاڻي القاعده کي آمريڪا لاءِ وڏو خطرو قرار نه ڏئي دهشتگردي خلاف جاري جنگ جي نالي تي دنيا جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي حڪمت عملي ۾ تبديلي آڻڻ جي روش اختيار ڪيو ويٺي آهي، ڇو ته آمريڪي فوج جي ڪمانڊرن به ايران تي حملي جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. هاڻي آمريڪا کي القاعده کان وڌيڪ اتر ڪوريا ۽ چين پنهنجي لاءِ وڏو خطرو ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، پر چين به ان صورتحال ۾ طاقت کي اهميت ڏئي رهيو آهي ۽ ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي ڌمڪي اصل ۾ بيجنگ جي عالمي معاملن ۾ پنهنجي فوجي ۽ ايٽمي قوت ظاهر ڪرڻ جي شڪل آهي. اهڙي طرح شنگهائي تعاون تنظيم جو قيام به آمريڪا ۽ يورپي ملڪن کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. اها تنظيم في الحال توانائي، واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائي رهي آهي، پر جهڙي طرح آمريڪا سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ به نيٽو ۾ واڌارو ڪري چين کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو هو، اهڙي طرح ايندڙ ڏينهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم به عسڪري اتحاد طور ايشيا جي اثرائتي قوت ثابت ٿي سگهي ٿي. ياد رهي ته شنگهائي تعاون تنظيم 2005ع ۾ پنهنجي سالياني اجلاس ۾ آمريڪا کان وچ ايشيائي ملڪن مان پنهنجون فوجون ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو هو. 15 جون 2006ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم پنهنجي پنجين سالگره تي جاري ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ گذريل سال وانگر ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ”شنگهائي تعاون تنظيم عالمي سطح تي دهشگردي خلاف هڪ اهڙو تعميري ڍانچو قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، جيڪو گڏيل اعتماد، مفادن جي احترام ۽ برابري جهڙن قدرن تي ٻڌل هوندو.“ گڏيل پڌرائي ۾ اڳتي هلي چيو ويو ته ”خطرن جو اثرائتي نموني مقابلو ان صورت ۾ ڪري سگهجي ٿو، جڏهن سمورن لاڳاپيل ملڪن ۽ تنظيمن وچ ۾ وڏي پيماني تي گڏيل تعاون جي فضا موجود هجي. هن خطي جي تحفظ لاءِ جيڪو به طريقو اختيار ڪيو ويندو، ان جي چونڊ جو حق ۽ ذميداري هن خطي جي ملڪن تي ئي هوندي.“ گڏيل پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ”وچ ايشيا جا ملڪ پاڻ پنهنجي اختيار ڪيل ترقياتي رستن تي هلندا. خطي جي تهذيب ۽ ترقياتي ماڊل جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ ٻين ملڪن جي اندرين معاملن ۾ مداخلت لاءِ بهانو نه بڻائڻ گهرجي.“ جيڪڏهن شنگهائي تعاون تنظيم عالمي دهشتگردي خلاف تحفظ فراهم ڪري ٿي ته پوءِ دهشتگردي جي وسيع تر مفهوم کي نظر ۾ رکندي عالمي سامراج ۽ ان جي سمورن سازشن خلاف تحفظ فراهم ڪري سگهي ٿي، جن جو تعلق اقتصاديات، نظرين ۽ عالمي هڪ هٽي سان آهي، اهو گهڻي حد تائين شنگهائي تعاون تنظيم جو ئي ثمر آهي، جو آمريڪا اڃا تائين ايران تي حملو ڪرڻ جي سلسلي ۾ مونجهارن جو شڪار آهي. احمدي نزاد به سربراهي اجلاس ۾ خطاب ۾ واضح طور تي چيو آهي ته اسان کي شنگهائي تعاون تنظيم جي ضرورت آهي، جيڪا اسان کي غيرملڪي مداخلت کان محفوظ رکي سگهي. ٻئي طرف پينٽاگون چين جي فوجي طاقت جي باري ۾ جيڪا رپورٽ پيش ڪئي آهي، ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته چين نه صرف هڪ فوجي طاقت بڻجڻ جي خواهش رکي ٿو، پر ايندڙ وقت ۾ ايشيائي قيادت سنڀالڻ جي صلاحيت به رکي ٿو.

