ڪھاڻيون

ڪَلجُڳ جا رنگ

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون ڪھاڻيون آهن تہ مختصر، پوءِ بہ هر ڪھاڻي موضوع جي لحاظ کان نہ رڳو ڪئنواس رکي ٿي پر ان کي گهمائي ڦيرائي، پس منظر ۽ پيش منظر ڏيئي، منظر نگاري ڪري، ڪردارن کان ڊائلاگ بازي ڪرائي، انهن کي طويل ڪھاڻي جي زمري ۾ بہ آڻي سگهيو پئي، پر هن مني ڪهاڻي (Flash Fiction) ذريعي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ ٿي گهري، اُها ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ جيڪو پيغام ڏيڻ گهريو، اُهو ڏيئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽڙ غلام نبي سڌايي جي هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ احساس جي اُڏار بہ پنهنجي جوڀن تي نظر ٿي اچي، جيڪا ليکڪ جي اندر جي ڪنئرائپ ۾ اڌمن جي اظھار جو خوبصورت نمونو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 867
  • 259
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪَلجُڳ جا رنگ

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪلجُڳ جا رنگ
(مختصر ڪهاڻيون)
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
جنوري 2018ع
ڪمپوزنگ: سعيد مرتضيٰ
ٽائيٽل: مرتضيٰ لغاري
لي آئوٽ:زين ڪمپيوٽرس ڪراچي



ڇپيندڙ:مرڪ پبليڪيشن


ملهه: 200 رپيا

ملـڻ جـا هـنـڌ:

ڪاٺياواڙ شاپ، اردو بزار ڪراچي، ڀٽائي ڪتاب گھر، حيدرآباد ،
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گھر، لاڙڪاڻو-
وسيم ڪتاب گهر، شڪارپور، عزيز ڪتاب گهر سکر،
تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس، پريتم قاضي نواب شاه،
مرڪ پبليڪيشن ڪراچي

ارپـنــا

پنهنجي شفيق امڙين
نور خاتون، غلام سڪينه
۽ نانيءَ غلام فاطمه جي نانءُ
جن هنجهه کان پيار، سُرت ۽ ساڃهه
جون سُرڪيون پياريون،
۽
پياري دوست ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ صحافي
فتاح عابد جي نانءُ
.................
(تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي)
(شاهه)


ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪلجڳ جا رنگ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. مختصر ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو آھي.يوسف سنڌي لکي ٿو:
”سڌايي صاحب جون ڪھاڻيون آهن تہ مختصر، پوءِ بہ هر ڪھاڻي موضوع جي لحاظ کان نہ رڳو ڪئنواس رکي ٿي پر ان کي گهمائي ڦيرائي، پس منظر ۽ پيش منظر ڏيئي، منظر نگاري ڪري، ڪردارن کان ڊائلاگ بازي ڪرائي، انهن کي طويل ڪھاڻي جي زمري ۾ بہ آڻي سگهيو پئي، پر هن مني ڪهاڻي (Flash Fiction) ذريعي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ ٿي گهري، اُها ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ جيڪو پيغام ڏيڻ گهريو، اُهو ڏيئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽڙ غلام نبي سڌايي جي هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ احساس جي اُڏار بہ پنهنجي جوڀن تي نظر ٿي اچي، جيڪا ليکڪ جي اندر جي ڪنئرائپ ۾ اڌمن جي اظھار جو خوبصورت نمونو آهي.“
هي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مرتضيٰ لغاريءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

پروفيسر ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو سنڌي ادب جو سينيئر ليکڪ آهي، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي، هو نه رڳو ليکڪ آهي پر سنڌي ادب جو استاد به آهي. سندس رهنمائي هيٺ ڪيترائي شاگرد ڊگريون وٺي پنهنجي منزل تي رسائي ڪري چڪا آهن.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي سنڌي ادب ۾ تحقيق جو سگهارو ڪم ڪيو آهي، هن شاهه لطيف، سچل سرمست، گدائي ۽ ٻين ڪيترن ئي عظيم شاعرن، ليکڪن ۽ شخصيتن تي تحقيق ڪري لاتعداد ڪتاب لکيا. ڪجهه ته ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪجهه ڇپائي هيٺ آهن، اهو سلسلو جاري آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي تحقيق ۽ تاريخ جي ڪم سان گڏو گڏ شاعري به لکي آهي، سندس شاعري وقت به وقت مختلف رسالن ۾ به ڇپي آهي پر ڪتابي صورت ۾ به شايع ٿي چڪي آهي، اهڙي ريت ڊاڪٽر صاحب شاندار ڪهاڻيون لکي هڪ سگهاري ڪهاڻيڪار طور سامهون آيو آهي.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون گذريل ڏهاڪي دوران لکيل مختصر ڪهاڻيون شارٽ اسٽوري جي گهرجن تي پوريون لهن ٿيون، هن نه رڳو ان اسٽوري جي فارميٽ ۾ لکي ڪهاڻيڪارن جي لسٽ ۾ نالو لکرايو آهي پر ٿورڙن اکرن ۾ ڀرپور اظهار ڪيو آهي، سندس مختصر ڪهاڻيون سماجي اڻبرابري، ڪڌين رسمن ۽ وقت جي جابر خلاف اٿاريل آواز آهن.
ڊاڪٽر صاحب جي مختصر ڪهاڻين مان 50 ڪهاڻيون ترتيب ڏئي “ڪلجُڳ جا رنگ” جي نانءُ سان مجموعي جي صورت ۾ ڇپائي پڙهندڙن آڏو پيش ڪريون ٿا. مرڪ پبليڪيشن طرفان ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جو ڪهاڻي ڪتاب “ڪُلجڳ جا رنگ” پڙهندڙن آڏو پيش ڪري سرخرو آهيون.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جو هي ڪتاب ڪهاڻي کيتر ۾ بهترين واڌارو ته آهي ئي پر پڙهڻ ۽ لائبريري ۾ رکڻ جهڙو آهي، اميد اٿئون ته اسان جي هي ڪوشش پڙهندڙ اڳيان مقبوليت ماڻيندي. اوهان جي سنجيده راءِ جا منتظر آهيون. اوهان پڙهندڙن ۽ سنڌي ادب جي شعور وند ساٿين جي ڀرپور سهڪار ۽ راين کي ترجيح ڏيندي اڳتي وڌي رهيا آهيون.

