تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

جامي چانڊيي جي لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماضي ۽ حال جي سياست جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو آھي. جامي ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”اسٽيبلشمينٽ جو پ پ پ حڪومت سان اڻ سهپ، تعصب ۽ سازشي رويو هڪ حقيقت آهي، پر گڏوگڏ اهو سوال به تمام اهم آهي ته ڇا پ پ پ حڪومت وٽ پاڻ به ڪو Vision، ارادو، رٿابندي ۽ سنجيدگي آهي، جنهن مان نظر اچي ته اها رڳو مال ڪمائڻ، اقتداري مزا ماڻڻ کانسواءِ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام کي به ڪجهه ڊِليور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي؟
پ پ کي سنڌ ۾ ڀل ته مفاهمتي سياست جي شڪل ۾ سياسي آپگھات جو شوق هجي، جنهن جو کيس پورو حق به حاصل آهي پر پ پ پ کي اهو حق نٿو پهچي ته اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي، سياسي، معاشي، ثقافتي، ۽ انساني حقن جي لتاڙ نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ ڪري.“
  • 4.5/5.0
  • 1076
  • 518
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا محفوظ

پهريون ڇاپو: 2016ع
ڪتاب جو نالو : ڦريا پسي ڦيڻ
ليکڪ: جامي چانڊيو
ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
ڇپيندڙ: ذڪي پريس، ڪراچي
ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
قيمت : 300/= رپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com


Phirya Pasee Phainn
(Historical and Critical Analysis of PPP Politics)
By: Jami Chandio
Published by: Sindhica Academy,
B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400



اسٽاڪسٽ
سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03133692150
سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
سنڌيڪا بوڪ شاپ، اقراءَ سينٽر، جي پي او روڊ، لاڙڪاڻو فون: 0331-3480039
العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- افضل بوڪ اسٽال، ماروئڙا ڳوٺ ڪراچي 03333509236 ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، سنڌ ڪتاب گهر، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- سلمان ڪتاب گهر پنوعاقل - ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شير يزدان بوڪ شاپ،درگاهه ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، فون:0306-3665563، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور، خيرپور بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - مشعل ڪتاب گهر پڊعيدن 03063291657 - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ،
ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037

لکپڙهه لاءِ
سنڌيڪا اڪيڊمي
B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
فون: 021-32737290 ، ويب سائيٽ: www.sindhica.org
اي ميل:sindhicaacademy@gmail.com

ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو

ڦِريا پَسِي ڦيڻَ، کرين کيرُ نه چَکيو

ڦِريا پَسِي ڦيڻَ، کرين کيرُ نه چَکيو،
دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.

(لطيف)

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڦريا پسي ڦيڻ“ اوهان اڳيان پيش آهي. جامي چانڊيي جي لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماضي ۽ حال جي سياست جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو آھي. جامي ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”اسٽيبلشمينٽ جو پ پ پ حڪومت سان اڻ سهپ، تعصب ۽ سازشي رويو هڪ حقيقت آهي، پر گڏوگڏ اهو سوال به تمام اهم آهي ته ڇا پ پ پ حڪومت وٽ پاڻ به ڪو Vision، ارادو، رٿابندي ۽ سنجيدگي آهي، جنهن مان نظر اچي ته اها رڳو مال ڪمائڻ، اقتداري مزا ماڻڻ کانسواءِ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام کي به ڪجهه ڊِليور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي؟
پ پ کي سنڌ ۾ ڀل ته مفاهمتي سياست جي شڪل ۾ سياسي آپگھات جو شوق هجي، جنهن جو کيس پورو حق به حاصل آهي پر پ پ پ کي اهو حق نٿو پهچي ته اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي، سياسي، معاشي، ثقافتي، ۽ انساني حقن جي لتاڙ نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ ڪري.“
ھي ڪتاب 2016ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

عوام جي عدالت مان اُٿيل ڪجهه سوال!

(پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماضيءَ ۽ حال تي هڪ تنقيدي نظر)


جيتوڻيڪ اسٽيٽسڪو جي ترجمان سياسي پارٽين مان عوام کي بنيادي تبديلين جي ڪابه اُميد باقي نه بچي آهي پر ان باوجود جڏهن ويجهي ماضيءَ ۾ ”چارٽر آف ڊيموڪريسي“ نالي دستاويز تي پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) صحيحون ڪيون ته ملڪ ۾ ماڻهن ان تي هڪ حد تائين سرهائي محسوس ڪئي. گهڻن کُٽل پاسن ۽ ڪمزورين باوجود مجموعي طرح ان چارٽر کي هر سطح تي ساراهيو ويو پر اهو سوال ان وقت به موجود هو ته اڳتي هلي ان تي واسطيدار ڌريون ڪيترو عمل ڪنديون ۽ پنهنجي ئي ڪيل ان معاهدي جو مان رکنديون؟ ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ به ايم آر ڊيءَ هڪ چارٽر ٺاهيو هو، جنهن تي سمورين ميمبر پارٽين صحيحون ڪيون هيون پر ان کان پوءِ پ پ پ ٻه دفعا اقتدار ۾ آئي پر ايم آر ڊيءَ جي ان معاهدي کي ان لڙي به ڪونه ڏٺو. جنهن ۾ هڪ اهڙي وفاق جو تصور ڏنو ويو هو، جنهن وٽ صرف چار کاتا يعني دفاع، ڪرنسي، پرڏيهي پاليسي ۽ ڪميونيڪيشن جا کاتا رهڻا هئا ۽ باقي سڀ کاتا صوبن جي حوالي ڪرڻا هئا. پر پوءِ عوام ڏٺو ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پ پ پ جي ايجنڊا ۽ اوليتون ئي ٻيون هيون. ڪنڪرنٽ لسٽ کي ختم ڪرڻ جو ذڪر به سامهون نه آيو. هن ڀيري به چارٽر آف ڊيموڪريسيءَ وقت اِهي خدشا پهرين ڏينهن کان موجود هئا. جيڪي هن ڀيري ته وقت کان اڳ ئي درست ثابت ٿي رهيا آهن. انهن ۾ اهڙن ئي تلخ تجربن سبب هاڻي ماڻهو اسٽيٽسڪو جي سياسي پارٽين جي ڪنهن به واعدي تي ڪو اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. چارٽر اف ڊيموڪريسيءَ ۾ واضح طور چيل آهي ته ڪابه ڌر اسٽيبلشمينٽ سان ڳُجهي يا ظاهري ڊيل نه ڪندي ۽ حڪومتن ٺاهڻ جا سمورا فيصلا عوام جي ووٽ ۽ فيصلي جي بنياد تي ڪيا ويندا پر اڃا ان چارٽر تي ڪيل صحيحن جي مَسِ ئي نه سُڪي آهي ته پ پ پ جي مشرف سان ڊيل جا واضح اشارا سامهون اچي رهيا هئا ۽ هاڻي ته بينظير ڀٽو جي تازي بيان ان جي رسمي طور تصديق ڪري ڇڏي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن ماڻهو ان بابت پنهنجا تحفظات ظاهر ڪن ٿا ته پارٽيءَ جي صوبائي ۽ هيٺين سطح جي ليڊرشپ چڙي ٿي پئي ته ان تي ڳالهايو نه وڃي. هن موقعي تي اهڙي ڊيل ڪرڻ وقت کين گهربو ته اهو هو ته جي اهي پنهنجي ليڊرشپ جي اهڙي سياسي ڪردار تي ڪُڇي نه ٿي سگهيا ته به کڻي ماٺ ڪن ها. حقيقت اها آهي ته نازڪ سياسي حالتن جي ڪري قومي مصلحتن سبب ماڻهن اسٽيٽسڪو جي سياسي پارٽين ۽ خاص طور پ پ پ بابت ”ڳالهايو“ئي ڪٿي آهي؟ جي حساب ڪتاب جا دفتر کُليا ته نهايت اڻ وڻندڙ حقيقتون سامهون اينديون. ان حوالي سان مان هڪ صحتمند سياسي بحث مباحثي جي شروعات ڪرڻ لاءِ پ پ پ جي ماضيءَ ۽ حال توڙي آئيندي جي امڪانن بابت ڪجهه بنيادي سوال ۽ گذارشون سنڌي عوام ۽ خود پارٽيءَ جي قيادت آڏو رکڻ چاهيان ٿو.
گهڻا ماڻهو ان خيال جا رهيا آهن ته پ پ پ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي تائين هڪ ريڊيڪل ۽ اُصول پسند پارٽي هئي پر اها موجوده قيادت جي هٿن ۾ پهچڻ کان پوءِ ڏاڪي به ڏاڪي پنهنجو اهو ڪردار وڃائي ويٺي. خود شهيد مير مرتضيٰ جو موقف اهو هو، جيڪو هو هر جاءِ تي وَرجائيندو هو. پ پ پ جا پراڻا ۽ نظرياتي ڪارڪن به گهڻي ڀاڱي ان راءِ جا رهيا آهن. اها ڳالهه هڪ حد تائين درست به آهي پر اهو سمورو سچ ناهي. حقيقت ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جنهن بهادريءَ سان هڪ عظيم موت کي وڏيءَ زندهه دليءَ سان قبوليو، ان کيس تاريخ ۾ هڪ هيرو جو درجو ڏئي ڇڏيو. هن کان پوءِ ضياءُ الحق جو يارنهن سالن جو ڀيانڪ دؤر آيو. ان ڪري ماڻهن هرو ڀرو ضرورت ئي محسوس نه ٿي ڪئي ته ڪو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي به سياست جو تنقيدي اک ۽ گهرائيءَ سان جائزو وٺن. ڇاڪاڻ ته ان دؤر جا سياسي اُڀريل تضاد ڪي ٻيا هئا ۽ ضياءُ الحق جي دؤر ۾ ڀُٽي صاحب جي سنگين غلطين جا دفتر کولڻ جو سياسي طرح ڪوبه فائدو نه ٿئي ها. پاڻ نقصان ٿئي ها. ضياءَ جو دؤر ويو ته پ پ پ ”بظاهر“اقتدار ۾ آئي. ان ڪري پوئين دؤر ۾ ماڻهن هن جي قيادت، سندس پاليسين ۽ روين کي ٿي ڏسڻ ۽ جاچڻ چاهيو، پر هاڻي ڀُٽي صاحب جي شهادت کي به ستاويهه سال ٿي چڪا آهن. عوام به رياست جي ڪردار ۽ اقتدار ۾ ايندڙ سياسي پارٽين خاص طور تي پ پ پ بابت انيڪ عملي تجربن مان گذريو آهي. هاڻي ماڻهو به سطحي جذباتيت بدران عقليت ۽ تنقيدي شعور سان شين کي ڏسن ٿا ۽ ڏسڻ چاهين ٿا. ڇاڪاڻ ته حالتون تيزيءَ سان بدلجي رهيون آهن ۽ وڌيڪ خود جذباتيت ۽ شخصيتن جي اجائي سحر انگيزيت وڌيڪ افورڊ نه ٿا ڪري سگهن. ان ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي سموري قرباني ۽ Contributions باوجود پ پ پ جي ڪردار جو جائزو خود سندس دؤر جي نسبت سان به ورتو وڃي ته جيئن بنيادي سوالن ۽ حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ٿي سگهي. اچو ته ان جي ڪجهه بنيادي پاسن جو تنقيدي جائزو وٺون.
(1) ان حقيقت کان ڪوبه انڪار ڪري نه سگهندو ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو سياست ۾ ڪنهن عوامي ۽ سياسي جدوجهد ذريعي نه پر اسٽيبلشمينٽ جي معرفت آيو هو. 5 مارچ 1956ع تي ميجر جنرل سڪندر مرزا ملڪ جو صدر ٿيو ته ڀٽو صاحب سندس ڪابينا ۾ وزير هو. سڪندر مرزا 1956ع جو آئين ۽ اسيمبليون معطل ڪري 7 آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي ۽ جنرل ايوب خان کي ملڪ جي فوج جو ڪمانڊر انچيف ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو. 27 آڪٽوبر 1958ع تي جنرل ايوب خان اقتدار تي قبضو ڪري ملڪ جي ٻئي صدر جو عهدو سنڀاليو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس ڪابينا جو به وزير هو ۽ ايوب خان کي تمام ويجهو سمجهيو ويندو هو. جيتوڻيڪ ڀٽو صاحب پوءِ اڳتي هلي هڪ نهايت مقبول عوامي اڳواڻ ٿيو ۽ سچ پچ به عوام جي اڪثريت جي طاقت هڪ حد تائين وٽس ۽ ساڻس گڏ هئي پر هن جي سموري سياست کي ڏسبو ته صاف نظر ايندو ته هن ڄاتو ٿي ته پاڪستان ۾ حڪومت ٺاهڻ ۾ بنيادي ڪردار عوام جو نه پر اسٽيبلشمينٽ جو آهي ۽ هن سدائين عوام جي طاقت کي اسٽيبلشمينٽ سان بارگيننگ لاءِ استعمال ڪيو. هن نعرو اهو ئي هنيو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي پر هن هميشه اندر ئي اندر واجهايو اسٽيبلشمينٽ ڏانهن ٿي. مون کي پ پ پ جي هڪڙي سينئر دوست ٻُڌايو هو ته ڀٽو صاحب حيدرآباد ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي مزاج پرسي ڪرڻ آيو هو. ڪچهريءَ دوران جتوئي صاحب شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کان پڇيو ته، ”توهان جي نظر ۾ ملڪ ۾ اصل طاقت جو سرچشمو ڪير آهي؟“ انهيءَ تي ڀُٽي صاحب کيس بنا هٻڪ ۾ جواب ڏنو: ”فوج!“. جڏهن ڀُٽي صاحب کانئس موڪلايو ته حيدرآباد جا صحافي جتوئي صاحب کي ورائي ويا ته ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. جتوئي صاحب کين آف دي رڪارڊ ٻُڌايو ته، ”هيءُ شخص مستقبل جو حڪمران آهي، ڇاڪاڻ ته هي سموري ڳالهه ”سمجهي“ ويو آهي. ٻاهر چوي ٿو ته عوام طاقت جو سرچشمو آهي ۽ دل ۾ سمجهي ٿو ته اصل طاقت جو سرچشمو فوج آهي.“
(2) فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ کي پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀني کان وڌيڪ مضبوط شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ڪيو. ايوب جي طويل ۽ بدترين آمريت ۽ ون يونٽ سبب ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ سخت ڪمزور ٿي چڪي هئي. عوام ۽ اسٽيبلشمينٽ جو تضاد وڌي چڪو هو. يحيٰ خان 25 مارچ 1969ع تي ٻي مارشل لا هنئي، جنهن رهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. ٻن سالن اندر اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ جو واقعو ٿيو ۽ جنرل نيازيءَ ڍاڪا ۾ هٿيار ڦٽا ڪري سڄيءَ دنيا ۾ فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار ۽ سگهه کي وائکو ڪري ڇڏيو هو. ملڪ جي فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ بدترين بحران جو شڪار هئي، جو کين مجبوريءَ ۾ 20 ڊسمبر 1971ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي ملڪ جو صدر ۽ ملڪي تاريخ جو پهريون سول چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. پاڪستان جا نوي هزار فوجي ڀارت وٽ قيد هئا ۽ فوج جي اخلاقي ۽ پيشه ورانه طاقت جو ڏيوالو نڪري چڪو هو. ان ڳالهه تي ملڪ جا سمورا روشن خيال دانشور متفق آهن ته ملڪ ۾ طاقت جي توازن کي تبديل ڪرڻ جو اهو هڪ تاريخي موقعو هو، جنهن ۾ ملڪ اندر اسٽيبلشمينٽ جي بالادستيءَ جو ڪردار هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي سگهي ها پر تاريخ جو الميو اهو هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ان بجاءِ ٻي واٽ ورتي. هن اسٽيبلشمينٽ جي مئل گهوڙي ۾ ساهه وڌو. هن پنهنجي ذهانت ۽ ڊپلوميسيءَ سان نوي هزار قيدي ڀارت کان ڇڏايا. سندس ميڊياڪر عقيدتمند ان کي هن جو وڏو ڪارنامو قرار ڏيندا آهن. جڏهن ته اهو نهايت وڏو اسٽريٽجڪ بلنڊر هو. يعني جيڪا اسٽيبلشمينٽ ايوب ۽ يحيٰ جي آمريتن، 65ع ۽ 71ع جون جنگيون هارائڻ سبب پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ويٺي هئي، ان جي طاقت جي مئل گهوڙي ۾ ساهه وجهڻ بدران ڀُٽي صاحب کي ڪرڻ اهو کپندو هو ته هو طاقت جو توازن تبديل ڪري سچ پچ به عوام کي سياسي طور طاقت جو سرچشمو بڻائي ها. هن عوام کي سياسي شعور ته ڏنو پر طاقت جو توازن وري به فوج وٽ ئي رکيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪي تاريخ جو واحد اهڙو اڳواڻ هو، جيڪو اها حيثيت ۽ صلاحيت رکندو هو ته جي هو چاهي ها ته سچ پچ به ايئن عملي طور ڪري وڃي ها. سندس ايئن نه ڪرڻ جي سزا رڳو ملڪ جي عوام کي ئي نه پر کيس به ملي ۽ هو دار جي تخت ڏانهن اُماڻيو ويو.
(3) 7 ڊسمبر 1970ع تي ملڪي تاريخ جون پهريون عام چوندون ٿيون. اهي چونڊون ايڊلٽ فرينچائيز ۽ آباديءَ جي بنياد تي ٿيون ۽ 313 ميمبر جو هائوس چونڊجي آيو، جنهن مان 169 ميمبر اوڀر پاڪستان مان هئا. 144 اولهه پاڪستان مان (جنهن ۾ 13 پاڪستان مان هيون ۽ 6 اولهه پاڪستان مان). انهن چونڊن ۾ عوامي ليگ هڪ واضح اڪثريتي ميڊينٽ کڻي آئي هئي پر کيس حڪومت جون واڳون ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو. ڀٽو صاحب به دل ئي دل ۾ ان تي راضي هو جو کيس خبر هئي ته ان جو ٻيو متبادل هو پاڻ هو. ڀُٽي صاحب کي هڪ جمهوريت پسند اڳواڻ طور جيڪو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ کپندو هو، هن اهو نه رڳو ادا نه ڪيو پر هو اندر ئي اندر يحيٰ خان جي پاسي هو. مجيب ڪنهن ٺاهه تي پهچڻ لاءِ ڇهه نقطا پيش ڪيا پر اهي به نه مڃيا ويا. مطلب ته پنجاب جي حڪمران طبقي ۽ سندس نمائنده اسٽيبلشمينٽ بنگال کي زوريءَ ملڪ کان تڙي ڪڍڻ لاءِ حالتون پيدا ڪيون ۽ ڀُٽي صاحب جي سطح جو ماڻهو ان تضاد ۾ حق ۽ سچ جي پاسي بيهڻ بجاءِ ”هنن“ سان بيٺو. جنهن جو سبب سواءِ اقتدار جي لالچ جي ٻيو ڇا ٿي سگهيو ٿي؟ حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته بنگال جي ڌار ٿيڻ سان ملڪ ۾ طاقت جو انڌو منڊو سياسي توازن به ٽُٽي ويو ۽ ”پنجابي-پناهگير مستقل مفاد“ ملڪ جي اڇي ڪاري جو مالڪ ٿي ويهي رهيو. ويندي کين ذوالفقار علي ڀُٽي جهڙو عالمي سطح جو ذهين ۽ نهايت باصلاحيت نمائندو ملي ويو. اسان اڄ تائين ان جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون. جي اوڀر پاڪستان کي ايئن ڌڪا ڏئي ملڪ مان نه تڙيو وڃي ها ته اسين اڄ هن ملڪ ۾ هينئن نڌڻڪا، غلام ۽ ڪمزور نه هجون ها. اهو ڪارنامو ٻئي ڪنهن نه پر اسان جي پنهنجي عظيم اڳواڻ ڪيو. جي ان حساس ۽ نازڪ موقعي تي ڀٽو صاحب اسٽيبلشمينٽ جو اسٽريٽجڪ ساٿ نه ڏئي ها ۽ اقتدار جي وقتي مفادن کي ٿُڏي پنهنجو تاريخي انصاف پسند ڪردار ادا ڪري ها ته اسٽيبلشمينٽ ان پوزيشن ۾ ئي نه هئي جو اها بنگال سان ان روش اختيار ڪرڻ جو تصور به ڪري ها.
(4) اها ڳالهه هاڻي ڪوبه راز نه آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جو تضاد ٻنهي ملڪن جي عوام نه پر سندن فوج جي مفاد ۾ آهي. خاص طور تي پاڪستان ۾ ته اسٽيبلشمينٽ ان تضاد جي نالي ۾ ئي ملڪي وسيلن کي ڇهن ڏهاڪن کان پئي ڀيليو آهي. ڀُٽي صاحب ڄاتو ٿي ته اسٽيبلشمينٽ کانئس تڏهن ئي خوش رهندي، جڏهن هو ڀارت سان کين Suit ڪندڙ ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو. ڀُٽي صاحب جو ڀارت سان سخت جارحاڻي ٻولي ۽ رويي جو ڪوبه جواز نه هو. پاڻ ويتر هو اهو تضاد ٿڌو ڪري سگهيو ٿي ۽ هو اهڙي صلاحيت جو مالڪ به هو پر هن ويتر ان تضاد کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ ساڻن هزار سالن تائين وڙهڻ جون ڳالهيون ڪندو رهيو. ٻنهي ملڪن جي تاريخ ۾ اهو واحد اهڙو دؤر هو، جنهن ۾ ٻنهي پاسي نهايت قابل سياسي ليڊرشپ موجود هئي، يعني هيڏانهن شهيد ڀٽو ته هوڏانهن اندرا گانڌي پر ڀُٽي صاحب ڄاتو ٿي ته اسٽيبلشمينٽ ان ڳالهه کي پسند نه ڪندي. پاڻ هن تضاد وڌڻ سان خوش ٿيندا. ماڻهن کي ڀُٽي صاحب جو ڀارت خلاف جذباتي انداز ته وڻندو هو پر هن اهو ڪونه پئي ڏٺو ته پٺيان پس و پيش ڪنهن کي مضبوط ڪرڻ جي پاليسي هلي رهي آهي. ڀارت ۽ پاڪستان جو تضاد هٿرادو طور پيدا ڪرايل آهي ۽ اهو ٻنهي ملڪن جي فوج کي Suit ڪري ٿو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي اهو تضاد گهٽائڻ بجاءِ ان کي اڃا به وڌيڪ تيز ۽ پيچيده ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو.
(5) ڀُٽي صاحب پنهنجي بنيادي ويچارن، ويساهن ۽ نظرين جي اُبتڙ ملڪ بابت اهو ئي نام نهاد مها پاڪستاني ۽ مها اسلامي رويو اختيار ڪيو، جيڪو پنجابي- پناهگير مستقل مفاد پهرئين ڏينهن کان ”نظريه پاڪستان“ جي نالي ۾ هلائيندو ٿي آيو. يعني اهو ته ملڪ ۾ فقط هڪ يعني پاڪستاني قوم آهي ۽ اها پاڪستاني قوم به رڳو مسلمانن تي مشتمل آهي. اهو تصور ۽ رويو 11 آگسٽ واري محمد علي جناح جي تقرير جي روح جي نفي هو، جنهن ۾ هن هڪ سيڪيولر رياست جو تصور ڏنو هو. اهو نام نهاد مها پاڪستاني رياستي رويو قومن جي تاريخي وجود کان انڪار تي ٻڌل هو ۽ دراصل پنجابي پناهگير مستقل مفاد جي سڀ طرفي ڦُرلٽ جو هڪ نظرياتي هٿيار هو. 1973ع جي آئين جو بنياد به ڀُٽي صاحب ان ئي تصور تي رکيو. 1973ع جو آئين ملڪ جي خالق قومن جي تاريخي وجود جو انڪاري آهي، ان ڪري اهو جيڪڏهن پنهنجي اصل شڪل ۾ به بحال ٿي وڃي ته به ننڍين ۽ مظلوم قومن لاءِ قابلِ قبول نه آهي ۽ نه هوندو. عام طرح سطحي انداز سان سياسي معاملن کي ڏسندڙ سمجهندا آهن ته ڀُٽي صاحب ايئن ساڄيءَ ڌر جي دٻاءُ ۾ اچي ڪيو پر حقيقت ۾ هن کي معلوم هو ته پنجابي-پناهگير مستقل مفاد ۽ ان جي نمائنده اسٽيبلشمينٽ ان تي ساڻس ڪمپرومائيز نه ڪندي ۽ جي هن ٻي واٽ ورتي ته کيس هلڻ نه ڏنو ويندو. هن اهو رسڪ نه ٿي کڻڻ چاهيو ۽ پس و پيش رياست ۽ ان جي جوڙجڪ ۽ قومن جي وجود بابت اهو ئي رويو اختيار ڪيو جيڪو پنجابي پناهگير مستقل مفاد ۽ سندن نمائنده اسٽيبلشمينٽ جو هو. بنگال ان ئي سبب ۽ بنياد تي الڳ ٿي چڪو هو ۽ ڀٽو صاحب باقي بچيل ملڪ کي بچائڻ جو بهانو بڻائي ان نظرياتي ڍونگ جو ڀانڊو ڦاڙي سگهيو ٿي پر هن ايئن نه ڪيو. مورڳو ان جي اُبتڙ ڪيو. پر اڄ اهو تاريخي حالتن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اها خود فريب ۽ قومن جي وجود کان انڪاري سوچ هاڻي هر طرف کان رد ٿي چڪي آهي. اڄ ڪير به ان جو ڌڻي ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي پر ان جو نقصان يقيني طور وڏو ٿيو. ڀٽو صاحب ان غلط ۽ نام نهاد مها پاڪستاني سوچ جا پردا چاڪ ڪري هڪ نئين، حقيقت پسند ۽ انصاف پسند سوچ ۽ رويي جا بنياد وجهي سگهيو ٿي پر الميو اهو آهي ته هن به ايئن نه ڪيو ۽ هو به نام نهاد پاڪستاني قوم جي خودفريب تصور جو علمبردار هو، جنهن جو بنياد ملڪ جي وسندڙ قومن جي وجود کان انڪار تي ٻڌل هو.
(6) ڀُٽي صاحب جي دؤر ۾ بلوچن خلاف آپريشن، ڀُٽي صاحب جي سياسي ڪيريئر تي هميشه هڪ اڻ وڻندڙ داغ طور موجود رهندو. جيتوڻيڪ اها ڳالهه ظاهر آهي ته اهو آپريشن اسٽيبلشمينٽ طرفان هو پر ڀٽو صاحب به سياسي فيصلي طور ان ۾ شامل رهيو. بلوچ اڳواڻن کي دوکي ۽ دولاب سان پهاڙن تان لاهي، ساڻن واعدي خلافي ڪري کين ملٽري ڪورٽ ۾ سزائون ڏئي ڦاهيون چاڙهيو ويو ۽ هزارين بلوچن جو قتل عام ڪيو ويو. اهي سڀ تفصيل تاريخ جي رڪارڊ تي محفوظ آهن. انهن کي هتي ورجائڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. ٿيو ڇا؟ هڪ طرف بلوچن سان سڌو سنئون ناحق ٿيو ته ٻئي طرف سنڌين ۽ بلوچن وچ ۾ تاريخي طور ويڇا سخت وڌي ويا. هيءُ ته هاڻي ڪجهه سالن کان سنڌي ۽ بلوچ سياسي طور هڪٻئي جي ويجها ٿيا آهن ۽ انهن ۾ به حالتن جو هٿ آهي، نه ته حقيقت ۾ بلوچن ان آپريشن کان پوءِ عملي طور سنڌين کان منهن موڙي ڇڏيو هو ۽ هو سنڌين سان سياسي طور دل ۾ نه ٺهندا هئا. بلوچ روايتي ماڻهو آهن. هنن لاءِ ڀٽو هڪ سنڌي هو، جنهن جي دؤر ۾ مٿن ايڏو وڏو آپريشن ۽ سندن نقصان ٿيو ۽ هو اهو ”حساب“ ڪيئن ٿي وساري سگهيا. بنگالين خلاف استعمال ٿيڻ کان پوءِ بلوچن خلاف استعمال ٿيڻ شهيد ڀُٽي جي ٻي وڏي سنگين ۽ ناقابلِ تلافي غلطي هئي، جنهن جا نتيجا هن يا سندس پارٽيءَ نه پر سنڌ ۽ سنڌي عوام ڀوڳيا. ويندي ڀُٽي صاحب جي شهادت تي بلوچن ڪوبه احتجاج نه ڪيو.
(7) شهيد ڀُٽي ڳالهه عوام جي ڪئي، بظاهر جاگيردارن ۽ سرمائيدارن خلاف ڳالهايو پر ڏٺو وڃي ته پس و پيش وري پارٽي عملي طور ان ئي طبقي حوالي ڪئي. مون کي ته ايئن لڳندو آهي ته هن عوام ۾ ابتدائي دؤر ۾ جيڪو وڏيرن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن خلاف ڳالهايو، اهو دراصل کين ڪمزور ڪري، جهڪائي پاڻ طرف ڇڪڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي هڪ حڪمت عملي ۽ اٽڪل هئي. هن عوامي اڳواڻ طور سامهون اچڻ شرط اهو تاثر ڏنو ته هو انقلابي آهي. هو سياسي ۽ معاشي پاليسين جي حوالي سان سوشلسٽ آهي ۽ هو جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقي جا بنياد لوڏي ڇڏيندو. نتيجي ۾ هن جڏهن هڪ طرف ڏٺو ته عوام به سندس ڳالهين ۾ اچي سندس پاسي ٿي چڪو آهي ۽ ٻئي طرف خود جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقو به کانئس ڊڄي سندس پويان هلڻ لاءِ تيار آهي ته پوءِ هن پنهنجي پاليسي بدلائي ۽ اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته خود ڀُٽي صاحب جي ئي دؤر ۾ اهو طبقو پارٽيءَ ۽ عوام تي مڙهجي چڪو هو. جڏهن ته شهيد ڀٽو سچ پچ چاهي ها ته عوام جي سياسي ۽ سماجي طور ان طبقي مان هميشه لاءِ جند آجي ڪرائي سگهي ها. اهو ڪارنامو ڪنهن انقلاب کان گهٽ نه هجي ها. ان لاءِ هن کي ڪنهن ريڊيڪل انقلاب جي ضرورت به نه هئي. هو رڳو پارٽيءَ ۾ مڊل ڪلاس ۽ لوئر مڊل ڪلاس کي اڳتي آڻڻ سان به هڪ حد تائين ايئن ڪري ٿي سگهيو، پر ڀُٽي صاحب وٽ عوام لاءِ رنگين ۽ خوابن جهڙيون ڳالهيون هيون پر عملي طرح ڪيو هن اهو جيڪو سندس عارضي مفاد ۾ هو. اصل ۾ ماڻهو جڏهن ڪمپرومائيز ڪرڻ شروع ڪري ٿو ته پوءِ ان جي ڪابه حد نه ٿي رهي. جيئن هڪ ڪوڙ ماڻهوءَ کان پنجاهه ٻيا ڪوڙ ڳالهرائيندو آهي تيئن هڪ مصلحت ۽ ڪمپرومائيز ماڻهوءَ کان ٻيا ڪمپرومائيز ڪرائيندي آهي. اصل ۾ تاريخ ۾ رڳو ماڻهوءَ جون ڳالهيون نه ٿيون بيهن، پر سندن عملي ڪردار بيهي ٿو. ڀُٽي صاحب جا جيڪي ڪارناما آهن، اهي به تاريخ ۾ محفوظ رهندا پر هن کان جيڪي سنگين غلطيون ۽ بلنڊر ٿيا، اهي به تاريخ لڪائي نه ٿي سگهي، عام طور سمجهيو اهو ويندو آهي ته پ پ پ جو ڪردار ڀُٽي صاحب کان پوءِ ڏاڪي به ڏاڪي زوال ڏانهن ويو آهي پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ان جا بنياد روين، پاليسين ۽ ترجيحن جي حوالي سان خود ڀُٽي صاحب پنهنجي ئي دؤر ۾ رکي ڇڏيا هئا، جيڪي هن کان پوءِ اڃا به ويا وڌندا، پر ايئن هرگز نه آهي ته ڪو ڀُٽي صاحب جي دؤر ۾ پ پ پ ڪي به سنگين غلطيون ۽ بلنڊر نه ڪيا ۽ اهو سلسلو پوءِ شروع ٿيو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته شهيد ڀٽو حيرتناڪ حد تائين ذهين ۽ محنتي ماڻهو هو، پر ان جي تمام گهڻن فيصلن، روين، پاليسين ۽ سياست مان دورانديشي، ڊگهي مُدي وارن نتيجن جي ادراڪ جي حوالي سان مجموعي طور منجهس ڏاهپ جي کوٽ نظر اچي ٿي. انهن مان ڪجهه نقطن تي اسان مٿي لکي آيا آهيون.
سوال آهي ته:
• ڇا اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب جي مينڊيٽ کي اسٽيبلشمينٽ طرفان رد ڪرڻ جي پاليسيءَ ۾ ڀُٽي صاحب کي اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ڏيڻ گهربو هو؟
• ڇا اوڀر پاڪستان جي سانحي کان پوءِ کيس شڪست کاڌل اسٽيبلشمينٽ جي مئل گهوڙي ۾ سياسي، سفارتي ۽ معاشي ساهه وجهڻ گهربو هو ۽ ڇا هن جو اهو فيصلو ۽ رويو درست ۽ عوام جي حق ۾ هو؟
• ڇا هن کي پنجابي-پناهگير مستقل مفاد جي نظرياتي بدديانتيءَ جي آئينيدار ۽ قومن جي وجود جي انڪاري مها پاڪستاني تصور کي قبول ڪرڻ کپندو هو؟
• ڇا هن جي ڀارت ۽ پاڪ- ڀارت لاڳاپن بابت پاليسي حقيقت پسند، عوام دوست، انصاف پسند ۽ دورانديشيءَ تي ٻڌل هئي؟ ڇا هن نه ٿي ڄاتو ته هزار سالن تائين ڀارت سان وڙهڻ جي سوچ ۽ روش پس و پيش ڪنهن جي مفاد ۾ هئي؟ ان ڪنهن کي مضبوط ۽ ڪنهن کي ڪمزور ٿي ڪيو؟ ان ڪنهن جي ”مفادن“ جو بچاءُ ۽ ڪنهن کي ڪمزور ٿي ڪيو؟ ان ڪنهن کي مضبوط ۽ ڪنهن جي ڊگهن مفادن کي خطري ۾ ٿي وڌو؟
• ڇا ڀُٽي صاحب سچ پچ به عوام کي طاقت جي سرچشمي ۾ تبديل ڪيو يا دل ۾ ايئن سمجهيو؟ ڇا هن نه ٿي ڄاتو ته پارٽيءَ ۽ پارليامينٽ کي وڏيرن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن حوالي ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ طاقت جي توازن کي اسٽيبلشمينٽ جي حق ۾ رکڻ عوام سان هڪ ريشمي ۽ خوبصورت دوکو هو؟
• ڇا ڀُٽي صاحب مڊل ڪلاس، هيٺين وچين طبقي ۽ عوام کي پارٽيءَ ۽ سياسي عمل ۾ وڏيرن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن تي عملي طور سچ پچ به ترجيح ڏيڻ ۽ کين ليڊرشپ سطح تي آڻڻ لاءِ خاص ۽ اسٽريٽجڪ ڪوششون ورتيون؟ ۽ عملي طور ايئن ڪري ڏيکاريو؟
• ڇا 1973ع جو آئين حقيقت پسند، انصاف پسند ۽ سمورين قومن جي عوام جي جائز مفادن جو بچاءُ ڪندڙ هو ۽ آهي يا ٿي سگهي ٿو؟
انهن سمورن سوالن تي سطحي جذباتيت ۽ عقيدت جي روش کان پاسيرو ٿي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. سياست ۾ ڪوبه اڳواڻ ۽ ڪابه پارٽي مقدس ڳئون ناهي. عوام جو مفاد ڪنهن تقليد، سياسي عقيدي پرستيءَ ۽ شخصيت پرستيءَ ۾ نه پر حقيقتن کي گهرائيءَ سان سمجهڻ ۽ انهن کي بدلائڻ ۾ آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ٻيو دؤر جنهن جو به سنجيدگيءَ، گهرائيءَ ۽ تنقيدي نظر سان جائزو وٺڻ ضروري آهي، اهو دؤر آهي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو 1986ع ۾ ملڪ واپس اچي پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ جون واڳون سنڀاليون. 1986ع ۾ بينظير ڀٽو جڏهن ملڪ واپس آئي ۽ هن لاهور ۾ اچي پنهنجا قدم رکيا هئا ته هڪ اندازي موجب ڏهه لکن کان به وڌيڪ ماڻهن جي هڪ پُرجوش سمنڊ سندس استقبال ڪيو. جي عوام جي ان اٿاهه وابستگيءَ جو سنجيدگيءَ ۽ گهرائيءَ سان جائزو ورتو وڃي ها ته دراصل اها هڪ لحاظ کان بينظير ڀٽو لاءِ خوشيءَ ۽ فخر جي ڳالهه به هئي پر حقيقت ۾ هن کي اهو به سمجهڻ کپندو هو ته عوام جي اها محبت ۽ موٽ مٿس تاريخ جو ڪيڏو نه ڳرو بار وجهي رهي آهي. هڪڙي ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته عوام جي موٽ ۽ محبت وقتي طرح ماڻهوءَ کي خوش به ڪندي آهي، ان کي اتساهه به بخشيندي، ماڻهوءَ جي مورال کي مٿي به کڻندي آهي پر حقيقت ۾ اهو هڪ وڏو بار به هوندي آهي. اها محبت عوام جي هڪڙي اخلاقي امانت به هوندي آهي، اها بظاهر غير مشروط نظر ايندي آهي پر حقيقت ۾ اها عوام جي گڏيل مفادن، سندن تحت الشعور ۾ پيل آدرشن، سندن اڻ اظهاريل خواهشن، سندن تشنه حسرتن ۽ اُميدن سان مشروط هوندي آهي. ان ڪري اهو هڪ غلط، سطحي، هوائي ۽ گمراهه ڪندڙ مفروضو آهي ته عوام جي محبت غير مشروط ٿيندي آهي. عوام جي محبت ويساهه، اُميد ۽ سندن گڏيل مفادن جي حوالي سان نتيجن جي توقع جي بنياد تي هوندي آهي. 1986ع ۾ بينظير ڀٽو کي عوام طرفان مليل بي پناهه محبت به اهڙي محبت هئي، جنهن جي سببن ۽ محرڪن جي روح تائين هوءَ نه پهچي سگهي. 1986ع کان 2006ع تائين جي سندس ويهن سالن جي سياسي سفر جو بنيادي ۽ وڏي ۾ وڏو الميو اهو ئي آهي. باقي سموريون ڳالهيون ان جا منطقي نتيجا آهن.
اچو ته بينظير ڀٽو صاحبه جي انهن ويهن سالن جي سياسي سفر ۽ ان دوران سندس پارٽيءَ جي سياسي ڪردار جو سنجيدگيءَ سان ۽ ٺوس حقيقتن ۽ دليلن جي بنياد تي هڪ جائزو وٺون.
(1) 1986ع ۾ بينظير ڀٽو صاحبه واپس آئي ته اهو هڪ خاص حالتون رکندڙ دؤر هو. عوام 9 سال مسلسل ضياءَ جي آمريت کي ڀوڳيو هو ۽ ان خلاف هر سطح تي هر قسم جي مزاحمت ڪئي هئي. 1983ع جي ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ ته عوام جي هڪ تاريخي جدوجهد ۽ مزاحمت هئي. عوام ان اُميد ۽ انتظار ۾ هو ته آمريت جي ڪاري رات کُٽندي ته جمهوريت جو نئون سج سندن لاءِ خوشحاليءَ، آزاديءَ ۽ سرهائيءَ جا نوان سنيها کڻي ايندو. سياسي پارٽيون عوام جي اهڙين اميدن تي پورو لهڻ ۽ پنهنجو سياسي فرض نڀائڻ لاءِ سياسي، معاشي ۽ سماجي پاليسيون ٺاهينديون آهن ۽ جن پارٽين جي سگهه حڪومت ٺاهڻ جي هوندي آهي، اُهي ته پنهنجون متبادل سفارتي ۽ پرڏيهي پاليسيون به ٺاهينديون آهن. پ پ پ وٽ بدليل ۽ بدلجندڙ حالتن جي نسبت سان ڪي به واضح ۽ ٺوس پاليسيون نه هيون ۽ نه وري ڪي اُصول طئي ڪيل هئا ته اها ڪهڙن اُصولن تحت حڪومت ٺاهيندي يا ان ۾ شامل ٿيندي ۽ ڪهڙن شرطن تحت ڪڏهن به حڪومت نه وٺندي يا ان جو حصو نه بڻجندي؟ پارٽيءَ وٽ رڳو نعرا هئا، ليڊرشپ جو سحر هو پر ان وٽ ڪي به ٺوس، گهربل ۽ وقت سان ٺهڪندڙ پاليسيون نه هيون. پارٽيءَ وٽ ڪوبه واضح پروگرام نه هو ته ان وٽ جمهوريت جو تصور ڇا آهي؟ اها ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ڪندي يا نه؟ اها ڪهڙو آئيني انتظام ڪندي ته جيئن بار بار جنرل ملڪ جي سياسي نظام تي راتاها نه هڻن؟ اها ملڪ ۾ وسيلن ۽ آمدنيءَ جي ورهاست ڪيئن ڪندي؟ ان وٽ اين ايف سي ايوارڊ جو ماڊل ۽ خاڪو ڇا هوندو؟ اها بين الصوبائي تڪرار نبيرڻ لاءِ ڪهڙيون تدبيرون اختيار ڪندي؟ اها ملڪ ۾ پاڻيءَ جو تڪرار ڪيئن نبيريندي ۽ ان جو وڏن ڊيمن ۽ ان مان نڪرندڙ واهن بابت ڪهڙو ۽ ڇا موقف هوندو؟ ان جي پرڏيهي پاليسي ڇا هوندي؟ ڇا اها سامراج پرست ۽ عوام دشمن پرڏيهي پاليسي جاري رکندي يا ڪو متبادل رستو اختيار ڪندي؟ اهي ۽ اهڙا ٻيا انيڪ سوال پيپلز پارٽيءَ کان ضياءَ جي دؤر کان پوءِ ٺوس پاليسين جا متقاضي هئا پر ان جي ڀيٽ ۾ پارٽيءَ وٽ ڪا هڪ به پاليسي واضح نه هئي. ٻئي طرف 1986ع جي ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ کانپوءِ ان پاران وفاق بابت هڪ ڍانچي ۽ خاڪي تي اتفاق ڪيو ويو هو، جنهن تي پ پ پ پڻ صحيحون ڪيون هيون. جيتوڻيڪ اهو خاڪو به ڪو گهرجن پٽاندر نه هو پر تڏهن به ان ۾ اهو مڃيو ويو هو ته ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ڪئي ويندي ۽ مرڪز وٽ رڳو چار کاتا باقي رهندا، پر پيپلز پارٽيءَ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ان جو ڪوبه احترام نه ڪيو ۽ ان معاهدي جي حيثيت به پ پ پ لاءِ اهڙي ئي وڃي بچي جهڙي آمرن لاءِ آئين جي هوندي آهي.
(2) 1988ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جهاز جي ”حادثي“ ۾ فوت ٿي ويو ۽ ايئن 16 نومبر 1988ع تي ملڪ جي اٺين قومي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. اِهي چونڊون ملڪ جي تڏهوڪي صدر غلام اسحاق خان جي انتظام هيٺ ٿيون ۽ 2 ڊسمبر 1988ع تي محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم طور قسم کنيو. هاڻي اها ڳالهه ڪوبه راز نه رهي آهي ته پ پ پ کي اهو اقتدار اسٽيبلشمينٽ جي شرطن تي ۽ محدود اختيارن تحت ڄڻ ته مقاطعي تي ڏنو ويو هو. اها ڳالهه هاڻي بينظير ڀٽو صاحبه پاڻ به بار بار ورجائي چڪي آهي. سمجهڻ وارن تڏهن ئي سمجهي ورتو هو ته اسٽيبلشمينٽ اقتدار پ پ پ کي منتقل ڪرڻ جو نالي ماتر ڊرامو ڪيو آهي. گهڻن دورانديش ماڻهن جو تڏهن به اهو خيال هو ته اهڙو نالي ماتر اقتدار وٺڻ بينظير ڀٽو ۽ سندس پارٽيءَ جي سنگين اسٽريٽجڪ غلطي ۽ بلنڊر هو. ڇاڪاڻ ته ماڻهن ۽ خاص طور سنڌ جي عوام آمريت سان وڏو ۽ طويل جدوجهد ذريعي ٽڪر کاڌو هو. ان لاءِ ٻچا ٻار قربان ڪيا هئا ۽ ٻيون هر طرح جون بي مثال قربانيون ڏنيون هيون. 1983ع ۽ 1986ع جون تحريڪون ان جا وڏا مثال هئا. ڇا عوام جي ايڏي طويل جدوجهد کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ سان ڳجهو ٺاهه ڪري، سندن ٽرمس تي نالي ماتر اقتدار جي ڪرسي حاصل ڪرڻ عوام جي بي لوث جدوجهد سان سياسي غداري نه هئي؟ ڪهڙو آسمان ڪري ها، جيڪڏهن اهو جڏو يا هٿ پير ٻڌل اقتدار وٺڻ کان انڪار ڪيو وڃي ها؟ ڇاڪاڻ ته اها رڳو اقتدار وٺندڙن جي ئي نه پر بنيادي طور عوام جي جدوجهد ۽ قربانين جي وڏي توهين هئي. برما جهڙي پسمانده ملڪ ۾ آنگ سانگ سُوچي به ته آهي، جنهن هميشه ساموانگ فوجي جنتا سان ڪنهن به ڪمپرومائيز کي هميشه ٿُڏي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي عوام جي ويساهه جي علامت بڻيل آهي. ظاهر آهي ته اقتدار جي منتقليءَ جي ان ناٽڪ مان عوام کي ورڻو ڪجهه به نه هو ۽ نيٺ غلام اسحاق خان ڇهه آگسٽ 1990ع تي آئين جي آرٽيڪل (2) 58 تحت اسيمبليون ٽوڙي پ پ پ جي نالي ماتر حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو.
سوال آهي ته جيڪڏهن 1988ع ۾ اسٽيبلشمينٽ سان ڪمپرومائيز نه ڪيو وڃي ها ۽ عوام جي سگهه ۽ جدوجهد تي ويساهه رکي حقيقي جمهوريت جي بحاليءَ تائين اقتدار جي منتقليءَ جي ناٽڪ کي رد ڪيو وڃي ها ته اسٽيبلشمينٽ جي اخلاقي ۽ سياسي سگهه جي صورتحال ڇا رهي ها؟ ڇا پوءِ هو رات وچ ۾ اسيمبلين کي ايئن برطرف ڪرڻ جي جرئت ڪري سگهن ها؟ سڀني کي خبر هئي ته اسٽيبلشمينٽ ضياءَ جي ڊگهي يارنهن سالن جي دؤر سبب اندروني طور سخت بحران جو شڪار هئي. ان ڪري اها گهڻو وقت عملي طور اقتدار تي قابض رهڻ کي Manage نه ڪري سگهي ها پر جيستائين وچينءَ تي روزو ڀڃڻ وارن جو ڏڪار نه آهي تيستائين اسٽيبلشمينٽ کي به ڪو خطرو محسوس نه ٿو ٿئي.
(3) حقيقت ۾ 1986ع ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جي واپس ورڻ کان پوءِ پ پ پ هر طرح سان اسٽيبلشمينٽ کي اهي سياسي Gestures ڏئي چڪي هئي ته اها ساڻن حتمي مزاحمت ۽ سياسي ويڙهه بدران ڪمپرومائيز ذريعي اقتدار وٺڻ چاهي ٿي. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ به ان کي ڪو خاص وزن نه ٿي ڏنو جو کين معلوم هو ته هيءُ محدود ۽ نالي ماتر اقتدار جي ”پگهار“ تي ”نوڪري“ ڪرڻ لاءِ به تيار آهن. دراصل اِها ئي اُها فيصلائتي اسٽريٽجڪ پوائنٽ هئي، جتي هڪ طرف عوام کانئس مايوس ٿيڻ شروع ٿيو ته ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ به سندن ”وزن“ پرکي ورتو هو. اها پ پ پ جي اها ساڳي اڳوڻي روايت ۽ روش هئي ته بظاهر عوام کي طاقت جو سرچشمو چئبو پر دل ۾ سمجهبو ته اها مڙئي ڳالهه آهي، اصل طاقت جو سرچشمو اسٽيبلشمينٽ آهي. شهيد ڀُٽي به ان ۾ مار کاڌي. ڇا هن جهڙي مدبر اڳواڻ اها سادي ڳالهه نه ٿي سمجهي ته هو جنهن ملڪ جي بنياد تي عالمي سياست ۾ وڏي راند کيڏي رهيو آهي ۽ عالمي سياسي طاقت جي توازن کي تبديل ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي، ان جون واڳون عملي طور ان اسٽيبلشمينٽ وٽ آهن جيڪا وِڪاڻل آهي ۽ جيڪا ڪنهن وقت به سندس پيرن هيٺان زمين ڪڍي سگهي ٿي؟ نيٺ ٿيو به ايئن، هڪ دفعو وري ساڳي تاريخي غلطي ورجائي پئي وئي. پ پ پ جي زوال جي ڪهاڻي ان موڙ کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن ان دل ۾ عوام جي سگهه جو احترام ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ان کي محظ ٺلهو نعرو سمجهي اصل ۾ سڄو ڌيان اسٽيبلشمينٽ سان هڪٻئي لاءِ ڪنهن قبوليت جوڳي ”حل“ ڪڍڻ تي رکيو. دراصل جڏهن سياست ۾ ماڻهو عوام جي سگهه کان واقعي ويساهه کڻي وڃي ته پوءِ ان وٽ مصلحتن ۽ ڪمپرومائيز کان سواءِ ٻي ڪا واهه به نه ٿي بچي. پ پ پ سان به ايئن ئي ٿيو.
ڇا محترمه بينظير ڀٽو جهڙي ذهين اڳواڻ اهو نه ٿي سمجهيو ۽ ڄاتو ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ عوام ۽ اسٽيبلشمينٽ جي فيصلائتي سياسي ويڙهه کانسواءِ اقتدار حقيقي معنيٰ ۾ سياسي عمل ذريعي عوام کي منتقل ٿي سگهي ئي نه ٿو؟ جي هن اها سادي ۽ چِٽي حقيقت نه پئي سمجهي ته ان کي ڇا چئجي؟ سندس ناسمجهي يا ڏٺي وائٺي ڪمپرومائيز؟ ۽ جي هن اهو سمجهيو ٿي ته پوءِ هن اهو 1988ع وارو محدود ۽ مقاطعي تي ڏنل ناٽڪي اقتدار ڇو ۽ ڪيئن وٺڻ گوارا ڪيو؟ منهنجي خيال ۾ اهو سمجهڻ ۾ ڪابه عربي فارسي نه آهي.
(4) 1986ع کان پوءِ بينظير ڀٽو صاحبه به عوام جي ٺلهي ڳالهه ڪئي ۽ حقيقت ۾ جنهن کي سياسي طور اکين تي رکيو ۽ کيس مضبوط ڪيو، اهو ساڳيو ئي ابن الوقت، عوام دشمن، ڦرڻو گهرڻو ۽ ويڪائو وڏيرڪو طبقو هو. 1988ع جي چونڊن ۾ عوام ۽ تاريخ کيس ۽ سندس پارٽيءَ کي اهو تاريخي موقعو فراهم ڪيو، جنهن ۾ هوءَ ان طبقي کي سياسي طور دفن ڪري پئي سگهي. 1988ع جون چونڊون هڪ خاموش انقلاب هو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته پير پاڳارو پرويز علي شاهه کان هارائيندو، نواب سلطان احمد چانڊيو هڪ عورت ڊاڪٽر اشرف عباسيءَ کان شڪست کائيندو؟ غلام مصطفيٰ جتوئي رحمت الله بهڻ کان هارائي ويندو؟ 1988ع جي چونڊن ۾ عوام وڏيرڪي طبقي کي سياسي موت ڏئي تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيو هو پر پوءِ سنڌ جي مرندڙ وڏيرڪن گهراڻن کي ڳولي ڳولي، سندن سياسي لاش وقت جي قبرن مان ڪڍي، منجهن اقتدار ۽ سياسي مراعتن جو رت وجهي، کين وري سياسي ميدان تي لاٿو ويو ۽ ان ۾ پ پ پ وسان نه گهٽايو. ڇا اهو تاريخي موقعو نه هو، جنهن ۾ اڳتي هلي باڪردار ۽ باشعور ڪارڪنن ۽ مڊل ڪلاس کي اڳتي اچڻ جو موقعو ڏنو وڃي ها؟ 1988ع کان پوءِ پ پ پ ۾ هڪ ڪلچر پيدا ڪيو ويو. پارٽيءَ لاءِ معتبر اهو ليکبو هو جنهن وٽ پئسا گهڻا هجن ۽ هو پارٽيءَ کي وڌيڪ وسيلا فراهم ڪري سگهي. ظاهر آهي ته ڪهڙو مڊل ڪلاس جو مخلص ۽ ڪارڪن ماڻهو ان معيار تي پورو لهي سگهي ها؟ نتيجي ۾ هڪ طرف هڪ Neo-Feudal طبقو پيدا ٿيو، جيڪو روايتي طرح سماجي حوالي سان وڏيرو نه هو پر هن ڪرپشن ذريعي وسيلا هٿ ڪري ان معيار تي پورو لهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي.
سنڌ ۾ ڪيترن ئي خاندانن کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. چونڊن ۾ بيهڻ لاءِ پارٽي ٽڪيٽ جو معيار ڪارڪنن جي قرباني، سچائي، ڪردار، قابليت ۽ ڪمٽمينٽ نه هئي پر فقط ۽ فقط پئسو هو. ان روش سان پ پ پ هٿ وٺي پنهنجي مضبوط ڪارڪنن جي پوري Institution کي عملي طور ختم ڪري ڇڏيو. اڄ هيٺين سطح تي پارٽيءَ سان وابسته غريب ماڻهو باڪردار ڪارڪن بڻجڻ بجاءِ ”ڪنهن نه ڪنهن جو ماڻهو“ ٿيڻ کي ترجيح ڏين ٿا، جو کين سياسي سلامتيءَ جو اهو واحد وسيلو نظر اچي ٿو. يعني هڪ طرف پارٽيءَ توڙي سياسي عمل ۾ وڏيرڪي طبقي کي واڪ اوور ڏنو ويو ته ٻئي طرف مڊل ڪلاس کي ڪرپٽ ڪري کين عملي طرح Neo-Feudal بڻايو ويو. گذريل ويهن سالن ۾ اُسريل ان سياسي رويي ۽ ڪلچر اسان جي سياسي ماحول کي سخت خراب ڪيو آهي.
(5) اها ڳالهه هاڻي سياسي سمجهه رکندڙ ٽين دنيا جو ٻار به ڄاڻي ٿو ته سندن حڪمران طبقا پنهنجن ملڪن ۽ عوام جا نمائندا نه پر سامراج جا ويهاريل ۽ سندن مفادن لاءِ ڪم ڪندڙ گماشتا آهن. عالمي سامراج ٽين دنيا جي جمهوري تحريڪن کي اُسرڻ ئي نه ٿو ڏئي ۽ هو پنهنجي ديسي دلالن معرفت رياستن کي ڪڏهن ظاهري ته ڪڏهن ڳُجهي نموني ڪنٽرول به ڪري ٿو ته وري جمهوري تحريڪن کي يا ته ڪُچلرائي ٿو يا ڪرپٽ ڪرائي ٿو. ان ڪري ٽين دنيا جي ڪابه حقيقي عوامي جمهوري حڪومت پنهنجي سرشت ۾ سامراج دوست ٿي سگهي ئي نه ٿي. بلڪه اصل ۾ ان کي پرکڻ جو معيار ۽ پيمانو ئي اهو آهي. جيتوڻيڪ شهيد ڀٽو هڪ حد تائين سامراج دشمن هو پر 1986ع کان پوءِ بينظير ڀٽو صاحبه نه رڳو شعوري طرح سامراج دشمنيءَ جي روش کي پارٽيءَ ۾ سختيءَ سان ختم ڪرايو پر ان ڪوشش ڪري آمريڪا کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها پاڪستان ۾ سندن ”مفادن“ جو بهتر تحفظ ڪري سگهي ٿي. مون کي ياد آهي ته 1986ع کان پوءِ بينظير ڀٽو جلسن ۽ جلوسن ۾ آمريڪا خلاف لڳندڙ نعرن تي سخت چڙي پوندي هئي. هاڻي پيپلز پارٽيءَ جي جلسن، جلوسن ۽ پروگرامن ۾ آمريڪا خلاف نعرا ماڻهن کي ٻُڌڻ ۾ ڪڏهن به نه ايندا. ان جي شاهدي خود پارٽيءَ جا پراڻا ڪارڪن ڏئي سگهن ٿا. ٻيو ته ٺهيو پر اڄ جڏهن سمورو عوام ۽ سڄي دنيا آمريڪا خلاف ٿيو بيٺي آهي، مجال آهي جو پ پ پ جي قيادت هڪ لفظ به آمريڪا جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ لاءِ ڳالهائي! سبب وري به ساڳيو آهي. جڏهن دل ۾ اهو سمجهبو ته عوام جي طاقت عملي طور ڪجهه به نه آهي ۽ اقتدار دراصل آمريڪا ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه کان پوءِ ملندو ته پوءِ اهڙا مفاد ڪٿي ٿا اجازت ڏين ته ماڻهو اُگهاڙو سچ ڳالهائي؟ ٽين دنيا جي ڪنهن به جمهوري تحريڪ لاءِ سامراج دوستي سياسي طور ڪنهن آپگهات کان گهٽ نه آهي ۽ پ پ پ جي پرڏيهي ۽ سفارتي پاليسيءَ کي ان حوالي سان ڏسي، پروڙي ۽ ان مان گهربل نتيجا آسانيءَ سان ڪڍي سگهجن ٿا.
(4) 1986ع کان وٺي پ پ پ جيئن اتحادن جي گڏيل فيصلن ۽ اُصولن کي Violate ڪيو آهي، ان جو نتيجو هيءُ آهي ته اتحادن ۾ پارٽيون ساڻن گڏ ته ضرور هلن ٿيون پر ڪوبه دل ۾ مٿن اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ايم آر ڊيءَ جي چارٽر سان جيڪو حشر ڪيو ويو اهو ته هاڻي ماضيءَ جي ڳالهه آهي پر هي تازو جيڪو ”ميثاقِ جمهوريت“ جو معاهدو ٿيو، ان ۾ مسلم ليگ (ن) هاڻي ته پ پ پ مٿان پنهنجي عدم اعتماد جو اظهار عوامي سطح تي به ڪرڻ شروع ڪيو آهي. روز اخبارن ۾ ساڻن اسٽيبلشمينٽ جي ڳُجهي ڊيل جون خبرون اچن ٿيون ۽ سندن سياسي رويا به ان جي ڄڻ ته تائيد ڪن ٿا. اڪبر بگٽيءَ جي قتل کانپوءِ جڏهن پارليامينٽ مان استعيفائن جي ڳالهه اُٿي ته ايم ايم اي کي جي يو آءِ ۽ اي آر ڊيءَ کي پ پ پ معرفت مينيج ڪيو ويو. نه ته جي سچ پچ به سموري مخالف ڌر استعيفائون ڏئي ها ته مشرف جي پيرن هيٺان زمين نڪري وڃي ها. پر ايئن نه ٿيو! ذميوار ڪير آهي؟
سوال اهو آهي ته ڇا پ پ پ ۽ سندس اڳواڻ ماضيءَ جي انهن سنگين غلطين مان ڪجهه سکيو آهي يا هيءُ سلسلو اڃا وڌيڪ وڏي ڌٻڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي؟ هينئر جڏهن صاف پيو ڏسجي ته اسٽيبلشمينٽ مڪمل طور ۽ هر طرف کان ڦاسي چڪي آهي ۽ رياست جو هيءُ بحران وري ڪنهن نئين ناٽڪ سان وڌيڪ پيچيده ته ٿيندو پر حل نه ٿيندو، تڏهن ڇا هڪ دفعو وري اسٽيبلشمينٽ سان ڳُجهه ڳوهه ۾ ڪو ٺاهه ڪري نالي ماتر اقتدار وٺڻ ۽ ڪنهن بنيادي تبديليءَ جي محرڪن کي ايئن پُٺي ڏيڻ هڪ دفعو وري عوام سان سنگين مذاق نه ٿيندو؟ هڪ ته ڏٺي وائٺي ڊيل ۽ ڪمپرومائيز ڪئي پئي وڃي ۽ ٻيو وري وڏي رعب تاب سان اکيون پيون ڏيکاريون وڃن ته ڪو مٿن اهڙي ڪردار سبب آڱر به نه کڻي. جنهن دؤر ۾ اسٽيبلشمينٽ سان فيصلائتي سياسي ويڙهه جي ضرورت آهي، اتي عوام جي مرضيءَ ۽ تبديلين جي محرڪن کي ايئن پُٺي ڏيڻ کي ڇا عوام ايئن معاف ڪري ڇڏيندو؟ هن دفعي اسٽيبلشمينٽ کي هن باهه مان نڪرڻ لاءِ رستو ڏيڻ ملڪي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو سياسي ڏوهه هوندو.
عوام جي ذهنن ۾ اڄ به سوال آهن ته:
• ڇا اقتدار عوام جي سگهه ۽ فيصلي جي بنياد تي ورتو ويندو يا اڳوڻن دؤرن جيان اسٽيبلشمينٽ جي ٽرمس ۽ شرطن تي؟
• ڇا ساڳئي سرشتي ۾ ناٽڪي سياسي حڪومت ۽ جمهوريت جو ڊرامو ورجايو ويندو يا اقتدار حقيقي معنيٰ ۾ عوام ۽ سياسي قوتن کي منتقل ٿيڻ تائين ڪمپرومائيز نه ڪيو ويندو؟
• اقتدار وري آمريڪا جي آشيرواد سان ورتو ويندو ۽ سندن مفادن جي تحفظ جون پاليسيون اختيار ڪيون وينديون يا حقيقي عوام دوست ڪردار ادا ڪيو ويندو؟
• ڇا پارٽيءَ ۽ چونڊن ۾ ساڳين آزمايل موقعي پرست طبقي جي وڏيرن کي اڳتي آندو ويندو يا ان ۾ مڊل ڪلاس ۽ عوام منجهان باڪردار ماڻهن کي Space ڏنو ويندو؟
• ملڪ جنهن بدترين بحران ۽ تضادن جو شڪار آهي، ان جو حل هڪ حقيقي ۽ قومن جي برابريءَ واري وفاق تحت ڪڍيو ويندو يا هن ڌپ ڪري ويل وفاق جي بدبودار لاش کي اڃا به گهليو ويندو؟
• پاڻيءَ جي تاريخي تڪرار کي انصاف جي تقاضائن موجب حل ڪيو ويندو يا ان جو اسٽيٽسڪو برقرا رکيو ويندو؟
• چشمه جهلم ۽ ٿل ڪئنال جا غير قانوني ۽ ڌاڙيل واهه بند ڪيا ويندا يا نه؟
• سنڌو درياهه تي ناجائز وڏن ڊيمن جون سموريون رٿائون قانوني طور ختم ڪيون وينديون يا نه؟
• ناڻي ۽ وسيلن جي ورڇ انصاف جي بنياد تي ڪئي ويندي يا ماضيءَ وارا اين ايف سي ايوارڊ جيئن جو تيئن برقرار رکيا ويندا؟
• ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ڪري وفاق کي ٽن کاتن تائين محدود ڪيو ويندو يا صورتحال جيئن جو تيئن برقرار رهندي؟
• صوبن کي پنهنجن قدرتي وسيلن ۽ زمين تي مالڪيءَ جا حق ڏنا ويندا يا نه؟
• ماضيءَ جيان سنڌ ۾ دهشتگردن سان حڪومتون ٺاهڻ لاءِ ناجائز مطالبن جي بنياد تي ٺاهه ڪيا ويندا يا اها روايت تبديل ڪئي ويندي؟
• سنڌ جون جيڪي زمينون دهشتگردن ناجائز طور الاٽ ڪرايون آهن، اهي منسوخ ڪري واپس ورتيون وينديون يا ماضيءَ جيان کين سڀ آسانيءَ سان هضم ٿي ويندو؟
حقيقت ۾ ضرورت آهي ته پ پ پ جا ٻئي ۽ ٽئين درجي جا اڳواڻ مٿن تنقيد ٿيڻ ۽ آڱريون کڄڻ تي ارها ٿيڻ ۽ آپي مان نڪرڻ بجاءِ سنجيدگيءَ سان مٿين لفظن ۽ سوالن تي غور ڪن. ڪابه پارٽي مقدس ۽ آسماني صحيفو ناهي هوندي. جي اها وقت ۽ حالتن آهر پاڻ کي تبديل ڪندي، ماضيءَ مان سکندي ۽ پنهنجي دؤر جي محرڪن کي صحيح معنيٰ ۾ عوام جي باشعور سگهه ۽ ٻَڌيءَ سان ايڊريس ڪندي ته اها اڳتي ويندي، نه ته جهڙا افعال ڏسجن پيا، ان مان اهو نتيجو ڪڍڻ ڪنهن ريت به ڏکيو نه آهي ته هيءُ قصو به نه هليو! سياست جو بنياد رڳو موقعي پرستي ۽ موقعي پرست قوتن تي نه هوندو آهي. ان جو مدار محرڪن تي هوندو آهي. اهو ئي تاريخ ۽ سياست جي علم جو سبق آهي. هن دفعي رياست ۽ عوام جو تضاد ايترو اڳتي وڌي ويو آهي جو هاڻي عوام سان وڌيڪ مذاق ڪندڙ پاڻ تاريخ جو ڀوڳ بڻجي ويندا. اچو ته انهن سوالن تي ايمانداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان غور ڪريون!


روزاني ”عبرت“ حيدرآباد، 9، 10 ۽ 11 آڪٽوبر 2006ع

بينظير ڀٽو جي شهادت: محرڪ، نتيجا ۽ گهُرجون!

..... نيٺ بينظير ڀٽو به قتل ڪئي وئي. جيتوڻيڪ مٿس ڪيترا حملا ڪيا ويا هئا ۽ اهڙي خوني واردات جا مڪمل امڪان موجود هئا پر اُن باوجود اهو ويساهه نه ٿو اچي ته بي نظير ڀٽو هاڻي سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا ۾ نه رهي آهي. موت جي گهڙي هر ڪنهن جي زندگيءَ ۾ ضرور اچي ٿي پر ڪُمَهلا موتَ ۽ اُهي به غير معمولي عوامي اڳواڻن جا- سچ پچ ته عوام ۽ پنهنجي دؤر کي لوڏي وجهندا آهن. بينظير ڀٽو جي شهادت به رڳو سنڌ ۽ پاڪستان نه پر دنيا ۾ ماڻهن جا جيءُ جهوري وڌا آهن، بينظير هڪ سياستدان ۽ گهڻ طبقاتي سياسي پارٽيءَ جي وڏي اڳواڻ هئي، ان ڪري تڪراري به هئي. هوءَ جيئري هئي ته سڄِي ڄمار محبتن، تنقيدن ۽ مخالفتن جو محور رهي ۽ جنهن سورهيائيءَ سان موت جي وادين ۾ هلي وئي، ان رويي سندس شهادت کي عوام لاءِ هڪ سياسي ئي نه پر روحاني زلزلي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. بهادريءَ ۽ تضاد جي اها روايت به کيس پنهنجي پيءُ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کان ورثي ۾ ملي هئي.
جيئن ته ماڻهو انتهائي حساسيت ۾ ورتل ۽ جذباتي ڪيفيت ۾ آهن، جيڪو ردعمل فطري به آهي، ان ڪري اڃا تائين اهو سوال سنجيدگيءَ ۽ غير جذباتيت سان بحث هيٺ نه آيو آهي ته بينظير ڀٽو جي شهادت جا محرڪ ڪهڙا هئا؟ ان پٺيان اصل قوتون ڪهڙيون آهن يا ٿي سگهن ٿيون؟ انهن قوتن بينظير ڀٽو جي قتل مان ڪهڙا مفاد حاصل ڪرڻ ٿي گهُريا؟ ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته هن غير معمولي واقعي جا هن خطي، پاڪستان ۽ سنڌ جي سياست تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ۽ پئجي رهيا آهن.
جيتوڻيڪ بينظير ڀٽو جي شهادت جو سانحو ماضي ٿيندو پيو وڃي پر تنهن هوندي به ملڪ جو عوام ۽ خاص طور سنڌ ۾ سنڌي ماڻهو شديد ڏک ۽ غير معمولي ذاتي ۽ قومي نقصان ۽ هاڃي جي ڪيفيت ۾ آهن. ڪاوڙ، ڏک، نفرت، محبت، احتجاج ۽ مزاحمت جا جذبا ماڻهن جي سوچ، جذباتي حالت، گفتگوءَ ۽ روين ذريعي پنهنجو اظهار ڪري رهيا آهن. هونئن ته سندس والد ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت پڻ عوام ۽ خاص طور سنڌي ماڻهن کي نفسياتي ۽ روحاني طور ڌوڏي ڇڏيو هو پر بينظير ڀٽو جي شهادت جو اثر عوام تي ان کان گهڻو وڌيڪ ٿيو آهي، جنهن جو هڪ سبب اهو به آهي ته ان زماني ۾ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام ايترو نڌڻڪو نه هو ۽ ملڪي حالتون ايترو خراب ۽ پيچيده نه هيون. ان جو هڪ سبب احساساتي به ٿي سگهي ٿو جو هوءَ هڪ عورت اڳواڻ هئي، جنهن ۾ عوام اول هڪ بهادر ڌيءُ، پوءِ هڪ ڀيڻ ۽ آخر ۾ هڪ مهربان ماءُ جو احساس ٿي ورتو. مون سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي نظر ۾ هي عظيم سانحو سندس والد ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت کان به وڏو الميو آهي. ايڪيهين صديءَ ۾ پنهنجي صلاحيت، سياسي قدبُت ۽ عوامي توڙي عالمي مقبوليت جي حوالي سان شهيد بينظير ڀٽو جي پايي جا پاپولر عوامي سياستدان پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا ته ڇا پر دنيا ۾ ورلي نظر ايندا. سندس شهادت به ايڪيهين صديءَ جو هڪ وڏو سانحو آهي، جيڪو زمانن تائين عوام جي روحن ۾ ڀڳي هَڏَ جيئن ڏُکندو رهندو.
بينظير ڀٽو جي شهادت ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جي سياسي تاريخ جو ايترو ته وڏو حادثو ۽ الميو آهي، جنهن جا اثر عوام جي ذهنن، روحن ۽ مجموعي طور سياست تي وڏو عرصو رهندا. اهڙن غير معمولي هاڃن ۽ حادثن جي نتيجي ۾ ماڻهو وقتي طور رڳو جذباتي وهڪرن ۾ به لڙهي ويندا آهن ۽ سموري ڳالهه ٻولهه (Discourse) جا معروضي، عقلي ۽ سياسي بنياد لُڏي ويندا آهن، نتيجي ۾ عوام دشمن قوتن لاءِ نهايت آسان ٿي پوندو آهي ته اهي عوام جي جذباتي ڪيفيت کي غلط رخ ۾ وٺي وڃن ۽ عوام جي ڏک ۽ هاڃي کي عوام جي مفادن خلاف ئي استعمال ڪن. اسان وٽ اهڙن امڪانن جي گنجائش ان ڪري به وڌيڪ هوندي آهي جو بطور قوم ۽ معاشري جي اسان سنڌي ماڻهن تاريخ ۾ ڪي به وڏا ۽ غير معمولي بحران نه ڏٺا آهن. نه اسان وٽ ڪي وڏيون جنگيون لڳيون، نه وڏا زلزلا ۽ قدرتي آفتون آيون، نه اسان وٽ تاريخ ۾ ڪڏهن ڪو وڏو قتلام ٿيو ۽ نه ئي وري ڪي وڏا ڏڪار آيا، جو ماڻهن ۾ ذهني، فڪري ۽ روحاني طور وڏن بحرانن کي منهن ڏيڻ جي ڪا سگهه هجي. ان حوالي سان سنڌي ماڻهو مجموعي طور بطور سماج جي ڄڻ ته بانبڙا پائيندڙ ٻارَ آهن، خاص طور ان جو مڊل ڪلاس ۽ ان جو به اهو حصو جيڪو قلم، زبان ۽ سوچ ذريعي ان جي نمائندگي ڪري ٿو. بينظير ڀٽو جي شهادت جي عظيم سانحي ۽ ڏک جي موقعي تي به عوامي ۽ صحافتي سطح تي اهڙن روين جي اظهار جا واضح اشارا ملي رهيا آهن. جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن عظيم ڏک کي مايوسيءَ، ٺلهي ماتم، انارڪيءَ ۽ مستقبل ۾ اويساهيءَ بدران ذهني، روحاني ۽ سياسي طور هڪ غير معمولي ۽ منظم طاقت ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ ٺلهي ۽ سطحي جذباتيت بدران پختي سياسي شعور جو نه رڳو مظاهرو ڪيو وڃي پر ان کي وڌيڪ سگهارو پڻ ڪيو وڃي. اهو ئي بينظير ڀٽو جي شهادت جو حقيقي سياسي بدلو هوندو.
اچو ته موجوده صورتحال ۾ هن واقعي جي پسمنظر ۽ پيشمنظر جي حوالي سان امڪاني سببن، نتيجن ۽ خدشن تي هڪ نظر وجهون.

(1) بينظير ڀٽو جي شهادت پٺيان ڪهڙا محرڪ ٿي سگهن ٿا؟
بينظير ڀٽو کي بظاهر ته قتل ان ماڻهوءَ ڪيو جنهن مٿس لياقت باغ ۾ فائر ڪري پاڻ کي به اجل جو شڪار بڻايو پر اهو سوال اهم آهي ته سندس اصل قاتل ڪير آهن؟ يا اُن نظر ايندڙ قاتل جي آڙ ۾ ڪنهن ٻئي جديد هٿيار سان کيس نشانو بڻايو؟ اهو هڪ وڏو ۽ بنيادي سوال آهي. منهنجيءَ نظر ۾ امڪاني طور چئن محرڪ قوتن جي انفرادي توڙي گڏيل سازش ۽ حڪمت عمليءَ تي غور ڪري سگهجي ٿو.
(الف) جيتوڻيڪ بينظير ڀٽو هڪ وڏي عوامي اڳواڻ ته هئي پر هوءَ ڪا انقلابي اڳواڻ نه هئي. هن پنهنجي سياسي سفر جو وڏو حصو اسٽيٽسڪو (Status-Quo) جي دائري اندر رهي سياست ڪئي پر ان باوجود جيئن ته هوءَ اسٽيبلشمينٽ جي پيدا ڪيل ڪا ڊمي نه پر ملڪ جي سڀ کان مقبول عوامي اڳواڻ، عالمي طور هڪ دانشور سياسي اڳواڻ جي حيثيت رکندڙ ۽ هڪ وڏي وفاقي پارٽيءَ جي اڳواڻ هئي، ان ڪري هوءَ سدائين اسٽيبلشمينٽ جي اک جو ڪنڊو رهي. اسٽيبلشمينٽ رڳو هن جي ذات يا پارٽيءَ کان نه ٿي ڊِني پر اُها اصل ۾ عوام جي ان سمنڊ کان ٿي ڊِني جيڪو هن جي پويان ڇوليون هڻندو هو. هن ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ناجائز ۽ آپيشاهي طاقت جو اسٽيٽسڪو ان صورت ۾ ئي رهي سگهي ٿو، جڏهن سياست يا ته بنهه نه هجي يا ڪمزور هجي، جڏهن عوام جو سياست ۾ ويساهه نه هجي، جڏهن سياسي پارٽيون ڪمزور هجن، جڏهن ليڊرشپ عوام کان ڪٽيل ۽ ڪاغذي هجي. هو جو حبيب جالب شهيد بينظير لاءِ پنجويهه سال اڳ چيو هو ته، ”ڊرتي هين بندوقون والي ايڪ نِهتي لڙڪي سي!“ ته ان جو سبب رڳو هن جي ذات نه هئي پر اهو عوام هو، جيڪو سندس پويان هو. اِهو ئي سبب آهي جو پنهنجين سمورين سياسي مصلحت پسندين باوجود بينظير سدائين هڪ ڪنڊي جيان اسٽيبلشمينٽ جي اکين ۾ چُڀندي رهي ۽ کيس ڪڏهن به دل سان قبول نه ڪيو ويو. هاڻي ته مشرف به کُليل نموني چوي ٿو ته هوءَ فوجي اسٽيبلشمينٽ وٽ غير مقبول هئي. هڪڙي رَتَ پياڪ ۽ ڦورو ٽولي وٽ ڪو مقبول ترين عوامي اڳواڻ ڇا قبول به ٿي سگهي ٿو؟ بينظير ڀٽو جي شهادت جي حوالي سان ظاهر آهي ته پهرين خيال ان طرف ئي ويندو، ڇاڪاڻ ته سندس شهادت جو سڌو ۽ وڏو فائدو به ان ئي ڌر ۽ مفاد کي ٿيندو.
اصل ۾ هن ڀيري بينظير ڀٽو هڪ مختلف روپ، ڪردار ۽ اعتماد سان واپس آئي، جنهن جي پويان هن جي عمر، تجربي ۽ شخصي سگهه سان گڏ وڏو هٿ سندس آمريڪا سان اسٽريٽجڪ ويجهڙائيءَ جو به هو. جيئن ته بينظير ڀٽو پاڻ به بنيادي عوامي مزاحمتي جدوجهد جي واٽ تان گهڻو اڳ هٿ ڪڍي چڪي هئي، ان ڪري هن آمريڪا سان لابنگ ڪري سندس سهڪار سان ملڪ واپس اچڻ کي ئي ملڪ جي مخصوص حالتن ۾ پنهنجي پارٽيءَ ۽ ملڪي سياست لاءِ ممڪن حل پئي سمجهيو. کيس خبر هئي ته پاڪستان هڪ Client State (ڀاڙيتو رياست) آهي ۽ ان جي اسٽيبلشمينٽ آمريڪا جي دٻاءُ کان منهن موڙڻ جو سَتُ ساري نه سگهندي. بينظير هن ڀيري ملڪ ۽ اقتدار ڏانهن واپسيءَ لاءِ آمريڪا جو ڪارڊ استعمال ڪرڻ چاهيو، جنهن ۾ هوءَ ابتدائي طور ڪامياب وئي. ٻئي طرف آمريڪا به هاڻي بظاهر پاڪستان ۾ رڳو اسٽيبلشمينٽ ۽ مشرف تي ڀاڙڻ جي پاليسي تبديل ڪري چڪو هو جو کين خبر هئي ته اندروني طور اسٽيبلشمينٽ ۽ مشرف بدلجندڙ حالتن ۾ سندن سڀ طرفا مفاد پورا نه ٿي ڪري سگهيا. مختلف مفادن ۽ محرڪن باوجود آمريڪا ۽ بينظير هڪ ٻئي جي اسٽريٽجڪ اتحاد جي اهميت کي نه رڳو سمجهيو ٿي پر ان جو ڀرپور فاعدو به وٺڻ ٿي چاهيو. الميو اهو آهي ته کيس اهو سمجهه ۾ نه آيو ته ٽين دنيا اندر هن جهڙا مقبول عوامي اڳواڻ سڀ کان وڌيڪ ته آمريڪا کي ئي ناپسند هوندا ۽ هو بظاهر مٿن هٿ رکي کيس ڌڪ ڪڍي سگهن ٿا يا ضرور ڪڍندا، جيڪا سندن روايت رهي آهي. ٽئين طرف اسٽيبلشمينٽ به اهو سمجهيو ٿي ته آمريڪا ۽ بينظير جي اسٽريٽجڪ ويجهڙائيءَ کانپوءِ ايندڙ وقت ۾ سندن مفاد ۽ طاقت جي توازن ۾ سندن حيثيت ۽ ناجائز مفاد تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ان ڳالهه جو گهڻو امڪان موجود آهي ته اسٽيبلشمينٽ به ان ڏس ۾ جوابي حڪمت عملي ٺاهي هجي، جنهن مطابق پهرين مرحلي ۾ کيس ملڪ اچڻ جي اجازت ۽ اُها به پروٽوڪول سان ڏني وئي ۽ ٻئي مرحلي ۾ مٿس مختلف حملا ڪرائي اها ڳالهه اُڀارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته القاعده کيس مارائڻ چاهي ٿي ۽ نيٺ ٽئين مرحلي ۾ کيس بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. اسٽيبلشمينٽ ڄاتو ٿي ته هڪ طرف آمريڪا هن خطي ۾ پاڪستان جو جيڪو مخصوص ڪردار چاهي ٿو، ان ۾ هاڻي صرف مٿس انحصار نه ڪيو ويندو پر شهيد بينظير پاڪستان ۾ سندن سياسي پُٺڀرائيءَ سبب مضبوط هوندي ۽ هن جو بنيادي ڪردار هوندو. شهيد بينظير جي قتل جو هڪ محرڪ اهو پڻ نظر اچي ٿو.
(ب) شهيد بينظير جي قتل پٺيان ٻيو امڪاني محرڪ جيتوڻيڪ بظاهر نه رڳو نظر نه ٿو اچي پر اهو سموري بحث ۾ هيستائين ڪٿي ذڪر هيٺ به نه آهي پر بهرحال ان کي پڻ امڪانن کان ٻاهر رکي نه ٿو سگهجي. اهو فيڪٽر خود آمريڪا جو آهي. تازو آمريڪي ليکڪ Tim Weiner جو ڪتاب “Legacy of Ashes” شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ آمريڪي ڳُجهي اداري سي آءِ اي جي مڪمل تاريخ ڏنل آهي. سڄو ڪتاب بظاهر ويساهه ۾ نه اچڻ جهڙن واقعن ۽ حڪمت عملين سان ڀريو پيو آهي (اهو ڪتاب هر باشعور سنڌيءَ کي ضرور پڙهڻ گهرجي). ان ڪري بينظير ڀٽو جي قتل پٺيان اهو فيڪٽر به ٿي سگهي ٿو، جنهن کي ڪنهن به طور out Rule نه ٿو ڪري سگهجي. پر اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي جڏهن آمريڪا پاڪستان کي ايندڙ وقت ۾ مڪمل طور ڪمزور ۽ Destabilize ڏسڻ ۽ ڪرڻ چاهيندو هجي- ۽ جيڪڏهن هن شهادت پٺيان اهو محرڪ آهي ته ان جا خدوخال ايندڙ وقت ۾ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا. ڇاڪاڻ ته ٻيءَ صورت ۾ آمريڪا کي سڌيءَ ريت بينظير، سندس پارٽيءَ ۽ سياست مان ڪوبه خطرو نه هو. البته ائين ضرور آهي ته ٽين دنيا ۾ پاپولر عوامي سياسي اڳواڻ ڪڏهن به آمريڪا کان برداشت نه ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته منظم عوامي طاقت مان هميشه کين خطرو رهندو آهي. ان ڪري جيڪڏهن آمريڪا کي هن خطي ۾ پنهنجن اسٽريٽجڪ مفادن جي حوالي سان پاڪستان کي مڪمل طور ڪمزور ۽ بحراني حالت ۾ رکڻو آهي ته پوءِ ان ڏس ۾ آمريڪا جي ڪردار تي به ضرور غور ڪرڻ گهرجي.
(پ) موجوده دؤر ۾ آمريڪا مخالف اسلامي ويڙهاڪ هڪ تنظيم ۽ تحريڪ جي صورت ۾ متحد آهن ۽ چيو وڃي ٿو ته پاڪستان ان جو هڪ اهم اڏو آهي. ان ڏس ۾ حسين حقانيءَ جو ڪتاب “Pakistan Between Mosque & Military” هڪ پڙهڻ جهڙو ڪتاب آهي، جيڪو هڪ آمريڪي ٿنڪ ٽئنڪ ”ڪارنيگي انڊائومينٽ“ شايع ڪرايو آهي. عام طور تي ان کي القاعده چيو وڃي ٿو پر مسئلو نالي جو ناهي. ممڪن آهي ته اهو نالو به دوکو هجي پر اها ڌر موجود ضرور آهي. ان ڌر ڄاتو ٿي ته بينظير آمريڪا جي آشيرواد سان ڪهڙي ڪردار ۾ پاڪستان واپس اچي رهي آهي؟ بينظير ڀٽو پاڻ به واپسيءَ کان اڳ ۽ پوءِ اها ڳالهه واضح ڪئي هئي ته هوءَ ان سوچ ۽ مفاد خلاف سياسي مزاحمت ڪندي ۽ حڪومت ۾ اچي ان سڄي معاملي تي وڏو اهم ڪردار ادا ڪندي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته بينظير ملڪ جي واحد مقبول سياسي اڳواڻ هئي، جيڪا سياسي طور ان جنوني ۽ انتها پسند ڌر جو عوامي سطح تي مقابلو ڪري سگهي ها، ان ڪري ان حقيقت کي پڻ امڪانن کان ٻاهر رکي نه ٿو سگهجي ته بينظير جي قتل پٺيان القاعده جو به منظم هٿ هجي. ڇاڪاڻ ته هاڻي آمريڪا کي پاڪستان ۾ ان سطح جو اثرائتو سياسي ۽ عوامي اڳواڻ نه ملي سگهندو، جيڪو سچ پچ به مذهبي جنونيت جي هن لهر کي سياسي طور ڌڪ رسائي سگهي. اهو به ممڪن آهي ته اها واردات القاعده ۽ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي هڪ حصي گڏجي عمل ۾ آندي هجي.
(ت) چوٿون امڪان به بظاهر عجيب ۽ ويساهه ۾ اچڻ جهڙو نه ٿو لڳي پر ان کي پڻ رد نه ٿو ڪري سگهجي. اهو هيءُ آهي ته جيڪڏهن ايندڙ وقت ۾ هن خطي ۾ ڪي وڏيون تبديليون اڻ ٽر آهن، جيئن هڪ عرصي کان چيو پيو وڃي ته پوءِ ظاهر آهي ته اهو ”ڪم“ آمريڪا اڪيلي سر نه ڪيو هوندو. پوءِ ان ۾ پاڪستان جي ڳُجهن ادارن جو به اهم ڪردار هوندو، ڇاڪاڻ ته ضياءُ الحق جي دؤر ۽ افغان جنگ کان وٺي آمريڪا انهن ادارن کي سڌيءَ ريت ڊيل ڪندو رهيو آهي. ان ڏس ۾ جنرل حميد گل جا انٽرويوز رڪارڊ تي آهن.
مٿين سمورين امڪاني صورتحالن ۾ بهرحال هڪ فيڪٽر ساڳيو آهي ۽ اهو آهي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جو اُهو حصو جيڪو رياست جا سمورا اسٽريٽجڪ معاملا آمريڪا جي اشاري ۽ هدايتن تحت طئي ڪري ٿو. شهيد بينظير ڀٽو به مارڪ سيگل ڏانهن پنهنجي آخري اي ميل ۾ ان ڏانهن واضح اشارو ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هن پرويز مشرف جو نالو کنيو آهي پر اها آڱر اڻ سڌيءَ ريت ان ئي ڌر ڏانهن کنيل آهي. اهو به ممڪن آهي ته هن سڄيءَ راند ۾ سندس پارٽيءَ مان به ڪو يا ڪجهه اهم ماڻهو ڳجهي نموني استعمال ٿيا يا ڪيا ويا هجن، خاص طور اُهي جن وٽ پنڊيءَ جي جلسي ۾ سندس سيڪيورٽيءَ جا انتظام هئا. ڇاڪاڻ ته جڏهن اها ڳالهه واضح ٿي چڪي هئي ته بينظير ڀٽو جي حياتي سخت خطري ۾ آهي ته پوءِ آخر پارٽيءَ طرفان سندس حفاظت لاءِ گهربل انتظام ڇو نه ڪيا ويا؟ قاتل چند قدمن جي فاصلي تان مٿس فائر ڪيو آهي ته پوءِ سوال آهي ته پارٽيءَ سندس حفاظت لاءِ باقي ڪهڙو انتظام ڪيو هو؟ ان مجرمانه غفلت مان پڻ ڪيترا شڪ اُڀرن ٿا. ڪراچيءَ جي حملي ۾ سندس حفاظت جا انتظام ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جهڙن بهادر ۽ مٿس سِرُ گهوريندڙ ماڻهن وٽ هئا ته هوءَ وڏي حملي باوجود بچي وئي. سوال آهي ته پنڊيءَ ۾ اهڙو انتظام ڇو نه ڪيو ويو؟ ۽ اهو انتظام ڪنهن جي بِلي هو؟

(2) بينظير ڀٽو جي قتل جا پاڪستان ۽ ان جي سياست تي اثر:
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان جي هڪ عالمي طور مشهور ۽ مڃيل سياسي اڳواڻ هئي ۽ سندس پارٽي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽي آهي. ان ڪري ظاهر آهي ته سندس شهادت جا اثر پاڪستان ۽ ملڪي سياست تي پيا آهن ۽ مستقبل ۾ اڃا وڌيڪ پوندا. اچو ته ان جي بنيادي پاسن تي هڪ نظر وجهون.
(الف) جيتوڻيڪ پاڪستان بابت دنيا ۾ ڪنهن کي به ڪا غلط فهمي نه آهي ته پاڪستان جو رياستي ڪردار ملڪ اندر، خطي ۾ ۽ عالمي طور ڇا آهي؟ پر ان باوجود بينظير ڀٽو جي شهادت پاڪستان بابت دنيا کي هڪ واضح نياپو اُماڻيو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪير به محفوظ ناهي ۽ هن ملڪ کي هر قسم جي دهشتگرديءَ جي هڪ اڏي ئي نه پر مرڪز ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. بينظير ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڌيءُ هئي، اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم هئي، ٻه ڀيرا وزيراعظم رهي چڪي هئي، جڳ مشهور سياسي دانشور هئي ۽ ملڪ جي سڀني کان مقبول عوامي اڳواڻ هئي- ان جو قتل ظاهر آهي ته دنيا ۾ پاڪستان جي اڳ ئي بدنام اميج کي ويتر پختو ڪيو آهي. جنهن جا غير معمولي نتيجا پاڪستان کي فوري طور نه پر هڪ Process ۾ ضرور ڀوڳڻا پوندا. پاڪستان تي اڳ به ڪو اعتبار نه ڪندو هو پر هن عظيم سانحي کانپوءِ ته پاڪستان جو رياستي ڪردار هن خطي، جمهوري سياست ۽ عالمي امن لاءِ سيڪيورٽي رسڪ بڻجي ويو آهي. اڳ اها رڳو ڳالهه ٿيندي هئي پر هاڻي ته دنيا پاڪستان کي هڪ ناڪام ئي نه پر دهشتگرد رياست طور ڏسي رهي آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت ان تاثر کي يقين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
(ب) بينظير ڀٽو جي شهادت دراصل سياست تي حملو پڻ هو. هن غير معمولي واقعي جو عوام تي وڏو اثر اِهو پيو آهي ۽ پوندو ته هن ملڪ ۾ سياست کي هاڻي هڪ اهڙو شعبو ۽ ڪم سمجهيو ويندو جتي ڪير به محفوظ ناهي. ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت وقت حالتون ٻيون هيون ۽ ان واقعي مجموعي طور سياست ۽ وڌيڪ عوامي سياست کي هٿي ڏني ۽ ان لاءِ Space پيدا ڪيو پر بينظير ڀٽو جي شهادت وقت پاڪستان ۾ حالتون ٻيون آهن. مجموعي طور ملڪ ۾ سياست ڪمزور ۽ غير منظم آهي.
پاڪستان ۾ سياست هونئن به ڪو محفوظ شعبو ۽ ڪم نه رهيو آهي پر بينظير ڀٽو جي شهادت جي نتيجي ۾ پاڪستان اندر سياست مجموعي طور غير محفوظ ٿي وئي آهي ۽ اها ڳالهه مڃيل حقيقت طور سامهون اچي رهي آهي ته پاڪستان تي حقيقي طور قابض ٽولو ۽ مفاد ڪنهن به طور سياست ۽ خاص طور اها سياست جنهن ۾ عوام گڏ هجي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ان ڪري سياست اندر غير يقينيت جو رويو وڌيڪ زور وٺندو.
(پ) پاڪستان ۾ وفاق هونئن ئي موجود نه آهي. سڄو ملڪ هڪ خاص گروهه وٽ يرغمال آهي، جنهن جو تعلق گهڻي ڀاڱي هڪ صوبي ۽ هڪ خاص لساني ٽولي سان آهي. پاڪستان ۾ پنهنجين سمورين ڪمزورين باوجود وفاقي پارٽي پ پ پ آهي، جنهن جو نظريو به وفاقي آهي ۽ جنهن جو تنظيمي ڍانچو ۽ عوامي سگهه به ملڪ جي چئني صوبن ۾ آهي. انڪري بينظير ڀٽو جي شهادت ملڪ اندر وفاقي سياست کي فوري طور نه به سهي پر هڪ پراسس (Process) ۾ ويهاري ڇڏيندي. هڪ ملڪ جتي اڳ ئي سياست جا محرڪ وفاقي نه رهيا هجن، اُتي بينظير ڀٽو جي سطح جي اڳواڻ جو قتل سڌيءَ ريت وفاقي سياست جو ئي ته قتل آهي. نواز شريف جو موقف موجوده حالتن ۾ پ پ پ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ واضح ۽ بهتر آهي پر ذاتي حيثيت ۾ هو هڪ اڳواڻ طور بينظير ڀٽو جي جاءِ نٿو والاري سگهي. پاڪستان ۾ بينظير ڀٽو جي قدبت جي عالمي طور مڃيل اڳواڻ جو خال ڊگهي عرصي تائين ڪوبه ڀري نه سگهندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو سوال وڏي اهميت رکي ٿو ته ڊگهي وقت تائين هن ملڪ جو وجود قائم رهندو به يا نه!
(ت) بينظير ڀٽو هڪ سيڪيولر سوچ جي اڳواڻ هئي، جيڪا سڌيءَ ريت ۽ ڪمال بهادريءَ سان جنوني مذهبي ڌرين ۽ سندن سوچ سان سياسي ۽ نظرياتي مزاحمت ڪندي هئي. جيتوڻيڪ موجوده حالتن ۾ سندس اهڙي ڪردار پٺيان آمريڪا سان سندس لاڳاپن ۽ هم آهنگيءَ جو به هٿ هو پر ان کان قطع نظر به هوءَ هڪ سيڪيولر سوچ جي اڳواڻ هئي. بينظير ڀٽو جي شهادت سان ملڪي سطح تي سيڪيولر سوچ جي سياسي اظهار جو هڪ سگهارو آواز دٻجي چڪو آهي. ان ڪري مجموعي طور سندس شهادت سان سيڪيولر سوچ جي سياست کي ڌڪ لڳندو ۽ ماڻهو هن جيان مذهبي جنونيت خلاف مزاحمت کان لنوائيندا. بينظير ڀٽو شهيد جي سياست ۽ پاليسين سان اختلافن جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي پر هن جي غير معمولي بهادري ڪنهن به شڪ کان بالاتر آهي. بهادري سنڌ جي هن عجيب خاندان جي خمير ۾ آهي. ملڪي سطح تي هيءَ واحد عوامي طور مقبول اڳواڻ هئي جنهن جنوني ۽ انتهاپسند مذهبي قوتن کي للڪاريو ۽ سيڪيولر سياست کي سندن آڏو گوڏا کوڙڻ نه ڏنا. بينظير جي شهادت سيڪيولر ۽ مذهبي قوتن جي تضاد ۾ سيڪيولر قوتن ۽ پس و پيش عوام جو غير معمولي ۽ نه ڀرجڻ جهڙو نقصان آهي.
(ج) بينظير ڀٽو جيتوڻيڪ هڪ وفاقي سوچ رکندڙ سياسي اڳواڻ هئي پر بهرحال هوءَ سنڌ ڄائي هئي ۽ بهادر ۽ غير معمولي صلاحيتن جي مالڪ هڪ سنڌياڻي هئي ۽ هن جي شهادت تي ڏک ۽ احتجاج جي لهر ملڪگير آهي پر هن ڀيري به سنڌي عوام ان الميي کي ذاتي ۽ قومي هاڃي طور ورتو آهي ۽ ان جو کليل اظهار ۽ ردعمل به ظاهر ڪيو آهي. نتيجي ۾ پنجاب ۾ اِهي خدشا وڏي پيماني تي وڌيا آهن ته سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ شايد عوامي سياسي پُل ٽُٽي وئي آهي ۽ بينظير جي شهادت سان سنڌ ۾ پاڪستان کان بيزاريءَ ۽ مظلوميت جو احساس اڃا وڌيڪ تيز ٿيو آهي ۽ ٿيندو ۽ دراصل اها هڪ حقيقت به آهي. ان ڪري هن ڀيري پنجاب جو عوام ۽ سڄاڻ طبقو پنهنجي حڪمران طبقي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وڌيڪ مذمت پيو ڪري جو کين خوف آهي ته ماڳهين سندن حڪمران طبقي جي روين ۽ مفادن سبب هي ملڪ پنهنجو وجود نه وڃائي ويهي. رٽائرڊ فوجي جنرل گڏيل اجلاس ڪوٺائي مطالبا ڪري رهيا آهن ته مشرف ملڪ لاءِ خطرو آهي، هو استعيفا ڏي. پنجاب مان مسلسل سنڌ ۾ وفد اچي رهيا آهن. پنجاب ۾ وفاق جي مستقبل بابت سيمينار ٿي رهيا آهن. ان ڪري هن هاڃي جتي اڻ سڌيءَ طرح سنڌ جي قومي سوال کي وڌيڪ سگهارو ڪيو آهي اُتي پنجاب اندر عوام ۽ اسٽيبلشمينٽ جي تضاد کي پڻ وڌايو آهي.