چين ۾ سيرت تي پهريون ڪتاب

اسان چين جي قديم تاريخ تي نظر وجهون ته چيني تهذيب مصر، يونان، ايران ۽ هندستان کان وڌيڪ قديم نظر اچي ٿي. جنهن زماني ۾ دنيا ۾ ڪنهن عالم جو وجود نه هو، چين ۾ لائوتان حياتي متعلق مسئلن تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ ان ئي زماني ۾ انسانيت جو عظيم فلسفي ڪوادنگ چيو به پيدا ٿي چڪو هو. هندستان ۾ ٻڌ ۽ يونان ۽ فيثاغورت ان کان پوءِ دنيا ۾ آيا. چين جي فلسفي ڪنفيوشس سان اهو قول منسوب آهي ته الله جو هڪ رسول مغرب مان ظاهر ٿيندو، جيڪو دنيا ۾ امن قائم ڪندو، پر ان جي نالي جي مون کي خبر ناهي. علامه ليوتشي ڪوادنگ چيو (ڪنفيوشس) جي تعليم جو پورن 8 سالن تائين مطالعو ڪيو، پر هن پنهنجن ڪتابن ۾ ڄاڻايل قول جو ذڪر نه ڪيو ۽ گهڻو ڪري ان جي ضرورت به نه هئي، ڇاڪاڻ ته رسول ﷺ جي سيرت متعلق هن جو نظريو روايتي نه پر صداقت ۽ ذهانت تي ٻڌل هو.
علامه ليوتشي پنهنجي ڪتاب ”حيات محمدي“ جي شروع ۾ ڪجهه ڳالهيون اهڙيون لکيون آهن، جن مان هن جي زندگي، علم ۽ فن سان چاهه ۽ سيرت تي مواد گڏ ڪرڻ ۾ زبردست محبت جي خبر پوي ٿي. هن لکيو آهي ته مون 15 سالن جي عمر ۾ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا. 8 سالن تائين ڪنفيوشس ۽ ان جي فلسفي جو مطالعو ڪيو. ان کان پوءِ عربي سکڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ 6 سال لڳا، ان کان پوءِ هڪ سال تائين ٻڌ جي تعليمات جو مطالعو ڪيو وري عربي ۽ فارسي ڪتابن جو مطالعو ڪيو، جن مان سڀ کان گهڻو پرايو. هن انهن ڪتابن جو انگ 37 بيان ڪيو آهي. اسلامي علم جي ان گهري مطالعي کان پوءِ لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ اسلام متعلق 100 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، پر ڪيترائي ڪتاب شايع نه ٿي سگهيا. جيتوڻيڪ اسلامي عقيدن ۽ رسمن بابت جيڪي رسالا مرتب ڪيا، صرف اهي شايع ٿي سگهيا. هن سيرت متعلق مواد گڏ ڪرڻ ۾ وڏي محنت ۽ تڪليفون برداشت ڪيون. جتي جتي خبر پئي اتي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڦرندا رهيو. چيو وڃي ٿو ته اتر، اولهه، اوڀر۽ ڏکڻ ويو يعني بي شمار هنڌن جو سفر ڪيو ۽ اتي جي لائبريرين ۾ سيرت جي ڪتابن جي ڳولا ڪئي. ڪيترن ئي عالمن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کان ماخذ جي اپيل ڪئي پر ان ڀڄ ڊڪ باوجود مقصد حاصل نه ٿيو. آخر نانڪن ۾ هڪ خاندان جي لائبريري ۾ قديم عربي ڪتابن جو هڪ ذخيرو ملي ويو، چون ٿا ته هن انهن عربي ماخذن مان پنهنجو مسودو تيار ڪيو، جيڪو 3 سالن ۾ پورو ٿيو ۽ ان عرصي ۾ آرام نصيب نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته ماخذن جي تلاش ۾ در در ڦرڻو پوندو هو ۽ هڪ جاءِ تي ويهي ڪم ڪرڻ جو موقعو نه مليو.
علامه ليوتشي پنهنجي زماني جو ناليوارو عالم هو، جيتوڻيڪ ان زماني جي سياسي ۽ سماجي حالتن سبب جن ۾ مسلمان تمام ڏکي زندگي گذاري رهيا هئا. انهن جي زندگي جون تفصيلي حالتون تحرير جي دائري ۾ ناهن آنديون ويون. عالمن کي هڪ ئي وقت تڪليفن ۽ دهشت کي منهن ڏيڻو پوندو هو. تنهن ڪري اهي ماڻهو پنهنجين شخصيتن کي لڪائڻ ۽ پنهنجن ڪتابن کي گمنام رکڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. مولانا جو سن پيدائش 1735ع سمجهڻ گهرجي. هن جو خاندان تمام گهڻو خوشحال هو، ان ڪري هن پنهنجي سڄي زندگي علم ۽ فن حاصل ڪرڻ ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ گذاري. هن پنهنجا ڪتاب شايع ڪرڻ جو ڪوبه معاوضو نه ورتو. هن جو وطن شايد نانڪن هو. هن جي شروعاتي تعليم ۽ تربيت اعليٰ پيماني تي ٿي. هن جا ٻار ٻچا به هئا، هڪ پڙپوٽي جو ذڪر ملي ٿو، پر زال ۽ ٻارن بابت ڪا ڄاڻ نه ٿي ملي. مولانا جو مطالعو انتهائي وسيع هو. مختلف علمن ۽ فن تي گهري نظر رکندا هئا. اسلام کان سواءِ ٻين مذهبن جو به مطالعو ڪيائون. اسلامي علم ۾ کين قرآن، تفسير، حديث ۽ فقهه وغيره ۾ وڏو عبور هو. اسلامي قانون ۽ شرعي مسئلن بابت گهڻي ڄاڻ هئي. هن انهن موضوعن تي عربي ۽ فارسي ۾ جن ڪتابن جو مطالعو ڪيو، انهن جو تعداد ڪيترن ئي سون تائين پهچي ٿو. ان مان علم ۽ فن ۾ هن جي غيرمعمولي دلچسپي جي خبر پوي ٿي. هن سيرت ۽ شريعت تي ڪتاب لکيا، ان کان سواءِ اسلامي تاريخ ۽ عربي ادب جو به مطالعو ڪيو هو. هن اسلامي ۽ عربي موضوعن تي جيڪي ڪتاب لکيا، انهن کي خاص شهرت ۽ مقبوليت ملي.
هن روايتي انداز فڪر ۽ لفظي لٻاڙ کان پاسو ڪندي هر مسئلي کي علمي ۽ عملي پيرائي ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي راءِ جو دارومدار پختن عقلي دليلن ۽ حقيقتن تي رکيو آهي. هو ان حقيقت کان چڱي طرح واقف هو ته اسلام رڳو عقيدن ۽ رڪنن جو مجموعو ناهي، پر هن دين ۾ دنيا جون سڀئي سعادتون موجود آهن. اهو انسان جو هڪ مڪمل ضابطا حيات آهي. هن رسول ﷺ جي سيرت ۽ تعليم کي دنيا ۾ ڀائيچاري ۽ انساني ”زندگي لاءِ دستورالعمل“ قرار ڏنو . اهو انداز فڪر هن جي ڪتابن جو اصل بنياد آهي. هن اسلامي شريعت جي مواد گڏ ڪرڻ ۽ رسول الله جي سيرت جي ترتيب ۾ انهيءَ حرڪت ۽ عمل کان ڪم ورتو ۽ اهڙي اسلام کي پنهنجي زماني ۾ پنهنجي وطن جي مسلمانن توڙي غير مسلم لاءِ به هڪ ترقي يافتا زنده ۽ جاويد نمونو بڻائي پيش ڪيو. انهن ڳالهين مان سندس غيرمعمولي لياقت ۽ صلاحيتن جي خبر پوي ٿي. انهن سببن جي ڪري هن جا ڪتاب مسلمان حلقن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيا ۽ ان وقت جڏهن مسلمانن جي زندگي تنگ ٿي وئي هئي، اهي ڪتاب انهن ۾ ولولو پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيا. علامه ليوتشي جي غيرمعمولي علمي لياقت ۽ تحقيقي نقطه نظر جي تعريف غيرمسلمن به ڪئي آهي. چين جي ٻين مذهبن جي عالمن، حڪومت جي عهديدارن ۽ دانشورن به هن جي ڪتابن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو. انهن تحقيقي ۽ علمي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ ئي چين جي مختلف طبقن جا ماڻهو اسلام کي صحيح نموني سمجهي سگهيا ۽ مسلمانن خلاف نفرت ۽ حقارت ۾ گهٽتائي آئي. انهن ڪتابن مان ظاهر ٿي ويو ته مسلمان تخريب پسند ملڪ ۽ قوم جا باغي نه آهن، پر مذهب انهن کي امن ۽ سلامتي سان رهڻ جي تعليم ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ ان جو ئي نتيجو آهي، جو ڀارت پنهنجي پاليسي تبديل ڪري ورتي ۽ مسلمانن بابت حڪمرانن جي رويي ۾ لچڪ آئي. اهو هڪ تمام وڏو ڪارنامو هو، جيڪو رسول ﷺ جي هڪ پيروڪار پنهنجي مذهب ۽ ملت لاءِ سرانجام ڏنو. مولانا اسلامي شريعت تي جيڪي ڪتاب لکيا، انهن مان ڪيترائي سندن زندگي ۾ شايع ٿي مقبول ٿي چڪا هئا. جيتوڻيڪ سيرت تي سندن هي ڪتاب ان وقت شايع ٿيو، جڏهن هو هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو هو. هن ڪتاب لکڻ ۾ کين زبردست مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو. ماخذن جي ڳولا ۾ هن ڪيترن ئي شهرن جو سفر ڪيو ۽ مختلف لائبريرين ۾ قديم ۽ اصل ماخذ حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ رهيو. جيئن ته هن جي نظر جو مرڪز عالماڻو هو، تنهن ڪري هن پنهنجي ڪتاب لاءِ صرف عربي ۽ فارسي تي اعتبار ڪيو. نانڪن جي هڪ خاندان جي پراڻي لائبريري ۾ عربي ڪتابن جو ذخيرو ملي ويو ۽ اتي ئي هن سيرت جو مواد گڏ ڪيو. ايئن معلوم ٿو ٿئي ته هن 1782ع ۾ تقريباً هڪ سال جي عرصي ۾ پنهنجو ڪتاب مڪمل ڪيو، پر جڏهن هو ان ڪم لاءِ 3 سالن جو عرصو بيان ڪري ٿو ته ان مان مراد اهو زمانو به ٿئي ٿو، جيڪو هن ماخذن جي ڳولا ۽ مطالعي ۾ لڳايو. 1782ع ۾ اهو ڪتاب نانڪن پهتو، جتان پوليس ضبط ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ حڪومت جا مختلف دستاويز موجود آهن. جن ۾ پوليس، عدالت ۽ اعليٰ اختيارين جا حڪم آهن. اهي دستاويز 1783ع جي مختلف تاريخن سان تعلق رکن ٿا. بعد ۾ چين جي شهنشاهه پنهنجي فرمان ذريعي ڪتاب ضبط ڪرڻ جا حڪم رد ڪري ڇڏيا. نيٺ 2 سالن جي دير سان 1785ع ۾ اهو ڪتاب ڇپجي ماڻهن تائين پهتو.