ادارو

مهاڳ: ڪلجڳ جا رنگ_ ڪهاڻين جي روپ ۾

زندگي انيڪ واقعن جو نالو آهي۽ زندگيءَ جو وجود ۾ اچڻ خود به هڪ واقعو آهي.
زندگيءَ جي وجود ۾ اچڻ جو واقعو به هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي، الست بربڪم جواقرار، آدم جو خلڪجڻ، ڏاڏيءَ حوا جو وجود ۾ اچڻ، سندن بهشت ۾ رهڻ، کين شيطان جي ورغلائڻ، منع ڪرڻ لاءِ هرکائڻ، ميوو چکڻ، جنت مان زمين تي نڪري اچڻ، اُتي نئين زندگي جي شروعات ۽ انساني نسل جو وڌڻ ويجهڻ ۽ ان ڪهاڻي ۾ڪردارن جي آمد_ اها ڪهاڻي، ڌرتيءَ تي انساني وجود وٺڻ جي ڪهاڻي آهي ۽ اها آدجڳاد کان ڪتابن ۽ صحيفن ۾ موجود آهي، ايئن زندگي جا مختلف واقعا صدين کان ڪهاڻي جي شڪل وٺندا رهيا آهن، ڪهاڻيڪار اهڙن واقعن کي ڏسي انهن جي منظر نگاري ڪري ٿو ۽ انهن واقعن اندر پيهي ڪردار گهڙي گفتگو جا رنگ ڀري ٿو.
ڪهاڻي مختلف مرحلن مان گذري ڪڏهن قصي ته ڪڏهن داستان ته ڪڏهن طويل ڪهاڻي جي روپ ۾ شڪل بدلائيندي رهي. دنيا جيئن جيئن سائنس ۽ ٽئڪنالاجي ڏانهن وڌندي رهي، تيئن تيئن مصروفيتن ۾ گهريل ماڻهو کي ترت معلومات Quick Commnication) ( پهچائڻ لاءِ، ميڊيا ۽ ميڊيم ۾ به اهڙيون تبديليون ڪيون ويون. ترت ابلاغ جي ذريعن ۾ جديد ڪهاڻي جو به اهم ڪردار رهيو آهي، اُها پنهنجي آرٽ ۽ ڪرافٽ ذريعي، فني گهرجن جو پورائو ڪندي سُڪڙجي سوڙهي ٿي هينئر فليش فڪشن (Flashfiction) جي صورت ۾ سرجي رهي آهي، ان ڪري ان جو ڊڪشن به بدليو آهي.
فليش فڪشن جي طريقي موجب سنڌي آڳاٽي ادب ۾ ايسپ جون آکاڻيون بهترين مثال آهن، موجوده دور ۾ اهڙي صنف کي مني (Mini) يا مختصر ڪهاڻي چئجي ٿو. سنڌي ادب ۾ عبدالقادر جوڻيجو ، صديق منڱيو، رفيق سومرو، منظور ڪوهيار، عباس ڪوريجو ۽ ٻيا انهي پيٽرن تي ڪهاڻيون لکي رهيا آهن.
اسان جي ساٿي ۽ هن ڪتاب “ڪَلجُڳ جا رنگ” جو تخليقڪار ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي به ساڳي طريقي موجب ڪهاڻيون سرجيون آهن، هو ستر واري ڏهاڪي کان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌي ڪهاڻي کيتر ۽ شاعري ۾ ان دور جي رسالن ۽ اخبارن اديون، برسات، ڪونج، عبرت ۽ ٻين پرچن ۾ ڇپجندو رهيو آهي.
سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد شاخ جو 1972ع ۾ جنرل سيڪريٽري رهندڙ سڌايي غلام نبي جي معاونت سان ڪهاڻين جو گڏيل مجموعو “سنڌي ڪهاڻيون” ۽ 1975ع ۾ شاعريءَ جو گڏيل مجموعو “ٿا چنگ چُرن جِت چاهت جا” ڪتاب پڻ اشاعت هيٺ آيا. جيتوڻيڪ اسي واري ڏهاڪي کان تحقيق ۽ تنقيد جي شعبي سان ڳنڍجي، هن اهم ڪارناما سرانجام ڏنا پر ان هوندي به وقفي وقفي سان ڪهاڻيون به لکندو رهيو، هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ سواءِ هڪ ٻن ڪهاڻين جي باقي سڀ پونين ستن اٺن ورهين دوران سرجيل آهن.
مختصر ڪهاڻي اڄوڪي دور جي ضرورت آهي. هن ڀڄ ڊُڪ ۽ هڻ هڻان واري حياتي ۾ پڙهڻ لاءِ وقت ئي نه ٿو بچي ته پوءِ ڊگهيون ڪهاڻيون ۽ ناول ڪيئن پڙهي سگهبا؟ ان ڪري ٿوري وقت ۾ ڪلجڳ جا انيڪ رنگ پسائڻ لاءِ نينو ڪهاڻي (Nano Story) ذهني دلچسپي لاءِ مناسب طريقو آهي، ڊاڪٽر سڌايي زندگي جي انڊلٺي رنگن کي سماج جي اڻيل تار پيٽي ۾ سموهي، حيات جي پيچيدگين، اوڻاين توڙي شڪ شبهن، محرومين ۽ سماجي ۽ سياسي جبر بابت به اندر کي اوتيو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ٿئي ٿي ۽ ڪي گهڙيون معاشرتي هيٺ مٿاهين تي سوچڻو پوي ٿو.
سڌايي صاحب جون ڪهاڻيون آهن ته مختصر، پوءِ به هر ڪهاڻي موضوع جي لحاظ کان نه رڳو ڪئنواس رکي ٿي پر ان کي گهمائي ڦيرائي، پس منظر ۽ پيش منظر ڏيئي، منظر نگاري ڪري، ڪردارن کان ڊائلاگ بازي ڪرائي، انهن کي طويل ڪهاڻي جي زمري ۾ به آڻي سگهيو پئي، پر هن مني ڪهاڻي (Flash Fiction) ذريعي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ ٿي گهري، اُها ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ جيڪو پيغام ڏيڻ گهريو، اُهو ڏيئي ڇڏيو آهي.
ڊاڪٽڙ غلام نبي سڌايي جي هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ احساس جي اُڏار به پنهنجي جوڀن تي نظر ٿي اچي، جيڪا ليکڪ جي اندر جي ڪنئرائپ ۾ اڌمن جي اظهار جو خوبصورت نمونو آهي، جيئن سندس ڪهاڻي “رنگن ڀري پچڪاري”. اها آهي ته هڪ ننڍڙي ڪهاڻي پر ليکڪ هڪ معصوم ٻار جي من جي خواهش کي ٿورن لفظن ۾ ڏاڍو سهڻي نموني چٽيو آهي، جڏهن نريش ٻين ٻارڙن جي هٿن ۾ خوبصورت پچڪاريون ڏسي پنهنجي اندر جي اُڇل کان مجبور ٿي هڪ ڇوڪري کان فقط ٻن منٽن لاءِ پچڪاري گهُري ٿو ته ان ڇوڪري جا ڌڪار مان چيل لفظ “هل پري ٿي، ايڏا غريب آهيو جو هوليءَ تي به نئين پچڪاري نه ٿا وٺي سگهو؟” اهو مهڻو نريش جي اندر کي وڍي ٿو ڇڏي، کيس نراس ٿو ڪري ڇڏي، پوءِ هو رد عمل جو شڪار ٿي ڪاوڙ ۾ ٿو اچي وڃي. ڪجهه دير کان پوءِ هو سڀني کان پاڻ ڇڏائي، هڪ خوبصورت رنگ ڀري پچڪاري کنيو هجوم مان هليو ويو.
ڊاڪٽر سڌايي جي ٻي ڪهاڻي “ارٿي” هڪ اهڙي سماجي مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي، جيڪا عام طور تي وڏ گهراڻن ۾ عام آهي ته اُهي پنهنجي ملڪيت بچائڻ لاءِ پنهنجي نياڻين جون زندگيون کين ويهاري برباد ڪري ڇڏيندا آهن، رڳو ان ڪري ته نياڻين يا ڀيڻين کي گهر _ ور وارو ڪرڻ سان سندن ڏاج يا ٻين مَدن ۾ جيڪو خرچ ٿيندو، اهو سندن ملڪيت گهٽائڻ جو سبب بڻجندو. ارٿي ڪهاڻي ۾ ان قسم جي ڪٿا ڏاڍي سهڻي نموني، بيان ڪئي ويئي آهي، جڏهن راجيش، سيٺ موهنداس جي پرچاڻي کان پوءِ پنهنجي دوست کي سيٺ موهنداس جي سڙندڙ مڙهه ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو:
“سيٺ موهنداس منهنجو پري جو مائٽ لڳي، سيٺ ڏاڍو ڪنجوس هو، ڏاج ڏيڻ جي ڊپ کان هن پنهنجي ٻن نياڻين پنهنجي ٻن ڌيئن کي وهاري مٿا اڇا ڪري ڇڏيا،
“پوءِ!؟”
پوءِ ڇا؟ اُهي عمريون وڃائي ويٺيون ۽ هي ڌن بچائي دوڙ ٿي ويو.”
انهن ٻن جملن ۾ جيڪي ڪهاڻي جو ڪالائمڪسس به آهن، سڄي ڪهاڻي بيان ڪئي ويئي آهي، ڪهاڻي جو آخري جملو “ڌن بچائي ڌوڙ ٿي ويو” پنهنجي اندر ۾ ڪيڏي نه وسعت ۽ معنيٰ رکي ٿو. اها ڪهاڻيڪار جي ڪاميابي آهي ته هو ننڍن جملن ۽ ٿورن لفظن ۾ پنهنجي ڳالهه به بيان ڪري ٿو وڃي ۽ پڙهندڙ جي من ۾ چهنڊڙي به وجهي ٿو ڇڏي.
ڪهاڻي به اظهار جو هڪ ذريعو آهي، جيئن ادب جون ٻيون صنفون_ البته ڊڪشن اختيار ڪرڻو پوندو آهي، جيئن ڪو شعر زباني پڙهي ڇڏجي تڏهن به ٺيڪ.... پر جي اهو شعر ڪو فنڪار ڳائي، سُر ۽ تال جي لئه تي، ان جا لفظ هوائن جي دوش تي سماعتن تائين پهچن ته ڪنڌ پيو ڌوڻبو آهي ۽ واهه واهه پئي ڪبي آهي.
هي ڪهاڻي ڪتاب “ڪَلجُڳ جا رنگ” ۾ ڊاڪٽڙ غلام نبي سڌايي ڪهاڻين جي روپ ۾ ڪلجڳ جا رنگ جا ڪئين روپ پسايا آهن، انهن ۾ هڪ رنگ ته ڌرمي پرمپرائن (روايتن) جو به آهي، جيئن ڪهاڻي “پرشاد” ۾ اظهاريو ويو آهي، اها سنڌ جي ثقافتي ۽ تهذيبي روايت آهي ۽ ڏاڍي سُٺي روايت آهي ته اسين جيڪڏهن ڪو پاڙي وارو ڪجهه کڻي ايندو آهي ته ٿانوَ خالي نه موٽائيندا آهيون، اها ڳالهه بدتميزي ۽ بدسوڻ سمجهي ويندي آهي.
“ڪَلجُڳ جا رنگ” جو ٻيو رنگ “ايڪتا” ڪهاڻي جو آهي، جنهن ۾ هوتو ۽ تڳيل درزي جا جنازا گڏ ٿا کڄن، هڪ ئي قوم، هڪ ئي رنگ ۽ نسل، هڪ ئي ٻولي جا وارث_ هڪ جسم ٻه جانيون، هڪ ٻئي جي حفاظت لاءِ جانيون قربان ڪري ڇڏيندڙ...!
“ڪَلجُڳ جا رنگ” جو ٽيون رنگ ڪهاڻي “ٽوپلي وارو صاحب” ۾ به پسايل آهي، جنهن کي امتحاني سينٽر ۾ امتحان ڏيندڙ ستر اميدوارن جي لسٽ ٻڌي ۽ ٽن اميدوارن کي امتحان ڏيندي ڏسي به ضمير چهنڊڙي نه ٿو وجهي، ڇو ته سندس ڪوٽ جا کيسا اڳ۾ ئي گرم ٿي چڪا هئا، سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي ۽ آڱوٺي ڇاپ ڊگري هولڊرن جي لوڌ جي ڪهاڻي “ٽوپلي وارو صاحب” ۾ وڏي فنڪاري سان نشاندهي ڪئي وئي آهي.
ڪلجڳ جو اهڙو ئي هڪ رنگ ڪهاڻي “ٽرانسفر آرڊر” ۾ ڏسيل آهي، جڏهن ڪردار جي ٻٽونءَ مان نڪتل ٻه نوٽ آفيسر جي چاٻي ڀري ٿا ڇڏين.
ڪهاڻي “اوسيئڙو” ۾ جيڪو رنگ ڀريل آهي، اهو انهي لاءِ آهي جيڪي پنهنجي والدين کي نظر انداز ڪندا آهن، پر جڏهن کين پنهنجي اولاد جي سڪ لڳندي آهي ته کين اندازو نه هوندو آهي ته سندن مائٽ به ايئن اوسيئڙو ڪندا هوندا.
ڪَلجُڳ جي ڪهاڻين مان هڪ رنگ ڪهاڻي “مذهب” ۾ به آڏو اچي ٿو، جڏهن دائي شرمان، عمري ڪرڻ کان پوءِ پاڪ ٿي موٽي ۽ هاڻ غير مذهب ماڻهن جي هٿن جو ڇهيل کاڌو کائڻ حرام ٿي سمجهي پر کيس خبر ئي ڪونهي ته مذهب ته انسانيت ٿو سيکاري ۽ بُک جو ڪو به مذهب ناهي هوندو.
“ڪَلجُڳ جا رنگ” ۾ شامل ڪهاڻيون آهن ته مختصر پر اهي اندر جي احساسن کي ڇهن ٿيون، ڳالهه کي ڳاٽي کان جهلين ٿيون، اهي ڪهاڻيون ذهن ۾ جيڪو مقصد رکي لکيون ويون آهن، ليکڪ انهن ڪهاڻين ذريعي پڙهندڙن کي جيڪو پيغام ڏيڻ گهري ٿو، انهي ۾ هو گهڻي حد تائين ڪامياب ويو آهي.
هڪ ليکڪ جيڪو لکي ٿو انهن جا ڪردار سندس اکين اڳيان هوندا آهن. انهن جي اٿڻي ويهڻي سندس مشاهدي جو مرڪز هوندي آهي، رونما ٿيل واقعا سندس اکين اڳيان پيش ڪندو آهي.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون هي ڪهاڻيون پنهنجي جوهر ۾ سندس مشاهدي ۽ احساسن جا عڪس آهن، تصويرون آهن ۽ ڊاڪٽڙ سڌايي هنن ڪهاڻين ۾ هڪ لحاظ کان انهن واقعن جي فوٽوگرافي ڪئي آهي، جيڪي سندس اکين جي ماڻڪين ۾ محفوظ ٿي ويل هئا، ڊاڪٽر سڌايي جو هي ڪهاڻي ڪتاب سندس مختصر ڪهاڻي کيتر ۾ اهم اضافو آهي، هي ڪهاڻيون هڪ تخليقڪار، صوفي ۽ محقق جي قلم مان لکيل آهن، ڪيترين ڪهاڻين ۾ تخليقي جوهر ۽ صوفياڻي فڪر بابت چٽا اشارا موجود آهن. اميد ته پڙهندڙن جي دلچسپي تي پوريون لهنديون.