(3) بينظير ڀٽو جي شهادت جا سنڌ تي اثر:
جيتوڻيڪ اڻٽيهه سال اڳ ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت پڻ ملڪ سان گڏ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي سياسي سوچ تي غير معمولي اثر وڌا هئا جنهن جو سنڌ کي فائدو به ٿيو ۽ نقصان به. ساڳيءَ طرح ۽ شايد ان کان به وڌيڪ هن واقعي جا سنڌ ۽ سنڌي عوام جي سياسي سوچ تي اثر پوندا ۽ پئجي رهيا آهن. هن دفعي به ان جي اثرن جا مثبت ۽ منفي ٻئي پاسا سامهون اچي رهيا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ سامهون ايندا. اچو ته انهن تي هڪ مختصر نظر وجهون.
(الف) اها حقيقت آهي ته بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي سياست ۾ سنڌ يا ملڪ جي قومي سوال کي گهربل بنيادي اهميت نه ڏني پر ان باوجود هوءَ هڪ سنڌ ڄائي هئي، هن کي سنڌ جي عوام سان محبت هئي ۽ هن جو سياسي قدبُت عالمي سطح جو هو. هڪ لحاظ کان اڻ سڌيءَ طرح هوءَ عالمي طور سنڌ جي سفير هئي. بينظير ڀٽو کان پوءِ سنڌ وٽ عالمي طور اهڙي ڪا به جڳ مشهور شخصيت نه آهي، جيڪا ڏکين حالتن ۾ عالمي طور سفارتي ۽ سياسي حوالي سان ڪو به غير معمولي ڪردار ادا ڪري سگهي. جيتوڻيڪ پ پ پ ايم ڪيو ايم سان ٺاهه به ڪيا پر پوءِ به اها هميشه سندن اک جو ڪنڊو رهي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي عوام جي گهڻائي ان سان گڏ آهي. بينظير سنڌ کان ٻاهر ملڪ ۾ سنڌ جي علامت طور سڃاتي ويندي هئي ۽ هن جي عالمگير حيثيت سنڌين لاءِ هڪ نفسياتي ڏَڍُ هو. هن جي شهادت کانپوءِ هاڻي سنڌي عوام ۾ ويڳاڻپ جو احساس وڌيڪ شديد ٿيو آهي.
(ب) سنڌ جو عوام جيڪو هڪ چڱي عرصي کان سياسي طور ويڳاڻو ۽ ڪنهن وڏي تحرڪ کان پري هو، اهو سياسي طور وري تحرڪ ۾ آيو آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت تي هن ڀيري سنڌ وري 1983ع کان به وڌيڪ مزاحمت ۽ ردعمل جو اظهار ڪيو ۽ رياست کي گوڏن ڀر ويهاري ڏيکاريو. سنڌ اهو واضح نياپو ڏنو ته سنڌ کي هڪ طرف پنجاب کان مواصلاتي طور ڪٽي سگهجي ٿو ته ٻئي طرف ايم ڪيو ايم کان سواءِ به ڪراچيءَ تي مڪمل طرح ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. هي ته سنڌي عوام جو بي ساخته ردعمل هو ۽ ان پٺيان پ پ پ سميت ڪنهن به ڌر جو منظم هٿ نه هو پر تڏهن به هن ڀيري سنڌي عوام جي بي ساخته ردعمل ملڪ ۽ دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون. سنڌ ۾ سرڪاري وڏيرو هيسجي ۽ گم ٿي ويو ۽ ڪيترن جا ته گهر به ساڙيا ويا ۽ هيستائين ڪيترا سرڪاري وڏيرا انڊر گرائونڊ پڻ ٿي ويا آهن. رڳو ارباب رحيم جي بي لغام زبان سنڌ جي عوام جي هنياؤ تي اڃا تائين مُڱ ڏري رهي آهي.
(ت) بينظير ڀٽو جي شهادت سان وقتي طور ايم ڪيو ايم ۽ سرڪاري اقتدار پرست وڏيرن کي عوامي سطح تي نقصان رَسيو آهي پر ڊگهي مـُـدي جي حوالي سان ڏسجي ته اهي ٻئي عنصر هن هاڃي ۽ خال جو فائدو وٺڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا ۽ گهڻا امڪان ان ڳالهه جا آهن ته اُهي اُن جو فائدو وٺي به سگهن ٿا. جي پ پ پ پاڻ کي تنظيمي ۽ سياسي طور سنڀالي نه سگهي، جنهن جي امڪانن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته پوءِ ان صورتحال جو فائدو ايم ڪيو ايم وٺي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم جي سنڌ جي اقتدار ۽ وسيلن تي مستقل ميري نظر آهي. اهڙيءَ طرح رياستي ادارن جو پاليل وڏيرو جيڪو وقتي طرح بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ هيسجي ويو آهي- گهڻا امڪان ان ڳالهه جا آهن ته جي پ پ پ پاڻ سنڀالي ڪا مضبوط حڪمت عملي جوڙي نه سگهي ته اهو وڏيرو رياستي سهڪار سان وڌيڪ سگهارو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ٻيءَ صورت ۾ اِهو پ پ پ ۾ شموليت لاءِ به ڊوڙ ڪري سگهي ٿو. ٻنهي صورتن ۾ اِهو سياسي نقصان سنڌي عوام جو ٿيندو. پ پ پ وٽ هميشه اهڙي دورانديشيءَ جي کوٽ رهي آهي ۽ هاڻي ته ان جا وڌيڪ امڪان آهن ته پارٽي ان حوالي سان ڪو واضح ۽ سگهارو ڪردار ادا نه ڪري سگهي. سنڌ جا سردار، جاگيردار، پير ۽ وڏيرا وري پ پ پ ڏانهن ڊوڙ ڪري سگهن ٿا ۽ پ پ پ ان حوالي سان ڪيترو ذميواريءَ وارو ڪردار ادا ڪندي، اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو. پنهنجن سمورن موقعي پرست رجحانن باوجود پ پ پ سنڌ ۾ هاڻي بنيادي طور وڏيرڪي نه پر اپر مڊل ڪلاس جي ليڊرشپ جي پارٽي آهي. سنڌ جو جاگيردار ۽ وڏيرڪو طبقو هاڻي فنڪشنل ليگ ۽ مسلم ليگ (ق) جي صورت ۾ سڌيءَ ريت وڃي اسٽيبلشمينٽ جي هنج ۾ ويٺو آهي. ان طبقي ۽ مفاد کي وري پ پ ۾ جاءِ ملڻ نه گهرجي. نه رڳو کين جاءِ ملڻ نه گهرجي پر کين سياسي طور دفن ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. اهو طبقو دشمن جي ڪهاڙيءَ جو ڳَنُ آهي. اهو ڳن عوامي ۽ سياسي طور ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.
(ج) ڪنهن به معاشري ۽ قوم جي قومي مفاد لاءِ ضروري آهي ته اُتي ڪنهن به هڪ ڌر جي قطعي هڪ هٽي نه هجي. گهڻ- پارٽي جمهوري چٽاڀيٽي معاشري جي سياسي صحت ۽ مفاد لاءِ ضروري آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت جيئن ته سنڌي ماڻهن کي قومي طور ۽ عوامي سطح تي سخت صدمو ڏنو آهي، ان ڪري ماڻهن جي گهڻائي جذباتي ماحول سبب عدم توازن جو شڪار ٿي وڌيڪ شخصيت پرستيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڪري سگهي ٿي. عوام جي اڪثريت جي باشعور حمايت هڪ سٺي ۽ اتساهيندڙ ڳالهه آهي پر عقيدي ۽ شخصيت پرستيءَ جي بنياد تي ڪنهن به پارٽيءَ سان اڪثريت جي غير مشروط حمايت قومي طور نقصان به ڏئي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته پوءِ عوام حساب ڪتاب نٿو رکي، پوءِ چيڪ اينڊ بيلنس جو ڪو به نظام نه ٿو رهي جيڪو سياست ۽ سماج جي متوازن اوسر لاءِ بيحد ضروري هوندو آهي. ان ڳالهه جا ويتر امڪان ان ڪري به موجود آهن جو سياست ۽ سماج کي سطحي انداز سان ڏسندڙ اخباري قلمڪارن جو هڪ لشڪر گمراهه ڪندڙ جذباتيت کي هوا ڏئي سياسي طور عقليت پسنديءَ (Political Rationality) جا بنياد لوڏي رهيو آهي. بينظير ڀٽو شهيد هڪ وڏي پارٽيءَ جي وڏي عوامي اڳواڻ هئي پر اهو رويو فقط جذباتي، غير حقيقي ۽ غير سائنسي آهي ته هوءَ سنڌ جي آخري اُميد هئي ۽ هاڻي ڪجهه ڪونه ٿيندو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن اڳواڻ جي شهادت سندس پارٽيءَ سان گڏ عوام ۽ سنڌ کي به غير معمولي نقصان ڏنو آهي پر ائين به هرگز ناهي ته ڪو سنڌ سـُـنڍ ٿي وئي آهي ۽ سنڌ وٽ ڏاهپ، بهادريءَ ۽ اڳواڻ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت جو ڏڪار آهي. حقيقت ۾ معاشرن ۽ قومن کي محرڪ هلائين ٿا ۽ معروضي حالتون پنهنجيءَ ڪـُـکِ مان مختلف سطحن تي مختلف نوعيتن جا اڳواڻ پيدا ڪنديون آهن ۽ نه ئي وري پ پ پ ڪو سنڌي سماج ۽ قوم جون سڀ طرفيون گهرجون پوريون ڪندڙ پارٽي آهي. پ پ پ ۽ سندس قيادت هڪڙيون مخصوص اليڪشني سياست جون گهرجون پوريون ڪندي رهي آهي ۽ اهي به مڪمل طور سنڌي عوام جي مفادن وٽان نه پر گهڻي ڀاڱي هڪ مخصوص طبقي جي مفادن جي حوالي سان پاڪستان جهڙي رياست ۾ عوام جي مفادن لاءِ رڳو چونڊن ۽ ناٽڪي جمهوريت تي ڀاڙي نٿو سگهجي. سنڌي عوام جي قومي مفادن جو بچاءُ رڳو چونڊن ۾ ڪونهي، چونڊن ۾ حصو وٺڻ ضروري آهي پر هن ملڪ ۾ رڳو اُنهن تي ڀاڙڻ خود فريبي هوندي. هتي گهڻن ميدانن تي ۽ سڀ طرفي عوامي جدوجهد گهرجي. سنڌي قوم جي بچاءَ ۽ واڌاري جي جدوجهد جا اُڀريل ۽ بظاهر نظر نه ايندڙ ميدان گهڻا آهن ۽ پنهنجين سمورين ڪمزورين باوجود ماڻهو اتي ڪم ڪن ٿا جن کي هاڻي اڃا به وڌائڻ، منظم ۽ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ڪري اها لائين غلط آهي ته هاڻي سڀ ڪجهه ويو ۽ سڀ ڪجهه ڇڏي لڳجي اکيون ٻوٽي رڳو هڪ پارٽيءَ جي پويان ۽ اهو به غير مشروط طور. سنڌي عوام کي گهڻيون ۽ مضبوط پر باڪردار ۽ وطن دوست ۽ عوام دوست قومي جمهوري سياسي پارٽيون گهرجن ۽ هر سطح جا اڳواڻ ۽ ادارا گهرجن، ان ڪري رڳو ڪنهن هڪ اڳواڻ يا ڌر تي ڀاڙي ويهڻ هڪ گمراهه ڪندڙ لائين آهي، جنهن جو سنڌ تي ميري نظر رکندڙ ڌريون ئي فائدو وٺي سگهن ٿيون. البته جيئن ته پ پ پ وڏي ۾ وڏي پارٽي آهي، اُن ڪري اُن جي ضرورت پوڻ تي گهربل مدد به ڪرڻ گهرجي پر پنهنجن فرضن جي ڪوتاهيءَ جي صورت ۾ اُن تي مڪمل تنقيد به ٿيڻ گهرجي پر اُهو انداز دشمنيءَ وارو نه پر سنجيدگيءَ وارو هجڻ گهرجي.

(4) اسٽيبلشمينٽ هن بحران کي سنڌين خلاف ڪيئن استعمال ڪري رهي آهي؟
جيتوڻيڪ اسٽيبلشمينٽ بينظير ڀٽو جي شهادت کي هونئن به ملڪ جي جمهوري عمل ۽ جمهوري قوتن پر خا ص طور سنڌ ۽ سنڌي عوام جي سياسي ۽ قومي مفادن خلاف استعمال ڪري رهي آهي، جنهن کي نه رڳو سمجهڻ جي ضرورت آهي پر ان کي سنجيدگيءَ ۽ منظم انداز سان ڪائونٽر ڪرڻ جي پڻ گهرج آهي.
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌي عوام محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي تاريخي ردعمل ۽ مزاحمت جو اظهار ڪيو. سنڌ ۾ سرڪاري انفرااسٽرڪچر مڪمل طور تباهه ٿي چڪو آهي. مشرف سرڪار ۽ سندس دهشتگرد ۽ ڪانئر اتحادين پهرين ڏينهن کان هن تاريخي احتجاج ۽ ردعمل کي غلط رنگ ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. پهرين چيو ويو ته اهو احتجاج نسلي تعصب تي ٻڌل هو ۽ سنڌين ڄاڻي واڻي اردو ڳالهائيندڙن، پنجابين ۽ پٺاڻن جي ملڪيتن کي تباهه ڪيو آهي. ان حوالي سان مشرف ۽ سندس اتحادي مسلم ليگ (ق) ۽ متحده گڏجي واويلا شروع ڪئي. بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ مشرف جي سرڪاري ٽي وي تي تقرير سواءِ سنڌين کي ڌمڪائڻ ۽ سندن روحاني ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي ٻيو ڇا هئي؟ مسلم ليگ (ق) جا سنڌين خلاف تعصب ڀريا اشتهار ۽ الطاف حسين جو زهريلو خط هڪ ئي پس منظر ۾ ۽ ساڳي مفاد تحت هڪٻئي جو تسلسل معلوم ٿين ٿا، جنهن جو مطلب واضح آهي ته سنڌين جي هن سياسي مزاحمت کي نسلي فسادن طرف موڙي نه رڳو هن جدوجهد کي غلط رخ ۾ وٺي وڃجي پر پس و پيش ان کي سنڌين جي ئي ڳچيءَ ۾ وجهجي. مشرف ۽ سندس اتحادي ٽولو سنڌين کي اڪيلو ڪري مٿن وڌيڪ سياسي ۽ قومي وارَ ڪرڻ گهري ٿو. يعني مشرف ٽولو هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ڪرڻ گهري ٿو، هڪ طرف اهو سنڌ ۽ سنڌين جي تاريخي احتجاج کي غلط رنگ ڏئي کين ملڪ ۽ دنيا اندر بدنام ڪرڻ گهري ٿو ته ٻئي طرف اهو سنڌين جي هن سياسي سگهه کي غلط رخ ۾ Engage ڪري ان کي سنڌين جي ئي خلاف استعمال ڪرڻ گهري ٿو. 1983ع کانپوءِ به اسٽيبلشمينٽ ائين ئي ڪيو هو. ڌاڙيل فيڪٽر ۽ ايم ڪيو ايم جو ٺهڻ 1983ع ۾ سنڌين جي شاندار جدوجهد جو رياستي جواب هو ۽ هن ڀيري به ساڳي راند کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ٽئين طرف لکين سنڌين ۽ هزارين سياسي ڪارڪنن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن جو مطلب ۽ مقصد سواءِ سنڌين کي سياسي طور هيسائڻ جي ٻيو ٿي نٿو سگهي. هاڻي ته سرڪاري وڏيرن به سياسي ڪارڪنن ۽ عوام کي رياستي ادارن جي پٺڀرائيءَ سان اکيون ڏيکارن شروع ڪيون آهن. ٿر ۾ ارباب ۽ دادوءَ ۾ لياقت جتوئيءَ جون ڌمڪيون ۽ عملي قدم واضح اشارا ڏئي رهيا آهن ته هڪ طرف اسٽيبلشمينٽ سنڌي عوام کي شهرن ۾ هڪ دفعو وري نڌڻڪو ڪري مارائڻ گهري ٿي ته ٻئي طرف اُها ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن ۾ به پوليس، سرڪاري وڏيرن ۽ رياستي ادارن ذريعي کين هيسائڻ گهري ٿي. سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ ذميوار سياسي پارٽين جو فرض آهي ته اُهي عوام ۽ دنيا کي انهن حقيقتن کان آگاهه ڪن ۽ هن سازش کي ناڪام بڻائڻ ۾ گهربل ڪردار ادا ڪن.

(5) بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سنڌي عوام ۾ پيدا ڪيل مونجهارا:
محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جتي هن خطي ۽ ملڪ جي سياست ۽ ماحول تي غير معمولي اثر ڇڏيا آهن اُتي ان جا سنڌي عوام ۽ ان جي سياسي سوچ ۽ لاڙن تي پڻ وڏا اهم اثر پيا آهن ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ پوڻ جا امڪان آهن. ان ڪري اڳ ئي پيچيده صورتحال هاڻي وڌيڪ پيچيده ٿيندي نظر اچي ٿي.
بينظير ڀٽو جي شهادت موجوده حالتن ۾ سنڌي عوام لاءِ ايڏو وڏو سانحو آهي جو حقيقت اِها آهي ته عوام جي ذهنن، دلين ۽ روحن جي ڌرتي ڌُڏي وئي آهي. ماڻهن جي گهڻائي اڃا تائين جذباتي طور معمول جي زندگيءَ طرف موٽ کائي نه سگهي آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ عوام جي جذبن ۽ نفرتن کي ذميوار ۽ عوام دوست پارٽيون هڪ سياسي سگهه ۾ تبديل ڪنديون آهن ۽ قوم جا حقيقي دانشور ۽ سوچيندڙ ذهن دور انديشيءَ سان کين صحيح رُخ ۾ وٺي ويندا آهن پر بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ ٻئي ڌريون مجموعي طور اهو ڪم گهربل سنجيدگيءَ سان سرانجام نه ڏئي رهيون آهن. نه عوام جي بي پناهه قومي سگهه کي سياسي پارٽين منجهان ڪو منظم سياسي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه قوم وٽ ڪجهه فردن کي ڇڏي ڪري صحيح معنيٰ ۾ دانشورن ۽ سياسي نبض شناسن جو اهڙو ذميوار ۽ سيبتو لڏو آهي، جيڪو ڏکين ۽ پيچيده حالتن ۾ حواس باخته ٿيڻ بجاءِ صحيح ادراڪ تحت عوام کي اڳتي وڌڻ جا حقيقي گس ڏئي. ٻئي طرف اسان وٽ اخبارن ۾ لکندڙ سطحي قلمڪارن جي هڪ فوج آهي، جنهن جو ڪم رڳو قلم ذريعي روئڻ، پٽڻ، ماتم ڪرڻ، مايوسيون ڦهلائڻ ۽ عوام جي ڏکن کي ڪمزورين ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ظاهر آهي ته انهن جي گهڻائي اهو سڀ ڪجهه بدنيتيءَ بدران سياسي ۽ فڪري بي سمجهيءَ تحت ڪري ٿي. پر ان کي تلخ حقيقتون سمجهائڻ ۽ سندن تربيت جي اشد ضرورت آهي.
موجوده صورتحال ۾ جيڪي پيچيدگيون اُڀري آيون آهن ۽ جن مان سنڌي عوام جي گمراهيءَ جا گهڻا امڪان موجود آهن، اُهي ڪجهه هي آهن.
(1) سماج ۽ عوام جا سياسي رخ پس و پيش ته صورتحال جي معروضي محرڪن منجهان طئي ٿيندا آهن پر ساڳئي وقت انهن تي سياسي ڊسڪورس جو به وڏو اثر ٿيندو آهي. ڪمزور ۽ پس مانده سياسي سماجن ۾ عوامي سطح جا ڊسڪورس ته هونئن به ڪي گهڻا پختا ۽ سائنسي نه هوندا آهن پر پيچيده ۽ بحراني حالتن ۾ ته جذباتيت ۽ غير عقليت پسندي ان تي ويتر وڌيڪ حاوي هوندي آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۾ پڻ اهڙا رجحان ميڊيا، عوامي زندگي ۽ سياسي ڊسڪورس تي وڌيڪ حاوي نظر اچن ٿا. حالتون ڪيتريون به ڏکيون ۽ پيچيده ڇو نه هجن پر پوءِ به ان جو حقيقي حل عقليت پسندي، سماج ۽ سياست بابت سائنسي سوچ تحت ئي ٿي سگهي ٿو. سياست ۽ سماج بابت لکڻ لاءِ ۽ خاص طور پيچيده سياسي حالتن ۾ مسئلن جا حل ڳولڻ ۽ انهن جي نزاڪتن کي سمجهڻ لاءِ خاص قسم جي لياقت، علميت ۽ تجربو گهرجي، جڏهن ته سنڌ ۾ راءِ عامه تي اثرانداز ٿيندڙ اخباري ڪالم نويسن جي قطعي گهڻائيءَ کي نه گهربل تربيت آهي ۽ نه سياسي علميت ۽ نه ئي وري گهرو ۽ گهڻ طرفو تجربو- نتيجي ۾ هن ڀيري به بينظير ڀٽو جي شهادت جي غير معمولي واقعي جي اصل سببن، محرڪن ۽ نتيجن کي معروضي طور سمجهڻ ۽ عوام کي سمجهائڻ بجاءِ گهڻائيءَ جو زور رڳو قلمي ماتم، پٽڪي، غلط ۽ سطحي تجزين ۽ گمراهه ڪندڙ نتيجا ڪڍڻ تي آهي. هن وقت ضرورت آهي ته سنڌ ۾ سياسي ڊسڪورس کي سطحي ۽ خود فريب جذباتيت مان ڪڍي ان کي حقيقت پسنديءَ معروضيت ۽ سنجيدگيءَ طرف آندو وڃي، ٻيءَ صورت ۾ اها سطحي جذباتيت سنڌي عوام بجاءِ دشمن جي ڪم جي ثابت ٿيندي.
(2) سنڌ ۾ وڏي سطح تي اهو رجحان ۽ سوچ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته شهيد بينظير ڀٽو سنڌ جي آخري اُميد هئي. جيتوڻيڪ شهيد بينظير ڀٽو هڪ وڏي قدآور عوامي اڳواڻ هئي ۽ هن جي شهادت سان ملڪ ۽ خاص طور سنڌي عوام جو وڏو سياسي نقصان ٿيو آهي، جنهن جي تلافي ڊگهي عرصي تائين ٿي نه سگهندي پر ان جو اهو هرگز مطلب نه آهي ته هوءَ يا ڪوبه سياسي اڳواڻ سنڌي قوم جي آخري اُميد هو يا ٿي سگهي ٿو. ماڻهو، پارٽيون وقت سان ايندا ۽ ويندا رهندا پر سنڌ هڪ قوم ۽ وطن آهي، جنهن ماضيءَ ۾ هزارين سالن کان اڪيچار بحران ڏٺا آهن، شڪستون، غلاميون ۽ ظلم سَٺا آهن پر ان جو قومي وجود اڄ به قائم آهي ۽ هميشه قائم رهڻو آهي. جڏهن لطيف، اياز، ڀٽو، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي به سنڌ جي آخري اُميد نه هئا ته پوءِ بينظير ڀٽو لاءِ اهو چوڻ ته اُها سنڌ جي آخري اُميد هئي، هڪ سطحي ۽ جذباتي ڳالهه آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت کي ان انداز سان ڏسڻ ۽ عوام کي ٻُڌائڻ بجاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندس شهادت جي سنڌي عوام تي پوندڙ اثرن کي سمجهي ان جو ڪو جٽادار حل ڪڍڻ لاءِ سوچيو وڃي. ٻي ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هڪ وڏي پارٽيءَ جي سحر انگيز ۽ ذهين اڳواڻ هئڻ باوجود بينظير ڀٽو شهيد سنڌي عوام جي قومي سياسي زندگيءَ جون سموريون گهرجون ته پوريون نه ڪندي هئي جو هن کانپوءِ اُميد جو ڪو ڪرڻو نظر نه اچي. ٻئي طرف اها ته خود بينظير جي قربانيءَ سان به زيادتي ٿيندي جو سندس شهادت کي مايوسيءَ ۽ نااُميديءَ ۾ تبديل ڪيو وڃي. اهو تاثر ڏيڻ ته هن المناڪ واقعي کانپوءِ سنڌين لاءِ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي، نه رڳو غلط ۽ گمراهه ڪندڙ لائين آهي پر اهڙي سوچ بينظير ڀٽو جي شهادت جي روح کي مجروح ڪرڻ جي مترادف پڻ آهي. جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته هن عظيم ڏک سنڌي عوام کي جتي جهوريو آهي اُتي کين وڏي سياسي ۽ روحاني سگهه پڻ بخشي آهي. هن هاڃي اجتماعي طور عوام جون اکيون کوليون آهن. ماڻهن پنهنجا دشمن سڃاتا آهن، انهن سان نفرت ۽ مزاحمت جو اظهار ڪيو آهي. ڪي ڪي ڏک قومن کي سگهه بخشيندا آهن ۽ سندن تبديليءَ جا محرڪ ثابت ٿيندا آهن. بينظير ڀٽو جي شهادت جو ڏک به سنڌي عوام لاءِ ايئن ثابت ٿيو آهي. هاڻي سياسي پارٽيون ان تبديليءَ جو سياسي طور قومي مفاد ۾ فائدو نه وٺي سگهن ته اها ٻي ڳالهه آهي.
ساڳئي وقت سنڌ ۾ اهو تاثر اُڀارڻ جي ڪوشش پڻ ٿي رهي آهي ته شايد سنڌين لاءِ هاڻي واحد ۽ آخري آسرو فقط پ پ پ آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هڪ وڏي عوامي پارٽي هئڻ جي حيثيت ۾ پ پ پ ڪيترن حوالن سان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي پر ماضيءَ جي ٽن ڏهاڪن جي تجربن مان اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي قوم جنهن نازڪ صورتحال ۾ آهي ۽ اها جن گهڻ طرفن خطرن جي منهن ۾ آهي، ان ۾ پ پ پ جهڙي وچٿري، بنيادي سوالن بابت چٽو ۽ معروضي حالتن ۽ تضادن پٽاندر گهربل موقف نه رکندڙ، ۽ عوام جي سگهه کي بنيادي عوامي جدوجهد بدران رڳو چونڊن ۽ اقتدار جي ڏاڪڻ طور استعمال ڪندڙ پارٽيءَ تي ڪنهن طور به ڀاڙي نه ٿو سگهجي. اها فقط موجوده حالتن ۾ اليڪشني سياست جون ۽ اُهي به پنهنجي مخصوص انداز ۽ مفاد جي لحاظ کان ئي رڳو ڪي گهرجون پوريون ڪري سگهي ٿي. ڇا قومي سوال تي پ پ پ ڪڏهن به اسان جي ترجيح موجب واضح ٿي بيهندي؟ ڇا رياستي بحران کي بنيادي تضادن جي اک سان پ پ پ ڪڏهن به ڏٺو آهي يا هاڻي ڏسندي؟ پ پ پ جي پرڏيهي پاليسي موجوده حالتن ۾ ترقي پسند آهي يا ٿي سگهندي؟ ڇا پ پ پ عوام جي طاقت کي بنيادي جدوجهد لاءِ ڪڏهن به استعمال ڪيو آهي يا هاڻي ڪندي؟ ٻيو ته ٺهيو پر بينظير ڀٽو جي شهادت جهڙي عظيم سانحي کانپوءِ به اُها مشرف جي اقتدار ڇڏڻ جو مطالبو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي- ان ڪري جذباتي سياسي ماحول ۾ باشعور ماڻهن کي بدحواس ٿيڻ نه گهرجي. پ پ پ جي ائين نه ٿي ڪري ته ان ۾ ڪا عجب جي ڳالهه به نه آهي. گهڻ طبقاتي بورجوا جمهوري ۽ اليڪشني پارٽين جو سڄيءَ دنيا ۾ ۽ خاص طور ٽين دنيا ۾ اهڙو ئي ڪردار هوندو آهي. اسان کي پاڪستان ۽ سنڌ جي مخصوص حالتن ۾ پ پ پ جي يقيناً گهرج آهي ته اها سنڌ ۾ اڪثريتي مينڊيٽ کڻي سنڌي عوام کي ڪو رليف ڏي يا وڌيڪ نقصان کان بچائي پر اسان کي ان جي ڪردار کي صحيح تناظر ۾ ڏسڻ ۽ سمجهڻ ضرور گهرجي. ٽين دنيا جي اڪثر غلام ملڪن جي پاپولر گهڻ- طبقاتي سياسي پارٽين کي خبر آهي ته سندن ملڪن جا بنيادي فيصلا عالمي سامراج ڪري ٿو ۽ اندروني طور به طاقت جو توازن اهڙو رکيل آهي جو کين وڌ ۾ وڌ هڪ مخصوص حد تائين ۽ محدود آزادي ۽ خود مختياري ملي سگهي ٿي. جڏهن رياستون ئي آزاد نه آهن ته اُنهن ۾ پاپولر سياست آزاد ڪيئن ٿي سگهندي؟ ان ڪري سوال پ پ پ کي رد ڪرڻ يا رڳو مٿن ڀاڙي ويهي رهڻ جو نه آهي پر سوال پنهنجي قومي مفادن جي نزاڪتن کي سمجهڻ ۽ ان پٽاندر پاليسيون ۽ رويا اختيار ڪرڻ جو آهي ۽ طاقت جي توازن ۾ سنڌي عوام جي قومي طاقت کي حقيقي طور قائم ڪرڻ ۽ اُڀارڻ جو آهي. جيئن اسان جهڙن ملڪن ۾ پاپولر ميڊيا وٽ محدود آزادي هوندي آهي ۽ اُها عوام جي حقيقي ترجماني نٿي ڪري سگهي ۽ اُن جي سامهون ننڍي ئي صحيح پر متبادل ميڊيا جي وڏي اهميت هوندي آهي جو اُها ننڍي هئڻ سبب نسبتاً گهٽ دٻاءُ هيٺ ۽ آزاد هوندي آهي، ايئن سياست ۾ به متبادل سياست ۽ سياسي پارٽين جي وڏي اهميت آهي. رڳو پ پ پ تي ڀاڙڻ ۽ اهو به وري غير مشروط طور ساڻن گڏ هلڻ جي ڳالهه تي گهڻو زور ڏيڻ سنڌي عوام جو رهيل نُور به چَٽُ ڪري ڇڏيندو. پ پ پ تي جڏهن مشرف ٽولو، سندس اتحادي مسلم ليگ (ق) ۽ متحده تعصب وچان زهر اوڳاڇين ٿا ته اُها ٻي ڳالهه آهي ۽ اسين قومي مفادن جي تناظر ۾ پ پ پ جي ڪردار ۽ رڳو ان تي ڀاڙي ويهي رهڻ تي اڪتفا ڪريون- اُهي ٻه مختلف سوال آهن. پ پ پ جتي ۽ جيترو ڪم سنڌي عوام جي قومي مفادن پٽاندر ڪندي اُتي ان جي زبردست حمايت ۽ سڀ طرفي مدد ڪبي ۽ جتي اها غلط ۽ مصلحت پسنديءَ جو شڪار ٿيندي اُتي مٿس مڪمل تنقيد ڪئي ويندي. ان ڪري سياسي عقيده پرستيءَ جو رجحان سنڌي عوام جي قومي مفادن وٽان نه آهي. جيڪڏهن پ پ پ پاڻ کي تبديل ۽ تنظيمي طور مضبوط ۽ منظم نٿي ڪري ته پوءِ دراصل باشعور ماڻهن کي پ پ پ کي عبوري دؤر جي هڪ مجبوري سمجهڻ گهرجي ۽ سنڌ کي مستقبل ۾ گهٽ ۾ گهٽ عوامي ليگ جهڙي پارٽي گهرجي، جيڪا اليڪشني سگهه به رکي ۽ قومي ۽ طبقاتي سوال تي به واضح موقف ۽ ڪردار رکي ۽ وقت اچڻ تي عوام کي مزاحمت جي ميدان تي به لاهي سگهي. اها پارٽي ڪيئن ٺهي سگهندي؟ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن سنڌ جو هر باشعور ماڻهو رڳو ڪم ٽپائڻ بدران پنهنجو گهربل سياسي ۽ قومي ڪردار متعين ڪري. جي پ پ پ مٿان گهربل دٻاءُ هوندو ته اها به هڪ پراسس ۾ ڪنهن حد تائين تبديل ٿي سگهي ٿي. منهنجيءَ نظر ۾ پ پ پ جي ڪردار جو دارومدار به ان تي آهي ته کيس عوام ۽ خاص طور باشعور ماڻهن طرفان ڪيئن ڊيل ڪيو ٿو وڃي؟ تقليد پسند رويو پ پ پ ۽ سنڌ ٻنهي کي وڌيڪ نقصان رسائيندو.
(3) اها هڪ اتساهيندڙ ڳالهه آهي ته بينظير ڀٽو جي شهادت سنڌي عوام ۾ وڌيڪ قومي ٻڌيءَ جو احساس پيدا ڪيو آهي پر ان ٻڌيءَ کي به سطحي جذباتيت ۽ سياسي عقيدي پرستيءَ جي رُخَ ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عوام جي ٻڌي اُها ئي جٽادار، قومي اهميت رکندڙ ۽ اُتساهيندڙ هوندي آهي جنهن جو بنياد شعور ۽ قوم جا حقيقي مستقل مفاد هجن- دراصل ان کي ئي قومي ٻڌي ڪوٺي سگهجي ٿو. گذريل وڏي عرصي کان سنڌي عوام ڏاڪي به ڏاڪي حقيقي قومي ٻڌيءَ ڏانهن وکون کڻي رهيو آهي ۽ بينظير ڀٽو جي شهادت ان جي رفتار ۽ محرڪن کي اڃا به تيز ڪيو آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان جو بنياد تنقيدي سياسي شعور ۽ قومي مفادن کي بڻايو وڃي. حقيقي عوامي ۽ قومي ٻڌي اها ئي ليکبي جنهن جو بنياد عوام جا قومي مفاد هوندا. حقيقت اِها آهي ته سنڌي عوام جون سياسي، نفسياتي ۽ روحاني حالتون ڪنهن وڏي انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ تيار نظر اچن ٿيون پر بدقسمتيءَ سان ان وٽ ان سطح جي سگهاري انقلابي يا بنيادي تبديليءَ ڏانهن وٺي ويندڙ ان سطح جي سياسي تنظيم ڪونه آهي. ٻيو ته ٺهيو پر رڳو عوامي ليگ جهڙي پارٽي به نه آهي، جنهن جو موقف ۽ ڪردار به صحيح هجي ۽ جنهن سان عوام جي اڪثريت به گڏ هجي. سنڌي عوام کي ڪا مضبوط ۽ باڪردار سياسي ۽ عوامي پارٽي نه ڏئي سگهڻ اسان جي شعور ۽ جدوجهد جي سفر جي هڪ وڏي ڪمزوري ۽ ناڪامي آهي، جنهن جي سببن تي غور ٿيڻ گهرجي ۽ ان مان ٺوس نتيجا ڪڍي ان کي آئيندي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. نه رڳو اهو پر ان جي تدارڪ لاءِ منظم ڪوششون ٿيڻ گهرجن. هن ڀيري بينظير جي شهادت جي هاڃي سنڌي عوام کي قومي طور لوڏيو به آهي ته سگهارو به ڪيو آهي پر سوال آهي ته ان سگهه کي منظم سياسي قوت ۾ تبديل ڪيئن ڪبو؟ ۽ ان لاءِ اسان مان هرهڪ ماڻهو پنهنجي پتيءَ جو ڪهڙو ڪردار ٿو ادا ڪري؟ مون اڳ به لکيو آهي ۽ اهو منهنجو پختو ويساهه آهي ته سنڌي قوم جنهن نازڪ حالت ۾ آهي ۽ اُها جن گهڻ طرفن گهيرن ۾ آهي، ان ۾ ڪنهن به هڪ شعبي، ڌر ۽ تنظيم يا اڳواڻ تي مڪمل طور ڀاڙي نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته هيءَ قومي نجات ۽ ترقيءَ جي ڇِپَ ڪنهن به هڪ ڌر جي کڻڻ کان ڳري آهي. سنڌ ۾ ڪنهن ڌر وٽ عوام جي اڪثريت آهي ته ان وٽ درست موقف ناهي. جن وٽ نقطه نظر نسبتاً درست آهي ته انهن وٽ ڪابه ڊگهي مُدي واري حڪمت عملي (Strategy) ۽ پروگرام ناهي، جي ڪنهن وٽ پروگرام هوندو ته وٽن ان جي اطلاق جي منظم صلاحيت ناهي. ان ڪري ڪنهن به هڪ ڌر تي مڪمل طور ڀاڙي نه ٿو سگهجي. جنهن قسم جي ۽ جنهن سطح جي سياسي پارٽي تاريخ جي هن ڏاڪي تي سنڌي عوام کي معروضي طور گهرجي ٿي، اُها ظاهر آهي ته رڳو خواهشن سان يا رات وچ ۾ ۽ تاريخ جي ڪنهن شارٽ ڪٽ ذريعي ٺهي نه سگهندي. ان عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ حالتون پيدا ڪري سگهجن ٿيون، پنهنجا انفرادي ۽ اجتماعي سياسي ۽ فڪري رويا تبديل ڪري سگهجن ٿا ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته نوان ماڻهو پيدا ڪري سگهجن ٿا. منهنجي اِها سوچيل سمجهيل راءِ آهي ته سنڌي عوام جا قومي مفاد هڪ Puzzle وانگر آهن، ان ڪري سڀ کان اول ته اُهي روين، سوچن، مفادن ۽ منظم ڪوششن ۽ جدوجهدن ۽ خاص طور ادارن جا خانا ٺاهجن، جيڪي ملي اُها Puzzle به ٺاهي سگهن ۽ نتيجي ۾ اسان جو بچاءُ بند ٿي سگهن ٿا. اهي رويا ۽ عنصر ئي سنڌي عوام کي هڪ Process ۾ اڳتي هلي ڪا وڏي منظم، سگهاري ۽ ذميوار وطن دوست عوامي جمهوري پارٽي ڏئي سگهن ٿا.

(6) نيٺ ڇا ڪجي؟
زنده قومون ۽ معاشرا بحرانن ۾ رڳو ماتم ڪرڻ بجاءِ ڏک کي طاقت ۽ وڌيڪ ذميوار سوچ ۾ تبديل ڪندا آهن. ان ڪري سنڌ ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت تي رڳو ماتم ڪرڻ، مايوسيون ڦهلائڻ، خودقياسيءَ کي هوا ڏيڻ، عقليت پسنديءَ بجاءِ سطحي جذباتيت کي وڌائڻ ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ پختگيءَ ۽ ذميواريءَ سان منهن ڏيڻ جي گهرج آهي. ان حوالي سان هيٺين طريقن ۽ روين سان هن ڏک کي طاقت ۽ قومي مفاد ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
• هر باشعور ۽ وطن دوست فرد پنهنجو انفرادي ۽ اجتماعي سياسي ۽ قومي ڪردار متعين ڪري. ان جو بنياد شخصيت پرستي ۽ عقيدي پرستي نه پر عقليت پسندي، سائنسيت، عمليت پسندي، فڪر، ادراڪ ۽ پاليسيون هئڻ گهرجن.
• شخصيت پرستيءَ ۽ خانداني سياست بجاءِ اصولن، نظرين ۽ پاليسين توڙي عملي ڪردار جي بنياد تي سياسي اڳواڻن ۽ پارٽين جي حمايت يا مخالفت ڪئي وڃي.
• سنڌ ۾ گهڻ پارٽي سياسي جمهوري چٽاڀيٽيءَ جو ماحول پيدا ڪيو وڃي ۽ ان جو بنياد عوام ۽ قوم جا مستقل مفاد هجن.
• سنڌ ۾ مايوسيءَ ۽ خودقياسيءَ بجاءِ عقليت پسنديءَ ۽ اُميد پسنديءَ کي وڌايو وڃي.
• عوام کي رڳو خود فريب سحر انگيزيت جو تقليد پسند چرس پيارڻ بجاءِ انهن ۾ تنقيدي سياسي شعور پيدا ڪيو وڃي.
• سول سوسائٽي پنهنجو وڌيڪ ذميوار، باشعور ۽ جرئتمند ڪردار اُڀاري ۽ Critical Mass پيدا ڪرڻ ۾ گهربل ڪردار ادا ڪري، جيڪو ڪنهن به معاشري جي سياسي زندگيءَ جو روح هوندو آهي.
• قومي ٻڌيءَ جو بنياد عقيدي پرستي، خاندان پرستي ۽ تقليد پسنديءَ بجاءِ سياسي شعور ۽ قومي مفادن کي بڻايو وڃي.
• ڪنهن به ماڻهوءَ، نظريي، اڳواڻ يا پارٽيءَ کي مقدس نه بڻايو وڃي، جنهن تي عوامي زندگيءَ ۾ جائز تنقيد نه ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته تنقيدي شعور ئي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ ۽ واڌاري جو بنياد هوندو آهي.
• سنڌي عوام جي قومي مفادن ۽ مسئلن جي بنياد تي منظم جدوجهد کي تيز ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته مايوسين، خوشفهمين، خوف، ويڳاڻپ ۽ غير يقينيت جو جٽادار حل فقط ۽ فقط حقيقي عوامي جدوجهد آهي.


ٽماهي فريڊم، نومبر- جنوري 08-2007ع

آصف زرداريءَ ڏانهن کُليل خط

آصف صاحب! تاريخ جو بال
توهان جي ڪورٽ ۾ آهي!

جناب آصف علي زرداري صاحب،
ڪو-چيئرمين، پاڪستان پيپلز پارٽي.
اهو ڄاڻندي به ته اڄ ڪلهه توهان جون مصروفيتون تمام گهڻيون وڌيل آهن پر تنهن هوندي به مان توهان کي تڪليف ڏئي توهان جي ڌيان تي ڪجهه بنيادي ڳالهيون آڻي رهيو آهيان. اُميد ته اُهي اوهان جو ڌيان لهنديون، ٻيءَ صورت ۾ ظاهر آهي اهو تخاطب عوام سان به آهي.
ملڪ جون مجموعي سياسي حالتون اهڙيون آهن، جن ۾ تاريخ جي اتفاق ۽ حادثن توهان کي هڪ اهڙي حساس ۽ اهم منصب ۽ ذميواريءَ جي مسند تي ويهاريو آهي، جنهن ۾ توهان سان بنيادي معاملن تي سڌي تخاطب ۽ ڊائلاگ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هونئن ته توهان جي خاندان سان منهنجو اهڙو قرب وارو تعلق رهيو آهي جو اِهي سموريون ڳالهيون توهان سان روبرو به ڪري سگهجن ٿيون پر جيئن ته گفتگو ۽ ڳالهيون سياسي ۽ عوامي نوعيت جون آهن، ان ڪري اهو ئي مناسب آهي ته اُهي عوامي سطح تي رکجن ۽ بحث هيٺ آڻجن. ڇاڪاڻ ته عوامي سياست ۾ ڳالهيون جيتريون عوام کان لڪل هونديون اوترو عوام دشمن انهن جو فائدو وٺندا ۽ پاليسي معاملا جيترا واضح، کليل ۽ عوام آڏو پڌرا هوندا اوترو اُهي عوام جي حق ۾ جُڙندا يا ٻيءَ صورت ۾ وائکا ٿيندا.
جيتوڻيڪ اها هڪ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي ۽ ان ۾ به ڪوبه شڪ نه آهي ته ملڪ جي عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام سمورا رياستي ۽ سياسي توڙي سماجي دٻاءَ سهي ۽ پنهنجون سموريون توانايون استعمال ڪري نيٺ پ پ پ کي هڪ اڪثريتي پارٽيءَ طور چونڊيو، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ مرڪز ۽ ٻن صوبن ۾ پ پ پ جون حڪومتون قائم آهن. منهنجيءَ نظر ۾ پ پ پ کي اهڙي اڪثريتي مينڊيٽ ملڻ جا هيٺيان سبب آهن:
(1) پ پ پ کي ملڪ اندر ۽ خاص طور سنڌ ۾ اڪثريتي مينڊيٽ ملڻ جو پهريون بنيادي محرڪ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت هو. جيتوڻيڪ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي سياست، سوچ ۽ پاليسين توڙي حڪمت عملين سان ملڪ ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي بااُصول ماڻهن جا بنيادي اختلاف هئا، پر ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هوءَ هڪ نهايت اعليٰ پايي جي عوامي ۽ دانشور سياستدان هئي ۽ هن جي موجودگي عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام لاءِ وڏو سياسي، ذهني ۽ روحاني ڏَڍُ هو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت عوام ۽ خاص طور سنڌين کي بلڪل ويڳاڻو ڪري ڇڏيو پر اها وري به عوام جي سياسي سجاڳي ۽ سگهه هئي جو انهن هن عظيم سانحي کي پختي شعور، سياسي مزاحمت توڙي مايوسيءَ بدران هڪ نئين اُتساهه ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو. 2008ع جي چونڊن جا نتيجا پرويز مشرف جي سمورين سازشن باوجود عوام جي ان رويي جو ئي مظهر هئا. ان ڪري هن ڀيري پ پ پ کي مليل مينڊيٽ رڳو ڪنهن ٺلهي شخصيت پرستيءَ يا روايتي ووٽ جو مظهر نه هو ۽ نه ئي اها ڪا گلن جي سيج آهي پر دراصل هيءُ مينڊيٽ پ پ پ لاءِ تاريخ جو ڳرو بار ۽ ڪنڊن جي سيج مثل آهي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو هن مينڊيٽ جي نتيجي ۾ هڪ ذميوار، جرئتمند ۽ سگهاري عوامي حڪومت جي صورت ۾ پنهجي نجات ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو سياسي بدلو عملي طور ڏسڻ چاهين ٿا.
(2) هونئن ته ملڪ جي تاريخ ۾ هر آمر ملڪ، عوام، سياست ۽ جمهوريت کي تباهه ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي، پر پرويز مشرف ان جا جيڪي نوان رڪارڊ قائم ڪيا اُهي ”بي مثال“ آهن. سنڌ جي حوالي سان ڏسجي ته جيترو تعصب هن آمر سنڌي عوام ۽ ان جي قومي مفادن سان ڪيو ۽ عملي طور سنڌ ۽ سنڌين کي سنڌائتا ڪاپاري ڌڪ هنيا، ان جا به اهڙا مثال اڳ نٿا ملن. ان ڪري هن ڀيري چونڊن جي نتيجي ۾ دراصل پ پ پ سميت سمورين جمهوريت پسند پارٽين کي مشرف مخالف ووٽ مليو آهي، جو دراصل عوام مشرف جي عوام دشمن ۽ سنڌي دشمن راڄ کان نجات حاصل ڪرڻ ٿي گهُري.
(3) جيتوڻيڪ ملڪ ۾ ڪڏهن به حقيقي طور بااختيار جمهوريت نه رهي آهي، پر هن ڀيري جيئن ته سول- ملٽري تضاد تمام وڌيل هو ۽ اخلاقي توڙي سياسي طور مشرف ۽ اسٽيبلشمينٽ پنهنجو الهه تلهه وڃائي چڪا هئا، ان ڪري عوام جي خواهش اِها هئي ته هن ڀيري اهو نبيرو حتمي طور ٿيڻ گهرجي ۽ دراصل چونڊن جا نتيجا عوام جي ان ئي خواهش جو مظهر هئا. عوام چاهيو ٿي ته هن ڪرندڙ ديوار کي آخري ڌِڪو ڏجي ۽ پارليامينٽ، جمهوري نظام ۽ عوامي سياست کي اهڙو سگهارو ڪجي جو ملڪ ۾ طاقت جو توازن تبديل ٿئي ۽ گهٽ ۾ گهٽ جمهوري راڄ جا بنياد ئي پون ته به اها هڪ وڏي ڳالهه ۽ سوڀ آهي. عوام هيستائين ان خواهش ۽ خواب جي تعبير ان ڪري به نه ڪري سگهيو آهي جو وڏيون سياسي پارٽيون هاڻي عوامي مزاحمت جي راهه تان هٿ کڻي چڪيون آهن ۽ اهي عوام کي بنيادي جدوجهد جي ميدان تي لاهڻ لاءِ تيار نه آهن، پر هن ڀيري چونڊن ۽ ووٽ کي عوام ان خواهش ۽ خواب جي تعبير جي پس منظر ۾ ئي استعمال ڪيو آهي.
(4) چوٿون ۽ آخري محرڪ اهو آهي جو عام ماڻهوءَ لاءِ ۽ خاص طور پورهيت عوام لاءِ جياپي جا سڀ گَسَ بند ٿيندا پيا وڃن. ماڻهو گهڻ طرفي ظلم جي مُنهن ۾ آهي. غربت، مهانگائي، بيروزگاري، معياري تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي اڻ هوند، لاقانونيت، وڏيرا شاهي، وحشت، بربريت، قتل و غارت ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته نڌڻڪائي- ان ڪري ماڻهو هن موجوده رياستي نظام مان مڪمل طور مايوس ۽ بدظن هجڻ باوجود اهو سمجهي چونڊن ۾ سرگرم ٿيا ۽ جمهوريت پسند ڌرين کي ووٽ ڏنو ته جيئن من ڪو سندن زندگين ۾ چڱو ڦيرو اچي سگهي.
ان پس منظر ۾ عوام سمورين رڪاوٽن جا سڀ بَندَ ڀڃي پ پ پ کي ملڪ اندر ۽ خاص طور سنڌ ۾ اڪثريتي ووٽ ڏنو ته جيئن ٻيو نه ته ڀلا سندن خوابن جي ساڀيان جو رڳو فضيلت ڀريو آغاز ٿي سگهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سندس موجوده حڪومت ان ڏس ۾ تڏهن ئي ڪو اثرائتو ۽ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. جڏهن اُها هيٺين ڳالهين تي نه رڳو واضح هجي پر ان ڏس ۾ ڪو سگهارو ڪردار به ادا ڪرڻ جو عملي ثبوت ڏئي. اهي بنيادي نقطا ڪجهه هي آهن:
(1) پاڪستان بنيادي طور هڪ ڳيجهو رياست (Client State) آهي، جنهن کي پنهنجي قيام کان وٺي خودمختياري نصيب نه ٿي. هاڻي ته ملڪ جي سموري اڇي ڪاري جي مالڪي عالمي طور آمريڪا وٽ آهي ۽ ملڪ اندر اسٽيبلشمينٽ ۽ پنجابي- پناهگير حڪمران طبقي وٽ آهي. عالمي سامراجي مفادن ۽ سندن مقامي جوڙيوالن کي ڪنهن طور به اهو نٿو آئڙي ته ملڪ ۾ عوامي راڄ هجي، جمهوريت مضبوط، سياسي پارٽيون سگهاريون، پارليامينٽ خود مختيار، عدليه آزاد ۽ سول سوسائٽي سرگرم هجي. پاڪستان هن خطي ۾ عالمي سامراج جي هڪ جديد بيٺڪيت آهي ۽ اها حقيقت هاڻي عالم آشڪار آهي ۽ ملڪ جي ٻار ٻار کي ان جي سمجهه ۽ خبر آهي پر ڏکوئيندڙ پاسو اهو آهي ته ملڪ جون وڏيون سياسي پارٽيون ۽ خاص طور پ پ پ ان کي هاڻي عوام جو مقدر سمجهي قبول ڪيو ويٺيون آهن ۽ ڪوبه اهڙو موقف اختيار ڪرڻ ۽ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، جنهن سان مزاحمت ته ٺهيو پر رڳو اهو تاثر به ملي ته اهي پارٽيون سامراجي ڇوٽڪاري ۽ هن ملڪ جي خودمختياريءَ لاءِ سنجيده آهن. دراصل عوام جي بنيادي ۽ دائمي مفادن ۽ هن ملڪ تي قابض عالمي سامراجي مفادن وچ ۾ هڪ بنيادي ٽڪر آهي ۽ ان ۾ پس و پيش هڪ پاسي بيهڻ کانسواءِ اهڙين سياسي ڌرين وٽ ٻي ڪا واهه نه آهي، جيڪي عوامي هجڻ جون دعويدار آهن. پ پ پ جيئن ته ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عوامي سياسي ڌر آهي، ان ڪري ان لاءِ ته اهو بلڪل ممڪن نه آهي ته اُها پس و پيش هن تضاد ۾ هڪ پاسي بيهي نه سگهي يا ان کان اکيون ٻوٽي سگهي.
(2) ان ۾ ته هاڻي ڪوبه ابهام نه آهي ته اندروني طور ملڪ ملٽري- سول بيورو ڪريسيءَ ۽ پنجابي- پناهگير حڪمران طبقي جي بيٺڪيت بڻيل آهي ۽ هن ملڪ ۾ سنڌين، بلوچن ۽ سرائيڪين جي حيثيت غلامن واري آهي. ملڪ اندر طاقت جي توازن ۾ اسٽيبلشمينٽ ان ناجائز مفاد جي مُهندار آهي. جڏهن هڪ ملڪ مڪمل طور هڪ ڦورو طبقي ۽ مفاد وٽ يرغمال هجي ۽ عوام کي پنهنجن وسيلن، وطن ۽ خود مختياريءَ تي ڪوبه اختيار نه هجي ته پوءِ محدود اختيارن واريون ڳيجهو حڪومتون عوام کي ڇا ڏئي سگهنديون؟ سياسي پارٽيون ۽ سياسي حڪومتون عوام جي خدمت تڏهن ئي ڪري سگهن ٿيون، جڏهن اُهي طاقت جي توازن ۾ تبديليءَ لاءِ سنجيده هجن ۽ ان لاءِ عوام جي طاقت تي ڀاڙين ۽ پاڻ به مهم جوئيءَ بجاءِ سمجهه ڀري جرئت جو مظاهرو ڪن. ڏٺو اهو ويو آهي ته ڄڻ ملڪ کي ان طبقي جي مڪمل طور قابض هجڻ واري اڻ وڻندڙ ۽ عوام دشمن ”حقيقت“ کي به وڏيون سياسي پارٽيون ۽ خاص طور پ پ پ عملي طور قبول ڪري چڪي آهي. مان نٿو چوان ته ڪو پ پ پ ڪا انقلابي پارٽي آهي، جيڪا اسٽيبلشمينٽ خلاف بغاوت ڪري پر بغاوت ڪرڻ ۽ بلڪل اسٽيٽسڪو جي اندر رهڻ وچ ۾ به ڪو ڪردار آهي، جيڪو پ پ پ جهڙيون وڏيون سياسي پارٽيون ادا ڪري سگهن ٿيون ۽ ان کانسواءِ پوءِ چاهي اُهي حڪومت ۾ هجن يا ان کان ٻاهر، ڪو وڏو ڪردار ادا نه ڪري سگهنديون.
(3) ملڪ جي ڪرپٽ ۽ عوام دشمن سياسي ۽ انتظامي نظام سبب رڳو مٿين سطح تي ئي نه پر هيٺين سطح تي به عوام دشمن روايتي وڏيرن، پوءَ ڍاون مڊل ڪلاسي وڏيرن (جن کي نيو فيوڊل به چئي سگهجي ٿو)، فرعون صفت ڪامورن، سماجي ڏوهارين- مطلب ته مختلف شڪلين ۾ اهڙن فردن، گروهن ۽ مفادن عوام جي زندگيءَ کي زهر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڏکوئيندڙ پاسو اهو آهي ته جتي اهي مفاد ڪرپٽ رياستي سرشتي مان جيئدان وٺن ٿا، اُتي انهن کي وڏيون اقتداري سياست ڪندڙ ڌريون پڻ سگهارو ڪن ٿيون. هر ڀيري عوام انهن کي سياسي طور دفن ڪرڻ لاءِ ٻه قدم اڳتي وڌي ٿو ۽ وڏيون سياسي پارٽيون انهن جا پناهه گهر ثابت ٿين ٿيون. رڳو ويجهو ئي مثال وٺجي ته 1988ع جون چونڊون هڪ خاموش انقلاب جو پيش خيمو هيون پر اهو پُرامن عوامي انقلاب ”سستي اگهه“ تي ضايع ڪيو ويو ۽ عوام کي ڌِڪي ديوار سان لڳايو ويو. هنن تازين چونڊن ۾ وري عوام هڪ تبديليءَ لاءِ هڪ قدم اڳتي سُريو آهي ۽ ڏسجي ته اها تبديلي جٽاءَ ڪري اڳتي ٿي وڃي يا وري وڏيرا ملڪ جا مالڪ ٿي ويندا؟
(4) سڀني کان اهم ڳالهه ته سياسي پارٽيون تڏهن ئي عوام جي حقيقي واهر ڪري سگهن ٿيون جڏهن اُهي اندروني طور سگهاريون هجن، جڏهن منجهن اندروني طور جمهوريت هجي، وٽن گڏيل فيصلي سازيءَ جو سگهارو ۽ شراڪتي سرشتو هجي، جڏهن ڪارڪنن ۽ عوام جي راءِ جو احترام ۽ انهن جو اثرائتو ڪردار هجي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پنهنجو ڪو واضح نظريو، پاليسيون ۽ عوام دوست حڪمت عمليون هجن. مون گذريل پنجن سالن کان پاڪستان جي چئني صوبن ۾ اين ڊي آءِ (NDI) جي پليٽ فارم تان پ پ پ سميت ملڪ جي لڳ ڀڳ سمورين وڏين سياسي پارٽين جي سوين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سياسي تربيت پئي ڏني آهي ۽ مون کي ذاتي طور تجربو آهي ته ان حوالي سان پارٽين جي هيٺ سرزمين تي ڇا صورتحال آهي؟ يعني پارٽين ۾ اندروني طور طاقت جو توازن ڪيئن ۽ ڪنهن جي حق ۾ آهي؟
جناب آصف علي زرداري صاحب!
ان سموري پسمنظر ۾ ملڪي سياست جو پيش منظر هيءُ آهي ته پ پ پ نه رڳو ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽي اهي پر اها حڪومت ۾ به هڪ وڏي ڌر آهي ۽ اهو به تاريخ جو اتفاق آهي جو ان جي سرواڻيءَ جو منصب توهان جي هٿن ۾ آهي. مٿي بيان ڪيل سمورين تلخ حقيقتن باوجود اها بهرحال هڪ حقيقت آهي ته هن وقت توهان هڪ اهڙي حساس ۽ اهم منصب تي آهيو، جتي جي چاهيو ته تاريخي ڪردار ادا ڪري طاقت جي توازن کي عوام جي حق ۾ تبديل ڪرڻ جا بنياد وجهي سگهو ٿا ۽ جي چاهيو ته عوام جي اُميدن تي ذاتي ۽ سياسي مصلحت پسنديءَ جو پاڻي ڦيري عوام جي جدوجهد، پورهيي ۽ قربانين جو الهه تلهه وڃائي سگهو ٿا. هن وقت نظر اهو پيو اچي ته پارٽيءَ اندر توهان سان ڪوبه ”کڙڪي“ سان ڳالهائڻ وارو اڳواڻ موجود نه آهي. چونڊن کانپوءِ عوام جي هونئن ئي ٻُڌي نه ويندي آهي ۽ اُهو زمانو به هليو ويو جڏهن پارٽيءَ اندر ذوالفقار قادري ۽ مولا بخش چانڊيي جهڙن نظرياتي يا دورانديش سياسي ڪارڪنن جي راءِ جي وڏي اهميت هوندي هئي. اها ڳالهه ڪنهن کي وڻي يا نه پر اها حقيقت آهي ته في الوقت ملڪ جي وڏي ۾ وڏي ۽ اقتدار جي وڏي ڀاڱيوار پارٽي مڪمل طور توهان جي هَٿَ وَس آهي ۽ اتفاق سان ملڪ جون معروضي حالتون به اهڙيون آهن، جنهن ۾ في الحال حساس ۽ اهم ترين حيثيت پارٽيءَ جي ڪري توهان جي آهي. چاهيو ته حڪمران طبقي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي راند ڦٽايو ۽ جي چاهيو ته عوام جي مفادن جي راند ڦٽايو. مطلب ته ٻنهيءَ مان هڪ راند ڦٽائڻ جي حيثيت ۽ پوزيشن ۾ توهان في الوقت ضرور آهيو. چاهيو ته تاريخ جو اهو مليل اهم ترين موقعو توهان پنهنجي مڪمل Capacity ۾ عوام جي حق ۾ به استعمال ڪري سگهو ٿا ۽ جي چاهيو ته ذاتي ۽ سياسي مصلحت خاطر اهو موقعو حڪمران طبقي ۽ اسٽيٽسڪو جي حق ۾ به استعمال ڪري سگهو ٿا ۽ جي چاهيو ته رڳو اجايو ۽ غير ضروري طور شيون اينگهائي ۽ رڳو فوٽو سيشن ۾ وقت وڃائي اهو تاريخي موقعو ضايع به ڪري سگهو ٿا، جنهن مان نه دشمن کي ڀؤ هجي ۽ نه سڄڻن کي آسرو.
اسان کي اندازو آهي ته توهان جنهن منصب تي آهيو، اُتي اوهان تي نظر ايندڙ ۽ نظر نه ايندڙ ڪيترا دٻاءَ هوندا ۽ اها به حقيقت آهي ته ڪو توهان ڪاسترو يا احمدي نجاد ناهيو جو وڏا رسڪ کڻي سڌي ليڪ ڪڍي بيهي رهو پر ان باوجود به گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو ۽ ڪري سگهجي ٿو، رڳو سوال اهو آهي ته ان لاءِ اسان جو Vision ڪهڙو آهي، اسان کي تبديليءَ جي سياسي وِل (Will) ڪيتري آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته اسان جا اصل مفاد ۽ محرڪ ڪهڙا آهن.
جيتوڻيڪ اڃا ايترو وقت نه گذريو آهي جو توهان جي نئين سياسي ڪردار بابت ڪا حتمي راءِ ڏئي سگهجي پر ان باوجود توهان جي ڪجهه روين بنيادي خدشن کي جنم ضرور ڏنو آهي، جن کي به رڳو توهان ئي پنهنجي زبان يا ڪردار ۽ نتيجن سان واضح ڪري سگهو ٿا. انهن مان ڪجهه اهم هي آهن:
(1) محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پارٽيءَ وٽ اهڙو ڪوبه اڳواڻ موجود نه آهي جيڪو اڪيلي سر هن جو خال ڀري سگهي ۽ پارٽي، سياست ۽ هاڻي ته حڪومت جو وهنوار هلائي سگهي. عام تاثر ۽ خواهش هئي ته هاڻي پ پ پ ان جو حل گڏيل ليڊرشپ جي صورت ۾ ڪڍندي ۽ اوهان لاءِ اهو تاثر جڙيو ته اوهان ئي سڀني کي گڏ کڻي اڳتي هلي سگهو ٿا. هيستائين نظر اهو پيو اچي ته توهان اڪيلي سر ئي سڀ معاملا هلائڻ چاهيو ٿا. اڄ پارٽيءَ اندر بنيادي ۽ حساس معاملن تي ڪو کليل ڊسڪورس نظر نٿو اچي ۽ عوام ته ڇا پر پارٽيءَ اندر به هر ماڻهو اهم پاليسي معاملن تي غير يقينيت جو شڪار آهي. ڪنهن کي خبر ناهي ته توهان جي من ۾ ڇا آهي؟ ممڪن آهي ته توهان جون نيتون غلط نه هجن پر ڪڏهن ڪڏهن غلط طريقه ڪار به وڏا نقصان ڏيندا آهن. پ پ پ ۾ توهان سميت ڪوبه اهڙو ماڻهو يا اڳواڻ موجود نه آهي، جيڪو هن هيڏي وڏي بحران ۾ اڪيلي سر ڪو وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي. اڪيلي سر شيون ڦٽائي ته سگهجن ٿيون پر ٺاهي نٿيون سگهجن. ماڻهن جي ذهنن ۾ اهي سوال گردش ۾ آهن ته اڄ پارٽيءَ ۾ رحمان ملڪ جهڙا ماڻهو ايترا اهم ڇو آهن ۽ جن ڪارڪنن يا اڳواڻن پنهنجون عمريون پارٽيءَ کي ڏنيون آهن- اُهي ڇو اڄ ايترا غير اهم بڻيل آهن؟ ماڻهن جي ذهن ۾ سوال آهن ته توهان سان اختلاف رکندڙ ڪارڪن يا اڳواڻ پارٽيءَ اندر سياسي ۽ تنظيمي طور ايترا غير محفوظ ۽ پاسيرا ڇو آهن؟
(2) جيتوڻيڪ پرويز مشرف چونڊن کان اڳ به سخت ڪمزور ٿي چڪو هو پر چونڊن جي نتيجن ته پرويز مشرف کي بنهه ڪمزور بڻائي ڇڏيو. عوام به چاهيو ٿي ته اهو هاڻي وڃي ۽ ملڪ جي اڪثريتي سياسي پارٽين (سواءِ مسلم ليگ (ق) ۽ متحده جي) به ساڳيو مطالبو ٿي ڪيو پر اهو صاف نظر پيو اچي ته پ پ پ مشرف کي اندروني طور نه رڳو بچائي رهي آهي پر ان جي اڻ اعلانيه مدد پڻ ڪري رهي آهي ۽ جيئن ته پارٽيءَ جي سمورن فيصلن ڪرڻ جا مجاز توهان آهيو ته پوءِ ظاهر آهي ته ان جو الزام به توهان تي ايندو. جيتوڻيڪ توهان بظاهر ان خلاف ڪڏهن ڪڏهن سخت لهجي ۾ ڳالهايو به ٿا پر ان جو ڪوبه گهربل نتيجو سامهون نٿو اچي، جنهن جي نتيجي ۾ شڪ اُڀرڻ هڪ فطري ڳالهه آهي ۽ توهان ان جي ڪابه وضاحت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيو.
(3) ججن جي بحاليءَ جو اشو هاڻي موجوده حالتن ۾ ملڪ جو اهم ترين اشو آهي ۽ ان اِشوءَ تي غير ضروري اينگهه پڻ ڪيترن سوالن کي جنم ڏنو آهي ۽ ان جو سمورو ذميواريءَ جو بار پ پ پ ۽ توهان تي اچي رهيو آهي. اهو بحران هاڻي اتي پهتو آهي جو توهان جي وڏي اتحادي ڌر مسلم ليگ (ن) حڪومت کان ڌار ٿي بيٺي آهي ۽ توهان طرفان ان ڏس ۾ مونجهارو گهٽجڻ بجاءِ اڃا وڌي رهيو آهي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته پوئين ميارَ کان پهرين ميار چڱي هوندي آهي پر توهان ٻئي ميارون نه کڻڻ جي چڪر ۾ ان اشوءَ جي حوالي سان ڪٿي به بيٺل نه آهيو. ماڻهن جو ميثاقِ جمهوريت ۽ مري پڌرنامي تان پڻ ويساهه کڄي رهيو آهي ۽ ان جي ذميواري توهان تي اچي رهي آهي. ماڻهو آئيني پيڪيج بابت به هاڻي غير يقينيءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن، خاص طور جڏهن ان ۾ 3 نومبر جي قدمن کي آئيني حيثيت ڏيڻ جي تجويز پڻ شامل ڪئي وئي آهي.
(4) سنڌ ۾ اڪثريتي مينڊيٽ باوجود متحده کي غير ضروري طور سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ ۽ نائن زيرو يا ”شهيدن جي قبرستان“ وڃڻ جو عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام تمام سخت نوٽيس ورتو آهي. عوام جي چونڊيل وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽيءَ جي اڳواڻ کي نائن زيرو تي وڃي الطاف حسين جا نعرا هڻڻ وقت سئو ڀيرا ان جي پس منظر، پيش منظر ۽ نتيجن تي سوچڻ گهرجي ها، ٻيو نه ته انهن سوين ۽ هزارين پ پ پ جي ڪارڪنن بابت ئي سوچڻ گهرجي ها جن کي گذريل پنجويهن سالن کان دهشتگردن ڪراچيءَ ۾ ڳولي ڳولي پئي ماريو آهي. خبر ناهي توهان کي ان ڳالهه جو ڪيترو احساس ۽ ادراڪ آهي ته ان هڪ واقعي توهان جي سياسي ساک کي ناقابلِ تلافي نقصان رسايو آهي.
جناب آصف علي زرداري صاحب!
سياست ڏاڍي بي رحم شيءِ آهي. هي اهو شعبو آهي، جتي ماڻهو پنهنجا سالن جا ميرا هڪ لمحي ۾ ڌوئي صاف ڪندو آهي ۽ سڄيءَ عمر جي ڪمائي هڪ ڌَڪَ ۾ وڃائي ويهندو آهي. توهان کي به تاريخ اتفاق سان هڪ زبردست موقعو ڏنو آهي. چاهيو ته هڪ نئين روشن دؤر جا بنياد وجهي جمهوريت جي راهه جي هزارين شهيدن جو خون سجايو ڪري سگهو ٿا ۽ جي چاهيو ته ان جي اُبتڙ ڪا ”ٻي“ تاريخ به رقم ڪري سگهو ٿا. هاڻي بال توهان جي ڪورٽ ۾ آهي. ڪوبه ماڻهو هميشه ساڳي حيثيت ۾ نٿو رهي، پر سوال اهو آهي ته ماڻهو سڀ ڪجهه وڃائي پوءِ ٿو وڃي يا ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ڪري ٿو وڃي. اهو ايندڙ وقت ٻُڌائيندو ته توهان پنهنجيءَ دل ۾ ڪهڙي رستي جي چونڊ ڪئي هئي! ياد رکو ته عيسو، موسو ۽ خميسو پل پل جو حساب پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رهيو آهي ۽ هر شيءِ اچڻي وڃڻي آهي، پر خدا جي خلق يعني عيسو، موسو ۽ خميسو هميشه رهڻو آهي ۽ پس و پيش اهو ئي طاقت جو حقيقي سرچشمو آهي ۽ جمهوري سياست ان سان ئي وفاداريءَ جو ٻيو نالو آهي.