علامه ليوتشي پنهنجي ڪتاب ۾ عربن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي ته چين جا مسلمان ڪڏهن ۽ ڪيئن اتي پهتا ۽ انهن اتي ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا. ان جو هڪ تفصيلي احوال لکيل آهي، انهن تاريخي واقعن کي تحرير ۾ آڻڻ لاءِ هن کي چيني عربي ماخذ يا عالمن جا زباني بيان يا مسجدن ۽ عبادتگاهن ۾ ڪتابن جو مطالعو ڪرڻو پيو هوندو. ان ڪري ان موضوع تي هو ڪجهه اهڙيون ڳالهيون لکي ويو آهي، جيڪي حقيقت تي ٻڌل ناهن. مثال طور مشهور صحابي حضرت سعد بن ابي وقاص جي چين وڃڻ، اتي اسلام جي تبليغ ڪرڻ ۽ پوءِ وفات ڪرڻ تاريخ مان ثابت نه ٿو ٿئي، پر جيئن ته چين ۾ اهي روايتون مشهور هيون تنهن ڪري علامه ليوتشي به انهن کي پنهنجي ڪتاب ۾ جاءِ ڏني آهي، پر پوري ڪتاب ۾ اهڙا ڪجهه ئي هنڌ آهن. علامه ليوتشي سيرت تي ڪتاب جي پڄاڻي تي پنهنجي عمر 40 سال کان وڌيڪ ٻڌائي آهي. اهڙي طرح هن جي ولادت 1735ع جي لڳ ڀڳ هوندي. 1783ع ۾ هن جو ڪتاب ضبط ٿي ويو، عدالت ۾ هن جي پڙپوٽي بيان ڏنو ته ليکڪ مري چڪو آهي، اهو بيان جيڪڏهن مصلحت تي ٻڌل ناهي ته ان مان معلوم ٿو ٿئي ته ان ئي سال ان جي وفات ٿي وئي. ان زماني ۾ چيني مسلمان چيني حڪومت جي ظلم جو شڪار هئا، انهن تي هر ايندڙ ڏينهن مصيبتون نازل ٿينديون هيون. ڪجهه اهي عام حالتون ۽ ٻيو سيرت جو جيڪا هن وڏي محنت ۽ ايماني جذبي تحت لکي هئي، اهڙي طرح ضبط ٿيڻ ناقابل برداشت صدمو هوندو. جيڪو اڻ مندائتي موت جو سبب بڻجي ويو هوندو.
رسول ﷺ جي سيرت تي چيني زبان ۾ اهو پهريون ڪتاب تقريباً 1781ع ۾ لکيو ويو. اسلامي حلقن ۾ ان جو زبردست آڌرڀاءُ ٿيو. مولانا ليوتشي پنهنجو ڪتاب بغير ڪنهن معاوضي جي ڪيانگ نانگ جي هڪ پبلشر مائي فوشون کي ڏئي ڇڏيو. هن جو ليکڪ جيئن ته شهرت ۽ مقبوليت جو مالڪ هو، تنهن ڪري هن مسودي جو به چرچو عام ٿي ويو. ان زماني ۾ ڪتاب تختين تي لکي ڇاپڻ جو طريقو رائج هو، تنهن ڪري هن مسودو ڪاٺي جي تختين تي لکرايو، پر اڃا ڇپرائڻ جي نوبت نه آئي ته ڳجهي پوليس جي چرچ تي حڪومت قلمي نسخو ۽ لکيل تختين کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ورتو. رسول ﷺ جي امتين تي جيڪي مصبتون آيون، پر پاڻ سڳورن ﷺ جي سيرت ۽ ان جي ليکڪ سان جيڪو حادثو پيش آيو اهو اسلامي تاريخ ۾ پنهنجو مثال نه ٿو رکي.
چنگ عهد ۾ مانچو خاندان جي حڪمراني هئي، اهو ئي چيني عوام ۽ خاص طور مسلمانن لاءِ ڏاڍ ۽ ڏمر وارو زمانو سڏرائيندو آهي، جنهن جو خاتمو نيٺ جمهوري انقلاب ڪيو. ان دؤر ۾ مسلمانن تي هر طرح جا ظلم ڪيا ويا. ”حيات محمدي“ به ان ڪريل ظلم جو شڪار ٿي. ڪيانگ سي جي سپرنٽينڊنٽ پوليس هڪ تفصيلي رپورٽ ٺاهي ڪيانگ سي ۽ ڪيانگ سو جي گورنر ڏانهن رواني ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته هائي فوشون نالي مسلمان وٽ چيني زبان جا 5 ۽ عربي زبان جا 21 ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ موجود آهن. جوابدار جو بيان آهي ته انهن جي ليکڪن جيڪي هن جا مذهبي ڀائر آهن اهي ڪتاب ڇاپڻ لاءِ ڏنا آهن. انهن جون تحرير ڪيل تختيون ڪيانگ نانگ ۾ آهن ۽ قلمي مسودا به ساڻ روانا ڪيا آهن ته جيئن ڏسڻ وائسڻ ۽ غور ويچار کان پوءِ ساڙيا وڃن. انهن ڪتابن ۾ قانون جي خلاف لفظ آهن ۽ انهن ۾ فتني فساد جو انديشو آهي. جوابدار انهن ليکڪن جو پتو ٻڌائي ڇڏيو آهي جن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
الله ڪجهه وقتن تي دشمنن جي دل ۾ به رحم پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. حاڪم پوليس جي ان رپورٽ تي ضروري حڪم نه ڏنا، پر سمورن معاملن جي وڌيڪ جاچ ڪئي ۽ پنهنجي تبصري سان هڪ تفصيلي رپورٽ بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪئي. هن پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته پوليس جي هڪ بيان مطابق ڪتابن کي ضبط ڪرڻ جو سبب فتني فساد جو انديشو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي مون پنهنجي ماتحت عملي کي جاچ جي هدايت ڪئي، حيات محمدي ﷺ نالي ڪتاب جي ليکڪ جي باري ۾ هن جي پڙپوٽي عدالت کي ٻڌايو ته اهو مري چڪو آهي. مون سمورن ضبط ڪيل ڪتابن جي عدالتي ڪارروائي جو چڱي نموني مطالعو ڪيو آهي. لاڳاپيل آفيسر چو چواين مون کي اطلاع ڏنو ته هو مسلمانن خلاف جاچ ۾ انتهائي سرگرم آهي. ان کان سواءِ مون کي ان وچ ۾ ڪووچونگ هو جي حاڪم لي فو جو هڪ خط مليو، جنهن ۾ هن مسلمانن جي سفارش ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته بادشاهه کي گذارش ڪئي وڃي ته مسلمانن جي جان ۽ مال تي رحم ڪيو وڃي ۽ ضبط ٿيل ڪتاب واپس ڪيا وڃن اهي ماڻهو بادشاهه جي حق ۾ دعا ڪندا.
صوبي جي گورنر سانورائي ان خط کان سواءِ هڪ ٻيو خط بادشاهه جي خدمت ۾ روانو ڪيو. جنهن تي 3 ٻين ماڻهن، فوجي ڪمانڊر، مجلس عامله جي صدر ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس جون به صحيحون آهن. ان خط ۾ اهوئي چيو ويو هو ته اهي سمورا الزام هٿ ٺوڪيا آهن ۽ چو چواين مسلمانن تي ظلم ڪري سخت غلطي ڪئي آهي. هن وقت مصلحت ۽ دورانديشي جي تقاضا آهي ته مسلمانن کي تنگ نه ڪيو وڃي، هي سڌا سادا پرامن مذهبي ماڻهو آهن. درويشن وانگر زندگي گذاريندا آهن. خطن ۾ اهو ئي چيو ويو هو ته ملڪ جا سياسي ۽ سماجي قانون مسلمانن خاص طور تي مذهبي معاملن تي لاڳو نه ڪيا وڃن. چين جي هڪ نغفور جنهن جو نالو چنگ لنگ هو، حڪومت جي ذميدار عهديدارن جي سفارشن کي قبول ڪري ورتو ۽ فرمان جاري ڪري عدالتي حڪمن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. اهو سڄو هنگامو 1783ع ۾ ٿيو. ان کان پوءِ ”حيات محمدي ﷺ“، جنهن ۾ سيرت محمدي ﷺ سڀاوَ جي زيور سان آراستا ٿي، جيتوڻيڪ ان ۾ ٻن سالن جو عرصو لڳو. اهڙي طرح پهريون ترتيب ڏنل ڪتاب 1785ع ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ ان ڪتاب جا بي شمار ايڊيشن نڪتا ۽ اڄ به چين جي مسلم حلقن ۾ ان کي وڏي چاهه سان پڙهيو ويندو آهي.