يوسف سنڌي
حيدرآباد
14 آڪٽومبر 2017ع

امهاڳ: مختصر ڪهاڻي جو سفر

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي1965ع کان ادبي سفر جي شروعات ڪئي، سندس چواڻي ته هن پنهنجي هڪ مائٽ ملازم حسين ۽ سائين رحيم بخش نثار فاروقي جي صحبت ۾ رهي نظم ۽ ڪهاڻيون لکيون، مسلسل تخليقي سفر ڪندي لکڻ ۾ رواني به آئي ته سندس لکڻين ڇپجڻ جو سلسلو به شروع ٿيو، 1970ع ۾ سندس پهرئين ڪهاڻي “آخري سهارو” اديون مئگزين ۾ شايع ٿي، هن جي شروعاتي لکيل ڪهاڻين مان “آئون مهمان آهيان”، “ههڙا هاڃا!”، “هڪ خط”، “آزاديءَ جا ڪرڻا”، “پلئه جا پيرا”، “آس نراس”، “خوشبوءِ”، “آجپو” ۽ “وراثت نامو” شامل آهن.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي ڪهاڻي “پلئه جا پيرا” جو ترجمو اردو ۽ براهوي ٻولين ۾ ڪيو ويو، اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪهاڻي ڊاڪٽر عبدالحق ڪاسگنجوي جي مرتب ڪيل مجموعي ۾ شايع ٿي، جڏهن ته براهوي ۾ ترجمو ڪيل جوهر بروهي جي مرتب ڪيل رسالي ڪپوت ۾ ڇپي.
اهڙي ريت سندس ادبي سفر اڳتي وڌيو. ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو لاتعداد ڪهاڻيون لکي ويو. ڊاڪٽر صاحب نين ۽ پراڻين ڪهاڻين مان مختصر ڪهاڻيون، (جنهن کي شارٽ اسٽوري چيو وڃي ٿو) گڏ ڪيون، جن کي ترتيب ڏنو ويو، انهن ڪهاڻين ۾ ڪيترائي خوبصورت رنگ نظر آيا، تنهن ڪري ان ڪهاڻي ڪتاب تي نالو به “ڪَلجُڳَ جا رنگ” پئجي ويو.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي ڪهاڻي ڪتاب “ڪَلجُڳَ جا رنگ” ۾ ڪُل پنجاهه ڪهاڻيون شامل آهن، جن مان هڪ ٻن ڪهاڻين کي ڇڏي باقي سڀ مختصر مختصر ڪهاڻين جي زمري ۾ اچن ٿيون، آئون سمجهان ٿو ته هن ڪتاب کي فليش فڪشن (Flash fiction )جي حوالي سان هڪ بهتر ۽ ابتدائي ڪوشش ڳڻي سگهجي ٿو.
ان حوالي سان ڪيترائي رايا لکڪن ۽ نقادن پيش ڪيا آهن، مثال طور: نامياري ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار ڪتاب “ڀونئرن جي انتظار ۾” جي 16هين صفحي تي لکيو آهي ته: “انگريزي اصطلاح فليش فڪشن، گهٽ ۾ گهٽ لفظن واري ڪهاڻي لاءِ استعمال ٿئي ٿو، سنڌي ادب ۾ هن صنف کي مختصر ڪهاڻي چيو وڃي ٿو. شروعاتي دور جون فارسي حڪايتون، پالي ادب ۾ جٽاڪا آکاڻيون ۽ سنڌي ۾ ايسپ جون آکاڻيون به فليش فڪشن جي دائري ۾ آڻي سگهجن ٿيون.”
هن وقت فليش فڪشن صنف جا ست قسم ٻڌايا ويا آهن:
1- مختصر_ مختصر ڪهاڻي: ( هزار لفظن تي مشتمل هجي ٿي)
2- تمام مختصر ڪهاڻي: (هزار لفظن کان گهٽ واري ڪهاڻي )
3- سڊن فڪشن (Sudden ) ، (750 لفظن تي مشتمل ڪهاڻي)
4- مائڪرو اسٽوري: (ٽي سَو يا ان کان گهٽ لفظن واري ڪهاڻي)
5- نينو اسٽوري : (250 لفظن کان گهٽ واري ڪهاڻي)
6- ڊرئبل (Drabble) : (100لفظن واري ڪهاڻي )
7- ڊرائيبل (Dribble ) : (50 لفظن واري ڪهاڻي)
فليش فڪشن جو مقصد آهي اختصار، انهي مقصد لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ضميري پڇاڙيون اهڙو ذريعو آهن، جيڪي جملي کي گهڻي حد تائين مختصر بڻائڻ ۾ معاون ثابت ٿين ٿيون، سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي ضميري پڇاڙيون اسم يا حرف جر جي اضافي صورت ڏيکارڻ لاءِ ملايون وينديون آهن: انهن مان ڪجهه هي آهن: “کاڌم، کاريومانس، ماڻهس، پڻهس، پٽم، کين، وٽس، سندس وغيره.
جيستائين مان سمجهي سگهيو آهيان ته هن وقت تائين فليش فڪشن جي حوالي سان جيڪو سنڌي ادب ۾ ڪم ٿيو آهي، اهو سوچي سمجهي ڳاڻ ڳڻن اديبن ڪيو آهي، باقي پاڻ هرتائي واري عمل سان به انهي صنف تي ڪم ٿيل ملي ٿو، جيڪا پڻ سٺي علمي اڳڀرائي آهي.
ان حوالي سان علي رضا قاضي لکي ٿو ته: “هن وقت تائين ڏهاڪو کن سنڌي ڪتاب فليش فڪشن جي سِري هيٺ مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن پر جنهن ليکڪ سائنسي بنيادن تي ان موضوع کي ڪي قدر اجاگر ڪيو آهي، اُهو منظور ڪوهيار آهي” (سنڌي ٻولي: ص- 80)
هن ڪتاب کي فني فڪري لحاظ کان جاچبو ته اِها ڳالهه ڏاڍي عجيب ۽ اتساهيندڙ لڳندي جو ڪتاب جون گهڻيون ڪهاڻيون جديد علمي ادبي روين ۽ لاڙن مطابق سِرجيل آهن، ڪجهه ڪهاڻيون فليش فڪشن تي پوريون بيهن ٿيون ته ڪجهه وري جديديت پڄاڻان) Post (Modernism لاڙي موجب به پرکي سگهجن ٿيون. هتي اسين اڳ ۾ فليش فڪشن جي حوالي سان ڪجهه ڪهاڻين تي بحث ڪنداسين جنهن جون مختصر وصفون مٿي بيان ڪيون ويون آهن.
“ڪلجُڳ جا رنگ” ڪتاب جون ڪهاڻيون “ٽه ڦيٿي سائيڪل”، “مقدس گانئيون”، “ڀاڳيو”، “فقير”، “اوسيئڙو” وغيره سِري واريون مائيڪرو ڪهاڻيون ٽي سَو کان گهٽ لفظن تي مشتمل آهن! ٻيون ڪهاڻيون جيئن ته “بروڪر”، “ٽوپلي وارو صاحب” ۽ “ڀروسو” وغيره... نينو اسٽوري جي دائري ۾ اچن ٿيون. ڪجهه ڪهاڻيون جيئن “ٽرانسفر آرڊر”، “پيار ۽ مذهب”، “ممتا ۽ موبائل” ۽ حرام حلال“ ڊرئبل طريقي موجب آهن.
ڪهاڻي “پهرين چاهت” ۾ 554 لفظ ۽ 09 ضميري پڇاڙيون آهن، جيڪا سڊن فڪشن جي زمري ۾ اچي ٿي، ڪهاڻي “ٽرانسفر آرڊر” ۾ 110 لفظ ۽ 06 ضميري پڇاڙيون ڏنل آهن، پيار ۽ مذهب جي سري هيٺ ڪهاڻي ۾ 134 لفظ ۽ 04 ضميري پڇاڙيون آهن. جڏهن ته ڪهاڻي ممتا ۽ موبائل ۾ لفظ 142 ۽ ضميري پڇاڙيون 04 آهن، ڪهاڻي “پاڪ” ۾ لفظ 122 ۽ ضميري پڇاڙيون 02 آهن.
“اوسئيڙو” سِري هيٺ سرجيل ڪهاڻي ۾ 266 لفظ ۽ 10 ضميري پڇاڙيون آهن ۽ اها مائڪرو اسٽوري آهي، پوري مجموعي ۾ صرف هڪ ڪهاڻي پارانڀو، 1107 لفظن تي مشتمل ۽ طويل آهي.
انهي مختصر بحث کانپوءِ چٽو ٿئي ٿو ته فليش فڪشن جي حوالي سان مارڪيٽ ۾ آيل ڪتابن ۾ هي ڪتاب هڪ بهترين ۽ اهم اضافو آهي.
ويهين صديءَ جي آخر ڌاري يورپ ۾ هڪ جديد ادبي ۽ تنقيدي نظريو منظر عام تي آيو جنهن کي “جديديت پڄاڻان” چيو ويو، يعني (Post Modernism) ان لاڙي جي وصف لاءِ اڃا تائين ڪا حمتي راءِ قائم ٿي نه سگهي آهي، بهرحال اهو طئي آهي ته هن نظريي يا لاڙي کي مڃڻ وارا ڪنهن به حقيقت، علم ۽ فلسفي کي قطعي ۽ آخري ڳالهه نٿا مڃين، انهي ڪري رد عمل ۾ هر شيءِ لاءِ شڪ جو اظهار ڪن ٿا.
جديديت پڄاڻان لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هي ادب ۾ مصوري جي پرک جو هڪ جديد، سائنسي ۽ فلاسافيڪل طريقو آهي، جنهن ذريعي يورپ جهڙن ترقي يافته علائقن کان وڌيڪ، غريب ۽ اسرندڙ ملڪن جي سماجي مسئلن جهڙوڪ: رشوت خوري، انتها پسندي، بيروزگاري، تعليمي زوال ۽ ٻين اڪيچار مسئلن جي نشاندهي ڪري، انهن کي افسانوي ادب جو حصو بڻائي جديديت پڄاڻان جي تنقيدي دائري ۾ آڻي پرک ڪري سگهجي ٿي، هي نظريو جديديت جي ڪجهه رُخن کي به چئلينج ڪري ٿو ۽ جديديت پڄاڻان موجب پيغام پهچائڻ بدران لڳاتار فني سوال پيدا ڪري سگهجن ٿا، بهرحال هن نظريي کي متضاد مظهر رکندڙ، مخصوص رخن وارو ۽ ڇڙواڳ لاڙو يا نظريو چئي سگهجي ٿو.
سڌايي صاحب جون اڪثر مختصر ڪهاڻيون پڙهڻ کانپوءِ ثابت ٿئي ٿو ته اهي جديديت پڄاڻان جي زمري ۾ اچن ٿيون، اسان جو ادب اڃا تائين رومانيت قوم پرستي، ترقي پسند ۽ علائقائي عقيدي کان جند ناهي ڇڏائي سگهيو، اهو ئي سبب آهي جو جديد فني نظرين ۽ روين تي نگاهه گهٽ وڃي ٿي، ڊاڪٽر سڌايو فرانس جي جديد ادبي لاڙي علامت نگاري تي ڪم ڪري ڊگري حاصل ڪري چڪو آهي.
هن مجموعي ۾ سرجيل کوڙ ڪهاڻيون جديديت پڄاڻان جي اصولي لاڙي موجب آهن، جيئن ته سندس ڪهاڻين “پهرين چاهت”، “سانتيڪو انسان”، “25 ڊسمبر”، “پارانڀو” ۽ “پاچولو” ۾ زندگي سان واڳيل اهڙن خيالن کي اڀاريو ويو آهي، جنهن ۾ بيان ٿيل سماجي ۽ ثقافتي رويا، وهم ۽ وسوسا روحانيت ۽ پراسراريت ۾ جديديت پڄاڻان جي عڪاسي نظر اچي ٿي.
ڪهاڻي پاڇولو’ ۾ سڌايي صاحب جديديت پڄاڻان جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي. هن ڪهاڻي جر مرڪزي ڪردار صابل آهي. صابل پنهنجي مئل ماءُ سان بي انتها پيار ڪري ٿي، جيڪا ننڍپڻ ۾ کيس بي درد دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي هميشه لاءِ هلي ويئي هئي، قبرستان سندس گهرجي ويجهو هجڻ سبب هوءَ روزانو ماءُ جي قبر تي وڃي ٿي، اُتي کيس ذهني سڪون ملي ٿو، کيس وڇڙيل ماءُ سان ايترو لڳاءُ ٿي وڃي ٿو جو سمهڻ مهل به ڪو درديلو ۽ پيار وارو پڙلاءُ سندس ڪن تي پوي ٿو، جيڪو ڪنائڻ سان کيس محسوس ٿئي ٿو ته اُهو قبرستان مان پڙلاءُ اچي پيو، هوءَ انهيءَ پڙلاءُ جي پرولي پرکڻ لاءِ هڪ رات ڪنهن تاثراتي عمل هيٺ قبرستان ڏانهن رخ ڪري ٿي.
هر پاسي سانت جا پهرا ۽ چپ جو راڄ هو، لهندڙ سج جي لام هن کي ڏياٽيءَ جو ڪم ڏنو، هوءَ بي ڊپي قبرن وچ مان رستو ٺاهيندي قبرستان جي ٻئي پاسي هڪ وڏي پٿرن سان ٻڌل قبر جي مٿي کان وڃي بيٺي هئي، ڀر ۾ ٻيون ڪچيون ۽ ننڍيون بُٺيون هيون، پر هي سڀ کان اوچي ۽ نرالي قبر هئي. چنڊ پنهنجي ٿڌڙي روشنيءَ جي لام لاهي اُلهي چڪو هو، اُماس رات جيان هرسُو ٻاٽ اوندهه ۾ کيس پنهنجو جسم به نظر نه پئي آيو. اوچتو هن محسوس ڪيو ته قبر جي پيراندي کان ڪو ڪفن ۾ ويڙهيل پاڇولو آهستي آهستي اٿي رهيو هو، سفيد ڪفن پهريل اُهو پاڇو اوندهه ۾ مَر مرَ جيان چمڪي رهيو هو- آلاپ وري گونجيو، صابل محسوس ڪيو ته، اهو ڪفن پوش جوئي وجودي آواز هو، بي تابيءَ ۾ هوءَ ڪفن پوش لاش جي سامهون وڃي بيٺي ۽ کيس ڀاڪر وجهندي چيائين: “امڙ آئون اچي ويئي آهيان!!”
جهٽ پل ۾ جيئرو ۽ مردو ٻئي جسم ملي هڪ ٿي ويا.!
جديديت پڄاڻان عالمي قدرن سان گڏوگڏ مقامي ثقافتن ۽ مئٿالاجي کي به سمجهڻ جو هڪ ذريعو آهي. هن ڪهاڻي ۾ هڪ اهڙي ئي سماج جي روحاني سچا ين، لاڳاپن ۽ وهمن توڙي ويساهن جي عڪاسي ٿيل آهي.
ڪهاڻي ‘25 ڊسمبر’۾ پڻ اهڙي قسم جي روحاني وارتا ڏسي سگهجي ٿي، يسوح مسيح جي ولادت وقت مقدس مريم کي آسمان مان آيل فرشتي پنهنجون ٻانهون ڊگهيري پينگهي ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
“هي توهان جي ڪُک مان ٿيل ٻار يسوح مسيح آهي ۽ خداوند خدا ان جو خلقيندڙ آهي ۽ هي ڀٽڪيل ماڻهن کي سنئون رستو ڏيکاريندو.”
هتي ليڪک جديديت پڄاڻان، لوڪ ڪٿائن، ثقافتي رسمن ۽ روحاني حقيقتن جي ڌار ڌار تهذيبي اصولن ۽ عقيدن جي عڪاسي ڪري ٿو- ان ڪري جيڪو ڪهاڻي ‘25- ڊسمبر’ ۾ تاثر حضرت عيسى ۽ بيبي مريم جي تقدس، پاڪائي ۽ مسيحي عقيدي جي صداقت بابت ڏنو ويو آهي، اهو جديديت پڄاڻان جي سوچ کي اڀاري ٿو.
هن ڪتاب ۾ اڪيچار خوبيون آهن، جن مان هڪ اهم خوبي مختصر ترين ڪهاڻيون هجڻ آهي، جديديت پڄاڻان تحريڪ پڻ وڏن داستانن بدران مختصر ترين ڪهاڻين کي اهميت ڏي ٿي، ڪتاب “ڪَلجُڳ جا رنگ” ۾ مختصر ڪهاڻيون اهڙي ته افسانوي ڏانءَ سان سرجيون ويون آهن جو انهن کي بنياد بڻائي ناول ۽ داستان لکي سگهجن ٿا.
گهڻيون ڪهاڻيون واقعاتي ۽ تاثراتي آهن، ڪجهه نفسياتي، علامتي ۽ تاريخي به آهن ۽ هر ڪهاڻي ۾ طنز ۽ ڀرپور پيغام سمايل آهي.
ڪهاڻين ۾ ڪيترن ئي موضوعن سان گڏ اسرندڙ سماجن خاص طورتي سنڌ جي مسئلن، ٺڳي، دولاب، لالچ ۽گلا جهڙن ٻين موضوعن تي به لکيو ويو آهي، اهڙين ڪهاڻين ۾ “ڪلب”، “ٽرانسفر آرڊر”، “ڪَلجُڳ جارنگ”، “بروڪر” ۽ “بودو” شامل آهن. هن مجموعي ۾اهڙيون ڪهاڻيون به آهن جن جي پڙهڻ کانپوءِ پيار جي هڪ وڻندڙ، پرلطف، رومانوي ۽ المياتي احساس به اجاگر ٿئي ٿو. اهڙين ڪهاڻين ۾ “ارٿي”، “رنگ ڀري پچڪاري”، “رشوت”، “منهنجي امڙ”، “ڀروسو“، “ويراڳي شاعري”، “بي رحم موت”، “اوسيئڙو“، “من جو مامرو”،“پيار ۽ مذهب”، “چونئري جو ڏيو” ۽ ڪجهه ٻيون ڪهاڻيون اچيو وڃن ٿيون. فني لحاظ کان ڏسبو ته اڪثر موضوع جديدت پڄاڻان ۾ موجود آهن، مثال:
“ محبت جو درد پر لطف تڏهن ٿئي ٿو جڏهن ڪو ان کي ماڻي ٿو- شيرين منهنجي پهرين چاهت، صبح جي پرنور چمڪندڙ سج جيان انگ انگ ۾ خواهشن ۽ لذتن جي لار اوتي ڇانورو بڻجي مون تي ايئن ڇانئجي ويئي هئي جو اڄ تائين ان خوبصورت، وڻندڙ پيار جي جهوٽي، نرم نازڪ ڇهاءَ سونهن ۽ سحر کان ٻاهر نڪري ناهيان سگهيو”
ڪهاڻين “پهرين چاهت” جي مٿين پئرا رومانوي آهي پر هيرو پيار جي آفاقي صداقت کان منهن موڙي، جواني جي هٺيلي گهوڙي تي سوار پوئتي ڪنڌ ورائي نٿو ڏسي، پنجاهه ورهيه گذرڻ کانپوءِ ڪهاڻي جي ڪلائيميڪس تي پهچي، جڏهن هيرو جديديت پڄاڻان جي نتيجي موجب اوچتو هيروئن شيرين کي سندس اسپتال تي ڏسي کيس سڃاڻي ڏاڍي حيرانگي مان پڇي ٿو ته “مونکي سڃاڻو ٿا؟”تڏهن شيرين جو هي جواب: “پنهنجن کي ڪير نه سڃاڻندو، پريم آهين نه !!” اُهو ٻڌي سندس اندر پرزا پرزا ٿي پوي ٿو ۽ هو ڪرسي تي ويهي رهي ٿو.
ڪهاڻي “ورهاڱو” علامتي نوعيت جي آهي جنهن ۾ هن جرمني جي ورهاڱي کي علامتائي، (Symbolized)انداز ۾ چانسلر جي ڪيل پهرين تقرير جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:
“ ورهاڱو فطرت جي اصول جي ابتڙ ڪجهه مطلبي ماڻهن جي ذهنن جو روڳ ۽ تڪڙو توڙي جذباتي فيصلو ٿئي ٿو، ماڻهن جي گهڻائي اهڙي فيصلي جي خلاف هوندي به طاقتور ڌرين جي هٿن ۾ رانديڪا بڻجي پنهنجو وَس ۽ وت وڃائي ويٺا ۽ پوءِ ديوار برلن جو ڊگهو ۽ ويڪرو پاڇولو ٻنهي پاسن جي ماڻهن جي جذبن سان کيڏندي، انهن تي ٺٺوليون ڪندو رهيو”
هتي پاڇولي مان مراد اهڙو گروهه آهي جيڪو انهيءَ غير فطري ورهاڱي تي اتان جي عوام جي جذبن سان کيڏي سدائين ٺٺوليون ڪندو رهي ٿو.
مجموعي ۾ ڪجهه فلاسافيڪل ۽ نفسياتي ڪهاڻيون به آهن، جيڪي فني توڙي فڪري لحاظ کان اتم پد واريون آهن، انهن مان “پاپي”، “ڪارونجهرجو ڪَر”، “گلا جو گهانگهو”، “خاڪي لفافو”، “حادث حويلي”، “پارانڀو”، “جذبن جو ملهه” ۾ پڻ جديديت پڄاڻان جا اشارا ۽ نشان ملن ٿا.
آئون سنڌي ادب جو ننڍڙو شاگرد آهيان، نه ڪو نقاد ۽ راءِ ڌڻي_ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي هن ڪتاب “ڪلجُڳ جا رنگ” جون ڪهاڻيون پڙهي راءِ پيش ڪئي اٿم، منهنجي خواهش آهي ته سنڌي ادب جو ڪو قداور محقق ۽ نقاد هن ڪتاب تي ڀرپور ۽ معياري تنقيدي بحث ڪري نتيجا ظاهر ڪري. ته جيئن ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي صاحب سميت ٻيا به ڪهاڻيڪار لاڀ حاصل ڪن.