روزاني عبرت حيدرآباد 2008ع


سنڌ ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڀوڳي رهي آهي؟

جيتوڻيڪ سنڌ ۾ هاڻي چونڊن ۽ ان جي نتيجن جو چوٻول ٿڌو ٿي چڪو آهي پر جيئن ته ان جا ڏينهن جي تارن جهڙا ”نتيجا“ سنڌ ۽ ان جي نڌڻڪي ۽ بي آواز عوام کي اڃا ڀوڳڻا آهن. ان ڪري سڌي توڻي اڻ سڌيءَ ريت انهن کان لاتعلق رهي نٿو سگهجي. سنڌ کي جيڪڏهن غير چونڊيل ۽ آپيشاهي حڪومتن ۾ وڌيڪ هاڃا رسندا آهن ته ان کي فائدو چونڊيل حڪومتن ۾ به نه ٿيندو آهي پر هن دفعي جنهن انداز سان ۽ جنهن ”ماحول“ ۾ چونڊون ڪرايون ويون، جنهن انداز سان ان جا نتيجا سامهون آندا ويا ۽ پوءِ ان بنياد تي جنهن ”رٿابنديءَ“ سان سنڌ ۾ ”حڪومت“ جوڙي وئي آهي، ان مان سنڌ سان ”ڪاري ڏاند“ جي مالڪن جي روش ۽ سوچ به پروڙي سگهجي ٿي ته ساڳئي وقت سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ ايندڙ ڏکين ڏينهن جو به تصور ڪري سگهجي ٿو.
هن ملڪ ۾ چونڊون ته هونئن به هاڻي پنهنجو ويساهه ۽ وقار وڃائي چڪيون آهن ۽ عام ماڻهن کي چونڊن مان هونئن به ڪا اُميد نه هوندي آهي پر هن دفعي ته چونڊن ۾ سنڌ سان جيڪا روش اختيار ڪئي وئي، ان ۾ ته ڌانڌلي به فضيلت سان نه ڪئي وئي آهي. مان ته ذاتي طور ان راءِ جو آهيان ته سنڌ کي اڃا تائين 1983ع جي تحريڪ جي سزا پئي ملي. شهرن ۾ دهشتگردي ۽ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جا بي لغام ڪٽڪ پيدا ڪرڻ ته ان جو سڌو جواب هو، پر اسٽيبلشمينٽ ان جو سڀني کان حساس ۽ خطرناڪ جواب سنڌ کي سياسي ميدان ۾ ڏنو. 1983ع ۾ سنڌ جي عوام اسٽيبلشمينٽ جي نمائندگي ڪندڙ وڏيرن، سردارن، پيرن ۽ جاگيردارن کي پوئتي اُڇلائي، سنڌ جي سياسي نمائندگي سڌيءَ ريت ڪئي ۽ دنيا کي اهو نياپو ڏنو ته سنڌ پنهنجو سماجي مزاج ۽ سياسي سفر تبديل ڪري رهي آهي. اسٽيبلشمينٽ هيستائين رڳو گهڻي ڀاڱي پنهنجي ئي اشاري تي هلندڙ ”سورمن“ جا ناٽڪي نعرا ٻُڌا هئا پر جڏهن ان عوام جي اکين ۾ واقعي اها ڪاوڙ ۽ نفرت ڏٺي، جيڪا قومن جا مزاج ۽ ڪردار تبديل ڪري ڇڏيندي آهي ته ان کي بيحد سنجيدگيءَ سان ورتو ويو. سنڌ ۽ سنڌ جو عوام اڄ تائين خاص طور ان جي ئي سزا ڀوڳي رهيا آهن. سنڌ جي تاريخي طور مرندڙ ۽ زوال ڏانهن ويندڙ وڏيرڪي ۽ جاگيردار طبقي جي رڳن ۾ نئون سماجي، معاشي ۽ سياسي رت وجهي ان کي هڪ نئين زندگي ڏيڻ ۽ عوام کي هر لحاظ کان نڌڻڪو ڪري، صديون پوئتي ڌڪڻ، ان ئي رٿابنديءَ ۽ حڪمت عمليءَ جو حصو هو. سنڌ ۾ وڏيرڪي طبقي جو نه رڳو مضبوط هجڻ پر اڇي ڪاري جو مالڪ هجڻ ئي اسٽيبلشمينٽ جي مفاد ۾ آهي. سنڌ جي عوام تي اها تهمت اجائي آهي ته اهو ڪو وڏيرڪي مُدي خارج سرشتي سان گڏ آهي. تاريخي طور سنڌي عوام ان طبقي کي نه رڳو لتاڙي اڳيان نڪري چڪو هو پر ان ڏانهن پوئتي مُڙي نهارڻ لاءِ به تيار نه هو. ان جو وڏي ۾ وڏو ثبوت 1988ع جون چونڊون ۽ سنڌ ۾ ان جا نتيجا هئا. سنڌ جو ڪهڙو نواب، سردار، پير ۽ مير هو، جنهن کي ماڻهن، مڊل ڪلاس جي ماڻهن جي مقابلي ۾ تاريخي شڪست نه ڏني هئي؟ يعني 1983ع ۾ ماڻهن کي موقعو مليو ته اُهي وڙهيا ۽ وڏيرن نه پر پنهنجي زور تي وڙهيا. 1988ع ۾ کين موقعو مليو ته هنن وڏيرڪي طبقي کي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه ڇڏيو، پر اڄ سنڌ جي ڇا صورتحال آهي؟ سنڌ کي مڪمل طور ان طبقي جي حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن کي عوام 1988ع ۾ تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ ڦٽو ڪري چڪو هو. سوال آهي ته ڇا اهو سڀ ڪجهه ايئن پاڻ مرادو ٿيو آهي؟ ڇا ان جي پٺيان اعليٰ سطح جي رٿابندي ۽ وڏا ناجائز مفاد نه آهن؟ مثال طور، سنڌ جا شهر آهن، جن ماڻهن نفرت ۽ تعصب جي سياست ڪئي ۽ سياست جي نالي تي پنهنجن مفادن جي بازار گرم ڪئي، جن ماڻهن تي سوين سنگين نوعيت جي ڏوهن جا اڻ ڳڻيا ڪيس داخل آهن، ڇا انهن منجهان اڄ تائين ڪنهن هڪ کي به ان جي سزا ملي؟ ظاهر آهي ته جڏهن فقط ڪنهن هڪ ڏوهه يا قتل جي به ڪنهن کي سزا نه ملندي ۽ اسٽيبلشمينٽ کين پنهنجو دادلو ٻار ڪري هلائيندي ته پوءِ اهي اڇي ڪاري جا مالڪ ڇو ڪونه ٿيندا؟ ڇو ووٽ نه کڻندا؟ ۽ ڇو نه اها سگهه حاصل ڪندا، جيڪا سدائين سنڌ جي سياسي ۽ معاشي ساهه نپوڙڻ لاءِ استعمال ٿي آهي؟ بينظير ۽ نواز شريف واپس نه ٿا اچي سگهن، پر ڊاڪٽر عشرت العباد تان سمورا ڪيس هڪ ڌڪ سان نه رڳو واپس ٿي سگهن ٿا پر صدر ۽ وزيراعظم کان وٺي ويندي سنڌ جي وڏي وزير تائين سڀ ساڻس ملاقاتون به ڪن ٿا ته ان جو سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ ريت مطلب ڇا؟ ساڳيءَ ريت سنڌ جي عوام سان اسٽيبلشمينٽ جو اهڙو رويو ڇو آهي؟ ۽ سنڌ جا سردار، پير، مير، وڏيرا ۽ جاگيردار ان کي ايڏا پيارا ڇو آهن؟ جو کين سنڌ ڄڻ ته سياسي جاگير طور انهن ”خدمتن“ جي انعام طور ڏني وئي آهي، جيڪي خدمتون اهو طبقو صدين کان پنهنجي پنهنجي هم عصر دؤر جي اسٽيبلشمينٽ کي آڇيندو رهيو آهي؟ جواب سولو آهي. اهو طبقو ”نه“ ڪرڻ سکيو ئي نه آهي. ان طبقي کي آقائن جي رڳو جُتين ۾ جاءِ ملي، اهو سڀ ڪجهه وڪڻي سگهي ٿو، سڀ ڪجهه! وڪڻي سگهي ٿو ڇا؟ ان ته هيستائين سڀ ڪجهه وڪيو آهي. اهو طبقو اسان جي سادن ماڻهن کان داٻي ۽ اٽڪلن سان ووٽ وٺندو آهي ۽ پوءِ سياسي بازار ۾ هو نه رڳو ان ووٽ کي وڪڻندو آهي پر ڄڻ ته سنڌ جي مفادن جو به سودو ڪندو آهي ۽ نهايت ئي سستي اگهه تي سودو ڪندو آهي. سنڌ جي ان طبقي جو بس اهو ئي هڪڙو خواب هوندو آهي ته ان جي گاڏيءَ تي اقتدار جو جهنڊو لڳل هجي، پوءِ ان جهنڊي جهولڻ جي عيوض کيس ڪيترو هيٺ جهُڪڻو پوي ٿو، ان جي پرواهه ڪير ٿو ڪري؟ هو رڳو اقتدار جو جهنڊو چاهي ٿو، اختيار ڪيترا هجن ان جي کيس ڪابه پرواهه ناهي. سنڌ ۾ حڪومت ۽ وڏ وزارت جو فيصلو لاهور جا چوڌري اچي ڪن ۽ ايوان صدر جي هڪ آفيسر کي اهڙن فيصلن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ موڪليو وڃي ته پوءِ باقي ڇا ٿو بچي؟
مان جڏهن ان طبقي جي ڳالهه ٿو ڪريان ته پ پ پ کي ان کان ڌار نه ٿو سمجهان. پ پ پ به هاڻي اسٽيٽسڪو جي پارٽي آهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ پ پ پ کان خائف رهي آهي يا ان کي ٽوڙڻ لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻيندي رهي آهي ته ان جو اهو مطلب ڪو ٿورو ئي آهي ته پ پ پ ۾ ڪي شينهن مڙس ويٺا آهن، جن کان اسٽيبلشمينٽ جا لڱ ٿا ڏڪن. مون هڪ دفعي ڪراچيءَ جي هڪ سيمينار ۾ آفتاب شعبان ميراڻي، سيد خورشيد شاهه، اعتزاز احسن ۽ نثار کهڙي سميت پ پ پ جي سڄي ليڊرشپ کي روبرو چيو هو ته اسٽيبلشمينٽ پ پ پ کان هرگز نه ٿي ڊڄي. اها عوام کان ٿي ڊڄي، جنهن جي گهڻائي اڳ محبت ۽ هاڻي مجبوريءَ ۾ پ پ پ سان گڏ رهي آهي. دراصل پ پ سنڌ ۾ اسٽيبلشمينٽ کي، پنهنجيءَ حڪمت عمليءَ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سڄو ميدان تيار ڪري ڏنو. 1988ع جون چونڊون ۽ ان جا نتيجا سنڌ ۾ هڪ خاموش انقلاب هو، جيڪو پ پ پ وڏيءَ فرض شناسيءَ سان وڃائي ڇڏيو. پ پ 1988ع کان پوءِ سنڌ ۾ روشن خيال ۽ محب وطن مڊل ڪلاس کي مٿي آڻي سگهي پئي ۽ وڏيرڪي طبقي جي تاريخي طور ڊهندڙ ديوار کي آخري ڌڪو ڏئي سگهي پئي، پر پ پ ان جي اُبتڙ ڪيو ۽ اڄ اسين ان جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون. جن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن 1983ع جي تحريڪ ۾ پنهنجو الهه تلهه وڃايو ۽ خوشيءَ سان وڃايو، اڄ انهن جي اڪثريت ڪٿي آهي؟ انهن مان گهڻا پ پ جي اڳواڻن وارين صفن ۾ موجود آهن؟ اڳواڻن جي صفن ۾ وڃڻ جي ته ڪابه ضرورت ناهي پر حالت اها آهي جو اهي ڳالهيون به رپورٽ ٿيون ته ايم آر ڊي جي جيل ڀريو تحريڪ جا ڪجهه اسير بينظير ڀٽو جي ٻئي حڪومتي دؤر ۾ به جيل جون هوائون کائي رهيا هئا!!
ذوالفقار علي ڀُٽي جون هونئن ڀل ته ڪيتريون به ڪمزوريون ۽ غلطيون هجن پر اهو هن جو سچ پچ به وڏو ڪارنامو هو ته هن سياست کي محلن ۽ ڊرائينگ رومن مان ٻاهر ڪڍي سوڙهين گهٽين ۽ عوامي ميدانن ۾ آندو هو پر پ پ پنهنجين پاليسين ۽ روين سان اهي ٽپڙ ”ڌڻين“ کي موٽائي ڏنا ۽ جيڪي چار وڃي بچيا آهن، اهي کانئن هاڻي زوريءَ کسجي رهيا آهن. هنن چونڊن جي نتيجن مان ڇا ظاهر هو؟ سنڌ جي ماڻهن کي وري برادرين، سردارن، پيرن ۽ وڏيرن ڏي ڌڪيو ويو. هن دفعي ته ضلعا ورهايل هئا. ٿر اربابن جو آهي، ٺٽو شيرازين جو آهي، سانگهڙ پير صاحب جي ماڻهن جو آهي، نوشهروفيروز جتوئين جو آهي، گهوٽڪي مهر سردارن جو آهي ۽ ڪهڙو ضلعو هو، جيڪو برادرين ۽ وڏيرن ڏي موٽايو نه ويو؟ ڇا هيءَ سنڌ جي عوام کي 1988ع جي چونڊن جي نتيجن جي سزا نه آهي ته هن اها گستاخي ڪيئن ۽ ڇو ڪئي هئي؟ ڇا اسٽيبلشمينٽ جي ان راند کي ميدان سولو ڪري ڏيڻ ۾ پ پ پ جو ڪردار نه آهي؟ چونڊن کان پوءِ پ پ پ ڇا ڪيو؟ مرڪز ۾ توڙي سنڌ ۾؟ سنڌ ۾ ٻه مهينا گذري وڃڻ ۽ اسپيڪر جي چونڊن بعد به پ پ پ سنڌ ۾ وڏ وزارت لاءِ پنهنجو اميدوار واضح نه ڪري سگهي هئي ۽ ٻيو ته ان سڄيءَ ڊيل ۾ ذاتي مفادن کانسواءِ جمهوريت ۽ سنڌ سان لاڳاپيل بنيادي پاليسي اشوز ڪٿي هئا؟ پاڻيءَ جو سوال ڪٿي هو؟ ٿل ڪئنال جي اڏاوت روڪرائڻ لاءِ دٻاءُ ۽ شرط ڪٿي هئا؟ سبب ڇا به هجن، پر نتيجو اهو هو جو پ پ هڪ نهايت غير ذميوار پارٽيءَ طور ڊيل ڪيو ۽ نتيجي ۾ پنهنجي توڙي سنڌ لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهي. اهو درست آهي ته اهو سڄو ڪم اسٽيبلشمينٽ وڏيءَ رٿابنديءَ سان ڪيو پر سوال آهي ته سندن ڪم کي سولو ڪنهن بڻايو؟
هنن چونڊن جي نتيجي ۾ جڏهن سنڌ جو مينڊيٽ ورهائجي ويو آهي ته اهو ڪنهن وڌيڪ بهتر متبادل ڏانهن وڃڻ بدران اسٽيبلشمينٽ جي وڌيڪ ويجهو ۽ ڳيجهو رهندڙ ننڍين ڌرين وٽ ئي ويو آهي ۽ اهو ئي ”اسلام آباد“ چاهيو ٿي. ڄام صادق جي حڪومت ان ڏس ۾ پهريون ڪامياب تجربو هو، يعني سنڌ ۾ اڪثريتي وڏي پارٽيءَ کي پاسيرو ڪري ايم ڪيو ايم ۽ ننڍن گروپن تي مشتمل سنڌ حڪومت. سنڌ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ”مفادن“ جي لحاظ کان اهو ڪامياب ترين ماڊل هو. ان کانپوءِ مظفر شاهه، لياقت جتوئي، غوث علي شاهه ان ئي ماڊل جو تسلسل هئا. علي محمد مهر جي وڏ وزارت به ساڳيو ئي تسلسل آهي. ارباب يا امتياز شيخ اچن ها ته به ڪو خاص فرق نه پوي ها. ماڊل ۽ مفاد ساڳيا هجن ها. متحده جيڪا سڄو ڏينهن چوويهه ڪلاڪ جاگيردارن جون زباني طور ڪچيون ٻوٽيون پئي کائيندي آهي، اها به ”روحاني سڪون“ انهن ئي جاگيردارن ۽ سردارن سان اقتدار ۾ گڏ ويهڻ ۾ محسوس ڪندي آهي. يعني ته سڀ ٽپڙ به کڻبا ۽ ڦُرئي واڻئي واريون دانهون به ڪبيون، مان ان لاءِ به پ پ پ کي گهڻيءَ حد تائين ذميوار سمجهان ٿو، ڇو ته متحده ڪجهه سيٽون کڻي به سڀني پاليسين تي اثرانداز ٿئي ٿي، پر پ پ جون وائڙيون پاليسيون ۽ رويا سنڌ جي ماڻهن جي ووٽ جو وزن ٺهڻ ئي نٿا ڏين. ”جي تون ڏيندين ته من واهه واهه، جي نه ڏيندين ته به واهه واهه“ جي پاليسي سنڌ جي سياسي ووٽ کي پ پ معرفت بي وزن ڪري ڇڏيو آهي. متحده جي سياست ڪهڙي به هجي ۽ ڇا به هجي پر هنن وٽ پنهنجن مفادن جا واضح پاليسي اشوز آهن. پ پ وٽ ملڪ توڙي سنڌ جي حوالي سان ڪهڙا چٽا پاليسي اشوز آهن؟ سياست ۾ عوام ۽ قومي مفادن جا پاليسي اشوز نه رهن ته پوءِ اها ڇا وڃي بچندي ۽ ڪنهن جي ڪم جي هوندي؟ حقيقت اها آهي ته پ پ سنڌ جي عوام کي هن دفعي اڳ کان به وڌيڪ مايوس ڪيو آهي.
متحده جيتوڻيڪ وڏ وزارت جي ڪرسي سنڌ جي ”عظيم مفادن“ ۾ ڇڏي ڏني پر ڪير نٿو ڄاڻي ته سنڌ ۾ حڪومت جون اصل ۽ مڪمل واڳون ۽ اختيار عملي طور متحده وٽ ئي هوندا. سنڌ ۾ وڏي وزير جي حوالي سان علي قاضيءَ جي هڪ پيش ڪيل آئيڊيا تي وڏو بحث ٿيو هو. سنڌ ۾ وڏي وزير جي چونڊ ٿي ته مون علي قاضيءَ کي چيو ته اسٽيبلشمينٽ توهان کي ”شعر“ جو جواب ”شعر“ ۾ ڏنو آهي. توهان سنڌ لاءِ باصلاحيت وڏو وزير گهريو هو. توهان کي هاڻي نه رڳو ”باصلاحيت“ پر نوجوان وڏو وزير ڏنو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير نائن زيرو تي وڃي متحده کي پنهنجي وفاداريءَ جي پڪ ڏياري ۽ سنڌ جي ٿيندڙ گورنر اسلام آباد مان ئي چيو آهي ته اهو متحده جي قيادت کي مايوس نه ڪندو. يعني هڪڙي ڳالهه ته واضح آهي ته سنڌ جو وڏو وزير توڙي گورنر سنڌ جي عوام بدران بنيادي طور متحده ڏانهن ذميوار هوندا ۽ متحده ڪنهن ڏانهن ذميوار آهي؟ اهو هاڻي ڪو لڪل سوال نه آهي. متحده اسٽيبلشمينٽ جي ڪيترو خلاف آهي، ان جو اندازو اهڙن ئي سياسي موقعن تي وڌيڪ ٿيندو آهي. متحده گذريل ٻن سالن کان سنڌ دوستيءَ جون دعوائون ڪندي رهي آهي ۽ ان پاڻ کي سنڌين جي اڳواڻ قومپرست پارٽيءَ طور مڃرائڻ لاءِ به وڏيون ڪوششون پئي ڪيون آهن. متحده جي ”قومي جذبي“ جي عشق ۾ سنڌ جي ڏسڻن وائسڻن ماڻهن جون هنبوڇيون اڃا جاري آهن پر هاڻي جڏهن متحده سنڌ ۾ حڪومتي سطح تي گهڻن اختيارن جي مالڪ هوندي، تڏهن انهن دعوائن جي پرک جو وقت هوندو، جيڪي متحده گذريل ٻن سالن کان سنڌ جي عوام آڏو هر سطح تي ڪندي رهي آهي.
اڄ جي سنڌ جو پيش منظر ڇا آهي؟ سنڌ ۾ اڪثريتي پارٽي حڪومت کان ٻاهر، ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جو راڄ، سياست وڏيرن، پيرن ۽ سردارن حوالي، پ پ جي وائڙي ليڊرشپ ۽ عوام جي ساهه جي رڳن ۾ سوين معاشي، سماجي ۽ سياسي ڪوڙڪيون وڌل، ڇا اهو سڀ سنڌي عوام کي 1983ع جي ارڏائيءَ جو جواب ۽ مسلسل ملندڙ سزا نه آهي!

روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد، 29 ڊسمبر 2002ع

جمهوريت جي بحاليءَ مان سنڌ کي ڇا ملندو؟

جيتوڻيڪ ملڪ ۾ نئين چونڊيل حڪومت جي اچڻ کانپوءِ ايترو ضرور ٿيو آهي جو مشرف جيان عوام جي هيانءُ تي مُڱ ڏريندڙ حڪومت مڙهيل ناهي ۽ جيتري تبديلي سياسي حڪومت جي بحاليءَ سان عوام کي محسوس ٿيندي آهي ان حد تائين تبديلي عوام ضرور محسوس ڪري ٿو، ان ڪري سمورن مسئلن باوجود عوام موجوده حڪومت کي بهرحال پنهنجي ڪا دشمن حڪومت تصور نٿو ڪري. ٻئي طرف حڪومت جو هڪ سئو ڏينهن وارو هني مون پيرڊ به اچي پورو ٿيو آهي پر ماڻهن آڏو ساڳيا اجگر بلائن جهڙا مسئلا وات ڦاڙيو بيٺا آهن ۽ جيڪڏهن ماڻهن آڏو اُهي اجگر بلائن جهڙا مسئلا آهن ته سندن پٺيان بي وسي ۽ نڌڻڪائيءَ جي ديوار آهي. ان ڪري عوام موجوده حالتن ۾ نه اڳتي ٿو وڌي سگهي ۽ نه پوئتي ٿو هٽي سگهي.
اها ڳالهه ته ظاهر آهي ته ڪنهن ٻار کي به سمجهه ۾ اچي ويندي ته اُهي مسئلا ڪو پ پ پ جي قيادت يا حڪومت پيدا ڪونه ڪيا آهن. موجوده سمورا رياستي ۽ حڪومتي مسئلا گذريل ڇهن ڏهاڪن جي پوکيل ٻج جو تيار ٿيل فصل آهن. اُهي مسئلا ۽ بحران منطقي نتيجو آهن انهن سمورين پاليسين، ناجائز مفادن ۽ آپيشاهي روين جو، جن هن ملڪ کي موجوده حال تي اچي رسايو آهي. ان ڪري عوام اهو سمجهي ٿو ته ان لاءِ بنيادي طور پ پ پ، ان جي قيادت ۽ حڪومت ذميوار ناهي. خاص طور گذريل ڏهن سالن جي تباهيءَ جي ذميوار اسٽيبلشمينٽ، پرويز مشرف ۽ ان جو ٽولو آهي پر جيئن ته موجوده حڪومت اقتدار جي مسند تي آهي، ان ڪري موجوده سموري صورتحال جو پڇاڻو ظاهر آهي ته ان کان به ضرور ٿيندو ۽ ان جي شروعات عوامي سطح تي ٿي چڪي آهي.
موجوده حڪومت ظاهر آهي ته سئو ڏينهن ۾ ڪو انقلاب نٿي آڻي سگهي پر اها ڪجهه بنيادي پيش قدميون ڪري اهم پاليسين، روين ۽ تبديلين جا بنياد وجهي سگهي ٿي يا وجهي سگهي ها؛ مثال طور:
(1) چونڊن کان اڳ هڪ ڳالهه تي وڏو زور ڏنو ويو هو ۽ اها هئي پارليامينٽ جي خود مختياري، جنهن کي مشرف گذريل نَوَن سالن کان سلب ڪيو ويٺو هو. جيتوڻيڪ پارليامينٽ اڳ به ڪو گهڻي آزاد ۽ خود مختيار نه هئي پر پرويز مشرف ان کي هڪ ڊمي اداري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ ان ڪري ئي ملڪ ۾ پارليامينٽ جي خود مخياريءَ جو سوال وڏيءَ شدت سان اُڀريو. لنڊن جي ميثاقِ جمهوريت کان وٺي ڀوربن پڌرنامي جو هڪ بنيادي نقطو اهو هو ۽ جمهوريت جي بحاليءَ ۽ سگهه کي ان سان مشروط ڪيو ويو هو. سوال آهي ته هاڻي جڏهن پ پ پ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اتحادي حڪومت موجود آهي ۽ حڪومت سان گڏ پارليامينٽ به سؤ ڏينهن پورا ڪيا آهن ته پوءِ پارليامينٽ جي خود مختياريءَ جو سوال اڄ ڪٿي آهي؟ ۽ سياسي ڊسڪورس مان گم ڇو آهي؟ موجوده حڪومت ۽ پارليامينٽ فقط هڪ فرد جي فيصلن ۽ مرضيءَ جي محتاج نظر اچي ٿي ۽ ڪا خبر نٿي پوي ته ان هڪ ”فرد“ جي من ۾ ڇا آهي؟ ڪالهه اهو فرد هڪ آمر ۽ جابر هو ۽ اڄ اهو فرد هڪ وڏي سياسي ۽ چونڊجي آيل حڪومتي پارٽيءَ جو سربراهه آهي. آئيني پيڪيج به پارليامينٽ ۾ نٿو اچي پر اسلام آباد، دبئي ۽ لنڊن ۾ ٿو بحث هيٺ اچي.
(2) ملڪ جي خارجه پاليسي اڄ به حڪومت جي هٿ وس نظر نٿي اچي، اُها ٻي ڳالهه آهي ته بظاهر ملڪ جو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آهي پر جنهن انداز ۽ رفتار سان زرداري هائوس ۽ حڪومت کي آمريڪا طرفان ”سفارتي صلاحون“ ملي رهيون آهن، ان مان بلڪل واضح آهي ته حڪومت پرڏيهي پاليسيءَ ۾ ڪيتري خود مختيار آهي؟ هاڻي ته اُترين علائقن ۾ آمريڪا طرفان سڌي مداخلت جون ڳالهيون به عام ٿي چڪيون آهن ۽ حامد ڪرزئيءَ جي ڌمڪيءَ بابت سڄي جهان کي خبر آهي ته اها ڌمڪي اصل ڪنهن جي آهي؟
(3) حڪومت ۽ پارليامينٽ کي هڪ سئو ڏينهن گذرڻ باوجود ججن جي بحاليءَ جو اشو اڃا اُتي جو اُتي آهي، جڏهن ته چونڊن کان اڳ هڪ لحاظ کان اهو طئي ٿيل هو ته ايندڙ حڪومت جي پهرين ترجيح ججن جي بحالي هوندي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته موجوده حڪومت نه ته ججن جي بحاليءَ کان سڌو انڪار ٿي ڪري ۽ نه وري کين بحال ڪرڻ لاءِ ڪا سنجيده ڪوشش يا پيش قدمي ٿي ڪري. چيو پيو وڃي ته جج آئيني پيڪيج ذريعي بحال ٿيندا پر آئيني پيڪيج حتمي طور ڪڏهن پارليامينٽ ۾ پيش ٿيندو، ان بابت ٻيو ته ٺهيو پر خود وزيراعظم کي به خبر نه آهي. اها خبر صرف ۽ صرف آصف زرداري صاحب کي آهي.
(4) موجوده حڪومت ۽ پارليامينٽ جي هڪ سئو ڏينهن جي هڪ وڏي ناڪامي پرويز مشرف جو اڃا تائين ايوانِ صدر ۾ ويهڻ آهي. ان ڳالهه تي ملڪ ته ڇا پر سڄيءَ دنيا جا سياسي تجزيه نگار متفق آهن ته گذريل چونڊن جا نتيجا پرويز مشرف خلاف ڄڻ ته هڪ ريفرنڊم هئا ۽ عوام جي خواهش هئي ته چونڊن کانپوءِ جيئن ئي نئين حڪومت ايندي ته پرويز مشرف کي موڪلائڻو پوندو، پر حڪومت ۽ پارليامينٽ کي هڪ سئو ڏينهن گذرڻ باوجود پرويز مشرف نه رڳو ايوانِ صدر ۾ موجود آهي پر ايترو پُراعتماد به آهي جو هو ڪراچيءَ ۾ اچي متحده سان گڏجي هڪ دفعو وري توهين آميز لهجي ۾ ڳالهائي ٿو. هو پاڻ ته موجود آهي پر سنڌ ۾ هن جو ويهاريل گورنر به اڄ تائين وڏي اعتماد سان موجود آهي ۽ مشرف جي پسنديده دهشت گرد جماعت سنڌ ۾ وري اقتدار ۾ ڀائيوار آهي. سوال آهي ته آخر هڪ شخص جيڪو پنهنجو الهه تلهه وڃائي چڪو آهي، جيڪو عوام لاءِ نفرت جي علامت بڻجي چڪو آهي ۽ جيڪو جمهوريت لاءِ هڪ مستقل خطرو آهي، اهو هڪ سياسي حڪومت جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ به ايڏو پُراعتماد ۽ بي خوف ڇو آهي؟ هن کي ڇو سياسي طور ڪو خطرو محسوس نٿو ٿئي؟ اهو صحيح آهي ته هن کي آمريڪا جي حمايت اڃا تائين حاصل آهي پر سوال آهي ته موجوده حڪومت يا اتحادي حڪومت جي اڳواڻ جماعت ان ڏس ۾ آمريڪا سان ڇو نٿي ڳالهائي سگهي ته پرويز مشرف ۽ سياسي جمهوري حڪومت گڏ نٿا هلي سگهن. اها ڳالهه هاڻي آمريڪا لاءِ به ڪو راز نه آهي پر لڳي ايئن ٿو ته حڪومت يا اتحادي حڪومت جي اڳواڻ ڌر ان ڏس ۾ ساڻن ڪوبه جرئتمند ڊائلاگ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
(5) جيتوڻيڪ موجوده حڪومت ڪالاباغ ديم جي منصوبي تان هٿ کڻڻ جو رسمي اعلان ڪيو آهي، جيڪا هڪ سٺي ۽ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي پر ٿيڻ ايئن گهرجي ته اهو معاملو پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ ان کي اتي هميشه لاءِ رد ڪيو وڃي ۽ ساڳيءَ طرح ان کي حتمي طرح ”ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ“ مان پڻ رد ڪرايو وڃي، تڏهن چئبو ته اها هڪ سنجيده ڪوشش آهي، پر حڪومت ان رسمي اعلان کانپوءِ هاڻي ان معاملي تي چُپ نظر اچي ٿي. ٻئي پاسي گريٽر ٿل ڪئنال جي هلندڙ ناجائز اڏاوت لاءِ بجيٽ ۾ پئسا رکيا ويا آهن. جڏهن ته ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته ان منصوبي کي رد ڪيو وڃي ها ۽ جن ماڻهن اهو ناجائز منصوبو غير قانوني طور شروع ڪرايو انهن خلاف قدم کنيو وڃي ها. ڇاڪاڻ ته موجوده حڪومت جون سموريون اتحادي ڌريون يعني پ پ پ، پي ايم ايل (ن)، اي اين پي ۽ جي يو آءِ گريٽر ٿل ڪئنال خلاف جدوجهد ۾ مشرف جو پورو دؤر جدوجهد ۾ گڏ رهيون آهن پر پ پ پ ته ان جي اڳواڻي ڪئي هئي ۽ اڄ به سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه گريٽر ٿل ڪئنال خلاف گڏيل ايڪشن ڪميٽيءَ جو سربراهه آهي. ٽئين طرف واپڊا جو Vision 2025 اڃا تائين موجود آهي، جنهن تي جيڪڏهن عمل ٿيو ته سنڌ کي زرعي آبادي ته ڇا پر پيئڻ لاءِ به پاڻي نه ملندو. ماڻهو موجوده حڪومت کان اهو نٿا چاهين ته اها مڙئي غير سنجيده اعلان ڪري پر اها اهي حساس معاملا آئيني ادارن ۽ پارليامينٽ ۾ کڻي وڃي ۽ انهن کي اتي حل ڪرائي. جنهن ملڪ ۾ عدليه ۽ آئين جي ڪا حيثيت نه آهي اتي هڪ وفاقي وزير جو پريس ڪانفرنس ۾ ٺلهو زباني اعلان ڪهڙي معنيٰ ٿو رکي؟
اهي ته هئا موجوده حڪومت جا سئو ڏينهن ملڪي تناظر ۾ پر صورتحال جو اسان جي حوالي سان هڪ پاسو ٻيو به آهي، ۽ اهو هيءُ آهي ته سنڌ کي آخر هن ”جمهوريت“ جي بحاليءَ مان ڇا ملندو؟ سنڌ هن ملڪ جي قيام لاءِ اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو، ملڪ کي محمد علي جناح، ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد بينظير ڀُٽو جي پايي جا سياستدان ۽ اڳواڻ ڏنا، پر ان کي هيستائين موٽ ۾ ڇا مليو آهي؟ ان جو ثبوت اڄوڪي سنڌ آهي. نه رڳو ايترو پر ملڪ ۾ جمهوريت جي جنگ به سدائين سنڌ وڙهي. ون يونٽ خلاف جدوجهد هجي، ضياءَ جي آمريت خلاف 83ع ۽ 86ع جون شاندار عوامي جدوجهدون هجن يا مشرف جو پورو دؤر- سنڌ سڀني کان اڳيان وڌي ملڪ ۾ جمهوريت جي سياسي جنگ وڙهي. ويندي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت انهن ئي قربانين جو تسلسل آهي. سوال آهي ته هاڻي جڏهن هڪ سياسي حڪومت وجود ۾ اچي چڪي آهي ۽ ان اتحادي حڪومت جي اڳواڻي پ پ پ وٽ آهي ته پوءِ هاڻي سنڌ جي عوام کي مجموعي ملڪي حالتن کان وڌيڪ ان ڳالهه جي ڳڻتي آهي ته کين ڇا ملندو؟ يا هو هن سڄي ڪاروهنوار کي ان اک سان ڏسي رهيا آهن ته کين ڇا ملي رهيو آهي. ان ڪري ئي شايد هن ڀيري ملڪ ۾ جمهوريت جي جدوجهد ۾ سنڌ ايترو ڪرنٽ نٿي کڻي، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ ان کي پنهنجين عظيم جدوجهدن ۽ قربانين جي نتيجي ۾ وڌيڪ تباهي، ڦرلٽ ۽ دوکي کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه مليو. هنن سئو ڏينهن ۾ سنڌ جي حوالي سان حڪومت جي ڪارڪردگي ڪا گهڻي بهتر نه رهي آهي. مثال طور:
(1) سنڌين مشرف ۽ سندس اتحادين جي سمورين رڪاوٽن جا بند ڀڃي پ پ پ کي سنڌ ۾ اڪثريتي مينڊيٽ ڏنو ته جيئن اها سنڌ ۾ ڪنهن محتاجيءَ کان سواءِ اڪيلي سر حڪومت ٺاهي سگهي. نه رڳو اڪيلي سر حڪومت ٺاهي پر گذريل دؤر ۾ هڪ دهشتگرد ڌر طرفان سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي جيڪا ڀيلَ ٿي ان جو پڻ ازالو ڪيو وڃي. جڏهن ته ٿيو ان جي اُبتڙ. اڄ به ان دهشتگرد ڌر جو گورنر سنڌ ۾ وڏي اعتماد سان ويٺو آهي ۽ جنهن ڌر سنڌ کي مشرف جو پورو دؤر بيدرديءَ سان لُٽيو ۽ ڦُريو، اها اڄ به اقتدار ۾ ڀائيوار آهي. جنهن سان هر طرح سنڌين کي واضح پيغام مليو ته اڪثريت باوجود انهن کي سنڌ ۾ پنهنجي ڪا اڀري سڀري حڪومت ٺاهڻ جو ڪو اختيار به نه آهي. جنهن حقِ حاڪميت لاءِ سنڌ سڀ گهيرا ٽوڙي پ پ پ کي اڪثريتي مينڊيٽ ڏنو، اهو اڄ به اُتي جو اُتي آهي ۽ اها خواهش شايد ديواني جو خواب ٿي لڳي.
(2) سنڌ مشرف جو پورو دؤر جنهن گريٽر ٿل ڪئنال خلاف هر سطح تي لڳاتار جدوجهد ڪئي، ان جي ناجائز ۽ غير قانوني اڏاوت اڄ به جاري آهي. پ پ پ جيتريون قربانيون ڪمپرومائيز جي نتيجي ۾ ڏيندي آهي، جي اُها ڪجهه رسڪ عوام ۽ خاص طور سنڌ لاءِ به کڻي ته شايد کيس ايتريون قربانيون ڏيڻيون نه پون. ڪهڙو آسمان ڪري ها جيڪڏهن پ پ پ جي حڪومت گريٽر ٿل ڪئنال جي غير قانوني اڏاوت رد ڪري ان منصوبي کي دفن ڪري هڪ مثال قائم ڪري ها پر ايئن نه ٿيو. ڪالاباغ ڊيم مان هٿ ڪڍڻ جو اعلان به پريس ڪانفرنس ۾ ٿيو آهي پر اهو معاملو پارليامينٽ ۾ نٿو اچي يا ڪائونسل آف ڪامن انٽريشت مان رد نٿو ڪيو وڃي.
(3) هن وقت واپڊا جا پاڻيءَ جا منصوبا، اين ايف سي ايوارڊ ۽ آدم شماريءَ جهڙا مسئلا ڪَرَ کنيو بيٺا آهن ۽ ڪابه خبر نه آهي ته هن ڀيري سنڌ کان ڇا کسبو ۽ کيس موٽ ۾ ڇا ملندو ۽ ان سان ڪهڙو انصاف ٿيندو؟ شهرن ۾ سنڌين جي سياسي، سماجي ۽ معاشي تحفظ لاءِ ڪنهن جٽآدار بندوبست جو مسئلو آهي، ٻهراڙين ۾ سڄو ترقياتي انفرا اسٽرڪچر تباهه آهي، زرعي معيشت مرڻينگ آهي، لاقانونيت عروج تي آهي، اُهي سڀ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گهربل پاليسيون، رٿابنديون، حڪمت عمليون ۽ ڪي جٽادار ل ڳولڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪٿي آهن؟ باقي هن ڀيري سنڌ کي ماسترين جي ڪانٽريڪٽ نوڪرين ۾ ڪا گهڻي دلچسپي نه آهي. هن ڀيري سنڌ وٽ هڪ ئي سوال آهي ته جنهن جمهوريت لاءِ سنڌ سدائين جنگ وڙهي آهي ۽ جنهن پارٽيءَ کي سنڌ سدائين زندگي بخشي آهي ۽ هر ڀيري ان جا ڏوهه معاف ڪيا آهن، اُها سنڌ کي ڇا ٿي ڏئي؟ بينظِر ڀٽو کي شهيد ڪري ”ڌڻين“ هونئن ئي ملڪ ۾ وفاق کي عملي طور ختم ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي سنڌ حڪومت ۽ پ پ پ جي ڪارڪردگيءَ کي رڳو ان اک سان ڏسي رهي آهي ته جمهوريت جي بحاليءَ مان سنڌ ۽ سنڌين کي ڇا ملندو؟ سنڌيءَ ۾ چوندا آهن: ”سڃا يار- سلامن جي چَٽي!“ هن ڀيري سنڌ کي ”سڃن يارن پاران سلامن جون چٽيون“ نه پر واضح پاليسيون، حڪمت عمليون ۽ جٽادار ٺوس اُپاءَ گهرجن، جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي پنهنجو بچاءُ ۽ واڌارو نظر اچي، ٻيءَ صورت ۾ پوءِ شايد سنڌ ۾ سنڌين جو جمهوريت جي جدوجهد سان اهو ساڳيو سڱ نه رهي سگهي!


پندرهن روزه افيئر 15 جولاءِ 2008ع

ميثاقِ جمهوريت ۽ مري پڌرنامي جو ڇا ٿيندو؟

هاڻي جڏهن چونڊن جو چوٻول ۽ حڪومتن ٺهڻ جو لُڙ لٿو آهي، ته ملڪ جي حقيقي مسئلن ۽ چئلينجز وري منهن ڪڍيو آهي ۽ حڪومت گهڻ طرفي بحران ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، ته مشرف ٽولي ۽ اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي هر طرح سان تباهه ڪري پوءِ حڪومتي منظر تبديل ڪري اقتدار ۾ ڪنهن حد تائين ڀائيواري چونڊن ۾ کٽي آيل سياسي پارٽين کي ڏني آهي پر پوءِ به صاف نظر اچي پيو، ته حڪومت ۾ ويٺل سياسي پارٽين کي وزارتون ۽ عهدن جا منصب ته مليا آهن پر کين حقيقي طور پاور منتقل نه ٿيو آهي.
هن ڀيري جتي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت عوام جا جيءَ جهوري وڌا، اُتي چونڊن جي نتيجن عوام کي هڪ حدتائين تبديليءَ جو اهو احساس ۽ اُتساهه پڻ ڏنو، ته شايد ملڪ ۾ حقيقي تبديليءَ ۽ پاور جي منتقليءَ جا بنياد پون پر اڃا تائين عوام جي اهڙي خواهش جا حقيقت ۾ تبديل ٿيڻ جا ڪي آثار نظر نٿا اچن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته پ پ پ مشرف جو پورو دؤر بدترين حالتن ۽ رياستي عتاب کي منهن ڏنو، ٻيو ته ٺهيو پر نيٺ ان عتاب جو انت محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي ٿيو ۽ نتيجي ۾ هڪ طرف پ پ پ کي پوري ملڪ ۾ اڪثريتي مينڊيٽ ۽ همدرديءَ جو ووٽ مليو ته ٻئي طرف مٿس تنظيمي توڙي سياسي طور وڏو بار به پئجي ويو، ڇاڪاڻ ته محترمه بينظير ڀٽو کانپوءِ پارٽيءَ وٽ ڪوبه اهڙو اڳواڻ موجود نه هو ۽ نه آهي جيڪو اڪيلي سِر پارٽيءَ کي ان سطح تي هلائي سگهي ۽ ملڪ ۾ طاقت جي توازن کي تبديل ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي. چونڊن کان پوءِ عوام کي پ پ پ مان خاص طور هيٺيون اُميدون هيون، جيڪي جيتوڻيڪ شديد مايوسيءَ ۾ ته تبديل ڪونه ٿيون آهن پر بهرحال اُميدن جي وارِي عوام جي خواهشن جي مُٺين مان تيزيءَ سان نڪرندي پئي وڃي. عوام محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ چونڊن جي نتيجن کانپوءِ پ پ پ مان بنيادي طور هيٺيون خواهشون ۽ اميدون پئي رکيون.
جيتوڻيڪ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو خال ته ڪنهن به طور ڀرجڻ جو ناهي پر عوام جيئن پاڻ هن عظيم ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪري پنهنجي سجاڳيءَ ۽ ٻَڌيءَ جو ثبوت ڏنو، تيئن ان پ پ پ جي قيادت کان به توقع ۽ اُميد پئي ڪئي ته اُها گڏيل ليڊرشپ جو تصور اُڀاري پنهنجين اڳوڻين ڪمزورين ۽ غلطين جو ازالو ڪندي ۽ عوام جي ڏنل مينڊيٽ جو ڀرپور فائدو وٺندي طاقت جي توازن کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي، پر اڃا ته حڪومت جو هني مون پيريڊ ئي ختم نه ٿيو آهي جو عوام جي اها خواهش ۽ اُميد رنگ مَٽائڻ لڳي آهي.
محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو خال هڪ حد تائين پ پ پ رڳو ان صورت ۾ ئي ڀري سگهي ها يا ڀري سگهي ٿي، جڏهن اُها حقيقي معنيٰ ۾ ڪارڪنن کي بااختيار ڪري مٿين سطح تي جمهوري انداز سان گڏيل قيادت جو نه رڳو تصور اُڀاري ها پر ان جو عملي ثبوت به ڏئي ها پر نظر ايئن پيو اچي ته پارٽيءَ اندر ”ون مين شو“ جو ڪلچر وڌي رهيو آهي. جيتوڻيڪ اهو ڪلچر محترمه جي حياتيءَ ۾ به هو ۽ اسانجي سمورين پارٽين ۾ مروج آهي ۽ ان تي تنقيد به ٿيندي هئي ۽ آهي، پر پوءِ به هوءَ ان سطح جي اڳواڻ هئي جو هن کي ماڻهو ان روپ ۾ به پيار سان قبول ڪندا هئا. ظاهر آهي ته اهڙي حيثيت هر ماڻهوءَ جي نٿي ٿي سگهي ۽ نه ان ۾ اُهي صلاحيتون ٿي سگهن ٿيون. پ پ پ وٽ محترمه جي شهادت جو ڪنهن حد تائين هڪڙو ئي حل آهي، ته اها هيٺين سطح تي ڪارڪنن کي وڌيڪ مضبوط ڪري ۽ مٿين سطح تي گڏيل جمهوري قيادت جو تصور ۽ ڪلچر اُڀاري پر هيستائين نظر اهو پيو اچي، ته ان جي اُبتڙ ”ون مين شو“ جو ڪلچر پارٽيءَ کي ٻئي طرف ڌِڪي رهيو آهي، جنهن ۾ فوري طور نه پر هڪ پراسس ۾ پارٽيءَ کي اندروني طور ڌڪ لڳندو، اندروني طور گروهه بنديون ٿيندوين ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هڪ پاسي خوشامدي ڪلچر وڌندو ته ٻئي طرف ان ڪلچر جو حصو نه بڻجندڙ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ۾ مايوسي پيدا ٿيندي.
عوام کي تبديليءَ جي خواهش ۽ اُميد ان ڪري به هئي ۽ آهي، جو هڪ طرف مشرف ٽولو ۽ اسٽيبلشمينٽ سڄيءَ دنيا ۾ خوار ۽ خراب ٿي چڪا آهن ته ٻئي طرف عوام پ پ پ کي مرڪز، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اڪثريتي مينڊيٽ ڏنو آهي. اهو مينڊيٽ پ پ پ کي مشرف مخالف جذبن، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ عوام جي دلين ۾ تبديليءَ جي خواهش جي محرڪن تحت مليو آهي. جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي ضياءُ الحق عدالت ذريعي ڦاهيءَ چاڙهيو هو، ته ضياءُ الحق اندروني توڙي خارجي طور مشرف جيان سڄيءَ دنيا ۾ خوار ۽ ناڪام ٿيل نه هو. هن جي دؤر جي شروعات ته شهيد ڀُٽي جي قتل سان ٿي پر هو طاقتور هو. جڏهن ته مشرف ڏهه سال اقتدار جي مسند تي قابض رهڻ ۽ پنهنجي تعصب، منافقت، ٻهروپيت ۽ ناڪام پاليسين سبب ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ اڻ وڻندڙ شخص بڻجي چڪو آهي. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ ساڻس ٿيل دوکي ان صورتحال کي ويتر سنگين بڻائي ڇڏيو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ماڻهو رڳو حڪومتي تبديلي نه پر طاقت جي توازن ۾ تبديلي ۽ پاور جي منتقلي چاهين ٿا.
چونڊن کي ٻه مهينا گذري چڪا آهن ۽ حڪومتون پنهنجو ڪم شروع ڪري چڪيون آهن پر مشرف اڃا تائين نه رڳو ويٺو آهي پر مملڪت جو سربراهه ٿيو دنيا جا پرڏيهي دؤرا پيو ڪري. ان حوالي سان هيستائين مسلم ليگ (ن) چٽو مؤقف رکيو ويٺي آهي ۽ مشرف سان سهڪار جو هٿ وڌائڻ لاءِ تيار ناهي پر نظر اهو پيو اچي ته پ پ پ اڃا تائين مشرف کي سياسي بقا جو جواز فراهم ڪري رهي آهي ۽ سندس مشرف ڏانهن رويو اڃا تائين نرم آهي. ممڪن آهي ته ان پٺيان مٿس آمريڪا جو دٻاءُ به هجي پر جيڪڏهن پارٽيءَ وٽ ان ڏس ۾ مضبوط ارادو، واضح موقف ۽ خاص طور ڪا ٺوس لابنگ ۽ حڪمت عملي هجي ته ان جو ٽوڙ ۽ سدِباب ڪري سگهجي ٿو پر حقيقت ۾ اهڙي ڪا صورتحال نظر نٿي اچي. ساڳيءَ طرح اقتدار جي حقيقي منتقلي به ڪٿي نظر نٿي اچي، ها جزوي طور فرق ضرور پيو آهي پر اهو بنيادي تبديليءَ جي حوالي سان انتهائي ناڪافي آهي. ظاهر آهي ته اهو سڀ تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن پ پ پ مشرف بدران پنهنجي اتحادي ڌرين يعني مسلم ليگ (ن) ۽ اي اين پي تي ۽ اڃا به عوام جي راءِ ۽ طاقت تي ڀاڙي. پر ايئن نه ٿيڻ جي صورت ۾ اتحادي ڌرين منجهه به اختلافن جي اُڀرڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن. خاص طور مُک اتحادي ڌرين منجهه ٽن سوالن تي وڏو اندروني اختلاف پيو هلي، يعني هڪ مشرف جي سوال تي، ٻيو ججن جي بحاليءَ ۽ ٽيون ايم ڪيو ايم سان اتحاد جي سوال تي. عجيب ڳالهه اِها آهي ته اُصولي طور جيڪو ڪردار هڪ وڏي عوامي ڌر طور پ پ پ کي ادا ڪرڻ گهرجي ها، اُها هڪ ساڄيءَ ڌر جي جماعت مسلم ليگ (ن) پئي ادا ڪري ۽ پ پ پ مشرف، ججن جي سوال ۽ ايم ڪيو ايم جي حوالي سان اهو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جيڪو نه رڳو اُصولي نه آهي پر عوام ۽ خود پ پ پ جي به حق ۾ نه آهي. مشرف سان اڻ اعلانيه مفاهمت، ججن جي بحاليءَ جي اشوءَ کي غير ضروري اينگهائڻ ۽ ايم ڪيو ايم جو نانگ پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهڻ اهڙا قدم آهن، جيڪي عوام ته ٺهيو پر خود پ پ پ لاءِ مستقبل ۾ وڏي بحران ۽ ناڪاميءَ جو سبب بڻبا. جڏهن ته هن ڀيري عوام ان ڪري وڌيڪ پُراُميد هو ۽ آهي ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ طرف عوام بنيادي شين تي متفق آهي ته ٻئي طرف پ پ پ، مسلم ليگ (ن) ۽ عوامي نيشنل پارٽيءَ جهڙي پارٽين جو پاڻ ۾ اتحاد جُڙيو آهي، جنهن کي ميثاقِ جمهوريت ۽ مري پڌرنامي جهڙا بنياد ۽ پس منظر ۽ اتحاد جا مضبوط محرڪ مليل آهن. لنڊن ۾ جڏهن ميثاقِ جمهوريت جو معاهدو ٿيو ته ان عوام ۾ وڏو اُتساهه پيدا ڪيو پر ان وقت به پ پ پ ان تي گهربل عمل ٿيڻ نه ڏنو ۽ ان جو سبب مشرف سان سندن مفاهمت جو هلندڙ سلسلو هو. ويندي محترمه بينظير ڀٽو به ان مفاهمت جي دوکي ۾ شهيد ٿي وئي. هڪڙي فريبي، مڪريل ۽ متعصب ٽولي کان آخر ڪهڙي چڱائيءَ جي اُميد رکي سگهجي ٿي! هاڻي مري پڌرنامو ٿيو آهي پر ان سان به ساڳيو حشر ٿيندي نظر پيو اچي. جڏهن ته ايئن هرگز ٿيڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان جو نقصان ڪوبه ڀري نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته اهو نقصان عوام جي مايوسي، مشرف ٽولي جي ڪاميابي ۽ حڪومتي اتحادي ڌرين، خاص طور پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) ۾ اختلافن ۽ ڏارَ پوڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو ۽ پوءِ يا ته حڪومت ٽپڙ گول ڪندي يا پ پ پ کي مشرف، مسلم ليگ (ق) ۽ متحده تي ڀاڙڻو پوندو، جيڪا ڳالهه عوام لاءِ صدمي ۽ پ پ پ لاءِ ڪنهن آپگهات کان گهٽ نه هوندي.
عوام هن ڀيري اتحادي ڌرين کان ڪنهن انقلابي تبديليءَ جي گهُر نه ٿو ڪري پر ايترو ضرور چاهي ٿو ته ميثاقِ جمهوريت ۽ مري پڌرنامي تي ان جي اصل روح مطابق عمل ڪري، ڪنهن بهتر سفر جو بنياد وڌو وڃي. جيڪڏهن بدقسمتيءَ سان ايئن نه ٿيو ته ان جو نقصان عوام، جمهوريت ۽ پ پ پ جو ٿيندو ۽ فائدو مشرف ٽولي ۽ سياسي طور مسلم ليگ (ن) جو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ (ن) عوام ۾ اهو تاثر ويهارڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، ته اُهي پنهنجي ميثاقِ جمهوريت ۽ مري پڌرنامي جي مؤقف تي قائم آهن ۽ ان لاءِ قرباني به ڏئي سگهن ٿا. منهنجيءَ نظر ۾ پ پ پ جو ملڪي سطح تي ڪمزور ٿيڻ ۽ مسلم ليگ (ن) جو اڪيلي سِر وڏيءَ طاقت سان اُڀرڻ نه ته جمهوريت جي مفاد ۾ آهي ۽ نه ئي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي. جي پ پ پ هن ڀيري پاڻ کي ناڪام ثابت ڪيو ته پوءِ مستقبل مسلم ليگ (ن) جو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) کي ٻين صوبن مان وڏي موٽ نه به ملي، ته به اها پنجاب ٻُهاري ويندي، ان ڳالهه جا امڪان ان ڪري به موجود آهن ته پنجاب جي حڪومت هينئر ئي مسلم ليگ (ن) وٽ آهي ۽ پنجاب جي حڪومت جو اختيار ۽ وزن عملي طور وفاقي حڪومت کان به مٿي آهي. هن ڀيري جيڪي رياستي ۽ حڪومتي چئلينجز آهن، اُهي پ پ پ کي ڀوڳڻا ۽ انهن کي منهن ڏيڻو آهي پر مسلم ليگ (ن) مرڪز توڙي پنجاب ۾ رڳو مستقبل لاءِ سيڙپ ڪندي. ان ڪري پ پ پ کي سمجهڻ گهرجي ته هن ڀيري نه رڳو سندس مقابلو هڪ وڌيڪ مضبوط ٿيندڙ پارٽيءَ سان آهي ۽ هاڻي نه ته وٽن محترمه بينظير ڀٽو جهڙي اڳواڻ آهي ۽ نه وري سندس شهادت جهڙا واقعا بار بار کين اهڙو مينڊيٽ ڏياريندا. هن دفعي پ پ پ کي صرف ۽ صرف پنهنجي ڪارڪردگي ئي بچائي ۽ مضبوط ڪري سگهي ٿي. جذباتي طور عوام جو پ پ پ لاءِ اهو آخري ووٽ هو. هاڻي ان کي پنهنجي جٽاءَ ۽ سگهه جا بنياد جذباتيت بجاءِ پاليسين ۽ ان تي عمل ۽ نتيجا ڏيکارڻ جي حوالي سان رکڻا پوندا. جي هن ڀيري پ پ پ پاڻ کي سنڀالي نه هلايو ۽ هڪ ڪامياب حڪومت ثابت نه ڪيو ته ان جا خراب اثر ملڪي سياست ۽ جمهوريت سان گڏوگڏ سنڌ ۽ سنڌي عوام تي به پوندا. سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم وڌيڪ سگهاري ٿيندي ۽ عوام جا ڌڪاريل سرڪاري وڏيرڪا سياسي خاندان وري سياست جي ميدان تي موٽي ايندا ۽ سنڌ ۾ خانداني ۽ برادريءَ جي سياست وري زور وٺندي. هن ڀيري پ پ پ اقتدار پُل صِراط تي هلڻ جي مترادف آهي ۽ ان ۾ هن ڪٿي به ڌڪو کاڌو ته پوءِ هيٺ ناڪامين، خطرن، غير يقينين ۽ تباهين جي وڏي کاهي آهي، جنهن ۾ ڪِرڻ کان کيس ڪوبه بچائي نه سگهندو، ۽ اهو نقصان رڳو پارٽيءَ ۽ سندس ڪارڪنن جو ئي نه پر عوام، جمهوريت ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۽ سنڌي عوام جو هوندو.


پندرهن روزه افيئر 15 آڪٽوبر 2008ع

ڪير ڪنهن جي جنگ پيو وڙهي!؟

پيپلز پارٽيءَ جي استقباليه جلوس تي آپگهاتي حملي ذريعي ٿيل دهشتگرديءَ جي بدترين ۽ المناڪ واقعي سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي. هن دهشتگرديءَ جي واقعي نه رڳو اندروني طور ملڪ تي وڏا اثر وڌا آهن پر عالمي طور به ان جو نوٽيس ورتو ويو آهي. گڏيل قومن کان و‎ٺي سڄيءَ دنيا ان جي سخت مذمت ڪئي آهي. جيتوڻيڪ بينظير ڀٽو جي واپسي آمريڪا جي آشيرواد ۽ جنرل مشرف سان ڊيل جي نتيجي ۾ ٿي آهي پر ان باوجود کيس مٿس حملن جون ڌمڪيون ملي چڪيون هيون ۽ ان ڳالهه جو خدشو موجود هو ته سندس آمد جي موقعي تي مٿس خوني حملو ٿئي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ بينظير ڀٽو جي استقباليه جلوس تي ٿيل حملي جي سببن، محرڪن ۽ ان جي امڪاني نتيجن بابت هر سطح تي بحث مباحثو جاري آهي پر خاص طور ميڊيا ۾ هلندڙ بحث نه رڳو سطحي پر بنيادي سوالن کان ڪن لاٽار ڪندي نظر اچي ٿو. جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان واقعي ۽ ان جي پس منظر توڙي مستقبل جي امڪاني صورتحال بابت بنيادي سوالن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي. هن مضمون ۾ اسان انهن سوالن تي هڪ مختصر پر حقيقت پسند ۽ معروضي نظر وجهنداسون.

بينظير ڀٽو جي واپسيءَ جي حقيقت؟
ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ بينظير ڀٽو جي واپسي خود هڪ وڏو دلچسپ سوال آهي. جنهن بينظير ڀٽو کي پاڪستان مان خود ساخته جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي ۽ جنهن کي مشرف جي اٺن سالن ۾ هڪ ڪرپٽ سياستدان سڏيو ٿي ويو، ان تي جنرل مشرف جي اسٽيبلشمينٽ اوچتو ئي اوچتو ڪيئن ايترو مهربان ٿي پئي آهي جو کيس وڏي پروٽوڪول سان ملڪ واپس اچڻ جي اجازت ڏني وئي آهي؟ مٿاڇري انداز سان نه پر جي گهرائيءَ سان ڏٺو وڃي ته ان جا ٽي واضع سبب نظر اچن ٿا.
(1) ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پاڪستان شروع کان وٺي عملي طور هڪ آمريڪي جديد بيٺڪيت رهيو آهي. لياقت علي خان جي دؤر ۾ ان جا منظم ۽ رسمي بنياد پيا، جيڪي پوءِ ايندڙ ڏينهن ۾ بتدريج سگهارا ٿيندا ويا. (پڙهو ڪتاب: The American Papers) هيستائين پاڪستان ۾ آمريڪا پنهنجي اسٽريٽجڪ مفاد خاطر مسلسل فوجي آمرن ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ تي هٿ پئي رکيو آهي. ايوب خان ۽ يحييٰ خان جي ڀيٽ ۾ جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف ان جا وڌيڪ منظورِ نظر رهيا. جيئن افغانستان ۾ روسي مداخلت کانپوءِ پاڪستان ۾ جنرل ضياءَ جي اهميت وڌي وئي، تيئن 11/9 کانپوءِ پاڪستان ۾ جنرل مشرف رات وچ ۾ اينگلو- اميرڪن مفاد جو دادلو ٿي پيو. کيس سگهارو ڪرڻ لاءِ سمورا حيلا هلايا ويا ۽ ان ڳالهه جو به ڪو لحاظ نه رکيو ويو ته اُن سڄي لقاءَ کي پاڪستان جا ماڻهو ڪيئن ڏسن ٿا ۽ جنرل مشرف جي مڙهيل اڳواڻيءَ ۾ دنيا پاڪستان کي ڪيئن ٿي ڏسي؟ گذريل اٺن سالن کان پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ جنرل مشرف جي حيثيت کي سگهارو ڪرڻ لاءِ تمام گهڻن وسيلن خرچ ڪرڻ باوجود اڄ صاف نظر پيو اچي ته ”مٿين آقائن“ کي محسوس ٿي چڪو آهي ته اڪيلي سر ملٽري اسٽيبلشمينٽ رڳو سندن اسٽريٽجڪ مفاد پورو ڪرڻ جي قابل نه آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف اها عوام ۾ سخت غير مقبول آهي ۽ ان جي ڪابه پاليسي عوام لاءِ قبوليت جوڳي نه آهي ۽ جيئن ته هاڻي پاڪستان ۾ سول- ملٽري تضاد ايترو ته وڌي ويو آهي جو اسٽيبلشمينٽ جي ڪابه پاليسي عوام لاءِ نه رڳو ناپسنديده پر حقيقت ۾ ڌڪار جوڳي ٿي چڪي آهي. جنرل مشرف جي دؤر ۾ اها صورتحال تِهائين وڌيڪ واضح ٿي آهي. ٻيو ته آمريڪا کي اها به پڪ ٿي وئي آهي ته جيئن ملڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪ ملٽري اسٽيبلشمينٽ آهي، تيئن ملٽري اسٽيبلشمينٽ اندر به اسٽيرٽجڪ معاملن ۾ فيصلائتو ڪردار ڳُجهين ايجنسين جو آهي، جيڪي ڪنهن موقعي تي ڪابه راند ڪري به سگهن ٿيون ۽ ڪا ٻين جي ‎ٺهيل راند ڦٽائي به سگهن ٿيون. نتيجي ۾ آمريڪا هاڻي بدليل ۽ بدلجندڙ حالتن ۾ پاڪستان ۾ پنهنجي مخصوص ۽ حساس اسٽريٽجڪ مفادن سبب رڳو ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ جنرل مشرف تي ڀاڙڻ لاءِ تيار نه آهي. هو ان سان گڏوگڏ ۽ ٻيا متبادل انتظام به ڪرڻ چاهين ٿا ۽ بينظير ڀٽو جي واپسي به دراصل ان ايجنڊا جو حصو آهي. جنرل مشرف طرفان بينظير ڀٽو ڏانهن ”ڊيل“ جو هٿ وڌائڻ جو اصل سبب ئي اهو آهي جو ان لاءِ مٿس آمريڪي دٻاءُ آهي ته هو ائين ڪري.
پاڪستان جي اندروني ۽ جيو اسٽريٽجي حالتن ۾ واضع طور نظر پيو اچي ته بينظير ڀٽو آمريڪي ايجنڊا تحت پاڪستان آئي آهي، جنهن ۾ هوءَ پاڪستان اندر اهو اسٽريٽجڪ ڪردار ادا ڪندي، جيڪو آمريڪا کانئس چاهي ٿو ۽ جيڪو جنرل مشرف موجوده حالتن ۾ مختلف سببن ڪري ادا ڪرڻ کان قاصر آهي.
(2) بينظير ڀٽو جي واپسيءَ جو ٻيو وڏو سبب اهو به آهي جو جنرل مشرف پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي چڪو آهي ۽ مسلم ليگ (ق) جو ناٽڪ هاڻي ان سطح تي وڌيڪ هلندي نظر نه ٿو اچي. جنرل مشرف جيتوڻيڪ اٺ سال اقتدار جا مزا ته ماڻيا پر هڪ لحاظ کان هن سول- ملٽري تضاد کي ان سطح تي پهچايو آهي جو هاڻي عوام اڳتي ڪنهن به جنرل تي ڪوبه اعتبار نه ڪندو. ايوب خان ملڪ ۾ ترقيءَ ۽ زرعي سڌارن توڙي بنيادي جمهوريت جو فراڊ ڪيو، يحييٰ خان ملڪ جو اڌ وڃايو، ضياءُ الحق اسلام جي آڙ ۾ ملڪ کي تباهه ڪيو ۽ جنرل مشرف لبرل ۽ روشن خيال اعتدال پسنديءَ جي نالي ۾ رهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي ۽ اهو سندن ڪارڊ به آخري هو. ملڪ جي ترقيءَ، اسلام جي سربلنديءَ ۽ روشن خياليءَ کان پوءِ هاڻي ڪهڙو ڪارڊ بچي ٿو جيڪو جنرل سڀاڻي استعمال ڪندا؟ جنرل مشرف رات وچ ۾ جيڪا هٿ ٺوڪي پارٽي ٺاهي، اُها هاڻي مڙئي رينگٽ طور موجود ته رهندي پر ان جو قصو مجموعي طور پورو ٿيندي نظر اچي ٿو. جنرل مشرف به هاڻي سمجهي چڪو آهي ته کيس پنهنجي اقتدار جي وڌيڪ دوام لاءِ ٻه ڪم ضرور ڪرنا پوندا، هڪ وردي لاهڻي پوندي ۽ ٻيو ته مسلم ليگ (ق) جي بجاءِ Main Stream جي ڪنهن وڏي پارٽيءَ سان مفاهمت ڪرڻي پوندي ۽ بينظير ڀٽو جي واپسيءَ ۽ مشرف سان مفاهمت جو هڪ سبب اهو به آهي.
(2) بينظير ڀٽو جي واپسيءَ جو ٽيون اهم سبب سندس سياسي حڪمت عملي آهي. بينظير ڀٽو مشرف جي پوري دؤر ۾ اي آر ڊي يا پنهنجي پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان ڪابه حقيقي جدوجهد نه ڪئي. هن جنرل مشرف جي مخالفت ته ڪئي پر اُن خلاف ڪابه مزاحمت نه ڪئي، جنهن مان ظاهر آهي ته هوءَ ڪنهن اهڙي موقعي جي تلاش ۾ هئي جنهن کي استعمال ڪري هوءَ ملڪ واپس موٽي سگهي ۽ اقتدار جي ايوان تائين به سندس رسائي ممڪن ٿي سگهي. هن ان سلسلي ۾ ٽي ڪم ڪيا. هڪ ته هن جنرل مشرف جي سڄي عرصي ۾ ڪابه سگهاري جدوجهد نه ڪري جنرل مشرف ۽ اسٽيبلشمينٽ کي واضع نياپو ڏنو ته هو سندن خلاف جدوجهد بجاءِ مفاهمت چاهي ٿي. ٻيو ته هن پنهنجي سياست جو سمورو زور عوامي جدوجهد بجاءِ سفارتي محاذ تي رکيو. هوءَ آمريڪا ۽ برطانيه کي اهو سمجهائڻ ۾ ڪامياب وئي ته اڪيلي سر جنرل مشرف سندن مفادن جو بهتر انداز سان پورائو نه ڪري سگهندو، ان ڪري جيڪڏهن هو پاڪستان ۽ هن خطي ۾ پنهنجي ايجنڊا جي ڪاميابي ڏسڻ چاهين ٿا ته هن پوءِ سندس ملڪ ۽ اقتدار ڏانهن واپسيءَ کي ممڪن بڻايو وڃي ۽ ان ۾ هوءَ ڪامياب وئي. ٽيون ته نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) سان شروع ۾ ويجهڙائي ڏيکاري ۽ ”چارٽر آف ڊيموڪريسيءَ“ تي صحيحون ڪري مشرف سرڪار کي اهو تاثر ڏنو ته ساڻس عدم مفاهمت جي صورت ۾ هوءَ سچ پچ به ڪنهن مضبوط گڏيل مخالف ڌر کي اُڀاري سگهي ٿي. ڏٺو وڃي ته موقعي پرستي ئي سهي پر بينظير پنهنجين انهن ٽنهي حڪمت عملين ۾ ڪامياب وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ هوءَ ملڪ ۾ موجود آهي ۽ امڪاني طرح سڀاڻي جي حڪمران آهي.

ڪراچي واقعي پٺيان ڪير ٿي سگهي ٿو؟
18 آڪٽوبر تي اعلانيل پروگرام موجب بينظير ڀٽو جي واپسي ٿي، جيڪا بدترين دهشتگرديءَ سبب هڪ پُرجوش عوامي سمنڊ مان هڪ تاريخي الميي ۾ تبديل ٿي وئي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پ پ پ بينظير جي آمد جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ پنهنجن ڪارڪنن کي وڏي پئماني تي متحرڪ ڪيو ۽ بينظير جي استقبال کي هڪ وڏي عوامي ميڙ ۾ تبديل ڪيو. ان استقبال ۾ پ پ پ اهو سڀ ڪجهه ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ايڏي وڏي عوامي ميڙ اهو سوال پڻ اُٿاريو آهي ته جيڪڏهن پ پ پ وٽ اڃا به عوام ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي ايتري وڏي انگ ۾ متحرڪ ڪرڻ جي تنظيمي ۽ سياسي سگهه هئي ۽ آهي ته پوءِ بينظير ڀٽو ۽ پارٽيءَ جنرل مشرف جي اَٺن سالن جي غير جمهوري راڄ خلاف اها سگهه ڇو نه استعمال ڪئي؟ گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم کان وٺي جمهوريت جي بحاليءَ بابت اُها وڏي جدوجهد ڪٿي هئي جنهن ۾ پ پ پ پنهنجي اها عوامي ۽ تنظيمي سگهه استعمال ڪري ملڪي حالتن کي عوام جي حق ۾ استعمال ڪري ها؟
حقيقت اها آهي ته 18 آڪٽوبر جي بدترين دهشتگرديءَ بينظير ڀٽو جي واپسيءَ جي سببن ۽ محرڪن واري اصل بحث مباحثي جو رخ ئي موڙي ڇڏيو، نه ته ان بحث ۾ تمام بنيادي قسم جا سوال اُٿن ها. جيتوڻيڪ 18 آڪٽوبر جي بدترين دهشتگردي جنهن ۾ 200 ماڻهن ۽ خاص طور نوجوانن جون معصوم حياتيون اجل جو شڪار ٿيون ۽ 500 کان وڌيڪ ماڻهو سخت زخمي آهن، بابت ملڪ ۾ هر سطح تي بحث مباحثو جاري آهي پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته خود پ پ پ ۽ سندس ليڊرشپ رڳو ٽن فردن تي آڱر کڻي عملي طور حقيقي مجرمن جي پرده پوشي ڪئي آهي. بينظير ڀٽو ان ڏس ۾ ٽي نالا کنيا آهن، جن ۾ هڪ آءِ بي جو سربراهه اعجاز شاهه، پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ سنڌ جو وڏو وزير ارباب غلام رحيم شامل آهن. بينظير ڀٽو هن ڀيري به اصل مجرمن کي ائين لڪايو آهي جيئن ان مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جي موقعي تي اصل ڌرين جي پرده پوشي ڪري صدر فاروق لغاريءَ تي آڱر کنئي هئي. اها ڳالهه ملڪ ۾ هر ڪو محسوس ٿو ڪري ته اها واردات به انهن ئي سگهارين ڌرين ڪئي آهي جن جو رڪارڊ ان حوالي سان اڳ ئي بدنام آهي ۽ جيڪي سياست، روشن خياليءَ ۽ خاص طور تي عوام تحرڪ کي ڪنهن به ريت پسند نه ٿيون ڪن. انهن ڌرين کي اصل خطرو بينظير جي شخصيت مان نه پر ان عوامي تحرڪ مان هو، جنهن جو هڪ مظهر 18 آڪٽوبر جو عظيم عوامي ميڙ هو. ڇاڪاڻ ته اُهي ڌريون نه رڳو مقامي طور ڪنهن وڏي عوامي تحرڪ جي خلاف آهن پر اُهي ساڳئي وقت عالمي مافيائن جو به حصو آهن ۽ هنن نٿي چاهيو ته بينظير آمريڪي آشيرواد سان اچي ملڪ ۾ ڪنهن وڏي عوامي تحرڪ جو سبب بڻجي. 18 آڪٽوبر جي سانحي جي حوالي سان رڳو ارباب، پرويز الاهي ۽ آءِ بي چيف اعجاز شاهه جا نالا کڻڻ جي اصل حقيقت سواءِ اليڪشني مفاد سياست جي راند جي هڪ پتي کان وڌيڪ نه آهي. نظر اهو پيو اچي ته بينظير اها آڱر اليڪشني حوالي سان کنئي آهي ۽ ٽنهي ڄڻن تي هڪ وڏو نفسياتي وار ڪيو آهي، جو کيس خبر آهي ته اليڪشن دؤران ارباب سنڌ ۾ ۽ پرويز الاهي پنجاب ۾ هن لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ چيو وڃي ٿو ته هن آءِ بي سربراهه جو نالو به ان ڪري ورتو آهي جو هو چوڌري شجاعت جي ويجهو تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ چوڌري هن جي معرفت ايندڙ اليڪشن ۾ ضرور ساڻس ڪانه ڪا راند ڪرڻ لاءِ ڪو ٽڪساٽ ڪندا. جڏهن ته صاف نظر پيو اچي ته اهو ڪم ڪو چند فردن جو نه پر انهن منظم قوتن جو آهي، جيڪي اهڙيون ڪارروايون ڪرڻ جو وڏو رڪارڊ رکن ٿيون. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته بينظير پهرين ڌڪ سان جهادي ڌرين، ايم ڪيو ايم ۽ جنرل مشرف (جنهن جو مطلب اسٽيبلشمينٽ آهي) کي الزامن جي ميدان مان ئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ملڪ ۾ اهي به چؤٻول آهن ته دهشتگرديءَ جي ان واقعي ۾ متحده پڻ ملوث آهي. جنرل حميد گل، غلام مصطفيٰ کر، نصير الله بابر ۽ ٻين ڪيترن پڻ ان حوالي سان سڌيءَ ريت متحده تي آڱر کنئي آهي. بينظير ڀٽو پاڻ به پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چئي چڪي آهي ته کيس هڪ پاڙيسري اسلامي ملڪ اطلاع ڏنو هو ته مٿس امڪاني دهشتگرد حملي ۾ جهادي گروپن سان گڏ ڪراچيءَ جي هڪ دهشتگرد ڌر به ملوث ٿي سگهي ٿي. ان حوالي سان ان دهشتگرديءَ ۾ متحده جي ڪردار کي پڻ رول آئوٽ نٿو ڪري سگهجي. سوال آهي ته جڏهن اڃا ان واقعي جي ساک واري جاچ ٿي ئي ناهي ته پوءِ اهو ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته اهو آپگهاتي حملو هو ۽ ان ۾ فقط ٽي فرد ملوث هئا؟ شهيد مرتضيٰ ڀُٽي جو ڪيس به ائين ئي لوڙهيو ويو هو ۽ هاڻي به لڳي ٿو ته انهن ٽن فردن تي نفسياتي وار ڪري پ پ پ اليڪشن ۾ ته فائدو وٺي ويندي پر بيگناهه شهيدن جو خون رائيگان ويندو.
گذريل عرصي ۾ هر حساس موقعي تي بينظير ڀٽو ايئن ئي ڪيو آهي. نواب اڪبر بگٽيءَ جي شهادت وقت سندس خاموشي معنيٰ خيز هئي، پوءِ آخر ۾ مڙئي رسمي بيان ڏنو ويو. 12 مئي جي دهشتگرديءَ جي موقعي تي پڻ بينظير سڌيءَ ريت متحده تي ۽ جنرل مشرف تي ڪوبه الزام نه هنيو. ٻيو ته ٺهيو پر اسلام آباد ۾ سندس پارٽيءَ جي جلسي ۾ ٿيل دهشتگرديءَ بابت به هن اصل ڌرين جو نالو نه کنيو. نظر اهو پيو اچي ته آمريڪا جي آشيرواد ۽ مشرف سان مفاهمت کان پوءِ هوءَ هر معاملي کي اليڪشن لاءِ ميدان تيار ڪرڻ جي حوالي سان استعمال ڪرڻ چاهي ٿي ۽ سندس Rules of Game جو بنياد اُصولن بجاءِ ذاتي، پارٽي ۽ اليڪشني مفاد آهن. ڇاڪاڻ ته عوامي مفاد اسٽيٽسڪو جي سياسي پارٽين لاءِ هاڻي ڪابه معنيٰ نٿا رکن.

18 آڪٽوبر جي دهشتگرديءَ جو مقصد ڇا هو؟
ظاهر آهي ته 18 آڪٽوبر جي دهشتگريءَ جا ضرور ڪي نه ڪي واضع مقصد هوندا. جيتوڻيڪ اهو حملو بينظير ڀٽو جي ذات ۽ پارٽيءَ تي به هو پر حقيقت ۾ اهو حملو سياست ، جمهوري عمل ۽ عوام تي هو. ڇاڪاڻ ته بينظير ڀٽو جي ذات کي نقصان رسائڻ جا انهن ڌرين وٽ ٻيا به متبادل ذريعا ٿي سگهن ٿا. ان ڪري 18 آڪٽوبر جي بدترين دهشتگردي بينظير ڀٽو سان گڏ دراصل سياست، جمهوري عمل ۽ عوام جي سياسي تحرڪ خلاف هڪ وڏو وحشي قدم هو. ان دهشتگرديءَ پٺيان هيٺيان مقصد ٿي سگهن ٿا.
(1) آمريڪا وڏي اعتماد سان بينظير ۽ مشرف جي مفاهمت کي Manage ڪري بينظير جي واپسيءَ جو بندوبست ڪيو ۽ جنرل مشرف جي حڪومت نه چاهيندي به بينظير ڀٽو کي واپسي ڏئي وڏو سرڪاري پروٽوڪول ڏنو. دراصل 18 آڪٽوبر جي دهشتگردي بينظير ڀٽو ۽ سندس جلوس تي خوني حملي جي بهاني مٿئين آقائن کي انهن ڌرين جو نياپو هو، جيڪي اندروني طور ملڪ جي اڇي ڪاري جون مالڪ رهيون آهن. هنن ثابت ڪري ڏيکاريو ته آمريڪا جي آشيرواد ۽ مشرف سان مفاهمت جي باوجود بينظير ڀٽو هتي محفوظ ناهي، يعني اهو ثابت ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ طاقت جو توازن رڳو مٿين ڌرين نه پر سندن هٿ وَسَ به آهي.
(2) هي واقعو بينظير ڀٽو تي به نفسياتي دٻاءُ هو ته هوءَ رڳو آمريڪا ۽ مشرف جي سهڪار جي بنياد تي آسانيءَ سان ملڪ ۾ سياست نه ڪري سگهندي، ان لاءِ ڪو ٻيو ”فهم“ به سکڻو پوندو، جنهن جو سبق کيس 18 آڪٽوبر جي حملي ذريعي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نتيجي ۾ جيڪا بينظير ڀٽو لکين ماڻهن جي ساٿ سان هلي ها اُها هاڻي ائين آزاديءَ سان هلي ڦري نه سگهندي. اسٽيبلشمينٽ آمريڪا جي دٻاءُ تحت ۽ پنهجي ڪمزور حيثيت سبب کيس ملڪ اچڻ ته ڏنو ۽ بظاهر کيس آزاديءَ سان سياسي سرگرميون ڪرڻ جي اجازت ۽ پروٽوڪول به ڏنو پر 18 آڪٽوبر جي دهشتگرديءَ عملي طرح کانئس عوامي سياسي سرگرمين جو حق کسي ورتو آهي. حڪومت طرفان فوري طور ملڪ ۾ عوامي جلسا ۽ جلوس ڪڍڻ تي پابنديءَ جي آرڊيننس مان به ظاهر آهي ته اصل ڌريون ملڪ ۾ ڪنهن وڏي سياسي تحرڪ کي ڏسڻ پسند نه ٿيون ڪن، جنهن کي 18 آڪٽوبر جي دهشتگرديءَ ممڪن بڻائي ڏيکاريو.
(3) 18 آڪٽوبر جي دهشتگردي دراصل عوامي سياست تي به وار هو ته ملڪ ۾ ڪابه پارٽي (سواءِ سندن پاليل ڌرين جي) آزاديءَ ۽ بي خوفيءَ سان عوامي سطح تي وڏيون ۽ سياسي سرگرميون نه ڪري سگهن. هن رياست تي قابض ڌريون اهو قطعي نه ٿيون چاهين ته سياست ۽ عوام جو پاڻ ۾ ڪو سرگرم لاڳاپو هجي. سياست عوام کي متحرڪ ڪري سگهي ۽ عوام سياست ۾ حصو وٺڻ لاءِ پاڻ کي محفوظ سمجهي. ان ڪري اها دهشتگردي سياست ۽ عوام جي تعلق کي ڪٽڻ جي به وڏي سازش هئي. ظاهر آهي ته هاڻي هڪ طرف سياسي پارٽيون وڏا عوامي ميڙ ڪرڻ کان ڪيٻائينديون ته ٻئي طرف عوام به عوامي سياسي سرگرمين جو حصو ٿيڻ لاءِ عدم تحفظ جو شڪار ٿيندو. اهو ئي دراصل انهن قوتن چاهيو ٿي، جن اهو واقعو ڪرايو.
(4) جيتوڻيڪ هاڻي مشرف سرڪار تي عوامي ۽ عالمي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته ايندڙ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، جيڪا ڳالهه ممڪن نظر نه ٿي اچي پر 18 آڪٽوبر جي واقعي ان ڳالهه مان عملي طور هوا ڪڍي ڇڏي آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن سياسي پارٽيون وڏا عوامي ميڙ ڪري ئي نه سگهنديون ته پوءِ اليڪشن جو ڪهڙو ٽيمپو ٺهندو؟ نظر اهو پيو اچي ته جيئن بينظير آمريڪا ۽ مشرف سان ڊيل ڪري عوام ۽ جمهوري جدوجهد سان دوکو ڪيو آهي، تيئن 18 آڪٽوبر جو واقعو ڪرائي ساڻس به ”ڌڻين“ طرفان دوکو ڪيو ويو آهي جو هاڻي هوءَ عوام کي وڏي پئماني تي سياسي طور متحرڪ يا گڏ ڪري نه سگهندي. باشعور ۽ دورانديش ماڻهن ته اڳ ئي چيو پئي ته بينظير آمريڪا ۽ جنرل مشرف سان ڊيل ڪري نه رڳو اخلاقي طور سڀ ڪجهه وڃائيندي پر اسٽريٽجڪ ڌڪ پڻ کائيندي. 18 آڪٽوبر جو واقعو ان جي شروعات نظر اچي ٿو.
(افيئر جي ايندڙ شماري ۾ ان سوال تي ڳالهه ٻولهه ڪبي ته ڇا بينظير ايندڙ وقت جي چئلينج کي منهن ڏئي سگهندي؟)

پندرهن روزه افيئر آڪٽوبر 2007ع

ڇا پ پ پ حڪومت سنڌين کي به ڪجهه ڏيندي؟

ملڪي تاريخ جي بدترين آمر پرويز مشرف جي نون سالن جي متعصب دؤر، جنهن ۾ سڀني کان وڌيڪ سنڌ ۽ بلوچستان لوڙيو، کان پوءِ جڏهن چونڊون ٿيون ۽ خاص طور تي محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ملڪ جي عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام پنهنجي ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي پ پ پ کي ان اميد سان چونڊن ۾ اڪثريتي مينڊيٽ سان کٽرايو ته عوام جي ڀرپور جدوجهد ۽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت جي نتيجي ۾ ايندڙ پ پ پ حڪومت شايد هن ڀيري ڪجهه سنجيدگيءَ ۽ بهتر ڪارڪردگيءَ توڙي ذميوار اندازِ حڪمرانيءَ سان مجموعي طور عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام جي دردن جو علاج جي نه به ڪندي ته به گهٽ ۾ گهٽ سندن ڦٽن تي ڪجهه بهتر نتيجن جا پَها ضرور رکندي. سنڌي ماڻهن ان اُميد ۽ اُتساهه سان مشرف حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جون سموريون سازشون ناڪام بڻائيندي پ پ پ کي اڪثريتي مينڊيٽ ڏئي اقتدار جي ايوانن تائين رسايو.
جيتوڻيڪ اها به هڪ حقيقت آهي ته هن ملڪ جي اقتدار پرست اسٽيبلشمينٽ کي جمهوريت ته پري جي ڳالهه پر ٺلهيون عوام جي ووٽ سان چونڊيل حڪومتون به دل سان قبول ۽ ڀانءِ نه پونديون آهن، ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ جي جمهوريت ۽ عوام سان ازلي دشمني آهي ۽ اها جنگ ظاهر آهي ته مفادن، اختيار ۽ اقتدار تي حق ۽ طاقت جي توازن جي آهي. گذريل ڇهن ڏهاڪن کان جنهن اسٽيبلشمينٽ هن ملڪ کي هڪ ڪالونيءَ طور پئي هلايو آهي ۽ هن ملڪ کي غنيمت جي مال طور لُٽيو ۽ ڦُريو آهي، ظاهر آهي ته اُها ڪيئن ملڪي وهنوار مان هٿ ڪڍندي؟ ۽ پنهنجي متضاد مفادن واري ڌر يعني عوام کي ڪنهن به صورت ۾ Space ڏيندي، نتيجي ۾ هڪ طرف هن ملڪ ۾ چونڊيل حڪومتن کي حقيقي معنيٰ ڪڏهن به اقتدار ۽ اختيار منتقل نه ٿو ڪيو وڃي ۽ ٻئي طرف انهن کي سدائين نان-اِشوز ۾ ڦاسائي، سندن خلاف ڳُجهيون سازشون ڪيون وڃن ٿيون. اهو ئي ڪجهه پ پ پ جي موجوده حڪومت سان به ٿي رهيو آهي، جنهن جو سربراهه آصف علي زرداري آهي. اهو اقتداري راند جي سِڪي جو هڪ پاسو آهي، پر ان جو ٻيو پاسو اِهو آهي ته ڇا عوام جي ووٽ سان چونڊجي ايندڙ سياسي حڪومتون پاڻ به عوام کي ڪجهه ڊِليور ڪرڻ چاهين ٿيون يا اُهي رڳو عوام جي ووٽ کي ذاتي ۽ گروهي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ اسٽيبلشمينٽ سان پاور گيم ۾ بارگين ڪرڻ لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهين ٿيون. جيئن ته پ پ پ جي حڪومت کي ٻه سال گذري چڪا آهن، ان ڪري ضروري آهي ته ان جو ان حوالي سان به تنقيدي جائزو ورتو وڃي.
سنڌ ۾ ڪمزور ۽ سطحي سياسي سوچ رکندڙ مڊل ڪلاس جي بظاهر پڙهيل لکيل ماڻهن جو هڪ اهڙو به حلقو موجود آهي، جيڪو پ پ پ حڪومت خلاف اسٽيبلشمينٽ جي سازشن ۽ پنجاب جي ڪجهه ڌرين جي تعصب جي مذمت ڪندي اِهو فرض سمجهي ٿو ته جمهوريت ۽ پ پ پ ٻه لازم ملزوم شيون آهن ۽ پ پ پ جو هر صورت ۾ نه رڳو بچاءُ ڪرڻ گهرجي، پر ان تي ڪابه تنقيد به پس و پيش جمهوريت دشمنيءَ جي دائري ۾ اچي ٿي. نتيجي ۾ سنڌ جي باشعور سياسي ۽ دانشور حلقن وٽ ٻه ڌارائون موجود آهن. هڪڙا پ پ پ کي سنڌ سان هميشه غداري ڪندڙ هڪ مڪمل طرح موقعي پرست ۽ ڄڻ ته سنڌ دشمن پارٽي سمجهن ٿا ۽ ٻيا ان تي ڪا جائز تنقيد به سهڻ لاءِ تيار نه آهن. دراصل اهي ٻئي رويا انتهائي متعصب ۽ عقيده پرست موضوعيت جا علمبردار ۽ درست نه آهن. سياسي پارٽين، اِشوز ۽ حقيقتن کي رڳو ٺلهي موضوعيت نه پر معروضيت جي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي.
اسٽيبلشمينٽ جو پ پ پ حڪومت سان اڻ سهپ، تعصب ۽ سازشي رويو هڪ حقيقت آهي، پر گڏوگڏ اهو سوال به تمام اهم آهي ته ڇا پ پ پ حڪومت وٽ پاڻ به ڪو Vision، ارادو، رٿابندي ۽ سنجيدگي آهي، جنهن مان نظر اچي ته اها رڳو مال ڪمائڻ، اقتداري مزا ماڻڻ کانسواءِ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام کي به ڪجهه ڊِليور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. پ پ پ جي ماضيءَ جي ڪارڪردگيءَ جو ذڪر هتي کڻي نه به ڪجي، تڏهن به گذريل ٻن سالن اندر سندس مجموعي ڪارڪردگي خاص طور تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حوالي سان اُن جي ڪردار جو جائزو هيٺين نُقطن جي حوالي سان ضرور وٺڻ گهرجي:
(1) 1996ع ۾ پ پ پ جي گذريل حڪومت جي خاتمي کانپوءِ سنڌ عملي ۽ مڪمل طور وفاق کان ڪٽجي وئي هئي. پ پ پ جي اڳوڻي حڪومت کانپوءِ نواز شريف به جڏهن اقتدار ۾ آيو ته هو ڪنهن وفاقي پارٽيءَ جو سربراهه يا ملڪ جو حڪمران نه پر پنجاب جي هڪ شائونسٽ جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو، جنهن سنڌ ۽ سنڌين کي ديوار سان لڳائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. نواز شريف کان پوءِ مشرف حڪومت جا نَوَ سال ڄڻ ته سنڌ سان بدترين تعصب، ٻه اکيائيءَ، ڏاڍ ۽ ڦُرلٽ جو دؤر هو. پرويز مشرف جا نوَ سال مرڪز چوويهه ئي ڪلاڪ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سندرو ٻڌيو بيٺو هو ته ٻئي طرف ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ واڪ اوور ڏنو ويو هو. مشرف جا نوَ سال نه رڳو مرڪز سنڌ سان هر معاملي ۾ ٻه اکيائي ڪندو رهيو پر ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ زمينن، نوڪرين، شهرن، معاشي وسيلن ۽ سنڌين جي تاريخي حڪمرانيءَ جي حق تي جيڪي رڪارڊ ٽوڙ راتاها هنيا، اُن جو اڳ ڪوبه مثال نٿو ملي. ان سڄيءَ صورتحال ۾ گذريل چونڊن دوران سنڌي ماڻهن جي اڪثريت اها خود فريب اُميد کڻي پ پ پ کي هر قيمت تي اڪثريتي مينڊيٽ سان کٽرايو ته جيئن اُها سنڌين سان ٿيل ان بدترين ٻه اکيائيءَ ۽ ظلم جو ڪنهن حد تائين سدِباب ڪري سگهي، يعني هن ڀيري پ پ پ کي مليل حڪومت سنڌي ماڻهن جي نظر ۾ هڪ اهڙو تاريخي موقعو هو، جنهن ذريعي هو ويجهي ماضيءَ جو هڪ حد تائين سدِباب ۽ موجوده توڙي ايندڙ وقت جي چئلينجز جو مقابلو ڪري سگهن ها، پر پ پ پ جي موجوده حڪومت هڪ ڀيرو وري اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌ مان اڪثريتي مينڊيٽ کڻڻ باوجود پ پ پ ۽ سنڌ توڙي سنڌي عوام جا مقصد، مفاد ۽ ترجيحون ساڳيون نه آهن. پ پ پ سنڌين کي وفاق توڙي سنڌ ۾ مليل هيءُ موقعو به اڳ جيان نهايت سستي اگهه تي وڃائي ڇڏيو ۽ وڃائي رهي آهي.
(2) پاڪستان ۾ هونئن به شروع کان وٺي صوبن ۽ اُنهن ۾ وسندڙ تاريخي قومن جو نمائنده جمهوري وفاق ڪڏهن به موجود نه رهيو آهي. پوءِ چاهي اُهي سڌيون مارشلائون هجن يا اليڪٽوڪريسيءَ تحت چونڊيل سياسي حڪومتون هجن. پرويز مشرف جي نَون سالن دوران نالي ماتر وفاق جو به وجود عملي طرح مجروح ۽ مسخ ڪيو ويو. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ننڍن صوبن جي مظلوم قومن ته پري جي ڳالهه پر خود پنجاب جي به روشن خيال حلقن اهو شدت سان محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ته ملڪي تاريخ جي چوٿين مارشل لا ۽ مشرف جي آپيشاهي راڄ پاڪستان ۾ وفاق جي وحدت ۽ وجود کي سخت خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پ پ پ جي موجوده حڪومت کي هڪ اهڙي پس منظر ۾ حڪومت جون واڳون مليون، جنهن ۾ جيڪڏهن اُها چاهي ها ۽ چاهي ته هڪ حد تائين ملڪ ۾ هڪ جمهوري وفاق جي قيام ڏانهن ڪا بنيادي وِک کڻي سگهي ها. ڇاڪاڻ ته هن ڀيري خود پنجاب جا روشن خيال حلقا به اهو محسوس ڪرڻ تي مجبور آهن ته موجوده وحداني طرز جو وفاق (Unitary Federation) ملڪ جي بقا جي ضمانت نٿو ٿي سگهي. اُن ڪري موجوده پ پ پ حڪومت جنهن سان هونئن به حڪومتي الحاق ۾ ٻيون به گهڻيون ڌريون گڏ آهن، پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياريءَ ۽ آئيني سڌارن ڏانهن ڪا بنيادي وِک کڻي سگهِي ٿي. جيتوڻيڪ پ پ پ حڪومت ميان رضا ربانيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ آئيني سڌارن جي هڪ ڪميٽيءَ جو قيام عمل ۾ ته آندو آهي، پر اُن جي ترجيحن، ڪم جي رفتار ۽ حڪومت جي مجموعي رويي مان ڪنهن طور به اهو نظر نٿو اچي ته ڪو اها ڪميٽي حقيقي صوبائي خودمختياريءَ، عدم مرڪزيت ۽ بنيادي آئيني سڌارن ڏانهن ڪا بهتر پيش رفت ڪندي يا ڪرڻ چاهي ٿي. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ جيستائين نئين آئين ساز اسيمبليءَ ذريعي ۽ 1940ع جي ٺهراءَ جي روح جي مطابق نئون آئين نٿو جوڙيو وڃي، تيسين ملڪ ۾ حقيقي وفاق جو بنياد ڪڏهن به پئجي نه سگهندو، پر موجوده حڪومت ته موجوده آئين تحت به جيڪي سڌارا ۽ خودمختياري ڏئي سگهي ٿي، اُن ڏانهن به گهربل سنجيدگي ۽ ڪمٽمينٽ ڏيکاريندي نظر نٿي اچي. مشرف دؤر جي خوفناڪ ۽ بدترين نتيجن کان پوءِ ان ڳالهه لاءِ وڏي عرصي کان پوءِ ماحول جُڙيو هو ته جيڪڏهن پ پ پ جي سياسي حڪومت گهربل سنجيدگيءَ ۽ اثرائتي بارگين سان صوبائي خودمختياريءَ ۽ آئيني سڌارن ڏانهن ڪا اثرائتي وِک کڻڻ چاهي ها ته اهو ان لاءِ سولو ته نه هو پر ممڪن ضرور هو. جيتوڻيڪ ماڻهو اڃان به انتظار ۾ آهن ته ميان رضا ربانيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ٺهيل آئيني سڌارن جي ڪميٽي ڪهڙا سڌارا ٿي تجويز ڪري، پر نظر اهو پيو اچي ته اُن سان به ڪي بنيادي ۽ بهتر تبديليون نه اچي سگهنديون، جو حڪومت جي ميز تي عدم مرڪزيت لاءِ اُها گهربل سنجيدگي ۽ ڪمٽمينٽ نظر نٿي اچي.
(3) پاڻيءَ جو تڪرار ۽ ناڻي جي ورهاست پاڪستان جي وفاق جا ٻه وڏي ۾ وڏا بين الصوبائي تڪراري معاملا آهن. ٻين معاملن جيان پاڻيءَ ۽ ناڻي جي تڪرار جي حوالي سان به پرويز مشرف جو دؤر بدترين ثابت ٿيو. اهو سمورو دؤر سنڌ مٿان ڪالاباغ ڊيم جو ڪارو نانگ ڦڻ ڪڍي لامارا ڏيندو رهيو ته ٻئي طرف گريٽر ٿل ڪئنال جي ناجائز ۽ غير قانوني اڏاوت جو عمل شروع ڪيو ويو. ان سان گڏوگڏ اُن دؤر ۾ واپڊا جي ”ويزن -2025ع“ جي نالي سان پاڻيءَ جي وڏين رٿائن جو هڪ وڏو منصوبو پڻ جوڙيو ويو، جنهن تي اُن دؤر کان ئي عمل شروع ڪيو ويو. ساڳي صورتحال ناڻي جي ورهاست جي حوالي سان پڻ قائم رهي. پرويز مشرف جيئن ته ڪراچيءَ جو اردو ڳالهائيندڙ هو ۽ هن کي اهو احساس هو ته جيڪڏهن هن پنجاب جي استحصالي مفادن جو پورائو نه ڪيو ته اسٽيبلشمينٽ کانئس ڪنهن وقت به هٿ ڪڍي سگهي ٿي. ان ڪري هن جتي هڪ طرف سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم کي اڻ اعلانيه طور سنڌ جي حڪمرانيءَ جون مڪمل طور واڳون ڏئي ڇڏيون، ته ٻئي طرف نالي ماتر وفاق کي به پنجاب جي ناجائز مفادن جي هڪ هٿيار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اهو سڄو دؤر وفاقي بيوروڪريسيءَ ۾ توڙي سنڌ اندر وڏن انتظامي عهدن تي سنڌين جي نمائندگي اٽي ۾ لوڻ برابر به نه هئي. گذريل چونڊن ۾ سنڌي ماڻهن طرفان اڳتي وڌي هر صورت ۾ پ پ پ کي اڪثريتي مينڊيٽ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ جو اصل سبب اهو ئي هو ته ماڻهو ان حوالي سان بنيادي تبديلي ٿي چاهي ۽ چاهيو ٿي ته سنڌين کي رڳو سياسي نه پر انتظامي معاملن ۾ پڻ گهربل نمائندگي ملي. جيتوڻيڪ پ پ پ حڪومت بظاهر ڪالاباغ ڊيم کي رڳو پريس ڪانفرنس ذريعي رد ته ڪري ڇڏيو آهي پر اُن کي اڃان تائين حتمي طور رد ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪيو آهي ۽ نه وري پيش ڪرڻ جو ڪو ارادو رکي ٿي. ظاهر آهي ته جي ان ڊيم کي پارليامينٽ مان رد نه ڪرايو ويو ته پوءِ سڀاڻي وري ڪو حڪمران اهو نانگ سازشن جي ٽِٻڻيءَ مان ڪڍي ايندو. پرويز مشرف دؤر جيان گريٽر ٿل ڪئنال جي ناجائز ۽ غير قانوني اڏاوت اڄ به جاري آهي ۽ واپڊا جي ملڪ دشمن ۽ درياهه دشمن ”منصوبي ويزن 2025ع“ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪابه پيشقدمي نه ڪئي وئي آهي. اڄ به وفاق اندر انتظامي حوالي سان سنڌين جي نمائندگي ساڳيءَ طرح اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. جيتوڻيڪ ڇهين اين ايف سي ايوارڊ جي ڀيٽ ۾ ستون ايوارڊ نسبتن گهٽ نقصانڪار آهي، پر اُن جي باوجود هن ايوارڊ کي حقيقي معنيٰ ۾ مالياتي وسيلن جي ورڇ جو انصاف پسند نبيرو نه ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ملڪي معيشت کي ساليانو چوڏهن سئو ارب مان اَٺ کان نَوَ سئو ارب ڏيندڙ سنڌ صوبو وري به ڀُڳڙن مُٺ کان وڌيڪ نه کڻي سگهندو. پاڪستان ۾ قدرتي وسيلن جي پيداوار جي رائلٽيءَ طور صوبن کي اڄ به صرف 12.5 سيڪڙو حصو ملي ٿو ۽ باقي سڀ مرڪز کنيو وڃي، پر گذريل ٻن سالن دوران ان ڏس ۾ ڪابه بنيادي پيش رفت نه ٿي آهي ۽ نه وري اڳتي ٿيندي نظر اچي ٿي. سوال اهو آهي ته جي انهن پيچيده ۽ تڪراري مسئلن جو نبيرو هاڻي به نه ٿيو ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ ته ظاهر آهي ته جيڪو به نبيرو ٿيو، اُهو پس و پيش سنڌ ۽ سنڌين جي مفاد ۾ نه هوندو.
(4) سنڌ انگريزن جي فتح کان پوءِ بمبئي سرڪار ۾ جبري طور شامل ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين عملي طور خود مختياريءَ جو هڪ ڏينهن به نه ڏٺو آهي، ۽ ظاهر آهي ته پاڪستان جي موجوده رياستي، وفاقي ۽ سياسي ڍانچي توڙي طاقت جي توازن ۾ سنڌ کي گهربل حقيقي قومي خود مختياري ملي سگهي به نٿي ۽ نه وري پ پ پ جهڙين اسٽيٽسڪو جي ڳيجهو پارٽين منجهان اهڙي ڪا اُميد رکي سگهجي ٿي، پر ساڳئي وقت موجوده نظام اندر ئي نسبتن بهتر، عوام ڏانهن ذميوار ۽ سُٺي اندازِ حڪمرانيءَ واريون سياسي حڪومتون عوام کي هڪ حد تائين ڏئي سگهجن ٿيون. سنڌي عوام هميشه اها خواهش رکي آهي ته جنهن پارٽيءَ کي اُهي گهڻي ۾ گهڻا ووٽ ۽ سياسي مدد ڏين ٿا، ٻيو ڪجهه نه ته گهٽ ۾ گهٽ اُها کين هڪ مضبوط ۽ بهتر حڪومت آڇي. هن ڀيري به سنڌ جي عوام جو اهو خواب اڳ جيان ئي اڻپورو رهجي ويو. جيتوڻيڪ سيد قائم علي شاهه به هڪ تجربيڪار سياستدان آهي، پر هن ڀيري گهٽ ۾ گهٽ سنڌ کي ڪو/ ڪا مضبوط، جوان ۽ نتيجه خيز وزيراعليٰ ڏنو وڃي ها ته حالتون شايد گهڻيون مختلف هجن ها. جيڪڏهن سيد قائم علي شاهه جي خاندان منجهان ئي ڪنهن جي چونڊ ڪرڻي هئي ته سندس ڌيءَ ۽ ايم اين اي نفيسه شاهه جهڙي قابل، ذميوار ۽ مضبوط وزير اعليٰ هڪ بهتر اندازِ حڪمرانيءَ جو مظاهرو ڪري ها. موجوده حڪومت ۾ ميرٽ جو حال اهو ئي آهي، جيڪو اڳ رهيو آهي، اندازِ حڪمراني جو اهو عالم آهي جو حڪومت جو ڪنٽرول نه شهرن ۾ نظر اچي ٿو ۽ نه ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾. حڪومت عوام کي ڪجهه به بهتر ڊليور ڪرڻ جي نه پوزيشن ۾ آهي ۽ نه سندس اهڙو ڪو ارادو نظر اچي ٿو. سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ترقياتي صورتحال جيئن اڳ بدتر هئي، اُن ۾ ڪو ذري جيترو به فرق نظر نٿو اچي. ان لاءِ حڪومت اهو بهانو پيش ڪري سگهي ٿي ته ترقياتي ڪم لوڪل گورنمينٽ وٽ آهن، ته پوءِ سوال اهو آهي ته جڏهن ٻين ٽن صوبن ۾ مشرف جي ڏنل نام نهاد اختيارن جي ورڇ واري لوڪل گورنمينٽ نظام جو خاتمو ٿي رهيو آهي ته آخر سنڌ ۾ پ پ پ ايم ڪيو ايم آڏو ايترو ڇو مجبور آهي؟ سنڌ ۾ مشرف جي دؤر ۾ حيدرآباد سميت جن ضلعن کي بدنيتيءَ سان سياسي مقصدن خاطر ورهايو ويو، اُهي موجوده حڪومت واپس بحال نه ڪري سگهي آهي ۽ نه وري اُن جو ڪو امڪان نظر اچي ٿو. هن ڀيري اها توقع ڪئي پئي وئي ته حڪومت ڪراچيءَ ۾ سنڌي وسندين کي ريگيولرائيز ڪري سگهارو ڪندي، کين گهربل شهري سهولتون فراهم ڪندي، سنڌين جا ووٽر لسٽن ۾ نالا داخل ڪرائيندي ۽ سندن شناختي ڪارڊ ٺاهڻ تي گهربل ڌيان ڏنو ويندو، پر ان ڏس ۾ ڪابه پيش رفت ٿيندي نظر نٿي اچي. سنڌ ۾ ٻين صوبن جي اُبتڙ اڄ به گورنر وٽ يونيورسٽين جي چانلسرشپ کان وٺي ڪيترائي غير ضروري اختيار آهن. موجوده حڪومت نه رڳو مشرف جي سنڌ مٿان ٿاڦيل گورنر کي هٽائي نه سگهي آهي، پر کانئس پنهنجي ئي سياسي حڪومت ڏانهن اُهي سياسي اختيار به منتقل نه ڪرائي سگهي آهي، جيڪي سندن ئي سياسي حڪومت جو جمهوري حق آهن. سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ٿيڻ باوجود موجوده حڪومت سنڌ ۾ ۽ خاص طور تي شهرن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي لازمي ٻوليءَ طور عملي طور لاڳو نه ڪرائي سگهي آهي. صوبي جا وڏا پرائيويٽ اسڪول ۽ تعليمي ادارا سنڌيءَ کي لازمي ٻوليءَ طور پڙهائڻ کان اڻ اعلانيه طور انڪار ڪيو بيٺا آهن، پر حڪومت جو ان ڏس ۾ ڪوبه گهربل ڪردار نظر نٿو اچي.
مٿي بيان ڪيل ان سموريءَ صورتحال مان اهو واضح نتيجو سامهون اچي ٿو ته هڪ طرف پ پ پ جي موجوده حڪومت خلاف سازشون چوٽ چڙهيل آهن ۽ سندس خلاف مخصوص ڌرين طرفان مسلسل سياسي تعصب جو به اظهار ڪيو وڃي ٿو، پر ٻئي طرف اها پڻ حقيقت آهي ته حڪومت پاڻ به ملڪ ۾ عام طور ۽ خاص طور سنڌ ۾ سنڌين کي حقيقي معنيٰ ۾ عملي طور ڪجهه به ڏيڻ ۽ ڊليور ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. سوال آهي ته هن ملڪ ۾ جتي سياسي حڪومتن جون پاڙون هونئن به ٺڪريءَ تي هونديون آهن، اتي غير يقينيت، عدم سلامتيءَ ۽ خوف جو شڪار هيءَ حڪومت پنهنجي اصل سگهه يعني عوام ۽ خاص طور تي سنڌي عوام کي هن ڀيري به رڳو ٺلهن آسرن، لفاظيءَ، سَکڻن نعرن، خود فريب بهانن ۽ مستقبل جي ڪوڙين اُميدن تي هلايو ته ڇا اڳتي عوام ۽ خاص طور تي سنڌي عوام پ پ پ کي گهربل موٽ ڏيندو؟ يا ڏئي سگهندو؟ ان سوال تي غور ڪرڻ هاڻي عوام جو نه پر پ پ پ جي قيادت ۽ حڪومت جو ڪم آهي.