چين جو هڪ جائزو

چيني باشندا جيئن ته هڪ هنڌ ئي رهيا ۽ ٻين قومن وانگر مختلف هنڌن تي زندگي نه گذاري، ان ڪري انهن ماڻهن ۾ محبت ۽ ايڪو ملندو آهي. اهي ماڻهو تاريخي دورن کان به پهريان پنهنجن علائقن ۽ ڳوٺن ۾ گڏجي رهندا هئا. جيتوڻيڪ اهي پنهنجي خاندان جي تمام گهڻي عزت ڪندا آهن. شروع کان ئي هنن جو سڀ کان وڏو ڌنڌو ٻني ٻارو ڪرڻ هو. هي ماڻهو کير يا کير مان ٺهيل ڪا ٻي شيءِ استعمال نه ڪندا هئا، پر جڏهن هنن کير جي غذائي اهميت کي سمجهي ورتو آهي ته هاڻي کير پيئڻ لڳا آهن.
هنن جا زرعي اوزار جيڪي هي شروع ۾ استعمال ڪندا هئا پٿر جا ٺهيل هوندا هئا. ساڍن ٽن سؤ سالن جي آثارن مان خبر پوي ٿي ته هنن ماڻهن کي ٻني ۾ پاڻي ڏيڻ جو طريقو ايندو هو. گهڻا تڻا ماڻهو اترين حصي ۾ آباد هئا، هتي جي مٽي زرخيز هئي ۽ اهي اوزار ان مٽي ۾ استعمال ڪندا هئا. حالتن ۽ واقعن مان خبر پوي ٿي ته هي ماڻهو پراڻي زماني ۾ به سٺا هاري هئا. چيني باشندا شهر ۾ رهندا هجن يا ڳوٺ ۾ هنن جي رهڻ ڪهڻ جو طريقو هڪ جهڙو آهي. هي ماڻهو پنهنجن مائٽن سان تمام گهڻي محبت ڪندا آهن ۽ انهن جي عزت ڪندا آهن، جيڪي مائٽ مري ويندا آهن انهن کي وساريندا نه آهن ۽ هميشه انهن کي محبت سان ياد ڪندا رهندا آهن ۽ ڏکئي وقت ۾ انهن کان مدد گهرندا آهن. پنهنجي ٻارن جي پرورش ۽ تربيت جو خاص خيال رکندا آهن. هي پنهنجي ٻارن کي قوم جو سرمايو سمجهندا آهن، ان ڪري انهن جي پرورش سٺي نموني ڪئي ويندي آهي ته جيئن اهي وڏا ٿي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهن.
خاندان جي ڪنهن فرد کي وراثت کان محروم ناهي ڪيو ويندو، ڀلي اهو بدنام هجي، غريب هجي يا امير، اهو جنهن مهل چاهي واپس اچي سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ کيس ڪنهن به قسم جي ضمانت جي ضرورت ناهي. جيڪڏهن پيدائش وقت ڪو ٻار ڪمزور پيدا ٿيندو آهي ته هي ماڻهو ان کي نظر انداز ناهن ڪندا، پر ان جي به پرورش دل ۽ جان سان ڪندا آهن. اهو ضرور آهي ته ان کي ڪٿي پري پڙهائڻ لاءِ ناهي موڪليو ويندو. هي ماڻهو فرد کي خاندان جو حصو تصور ڪندا آهن. شادي مرد ۽ عورت جي مرضي سان ناهي ٿيندي، پر خاندان جا بزرگ انهن جي شادي جو فيصلو ڪندا آهن.
پراڻي زماني ۾ خاندان جا سمورا فرد گڏ رهندا هئا ۽ گڏ ئي کائيندا پيئندا ۽ راند روند ڪندا هئا، پر سمهڻ لاءِ انهن جا ڪمرا الڳ الڳ هوندا هئا. هي ماڻهو تمام گهڻي پيار ۽ محبت سان زندگي گذاريندا هئا ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئا. جيڪڏهن ڪڏهن ان جي ابتڙ ٿيندو هو ته خاندان جا سڀ کان وڏا بزرگ ان تي افسوس ظاهر ڪندا هئا ۽ انهن کي نصيحت ڪندا هئا. ڏاڏي ڏاڏو گهر جا سڀ کان وڏا بزرگ سمجهيا ويندا هئا. گهر جي هر ڪم ۽ هر معاملي ۾ انهن جي صلاح لازمي سمجهي ويندي هئي. انهن جي وفات کان پوءِ والدين ان ذميداري کي سنڀاليندا هئا. اهي به پنهنجي والدين وانگر وڏي عمر جا هوندا هئا. هاڻي عوامي جمهوريه چين ۾ ماڻهن جي گهريلو زندگي ۾ وڏي تبديلي اچي وئي آهي. هاڻي مرد ۽ عورتون الڳ الڳ رهن ٿا. وڏن وڏن ڪمرن ۾ سڀ گڏجي ويهي ماني کائيندا آهن. ٻارن لاءِ مدرسا ٺهيل آهن ۽ جڏهن اهي ٿورا وڏا ٿي ويندا آهن ته انهن کي شروعاتي اسڪولن ۾ داخل ڪيو ويندو آهي.
وڏي عمر جي ٻارن کي بورڊنگ هائوس ۾ داخل ڪرايو ويندو آهي، ننڍن ٻارن جي سارسنڀال لاءِ دائي خانا قائم ڪيا ويا آهن ۽ وڏن ٻارن لاءِ اسڪول وڃڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. اهڙي طرح عورتون گهر جي سمورين ذميدارين کان آزاد ٿي ويون ۽ اهي زراعت ۽ صنعت ۾ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪرڻ لڳيون. عورتن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو ويو، جنهن سان انهن کي معاشري ۾ هڪ خاص مقام حاصل ٿي ويو آهي.