مرتضيٰ لغاري
16 نومبر 2017ع
ڪراچي

ادب جو چراغ

جيڪب آباد ۾ غلام نبي سڌايو فتاح عابد ۽ اڪبر اديب پاڻ ۾ ويجها دوست هوندا هئا. منهنجو تعلق به ساڻن سنڌي ادبي سنگت شاخ جيڪب آباد ۾ اٽڪل 1967ع ڌاري ٿيو هو ۽ جيئن ته ان وقت سنگت جي شاخ ۾ سنڌ جا ناليوارا سينيئر ليکڪ عبدالڪريم گدائي، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، نبي بخش سرڪي عرف لالو مٺو، غالب لطيف، مهر لطيف، گل محمد چنو، نوراحمد سومرو، غلام رسول ڪلهوڙو، شعبان بخت، محمد بخش سومرو، گوپال پروانو ۽ سعيد ڪيوٽي موجود هئا، ان ڪري مون سميت غلام نبي سڌايي، فتاح عابد، اڪبر اديب، امداد اوڍي، مهرالله سومري، اسحاق شيخ، شاهمراد دائودپوٽو، داد محمد بروهي خادم ۽ ٻين ڪيترن نوجوانن جي علمي ادبي تربيت تمام ڀلي نموني ٿي. انهن تنقيدي ڪلاسن ۾ ڪڏهن ڪڏهن رشيد ڀٽي، الطاف عباسي توڙي بشير مورياڻي، آغا شهاب الدين به سنگت ۾ اچڻ تي فخر سمجهندا هئا. پوءِ جڏهن سائين محمد ابراهيم جويو جيڪب آباد بدلي ٿي آيو ته اهو به گهڻو وقت ادبي سنگت جي تنقيدي ويهڪن ۾ شامل ٿيندو هو.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو صاحب 1972ع ڌاري ادبي سنگت جيڪب آباد شاخ جو سيڪريٽري به رهيو 1974ع ڌاري ايم اي سنڌيءَ ۾ ڪيائين، بعد ۾ “صحافت” ۾ به ايم اي ۽ “ايل ايل بي” ڪيائين. 1989ع ڌاري شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ علامت نگاريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان جيڪب آباد جي ڪاليج ۾ پروفيسر رهيو آهي. 1981ع ڌاري سنڌ گريجوئيٽ جي شاخ جو صدر فتاح عابد چونڊيو ويو ته سيڪريٽري به ڊاڪٽر سڌايو چونڊيو ويو هو. عبدالڪريم گدائي صاحب متعلق ترتيب ڏنل سندس ڪتاب “سفر زندگيءَ جو” (اشاعت: اپريل 1985) جي آخر ۾ سندس ڪجهه ڪتابن جو ذڪر هن ريت ڏنل آهي: سنڌي ڪهاڻيون (ترتيب)، “غريبن جو ورثو” ناول جو مطالعو، “ٿا چنگ چُرن چاهت جا” (نظم: ترتيب)، چونڊ سنڌي افسانن جو تنقيدي جائزو (تنقيد)، “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ”، “جديد سنڌي مضمون نگاري”، “جيڪب آباد قديم ۽ جديد” (ترتيب).
ڊاڪٽر صاحب جو فن موسيقي ۽ اسٽيج ڊرامن سان به گهڻو شغف رهيو آهي. ان عمر دوران مائوٿ آرگن ته جيڪب آباد ۾ گهڻو ڪري مان وڄائيندو هوس پر مائوٿ آرگن وڄائڻ جو شوق ڊاڪٽر صاحب به اوائلي عمر ۾ ڪيو هو، ۽ جڏهن فتاح عابد شيرازي آرٽ سرڪل جو بنياد وڌو ته ڊرامن لکڻ، انهن کي اسٽيج تي پيش ڪرڻ ۾ اڪبر اديب، محمد بخش سومري ۽ غلام حسين لاشاري (جنهن کي اسان ايمي منيوالا سڏيندا هياسي) الهورايو لاشاري، آزاد لاشاري (پينٽر) خدابخش سومري سان ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو صاحب به ساڻن گڏ هوندو هو. سياري جي مند ۾ جڏهن جيڪب آباد ۾ زرعي صنعتي نمائش لڳندي هئي ته اهو سڄو ٽولو توڙي ارباب آرٽ سرڪل، نوبهار آرٽس سرڪل، مخمور مهراڻ آرٽ سرڪل، حفيظ آرٽ سرڪل وارا اداڪار، ڳائڻا: محمد عثمان “تمنا” عنايت راهي، محمد اسماعيل سومرو، واجد علي مهر، نبي بخش لاشاري (جنهن کي اسان اداڪار رنگيلي جي ٻي ڪاپي سڏيندا هياسي) گڏجي شهر جي عزت ۽ وقار کي بلند ڪرڻ لاءِ سرڪاري پروگرامن ۾ شامل ٿيندا هئا. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي پنهنجا احساس “آشرم” ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيا آهن.
سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد شاخ ۾ تنقيد لاءِ گهڻو ڪري شاعري پيش ٿيندي هئي، جن ۾ سعيد ڪيوٽي سدائين پنهنجو نثري نظم کڻي ايندو هو ۽ ساڳيءَ ريت ڪهاڻيءَ جي صنف تي وري غلام رسول ڪلهوڙو ۽ اڪبر اديب مسلسل پنهنجون ڪهاڻيون پڙهندا هئا، باقي غالب لطيف، فتاح عابد، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو (ان وقت “صابر” تخلص رکندو هو) ۽ ٻيا دوست ڪڏهن شعر ته ڪڏهن ڪهاڻي پڙهندا هئا، ۽ شعبان بخت ۽ عبدالڪريم گدائي به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي شاعري پڙهندا هئا.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي هن مجموعي ۾ ڪجهه اهڙيون ڪهاڻيون به آهن جيڪي اسان سنگت جي ويهڪن ۾ يا رسالن ۾ اهڙي توجهه سان نه ٻڌيون/ پڙهيون هيون جيئن هن وقت هي ٻه اکر لکڻ وقت ڌيان سان پڙهيون اٿم.
عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته ليکڪن جي ابتدائي لکڻين ۾ گهڻي قدر سندن ويجهي ماحول، ڪردارن ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻيءَ جي عڪاسي هوندي آهي، يا ائين چئجي ته انهن جو پنهنجي ويجهي سماجي سيٽ اپ جو مشاهدو وڌيڪ هوندو آهي يا اڃان به ائين چئجي ته جڏهن ڪو حساس شخص پنهنجي ويجهي ماحول ۾ ڪي انساني خرابيون ڏسندو آهي ته سندس تخليقي سگهه کيس للڪاري قلم کڻڻ جي ذميداري سونپيندي آهي، ساڳيءَ ريت ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي اندر ۾ ويٺل هڪ حساس تخليقڪار به پنهنجي شهر جيڪب آباد ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ ٿيندڙ سماجي اوڻاين کي تحريري اظهار ڏيڻ جي ذميداري محسوس ڪندي اهڙيون ڪهاڻيون رچڻ ضروري سمجهيون هيون، ۽ جيئن ته جيڪب آباد جو شهر سنڌ جي پڇڙيءَ تي ۽ بلوچستان جي منهن وارو شهر آهي، ان ڪري اتي جي رسم رواج ۾ هندو مسلم ۽ سنڌي بلوچي رسم رواج جو سنگم آهي، ان حوالي سان جهڙيءَ ريت ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون ڪجهه ڪهاڻيون: “مقدس گانئيون”، “رنگن ڀري پچڪاري”، “ارٿي”، “پرشاد”، “ايڪتا”، “بروڪر” جو سٽاءُ هندو جاتيءَ جي حوالي سان سٽيل آهن، تيئن “حرام حلال”، “پيار جو پاڇولو”، “اصول پرست”، “ڀاڳيو”، “بودو”، “ماسي ڪريما”، “هيلٿ آفيسر”، “پاپي” .... ۽ ٻيون به ڪيتريون ڪهاڻيون مسلمانن جي حوالي سان تمام گهڻن غير سماجي موضوعن تي تنقيد ۽ انساني آسن اميدن جون قلمي تصويرون آهن.
مرتضي لغاريءَ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي ڪهاڻين جي حوالي سان فليش فڪشن، مائڪرو اسٽوريز، نينو اسٽوريز جو تجزيو ڪيو آهي، جيڪو اسان جي هن دور جي ليکڪن جي معلومات لاءِ انتهائي اهم آهي، پر منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون هي سموريون ڪهاڻيون مختصر ڪهاڻين جي ذمري ۾ اچن ٿيون، ۽ جيئن ته سنڌي ادبي سنگت جي تنقيدي ويهڪن ۾ ٿوري وقت ۾ ئي پنهنجي لکڻي پيش ڪرڻي هوندي هئي ان ڪري ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون ڪهاڻيون به ان دورانيي جي حوالي سان مختصر آهن، پر مرتضي لغاريءَ جو تجزيو سنڌي ڪهاڻيءَ جي ادبي تنقيد جي حوالي سان نهايت اهم پيش رفت آهي.
جهڙيءَ ريت ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي “آشرم” ڪهاڻيءَ ۾ جيڪب آباد جي آرٽ سرڪلن ۽ انهن جي فنڪارن سان سماجي بيقدري، پذيرائيءَ يا پوريءَ ريت سهائتا نه ٿي سگهڻ جي احساس جو اظهار ڪيو آهي، تيئن “ادب جو چراغ” ڪهاڻيءَ ۾ هن اردوءَ جي نامياري شاعره پروين شاڪر جي اوچتي ٽرئفڪ حادثي ۾ فوت ٿي وڃڻ جي غم کي بيان ڪيو آهي. ساڳيءَ ريت روپلي جي سنڌي قومي جذبي کي “هو الوپ ٿي ويو” عنوان سان ڪهاڻيءَ جو روپ ڏنو آهي.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي ڪهاڻي “راکي” پڙهندي منهنجو ڌيان ماضيءَ جي انهن ڪهاڻين ڏانهن کڄي ويو، جن جا ليکڪ مسلمان هئا، منهنجو پنهنجو خيال آهي ته مسلمان ليکڪن: هندن جي راکي يا اهڙين ٻين ڌرمي رسمن تي هندو مسلم وچ ۾ “ايڪتا” پيدا ڪرڻ خاطر لکيو هو، ۽ ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته “راکيءَ جي رسم” ئي خاص طور سنڌين ۾ “هندو مسلم ايڪتا” جو احساس اڀاريندڙ رهي آهي.
مون ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي ادبي خدمتن ۽ شخصي زندگيءَ متعلق پاڪستان ٽيليويزن جي سنڌي پروگرام لاءِ 2007ع ڌاري پورٽريٽ رڪارڊ ڪيو هو، جنهن کي ٻين سيبتن پروگرامن وانگر نه پي ٽي وي محفوظ ڪري سگهي نه ئي پي ٽي ويءَ انهن سيبتن ماڻهن کي ڪا ڪاپي ڪري ڏني، جنهن جو افسوس مون کي ته آهي ئي پر سنڌ جي سڀني اديبن، شاعرن توڙي فنڪارن کي به آهي، جو پاڪستان ٽيليويزن هيڏو علمي ادبي خزانو هوا ۾ هلائي، رڪارڊ ئي مِٽائي ڇڏيو.