پندرهن روزه افيئر، 15 فيبروري 2010ع

هن ”مفاهمت” جو ڇيهه ڪٿي ٿيندو؟

2008ع جي چونڊن ۾ سنڌ ۾ پ پ پ کي سنڌي ماڻهن جي مليل زبردست موٽ جا ٻه مکيه سبب هئا، جنهن مان هڪ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت هو ۽ ٻيو شايد ان کان به وڌيڪ سگهارو سياسي سبب پرويز مشرف جي 9 سالن جي آپيشاهي دور ۾ سنڌ ۾ متحده جو راڄ هو. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ شهري نسل پرست فاشٽ سياست جو ٻج ته ضياءُ الحق ڇٽيو هو پر ان کي جيترو سگهارو پرويز مشرف ڪيو، ان جو گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ٻيو ڪوبه مثال نه ٿو ملي. مشرف جي دور ۾ ان ڌر سنڌ ۾ جيڪا ڀيل ڪئي ۽ جنهن بيدرديءَ سان طاقت جو غلط استعمال ڪيو ۽ خاص طور ڪراچيءَ جي زمينن ۽ وسيلن کي ”مالِ غنيمت“ سمجهي ڦريو ۽ لُٽيو. اهو رڪارڊ گهڻو پراڻو ناهي. سنڌي ماڻهن ان ڦرلٽ ۽ ظلم جو تدارڪ چاهيو ٿي ۽ ان خيال ۽ خواهش تحت پ پ کي ووٽ ۽ اڪثريتي مينڊيٽ ڏنو ته جيئن سنڌ ۾ ڪا اهڙي پاڻ ڀري ۽ مضبوط حڪومت جڙي سگهي، جيڪا نام نهاد اتحادي ڌرين آڏو هيڻي، يرغمال ۽ محتاج نه هجي.
سنڌ ۾ پ پ جو اڪثريتي مينڊيٽ ۽ حڪومت ٺاهڻ سنڌي ماڻهن جي ان موٽ جو ئي نتيجو هو. پ پ پ جي ميمبرن ۽ وزيرن کي اها غلط فهمي قطعي طور نه هئڻ گهرجي ته ڪو سنڌي ماڻهن سندن مثبت ڪردار ۽ نيڪ نامي کي ڏسي کين ووٽ ڏنا هئا. 2008ع ۾ پ پ پ کي سياسي مينڊيٽ مليو، جنهن جا سبب اُهي ٻه ئي هئا، جن جي مون مٿي ڳالهه ڪئي. پر ٿيو ڇا؟ اهو ئي، جنهن جو خدشو هو، يعني ”مفاهمت“ جي نالي ۾ انوکو سياسي نظريو آندو ويو، جنهن جو عملي مطلب هو ”اچو ته گڏجي کائون!“ ۽ هڪ ٻئي جي کائڻ جي ”حق ۽ اختيار“ جو تحفظ ڪريون. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته مشرف دور ۾ سنڌ جي ٿيل ڀيل جو حساب ڪتاب ڪيو وڃي ها. ڀڳڙن مُٺ تي سنڌ جي لکين ايڪڙ ڦٻايل زمين واپس ورتي وڃي ها، جيڪي ناجائز ڀرتيون ٿيون ۽ ٻيو ته ٺهيو پر ڪراچي سٽي پوليس ۾ ڏهه هزار کان وڌيڪ ڀرتي ڪيل ويڙهاڪن کي نه رڳو واپس ڪيو وڃي ها پر جن مٿان ڪيس هئا، اُهي هلايا وڃن ها. مشرف دور جي ان گورنر، جنهن مٿان ڪيس داخل هئا، ان کي هٽائي سندس جاءِ تي رنگ، نسل، ٻوليءَ ۽ مذهب جي فرق کان سواءِ ڪنهن معتبر ماڻهوءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو وڃي ها. پر سنڌ جي مينڊيٽ جي بدنصيبي اها هئي ته ايئن ڪجهه نه ٿيو. ”مفاهمت“ جي نالي ۾ جيڪو نظريو آندو ويو، ان جو عملي مطلب اهو هو ته ”اسٽيٽسڪو“ کي قائم رکيو وڃي، جائز مفادن جي تاڃي پيٽي کي نه ڇيڙيو وڃي ته ڪٿي عوام جي ستل خواهشن ۽ تبديلي جو شينهن جاڳي نه پوي. ”مفاهمت“ جو مطلب هو ته توهانکي ڪنهن سان ڪوبه اختلاف ناهي رکڻو، ڪنهن به عوامي مفاد ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل تضادن کي ناهي ڏسڻو ۽ مفاهمت جي نالي ۾ پنهنجا چپ سبي ڇڏڻا آهن. ڪابه مزاحمت، ڪوبه اختلاف ناهي ڪرڻو. مفاهمت جو اهڙو نظريو سياسي علم (Political Science) جي ڪنهن به ڌارا ۾ نظر نه ٿو اچي. سياسي نظريا ساڄيءَ ڌر جا هجن يا کاٻيءَ ڌر جا ۽ ويندي وچٿرن لبرل نظرين جي - ڪٿي به اهڙو مفاهمتي فلسفو نظر نه ٿو اچي. ملڪ جي نامور دانشور صفدر محمود هڪ ڀيري چيو هو ته، آصف علي زرداريءَ جي سياست کي سمجهڻ لاءِ پي ايڇ ڊي جي ڊگري گهرجي. پر پي ايڇ ڊي جي ڊگري رکندڙ ماڻهوءَ کي به سياست جي علم ۾ ڪٿي به اهڙو نظريو نه ملندو، جنهن جو مطلب اهو هجي ته عوام جي مينڊيٽ جي محرڪن کي پٺي ڏئي ”کائو ۽ کائڻ ڏيو!“ جي اصول تحت هر ڪنهن کي پاڻ سان گڏ کڻو.
پ پ پ جي ان مفاهمتي سياست ۽ پاليسيءَ جي نتيجي ۾ پارٽيءَ جي حڪمران طبقي کي ته حڪومت ڪرڻ لاءِ چار سال مليا ۽ ڦٻي ويا پر ان جي ڳري قيمت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ادا ڪئي ۽ بدستور ڪري رهيا آهن ۽ امڪان ان ڳالهه جا آهن ته هيءَ مفاهمتي فلسفي جي حامل حڪومت پنهنجي پڄاڻيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين اهو ئي سلسلو جاري رکي. پ پ کي سنڌ ۾ ڀل ته مفاهمتي سياست جي شڪل ۾ سياسي آپگهات جو شوق هجي، جنهن جو کيس پورو حق به حاصل آهي پر پ پ پ کي اهو حق نٿو پهچي ته اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي، سياسي، معاشي، ثقافتي، ۽ انساني حقن جي لتاڙ نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ ڪري. اچو ته انهن مان چند اهم نقطن کي وڌيڪ واضح ڪريون.
.سڀ کان پهرين ڳالهه ته مفاهمت جي نالي ۾ مشرف دور جا سنڌ دشمن فيصلا واپس نه ٿيا. جنهن ڌر کي مشرف پنهنجي نون سالن جي آپيشاهي حڪومتي دور ۾ سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻايو ۽ کين سنڌ جي شهري زمينن ۽ وسيلن جي ڀيل ڪرڻ جو رياستي اختيارن جو پروانو ڏنو، ان جو ڪوبه حساب ڪتاب نه ڪيو. پرويز مشرف کي ته رياستي ۽ سرڪاري اعزاز سان ٻاهر روانو ڪيو ويو پر سنڌ ۾ سندس پاليسين يا ڌرين کي به جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو ويو. سوال آهي ته ڇا پ پ پ پنهنجي چونڊ منشور ۾ اهو واضح ڪيو ته اها مشرف جي من پسند ڌر کي سنڌ ۾ اکين جو تارو ڪري رکندي؟ ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ ۾ گورنر به ساڳيو آهي. سوال هي آهي ته سيد قائم علي شاهه صاحب جهڙي بي اختيار وڏي وزير ۽ عشرت العباد جهڙي با اختيار گورنر کي سنڌ جو نصيب ٺاهڻ ڪو اتفاق آهي؟ هرگز نه... اهو مفاهمت جي نظريي جو لازمي نتيجو آهي.
.ملڪ جي بدترين آمر پرويز مشرف پنهنجي ضلعي نظام جي نالي ۾ ڪراچيءَ جي پنجن ضلعن کي گڏائي هڪ شهري ضلعي حڪومت ان ڪري بڻايو ۽ اٺاويهن لکن جي ضلعي حيدرآباد کي پنجن ضلعن ۾ ورهائڻ جو مقصد صرف ۽ صرف اهو هو ته هن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پنهنجي من پسند لساني ڌر جي هڪ هٽي قائم ڪرڻ ئي گهري. پ پ پ کي سنڌي ماڻهن وڏي اتساهه سان ان اميد تحت اڪثريتي مينڊيٽ ڏنو هو ته جيئن اها ڪنهن به محتاجيءَ کانسواءِ آزاديءَ سان ڪي بنيادي فيصلا ڪري سگهي. پ پ پ جي مفاهمتي پاليسي تحت اهو فيصلو واپس ٿي نه سگهيو ۽ نه وري ان ڏس ۾ ڪا پيش قدمي ٿيندي نظر اچي ٿي. جڏهن ته حقيقت ۾ نه رڳو پ پ پ کي ان ورهاڱي ۽ ڪراچيءَ جي صورتحال جو نقصان ٿيو آهي ۽ ان هن فيصلي جي واضح مخالفت به ڪئي هئي پر مفاهمت جي ڌاڳي سان پ پ جي قيادت پارٽيءَ جا چپ سبي ڇڏيا آهن. حد ته اڃا اها آهي ته پارٽي جا ذميوار ۽ ڪميٽيڊ ڪارڪن به هاڻي ان تي نه ٿا ڪڇن!
.نظام اهو نظر ٿو اچي ۽ چيو به اهو ويندو آهي ته پ پ پ، متحده سان ان ڪري مفاهمت جي پاليسي جاري رکي آهي، جو اها چاهي ٿي ته ڪراچيءَ ۾ امن کي يقيني بڻائي سگهجي. پوءِ سوال اهو آهي ته ڪراچيءَ ۾ امن آهي؟ ڪوبه دهشتگرد اڄ تائين پنهنجي عدالتي انجام کي رسيو آهي؟ سڄي جهان کي خبر آهي ته ڪراچيءَ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون مافيائون سرگرم آهن ۽ ڪير ڪير آهي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ دهشتگرد سياست ڪري ٿو پر حڪومت ان بابت ڪابه اڳڀرائي ڪئي آهي؟ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جيڪي ثبوت پيش ڪيا، انهن جو ڪوبه نوٽيس ورتو ويو؟ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پيش ڪيل حقيقتن کي کڻي پاسيرو به رکجي، تڏهن به ڇا حڪومت وٽ معلومات جي کوٽ آهي؟ سندن سويلين جاسوس نيٽ ورڪ وٽ ڇا ثبوت ناهن؟ هيءَ عجيب سياسي مفاهمت آهي، جنهن ۾ مجرمن، قاتلن، ڏوهارين کي نه رڳو جهليو يا پنهنجي انجام تائين نٿو پهچايو وڃي پر کين اقتدار جي مسند تي ويهاريو وڃي ٿو. حد ته اها آهي ته نام نهاد مهاجر صوبي لاءِ مظاهرا ڪندڙن کي ته ريڊ زون ۾ به ڇڏيو وڃي ٿو پر ”محبت سنڌ“ ريلي کي تحفظ فراهم نه ٿو ٿي سگهي ۽ دهشتگرد آسانيءَ سان اچي محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪن ٿا ۽ آسانيءَ توڙي ڪاميابي سان ڀڄي وڃن ٿا. آهي ڪا جاچ ۽ نڪتو ڪو نتيجو؟ جهليو ڪو قاتل؟ مٿان وري محبتِ سنڌ ريلي جي شهيدن جي چاليهي لاءِ رڪاوٽون وڌيون ويون. سبب؟ آپريشن ٿيندو ته به لياريءَ ۾ پر اهو عزيز آباد، لالو کيت ۽ رنڇوڙ لائين ۾ ڪڏهن به نه ٿيندو! انڪري اهو چوڻ سراسر غلط آهي ته ڪو ڪراچيءَ ۾ امن امان لاءِ ”مفاهمت“ ضروري آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اها نام نهاد مفاهمت ئي ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي بي لغام هئڻ جو سبب آهي. جيستائين ڪراچيءَ کي هٿيارن کان پاڪ نه ڪبو ۽ ڏوهارين ۽ قاتلن کي بنا ڪنهن فرق جي انجام تائين نه رسائبو، تيسين ڇا ڪراچيءَ ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن آهي؟ ٽارگيٽ ڪلرز ڪراچيءَ ۾ روز ڪارروايون ڪن ٿا. سوال آهي ته جهلجن ڇو نه ٿا؟ ۽ جيڪي جهليا، اُهي ڪٿي آهن؟ ۽ انهن جو ڇا ٿيو؟ سوال اهو به آهي ته پ پ پ جي اقتدار پرست مفاهمت جي ڪا حد به آهي يا نه؟
.ٻيو ته ٺهيو پر حڪومت انهيءَ مفاهمت سبب سنڌ ۾ لوڪل گورنمينٽ يا ميونسپل نظام بابت ڪوبه فيصلو نه ٿي ڪري سگهي. سڄو ملڪ ۽ ٽي صوبا مشرف جو نظام رد ڪري چُڪا آهن پر سنڌ ۾ مفاهمت سبب ائين نه ٿو ٿي سگهي. پنجاهه کان مٿي اجلاس ٿيا آهن ۽ اهي به گورنر هائوس ۾، ته سنڌ ۾ لوڪل حڪومت يا ميونسپل نظام ڪيئن هجي؟ 18هين ترميم کانپوءِ گورنر جو ڪوبه سياسي ڪردار نه ٿو جڙي. صوبي جو سياسي ۽ انتظامي سربراهه وڏو وزير آهي پر اهم ۽ حساس اجلاس گورنر هائوس ۾ ٿيندا! سڄي ملڪ ۾ يونيورسٽيون ۽ تعليمي بورڊ وڏي وزير جي ماتحت آهن، ڇاڪاڻ ته چونڊيل وڏو وزير ئي صوبي جو سربراهه آهي پر سنڌ ۾ يونيورسٽيون ۽ تعليمي بورڊ اڃا تائين گورنر وٽ آهن. معنيٰ ته هيءَ حڪومت پنهنجي وڏي وزير کي به سندس حق نه ٿي وٺي ڏئي سگهي ۽ اها سنڌ کي ڇا حق وٺي ڏيندي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ فيصلا ڏئي چُڪيون آهن ته ڪراچي ۾ تڪ بنديون نئين سر ڪيون وڃن پر ان ڏس م ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آهي ۽ نه ڏسجي ٿي. ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي مطابق ڪراچيءَ کان سنڌ جي ٻين ٻاويهن ضلعن جا شاگرد اتي ٽيهن سيٽن جي ڪوٽا کان وڌيڪ داخلا نه ٿا وٺي سگهن. شاگرد ۽ والدين دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهن پر ڪنهن به وزير ۽ ميمبر جي زبان چُري ٿي؟ سبب ..... مفاهمت!
اصولي طور پ پ کي پنهنجي چونڊ منشور ۾ اها مفاهمتي پاليسي واضح ڪرڻ گهرجي ها ته پوءِ ڏسجي ها ته سنڌي ماڻهو پ پ پ جي عشق ۾ ڪيترو مبتلا آهن! حقيقت اها آهي ته مفاهمت جي نالي ۾ سنڌي ماڻهن سان وڏي ويساهه گهاتي ٿي آهي. جمهوريتن ۾ سياسي اتحاد ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڻ وڻندڙ اتحاد به ٿيندا آهن پر ڇا اُهي ائين ٿيندا آهن؟ مفاهمت ته عوام جي وسيع تر مفاد ۾ ٿيندي آهي ۽ ان جا ڪي اصول ۽ ضابطا به ٿيندا آهن پر ڇا مڪمل ڪمپرومائيز ۽ سڀ ٽپڙ سستي سياسي اگهه تي وڪڻي ڇڏڻ به مفاهمت هوندي آهي؟ مفاهمت جو وڏي ۾ وڏو جواز ”امن“ جو ڏنو ويندو آهي، جيڪو قائم هونئن به ڪونه ٿو ٿئي. سوال آهي ته ڇا امن رڳو اسانجي مٿي جي ڀري آهي؟ ڇا اهو رڳو سنڌي ماڻهن کي گهرجي ۽ هر قيمت تي گهرجي؟ ڇا اهو ٻين جي ضرورت ناهي ۽ ان لاءِ کين تبديل ڪرڻ لاءِ مجبور نه ٿو ڪري سگهجي؟ ستر جي ڏهاڪي ۾ جڳ مشهور صحافي اوريانا فلاسيءَ ياسر عرفات کان هڪ يادگار انٽرويو ورتو هو ۽ اِهو اُهو زمانو هو، جڏهن نسل پرست يهودي فاشٽ فلسطينن کي ماري رهيا هئا. اوريانا فلاسيءَ جڏهن عرفات کان پڇيو ته امن هن لاءِ ڪيئن آهي؟ ته هن چيو هو ته، ”انصاف ۽ برابريءَ کانسواءِ امن هڪ لعنت آهي“ ۽ هن بلڪل صحيح چيو هو. (اهو انٽرويو ڪتاب Interview With History ۾ موجود آهي).
امن اسانجي ترجيح ٿي سگهي ٿي پر ڪمزوري ۽ مجبوري هرگز نه! اسانکي ان احساس ڪمتري، بليڪ ميلنگ ۽ ڪمزور شڪست خورده نفسيات کي تبديل ڪرڻو پوندو پر سوال هي آهي ته ان شڪست خورده مفاهمت جو ڪو ڇيهه به آهي يا نه؟ پ پ پ جي قيادت کي ياد رکڻ گهرجي ته سندن پارٽيءَ کي ايترو نقصان ضياءُ الحق ۽ مشرف به نه رسايو هو، جيترو سياسي نقصان ان کي هن نام نهاد ”مفاهمت“ جي پاليسيءَ رسايو آهي. سوال هي آهي ته ڇا کين ان جو احساس به آهي؟


روزاني ڪاوش حيدرآباد، اڱارو 24 جولاءِ 2012ع

مفاهمت سبب مجبور حڪمران ڪهڙو تعليمي حق وٺي ڏيندا؟

سنڌ يونيورسٽيءَ جو عارضي طور ٿڌو ٿيل بحران 29 جون تي تڪراري وائيس چانسلر نظير مغل جي واپسيءَ کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر شدت اختيار ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر نظير مغل 1995ع کان 1999ع تائين جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو، تڏهن به هن سنڌ يونيورسٽيءَ کي پوئتي ڌِڪڻ ۽ بدترين بحران ۾ وجهڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي. گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر آر اي شاهه ۽ نظير مغل جا دور ڪرپشن، اقرباپروريءَ ۽ بدانتظاميءَ جي حوالي سان ”مثالي“ سمجهيا ويندا آهن. دائودپوٽو صاحب جڏهن سنڌ جو گورنر ٿيو هو تڏهن امتياز قاضي صاحب حيدرآباد جو ڪمشنر هو ۽ هن جي صلاح تي دائودپوٽي صاحب سنڌ جي يونيورسٽين جي حوالي سان گورنر هائوس ڪراچيءَ ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي هئي، جنهن ۾ هن مون کي به سڏيو هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه دوران ان گڏجاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ ٻين ڪيترن دانشورن جي موجودگيءَ ۾ مون کيس گذارش ڪئي هئي ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي انهن ٻن ماڻهن کان بچايو وڃي پر ڪرپشن ۽ اقرباپروريءَ ۾ ننهن کان چوٽيءَ تائين غرق هن نظام ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا نصيب ئي اِهي آهن جو وري وري ڊاڪٽر نظير مغل جهڙا ماڻهو ان مادرِ علميءَ جي سرواڻيءَ جي مسند تي ويهاريا وڃن ٿا.
افسوس ته اهو آهي ته جنهن جمهوريت کي نجات سمجهي سنڌي ماڻهن جنهن پارٽيءَ کي مينڊيٽ ڏنو ۽ اقتدار جي ايوانن ڏانهن اُماڻيو، اُها دهشتگردن ۽ ڪرپٽ وائيس چانسلرن جو ته تحفظ ڪري سگهي ٿي پر سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ تعليم جو هرگز نه! ڇا تعليم جي وزارت جو قلمدان ان ماڻهوءَ کي سونهين جيڪو تعليم ۽ سنڌ جي تعليمي مستقبل جو تحفظ ڪرڻ بدران ذاتي انا ۽ مفاد تحت هڪ نااهل ۽ ڪرپٽ وائيس چانسلر جو تحفظ ڪري! پير مظهرالحق صاحب منهنجو دل گهريو دوست آهي پر مان هن جي موجوده ڪردار تي افسوس ئي ڪري سگهان ٿو. تعليم جي وزير کان به وڌيڪ ڇا ان بي اختيار ۽ ڪمزور وڏي وزير کي ان منصب تي ويهڻ جو ڪو حق آهي، جيڪو 18هين آئيني ترميم تحت مرڪز ۾ سندس پارٽيءَ جي حڪومت هوندي به ڪو گورنر کان يونيورسٽيون ۽ تعليمي بورڊ واپس وٺڻ جو اهل ناهي؟ هن رياست ۾ ڪنهن کان حق گهُرجي؟ جيڪي ”مفاهمت“ جي نالي ۾ پنهنجا آئيني حق نه ٿا وٺي سگهن، اُهي سنڌ، ان جي عوام ۽ اسان جي نڌڻڪي تعليم کي ڇا حق وٺي ڏيندا؟
جيتوڻيڪ سنڌ يونيورسٽيءَ جو بحران نه ته رڳو ڊاڪٽر نظير مغل جي اچڻ سان شروع ٿيو هو ۽ نه وري هن جي وڃڻ سان مڪمل طور ختم ٿيندو پر مظهرالحق صديقي صاحب جهڙي ماڻهوءَ ان ۾ هڪ حد تائين گهٽتائي ضرور آندي هئي جو هن جي ٻن Terms ۾ ڪابه وڏي دانهن نه ٿي. ٻيو نه ته ڀلا هن وڏي پئماني تي ترقياتي ڪم ته ڪرايا ۽ استادن جي ڀرتيءَ ۾ ميرٽ کي ته يقيني بڻايو هو. هن ڀيري نظير مغل جي اچڻ شرط به سندس اڳوڻي دور جي بنياد تي انيڪ خدشا موجود هئا پر ”تيسين ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي!“ جي مصداق کيس هلڻ ڏنو ويو. 2 جنوريءَ تي پروفيسر بشير چنڙ جي شهادت کانپوءِ نظير مغل جي ڪرپشن، انتظامي نااهلي ۽ اقرباپروريءَ سبب سندس خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر سگهارو آواز اُٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ عدم تحفظ جي ماحول جي ذميوار وي سيءَ سبب سنڌ يونيورسٽي 2 جنوريءَ کان 30 جنوريءَ تائين پورو مهينو بند رهي. اهو سڄو مهينو نظير مغل خلاف يونيورسٽيءَ جي استادن ۽ سول سوسائٽيءَ مسلسل احتجاج ڪيا. زندگيءَ جي هر شعبي ويندي سياسي پارٽين به گڏيل طور ڊاڪٽر نظير مغل جي برطرفيءَ جو مطالبو ڪيو. نيٺ گورنر هائوس مان عبوري معاهدي ۽ نظير مغل کي هٽائڻ جي واعدي تحت سوٽا تعليمي عمل جي بحاليءَ جو فيصلو ڪيو، پر افسوس جو تعليم جي وزير جي اجائي مداخلت ۽ غير پارلياماني لهجي سبب نه رڳو سنڌ يونيورسٽي پر سنڌ جون سموريون پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون وڌيڪ 21 ڏينهن بند رهيون، جنهن کانپوءِ نظير مغل کي چئن مهينن جي جبري موڪل تي روانو ڪيو ويو. سمجهيو اهو ٿي ويو ته هاڻي جبري موڪل تي اُماڻيل ڊاڪٽر نظير مغل واپس نه ايندو. اخلاق جي تقاضا ته اِها هئي ته ڊاڪٽر بشير چنڙ جي قتل ۽ هيڏي ساري احتجاج ۽ تحريڪ کانپوءِ ڊاڪٽر مغل رضاڪارانه طور پاڻ ئي معافي وٺي عزت سان هليو وڃي ها پر شايد هن ڪرپٽ نظام ۾ اهڙي ”سڻڀي ڪرسي“ آڏو ماڻهوءَ جي وقار ۽ عزتِ نفس جي ڪابه اهميت نه ٿي رهي ۽ اهو ئي ٿيو. ڀلا جي ڊاڪٽر مغل ۾ اها اخلاقي جرئت نه هئي ته اها سرڪار جيڪا جمهوري هئڻ جي دعويدار آهي ۽ جنهن کي ماڻهن چونڊيو آهي، اُها ئي ماڻهن جي آواز، احتجاج ۽ دانهن جو احترام ڪري ها، پر ڇا جا ماڻهو – ڇا جي جمهوريت! ”اچو ته گڏجي کائون“ جي حامل جمهوري نظام اهو ئي ڪيو، جنهن جي کانئس توقع هئي ۽ ڊاڪٽر نظير مغل وري اچي 29 جون تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي چارج ورتي آهي- معنيٰ ”ساڳيا ڪُنا، ساڳيا ساڳَ!“ هڪ ڀيرو وري جمهوري سرڪار عوام ۽ سنڌ جي شعور کي واضح پيغام ڏنو ته ڇا جي سنڌ، ڇا جو عوام، ڇا جي تعليم! اکين جو تارو اُهو ئي هوندو، جيڪو ڪمائي کارائيندو. ڊاڪٽر پروين شاهه ان معاملي ۾ ”نااهل“ ثابت ٿي ته آخر کيس ڇو جاري رکيو وڃي ها! ۽ استادَ! سَهي جي کَلَ! سو اقتداري سياست ۽ اختيارن جي غيرجمهوري ۽ وڏيرڪي نفسيات ۾ اُهي ڪهڙي باغ جي مُوري آهن جو انهن جي احتجاج کي مانُ ڏنو وڃي! هنن کي عوام ۽ باشعور ٿورو ئي گهرجي. هنن کي گهرجن انڌا، ٻوڙا، گونگا ۽ مجبور ٺپا، سو هي رياستي ۽ سماجي نظام کين هڻائي ڏيندو. هر قيمت تي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ”مفاهمت“ جو نظريو موجود آهي. باقي ايڏي سڄي ڊيگهه ۾ هو ڇو پون ۽ پوندا به ڇو؟ جتي لوڀي هوندا، اُتي ٺوڳي بُکَ ڪونه مرندا!
سنڌ يونيورسٽي عيد کانپوءِ 27 آگسٽ تي کُلندي ۽ ظاهر آهي ته ڪو ان سان اتفاق ڪري يا نه پر بهرحال FAPUASA جي ڪيل فيصلي مطابق جيڪڏهن ڊاڪٽر نظير مغل کي ان عهدي تان نه هٽايو ويو ته نه رڳو سنڌ يونيورسٽي پر سنڌ جون سموريون پبلڪ سيڪٽر جون يونيورسٽيون اڻ ڄاڻايل مُدي تائين بند رهنديون، معنيٰ هڪ لک کان مٿي سنڌ جي شاگردن جو تعليمي ۽ تدريسي وقت ضايع ٿيندو، رڳو 25 شاگرد ماڻهو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آهن، ۽ سبب رڳو هڪ ڪرپٽ ۽ نااهل وائيس چانسلر کي نه هٽائڻ. واضح رهي ته نظير مغل سان ذاتي دشمني ڪنهن جي به ناهي ۽ سمورا الزام سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي ۽ انتظامي معاملن بابت آهن. ڇا تعليمي ادارن جا سربراهه پنهنجي منصب تي ايئن واپس موٽندا آهن جيئن وائيس چانسلر صاحب 29 جون تي مادرِ علميءَ ۾ داخل ٿيو؟ ساک وارا ذريعا ٻُڌائين ٿا ته هو اڳوڻي ڪنٽرولر ۽ هاڻوڪي رجسٽرار طرفان گهرايل 25 هٿياربندن سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو، ڄڻ ته هو ان منصب کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ نه پر فتح ڪرڻ لاءِ ايندو هجي ۽ اهو ئي ڪارنامو هو جنهن سبب ڪنٽرولر نواز ناريجي کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار مقرر ڪيو ويو. هيءَ مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي آهي يا تعليم دشمن دهشتگرد اڳواڻن، ڪجهه ڪم چور ۽ نااهل يونيورسٽي ملازمن ۽ ڪرپٽ وائيس چانسلر جي ڪيٽي آهي؟ جتي هڪ وائيس چانسلر ڪتابن ۽ قلم بدران هٿياربندن جي ڇانوَ ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ هڪڙا استاد ۽ شاگرد ڏينهن ڏٺي جو ماريا وڃن ٿا ۽ ٻين استادن ۽ اڳواڻن تي قاتلاڻا حملا ٿين ٿا. هيءُ سڀ ڇا آهي؟ 21هين صديءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو اهو حشر ڪري اسان انهن ادارن مان ڇا پيدا ڪنداسين؟ ڪهڙا سائنسدان، دانشور، محقق، اسڪالر، ڄاڻو ۽ مستقبل جا اَڏيندڙ پيدا ڪنداسين انهن ادارن مان؟ ان سموري صورتحال باوجود تعليم جو وزير بچائڻ گهري ٿو هڪ ڪرپٽ ۽ نااهل وائيس چانسلر کي! جمهوري حڪومتن جو اهو حال آهي ته پوءِ ڪهڙي در وڃي دانهن ڏجي؟ اهو ئي سبب آهي جو معاشري ۾ پُرامن احتجاجن جو ڪلچر ختم ۽ بي اثر ٿي رهيو آهي، هر احتجاج ۾ تشدد ۽ دهشتگرديءَ جو عمل دخل وڌي رهيو آهي. جڏهن رياست ڪنن ۾ بي حسيءَ جو شيهو ڀري ڇڏيندي ته پوءِ ماڻهو ڇا ڪندا؟ ڪيڏانهن ويندا؟ نڌڻڪائي معاشري کي پُرتشدد انارڪيءَ ۽ انتهاپسنديءَ ڏانهن ئي ڌِڪي سگهي ٿي.
سوٽا وائيس چانسلر خلاف وائيٽ پيپر جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس خلاف ڪرپشن، اقرباپروريءَ ۽ نااهليءَ جا انيڪ دليل ۽ ثبوت ڏنا ويا آهن. سنڌ جي 18 سياسي، سماجي، ادبي ۽ پرڏيهه ۾ ويٺل سنڌين جي تنظيمن گڏيل طور متفقه ٺهراءُ پيش ڪيو آهي ته وائيس چانسلر نظير مغل کي آخر ڇو نه هٽايو وڃي؟ AC II ۾ استادن وري روز علامتي احتجاج جو سلسلسو شروع ڪيو آهي. عوامي جمهوري پارٽيءَ ٻه ڀيرا سنڌ يونيورستيءَ ۽ تعليم جي اشوءَ تي شارٽ مارچ ڪيو آهي ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ احتجاج ڪيا آهن ۽ سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسيءَ جو مطالبو ڪيو آهي. آهي ڪو ٻُڌڻ وارو؟ آهي ڪو زندهه ضمير ايم پي اي، ايم اين اي ۽ سينيٽر جيڪو پارٽي وابستگين کان بالاتر ٿي اُٿي بيهي ۽ سنڌ جي شعور ۽ ضمير سان اچي هم آواز ٿئي ته هيءُ سڀ ڇا آهي؟ هن جمهوريت لاءِ سِر ڏنو سنڌ جي راڻي محترمه شهيد بينظير؟ اهڙي جمهوريت لاءِ ماڻهن ايوب، يحيٰ، ضياءَ ۽ مشرف خلاف جدوجهدون ڪيون ۽ ڦاهيون، ڦٽڪا ۽ قيد سَٺا؟ سڄي سنڌ هڪ طرف آهي ۽ ڪرپٽ ۽ نااهل وائيس چانسلر ٻئي طرف- نتيجو؟ سنڌ جي شعور ۽ ساڃاهه کي محسوس ڪرايو پيو وڃي ته هن نظام کي سندن ڪابه پرواهه ناهي، کين هڪ ”کاٽائو پٽ“ پيارو آهي.
جي ايئن آهي ته پوءِ مان سمجهان ٿو ته اسان کي به اهو چئلينج پنهنجيءَ پوريءَ سگهه سان کڻڻ گهرجي! اسان جي سگهه هم آواز ٿيڻ ۽ ٻَڌيءَ ۾ آهي ۽ هڪ لڳاتار بي لوث جدوجهد ۾ آهي. مان نه ٿو سمجهان ته ڪابه حڪومت، ڪوبه وائيس چانسلر ۽ ڪوبه وزير سنڌ جي شعور ۽ ضمير کان پس و پيش وڌيڪ سگهارو آهي. هن چئلينج جي هاڻي علامتي اهميت به آهي. جي هيءُ مذاق هڪ نظام ۽ حڪومت کي ڦٻي ويو ته پوءِ سڀاڻي ڪير ڇو اُٿندو؟ هيءَ جدوجهد رڳو استادن جي ناهي، انهن سميت هيءَ جدوجهد سڄي سماج جي آهي ۽ هئڻ گهرجي ۽ تڏهن ئي اها سوڀاري ٿيندي. سنڌ جي تعليم سنڌ جي ايجنڊا نمبر ون هئڻ گهرجي، جو سنڌ جو مستقبل ان سان ئي وابسته آهي ۽ ڪنهن به حڪومت، وائيس چانسلر ۽ وزير کي اهو اختيار نه ٿو ڏئي سگهجي ته اُهو چار ڪروڙ کان وڌيڪ نڌڻڪي سنڌي عوام ۽ لکين باشعور سنڌين آڏو سنڌ جي تعليمي جي بازار لُٽجندي رهي. ”هنن“ کي پنهنجا سڀ تيرَ آزمائڻ جو موقعو ملڻ گهرجي پر ان پنڌ ۾ اسان جي رڳو سينن جو امتحان نه هئڻ گهرجي پر ان کي جوابي ۽ متبادل سگهه سان جواب ڏيڻ گهرجي. ”تو تير آزما، هم جگر آزمائين“ وارو دور ويو هليو. هن قوم دشمن بي حسيءَ جو مقابلو اسان جي گڏيل سگهه ئي ڪري سگهي ٿي ۽ ان سگهه جو بنياد اسان جو گڏيل ضمير، شعور ۽ عمل ئي ٿي سگهي ٿو.


روزاني ڪاوش حيدرآباد، 8 آگسٽ 2012ع

موجوده ”مفاهمتي“ حڪومت سنڌ ۽ سنڌين کي ڇا ڏنو؟

سنڌي ماڻهن گذريل ساڍن چئن ڏهاڪن کان سياسي طور جيترا پيرَ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان ڀريا آهن، اُن جو پاڪستان ۾ ٻيو ڪو به مثال نٿو ملي. اهو ئي سبب آهي جو هڪ وفاقي ۽ مُلڪگير پارٽي هئڻ باوجود پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي بنيادي طور سنڌين جي پارٽي سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار مليو آهي، تڏهن ان ۾ بنيادي هٿ سنڌ ۽ سنڌين جي ڏنل مينڊيٽ جو هوندو آهي. هن ڀيري به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ مرڪز ۽ سنڌ ۾ جيڪا حڪومت ٺاهي، ان ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي ڏنل اڪثريتي مينڊيٽ جو هٿ هو. پرويز مشرف جي نون سالن جي آمريتي راڄ ۾ سندس تعصبي سوچ ۽ پاليسين جو سڀ کان وڏو نشانو سنڌي ماڻهو رهيا. سنڌين سان ايترو بدترين تعصب ۽ ٻه اکيائي ته ايوب خان، يحى خان ۽ ضياءُ الحق جهڙن سفاڪ آمرن به نه رکيو. پرويز مشرف سنڌ عملي طرح متحده جي حوالي ڪري ڇڏي هئي ۽ نالي ماتر چند سنڌي وڏيرن کي اقتداري مسند تي ويهاريو هو. هن ڀيري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌين طرفان مليل مينڊيٽ جو هڪ سبب ته کڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت هئي، پر اُن جو سياسي محرڪ اِها آسَ ۽ اُميد هئي ته پاڪستان پيپلز پارٽي گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ۾ ته پنهنجي سگھاري حڪومت ٺاهي ۽ پوءِ مشرف جي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيل ٻه اکيائي ۽ ڦُر لُٽ جو تدارڪ ڪري. مشرف سرڪار وسُ ڪيو ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي وڏو اڪثريتي مينڊيٽ نه ملي، پر اِهو سنڌي عوام جو ارادو هئو، جنهن مشرف جي سمورين سازشن ۽ حڪمتِ عملين جي باوجود پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي مرڪز ۽ سنڌ جي اقتدار جي مسند تي ويهاريو.
هن ڀيري سنڌ توڙي مرڪز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سازي سنڌين لاءِ هر لحاظ کان تمام اهم ثابت ٿي پئي سگھي پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مصلحت پسند مفاهمتي پاليسيءَ سبب سنڌي عوام جي اِها اُميد به هڪ وڌيڪ خود فريبي ئي ثابت ٿي. هن ڀيري سنڌي عوام کي اُميد هئي ته پهرين ته پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت پرويز مشرف حڪومت جي دور ۾ سنڌين سان ٿيل ٻه اکيائيءَ جي حوالي سان گھٽ ۾ گھٽ هيٺيان ڪم ته ضرور ڪندي:
(1) ڪراچيءَ جي اڳوڻي حيثيت بحال ڪرڻ، جنهن ۾ ڪراچيءَ جو شهر پنجن ضلعن تي مشتمل هو. حقيقت اها آهي ته ڪراچيءَ ۾ متحده جو سياسي اثر رُڳو ڪجهه مخصوص علائقن تائين آهي، پر رياستي ادارن جي ٽيڪ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جهڙين مصلحت پسند ڌرين سبب متحده سڄي شهر تي سياسي قبضو ڪريو ويٺي آهي. مشرف جي دور ۾ ڪراچي مڪمل طور سندن حوالي ڪئي وئي. پاڪستان پيپلز پارٽي ٻيو ڪجهه نه ڪري ها، رُڳو ڪراچيءَ کي اڳوڻي حالت ۾ بحال ڪري ها ته به ڪراچيءَ کي وڏيءَ حد تائين هِڪَ هٽيءَ کان کان آزاد ڪرائي سگهجي ها. هاڻي جڏهن اهو ڪم وڏو اڪثريتي مينڊيٽ رکندڙ حڪومت به نه ڪري سگھي ته پوءِ ايندڙ ٻي ڪا به حڪومت اِن ڏِس ۾ ڇا ڪندي؟
(2) ڪراچيءَ جي آبادي، چيو وڃي ٿو ته هاڻي ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي آهي، پر ڏٺو وڃي ته سنڌي ماڻهن جو انگ ڪراچيءَ ۾ ڪنهن به ريت ٽيهه لکن کان گھٽ نه آهي. ڪراچيءَ جي قديم سنڌي رهواسين کانسواءِ گذريل ويهن سالن ۾ خاص طور اُتر سنڌ مان لکين سنڌي لڏي آيا آهن، جيڪي هر سطح تي ۽ هر شعبي ۾ ڪم ڪري رهيا آهي، پر الميو اهو آهي ته ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو سياسي، سماجي، معاشي ۽ انتظامي طور نڌڻڪو آهي. هن ڀيري گھٽ ۾ گھٽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اهو ڪم ڪري پئي سگھي ته اُها نادرا کي خاص ٽاسڪ ڏئي، سنڌي ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ٺهرائي ها، سندن نالا ووٽر لسٽ ۾ شامل ڪرائي ها، ۽ کين ڪراچيءَ جا ڊوميسائيل ۽ مستقل رهائشي سرٽيفڪيٽ ٺهرائڻ جو ڪو انتظام ڪري ها. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اهو ته نه ڪري سگھي پر ماڳهين گھر شُماريءَ ۾ به سنڌي وسندين ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ لکين سنڌين جي ڳڻپَ نه ڪرائي سگهي.
(3) 18هين آئيني ترميم کان پوءِ آئيني ۽ اُصولي طور گورنر جو صوبن ۾ ڪو به اثرائتو ڪردار نه آهي ۽ نه ئي هئڻ گھُرجي، پر سنڌ ملڪ جو واحد صوبو آهي، جتي اڄ به تعليمي بورڊ ۽ سرڪاري يونيورسٽيون ناجائز طور گورنر وٽ آهن. ٻيو ته ٺهيو هاڻي ته صوبي جا سياسي معاملا به گورنر هلائي ٿو، جنهن جو تازو ثبوت مڪاني حڪومتن بابت آرڊيننس آهي، جيڪو چُونڊيل اسيمبليءَ بدران راتِ جي اونداهيءَ ۾ گورنر کان جاري ڪرايو ويو. ڪراچيءَ کان ٻاهر جي سنڌي شاگردن جي داخلا تي هڪ پاليسيءَ تحت ڄڻ ته اڻ اعلانيل بندش پيل آهي، جنهن جو هڪ مثال ڪراچي يونيورسٽي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪڏهن يونيورسٽيون ۽ تعليمي بورڊ گورنر کان کسي وڏي وزير حوالي ڪري ها ته ڇا اهو ممڪن نه هو ته انهن يونيورسٽين جون تعصب تي ٻڌل پاليسيون تبديل ڪرائي سگھجن ها؟ پر ايئن نه ٿيو، ۽ جڏهن هاڻي نه ٿيو ته اڳتي وري ڪير ڪندو؟
(4) پرويز مشرف جي دور ۾ ڏيڍ ڪروڙ آباديءَ جي پنجن ضلعن کي ملائي هڪ سٽي گورنمينٽ ٺاهي وئي ۽ 28 لکن جي آباديءَ جي ضلعي کي چئن ضلعن ۾ ورهايو ويو ۽ باقي بچيل حيدرآباد شهر جي تڪ بندي اهڙي ڪئي وئي، جو اهو شهر اڪثريتي سنڌي آباديءَ جي باوجود سياسي طور متحده وٽ يرغمال آهي. چونڊن کان اڳ ماڻهن کي اُميد هئي ته، يا ته اهو فيصلو واپس ورتو ويندو يا وري حيدرآباد جي تڪ بندي نئين سر ڪئي ويندي، پر ”مفاهمت“ سبب ڪجهه نه ٿيو.
(5) پرويز مشرف ۽ سنڌ ۾ ارباب غلام رحيم جي دور ۾ ڪراچيءَ تي قابض ڌر ڪراچي، سُپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي لکين ايڪڙ زمين نهايت ڀڳڙن مُٺ تي پنهنجي ماڻهن کي ڏئي ڇڏي ۽ چُونڊن کان اڳ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ روينيو جي رڪارڊ کي باهه ڏئي اُن جا ثبوت به گُم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌي ماڻهن جو مطالبو هو ته اِها سموري الاٽ ڪيل زمين منسوخ ڪئي وڃي، پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اُن جو رُڳو ذڪر ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهي، ڇاڪاڻ ته مفاهمت سبب سندن چَپَ سِبيل آهن. نه رُڳو زمين جي الاٽمينٽ پر اُن دور ۾ قابض ڌُر جيڪي غير قانوني ڀرتيون ڪيون، اُن جو ڪو به احتساب يا حساب ڪتاب نه ٿيو. رُڳو ڪراچيءَ جي سٽي پوليس ۾ ڏھ هزار کان وڌيڪ اهڙا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا، جن تي قتل، ڌاڙن، ڀَتن ۽ دهشتگرديءَ جي سنگين ڏوهن جا ڪيس درج ٿيل هئا. چار سال گُذري ويا پر اِن ڏِس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي. هن حڪومتَ جي هر ممڪن ڪوشش رهي ته اِهو اسٽيٽسڪو برقرار رهي ته جيئن سندن حڪومت کي ڪو به مسئلو درپيش نه اچي، ڇاڪاڻ ته سندن اتحادي ڌُر بار بار اِهو واضح ڪري چُڪي آهي ته جيڪڏهن سندن مرضيءَ موجب فيصلا نه ٿيا ته پوءِ ڪراچيءَ ۾ اَمُن قائم رهي نه سگھندو.
(6) مشرف جي دور ۾ سنڌي عوام گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالا باغ ڊئم جي رِٿا خلاف جيڪا تاريخي جدوجهد ڪئي، پاڪستان پيپلز پارٽي اُن جي اڳواڻ دستي ۾ شامل هئي. سنڌي ماڻهن کي اُميد هئي ته پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت ۾ اچي نه رُڳو گريٽر ٿل ڪئنال جي اڏاوت جو ڪم بند ڪرائيندي پر سنڌو درياهه کي بچائڻ ۽ درياهه تي سنڌين جي حتمي مالڪيءَ جي حوالي سان ڪا قانون سازي ڪندي، ۽ ملڪ کي پاڻيءَ جي ورهاست جي انصاف ڀري پاليسي ڏيندي. پر ٿيو اُن جي اُبتڙ! پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت نه رُڳو غير قانوني رِٿا گريٽر ٿل ڪئنال جي اڏاوت بند نه ڪرائي ۽ اُن لاءِ ذميوار ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو، پر ماڳهين اُن غير قانوني ۽ سنڌ دشمن رِٿا جي اڏاوت جاري رکڻ لاءِ فنڊ جاري ڪيا. ڇا اِها سنڌو درياهه ۽ سندن پنهنجي ئي ڪيل جدوجهد سان بدترين ويساهه گھاتي نه هئي؟
اِهي ته رُڳو مشرف دور جي حوالي سان چند اِشوز هئا، جن بابت سنڌي ماڻهن کي ڪجهه بنيادي قدم کڻڻ جي اُميد هئي، جيڪا ”مفاهمت“ جي وَر چڙهي وئي. پيپلز پارٽي هڪ اهڙي دور ۾ مرڪز ۽ سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي، جڏهن سنڌ جو معاشي پروفائيل ۽ ترقياتي ڍانچو بدترين حالت ۾ هئا ۽ 2010ع ۽ 2011ع جي تاريخي ٻوڏن ويتر اُن کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي.
صحت جي عالمي اداري ڊبليُو ايڇ او (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن) جي رپورٽ موجب، سنڌ جي ٻهراڙين جا لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو ماڻهو هيپاٽائٽس بي ۽ سي جو شڪار آهن. سنڌ جي 67 سيڪڙو ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر نه آهي. صحت جي عالمي اداري موجب، جيڪڏهن ڪنهن ملڪ يا علائقي ۾ خوراڪ جي کوٽ 15 سيڪڙو هجي ته اهو هڪ عالمي مسئلو بڻجي وڃي ٿو، پر سنڌ ۾ اُن کوٽ جي شرح (خاص طور تي ٻارن ۾) 23.1 سيڪڙو آهي. آئين جي آرٽيڪل 25 (اي) مطابق تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي ۽ اُن کي يقيني بنائڻ رياست جو فرض آهي، پر سنڌ ۾ 73 سيڪڙو ڇوڪريون ۽ 63 سيڪڙو ڇوڪرا تعليم جي بنيادي حق کان محروم آهن. ٻهراڙين ۾ ڄمندڙ ڏهن ٻارن مان نَوَ اهڙا هجن ٿا، جن کي ڄمڻ وقت ڪي به طبي سهولتون ميسر نه هونديون آهن. بيمارين کان بچاءَ جي ٽُڪن جي حوالي سان به سنڌ ۽ بلوچستان ٻين صوبن کان پوئتي آهن. پنجاب ۾ اُن جي شرح 54 سيڪڙو ۽ خيبر پختونخوا ۾ 48 سيڪڙو آهي، پر سنڌ ۾ ايڪيهين صديءَ ۾ به اِها شرح رُڳو 28 سيڪڙو آهي. سنڌ ۾ بي زمين يا پنجن ايڪڙن کان گھٽ زمين رکندڙ هارين جو تناسب 62 سيڪڙو آهي2010ع ۽ 2011ع جي ٻوڏن ۾ سنڌ ۾ 15 لک گھر اِن ڪري ڊهي پيا، جو ايڪيهين صديءَ ۾ به سنڌ جي ٻهراڙين جي 47 سيڪڙو ماڻهن جا گھر ڪچا يا مٽيءَ جا ٺهيل آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ اِهو تناسب 32 سيڪڙو، خيبر پختونخوا ۾ 28 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ سنڌ کان به وڌيڪ، يعني 79 سيڪڙو آهي. سنڌ ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جو حال اهو آهي، جو هڪ غير سرڪاري سروي مطابق ساڍا ست هزار پرائمري اسڪول بند پيا آهن، جن مان لڳ ڀڳ پنج هزار ڇوڪرن جا، ۽ اڍائي هزار ڇوڪرين جا اسڪول بند آهن، يا اِهي اهڙا اسڪول آهن، جتي اُستاد نه ٿا اچن ۽ ڪو به تدريسي عمل نٿو ٿئي.
سُوال اهو آهي ته ان سموري صورتحال ۾ جنهن آسري ۽ اُميد سان سنڌي ماڻهن پيپلز پارٽيءَ کي اڪثريتي مينڊيٽ ڏئي، اقتدار جي مسند تي ويهاريو، اُن جو ڇا ٿيو؟ ڇا سنڌي ماڻهن کي ان ۾ دلچسپي هئي ته ٻارنهن سال اقتدار کان ٻاهر ويٺل پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ گاڏين تي سرڪاري جهنڊا هڻي وري ”سڻڀا“ ٿين ۽ ”مفاهمت“ جي نالي ۾ مشرف دور جون پاليسيون جاري رکن؟ ڇا پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت سنڌي ماڻهن کي حساب ڪتاب ڏيندي ته انهن گذريل چئن ڏهاڪن کان کانئن ڇا ورتو آهي ۽ کين موٽ ۾ ڇا ڏنو آهي؟ چئي سگهجي ٿو ته شهيد ڀُٽي جي دور ۾ ڪجهه بنيادي ڪم ٿيا، ڪجهه ادارا جُڙيا ۽ سنڌي مڊل ڪلاس جو بنياد پيو، پر پوءِ ڇا ٿيو؟ ۽ اُن جو ڪيترو کٽيو کائبو؟ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن حڪومت ڇا ڪيو؟ گذريل چئن سالن ۾ ڪو هڪ به اهڙو ڪم آهي، جيڪو حڪومت سنڌي عوام کي ڏيکاري سگھي، ۽ جنهن کي سنڌ ۽ سنڌين جي ترقيءَ لاءِ ڪو بنيادي ۽ اثرائتو قدم قرار ڏئي سگھجي؟
پيپلز پارٽيءَ کان سنڌي ماڻهن جون ٿُلهي ليکي ٻه اُميدون هيون، هڪ ته اُها دهشتگرديءَ، بليڪ ميلنگ ۽ فاشزم وٽ يرغمال سنڌ اندر سنڌي عوام کي حڪمرانيءَ جو تاريخي حق واپس ورائي ڏئي، ۽ نه رُڳو اهو پر بهتر ۽ عوام ڏانهن ذميوار حڪمرانيءَ جو نظام به ڏئي. ٻيو ته هن ملڪ جي موجوده نظام اندر ئي سهي پر سنڌ جي خودمختياري ۽ ترقيءَ جو سُوال هٿ ۾ کڻي ڪي ٺوس نتيجا ڏئي. ”مفاهمتي“ جمهوريت جا ساڍا چار سال نيٺ گذري ويا، پر سنڌ ۽ ان جو مظلوم عوام اُتي جو اُتي بيٺا آهن. ارڙهين آئيني ترميم به سنڌ کي تڏهن فائدو ڏئي ها، جڏهن سنڌ ۾ ڪا سگھاري ۽ خودمختيار حڪومت هجي ها، ۽ اُن وٽ سنڌ جي ترقيءَ ۽ مالڪيءَ جي ايجنڊا هجي ها. هن وقت ڪجهه مخصوص علائقا ڇڏي باقي سڄي سنڌ بدترين حڪمرانيءَ، بدحاليءَ، لاقانونيت، عدم سلامتيءَ، بد انتظاميءَ ۽ برباد ترقياتي ڍانچي جو ڏيک ڏئي ٿي. حڪومت ٻڌائي سگھندي ته اُن سنڌ جي ان حالت کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو، ڪهڙيون پاليسيون جوڙيون، ادارا ٺاهيا؟ ويتر ڪراچيءَ ۽ اُتر سنڌ ۾ لساني ۽ قبائلي دهشتگردن کي بي لغام ڇڏيو ويو آهي ته جيئن اُهي ماڻهن کان جمهوريت جو انتقام وٺي سگھن. آهي ڪو نتيجو سرزمين تي؟ جنهن صوبي ۾ وڏي وزير کي پنهنجا آئيني حق نٿا مِلن، اُها حڪومت عوام کي ڇا ڏئي سگھندي؟ سڄو ڏينهن هر معاملي تي مفاهمتي وزيرن جا گورنر هائوس ۽ نائن زيرو تي ڦيرا آهن. ايترو خيال جي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي پنهنجي عوام جو هجي ها، ته عوام کين سياسي طور اکين تي رکي ها. ووٽ ته ماڻهو مجبوريءَ ۾ کين شايد هاڻي به ڏيندو، جيستائين ڪو فضيلت ڀريو سياسي متبادل اُڀري پر سُوال رُڳو ماڻهن جي مجبور ووٽن جو نه پر سندن راءِ، جذبن، ارمانن ۽ ساڻن ٿيل ويساهه گھاتين جو آهي.
منهنجي خيال ۾ پيپلز پارٽيءَ کي رياستي ۽ حڪومتي سطح تي اقتدار ۾ ايترو حصو نه اڳ ڪڏهن مليو هو، نه وري اڳتي ڪڏهن ملي سگهندو. پر اهو تاريخي موقعو پيپلز پارٽيءَ جي ”مفاهمتي“ حڪومت ۽ ڪمزور قيادت سطحي ۽ عارضي مفادن، غير سنجيدگيءَ ۽ مصلحت پسنديءَ سبب وڃائي ڇڏيو. هاڻي ته کين هر قيمت تي اقتدار گھرجي، ڇا جا نظريا، ڇا جي جمهوريت، ڇا جو عوام ۽ ڇا جي جدوجهد؟ اهو ئي سبب آهي جو اُها عوام سان ڳالهائڻ بدران هاڻي ڀوتار خاندانن سان ڳالهائي رهي آهي. توهان ڪير به آهيو، توهان جو ڪهڙو به سياسي ماضي هجي، ڪهڙو به سماجي ۽ سياسي ڪردار هجي، پر جي توهان ڀوتار آهيو ۽ ماڻهن کان هر قيمت تي ووٽ وٺي سگھو ٿا ۽ ووٽن جي واپار تي ناجائز ذريعن سان ڪمايل ڪروڙين رپيا خرچ ڪري سگهو ٿا ته پوءِ پيپلز پارٽيءَ جا در توهان لاءِ هميشه کُليل آهن. چئن ڏهاڪن کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ کي سمجهه ۾ آيو آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام نه پر پئسو، سردار/وڏيرا، قابض ڌر ۽ انهن سان ”مفاهمتي“ سياست آهي. انهن سموري صورتحال ۾ عيسو، مُوسو ۽ خميسو بيوسيءَ وچان سوچي ٿو ته جنهن پارٽيءَ کي انهن چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ غير مشروط محبتون ڏنيون، ووٽ ڏنا، ۽ قربانيون ڏنيون، اُها پس و پيش ڪمُ آئي ته متحده کي يا وري انهن وڏيرن کي، جن سنڌ کي هن حال تي رسايو آهي. طبقاتي نظام جي هن خود فريب جمهوري سرشتي ۾ اِهو ئي ٿيڻو هئو، جيڪو ٿيو، جنهن کي فلسفي جي ٻوليءَ ۾ لازمي حادثو چئبو آهي. هاڻي جڏهن عوام کي واضح نياپو ڏنو ويو آهي ته طاقت جو سرچشمو اُهي نه پر ڪي ٻيا محرڪ آهن، تڏهن پس و پيش عوام به پنهنجي نجات لاءِ نيون راهون ۽ نوان گَسَ تخليق ڪندو.


روزاني ڪاوش حيدرآباد، 18 سيپٽمبر 2012ع

پ پ سياسي آپگهات جي واٽ ڏانهن وڌي رهي آهي؟

سنڌي عوام، قومپرست پارٽين، سول سوسائٽيءَ کان ويندي پنهنجين اڳوڻين اتحادي پارٽين جي سخت مخالفت باوجود پ پ حڪومت سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس کي پاس ڪري ڇڏيو. هن فيصلي سان نه رڳو سنڌ ۽ سنڌي عوام سان ويساهه گهاتي ٿي آهي، پر خود سنڌ اسيمبليءَ جو جمهوري استحقاق به مجروح ڪيو ويو آهي. هيءَ ڪهڙي جمهوريت آهي، جنهن جي حڪمرانن ڪنن ۾ ڄڻ ته بيحسيءَ جو شيهو ڀري ڇڏيو آهي. ڇا انکي جمهوريت سڏبو آهي ته جنهن اِشوءَ تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج هجي، ان تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺلهو بحث مباحثو به نه ڪيو وڃي ۽ ”مٿان“ کان آيل هڪ حڪم تحت پنهنجن ئي اسيمبلي ميمبرن کان ڳالهائڻ جو حق کسي هڪ بيحد تڪراري ۽ انتظامي طور سنڌ کي ورهائيندڙ نظام بابت گورنر هائوس مان جاري ٿيل آرڊيننس کي سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرايو وڃي! ڇا جمهوريت جو مطلب اهو آهي ته عوام کان ڪوڙا آسرا ڏئي ٺپا هڻايو ۽ پنهنجن چونڊيل ميمبرن کان ڳالهائڻ، اعتراض ڪرڻ ۽ انڪار ڪرڻ جو حق کسي کانئن به ناجائز ۽ غلط پاليسين تي غير جمهوري ”ها“ جا ٺپا هڻايو. ڇا رهيو سنڌ اسيمبليءَ ۽ ان جي چونڊيل ميمبرن جي منهن ۾؟ سندن ووٽر سڄي سنڌ ۾ هڙتال ڪري احتجاج ڪري رهيا هئا ۽ سنڌ جا چونڊيل ميمبر پنهنجون زبانون بند رکي ويٺا هئا! ڪهڙو وزن ۽ ملهه آهي اهڙي ميمبريءَ جو، جيڪا زبانن تي تالا هڻائي ۽ ضميرن تي خاموشيءَ ۽ مصلحت جون مهرون هڻائي! ڪهڙو ويساهه رهندو ماڻهن جو اهڙي مفاهمتي جمهوريت ۾؟ مان سمجهان ٿو ته جن اسيمبلي ميمبرن ڪالهه رڳو ”ڪنڌ ڌوڻي“ بنا ڳالهائڻ ۽ پنهنجي ضمير ۽ عوام جي نمائندگيءَ جي ابتڙ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس کي پاس ڪيو آهي، اهي پنهنجي چونڊيل ميمبر جي حيثيت ۽ عوام جي جمهوري نمائندگيءَ جو استحقاق وڃائي ويٺا آهن. ڪيئن ويندا اُهي پنهنجي ووٽرن ۽ عوام ڏي؟
اهو صحيح آهي ته جمهوريت ۾ جزوي ڪمپرومائيز ٿيندا آهن، وسيع تر گڏيل مفادن لاءِ مفاهمت به ٿيندي آهي ۽ ڪن حالتن ۾ عوام جي حق ۽ اصولن جي پاسداريءَ خاطر ڪي اڻ وڻندڙ فيصلا به ڪرڻا پوندا آهن، پر ڇا پنهنجي مينڊيٽ جي توهين کي به جمهوريت چئجي؟ ڇا پنهنجي وطن، قوم ۽ عوام جي تاريخي ۽ مستقل مفادن جو سودو به جمهوريت سڏبو؟ جمهوريت جو مطلب ۽ بنياد ئي سوچ ۽ اظهار جي آزادي آهي، پر جيڪڏهن مفاهمت جي نالي ۾ ڪيل بدترين ڪمپرومائيز جي نتيجي ۾ گورنر ذريعي جاري ڪيل آرڊيننس کي اسيمبليءَ مان پاس ڪرائڻ لاءِ پنهنجي چونڊيل ميمبرن تي ڳالهائڻ جي بندش وجهي کين رڳو ڪنڌ ڌوئڻ جو فرمان جاري ڪيو وڃي ته انکي جمهوريت سڏجي؟ عوام کي جمهوريت جا اهڙا جلوا ڏيکاربا ته پوءِ ڇو نه رياست وڌيڪ غير جمهوري ٿيندي ۽ عوام جو ڪوڙا آسرا ڏئي ٽارڻ واري جمهوريت مان ويساهه کڄندو!
ڇا هي سڀ ڪجهه ٿيڻ کانپوءِ وري چونڊن ۾ جمهوريت جون جهمريون هنيون وينديون؟ قربانين جا واسطا ڏبا، وري فريبي ۽ چلڪڻا نرگسي نعرا ڏبا ۽ عوام کي اٽي، لٽي ۽ اجهي جا ڪوڙا آسرا ڏبا، ڇا وري ٺلهي ۽ عوام دشمن جذباتيت جو طوفان بدتميزي اُٿندو ۽ جهمرين، نعرن ۽ پنهنجي قائدين جي عظمتن جا ترانا ڳائڻ جي لُڙ ۽ گوڙ ۾ حساب ڪتاب نه ٿيندو!
جڏهن آمر مشرف جو ٺڳيءَ تي مبني مڪاني حڪومتن جو نظام نه بيٺو ته هي نظام وري ڪهڙو جٽاءُ ڪندو؟ هنن ڏيکارڻ عوام کي سندن مينڊيٽ جي اوقات پئي گهري پر حقيقت اها آهي ته هنن اصل ۾ عوام کي پنهنجي اوقات ڏيکاري آهي. اقتدار جي چاهه ۾ حڪمران ايترا ته اڳتي وڌي ويا آهن، جو کين اهو ادراڪ به نه رهيو ته عوام کي پٺي ڏئي سياست ۾ ڪير آهي، جيڪو جٽاءُ ڪري سگهي ٿو ۽ ”نائن زيرو“ اڄ تائين ڪنهن سان وفا ڪئي آهي، جو کين خوش ڪرڻ خاطر پنهنجو عوام ۽ سنڌ جو الهه تلهه وڃائي، تين وال ڪري رهيا آهن. فاشزم سان مفاهمت جي ڪاروبار ۾ توهان ڪيئن واپس عوام وٽ ايندوء؟ پر شايد هاڻي هنن کي ان جي پرواهه نه رهي آهي. ساک هوندي ته ويندي. هو سمجهن ٿا ته ڌرتيءَ سان ويساهه گهاتي ڪندڙن کي اڳ ڇا ٿيو آهي، جو هاڻ ٿيندو! هنن کي شايد اندازو آهي ته هي بنگال ناهي، سنڌ آهي. هڪڙو بنگال هو، جتي هر بنگالي ڪاموري کي خبر هئي ته جي هنن پنهنجي وطن ۽ عوام سان وفا نه ڪئي ته نه رڳو ڍاڪا ايئرپورٽ تي لهي نه سگهندا پر سندن گهر به سلامت نه رهندا. سنڌ ۾ غداريءَ موجون ڪيون آهن. غدارن جي نسلن جاوا ڪيا آهن، ٻيو ته ٺهيو پر کين سياسي سزا به نه ٿي ملي. جي اهو سڀ سنڌ ۾ ٿيندو هجي ها ته سنڌ ۾ وطن فروشي ۽ قوم دشمنيءَ جو ڌنڌو ايترو سولو نه هجي ها. هتي هر ڪنهن کي سڀ ڪجهه ڦٻي ٿو وڃي. انڪري سنڌ ۾ ڪُرسيءَ خاطر سڀ حلال آهي.
منهنجي نظر ۾ اهڙا فيصلا عوام جي سياسي تربيت به ڪن ٿا ۽ سنڌي عوام کي به هاڻي سوچڻو پوندو ته سندن قومي ۽ عوامي حقن جي بازار جو لٽجڻ سنڌ ۾ ايڏو سولو ڇو ٿي پيو آهي؟ سنڌ جي عوام کي به هاڻي غير مشروط محبتن جو باب بند ڪرڻو پوندو. هي سڀ ڪجهه انهن غير مشروط محبتن جو لازمي نتيجو آهي. سياست، وطن، قوم ۽ عوام جي مفادن جي حساس معاملن ۾ ڇا جي غير مشروط محبت؟ دنيا ۾ اُهي قومون تبديل ٿيون ۽ تاريخ جي اڳين صفن ۾ آيون، جن انڪار ڪرڻ سکيو. تبديليءَ جي مخالف هر ڌارا ۽ ”اسٽيٽس ڪو“ جي هر مفاد ۽ انجي ترجمان ڌر، رويي، پاليسيءَ، پارٽيءَ کان انڪار، چٽو انڪار، حساب ڪتاب! سياست ۾ مائٽي ڪنهن سان به نه هئڻ گهرجي، مائٽي پنهنجي وطن، قوم، عوام ۽ سندن جائز مفادن سان هئڻ گهرجي. شخصيت پرستي ۽ غير مشروط محبتون عوام سان ئي سهي پر در اصل اهي عوام دشمن لاڙا آهن، جن جي قيمت به پس و پيش عوام ئي چڪائي ٿو. ٽين دنيا جا اڪثر معاشرا غلام، پسمانده ۽ ڪمزور انڪري به آهن، جو هتي گهڻي ڀاڱي حساب ڪتاب جي روايت ڪمزور آهي. جتي حساب ڪتاب جي روايت ڪمزور هوندي، اُتي عوام جو گڏيل حافظو به ڪمزور هوندو. انڪري سنڌ جي عوام کي هاڻي هڪ نئين سياسي دور ۾ داخل ٿيڻو پوندو، جنهن ۾ ڪنهن سان به غير مشروط محبت نه هجي، ڪنهن جي به انڌي تقليد ۽ پوئواري نه هجي، ڪنهن به فرد جي شخصيت پرستيءَ جي نرگسيت نه هجي ۽ ڪنهن سان به مستقل وفاداري نه هجي. پوءِ اها پ پ هجي يا قومپرست پارٽيون، فنڪشنل ليگ هجي يا ڪا ٻي ڌر، سنڌ جي سياست ۾ معياري تبديلي فقط تڏهن ئي ايندي.
مان سمجهان ٿو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ سنڌي عوام ۾ هڪ حد تائين تبديلي آئي آهي، پر ماڻهو پنهنجو شعور کڻي ڪيڏانهن وڃن؟ آهي ڪو فضيلت ڀريو متبادل سرزمين تي؟ قومپرست جماعتن جا نعرا ۽ ڳالهيون توڙي جدوجهد تمام ڀلي پر ڪٿي آهي معياري اڳواڻي، تنظيمي صلاحيت، وسيع تر عوامي رابطي ڪاري ۽ واضح پروگرام ۽ ان سان ٺهڪندڙ سگهه، ڪردار ۽ عمل؟! خدشو اهو آهي ته پ پ پ جي امڪاني زوال جو گهڻو فائدو وري به ايم ڪيو ايم يا فنڪشنل ليگ کڻنديون، جو قومپرست جماعتن ۾ ساک ۽ صلاحيت جو وڏو بحران آهي. اسيمبليءَ مان پاس ڪرايل آرڊيننس جو ٻٽو فائدو به متحده کي ٿيو ۽ ٿيندو. يعني هڪ ته کين پنهنجي مرضيءَ جو مڪاني نظام ملي ويو ۽ ٻيو ته جي ان سان پ پ ڪمزور ٿيندي، تڏهن به سندن ڏهه ئي آڱريون گيهه ۾ هونديون. قومپرست جماعتن کي عوام موٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ جدوجهد جي ميدان تي ڏئي به ٿو پر ان لاءِ کين ساک بهتر ڪرڻي پوندي، تنظيمي ۽ سياسي صلاحيت وڌائڻي پوندي، عوام سان سڌي رابطي ڪاريءَ جو عمل وسيع ۽ تيز ڪرڻو پوندو، حالتن آهر ٺهڪندڙ پاليسيون ۽ سياسي حڪمت عمليون اختيار ڪرڻيون پونديون، شهرن ۽ ٻهراڙين تي گهڻو تنظيمي ۽ سياسي ڌيان ڏيڻو پوندو. سنڌ جي سياست ۾ معياري تبديليءَ لاءِ رڳو هڙتالون، ڌرڻا، احتجاج، جلوس، لانگ مارچون ۽ بيان اهم ته آهن پر ناڪافي آهن. سنڌ ۾ 2010ع ۽ 2011ع ۾ جيڪي وڏيون ٻوڏون آيون، اُهي تباهيءَ سان گڏ سياسي تبديليءَ جو ذريعو ۽ بهانو به بڻجي پئي سگهيون پر اسانجي روشن خيال قومپرست جماعتن ان جو گهربل فائدو نه ورتو.
پ پ اقتدار جي سرور ۾ مسرور ٿي سياسي آپگهات جي واٽ تي تيزيءَ سان هلي رهي آهي. اُها ”عوام طاقت جو سرچشمو آهي“ جي تصور تان هٿ کڻي با اثر وڏيرڪن سياسي خاندانن کي پنهنجي ويجهو آڻڻ جي چڪر ۾ آهي. سندس ڪالهوڪي فيصلي جهڙا فيصلا سندس سياسي آپگهات جي رفتار کي تيز ڪندا پر اصل سوال اهو آهي ته انجو سياسي فائدو ڪير وٺندو ۽ ڪيئن وٺندو ۽ ان کان به وڏو سوال ته ڪنهن لاءِ وٺندو؟ ان سوال تي اسانکي گڏجي ويچار ڪرڻو آهي ۽ ان جو سائنسي، حقيقت پسند ۽ معروضي جواب ئي سنڌ ۾ بهتر سياسي تبديليءَ جا بنياد رکندو.