[b]پکيڙ ۽ پيداوار
[/b]چين ايشيا کنڊ جي اوڀر حد جي تقريباً وچ ۾ واقع آهي، جيتوڻيڪ ان جي پکيڙ اڪثر بدلبي رهندي آهي، پر عام طور اهو چئي سگهجي ٿو ته هي 8.3 درجا 25. 53 درجا اتر غرص بلند ۽ 80 کان 130 درجا اوڀر طول بلند ۾ واقع آهي. لفظ چين سڀ کان پهريان شهنشاهه چي هوانگ طي 221 ق م ۾ سڄي ملڪ لاءِ استعمال ڪيو. هونئن ته منوسمرتي ۽ مهاڀارت ۾ به انهن ماڻهن جو ذڪر آهي، پر گهڻو ڪري اهو جابلو قبيلن لاءِ استعمال ٿيو آهي. اصل چين طرف اشارو ناهي. 11 هين صدي عيسوي تائين يورپ وارن کي چين جي تحقيق نه هئي، مارڪو پولو وغيره جي ڪهاڻين مان هنن نه ٿي ڄاڻيو ته اوڀر ۾ هڪ وڏو ملڪ آهي، جنهن کي عام طور تي ”ڪي ٿي“ چيو ويندو آهي. هي لفظ اصل ۾ ”ڪتائي“ يا ”ڪيا خطا“ مان جيڪو وچ ايشيا جو صوبو ۽ شهر آهي، بگاڙي ٺاهيو ويو آهي. روسي اڃا تائين چين کي ”حظائي“ چوندا آهن. مسلمان سياحن ۽ جغرافيه دانن شروع کان ئي هن کي چين (۽ جيئن ته عربي ۾ چ ناهي ان ڪري سين يا صين) چيو. پر اصليت اها آهي ته شهنشاهه چي هوانگ طي ان جو نالو شين هي پنهنجي خاندان جي نالي تي رکيو هو. ان ڪري ته عرب وارا ان ملڪ کي سين لفظ سان ئي ڄاڻين ٿا. حديث رسول ﷺ مان به ظاهر آهي، جنهن مان ارشاد آهي ته ”اطلبو العلم ولو کان بالعين“ مغربي سياحن جي ڪتابن سان يورپ وارن ۽ خاص طور پٽولي پنهنجي جغرافيه ۾ چين جو ذڪر وڌائي ڇڏيو. هاڻي يورپ ۾ اها غلط فهمي پيدا ٿي ته ”ڪي ٿي“ ۽ چين ٻه الڳ الڳ آهن يا هڪ آهي ۽ اها غلط فهمي 1605ع تائين رهي. جڏهن هڪ پادري بينيڊڪٽ گوئي کي هندستان موڪليو ويو هو ته اصليت جي خبر پوي. حالانڪ ان کان ڪيتريون ئي صديون پهريان مسلمانن جا چين سان لاڳاپا واپاري ۽ معاشرتي تمام سٽي نموني قائم هئا ۽ مسلمانن چين تي تفصيلي ڪتاب لکيا آهن. خاص طور تي تبريز جي وزير رشيدالدين چين جو حال تمام تفصيل سان لکيو آهي. 1318ع سفرنامي ابن بطوطه ۾ به تفصيلي احوال آهي.
چين ۾ جيڪڏهن منچوريا کي به شامل سمجهيو وڃي ته ان جي پکيڙ ايتري ئي آهي، جيتري گڏيل هندستان جي هئي ۽ آبادي ٿوري وڌيڪ آهي. چين جي آبادي 40 ڪروڙ کان به وڌيڪ آهي. پروفيسر گائلز لکي ٿو ته ”جيڪڏهن چيني هڪ قطار ۾ ڪنهن جاءِ تان گذرڻ شروع ڪن ته اهو دلچسپ جلوس قيامت تائين ختم نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته ان کان پهريان جو موجوده پيڙهي جو آخري ماڻهو ان مقرر ڪيل جاءِ تان گذري، نئون نسل پيدا ٿي وڏو ٿي چڪو هوندو ۽ اهو گذرڻ شروع ٿي ويندو.“
منچوريا کي ڇڏي سڄو ملڪ ٽن دريائن جي وچ تي مشتمل آهي، يعني، دريا هوانگ هو، درياء زرد، درياء ينگ سي ڪيانگ ۽ درياء سي ڪيانگ، جيڪي تبت جي اڀرين حصي مان نڪرن ٿا ۽ تقريباً هڪ جهڙا هلندي بحرالڪاهل ۾ وڃي ڪرن ٿا. اتر ۾ هوانگ هو آهي ۽ ڏکڻ ۾ سي ڪيانگ ۽ ينگ سي ٻنهي جي وچ ۾ آهي. هوانگ هو ۽ ينگ سي جي وچ ۾ سن لنگ جا جبل آهن. ڪوهه سن لنگ جي اتر ۾ نهايت نازڪ ذرن جي سڀئي مٽي آهي، جنهن کي لوئيس چوندا آهن. اها مٽي صدين ۾ گوبي ريگستان جي انهن نازڪ نازڪ ذرن مان ٺهي آهي، جيڪي اڏري اڏري ايندا رهيا ۽ ڄمندا رهيا. هن مٽي جي زرخيزي جو ڪارڻ اهو آهي جو گاهه جي پيداوار تي اهي ذرا اچي ڄمندا رهيا ۽ تهه ڄمائيندا رهيا ۽ هاڻي مٽي ٻين نباتاتي جزن سان ملي ڪري زرد زرخيز ٿي وئي آهي. ان مٽي جي ڪري درياءَ هوانگ هو جو پاڻي زرد ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ ان کي درياءَ زرد جو نالو ڏنو ويو آهي.ان زرد سطح جي اوڀر ۾ دريا هوانگ هو جي مسلسل ۽ صدين جي عمل سان اهو زرخيز ميدان بڻيو آهي، جنهن کي ميدان اعظم چيو ويندو آهي، ان ميدان ۾ دريا هوانگ هو جبلن کان آندل مٽي هميشه پکيڙيندو رهندو آهي. درياءَ جا پاسا مصنوئي ڪنارن ۽ بندن سان ٻڌل آهن ۽ جڏهن به بند ٽٽي پوندا آهن ته قيامت جهڙي ٻوڏ ايندي آهي. اهو درياءَ شهر ڪائي چنگ فو جي مقام تي ميدان چين ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ هتان کان سمنڊ تائين هن جو رخ اڪثر تبديل ٿيندو رهندو آهي. گذريل اڍائي سالن ۾ هي 9 ڀيرا پنهنجو رستو بدلائي چڪو آهي. 53- 1851ع ۾ درياءَ جو اتريون بند ڀڄي پيو ۽ اهو 12 ميل ڊگهي پاڻي جي چادر جي شڪل ۾ وهي وڃي اتر ۾ درياءَ طاسنگ ۾ ڪريو ۽ پهرين ڪنارن ۽ هاڻي نئين رستي جي وچين ايراضي کي گپ بڻائي ڇڏيو آهي.
درياءَ ينگ سي ڪيانگ آءِ چنگ وٽان ميدان ۾ داخل ٿئي ٿو، اتان کان 6 سؤ ميل پهريان ان ۾ درياءَ هان ملي ٿو. ان جاءِ تائين هي جهاز راني جي قابل آهي ۽ سمنڊ ڏانهن ويندڙ جهاز به هن ۾ اچي سگهن ٿا. هن جي ڪناري تي ڪيترائي مشهور شهر آباد آهن، ڇاڪاڻ ته هن جي وادي دنيا جي زرخيز ترين زمين ۾ شمار ٿئي ٿي. هن وادي کي ووهان چوندا آهن. ڏاکڻي بلند سطح مان درياءَ سي ڪيانگ وهي ٿو ۽ ڏکڻ اولهه ميدان ٺاهي ٿو. هي ميدان اترين ميدان کان الڳ ٿي ويو آهي ۽ آمدورفت جي گهٽتائي جي ڪري هتان جي معاشرتي زندگي گهڻو مختلف آهي، هي حصو تمام گهڻو آباد آهي ۽ ٻي جاءِ تي جتي چيني ملن ٿا (مثال طور هند چيني، ملايا؟ جاوا وغيره) اهي سڀ هن خطي مان آيل آهن.
چين جو تمام گهڻو حصو زرعي آهي. 80 سيڪڙو روزي جو دارومدار زراعت تي آهي ۽ چين جي برآمد جو 3 ڏهائي 4 حصو زرعي شين تي مشتمل آهي. چين ۾ چانور، ڪڻڪ ۽ جوار ٿيندي آهي. پوري دنيا جي چانورن جي پيداوار جو 60 سيڪڙو چين ۾ ٿئي ٿو. 50 سيڪڙو چانهه، 25 سيڪڙو ريشم ۽ 10 سيڪڙو روئي هتي پيدا ٿئي ٿي ۽ گهڻو ڪري ڏکڻ اولهه ۽ اولهه مان حاصل ٿئي ٿي. ان کان سواءِ سويا مٽر ۽ تنگ جو تيل جيڪو وارنش جي ڪم ايندو آهي، اهو ته چين کان سواءِ ڪٿي ٿيندو ئي ناهي ۽ وڏي مقدار ۾ اهي ٻئي شيون ٻاهر وينديون آهن.
معدنيات جي لحاظ سان به چين تمام گهڻو خوشحال آهي، ڪوئلو جيڪو سڀ کان وڌيڪ ضروري شيءِ آهي هتي چڱي مقدار ۾ ملندو آهي. لوهه به تقريباً اڍائي ڪروڙ مڻ هر سال ڪڍيو ويندو آهي ۽ جاپان موڪليو ويندو آهي، انٽي مني ٽنگسٽن ۽ ٽين به ڪافي مقدار ۾ ملندو آهي. صنعت ۾ چين ٻين ملڪن جو مقابلو شايد ڪڏهن به نه ڪري سگهي، ڇو جو ڪافي مقدار ۾ معدنيات ملڻ جي باوجود اهي ايتريون نه آهن جو مثال طور آمريڪا جي پيماني تي ڪارخانا هلائي سگهي، پر پوءِ به جيڪي شيون ٺاهيون وينديون آهن اهي وڏن وڏن ڪارخانن ۽ فيڪٽرين بدران گهريلو صنعت جي اصول تي ٺاهيون وينديون آهن. جنهن ۾ هر گهر ۽ هر ڳوٺ ۾ ننڍي پيماني تي ڪارخانو هوندو آهي. وڏن وڏن ڪارخانن جي حوالي سان ته صرف شنگهائي کي صنعتي شهر چئي سگهجي ٿو. پوري چين ۾ جيتريون ڪپڙي جون فيڪٽريون آهن انهن مان اڌ صرف اتي ئي آهن، اهڙي طرح اٽي جون مشينون به سڀ کان وڌيڪ اتي آهن. ڇاڪاڻ ته هي ينگ سي ڪيانگ جي منهن ۾ واقع آهي ۽ ان جي ڀر ۾ تمام گهڻي زرخيز وادي آهي.
درآمد ۾ خاص شيون هي آهن روئي ۽ اُنَ جي ڪپڙي جون مشينون، اوزار، معدنيات ۽ صنعتي شيون. واپار گهڻو تڻو ڪانٽن ۽ شنگهائي جي بندرگاهن کان ٿيندو آهي، رڳو ڪانٽن بندرگاهه جو واپار ڏکڻ آفريڪا جي واپار جي برابر آهي.