بيدل مسرور
ڪراچي سنڌ
27. 11. 2017

اگهيو ڪائو ڪچ

1962ع کان شاعري، ڪرڻ ڳائڻ، مائوٿ آرگن ۽ مورچنگ جي مشق ڪرڻ لڳس- بعد ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر بڻجي ڪهاڻيون لکڻ جي شروعات ڪيم جيڪي ان وقت جي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿينديون رهيون- ڪي اڻ ڇپيل ۽ اڌوريون ڪهاڻيون گم ٿي ويون ۽ ڪي لکي پوريون ڪيم- 1973ع کانپوءِ تحقيق ۽ تنقيد جي شعبي سان سلهاڙجي ادبي تاريخ مضمون نويبي، نظم توڙي نثر جي تنقيدي مطالعي جو شغف اختيار ڪيم، انهي دوران ڪهاڻيون به سرجيندو رهيس، هن ڪتاب ۾ صرف هڪ شروعاتي ڪهاڻي “پارانڀو” کانسواءِ باقي سڀ ڪهاڻيون گذريل ستن اٺن سالن دوران لکيل آهن.
من جي مامرن کي واقعياتي تخيل ۾ سموهي جڏهن لفظن جو روپ ڏجي ٿو تڏهن ڪهاڻي سرجي ٿي. ڪهاڻين ۾ لفظ پاڻ ڳالهائيندا ۽ پنهنجو اثر ڇڏيندا آهن- هن ڪتاب ۾ اهڙيون ئي ڪهاڻيون آهن جيڪي واقعن ۽ حقيقتن تي ڳالهائين ۽ ڪٿائون بيان ڪن ٿيون.
تخيل ۽ تحت الشعور جي لڪل گوشن مان تصوراتي رويا ڇلانگ هڻي، جڏهن ڪهاڻيون بڻجي پنن تي اوتجي پيا تڏهن اهو احساس ٿيو ته اهي ڪهاڻيون نه سرجن ها ته پنهنجي اندر جي اڌمن ۽ نفسياتي مونجهارن کي جيڪر ظاهر ئي نه ڪري سگهان ها.
ذهني ۽ جسماني ڀوڳنائن، نفسياتي گهٽ وڌاين ۽ سماجي اڏاوت جي ڪري، انسان ۾ پنهنجي ڪمزورين، لاچارين ۽ بيوسين کي بيان ڪرڻ جي قوت نٿي رهي ۽ نه وري اهڙين حالتن ۾ هو الٿڻ جي سگهه رکي ٿو- سرجيندڙ ۽ تخليقڪار به هڪ انسان آهي، نيٺ پنهنجين محرومين کي اورانگهي سڀ ڪجهه اوڳاڇي سچ ۽ روشني جي واٽ وٺي ٿو.
منهنجون ڪهاڻيون به اهڙين محرومين جو داستان آهن، جن ذريعي مون کوڙ سارن واقعن، سچاين، شڪ شبهن، سياسي، سماجي ڏيوالپڻي ۽ معاشي جبر بابت چند اشارا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اهي سڀ مختصر ڪهاڻيون منهنجي اندروني تڙپ ۽ روڳ کي ظاهر ڪن ٿيون، انهن کي بنياد بڻائي طويل ڪهاڻيون ۽ ناول به لکي سگهجن ٿا.

اڄوڪي دنيا ۾ ڊگهين ڪهاڻين ۽ داستانن بدران ننڍيون ڪهاڻيون لکجي رهيون آهن- اسرندڙ ملڪن ۾ فليش فڪشن گهڻو پيو لکجي، ڇو ته مصروفيتن ڪري ماڻهو ٿوري وقت ۾ زندگي جي مشغلن مان فارغ ٿيڻ چاهي ٿو- جڏهن ته اُسريل ملڪن، رشيا، فرانس ۽ انگلينڊ ۾ ناول وڌيڪ پيا لکجن ۽ پڙهجن-
هن وقت اسان وٽ ننڍي ڪهاڻي فني لحاظ کان اتم پڌ تي پهتل آهي ڇو ته ان ۾ آرٽ ۽ ڪرافٽ ٻئي آهن. اسان جو ڪهاڻيڪار فني گهرجن جو مطالعو ڪندڙ ۽ ڄاڻو ڪار آهي، ڪهاڻي ۾ واقعا ۽ منظر اهڙي ترتيب سان ڏي ٿو جو اهي نه صرف پڙهندڙ جي ذهن ۾ هلچل پيدا ڪن ٿا پرڪشش ۽ اثر به ڇڏين ٿا نه صرف اهو پر ڪهاڻي ۾ انوکو ۽ حيرت ۾ وجهندڙ سسپينس به آخري جملي تائين قائم رهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه مختصر ڪهاڻيون گهڻيون پڙهيون وڃن ٿيون.
هن ڪتاب جي هر ڪهاڻي اک ڇنڀ ۾ پڙهي سگهجي ٿي يعني گهڻيون پنهنجي ڪارج ۽ تاثر جي لحاظ کان( Communicate) ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن- ڪوشش ڪري ڪهاڻي کي گهٽ ۾ گهٽ لفظن ۾ سموهيو آهي. هرڪا ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ، اهو تاثر شدت سان اڀري ٿو ته: اُجهو ٿو سنسار جي ڪنهن لڪل سچ تان پردو کڄي، منهنجون ڪجهه ڪهاڻيون شارٽ شارٽ ڪهاڻي جي زمري ۾ اچن ٿيون، ڪجهه تمام مختصر، ڪجهه سڊن (Sudden) فڪشن ۽ ڪي مائڪرو ۽ نينواسٽوري آهن.
مختصر ڪهاڻين جي هن مجموعي “ڪَلجُڳ جا رنگ”، ۾ ٻوليءَ جي سونهن، گم ٿيل يا گهٽ استعمال ٿيندڙ لفظن سان گڏ موضوع جي نواڻ به آهي. جهڙي ريت ڪهاڻيون “رنگن ڀري پچڪاري”، “ڪَلجُڳ جا رنگ”، “پيار ۽ مذهب”، “پاپي”، “راکي”، “ايڪتا”، “منهنجي امڙ” ۽ “ارٿي” پڙهڻ کانپوءِ ڪردارن جي عوامي ٻولي ۽ نفسياتي رد عمل ڏسي، چئي سگهجي ٿو ته سڀ جو سڀ پنهنجي ڌرتيءَ سان واڳيل ۽ حقيقت تي مشتمل آهن.
اڪثر ڪهاڻين ۾ فني ۽ تاثيري ترتيب توڙي نفسياتي ۽ سماجي گهٽ وڌايون اهڙي ته ڇڀندڙ انداز ۾ ڏنيون ويون آهن، جو انهن جا ڪرادار پنهنجي جزئيات جي لحاظ کان جيئرا جاڳندا ۽ ڏٺل وائٺل لڳي رهيا آهن- ڪهاڻيون فيوڊل ۽ زرعي سماج ۽ روحانيت کان هٽي جديد فڪشن ۽ جديديت پڄاڻان جي اصولن کي سامهون رکي لکيون ويو آهن؛ انڪري انساني نفسيات کي ڇهندڙ، جديد معيار کي ويجهو ۽ سوچ توڙي پروڙجي دعوت ڏيئي رهيون آهن- انهي حوالي سان طارق عالم ابڙي، عبدالقادر جوڻيجي، صديق مڱئي، بادل جمالي، رفيق سومري، رسول ميمڻ، منظور ڪوهيار، اخلاق انصاري، اسحاق انصاري، عبيد راشدي، عباس ڪوريجي ۽ ٻين ڀرپور لکيو آهي ۽ واهه جو لکيو آهي-
ڪهاڻي کيتر ۾ هي هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي- اميد ته ننڍين وڏين ڪا ڪوتاهين جي نشاندهي ڪري، رهجي ويل گهرجن کي سمجهائيندي، سڀ وڏا ڪهاڻيڪار هڪ بهترين رهنما جيان راءِ ڏيئي، رهنمائي ڪندا.
مون زندگي جي دردن ۽ احساسن کي ڪهاڻين ۾ سموهي سنڌي سماج ۽ مڙني پڙهندڙن کي هڪ پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن اهي پڙهي موٽ ڏيندا ته منهنجي من کي سڪون ۽ ساهس ملندو ۽ سوچون مهانتا ماڻينديون.

آخر ۾ انهن مهربانن ۽ سرتُ جي صاحبن جا ٿورا مڃڻ ضروري ٿو سمجهان جن زندگي جي ڪنهن موڙ تي همٿايو، سمجهايو، سُرت ساڃهه ۽ پيار ۽ پنهنجائپ جي پوتر، ڪومل ۽ سڳند ۽ سُرهاڻ سان ڀريل گلن جهڙن لفظن سان مونکي آسيس ۽ پيار ڏنو. انهن مانائتن شخصن جي لڙهي طويل آهي پر ڪجهه ڳاڻ ڳڻيا ساٿي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، تنوير عباسي، عبدالڪريم گدائي، پروفيسر عبدالمنان چانڊيو، پروفيسر حافظ محمد علي سانگي، ڊاڪٽر محبوب شيخ، نصير مرزا، ڊاڪٽر يوسف خشڪ، اختر جانوري، ڊاڪٽر علم الدين بلو، سائين عبدالرشيد مڱڻيجو، محترم ساجد جمال ابڙو، ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، ملڪ اسرار حسين، گهنشام ڊوڊيجا، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر نجمه نور، پروفيسر فرزانه شاهين مڱڻيجو، ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر ادل سومرو، اياز گل، پروفيسر لياقت خان، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، پروفيسر ساجد سومرو، سائين استاد امبر تراءِ، اسحاق شيخ، فتاح عابد، ايڊووڪيٽ محمد بخش سومرو، پروفيسر حاجي روشن علي ڀٽو، اسد الله ڀٽو، پرفيسر عبدالرحمان لغاري، نظير لغاري علي اڪبر ڍڪڻ، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ايڊووڪيٽ اي بي صدا لاشاري، خان محمد جروار، اڪبر اديب، محمد بخش جي- سومرو، استاد محمد هاشم ڏيئو ۽ مرتضى لغاري منهنجي هنيانءَ ۽ هردي ۾ سدائين واسو ڪيو ويٺل آهن، يوسف سنڌي صاحب جا وڏا وڙ جنهن هن ڪهاڻي ڪتاب جو مهاڳ لکي ڏنو، اڻ ڳڻيا احسان پياري دوست بيدل مسرور صاحب جا جنهن پڻ مضمون لکي ڏنو، مان سندن محبتون وساري نه ٿو سگهان.
اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئهءُ پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.
...............


ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

ڪهاڻيون

فليش فڪشن مان مراد، ڪهاڻي جي صورت ۾ اهڙو نثري ادب جيڪو اک ڇنڀ ۾ پڙهي سگهجي. اهڙي قسم جي لکڻيءَ ۾ ليکڪ ٿوري ۾ ٿوري لفظن ۾ پنهنجي ڳالهه پڙهندڙن تائين پهچائڻ چاهيندو آهي.
انٽرنيٽ جي اچڻ ڪري فليش فڪشن کي هڪ نئين حياتي ملي آهي.
هن وقت يورپ ۾ فليش فڪشن جي حوالي سان ادب جون ڪيتريون صنفون جهڙوڪ: مختصر_ مختصر ڪهاڻي، نينو ڪهاڻي، مائڪرو ڪهاڻي، ٽوئٽريچر وغيره لکجن پيون.
فليش فڪشن ۾ اها به منفرد ادبي خوبي آهي ته هوءَ وڏي ڪهاڻي ڏانهن چٽو اشارو ڪري ٿي. هن طريقي موجب ٿورن لفظن ۾ ڳالهه کي پورو ڪرڻو هوندو آهي.

گراهام

ڪهاڻيون

---

رنگ ڀري پچڪاري

اڄ ڌوڙيو هو ۽ هوليءَ جو ٻيو ڏينهن، سڀ رنگن سان کيڏي ۽ ڪڏي رهيا هئا. عورتن، ٻارن ۽ مرد ماڻهن مندر ۾ پرارٿنا کانپوءِ، جٿن جي صورت ۾ شهر جي وڏي جلوس ۾ شريڪ ٿيندا رهيا، جيڪو ڪلياڻ مندر کان مهراج گوپي چند جي اڳواڻي ۾ نڪري چڪو هو، وڏن جي هٿن ۾ رنگن سان ڀريل بالٽيون ۽ بوتلون هيون ۽ ٻارن جي هٿن ۾ پچڪاريون .
ڏهن ورهين جو نريش جلوس جي هڪ پاسي بند دوڪان جي دِڪيءَ تي بيهي ڊاڪٽرن جي ڦٽي ڪيل بنا نيڊل واري سرنج کي پچڪاري بڻائي، ٻين ٻارن جيان رنگ هڻندي ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهيو هو، ڪنهن کي خبر ڪونه هئي ته ننڍڙو سڀني کان ڌار دِڪيءَ تي ڇو بيٺو آهي؟ جلوس ۾ شريڪ ننڍاوڏا رنگا رنگ هوليءَ جي ڌماچوڪڙي ۾ ناچ نچي ۽ هڪ ٻئي کي مٺايون کارائي رهيا هئا.
ٻين ٻارن جي هٿن ۾ سهڻيون رنگا رنگي نفيس پچڪاريون ڏسي، نريش دل ئي دل ۾ سوچيو:
“جيڪر اهڙي پچڪاري وٽس هجي ته رنگ لڳائڻ ۾ ڏاڍو مزو اچي.” اهو سوچي جلوس ۾ هليو ويو ۽ هڪڙي پاڻ جيڏي کي چيائين:
“يار! ڪجهه دير لاءِ پنهنجي پچڪاري مونکي ڏيندين؟”
ڇوڪري انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، پر نريش ڪو نه مڙيو، ايلاز ڪندي چيائين:
“صرف ٻن منٽن لاءِ اها مونکي ڏي ۽ منهنجي پچڪاري تون هلاءِ.”
ڇوڪري ڌڪار مان ڏسندي چيو:
“هل پري ٿي، ايڏا غريب آهيو جو هوليءَ تي به پچڪاري نئين نٿا وٺو!!”
اهو مهڻو ٻڌي نريش ڏاڍو نراس ٿي پيو.
ڪنهن کي ڪهڙي ڪل ته هو هڪ غريب ودوا جو پٽ ۽ گئوشالا جي هڪ ڪنڊ ۾ ٺهيل جهوپڙيءَ ۾ پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندوهو.
ڪجهه دير کان پوءِ جلوس ۾ گوڙ ٿي ويو، ننڍڙو نريش پاڻ جيڏن جون پچڪاريون ڦريندو زمين تي ڦٽي ڪندو ويو، ڇوڪرا پڪڙيندا رهيا پر هو ڏاڍي تيزي سان ايئن ڪري رهيو هو.
ڪجهه وقت کانپوءِ هو سڀني کان پاڻ ڇڏائي، هڪ خوبصورت رنگ ڀري پچڪاري کنيو هجوم مان هليو ويو.