روزاني ڪاوش حيدرآباد، 2 آڪٽوبر 2012ع

پ پ مفاهمتي سياست جي نالي ۾ ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو آهي؟

پهرين آڪٽوبر تي سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرايل مڪاني حڪومتن جي نظام جي بل خلاف هلندڙ سخت عوامي مزاحمت ۽ حڪمران ڌر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ان نظام جي حمايت ۾ هوڏ سياسي طور سنڌ کي نه رڳو ورهائي ڇڏيو آهي پر ماڳهين ان تڪرار کي تشدد پسند گهرو سياسي ڇڪتاڻ جي ٻه-واٽي تي آڻي بيهاريو آهي. نتيجي ۾ هڪ طرف سنڌ جي عوام جي گڏيل راءِ آهي، جنهن جي نظر ۾ پ پ پ پنهنجي اتحادي سياسي ڌر کي سياسي رشوت طور هي نظام ڏئي نه رڳو سنڌ جا وڏا شهر متحده کي ڏئي ڇڏيا آهن پر سنڌ کي ٻٽو نظام ڏئي انتظامي طور ورهائي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف پ پ پ حڪومت آهي، جنهن کي پنهنجي هن ڪيل تڪراري فيصلي کي حقي واجبي قرار ڏيڻ جو طريقو اِهو ئي سمجهه ۾ آيو آهي ته قومپرستن جي ڪردار ڪشي ڪجي. اهو ئي سڀ ڪجهه ڪالهه پ پ پ جي جلسي ۾ ٿيو. قومپرستن ۾ ڪي ڪمزوريون آهن ته پوءِ ان مان اهو ڪيئن ثابت ٿيو ته سنڌ اسيمبليءَ مان پنجن منٽن ۾ غير جمهوري طريقي سان پاس ڪرايل سنڌ کي انتظامي طور ورهائيندڙ اهو بل ۽ نظام درست آهي؟ ڇا پ پ پ جي اڳواڻي ڪندڙ ماڻهو سمجهن ٿا ته قومپرستن جي ڪردار ڪشي سان سندن دامن تي لڳل داغ ڌوپجي ويندو ۽ سنڌي ماڻهو ان کي قبول ڪري وٺندا؟! منهنجي نظر ۾ پ پ پ سياسي آپگهات جو هي جيڪو رستو اختيار ڪيو آهي، ان ۾ هڪ فاش غلطي هن بل جو اسيمبليءَ مان پاس ڪرائڻ آهي ۽ هاڻي انکي طاقت جي زور تي اجايو درست ثابت ڪرڻ جي هوڏ به ڪا گهٽ فاش غلطي ناهي، جڏهن ته اها کين به خبر آهي ته هنن عارضي ۽ وقتي سياسي مفادن ۽ ڪُرسيءَ خاطر پنهنجي پيرَ ۽ سنڌ جي وحدت تي ڪهڙو وار ڪيو آهي. ڇا سنڌ جا دانشور، اديب، شاعر، صحافي ۽ زندگيءَ جي سمورن شعبن جا سڄاڻ ماڻهو به بدڪردار آهن، جيڪي روز سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هن سنڌ کي ورهائيندڙ نظام خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن؟
اچو ته ان ڏس ۾ ڪجهه بنيادي نڪتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪريون:
1. پ پ پ جي فيصلن خلاف سنڌي عوام جي هيءَ مزاحمت ڪو رات وچ ۾ پيدا نه ٿي آهي. چونڊن کان اڳ سنڌي ماڻهن جيڪو پ پ پ کي مينڊيٽ ڏنو، ان جا بنيادي طور ٻه محرڪ واضح هئا. هڪ ته عوام محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن کي انجام تي ڏسڻ ٿي چاهيو پر ماڻهن کي ڪهڙي خبر هئي ته مفاهمت جي سياست جو مطلب ڪنهن سان ٺاهه ڪرڻ هوندو ۽ قاتل جي الزام هيٺ آيلن کي گارڊ آف آنر ڏئي ملڪ مان رياستي اعزاز سان ٻاهر اماڻيو ويندو. پ پ پ کي سنڌي ماڻهن جي مليل مينڊيٽ جو ٻيو محرڪ اِهو هو ته پرويز مشرف جي نون سالن جي حڪومت دوران سنڌ کي متحده کي ڄڻ ته ”مقاطئي“ تي ڏنو ويو هو ۽ اها ڌر اِهي نو سال سنڌ جي اڇي ڪاري جي مالڪ رهي ۽ سنڌي ماڻهن سان بدترين ٻه اکيائي ٿي، سنڌي ماڻهن هر سطح تي پوئتي ڌڪيو ويو. ماڻهن کي ڪهڙي خبر هئي ته مفاهمت جي نالي ۾ سنڌ وري به انهن جي حوالي ٿي ويندي ۽ پ پ پ جي وزيرن کي رڳو ”پاڻ سنوارڻ“ جا اختيار حاصل هوندا. حڪومت چوي ٿي ته کين اهو بل پاس ڪرڻ جو مينڊيٽ حاصل هو. اهو سراسر غلط آهي. پ پ پ کي مينڊيٽ سنڌ سان ٿيل بدترين ٻه اکيائي ۽ ڦرلٽ جو ازالو ۽ سدباب ڪرڻ جو هو، ان جو هرگز نه هو ته سنڌ جا شهر قانوني طور لکي پڙهي پنهنجي اتحادين کي ڏئي ڇڏيو. خود چونڊيل اسيمبلين کي به اجايا اختيار حاصل نه آهن، اُهي به آئين جي حدن اندر قانون سازيءَ جون مجاز آهن. آئيني طور صوبن جي اختيارن کي شهري حڪومتن جي حوالي ڪرڻ لاءِ اسيمبلين مان بل پاس ڪرائڻ هڪ غير آئيني عمل آهي. اها غلط فهمي آهي ته ڪو اسيمبلين کي هر قسم جي قانونسازيءَ جا اختيار حاصل هوندا آهن. ماڻهن هن بل تي انڪري به سخت مخالفت ۽ رد عمل جو مظاهرو ڪيو آهي، جو انهن چار سال مفاهمت جي نالي ۾ پاڻ سان ٿيندڙ نا انصافين کي ڏٺو ويٺي ۽ هاڻي جڏهن پ پ پ حڪومت سنڌ جي ڏنل مينڊيٽ کي ائين سبوتاز ڪيو آهي، جنهن تي عوام جو اهو شديد رد عمل فطري هو ۽ هي ته اڃا ان جي ابتدا آهي.
2. ان ڏس ۾ ٻيو اهم سوال اهو آهي ته جي اهو بل ايترو ئي شفاف، جمهوري ۽ سنڌ دوست هو ته پوءِ ان ڏس ۾ ٻن سالن کان هلندڙ ڳالهين کي عوام کان ڳجهو ڇو رکيو ويو؟ ماڻهن کي ڇو نه ٻڌايو ويو ته مڪاني نظام تي متحده ۽ پ پ پ جي هلندڙ مذاڪرات جا نقطا ڪهڙا هئا. ٻنهي ڌرين ڇا ٿي گهريو ۽ هڪ ٻئي کان مڃرايو؟ جي حڪومت جي دل ۾ کوٽ نه هئي ته پوءِ ايڏي لِڪ لڪوٽي ڇو؟ ڇا جمهوريت ۾ عوامي معاملا عوام کان ايئن ڳجها رکيا ويندا آهن؟ آخر ڪهڙي ضرورت هئي، جو عوامي ڊسڪورس بجاءِ بابر اعواڻ جهڙي ماڻهوءَ کان گورنر هائوس مان مڪاني حڪومت جي نظام جا اعلان ڪرايا ويا ۽ پوءِ عوام جي مزاحمت تي اهو فيصلو واپس ورتو ويو؟ تازو گورنر کان اهو آرڊيننس رات وچ ۾ ڇو جاري ڪرايو ويو ۽ ان کان به وڏي ڳالهه ته پنهنجن اسيمبلي ميمبرن تي اڻ اعلانيه بندش وجهي کانئن رڳو ڪنڌ ڌوڻائي پنجن منٽن ۾ اهو بل پاس ڪرايو ويو. ڇا جمهوريت ۾ عوامي نظامن جا بِلَ ائين پاس ڪرائبا آهن؟ جي دل ۾ کوٽ نه هئي ته پوءِ اِها روش ڇو هئي؟ ڇا جو خوف ۽ خطرو هو؟ جي اُها هن بل کي عوام آڏو پڌرو ڪري عوامي ڊسڪورس جي روشني ۾ جمهوري انداز سان اسيمبليءَ ۾ کڻي وڃي ها ته شايد کين هي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها.
3. چيو وڃي ٿو ته هي بل مخالفت ڪندڙن نه پڙهيو آهي ۽ ان جي مزاحمت بجاءِ ان تي اسيمبليءَ ۾ بحث ڪيو وڃي ها. پهرين ڳالهه ته ڇا حڪومت اهو بل اسيمبليءَ مان پاس ڪرائڻ تائين سرڪاري طور پڌرو ڪيو هو ۽ انکي عوامي بحث مباحثي لاءِ هيٺ لاٿو هو؟ آخر تائين بل جو مسودو ڳجهو رکيو ويو ۽ رهيو اِهو سوال ته بل جي مخالفت ڪندڙن اِهو بل نه پڙهيو آهي، ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي. جن به سياسي پارٽين، دانشورن ۽ ماهرن هن بل جي مخالفت ڪئي، انهن ته دليلن ۽ ثبوتن سان انجي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي پر حقيقت اها آهي ته حڪومت جي اڪثريتي ماڻهن اڃا تائين اِهو بل ناهي پڙهيو. جي ائين هجي ها ته بجاءِ سندن گفتگوءَ ۾ رڳو قومپرستن جي ڪردار ڪشيءَ جي، ڪي دليل هجن ها. جي حڪومتي وزيرن ڪبيرن، اهو بل پڙهيو آهي ته اهي ڇو نه ٿا هن بل جون ”خوبيون“ بيان ڪن. حڪومت وٽ بل جي مخالفت ۽ رد عمل جي موٽ ۾ رڳو قومپرستن جي ڪردار ڪشي آهي. ڇا حڪومتي وزير ڪنهن فورم تي سنڌ جي ساڃاهه وندن، دانشورن ۽ ماهرن سان ويهي گفتگو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندا ۽ ثابت ڪري سگهندا ته اهو بل سنڌ ۾ ڪهڙيون کير جون نديون وهائيندو؟
4. پهرين ته چيو ويو ته حڪومت صرف اتحادي ڌرين سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي پر اُها قومپرستن سان هرگز نه ڳالهائيندي، جو وٽن عوام جو مينڊيت ناهي ۽ هاڻي وري ڪي وزير چون ٿا ته قومپرستن سان به ڳالهائي سگهجي ٿو. سوال آهي ته ڳالهيون ڇا تي؟ ان نظام تي، جنهن سنڌ جا ٻه وڏا شهر لکي پڙهي اتحادين کي ڏئي ڇڏيا آهن ۽ سنڌ جو انتظامي ورهاڱو ڪيو آهي. اِهي مذاڪرات حڪومت کي اهو بل پاس ڪرائڻ کان اڳ ڇو نه ياد آيا؟ هاڻي ڇا جا مذاڪرات؟ پهرين ته اهو بل واپس ورتو وڃي ته پوءِ ان بابت مذاڪرات ضرور ٿيڻ گهرجن ته سنڌ کي ڪهڙو مڪاني حڪومتن جو نظام گهرجي، جيڪو ڪنهن هڪ اتحادي ڌر ۽ وڏيرن لاءِ نه پر سنڌ جي عوام لاءِ هجي، جنهن ۾ سنڌ جي قومي، سياسي ۽ انتظامي وحدت جي ضمانت هجي، جنهن ۾ صوبائي حڪومت پوسٽ آفيس نه پر خودمختيار هجي، جنهن ۾ سنڌ جي عوام جي ئي حاڪميت جي ضمانت هجي. باقي ڇا اهڙو وار ڪرڻ کانپوءِ ان تي مذاڪرات ڪجن ته ڪهڙي ڦٽ تي مرهم رکجي ۽ ڪهڙي کي ڇڏي ڏجي ته اهو وڌي ناسور ٿئي!
5. هن سموري صورتحال ۾ پ پ پ جو هڪ عجيب سياسي ڪردار ۽ تنظيمي نظام سامهون آيو آهي، ماڻهو حيران آهن ته سڄي قيادت ۽ سمورا تنظيمي عهديدار خاموش آهن. ڪنهن هڪ به اخلاقي ۽ سياسي جرئت جو مظاهرو ڪري پنهنجي پارٽيءَ کي آپگهات کان روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، ڪنهن به اُٿي بيهي نه چيو ته چاليهن سالن کان پ پ پ کي مينڊيٽ ڏيندڙ سنڌين سان هي ڇا پيا ڪريو؟ ڪنهن جي لاءِ پيا اها تباهي ڪريو، جن ڪنهن سان اڄ تائين وفا ناهي ڪئي. ڪو هڪ به ايم پي اي، ايم اين اي، سينيٽر ۽ تنظيمي عهديدار نه هو، جنهن پارٽيءَ جي غلط فيصلي تي قوم ۽ وطن کي اوليت ڏني هجي. ڇا اهو تنظيمي جمهوري سياسي ڪلچر آهي ان پارٽيءَ جو، جيڪا پاڻ کي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي جمهوري پارٽي سڏائي ٿي؟ هن بل ته پ پ پ جي تنظيمي ڪلچر کي به بي نقاب ڪيو آهي. حيرت آهي ته سڀني کي معلوم آهي ته هي بل سنڌ لاءِ هاڃيڪار آهي پر سڀ لڳا پيا آهن ان جا ڳڻ ڳائڻ ۾. پارٽيءَ جي قيادت جي غيرجمهوري، مفاهمتي ۽ سنڌ جي مفادن کي پٺي ڏيڻ واري روش کان ته اها اڃا ٻه سئو ڀيرا وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آهي ته پارٽيءَ ۾ اهو رهندو، جيڪو خاموش رهندو ۽ جي ڳالهائيندو ته پارٽيءَ جي غلط فيصلن جي حق ۾ ڳالهائيندو. مان سمجهان ٿو ته سنڌ ته پنهنجي جدوجهد ذريعي نيٺ هن نظام کي ختم ڪرائيندي پر پ پ پ اهو سياسي ڪردار ڪٿان آڻيندي، جنهن ۾ اختلاف راءِ جو احترام ڪبو آهي. جيڪا پارٽي پنهنجي چونڊيل نمائندن، وزيرن ۽ تنظيمي اڳواڻن کي اختلاف راءِ جو حق نه ٿي ڏئي، اُها سنڌ يا سماج کي ڇا جمهوريت ڏيندي؟ پ پ پ کي سياسي ڪردار جو اهو نئون جنم مبارڪ هجي.
ڪيڏانهن گم ٿي ويا اُهي ڪارڪن ۽ اڳواڻ، جن لاءِ چيو ويندو هو ته اُهي بينظير ڀٽو شهيد کي اختلافي راءِ منهن تي چئي ڏيندا هئا. ڇا هاڻي ڪو هڪ به نه بچيو آهي هن پارٽيءَ ۾! ڇا هن نظام ۾ اقتدار ايترو مِٺو آهي، جو چاليهه سال جدوجهد ڪري ۽ آمرن خلاف مزاحمت ڪري جي پيپلز پارٽي اڄ اِتي پهتي آهي ته پوءِ سنڌ سان هن پارٽيءَ جي اهڙي ”انجام“ تي تعزيت ڪرڻ گهرجي. سنڌيءَ ۾ پارٽي قيادت اقتدار جي ڪيف ۾ آهي، پر ڇا ان پ پ پ جي ڪارڪنن کي ان جو احساس آهي ته هنن هن ڀيري مفاهمتي سياست جي نالي ۾ ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو آهي؟

روزاني ڪاوش حيدرآباد، 16 آڪٽوبر 2012ع

ڇا متحده کي گڏ کڻڻ جو ڪو جواز آهي؟

جيتوڻيڪ چونڊن کانپوءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ته وجود ۾ اچي چڪيون آهن پر حڪومت سازيءَ جو مرحلو اڃا پنهنجي پراسس ۾ آهي. جن ڏکين ۽ پيچيده حالتن ۾ چونڊون ٿيون، اُهي ته هڪ حد تائين حل ٿي ويون پر چونڊن کانپوءِ وري نين پيچيدگين منهن ڪڍيو آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ساڄيءَ ڌر (مسلم ليگ ن ۽ جي يو آءِ ف) لبرل (پ پ پ) ۽ کاٻيءَ ڌر جي سوچ ڏانهن مائل ڌر (اي اين پي) گڏجي حڪومت ٺاهي آهي. اها هن اسيمبليءَ ۽ حڪومت جي سگهه ۽ انفراديت به آهي ته وڏي اندروني ڪمزوري به، پر هيستائين ابتدائي مرحلي ۾ ان حڪومتي اتحاد ۾ شامل ڌرين هڪ ٻئي سان سهڪار ڪيو آهي ۽ ان جا امڪان موجود آهن ته اهو اتحاد ۽ ان ۾ شامل ڌريون ماضيءَ جي غلطين ۽ تلخ تجربن مان سکي هاڻي پاڻ سنڀالي هلي ۽ هڪ بهتر سياسي ماحول ۽ ڪلچر جو بنياد وجهن. انهن سمورن مرحلن دوران هڪ سوال بار بار اُٿي رهيو آهي ۽ ان سبب عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام ۾ سخت ڳڻتيءَ واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف ان سان اتحاد ۾ ڏار پوڻ جا آثار به چٽا نظر اچي رهيا آهن ۽ اهو سوال آهي حڪومت ۽ خاص طور سنڌ حڪومت ۾ متحده جي امڪاني شموليت جو سوال. جيتوڻيڪ پ پ پ ان ڏس ۾ ڪوبه واضع ۽ حتمي فيصلو نه ڪيو آهي پر رڳو بار بار ان سوال جي اُڀرڻ سان ئي سنڌي عوام کي پنهنجي حاصل ڪيل فتح شڪست ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي ٿي. جڏهن سنڌي ماڻهو متحده جي سنڌ حڪومت ۾ شموليت تي سخت ارها ٿين ٿا ته ان ۾ سندن ڪوبه نسلي تعصب شامل ناهي ۽ نه ئي ان کي اردو ڳالهائيندڙ عوام سان سنڌي جو قومي رويو سمجهڻ گهرجي. متحده ۽ اردو ڳالهائيندڙ عوام ٻه مختلف شيون ۽ مفاد آهن. جڏهن سنڌي عوام متحده جي وجود کي پنهنجي ڌرتي، سياسي ميدان ۽ پنهنجي دل ئي نه پر روح تي بار ٿو سمجهي ته ان جا ٺوس سبب آهن، جن جو بيناد سنڌي عوام جا گذريل اڍائي ڏهاڪن جا بدترين ۽ خوفناڪ تجربا آهن. انهن مان ڪي خاص سبب هي آهن:
(1) سنڌ جهڙي امن جي ڌرتيءَ تي هن ڌر رياستي مدد سان پنهنجي وجود جي قيام جي پهرين ڏينهن کان وٺي بدترين دهشتگرديءَ جي بازار گرم ڪئي آهي. سياست ۾ فساد، دهشتگردي، خوف، عدم سلامتي ۽ نسلي تعصب سنڌي عوام جي حق ۾ نه آهي، جڏهن ته متحده جي سياست جو بنياد ئي اهي عنصر آهن.
(2) متحده دهشتگرديءَ ذريعي سنڌ جي شهرن تي عملي طور قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن ۾ هنن هميشه وَسَ پڳي سنڌي ماڻهن لاءِ روزگار، رهائش، تحفظ، چٽا ڀيٽيءَ، تعليم ۽ قومي جمهوري سياست جا دروازا بند ڪرڻ جي نه رڳو ڪوشش پئي ڪئي آهي پر ان ۾ رياستي مدد سان گهڻي حد تائين ڪاميابي پڻ ماڻي آهي.
(3) متحده کي جڏهن به حڪومت ۾ رهڻ جو وارو ڏنو ويو آهي ته ان سنڌ حڪومت جي کاتن ۽ اختيارن کي هميشه سنڌي عوام جي قومي مفادن خلاف پئي استعمال ڪيو آهي. لکين ايڪڙ زمينن جي غير قانوني ۽ ناجائز الاٽمينٽ، سموريون نوڪريون پنهنجن دهشتگردن کي ڏيڻ، سنڌي آفيسرن کي شهرن مان نيڪالي ڏئي ديوار سان لڳائڻ، پبلڪ سروس ڪميشن تي قبضو، پاڻ تان هزارين ڏوهن، خونن ۽ دهشتگردين جا ڪيس رات وچ ۾ ختم ڪرائڻ، سنڌي ٻوليءَ سان سخت تعصب جو مظاهرو ڪرڻ، تعليمي ادارن کي تباهه ڪرڻ ۽ سنڌ جي وسيلن جي بيدرديءَ سان ڦرلٽ رڳو ان جا ڪجهه مثال آهن.
(4) متحده جڏهن به حڪومت ۾ ايندي آهي ته اها رياستي ادارن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي پارٽين سان گڏجي هميشه اڪثريتي سنڌي عوام کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. ٻين لفظن ۾ سنڌ تي سنڌين جي حڪمرانيءَ جي تاريخي حق تي ڏٺل وائٺل ڌاڙو محسوس ٿيندو آهي ۽ رڳو محسوس نه پر ثابت ٿيندو آهي.
(5) هر دفعي جڏهن متحده حڪومت ۾ ايندي آهي ته اها پنهنجي سگهه کي ناجائز طور مضبوط ڪرڻ ۽ سنڌ جي ورهاڱي جا عملي طور بنياد رکندي آهي. ڪراچيءَ جي سٽي حڪومت، حيدرآباد جو ورهاڱو، تعصب ۽ ٺڳيءَ تي ٻڌل تڪ بندين، ڪوڙين ووٽر لسٽن، غير قانوني پرڏيهين کي شهريت جا حق وٺي ڏيڻ رڳو ان جا چند مثال آهن.
(6) متحده سنڌ اندر گهڻ نسلي ۽ قوميتي قومي جمهوري سياست آڏو وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ رهي آهي. سنڌ کي اهڙي قومي جمهوري سياست جي گهرج آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ مستقل طور رهندڙ سڀني ٻولين جا ڳالهائيندڙ ماڻهو محبت سان ۽ سنڌ جي مفاد ۾ گڏجي هلن پر ان راهه ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ اها دهشتگرد ڌر آهي جيڪا سنڌ ۾ لساني ۽ نسلي تعصب، دهشتگرديءَ ۽ ڦرلٽ توڙي ڏهڪاءُ جي بنياد تي سياست ڪري ٿي. متحده سنڌ جي قومي جمهوري سياست جي اؤسر آڏو رياست جو ٻڌل هڪ بند آهي، جنهن کي عوام گذريل اڍائي ڏهاڪن کان پئي ڀوڳيو آهي.
(7) متحده نه رڳو مقامي طور اسٽيبلشمينٽ جو هڪ هٿيار آهي پر اها هن خطي ۾ ناجائز مفاد رکندڙ علائقائي (Regional) ۽ عالمي طاقتن جي پاليل شيءِ آهي، ان ڪري جيڪڏهن سڀاڻي هن خطي ۾ ڪابه اٿل پٿل ٿي ته هيءَ ڌر سنڌ ۽ سنڌين جي قومي مفادن خلاف پهرين ڌڪ سان انهن ڌرين طرفان استعمال ٿيندي.
اهي ۽ ٻيا انيڪ سبب آهن جن جي ڪري سنڌي عوام جي گهڻائي هن ڀيري ڪنهن طور به نه ٿي چاهي ته متحده کي سنڌ يا مرڪز ۾ حڪومت ۾ شامل ڪيو وڃي. ان حوالي سان موجوده صورتحال ۾ ان جا ٻيا به مخصوص سبب آهن، جن مان مکيه هي آهن:
(1) مشرف حڪومت جا ڏهه سال سنڌي عوام متحده جي تعصب ۽ سنڌي دشمن روين کي بدترين انداز سان پئي ڀوڳيو آهي. اهو سڄو دؤر سنڌي عوام لاءِ هڪ ڪارو دؤر هو، جنهن ۾ سنڌي عوام کي ٻئي ڇا ٽئين درجي جي ماڻهن جيان ڊيل ڪيو ويو. اڪثريتي نمائندگيءَ باوجود سنڌي عوام سنڌ تي پنهنجي حڪمرانيءَ جي تاريخي حق کان محروم رهيو. سنڌي ماڻهو اکين سان پنهنجين زمينن، ملڪيتن، شهرن، وسيلن ۽ حڪومتي ادارن جي ڀيل نڌڻڪائيءَ سان ڏسندو رهيو. هن ڀيري سنڌي عوام طرفان 1988ع جيان هڪ ڀيرو وري پ پ پ کي ڏنل موٽ ۽ مينڊيٽ جو اصل سبب ئي اهو هو جو ماڻهن دهشتگرد ۽ متعصب راڄ کان نجات ٿي چاهي ۽ سمورين رياستي ڪوششن باوجود سنڌي ماڻهن پنهنجو اڪثريتي مينڊيٽ ڏئي ثابت ڪري ڏيکاريو ته کين سنڌ تي حڪمرانيءَ جو حق واپس گهرجي، جنهن جو واضح مطلب هو ته کين سنڌ ۾ متحده جي دهشتگردي، بليڪ ميلنگ، ڦرلٽ ۽ غير جمهوري راڄ کان نجات ملي. عوام پ پ پ کي ان ڪري به اڪثريتي مينڊيٽ ڏنو ته جيئن اها حڪومت سازيءَ ۾ ڪنهن جي به آڏو محتاج نه هجي ۽ اها سنڌ ۽ ان جي عوام لاءِ ڪو سک جو سنيهو آڻي. ان ڪري متحده جي سنڌ حڪومت ۾ شموليت ان سڄي جذبي ۽ مينڊيٽ جي توهين ٿيندي.
(2) متحده کي جڏهن جڏهن به موقعو مليو آهي ته ان سنڌين جي اڪثريتي مينڊيٽ واري ڌر پ پ پ کي ديوار سان لائي سرڪاري سنڌي وڏيرن جي گروپن سان اتحاد ڪري سنڌ جي حڪومت تي قبضو پئي ڪيو آهي. ڄام صادق، لياقت جتوئي، غوث علي شاهه، علي محمد مهر ۽ ارباب غلام رحيم جي حڪومتن سميت 2002ع جي چونڊن کانپوءِ جو سڄو دؤر به ايئن هو. سنڌي ماڻهو ان ناجائز ۽ توهين آميز دهشتگرد راڄ کان نجات چاهين ٿا. ڇا متحده 2002ع ۾ پ پ پ کي اڪثريتي ڌر طور ڪا آڇ ڪئي؟ جيئن ته اهي سنڌ ۾ گڏجي حڪومت ٺاهين؟ هنن ته پاڻ مسلم ليگ (ق) ۽ فنڪشنل جهڙين سرڪاري ۽ اقليتي ڌرين سان گڏجي اڪثريتي ڌر يعني پ پ پ کي ديوار سان لڳايو. هاڻي جڏهن سنڌي عوام پاڻ مڙسي ڪري پنهنجو قطعي اڪثريتي مينڊيٽ پ پ پ کي ڏنو آهي ته پوءِ ان ڌر کي ڇو سنڌ حڪومت ۾ کنيو وڃي، جنهن هميشه ۽ هر موقعو ملڻ تي سنڌ ۽ سنڌين کي نانگ بڻجي ڏنگيو آهي. اصولي طور ته پ پ پ جي سنڌ ۾ اڪيلي حڪومت کي ماضيءَ جي ڏاڍاين ۽ بدترين ڦرلٽ جو ازالو ڪرڻ گهرجي، پر جي کين ان سڄي ظلم، دهشتگرديءَ ۽ ڦرلٽ توڙي سنڌين سان تعصب باوجود سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو ته پوءِ اها سنڌين جي اڪثريتي مينڊيٽ جي توهين نه چئبي ته ٻيو ڇا چئبو؟
(3) نظر اهو پيو اچي ته پ پ پ متحده جي ان بليڪ ميلنگ جو دٻاءُ محسوس ٿي ڪري جنهن ۾ اها چوندي رهي آهي ته جي کين حڪومت ۾ شامل نه ڪيو ويو ته پوءِ ڪراچيءَ ۾ امن قائم رهي نه سگهندو. ان کان وڌيڪ سندن دهشتگرد ذهنيت جو ثبوت ٻيو ڇا هوندو؟ يعني سنڌين جي اڪثريتي ڌر گذريل اٺ ڏهه سال پاسيري ۽ ديوار سان لڳل هئي تڏهن ڪراچيءَ يا سڄيءَ سنڌ جو امن خراب نه ٿيو پر جڏهن متحده حڪومت کان ٻاهر هوندي ته پوءِ امن قائم رهي نه سگهندو. سوال آهي ته آخر ڪيستائين اها بليڪ ميلنگ جاري رهندي ۽ سنڌ جون حڪومتون يرغمال رهنديون؟ ايئن ته پوءِ ڌاڙيل ۽ ٻيون مافيائون به گڏجي بليڪ ميل ڪن ته کين حڪومت ۾ شامل نه ڪيو ويو ته امن قائم نه رهندو ته پوءِ ڇا انهن کي به وزارتون ۽ سرڪاري منصب ملندا؟ ٻيو ته ڇا امن رڳو سنڌين جي ضرورت آهي؟ ڇا سنڌ ۾ مستقل طور رهندڙ ٻين ماڻهن، سياست، واپار ۽ شعبن کي امن جي ضرورت ناهي؟ ۽ جڏهن ڪا ڌر حڪومت کي ايئن بليڪ ميل ڪري ته پوءِ ان صورتحال ۾ ڪنهن به حڪومت جو فرض ڇا آهي ۽ هئڻ گهرجي؟ حڪومت جو مطلب ڇا هوندو آهي؟ ۽ جيڪڏهن ڪا حڪومت عوام جي مدد ۽ مينڊيٽ باوجود بليڪ ميلنگ آڏو گوڏا کوڙي ته ان کي ڇا چئبو؟
(4) پ پ پ کي پاڻ کي به متحده سان حڪومت ۾ گڏ هجڻ جا ماضيءَ ۾ تلخ ۽ بدترين تجربا آهن. 1988ع ۾ سيد قائم علي شاهه جي حڪومت کي ناڪام ڪرڻ ۾ بنيادي هٿ ان ڌر جو هو. ڀلا ساڳئي ٻِرُ مان پاڻ کي گهڻا ڀيرا ڏنگائبو؟
(5) سنڌي عوام طرفان متحده کي امڪاني طور سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ ان ڪري به نه ٿو وڻي جو ان سان اها ڳالهه هميشه لاءِ ڄڻ ته عملي طور طئي ٿي ويندي ته سنڌين کي اڪثريتي هئڻ باوجود پنهنجي ئي ديس ۽ صوبي ۾ حڪومت ٺاهڻ جو ڪوبه حق نه آهي. جي سنڌي سنڌ ۾ به پنهنجي حڪومت ٺاهي نه ٿا سگهن ته پوءِ ڇا اهي ڪنهن ٻئي صوبي يا مريخ تي وڃي حڪومت ٺاهيندا؟ ٻيو ته پ پ پ ڪو رڳو سنڌين جي پارٽي به نه آهي. اها هڪ وفاقي پارٽي آهي، جنهن ۾ سمورين ٻولين ۽ قومن جا ماڻهو شامل آهن. ان ڪري پ پ پ کي اڪثريتي مينڊيٽ سبب سنڌ ۾ پنهنجي ڌار حڪومت ٺاهڻ جو سمورو اخلاقي، سياسي ۽ آئيني حق آهي ۽ پ پ پ کي پنهنجي ان حق ۽ استحقاق جو احترام ڪرڻ گهرجي.
(6) ماڻهو چاهين ٿا ته گذريل سڄي دؤر ۾ جيڪي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڀڳڙن مُٺ تي وڪيون ۽ قبضي هيٺ آنديون ويون آهن، انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان دهشتگرد ڌر حڪومت جي قيام کان اڳ ئي سنڌ جو سمورو روينيو رڪارڊ ساڙي ڇڏيو آهي. ان واردات جو سبب رڳو اهو آهي ته انهن سنگين ڦرلٽ ۽ ڌاڙن جا پيرا مٽائي ڇڏجن. ماڻهو چاهين ٿا ته شهرن ۽ خاص طور ڪراچيءَ ۾ جيڪي لکين ڇا ڪروڙين غير قانوني هٿيار جمع ڪيا ويا آهن جيڪي پُرامن شهرين ۽ سنڌين خلاف استعمال ٿيندا، اُهي رياستي تحويل ۾ ورتا وڃن، ماڻهو اهو به چاهين ٿا ته دهشتگردن خلاف جيڪي هزارين سنگين ڏوهن جا ڪيس واپس ورتا ويا آهن، اُهي ٻيهر اُٿلايا ۽ قانوني طور عدالتن ۾ هلايا وڃن ۽ مجرمن کي گهربل سزائون ڏنيون وڃن. ماڻهو 12 مئي واقعي، محترمه بينظير ڀٽو جي ڪراچيءَ ۾ جلوس تي حملي ۽ سوين سياسي ڪارڪنن جي قتل جي عدالتي جاچ چاهين ٿا، ماڻهو چاهين ٿا ته سنڌ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن تي قبضو ڪري جيڪي هزارين نوڪريون غير قانوني طور ۽ ٻه اکيائيءَ سان ڏنيون ويون آهن، اهي رد ٿيڻ گهرجن، اهي ۽ اهڙا ٻيا کوڙ سارا جائز مطالبا ۽ خواهشون آهن، جيڪي عوام جي زبانن، ذهنن ۽ دلين ۾ آهن پر جيڪڏهن انهن ڏوهن جي اصل ذميوار ڌر کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو ته معنيٰ اهو انصاف ملڻ ته ٺهيو پر مورڳو ان جو امڪان به ختم.
هن ڀيري هڪ بهتر ڳالهه اها آهي ته پ پ پ جون مرڪز ۾ ٻه مکيه اتحادي ڌريون يعني مسلم ليگ (ن) ۽ عوامي نيشنل پارٽي پڻ متحده کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جي سخت خلاف آهن. پ پ پ کي ان صورتحال جو مڪمل فائدو وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهڙا موقعا کين بار بار نه ملندا. آصف علي زرداريءَ کي سڀنيءَ جو وڏو ٿيڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. سياست ۾ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ يا سڀني کي راضي رکڻ هوشياري نه پر خود فريبي ليکبي آهي. مخدوم امين فهيم جهڙي معتبر اڳواڻ ان ئي سبب ڪري ڌڪ کاڌو، ان ڪري آصف علي زرداريءَ کي ان روش کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته متحده سان گڏ هلڻ بند گليءَ ڏانهن سفر جي مترادف آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سوڀ جي احساس ۾ سرشار سنڌي عوام ان کي پنهنجي مينڊيٽ جي توهين ۽ پنهنجي سوڀ کي شڪسٽ ۾ تبديليءَ جي صورت ۾ ڏسندو.

ڇا پاڪستان پيپلز پارٽي قومي حقِ خوداراديت جي نمائنده جماعت آهي؟

هاڻي جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت پنهنجا پنج سال پورا ڪري، هڪ ڀيرو وري عوام ڏانهن چونڊن ۾ واپس وڃڻ واري آهي ۽ وڏي ڳالهه ته پهريون ڀيرو اُها خالص پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي عوام ڏانهن ويندي- ۽ اڃا وڏي ڳالهه ته هن ڀيري پ پ پ جي ويساهه گهاتين ۽ بدترين حڪمرانيءَ سبب سنڌي عوام به پهريون ڀيرو پ پ پ سان جذباتي سڱ ٽوڙي سندن جمهوري احتساب ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي، تڏهن اسان جي دوست بيريسٽر ضمير گهمري وڏيون نظرياتي تاويلون ڪري ماڻهن کي مُنجهائڻ جي ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته پ پ پ ملڪ اندر سنڌ سميت مظلوم قومن جي حقِ خوداراديت جي ترجماني ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. جيئن ته پنجاب سازش ذريعي کانئن اقتدار کسڻ چاهي ٿو، ان ڪري سنڌي عوام ۽ قومپرست سياست کي پ پ پ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. ضمير گهمري جي تازو ڪاوش ۾ ڇپيل مضمون ”اقتدار جي سويلين بالادستي ۽ سنڌ“ جو بنيادي نقطو ۽ حاصل مطلب اهو ئي آهي. جيئن ته منهنجيءَ نظر ۾ اسان جي هن دوست جو نقطهءِ نظر غلط مفروضن، غيرمنطقي تجزيي ۽ گمراهه ڪندڙ نتيجن تي ٻڌل آهي، ان ڪري مان پنهنجو فڪري فرض سمجهان ٿو ته سندس هن مضمون جي ڇنڊڇاڻ ڪجي ۽ سنڌي عوام کي فڪري مونجهارن جي ڌٻڻ ۾ ڪِرڻ کان بچائجي. مان هن مضمون ۾ سندس سمورن نقطن جي ترتيبوار ڇنڊڇاڻ ڪندس ۽ بيريسٽر ضمير گهمري جي ان جمهوري حق جو احترام ڪندس، جي هو پوءِ به پنهنجي ساڳئي موقف تي قائم رهي.
ڇا پاڪستان جو بنيادي تڪرار سول-ملٽري تضاد آهي؟
پاڪستان جي رياست تمام پيچيده آهي ۽ ان جي تضادن کي ڪنهن به هڪ رخ کان نٿو ڏسي سگهجي. بيريسٽر ضمير گهمري پنهنجي مضمون جي مُنڍ ۾ ئي لکيو آهي ته: ”هن ملڪ جو 1947ع کان بنيادي تضاد اقتدار تي سويلين بالادستيءَ جو رهيو آهي.....“ منهنجيءَ نظر ۾ پاڪستان جو بنيادي تضاد هڪ مذهبي رياست جو هجڻ ۽ عملي طور هڪ ناهموار غيروفاقي رياست جو هجڻ آهي، جنهن ۾ ملڪ جون خالق مظلوم قومون پهرين ڏينهن کان غلام بڻايون ويون آهن. رياست جي ان بيهڪ کي قائم رکڻ لاءِ ئي هن ملڪ ۾ جمهوريت جي نفي ڪئي وئي ۽ فوجَ ملڪ جي رياستي وهنوار تي بالادستي قائم ڪري ورتي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته رياست جو مذهبي بنياد، غيرهموار ۽ غيروفاقي ڍانچو ۽ قومي تضاد هن ملڪ جا مکيه تضاد آهن ۽ ملٽريءَ جي رياست جي سياسي ۽ معاشي وهنوار تي بالادستي ان جي هڪ حڪمت عملي آهي، جيڪا وقت سان گڏ اُسري پاڻ هڪ پيشه ورانه ناجائز مفاد جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. سوال آهي ته جي رياست بدستور مذهبي رهي، ان جو رياستي ڍانچو غيروفاقي هجي ۽ قومي تضاد موجوده شڪل ۾ موجود رهي ۽ اقتدار مڪمل طور سويلين حڪومتن وٽ رهي به ته ڇا پاڪستان جو بنيادي رياستي تضاد حل ٿي ويندو؟ مان سمجهان ٿو ته هرگز نه! اها حقيقت آهي ته مارشلائن ۽ غيرجمهوري دورن ۾ رياست جو ڪردار وڌيڪ جابرانه هجي ٿو پر ايئن به ناهي ته سويلين حڪومتن ۾ رياست جو ڪردار ”ماءُ“ وارو ٿي ويندو آهي. اهو ان ڪري آهي جو حڪومتون ته تبديل ٿينديون رهنديون آهن پر رياست ته ساڳي آهي ۽ ان جو ڍانچو، طاقت جو توازن به ساڳيو هوندو آهي. رڳو حڪومتن جي فرق سان رياست جو بنيادي ڪردار تبديل ٿي نه ٿو سگهي. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته اسان جي دوست ضمير گهمري جنهن نقطي کي بنياد بڻائي مضمون لکيو آهي، اهو نقطو ئي غيرمنطقي آهي.
ڇا پ پ پ قومن جي حقِ خوداراديت ۾ ويساهه رکي ٿي؟
بيريسٽر ضمير گهمري هن مضمون ۾ پ پ پ بابت هڪ وڏو سياسي انڪشاف ڪيو آهي، جنهن جي شايد پ پ پ جي فرشتن کي به خبر نه هجي. مضمون ۾ هن پ پ پ کي رياست اندر قومن جي حقِ خوداراديت جي ترجمان ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪندڙ پارٽي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هو لکي ٿو:
”مرڪزيت ۽ آپيشاهي اقتدار تي زبردستي قبضي، جڏهن ته جمهوريت قومن جي حق خود اختياريءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي، ڇو ته قومن جو حق خود اختياري پڻ هڪ اعليٰ جمهوري حق آهي. ڪنهن به جمهوري فيڊريشن ۾ قومن کي اندروني حق حڪمراني Internal right of self- determination هجي ٿو، ۽ ان فيڊريشن ۾ جڏهن سويلين حق حڪمراني تاراج ٿئي ٿو ته قومون خارجي حق خود اختياري External right of self- determination جي گهر ڪن ٿيون. جيئن موجوده فيڊريشن ۾ سنڌي، بلوچ، پختون رکندا آيا آهن، جڏهن ته بنگالي اقتدار تي سويلين بالادستي نه هجڻ ڪري ئي فيڊريشن کان الڳ ٿي ويا. سنڌ ۾ به هي ٻه سياسي ڌارائون آهن، هڪ جي پيپلز پارٽي ۽ ٻيءَ جي جيئي سنڌ نمائندگي ڪري ٿي. پيپلز پارٽيءَ جي سموري سياست جو محور اقتدار جي سويلين بالادستي رهيو آهي، پوءِ ڀل ته ان لاءِ ان کي ڪيترائي غير مقبول ٺاهه ڇو نه ڪرڻا پيا هجن.
...جيئن ته پيپلز پارٽي هن فيڊريشن ۾ اقتدار تي مڪمل سويلين بالادستيءَ ۾ يقين رکي ٿي، ان ڪري اها قومن کي پنهنجي رياستن ۾ اندروني حق خود اختياري آڇي ٿي. اندروني حق خود اختياريءَ مان مواد سمورن صوبن (رياستن) ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن ذريعي ان صوبي جي ماڻهن جي حڪومت قائم ڪرڻ ۽ ان حڪومت کي سياسي، سماجي، معاشي، ثقافتي توڙي ترقياتي شعبن ۾ عوام کي حڪومتي سهولتون مهيا ڪرڻ هجي ٿو.“
مون کي اهو ويساهه نه ٿو اچي ته ضمير گهمري جهڙي لائق وڪيل ۽ پڙهيل لکيل ماڻهوءَ کي ”قومي حقِ خوداراديت“ جي معنيٰ جي خبر نه هوندي. جي ايئن هجي ها ته هو ان کي ان ۾ حوالي طور به ڪم نه آڻي ها. گهڻ قومي رياستن يعني وفاقي ملڪن ۾ ”قومي حقِ خوداراديت“ جو مطلب سندن آزاد ۽ مڪمل خودمختيار حيثيت هوندو آهي. ڪينيڊا، ڀارت، سئٽزرلينڊ، ايٿوپيا، بيلجيم جهڙن ملڪن ۾ به اهو اختيار قومن کي نه پر صوبن يعني رياستن کي مليل آهي. قومي حقِ خوداراديت 20هين صديءَ ۾ قومي رياست (Nation-State) جي اڏاوت کانپوءِ تمام وڏو سياسي سوال رهيو ۽ دنيا جي اڪثريتي ملڪن ۾ اڄ به اهو حق گهڻ-قومي رياستن ۾ قومن کي حاصل نه آهي. پاڪستان جي رياست، ان جو آئين ۽ خود پاڪستان پيپلز پارٽي ته خود قومن جي وجود جا ئي انڪاري آهن. جيڪا پارٽي ڄائي ڄمَ کان ملڪ ۾ قومن جي وجود جي ئي انڪاري هجي، ان بابت ايئن چوڻ ته ”جيئن ته پيپلز پارٽي هن فيڊريشن ۾ اقتدار تي مڪمل سويلين بالادستيءَ ۾ يقين رکي ٿي، ان ڪري اها قومن کي پنهنجي رياستن ۾ اندروني حقِ خوداختياري آڇي ٿي“ هڪ عجيب ئي نه پر سخت گمراهه ڪندڙ مفروضو آهي. ملڪ جو آئين ته ٺهيو پر ڀلا خود پ پ پ جو منشور پاڪستان کي گهڻ-قومي رياست ۽ ان ۾ قومن جي وجود کي تسليم ڪري ٿو؟ اهو ته ملڪ جي آئين جيان قومن جي وجود کان سراپا انڪار ۽ نفيءَ تي ٻڌل آهي. جيڪا دعويٰ پ پ پ بابت اسان جي هن دوست ڪئي آهي، اهڙي دعويٰ ته خود ڪڏهن پ پ پ به نه ڪئي آهي. ٻيو ته مان حيران آهيان ته فاضل ليکڪ ملڪ ۾ سويلين بالادستيءَ ۽ قومن جي حقِ خوداراديت جي سوال کي ڪيئن ٿو گڏائي ۽ هڪٻئي سان مشروط ڪري. هن ملڪ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون آهن، جهڙوڪ پ پ پ، پي ايم ايل (ن)، پي ايم ايل (ف)، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام وغيره جيڪي سويلين بالادستيءَ جي سوال تي متفق آهن پر گڏوگڏ اُهي پاڪستان کي گهڻ-قومي ملڪ ۽ قومن جي خودمختيار وجود کان انڪاري آهن. اڃا پاڪستان ۾ صوبن کي ئي خودمختياري نه ملي سگهي آهي ته قومن جي حقِ خوداراديت جو سوال ته تمام وڏو آهي.

ڇا پ پ پ جا ڪيل ٺاهه جمهوري ۽ جائز هئا؟
اسان جي دوست ضمير گهمري پنهنجي هن مضمون ۾ پ پ پ جي موجوده حڪومتي دور اندر ڪيل بدترين ٺاهن ۽ فيصلن کي به اڻ-سڌيءَ ريت جائز ۽ ڊگهي مفاد لاءِ هڪ مجبوريءَ طور بيان ڪيو آهي. مثال طور هو لکي ٿو:
”توڙي جو 2008ع کان هينئر تائين گذريل 5 سال جمهوريت يا اقتدار تي سويلين حق حڪمرانيءَ جو عبوري دور هو، ان ئي سبب جي ڪري اقتدار جي سويلين بالادستي ختم ڪرڻ لاءِ راتاها هڻڻ جون گذريل پنجن سالن دوران تمام گهڻيون ڪوششون ٿيون پر پيپلز پارٽي مسلسل غير مقبول ٺاهه ڪري اهڙين ڪوششن کي ناڪام ڪري ڇڏيو. انهن غير مقبول ٺاهن جي ڪري پ پ پ کي عوامي راءِ جي حساب سان وڏو نقصان پيو پر جيئن ته پ پ پ جي سياست جو بنياد ئي اقتدار تي سويلين بالادستي قائم ڪرڻ آهي، ان ڪري ان اهي سڀ ٺاهه قبول ڪيا پر اقتدار تي سويلين بالادستيءَ تي سمجهوتو نه ڪيو.“
ان جو سنئون سڌو مطلب اهو ٿيو ته پ پ پ متحده سان جيڪو ناجائز ٺاهه ڪيو ۽ سندن دٻاءُ تحت جيڪو ٻٽي مڪاني نظام جو بل پاس ڪرايو، پرويز مشرف جي دور ۾ ڪيل سنڌ دشمن فيصلن کي نه واپس نه ورتو، شفاف آدمشماري نه ڪرائي ۽ ڪراچيءَ تي ناجائز طور هڪ پارٽيءَ جي هڪ هٽيءَ کي قائم رهڻ ڏنو- اهو سڀ جائز هو، ڇاڪاڻ ته اهو پ پ پ حڪومت ملڪ ۾ سويلين بالادستيءَ جي ڊگهي مفاد تحت ڪيو، يعني پ پ پ سنڌ دشمن ”غير مقبول“ ٺاهه ته قبول ڪيا پر ضمير گهمري چواڻي ”سويلين بالادستيءَ تي سمجهوتو نه ڪيو“. جي اها راز جي ڳالهه اسان کي ضمير گهمرو صاحب مهل ۾ ٻُڌائي ها ته پوءِ متحده جي ناجائز مطالبن ۽ ٻٽي مڪاني نظام خلاف سنڌي عوام جي هيڏي ساري جدوجهد جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ جڏهن سندس جدوجهد ۽ ”غير مقبول فيصلا“ هئا ئي قومي حقِ خوداراديت لاءِ ضامن سويلين بالادستيءَ لاءِ ته پوءِ حقيقت اِها آهي ته سنڌ ۽ سنڌين جي سموري جدوجهد ته سويلين بالادستيءَ جي مخالف قوتن جي حق ۾ وئي. ڇا اهو به هاڻي ڪو راز آهي ته پ پ پ اهڙا ٺاهه ۽ فيصلا سنڌ يا ملڪ جي مظلوم قومن ۽ عوام جي مفادن بجاءِ پنهنجي گروهي مفادن لاءِ ڪري ٿي؟

ڇا پ پ پ جي سويلين بالادستيءَ جو مقصد قومن کي اقتدار ڏيارڻ آهي؟
اسان جي دوست ضمير گهمري جي مضمون مان اهو واضح تاثر ملي ٿو ته هن جي نظر ۾ پ پ پ هيءَ سموري ويساهه گهاتي، ناجائز ٺاهه، بدترين حڪمراني ان ڪري ٿي ڪري جو هن کي بنيادي طور سويلين بالادستي عزيز آهي ۽ وري پ پ پ جي سويلين بالادستيءَ جو اصل مقصد سنڌي، سرائيڪي، بلوچ ۽ پختون قومن جي اڪثريت کي اقتدار ڏيارڻ آهي. هو لکي ٿو:
”ٻاهرين ۽ اندروني خود اختياريءَ ۾ جيترو فرق هجي ٿو، اوترو ئي فرق سياست ۾ انهن پارٽين جي وچ هجي ٿو، جيڪي اندروني ۽ ٻاهرين حق خود اختياريءَ جي سياست ڪن ٿيون. اندروني حق خود اختياريءَ جي سياست ڪندڙ ڌريون ٻاهرين حق خود اختياريءَ جي گهر ڪندڙ ڌر کان رڳو هڪ ڊگري پري هجن ٿيون. جيئن بنگال ۾ قومپرست ڌريون سويلين بالادستيءَ جي ڳالهه ڪندي وڃي ٻاهرين حق خود اختياريءَ تي پهتيون، اهڙي طرح قوم لاءِ پارلياماني سياست ڪندڙ ڌريون فيڊريشن جي سياسي سرشتي ۾ اعتماد وڃائڻ کان پوءِ ٻاهرين حق خود اختياريءَ جي حمايت ڪن ٿيون، ڀلي پوءِ اها سڌي يا اڻ سڌي طرح هجي. بلوچ پارلياماني پارٽين اهڙي حق جي کليل حمايت ڪئي، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي ماضيءَ ۾ اڻ سڌي يا سڌي طرح اهڙي ڳالهه جو ورجاءُ پئي ڪندي آئي آهي. انڪري ڪنهن به قوم ۾ انهن ٻن ڌارائن جي سياست ڪندڙ پارٽيون هرو ڀرو پاڻ هڪٻئي کان ايترو پري هجن ئي نٿيون.
سنڌ ۾ جيئن پيپلز پارٽي ۽ جيئي سنڌ جو مثال آهي، ٻنهي ۾ حقيقت ۾ فرق ڊگريءَ جو آهي، ڇو ته پ پ اقتدار تي سويلين بالادستيءَ جي جڏهن ڳالهه ڪري ٿي ته ان جو مقصد اقتدار پنجاب وٽ هرگز رکڻ نه آهي، اقتدار تي سويلين بالادستيءَ جو مقصد سنڌي، سرائيڪي، بلوچ ۽ پختون قومن جي اڪثريت کي اقتدار ڏيارڻ آهي.“
نه رڳو اهو پر هو ته سمجهي ٿو ته سنڌ ۾ سياست جون صرف ٻه ڌارائون آهن، يعني جيڪا ڌر ”خارجي حقِ اختياري“ چاهي ٿي اُها جيئي سنڌ آهي ۽ جيڪا ڌر قومن کي “اندروني خوداختياريءَ” جي ترجمان آهي اُها پاڪستان پيپلز پارٽي آهي. حقيقت ۾ اِهي ٻئي مفروضا غلط آهن. سائين جي ايم سيد جي فڪري واٽ سنڌو ديش ۽ جيئي سنڌ جي سياست حقِ خوداراديت جي بجاءِ مڪمل آزاديءَ جي ڳالهه ڪري ٿي ۽ پ پ پ جو ته سنڌين، سرائيڪين، بلوچن ۽ پختونن جي قومي سوال يا انهن جي خوداراديت جي جدوجهد سان ڪو تعلق ئي نه آهي. سنڌ ۾ قومي حوالي سان ٻه ڌارائون اهي آهن ته سائين جي ايم سيد بنگلاديش جي آزاديءَ کانپوءِ قومن جي مڪمل آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ رسول بخش پليجي جي جدوجهد ملڪ جي وفاق اندر قومن جي قومي حقِ خوداراديت لاءِ رهي. ايئن ئي خان غفار خان، ولي خان، مرحوم بزنجي، عطاءُ الله مينگل ۽ ٻين جي جدوجهد رهي آهي. ملڪ ۾ جنهن پارٽيءَ يعني نعپ قومي سوال کي کنيو، پ پ پ ته ان کي ڪڏهن به نه سَٺو. بيريسٽر ضمير گهمري کي رات وچ ۾ اهو نظرياتي الهام الائجي ڪيئن ٿيو آهي ته پ پ پ قومن جي حقِ خوداراديت جي ترجمان آهي ۽ سندس سياست جو مقصد مظلوم قومن کي اقتدار ڏيارڻ آهي. هن مضمون کانپوءِ عوامي تحريڪ، ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، جيئي سنڌ محاذ جي دوستن کي به اها خبر پوڻ گهرجي ۽ ان غلط فهميءَ مان نڪرڻ گهرجي ته ڪو هو سنڌ جي قومي حقِ خوداراديت لاءِ جاکوڙي رهيون آهن، اها دعويٰ ڪرڻ جو استحقاق ته صرف پ پ پ جو آهي. سرائيڪي صوبي جو شوشو به پ پ پ هڪ ڪارڊ طور استعمال پئي ڪري ۽ ان صوبي جو مطالبو به اُها قومي بنياد تي نه پر علائقائي بنياد تي پئي ڪري. ڇا پ پ پ هڪ ڀيرو به چيو آهي ته سرائيڪي هڪ قوم آهن، ان ڪري کين صوبو ملڻ گهرجي؟ سنڌ جي عوام لاءِ اهو بنهه نئون انڪشاف آهي، جيڪو ضمير گهمري ڪيو آهي ته:
”ان ڪري سنڌ جي جڏهن اندروني ۽ ٻاهرين حق خود اختياريءَ جي ڳالهه ڪجي ٿي ته پيپلز پارٽي ۽ جيئي سنڌ ۾ رڳو ڊگريءَ جو فرق آهي. ان ئي سبب جي ڪري رياستي عتاب به گهڻي کان گهڻو ٻنهي پارٽين يا ان سان لاڳاپيل ڌڙن ڀوڳيو آهي. شهيد به انهن جا ئي گهڻا آهن. پيپلز پارٽي ۽ جيئي سنڌ ۾ رڳو ڊگريءَ جو فرق آهي ۽ ٻئي پنهنجي جوهر ۾ هڪ قوم جي بالادستيءَ جي خلاف آهن.“
گهٽ ۾ گهٽ هن مضمون کانپوءِ ته جيئي سنڌ جي دوستن کي پ پ پ سان ڏهاڪن جا اختلاف ختم ڪرڻ گهرجن، جو پ پ پ ۽ منجهن فرق رڳو هڪ ”ڊگريءَ“ جو آهي. اسان جي دوست ضمير گهمري ته اها بشارت به ڏئي ڇڏي آهي ته:
”اپوزيشن جي بيابانن ۾ جهاڳيندي پيپلز پارٽيءَ هڪ سبق ضرور سکيو آهي ته اها هينئر ڪنهن به صورت ۾ اپوزيشن ۾ نه ويهندي، ڇو ته اها اڪثريتي قومن جي نمائنده آهي.“
حقيقت اها آهي ته پ پ پ 1988ع کانپوءِ عوامي جدوجهد ۽ مزاحمت جو اڳ ڇڏي ڪمپرومائيز ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ جي سوچ اختيار ڪئي. ڇا هن موجوده نظام ۾ جيڪي پارٽيون اقتدار ۾ اچن ٿيون، اهي سچ پچ قومن جون نمائنده آهن يا ٿي به سگهن ٿيون؟

چونڊون 2012ع ۽ سنڌ جا مفاد:
اهي سموريون نظرياتي تاويلون ڪرڻ کانپوءِ مضمون جي آخر ۾ خبر پوي ٿي ته ان جو ”شانِ نزول“ يا حاصل مطلب ڇا آهي؟ چونڊون مٿان آهن ۽ ان حوالي سان هن سموري تجربي جو ڇيهه اسان جي دوست ضمير گهمري هنن نقطن تي ڪيو آهي. هو لکي ٿو:
”هاڻي هر صوبي ۾ پنجاب جا تابعدار پير، مير، وڏيرا سڀ گڏ ڪري پنجاب جي سويلين بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ جتن ٿي رهيا آهن.“
”ايندڙ وقت ۾ اقتدار پنجاب کي ڏيارڻ لاءِ چئني صوبن ۾ لٺ ۽ پئسو وهندو ۽ جيڪڏهن پنجاب کي اهو ته ان سان به ڪم نه ٿو ٿئي ته پوءِ پڪ سمجهو ته اقتدار تي قبضي لاءِ سڌي يا اڻ سڌي طرح جي وڏي ڪوشش ٿيندي.“
”سنڌ لاءِ هي اقتدار نه پر جدوجهد آهي. سنڌ اقتدار ۾ هوندي به جهڙوڪ اپوزيشن ۾ آهي. هڪ پاسي اها ملڪ ۾ سويلين بالادستيءَ لاءِ مسلسل وڙهي رهي آهي، ته ٻئي پاسي سنڌ اندر آجپي جي جدوجهد جاري آهي. سنڌ لاءِ هي اقتدار جو نه پر مشقت جو دور آهي، جتي اقتدار تي سويلين بالادستيءَ واري جنگ توڙي آجپي واري جدوجهد کي مخصوص ميڊيا ٽوڙي مروڙي پيش ڪري سنڌين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌين کي ’ڪنفيوز‘ ڪري انهن خلاف مختلف الزام گهڙي کين مجبور ڪيو پيو وڃي ته 87 قومي اسيمبليءَ جي سيٽن واري پنجاب جي اقتدار ۾ سويلين بالادستي قبول ڪن، 185 سيٽن وارا گهر هلن ۽ 87 سيٽن وارو پنجاب، ملٽري دور هجي يا جمهوري دور، اهو حڪمراني ڪري. ان لاءِ هنن ڪافي اين جي او نما پارٽيون ميدان تي لاٿيون آهن، ميڊيا کي لاٿو آهي، الائي ڇا ڇا اشوز کڻي ايڏو هل ۽ هنگامو ڪيو آهي، جو ويچارا سنڌي جن کي ڏاهپ جا هونئن ته وڏا گر آهن، سي سوچڻ تي مجبور آهن ته ٻيلي هاڻي ووٽ ڪنهن کي ڏيون!“
مضمون جي هنن ٽڪرن کي غور سان پڙهندي ماڻهو آسانيءَ سان سمجهي ويندو ته ان جو عملي مطلب هي نقطا آهن:
پ پ پ مخالف جيڪي به چونڊ اتحاد جڙي رهيا آهن، اُهي سنڌ دشمن آهن ۽ اهي پنجاب جي سويلين بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ آهن.
ايندڙ چونڊن ۾ لَٺِ، چٺِ ۽ پئسو رڳو پ پ پ مخالف استعمال ڪندا. پ پ پ کي حرام آهي جو اُها لٺ ۽ پئسو استعمال ڪري ۽ ها باقي اها چونڊن ۾ رڳو پنجاب جا غيرتعبيدار پير، مير ۽ وڏيرا استعمال ڪندي- وڌيڪ بلڪل نه!
پ پ پ جي فيصلن خلاف جيڪا به جدوجهد هلي پئي ۽ جيڪو به آواز اُٿي پيو ان لاءِ ”هنن“ اين جي او نما سياسي پارٽين ۽ ميڊيا کي ميدان تي لاٿو آهي ۽ اُهي ”الائجي ڇا ڇا“ اشوز کڻي اجايو “هُل هنگامو” ڪري رهيا آهن.
”ڳالهه پڌر تي پئي آهي ته پنجاب اسان تي چوريءَ جو الزام هڻي اقتدار تي پاڻ ٿو اچڻ چاهي. “
معنيٰ پ پ پ حڪومت ڪجهه به نه ڪيو آهي پر اجايو مٿس الزام هڻي کيس خوار ڪيو پيو وڃي.
اسان جي هن فاضل ۽ لائق دوست آخر ۾ اهو سمورو نظرياتي تجزيو ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ کي واضح صلاح ڏني آهي ته:
”سنڌين کي پنهنجي قومي تحريڪ کي اقتدار تي سويلين حق حڪمرانيءَ واري جمهوري تسلسل سان ڳنڍڻو پوندو، ڇو ته ان سان مرڪز کي زبردست ڌچڪو لڳي ٿو ۽ سنڌين کي پنهنجي صوبي اندر حق حڪمرانيءَ کي هٿي ملي ٿي.“
موجوده صورتحال ۾ پ پ پ جي پاليسين، حڪمرانيءَ جي انداز ۽ سندن مجموعي سياست ۽ ڪردار جي بچاءُ ۾ اهڙو ”نظرياتي“ موقف ته ڪنهن پيپلي دانشور به نه رکيو آهي، جيڪو اسان جي هن دوست ضمير گهمري هن خاص موقعي تي رکيو آهي. جي اهڙو موقف هن پنهنجي سياسي شعور جي سادگيءَ تحت رکيو آهي ته ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ۽ جيڪڏهن ان جي پٺيان ڪو ”روحاني راز“ آهي ته اهو به واضح ٿيڻ ۾ شايد گهڻي دير نه لڳندي. حڪومتون اچڻيون وڃڻيون آهن پر ماڻهوءَ جو نظرياتي ڪردار وڏي معنيٰ رکي ٿو، ڪاش اسان جو دانشور لڏو اها ننڍڙي پر دراصل تمام وڏي ڳالهه سمجهي سگهي.

روزاني ڪاوش حيدرآباد، خميس 14 مارچ 2013ع

جمهوريت جو کٽيو عوام ڇونه ٿو کائي؟

خيرن سان پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن چونڊيل (ضروري ناهي ته حڪومت جمهوري به هجي) حڪومت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪئي. جمهوريت هڪ مسلسل عمل آهي ۽ ان ۾ چونڊيل حڪومتن جو جمهوري احتساب عوام ڪندو آهي، پر پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو استحقاق هميشه اسٽئبلشمينٽ پاڻ وٽ رکيو آهي. هاڻي جڏهن ”مينهن“ رڍ کي ”ٻوٿ ڪاري“ چوندي، ته پوءِ جيڪو احتساب ٿيندو آهي، اهو خاص طور 1990ع کان وٺي، هن ملڪ جي عوام بار بار ڏٺو آهي. هن ڀيري به ساڳين ڌرين جي نظرياتي نمائندن طرفان اهو راڳ الاپجڻ شروع ٿي ويو آهي ته پوءِ ان سان گڏ اها روايت به پوڻ گهرجي، ته هن ڀيري گذريل حڪومت جو احتساب اسٽئبلشمينٽ يا سندن اشارن تي کيڏندڙ ڌريون نه پر عوام ڪري. 1988ع کان ملڪ ۾ ضياءَ شاهيءَ دور جي خاتمي سبب جهڙي تهڙي جمهوريت بحال ٿي ۽ وچ ۾ پرويز مشرف جي آمريتي دور جا نوَ سال ڪڍي ڇڏجن ته 5 چونڊيل سياسي حڪومتون اقتدار ۾ آيون، جن مان ٽي پ پ ۽ ٻه مسلم ليگ (ن) جي حصي ۾ آيون، انهن سترنهن سالن ۾ جيڪا به انڌي منڊي جمهوريت ملڪ ۾ بحال ٿي ۽ چونڊيل حڪومتون اقتدار ۾ آيون، اهي ڪو پاڻ مرادو ڪونه آيون. ملڪ جي عوام ۽ خاص طور سنڌ جي عوام ان جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ هر سطح تي ۽ هر قسم جون مثالي قربانيون ڏنيون. ماڻهن انهن جمهوريتن لاءِ جيل کاڌا، ڪوڙا سٺا، ڦاهيون ۽ پل پل جا عذاب سٺا ۽ پوءِ به اڻ ورچ مزاحمتون ڪيون، هن ملڪ جي ۽ خاص طور سنڌ جي عوام انهن جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اهو سوال پوري سنجيدگيءَ ۽ شدت سان اڀارجي ته انهن جمهوريتن جو کٽيو ڪنهن کاڌو؟ ممڪن آهي ته ڪجهه دوستن لاءِ ”سولين بالادستي“ عوام جي قربانين جو ثمر ۽ جمهوريت جو معراج هجي، پر اسان کي جتي غير جمهوري قوتن ۽ اسٽئبلشمينٽ جي جمهوريت دشمن راتاهن جي مزاحمت ڪرڻ گهرجي، اتي ان ”سويلين بالادستيءَ“ جو به بيرحميءَ سان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي ته ان عوام کي ڇا ڏنو؟ جمهوريت عوام جي راڄ کي چئبو آهي، پر هيءَ ڪهڙي ”سويلين بالادستي“ آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن سڀني کان وڌيڪ ويچارو، ويڳاڻو، نڌڻڪو، ويساهه گهاتين جو ماريل، لاقانونيت ۽ دهشتگرديءَ جي باهه ۾ اڇلايل آهي ته اهو عوام آهي. ”اٽي لٽي ۽ اجهي“ جي نعرن تي ڌتاريل عوام، جنهن جون پيرسن بيواهه پوڙهيون به هزار روپين جي خيرات جهڙي وظيفي وٺڻ لاءِ ڌڪا ۽ ٿاٻا کائين ٿيون. ڇا ان ”سويلين بالادستيءَ“ کي رڳو ان بنياد تي هر گناهه، ڏوهه ۽ ويساهه گهاتيءَ جي پڇاڻي کان آجو ڪري ڇڏجي، جو انهن حڪومتن ۾ حڪمران وردين ۾ ناهن هوندا؟ هن ملڪ ۾ جمهوريت جي حوالي سان اهو بنيادي سوال آهي ته ڇا جمهوريت جو جيڪو حق ۽ اسپيس عوام لازوال قربانيون ڏيئي، وردين وارن کان ڇني وٺي ٿو، اهو غير مشروط طور انهن ڪرپٽ، ويساهه گهاتيون ڪندڙ، ميرٽ جي لتاڙ ذريعي معاشري کي برباد ڪندڙ ۽ نوجوان نسل کي ڀوتارن جي پيرن ۾ اڇليندڙ ڪوتاهه نظر طبقي کي ڏئي ڇڏجي، جن لاءِ حڪومتون عوام جي خدمت ۽ رياست جو وهنوار فضيلت سان هلائڻ جي ذريعن بدران دولت جا انبار گڏ ڪرڻ ۽ پنهنجي قوم ۽ عوام جي مفادن جو سودو ڪرڻ جون ”پِڙيون“ آهن. اهي جمهوريتون جن لاءِ وڙهندو عوام ۽ کٽيو کائيندا. ”کاٽائو پٽ!“ عوام دشمن ۽ ڪرپٽ نظام ۾ هر سطح تي اهڙا ”کاٽائو پٽ“ ويٺل هوندا آهن ۽ هر حڪومت ۾ ڪي نه ڪي اهڙا شخص پردي پويان حڪومتون هلائي رهيا هوندا آهن. ڪو ويساهه ڪندو ته لاڙڪاڻي ضلعي جي لاءِ 72 ارب خرچ ڪيا ويا! 72 ارب جي سچ پچ خرچ ٿين ها ته لاڙڪاڻي کي ڏسڻ لاءِ سياح يورپ مان اچن ها. حيدرآباد تي 35 ارب! آهي ڪو نالو نشان؟ ڇا تي خرچ ٿيا اهي 35 ارب؟ قاسم آباد ۾ ڪو هڪ به رستو ناهي فضيلت ڀريو. 21هين صديءَ ۾ قاسم آباد کي بس اسٽاپ ناهي، سبزي ۽ فروٽ يا گوشت مارڪيٽ ناهي، ڪو هڪ باغ ناهي. هيءَ سويلين بالادستي، جنهن ۾ تعليم ۽ صحت جا شعبا برباد آهن. ٽي سال سنڌ يونيورسٽي جا استاد، شاگرد ۽ سڄو معاشرو رستن تي احتجاج ڪندو رهيو ته مادر علمي سنڌ يونيورسٽي کي ميرٽ تي ڪو قابل، فرض شناس ۽ تعليم دوست وائيس چانسلر ڏيو، ڪنهن به نه ٻڌو، ڇو ته پ پ جي اعليٰ قيادت جو ماڻهو يونيورسٽيءَ جي تخت تي ويٺل هو. سنڌ ۾ ٻه بدترين ٻوڏون آيون، ٻه ڪروڙ ماڻهو بي گهر ۽ دربدر ٿيا. ڇا ٿيو؟ عارضي خيرات تي هيرائي ماڻهن جي عزت نفس کي مجروح ڪيو ويو. ڪو هڪ سنجيده قدم کنيو ويو، جنهن سان انهن جي حياتين ۾ ڪو ڦيرو آيو هجي. اها سويلين بالادستي ئي هئي، جنهن ۾ پنج سال ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي بازار گرم هئي. اتر سنڌ ۾ قبائلي وحشت جو راڪاس پئي گهميو. جيڪڏهن قاتل ڪڇ ۾ ويٺا هوندا ته امن ڪير ۽ ڇو آڻيندو؟ 21 صديءَ ۾ ارڙي ۾ 600 ٻار سنڌ ۾ مري ويا، پر سويلين بالاستيءَ کي ”ڌنڌي“ مان فهرست هجي، ته اها عوام جي سار لهي.
مان سمجهان ٿو ته آمريتي قوتن کان جمهوريت جو حق واپس ورائڻ رڳو قدم آهي جمهوريت ڏانهن اڳتي وڌڻ جو. جمهوريت لاءِ ته اصل ويڙهه ته شروع ئي تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن لوڀين کانپوءِ ٺوڳي ايندا آهن ۽ ملڪ ۾ اها نام نهاد ”سويلين بالادستي“ قائم ٿيندي آهي. رڳو ٺلهي ”سويلين بالادستيءَ“ جي نالي تي جمهريون هڻڻ عوام سان هڪ ٻئي دانشورانه دوکي برابر آهي. ماڻهن کي چٽو ڪري ٻڌائڻ گهرجي ته جنهن جمهوريت لاءِ عوام لٺيون کائي ٿو، ان جو کٽيو ”کاٽائو پٽ“ ڇو ٿا کائين؟ منهنجي نظر ۾ ان جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي جو ”سويلين بالادستيءَ“ جو گهربل بي رحم عوامي احتساب نه ٿو ٿئي. جمهوريت رڳو ”کاٽائو پٽن“ جي جاوا ڪرائڻ لاءِ ٺلها ٺپا هڻڻ جو نالو ناهي. جمهوريت جي معنى آهي باشعور عوام جو راڄ! ان ڪري هن ڀيري جڏهن حڪومت پنهنجا آئيني مدي جا پنج سال پورا ڪري عوام ڏانهن واپس وڃي رهي آهي، ته ان جو بي رحم احتساب ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هي پهريون ڀيرو آهي جو حڪومت مظلوميت جا داستان کڻي يا شهيدن جا واسطا وجهڻ بجاءِ عوام وٽ خالص پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ويندي. ياد رکڻ گهرجي ته جمهوري ۽ عوامي احتساب کان سواءِ هن ملڪ ۾ جمهوريت ڪڏهن به عوام ڏانهن جوابداري محسوس نه ڪندي. هن ڀيري عوام اڳوڻي حڪومت جو بي رحم احتساب ڪري حقيقي جمهوريت ڏانهن هڪ وک کڻي سگهي ٿو.
سنڌي عوام کانئن هر سطح تي پڇاڻو ڪري ته:
• توهان کي اڪثريتي مينڊيٽ هڪ سگهاري ۽ ذميوار حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڏنو ويو هو. مفاهمت جي نالي ۾ توهان سنڌ جي مينڊيٽ جي سگهه کي ڇو وڪيو؟
• پنج سال گذري ويا، توهان محترمه شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل گرفتار ڇو نه ڪيا ۽ ڪهڙي مصلحت توهان کي اهڙو قدم کڻڻ کان روڪيو؟
• اڳوڻي آمر تي آئيني طور قدم کڻڻ بجاءِ توهان کيس سرڪاري اعزاز سان ڇو پرڏيهه اماڻيو؟ ڇا آمر آئين ۽ قانون کان مٿانهان آهن؟
• مينڊيٽ توهان کي سنڌ جي حفاظت ڪرڻ جو هو، توهان مڪاني نظام جي نالي ۾ سنڌ جي انتظامي ورهاڱي جا بنياد ڇو رکيا.
• توهان ميرٽ جي لتاڙ ڪري، لکين قابل نوجوانن کي روزگار جي حق کان محروم ڇو ڪيو؟
• توهان وائيس چانسلر ذريعي سنڌ يونيورسٽي کي تباهيءَ جي ڪناري تي ڇو پڄايو؟
• توهان سنڌ ۾ ٻن ٻوڏن جي نتيجي ۾ ٻه ڪروڙ دربدر ماڻهن لاءِ ڇا ڪيو؟
• توهان سنڌ جي تعليم ۽ صحت جي شعبن کي ريڪارڊ ڪرپشن سان تباهه ۽ برباد ڇو ڪيو؟
• توهان ڪراچي ۽ اتر سنڌ سميت سڄيءَ سنڌ ۾ ڪهڙي مصلحت تحت عوام کي تحفظ نه ڏنو ۽ قانون جي حڪمرانيءَ جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا؟
• توهان ترقياتي اسڪيمن جي نالي ۾ جيڪي کربين روپيا خرچ ڪيا، انهن جو نتيجو ڪٿي آهي؟
• ارڙهين آئيني ترميم ۽ ستين مالياتي ايوارڊ مان سنڌ کي جيڪي نسبتًا وڌيڪ وسيلا مليا، اهي ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿيا؟
اهڙا ٻيا به انيڪ سوال ٿي سگهن ٿا، جن کي بنياد بڻائي عوام اڳوڻي ”سويلين بالادستيءَ“ جي علمبردار حڪومت کان جمهوري پڇاڻو ڪري سگهي ٿو ۽ رڳو پ پ کان ئي ڇو، اهو پڇاڻو مسلم ليگ (ف) ۽ مسلم ليگ (ن) ۽ اين پي پي سميت سڀني ڌرين کان به ٿيڻ گهرجي ته ماضيءَ ۾ انهن سنڌ سان جيڪي جٺيون ڪيون ته اهي ته پنهنجيءَ جاءِ تي، پر اهي اڳتي ڇا ڪندا ۽ ڇا اهي به مستقبل ۾ مفاهمتي پاليسي تحت غير فطري اتحاد ڪندا؟ اهي به ماضيءَ جيان هڪ ڀيرو وري سنڌ کي نه ڏنگيندا يا هن ڀيري سندن ”سويلين بالادستيءَ“ ڪجهه مختلف هوندي. سنڌ کي هن ڪرپٽ، ڦورو، عوام دشمن ۽ رت پياڪ نظام ۾ رڳو پنهنجو شعور، پڇاڻو ۽ ليکو ئي بچائي سگهي ٿو ۽ حقيقي دانشور ۽ باشعور ماڻهو جو ڪم ان پڇاڻي ۾ نظرياتي مفروضا پيدا ڪرڻ ۽ ڦورو طبقي سان نه پر عوام سان گڏ بيهڻ آهي.


روزاني ڪاوش حيدرآباد، 19 مارچ 2013ع

ڇا هيل به سنڌ ۾ بدترين حڪمراني عوام جا وسيلا ڳڙڪائي ويندي؟

23 جون جي روزاني ڪاوش ۾ اختيار کوکر جو هڪ نهايت اهم تحقيقي نوعيت جو مضمون شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ هن نه رڳو نئين مالي سال جي سنڌ بجيٽ جي انگن اکرن جو تفصيل سان جائزو ورتو آهي پر هن گذريل مالي سال جي بجيٽ جي انگن اکرن جي راند جون اصل حقيقتون پڻ پيش ڪيون آهن ته ڪيئن نه سنڌ حڪومت جون دعوائون سرزمين جي حقيقتن کان نه رڳو مختلف پر بنهه اُبتڙ هيون. هتي انهن جو ورجاءُ ان ڪري ضروري ناهي جو اُهي تفصيل اڳ ئي رڪارڊ تي اچي چڪا آهن. ٿلهي ليکي ان جو تَتُ ڪڍجي ته 14-2013ع جي مالي سال لاءِ سنڌ حڪومت 617 ارب روپين جي بجيٽ پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ 40.8 ارب (ڇهه سيڪڙو) ٻاهرين امداد، 83.9 ارب اندروني کڻت (12.4 سيڪڙو)، 127.2 ارب (18.8 سيڪڙو) صوبائي ٽيڪس ۽ روينيو ، 424.4 ارب (62.7 سيڪڙو) اين ايف سي ايوارڊ ۽ قدرتي وسيلن مان ٿيندڙ آمدنيءَ تحت وفاق کان مليل رقم آهي. مجموعي طور ڏٺو وڃي ته سراسري طور جيتوڻيڪ 1800 کان 2000 ارب پيدا ڪندڙ سنڌ صوبي کي اڄ به موٽ ۾ پنهنجي پيداوار جي ٽئين حصي کان به گهٽ رقم ملي ٿي پر جيڪڏهن ستين اين ايف سي ايوارڊ ۽ 18هين آئيني ترميم کان اڳ جي سنڌ بجيٽ تي نظر وجهجي ته سنڌ حڪومت جي سالياني بجيٽ ۾ لڳ ڀڳ چاليهه سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي. چونڊن کان اڳ هڪ سياسي ڪچهريءَ ۾ علي قاضيءَ ڏاڍي سُٺي ڳالهه ڪئي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ حڪومت جو انداز ساڳيو رهيو ته پوءِ سنڌ کي جيترا به پئسا ملندا اُهي رڳو وزيرن ۽ ڪامورن جي کيسن ۾ ويندا، عوام ۽ سنڌ کي ان جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو. اها هڪ حقيقت آهي، ان ڪري هاڻي مرڪز کان سنڌ جي معاشي آجپي يا گهربل حصي ملڻ جي جدوجهد جاري رکندي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت کي هر سطح تي سوڙهو ڪجي ۽ ان کان مستقل بنيادن تي پڇاڻو ڪجي ته اُها سنڌ وٽ موجود يا ان کي ملندڙ وسيلن جو استعمال ڪيئن ٿي ڪري؟ رڳو مرڪز خلاف هاءِ گهوڙا ڪري سنڌ حڪومت کي ڇڏي ڏيڻ قطعي درست نه ٿيندو. سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جي ان بدترين انداز جو هڪ سبب اهو به آهي جو اسان وٽ ان ڏس ۾ پڇاڻي جو ڪلچر نهايت هيڻو آهي. اسان وٽ ڪڏهن به گورننس جي معاملن تي عوامي تحريڪون نٿيون هلن يا مزاحمتون ڏسڻ ۾ نٿيون اچن. رڳو مرڪز مخالف جدوجهدن جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت جي مجرماڻين پالسين ۽ وسيلن جي ناجائز استعمال جو گهربل احتساب نٿو ٿئي. هن ڀيري نظر ايئن پيو اچي ته پ پ پ حڪومت ماضيءَ جيان قومپرستيءَ جو ناٽڪي چوغو پائي رڳو مرڪز خلاف هاءِ گهوڙا ڪندي ۽ اهو پِٽڪو ايتري سطح تي وڌايو ويندو جيئن ماڻهو سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي آڱر ئي نه کڻن. معنيٰ وري ”سنڌ ڪارڊ“ جو نانگ “ٽٻڻيءَ” مان ٻاهر ڪڍيو ويندو. هاڻي اهو ڏند ڀڳل ”سنڌ ڪارڊ“ جو نانگ رڳو مداريءَ جو تماشو هوندو، جنهن مان نه سنڌ کي ڪجهه ورندو ۽ نه ان کان مخالف قوتن تي ڪو گهربل دٻاءُ پوندو. اها حقيقت آهي ته مرڪز سان سنڌ جو وهنوار رهيل آهي ۽ ان تي اختيارن جي توازن، صوبن جي آئيني ۽ قانوني اختيارن جي حدن ۾ مداخلت، وسيلن جي ورهاست، ناڻي ۽ پاڻيءَ جي ورڇ جهڙن انيڪ معاملن جي حوالي سان دٻاءُ پوڻ گهرجي پر رڳو مرڪز خلاف حڪمت عمليءَ طور دانهون ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ حڪومتي انداز، ان جي اهليت، ذميوار رويي ۽ انتظامي شفافيت جي حوالي سان ذڪر ئي گم ڪرڻ عوام ۽ سنڌ سان هڪ وڏو دوکو هوندو.
هونئن به جيڪڏهن پ پ پ جي حڪومتي انداز کي گذريل ڪيترين ئي حڪومتن جي تجربي جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته اها هڪ حقيقت آهي ته ان ۾ ويساهه گهاتين، نااهلي، ايڊهاڪ ازم، ڪرپشن، بدانتظامي، اقرباپروري ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سائنسي رٿابنديءَ جي کوٽ ان جا لازمي عنصر هوندا آهن ۽ ظاهر آهي ته جنهن حڪومت ۾ اهي عنصر هجن ته اُتي بدترين حڪمراني لازمي منطقي نتيجو هوندي آهي. ان ڪري خراب حڪمراني (Bad Governance) پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي هميشه سڃاڻپ رهي آهي. دنيا ۾ سموريون سياسي حڪومتون غلطيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنگين سياسي غلطيون به ڪنديون آهن پر جيڪڏهن ان سياسي ڪلچر ۾ جمهوري احتساب يا پاڻمرادو پنهنجين غلطين جي تدارڪ ڪرڻ جي روايت سگهاري هوندي آهي ته پوءِ هڪ لڳاتار عمل ۽ تجربي ۾ سياسي پارٽيون خراب حڪمرانيءَ کان سُٺي حڪمرانيءَ ڏانهن سفر شروع ڪنديون آهن. پ پ پ 11هين مئي جي چونڊن کانپوءِ ان سفر جي شروعات ڪيئن ڪئي آهي، ان جو هڪ اندازو ته ان حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ته ٻه ڀيرا مڪمل طرح ناڪام ٿيل سيد قائم علي شاهه کي وري ٽيون ڀيرو سنڌ جي وڏ وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.
سوال آهي ته هاڻي جڏهن ان بدترين حڪمرانيءَ جي انداز جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽيءَ جي حيثيت جي آسمان تان ڪِري اچي ”اندرون سنڌ“ جي پارٽيءَ جي حيثيت جي کجيءَ ۾ اٽڪي آهي، تڏهن ڇا توقع ڪجي ته پ پ پ جي سنڌ بابت سوچ، رويي، عمل ۽ حڪمت عمليءَ ۾ ڪو فرق ايندو ۽ ظاهر آهي ته اهي سمورا فرق تڏهن ايندا جڏهن سندن سنڌ سان ڪمٽمينٽ، معيار ۽ سطح ۾ فرق ايندو. جيستائين پيپلز پارٽيءَ لاءِ سنڌ هڪ سياسي ڪارڊ بدران ڪو وطن، قوم ۽ تاريخي وجود جو درجو نه ماڻيندي، تيسين سندن سنڌ بابت سوچ، رويي، عمل ۽ حڪمت عمليءَ ۾ ڪو بنيادي فرق اچي، اهو ممڪن نه آهي.
هونئن ته سڄي سنڌ جو هر شعبو تباهيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڪِري زوال پذير ٿي چڪو آهي. سنڌ جي وحدت، سنڌ ۾ ٻاهرين آبادڪاري، ڪراچيءَ ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي وڏي انگ، شهرن تي دهشتگرد مافيائن جي قبضي، سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سواليه نشان بڻيل حيثيت، سنڌ جي مرڻينگ تعليم، تباهه حال ترقياتي ڍانچي، وڌندڙ غربت، بيروزگاري، ڏوهن جي شرح ۾ وڌا، نارين جي نه کُٽندڙ قتلام، قبيلائي دهشتگرديءَ، زرعي معيشٽ جي ڏيوالپڻي، امن امان جي سنگين صورتحال جهڙا انيڪ مسئلا سنڌ لاءِ مستقل چئلينج بڻيل آهن، جنهن ۾ معياري تبديليءَ لاءِ حڪومتي سطح تي گهربل سوچ، رويي، عمل ۽ رٿابنديءَ جو پري پري تائين ڪو آثار ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. پاڪستان ۾ ظاهر آهي ته سنڌ جو مقابلو بلوچستان يا خيبرپختونخواه سان نه آهي، جو سنڌ جي ڀيٽ انهن صوبن جي ترقياتي اهڃاڻن سان ڪجي، سنڌ جو معاشي ۽ ترقياتي مقابلو ۽ تضاد پنجاب سان آهي ۽ جنهن تيز رفتاريءَ سان پنجاب اڳتي وڌيو آهي ۽ وڌي رهيو آهي ۽ سنڌ مرحلي وار جنهن تيزيءَ سان زوال پذير ٿي آهي، ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته جي اها صورتحال ايئن اُبتڙ ڏسائن ۾ تيزيءَ سان وڌندي رهي ته پوءِ چئي سگهبو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ترقيءَ جي حوالي سان هڪ سئو سالن جي وِٿي آهي. ڪنهن به شعبي ۾ هاڻي سنڌ کي پنجاب سان ڀيٽي نٿو سگهجي. اهو دليل هاڻي مُدي خارج ٿي چڪو آهي ته جيئن ته پنجاب ملڪ جو آقا آهي، رڳو ان ڪري اهو ترقي ڪري ويو آهي. سنڌ کي 617 ارب روپيا فضيلت، شفافيت ۽ ايمانداريءَ سان استعمال ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي؟ 1988ع ۽ 2008ع ۾ ته پ پ پ جي مرڪز توڙي سنڌ ۾ حڪومت رهي پر ڇا ان دوران پ پ پ جي سنڌ حڪومت مرڪز کان سنڌ جا گهربل وٺي سگهي؟ يا کين ڪنهن جهليو ته اُهي سنڌ جي ترقيءَ جو سوال هٿ ۾ نه کڻن؟ مسئلو اهو آهي ته سنڌ ۾ سڄو مقابلو ڦٽائڻ جو آهي ۽ پنجاب ۾ اهو مقابلو ٺاهڻ جو آهي. پنجاب ۾ جي مسلم ليگ (ق) جهڙي پارٽيءَ جي حڪومت اچي ٿي ته به اِهي سياسي مخالف پارٽين سان مقابلو پنجاب کي وڌيڪ ٺاهڻ جي صورت ۾ ڪن ٿا.
رڳو موجوده بجيٽ ۾ مختلف شعبن لاءِ رکيل رقمن ۽ انهن جي استعمال جي شفافيت جي سوال تي ئي غور ڪجي ته گهڻا سوال اُڀرن ٿا.
مثال طور:
(1) سنڌ حڪومت پهريون ڀيرو سنڌ ۾ تعليم لاءِ 21.7 سيڪڙو رقم رکي آهي، جيڪا 134.2 ارب روپيا ٿئي ٿي. ڏٺو وڃي ته تعليم لاءِ لڳ ڀڳ 22 سيڪڙو رقم ۽ اها به 134.2 ارب رکڻ تمام وڏي ڳالهه آهي. سنڌ ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جو حال ڇا آهي، اهو هاڻي ڪو راز نه آهي. استادن جي اهليت، اسڪولن جي وقت تي ۽ باقائدگيءَ سان هلڻ، اسڪولن ۾ سهولتن جي صورتحال يعني مجموعي طور سنڌ ۾ هيٺين سطح جي بنيادي تعليمي ڍانچي ۽ سرشتي جو جيڪو زوال گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ٿيو آهي، ان جو پاڪستان ۾ ٻيو ڪٿي مثال نه ٿو ملي. ظاهر آهي ته اهو بگڙيل نظام رات وچ ۾ ٺيڪ نه ٿيندو پر بهرحال پنج سال ڪو ٿورو وقت به ناهي، جنهن ۾ ان ۾ معياري تبديليءَ جا بنياد نه وجهي سگهجن. 2008ع کان 2013ع تائين جا 5 سال سنڌ جي اڳ ئي مرڻينگ تعليم وڌيڪ تباهيءَ جي ڌٻڻ ۾ وڃي ڪِري. هن ڀيري 134.2 ارب تعليم لاءِ رکيا ويا آهن ۽ ان اهم وزارت جو قلمدان نثار کهڙي کي مليو آهي. سوال آهي ته ڇا اِها رقم هن ڀيري حقيقي طور تعليم جي بنيادي سڌاري لاءِ استعمال ٿيندي يا وري 2018ع ۾ گذريل حڪومتي دور وانگر ڪاريءَ وارا ڪَکَ هوندا؟
(2) سنڌ ۾ صحت جو ڍانچو پڻ بدترين حالت ۾ آهي. ملڪي ۽ عالمي ادارن جي نتيجن مان سامهون آيل حقيقتن کي ڏسجي ٿو ته سنڌ جا ٻهراڙيءَ جا علائقا صحت جي حوالي سان خطرناڪ حد تائين تباهه حاليءَ جو شڪار آهن ۽ پاڪستان ۾ سڀني کان پٺتي پيل آهن. هن ڀيري سنڌ جي بجيٽ ۾ صحت لاءِ 53.4 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جيڪا رقم جي گهڻي ناهي ته گهٽ به ناهي. سوال آهي ته ڇا ان رقم منجهان بنيادي صحت مرڪز ٺيڪ ٿيندا؟ اتي دوائون ۽ ڊاڪٽر ميسر ٿيندا؟ سنڌ حڪومت وٽ ته ڪا جامع صحت پاليسي به ناهي. جيڪا حڪومت ۽ سندس صحت کاتو سنڌ ۾ رڳو ارڙيءَ جي بيماريءَ جو سدباب نه ٿو ڪري سگهي ۽ سوين معصوم ٻار اجل جو شڪار ٿي ويا، اها هن ڀيري ڪهڙا اَڪَ ڪارا ڪندي؟ اها وزارت گذريل دور ۾ متحده وٽ هئي ۽ مجال هئي پيپلز پارٽيءَ وارن جي جو کانئن ڪو پڇاڻو ڪري سگهن؟
(3) سنڌ ۾ عوام جي حفاظت لاءِ 57 ارب روپيا رکيا ويا آهن. سنڌ جي اُترين ڇهن ضلعن ۾ شام جو ستين کانپوءِ زندگيءَ جو سڄو وهنوار ٺپ آهي، ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي بازار گرم آهي ۽ جيڪي ان لاءِ ذميوار آهن، انهن وٽ اڄ به رحمان ملڪ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ حڪومت جون سياسي گيسيون جاري آهن. سنڌ حڪومت هر سال لڳ ڀڳ 13 ارب روپيا رينجرس تي خرچ ڪري ٿي ۽ سنڌ پوليس جا ذميوار آفيسر بار بار اها صلاح ڏئي چڪا آهن ته اها رقم سنڌ پوليس جي معيار کي سُڌارڻ تي خرچ ڪرڻ گهرجي. ڇا هن ڀيري اهي 57 ارب سنڌ جي عوام کي پائيدار امن ڏيڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪندا يا هن دفعي وري اهي پئسا وزيرن ۽ ڪامورن جو سڻڀو گرهه ٿي ويندا؟ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سنڌ ۾ پوليس سرشتي کي ڪجهه بهتر ڪيو هو پر هو جٽاءُ ڪري نه سگهيو. گهٽ ۾ گهٽ هن مٿين سطح تي پوليس کاتي ۾ ڪرپشن ۾ رڪارڊ گهٽتائي ڪئي هئي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها ايماندار ۽ لائق پوليس آفيسرن ۽ سول سوسائٽيءَ جي ساک وارن ماڻهن تي مشتمل عوامي تحفظ جي هڪ جامع رٿا جوڙي، تڏهن ئي انهن وسيلن جو صحيح استعمال ۽ سرزمين تي صورتحال ۾ ڪو ڦيرو ايندو.
(5) سنڌ شايد دنيا جو واحد خِطو آهي جتي هر سال روڊ ٺهن ٿا. سبب سولو آهي ته اهو ڪمائيءَ ۽ ڪميشن خوريءَ جو سڀ کان آسان ذريعو آهي. هن ڀيري وري سنڌ ۾ روڊن جي مرمت ۽ تعمير لاءِ 23.4 ارب روپيا رکيا ويا آهن. معنيٰ لڳ ڀڳ هر ضلعي لاءِ هڪ ارب روپيا، جيڪا رقم ڪا گهٽ نه آهي. دنيا ۾ روڊ گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن لاءِ ٺهندا آهن. سنڌ ته اهو علائقو آهي جتي مينهن به تمام گهٽ پون ٿا پر ان باوجود روڊن جي تعمير ۽ مرمت جي عمل ۾ مثالي ڪرپشن جي ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ روڊ تباهه حال آهن. رڳو اوٻاوڙو ٽپي پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿجي ٿو ته خبر پئجيو وڃي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ترقياتي ڍانچي ۽ روڊن جي صورتحال ۾ ڪيترو نه زمين آسمان جو فرق آهي. ان جو هڪ ئي حل آهي ته اِهي ٺيڪا ٻاهرين ڪمپنين کي ڏنا وڃن ۽ جيڪڏهن اهي ڪم مقامي ٺيڪيدارن کي ملن تڏهن به ان جي جاچ جو عمل تمام سخت ۽ شفاف هجي. ٻي صورت ۾ هر سال اربين روپيا روڊن جي ناقص تعمير ۽ سندن نالي ماتر مرمت جي نالي ۾ سنڌ جي عوام جي پگهر جي ڪمائيءَ تي اهو سِڌو ڌاڙو آهي.
(6) زراعت ۽ آبپاشي سنڌ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکن ٿا پر سنڌ ۾ زراعت نڌڻڪي آهي ته آبپاشي کاتو رڳو ”ڌنڌي“ جو ذريعو آهي. هن ڀيري بجيٽ ۾ زراعت، آبپاشي ۽ ٻيلن لاءِ 72.7 ارب روپيا رکيا ويا آهن. جيتوڻيڪ اها رقم ته سُٺي آهي پر سوال وري به اهو آهي ته ان جو استعمال ڪيئن ۽ ڪنهن جي لاءِ ٿيندو؟ ڏٺو وڃي ته زراعت، آبپاشي ۽ ٻيلن جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي ۽ اِهي ٽئي شعبا هڪ ٻئي کانسواءِ بچي ۽ جيئرا رهي يا اُسري نه ٿا سگهن. جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت ۾ جيڪو طبقو بار بار اچي ٿو ان جو وڏو حصو پڻ زرعي معيشت سان واسطو رکندڙ آهي پر دراصل انهن وڏن زميندارن کي پنهنجي سياسي اثر سبب پاڻي مليو وڃي، باقي سنڌ جو وچولو ۽ هيٺيون آبادگار ۽ هاري زراعت، آبپاشي ۽ ٻيلن جي تباهيءَ جي صورت ۾ ڇا ٿا ڀوڳين ۽ ان جو سنڌ جي مجموعي معيشت تي ڪهڙو اثر پوي ٿو، ان سان سندن ڪو تعلق ئي نه آهي. انهن ٽنهي کاتن جي ڪرپشن سنڌ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي. سوال وري به ساڳيو آهي ته ڇا هن ڀيري اهي 72.7 ارب روپيا سنڌ جي مرڻينگ زراعت، آبپاشي ۽ ٻيلن جي نسل ڪشي بچائڻ تي استعمال ٿيندا يا انهن سان انهن کاتن جي وزيرن ۽ عملدارن جون نيون گاڏيون اينديون، محل جُڙندا ۽ سندن بئنڪ بيلنس وڌندا؟ مجموعي طور هن ڀيري سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 185 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جيڪا رقم گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي آهي پر سوال رقم جي رکڻ يا ان کي ٻيڻو ڪرڻ جو ناهي، سوال اهو آهي ته اِهي پئسا ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿيندا؟
هن ڀيري اهو به چيو ويو آهي ته ايندڙ پنجن سالن ۾ ڏيڍ لک نوان ملازم ڀرتي ڪيا ويندا. گذريل ڀيري پنجن سالن ۾ سرڪاري سطح تي نوڪرين جي ”پِڙي“ کُليل هئي ۽ سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ نوڪرين جي باقي سڀ وڪيون ويون. ميرٽ جي ان مثالي لتاڙ جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ وڏيرڪي ڪلچر کي وڌيڪ سگهارو ڪيو ويو آهي، جو ماڻهو سندن درن تي ڌڪا کائڻ تي مجبور ٿين ٿا. ڇا هن ڀيري وري انهن ڏيڍ لک نوڪرين لاءِ ”پِڙي“ لڳندي ۽ سنڌ جا اهل نوجوان وڏيرن جي درن تي ٿاٻا کائيندا يا ڪو فضيلت ڀريو ميرٽ جو سرشتو قائم ٿيندو؟
اهي مٿي بيان ڪيل ۽ اهڙا ٻيا انيڪ سوال آهن، جيڪي سنڌ ۾ حڪومتي انداز سان واڳيل آهن. هن ڀيري چونڊن ۾ هڪ حد تائين نظر آيو ته ٻين صوبن ۾ ماڻهن ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ووٽ ڏنا، سنڌ ۾ به ان روايت جو بنياد پوڻ گهرجي، پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن سنڌ ۾ حڪومت کان ٻاهر ويٺل سياسي پارٽين، عوام دوست اسيمبلي ميمبرن، ميڊيا، سول سوسائٽي، ليکڪن ۽ دانشورن جي ايجنڊا تي به سنڌ ۾ گورننس جو سوال گهربل اهميت ماڻيندو. سنڌ ۾ وسيلن جي استعمال تي گهربل نظر رکي ويندي ۽ دعوائن ۾ نه پر نتيجن جي بنياد تي سياسي حڪومت جو مسلسل احتساب ڪرڻ جو سياسي ڪلچر پختو ٿيندو. سنڌ ۾ حڪومت پاڻ ۾ ڪيتري تبديلي آڻيندي اهو ته ايندڙ وقت ٻُڌائيندو پر ان ڏس ۾ اسان جو ڪهڙو ڪردار هئڻ گهرجي، اهو پڻ اوترو ئي اهم سوال آهي. سنڌ جي بجيٽ ۾ رکيل پئسا سنڌ جي عوام جي پورهيي ۽ پگهر جي ڪمائيءَ جا آهن ۽ انهن جي صحيح استعمال لاءِ اسان جو ڪردار پڻ بنيادي اهميت رکي ٿو ۽ ان کي ئي جمهوري دنيا ۾ سياسي آڊٽ چئبو آهي. اچو ته ايندڙ پنج سال سنڌ ۾ هر سطح تي سياسي آڊٽ جي ڪلچر کي سگهارو ڪري پنهنجن وسيلن جي خيالي نه پر عملي مالڪي ڪجي.