[b]دستڪاري[/b]
چين ۾ آتش بازيءَ جا ڦٽاڪا گهڻا ٺاهيا ويندا آهن. عام طور تي اهي ڦٽاڪا تمام ننڍا هوندا آهن، پر ان کان سواءِ گولا به ٺاهيا ويندا آهن، جن تي نانگن ۽ ديون جون تصويرون ٺهيل هونديون آهن. اهي گولا سٺي نموني ٺاهيا ويندا آهن. هتي ٿانوَ ٺاهڻ جو ڪم تمام سٺو ٿيندو آهي. ٿانون جا دڪان مارڪيٽن ۾ جام هوندا آهن. جتي ڪٽليون، ديڳڙيون، لالٽينون ۽ پتل جون سوين ٻيون شيون ٺاهيون وينديون آهن، تصويرن هيٺان شمعدان به تمام سهڻا ٺاهيا ويندا آهن.
هتي ڪاٺ جو ڪم به تمام سٺو ٿيندو آهي ۽ هي ماڻهو مضبوط پٽين ۽ بانسن مان ڪاٺ جا ٽب ۽ بالٽيون ٺاهيندا آهن. ٻارن لاءِ جهولا به ٺاهيا ويندا آهن، جن تي ڪپڙو وڇائي ٻارن کي سمهاريو ويندو آهي. ان کان سواءِ ننڍيون ننڍيون الماڙيون به ٺاهيون وينديون آهن، اهي ئي الماڙيون عورتن جي سينگار جو سامان رکڻ لاءِ به ڪم اينديون آهن. جيڪڏهن ڪنهن الماڙي کي کولي ڏسو ته ان جي اندر هڪ ننڍڙو آئينو، ڪنگو رکڻ جي جاءِ، هڪ ننڍڙو نچڪڻو ۽ ڪجهه پائوڊر رکيل هوندا آهن. دڪانن تي ڪاٺ جا ڪجهه خوبصورت پردا رکيل هوندا آهن، جن تي مصورن پاران قدرتي منظر چٽيل هوندا آهن. چيني مصورن کي اهڙي قسم جون شيون ٺاهڻ جو ڏاڍو شوق آهي. اهي ان کي فطرت جو شاهڪار سمجهندا آهن، هتي ٿانوَ تمام عمده ٺاهيا ويندا آهن، انهن مٽي جي ٿانوَن ۾ دلا، ڪونڊا ۽ گلدان تمام عمدا هوندا آهن. ڪنهن تي ڳاڙهو رنگ ۽ ڪنهن تي سائو رنگ ٿيل هوندو آهي. مٽي جون هنڍيون ۽ ان جا ڍڪڻا به تمام خوبصورتي سان ٺاهيا ويندا آهن. ان کان سواءِ مٽي جون مورتيون ٺاهڻ جو به عام رواج آهي. ڪجهه مورتيون ديوتائن جي شڪل ۾ ٺاهيندا آهن ۽ ڪجهه رڳو گڏيون هونديون آهن.
دهي کپائڻ وارو دهي جا ٽڪرا ڪٽي آلي ڪپڙي تي پکڙي ڇڏيندو آهي. ان جي پويان ورن وڪڙن واري دهي پيل هوندي آهي، جيڪا کاڌن جو ذائقو وڌائيندي آهي. مرچن واري ڳاڙهي دهي جا ٽڪرا رڳو ناشتي ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن. مٽرن جي چٽڻي جيڪا تمام هوشياري ۽ سياڻپ سان ٺاهيندا آهن، گهڙن ۾ ڀري رکي ڇڏيندا آهن، چيني باشندا پنهنجي هر کاڌي ۾ ان چٽڻي جو استعمال ضرور ڪندا آهن.
چين ۾ هٿرادو گل ۽ ٻيو سونهن وارو سامان ٺاهڻ جو ڪم به عمدو ٿيندو آهي. هٿرادو گلن مان لفظ ٺاهيا ويندا آهن. شادين ۽ جنارن ۾ انهن ئي گلن جا هار ٺاهيا ويندا آهن ۽ جڏهن شهر ۾ ڪو وڏو ماڻهو ايندو آهي ته انهن گلن جو ئي مينهن وسائيندا آهن.

[b]آمدورفت جا ذريعا:
[/b]چين جا آمدورفت جا ذريعا تمام محدود آهن. ان جو ان مقابلي مان اندازو ٿي سگهي ٿو ته جيتوڻيڪ ايراضي ۾ چين گڏيل آمريڪا جي ٻه ڏهائي ٽي برابر آهي، پر جيڪڏهن اتي 34 ميل ريل آهي ته چين ۾ هڪ ميل ۽ آمريڪا ۾ جيڪڏهن هزار ميل مضبوط روڊ آهن ته چين ۾ 10 ميل. اڪثر جاين تي مزدورن جي مرڻ کان سواءِ ٻيا ڪي ذريعا نه هئا. ريلن جي سڄي تعمير غيرملڪي ڪمپنين جي ڪري عمل ۾ آئي. پهرين ريل 1875ع ۾ ٺاهي وئي، ان کان پوءِ بيلجيم پيڪن کان هانڪو تائين، آمريڪا هانڪو کان ڪانٽن تائين (نامڪمل)، روس منچوريا ۾ پيڪن کان سائبيريا ريلوي تائين، جرمني سنگ طائو کان سيان فو تائين، فرانس ڏاکڻي ريلوي ۽ انگريزن ينگ سي ڪيانگ جي وادي ۾ ريلوي پٽڙيون وڇايون. اهي ريلون انهن ئي غيرملڪي قومن جي هٿ ۾ هيون، پر باڪسرز تحريڪ کان پوءِ ان مان ڪيتريون ئي ريلون چيني حڪومت جي ماتحت ٿي ويون.

[b]پيداوار:
[/b]چين ۾ گرمي ۽ ٿڌ ٻنهي جون مون سون (برساتي) هوائون مينهن جو سبب بڻجڻ ٿيون. اپريل ۽ مئي ٻنهي مون سون جي وچ ۾ سڪون جو زمانو هوندو آهي. اتر ۾ هماليه جهڙي ڪابه زنڊڪ ناهي، ان ڪري برف پوش سائبيريا جون ٿڌيون هوائون اتر چين کي تمام گهڻو ٿڌو ڪري ڇڏينديون آهن. هونئن به مون سون برساتون اتر جي ڀيٽ ۾ ڏکڻ، ڏکڻ اولهه جي حصي ۾ وڌيڪ پونديون آهن. ان ڪري ڏاکڻي حصي ۾ چانور وڏي مقدار ۾ ٿيندا آهن. ڏکڻ چين ۾ مينهون ۽ ڍڳيون محنت جي ڪمن ۾ استعمال ٿينديون آهن، بار ڍوئڻ لاءِ گڏهن کي به استعمال ڪيو ويندو آهي. اتر جي آبهوا ۽ وري زرد مٽي چانورن کي راس ناهي ايندي، اتي چانورن بدران ڪڻڪ پوکي ويندي آهي. اتر چين ۾ پوکي جي ڪمن ۾ گهوڙن ۽ گڏهن کي استعمال ڪيو ويندو آهي. چيني گڏهه تمام گهڻو مضبوط هوندا آهن ۽ گهڻو وزن هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي کڻي ويندا آهن. وچون حصو هر شيءِ لاءِ مناسب آهي ۽ هتي هر شيءِ وڏي مقدار ۾ پيدا ٿيندي آهي. وادي احمر يا سرخ زمين ان ئي حصي ۾ آهي ۽ دنيا جي زرخيز ترين زمينن ۾ شمار ٿئي ٿي. هتي سال ۾ 6،6 فصل پوکيا ويندا آهن.

[b]گرمي پد:
[/b]ڏکڻ چين ۾ 60 ڊگري سينٽي گريڊ تقريباً هر سال رهندو آهي. ينگ سي جي ميدان ۾ تقريباً 7 مهينا ۽ اتر ۾ 5 مهينا.

[b]ڀاڄيون ۽ ٻوٽا
[/b]چين جا سمورا جهنگ تباهه ٿي چڪا آهن، پر اها اميد جي برخلاف ڳالهه ناهي ڇو، جو جتي جي تهذيب 5 هزار سال پراڻي ۽ مسلسل هجي اتي جهنگ جي موجودگي تعجب جوڳي ڳالهه آهي. جهنگلات جي نه هجڻ جي ڪري جيترو نقصان چين کي ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهندو ان جو اندازو ڪرڻ به ڏکيو آهي. گذريل صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ هوانگ هو ۾ جيڪا ٻوڏ آئي هئي ان ۾ 10 لک کان به وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيون. ان مان انهن ماڻهن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي بي گهر ٿيا. اهي ٻوڏون اڪثر اينديون رهنديون آهن. ماهرن جو گڏيل فيصلو اهو آهي ته ان جو ڪارڻ جبلن تي جهنگلات جي بربادي آهي ۽ انهن ٻوڏن جو ان کان سواءِ ٻيو ڪو علاج ناهي ته انهن جبلن تي جتي دريائن جا چشما آهن ۽ جتان گذرن ٿا ٻيهر جهنگ لڳا وڃن. جهنگلن جي تباهه ٿيڻ کي ايترا ڏينهن گذري چڪا آهن، جو اهو اندازو لڳائڻ تقريباً ناممڪن آهي ته شروع ۾ انهن جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي. آبهوا ته اهڙي آهي جو هتي بهتر کان بهتر جهنگل ٿيڻ گهرجي. هن وقت به چين ۾ گلن ۽ ٻوٽن جا 9 هزار قسم آهن. خصوصيت اها آهي ته اتي اتر ۽ ڏکڻ ٻنهي جون ڀاڄيون ۽ ٻوٽا ملن ٿا. جبلن تي ڪجهه سخت جان وڻ جيڪي ماڻهن ۽ اتر جي ٿڌين هوائن کان بچي ويا، اهي باقي آهن. بانس چين ۾ فصل طور پوکيو ويندو آهي، اتي نه ٿو ملي. ڏکڻ ۾ جهنگلات ايترا تباهه ناهن ڪيا ويا جيترا اتر ۾، هتي ڏکڻ ۾ چڪلي پتي ۽ سوئي پتي، ٻنهي قسم جا وڻ ملن ٿا.