بودو

بودو منهنجو پاڙيسري ۽ اليڪ سليڪ وارو ماڻهو هو. اسان جي پاڙي ۾ اڪثريت هندن جي آهي. هونءَ هندو ڪاروباري ۽ نيت پريت وارا ٿين ٿا. پر بودو سڀني کان نرالي طبيعت وارو ماڻهو آهي، هو گهر جي ڀاڄي ڀتي پاڻ ئي خريد ڪندو آهي. ڪئنيڊي مارڪيٽ لڳ صبح جو ڀاڄين جا کوڙ ٺيلها لڳندا آهن، هو اڪثر اگهه گهٽ ڪرائڻ لاءِ هڪ ٺيلهي کان ٻئي ٺيلهي تائين گهمندو رهندو آهي، جيڪا ڀاڄي وٺندو چونڊي چونڊي کڻندو.
اڃا وچولي وهي جو آهي پر چڪائي پوڙهن کان به گهڻي ڪندو آهي، اسان جي دوڪان جي سامهون قاسم بروهي جو ٺيلهو بيٺل آهي ۽ ڀر ۾ وري رئيس پريل پيرزادي جا ٻه گاڏا، آلو ٽماٽي ۽ بصرن جا لڳل آهن.
هڪ ڏينهن صبح جو بودو ڇلي کڻي اچي قاسم بروهي جي ٺيلهي تي بيٺو ۽ ڀاڄين جا اگهه چڪائڻ لڳو، قاسم کيس سڃاڻيندو هو، ڏسندي ئي چيائينس:
“ڪاڪا اڄ مال به تازو ۽ سٺو اٿئي ۽ اگهه به ڪو وڏو ناهي ٿيو، پٽاٽا 50روپيه بصر 70 ۽ ٽماٽا 30 روپيه ڌڙي آهن.”
بودو ڪٿي ٿو مڙي، ٺيلهي واري کي چيائين:
“”ڏهه ڏهه روپيا ڇوٽ ڏيندين ته پوءِ سڀني مان ڌڙي ڌڙي تور.”
قاسم بروهي، اڳم ته اگهه گهٽ ڪرڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيو پر نيٺ دوڪانداري ڏيکاريندي چيائين: “دادا توکي پنج روپيه ٻيا به ڌڙي تي ڇڏيان ٿو هاڻي تنهنجي مرضي.”
بودو، اگهه گهٽ ڪرائي، دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳو، ڀاڄيون تورائي، گهر ۾ زال جي اڳيان اچي رکيائين- اڄ جمعو هو کيس دوڪان تي وڃڻو نه هيو، رسوئي لاءِ زال کي چئي وڃي ڪمري ۾ ويٺو.
سگهڙ عورتون گهر ۾ آندل هر شيءِ کي ڏسي وائسي صاف ڪري پوءِ هنڌيڪو ڪنديون آهن. هوءَ به سڀني ڀاڄين کي جدا جدا باسڻن ۾ چونڊيندي رکندي ويئي ۽ انهن مان جيڪي خراب ۽ ڦٿل هيون سي ڌار پئي ڪيائين- ڪم کان فارغ ٿي، هن مڙس کي سڏيو:
“اڙي! هي ڦٿل ڀاڄيون ٻاهر وڃي گانئن کي ڏئي اچ.”
بودو ڪمري کان نڪري جيئن ورانڊي ۾ آيو ته ڦٿل ۽ خراب ڀاڄين جو هيڏو ڍڳ ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ چپن ۾ ڀڻڀڻائيندي چيائين:
“مار! دوڪاندار ته اڳيون پويون حساب چڪتو ڪري ڇڏيو.”



ارٿي

هو روزانو سنان پاڻي ڪري پنهنجي دوڪان تي وڃي هٿ ٻڌي، ڪنڌ نوائي، لڪڇمي ماتا جي پرارٿنا کانپوءِ دوڪان جا تالا کوليندو هو. دوڪان ۾ رکيل گرؤ جي تصوير مٿان ڇنڊو پاڻي ڪري، گلن جي مالها چاڙهي، اگر بتي جي واس کانپوءِ دوڪانداري شروع ڪندو هو.
هن کي مالڪ جو سڀ گنج هيو پر کيس نرينو اولاد ڪو نه هو. مساڻن ۾ شنڪر ۽ ماتا جي مندر ۾ هن منٿ باسي هئي ته جيڪر پٽ جو اولاد ٿئي ته هر سوموار تي هو ورت به رکندو ۽ مساڻ جي مندرن ۾ مٿو ٽيڪڻ به ايندو. سالن کانپوءِ سندس گهر ۾ آڪاش اتپن ٿيو ۽ پورو خاندان خوشيءَ ۾ ٻهڪي پيو.
ڌرمي ڌاڳن ۽ عقيدن ۾ پوتل راجيش هن سوموار تي مونکي به مساڻن ڏانهن وٺي ويو، هو دال، چانور، ٻاجهري ۽ گل وغيره کنيو آيو هو. مونکي ويهڻ لاءِ ڪرسي ڏيئي، پاڻ مٿو ڍڪي پوڄاپاٽ لاءِ مندر ۾ گهڙيو.
مساڻ ۾ پاڻي جي ڪچي تلاءُ تي بدڪون جهرڪيون، ڪبوتر، ڳيرا ڪٻريون ۽ ڪانءُ، پريمين پاران وڇايل داڻو، بناڊپ جي چڳي رهيا هئا- هر پاسي شانت ئي شانت ڇانيل هئي- مساڻ جي پوئين حصي ۾ جنهگلي وڻ ٻوٽا ۽ کوڙ ساريون ڪچيون پڪيون قبرون هيون جيڪي راجيش جي چوڻ مطابق ننڍن ٻارن، ڪنوارين نياڻين ۽ مهراجن جون هيون- راجيش هڪ ننڍي قبر تي، اکيون ٻوٽي، هٿ ٻڌي ارداس ڪرڻ لڳو ۽ منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين:
“هي منهنجي ننڍڙي جي قبر آهي جنهن ٻه سال اڳ صرف ٻه ڏينهن هن سنسار ۾ گذاريا.”
“مونکي خبر نه هئي، افسوس توکي ارماني ڪيم.”
هن وراڻيو: “اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، سچ اهو آهي ته مساڻن ۾ پٽ جي قبر تي اچي، منهنجي اندر ۾ اهو احساس اڀرندو آهي ته هڪ ڏينهن منهنجي ارٿي به هتي ايندي ۽ اها ڪلپنا، سڀا ۾ ڪجهه ڪرڻ لاءِ مونکي اڪسائي ٿي.”
راجيش جا اهڙا ويچار ٻڌي کيس چيم:
“يار! تون ته واقعي سنت آهين.”
هن وراڻيو: “هتي ساڌو سنت، مهاپرش ۽ سيٺيا سڀ هڪ ڏينهن اچڻا آهن، خبر اٿئي! اڄ شهر جو مکي ۽ مل اونر سيٺ موهنداس چاولا جو ديهانت ٿيو آهي، ان جي ارٿي اچڻ واري آهي.”
اسان جيئن ئي مساڻ جي اڳئين حصي ۾ آياسي ته موهنداس جي ڏولي پهچي چڪي هئي. اگني سنسڪار کانپوءِ، سڀ ڪانڌي آهستي آهستي پئنجايت ڀون ۾ اچي ويٺا. مهراج هوڪو ڏيندي چيو:
“هڪ پريمي گائتري منتر پڙهي ۽ ٻيا به ان سان گڏ پڙهن.” منتر پڙهڻ کانپوءِ، مهراج وري اٿيو ۽ هوڪو ڏيندي چيائين:“هاڻي سرڳواسي موهنداس جي پٽ لڇمڻ داس کي پڳڙي ٻڌائڻ جي رسم ٿيندي.”
پڳڙي جي رسم کان پوءِ مهراج ويٺلن کي وينتي ڪندي چيو:
“پئنچو‏ ڀائرو پر چاڻي ڪريو.”
مهراج سڀني آيلن تي پاڻي جو ڇنڊو وڌو ۽ هٿ ٻڌي موڪلائو ڪيو- سڀني ماڻهن مرهيات موهنداس جي مائٽن سان هٿ ٻڌي دک جو اظهار ڪيو ۽ ٻاهر نڪرندا رهيا.
راجيش خاموش ۽ بي چين ٿي لڳو- مون کيس واپس هلڻ لاءِ چيو. هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، سڙندڙ مڙهه ڏانهن اشارو ڪندي چيائين:
“سيٺ موهنداس، منهنجو پري جو مائٽ لڳي- سيٺ ڏاڍو ڪنجوس هو- ڏاج ڏيڻ جي ڊپ کان هن پنهنجي ٻن ڌيئرن کي ويهاري مٿا اڇا ڪري ڇڏيا.”
“پوءِ”
“پوءِ ڇا؟اهي عمريون وڃائي ويٺيون ۽ هي ڌن بچائي ڌوڙ ٿي ويو.”



ايڪتا

ڏڱر محلي ۾ هوتو مل سوناري ۽ تڳيل خان درزيءَ جا گهر هڪ ٻئي جي لڳو لڳ هئا، ورهاڱو تازو ٿيو هو- ڪيترا هندو لڏي پلاڻي اباڻا گهر ڇڏي انڊيا هليا ويا ۽ ان جي جاءِ تي کوڙ پناهگير مسلمان انهن جي ڇڏيل جهڳن ۾ اچي ويٺا. هوتو مل جا ڪيترا مائٽ ملڪ ڇڏي وڃي رهيا هئا، کيس به هلڻ لاءِ زور ڀريائون، هن مائٽن کي چيو: “اهو ڪڌو ڪم مونکان نه ٿيندو اڻاسا اهڙو ڪم ڪري سگهن ٿا. منهنجو جنم به هتي ٿيو ته مرتيو به هن مٽيءَ ۾ ٿيندو.”
ملڪ مان ورهاڱي واري افراتفري ختم ٿي چڪي هئي- هر پاسي سانتيڪو ماحول هو، هندو ۽ مسلمان اڳي جيان سک ۽ شانت ۾ گڏ جي گذارڻ لڳا.
سو مهڻي مهل هوتومل سونارڪو دوڪان بند ڪري سون ۽ روڪڙ جي ٿيلهي کڻي روز جيان گهرجي دروازي تي پهتو استاد تڳيل درزي به حسب معمول کٽ ۽ ڪرسيون لڳائي پنهنجي گهر جي ٻاهران ويٺل هو. هوتو مل اڄ به استاد کي نمستي ۽ سلام ڪيو- اڄ هن اچڻ ۾ ٿوري دير ڪئي هئي. استاد تڳيل پڇيس :
“اڄ اچڻ ۾ ڇو دير ڪئي اٿئي؟”
“استاد! ڪجهه گراهڪ اچي ويا هئا. انهي ڪري ٿوري دير ٿي ويئي .” هن وراڻيو.
‌استاد تڳيل درزي انهي ڪم کان اڳ جواني ۾ ڏاند گاڏي هلائي ڳوڻيون ڍوئيندو هو، بدن ۾ برجستو ۽ نڪرندڙ قد ڪاٺ وارو تڳيل دلير ۽ بي لبوهو، پاڙي وارا هندو توڙي مسلمان کيس عزت ۽ مان ڏيندا هئا. هو به پاڙي وارن جي آواز تي لبيڪ چوڻ وارو شخص هو.
ايتري ۾ اوچتو گهٽيءَ ۾ فائر ٿيو- هوتو سونارو، استاد تڳيل ۽ ٻيا ويٺل ماڻهو هڪا ٻڪا ٿي ويا- هوتومل، پنهنجي هڙ سميت اٿي گهر ڏانهن راهي ٿيو، پر شاهينگ سر تي چڙهي آيس ۽ هڪل ڪندي چيائونس.
“نه ويندين هوتو مل! اسان تنهنجا مهمان آهيون، هڙ اسان جي حوالي ڪر.”
هن ٻاجهاري انداز ۾ استاد تڳيل کي ارداس ڪندي چيو: “تڳيل منهنجي وارثي ڪر.”
استاد بي ڊپو ۽ بي پرواهه... نه ڪيائين هم نه تم ۽ ڪاهي پيو ڪن ۾، ٽن ڌاڙيلن کي للڪاريندي چيائين:
“هوتو کان هٿ ڪڍو.”
پر ڌاڙيل هٿ ۾ آيل شڪار کي ڪٿي پيا ڇڏين تڳيل کي سڃاڻندي چيائون.
“استاد هي هندو آهي ۽ تون مسلمان-اسان جي وچ ۾ تو کي اچڻ نه گهرجي.”
تڳيل انهن کي جواب ڏيڻ بدران وڃي هڪ ڌاڙيل سان ٻَکيو، ڌاڙيلن وڏي ڪوشش ڪئي ته ساٿي کي ڇڏائي، مال کڻي نڪري وڃن، پر استاد ڪٿي پيو ڌاڙيل کي ڇڏي، نيٺ ڌاڙيلن بي وس ٿي پنهنجي ساٿي ڇڏائڻ لاءِ گوليون وسايون. ٻه لاش رت ۾ ڌوتل، گهٽيءَ جي فرش تي ڇڏي ٽئي ڌاڙيل اونداهي جو فائدو وٺي سنهين گهٽين ۾ گم ٿي ويا.
ٻي صبح جو شهر جي هندو ۽ مسلمان گڏجي ٻنهي ميتن کي ڪلهو ڏيئي پوري شهر ۾ گهمائي، آخري منزل تي پهچائڻ لاءِ شهر جي اترئين پاسي ٺهيل مقام ۽ مساڻ پهچايو، امر هوتومل سونارو ۽ شهيد تڳيل درزي اڄ اسان وٽ ڪونهن پر مذهبي رواداري ايڪتا ۽ پاڙي تي ساهه ڏيندڙ سپوت جي ڪهاڻي سدائين زندهه رهندي.
آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهو کي، پر ايئن نه مرنداسين ساٿي،
ڪا آڳ لڳائي وينداسين ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.