روزاني ڪاوش حيدرآباد، 26 جون 2013ع

سنڌ ۾ ٺلهي جذباتيت جي سياست اڃا ڪيستائين هلندي؟!

بلاول ڀٽو زرداري هڪ عظيم ماءُ جو ذهين پٽ آهي ۽ جيئن ته هن هيستائين ذاتي طور ڪوبه ڪڌو ڪم نه ڪيو آهي، ان ڪري هن بابت عام طور تي ڪابه منفي راءِ موجود نه آهي. پيپلز پارٽيءَ جون چڱايون مَٺايون في الحال سڀ آصف علي زرداريءَ جي کاتي ۾ آهن، جو پارٽيءَ جا سمورا اختيار هن هڪ ئي فرد واحد جي هٿن ۾ آهن. اختيار ته شهيد ڀُٽي، محترمه بينظير ڀٽو جي دورن ۾ به هڪ ئي فرد واحد وٽ هوندا هئا پر شايد انهن دورن ۾ پارٽيءَ ۾ گڏيل صلاح مصلحت جو ڪلچر ضرور هو. هينئر ته اهو حال آهي جو سنڌ جي وڏي وزير کي صوبائي ڪابينا ۽ سنڌ حڪومت جي سطح تي انتظامي تڪرارن جي نبيري لاءِ به دبئيءَ ۾ آصف علي زرداريءَ وٽ وڃڻو پوي ٿو. پ پ پ جي سنڌ حڪومت جي ڪابينا ۽ ويندي صوبائي پارٽي يا سنڌ ڪائونسل به بي اختيار نظر اچن ٿا. اهو حال رڳو پ پ پ جو نه پر لڳ ڀڳ ملڪ جي اڪثريتي سياسي پارٽين جو آهي.
هونئن ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نالي ماتر چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداريءَ کي اڳ ۾ به تقرير جي حد تائين سياسي ميدان تي لاٿو ويو آهي، پر تازو 18 آڪٽوبر 2007ع جي شهيدن جي ياد ۾ ڪوٺايل جلسي ۾ سندس تقرير سڄي ملڪ ۾ بحث مباحثي جو موضوع بڻيل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو جلسو 18هين آڪٽوبر جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گهٽ ۽ بلاول جي پرجوش تقرير جو ميڙ وڌيڪ هو. تقرير تي پيپلز پارٽيءَ جي حلقن ۾ وڏي خوشي، فخر ۽ اُتساهه جو احساس آهي، جو هو شايد اهي سمجهن ٿا ته سندن پارٽي کي هڪ جوشيلو مقرر ملي ويو آهي، جنهن سان شايد هيءَ ملڪي سطح تي زوال پذير پارٽي هڪ ڀيرو وري کڄي وڃي. ٻئي طرف مسلم ليگ (ن)، تحريڪ انصاف ۽ متحده هن تقرير تي ردعمل ته ظاهر ڪيو آهي پر ان کي ڪا خاص اهميت ناهي ڏني، ويتر ان کي هڪ جذباتي ”پارٽي تقرير“ سان تعبير ڪيو آهي. اصل سوال اهو آهي ته ڇا ملڪ ۽ سنڌ جي موجوده حالتن ۾ اها تقرير عوامي سطح تي ڪنهن اُٿل يا تحرڪ جو سبب بڻجي سگهي ٿي يا ان سان پ پ کي ڪو ڇال ملي ٿو؟ ان سوال جي جواب جي پاڙ تائين پڄڻ کان اڳ ۾ ڪجهه بنيادي نقطن تي ويچار ڪرڻ جي گهرج آهي.
ڏٺو وڃي ته بلاول ڀٽي زرداريءَ جي تازي تقرير پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ”مفاهمتي“ سياست جي نفي ڪندڙ آهي. گذريل پنج سال متحده سان سندن ”ٻٺيهه دليون“ هيون، ايتري قدر جو سندن الفت ۾ وڃي ٻِٽي مڪاني نظام جو بِل سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرايائون. آصف علي زرداري نائن زيرو تي وڃي ايترو جذباتي ٿي ويو، جو ماڳهين پنهنجي ٽوپي لاهي فاروق ستار کي پارائي آيو، نواز شريف کي هو پنهنجو وڏو ڀاءُ چوندو رهيو ۽ عمران خان کي هنن ڪڏهن به پيپلز پارٽيءَ جي مٿي جو سُور نه سمجهيو. متحده کي به سيد قائم علي شاهه ڪئين ڀيرا سنڌ حڪومت ۾ شموليت جي دعوت ڏئي چڪو آهي ته پوءِ سوال ٿو اڀري ته آخر اوچتو ڇا ٿيو، جو بلاول کي شينهن جو شڪار ڪرڻ، لغڙ ڪاٽا ڪرڻ، عمران خان کي بزدل خان سڏڻ ۽ ”سوناميءَ“ تي بند ٻڌڻ جي سخت ضرورت پيش آئي؟ ظاهر آهي ته حقيقت ڪا ٻي آهي. منهنجيءَ نظر ۾ انجا هيٺيان امڪاني سبب ٿي سگهن ٿا:
(1) ملڪ جون مجموعي حالتون ڪنهن وڏي سياسي تحرڪ پيدا ڪرڻ جهڙيون ناهن ۽ جيئن ته پ پ شايد بلاول کي پارلياماني سياست جي ميدان تي لاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڪري بلاول کان شعوري طور ۽ حڪمت عمليءَ طور اهڙي تقرير ڪرائي وئي، جو اها تڪراري بڻجي، ڇاڪاڻ ته جي اها تڪراري نه هجي ها ته شايد بلاول ملڪي سطح تي بحث جو موضوع نه بڻجي ها، جڏهن ته مان سمجهان ٿو ته ملڪي سطح تي اُڀرڻ جا ٻيا طريقا به ٿي سگهن ٿا.
(2) مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ صوبائي حڪومتن تي زور رکيو بيٺي آهي، ان ڪري اهو به ممڪن آهي ته پ پ انهن چونڊن لاءِ ماحول گرم ڪرڻ لاءِ بلاول کان اهڙي تقرير ڪرائي هجي، جو سياست ۾ تڪرار پيدا ڪرڻ عوامي تحرڪ جو شايد سڀ کان سستو ۽ تڪڙو ذريعو آهي.
(3) امڪان اهو پڻ آهي ته آصف علي زرداري هاڻي بلاول کان جذباتي تقريرن ذريعي اهو ئي ڪم وٺي، جيڪو هو گذريل حڪومتي دور ۾ بابر اعواڻ، قمر زمان قائره يا رحمان ملڪ کان وٺندو هو، يعني پاڻ به بدستور سدائين مسڪرائيندڙ ۽ هر ڪنهن سان ڀاڪر پائيندي نظر اچي ۽ ٻين کان سياسي گُهتون هڻڻ وارو ڪم وٺي.
(4) هڪ امڪان اهو ٿي سگهي ٿو ته پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرپرسن آصف علي زرداري اهو سمجهي ورتو هجي ته شايد ”مفاهمتي پاليسيءَ“ سان حڪومتون بچي وڃن پر پارٽي جو نقصان ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اها سندس مفاهمتي پاليسي ئي هئي، جنهن تحت هو پنج سال وفاق ۾ حڪومت ته هلائي ويو پر پارٽيءَ جي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي جي حيثيت وڃائي ويٺو. جيتوڻيڪ ان امڪان جو گمان گهٽ آهي پر جي ائين آهي ته پوءِ هو پنهنجي گذريل پنجن سالن جي ”مفاهمتي سياست“ لاءِ هاڻي ڇا چوندو؟
هاڻي ان سڄي امڪاني صورتحال ۾ جي هن تقرير کي ڏسجي ته سڀ کان پهرين ته تقرير ۾ سواءِ جذباتيت جي، ملڪي صورتحال جو ڪو تجزيو نه هو ۽ نه ئي اشوز تي ڪا واضح پاليسي هئي. جذباتيت جو اثر به تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ان جي پٺيان ڪو نظريو، ڪو پروگرام ۽ Vision(ويزن) هوندو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سگهارو سياسي ڪردار هوندو آهي، لفاظيءَ سان ته ڪنهن کي به شڪست نه ٿي ڏئي سگهجي. پنجاب ۾ ميان نواز شريف جي مسلم ليگ ان ڪري غير معمولي ڪاميابي ماڻي، جو پنج سال سندس حڪومت پنجاب ۾ ڪجهه ڊليور ڪيو هو. سنڌ ڏهاڪن کان پيپلز پارٽيءَ وٽ آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نظريي، پاليسيءَ، اوليتن، سياست ۽ حڪمرانيءَ جي انداز جي تصوير سنڌ جي مجموعي صورتحال آهي. سنڌ ۾ تعليم، صحت، ترقياتي ڍانچي، حڪومت جي انتظامي سرشتي، غربت، لاقانونيت، قبائليت، دهشتگرديءَ جي صورتحال ئي سندن سياست جو پيش خيمو آهي.
ڀلا گذريل حڪومتي دور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ کي ڪجهه ڏئي نه سگهي ۽ کانئن سنگين غلطيون ٿيون پر سوال آهي ته هن ڀيري ته سنڌ توهان سان وري نڀايو ۽ پيپلز پارٽي کي 2008ع جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ اڃا وڌيڪ سيٽون مليون. سنڌ کي هن ڀيري پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت طرفان ڪي ٺوس نتيجا ملندا يا ساڳيو حڪمرانيءَ جو انداز هوندو؟ هن پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي حقيقت پسند ٿي ان ڳالهه جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺڻو پوندو ته سنڌ ۽ ملڪ جي هر مسئلي جو حل جذباتي تقرير ناهي ۽ رڳو شهيدن جو ذڪر ڪيستائين؟ جذباتيت جي سياست پس و پيش عوام کي فريب ڏئي ٿي ۽ کٽيو حڪمران طبقو کائي ٿو. سنڌ ۾ ته سگهارو متبادل نه هجڻ سبب اها جذباتيت ۽ شهيدن جا واسطا ڏيڻ واري سياست ممڪن آهي ته اڃا ڪجهه وقت ڪڍي وڃي پر پنجاب جهڙي تيزيءَ سان بدلجندڙ ۽ شهري مڊل ڪلاس ۾ تبديل ٿيندڙ صوبي ۾ ته پاڪستان پيپلز پارٽي بنا نظريي، پروگرام، ڪردار ۽ ٺوس نتيجن جي رڳو جذباتيت سان نه ته ”شينهن“ جو شڪار ڪري سگهندي ۽ نه وري ”سونامي“ تي بند ٻڌي سگهندي. جيڪا پارٽي گذريل پنج سال مرڪز ۽ سنڌ ۾ حڪومت ۾ رهندي ڪراچي ۾ رهندڙ چاليهه لک سنڌين جا رڳو ووٽ داخل نه ڪرائي سگهي، اها ڪراچي ۾ متحده جو ”لغڙ“ ڇا ۽ ڪيئن ڪاٽا ڪندي؟
مان سمجهان ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي بلاول جهڙي نوجوان کي جذباتي تقريرن ذريعي هڪ ”ڪارڊ“ طور استعمال ڪرڻ بدران پنهنجي نظرياتي بيهڪ، تنظيمي ڍانچي، اڳواڻيءَ جي ميرٽ، سياسي ڪلچر، پاليسين، حڪمرانيءَ جي انداز ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته رڳو عوام عوام ڪرڻ بدران عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي محرڪن تي سنجيدگيءَ سان ويچارڻ گهرجي. باقي جي بلاول سال ۾ هڪ دفعو جذباتي تقرير ڪري وري واپس دبئي يا لنڊن هليو ويندو ته پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ لاءِ اها حڪمت عملي فائديمند ٿيڻ بجاءِ ويتر نقصانڪار ثابت ٿيندي. هي ستر ۽ نوي وارو ڏهاڪو ناهي، جڏهن ٺلهو جذباتي تقريرن سان به سياسي پارٽين جو ڪم هلي ويندو هو. ائين ته سنڌ جي ننڍين ۽ پاڻ کي قومي سڏرائيندڙ پارٽين جا ڪجهه اڳواڻ به تقريري مقابلي جي ميدان تي ملڪ گير سطح جا آهن پر ”هيٺ“ جو ڪجهه ناهي ته انهن تقريرن کي ماڻهو ڇا ڪندا. منهنجي خيال ۾ پارٽيءَ جو ڪو خير خواهه بلاول کي صلاح ڏئي ته هن کي سطحي جذباتي تقريرن بجاءِ پارٽيءَ جي بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته گهربل نظريي، تنظيم، ڪردار ۽ عمل کانسواءِ ٺلهيون جذباتي تقريرون ڪنهن کيل تماشي کانسواءِ ڪابه حيثيت نه ٿيون رکن، پوءِ چاهي اها تقرير بلاول ڀٽي زرداريءَ جي هجي يا سنڌ جي ڪنهن قومپرست اڳواڻ جي!
ٺلهي جذباتيت جي سياست هونئن به قوم ۽ سماج کي نه ته ڪنهن دڳ لائي، کين اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿي ۽ نه وري ان مان عوام کي پس و پيش ڪجهه پلئه پوندو آهي. ٺلهي جذباتيت لڙَ ۾ هميشه حقيقي اشوز، عوامي ۽ قومي مفاد گم ٿيو وڃن. سائنسي، معروضي ۽ عقليت پسند سياست جو بنياد ئي تنقيدي شعور ۽ ليکي چوکي تي هوندو آهي. سنڌ ۾ چار پنج ڏهاڪا ڀرپور سياست باوجود اڄ سنڌ ايتري نڌڻڪي ڇو آهي؟ ان جو سبب ئي اهو آهي ته هتي ٿلهي ليکي جمهوريت توڙي قومي سياست جي نالي ۾ ٺلهي جذباتيت جو ئي راڄ رهيو. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پيپلز پارٽي جي روايتي سياست ۾ هي ”ٽيون نسل“ به ساڳي جذباتيت سان عوام کي رڻ ۾ رلائيندو؟ هاڻي ته حساب ڪتاب، ليکي چوکي ۽ عوام آڏو جوابدار ۽ ذميوار سياست جي دور جو آغاز ٿيڻ گهرجي. سنڌ کي چٽو نظريو، تنظيم، ڪردار ۽ عمل ئي هنن سنگين بحرانن مان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿو، جنهن ۾ هاڻي ڪنهن به نعري ۽ نالي جي نرگسيت ۾ ٺلهي جذباتيت جي گنجائش نه هئڻ گهرجي.


روزاني ڪاوش حيدرآباد، سومر 21 آڪٽوبر 2013ع

سنڌ فيسٽيول کانپوءِ سنڌ جي مالڪيءَ جو سوال!

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جڏهن کان پارٽيءَ جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ سرگرميون شروع ڪيون آهن، تڏهن کان هن شعوري ڪوشش ڪري پنهنجو مختلف ۽ منفرد تاثر اڀارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ بهادري، روشن خياليءَ ۽ سنڌيت جو جذبو شامل آهن. ان ئي پس منظر ۾ هن ٻن هفتن جي ”سنڌ فيسٽيول“ جي سرواڻي ڪئي. جيتوڻيڪ ”سنڌ فيسٽيول“ جو خيال تمام وقتائتو ۽ سٺو هو پر ان جي رٿابندي نه رڳو سخت ناقص ۽ غير سنجيده پر موهن جي دڙي جي حوالي سان نقصانڪار پڻ ثابت ٿي، جنهن مان صاف نظر آيو ته بلاول جا ويجها صلاحڪار نهايت غير سنجيده ۽ قديم آثارن جي بچاءَ جي حساسيت کان وانجهيل هئا. انهن سمورين ڪمزورين باوجود ”سنڌ فيسٽيول“ ۾ بلاول پنهنجو ۽ سنڌ جو روشن خيال خاڪو اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا هڪ مثبت ڳالهه آهي.
وڏيءَ لاڳت سان منعقد ڪيل ”سنڌ فيسٽيول“ جڏهن پڄاڻيءَ تي رسي چڪو آهي ته ان ڏس ۾ ڪجهه بنيادي سوالن تي گفتگو ڪرڻ جي ضرورت آهي، ۽ بهتر ٿيندو جي بلاول جي حلقي مان ڪو سنجيده ۽ سنڌ دوست ماڻهو اهي ڳالهيون هن تائين به پڄائي ته شايد ان جو ڪو نتيجو به سامهون اچي. سڀ کان پهرين ڳالهه ته ڪنهن به قوم يا معاشري جي ثقافت رڳو ان جي لباس، راڳ ۽ جهمرين تائين محدود نه آهي. ثقافت جو بنيادي جوهر سماج جي سوچ، ان جا قدر، لاڙا، رويا، رهڻي ڪهڻي ۽ اجتماعي شعور به هوندو آهي. اڄوڪي سنڌي سماج کي ڏسجي ته اهو پنهنجيءَ انفرادي ۽ اجتماعي سوچ، روين، لاڙن، تمدني انداز ۽ قدرن جي حوالي سان زوال جي بدترين دور مان گذري رهيو آهي ۽ هن سموري سماجي ڏيوالپڻي ڄو بنيادي محرڪ هيءَ رياست آهي، جنهن بدترين حڪمرانيءَ جي انداز، مثالي ڪرپشن، اقربا پروريءَ، نا اهليءَ، لاقانونيت ۽ بدانتظاميءَ ذريعي سنڌي سماج مٿان اهو ڏيوالپڻو مڙهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ڏيوالپڻو سنڌ جي سماج کي پنهنجي تاريخي ۽ فطري ارتقا جي نتيجي ۾ نه مليو آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ ضياءَ الحق ۽ پرويز مشرف جي آمريتي دورن جو به وڏو عمل دخل آهي، پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي به ان ڏوهه جي الزام کان آجو قرار نٿو ڏئي سگهجي. سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جي انداز ۾ ڪرپشن، بدانتظامي، اقربا پروري ۽ ميرٽ جي لتاڙ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومتن پڻ رڪارڊ قائم ڪيا آهن. سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو گذريل پنج سال حڪومتي دور ان حوالي سان بدترين هو، ڄڻ ته سنڌ جي ماڻهن کي مينڊيٽ ڏيڻ جي ڪا سزا هئي، جيڪا پنج سال هلي.
هاڻي جڏهن بلاول سنڌ جي مالڪيءَ جي دعويٰ ڪندي روشن خيال سياست ڪرڻ جي هام هنئي آهي، ته پوءِ هن جي سچائيءَ ۽ روشن خياليءَ جو امتحان سندس جوشيليون تقريرون نه پر عملي ميدان آهي، جنهن مان خبر پوندي ته هو دراصل ساڳي مروج اقتدار پرست ۽ موقعي پرست سياست جو تسلسل آهي يا هو سچ پچ روشن خيال آهي ۽ سنڌ سان محبت ڪري ٿو. ان ڏس ۾ هيٺيان نقطا نهايت اهم آهن؛
(1) سيد قائم علي شاهه صاحب هڪ احترام لائق بزرگ سياستدان آهي پر اها حقيقت آهي ته هو سنڌ کي بهتر حڪمراني ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ويو آهي، ڇا سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وٽ ڪو هڪ به ماڻهو اهڙو ناهي، جيڪو جوان به هجي ۽ سنڌ کي بهتر حڪمرانيءَ جو نظام ڏيئي سگهي، جي نه ته پوءِ اهو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو الميو آهي. اهو استحقاق وري به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو آهي ته ڪهڙي ماڻهوءَ کي ٿي وڏي وزير طور اڳيان آڻي پر شرط اهو آهي ته اهو ماڻهو ڪرپٽ ۽ نا اهل نه هجي ۽ نه رڳو سنڌ کي بهتر حڪمراني ڏئي سگهي پر سنڌکي وفاق کان به گهربل حق وٺي ڏيئي سگهي، سنڌ جي پاڻي ۽ مالياتي ايوارڊ ۾ ناڻي جو حصو وٺي ڏيئي سگهي.
(2) سنڌ ۾ سٺن سول ۽ پوليس آفيسرن جي کوٽ ناهي، ڇا اهو نٿو ٿي سگهي ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ايماندار ۽ سٺا آفيسر رکيا وڃن ۽ کين سخت هدايتون ڪيون وڃن ته هيٺين سطح تي انتظامي سرشتو ۽ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪيو وڃي. مان سمجهان ٿو ته جي حڪومت جو ارادو هجي، انتظامي ڪم کي سياسي دٻاءَ کان مڪمل طور آجو ڪيو وڃي، آفيسرن کي پنهنجي پنهنجي دائري ۾ بااختيار به ڪيو وڃي ۽ کين سهولتون به فراهم ڪيون وڃن ۽ مٿن نظر به رکي وڃي ته سنڌ ۾ تباهه حال انتظامي سرشتو بحال ٿي سگهي ٿو.
(3) سنڌ جي سالياني بجيٽ 617 ارب رپيا آهي، جنهن جو حساب ڪتاب ناهي ته اها خرچ ڪيئن ۽ ڪٿي ٿي ٿئي؟ جي اها رقم گهڻي ناهي ته بنهه ٿوري به ناهي، اهو سنڌ جي عوام جي پگهر ۽ رت ولوڙ ۽ ان جي وسيلن جي آمدني آهي، جنهن جي بيدرديءَ سان ڀيل هڪ سنگين ڏوهه آهي. ڇا سنڌ ۾ ساک واري ۽ قابل توڙي ايماندار ماڻهن تي ٻڌل رٿابندي ڪميشن ٺهي نه ٿي سگهي، جيڪا سنڌ جي بجيٽ کي سنڌ ۽ ان جي عوام جي ڀلي لاءِ خرچ ڪري ۽ جنهن جا نتيجا ڏسڻ ۾ اچن.
(4) سنڌ جو ترقياتي ڍانچو (Infra structure) ۽ انساني ترقيءَ (Human Development) جي صورتحال بدترين حال ۾ آهي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته تعليم، صحت، رستا، پليون ۽ سرڪاري عمارتون وغيره نهايت خراب حالت ۾ آهن. 2010ع ۽ 2011ع جي ٻوڏن نه رڳو سنڌ جي ان صورتحال کي وائکو ڪيو پر رهيل کهيل حالت کي به تباهه ڪري ڇڏيو ۽ پري پري تائين نه ٿو ڏسجي ته ڪو انهن شعبن ۾ ڪا بهتري ايندي. ساڳيو حالت سنڌ ۾ واٽر سپلاءِ ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ جي سرشتي جو آهي. آهي ڪو حڪومت وٽ منصوبو، جنهن مان نظر اچي ته ايندڙ پنجن سالن ۾ ان ڏس ۾ ڪا بهتري ايندي؟
(5) سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ اقربا پروريءَ سڄي سماج جي عزت نفس کي مجروح ڪري عوام کي وڏيرن جي درن تي ڌڪا کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. بلاول پاڻ هڪ نوجوان آهي، کيس خبر ناهي ته سنڌ جا لکين نوجوان بيروزگاريءَ، ميرٽ جي لتاڙ ۽ اقربا پروريءَ سبب پنهنجيون زندگيون ساڙي ۽ ڳاري رهيا آهن ۽ جنهن نسل کي سنڌ جي اڏاوت ڪرڻ گهرجي، اهو منشيات، انتهاپسنديءَ، انارڪيءَ ۽ مذهبي شدت پسنديءَ جي لاڙن جو شڪار ٿي سنڌ جي آئندي جي امڪانن جا ڏيئا اجهائي رهيو آهي. هي ڪرپٽ ۽ اقربا پروريءَ تي ٻڌل سرشتو سنڌ جي غريب ۽ قابل نوجوانن کي ڪوبه آسرو ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ته ڪو سندن قابليت ۽ محنت لاءِ به هن نظام ۾ ڪا گنجائش آهي. سوال آهي ته روشن خيال سنڌ جي وارثيءَ جون دعوائون ڪندڙ بلاول هن سياسي طورلاوارث نسل جو ڌڻي ٿيندو؟
(6) ڪابه حڪومت سمورن ماڻهن کي روزگار نه ٿي ڏيئي سگهي، ڇا سنڌ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد کان ٻاهر ننڍيون وڏيون صنعتون نٿيون لڳي سگهن؟ سنڌ جي هر ضلعي ۾ زراعت ۽ پيداوار سان ٺهندڙ صنعتون لڳن ته نه رڳو سنڌ ۾ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا پر سنڌ جي سماج ۾ به معياري تبديلي ايندي. شهيد ڀُٽي سنڌ ۾ تعليمي ادارا ۽ وڏيون اسپتالون قائم ڪرڻ ۽ صنعتون هڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو پر پوءِ اهو بيهجي ويو. پاڻيءَ جي سخت کوٽ، موسمياتي تبديلين ۽ هن 21هين صديءَ ۾ زرعي معشيت اڪيلي سر سنڌ جون گهرجون پوريون نه ٿي ڪري سگهي پر آهي ڪا سنڌ حڪومت وٽ جامع رٿا ان ڏس ۾؟ سنڌ ۾ جيڪي اربين ۽ کربين رپيا وظيفن جي صورت ۾ سياسي مفادن تي ضايع ٿي وڃن ٿا، اهي سنڌ ۾ ادارا ٺاهي ۽ صنعتون هڻڻ تي خرچ نه ٿا ٿي سگهن؟
(7) 18هين آئيني ترميم کانپوءِ ميونسپل جا ادارا مڪمل طور صوبائي حڪومت جي ماتحت آهن پر سڄي سنڌ گند جي ڍير ۾ تبديل ٿيل آهي. ڳوٺن ۽ شهرن جي صفائي هاڻي سنڌ ۾ ڪو ديواني جو خواب لڳي ٿو. ڇا ان لاءِ به ڪي افلاطون گهرجن، جو سنڌ ۾ ٽن مهينن جي ڪا صفائيءَ جي مهم هلي ۽ پوءِ ميونسپل نظام کي پابند ڪيو وڃي ته سنڌ ۾ روزانو صفائي ٿئي. سڄي دنيا ۾ ”سائي انقلاب“ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڇا سنڌ ۾ لکين ۽ ڪروڙين وڻ نه ٿا پوکي سگهجن؟ رڳو هڪ سال جي نظر گهرجي پوءِ فطرت پاڻ انهن کي پاليندي.
(8) سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، جنهن کي بلاول پنهنجي تقرير ۾ للڪاريو به آهي، پر ان لاءِ گهربل حڪمت عملي ڪٿي آهي؟ عملي تدبيرون ڪٿي آهن؟ ڇا مذهبي انتهاپسندي ۽ منظم جنونيت رڳو تقريرن سان ويندي يا ان لاءِ ڪي منصوبا گهرجن، ڪا ڊگهي مدي واري رٿابندي گهرجي ۽ عملي تدبيرون گهرجن؟ آهي ڪو سنڌ حڪومت وٽ منصوبو؟ ڪا ايجنڊا؟
(9) بلاول، جنهن سنڌ لاءِ ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ جا نعرا ٿو هڻي، ان جا شهر عملي طور اسان کان کسجي چڪا آهن، حڪومت ۽ بلاول جو والد نسلي ۽ لساني دهشتگردن سان مفاهمت ۾ پورو آهي. ڇا سنڌ جا شهر انهن نعرن سان واپس موٽندا؟ اهڙا نعرا ته قومپرستن به گذريل چئن ڏهاڪن کان هنيا آهن، پوءِ ڇا اهي شهر موٽيا؟ وري به ان لاءِ عملي تدبيرون گهرجن، سنڌين جا ووٽ شهرن ۾ داخل نه آهن، سندن ڊوميسائل اتي ٺهن نه ٿا، کين تحفظ ناهي، روزگار جا موقعا ۽ رهائشي سوسائٽيون نه آهن، اهي سياسي طور نڌڻڪا ۽ غير منظم آهن، پوءِ ڇا رڳو ”مرسون مرسون“ سان سنڌ جي مالڪي ٿيندي؟
(10) آخري ڳالهه اها ته، سنڌ جا سرڪاري اعليٰ تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون تعليمي زوال جو شڪار آهن، سبب اهو جو اتي ميرٽ تي وائيس چانسلر نه ٿا اچن. سنڌ يونيورسٽيءَ جو ئي مثال وٺو، بلاول جي ٽهيءَ جو نوجوان انهن تعليمي ادارن ۾ تباهه ٿي رهيو آهي، ڪو حڪومت وٽ ارادو، ڪا رٿا ۽ ڪو اُلڪو؟ ڇا بلاول پاڻ ان ڪم جي نگراني نه ٿو ڪري سگهي؟ ۽ ان نسل کي تباهه ٿيڻ کان بچائي نٿو سگهي، جنهن سان هن جو پنهنجو به تعلق آهي.
ڳالهيون ته گهڻيون ٿي سگهن ٿيون پر مٿي مون اهي ڏهه نڪتا رکيا آهن. سنڌ فيسٽيول به ٿي ويو، ناچ گانا به ٿي ويا، واهه واهه به ٿي وئي، اجرڪ جا لغڙ به اُڏائجي ويا، پر سنڌ ان فيسٽيول کان پوءِ به اها ساڳي آهي، جنهن کي ”مرسون مرسون“ جا ٺلها نعرا نه پر عملي تدبيرون ۽ مالڪيءَ جو رويو ۽ احساس گهرجي! ڇا بلاول اها مالڪي ڪري سگهندو؟


روزاني ڪاوش حيدرآباد، اڱارو 18 فيبروري 2014ع

ڇا سنڌ ۾ ڪا حڪومت آهي؟

سنڌ 13 مارچ 1943ع تي اِهو سمجهي پاڪستان ۾ شموليت لاءِ ٺهراءُ بحال ڪيو هو ته شايد سنڌ جي بمبئيءَ ۾ جبري شموليت واري دور جو ڪو سدباب ٿي سگهي ۽ نئين ٺهندڙ ملڪ ۾ شايد کيس ڪا خودمختيار حيثيت ملي سگهي پر ٿيو ان جي بنهه اُبتڙ ۽ سنڌ پنهنجو الهه تلهه وڃائي ڇڏيو. 14 آگسٽ1947ع کان اڳ واري سنڌ، اڄوڪي تباهه حال ۽ نڌڻڪي سنڌ کان هزارين دفعا وڌيڪ بهتر، پُرامن، خوشحال ۽ مهذب هئي. ساڳيءَ طرح پاڪستان ۾ جمهوريت جي جنگ به سڀني کان وڌيڪ سنڌ وڙهي ۽ 1983ع جي مزاحمتي تحريڪ جو شمار ته اُن دور جي وڏين جدوجهدن ۾ ٿئي ٿو. جمهوريت لاءِ ويڙهه، سنڌ جي عوام اهو سمجهي پئي وڙهي ته آمريتن جي دورن ۾ سنڌ کي وڏا راتاها لڳا ۽ جمهوريت جي بحاليءَ ۾ سنڌ جا حق وري به محفوظ رهندا پر تاريخ جو الميو اهو آهي ته جنهن جمهوريت لاءِ عوام، سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ شاعرن قربانيون ڏنيون، جيل کاڌا، رياستي ڏاڍ کي منهن ڏنو، ان جو کٽيو هميشه اُن عوام دشمن طبقي پئي کاڌو آهي، جنهن کي نه سنڌ سان ڪا محبت آهي ۽ نه جمهوريت سان ڪا دلچسپي. هن مال کائو ۽ پيٽ پرست طبقي لاءِ حڪومتون يا جمهوريت فقط دولت جا انبار گڏ ڪرڻ، جهنڊي وارين گاڏين ۾ هلڻ ۽ عوام مٿان پنهنجو دٻدٻو قائم رکڻ جو ذريعو آهن. اڳي اهو ڌنڌو رڳو وڏيرڪو طبقو ڪندو هو پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وري پوءِ ڍاول طبقو به پيدا ڪيو آهي، جنهن کي شايد ”نيوفيوڊل“ سڏجي، ڇاڪاڻ ته سندن گهڻائيءَ جو تعلق وچولي طبقي سان آهي، پر سندن انداز ساڳيو وڏيرن وارو ۽ شايد انهن کان به ٻه هٿ اڳتي آهي. سنڌ جا نصيب ڦٽل آهن، جو ضياءَ جي آمريت خلاف 1983ع ۽ 1986ع ۾ ٻه وڏيون تحريڪون هلائڻ کانپوءِ 1988ع ۾ سنڌ کي جيڪا ”جمهوري“ حڪومت نصيب ٿي، اُن جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه صاحب هو ۽ پرويز مشرف جي نون سالن جي آمريت خلاف جدوجهد ڪرڻ کانپوءِ 2008ع ۾ جيڪا سنڌ ۾ حڪومت ملي، ان جو سربراهه وري به ساڳيو قائم علي شاهه صاحب هو ۽ 2013ع جي چونڊن کانپوءِ گذريل سنڌ حڪومت جي بدترين ناڪاميءَ کانپوءِ وري جيڪا حڪومت سنڌ جي ڀاڳ ۾ آئي، اُن جو سربراهه پڻ قائم علي شاهه صاحب آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وٽ شايد ٻيو ڪوبه اهڙو ماڻهو نه آهي، جيڪو سنڌ کي بهتر حڪمراني ڏئي سگهي پر حقيقت ۾ آصف علي زرداريءَ کي سنڌ ۾ هڪ ڪمزور، بي اختيار ۽ نالي ماتر وڏو وزير گهرجي، جيڪو رڳو ”ها“ ۾ ”ها“ ملائي سگهي ۽ اصل حڪمراني ”ڪنهن ٻئي“ وٽ هجي. سيد قائم علي شاهه جي بااختيار وڏ وزارت جو حالت ته اِها آهي جو هڪ ڊپٽي ڪمشنر کي هٽائڻ جو اعلان ٿو ڪري ته به ان لاءِ کيس مخدوم صاحب وٽ وڃي معافي وٺڻي پوي ٿي. بطور هڪ صوبي جي انتظامي سربراهه جي سندس حال اهو آهي جو چوي ٿو ته حڪومت جو ڪم رڳو پاليسيون ٺاهڻ آهي، باقي ان تي عمل ڪرائڻ جي ذميواري بيوروڪريسيءَ جي آهي. مطلب ته بيوروڪريسي حڪومت جي نه پر ”ڪنهن ٻئي“جي ماتحت آهي. سنڌ پنجاهه سال جمهوريت لاءِ جدوجهد اِهو سمجهي پئي ڪئي ته آمريتن جي ڀيٽ ۾ ان ۾ سنڌ جا حق وڌيڪ محفوظ رهندا پر سنڌ کي 1988ع ۾ جمهوريت جي بحاليءَ کانپوءِ هميشه ڪرپٽ ۽ نااهل حڪومتون پلئه پيون آهن. آمريتن ته سنڌ سان جيڪا سياسي، سماجي ۽ معاشي ويڌن ڪئي سا ڪئي پر جمهوريت جي بحاليءَ سان به سنڌ جا سُورَ ساڳيا رهيا، پاڻ ويتر وڌندا رهيا. رڳو هڪ پوءِ ڍاول ۽ ڪرپٽ مالَ کائُو طبقي پنهنجين ستن پيڙهين لاءِ اربين کربين روپيا گڏ ڪيا. سنڌ جي ڪنهن به تعلقي ۽ ضلعي ۾ وڃو، شهر ۽ ڳوٺ مڪمل تباهه حاليءَ جو ڏيک ڏين ٿا ۽ اُتي جيڪڏهن ڪا تبديلي آئي آهي ته ڪجهه خاندانن يا سندن ”واٺن“ جا محلن نما گهر آهن، جيڪي سنڌ جي تباهه حاليءَ جي قيمت تي ٺهيا آهن. ڇا هيءَ ڪرپٽ ۽ نااهل حڪمراني آهي، جنهن کي عوامي راڄ يعني جمهوريت چئجي ۽ جنهن لاءِ سنڌ جي گذريل ٽن نسلن جدوجهدون ڪيون، قيد ڪاٽيا، ڦٽڪا ۽ رياستي ڏاڍ جا عذاب سَٺا، موري، ميهڙ، لاکاٽ ۽ دادوءَ ۾ پنهنجا ڪونڌر قربان ڪيا؟ ڇا هن حڪمرانيءَ جي نااهلي انداز کي جمهوريت سڏي سگهجي ٿو؟ جي ها، ته پوءِ ان کان وڏو دوکو عوام، ان جي اڻ ورچ جدوجهد، آزاديءَ ۽ جمهوريت سان ٻيو ڇا ٿيندو؟
21هين صديءَ ۾ ڪنهن به سماج کي بحرانن مان ڪڍڻ، ترقي ڏيارڻ ۽ تبديل ڪرڻ ۾ حڪومتن جو وڏو اهم ڪردار هجي ٿو، ڇاڪاڻ ته سڀ کان وڌيڪ وسيلا، منظم افرادي قوت ۽ ادارا حڪومت وٽ هجن ٿا. ان ڪري جيڪڏهن حڪمراني بهتر، ذميوار ۽ عوام دوست يا حقيقي طور جمهوري هجي ٿي ته اُتي سماج ڇال ڏيئي ترقيءَ جون منزلون تڪڙيون طئي ڪن ٿا پر جتي حڪومتون اڪثر ڪرپٽ، نااهل، پيٽ پرست ۽ عوام دشمن طبقن وٽ يرغمال رهن ٿيون، اُتي سماجن جو اُهو ئي حال ٿيندو آهي، جيڪو اڄ سنڌ جو آهي. ڄام صادق، لياقت جتوئي، غوث علي شاهه، مظفر شاهه، علي محمد مهر، ارباب غلام رحيم جي حڪومتن تي ته ميار ناهي، جو اهي اسٽيبلشمينٽ پاران ويهاريل حڪومتون هيون، جن ۾ هڪ هڪ سيٽ رکندڙ شخص کي ”اسلام آباد“ سان وفاداريءَ جي انعام طور سنڌ ۾ وڏ وزارت جي مسند تي ويهاريو ويو هو پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ته ماڻهو ووٽ ڏين ٿا ۽ عوام کين سنڌ ۾ حڪومت سازيءَ جو مينڊيٽ ڏئي ٿو پر پيپلز پارٽيءَ جي حڪمرانيءَ جو انداز سنڌ ۾ هميشه نه رڳو بدترين رهيو آهي، پر ان سنڌ جي سياسي ۽ سماجي توڙي انتظامي ڪلچر کي وڌيڪ ڪرپٽ ڪيو آهي. (سواءِ سيد عبدالله شاهه جي مختصر دور جي، جنهن ۾ حڪومت ايتري ڪمزور ۽ وائڙي نه هئي.) سنڌ ۾ جيڪو حڪمرانيءَ جو انداز متعارف ڪرايو ويو آهي، ان جون ٽي ”خاصيتون“ بي مثال آهن، يعني نااهلي، ڪرپشن ۽ اقرباپروري ۽ جيڪڏهن حڪمراني انهن ٽن عنصرن تي بيٺل هجي ته پوءِ عوام کي ٻئي ڪنهن دشمن جي ضرورت نه پوندي آهي.
سنڌ ۾ حڪومت جي نااهليءَ جي حالت اِها آهي جو اُها نه ته مرڪز کان سنڌ جا جائز آئيني ۽ قانوني حق وٺي ٿي سگهي ۽ نه سنڌ اندر قانون جي حڪمرانيءَ کي لاڳو ڪري ٿي سگهي. 18هين آئيني ترميم تحت سنڌ حڪومت کي جيڪي آئيني اختيار مليا يا ڪجهه وسيلا وڌيا پر سرزمين تي ان جو ڪوبه اثر ظاهر ناهي. گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ کان وٺي سنڌ جي اترئين ضلعن تائين سنڌ ۾ جيڪا دهشتگرديءَ، لاقانونيت، قبائليت، ڏوهن، اغوائن ۽ ڌاڙن جي بازار گرم آهي، حڪومت جو ان تي ڪوبه وس هلندي نظر نه ٿو اچي ۽ نه وري ان جو ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جو اهڙو ڪو ارادو ڏسجي ٿو. تعليم جي شعبي جو حال اِهو آهي، جو خود حڪومت به مڃي ٿي ته لڳ ڀڳ 6 هزار پرائمري اسڪول بند پيا آهن، يا اُتي تعليم جو عمل بند آهي. هڪ سماجي تنظيم جي رپورٽ موجب سنڌ جا پنجن کان سورنهن سالن تائين جي عمر جا اڌو اڌ ٻار يعني 61 لک ٻار اسڪولن ۽ تعليم کان محروم آهن ۽ جيڪي 61 لک ٻار تعليم کان محروم آهن، اُنهن مان 34 لک يعني 56 سيڪڙو ڇوڪريون آهن. سنڌ ۾ ستر سيڪڙي کان وڌيڪ ٻار پنجين درجي کان پوءِ ڇهين درجي تائين نه ٿا پُڄن. ۽ اهو ڊراپ آئوٽ پاڪستان ۾ سڀني کان مٿي آهي. سنڌ ۾ 59 سيڪڙو ٻارن کي سنڌي ۽ اردو صحيح پڙهڻ نه ٿي اچي، 75 سيڪڙو ٻار انگريزيءَ ۾ هڪ پيراگراف به درست پڙهي نه ٿا سگهن، 71 سيڪڙو ٻارن کي سادي رياضي يعني ضرب، جوڙ، ونڊ ۽ ڪَٽ نه ٿي ڪرڻ اچي. سنڌ ۾ 77 اسڪولن جون عمارتون زبون آهن ۽ اُتي پاڻي، چوديواري، تحفظ ۽ واش روم جون سهولتون نه هئڻ جي برابر آهن. سنڌ ۾ 6164 اسڪول مڪمل طور بند پيل آهن، جنهن جو مطلب ته سنڌ ۾ هر ستون اسڪول بند پيو آهي، جو سنڌ ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊريءَ جا ڪُل 47394 اسڪول آهن. سنڌ جا ٻه ضلعا ٺٽو ۽ ٿرپارڪر بند پيل اسڪولن جي فهرست ۾ سڄي پاڪستان ۾ مٿي آهن.
صحت جو سنڌ ۾ اهو حال آهي جو بين الاقوامي ادارن جي رپورٽن مطابق سنڌ ۾ ٻهراڙين جا 28 سيڪڙو ماڻهو ”سائِيءَ“ جي موتمار بيماريءَ جو شڪار آهن. سنڌ ۾ ڪينسر جي بيماريءَ جي شرح لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو آهي، جيڪا سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ مٿي آهي، جنهن جو مکيه سبب گندو ۽ زهريلو پاڻي واپرائڻ آهي. هن وقت پاڪستان ۾ عام ماڻهوءَ جي سراسري عمر 58 سال آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ اها سراسري عمر 43 سال آهي، جنهن جو به وڏو سبب WHO پيئڻ جو گندو پاڻي، ناقص غذا، ماحولياتي گدلاڻ ۽ طبي سهولتون نه هئڻ ڄاڻايو آهي. جيتوڻيڪ اڄڪلهه ٿر ۾ ڏُڪار جون خبرون عام آهن پر صحت جي عالمي اداري WHO مطابق سنڌ جي ٻارن ۽ نارين ۾ خوراڪ جي گهٽتائيءَ جي شرح عالمي طور مقرر ڪيل شرح کان به مٿي يعني23.1 آهي. سنڌ ۾ ڄمندڙ 10 ٻارن مان 9 ٻارن کي ڄمڻ کان وٺي 6 مهينن تائين ڪي به طبي سهولتون ميسر نه آهن، جنهن جي ڪري انهن ۾ موت جي شرح پاڪستان ۾ سڀني کان مٿي آهي. سماجي ۽ زندگيءَ جي معيار بابت تحقيق ڪندڙ اداري PSLM مطابق سنڌ ۾ ٻارن ۾ ٽُڪا لڳڻ جي شرح سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻين صوبن کان گهٽ آهي، جيڪا سنڌ ۾ 28 سيڪڙو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ اُها 54 سيڪڙو ۽ خيبر پختونخوا ۾ اُها 48 سيڪڙو آهي. سنڌ ۾ بي زمين يا پنجن ايڪڙن کان گهٽ زمين رکندڙ هارين جو تناسب 62 سيڪڙو آهي. سنڌ ۾ 69 سيڪڙو ٻهراڙين جي آبادي جديد شهري سهولتن کان محروم آهي. سنڌ ۾ غربت جي سطح به پاڪستان ۾ بدترين آهي ۽ ان جو رڳو هڪ مثال وٺجي ته، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ 21 هين صديءَ ۾ به 47 سيڪڙو ماڻهن جا گهر ڪچا آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ اِهو تناسب 22سيڪڙو ۽ خيبر پختونخواه ۾ 28 سيڪڙو آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ مطابق سنڌ ۾ ٻين صوبن کان جيڪي ماڻهو لڏي اچن ٿا، اُنهن جو 46 سيڪڙو صرف روزگار ۽ نوڪرين لاءِ اچي ٿو، 26 سيڪڙو واپار لاءِ ۽ 28 سيڪڙو ٻين سماجي سببن جي ڪري اچي ٿو، يعني جيڪو صوبو 46 سيڪڙو روزگار ۽ 28 سيڪڙو واپار جا موقعا ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڏئي ٿو، اُن جا پنهنجا اصلوڪا سنڌي ماڻهو ۽ نوجوان بيروزگاريءَ جي اسڪيل تي تمام هيٺانهين سطح تي بيٺا آهن. اڄ جنهن ٿر بابت ڄڻ ته اوچتو خبر پئي آهي ته، اُتي ڏڪار آهي، ان جو حال 1998ع جي آدمشماريءَ جي بنياد تي ڪيل انساني ترقيءَ جي انڊيڪس مطابق ٻُڙي (0%) هو. پاڪستان جي 140 ضلعن مان بنيادي تعليم جي لحاظ کان سنڌ جو سڀ کان ترقي يافته شهر ڪراچي به 56 هين نمبر تي آهي ۽ سنڌ جا باقي 22 ضلعا 73 کان 140 جي وچ ۾ آهن ۽ اهو حال ان صوبي جو آهي، جنهن جي صوبائي بجيٽ جو 21.8 سيڪڙو يعني 134 ارب روپيا تعليم تي خرچ ٿين ٿا.
ماحولياتي گدلاڻ، وڻڪاري، ترقياتي ڍانچي جي لحاظ کان به سموريون عالمي ۽ ملڪي رپورٽون اِهو ٻُڌائين ٿيون ته، سنڌ بدترين حال ۾ آهي. ڌارين جي آبادڪاري سنڌ ۾ جنهن تيزيءَ ۽ شرح سان وڌي رهي آهي ۽ خاص طور ڪراچيءَ ۾ وڌي رهي آهي، ان جو ڪو تدارڪ نه ٿيو ته، سنڌ ۾ سنڌين جي حيثيت بلڪل ثانوي ٿي ويندي. (منهنجو ايندڙ مضمون سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ تي هوندو، جنهن ۾ مڪمل انگ اکر شامل هوندا) 1998ع جي آدمشماريءَ مطابق سنڌ ۾ ٻين صوبن کان جيڪي ماڻهو سنڌ ۾ مستقل طور آباد ٿي رهيا آهن، اُنهن جو 92 سيڪڙو ڪراچيءَ ۾ آباد ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته 1998ع جي آدمشماريءَ مطابق ملڪ جي سموري صنعتي علائقن جو 32 سيڪڙو علائقو صرف ڪراچيءَ ۾ آهي. اهي انگ اکر ته 1998ع جا آهن، جڏهن ته گذريل 16 سالن ۾ ڪراچيءَ سان گڏ سڄيءَ سنڌ ۾ ڌارين ۽ خاص طور پشتون آباديءَ جي آبادڪاريءَ ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي.
مٿي بيان ڪيل ان سموري صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جو ڪوبه اثرائتو وجود يا ڪردار نظر اچي ٿو؟ ظاهر آهي ته انهن سمورن مسئلن کي سماج ته دانهن ۽ ڪُوڪُن سان مُنهن ڏئي نه سگهندو، جيسين سنڌ ۾ ڪا ذميوار حڪومت، بهتر حڪمرانيءَ ذريعي ڪو اهم ڪردار ادا نه ڪندي. سنڌ حڪومت پاڻي، ناڻي ۽ خودمختياريءَ جا حق مرڪز کان وٺي، اُها ته ٿي پري جي ڳالهه پر خود صوبي جي سطح تي سنڌ حڪومت جي حڪمرانيءَ جو ڇا حال آهي؟ سوال اهو آهي ته، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هن حڪمرانيءَ جي ”ماڊل“ سنڌ جي سُورن ۾ اضافو ڪيو آهي يا انهن کي گهٽائڻ لاءِ ڪو قدم کنيو آهي يا ڪا رٿابندي ڪئي آهي؟
مثال طور:
* ڇا سنڌ حڪومت وٽ سنڌ بابت ڪو Vision يا ان ڏس ۾ ڪا ڊگهي مدي واري رٿابندي آهي، جو چئجي ته پنجن سالن کانپوءِ ڪي نتيجا سامهون ايندا. لڳي ايئن ٿو ته 2018ع ۾ به نتيجا اُهي ساڳي هوندا، جيڪي گذريل پنجن سالن کانپوءِ 2013ع ۾ سامهون آيا، بلڪه شايد ان کان به وڌيڪ بدتر سامهون اچن، جو هن سموري گهڻ-طرفي بحران جا خطرناڪ نتيجا غربت، لاقانونيت، تباهه حالي، وڌندڙ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي توڙي آباديءَ جي عدم توازن جي صورت ۾ سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪراچيءَ جي دهشتگردي، ٿر جو ڏُڪار، لاڙڪاڻي ۾ جنونين ۽ فسادين هٿان ڌرمشالا کي لڳايل باهه يا تعليم، صحت، ماحوليات، ترقياتي ڍانچي جي تباهه حالي يا وڌندڙ سماجي انتشار ۽ انتهاپسندي رڳو بظاهر مختلف معاملا آهن، انهن جا محرڪ ۽ سبب ساڳيا آهن، جن جو پس و پيش تعلق حڪمرانيءَ ۽ رياست جي زوال سان آهي.
* ڇا سنڌ حڪومت وٽ ڪو هڪ به ادارو يا ڪميشن اهڙو آهي، جيڪو اٺين مالياتي ايوارڊ ۾ سنڌ کي گهربل حصو وٺي ڏيڻ جي اهليت رکندڙ هجي؟ جيڪو ادارو CCI، ECNEC، HEC ، CDWP جهڙن ادارن ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهڻ لاءِ گهربل تياري ۽ رٿابندي ڪري؟
* سنڌ ۾ جن شعبن جي تباهه حاليءَ جا انگ اکر ڏنا ويا آهن، ڇا سنڌ حڪومت وٽ ڪو منصوبو يا ارادو آهي ته، انهن اجگر جيڏن مسئلن کي ڪيئن منهن ڏنو ويندو؟ ۽ ان لاءِ ڪهڙا ڪهڙا مرحليوار قدم کنيا ويندا؟
* سنڌ حڪومت وٽ ڪا رٿا آهي ته، هنن پنجن سالن ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ڪهڙا ڪهڙا قانون پاس ڪرائڻ گهرجن ۽ 18هين ترميم جي نتيجي ۾ سنڌ کي جيڪو ٽڪو پئسو فائدو ملي سگهي ٿو، اُهو ڪيئن ملندو ۽ ان لاءِ ڇا ڇا ڪجي؟
* سنڌ حڪومت وٽ ڪو ارادو يا رٿا آهي ته 18هين ترميم تحت صوبائي مالياتي ايوارڊ آڻجي ۽ ان ۾ ضلعن وچ ۾ وسيلن جي ورهاست، غربت، ڪمزور ۽ تباهه حال ترقياتي ڍانچي، ايراضي ۽ پسماندگيءَ جي بنيادن تي ڪرڻ جو بنياد وجهجي. مالياتي ايوارڊ جي حوالي سان جيڪا جنگ سنڌ مرڪز سان وڙهندي رهي آهي، ان تي عمل سنڌ ۾ ڇو نه ڪري ڏيکارجي؟
* سنڌ حڪومت وٽ آهي ڪو حساب ڪتاب، ته قدرتي وسيلن مان آئيني طور جيڪا 50 سيڪڙو آمدني سنڌ کي ملڻي هئي، اُن جو ڇا ٿيو؟ اُها رقم ڪيڏانهن ٿي وڃي ۽ ان سان اُنهن ضلعن کي ڇا مليو، جيڪي قدرتي وسيلن سان مالامال آهن؟
* سنڌ اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ايڪٽ ۽ ٺهرائن مطابق سنڌ ۾ سنڌي ٻولي دفتري ۽ تعليمي ٻوليءَ طور رائج ڪڏهن ٿيندي؟
* سنڌ ۾ جنهن تيزيءَ سان انتهاپسندي وڌائيندڙ مدرسا کُلي رهيا آهن، اُنهن کي ڪڏهن ۽ ڪيئن روڪبو؟ ان لاءِ قانونسازي ڪڏهن ٿيندي ۽ ان تي عمل ڪيئن ٿيندو؟
جنهن صوبي ۾ وڏو وزير پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ جيترو به بااختيار ناهي ۽ جتي وزيرن کي رڳو عوامي خزاني مان نيون گاڏيون خريد ڪرڻ مان فرصت نه هجي، اُتي بهتر حڪمراني في الحال ته ديواني جو خواب لڳي ٿي. بلاول جي روشن خيالي ۽ بهادري اکين تي پر اُها سنڌ جي ڪهڙي ڪم جي، جڏهن اُتي سندس ئي پارٽيءَ جي حڪمراني ايتري نااهل ۽ اقربا پرور هجي؟ سنڌ جي ماڻهن کي ”اک“ پٽڻي پوندي، غير مشروط محبتن کي الوداع چوڻو پوندو، حساب ڪتاب ۽ ليکو چوکو ڪرڻ جو سياسي ۽ سماجي ڪلچر پيدا ڪرڻو پوندو، انفرادي مفادن تي اجتماعي مفادن کي اوليت ڏيڻي پوندي ۽ عوام جي اهڙي تربيت متبادل بهتر سياست ذريعي ئي ٿي سگهي ٿي. سنڌ ۾ راءِ عامه تي اثرانداز ٿيندڙ سڄاڻ ماڻهن کي به سياسي ڊسڪورس کي حڪمرانيءَ جي هن بدترين ماڊل تي زور ڏيڻ گهرجي، ان کي وڌيڪ دليلن، ثبوتن ۽ انگن اکرن سان وائکو ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ هڪ لڳاتار جدوجهد هلڻ جي ضرورت آهي.


روزاني ڪاوش حيدرآباد، 18 ۽ 19 مارچ 2014ع

بلاول کي اصل معافي عوام ۽ سنڌ کان وٺڻ گهرجي!

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرپرسن بلاول ڀُٽي زرداريءَ پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کي خطُ لکي کانئُن پارٽيءَ جي تنظيمي ۽ سياسي ڪوتاهين تي معافي ورتي آهي. منهنجيءَ نظرَ ۾ پاڪستان ۽ سنڌُ جي سياسي ڪلچرَ ۾ اها هڪ سُٺي روايتَ آهي، جنهن کي ضرور ساراهِڻ گُهرجي. سياستَ هڪُ اهڙو متحرِڪ شُعبو آهي، جو اُن ۾ هڪَ طرف چُڪُون به ٿينديون رهنديون آهن، ته ٻئي طرف انهن جو ازالو يا سَدِباب ڪرڻ جا درَ پڻ کليل رهندا آهن. اصل سُوال ضميرَ جي سچائيءَ، سياسي ايمانداريءَ، حقيقت پسنديءَ ۽ حالتُن جي معروضي اِدراڪَ جو آهي. مون کي خبر نه آهي ته بلاول ان معافيءَ ۾ ڪيترو سنجيده آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ”معافي-نامي“ ۾ سندس ٻولي مُبهم آهي، جنهن ۾ ڪا بِه خبرَ نه ٿي پوي ته هو پنهنجي ڪارڪُنن کان پارٽيءَ جي ڪهڙين پاليسيُن، حڪمتِ عملين، کنيل قدمن، يا ڪيل ڪوتاهين جي معافي وٺي رهيو آهي. پر اُن هوندي به مان اُن کي هڪَ سُٺي ۽ صحتمندَ سياسي ۽ تنظيمي روايَت سمجهان ٿو. اسان وٽ ته انيڪ تنظيمُن جي مڪمل طورَ زوال پذير ٿيڻ باوجود ڪڏهن به انهن جي اڳواڻن حقيقت پسنديءَ ۽ سياسي ايمانداريءَ سان نه ته انهن جي زوال پذيريءَ جو جائزو ورتو، ۽ نه وري انهن مُحرِڪن کي تبديل ڪري ٿيلَ نقصانَ جي سدِباب ڪرڻ جي دل سان ڪڏهن ڪوشش ڪئي، ان جو نتيجو اسان جي موجوده تنظيمي ۽ سياسي صورتحال آهي.
جيستائين پي پي پيءَ جي تنظيمي ۽ سياسي ڪوتاهيُن جو سُوال آهي ته اهو به هڪُ اهڙو کُليل رازُ آهي، گُذريل پنجاهه سال جنهن جي ڏاڪي به ڏاڪي چِٽي شاهدي ڏيندا. نتيجو وڃي اهو نڪتو آهي، جو ملڪي تاريخَ جي (اوڀر پاڪستانَ جي عليحدگيءَ کان پوءِ) سڀ کان وڏي پارٽي، جنهن کي ڪو بِه آمِرُ لوڏي ۽ ٽوڙي نه سگهيو، اُها پنهنجيُن ئي پاليسيُن، حڪمتِ عملين ۽ فيصلن سبب اڄ عملي طرح رُڳو سنڌُ تائين ئي محدود رهجي وئي آهي. پنجاب کانئُس تيزيءَ سان کسجي رهيو آهي، ۽ بلوچستان يا خيبر پختونخوا ته هونئن به وٽس ڪڏهن به ڪونه هئا. منهنجيءَ نظر ۾ هيٺين بنيادي سببن ڪري پي پي پي ڏاڪي به ڏاڪي زوال پذير ٿي آهي، جن تي پارٽيءَ جي قيادتَ، سياسي دانشورن ۽ عوامَ کي غور ڪرڻ گهرجي.
(الف): پي پي پي پنهنجي شروعات سٺِ جي ڏهاڪي ۾ گَهڻ-طبقاتي جمهوري سياستَ جي واٽَ سان ڪئي هئي، پر مرحلي وار پارٽيءَ نظرياتي سياستَ کي پُٺي ڏئي مفادن جي سياستَ کي اوليتَ ڏني. اُها ٻي ڳالهه آهي ته اُن پنهنجن تنظيمي ۽ طبقاتي مفادن کي ملڪ ۾ جمهوري عمل سان مشروط ڪري هلايو، جو ظاهر آهي ته سياستَ جمهوريت تحتِ ئي ٿي سگهي ٿي، ۽ حڪومتَ ۾ اچڻ جو واحد طريقو به اهو ئي هو ۽ آهي. اڳ به پي پي پيءَ جو نظرياتي بنياد محدود هو، ۽ بس ايترو ئي هو، جيترو ڪنهن گهڻ-طبقاتي پارلياماني سياسي جماعتَ جو ٿي سگهيو ٿي. پر پوءِ اهو محدود بنياد به ختم ٿيندو ويو. نتيجو اهو آهي، جو هاڻي پارٽي ڪنهن منشُورَ جي بنيادَ تي نه پرَ، يا ته شهيدن جي قربانين جي جذباتيتَ تي هلي رهي آهي يا وري سماجي طورَ طاقتور شخصيتُن جي سهاري. ڇا اهو الميو نه آهي ته جنهن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڏهاڪا اڳُ وڏيرا قطارون ڪيو بيٺا هوندا هئا، اڄُ اُها پارٽي وڏيرن کي پاڻ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ ايلازَ ڪندي نظر اچي ٿي؟ گُذريل چُونڊُن کان اڳُ ٻيو ته ٺهيو، پر پارٽي شيرازين، ۽ بينظير صاحبه ۽ خواتين لاءِ گُٿا لفظَ ڳالهائيندڙ ارباب غلام رحيمَ جهڙي ماڻهوءَ کي به پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ رابطا ڪندي نظر آئي. ان کان سواءِ پارٽي ٽِڪيٽون پڻ هاڻي تنظيمي ۽ سياسي بنيادن تي نه، پر خانداني بنيادن تي ڏنيون وڃن ٿيون، جنهن کي عملي طرح پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو سياسي زوالُ ئي چئي سگهجي ٿو.
سياستَ مان جيڪڏهن قدُرَ، نظريا، ۽ اُصولَ ختم ٿي وڃن ته پوءِ اُها نه رُڳو اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿئي ٿي، پر اُها سماجَ ۽ عوامَ بدران هڪَ مخصوص ڦورُو طبقي جي مُحتاج ئي نه پر سندن ناجائز مفادن جي پورائي جو هڪُ ذريعو بڻجي ٿي. جنهن سياستَ ۾ ڪو عوام دوستُ نظريو، قدُر يا اُصولُ نه آهي، اُها پس و پيش عوام-دشمن، رُجعت-پسند بڻجي سماجَ جي فطري ارتقا ۾ رُڪاوٽَ بڻبي آهي. اِن ڪري منهنجيءَ نظرَ ۾ پي پي پيءَ پنهنجي سياسي زوالَ جا بنيادَ تڏهن وِڌا جڏهن اُن نظرياتي سياستَ کي پُٺي ڏني.
(ب): سياستَ سماجَ ۾ ٿيندي آهي، ۽ سماجُ هر وقتُ تبديل ٿيندو رهي ٿو. اُهي تبديليون ڪڏهن مثبت هونديون آهن ته ڪڏهن منفي، پر سياستَ جو ڪم انهن جي معروضيتَ کي سمجهي، اُن آڌارَ تي پنهنجيون پاليسيون، حڪمتِ عمليون ۽ اَوَليتُون جوڙي عملَ جي ميدانَ تي لهڻ هوندو آهي. هونئن ته پاڪستان پهرئين ڏينهن کان وٺي بحرانَ جو شڪارُ رهيو آهي، پر گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان ملڪَ جي سماجَ، سياستَ، معروضيتَ ۽ تضادن جي بيهڪَ ۾ انيڪ تبديليون آيون آهن، جن حالتُن کي ويتر پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. الميو اهو آهي ته پي پي پيءَ وٽِ انهن تبديل ٿيل ۽ ٿيندڙ حالتُن جو ڪو سائنسي اِدراڪ نظر نه ٿو اچي. مثال طور، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ڪيترن ئي موقعن تي آمريڪا کي سامراج سڏيو هو، پر سندس پارٽيءَ پوءِ اهو لفظُ ئي پنهنجي تنظيمي ۽ سياسي لُغتَ مان ڪڍي ڇڏيو. ملڪَ ۾ قومي تضاد بابت پارٽيءَ وٽ ڪو به موقف نه آهي، وڌَ ۾ وڌ پارٽي قومي تضادَ کي صوبائيتَ جي اکِ سان ڏسي ٿي. ملڪ ۾ قومُن ۽ ٻولين جي آئيني حيثيتَ ڪهڙي هجي، ان بابت پارٽيءَ وٽ ڪو به موقف نه آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي پنهنجي دورَ ۾ صنعتُن کي قومي تحويلَ ۾ ورتو، (غلط يا صحيح) جڏهن ته سندس پارٽيءَ جون حڪومتون نِج ڪاريءَ تي عمل ڪنديون رهيو آهن. اُها ٻي ڳالهه آهي ته پارٽيءَ اندر رضاربانيءَ ۽ تاج حيدر جهڙا ماڻهو اڄ به نِجڪاريءَ جي خلاف ڳالهائيندا رهن ٿا. ائين جي ڏِسبو ته پي پي پيءَ وٽ ملڪَ جي ڪنهن به بنيادي تضادَ بابت ڪو به چِٽو موقف نظر نه ٿو اچي. بس مذهبي انتهاپسنديءَ بابت بلاولَ جو موقِف جرئتمنداڻو آهي، پر اها به حقيقتَ آهي ته طالبان تي بينظير صاحبه جي دورَ ۾ نصيرالله بابر معرفتَ نه رڳو هٿُ رکيو ويو پر جنرل ضياءُالحق واري افغان پاليسيءَ کي بيحد پُرزور طريقي سان جاري پڻ رکيو ويو. ائين قومي، طبقاتي بين الصوبائي تڪرار، پاڻيءَ جو تڪرار، ناڻي جو ورڇَ جو تڪرار، پرڏيهي ۽ دفاعي پاليسيءَ بابت پارٽيءَ وٽ ڪو به عوام-دوست، پُختو، ۽ چِٽو موقفُ نظر نه ايندو.
(ٻ): پاڪستان جو سماجُ تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي، خاص طورَ تي پنجاب ۽ سنڌ جو سماج جتي زرعي سماج تيزيءَ سان ٽُٽي رهيو آهي، ۽ شهري سماجَ جي اڏاوتَ تيز ٿي رهي آهي. نتيجي ۾ پنجاب ۽ سنڌُ ۾ گذريل ڏهاڪن کان وڏي انگَ ۾ وِچون طبقو پئدا ٿيو آهي، پنجابَ ۾ ته اهو انگُ تمام گهڻو آهي، پر رڳو سنڌُ ۾ هڪ محتاط اندازي مطابق رڳو سنڌي ڳالهائيندڙ وچئين طبقي جو انگُ ستر يا اسي لکَ کان گهٽ نه آهي. پر پي پي پيءَ وٽ اُن جو ڪو اِدراڪ نظر نه ٿو اچي. اهو ئي سبب آهي، جو گهڻا سالَ اڳ چوڌري اعتزاز احسنَ مون کي چيو هو ته، زرعي سماجَ جي وڏيرڪي پارٽي يعني پي پي پي هاڻي تيزيءَ سان اڀرندڙ صنعتي ۽ شهري پنجابَ جي نمائنده نه ٿي بڻجي سگهي، ۽ اها هڪ حقيقتَ پڻ آهي. خود سنڌُ ۾ پارٽيءَ وٽ ڪو اِدراڪ يا رٿابندي نظر نه ٿي اچي ته هن وسيع تر وچئين طبقي کي ڪهڙو دڳُ ڏبو. مثال طورَ ملڪَ ۾ نوجوان آباديءَ جو انگُ ٻاهتر سيڪڙو آهي، پر پي پي پيءَ وٽ سندن لاءِ اُها ئي پاليسي آهي ته اهي اقربا پروريءَ ۽ ڪرپشن سبب روزگارَ لاءِ وزيرن ۽ وڏيرن جي درن تي ڌڪا کائيندا رهن. هڪ قابل، خوددار، ۽ مستقبل جي اڏاوت ڪندڙ نوجوان ۽ وِچون طبقو پي پي پيءَ کي نه گهرجي.
(ڀ): سياستَ تضادن جي پئداوار به آهي، ته انهن جي نمائندگي ڪندڙ به آهي، پر پي پي پيءَ مفاهمتي سياستَ جي نالي ۾ هڪ اهڙو سياسي ڪلچر متعارف ڪرايو آهي، جنهن جو مطلبُ آهي اسٽيٽس ڪو کي جيئن جو تيئن قائم رکڻ. هن پارٽيءَ کي نه آمريڪا سان ڪو اختلاف آهي، نه فوجَ سان، نه معتدل ساڄيءَ ڌُرِ سان، نه وري ايم ڪيو ايم ۽ يا مذهبي جماعتن سان. آصف علي زرداريءَ کي رُوءِ زمين تي ڪنهن سان ڪو به اختلاف نه آهي. نتيجو اهو آهي، جو پارليامينٽ ۾ مخالف ڌُر هئڻ باوجود عملي طورَ اُها حيثيتَ کانئُن عمران خان کسي ورتي آهي. عمران خان جي سوچَ، رويي، ۽ طريقه ڪار سان ڪيترا به اختلاف ڇو نه ڪجنِ، پر اِها حقيقتَ آهي موجوده دورَ ۾ مخالف ڌُر جي حيثيتَ عملي طرح هن جي پارٽي وٽ آهي. پي پي پيءَ جي اها مفاهمتي پاليسي وقتي فائدا ته ڏئي سگهي ٿي، پر تضادن کان پاسيرو ٿي بيهي رهڻ، ۽ گهربل ڪردار ادا نه ڪرڻ ڪري، پس و پيش اُها زوالَ ڏي وٺي ويندي. ڇاڪاڻ جو اُن جو عملي مطلب ملڪَ جي معروضي حقيقتُن ۽ تضادن کان اکيون پُورڻ آهي.
(ت): پي پي پيءَ جي اصل سگَهه سندس ڪارڪنَ هئا، جيڪي ابتدائي دورَ ۾ هڪ حد تائين نظرياتي به هئا، ته وڏا مخلص ۽ قربانيون ڏيندڙ پڻ هئا. پارٽيءَ هٿ وٺي ڪارڪنن جو اُهو ارادو ۽ جذبو تباهه ڪري ڇڏيو. پارٽيءَ ڪارڪنن جي گهڻائيءَ کي ٺيڪا ڏيڻ، نوڪريون وڪڻڻ، ٺيڪن تان ڪميشنون وٺڻ، نوڪرين جي ڪوٽا وٺڻ، ۽ پارٽيءَ بدران مقامي طورَ ”وڏيرن جا ماڻهو“ ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. پارٽيءَ طئه ڪري ڇڏيو آهي ته اقتدارَ ۾ سدائين هڪ مخصوص طبقي کي آڻبو، ۽ ان اقتدارَ جا ”مالياتي مزا“ ”جمهوري طريقي“ سان هيٺ ڪارڪنن تائين به لاهبا. ظاهر آهي ته اهڙي صورتحال ۾ ڪارڪنن جي اڪثريتَ جي وفا نظريي، منشور، پاليسي، پارٽي آئينَ ۽ عوامي مفادن بدران پنهنجن شخصي ۽ گِروهي مفادن سان هوندي، ۽ اهو ئي پارٽيءَ جو تنظيمي بحران پڻ آهي. شهيد ڀُٽي چيو هو ته طاقتَ جو سرچشمو عوام آهي. سُوال آهي ته آهي ڪو اُن موقفَ جو اولڙو به پي پي پيءَ جي سياست ۾؟ عوامُ طاقتَ جو سرچشمو رڳو اليڪشن واري ڏينهن ٺپا هڻڻ لاءِ آهي. هاڻي ته اُهو حجاب به ختم ٿي ويو آهي، پارٽيءَ جي سِڌي حڪمتِ عملي آهي ته حڪومتَ ٺاهڻ لاءِ جيترا ووٽَ ۽ سيٽُون گُهرجن، اوترا هر قيمتَ تي چُونڊُون کٽيندڙ وڏيرا يا نام نهاد بااثر ماڻهو گُهرجن. وڏيرن ۽ مالدار بااثر طبقي به اهو سمجهي ورتو آهي ۽ پارٽيءَ جو پاڻي ڪَڇي ورتو آهي، اِن ڪري اهو طبقو به اڄ پارٽيءَ جي پويان هلڻ بدران، ان کي پنهنجي شرطن تي پنهنجي پويان هلائي رهيو آهي.
بلاول هڪ سُٺو ذهين ۽ باصلاحيت نوجوان آهي، پر سُوال آهي ته هن جي پارٽيءَ اندر عملي طرح ڪيتري طاقتور حيثيتَ آهي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته جن سببن ڪري هو پارٽيءَ جي ڪارڪنن کان معافي وٺي رهيو آهي، ته ڇا هو انهن سنگين غلطين جو ازالو يا سدِباب ڪري سگهندو؟ يا ڪرڻ لاءِ خود مختيار آهي؟ ڇاڪاڻ ته جڏهن اعتراف ئي ايڏو مبهم هجي ته اُن جو سدِباب به مشڪوڪ بڻجي وڃي ٿو.

(هن مضمونَ جي ٻئي حصي ۾ اسان پي پي پيءَ جي سنڌُ بابت پاليسيءَ ۽ ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺنداسين.)


روزاني ڪاوش حيدرآباد، اربع پهرين آڪٽوبر 2014ع

سنڌ ۾ بهتر حڪمرانيءَ ۽ مالڪيءَ جو سوال!