[b]جانور:
[/b]وڻن ۽ ٻوٽن جي چڱي تعداد ۾ هجڻ ڪري جانور به وڏي انگ ۾ آهن. وڻن ۽ ٻوٽن وانگر ئي جانورن جا به ڪيترائي قسم آهن. هتي اهڙ اجانور به ملي ويندا آهن، جيڪي دنيا ۾ ٻئي هنڌ ختم ٿي چڪا آهن. مثال طور رڇ، ٻلي ۽ طاڪن (هڪ جانور جيڪو هرڻ ۽ ٻڪري جي شڪل جو ۽ قد ۾ انهن کان وڏو هوندو آهي) ان کان سواءِ مختلف قسمن جا مور ۽ جهنگلي ڪڪڙيون جام آهن. ايلي گيٽر به ڌرتي جي اترين حصي ۾ هتان کان سواءِ ڪٿي به ناهي.

[b]واپار:
[/b]انقلاب کان پهريان درآمد واپار جو گهڻو حصو انگريزن جي هٿ ۾ هو ۽ برآمد گهڻو تڻو جاپان جي هٿ ۾ هئي، نه ته مغرب جي هر قوم ٿورو يا گهڻو هتي واپار ڪري ٿي ۽ شنگهائي ۾ بين الاقوامي آبادي قائم آهي. چيني حڪومت 15 مختلف حڪومتن سان واپار جا معاهدا ڪيا آهن، جن تحت ٽيڪس وغيره جي حد قائم آهي.

[b]صنعت:
[/b]چين اصل ۾ هڪ زرعي ملڪ آهي، پر هاڻي صنعت ۾ هن جو ايترو چرچو آهي جو يورپي ۽ آمريڪي عالمي منڊين تائين هن جي پهچ آهي. پهريان صرف هڪ شهر شنگهائي ئي صنعتن جو شهر هو، پر هاڻي انقلاب کان پوءِ ٻين وڏن شهرن ۾ به صنعت جا ڪارخانا لڳايا ويا آهن، پر اصل ۾ چين جا ڪارخانا چينين جا ڳوٺ بلڪ انهن جا گهر آهن. هر ڪاريگر پنهنجي گهرجي اندر ئي ڪم ڪري ٿو ۽ اهڙي طرح گهريلو صنعت جاري آهي. شنگهائي ۾ سڄي صنعتي فضا آهي. 1928ع ۾ هتي فيڪٽرين جو ڪل تعداد 273 هو ۽ انهن ۾ 87 غيرملڪي هيون. چيني فيڪٽرين ۾ مزدورن جو ڪل تعداد 53114 هو ۽ غيرملڪي ڪارخانن ۾ هڪ لک 8 سؤ 4 مزدور هئا. 1924ع ۾ هڪ ڪميشن ويٺو هو ته شنگهائي ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي آبادي ۾ نابالغ مزدورن جي حالتن جي جاچ ڪري. ان جي رپورٽ مان خبر پوي ٿي ته اتي نابالغ مزدورن جي مجموعي طور مزدوري 11 رپين کان 20 رپيا ماهوار هئي. ان رپورٽ ۾ اهو ته تسليم ڪيو ويو ته اها مزدوري شنگهائي ۾ سادي ترين رهائش لاءِ به ڪافي ناهي. عورت جي مزدوري ٻه آني کان ساڍا پنج آنا روز جي هئي. مزدوري کان سواءِ پورهيتن کي ٻيون ڪي به سهولتون حاصل نه هيون. انقلاب کان پوءِ مزدورن کي ڪيتريون ئي سهولتون مليون آهن ۽ انهن جي مزدوري ۾ به چڱو اضافو ڪيو ويو آهي.

[b]چيني زبان:
[/b]چين، برما کي چيني زبان ۽ ڪوريا جي زبانن کي يڪ صوتي يا يڪ رڪني چوندا آهن. هي دنيا جون قديم ترين زبانون آهن. هن ۾ ابجد ناهي، پر هر لفظ لاءِ هڪ خاص ۽ عليحده نشاني آهي. ڀڃ ڊاهه سان نه پر ان نشاني مان مراد اهو خاص لفظ هوندو آهي. لفظ به سڀ کان جدا جدا ۽ سڀ منفرد. اشتقاق خودمختيار ناهي، ايستائين جو فعل به. جڏهن مختلف زمانن مثال طور ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ ايندا آهن ته ڪنهن قاعدي جي لحاظ سان تبديل نه ٿا ٿين بلڪ تبديلي ايندي ئي ناهي. هتي ته هر زماني لاءِ هڪ نئون لفظ آهي، جنهن جو ان فعل جي ڪنهن ٻئي زمان جي شڪل سان ڪو تعلق ئي ناهي. لکت لاءِ ڪو قاعدو ناهي، جيڪو اچارن کي ملائي سگهي. بلڪ هڪ مقرر نشان مان هڪ مقرر لفظ سمجهيو ويندو آهي. هر لفظ پنهنجي جاءِ تي الڳ آهي ۽ انفرادي طور اچڻ گهرجي. تحرير جي ان طريقي جي ابتدا متعلق مختلف خيال آهن، ڪي چون ٿا ته جانورن ۽ پکين جي چنبن جي نشانن کي ڏسي تحرير جو اهو طرز وجود ۾ آيو. ڪجهه جو خيال آهي ته تارن جي ميڙن مان اهو خيال پيدا ٿيو پر گهڻن جو خيال آهي ته شين جي شڪل ٺپن ذريعي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. مثال طور شروع ۾ جبل لکڻو هو ته جبل جو نقش ٺاهيو ويو هوندو، جيڪو اڃا به چيني ۾ ايئن ئي لکندا آهن وغيره. ظاهر آهي ته اهڙي قسم جا نشان زبان جي سمورين ضرورتن لاءِ ڪافي نه ٿا ٿي سگهن، ان لاءِ هڪ ٻه نهايت ابتدائي قسم جا طريقا اهڙا به آهن، جن سان اهي نشان پاڻ ۾ ملي ڪري نئين معنيٰ ڏين ٿا. ڪل ملائي هي نقش 6 قسمن جا آهن.
(1)تشڪيلي نقش (2) تخئيلي نقش (3) مليل جليل تخيئلي (4) مخالف نقش (5) استعاري نقش (6) صوتي نقش. انهن مان ئي زبان ٺهي آهي، ظاهر آهي ته مٿي جن لفظن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهي ڀلي ڪنهن قدر ڇو نه هجن، پر منفرد هجڻ جي صورت ۾ اهي زبان جي سمورين ضرورتن کي پورو نه ٿا ڪري سگهن ۽ نون خيالن کي تحرير ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي قاعدي جي ضرورت هئي، پر جيئن پهريان ذڪر ڪيو ويو آهي ته چيني زبان يڪ صوتي آهي ۽ اچار جيڪي چينين جي وات مان نڪرن ٿا اهي تقريباً 500 آهن ۽ انهن اچارن تي پوري ٻولي جو دارومدار آهي. ان بنياد تي ڪنهن ابجد کانسواءِ ته ڪم نڪري ئي نه ٿي سگهيو، ڇو جو ڪهڙو به ابجد انهن 500 اچارن جو اظهار ڪري وٺي هاءِ بس. هتي ضرورت آهي 20 هزار کان وڌيڪ نشانن جي ان ڪري اهو طريقو ايجاد ڪيو ويو ته ٻه يا ٻن کان وڌيڪ نشان ملائي لکيا وڃن ته جيئن نئين معنيٰ پيدا ٿئي، ڀلي تلفظ ساڳيو ئي رهي. ڀلي وات سان ڳالهائڻ ۾ ته ڪنهن هڪ ئي نشان جو آواز نڪري، پر جيئن ته تحرير ۾ ان هڪ نشان کان سواءِ ٻيان نشان به شامل آهن ان ڪري ان جي معنيٰ ٻي سمجهي وڃي. ان ڪري اچارن وارا نقش ٻن قسمن جا آهن هڪ صحيح اچار جن لاءِ نون نشانن جو تلفظ مقرر آهي ۽ ٻيا خصوصي نشان جيڪي تقريباً 214 آهن، انهن سان تلفظ تي ڪوبه اثر نه ٿو پوي، پر معنيٰ انهن کان مختلف ٿي ويندي آهي بلڪ صحيح اچارن وارن نشانن سان هڪ يا وڌيڪ ملي ايندا آهن. تلفظ صحيح اچار جو رهندو آهي ۽ معنيٰ خصوصي جي مناسبت سان ورتي ويندي آهي، جيتوڻيڪ هڪ صحيح اچار جي تلفظ جي انهن خصوصي نشانن جي ڪري هزارين مختلف معنائون ٿي سگهن ٿيون، جيتوڻيڪ لکڻ ۾ ته سڀئي سهولتون پيدا ڪري ورتيون جن مان مختلف معنائون پيدا ڪري ورتيون، پر ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ اچار جي هڪ ئي رهڻ جي ڪري وڏي پريشاني پيش آئي. چينين ان کي آسان ڪرڻ لاءِ هيٺيون ترڪيبون ڪيون آهن.
• جڏهن ڪنهن اچار جي خاص معنيٰ سمجهائڻي هجي ته ان اچار سان گڏ گهربل معنيٰ جي مناسبت سان هڪ ٻيو اچار به ڪڍيو ويندو آهي. مثال طور ”ٻڌڻ“ لاءِ چيني ۾ طنگ استعمال ٿئي ٿو، پر ان اچار جو ٻيون به ڪيتريون ئي معنائون آهن. ان لاءِ جڏهن مقرر اهو چاهيندا ته ان جي معنيٰ ”ٻڌڻ“ ئي ورتي وڃي ته هو ڪن (معنيٰ ڏسڻ) جو اضافو ڪري چوندو طنگ ڪن جنهن جي معنيٰ رڳو ”ٻڌڻ“ جي ئي ورتي ويندي.
• اهڙا تلفظ گڏ لڳائڻ سان جيڪي فعل يا صفت جو يقين ڪندا هجن، مثال طور ”پا“ جي معنيٰ ”هٿ سان پڪڙڻ“ آهي ۽ هاڻي جيڪي جيڪي اسم اهڙا آهن جيڪي هٿ ۾ پڪڙيا ويندا آهن ان سان گڏ هي اچار به گڏيل طور ايندو. مثال طور بهه تائو جي معنيٰ چاقو، جوتو۽ پلنگ جي چادر وغيره آهي، پر جڏهن بهه پاتائو چوندا ته ان مان مراد چاقو ئي هوندو.
• اچارن کي موسيقي جي طريقي تي 8 سرن ۾ ورهايو ويو آهي. چار چڙهندڙ سر ۽ چار لهندڙ سر، پر هاڻي استعمال ۾ رڳو چار چڙهندڙ سر ئي اچن ٿا ۽ انهن سرن ۾ هڪ ئي اچار جون معنائون مختلف ٿي وينديون آهن. مثال طور هڪ اچار ڪُئي کي کڻي وٺو، جيڪڏهن معمول جي طريقي تي چيو وڃي ته ان جي معنيٰ شروعاتي جي آهي، پر جيڪڏهن هڪ سر وڌيڪ چڙهائي چيو وڃي ڪئي ته ان جي معنيٰ شيطان يا بدخصلت جي ٿي ويندي. جيڪڏهن 3 سر مٿي چئون ڪُئي ته معنيٰ معزز ٿي ويندي ۽ 4 سرن ۾ چوڻ سان ڪُئي جي معنيٰ آزاد ٿي ويندي. انهن سرن کي ان طرح سمجهو ته جيڪڏهن لفظ ناهي کي معمولي طور خبرواري مفهوم ۾ چئون ته اهو پهريون سر آهي، پر جيڪڏهن سواليه طرز تي چئون ته اهو تقريبن ٻيو سر ٿي ويندو. جيڪڏهن اهو ئي تلفظ اسان وٽ تعجب طور چيو وڃي ته اهو چينين جي تقريبن ٽئين سر جي برابر مٿي ٿي ويندو، پر جيڪڏهن حڪم واري انداز ۾ چيو وڃي ته چوٿين سر جي لڳ ڀڳ ٿي ويندو. ظاهر آهي ته اهڙي طرح هيٺ مٿي جا اختلاف سمجهڻ تمام ڏکي ڳالهه آهن، ڌاريو ماڻهو سالن تائين هن کي نه ٿو سمجهي سگهي، پر پاڻ چينين کي اهڙي طرح ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿي ٿئي.
اهڙي زبان جنهن ۾ مصدر ۽ منفرد ۾ ڪو فرق نه هجي ۽ هر لفظ پنهنجي جاءِ تي اٽل هجي قاعدن جي تمام گهٽ صورت معلوم ٿي ٿئي. حقيقت اها آهي ته چيني قاعدا تمام ڏکيا آهن، پر موجوده بحث سان لاڳاپيل نه هجڻ ڪري هتي ان جو ذڪر اجايو آهي. 20 هين صدي ۾ ڊاڪٽر هوشي جي اصلاح ۽ ترميم جيتوڻيڪ چين جي ادب ۽ زبان لاءِ ٻي حياتي جو ڪم ڪيو، بلڪ حقيقت اها آهي ته ان جي ڪري چين ۾ اهڙا هڙا انقلاب آيا ۽ اچڻ جي اميد آهي جيڪي ڪنهن به طرح ممڪن نه هئا. ڊاڪٽر هوشي جو انقلابي ڪارنامو اهو آهي ته هن جي تحريڪ سان پراڻي ڪلاسيڪي چيني زبان بدران هاڻي ملڪ ۽ ملت جي زبان پائي هوا کي قرار ڏنو ويو، جيڪا موجوده زبان آهي ۽ هر ڪو ان کي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهي ٿو. ان زبان ۾ هاڻي تعليم به ڏني ويندي آهي ۽ ان جي ڪري حال ۾ چين ۾ تعليم ايتري ترقي ڪئي آهي ۽ ان اهو ئي اثر ڪيو آهي، جيڪو دانتي جي ڪوششن سان اٽلي ۾ ۽ چوسر جي ڪوشش سان انگلستان ۾ ٿيو هو.