ماسي ڪريمان

ڪريما منهنجي گهر جا ڀانڊا به صاف ڪندي هئي ۽ گهر جي ٻئي ڪم ڪار ۾ به مدد ڪندي هئي- آئون هن جي مرڪندڙ منهن ۽ اورچائي کان خوش هوندي هيس، هوءَ ٻين ماسين جيان لالچي به نه هئي ٽن سالن کان مون وٽ ڪم ڪندي ڪڏهن به پاڻ نه پگهار وڌائڻ لاءِ چيائين ۽ نه ڪڏهن ڪنهن لٿل ڪپڙي لٽي جي طلب ڪيائين. ها، پر مان سندس غربت ۽ ايمانداري ڏسي سندس هر طرح جو خيال رکندي هيس، ڏکي سکي ۾ هن جي گهرڻ کان اڳ، گهڻو ڪجهه ڏيئي ڇڏيندي هيس، اڄ هن ڪم تي اچڻ ۾ ڪافي دير لڳائي هئي- گهر ۾ گهڙڻ سان مون پڇيو.
“ماسي ايڏي دير ڇو؟ توهان کان سواءِ گهر جو ڪم ڪار رُليو پيو آهي.”
مسڪرائيندڙ منهن واري ڪريما، اڄ ٿوري منجهيل ۽ موڳي پئي لڳي. هوءَ جواب ڏيڻ بدران گهر جا ٿانوَ ٿپا ميڙي هڪ هنڌ رکي، ڪچن جي صفائي ڪرڻ لڳي، ڪم پورو ڪري هوءَ چپ چاپ وڃڻ لڳي صرف ايترو چيائين:
“ميڊم آئون هلان پئي.”
هيڏانهن آئون سندس رويي تي ڏاڍي پريشان هيس، ڇو ته هوءَ ته ڪڏهن به مونجهي ۽ ايئن خاموش ڪو نه رهي هئي. مونکان رهيو نه ٿيو، ٻانهن کان ڇڪي پنهنجي ڪمري ۾ آڻي چيم:
“ڪريما! ٻڌاءِ ته سهي، آخر ڪهڙو مسئلو آهي! تنهنجي گهر يا ڪٽنب ۾ ڪو واقعو ٿيو آهي...؟ تنهنجي ڌيءَ حليمه ڪٿي آهي، اها بيمار ته ناهي؟؟”
“نه ميڊم اهڙو ڪو مسئلو ناهي.”
“پوءِ ايڏي خاموشي ۽ تڪڙ ڇا لاءِ...؟”
هن هٻڪندي هٻڪندي چپ چوريا:
“ميڊم واقعو ڏاڍو ڏکائيندڙ آهي- اسان جي ڪکائن جهُڳين ۾ رهندڙ هڪ ڇهن ورهين جي نينگريءَ سان پاڙي جي ڪن اڀاڳن....” ۽ هوءَ جملو پورو ڪري ڪو نه سگهي. منهنجي گهڻي پڇ پڇ تي هن نيٺ ڪُڇيو.
“اهي ننڌڻڪا ته پڪڙجي پيا ۽ گڏي جهڙي ننڍڙي کي پوليس تپاس لاءِ اسپتال وٺي ويئي، جتي گهڻي رت وهڻ ڪري هوءَ فوت ٿي ويئي”
“تنهنجي ڌيءَ حليما ڪٿي آهي؟”
“اڄ پڻس کي ڪم تي ڪو نه ڇڏيم، حليما ان جي حوالي ڪري آئي آهيان.”
مون کيس آٿت ڏيندي چيو:
“اهو سٺو ڪيهءَ، هي دنيا ڏاڍي ڏنگي آهي. هتي انسانن جي روپ ۾ جانور رهن ٿا. احساس ۽ ساهس ختم ٿيندا پيا وڃن ڄاڻان ٿي تنهنجي سور کي آئون پاڻ ڌيءَ ماءُ آهيان.”



ڪلب

مسلسل چئن ڏينهن کان آئون پنهنجي ناٺيءَ ۽ سندس پٽن ذيشان ۽ ارمان سان گڏ جي شام جو ڪلب ويندو آهيان. يارهن سالن جا ٻئي ننڍڙا روزانو سوئمنگ پول ۾ تري تڙڳي پنهنجا ڪرتب ڏيکائيندا رهندا آهن. اڄ به سندن گهڻي اسرار تي، اڳم سوئمنگ پول تي وڃي، سندن ڪرتب ڏسڻ جو واعدو ڪيم تڏهن منهنجي جان خلاصي ٿي- ٻئي ڄڻا پاڻ سان گڏ تڙ جا چڍا، نڪ ۽ ڪنن کي پاڻي کان بچائڻ لاءِ ضروري سامان آڻيندا هئا- اسين جيئن ئي سوئمنگ پول جي ڏاڪن تي چڙهڻ جو ارادو ڪيو ته مين گيٽ بند ۽ در تي بيٺل سڪيورٽي گارڊ جو اشارو سمجهي هيٺ بيهي، حيرانگي ۾ ڏسندا رهياسين.
هر پاسي وڏي چؤ پچوءَ هلي رهي هئي- خاموشي ۽ شڪ سان هر ڪو هڪ ٻئي کي تڪي رهيو هو- ويتر مونجهه انهي ڪري ٿي رهي هئي جو ڪو ڪنهن سان راز نه پيو سلي، مسئلي تي سڀني جا وات سبيل ۽ خاموش هئا- پارڪ ۾ رکيل ڪرسين تي ڪجهه کائڻ پيئڻ لاءِ ويهڻ کان اڳ ۾، مون پنهنجي ناٺيءَ کي چيو:
“توهان وڃو ۽ ايڊمنسٽريٽر کان معلوم ڪريو ته ڇا ماجرا آهي؟”
“ها بابا” چئي هو هليو ويو- ڪجهه دير بعد جيئن ئي واپس آيو ته مون تڪڙ ۾ کانئس پڇيو:
“ڇا ڳالهه آهي؟”
هن اڳم پنهنجي ٻارن تي نگاهه وڌي ۽ پوءِ انهن جي مٿي تي هٿ گهمائيندي آهستي چوڻ لڳو :
“اڄ صبح سوئمنگ پول جي صفائي لاءِ جيئن ئي عملو پهتو ته انهن ٻارنهن ورهين جي ٻار وقار احمد جو لاش ترندي ڏٺو ۽ سڄي ايگزيڪيوٽو باڊي انهي مامري کي سلجهائڻ ۾ مصروف آهي.”
ايتري ۾ ارمان ۽ ذيشان پريشاني ۾ پيءُ کي چوڻ لڳا:
“بابا! هي اهو وقار ته ناهي جنهن ڪالهه اسان سان گڏ جي تار هڻڻ جو مقابلو پئي ڪيو.”
“ها پٽ، واقعي ڪيڏو نه پيارو هو.”
اهو چوندي هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا.



اصول پرست

ساجده، حبيبه ۽ راحيله، بحريا يونيورسٽي اسلام آباد جون شگردياڻيون هيون- هيون ته ٽئي مختلف صوبن جون پر ساڳي شعبي (Department) ۽ روم ميٽ هجڻ ڪري نه صرف پڙهائي گڏجي ڪنديون هيون پر سندن ڪيترا ويچار به هڪ جهڙا ٿي پياهئا.
اڄ ڏاڍيون پريشان پئي لڳيون، شايد ڪنهن پڙهائي جي مسئلن تي سوچي رهيون هيون- ڪجهه دير بعد جڏهن اهي ڪنهن نتيجي تي پهتيون ته مرڪي هڪ ٻئي سان تاڙا ملايائون. پوءِ ساجده، موبائل تي نمبر ڊائل ڪيو.
“هيلو”
“سر، مان ساجده پئي ڳالهايان. شماريات (Statistics) جي شاگردياڻي، بحريا يونيورسٽي هاسٽل کان .”
“جي جي... مون سڃاتو بابا”
ساجده، يونيورسٽي جي پروفيسر سان مخاطب هئي کيس قائل ٿيندو ڏسي، من جي ڳالهه ڪيائين:
“سر، اسان ٽنهي سهيلين جي هڪ ننڍڙي خواهش آهي، اسان کي اميد آهي، توهان انڪار نه ڪندؤ- ڏهين سيپٽمبر تي هن سيمسٽر جي پڙهائي پوري ٿي چڪي آهي، اسين چاهيون ٿيون ته امتحانن کان اڳم توهان سان گڏجي ڊنر ڪريون .”
هن وراڻيو: “ڇوڪريءَ، انهيءَ تڪليف جي ڪهڙي ضرورت؟”
ساجده سمجهي ورتو ته سر مڃي چڪو آهي، چيائين:
“سر! ته پوءِ سپرڊي لڪس تي ڊنر ٿي وڃي، اڄ رات اٺين وڳي اسين سڀ اتي هونداسي.”
سر تنوير اسٽيٽڪس ڊيپارٽمنٽ جو پروفيسر هو- اصول پرست ۽ سٺن توڙي محنتي شاگردن جو دل سان قدر ڪندڙ هو. سڀ مقرر وقت تي هوٽل پهچي چڪا هئا.
ريشمي ڪباب، فش فراءِ، چڪن ڪڙهائي، چڪن ٻوٽي، ۽ شاهي ٽڪڙا کائي رڄ ڪيائون. آخر پروفيسر کانئن پڇيو:
“بابا هي ڊنر آخر ڪهڙي خوشي ۾ ڪرائي ويئي آهي؟”
“سر! اوهان سينيئر ٽيچر آهيو، اسان کي پڙهائڻ توڙي عملي تربيت لاءِ ڪلاس ۾ توهان گهڻي تياري سان ايندا آهيو، توهان جا احسان صرف هڪ ڊنر سان ته لهي ڪونه سگهندا، ٻي سپر ڊنر امتحان کانپوءِ سر!!”
حبيبه يڪساهي چئي ويئي.
ڪجهه دير ۾ هوٽل کان ٻاهر آيا، سر تنوير ٽنهي شاگردياڻين کي پنهنجي گاڏي ۾ کڻي، يونيورسٽي هاسٽل جي مين گيٽ تي ڊراپ ڪري گهر روانو ٿي ويو.
اڄ رزلٽ جو ڏهاڙو هو.
ٽئي ڄڻيون ڏاڍيون خوش هيون- پر رزلٽ شيٽ ڏسندي هڪيون ٻڪيون ٿي ويون، پوري ڪلاس مان سندن مارڪون گهٽ هيون، حيرانگي ۾ ڪڏهن پريوفيسر تنوير ۽ ڪڏهن هڪ ٻئي جو منهن تڪينديون ڪلاس روم مان نڪري ويون.