گذريل مضمونَ ۾ مون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نوجوان چيئرپرسن بلاول ڀُٽي زرداريءَ طرفان پارٽيءَ ڪارڪنن کان ورتل معافيءَ جي پس منظر ۾ انهن بنيادي نقطن تي پنهنجا ويچار پيش ڪيا هئا، جن سبب پ پ پ ملڪي سطح تي بيحد ڪمزور ٿي آهي. مان سمجهان ٿو ته پ پ پ قيادت جڏهن پنهنجي ڪيل غلط فيصلن سبب پنهنجن ڪارڪنن کان رسمي معذرت ڪري رهي آهي، تڏهن کيس هڪ معافي دل سان سنڌ ۽ ان جي عوام کان به وٺڻ گهرجي، جن گذريل پنجن ڏهاڪن کان هڪ ئي پارٽيءَ يعني پ پ پ کي پنهنجو مينڊيٽ پڻ ڏنو آهي ۽ موٽَ ۾ ان کي رڳو ويساهه گهاتيون، بدترين حڪمراني، ڪرپشن، ميرِٽ جي لتاڙ ۽ اقرباپرور وارو سياسي ڪلچر مليو آهي. ڳالهه رڳو ٺلهي معافيءَ جي به نه آهي، اصل سوال اُن جي سدِباب جو آهي، جنهن جو بظاهر ڪو به امڪان نظر نٿو اچي.
پاڪستان ۾ هڪ طرف سنڌ وسيلن سان مالامال آهي ته ٻئي طرف اُها بدترين حڪمراني، لاوارثيءَ ۽ نِڌڻڪائيءَ جو شڪار آهي. ائين ناهي ته ان ۾ رڳو پ پ پ جو ڏوهُه آهي، ان ۾ ايوب خان، ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف جي آمريتي دورن جو وڏو ۽ بنيادي عمل دخل آهي، پر انهن تي ڪهڙي ميار، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ آمِر هئا ۽ سنڌي ماڻهن کين ڪو به مينڊيٽ نه ڏنو هو. 1970ع جي چونڊن کان وٺي جڏهن جڏهن به ملڪ جون چونڊون ٿيون آهن، سنڌي عوام جي گهڻائي پنهنجو مينڊيٽ پ پ پ کي ڏنو آهي، انڪري ظاهر آهي ته هر شعبي ۾ بدترين صورتحال بابت پُڇاڻو به سنڌ پاران ان ئي پارٽيءَ کان ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن پ پ پ جي سنڌي ماڻهن ڏانهن رويي جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک ڪجي ته ان ڏس ۾ هيٺيان نقطا بنيادي اهميت رکن ٿا:
(الف): سنڌي ماڻهن جي پ پ پ ڏانهن پهرين ميارَ ته اها آهي ان سنڌي ماڻهن کي سدائين پنهنجيءَ چُلهَه جو مارنگُ سمجهيو آهي. جن سنڌي ماڻهن سدائين پ پ پ کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون، سندن ڏک سک ۾ ساٿُ ڏنو، جدوجهدون ڪيون ۽ قربانيون ڏنيون، پ پ پ انهن کي اڄ تائين هڪ قومَ به نه ٿي سمجهي، جو 1973ع جوآئين قومن جي وجود کان انڪاري آهي. اها پارٽي سنڌي ماڻهوءَ کي وفاق ۽ سنڌ ۾ گهربل آئيني ۽ قومي حيثيت ڏيڻ يا ڏيارڻ لاءِ تيار به نه آهي. ان پارٽيءَ سدائين سنڌي عوام جي جائز ۽ حقدار راءِ کي گهربل اهميتَ نه ڏني آهي، جنهن جو ثبوتُ گذريل دور ۾ متعارف ڪرايل ٻِٽو مڪاني حڪومتن جو نظام هو، جيڪو پوءِ مجبور ٿي واپس ورتو ويو. پر ڪنهن کي وِسريو آهي پ پ پ جو ٻِٽي مڪاني نظام واري معاملي تي سنڌي عوام جي اجتماعي ردعمل کي نظرانداز ڪري ايم ڪيو ايم آڏو بيوس ٿيڻ؟ جنهن سنڌ اسيمبليءَ کي سنڌ جي مفادن جو آئيني ۽ سياسي مورچو هئڻ گهرجي، اُتي سنڌ جا بنيادي مسئلا گهربل اهميت نه ٿا ماڻين ته ٺهيو، ويتر ڪڏهن ڪڏهن اتان سنڌ دشمن فيصلا به ٿين ٿا، اها پارٽي ڪيئن سنڌي ماڻهوءَ جو ووٽ گهري ٿي؟
(ب): پارلياماني سياستَ جو ڪم حڪومتن ۾ اچي بهتر حڪمرانيءَ ذريعي سماجَ جي واهرَ ڪرڻ هوندو آهي. پ پ پ کي سنڌ ۾ پنجون ڀيرو حڪومتَ ٺاهڻ جو موقعو مليو آهي. شهيد ڀُٽي جي دور ۾ وري به بنيادي ڪم ٿيا. ادارا ٺهيا، سنڌي ماڻهن کي روزگارَ جا موقعا مليا، کين شهرن ۾ پير رکڻ جي جاءِ ملي، پر پوءِ پ پ پ سنڌي ماڻهن کان لاتعلق ٿيندي وئي. ڀلا گهڻو ماضيءَ ۾ نه وڃجي، رڳو 2008ع کان پوءِ حالتن جو جائزو وٺجي، ته سنڌُ بدترين حڪمرانيءَ جو مثالي نمونو آهي. صوبي جي سوا ستَ سئو اربن جي بجيٽَ کي ڏسي وري هيٺ سرزمين تي ڏسجي ٿو ته ڪاريءَ وارا ڪکَ آهن. سنڌ ۾ تعليم، صحت، رستن، روڊن، امن امان، ماحوليات، صفائيءَ ۽ ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي ڏسجي ٿو ته ملڪَ ۾ شايد بلوچستان کانپوءِ بدترين حال سنڌ جو آهي. رڳو تعليمَ جو ئي مثال وٺجي ته صوبائي بجيٽ جو 22 سيڪڙو تعليم تي خرچ ٿيڻ باوجود سنڌ جي پرائمري ۽ سڪينڊري تعليم بلڪل مرڻينگ حالت ۾ آهي. ساڳيو حال صحتَ، ماحوليات، مواصلات ۽ امن امان جو آهي. ائين به نه آهي ته سنڌ ۾ بهتر حڪمرانيءَ لاءِ ڪو حڪومتُن کي مرڪز يا پنجاب روڪي ٿو. يقيني طور سنڌ جا مرڪز ۽ پنجاب سان تمام گهڻا اڻ نبريل مسئلا آهن، پر هر ڪم ۽ شُعبي ۾ انهن جي مداخلتَ هجي يا اُهي ذميوار هجن، اهو هڪ اجايو بهانو آهي. هيءَ ته اُها ڳالهه ٿي ته .”ابا مُنهن ڇو نه ٿو ڌوئين“؟ چئي، ”غريب آهيان“! مثال طور مرڪز يا پنجاب پ پ پ تي اهو زور ته نه ٿو ڀري ته ماستريون ۽ پٽيواليون لکين روپين ۾ وڪڻن؟ نااهل ماڻهن کي ٽڪن تي نوڪريون ڏئي ميرٽ کي بنهه غير اهم قرار ڏئي اهليتَ رکندڙ سنڌي نوجوانن کي مايوسيءَ جي ڌُٻڻَ ۾ ڪيرائين؟ يا وري سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ماڻهن کي ڏين، تعليم جي نظام کي بهتر ڪن، صحت ۽ ماحوليات جي شعبن کي سڌارين، امن امان کي انتظامي اهليتَ سان ٺيڪ ڪن، رستن کي ناقص نه ٺاهين، ۽ صفائيءَ جو سٺو انتظام ڪن. پنجاب جو سڀ کان پٺتي پيل ضلعو راجنپور آهي، ۽ خيبر پختونخوا جو تمام غريب ضلعو بالاڪوٽ آهي، پر انهن جي صفائيءَ جي حالت سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد کان به سئو ڀيرا وڌيڪ بهتر آهي. ان ڪري سنڌ ۾ اصل بحران غيرذميوار، ناقص ۽ نااهل حڪمرانيءَ جو آهي، ۽ جنهن لاءِ پ پ پ تمام وڏيءَ حد تائين ذميوار آهي.
(ٻ): سياستَ جو ڪم رڳو حڪومتن ۾ اچڻ نه پر سماجَ کي هڪ صحتمند سياسي ۽ سماجي ڪلچرَ ذريعي سُڌاري اڳتي وٺي وڃڻ پڻ هوندو آهي. پ پ پ سنڌ ۾ نه رڳو وڏيرا شاهيءَ جي مرندڙ طبقي کي تاريخي طور جيئدان ڏنو آهي ۽ ان مرندڙ ۽ متروڪ طبقي کي نئين زندگي ڏني آهي، پر ان سنڌ ۾ هڪ اهڙو پوءِ ڍاول طبقو پڻ پئدا ڪيو آهي، جنهن کي غلام نبي مغل پنهنجي تاريخي ناول ”اوڙاهه“ ۾ ”نِيو فِيوڊل“يعني نئون جاگيردار سڏيو آهي. اهو پوءِ-ڍاول نئون جاگيردار طبقو سنڌ جي اڳوڻي روايتي وڏيرڪي طبقي جي ڀيٽَ ۾ وڌيڪ ڪرپٽ، اکين جو اڇو، موقعي-پرست ۽ پيٽ-پرست آهي. هن کي رڳو اقتدار ۾ حصو ڏيو ۽ پوءِ موٽَ ۾ کانئس ڪو به ڪم وٺي سگهجي ٿو.
گذريل حڪومتي دورَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان جيڪو ٻٽو مڪاني نظام پاس ڪرايو ويو، اهو ان جو هڪ ثبوت آهي. نتيجو اهو آهي جو سنڌ جي روايتي وڏيري ۽ هن ڪرپشن جي پئداوار نئين جاگيردار طبقي جي ڳٺ جوڙَ سنڌ ۾ حتمي روشن خيال ۽ وطن دوست طبقي جي سياسي، سماجي، معاشي اوسَرَ آڏو ڄڻ ته رياستي طاقتَ جي سگهه سان وڏا بندَ ٻڌي ڇڏيا آهن، جنهن سنڌي سماجَ جي فطري اوسرَ کي ڪاپاري ڌڪُ هنيو آهي. ويتر جڏهن کان ان طبقي متحده سان ڊگهي مُدي واري اقتداري ورهاست واري “مفاهمت“ رکي آهي، تڏهن کان ته سنڌي سماج جي فطري اوسرَ تمام سُست ٿي وئي آهي. جنهن لاءِ پ پ پ ئي اڪيلي سِر ذميوار آهي. پ پ پ سنڌ ۾ ”پنهنجو ماڻهو“ ڪلچر متعارف ڪرايو آهي. وڏيرا پنهنجا، ڪارڪنَ پنهنجا، آفيسر ۽ ڪامورا پنهنجا، اسڪيمون پنهنجن علائقن ۽ ماڻهن لاءِ ۽ ويندي ضلعا ۽ تعلقا به ”پنهنجا“. ان ”پنهنجا ماڻهو“ ڪلچر سنڌي سماج کي بد حڪمرانيءَ، بد انتظاميءَ، ڪرپشن، نااهليءَ ۽ اقرباپروريءَ جا تُحفا ڏنا آهن.
(ڀ): دنيا جي ڪا به رياستَ سمورن ماڻهن کي روزگار جا موقعا نه ٿي ڏئي سگهي ۽ اهو اصول سنڌ تي به لاڳو آهي. ان ڪري روزگار جا جيترا به موقعا هجن، انهن کي شفافيت سان ميرِٽ جي بنياد تي ورهائڻ سان ئي معاشري ۾ قابليتَ کي مانُ ملندو آهي، ۽ صحتمند چٽاڀيٽيءَ ذريعي سماج اڳتي وڌندو آهي. ميرٽ جي لتاڙَ ۽ اقرباپروري ڪنهن به معاشري لاءِ زهرِ قاتل آهي، ۽ ان ڪلچر کي هٿي ڏيڻ ۾ پ پ پ سنڌ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. ان ڪلچرَ سبب غريب ماڻهن جي اڪثريت جو تعليم مان ويساهه کڄي ويو آهي ته ٻئي طرف عام ماڻهو وڏيرن جي درن تي ڌڪا کائڻ ۽ جائز ۽ ناجائز ذريعن سان پئسا ڪمائي نوڪريون وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته نااهل ماڻهو جتي به هجي، اهو نه رڳو بدانتظاميءَ جا بنيادَ وجهندو پر، پاڻ جهڙن نااهل ماڻهن کي نوازيندو، جڏهن ته ميرِٽ تي آيل اهل ماڻهو صحتمند ادارا ۽ شعبا ٺاهيندو، ۽ اهليتَ کي ئي اوليت ڏيندو. هي جيڪو سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جي بدترين اندازَ سڄو ٻيڙو ٻوڙيو آهي، ان ۾ انهيءَ نااهليتَ کي واڌارو ڏيڻ، ميرٽ جي لتاڙ ۽ اقرباپرور ڪلچر جو بنيادي هٿُ آهي. نااهل ماڻهو جيڪڏهن ايماندار ۽ سنجيده به ٿي وڃي ته به ڪيترو معياري ڪم ڪندو يا فرق آڻيندو؟
(ت): عوام جي مينڊيٽَ جو مطلب رڳو اهو نه هوندو آهي ته ان ذريعي حڪومتون ٺاهجن پر دراصل انهن ماڻهن جي سياسي، معاشي، احساساتي، ثقافتي ۽ تاريخي حقن جو بچاءُ ڪرڻ به هوندو آهي جن جو مينڊيٽ ان پارٽيءَ يا پارٽين کي ملي ٿو. پ پ پ سدائين سنڌين جي مينڊيٽ کي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڏاڪڻ طور ته استعمال ڪيو آهي، پر سنڌي عوامَ جي قومي مفادن جو بچاءُ ڪرڻ ۾ اها نه رڳو ناڪام وئي آهي، پر ان جي اهڙي ڪا به ايجنڊا به نظر نه ٿي اچي، جنهن سان ان ناڪاميءَ ۽ ڪيل ويساهه گهاتين جو تدارُڪ ڪري، روز ٿي متحده سنڌ جي وحدتَ خلاف مطالبا ڪري ۽ اُها ساڳئي وقت سنڌ حڪومت ۾ پ پ پ جي اتحادي به آهي. ڇا پ پ پ اهو به نه ٿي ڪري سگهي ته کين سِڌو سنئون چئي ڏئي ته جيڪڏهن متحده سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو ڪندي ته پوءِ پ پ پ ان سان ڪڏهن به اتحاد نه ڪندي. پ پ پ جو رڳو اهو هڪڙو شرط متحده جي ان مطالبي جي هميشه لاءِ چيلهه ڀڃي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته جيئن مڇي پاڻيءَ کان سواءِ زنده رهي نه ٿي سگهي، تيئن متحده اقتدار کان سواءِ جياپو قائم نه ٿي رکي سگهي. پ پ پ ٻيو ته ٺهيو پر اهو شرط رکڻ لاءِ به تيار نه آهي.
مٿي بيان ڪيل نقطن کان سواءِ ٻيا به انيڪ ثبوت پيش ڪري سگهجن ٿا، جن مان ثابت ٿيندو ته پ پ پ ڪيئن نه سنڌي ماڻهن جي مينڊيٽ جي احترام ڪرڻ بدران ان سان مسلسل ويساهه گهاتي ڪئي آهي. پ پ پ کي غلط فهمي اها آهي ته جيئن ته سنڌ ۾ بظاهر پ پ پ جو ڪو سگهارو متبادل به نه آهي، ان ڪري اها هميشه ساڳي حيثيتَ ۾ رهندي.
ملڪ ۾ سياسي صف بنديءَ ۾ تبديليءَ جو جيڪو واءُ گُهليو آهي، ان جا اثر يقيني طور سنڌي سماجَ تي به پوندا، ڇاڪاڻ ته سماج کي حقيقت ۾ ڪي فرد نه پر ان جي معروضيت هلائيندي آهي. انڪري جيڪڏهن پ پ پ پنهنجو تنظيمي ۽ سياسي ڪلچر تبديل نه ڪيو ته پوءِ ان کان جيئن پهرين قسط ۾ کائنس پنجاب کسجي چڪو اهي، بلڪل ائين مرحليوار سنڌ به کسجي سگهي ٿي ۽ اُها کسجي به رهي آهي. ڇا پ پ پ ۾ اهڙا سنجيده حلقا آهن، جيڪي ايمانداريءَ سان انهن نقطن تي غور ڪن ۽ پارٽيءَ جي تنظيم، ڪلچر، سوچَ، اوليتن ۽ حڪمرانيءَ جي انداز ۾ تبديلين لاءِ گهربل ڪردار ادا ڪن؟


روزاني ڪاوش حيدرآباد، خميس 02 آڪٽوبر 2014ع

بلاول جي سياسي جذباتيت سنڌ کي ڇا ڏيندي؟

سنڌ ۾ جيتوڻيڪ حڪمراني ملڪ جي قيام کان وٺي ڪنهن به دور ۾ بهتر نه رهي آهي، هر حڪومت وَسَ پُڳي سنڌ کي ڏَنگيو ۽ سنڌي سماج جي فطري اوسر کي روڪيو ۽ ان جي وسيلن کي ڀيليو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو هڪ مختصر دور اهڙو ضرور هو، جنهن ۾ سنڌين کي ڪجهه ساهه کڻڻ جو موقعو مليو، کين روزگار جا موقعا مليا، ڪجهه ادارن جا بنياد پيا ۽ شهرن ۾ سنڌين کي پير کوڙڻ جا ڪجهه موقعا مليا. جيتوڻيڪ سندس دور ۾ سنڌ ۾ مخالف اديبن، دانشورن ۽ قومپرست ڪارڪنن سان جيڪي عقوبتون ٿيون، اُهو به تاريخ جو هڪ اونداهون باب آهي. 1988ع کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جو هيءُ چوٿون ڀيرو موقعو مليو آهي، جنهن جو ڪُل وقت گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏهاڪي کان مٿي آهي.
ان سڄي پس منظر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪمرانيءَ جي بدترين انداز، مثالي ڪرپشن، غيرسنجيدگيءَ، ايڊهاڪزم، اقربا پرور ڪلچر ۽ متحده آڏو سندن شرطن تي گوڏا کوڙڻ بابت هاڻ ڪجهه به راز ناهي، جو سنڌ جي عوام ان کي مسلسل ڀوڳيو آهي ۽ نه رڳو ماضيءَ ۾ ڀوڳيو آهي ۽ بدستور ڀوڳي رهي آهي، پر اُها زمانن تائين ان بدترين حڪمرانيءَ ۽ ڪرپٽ ڪلچر جا نتيجا ڀوڳيندي. ان سموري صورتحال بابت سنڌ جي وطن دوست ۽ عوام دوست فردن ۽ گروهن مسلسل ڳالهايو، لکيو ۽ احتجاج ڪيو آهي پر نظر اهو ٿو اچي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۽ ليڊرشپ ان طرف سنجيدگيءَ ۽ فضليت سان ڪوبه ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ظاهر آهي ته ان جا ٿوري ۽ ڊگهي مُدي وارا نتيجا سنڌ سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽي پاڻ به ڀوڳيندي.
جيتوڻيڪ بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڪيترن سالن کان مختلف موقعن تي سياسي طور سامهون ايندو رهيو آهي، پر تازو ڪراچيءَ جي جلسي دوران کيس رسمي طور پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ طور سامهون آندو ويو آهي ته هن مختلف معاملن تي موقف پيش ڪرڻ شروع ڪيو آهي. تازو هن ڪجهه اخباري رپورٽن جي بنياد تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ منظور وساڻ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن. سوال آهي ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو اخبارن يا ميڊيا ۾ ايندڙ خبرن جو ايترو نوٽيس وٺي ٿو ته پوءِ 2008ع کان وٺي سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت بابت جيڪو ڪجهه ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندو رهيو آهي، ان جو هيستائين ڪوبه نوٽيس ڇو نه ورتو ويو آهي؟ ماضيءَ ۾ يا مشرف جي 9 ساله آمريتي دور ۾ جيڪا سنڌ جي ڀينگ ٿي، اُها ته پنهنجي جاءِ تي پر 2008ع کان وٺي سنڌ ۾ خود پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سنڌ جي جيڪا ڀينگ ڪئي آهي، ان جو حساب ڪتاب ڪير ۽ ڪڏهن ڏيندو؟ مثال طور:
(1) سيد قائم علي شاهه 1988ع کان وٺي وزير اعليٰ رهيو آهي، آخر ڪهڙو راز آهي جو 2008ع کان وٺي وري شاهه صاحب ساڳئي منصب تي ويٺل آهي ۽ سندس حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جو بدترين عڪس اڄوڪي سنڌ آهي، جنهن جو ڪو شعبو سنئون نه آهي. ترقياتي صورتحال تباهه ڪن آهي ۽ ڪرپشن ۽ اقرباپروريءَ جي بازار گرم آهي. بلاول جي شوڪاز سان هڪ رسمي جوابي رپورٽ سامهون ايندي پر ان سان سنڌ اندر معياري تبديلي ڪهڙي ايندي؟
(2) ٿوري مُدي واري مفاهمتي سياست جي سڀنيءَ کي خبر آهي ۽ سنڌ جي موجوده تباهه حاليءَ ۽ بدترين حڪمرانيءَ ۾ هن سوچ، اوليتن، حڪمت عملين ۽ گروهي مفاد پرستيءَ جو بنيادي هٿ آهي. سوال آهي ته ڇا بلاول ڀٽو زرداري هن کان ڪا مختلف سوچ رکي ٿو؟ جي ها ته ان تي عمل ڪرڻ لاءِ هو خودمختيار آهي يا نه؟
(3) ماڻهن سمجهيو پئي يا اميد پئي ڪئي ته بلاول هڪ اعليٰ تعليم يافته، پنهنجي عظيم ماءُ جي تربيت هيٺ رهيل 21 هين صديءَ جو نوجوان اڳواڻ آهي ته هو ضرور ڪنهن بهتر وِييَن (Vision) سان سامهون ايندو، پر بلاول جي تقرير ۾ سواءِ ساڳي سطحي جذباتيت، لفاظي ۽ ٻين جي ڪردارڪشيءَ جي ٻيو ڪجهه نه هو. ڇا هن ڪراچيءَ جي جلسي ۾ پاڪستان سان گڏ سنڌ بابت ڪو موقف، خاڪو، ارادو پيش ڪيو؟ هن جي تقرير ۾ ته سنڌ بابت ڪجهه به سامهون نه آيو. رهندو اِهو تاثر پختو ٿيو ته هو به ساڳئي ڪلچر تحت سطحي جذباتيت ذريعي ۽ سنڌين کي وظيفا ڏئي پينو ۽ ڳيجهو بڻائڻ ذريعي ڪم ٽپائڻ چاهي ٿو. ڇا سنڌ کي هن گهڻ- طرفي بحران مان رڳو هڪ ٺلهي نعري ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ سان ڪڍي سگهجي ٿو؟ اهڙو نعرو ته هو پنجاب ۾ به هڻي ٿو، جڏهن هو ”مرسون مرسون پنجاب نه ڏيسون“ چوي ٿو. سنڌ کي هن گهڻ طرفي بحران مان ڪڍڻ لاءِ جيڪو تدبر ۽ تدبيرون گهرجن، ان جو ته پ پ پ جي سياست ۾ رڳو پاڇو به نظر نه ٿو اچي. ٻيو ته ٺهيو پر بلاول جي چوڌاري جيڪو ٽولو آهي، ان جو آهي ڪو تعلق سنڌي سماج سان؟ يا انهن کي اڄوڪي سنڌ ۽ ان جي عوام جي تاريخي، سياسي، معاشي، سماجي، ثقافتي، تعليمي ۽ ترقياتي توڙي ذهني ۽ احساساتي صورتحال ۽ حقن بابت ڪو ادراڪ آهي؟ ان سوال جو جواب موهن جي دڙي وارو ميلو آهي، جنهن ۾ ٻيو سڀ ڪجهه هو پر ”سنڌ“ نه هئي.
(4) 2008ع کان 2013ع جي پنج ساله حڪومتي دور ۾ بلاول جي پارٽيءَ جي حڪومت سنڌ جي وحدت، تعليم، يونيورسٽين، وسيلن جي استعمال، ٻوڏ ستايلن جي واهر، مطلب ته هر شعبي ۾ جيڪا مثالي موقعي پرستي، نااهلي، ڪرپشن ۽ اقرباپروري ڪئي- هيستائين ان جو ڪو حساب ڪتاب ٿيو آهي؟ يا ٿيڻ جو ڪو امڪان آهي؟ رڳو تعليم جي شعبي جو ئي مثال وٺو. نوڪريون جيئن بازار جي وَکر طور وِڪيون ويون، جيئن سنڌ ۾ تعليم جو گراف مٿي چڙهڻ بدران هيٺ ڪِريو- ان جو ڪو سدِباب ٿيو؟ سنڌ يونيورسٽي آصف علي زرداريءَ جي ويهاريل وائيس چانسلر جي نااهليءَ ۽ ڪرپشن سبب سالن جا سال عملي طور بند رهي جنهن تباهه حاليءَ کي رَسي- ان جو ڪو سدِباب ته نه ٿيو پر اڄ سوڌو سنڌ يونيورسٽيءَ کي ميرِٽ تي ڪو مستقل وائيس چانسلر ملي نه سگهيو آهي.
ماضيءَ جا داستان ته تمام طويل آهن پر سنڌ کي درپيش موجوده چئلينج ۽ ايندڙ اجگر بلائن جهڙا مسئلا ڏسي ڪجهه سوالن تي غور ڪجي- مثال طور:
(1) آصف علي زرداريءَ جي مفاهمتي پاليسيءَ جو ئي منطقي نتيجو آهي، جو اڄ متحده سنڌ ۾ سنڌ جي ورهاڱي جا کُليل مطالبا ڪري رهي آهي. ڇا متحده جو مَنُ وڌائڻ ۾ آصف علي زرداريءَ ۽ پ پ پ جي حڪومت جو بنيادي هٿ ناهي؟ جي پ پ پ سنڌ جي مفادن تي ساڻن سوديبازي نه ڪري ها ته ڇا اڄ متحده کي ايتري جرئت ٿئي ها؟ ڀلا هاڻي جڏهن متحده چِٽو مطالبو ڪيو آهي ته پ پ پ، ان جي قيادت ۽ حڪومت وٽ ان جي جواب ۾ سواءِ ساڳي لفاظيءَ جي آهي ڪا واضح ۽ سنجيده حڪمت عملي؟ ڇا سنڌ جي وحدت خلاف گهڻ طرفيون سازشون رڳو سَکڻي لفاظيءَ ۽ نعريبازيءَ سان ناڪام ٿينديون؟ ان لاءِ جيڪا گهربل قانونسازي گهرجي، ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي جيڪا سڀ طرفي مالڪي گهرجي، ان بابت آهي ڪو حڪومت وٽ منصوبو۽ گهربل سنجيدگي؟
(2) ڇا سنڌ ۾ 2008ع کان 2013ع جي مُدي دوران پ پ پ جي حڪومت سنڌ ۾ جيڪي سنگين غلطيون ڪيون، نااهليءَ جو مظاهرو ڪيو، سنڌ جي وحدت تي سوديبازي ڪئي ۽ وسيلن ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪئي- اُن مان ڪوبه سبق حاصل ڪيو ويو آهي؟ انهن جي ازالي لاءِ ڪا سنجيدگي آهي؟ جي آهي ته پوءِ سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن کي نظر ڇو نه ٿي اچي؟ نظر ته اهو پيو اچي ته سندن حڪمرانيءَ جي انداز ۾ ڪوبه بنيادي فرق نه آيو آهي. رڳو تعليم کاتي ۾ ڪرپشن جي دانهن اوتري ڪونه ٿي ٻُڌجي، جيڪا گذريل دور ۾ هئي پر ان ۾ به ڪا معياري تبديلي ته نه اچي سگهي آهي.
(3) سنڌ جا هڪڙا اندروني مسئلا آهن پر سنڌ جا ٻيا معاملا ملڪ جي وفاقي ڍانچي اندر وفاق سان لاڳاپيل آهن، جن جي حوالي سان به وهنوار لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. 18هين آئيني ترميم تحت سنڌ کي 43 نوان کاتا ۽ 17 وزارتون منتقل ٿيون پر سرزمين تي ان سان ڪهڙو فرق پيو؟ ستين مالياتي ايوارڊ ۽ 18هين آئيني ترميم سبب سنڌ جي سالياني بجيٽ ۾ 208 ارب روپين جو اضافو ٿيو- سنڌ جي عوام کي ان جو ڪو لاڀ نصيب ٿيو؟ 18هين آئيني ترميم تحت قدرتي وسيلا هاڻي نه رڳو صوبائي شعبو آهن پر انهن جي آمدنيءَ ۾ صوبن جو حصو 50 سيڪڙو آهي پر چار سال گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين وفاق عملي طور اُهي وسيلا ۽ اختيار صوبن کي منتقل نه ڪيا آهن ۽ ان جو سڀ کان وڏو نقصان سنڌ کي ٿيو آهي، جو سنڌ ملڪي پيداوار ۾ 72 سيڪڙو گيس، 57 سيڪڙو تيل ۽ 95 سيڪڙو ڪوئلو ڏئي ٿي پر سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ ڪوبه گهربل ڪردار ادا نه ڪيو آهي. هڪ اندازي مطابق اِها رقم لڳ ڀڳ 500 ارب روپيا سالياني ٿيندي پر ان لاءِ سنڌ حڪومت جي نااهليءَ ۽ مجرماڻي لاپرواهي مثالي آهي.
(4) 2015ع ۾ اٺون وفاقي مالياتي ايوارڊ ايندو ۽ سنڌ جو نمائندو ان اهم ترين فورم تي گذريل ٽن سالن کان ايڊهاڪ تي آهي. قيصر بنگاليءَ جون خدمتون هاڻي بلوچستان حڪومت حاصل ڪري رهي آهي. ڇا پ پ پ جي سنڌ حڪومت کي سنڌ ۾ هڪ به قابل ماڻهو نه ٿو ملي، جنهن کي ان فورم تي سنڌ جو ميمبر نامزد ڪيو وڃي؟ مراد علي شاهه ان فورم تي گذريل ٽن سالن کان ايڊهاڪ تي ڪم ڪري رهيو آهي، پر هن جي ڪارڪردگي ڪجهه به ناهي. انهن افعالن سان 2015ع ۾ سنڌ حڪومت مرڪز کان پنهنجو گهربل مالياتي حصو وٺي سگهندي؟ 18هين آئيني ترميم تحت صوبن ۾ هاڻي صوبائي مالياتي ايوارڊ به لازمي آهن پر سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ ڪو قدم نه کنيو آهي، جڏهن ته 1 جولاءِ 2011ع کان صوبن کي اهي اختيار منتقل ٿي چڪا هئا. جيڪڏهن مختلف اُصولن جهڙوڪ ايراضي، غربت، پسماندگي ۽ ضرورتن آڌار صوبائي مالياتي ايوارڊ آيو ته ان جو سنڌ جي پوئتي پيل علائقن کي وڏو فائدو ٿيندو پر اڃا تائين سنڌ حڪومت جي ايجنڊا تي ئي اهو مسئلو ناهي آيو ته نتيجا وري ڪڏهن ايندا!
ان سموري صورتحال ۾ ڇا بلاول جا ٽُوئِيٽر تي پيغامَ ۽ ڇهين ٻارهين مهيني ڀڙڪيدار تقريرون ڪرڻ سان سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جي انداز ۾ ڪا معياري تبديلي ايندي؟ شوڪاز نوٽيس رڳو قائم علي شاهه ۽ منظور وساڻ کي ڇو؟ هتي ته کوڙِيءَ کي ئي گُهمرو آهي. بلاول کي سمجهڻ گهرجي ته اڄوڪي سنڌ جي شعور سان پ پ پ جو تعلق مڪمل طور ڪَٽجي چڪو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي، جو پارٽيءَ جي قيادتَ جو سنڌ بابت نه رڳو ڪو ارادو ناهي پر کين ان جو ادراڪ به ناهي. مان سمجهان ٿو ته بلاول ڀُٽو زرداريءَ کي سنڌي ميڊيا، سنڌ جي سول سوسائٽيءَ، سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن توڙي قومپرست پارٽين سان الڳ الڳ سنجيده ويهڪون ڪرڻ گهرجن ته جيئن کيس اندازو ٿي سگهي ته جنهن سنڌ کي بنياد بڻائي هو پنهنجي سياست جو آغاز ڪرڻ وڃي رهيو آهي، اُها کانئس عملي طور ڪيترو نه ڪَٽجي ۽ بيزار ٿي چڪي آهي ۽ انهن جي اندر ۾ ڪهڙو ٻرندڙ جبل ڦاٽي پوڻ لاءِ آتو آهي.

روزاني ڪاوش حيدرآباد، آچر 09 نومبر 2014ع

پيپلز پارٽي ڪيستائين متحده کي جيئدان ڏيندي؟

هونئن ته سڄي ملڪ جي سياست وڏي بحران جو شڪار آهي پر خاص طور متحده قومي موومينٽ گذريل ڪجهه سالن کان بدترين ۽ گهڻ طرفي بحران جو شڪار آهي ۽ پري پري تائين اهو نه ٿو ڏسجي ته اها هن بحران مان نڪري سگهندي. متحده جي تنظيمي ۽ سياسي بحران کي به متحرڪ حالت ۾ ڏسڻ گهرجي، يعني رڳو اهو ڏسڻ ڪافي نه آهي ته اها موجوده وقت ۾ ڪهڙي صورتحال ۾ آهي پر اهو پڻ ڏسڻ جي ضرورت آهي ته اهو بحران ڪٿي وڃي ڇيهه ڪندو؟ منهنجي نظر ۾ متحده جي گهڻ طرفي بحران کي هن تناظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
(1) متحده ملڪ جي سڀني کان ڪنڊائتي جماعت آهي، هن ملڪ ۾ مجموعي طرح هن جماعت لاءِ ڪو به چڱو تاثر ته ڇا پر هڪ ٺلهي سياسي جماعت جو تصور ۽ تاثر به موجود نه آهي. سنڌ ۽ ملڪ جي هر صوبي ۾ عوام جي وڏي اڪثريت هن جماعت خلاف نظر اچي ٿي. پنجابي، سنڌي، پشتون، بلوچ، سرائيڪي ۽ روشن خيال اردو ڳالهائيندڙ سڀ هن جماعت خلاف هڪ نقطي تي گڏ نظر اچن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو مسلم ليگ (ن) تحريڪ انصاف، عوامي نيشنل پارٽي، پي اين پي، نيشنل پارٽي، جماعت اسلامي، جي يو آءِ سميت ملڪ جون اڪثريتي جماعتون متحده خلاف نظر اچن ٿيون.
(2) متحده اندروني طور سخت بحران جو شڪار نظر اچي ٿي، جو هڪ ته گهڻا ماڻهو پارٽي ڇڏي ويا آهن ۽ جيڪي موجود آهن، انهن مان ليڊرشپ سطح جي گهڻائيءَ تي الطاف حسين جو ڪو به اعتبار نه رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هو روز ٿو رابطه ڪميٽيءَ جو ڍانچو ۽ ذميواريون تبديل ڪري. ائين فقط تڏهن ٿيندو آهي جڏهن تنظيم اندر اعتبار ۽ اعتماد جو بحران پيدا ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ متحده جا اڳوڻا سمورا اڳواڻ پڻ ساڳئيءَ طرح ڳجهي انداز ۾ ماريا ويا پر عمران فاروق جو قتل متحده اندر سخت تنظيمي بحران جو سبب بڻيو، جو اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس ان جو اشارو الطاف حسين طرف ڏنو ۽ ان ڏس ۾ جاچ به ٿيندي رهي جيڪا اڃا جاري آهي. نتيجي ۾ اڄ انيس قائم خاني، آفتاب شيخ، اجمل دهلوي، ڪمال مصطفيٰ سميت انيڪ ماڻهو تنظيم کان ٻاهر نظر اچن ٿا. ٻيو ته متحده اڳ اهڙو سخت تنظيمي ڪلچر رکيو، جو مرڪزي هاءِ ڪمانڊ کانسواءِ متحده ۾ ٻيا اڳواڻ سڌي ريت ڪرپشن نه ڪري سگهندا هئا. پر مشرف دور ۾ اهو لاڙو تبديل ٿيو ۽ متحده جا هيٺين سطح جا اڳواڻ به ڪرپشن ۾ ملوث ٿيا. ان قسم جون تنظيمون هڪ خاص سخت گير تنظيمي ڪلچر سان هلي سگهنديون آهن، پر جيڪڏهن ان ۾ مالياتي ڪرپشن شامل ٿي وڃي ته پوءِ سخت گير تنظيمي ڪلچر قائم رکڻ ممڪن نه ٿو رهي. الطاف حسين جي صحت جي خرابي ۽ سندس مرڪزي ڪمانڊ نه رکڻ پڻ متحده اندر تنظيمي بحران کي وڌيڪ سگهارو ڪيو آهي. الطاف کانپوءِ متحده جو تنظيمي ۽ سياسي آئيندو ڇا هوندو؟ اهو منظر نامو آسانيءَ سان تصور ۾ آڻي سگهجي ٿو.
(3) متحده جي ڪراچيءَ اندر هڪهٽيءَ جو سبب ڪو عوامي موٽ نه پر اها سختگير سياست هئي ۽ آهي، جنهن سبب ڪيترا ڏهاڪا ان بنياد تي هن تنظيم پنهنجي هڪ هٽي قائم رکي. جيتوڻيڪ متحده جي سياست جو انداز بدستور ساڳيو آهي، پر گذيل ڏهاڪي دوران ڪراچيءَ جي سياست ۾ طاقت جو اهو توازن بدليو آهي. هاڻي ڪراچيءَ ۾ رڳو هڪ نه پر انيڪ ڌريون آهن، جن وٽ ساڳيءَ طرح هٿياربند ٽولا ۽ وڙهڻ جي سگهه آهي. انهن ٽولن، ڀتا گيريءَ، دهشتگرديءَ ۽ شهر جي زندگيءَ کي مفلوج بڻائڻ واري ڏهاڪن کان قائم ٿيل هڪ هٽيءَ کي هڻي پاش پاش ڪري ڇڏيو آهي. ٻيو ته مذهبي انتهاپسند ڌرين طرفان ڪراچيءَ ۾ مدرسن جي وڇايل ڄار متحده کي به سخت پريشان ڪيو آهي، ڇاڪا ته متحده ڪراچيءَ ۾ ڪنهن به ٻي قوت کي اڀرندو ڏسي ٿي ته پريشان ٿيو پوي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ مافيائن جو اڀرڻ سنڌ ۽ عوام جي مفاد ۾ نه آهي پر اهو اڀار بهرحال متحده جي پريشانيءَ جو سبب بڻيو آهي.
(4) ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جو تيزيءَ سان اڀرڻ پڻ متحده لاءِ وڏي اُلڪي جو باعث بڻيو آهي. متحده گهڻي ڀاڱي هيٺين ۽ هيٺين وچولي اردو ڳالهائيندڙ طبقي ۾ مقبول آهي پر عمران خان ڪراچيءَ جي مٿين ۽ وچولي طبقي جي نوجوانن ۽ کي سياسي طور وڏي پيماني تي متحرڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جنهن ڳالهه به متحده کي پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. گذريل 2013ع جي چونڊن ۾ ڪراچيءَ مان تحريڪ انصاف جي کنيل ووٽن جي تناسب ۽ لاڙي مان ئي ظاهر هو ته ڪراچيءَ ۾ سياست جو مزاج ۽ رخ تبديل ٿي رهيو آهي. ڪراچيءَ جو وچولو اردو ڳالهائيندڙ طبقو پ پ ۾ انڪري نه ويندو، جو ان تي سنڌي هجڻ جو ٺپو لڳل آهي ۽ ساڳي طرح اهو نواز شريف وٽ به نه ويندو، جو ان تي پنجابي شائونزم جو ٺپو لڳل آهي. عمران خان تي اهڙو ڪو به ٺپو ناهي، ٻيو ته هو ساڄيءَ ڌر جو آهي، جيڪو ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ وچولي طبقي جو مزاج آهي. ٽيون عمران جي ملڪي سطح تي ۽ خاص طور پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ وڌندڙ مقبوليت پڻ ڪراچيءَ ۾ سندس وڌندڙ سگهه جو بنياد بڻي آهي. اردو ڳالهائيندڙ طبقو فقط ان پارٽيءَ کي ووٽ ڏيندو، جنهن جا پاور سان جڙيل رهڻ جا امڪان هوندا، ڇو ته جيئن ته اهو طبقو شروع کان رياستي پاور جو وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪندڙ رهيو آهي، انڪري هن ڀيري به اهو اهڙي پارٽيءَ ڏي ويندو، جيڪا متوازن ساڄي ڌر جي به هجي ۽ اها رياستي پاور سان به جڙيل هجي يا ان جو امڪان چٽو هجي.
(5) متحده ڊگهو عرصو آمريڪا ۽ برطانيا جي منظورِ نظر رهي پر هن وقت نظر اهو ئي اچي ٿو ته انهن عالمي طاقتن جيڪڏهن متحده مان مڪمل هٿ نه به ڪڍيو آهي، تڏهن به هن تنظيم کي سندن اها اڳوڻي اهميت حاصل نه رهي آهي. اهڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ برطانيا جا سفارتي حلقا اسلام آباد ۾ پنهنجين ذاتي محفلن ۾ پڻ ڪن ٿا.
(6) جيتوڻيڪ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ هميشه متحده جي سرپرستي ڪئي آهي، جو اها ئي تنظيم هئي جنهن سنڌ ۾ جمهوري ۽ قومي تحريڪ خلاف سندن اسٽريٽجڪ مفاد محفوظ رکيا ۽ ان جي مُلهه طور پنهنجو جيئدان يقيني بنايو. وقتي طور نظر اهو پيو اچي ته اسٽيبلشمينٽ متحده جي حمايت نه پئي ڪري. خاص طور موجوده آءِ ايس آءِ سربراهه جڏهن هن کان اڳ ڪراچي ۾ ڊي جي رينجرس هو ته متحده هميشه هن خلاف دانهون ڪندي نظر ايندي هئي. مان سمجهان ٿو ته اسٽيبلشمينٽ اسٽريٽجڪ حوالي سان متحده جي مدد جاري رکندي، وقتي طور متحده بابت رويو هڪ حد تائين تبديل ڪندي نظر اچي ٿي، جنهن ڪري متحده مسلسل دانهون ڪرڻ سان گڏوگڏ عجيب بيان ڏيندي رهي آهي. ڪڏهن اها ڪراچي يا سڄي سنڌ ۾ فوجي راڄ جي حمايت ڪري ٿي ته ڪڏهن وري اها دانهون ڪري ٿي ته مٿس ڪريڪ ڊائون ٿيندو.
مٿي بيان ڪيل سموري صورتحال ۾ ڪراچيءَ ۾ بلديه ٽائون فيڪٽري کي لڳل باهه ۽ 12 مئي جي حوالي سان پڪڙيل دهشتگرد طرفان ڪيل اعتراف هڪ ڀيرو وري متحده کي سياسي طور سخت ڌڪ هنيو آهي. ان سموري صورتحال ۾ عمران خان ۽ تحريڪ انصاف پاران متحده خلاف چٽو موقف اختيار ڪرڻ سبب پڻ متحده کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. ان جو ئي نتيجو هو، جو متحده سربراهه الطاف حسين هڪ دم تحريڪ انصاف کان ٽي وي تي معافي ورتي، جيڪا سندن روايت ڪڏهن به ناهي رهي. موقف ضرور مٽبو رهيو آهي پر متحده ائين معافي ناهي وٺندي. اها نئين روايت پڻ سندن ڪمزور ۽ بحراني صورتحال جو ڏس ڏئي ٿي.
ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته هن ڀيري جڏهن متحده هڪ دفعو وري بند گهٽيءَ ۾ وڃي ڦاٿي آهي، تڏهن وري کين بحران مان وقتي طور نڪرڻ لاءِ ”سهارو“ پاڪستان پيپلز پارٽي جو آڇيو ويو آهي. ضياءَ جي طويل دور کانپوءِ جڏهن ملڪ ۾ انڌي منڊي جمهوريت بحال ٿي تڏهن 1988ع ۾ ايم ڪيو ايم کي سياسي جيئدان پ پ ڏنو، جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم هميشه پ پ جي خدمت کي پٺي ۾ سياسي بي وفائي جو خنجر هنيو. هر دفعي پ پ جي حڪومت آئي ته متحده کي جياپو مليو. پرويز مشرف جا 9 سال متحده سنڌ ۾ اڇي ڪاري جي مالڪ رهي ۽ اهو سمجهيو ٿي ويو ته هن ڀيري جڏهن جمهوري عمل بحال ٿيندو ته ماضيءَ مان سبق حاصل ڪري متحده سان اتحاد نه ڪيو ويندو ۽ اهڙو ٺهراءُ لنڊن جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پڻ اتفاق راءِ سان پاس ڪيو ويو هو. ڪيڏي نه ويساهه گهاتي هئي، جو پرويز مشرف جي 9 سالا آمريتي دور کانپوءِ جڏهن پ پ کي سنڌ ۽ ملڪ ۾ اڪثريتي مينڊيٽ مليو ته ان وري ساڳي روايت ورجائي ۽ سياسي طور ختم ٿيندڙ متحده کي سياسي آڪسيجن ڏني. هاڻي وري جڏهن هر طرف کان متحده جو گهيرو تنگ ٿيندو نظر ٿو اچي ته هڪ ڀيرو وري رحمان ملڪ کي ميدان تي لاهي متحده کي سندن شرطن تي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.
سنڌ جا ماڻهو سوال ڪن ٿا ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي اهو مينڊيٽ ڪنهن ڏنو آهي ته اها متحده جو سنڌ جي حڪومت، وسيلن ۽ روزگار جي ذريعن ۾ 40 سيڪڙو هميشه طئي ڪري ڇڏي. جنهن آباديءَ جي نمائندگي متحده ڪندي رهي آهي، اها 1988ع جي آدم شماريءَ مطابق سنڌ ۾ 21 سيڪڙو ۽ ڪراچي ۾ 43 سيڪڙو آهي. گذريل 17 سالن ۾ ته اها صورتحال اڃا تبديل ٿي هوندي. سنڌ جي حڪومت، وسيلن ۽ نوڪرين ۾ 40 سيڪڙو حصو ڇاجي لاءِ ۽ ڪهڙي بنياد تي؟ ملڪ رياض کي الطاف حسين جي نالي ۾ ٻه يونيورسٽيون ٺاهڻ جو نه رڳو سندس موجب خيال زرداري ڏنو پر اهو نالو به آصف زرداري تجويز ڪيو. لطيف، سچل، روحل، چيزل، سامي، شيخ اياز، مرزا قليچ بيگ ڇُٽا، علم جو گهر الطاف حسين جي نالي تي! سنڌ جا ماڻهو پ پ ۽ متحده سان ڪو به اتحاد تڏهن مڃيندا جڏهن:
1. پ پ پ متحده کان لکت ۾ حلف نامو وٺندي ته اها ڪڏهن به سنڌ جي وحدت خلاف ڪوبه مطالبو نه ڪندي ۽ نه اهڙي مڪاني حڪومتن جي نظام جي گهر ڪندي، جنهن جو عملي طور مطلب سنڌ جو انتظامي ورهاڱو هجي.
2. متحده کان اهو لکت ۾ حلف نامو ورتو وڃي ته جيڪڏهن اها ڪراچي ۾ ڀتا گيري، ڏوهن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو حصو ناهي ته پوءِ جيڪڏهن ان ڏس ۾ ڪي دهشتگرد گرفتار ٿين ٿا ته انهن جي مالڪي نه ڪندي.
3. سنڌ حڪومت، وسيلن ۽ نوڪرين ۾ 40 سيڪڙو هڪ پارٽي جو تسليم ڪرڻ هڪ خطرناڪ فيصلو آهي، جيڪو نه رڳو غير اصولي ۽ غير جمهوري آهي پر سنڌ جي مفادن تي ڪاپاري ڌڪ آهي.
4. سنڌ اندر سنڌي ٻوليءَ کي 1972ع ۽ 1994ع جي بلن ۽ ٺهرائن تحت سنڌ جي سرڪاري ۽ دفتري ٻولي طور رائج ڪيو وڃي ۽ ڪراچيءَ جي سمورن تعليمي ادارن ۽ روزگار جي ذريعن لاءِ ڪراچي جي ڊوميسائيل جو شرط ختم ڪري ان کي سنڌ اسميبلي ذريعي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
5. ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جا ڪيس ملٽري ڪورٽس ۾ اماڻيا وڃن ۽ خاص طور بلديه فيڪٽريءَ جي سانحي ۽ 12 مئي جو ڪيس فوري طور ملٽري ڪورٽس اماڻيا وڃن، ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اڳ ئي اهڙي حامي ڀري چڪي آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪڏهن سنڌ جي ڪم نه ٿي اچي سگهي يا سنڌي ماڻهن جي حقيقي نمائندگي نٿي ڪري سگهي ته ڇا اهو به نٿي ڪري سگهي ته اها هن ڀيري متحده کي پنهنجي بحران کي پاڻ منهن ڏي ۽ کيس بحران مان نڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪلهو نه آڇي؟ ياد رکڻ گهرجي ته متحده جو ڪوبه مستقبل نه آهي پر هن ويساهه گهاتي ۾ پ پ پنهنجو الهه تلهه به تباهه ڪري ڇڏيندي، جيڪو صاف نظر اچي رهيو آهي. مان سمجهان ٿو ته رحمان ملڪ معرفت ڪرايل هي مفاهمت پ پ کي ڳچيءَ ۾ پوندي، جنهن جو کين ادراڪ نه آهي.


روزاني ڪاوش حيدرآباد، جمعو 13 فيبروري 2015ع

مرزا-زرداري تڪرار ۽ پيپلز پارٽيءَ جي طرز حڪمراني!

اِها شايد يارنهن سال اڳ 2004ع جي ڳالهه آهي، مان حيدرآباد ۾ پنهنجي مرحوم دوست ياسر ڪاڇيلي جي گهر ويٺو هئس ته سندس گهر تي منهنجي لاءِ هڪ فون آئي ۽ مون جڏهن فون جو رسيور کنيو ته هڪ ماڻهو بِنهه قُربائتي ۽ جذباتي لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هو، ”ادا- توهان کي سلام آهي، توهان سنڌ جا سپوٽ آهيو، توهان جي قومي غيرت، اسان پارن کي لَڄائي ڇڏيو آهي، اسان مصلحت پسنديءَجون چوڙيون پائي ڇڏيون آهن. مان توهان سان گڏ آهيان ۽ توهان کي سلام پيش ڪريان ٿو.“ اهو ماڻهو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هو، جنهن منهنجو ڪي ٽي اين تي هڪ پروگرام ڏٺو هو، جنهن جي ميزبان انيتا شاهه هئي ۽ جنهن ۾ مون ۽ مشتاق ميراڻيءَ تڏهوڪي صوبائي وزير عرفان الله مروت تي رُوبرو سخت تنقيد ڪئي هئي، جڏهن هو تعليم جي وزير جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ٿيو هو (ان وقت انعام شيخ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو) ۽ اسان سميت سڄيءَ سنڌ جي ساڃاهه وندن کي اعتراض هو ته سنڌ جي هڪ علمي ۽ ادبي اداري جو چيئرمين هڪ اهڙو ماڻهو ڇو ٿيو آهي، جيڪو نه رڳو سنڌي ۽ علمي ادبي ماڻهو نه آهي پر سُٺي ساک جو حامل به نه آهي. اهو پرويز مشرف جو دور هو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ساڻس مفاهمت جا گَسَ ڳولي رهي هئي، ان ڪري روپوشيءَ ۾ گذاريندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي خوشي ٿي هئي ته سنڌ ۾ ڪو ته هو، جنهن عرفان مروت کي سڌيءَ ريت منهن تي چئلينج ڪيو هو. اهو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو مون سان سڌيءَ ريت پهريون رابطو هو، جڏهن ته ان دور ۾ منهنجو بيحد پيارو دوست ڪمال خان چانگ اسان جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو هو ۽ هو مو نکي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جا سلام سنيها پيو ڏيندو هو. ان کان اڳ آپا فهميده مرزا سان منهنجو هڪ دوست ۽ ننڍي ڀاءُ وارو تعلق هو. اسان هڪ ڀيرو آمريڪا جو دورو به گڏجي ڪيو، جنهن ۾ مان جڏهن گڏجاڻين ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تي سخت تنقيدون ڪندو هئس ته هوءَ وضعداريءَ وچان اهو چئي اُٿي ويندي هئي ته، ”نه پارٽيءَ بابت ڪجهه ٻُڌي سگهان ٿي ۽ نه جاميءَ جهڙي ڀاءُسان بحث مباحثو ڪري سگهان ٿي.“ اهڙي صورتحال 2006ع ۾ تڏهن پيش آئي جڏهن ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ سنڌ ۽ پاڪستان جي حالتن تي واشنگٽن ۾ منهنجو ليڪچر رکيو ۽ ميڊم فهميده نيٺ هلندڙ ليڪچر مان ڪو بهانو ڪري معذرت ڪري هلي وئي هئي. بهرحال اهو ڄاڻندي به ته مان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پاليسين ۽ سياسي ڪردار جو نقاد هئس تڏهن به ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ آپا فهميده مون سان دوستيءَ ۽ ڀائپيءَ جو تعلق هميشه قائم رکيو. اها به حقيقت آهي ته محترمه شهيد بينظير ڀٽو مون کان سياسي معاملن بابت جيڪي صلاحون وٺندي هئي، اُنهيءَ حوالي سان جيئن ته هوءَ ٻاهر جلاوطن هوندي هئي، ان ڪري اڪثر اسان جي وچ ۾ رابطو آپا فهميده مرزا معرفت هوندو هو. جڏهن سنڌ ۾ مڪاني حڪومت جي ٻئي ڀيري چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سواءِ ٻن ضلعن (نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻو) جي سڄيءَ سنڌ ۾ هارايو ته محترمه شهيد بينظير ڀٽو نظير لغاريءَ، محمود شام، تاج حيدر ۽ مون کان ان بابت راءِ گهري ۽ اهو ذمو هن آپا فهميده تي رکيو ته هوءَ اُها منهنجي راءِ وٽس پارٽيءَ جي لنڊن ۾ ٿيندڙ مرڪزي اجلاس ۾ پُڄائي. جڏهن محترمه شهيد بينظير ڀٽو سنڌ ۾ صوبائي سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ ۽ سياسي ڪارڪنن جي تربيت لاءِ آپا فهميده کي اِهو ڪم سونپيو ته ان ڏس ۾ به آپا فهميده سڀ کان اڳ مون کان صلاح ورتي ۽ ان غيررسمي گڏجاڻيءَ ۾ صرف اسان ٽي يعني ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، آپا فهميده ۽ مان موجود هئاسون. اها محترمه شهيد بينظ:ر ڀٽو، آپا فهميده ۽ ڊاڪٽرذوالفقار مرزا جي وضعداري هئي جو اِهو چڱيءَ ريت ڄاڻندي به ته مان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پاليسين، طبقاتي بيهڪ ۽ ڪردار جو سخت مخالف آهيان، مون کان هر حساس موقعي تي صلاح وٺندا هئا.
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پرويز مشرف جي دور ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تمام گهڻو ڀوڳيو، مون کي ياد آهي ته هو پنهنجي ڪراچيءَ واري گهر به لِڪي لِڪي ويندو هو پر هن جي پارٽيءَ سان وابستگي مثالي هوندي هئي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته جڏهن محترمه شهيد بينظير ڀٽو ڊگهي جلاوطنيءَ کانپوءِ 2007ع ۾ واپس آئي ته سمورن خطرن جي باوجود سندس سيڪيورٽيءَ جو انتظام ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ بعد ۾ ڊاڪٽر مرزا جي ڪري ڪمال خان چانگ حوالي هو ۽ ڪراچي ڪارساز سانحي وقت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا مثالي بهادريءَ ۽ محترمه شهيد سان وفاداريءَ جو ثبوت ڏنو ۽ اهو سندس انتظام هو جو دشمن محترمه بينظير کي ان موقعي تي سمورين ڪوششن باوجود شهيد نه ڪري سگهيا.
2008ع ۾ جڏهن ملڪ جو سياسي وايومنڊل تبديل ٿيو ۽ ملڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آئي ته نه رڳو ملڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سياسي حيثيت بحال ٿي پر مرزا خاندان کي اُها حيثيت ملي، جنهن جو امڪان هو. مرڪز ۾ آپا فهميده مرزا ملڪ جي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ وقتي صدر ٿي ته سنڌ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا بظاهر گهرو وزير ۽ حقيقت ۾ سنڌ جو سياسي طور اڇي ڪاري جو مالڪ هو. سوال آهي ته آخر ڇا ٿيو جو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڊگهي جلاوطنيءَ کانپوءِ پنهنجي ئي حڪومت جو باغي ٿيو؟ جڏهن ته هو اقتدار ۽ اختيار جي مستيءَ جا اُهي سڀ مزا ماڻي ٿي سگهيو، جنهن جو تصور آصف علي زرداريءَ کانسواءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ٻيو ڪوبه اڳواڻ نه ٿي ڪري سگهيو. مان سمجهان ٿو ته ان جا بنيادي سبب هيٺيان آهن:
(1) ذوالفقار مرزا سمجهيو ٿي ته جيئن ته هو آصف علي زرداريءَ جو پڳ مَٽ يار آهي ۽ جيئن ته سندس يار کانئس ٻاهر ڪڏهن به نه ويندو، ان ڪري هن اِهو سمجهيو ته آصف زرداري ۽ سندس پاڪستان پيپلز پارٽي سندس هر معاملي ۾ ساٿ ڏيندي پر هُو اِهو نه سمجهي سگهيو ته ”مفاهمت“ جي نالي ۾ جيڪا پاليسي سندس يار ۽ پارٽيءَ اختيار ڪئي آهي، ان ۾ هن جا سياسي ”انگل ۽ آرا“ هلڻ وارا نه هئا. ذوالفقار مرزا سياسي مصلحت مان اصل ڪونه ڄاڻي ۽ سندس پارٽي مصلحت پسنديءَجي ڪُنَ ۾ ڪِري چڪي هئي.
(2) ايم ڪيو ايم بابت رويو ذوالفقار مرزا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ اختلاف جو بنيادي سبب بڻيو. ذوالفقار مرزا اهو نه سمجهي سگهيوته سندس ”مفاهمتي“ پاليسيءَ جي حامل پارٽي سندس هٺيلي ۽ باغيانه مزاج جي محتاج نه هئي. مٿان وري رحمان ملڪ جي سنڌ جي سياسي معاملن ۾ مداخلت ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڏيکاريو. ذوالفقار مرزا کي ان ڳالهه سخت فرسٽريٽ ڪيو ته هاڻي بدليل حالتن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سندس نه پر رحمان ملڪ جي ضرورت هئي ۽ هو به بدلجندڙ حالتن ۾ ثانوي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو، جيڪا حيثيت ذهني طور هو قبول نٿي ڪري سگهيو.
(3) مان ذوالفقار مرزا بابت ڪابه ساک نه ٿو کڻي سگهان ته هو ڪو بِنهه ايماندار آهي ۽ هن حڪومتي اقتدار ۽ اختيار جا ڪي به فائدا حاصل نه ڪيا هئا پر هڪ ڳالهه واضح هئي ته هن 2008ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ گهرو ۽ خاص طور تي پوليس کاتي ۾ عبدالخالق شيخ جهڙا گهڻي ڀاڱي ايماندار آفيسر مقرر ڪيا ۽ هن گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي وزارت ۾ کاتي مان هيٺين سطح جي ڪرپشن نه ڪئي. جڏهن هو گهرو وزير هوندي به صوبي ۽ خاص طور ڪراچيءَ جي ڏوهن جي دنيا تي ڪنٽرول جي ڏس ۾ بي وس رهيو ته هو وڌيڪ فرسٽريٽ ٿيو.
(4) اها حقيقت آهي ته لياريءَ ۾ امن ڪميٽيءَ جي قيام ۽ سرپرستيءَ جو ٽاسڪ ذوالفقار مرزا کي آصف علي زرداري ڏنو، جيڪا ڳالهه مون کي ذوالفقار مرزا ذاتي طور ٻُڌائي پر اڳتي هلي ايم ڪيو ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ جي زور ڀرڻ تي جڏهن هن تي امن ڪميٽيءَ مان هٿ ڪڍڻ لاءِ چيو ويو ته هو اُهو بحران نبيري نه سگهيو جو هو هڪ روايتي ماڻهو هو، جنهن جي لياريءَ جي بلوچن کي زبان ڏنل هئي. (اهو سڄو قصو ذوالفقار مرزا مون کي ڪمال چانگ ۽ ٻين دوستن آڏو تفصيل سان پنهنجي فارم هائوس تي ٻُڌايو).
ان سموري بدليل صورتحال ۾ ذوالفقار مرزا جو پهريون ردعمل ايم ڪيو ايم خلاف هو پر جيئن ته آصف علي زرداري ايم ڪيو ايم تي مفاهمتي پاليسيءَ تحت ڇپر ڇانوَ ٿيو ويٺو هو، ان ڪري ان سڄي مخالفت جو اشارو اِهو به هو ته ذوالفقار مرزا آصف زرداريءَ جي مفاهمتي پاليسيءَ سان سهمت نه آهي.
منهنجيءَ نظر ۾ اهو ئي اُهو دور هو جڏهن اسٽيبلشمينٽ ان صورتحال جو ادراڪ رکندي ذوالفقار مرزا ۽ آصف علي زرداريءَ جي وچ ۾ تضاد جو فائدو حاصل ڪرڻ چاهيو ۽ ڄاڻي واڻي ۽ دانسته طور ذوالفقار مرزا پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ۾ اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجو ڪُلهو آڇيو. هو ان حد تائين ويو جو هن ايم ڪيو ايم حقيقي ڏانهن به دوستيءَ جو هٿ وڌايو. ان حوالي سان مون هڪ دوست جي حيثيت ۾ ذوالفقار مرزا کي گهڻو ئي سمجهايو ۽ سڄي رات کيس مثال ڏنا ته اسٽيبلشمينٽ ۽ ايجنسيون ڪيئن ماڻهن کي استعمال ڪنديون آهن، جنهن سان هن اتفاق به ڪيو پر مون محسوس ڪيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هونئن گهڻو ئي مڙس ماڻهو آهي پر ميڊيا جي پذيرائي هن جي وڏي ڪمزوري آهي ۽ اها ڪنهن به سياستدان جي اُها ڪمزوري هوندي آهي جنهن کي ميڊيا جا شاطر ادارا حڪمت عمليءَ تحت استعمال ڪندا آهن.
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سنڌ ۾ گذريل ٻن حڪومتن دوران ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيا آهن ۽ آصف علي زرداريءَ جي نام نهاد مفاهمتي پاليسين پارٽيءَ، جمهوريت جي روح ۽ اختلاف راءِ جي جمهوري ساک کي سخت ڇيهو رسايو آهي پر تنهن هوندي به ذوالفقار مرزا کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته هو بنيادي طور پنهنجي شخصي، خانداني ۽ گروهي مفادن جي جنگ وڙهي رهيو آهي، سنڌ جي عوام جي ترجماني ڪري رهيو آهي يا مورڳو اسٽيبلشمينٽ جي هٿن ۾ هڪ مهري طور استعمال ٿي رهيو آهي؟
سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪرتوتن کان بيزار هڪ وڏو حلقو اهڙو به آهي، جيڪو هاڻي ذوالفقار مرزا جي حمايت ڪري رهيو آهي. هن جي مقبوليت جو ملڪي سطح تي گراف عروج تي هو جڏهن هن ايم ڪيو ايم خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي هئي. لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي صدر مون کي لاهور ۾ ڪچهريءَ دوران چيو ته هو ذوالفقار مرزا کي بار ۾ خطاب لاءِ گهرائڻ چاهي ٿو، مون کيس اهو ٻُڌايو به سهي پر هو نه وڃي سگهيو. هو ايم ڪيو ايم کي چئلينج ڪرڻ سبب سڄي ملڪ ۾ وڏو مقبول ٿيو. منهنجي نظر ۾ ذوالفقار مرزا کان هن سڄي عمل ۾ ڪجهه بنيادي چُڪون ٿيون آهن، جن هن جي سَگهه ۽ ساک کي نقصان ڏنو آهي. مثال طور:
(1) ايم ڪيو ايم خلاف بار بار اُصولي موقف اختيار ڪري پارٽي قيادت جي زور ڀرڻ تي کانئس معافيون نه وٺي ها، ڇاڪاڻ ته مخصوص موقعن تي وڏي وات ڳالهائي ۽ پوءِ ڊگهي مصلحت جي ماٺ سندس ساک کي وڏو نقصان رسايو.
(2) ذوالفقار مرزا مٿين سطح تي ڀل ته پارٽي ليڊرشپ سان اختلاف رکي ها پر هو مقامي طور ڪمال خان چانگ جهڙن مخلص ماڻهن سان ايئن نه ڦِٽائي ها ۽ کين هر قدم تي اعتماد ۾ وٺي ها پر هن اقتدار جي نشي ۾ اهو مناسب نه سمجهيو. هو گهڻي خوداعتماديءَ سبب پنهنجن ويجهن ساٿين سان به صلاح مصلحت نه ڪندو هو، جنهن سبب سندس ڪمال چانگ جهڙا ويجها دوست بدظن ٿيا ۽ مقامي طور هن جي سَگهه ورهائجي وئي.
(3) هن کي ايم ڪيو ايم جي مخالفت ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي جو ساٿ نه وٺڻ گهرجي ها ۽ پاڻ بابت اهو پختو تاثر ڪامياب ٿيڻ نه ڏئي ها ته کيس ان سڄي عمل ۾ اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل آهي. هن پاڻ به شعوري طور ان تاثر کي هٿي ڏني جڏهن هن فوج ۽ ايجنسين جي کُليل لفظن ۾ حمايت ڪرڻ شروع ڪئي. کيس اهو معلوم هئڻ کپندو هو ته سنڌ جو عوام پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪرپٽ ۽ اقرباپرور ۽ مصلحت پسند حڪمرانيءَ جي ته خلاف آهي پر اُهو اسٽيبلشمينٽ جي ونگار هرگز نه وهندو، جنهن جو ذوالفقار مرزا واضح طور تاثر ڏنو.
(4) ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سياسي ۽ تنظيمي اختلاف رکڻ وقت ذاتيات تي لهي، غيرذميوارانه انداز سان بيان ڏئي، هٿيارن جي نمائش ڪري يا دڪانن کي تالا هڻي پاڻ بابت هڪ سنجيده سياستدان وارو تاثر قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام ويو آهي. نتيجي ۾ ڪيترن موقعن تي ماڻهو اهو يقين نه ٿو ڪري سگهي ته سندس پارٽيءَ سان اختلاف اُصولي ۽ سياسي آهي يا ذاتي؟ سياسي تڪرار ۾ ذاتيات تي ڪڏهن به لهڻ نه گهرجي ۽ جي اُهو اڻٽر هجي ته به هڪ حد اندر هجي. جيڪڏهن هو ان تڪرار کي ذاتيات طرف وٺي وڃڻ بجاءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪرپشن، نااهليءَ ۽ اقرباپروريءَ جا پردار چاڪ ڪندو رهي ها ته ان سان سنڌ ۾ هو نه رڳو عوام جي وڏي حصي جي حمايت حاصل ڪري وڃي ها پر سنڌ ۾ حقيقي مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪري، حڪومت کي سوڙهو ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ها. اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ گهربل سنجيدگي گهرجي ۽ پنجابي فلمن وارو هيرو بڻجڻ جي خواهش سان اهو ممڪن ناهي.
(5) آخري ڳالهه ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تڪرار شروع ڪرڻ ۾ ته وڏي مهارت رکي ٿو پر ان کي ڪهڙي منطقي نتيجي تي وٺي وڃي، اِهو هُو سوچيندو ئي ناهي ۽ نتيجي طور ان جو تعين حالتون يا ”ٻيون ڌريون“ ڪنديون آهن. جنگ جو بنيادي اُصول آهي ته وڙهڻ واري کي خبر هئڻ گهرجي ته هو ڪيستائين ويندو ۽ ان راهه جا آداب ۽ لوازمات ڇا هوندا!؟
اهو هاڻي صاف نظر پيو اچي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس پراڻي يار ۽ پارٽيءَ جو تڪرار ان پَدَ کي وڃي پُڳو آهي جو بظاهر نظر نه پيو اچي ته ڪو اِهو بحران ڪو ڪنهن نبيري جي نتيجي ۾ حل ٿيندو پر ٻنهي صورتن ۾ هڪ ڳالهه طئي آهي ته جتي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي اختيار ڪيل موقف جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ آصف زرداريءَ کي اخلاقي طور ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، اُتي اهو ذوالفقار مرزا جي ساک لاءِ به بنيادي سوال ۽ امتحان آهي ته سندس پارٽيءَ سان تڪرار جو فائدو سنڌ جي عوام کي ٿو ملي يا اسٽيبلشمينٽ کي. هو 12 مئي جي تاريخ جو اشارو ڏئي چڪو آهي پر اصل معاملو 12 مئي جو نه پر ان سوال جو آهي ته هن تڪرار جو اصل فائدو ڪير ٿو حاصل ڪري؟ سنڌ جو عوام يا اسٽيبلشمينٽ؟


روزاني ڪاوش حيدرآباد، آچر 10 مئي 2015ع

سنڌ ۾ ”مفاهمت“ جي سياست ۽ ”چٻڙاٽو“ ڪلچر!

آصف علي زرداريءَ ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي موجوده ٽڪراءُ جو هڪ فائدو اهو ضرور ٿيو آهي جو آصف علي زرداريءَ جي سياست ۽ حڪمرانيءَ جي انداز بابت بحث مباحثو هڪ دفعو وري عوامي سطح تي لٿو آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن جي ردعمل جو سڄو زور رڳو ذوالفقار مرزا جي لهجي ۽ انداز تي آهي پر هو آصف علي زرداريءَ تي جيڪي سنگين الزام هڻي رهيو آهي يا ڪرپشن ۽ اقرباپروريءَ جا پردا چاڪ ڪري رهيو آهي، ان بابت پارٽيءَ جا اڳواڻ بِنهه خاموش آهن. حقيقت ۾ بحث مباحثي جو اصل موضوع هن جو لهجو ۽ انداز نه پر اهي الزام هئڻ گهرجن، جيڪي هو ثبوتن سان نالا وٺي هڻي رهيو آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پارٽيءَ ۽ آصف علي زرداريءَ سان تڪرار کي کڻي پاسي تي به رکجي پر آصف علي زرداريءَ ۽ موجوده پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تي اصل چارج شيٽ ته سنڌي عوام جي آهي، جن هن پارٽيءَ سان گذريل پنجن ڏهاڪن کان پنهنجون سياسي ۽ جذباتي وفاداريون نڀائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ڇا پلئه پيو آهي اِهو موجوده تاريخ جو اهم ۽ بنيادي سوال آهي. پرويز مشرف جا 9 آمريتي سال سنڌ ۾ رياست جو بدترين ۽ شديد تعصب ۽ ٻه اکيائيءَ ۽ ڦُرلٽ جو چهرو سامهون آيو. مٿي سنڌين سان شديد نفرت ڪندڙ ۽ نسل پرست آمر ويٺو هو ۽ هيٺ سنڌ ۾ اڇي ڪاري جي مالڪ متحده هئي. سنڌي ماڻهن سان رياست جو رويو هڪ ڏانئڻ وارو رهيو، 2009ع ۾ جڏهن چونڊون ٿيون ته سنڌي ماڻهن اهو سمجهي ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي چونڊن ۾ کٽرايو ته متان سندن جمهوري حڪومت معرفت رياست مٿن مهربان ٿئي، جو چيو ويندو آهي ته جمهوريتن ۾ رياستيون عوام لاءِ ماءُ جيان مهربان ٿي پونديون آهن. ساده دل ۽ معصوم سڀاءُ جي سنڌي عوام کي ڪهڙي خبر ته هن ڀيري جمهوريت عوام دشمن قوتن سان ٽڪر کائڻ بجاءِ کانئن سندن وفاداريءَ جو ”انتقام“ وٺڻ جو ٻيو نالو هوندو. اڄ ان جمهوريت کي اٺ سال پورا ٿيڻ تي آهن ۽ سنڌي عوام ساڻن ٿيل دوکي ۽ دولاب جي چواٽي تي بيهي سوچي ٿو ته اهو ”انتقام“ دراصل ڪنهن کان هو، جنهن لاءِ وڏي واڪ اِهو چيو ويو هو ته جمهوريت بهترين ”انتقام“ آهي.
آصف علي زرداريءَ جڏهن محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ مبينه وصيت جي بنياد تي پارٽيءَ جون واڳون سنڀاليون هيون ته ان تي سڄي ملڪ ۾ وڏو بحث مباحثو ٿيو هو ۽ هڪ راءِ اِها هئي ته جيئن ته ان کان اڳ آصف علي زرداريءَ ڪڏهن به ڪنهن چڱي ساک جو مالڪ نه رهيو آهي، ان ڪري تاريخ هن کي موقعو فراهم ڪيو آهي ته هو نه رڳو پنهنجي دامن تي لڳل اڳوڻا چُٽا ڌوئي پر هڪ نئين ڪردار سان سامهون اچي پر حقيقت اِها آهي ته اهڙيون خواهشون ڪندڙ سادن ماڻهن جي من ۾ هڪڙي هئي ۽ آصف علي زرداريءَ جي من ۾ ٻِي هئي. هن سوچيو ته عوام، سنڌ ۽ حقيقي جمهوريت اچڻيون وڃڻيون شيون آهن، هن ڀيري مليل مينڊيٽ ۽ پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ کي هن پنهنجي ان پراڻي خواب جي ساڀيان لاءِ ڏاڪڻ سمجهيو، جنهن ۾ هن پاڻ کي دنيا جي امير ترين ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ ٿي گهريو. دنيا ۾ امير ترين ماڻهو ٿيڻ جا دنيا ۾ ٻه طريقا آهن، هڪڙا سرمائيدار دنيا ۾ بل گيٽس ۽ ٻين جيان ٽيڪنالاجيءَ ۽ مارڪيٽ ۾ ڌاڪو ڄمائڻ ذريعي امير ترين ٿيندا آهن ۽ ٻيو رستو ٽين دنيا ۾ ٺڳيون ۽ دولاب ڪري، حڪومتن ۾ اچي، عوام جو رت چُوسي، سياسي ۽ معاشي ڄئورون بڻجي امير ٿيڻ جو آهي. آصف علي زرداري نه ته ڪو ٽيڪنيڪل ماهر هو ۽ نه وري جديد سرمائيدار ۽ نه وري جدوجهد جي مرحلن مان گذري آيل ڪو عوامي سياستدان، سو هن پنهنجي ان خواب جي ساڀيان لاءِ ٻيو رستو اختيار ڪيو ۽ سندس ملڪ ۽ سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جي انداز جا گذريل اَٺ سال ان جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهن. اچوته آصف علي زرداريءَ جي سياست جي انداز ۽ حڪمرانيءَ جي ماڊل جي ڪجهه پاسن تي نظر وجهون ته سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي.
(1) محترمه شهيد بينظير ڀٽو جيڪا ”مفاهمت“ (Reconciliation) جو تصور کڻي آئي هئي، ان جا ٻه پاسا هئا. هڪ ان جو عالمي تناظر هو، جنهن ۾ هن اولهه جي تهذيب ۽ مسلمان معاشرن وچ ۾ وڌندڙ تضاد کي سامهون رکي وچون گَس ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ هن جو ٻيو پاسو ملڪي تناظر ۾ اهو هو، جنهن جو اظهار ”ميثاقِ جمهوريت“ هو، جيڪو ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين وچ ۾ لنڊن ۾ ٿيو هو، جنهن تحت ملڪ ۾ آمريتن جي هميشه لاءِ رستا روڪ آئين ذريعي ڪرڻي هئي ۽ جمهوريت کي درپيش خطرن کي گڏجي منهن ڏيڻو هو. آصف علي زرداري ان کي پنهنجي ”خواب“ جي ساڀيان سان سلهاڙي هڪ نئين معنيٰ ڏني، جنهن جو تَتُ هو ”اچو ته گڏجي کائون!“
(2) پرويز مشرف جي 9 ساله آمريتي دور جي پُڄاڻيءَ تي متحده نه رڳو سنڌ ۾ پر پوري ملڪ ۾ پاسيري ٿي چڪي هئي ۽ شايد اهو واحد موقعو هو، جنهن ۾ ان جماعت کي ٻيو کڻي ڪجهه نه به ڪجي ها پر ڇڏجي ها ته اُها پنهنجا ڪِيتا پاڻ لوڙي پر آصف علي زرداريءَ جي خواب جي ساڀيان لاءِ لازم هو ته متحده کي وري ڪُلهو ڏئي جيئدان ڏجي ۽ پوءِ سنڌ ۽ سڄي ملڪ جي ماڻهن ڏٺو ته گذريل اٺن سالن ۾ متحده تي جڏهن به ڪو ڏکيو وقت آيو آهي ته آصف علي زرادريءَ کين نه رڳو حڪومتن ۾ ڀائيواري آڇي پر حقيقت ۾ جيئدان به ڏنو. اڳ پرويز مشرف کي متحده جو وڏو محسن سمجهيو ويندو هو پر حقيقت ۾ ضياءُ الحق کانپوءِ متحده جو وڏي ۾ وڏو محسن آصف علي زرداري آهي. حد ته اِها آهي ته تازو سنڌ ۾ ته اسپيڪر صاحب متحده خلاف ٺهراءُ آڻڻ نه ڏنو پر جڏهن مرڪزي پارليامينٽ ۾ مسلم ليگ (ن) اهڙو ٺهراءُ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته به بقول سيد خورشيد شاهه جي ته هن وزيراعظم کي جهليو ته اِهو ”جمهوريت“ لاءِ سٺو سنئوڻ نه ٿيندو.
(3) آصف علي زرداري صاحب ملڪ ۽ دنيا جو اُهو واحد سياسي اڳواڻ آهي، جنهن کي ڪنهن سان به ڪو اختلاف نه آهي. نه فوج سان، نه مسلم ليگ (ن) سان، نه (ق) ۽ (ف) ليگ سان، نه متحده ۽ تحريڪ انصاف سان، نه مولوين سان ۽ نه عوامي نيشنل پارٽيءَ سان. هو نظرياتي طور وچين، ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي سياست جي ”اجائي“ درجه بنديءَ کان بالاتر آهي. الميو رڳو اِهو آهي ته جيڪو به اختلاف آهي اُهو ٻين کي آهي ۽ ظلم ته اِهو آهي ته ٻين کي اڃا به ساڻس اختلاف آهي. اِهو شايد سياسي سائٿ جو مسئلو آهي، نه ته آصف علي زرداري هن ملڪ ۾ سمورين ڌرين لاءِ قابلِ قبول اڳواڻ ٿيڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. ان لاءِ هن ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي پارٽيءَ کي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽيءَ مان سُسائي هڪ صوبي سنڌ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.
(4) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ”چونڊيل“ عيوضين جي وڏي گهڻائي آصف علي زرداريءَ مان بيحد خوش آهي، حقيقت اِها آهي ته ايترو خوش هو محترمه شهيد بينظير ڀٽو مان به نه هئا. سبب اِهو آهي ته سندس حڪمرانيءَ جي انداز ڪرپشن کي جمهوري طريقي سان هيٺين سطح تائين لاٿو آهي. ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي وڏي انگ کي ترقياتي فنڊن کان سواءِ ”ٽي ايم اوز“ ذريعي ڏانداريون کڻي مال ميڙڻ جا جمهوري موقعا فراهم ڪيا ويا آهن، جنهن کي ”چٻڙاٽو“ ڪلچر چيو وڃي ٿو. چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن کي مڪمل ڇوٽ مليل آهي ته پٽيوالي جي نوڪري ۽ ناليءَ جو ٺيڪو به نه ڇڏيو، چٻڙاٽو پاڻ به ڪريو ۽ ”مٿي“ به ڪرايو، زبان بند ڪري پارٽيءَ سان ”وفادار“ رهو ۽ هر قيمت تي چونڊن ۾ ”کٽڻ“کي يقيني بڻايو. نتيجي ۾ سڄي سنڌ ۾ ڀينگ لڳي پئي آهي. رستا، روڊ، تعليم، صحت، ميرٽ جي لتاڙ، ماحولياتي تباهي، عوامي ٽرانسپورٽ، ادارا، پيئڻ جو صاف پاڻي، پاڻيءَ جي نيڪالي، زمينن تي قبضا، لاقانونيت، بدامني- اڄوڪي سنڌ جا اُهي بڇڙا عڪس آهن، جيڪي دبئيءَ ۾ ويٺل آصف علي زرداريءَ کي ڪيئن ۽ ڇو نظر ايندا، جڏهن هن کي هتي نه رهڻو آهي ۽ نه عوام سان ڪو رابطو رکڻو آهي. سندس سوين ۽ هزارين کاٽائو پُٽ آهن، جيڪي جمهوري طور مڪمل طور آزاد ڇڏيا ويا آهن ته ”چٻڙاٽو ڪلچر“کي عروج تي پُڄايو. هنن لاءِ جمهوريت نوٽن سان سهڪندڙ ٽِجوڙين جو ٻيو نالو آهي ۽ هنن لاءِ سنڌ سون جي کاڻ آهي، جنهن جي 638 ارب روپين جي بجيٽ مان عوام کي ڪاريءَ وارا ڪَکَ ملندا ۽ هنن لاءِ عوام اُهي چاٻيون آهن، جن سان خزانن جون ٽِجوڙيون کُلنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو پارٽيءَ اندر ڪوبه هن عوام دشمن حڪمرانيءَ خلاف ڪُڇڻ ۽ اُٿي بيهڻ لاءِ تيار ناهي.
(5) بيوروڪريسي ته هونئن به ڪڏهن سنڌ يا ملڪ ۾ عوام دوست نه رهي آهي (سواءِ ڪجهه فردن جي)، ڇاڪاڻ ته اُها اڄ به بيٺڪيتي طرز تي هلي ٿي، جنهن ۾ ڪامورا عوام جا خادم نه پر آقا تصور ڪيا ويندا آهن پر آصف علي زرداريءَ جي متعارف ڪرايل طرزِ حڪمرانيءَ ۾ ڪامورن کي جيترو ناجائز سياسي مقصدن ۽ مفادن لاءِ بي دريغ استعمال ڪيو ويو آهي، ان جو مثال ته آمريتن ۾ به نه ٿو ملي. سنڌ ۾ ته هر شعبي ۾ ”پنهنجو ماڻهو“ ڪلچر متعارف ڪرايو ويو آهي. ايس ايس پي پنهنجا، ڊي آءِ جي پنهنجا، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر پنهنجا، ٽي ايم او کان وٺي سيڪريٽري تائين هر جاءِ تي ”پنهنجو ماڻهو“. ان روِش سنڌ ۾ ڪاموراشاهيءَ کي (سواءِ چند بهتر مثالن جي) هڪ بدترين عوام دشمن ڪاروبار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي چند ساک وارن آفيسرن کي ڇڏي ڪري باقي هر آفيسر ڪنهن نه ڪنهن ڀوتار، ايم پي اي، ايم اين اي يا وزير جو ”ماڻهو“آهي. هتي به ساڳيو ”چٻڙاٽو ڪلچر“- پاڻ به دل کولي کائو ۽ مٿي به ايترو پُڄايو جو دنيا جي امير ترين ماڻهو بڻجڻ واري خواب جي ساڀيان ٿي سگهي. جنهن صوبي ۾ پٽيوالي ۽ چوڪيداري به لکن ۾ وڪامندي هجي، اُتي پٽيوالي کان اعليٰ عهدن تي ويٺل ڪامورن تائين سواءِ ڪجهه ”مٿي ڦِرين“جي ڪير هوندو، جيڪو عوام لاءِ آفيسن ۾ اچي ويهندو! سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جو انداز اِهو آهي جو آفيسون عوام لاءِ نه پر عوام جو معاشي ۽ احساساتي رتُ پيئڻ لاءِ کُليل هونديون آهن.
(6) ميرٽ جي لتاڙ جيتري سنڌ ۾ آهي، ايتري ملڪ جي ٻئي ڪنهن صوبي ۾ ناهي. مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ هڪ ته ساڳي ”چٻڙاٽو ڪلچر“تحت ڪئي وئي آهي پر ان جي پٺيان هڪ شرمناڪ حڪمت عملي به نظر اچي ٿي. عوام کي مجبور ڪرڻو آهي ته اِهو ووٽ ڏئي ۽ رياست جا سمورا وسيلا، ادارا ۽ شعبا، عوام کي محتاج بڻائڻ، در در جا ڌِڪا کارائڻ ۽ کين ڪسمپرسيءَ وچان ڀوتارن ۽ پوءِ ڍاول پيٽ جي پوڄارين آڏو سياسي طور ”سربسجود“ ٿيڻ لاءِ استعمال ڪرڻا آهن. ميرٽ جي لتاڙ نه رڳو بي انصافيءَ ۽ اقرباپروريءَ جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن پر نااهل ماڻهن جا لشڪر ادارن ۾ ڀرتي ڪري، ادارن کي مرڻينگ بڻائي، گورننس کي هيٺين سطح تائين تباهه ڪيو ويو آهي. نوجوانن ۽ سندن مسڪين والدين کي اهو چِٽو نياپو ڏنو ويوآهي ته نوجوانن کي اهليت جي بنياد تي نه پر يا ته ڏوڪڙن تي روزگار ملندو يا سياسي وفادارين جي بنياد تي. ان پاليسيءَ سڄي معاشري کي اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار بڻائي، ناجائز مفادن جي ڊوڙ ۾ لڳائي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ هاڻي ڪوبه ڪم ميرٽ تي ٿيڻ جو تصور ئي نه رهيو آهي، جنهن جا بدترين نتيجا نسل ڀوڳيندا. ميرٽ سان هميشه قابل ۽ ذميوار ماڻهو ادارن ۾ ايندا آهن ۽ اُهي سماج جي اڏاوت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندا آهن، ٻين لاءِ رول ماڊل بڻبا آهن، ۽ ميرٽ جي لتاڙ جي نتيجي ۾ نااهل ۽ جُڳاڙي ماڻهو اچي ادارن ۽ معاشري جي ڀينگ ڪندا آهن.
(7) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي عام طور وڏيرڪي پارٽي چيو ويندو آهي پر حقيقت اِها آهي ته هن پارٽيءَ جي اڳواڻ صفن ۾ وچولي طبقي جي ماڻهن جو به وڏو انگ آهي پر اصل مسئلو اِهو آهي ته پارٽيءَ جي موجوده ڪلچر پارٽيءَ کي وچولي طبقي کي ڪرپٽ ڪري، پوءِ ڍاول نئين وڏيرڪي طبقي (غلام نبي مغل جي لفظن ۾ Neo-Feudal) ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جمهوريت کي سڄيءَ دنيا ۾ اهڙو نظام سمجهيو ويندو آهي، جنهن ۾ وچولو طبقو اڳواڻ صفن ۾ اچي معاشري کي تبديل ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي پر ننهن کان چوٽيءَ تائين ڪرپٽ بڻايل وچولو طبقو پنهنجي اڄوڪي سنڌي سماج جي ٿنڀ ۽ ٿوڻي ٿيڻ بجاءِ ان جي سڀ طرفي ڀينگ ڪرڻ جو اهم ذريعو بڻجي چڪو آهي. سنڌ مان انيڪ وچولي طبقي جا ماڻهو پارٽيءَ معرفت اسيمبلين، حڪومتن ۽ اهم ادارن ۾ پهتا پر اڄ اُهي هن ڪرپٽ ڪلچر سبب سنڌ جي اڏاوت جو نه پر ان جي تباهه حاليءَ جو ذريعو بڻجي چڪا آهن. جيڪي چار چڱا ماڻهو اُتي موجود به آهن ته مصلحت پسنديءَ سبب پنهنجا چَپَ سِبيو ويٺا آهن.
(8) سنڌ مرڪز هٿان جيترو معاشي طور لُٽجي ٿي، ان جو ته ڪاٿو ئي نه ٿو ڪري سگهجي. آصف علي زرداريءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ هلندڙ سنڌ حڪومت گذريل اَٺن سالن ۾ ڪو هڪ مثال قائم ڪيو آهي ته سنڌ مرڪز کان گهربل حصو ۽ مالياتي خودمختياري وٺي سگهي هجي. هن سال اٺون مالياتي ايوارڊ اچڻو آهي پر گذريل چار سال سنڌ جو ان ۾ ڪو مستقل نمائندو موجود نه هو، ارڙهين ترميم کي هن سال پنج سال پورا ٿيندا پر اڃا تائين سنڌ حڪومت مرڪز کان قدرتي وسيلن مان اڌو اڌ اُپت جو حصو نه وٺي سگهي آهي، جيڪو هاڻي صوبن ۽ سنڌ جو آئيني حق آهي. پاڻيءَ تي ڌاڙا حڪومت بند نه ٿي ڪرائي سگهي، ٻيو ته ٺهيو پر سُپر هاءِ وي جو ٽيڪس مرڪز کان واپس نه ٿي وٺي سگهي. سوال آهي ته آصف علي زرداريءَ واري ”مفاهمتي“ پاليسيءَ موجب ته اهو ٿيندو ڪونه. هر ڪنهن کي آزاد ڇڏڻو آهي ته جيئن کين به سنڌ ۾ ”چٻڙاٽو“ ڪرڻ جي مڪمل آزادي هجي. سنڌ جون هزارين ايڪڙ زمينون ڀُڳڙن مُٺِ تي تعميراتي ڪمپنين کي ڏنيون ويون آهن- آهي ڪو حساب ڪتاب؟ سڄي سنڌ ۾ ڌوڙ پئي اُڏامي پر زرداري صاحب کي اصل فڪر ذوالفقار آباد جي تعمير جو آهي- سبب اِهو ئي آهي ته اهڙيون اسڪيمون ئي سندس خواب جي ساڀيان کي ممڪن بڻائينديون.
هڪ خواب آصف علي زرداريءَ جو آهي ۽ ٻيو خواب سنڌ جي عوام جو آهي، جنهن ۾ سنڌ کي خودمختيار، خوشحال، روشن خيال، تعليم يافته ۽ باوقار هئڻ گهرجي. هي ٻن متضاد خوابن جو معاملو آهي. جي هڪ فرد ۽ گروهه جي ناجائز خواب ساڀيان ماڻي ته سنڌ ڏينهون ڏينهن زوال جي ڪُنَ ۾ ڪِرندي ۽ جي سنڌ جي حقيقي خواب جي ساڀيان گهرجي ته سنڌ کي هن ڪرپٽ حڪمرانيءَ جو حتمي ۽ اجتماعي انڪار ڪرڻو پوندو!