[b]چيني ادب
[/b]چين ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ ذڪر جوڳا ڪتاب اهي ئي آهي، جن کي چين جا ڪلاسيڪي ڪتاب سڏيو وڃي ٿو ۽ جن کي ڪنفيوشس ۽ ان جي پوئلڳن لکيو هو. چيني ادب جا اهي ئي 9 ڪتاب ابتدا ۽ انتها سمجهيا ويندا آهن.

[b]چين ۾ اسلام
[/b]ملڪ ۾ هر نئين ڏينهن جي بغاوتن ۾ اسلامي لائبريرين مان ڦرلٽ ڪئي وئي ۽ آخر ۾ باڪسرز جي بغاوت ۾ چيني بحرالعلوم کي به ساڙيو ويو. انهن آسامين جي غيرموجودگي ۾ چين ۾ اسلام جي ابتدائي تاريخ جو سخن معلوم ٿيڻ مشڪل ٿي ويو آهي. 628ع ۾ حضور صه جڏهن وقت جي سمورن وڏن بادشاهن ڏانهن پنهنجن سفيرن جي معرفت اسلام جي دعوت موڪلي ته حصرت وهاب ابن ابي ڪبشه کي چين جي سفارت ملي، پاڻ حضور صه جي والده حضرت آمنه رضه جي خاندان مان هئا. ان خاندان جا سمورا فرد پاڻ کي فخر سان حضور صه جو چاچو سڏائيندا هئا. اهوئي سبب آهي جو يورپي ۽ چيني تاريخدانن هن کي حضور صه جو مامون لکيو آهي نه ته هونئن حضرت آمنه رضه پنهنجي پويان پنهنجو ڪو ڀيڻ يا ڀاءُ نه ڇڏيو.
حضرت وهاب جن کي چيني سيدواڪس يا واڪس به چوندا آهن. سمنڊ ذريعي ڪانٽن ۾ داخل ٿيا ۽ شهنشاهه جي درٻار ۾ خدا جو پيغام پهچايو. چين جي شهنشاهه سندن تمام گهڻي عزت ڪئي ۽ پنهنجي مملڪت ۾ مذهب کي مڪمل آزادي عطا فرمائي، بلڪ مسجد ٺاهڻ جي اجازت به ڏئي ڇڏي. (هونگ چو ۾) 632ع ۾ واڪس بابا چين جي شهنشاهه جو جواب کڻي واپس عرب ويا، پر بدقسمي سان ان ئي سال حضور صه جو وصال ٿي چڪو هو. ان ڪري واڪس بابا قرآن شريف جو هڪ نسخو ۽ 40 مسلمانن کي ساڻ وٺي واپس چين هليو آيو. هن ڀيري حڪومت پاڻ پنهنجي خرچ تي ڪانٽن ۾ هڪ مسجد تعمير ڪرائي، جنهن جو منارو 1605 فوٽ اونچو هو ۽ ان مسجد جو نالو ”مسجد يادگار محمد رسول الله ﷺ“ رکيو ويو. 633ع ۾ واڪس بابا ڪانٽن ۾ گذاري ويو، سندن مقبرو ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي ۽ ان تي به هڪ مسجد ٺهيل آهي.
شروع جي مسلمانن ڪانٽن ۾ ئي پنهنجي آبادي ٺاهي ۽ هتي انهن جي مسجد، انهن جي معاشرتي زندگي ۽ انهن جو قاضي سڀ ڪجهه الڳ هو. نون مسلمانن ۽ عرب واپارين جي اچڻ سان هنن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو هو. ان وقت چين جو بحري واپار گهڻو تڻو عرب واپارين جي هٿ ۾ هو. هندستان، الجزائر، الهند ۽ خليج فارس جون بندرگاهون عرب واپارين جون احسانمند هيون، بلڪ هتان يورپ تائين چين جو مال عرب واپارين ذريعي ئي پهچندوهو. ڪانٽن مان نڪري مسلمان سڄي ملڪ ۾ پکڙجڻ شروع ٿي ويا. خاص طور اولهه سيان فو ۾ جنهن کي چين جو مرڪز سڏيو ويندو هو. ان کي مسلمانن پنهنجو صدر مقام ٺاهي ورتو. مسجدون ۽ مدرسا وڏي تعداد ۾ ٺاهيا ويا. ان زماني ۾ خشڪي رستي به وڏي انگ ۾ مسلمان چين ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويا. سيان فو ۾ مسلمانن جي طاقت وڌي وئي ۽ اڄ تائين ان صوبي ۾ مسلمانن جي آبادي 50 سيڪڙو آهي. اوڀر ۾ چن چو ۾ مسجد ٺاهي وئي، جنهن جي محرابن تي قرآن شريف جون صورتون نقش ٿيل آهن. 1009ع ۾ چيني حڪومت ان جي مرمت ڪرائي.
نائين صدي عيسوي جي وچ ۾ مسلمان صوبي ڪن سو ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويا. تقريباً سؤ سالن کان پوءِ ان صوبي جو خان مسلمان ٿيو. هو ۽ هن جا وارث 1227ع تائين حڪومت ڪندا رهيا. ان سال چنگيز هن جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. هن خاندان جي ماتحت اوي گر به هئا، جيڪي 907ع ۾ مسلمان ٿي ويا هئا. ان قبيلي ۾ خاندان ڪم ۽ خاندان ليائو طنگ تمام گهڻو مشهور ٿيا، پر چنگيز خان جي وارثن انهن سڀني جو خاتمو آڻي ڇڏيو. 1380ع ۾ قبلائي خان جو زمانو هو هي ان شهنشاهه جي قوت، شان ۽ شوڪت ئي هئي جنهن يورپ جا دوڏا ڪڍي ڇڏيا هئا. ان وقت مسلمان پوري چين ۾ پکڙجي چڪا هئا. مارڪو پولو، جيڪو ان ئي زماني ۾ آيو چوي ٿو ته ”پوري ملڪ ۽ ان جي هر شعبي ۾ محمد صه جا پيروڪار چڱي تعداد ۾ ملن ٿا.“ قبلائي خان ترتيبوار عبدالرحمان، سيد ايمل ۽ سيد احمد کي پنهنجو ناڻي جو وزير مقرر ڪيو. ان کان سواءِ به ڪيترائي اعليٰ عهدا مسلمانن وٽ هئا. رڳو سرڪاري عهديدار ئي نه پر وڏا وڏا رياضي دان، انجنيئر ۽ آسماني علم جا ڄاڻو مسلمان هئا.
18 هين صديءَ جي وچ تائين مسلمان نهايت امن ۽ عزت سان چين ۾ رهندا آيا. حڪومت مسجدون ٺهرايون ۽ ٻيو سهولتون کين فراهم ڪيون. ايستائين جو شهنشاهه دوسنگ پنهنجي رعيت کي سوئر پالڻ کان ئي جهلي ڇڏيو. شهنشاهه هنگ وو بابت خيال آهي ته هو مسلمان ئي ٿي ويو هو. مقامي رهواسي انهن مراعتن ۽ همدرداڻي ورتاءُ تي سڙندا هئا. هروڀرو شڪايتون ڪندا رهندا هئا. 1731ع تائين انهن فرضي شڪايتن جو جواب، جنهن شاهي فرمان سان ڏنو ويو آهي ان ۾ صاف صاف آهي ته ”شهنشاهه ويجهو مسلمان چينين ۽ ٻين چينين ۾ ڪوبه فرق ناهي.“ مسلمان وڌندا رهيا ۽ پنهنجا مدرسا، مسجدون ۽ لائبريريون قائم ڪندا ويا، پر مقامي شرپسندن جو ساڙ تيزي سان وڌي رهيو هو. هنن شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، پر شهنشاهه تي ڪوبه اثر نه پيو. شهنشاهه چن للگ قرآن شريف ۽ حديثن کي محل جي لائبريري ۾ ادب سان رکيو، پر ان کان فورن پوءِ حالتون بلڪل بدلجي ويون.
يورپ جي واپاري قومن چين جي تنزلي ۽ بي عملي مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ هتي ديرا ڄمائڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ واپارين سان گڏ پادري به وڏي انگ ۾ چين اچڻ لڳا، پر واپاري ڪوٺيون مڪائو ۽ ڪانٽن کان اڳتي نه وڌي سگهيون ۽ پادرين به اهي ئي مدمقابل مسلم عالم ڏٺا، جن کان هو پنهنجن ئي ملڪن ۾ شڪست کائي چڪا هئا. قبلائي خان جي زماني ۾ مغرب ۾ مسلمان ترڪن عيسائين کي تنگ ڪيو هو ته يورپ جي سياستدانن ڪجهه سفير چين موڪليا هئا ته جيڪڏهن ممڪن هجي ته قبلائي خان کي عيسائي بڻائي لوهه کي لوهه سان ويڙهائجي، پر هو ان چال ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا، ان جي برخلاف هينئر جڏهن 18 هين صدي جي آخر ۾ وري اچي ڏٺو ته چين اسلام جو ئي فرمانبردار نظر آيو. ان زماني ۾ روس پروفيسر دزيلف کي چين موڪليو ته جيئن حالتن جو مطالعو ڪري ۽ واپاري مفادن جون راهون ٻڌائي. ڄاڻايل پروفيسر واپس وڃي چين ۾ اسلام جو اهڙو نقشو چٽيو، جو عيسائي دنيا ۾ تهلڪو مچي ويو. هن لکيو ته ”هاڻي اهي ڏينهن ويجها آهن جو سڄو چين مسلمان بڻجي ويندو ۽ جبرالٽر کان چين تائين اهو اسلامي وهڪرو يورپ ۽ عيسائي تهذيب کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيندو.“ ان قسم جا جوش ڏياريندڙ ڪتاب ٿيسانٽ ۽ هلڊي به لکيا، جن جو نتيجو اهو نڪتو جو يورپ ۾ افراتفري مچي وئي ۽ سڀني اهو طئي ڪيو ته چين مان اسلام کي ڪڍيو وڃي، جيتوڻيڪ مغرب ڪنهن سبب يا بي سبب چين ۾ جنگ شروع ڪري ڇڏي. خود چين جي ئي هڪ عيسائي هنگ سوسان (بغاوت طائي پنگ جو باني) بغاوت شروع ڪري ڇڏي ۽ يورپي قوتن جي مدد سان مسلمانن کي ذبح ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. 1800ع جي چينين ۽ اتحادين جي جنگ جو انجام انهن شرطن تي ٿيو ته آئنده پوري چين ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪري سگهجي ٿي ۽ چيني فوجون مغربين جي حڪم هيٺ رهنديون. هاڻي ميدان صاف هو. اسلام ۽ مسلمانن خلاف انتهائي خسيس پروپيگنڊا ڪئي وئي ۽ ٿوري ٿوري بهاني تي مسلمان آباديون صاف ڪيون ويون. شهنشاهه ڪمزور ۽ عاجز هو ۽ حڪومت کدڙن فقيرن ۽ راڻين جي هٿ ۾ هئي، جيڪي پئسا ملڻ کان پوءِ غير ملڪين جي ڪنهن به ڳالهه کي رد نه ڪندا هئا. آخرڪار شهنشاهه سين فينگ ۽ شهنشاهه طنگ چي جي زماني ۾ ڌارين جو مقصد پورو ٿيو ۽ مسلمانن جي قتل عام جو حڪم جاري ڪيو ويو. بس پوءِ ڇا هو پاڙن جا پاڙا ۽ شهرن جا شهر ختم ڪيا ويا. هڪ اندازي موجب ان قتل عام ۾ تقريباً 50 هزار مسلمان مرد، عورتن ۽ ٻارڙن کي ذبح ڪيو ويو. مدرسا، مسجدون، شفاخانا ۽ لائبريريون ساڙيون ويون. بن نان جيڪو آبادي جي لحاظ سان سمورن چيني صوبن ۾ ٻئي نمبر تي هو ۽ مسلمانن جو صدر مقام هو تباهه ۽ برباد ڪيو ويو. انهن ظلمن باوجود جهڙي طرح مسلمان ملڪ ۽ بادشاهه لاءِ وڙهندا رهيا ۽ جهڙي طرح 1894ع ۾ 3 مسلمان سپهه سالار پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ جاپانين خلاف پنهنجي ملڪ مٿان قربان ٿيا. اهو وطن پرستي ۽ فرض شناسي جو اهڙو مثال آهي، جنهن جهڙو مثال ملڻ مشڪل آهي.
1911ع ۾ چين ۾ انقلاب آيو يعني شهنشاهيت جي جاءِ جمهوريت وٺي ڇڏي. ان جي ڪجهه عرصي کان پوءِ خود، يورپ وارن جي گهرن ۾ مهاڀاري لڙائي جي باهه ڀڙڪي اٿي. ان وقت کان اڄ وري مسلمانن کي ساهه کڻڻ جي فرصت ملي ۽ اهي ترقي ڪندا ويا. 3 مشهور انجمنون مسلمانن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪنديون هيون ۽ 6 رساله ۽ 2 روزاني اخبارون اسلام جي تبليغ جي مقصد سان نڪرنديون هيون. وڏن وڏن شهرن ۾ مدرسا، مسجدون، لائبريريون ۽ شفاخانا ٻيهر کلي ويا. مهاڀاري لڙائي وقت چين ۾ مسلمان آبادي 7 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ هئي. هونئن ته مغل خاندان بلڪ ان کان به پهريان کان عيسائي پادري چين ۾ ايندا رهيا پر عيسائيت کي ڪا ذڪر جوڳي ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي. سورهين صدي عيسوي جي وچ ۾ عيسائي واپاري آيا ۽ انهن سان گڏ عيسائي پادري به وڏي انگ ۾ آيا، پر سياسي طور تي انهن غيرملڪين لاءِ چين جو دروازو بند ڪيو ويو. 1860ع ۾ وڃي عيسائي پادرين کي عام اجازت ملي ته جيئن هو پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪري سگهن.
مذهب جي سلسلي ۾ چينين جي هڪ ڳالهه مخصوص آهي، اها هندستان کان سواءِ ٻئي هنڌ نه ٿي ملي، اها هي ته هو ڪنهن هڪ مذهب کي ٻئي مذهب جو ضد نه سمجهندا آهن. ڀل انهن ٻنهي مذهبن جا اصول هڪ ٻئي کان مختلف ڇو نه هجن. جيتوڻيڪ هنن ويجهو ان ۾ ڪوبه عيب ناهي ته ڪو شخص ٻڌ به هجي ۽ ڪنفيوشس به، يا عيسائي به هجي ۽ وڏن واري واٽ به وٺي. اصل ۾ اتي چيني تهذيب سڀني مذهبن تي پنهنجو رنگ ڄمائي ڇڏيو آهي ۽ اتي جا ماڻهو مذهب کي ”چيني مذهب“ چوڻ وڌيڪ مناسب سمجهندا آهن بجاءِ ان جي ته ڪنهن خاص مذهب سان هنن کي منسوب ڪيو وڃي. ان چيني مذهب جون رسمون تقريباً هڪ جهڙيون ئي آهن، جيتوڻيڪ عقيدن ۾ ايترا اختلاف آهن، جو انهن جو ڪٿي مثال ملڻ مشڪل آهي.
انهن رسمن ۾ ابن ڏاڍن جي رسمن جي پوئواري اهم آهي. خدا جي عبادت عوام لاءِ ناهي، جهڙي سموري رعايا شهنشاهه جي ٻارن وانگر هجي، اهڙي طرح شهنشاهه خود خدا جو ٻار ان لاءِ هو پنهنجي والد جي درٻار ۾ پنهنجي اولاد جي خيرخواهي جو واحد ذريعو آهي. اهو صرف ان جو ئي منصب آهي ته خدا جي عبادت ڪري ۽ قرباني ڪري، جيڪو هو هر سال 21 ڊسمبر تي آسمان ۽ سج جي مندر ۾ ادا ڪري ٿو.