روزاني ڪاوش حيدرآباد، اڱارو 12 مئي 2015ع

بلاول ڀٽو زرداري سنڌ کي ڇا ڏئي سگهندو؟

بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وقفي وقفي سان سنڌ ايندو رهندو آهي، خاص طور پارٽيءَ جي وڏن جلسن جي موقعي تي پر هن ڀيري سندس آمد کي چڱو وقت گذري ويو جو گذريل ڀيري ڪراچيءَ واري جلسي ۾ چيو وڃي ٿو ته هن جي تقرير کيس مليل ”اسڪرپٽ“ ۽ اختيارن کان اورانگهيل هئي، جنهن تي پارٽيءَ جو ڪو-چيئرمين ۽ سندس والد آصف علي زرداري ناراض ٿيو ۽ ڳالهه اُتي وڃي پهتي جو آصف علي زرداريءَ کيس هڪ موقعي تي ناتجربيڪار ۽ بي سمجهه پڻ ڪوٺيو. جيڪڏهن بلاول واقعي به پارٽيءَ جو چيئرپرسن هو ۽ آهي ته پوءِ ڪهڙي پارٽي آئين تحت ڪو-چيئرمين کي مٿس مٿڀرائپ حاصل آهي؟ اهو سوال پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ”جمهوري“ تنظيمي ڪلچر جي نمائندگي ڪري ٿو پر سوال آهي ته هينئر وري آخر بلاول ڪيئن اوچتو ئي اوچتو ايترو تجربيڪار ۽ سمجهدار ٿي ويو جو نه رڳو واپس گهرايو ويو آهي پر آصف علي زرداريءَ اهو اعلان پڻ ڪيو آهي ته هو پارٽيءَ جي ڪو-چيئرمينيءَ جو عهدو ڇڏي هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو صدر ٿيندو، معنيٰ هن ڀيري پارٽيءَ جي ٻيڙيءَ ۾ جيڪو مخدوم امين فهيم ”ڳرو“ هو، سو ان بي اختيار عهدي کان به ويندو ۽ ماڻهو ڏسندا ته پارٽيءَ جي فيصلي سازيءَ جا اصل اختيار هاڻ ان عهدي ڏانهن منتقل ٿي ويندا، يعني ڀڙڪيدار تقريرون بلاول ڪندو ۽ پارٽيءَ ۽ سنڌ حڪومت جا سمورا فيصلا آصف علي زرداريءَ وٽ هوندا ۽ پارٽيءَ ۾ ته اهو هاڻي ڪلچر ئي نه رهيو آهي ته ڪو آصف علي زرداريءَ سان اختلاف ڪري سگهي، جيڪو اختلاف ڪندو ان جو حال صفدر عباسيءَ جهڙو ٿيندو. گهڻن ماڻهن جو ته اهو پختو خيال آهي ته بلاول کي واپس ٻن سببن ڪري گهرايو ويو آهي، هڪ ته جيڪي بلاول ۽ آصف وچ ۾ اختلافن جا چوٻول هئا، اُنهن کي ختم ڪيو وڃي۽ ٻيو ته ويجهڙ ۾ ذوالفقار مرزا ۽ ڊاڪٽر فهميده مرزا جي موقف سبب سنڌ ۾ جيڪو ماحول جُڙيو، ان اثر کي به منهن ڏنو وڃي.
جيتوڻيڪ بلاول اڃا تائين آزاد ۽ خودمختيار منصب ماڻي پنهنجي سياست جي حقيقي شروعات ڪئي ئي ناهي، ان ڪري شخصي طور هن جي دامن تي ڪو داغ ناهي لڳو، جو سمورا ماڻهو سمجهن ٿا ته پارٽيءَ جون اصل واڳون آصف علي زرداريءَ وٽ آهن ۽ هو ئي هن سموري سياست، حڪمرانيءَ جي انداز ۽ تنظيمي ڪلچر لاءِ ذميوار آهي. جيڪڏهن اهو فرض به ڪري وٺجي ته بلاول پنهنجي پيءُ جي ڀيٽ ۾ بهتر سياست جو خواهشمند آهي، تڏهن به هن آڏو ڪجهه بنيادي چئلينج آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ هيستائين ته هن ڪوبه جرئت جو مظاهرو نه ڪيوآهي. اهي چئلينج ٿُلهي ليکي هي آهن:
(1) بلاول ڀٽو زرداري هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي ماتحت سياسي ميدان تي آيو آهي، جنهن جو نه رڳو ماضي سُٺي ساک وارو ناهي پر هن وٽ ڪي به آدرش يا بنيادي اُصول نه آهن. هو سياست کي قوم ۽ عوام جي خدمت، سندن زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي واٽ ۽ قوم ۽ عوام جي مفادن جي تحفظ جي ميدان بجاءِ مفاد جي راند سمجهي ٿو ۽ ان ۾ هو پنهنجو مخصوص مفاد بچائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو، جنهن جا ثبوت هن گذريل اٺن سالن ۾ بار بار پئي ڏنا آهن. عارضي ۽ خصيص اقتدار خاطر سنڌ ۾ ٻِٽو نظام آڻڻ کان وڌيڪ ان جو ٻيو ڪهڙو ثبوت پيش ڪجي؟ نظر ايئن ٿو اچي ته آصف علي زرداري بلاول کي به ان راند ۾ هڪ مُهري طور استعمال ڪرڻ ٿو چاهي، باقي آصف جي هوندي هو بااختيار چيئرمين ٿي مختلف سياست ڪري، ان جا امڪان تمام گهٽ ٿا ڏسجن. نه وري بلاول ۾ اهو تدبر، همت، آدرشي اک ۽ ارادو ٿو ڏسجي، جيڪو هن نَنهَن کان چوٽيءَ تائين مفاد پرست ۽ پيٽ پرست سياست کان جِند آجي ڪرائي سگهي.
(2) بلاول ڀٽو زرداريءَ ماضيءَ ۾ جيڪي به تقريرون ڪيون آهن، اُنهن مان لڳي ٿو ته هن وٽ پنهنجو ڪو ويزن نه آهي، هو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ پنهنجي شهيد ماءُ جون تقريرون ٻُڌي عوامي انداز اختيار ڪري عوامي ليڊر ٿيڻ ٿو چاهي پر هن کي اها خبر نه ٿي پوي ته سندس ناني ۽ ماءُ رڳو جذباتي تقريرون نه ڪيون هيون پر جدوجهد به ڪئي هئي ۽ هنن پنهنجي طبقي جي حد تائين عوام بابت ڪونه ڪو ويزن به رکيو ٿي. بلاول جي ايجنڊا ۽ ويزن ڇا آهي؟ ان جو هيستائين ته ڪوبه اندازو نه ٿي سگهيو آهي. في الحال ته هو هڪ پُرجوش شهزادي وانگر سيلفيون ڪڍڻ ۽ ٽوئٽر تي پيغام ڏيڻ کي ئي عوامي سياست سمجهي ٿو.
(3) بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سماج کان مڪمل طور ڪَٽيل آهي، هن کي ڪو ادراڪ نه آهي ته سماج جا مختلف حصا ملڪ ۽ سنڌ جي حالتن کي ڪيئن ڏسي رهيا آهن؟ هنن جو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪمرانيءَ جي انداز ۽ گورننس يا پاليسين بابت ڇا خيال آهي؟ هو آصف علي زرداريءَ بابت ڪهڙي راءِ رکن ٿا ۽ سندس نام نهاد ”مفاهمتي سياست“ کي ڪيئن ڏسن ٿا؟ حقيقت ته اها آهي ته سماج ته پري رهيو پر خود سندس پارٽيءَ اندر ڪهڙا ڪهڙا مختلف رايا آهن؟ ان بابت به کيس ڪا خبر يا سمجهه نه آهي، جو ڪنهن سان به سڌيءَ ريت لاڳاپي ۾ ناهي. ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جهرجهنگ ويندا هئا، ويندي ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن سان سڌيءَ ريت ملندا هئا ۽ ان طرح ئي هو عوامي اڳواڻ بڻيا. بلاول جو سماج ۾ ڪنهن سان رابطو آهي جو کيس سماج جي مسئلن، اهنجن، خيالن، تنقيدي شعور، ويساهه گهاتين ۽ احساساتي بحران جي خبر پوي!؟ هن جي ويجهو سمجهيو ويندڙ حلقو به اُهو ئي آهي جيڪو سيلفيون ڪڍڻ ۾ پوروآهي. بلاول جو الميو اهو به آهي جو هن جو دور عالمي طور به سياسي حوالي سان جَڏو ۽ مُڏو آهي، جو نه ته دنيا ۾ وڏيون زبردست ترقي پسند عوامي تحريڪون ٿيون ڏسجن ۽ نه وري فڪري طور اهو ڊسڪورس حاوي آهي، جنهن مان هو پنهنجي ادراڪ کي تشڪيل ڏئي سگهي.
جيتوڻيڪ سماج ۽ سياست ڪڏهن به حتمي شڪل وٺي نه بيهندا آهن ۽ اُنهن ۾ اوڀاريون لهواريون پيون اينديون آهن، پر ان جي باوجود بلاول کي هيٺين ڳالهين کي سمجهڻو پوندو.
(1) پاڪستان پيپلز پارٽي محترمه شهيد بينظير ڀٽو کانپوءِ مڪمل زوال پذير ٿي چڪي آهي، اها هڪ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽيءَ واري حيثيت مان سُسي اچي رڳو سنڌ ۽ سنڌين جي مٿي ۾ لڳي آهي. پنجاب مان ان جي تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي ۽ مان نه ٿو سمجهان ته اڄوڪي مڊل ڪلاس ۽ ڪاروباري طبقي تي مشتمل پنجاب کي وري پاڪستان پيپلز پارٽي ٻيهر حاصل ڪري سگهندي. ٻيو ته ٺهيو پر سرائيڪي صوبي جي ڳالهه باوجود اها ته مورڳو سرائيڪي پَٽيءَ مان به گهڻي ڀاڱي هارائي وئي. پختون خواه ۽ بلوچستان ۾ اُها اڳ به محدود هئي پر هاڻي ته اُها حيثيت به نه رهي آهي.
(2) اهو صحيح آهي ته ڪيترا ڏهاڪا سنڌي ماڻهن پيپلز پارٽيءَ کي جذباتي ووٽ ڏنو پر اها حقيقت آهي ته هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ سنڌين جو ملندڙ ووٽ مجبوريءَ جو ووٽ آهي جو سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي پارلياماني ميدان تي مهاڏو اٽڪائيندڙ ڪا ڌر نه ملي سگهي آهي پر اهو مجبوريءَ جو ووٽ به آخر ڪيستائين؟ پارٽي قيادت رڳو ان خود غرض خوشفهميءَ ۾ پوري آهي ته سنڌين وٽ ٻي ڪهڙي واٽ آهي؟ ان ڪري اُهي گاريون به ڏيندا پر ووٽ به اسان کي ئي ڏيندا. سوال وري به اهو آهي ته اُهو به آخر ڪيستائين؟
(3) بلاول ڀٽو آخر ملڪي سطح جو عوامي اڳواڻ ٿي ڇو ۽ ڪيئن اُڀرندو؟ سڄو ملڪ ڏسي پيو ته سندس پارٽيءَ جي حڪومت جيڪا سنڌ جي ڀينگ ڪئي آهي ۽ جيڪو پارٽيءَ اندر ”زبان بنديءَ“ جو ڪلچر جوڙيو ويو آهي، ان ۾ بلاول ڪهڙو فرق آندو آهي جو هو ٻين صوبن کي پَڳون ٻَڌرائيندو؟ ٻيا صوبا هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جي گورننس جي اک سان ڏسي رهيا آهن ته جنهن صوبي ۽ ان جي عوام گذريل اڌ صديءَ کان هن پارٽيءَ سان نِڀايو آهي، ان کي ڇا مليو جو ٻين صوبن کي به ورندو؟
(4) هن ملڪ جي سياست ۾ عوام جي ڳالهه ڪندڙن کي اجگر بلائن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، خود بلاول جو نانو ۽ سندس عظيم ماءُ انهن ”بلائن“ جي ور چڙهي، اجل جو شڪار ٿيا. بلاول اُنهن قوتن کي ڪيئن منهن ڏيندو يا ڏيڻ به چاهي ٿو يا نه، اهو ته پري جو سوال آهي پر ان وچ ۾ بلاول جو هڪ عبوري امتحان آهي ته ڇا هو سنڌ ۾ پنهنجيءَ حڪومت جو پڇاڻو ڪري سگهي ٿو؟ مال پِڙيءَ ۾ تبديل ٿيل سنڌ ۾ وزيرن جي اڻ ڪَٿيل ڪرپشن کي ٻُنجو ڏئي سگهي ٿو؟ سنڌ ۾ وسيلن ۽ ادارن جي ڀَيل ڪيئن ٿي ٿئي، ان جو سدِباب ڪري سگهي ٿو؟ آڪسفورڊ جو پڙهيل بلاول ڇو نه ٿو سنڌ يونيورسٽيءَ اچي ۽ ڏسي ته اسان جا ادارا ڪهڙي حال ۾ آهن؟ ڇو نه ٿو اسپتالن، ٿاڻن ۽ اسڪولن جا اوچتا دورا ڪري ڏسي ته هي سنڌ جا باشعور ماڻهو آخر ڇو ٿا زرداريءَ جي حڪمرانيءَ جي انداز جي ڇِتي مخالفت ڪن؟ اُهي اچي ڇِتا ٿيا آهن يا سندس پارٽيءَ ۽ حڪومت جي انداز جي ڦودني ۾ ڪو ڦير آهي؟ ڇا بلاول سنڌ ۾ کُلي عام نيلام ٿيندڙ نوڪرين کي بند ڪرائي ميرٽ بحال ڪرائي سنڌ جي نئين نسل کي صحتمند چٽاڀيٽيءَ جو موقعو ڏياري سگهي ٿو؟ جن ملڪن ۾ هو رهيو، پڙهيو ۽ وڏو ٿيو آهي، ڇا اُتي ميرٽ جي لتاڙ جو تصور به موجود آهي؟ اُن ڪري سنڌ جو ماڻهو ڏسڻ چاهي ٿو ته ڇا بلاول پنهنجي پارٽيءَ ۽ حڪومت جي ڪرپٽ، نااهل ۽ اقرباپرور ڪلچر جي مزاحمت ڪري سگهي ٿو؟
(5) بلاول ڀٽو زرداريءَ کي خبر هئڻ گهرجي ته جذباتي تقريرون به تڏهن ڪجهه اثر رکنديون آهن جڏهن اُنهن جي پويان ڪجهه محرڪ ۽ نتيجا هجن. سڄي سنڌ جو ترقياتي ڍانچو تباهه حال آهي، تعليم مرڻينگ آهي، صحت جي شعبي کي پاڻ علاج ۽ سرجريءَ جي ضرورت آهي، غربت جو گراف ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي، امن امان جو مسئلو هاڻي عملي طور فوج ۽ رينجرز وٽ آهي. جون جي مهيني ۾ به آبادگار احتجاج ڪري رهيا آهن ته پاڻي ڪونهي ۽ حڪومت ان تي ويچاري رهي آهي ته پاڻيءَ جي وارابنديءَ ۽ ورهاست تي به رينجرز کي ويهاريو وڃي. جي سڀ ڪجهه رينجرز کي ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ حڪومت جي هجڻ جو جواز ڪهڙو آهي؟ يونيورسٽيون الڳ بحران جو شڪار آهن، سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جو ڪو تصور به موجود ناهي. ٻيو ته ٺهيو پر پنج سال گذري ويا، سنڌ حڪومت 18هين آئيني ترميم تحت صوبي کي پنهنجا حق به وٺي نه ڏئي سگهي آهي، آدمشماري ڪونه پئي ٿئي، مالياتي ايوارڊ ساڳيو هوندو، سينيٽ ۾ سنڌ جي نمائندگي اڪثريت طور غيرسنڌين ۽ اُنهن وٽ آهي، جن جو سينيٽ ۾ ڪو ڪردار ناهي. ان سموري صورتحال ۾ ماڻهو ڇا بلاول جي جذباتي تقريرن کي پچائي کائيندا؟
مان ته حيران آهيان ته جنهن نوجوان جي تعليم ۽ تربيت برطانيه ۾ ٿي آهي، جنهن کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته جمهوريت ۾ حڪمرانيءَ جو انداز ڪيئن هوندو آهي ۽ جمهوريت چئبو ڇا کي آهي؟ ان کي هتي ڪجهه نظر نه ٿو اچي ۽ جي اچي ٿو ته پوءِ اهو ويزن ڪٿي آهي، اُها جرئت ڪٿي آهي، جيڪا هن ٺڳيءَ جي ٺاهه جو انڪار ڪري سگهي ۽ پنهنجي مختلف هئڻ جو ثبوت ڏئي؟ بلاول ملڪ ۽ سنڌ ۾ سياسي ويڙهه به تڏهن ڪري سگهندو جڏهن هو سڀ کان اول پنهنجي پيءُ، پارٽيءَ ۽ سنڌ حڪومت بابت عوام آڏو چِٽو ٿي اچي ۽ اخلاقي طور قبول ڪري ته جمهوريت جي نالي ۾ سنڌي عوام سان بدترين دوکو ٿيو آهي، جنهن جو گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ڪوبه امڪان نظر نه ٿو اچي!


روزاني ڪاوش حيدرآباد، 5 جون 2015ع

اٺون مالياتي ايوارڊ: اچو ته سنڌ حڪومت کان پڇاڻو ڪريون!

ملڪي تاريخ جو ستون قومي مالياتي ايوارڊ، جيڪو 30 ڊسمبر 2009ع کان شروع ٿيو هو، اُن جو مُدو ڪالهه 30 جون 2015ع تي پورو ٿيو ۽ 1 جولاءِ 2015ع کان نئون مالياتي سال شروع ٿي چُڪو. آئين جي آرٽيڪل 160 تحت قومي مالياتي ايوارڊ هر پنجن سالن ۾ نئين سر آڻڻ لازمي شرط آهي، ۽ نه رڳو اهو پر ٻن مالياتي ايوارڊن يعني هر ڏهين سال آدمشماري پڻ آئيني طور لازمي هوندي آهي پر پاڪستان ۾ هڪ طرف 1998ع کان آدمشماري نه ٿي سگهي آهي ته ٻئي طرف هن ڀيري بنا ڪنهن سبب جي اٺون مالياتي ايوارڊ ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ عجب جي ڳالهه اِها آهي ته سنڌ حڪومت به ان تي ڪو وڏو اعتراض نه واريو آهي. سنڌ حڪومت جي غيرسنجيدگي ۽ لاپرواهي ته ان مان پڌري آهي جو 2011ع ۾ قيصر بنگاليءَ جي استعيفا کانپوءِ سنڌ جو ڪو مستقل ۽ اهل نمائندو قومي مالياتي ايوارڊ ۾ موجود نه هو ۽ جنهن مراد علي شاهه کي عارضي ۽ عبوري طور اهو منصب ڏنو ويو، ان جي ڪارڪردگي هڪ کُليل راز آهي. موصوف هڪ ته گڏجاڻين ۾ ويندو ڪونه هو ۽ جي ويندو هو ته تياري ڪري ڪڏهن به نه ويو. مان حيران آهيان ته سنڌ ۾ وڏ وزارت لاءِ مراد علي شاهه جو نالو ڇو ورتو ويندو هو؟ تازو جيڪو ماڻهو ميمبر نامزد ڪيو ويو آهي، ان جو ماضيءَ ۾ سنڌ يا ملڪ جي مالياتي معاملن ۾ ڪوبه عمل دخل يا تجربو نه رهيو آهي. اُهو اُتي وڃي جيڪي اَڪَ ڪارا ڪندو، اُهي هاڻي کان ئي سنڌ کي سُجهن ٿا. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ مان هڪ به اهڙو لائق ماڻهو نه ملي سگهيو، جيڪو سنڌ جو مالياتي ڪيس فرض شناسيءَ ۽ قابليت سان وڙهي سگهي ها؟
دنيا ۾ مالياتي وفاقيت کي وفاقي جمهوري نظام جو لازمي جز ۽ شرط سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته صوبن يا رياستن جي مالياتي خودمختياريءَ کانسواءِ وفاقيت جو تصور ئي بي معنيٰ آهي، ان ڪري ئي دنيا جي 28 آئيني ۽ 34 غيرآئيني وفاقي ملڪن ۾ مالياتي وهنوار کي Fiscal Federalism چيو ويندو آهي. پاڪستان پنهنجي قيام کانپوءِ عبوري طور مالياتي وفاقي وهنوار 1935ع جي انڊيا ايڪٽ تحت هلايو، جنهن کي ورهاڱي کان اڳ نائميار ايوارڊ (Niemeyer Award) سڏيو ويندو هو. ملڪ ۾ اپريل 1952ع ۾ جيڪو پهريون ايوارڊ آيو، اهو پارليامينٽ يا وفاقي وحدتن نه پر هڪ انڊين سول سرونٽ جيرمي رئيسمين (Jeremy Raisman) جي تجويزن تحت ڏنو ويو هو، جنهن مطابق اوڀر پاڪستان يعني بنگال کي انڪم ٽيڪس جو 45 سيڪڙو ڏنو ٿي ويو ۽ 55 سيڪڙو اولهه يعني هاڻوڪي پاڪستان کي. بنگال جي آزاديءَ کان اڳ ملڪ ۾ 1952ع کانپوءِ ٽي ٻيا ايوارڊ به آيا، يعني 1961ع، 1964ع ۽ 1970ع ۾ پر تاريخ جو الميو اهو آهي ته جڏهن اوڀر بنگال ملڪ جو حصو هو ۽ اهو آباديءَ ۾ 57 سيڪڙو هو ۽ اُهي مسلسل مطالبا ڪري رهيا هئا ته مالياتي ايوارڊ ۾ آباديءَ کي به شامل ڪيو وڃي پر ايئن نه ٿيو ۽ اِهي سمورا ايوارڊ روينيو، انڪم ٽيڪس ۽ ايراضيءَ جي بنياد تي ڏنا ويا، ڇاڪاڻ ته ان ۾ اولهه پاڪستان جو فائدو هو، جنهن تي پنجاب جو تسلط هو (۽ آهي)، پر بنگال جي ورهاڱي کانپوءِ يعني 1974ع کان 2006ع تائين جيڪي به ڇهه مالياتي ايوارڊ آيا، اُنهن ۾ صوبن وچ ۾ مالياتي ورڇ (Horizontal Distribution) رڳو آباديءَ جي بنياد تي ڪئي وئي، جنهن مطابق ملڪي وسيلن ۽ آمدنيءَ جو سراسري طور 58 سيڪڙو پنجاب کي ملندو رهيو، جيڪڏهن بنگال کانپوءِ مالياتي ايوارڊ آمدنيءَ ۽ روينيو جي بنياد تي اچي ها ته ان جو فائدو سنڌ کي ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته ملڪي روينيو ۾ سنڌ جو حصو 72 سيڪڙو آهي، ۽ جيڪڏهن ايراضيءَ جي بنياد تي ٿئي ها ته ان جو بنيادي ۽ وڏو فائدو بلوچستان کي ٿئي ها، جنهن ۾ پاڪستان جي 43 سيڪڙو ايراضي آهي. يعني جيڪڏهن آباديءَ سان گڏ روينيو، ايراضيءَ ۽ غربت کي به مالياتي ايوارڊ ۾ شامل ڪيو وڃي ها ته پوءِ به پنجاب جو حصو گهٽجي ها ۽ ان جو فائدو ٽن ننڍن صوبن يعني سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه کي ٿئي ها پر ايئن نه ٿيو. 2009ع ۾ آيل ستون مالياتي ايوارڊ پهريون ڀيرو هو، جنهن ۾ مختلف معيارن کي مالياتي ايوارڊ ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن کي وڏو ڪارنامو ڳڻيو وڃي ٿو پر ان ۾ به آباديءَ جو حصو 82 سيڪڙو آهي، جڏهن ته روينيو جو 5 سيڪڙو، ايراضيءَ جو 2.7 سيڪڙو ۽ غربت ۽ پسماندگيءَ جو 10.3 سيڪڙو حصو رکيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بلوچستان جو مالياتي ايوارڊ ۾ حصو 5.11 مان وڌي 9.09 سيڪڙو ٿيو.
پاڪستان جي مالياتي ورڇ جي تاريخ افسوسناڪ سان گڏ عجيب به آهي. بنگال جي جدائيءَ کان اڳ جيڪي چار ايوارڊ آيا اُهي بيورو ڪريسيءَ آندا ۽ 1974ع کان 2009ع تائين جيڪي ست ايوارڊ آيا، تن مان ٻه ضياءُ الحق جي دور ۾ يعني 1985ع ۽ 1979ع ۾ ۽ ٻه وري هڪ ٻئي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ يعني 2000ع ۽ 2006ع ۾ آيا. دنيا جي ڪنهن به وفاقي ملڪ ۾ مالياتي ايوارڊ دراصل مرڪز ۽ صوبن توڙي صوبن جي پنهنجي پاڻ ۾ ورڇ جو ڪو فارمولا طئي ٿيندو آهي، جيڪو آئين تحت هوندو آهي. جڏهن ضياءُ الحق ۽ مشرف جي دور ۾ آئين ئي معطل هو ته پوءِ انهن جي حيثيت نه آئيني آهي ۽ نه وفاقي ۽ نه وري اُهي جائز چئبا. ساڳيءَ ريت 1947ع کان 1970ع تائين جيڪي چار ايوارڊ بيوروڪريسيءَ معرفت آندا ويا، اهي پڻ بنگال جي پاڪستان کان بيزاريءَ جو وڏو سبب بڻيا، جنهن نيٺ وڃي بنگال جي آزاديءَ تي ڇيهه ڪيو. 1997ع ۾ ته ملڪ جي مالياتي ورڇ جي نظام سان اُها هٿ چراند ٿي، جنهن جو مثال آمريتن ۾ به نه ٿو ملي. 1997ع ۾ ملڪ معراج خالد جي ٽن مهينن لاءِ آيل عبوري حڪومت جيڪو پنجون مالياتي ايوارڊ آندو (جنهن جو کين ڪوبه آئيني اختيار نه هو ۽ سنڌ ۾ وڏو وزير ممتاز ڀٽو صاحب هو) ان ۾ مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورڇ جو تناسب 80/20 مان ڦيرائي ايئن ڪيو ويو، جو مرڪز جو حصو 20 سيڪڙو مان وڌائي 62.5 سيڪڙو ڪيو ويو ۽ صوبن جو گڏيل حصو 80 سيڪڙو مان گهٽائي 37.5 سيڪڙو ڪيو ويو. دنيا جي ڪنهن به وفاقي يا جمهوري ملڪ جي تاريخ ۾ اهڙو مثال نه ٿو ملي ته ٽن مهينن لاءِ آيل هڪ عبوري حڪومت غيرآئيني طور ملڪ جي مالياتي ورڇ جي پوري نظام کي تبديل ڪري صوبن جي حصي تي ايئن ڌاڙو ۽ راتاهو هڻي. پرويز مشرف جي دور ۾ 2006ع ۾ جيڪو ڇهون ايوارڊ آيو، ان ۾ صوبن جو حصو 37.5 مان وڌائي 44 سيڪڙو ڪيو ويو ۽ اهو به طئي ٿيو ته هر سال ان ۾ هڪ سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو.
ستين مالياتي ايوارڊ ۾ ان تناسب کي ايئن تبديل ڪيو ويو، جو صوبن جو گڏيل حصو 56 سيڪڙو ۽ مرڪز جو 44 سيڪڙو قرار ڏنو ويو ۽ 2010ع ۾ آيل 18 هين آئيني ترميم ۾ صوبن جي حصي کي آئيني ضمانت به ڏني وئي ته صوبن جو حصو وڌائي ته سگهجي ٿو پر گهٽائي نه ٿو سگهجي، جيسين وڃي ڪا نئين آئيني ترميم اچي. 18 هين آئيني ترميم ملڪي آئيني تاريخ ۾ هڪ مثبت قدم هو ۽ ان جا انيڪ فائدا صوبن کي ٿي سگهيا ٿي پر افسوس جو ان ڏس ۾ پنج سال گذرڻ باوجود بنيادي اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي ۽ ان ۾ جتي وفاقي بيوروڪريسي رڪاوٽ بڻيل آهي، اُتي صوبائي حڪومتن جي مثالي ڪاهلي پڻ هڪ وڏو سبب آهي ۽ ان حوالي سان لاپرواهيءَ ۾ سنڌ حڪومت جو ڪو مَٽُ ۽ ثاني نه آهي. 18 هين آئيني ترميم ۾ مالياتي وهنوار ۾ ڪافي بهتري آندي وئي، جنهن تي پوريءَ ريت عمل نه پيو ٿئي ۽ سنڌ حڪومت پنهنجو ڪيس رکڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي. مثال طور:
ستين مالياتي ايوارڊ ۾ صوبن جي ورڇ جوڳي حصي ۾ تبديلي آندي وئي. ورڇ جوڳي پول ۾ آمدني گهڻي ڀاڱي انڪم ٽيڪس، ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس، سيلز ٽيڪس، وفاقي ايڪسائيز ۽ ڪسٽمز مان ايندي آهي، جيڪي مرڪز نه رڳو گڏ ڪندو رهيو آهي پر ان مان 5 سيڪڙو ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي پتيءَ طور به کڻندو رهيو آهي، جنهن کي 18 هين آئيني ترميم ۾ گهٽائي 1 سيڪڙو تي آندو ويو، جنهن سان صوبن جو حصو وڌيو پر سنڌ جا معاملا مرڪز سان ان ڏس ۾ اڃا تائين اڻ نبريل آهن. ستين ايوارڊ ۾ خيبر پختونخوا لاءِ امن امان جي حالتن سبب هڪ سيڪڙو اضافي رکيو ويو، جنهن تحت خيبر پختونخوا کي سال 2010-11ع کان وٺي اضافي 15 ارب روپيا ملندا رهيا آهن پر سنڌ حڪومت اهو ڪيس نه رکي سگهي ته ڪراچيءَ ۾ امن امان جي ڪري سنڌ حڪومت کي رڳو رينجرز کي ساليانو 20 ارب روپين کان مٿي ڏيڻا پون ٿا. جي ايس ٽي جيڪو مرڪزي ايڪسائيز کاتي تحت وصول ڪيو ويندو هو، اهو صوبائي سبجيڪٽ بڻايو ويو پر اڃا سوڌو سنڌ مرڪز کان اهو آئيني اختيار پوريءَ طرح وٺي نه سگهي آهي. جنرل سيلز ٽيڪس هونئن به دنيا جي سمورن وفاقي ملڪن ۾ صوبائي معاملو هوندو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ پهريون صوبو هو، جنهن 2011ع ۾ سنڌ روينيو بورڊ ٺاهي ورتو، جنهن صوبائي سطح تي ڪجهه ڪارڪردگي به ڏيکاري پر پنج سال گذرڻ باوجود اڃا تائين سنڌ اهو آئيني اختيار مڪمل طور نه وٺي سگهي آهي، جنهن جو سبب ادارتي نااهلي ۽ سياسي ارادي جي کوٽ آهي.
پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اهو آئيني حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا، جنهن تحت 2011ع ۾ پنجاب کي اضافي 30 ارب روپين کان مٿي جو فائدو ٿيو ۽ ساڳيءَ طرح خيبر پختونخوا کي سراسري طور 2010-11ع ۽ 2011-12ع ۾ 8 ارب روپين جو فائدو ٿيو. بلوچستان لاءِ ته هونئن ئي اضافي طور ساليانو ان مد ۾ 2 ارب واڌو مخصوص ڪيا ويا هئا. جيتوڻيڪ ستين مالياتي ايوارڊ مان سنڌ کي به ڪجهه فائدو ٿيو آهي (جيڪو سنڌ ۾ ڪرپشن جي ور چڙهي ويو) پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ان جو سڀ کان وڌيڪ فائدو پنجاب کي ٿيو، جنهن جي صوبائي بجيٽ 2010-11ع کان هلندڙ سال 2014-15ع تائين 469 ارب روپين مان وڌي 813 ارب روپين تائين پهتي آهي، جڏهن ته بلوچستان جي 111 مان 170، خيبر پختونخوا جي 188 مان 296 ۽ سنڌ جي 284 مان 475 تائين پهتي آهي. اها حقيقت آهي ته سنڌ روينيو بورڊ جي قيام کانپوءِ صوبائي سطح تي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي مد ۾ سنڌ ۾ بهتري آئي آهي، جو 2006-07ع ۾ اهو حصو 14 ارب هو، 2007-08ع ۾ 17.1 ارب، 2006-09 ۾ 21 ارب، 2009-10ع ۾ 21.6 ارب، 2010-11ع ۾ 27.5 ارب، 2011-12ع ۾ 60.4 ارب (سنڌ روينيو بورڊ سبب)، 2012-13ع ۾ 68.1 ارب ۽ 2013-14ع ۾ اهو وڌي 79.1 ارب ٿيو پر سوال آهي ته وسيلا وڌائبا ۽ گورننس ساڳي نااهل، ڪرپٽ ۽ ڪوتاهه نظر هوندي ته عوام کي انهن وسيلن جي واڌ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جو عوام ستين مالياتي ايوارڊ ۽ 18 هين آئيني ترميم جي فائدن کي محسوس ڪرڻ کان محروم آهي.
سنڌ جا ماڻهو ڄاڻن چاهين ٿا ته ترقياتي مد ۾ ملندڙ وسيلن ۾ ته مسلسل واڌ ٿي آهي پر سرزمين تي ڇا آهي؟ مثال طور سنڌ ۾ ترقياتي خرچن جي شرح 2006-07ع ۾ 35.1 ارب هئي، 2007-08ع ۾ 45.4 ارب، 2006-09ع ۾ 48.1 ارب، 2009-10ع ۾ 66.9 ارب، 2010-11ع ۾ 62.2 ارب، 2011-12ع ۾ 114.2، 2012-13ع ۾ 102.3 ارب ۽ 2013-14ع ۾ اُها وڃي 120.9 ارب بيٺي پر سرزمين تي سنڌ ۾ ڪاريءَ وارا ڪَکَ ۽ اڳ کان به خراب ۽ بدحاليءَ وارو منظر ڇو آهي؟ ظاهر آهي ته ان جو بنيادي سبب مثالي ڪرپشن، ادارتي زوال، اقرباپروري ۽ نااهلي آهي. باقي شهري سهولتن (Social Services) جن جو تعلق سڌيءَ ريت عوام سان آهي، ان مد ۾ سرڪار جي کيسي ۾ اصل وڇون پيل آهن. ستين مالياتي ايوارڊ ۽ ارڙهين ترميم کان اڳ جڏهن اهي شعبا وفاق سنڀاليندو هو تڏهن سنڌ ۾ شهري ۽ سماجي سهولتن تي ٿيندڙ خرچ جي شرح سراسري طور 0.49 سيڪڙو هئي، جڏهن ته هاڻي جڏهن 18 هين آئيني ترميم کانپوءِ اِهي شعبا مڪمل طور صوبن حوالي ٿي چڪا آهن تڏهن به ان جو سراسري تناسب گذريل 5 سالن دوران 0.58 سيڪڙو آهي. جي صوبائي خودمختياريءَ جو مطلب وزيرن ۽ ڪامورن جا ڪڏهن نه ڀرجندڙ پيٽ ڀرڻ آهي ته پوءِ ان جي عوام لاءِ ڪهڙي اهميت؟ تعليم لاءِ وڌيڪ وسيلا مختص هئڻ باوجود تعليم جو تباهه حال سڀني جي سامهون آهي پر صحت جي شعبي ۾ 18 هين ترميم کان اڳ سراسري 0.12 سيڪڙو خرچ ٿيندو هو، جيڪو هاڻي وڃي 0.16 سيڪڙو تي پهتو آهي. هيءُ ان صوبي جو حال آهي، جيڪو صحت جي حوالي سان پاڪستان ۾ بدترين حالت جو شڪار آهي.
آئين جي آرٽيڪل 161 تحت ۽ ستين مالياتي ايوارڊ ۽ 18 هين آئيني ترميم جي روشنيءَ ۾ قدرتي وسيلا هاڻي صوبائي معاملو آهن ۽ ان جي آمدنيءَ ۾ صوبن جو حصو 50 سيڪڙو آهي، جيڪو اڳ ۾ صرف 11.5 سيڪڙو هو پر 5 سال گذرڻ باوجود سنڌ حڪومت ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ اُهو آئيني حق پوريءَ طرح وٺي نه سگهي آهي.
ان سموري پس منظر ۾ جيڪڏهن سنڌ حڪومت مالياتي ورڇ جي معاملن ۾ سنجيدگي ڏيکاري ها، اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ مان ڪو قابل ميمبر نامزد ڪري ها، صوبائي سطح تي سنڌ جو مالياتي ڪيس ٺاهڻ ۽ ماهرن تي مشتمل ڪُل وقتي بورڊ تشڪيل ڏئي ها ته اڄ جڏهن مرڪزي حڪومت طرفان ساڳئي ستين مالياتي ايوارڊ کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تڏهن اُها وڏي اعتماد سان سنڌ جو مالياتي ڪيس وڙهي سگهي ها، پر آهي ڪو سرزمين تي هوم ورڪ؟ ڪو سياسي ارادو؟ موجوده سنڌ حڪومت سنڌ ۽ ان جي عوام جي ٻٽي جوابدار آهي، يعني هڪ ته اُها مرڪز کان پنهنجا آئيني حق وٺڻ جي اهليت ۽ ارادو نه ٿي رکي ۽ جيڪو ڪجهه ملي ٿو اُهي سمورا وسيلا مثالي ڪرپشن، ادارتي نااهليءَ ۽ اقربا پروريءَ سبب وزيرن ۽ ڪامورن جي ٽجوڙين ۾ هليا وڃن ٿا. سنڌ حڪومت کان هن مالياتي ڌاڙي بابت هر سطح تي پڇاڻو ٿيڻ گهرجي! نيب جو پڇاڻو عارضي آهي ۽ اعتبار جو جوڳو به نه آهي، اصل پڇاڻو سنڌ جي عوام کي ڪرڻ گهرجي!


روزاني ڪاوش اربع پهرين جولاءِ 2015ع

گڏيل مفادن واري ڪائونسل، سنڌ جا مفاد ۽ سنڌ حڪومت جو ڪردار!

پاڪستان آئيني طور هڪ وفاقي ملڪ آهي، اُها ٻي ڳالهه آهي ته هتي ڪڏهن به حقيقي وفاقي اُصولن تحت ملڪ کي نه هلايو ويو آهي ۽ موجوده رياستي بحران جو هڪ سبب اِهو به آهي. دنيا جي سمورن وفاقي ملڪن ۾ نه رڳو وفاق ۽ صوبن يا رياستن جن کي وفاقي وحدتون به چيو ويندو آهي، جون آئيني ۽ اختياراتي حدبنديون وفاقي آئين ۾ واضح هونديون آهن. پر وفاق ۽ صوبن يا صوبن وچ ۾ سياسي، آئيني، معاشي ۽ حڪومتي تڪرار نبيرڻ لاءِ به واضح ۽ چِٽا اُصول نه رڳو آئين ۾ درج هوندا آهن پر ان لاءِ آئيني سگهارا ادارا پڻ موجود هوندا آهن، جتي ڊائلاگ، دليل ۽ مضبوط ڪيس ذريعي تڪرارن کي نبيريو ويندو آهي. هڪ ته پاڪستان ۾ گذريل 68 سالن دوران آئيني حڪومتون بِنهه مختصر ۽ ٿوريون رهيون آهن، جو ملڪ ۾ ساڍا ٽيٽيهه سال ته سڌي آمريت رهي آهي. ملڪ جا پهريان 9 سال رياست کي 1935ع جي برطانوي آئين تحت آزاديءَ جي ايڪٽ 1947ع جي نالي ۾ هلايو ويو، جنهن ۾ وفاقيت جي عالمي طور مڃيل اُصولن جي سنگين ڀڃ ڪڙي ڪئي وئي، اُن ڪري ان دور ۾ ته وفاق ۽ صوبن يا صوبن جي پاڻ ۾ تڪرارن جي نبيرڻ جو آئيني طريقو موجود نه هو. جيتوڻيڪ 1956ع جي آئين کان هڪ سال اڳ 1955ع ۾ اولهه پاڪستان ۾ ون يونٽ ٺاهي، وفاقي جو انڌو منڊو ڍانچو ئي عملي طور ختم ڪيو ويو هو پر 1956ع جي آئين ۾ سينيٽ جي ايوان کانسواءِ ملڪ کي وفاقي پارلياماني نظام جو حامل قرار ڏنو ويو. ان حقيقت جي باوجود ته ون يونٽ تحت اولهه پاڪستان ۾ صوبا ختم ڪيا ويا هئا ۽ بنگال جي عددي اڪثريتي حيثيت کان به انڪار ڪيو ويو هو پر تنهن هوندي به 1956ع جي آئين ۾ ڪجهه ابتدائي ۽ محدود قدم کنيا ويا.
مثال طور 1956ع جي آئين ۾ آرٽيڪل 118 تحت قومي مالياتي ايوارڊ جو ادارو جوڙيو ويو ۽ آرٽيڪل 119 تحت قومي اقتصادي ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ساڳئي وقت آرٽيڪل 156 تحت مرڪز ۽ صوبن يا صوبن وچ ۾ ڪنهن به تڪرار نبيرڻ جو اختيار سپريم ڪورٽ کي ڏنو ويو، جيڪو عام طور وفاقي ملڪن ۾ وفاقي آئيني عدالت کي حاصل هوندو آهي، جيڪا پاڪستان ۾ اڄ تائين ٺهي نه سگهي آهي.
1973ع جي آئين کان اڳ جيئن ته ملڪ جو ورهاڱو ٿي چڪو هو ۽ ملڪ اندر نعپ جهڙين پارٽين جو دٻاءُ هو، ان ڪري آئين ۾ وفاق ۽ صوبن ۽ صوبن وچ ۾ اُڀرندڙ تڪرارن جي نبيري لاءِ گڏيل مفادن جي ڪائونسل (CCI) جو قيام عمل ۾ آندو ويو. 1977ع ۾ جڏهن جنرل ضياءُ الحق شهيد ڀُٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري آمريت مڙهي ڇڏي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي معطل ڪيو ويو، 1985ع ۾ جيڪا اٺين ترميم آندي وئي، ان ۾ ان جا اختيار صدر ڏانهن منتقل ڪيا ويا ۽ ادارو مڪمل طور غيرفعال رهيو. 2003ع ۾ جڏهن ٻئي آمر پرويز مشرف 17 هين ترميم آندي ته هڪ ڀيرو وري گڏيل مفادن جي ڪائونسل جا اختيار عملي طور صدر ڏانهن منتقل ڪيا ويا ۽ ادارو مڪمل طور غيرفعال ۽ عملي طور معطل رهيو. انهن سمورين پيچيدگين باوجود 1973ع جي آئين ۾ به گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو نه رڳو ڍانچو غيرنمائنده هو، پر ان جو ڪم ۽ طريقه ڪار سڄو غير واضح هو. مثال طور گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ صوبن جي اثرائتي نمائندگي نه هئي، صدر جو اهو صوابديدي اختيار هو ته وزير اعظم جي عدم موجودگيءَ جي صورت ۾ آئين جي آرٽيڪل 153/2 تحت ڪنهن به وفاقي وزير کي ڪائونسل جو سربراهه مقرر ڪري سگهيو ٿي. ميمبر مقرر ڪرڻ جو مجاز به صدر هو ۽ ان لاءِ ڪو به مُدو متعين نه هو. اهو ئي سبب آهي جو 1973ع کان وٺي 2010ع جي 37 سالن جي عرصي ۾ گڏيل مفادن جون گڏجاڻيون رڳو 11 ڀيرا ٿيون ۽ اُهي به رسمي، جن ۾ ڪي به بنيادي فيصلا نه ٿي سگهيا. اپريل 2010ع ۾ ملڪ ۾ 18 هين آئيني ترميم ڪئي وئي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو نه رڳو ملڪي آئين ۾ بنيادي ترميمون ڪيون ويون پر گڏيل مفادن واري ڪائونسل لاءِ به آئين ۾ تبديليون آنديون ويون، مثال طور:
(1) گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو سربراهه وزير اعظم کي مقرر ڪيو ويو ۽ صدر وٽ ڪي به صوابديدي اختيار نه آهن، جنهن تحت هو ماضيءَ وانگر اڪيلي سر فيصلا ڪري سگهي. ان ڪري هاڻي ڪائونسل جي صدارت صرف وزيراعظم ئي ڪري سگهي ٿو. (آرٽيڪل 153/2).
(2) گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ صوبن جي نمائندگيءَ کي بهتر ڪيو ويو آهي. آئين جي آرٽيڪل 154/3 تحت صوبن کي اهو به حق حاصل آهي ته هو پنهنجي ڪنهن به اعتراض تي گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائي سگهن ٿا پر هيستائين بدقسمتيءَ سان 16 اجلاسن مان هڪ به اجلاس سنڌ يا ڪنهن صوبي جي درخواست تي نه سڏايو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به صوبي وزير اعظم يا گڏيل مفادن جي ڪائونسل کي اهڙي درخواست موڪلي ئي ناهي. سنڌ جو وڏو وزير اخبارن ۾ ته دانهون ڪندو رهيو پر سوال آهي ته عملي طور اهم آئيني فورم ۾ ڪهڙو سرگرم ڪردار ادا ڪيو ويو؟ گڏيل مفادن جي ڪائونسل لاءِ آئيني طور اهو پڻ لازم آهي ته ان جي ڪارڪرگيءَ جون ڇهه ماهي رپورٽون قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پيش ٿيڻيون آهن ۽ انهن تي بحث مباحثو ڪرڻو آهي پر گذريل پنجن سالن دوران هڪ ڀيرو به سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان حوالي سان سنڌ جي قومي مفادن جي آواز جو پڙاڏو ٻُڌڻ ۾ نه آيو ۽ نه وري سنڌ مان قومي اسميبليءَ جي ميمبرن جن مان اڪثريت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي آهي، ڪڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ ان حساس معاملي تي بحث مباحثو ڪيو ۽ اعتراض اُٿاريا.
(3) آئين جي آرٽيڪل 154/2 تحت وزير اعظم جي حلف کڻڻ جي 30 ڏينهن اندر صدر کي گڏيل مفادن جي ڪائونسل تشڪيل ڏيڻي آهي.
(4) آئين جي آرٽيڪل 154/3 تحت گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو مستقل سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڪائونسل جي هر ٽئين مهيني گهٽ ۾ گهٽ هڪ گڏجاڻي لازمي قرار ڏني وئي آهي، ڇاڪاڻ ته اڳ نه ته ڪائونسل جو ڪو مستقل سيڪريٽريٽ هو ۽ نه ان جي گڏجاڻين جو آئين ۾ ڪو واضح طريقه ڪار موجود هو. مثال طور 1973ع کان 2010ع تائين 37 سالن ۾ رڳو 11 رسمي اجلاس ٿيا، پر هاڻي رڳو 18 هين ترميم کانپوءِ گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي قيام کان وٺي 18 مارچ 2015ع تائين 16 گڏجاڻيون ٿي چڪيون، جن ۾ 105 معاملن ۾ بحث مباحثو ۽ فيصلا ٿيا آهن پر سوال وري به اهو آهي ته اُنهن 105 اُٿاريل معاملن مان گهڻا اهڙا هئا ۽ آهن، جيڪي سنڌ حڪومت طرفان پيش ڪيا ويا ۽ جن جو تعلق سنڌ جي بنيادي مفادن سان هو؟
(5) 18 هين ترميم تحت آئين مان ڪنڪرنٽ لسٽ کي ختم ڪري 7 شعبا وفاقي لسٽ 2 ۾ شامل ڪيا ويا ۽ باقي صوبن ڏانهن اماڻيا ويا ۽ آرٽيڪل 154 تحت فيڊرل لسٽ 2 جا معاملا پڻ گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ کڻبا ۽ اُتي ئي حل ٿيندا. اهو نوٽ ڪرڻ گهرجي ته وفاقي لسٽ 2 ۾ جيڪي 10 اهم اسم شامل آهن، انهن ۾ بجلي، اهم پورٽس، پورٽ اٿارٽيز، سموريون ريگيوليٽريز اٿارٽيون، قومي رٿابندي، اقتصادي معاملا، سائنسي تحقيق، قومي قرضن جي انتظام ڪاري، آدمشماري، ريلويز ۽ ان جون صوبائي حدون، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، بين الصوبائي قانوني معاملا، لاڳاپا ۽ رابطا شامل آهن. هاڻي تصور ڪري سگهجي ٿو ته جيڪڏهن صوبا ان ڏس ۾ گهربل سرگرم ڪردار ادا ڪن ته پنهنجن سياسي، معاشي ۽ انيڪ مفادن جو ڪيترو بچاءُ ڪري سگهن ٿا.
(6) 18 هين ترميم کان اڳ گڏيل مفادن جي ڪائونسل جا ڪي به دستوري اُصول طئي ٿيل نه هئا پر جولاءِ 2010ع ۾ پهرين گڏجاڻيءَ ۾ ئي اهي ضابطا تيار ڪيا ويا هئا، جن تي عمل هڪ آئيني پابندي آهي.
(7) 18 هين ترميم کان اڳ صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست ۽ تڪرارن جي نبيري جا اختيار رڳو IRSA وٽ هئا، جيڪو ادارو ان ڏس ۾ مڪمل طور ناڪام ويو پر 18 هين ترميم کانپوءِ آئين جي آرٽيڪل 155 تحت اهو اختيار به گڏيل مفادن جي ڪائونسل وٽ آهي.
(8) مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ بجليءَ سان لاڳاپيل معاملن بابت تڪرارن جي نبيري لاءِ به آرٽيڪل 157 تحت گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ وڃي سگهجي ٿو.
مٿي بيان ڪيل سموري صورتحال ۾ جيڪڏهن گذريل پنجن سالن کان سنڌ حڪومت جي اهليت، سياسي ارادي، قومي ذميواريءَ جي احساس ۽ انتظامي هوشياريءَ ۽ ٽيڪنيڪل مهارت جو جائزو وٺجي ته اهي ئي ڪاريءَ وارا ڪَکَ نظر ايندا، جيڪي سنڌ ۾ گورننس جي حوالي سان هر شعبي ۾ آهن. سنڌ حڪومت جي لاپرواهيءَ جي حوالي سان هيٺيان نقطا غور طلب آهن، جن بابت هر سطح تي گهربل آواز اُٿارڻ گهرجي.
(1) 18 هين آئيني ترميم جو اطلاق 1 جولاءِ 2011ع ۾ ٿي چڪو هو ۽ پنج سال گذرڻ باوجود پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کان اهو نه پُڳو ته سنڌ ۾ ڪو ماهرن جو بورڊ جوڙي ها، جيڪو ڪُل وقتي سيڪريٽريٽ تحت گڏيل مفادن واري ڪائونسل بابت سنڌ جو مضبوط ڪيس ٺاهي ها. اها ذميواري به عارضي طور مراد علي شاهه کي مليل رهي، جنهن ڪو ڪَکَ ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. جڏهن ته سنڌ ۾ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ قابل آفيسرن جو هڪ وڏو انگ موجود آهي. بلوچستان جي موجوده حڪومت سنڌ مان قيصر بنگاليءَ کي گهرائي اهڙو ادارو جوڙايو پر سنڌ حڪومت کي سنڌ ۾ ڪي به اهل ماڻهو نظر نه آيا. فضل الله قريشيءَ جهڙي ماڻهوءَ کي اهڙي بورڊ جو سربراهه مقرر ڪيو وڃي ها ته سنڌ ان جا نتيجا ڏسي ها.
(2) قومي مالياتي ايوارڊ، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، بجليءَ جي بحران، پاڻيءَ جي ناجائز ورهاست، قدرتي وسيلن مان آئيني طور متعين ٿيل 50 سيڪڙو اُپت جي حصي، انتظامي خودمختياري، آدمشماريءَ، سروسز تي جنرل سيلز ٽيڪس جهڙن معاملن بابت پنج سال گذري ويا پر سنڌ حڪومت سنڌ جو ڪو مضبوط ۽ مدلل ڪيس ٺاهي گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ کڻي نه سگهي. جڏهن ته اُهي پنج ئي سال سنڌ جا مرڪز سان اهي سمورا معاملا اڻ نِبريل رهيا. مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ته اهو به جواز پيش ڪري سگهي ٿي ته سنڌ حڪومت جيڪي آئيني حق پنهنجي ئي وفاقي حڪومت جي دور ۾ نه وٺي سگهي، اُهي هاڻي ڪهڙي منهن سان کانئن گهري رهي آهي. سنڌ ۽ صوبن کي هڪڙا حق ته آئيني طور ئي مليل نه آهن، جن لاءِ گذريل 68 سالن کان جدوجهد ٿيندي رهي پر سوال آهي ته جيڪي حق 18 هين آئيني ترميم سبب آئيني طور ملي چڪا آهن ۽ اسان جون ”چونڊيل“ حڪومتون اُهي به نه وٺي سگهن ۽ وٺڻ ئي نه چاهين ته ان کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ 18 هين آئيني ترميم تحت آئين جي آرٽيڪل 172/3 تحت نه رڳو قدرتي وسيلا هاڻي صوبائي معاملو آهن، جنهن تحت صوبا نه رڳو قدرتي وسيلن جي رائلٽيءَ ۾ اڌو اڌ برابر آهن پر تيل، گئس، ڪوئلي ۽ ٻين قدرتي وسيلن بابت ڏيهي يا پرڏيهي ڪمپنين کي ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جون مجاز اختياريون به صوبا آهن پر پنج سال گذرڻ باوجود اڃا تائين اهو معاملو سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ اڻ نِبريل آهي. ٻئي طرف خدمتن تي جنرل سيلز ٽيڪس جي اوڳاڙي پڻ هاڻي صوبائي معاملو آهي، جيڪو اڳ وفاق وٽ هو. ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان جي ٽيڪس روينيو جي وسيلن ۾ سڀ کان وڏو حصو خدمتن تي جنرل سيلز ٽيڪس جو آهي، جنهن جو پاڪستان جي سمورن ٽيڪس جي اوڳاڙيءَ ۾ 44 سيڪڙو حصو آهي. پاڪستان ٺهڻ وقت سيلز ٽيڪس جي اوڳاڙيءَ جو اختيار صوبن وٽ هو پر اُن ۾ صرف جنسون شامل هيون ۽ خدمتون شامل نه هيون. 1951ع کان وٺي لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪا اهو اهم ترين ٽيڪس انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ وٽ رهيو ۽ 1981ع ۾ وري اهو ٽيڪس ڪسٽم ۽ ايڪسائيز ڊپارٽمينٽس کي ڏنو ويو. 2009ع ۾ وري اهو ٽيڪس اِن لينڊ روينيو کاتي کي ڏنو ويو. جيتوڻيڪ 1973ع جي آئين ۾ اهو هڪ صوبائي معاملو هو پر عملي طور اُهو ڪڏهن به صوبن کي نه ملي سگهيو. 18 هين آئيني ترميم کانپوءِ ۽ ان کان اڳ ستين قومي مالياتي ايوارڊ جي آرٽيڪل 8 ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صوبن کي منتقل ڪيو ويو پر سنڌ حڪومت جي نااهليءَ ۽ مجرمانه لاپرواهيءَ جي حد اها آهي جو 18 هين ترميم جي اطلاق کي پنج سال گذرڻ باوجود اهو معاملو ساڳيءَ ريت سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ نِبري نه سگهيو آهي. وفاقي ملڪن ۾ صوبن ۽ رياستن جون حڪومتون سڄو سال ادارن معرفت پنهنجن مفادن جي بچاءَ لاءِ تحقيق ڪنديون آهن، پاليسيون جوڙينديون آهن، نوان قانون تجويز ڪنديون آهن ۽ ٻين صوبن ۽ مرڪز سان مسلسل بارگين پيون ڪنديون آهن پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي صوبائي حڪومت ان ڏس ۾ لاپرواهيءَ جون سڀ حدون پار ڪري وئي آهي.
(3) سنڌ اسيمبليءَ کي سنڌ جي قومي ۽ عوامي مفادن جو نگهبان، ترجمان ۽ محافظ هئڻ گهرجي پر آهي ڪو پڙڏاو ان ايوان ۾ سنڌ جي انهن بنيادي ۽ اهم معاملن جو؟ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرن جا ته چَپَ سِبيل آهن، جو سندن پنهنجي حڪومت آهي ۽ ڪو به ميمبر نه آهي جيڪو پارٽيءَ سان گڏ سنڌ جو به حقيقي نمائندو ٿي ڏيکاري. گذريل اٺن سالن کان ته ڪوبه اهڙو/ اهڙي ميمبر ڪونه ٿا ڏسون جيڪو پارٽيءَ سان اختلاف جو رِسڪ کڻي ڀير تي ڏونڪو هڻي، اُٿي بيهي چِٽي انداز ۾ چوي ته اها نااهلي ۽ ارادي جي کوٽ ويساهه گهاتي آهي ۽ اهو ميمبر يا پارٽي يا حڪومت پنهنجيءَ نمائندگيءَ جو استحقاق وڃائي ٿا ويهن، جن جا چَپَ سِبيل آهن. متحده کي ته هونئن به سنڌ جي مفادن سان ڪا دلچسپي نه آهي پر اسيمبليءَ ۾ موجود مخالف ڌر جي ٻين ميمبرن جو ته اهو فرض آهي ته اُهي گهربل هوم ورڪ ڪري، گهربل سنجيدگيءَ سان اسيمبليءَ جي فلور تي سنڌ حڪومت جو سياسي احتساب ڪن. پر بدقسمتيءَ سان اها روايت به بيحد ڪمزور نظر اچي ٿي. ان ڪري مان اڪثر سوچيندو آهيان ته ڇا اهڙين اسيمبلين کي سنڌ جي قومي ۽ عوامي مفادن جو ترجمان ۽ محافظ ايوان سمجهي سگهجي ٿو؟
حقيقت اِها آهي ته گڏيل مفادن جي ڪائونسل هڪ اهم آئيني ۽ بين الحڪومتي ۽ بين الصوبائي فورم آهي، جنهن جو سنڌ حڪومت جي مثالي لاپرواهيءَ سبب سنڌ کي ڪو به فائدو نه ملي سگهيو آهي. ڇا اميد ڪجي ته ڪي فرض شناس ميمبر سنڌ جو اهو آواز اسيمبليءَ جي ايوانن ۾ پهچائيندا ۽ حڪومت جو سياسي احتساب ڪندا؟


روزاني ڪاوش آچر 05 جولاءِ 2015ع

هڪ ڀيرو وري ”سنڌ ڪارڊ“ کيڏڻ لاءِ سرگرم ٿيل پيپلز پارٽي!

جنهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي گذريل اٺن سالن کان سنڌ هڪ گهڙيءَ لاءِ به ياد نه آئي، ان کي ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاريءَ کان پوءِ ايترو ته شدت سان ياد آئي آهي، جو سنڌ کي بنگال سان ڀيٽڻ جي حد تائين ردِعمل جو عملي اظهار ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان پيپلز پارٽي موجوده ”احتساب“ جي طريقي سان اختلاف جو اظهار حڪومتي، سياسي ۽ تنظيمي سطح تي ڪري سگهي ٿي، پر سوال آهي ته ان هڪ دفعو وري ”سنڌ ڪارڊ“ جو سهارو وٺڻ کي اوليت ڇو ڏني آهي؟ ان سوال تي نه رڳو غور ٿيڻ گهرجي، پر ان جي ڀرپور ڇنڊڇاڻ پڻ ٿيڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح متحده قومي موومينٽ کي ان وقت ”مهاجر“ ڇو ياد ايندا آهن، جڏهن يا ته اها اقتدار کان ٻاهر هوندي آهي يا وري سندن دهشتگرد پڪڙيا ويندا آهن ۽ اها بحران جو شڪار ٿيندي آهي. ايم ڪيو ايم ملڪي تاريخ جي واحد سياسي پارٽي آهي، جيڪا پنهنجي قيام کان وٺي يعني 1985ع کان مسلسل اقتدار ۾ رهي آهي. دور ضياءُالحق جو هجي يا پاڪستان پيپلز پارٽي يا مسلم ليگ (ن) جو يا وري جنرل پرويز مشرف جي بدترين آمريت هجي، هيءَ جماعت مسلسل اقتدار ۾ حصيدار آهي ۽ ان دوران کيس ”مهاجر“ ياد نه ايندا آهن، پر جڏهن به اها پنهنجن افعالن سبب ڏکي صورتحال جو شڪار ٿئي ٿي ته کيس مهاجر ياد اچيو وڃن ۽ اهي وري مظلوم به ٿيو وڃن. منهنجي خيال ۾ انهن ٻن سياسي پارٽين گذريل اڍائي ٽن ڏهاڪن کان سنڌ جي جيڪا ڀيل ”سنڌ ڪارڊ“ ۽ ”مهاجر ڪارڊ“ جي نالي ۾ ڪئي آهي، ان جو نه رڳو گهرائيءَ سان جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، پر ان کي هر سطح تي وائکو ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي.
سڀ کان اڳ اهو سوال بحث هيٺ آڻڻ جي ضرورت آهي ته ڇا پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌين جي ۽ متحده قومي موومينٽ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جون حقيقي معنى ۾ نمائنده پارٽيون آهن يا نه؟ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ وفاقي پارٽي آهي، جنهن ۾ ملڪ جي هر صوبي، ٻولي ڳالهائيندڙ، رنگ، نسل ۽ مذهب سان واسطو رکندڙ ماڻهو شامل رهيا آهن ته پوءِ اها سنڌ جي نمائنده پارٽي ڪيئن ٿي؟ ٻيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو منشور يا سندن پهرين حڪومت جي دور ۾ آيل 1973ع جو آئين ته ملڪ ۾ قومن جي وجود کي آئيني ۽ اصولي طور تسليم ئي نه ٿا ڪن ته پوءِ ملڪ جي خالق قومن مان هڪ جي نمائنده ڪيئن ٿي؟ ٽيون ته ڀُٽي شهيد جي دور کي ڇڏي ڪري باقي هن پارٽيءَ سنڌ کي ڏنو ڇا آهي يا سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، سنڌ جي خودمختيار حيثيت توڙي تاريخي حقن جي تحفظ بابت ڪيو ڇا آهي، جو ان کي سنڌين جي نمائنده پارٽي سڏجي؟ جيتوڻيڪ مان سمجهان ٿو ته ڪا بااصول پارٽي وفاقي هوندي به صوبن ۽ قومن جي مفادن جو بچاءُ ڪندي انهن جي حقيقي نمائندگي ڪري سگهي ٿي. دنيا جي سمورن وفاقي ملڪن ۾ حقيقي وفاقي پارٽين جو ڪردار اهڙو ئي هوندو آهي، پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي اها ڳالهه ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آئي.
ان سموري پس منظر ۾ سوال اهو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ”سنڌ ڪارڊ“ استعمال ڪرڻ جو ڪهڙو اخلاقي حق ۽ جواز آهي؟ جيڪا پارٽي هونئن به سنڌ کي هڪ تاريخي وطن، هڪ مظلوم قوم سمجهي، ان جو سڀ طرفو تحفظ ڪرڻ بجاءِ ۽ ان کي رڳو اقتدار تائين پهچڻ جي ڏاڪڻ سمجهي ٿي يا سياسي ”جوا“ جو هڪ ٺلهو ڪارڊ سمجهي ٿي، اها ان جي ڪهڙي نمائندگي ڪندي؟ ڀلا ماضيءَ کي ته کڻي پاسيرو رکي، رڳو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي گذريل اٺن سالن اندر سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جي انداز جو ئي جائزو وٺجي ته سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا. هن پارٽيءَ کي سنڌ کي مشرف دور جي لڳل گهاون ۽ مجموعي صورتحال کي سامهون رکي، جنهن قسم جي اهل، ذميوار ۽ سنڌ دوست حڪمرانيءَ جو مثال قائم ڪرڻ گهرجي ها، ان جي اُبتڙ سنڌ ۾ بدترين حڪمرانيءَ ذريعي ڪرپشن ۽ اقرباپروريءَ جي بازار گرم ڪري ميرٽ جا بَکيا اُڊيڙي، ادارن کي تباهه حاليءَ تي پُڄائي سنڌ جو جيڪو حال ڪيو ويو آهي، اهو ڏسي ڪو ويساهه ڪندو ته هن صوبي جي سالياني بجيٽ 639 ارب رپيا آهي؟ ان ڪري جيڪا پارٽي سنڌ جي هن تباهه حال منظرنامي لاءِ آمريتن جيتري ئي ذميوار آهي، ان کي هاڻي ”سنڌ ڪارڊ“ استعمال ڪرڻ جو ڪهڙو اخلاقي حق آهي؟ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ مرڪزي ادارن يا رينجرز جي پاليسين يا غير آئيني پاليسين ۽ قدمن جي مخالفت جو سمورو حق آهي، پر ان ڏس ۾ سنڌ جو نالو کڻڻ نه رڳو اصولي طور غلط آهي، پر سنڌ سان سنگين ۽ چيڙائيندڙ ڀوڳ جي برابر آهي.
اها ساڳي صورتحال بلڪه ان کان به بدتر مثال متحده قومي موومينٽ جو آهي. هيءَ جماعت پاڪستاني سياست ۾ ٻهروپيت جو هڪ مثال آهي. سدائين اسٽيبلشمينٽ جي ونگار وهبي، آمريتن جو ساٿ ڏبو، جمهوريت ۾ دٻاءَ ذريعي هميشه اقتدار ۾ حصو وٺبو. سدائين وڏيرن جو اتحادي ٿي، اقتدار جا مزا ماڻبا، پر جڏهن هو اقتدار کان ٻاهر هوندا يا سندن صفن ۾ موجود ڏوهاري جهلبا ته پوءِ ”مهاجر ڪارڊ“ جو نانگ سندن پروپيگنڊه جي ٽُٻڻيءَ مان نڪري ايندو. سدائين اسٽيبلشمينٽ ۽ وڏيرن ۽ چوڌرين جي ساٿ سان اقتدار ۾ رهندڙ هيءَ جماعت رات وچ ۾ اسٽيبلشمينٽ مخالف ۽ جاگيردارن جي دشمن بڻجيو پوي ۽ کين مهاجرن جي نام نهاد مظلوميت ياد اچيو وڃي، جنهن جو حقيقت سان ڪو به لاڳاپو نه هوندو آهي. حقيقت ۾ ايم ڪيو ايم جي موجوده حيثيت کي اُڀارڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ توڙي مسلم ليگ (ن) ۽ (ق) جهڙيون پارٽيون وڏو ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن ۽ انهن جو ڏوهه ڪنهن گهٽ نوعيت جو ناهي. هن جماعت خلاف آپريشن ته پنهنجي جاءِ تي، پر کين رڳو هڪ ڏهاڪو اقتدار ۾ ناجائز ۽ غير ضروري ڀائيواريءَ کان پاسيرو ڪيو وڃي ته سندن لاءِ سياسي ۽ تنظيمي جياپو ڏکيو ٿي پوندو. هيءَ اها مڇي آهي، جيڪا اقتدار جي تالاب کان سواءِ ڪڏهن به زنده رهي نه سگهندي. هاڻي جڏهن ڪراچيءَ ۾ هلندڙ آپريشن جي نتيجي ۾ سندن شهر مٿان ناجائز هڪ هٽي ڍري ٿي آهي، ڏوهاري ڪاررواين لاءِ حالتون ڏکيون ٿي ويون آهن ۽ ڀتاخوري يا ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي ٿي آهي ته وري هيءَ پارٽي ملڪي ۽ عالمي ميڊيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ ”مهاجر ڪارڊ“ کڻي آئي آهي، جنهن جي هر سطح تي مزاحمت ۽ مخالفت ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيئن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ ۽ سنڌين جي گهڻ طرفي قومي مفاد سان ڪو به تعلق نه آهي، بلڪل ايئن متحده جو به اردو ڳالهائيندڙ عوام جي جائز مفادن سان ڪو لاڳاپو نه آهي. هن پارٽيءَ لاءِ به ”مهاجر ڪارڊ“ اقتدار تائين رسائي ۽ پنهنجي ڏوهن تي سياسي ڍڪ رکڻ جو هڪ ذريعو آهي.
بدقسمتي ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ملڪي سطح تي اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سنڌين ۽ متحده کي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جون نمائنده سياسي پارٽيون سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان جو سبب ٻه محرڪ آهن يعني هڪ ته اهي ٻئي پارٽيون گذريل وڏي عرصي کان مختلف نعرن، اٽڪلن ۽ طريقن سان ماڻهن جا ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿيون ۽ ٻيو ته ٻنهي پارٽين جي هٿ ۾ ٻه مختلف ”ڪارڊ“ آهن، جن جو حصو هر حساس موقعي تي استعمال ڪن ٿيون. منهنجي خيال ۾ سنڌ سان هي سنگين مذاق تيستائين پُڄاڻيءَ کي نه رسندو، جيستائين کين عوام آڏو مڪمل طور وائکو نه ٿو ڪيو وڃي، ووٽ جي لاڙي ۾ بنيادي فرق نه ٿو اچي ۽ ملڪي سطح تي کانئن ”سنڌ ڪارڊ“ ۽ ”مهاجر ڪارڊ“ جو استعمال ڪرڻ جو استحقاق سياسي ۽ اخلاقي طور کسيو نه ٿو وڃي.
ان ڏس ۾ سنڌ ۾ هر سطح تي پبلڪ فورم ٿي سگهن ٿا ۽ سوشل ميڊيا کي وڏي ذريعي طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جو ليکڪ ۽ ساڃاهه وند عوامي راءِ کي بدلائڻ ۽ ٺاهڻ ۾ نهايت اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ ڪاش اسان جي قومي سياست ڪندڙ ڌرين کي اها سمجهه اچي، جو هو سنڌ جي عوام سان وسيع رابطه ڪاريءَ ۽ تنظيم ڪاريءَ ذريعي انهن ٻن جماعتن جو اهو ڪوڙو طلسم ٽوڙي سگهڻ ۾ ڪو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن.
هونئن ڏٺو وڃي ته انهن ٻنهي جماعتن جي پنهنجي ڪرتوتن ۽ افعالن سبب سندن تنظيمي پيرن هيٺان سياسي زمين نڪري چڪي آهي ۽ ان جو اندازو کين به مڪمل طور ٿي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو متحده جو سڄو زور الطاف حسين جي ٽيليفون خطابن ۽ پيپلز پارٽيءَ جو زور رڳو ڀڙڪيدار بيانن تي آهي. اهي ٻئي جماعتون عوام جي وڏي حصي کي متحرڪ ڪرڻ ۽ رستن تي آڻڻ جي پوزيشن ۾ نه رهيون آهن. متحده جيڪڏهن ماڻهو گڏ ڪري وڃي ٿي ته ان ۾ ماڻهن ۾ کانئن موجود خوف جو بنيادي عمل دخل آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سندن طرفان هاڻي محبت جو نه، پر مجبوريءَ جو ووٽ ملي رهيو آهي، جو سندن سامهون ڪا سگهاري سياسي ڌر اُڀري نه سگهي آهي ۽ نه وري ان لاءِ ڪي گهربل ڪوششون ورتيون ويون آهن.
سنڌ يا ان جي آباديءَ جي ڪنهن به حصي کي وطن يا عوام سمجهڻ بجاءِ ٺلهو ”ڪارڊ“ سمجهي، پنهنجن ناجائز مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ سنڌ سان هڪ ٻيو سنگين ۽ چيڙائيندڙ ڀوڳ آهي ۽ هن ڀيري ان جي هر سطح تي سخت مزاحمت ٿيڻ گهرجي۔

روزاني ڪاوش سومر 31 آگسٽ 2015ع

نئون وڏو وزير ۽ سنڌ جو ڪيس!

سنڌ ۾ گذريل اَٺن سالن کان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بدترين حڪمرانيءَ سنڌ ۽ اُن جي عوام، ادارن ۽ وسيلن سان جيڪي ويساهه گهاتيون، جُٺيون ۽ تباهيون ڪيون آهن، اُنهن بابت سنڌ ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن ۽ شايد اڄوڪي مڪمل طور ورهايل سنڌي سماج ۾ ان تي ٿُلهي ليکي ڪوبه اختلاف نه آهي. عام ماڻهو مجبوريءَ ۾ کڻي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏئي ٿو پر سمجهي سڀ ٿو. البته وچولو طبقو جيئن ته هرو ڀرو ووٽ ڏيڻ ۾ گهڻي دلچسپي نه ٿو رکي، اُن ڪري اُهو ان بابت وڌيڪ کُليل نموني اظهار ڪري ٿو. اَٺن سالن جي ان بدترين حڪمرانيءَ کانپوءِ سنڌ ۾ حڪومتي سطح تي وڏي وزير ۽ هڪ حد تائين ڪابينا کي پڻ تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن بابت هر سطح تي سماج ۾ بحث مباحثو جاري آهي ۽ مجموعي طور ماڻهن کي ڪا وڏي اميد نظر نه ٿي اچي، ڇاڪاڻ ته ڀل ته وڏو وزير سرگرم انداز سان هڪ نئين سياسي ڪلچر جو تاثر اُڀارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو هجي پر مٿي ويٺل آصف علي زرداري ۽ گذريل اَٺن سالن جي بدترين حڪمرانيءَ جي بنياد تي ماڻهو پُراميد نه آهن. ڏسجي ته سيد مراد علي ساهه ماڻهن جي نااُميديءَ کي سچ ثابت ٿو ڪري يا ڪو ٻوٽو ٻاري ٿو ڏيکاري.
نئين وڏي وزير سنڌ ۾ جيڪي هر سطح تي دورا شروع ڪيا آهن، ان حوالي سان هو تازو حيدرآباد به آيو، جتي هن پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي هئي. حيدرآباد جي دوري دوران جتي هو ٻين شعبن جي ماڻهن سان مليو اُتي هو چونڊ اديبن سان پڻ مليو، جن ۾ مان به شامل هئس. ان ملاقات بابت سنڌ جي ادبي، صحافتي ۽ ڪجهه سياسي حلقن ۾ ورهايل راءِ سامهون آئي آهي. ڪجهه ماڻهن ان کي اجايو ڄاڻايو ته ڪجهه مهربانن هميشه جيان غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ته ان گڏجاڻيءَ ۾ وڃڻ سنڌ سان غداريءَ جي مترادف آهي. سماج هڪ جيئرو ۽ گهڻ طرفو لقاءُ آهي ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪابه راءِ قائم ڪرڻ کان روڪڻ ممڪن نه آهي ۽ نه درست ٿيندو، ان ڪري اهڙن روين ۽ سوچڻ جي انداز تي رڳو اَرهو ٿيڻ بجاءِ مناسب طريقو اِهو ٿيندو ته ان جي منطقي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي، پر ڇا سنڌ ۾ فتوائون جاري ڪرڻ، هر ڳالهه تي ٽوڪ ڪرڻ، طنز ۽ تبرا ڪرڻ ۽ هر شيءِ کي رد ڪرڻ کان سواءِ فضيلت سان اختلاف جو اظهار نٿو ڪري سگهجي؟ جيئن ته اسان جو موقف چِٽو ۽ کُليل هو، ان ڪري هتي هن مضمون ۾ مان هڪ ته اهو ٻُڌائيندس ته وڏي وزير جي اديبن سان ملاقات ۾ ڇا ۽ ڪهڙو موقف رکيو ويو ۽ ٻيو ته ڇا اهڙين گڏجاڻين جو مڪمل ۽ هميشه لاءِ حتمي بائيڪاٽ ٿيڻ گهرجي يا سمورن اختلافن باوجود گفتگوءَ جا دَرَ هميشه کُليل رهڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته اِهو به جمهوري ڪلچر جو هڪ سگهارو رستو ۽ جاءِ هوندي آهي، جتي ماڻهو حڪومت يا ڪنهن به واسطيدار ڌر آڏو چِٽائيءَ سان اُهي سڀ ڳالهيون رکي سگهي ٿو، جيڪي هونئن سندن پَرپُٺِ ڪبيون آهن. ساڳيون ڳالهيون رستن، احتجاجن، لکڻين ذريعي پيش ڪرڻ جي وڏي اهيمت آهي پر واسطيدار ڌرين کي اهو ڪڙو سچ مُنهن تي چئي ڏيڻ جي اهميت به تمام گهڻي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير، جيڪو پنهنجي ڪابينه جي وفد سان آيو هو، اُنهن کي اسان روبرو جيڪي ڳالهيون چيون يا مطالبا ڪيا اُنهن جو تَتُ ٿُلهي ليکڪي هي هو:
(1) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ گذريل اَٺ سال سنڌ ۾ ڪرپشن، اقرباپروري ۽ بدترين حڪمرانيءَ ذريعي سنڌ جي ترقياتي ڍانچي ۽ عوام جي معاشي حالت کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي، اُنهن اَٺن سالن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار نه رڳو پرويز مشرف ۽ اڳوڻين حڪومتن جي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيل بدترين ٻه اکيائيءَ ۽ زيادتين ۽ ڦُرلٽ جو نه رڳو ڪو ازالو نه ڪيو پر پاڻ اُنهن کان به وڌيڪ بدترين مٿال قائم ڪيا. ان ڪري نئين وڏي وزير ۽ حڪومت کي زبان سان نه پر عملي طور ثابت ڪرڻو پوندو ته اُهي گذريل اَٺن سالن جي دور (جنهن جو هو پاڻ به حصو هئا) کان ڪيئن ۽ ڇا ۾ مختلف آهن؟
(2) سنڌ ۾ گذريل اَٺن سالن ۾ چار هزار ارب روپين کان وڌيڪ وسيلا سنڌ حڪومت کي مليا پر سرزمين تي ڪاريءَ وارا ڪَکَ آهن، سنڌ ۾ خدمتن جو شعبو ۽ ترقياتي ڍانچو مڪمل طور تي مرڻينگ آهي، جنهن کي ڪنهن ڊگهي مُدي واري ٺوس ۽ سنجيده رٿابنديءَ ۽ حقيقي سياسي ارادي سان ئي ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو ۽ سنڌ جو عوام ڏسڻ چاهيندو ته موجوده حڪومت ان ڏس ۾ ڪهڙا ٺوس ۽ سنجيده قدم ٿي کڻي؟
(3) سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ پنهنجا نواز ڪلچر ذريعي سنڌ جي نوجوان نسل کي نه رڳو اونداهين ۽ نااُميديءَ جي ڌٻڻ ۾ ڌِڪيو ويو آهي پر کين ۽ سندن مائٽن کي مجبور ڪيو ويو آهي ته اُهي تعليم ۽ قابليت تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ وڏيرن جي درن تي ڌِڪا کائين. ميرٽ جي لتاڙ سان نه رڳو ادارا تباهه ٿين ٿا، قابليت جي حق تلفي ۽ نفي ٿئي ٿي پر ان سان هڪ اقرباپرور ڪلچر پڻ جُڙي ٿو، جنهن سنڌ جي نئين نسل کي نااُميديءَ جي نفسياتي روڳ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ان جو هڪ چِٽو ۽ ويجهو مثال آهي. سنڌ ۾ ميرٽ تي عمل کانسواءِ سنڌ جو سماج سنئون دَڳُ وٺي، ادارا سگهارا ٿين ۽ درست ڪم ڪن ۽ ڪو اُميد جو ڏيئو ٻري، اهو ممڪن نه آهي.
(4) 18هين آئيني ترميم جي اطلاق جي آئيني مُدت کي ڇهه سال پورا ٿيڻ تي آهن پر سنڌ حڪومت اڃا تائين وفاق کان مڪمل طور پنهنجا آئيني حق، وسيلا، خودمختياري وٺي نه سگهي آهي ۽ نه وري اين ايف سي ايوارڊ، گڏيل مفادن واري ڪائونسل، اقتصادي ڪائونسل جهڙن حساس ۽ اهم فورمن تي گهربل ڪردار ادا ڪري سگهي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي نمائندگي اڳ به سيد مراد علي شاهه پئي ڪئي آهي. سنڌ جي نئين حڪومت ان ڏس ۾ ڪهڙا ٺوس قدم ٿي کڻي، سنڌ جو عوام اهو نتيجن جي صورت ۾ ڏسڻ چاهيندو.
(5) سموريون عالمي توڙي ملڪي ۽ ويندي سرڪاري رپورٽون ظاهر ڪن ٿيون ته سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جا شعبا مڪمل طور تباهه حال آهن. جيتوڻيڪ اُهي 2008ع کان اڳ به ڪي بهتر نه هئا پر گذريل اَٺن سالن ۾ انهن کي ڪرپشن، اقرباپروريءَ ۽ انتظامي نااهليءَ ۽ مجرمانه غفلت ذريعي مڪمل طور برباد ڪيو ويو آهي. سنڌ صوبو پنهنجي صوبائي بجيٽ جو لڳ ڀڳ 23 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪري ٿو ۽ نتيجو سرزمين تي ڪاريءَ وارا ڪَکَ آهن. اُهي شعبا ايترو ته تباهه حال ٿي چڪا آهن جو اُنهن جي بحالي ۽ سُڌارو ڊگهي مُدي وارا بنيادي قدم کڻڻ ۽ رٿابنديءَ کانسواءِ ممڪن نه آهي. موجوده حڪومت وٽ ڏيڍ سال آهي، ان ڪري اُها ان کي بحال ته نه ٿي ڪري سگهي پر ساک وارن ادارن ذريعي اهو عمل شروع ڪري سگهجي ٿو پر ان لاءِ سياسي ارادو گهرجي، جيڪو حڪومت کي عملي طور ڏيکارڻو پوندو، نه ته زباني دعوائون عوام سان وڌيڪ دوکو ثابت ٿينديون.
(6) سنڌ جا اُهي اعليٰ تعليمي ادارا جيڪي غريبن جي ٻارن لاءِ اعليٰ تعليم جو واحد ذريعو آهن، اُنهن کي ميرٽ تي اهل وائيس چانسلر نه ڏيڻ سبب تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي پُڄايو ويو آهي، ان ۾ خاص طور سنڌ يونيورسٽي، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جا مثال ڏئي سگهجن ٿا. انهن يونيورسٽين کي ميرٽ تي ۽ شفاف انداز سان ڪنهن ڪميشن ذريعي لائق ۽ فرض شناس وائيس چانسلر ڏنا وڃن ۽ اُهي وائيس چانسلر وڏي وزير کي اڪيلي طور به رکڻ نه گهرجن. ساک وارو ڪو سليڪشن بورڊ اهي فيصلا ڪنهن به سياسي دٻاءُ کانسواءِ ڪري. سنڌ ۾ اڃا تائين صوبائي HEC جو چيئرمين ڊاڪٽر عاصم آهي، جيڪو ڪرپشن جي ڪيس کي مُنهن ڏئي رهيو آهي. سنڌ حڪومت ڪو لائق ۽ ايماندار ماڻهو ڇو نه ٿي ان منصب تي آڻي؟
(7) سنڌ ۾ ادبي ۽ ثقافتي ادارا به ٻين ادارن کان گهٽ تباهه حال نه آهن، جنهن جو هڪڙو مثال سنڌي ادبي بورڊ آهي. گذريل ڪيترن سالن کان اهو ادارو بحران جو شڪار آهي ۽ هيترا وسيلا خرچ ٿيڻ باوجود ان جو لاڀ يا نتيجو سموري سماج اڳيان آهي، ان لاءِ بنيادي طور حڪومت ذميوار اهي. اهڙن سمورن ادارن ۾ اعليٰ انتظامي عهدا قابليت جي بنياد تي شفاف طريقي سان ميرٽ جي بنياد تي ڏنا وڃن، ان کانسواءِ انهن جو سڌارو ڪنهن به ريت ممڪن نه آهي.
(8) قانوني طور تي سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي ۽ ٻئي طرف سرڪاري آفيسن، ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو يقيني واهپو ته پري جي ڳالهه پر پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي نه ٿي پڙهائي وڃي ۽ نه وري ڪارپوريٽ سيڪٽر پنهنجن اشتهارن ۽ ٻئي مواد ۾ سنڌيءَ کي ڪا اهميت ڏئي ٿو. ان لاءِ ذميوار حڪومت جي مجرمانه لاپرواهي آهي. حڪومت گهربل قدم کڻي ته ڪا مجال ناهي جو پرائيويٽ اسڪول ۽ ادارا سنڌيءَ کي گهربل اهميت نه ڏين. ڇا موجوده حڪومت ان ڏس ۾ ڪي ٺوس قدم کڻندي؟
(6) سنڌ ۾ مدرسا کُنڀين وانگر نڪري نِروار ٿي پيا آهن ۽ حڪومت نالي ڪا شيءِ نظر نه ٿي اچي، جيڪا مٿن نظر رکي، سندن رجستريشن ڪري يا ڏسي ته اُهي ڪهڙن مقصدن لاءِ ٺاهيا پيا وڃن ۽ سڀاڻي سنڌ ۾ ڪهڙي قيامت برپا ڪري سگهن ٿا. اڄ کان 20 سال اڳ خيبرپختون خواه ۽ فاٽا ۾ به انهن مدرسن جي اوچتو ٺهڻ ۽ وڌڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو ۽ نيٺ هنن جو هڪ پورو نسل باهه مان نڪتو، ان ڪري سنڌ ۾ آهي ڪا حڪومت، جيڪا دورانديشيءَ سان ان طرف ڌيان ڏي ۽ گهربل قدم کڻي؟ موجوده حڪومت جو امتحان هوندو ته اُها ان ڏس ۾ ڪي ٺوس قدم کڻي ڏيکاري.
انهن مٿي ڄاڻايل بنيادي معاملن کان سواءِ سنڌ ۾ آبپاشي نظام، سنڌ جي وحدت، حيدرآباد شهر جي تباهه حالي، سنڌ ۾ خواتين جي حقن بابت قائم ڪيل ڪميشن يعني SNCW جي فعال ڪردار، امن امان جي بدترين صورتحال، سنڌ ۾ ادارتي زوال ۽ ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت جي بدترين ڪردار ۽ مجرمانه غفلت تي پڻ کُليل نموني وڏي وزير سامهون اديبن جي وفد پنهنجو موقف پيش ڪيو. وڏي وزير بظاهر ته کُليل ذهن سان اُنهن سمورين تلخ ڳالهين کي ٻُڌو ۽ ان تي مثبت جواب ڏنا، باقي سندس من ۾ ڇا آهي اُهو ته هو پاڻ ڄاڻي ٿو. اسان جي هڪ مانواري ليکڪا کانئس اِهو به پڇيو ته ڇا هو حقيقي طور خودمختيار به آهي يا سندس اختيار اڳوڻي وڏي وزير جهڙا ئي هوندا.
جيتوڻيڪ سنڌ ۾ هر شيءِ تي آڱر کڻڻ هڪ روايت بڻجي وئي آهي ۽ سماج ۾ مجموعي طور مايوسيءَ ۽ اويساهيءَ سبب منفي روين جو گهڻو اُڀار نظر اچي ٿو، ان ڪري سوشل ميڊيا ان جو وڏو ذريعو بڻيل آهي. مان هميشه ان سوچ جو قائل رهيو آهيان ته ان تي ٺلهو اَرهو ٿيڻ بجاءِ سماج جي مختلف حصن جي اهڙن روين تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ گهرجي ۽ ان جا محرڪ جاچڻ گهرجن. هن ڀيري به ڪيترن دوستن سنڌي اديبن جي هڪ وفد جي وڏي وزير سان ملاقات تي نه رڳو سخت تنقيد ڪئي پر ڪيترن مهربانن پنهنجيءَ روايتي ذهنيت موجب ان کي غداريءَ سان پڻ تعبير ڪيو، اُها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ وڏي حلقي سنڌ جي وڏي وزير آڏو حڪومت تي سخت تنقيد ڪرڻ ۽ سنڌ جو واضح نقطه نظر پيش ڪرڻ تي ان قدم کي مثبت سمجهيو آهي.
سنڌ جي سماج کي رياست، پ پ پ حڪومت يا اسيمبليءَ جو مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي ۽ مڪمل انارڪيءَ ڏانهن وڃڻ گهرجي يا نه! ان بابت مان پنهنجا ويچار تفصيل سان ايندڙ مضمون ۾ پيش ڪندس جو هن مضمون ۾ ان جي گنجائش نه ٿيندي پر ان باوجود ڪجهه بنيادي ڳالهيون مان هتي ڪرڻ چاهيندس. مثال طور:
(1) جيڪي اختلاف، اعتراض ۽ تنقيدون اسان حڪومت تي پنهنجين لکڻين، احتجاجن، ڪانفرنسن ۽ مختلف فورمن تي ڪريون ٿا، جي اُهي کين روبرو چوڻ جو ڪو فورم هجي ته پوءِ ان کي ڇڏي ڏجي؟ ڇا حڪومت تي روبرو سخت تنقيد ڪرڻ ۽ پوءِ ان کي عوام آڏو پڌرو ڪرڻ جو اخلاقي ۽ سياسي وزن پَرپُٺ ڪيل ڳالهه کان وڌيڪ نه هوندو آهي؟ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڇا حڪومت آڏو روبرو پنهنجو چِٽو موقف پيش ڪرڻ جو مطلب ڪو ڪمپرومائيز آهي يا انهن موقف رکندڙ ماڻهن کي ڪو سڀاڻي جهليندو ته روبرو ڊائلاگ کانپوءِ اُهي پنهنجو ساڳيو اُصولي موقف عوام ۾ ۽ هر فورم تي نه ورجائين ۽ حڪومت تي دٻاءُ جاري رکن؟
(2) آمريتن ۾ حڪومتن سان ملڻ جو مطلب ٻيو هوندو آهي پر ڇا آئيني ۽ سياسي حڪومتن تي سمورين ۽ بي شمار تنقيدن باوجود ڪن فورمن تي ساڻن گڏ ويهي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ غلط عمل آهي؟ ڇا اِها مڪمل انارڪي سنڌ جي ماڻهن کي ديوار سان نه لڳائيندي؟ ڇا ان مان سواءِ نفسياتي هيجان ۽ تسڪين جي ڪجهه ورندو؟ ڇا سمورن اعتراضن ۽ اختلافن باوجود پنهنجي بدترين مخالف سان به ڪنهن موقعي تي گڏجي ويهڻ جا سمورا دڳ بند ڪرڻ ڪا عقلي، معروضي ۽ درست روِش ۽ حڪمت عملي ٿيندي؟ ڇا حڪومتن ۽ شهرين وچ ۾ گفتگوءَ ۽ ڊائلاگ جا رستا هميشه کُليل هئڻ نه گهرجن؟
(3) حڪومت سان سندن سڏ تي ڪنهن فورم تي گڏ ويهڻ جو مطلب رڳو کين ٺلهيون صلاحون ڏيڻ نه پر کين مُنهن تي سچ ڦِهڪائي چوڻ هوندو آهي، ٺلهيون صلاحون ڏيڻ ۽ سندن آڏو پنهنجو سَگهارو ۽ حقيقي موقف پيش ڪرڻ ۾ فرق هوندو آهي، ان ڪري اهڙي ڪنهن به گفتگوءَ جي فورم کي ٺلهيون صلاحون ڏيڻ جو فورم سمجهڻ يا ته ڀورڙائي آهي يا وري ڏٺي وائٺي بدنيتي ۽ تعصب.
(4) سنڌ ۾ پري پري تائين نه ٿو ڏسجي ته ڪو حڪومتون بهتر اينديون ۽ سنڌ جي درد جو درمان اسان جي خواهش مطابق ڪنديون. واري واري سان لڳ ڀڳ اهڙيون ئي حڪومتون اينديون، پوءِ ڇا اهو حتمي اعلان ڪري ڇڏجي ته اڻ ڄاڻايل مُدي تائين ڪنهن به سياسي حڪومت سان ڪنهن به فورم تي نه ويهبو؟ ڇا اها بندش رڳو ليکڪن لاءِ آهي؟ يا صحافين، وڪيلن، شهرين ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ به آهي؟
(5) اهو درست آهي ته حڪومتن کي مسئلن جي مڪمل ڄاڻ آهي ته ڇا ان بنياد تي سندن آڏو ڪوبه چِٽو ۽ اُصولي موقف پيش نه ڪجي؟ ڇاڪاڻ ته کين مسئلن جي اڳ ئي خبر آهي. ڇا اها سوچ ۽ روِش درست ٿيندي؟
(6) ڇا مخالفت، تنقيد يا جدوجهد جا ڪي مخصوص ۽ حتمي طور طئي ٿيل طريقا، فورم ۽ انداز آهن؟ ڇا ڪنهن گڏيل فورم تي ويهي حڪومت جو سخت احتساب ڪرڻ ان جو اهم حصو ناهي؟ نصير ميمڻ درست چيو آهي ته اها سوچ ۽ رويو سرد جنگ جي دور جي دائرن مان نڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هيءَ 21هين صدي آهي ۽ گفتگو، ڊائلاگ ۽ اُصولي موقف سان گڏيل فورم پڻ وڏي اهميت رکن ٿا، انهن کان انڪار اسان جي ذهني پسماندگيءَ جي تصوير پيش ڪن ٿا. رڳو حڪومت ڇا، حالتن آهر ڪنهن به ڌر سان ويهي سگهجي ٿو، اصل سوال ويهڻ يا نه ويهڻ جو نه پر ان موقف، اخلاقي سَگههَ، ضمير جي سچائيءَ ۽ اُصول پسنديءَ جو آهي، جنهن تي ڪوبه ڪمپرومائيز نه ڪرڻ گهرجي.
مان سمجهان ٿو ته ڪنهن به قسم جي انتهاپسندي، منفيت ۽ انارڪي سنڌ ۽ سنڌين کي وڌيڪ ڪُنڊائتو ۽ ڪمزور ڪرڻ جو ڪارڻ بڻبي. سنڌ ۾ حڪمت عملين ۽ گهربل متوازن ڪلچر بابت مان پنهنجا ويچار ايندڙ مضمون ۾ پيش ڪندس.


روزاني ڪاوش حيدرآباد، 19 آگسٽ 2016ع