روهيل جي ڪهاڻي

ننڍڙو روهيل اڄ وري اسڪول وڃڻ کان نابري واري بيٺو_ هن پنهنجي ماءُ کي آهستي ڪن ۾ چيو:
“مما اڄ مان اسڪول ڪو نه ويندس.”
ماڻس خاموشي سان ٻڌو ۽ ها يا نه جي ورندي کيس ڪو نه ڏنائين. روهيل مايوس ٿي ڪمري ڏانهن هليو ويو.
هن گهر ۾ ورهين پڄاڻان سڪي سڪي جڏهن روهيل ڄائو ته پوري خاندان ۾ خوشين جا خزانا لٽايا ويا ۽ گهر ٻاري ڏياري ڪيو ويو.
کيس گهڻي لاڏ ڪوڏ سان پاليو پئي ويو، نتيجي ۾ هو دادلو ۽ گهر ڀاتين سان هوڏي بڻجي پيو. ٻار وڏن جي ڀيٽ ۾ پيار جي نفسيات کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو- ان ڪري سدائين گهر ڀاتين سان کِٽ پِٽ ڪندو رهندو هو ۽ موٽ ۾ اهي سندس هر انگل پورو ڪندا رهندا هئا. سندس گهر جو ماحول به مانائتو ۽ مهذب هو.
ماءُ پيءُ ٻئي ڊاڪٽر ۽ ماسيون توڙي ماما سڀ تعليم يا فته هئا. روهيل به ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو ڏاهو، فضيلت ڀريو ۽ شڪل شبيهه ۾ ٺاهوڪو هو. سڪيلڌي هجڻ ڪري هن جي هڪ اشاري تي سڀ پيا قربان ٿيندا هئا. پر پڙهائڻ جي باري ۾ ماڻس ڏاڍي سخت هئي، هن کي ڄاڻ هئي ته علم سان ئي ماڻهو انسانيت جو درجو ماڻي ٿو ۽ علم اهڙي ملڪيت آهي جيڪا خرچڻ سان پاڻ وڌندي آهي. ان ڪري هن جي خواهش هئي ته سندس ٻالڪ روهيل علم جي زيور سان سينگار جي.
اڄ ڇنڇر جو ڏينهن هو سرڪاري اسڪول کي موڪل هئي پر خانگي اسڪول کليل هئا، ننڍڙو روهيل خانگي اسڪول ۾ پڙهندو هو، جڏهن ته سندس پاڙيسري ساٿي سرڪاري اسڪول جا شاگرد هئا ۽ انهن کي موڪل هئي. روهيل جي مرضي هئي ته هو به اسڪول نه وڃي ۽ دوستن سان راندين ۾ شريڪ ٿئي.
پڻس به بيڊ روم مان نڪري ڊرائنگ روم ۾ اچي چڪو هو- اسڪولي يونيفارم اڳم ئي ماڻس ٺاهي رکي هئي. پڻس سڏيندي چيو:
“روهيل ڪٿي آهين؟ يونيفارم تيار آهي، اچي پاءِ اسڪول لاءِ دير پئي ٿئي.”
پر روهيل ڪو جواب ڪو نه ڏنو. سندن گهر حويلي جيان وڏو هو. ماڻس پريشاني ۾ چوڻ لڳي:
“خبر ناهي ڪٿي وڃي لڪو آهي.”
نيٺ ڳوليندي، هڪ ڪمري کي اندران بند ڏسي سمجهيائون ته هو اندر آهي. دروازو زور سان کڙڪائي سڏيائون:
“روهيل ٻاهر اچ”
پر اندران ڪوبه آواز ڪونه آيو. هو ايئن چپ رهيو جئين ڀت! سڀ گهر ڀاتي پريشاني ۾ سوچڻ لڳا ته هن کي ڪيئن ٻاهر آڻجي، ماڻس ڪجهه سوچيندي چيو:
“چڱو پٽ، اڄ تون اسڪول نه وڃ، پر ٻاهر ته اچ” پر اندران ڪو جواب نه ملڻ ڪري، دروازو ٽوڙيو ويو، ڇا ڏسن ته روهيل جو مٿو ۽ منهن رت سان ريٽو هو. بي سڌ ٻار کي ٻاهر آڻي، هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، هوش ۾ اچڻ بعد روئيندڙ ماسيون ۽ ماءُ کيس ڳراٽڙيون پائي پيار ڪندا رهيا.
ماڻس چمندي چيو: “تون پاڻ کي ڀت سان ٽڪرائي زخمي ڇو ڪيو_ منهنجي انڪار توکي ايڏو ڪاوڙايو_ ٻڌاءِ ته توکي ٻيو ڪير سمجهائيندو؟؟” هو اڃا بي ستو هو آهستي چيائين:
“مونکي ٻار سمجهي، پنهنجي ڳالهه ٿا مڃرايو؟ منهنجي مرضي ۽ منشا جو به ڪجهه خيال ڪريو، مان ماڻهو ناهيان؟”
پٽ جا اهي ٻول ٻڌي ماڻس جون اکيون ڀرجي آيون ۽ ماسيو ن به ڳوڙها ڳاڙڻ لڳيون، ماڻس سيني سان لائيندي چيو:
“منهنجا لال! واعدو ڪريان ٿي ته اڄ کانپوءِ تنهنجي مرضي جي خلاف نه وينديس، پر توکي مون سان هڪڙو وچن ڪرڻو پوندو ته تون اڄ کان پوءِ اسڪول کان غير حاضر نه رهندين.”
ماءُ جا اهي لفظ ٻڌي، روهيل خاموش سان مسڪرائيندي مما کي چنبڙي پيو.

پرشاد

سنڌ ۾ صدين کان هندو ۽ مسلمان گڏجي رهندا پيا اچن، سندن گهڻيون ريتون رسمون ساٺ سنوڻ ۽ وهم وسوسا هڪ ٻئي کان ڌار ناهن،
اسان جي ڀرسان ڊاڪٽر دليپ جو گهر آهي هو ڪامريڊ ماڻهو آهي پر ڌرمي پرم پرائن کان به پري ناهي، ڪالهه هن جي گهر ۾ ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ هئي پر سڀ ڪجهه سانتيڪو پئي لڳو، سو مهڻي کان اڳم در تي ڪال بيل وڄڻ سان مان ٻاهر آيس، ڏٺم ته دليپ هڪ ڇوڪري سان ڍڪيل ڊش کڻائي، منهنجي اڳيان بيٺو هو.
“ويل ڪم ڊاڪٽر صاحب” مون کيس هٿ ملائيندي چيو. ڊش ڏانهن اشارو ڪندي هن وراڻيو:
“سائين هي توهان لاءِ آهي.”
“هي ڇاآهي؟”
مون کائنس حيرت مان پڇيو- ڇاڪاڻ جو نه رنگن واري هولي جو ڏينهن هو ۽ نه وري ڏياٽي جو ڏڻ ڏياري...! مونکي اچرج ۾ ڏسي هن چيو:
“ڪجهه مٺايون آهن- منهنجي پتني کي بريسٽ ڪينسر هو، ڪجهه ڏينهن اڳم منهنجي جيپ جو ايڪسڊنٽ ٿيو هو پر اسين محفوظ رهيا سين. منهنجي گهر واريءَ به هاڻي صحتمند آهي، سوچيم ته سکمڻي جو پاٺ ۽ گروگرنٿ جو ڀوڳ صاحب رکايان. هي ان جو پرشاد آهي.”
“سچ ٿا چئو... اسان به اهڙن موقعن تي قرآن خواني ڪرائيندا آهيون.” اهو چئي مان ڊش کڻي اندر آيس، شيون ڪچن ۾ رکي جڏهن خالي ڊش کڻي واپس ورڻ لڳس ته منهنجي زال سڏيندي چيو.
“خالي ڊش واپس ڪرڻ مناسب ناهي، هي بسڪيٽن جا دٻا ڊش ۾ رکي پوءِ کڻي وڃو.”
زال جي ڏاهپ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس. ڊش ۾ بسڪيٽن جا دٻا ڏسي دليپ چيو:
“هي تڪليف ڇو سائين!”
مون وراڻيو:
“هي به صاحبن جو پرشادآهي.”
هٿ ٻڌي مسڪرائيندي هو هليو ويو.



ٽه ڦيٿي سائيڪل

شفيءَ هڪ چانهه ڪمپني ۾ مئنيجر هو، کيس زال ۽ ٽي ڌيئر هيون. ڪٽنب ته ننڍڙو هو پر ٻار ٽئي اسڪول پڙهندڙ هئا. اسڪولي في، ڪتاب، بستا يونيفارم جو خرچ ملائي، اڌ پگهار جو ان ۾ هليو ويندو هو. گهر جي مسواڙ، سيڌي سلف ۽ دوا درمل تي ايندڙ خرچ لاءِ هر مهيني ڪجهه نه ڪجهه قرض وٺڻو پوندو هو.
سامهون واري گهر ۾ شهر جو هڪ مشهور ڊاڪٽر رحيم روهيڙا رهندو هو، جيڪو سرڪاري ملازم سان گڏ ميڊيڪل سينٽر به سنڀاليندو هو- کيس ٻه ڌيئر ۽ ٽي پٽ هئا. گهر ۾ ٻارن توڙي وڏن لاءِ سڀ سهولتون موجود هيون.
هڪ ڏينهن شفيءَ جي ننڍڙي ڌيءَ برقا خوبصورت ٻاراڻي سائيڪل تي چڙهي اچي پيءَ جي سامهون بيٺي، انگل ڪندي چيائين:
“بابا؟ مونکي به اهڙي سائيڪل وٺي ڏيو. هي چاچا ڊاڪٽر جي ڌيءَ سومل جي آهي، ڪيڏي نه سٺي آهي!!”
“جيءَ بابا، اسان به وٺنداسين.” هن ڌيءَ کي چيو :
شفيءَ ٻي ڏهاڙي تي اهڙي سائيڪل آڻي برقا کي ڏني. هوءَ سائيڪل ڏسي ڏاڍي گد گد ٿيڻ لڳي خوشي ۾ سائيڪل تي چڙهي، ساهيڙيءَ کي ڏيکارڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويئي.
شفيءَ اهو منظر ڏسي دل ئي دل ۾ ڏاڍو اطمينان ۽ خوشي محسوس ڪندي سوچڻ لڳو:“ننڍڙي برقا کي ڪهڙي خبر ته سندس سائيڪل خريدڻ لاءِ مون ڪمپني مئنيجر کي ڪيڏا ايلاز ۽ منٿون ڪيون ۽ ڪيئن اهو ڏوڪڙ ڏيڻ لاءِ راضي ٿيو هو؟”
اڃا هي سوچي رهيو هو ته ڳليءَ ۾ گوڙ ٿيو. هو تڪڙ ۾ گهر کان ٻاهر آيو- معلوم ٿيس ته تيز موٽرسائيڪل هلائيندڙ هڪ ڇوڪَري، ٽه ڦيٿي سائيڪل هلائيندڙ ڇوڪريءَ کي لتاڙي ويو آهي. هو بي چيني ۾ اڳتي وڌيو- ڏٺائين ته سندس نياڻي برقا فرش تي تڙپي رهي هئي.
اهو ڏسندي هو بي سُڌ ٿي ڪري پيو.


رشوت

آچر جو ڏينهن هوندي به اڪبر کي ڏاڍي تڪڙ هئي. تياري مان ايئن ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن خاص ماڻهو سان ملاقات رکيل هجيس.
سندس زال امبرين هن جي چرپر کي مشڪوڪ انداز سان ڏسي رهي هئي، محسوسات جڏهن وڌي ويئي ته هن کان رهيو نه ٿيو.
“صاحب ڪيڏانهن وڃڻ جي تياري پيا ڪن؟”
اڪبر سندس انداز کي سمجهندي، سسپينس پيدا ڪندي وراڻيو.
“چاهيان ٿو اڄ ڪنهن محبوب هستي سان ملاقات ڪجي جيئن موڪل سجائي ٿئي.”
“آخر مان به ته ٻڌان، اُها هستي ڪهڙي آهي جنهن سان ملڻ لاءِ صاحبن جي سوير کان تياري آهي؟”
“ايتري اتاولي ڇو ٿي رهي آهين-اڳم ٿيار ٿيڻ ته ڏي”
امبرين به ڇڏڻ واري ڪو نه هئي چيائين:
“ڀلا ٻڌايو کڻي- ڇو ٿا پريشان ڪريو.”
“هاشم ڏانهن واڌايون ڏيڻ پيو وڃان، يونين جو بنا مقابلي صوبائي صدر جو چوندجي ويو آهي.”
اهو ٻڌي امبرين، مڙس کي پاتل ڪوٽ جي ڪالر ٺاهيندي چوڻ لڳي.
“اڙي واه! پنهنجو ڀاءُ هاشم! کيس منهنجي پاران به مبارڪون ڏجو، پر ها، هڪڙي ڳالهه ٻڌو جي توهان کي موقعو ملي ته پنهنجي ساليءَ صنوبر جي پارت ڪري ڇڏيندا.”
“بس، اهو ته ننڍڙو ڪم آهي، پر اهي واپس ڪڏهن ايندا ؟” اڪبر پڇيو.
“توهان کي خبر آهي ته سندس مڙس دبئي جي خانگي ڪمپني ۾ انجنيئرآهي ۽ توهان وانگر فئملي کان ڌار به رهي ناهي سگهندو- هونءَ صنوبر هاڻي ته ويئي آهي ويچاري.”
زال جي اڻ تڻ کي ڏسندي کيس دلجاءِ ڏيندي هن وراڻيو:
“سمجهه ته صنوبر جو ڪم ٿي ويو، دبئي ۾ گذاريل پورو پيرڊ هن کي پگهار ملندو رهندو، هاشم لاءِ اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي.”
پوءِ زال جي سراپا تي نظر وجهندي خوشگوار موڊ ۾ چيائين:
“اسان کي ڪهڙي رشوت ملندي ؟”
هوءَ به شرارتي انداز ۾ مڙس آڏو اچي بيٺي.
“اِجها، رشوت حاضر آهي.”



مقدس گانئيون

هندن جي گهڻائي ڪري هتي ڳئون پالڻ جو سرشتو ورهين کان رائج آهي. انهي مقصد لاءِ شهر ۾ گئون شالا به قائم ٿيل آهي، پر ڀرپاسي جا مسلمان مالوند، پنهنجي ڍڳين ۽ ڍڳن کي مفت چاري جي لالچ ۾ ڇڙواڳ ڇڏيو ٿا ڏين.
شلومل جي گهٽيءَ هجي توڙي رگهومل جي! شهر جو مين روڊ، قائد اعظم روڊ، ريالي مل وارو علائقو، هر هنڌ ڳئن جي لوڌ نظر اچي ٿي. هندو ماڻهو بچيل سچيل کاڌو توڙي ميوات ۽ ڀاڄيون به ڳئن کي کارائن ٿا. هنن وٽ ڪا جهل پل ڪانهي، گهڻو کائڻ ڪري اڪثر گانيون ڇيڻي ڦوسي بدران ڀوڪين ٿيون ۽ الٽي ڪن ٿيون. انڪري شهر جا چوڪ، روڊ رستا جيڪي اڳم ئي صفائي نه هجڻ ڪري گندگي سان ڀريل آهن، ويتر خراب ٿيو پون ٿا.
شام جو مين روڊ تي رش گهٽ ٿئي ٿي، اوڏي مهل نوجوان نينگر اسڪوٽر ۽ بائيڪ تي چڙهي، ڏاڍي تيزي سان روڊ تي هلندي پنهنجا ڪرتب ڏيکائين ٿا.
روز جيان اڄ به اڌڙوٽ عمر جا مرد ۽ عورتون سودي سلف خريدڻ ۽ ٻين ڪمن ڪارن لاءِ مين روڊ ڪراس ڪري رهيا هئا. اچانڪ گوڏن جي سور ۾ ورتل هڪ پوڙهي عورت روڊ ڪراس ڪندي نظر آئي. روڊ جي هڪ پاسي کوڙ گانيون بيٺل هيون ٻي پاسي موٽر سائيڪل سوارن جو شور شرابو هو- وڏي آواز تي ڳئن کي ٽاهه اچي ويو. پندرهن ويهه گانين هڪ ٻئي جي ڪڍ وٺي ڊوڙيو، پوڙهي عورت اڃا روڊ جي وچ تي مس پهتي هئي، ڳانئين کي پاڻ ڏانهن ڊوڙندو ڏسي، هن جون وايون بتال ٿي ويون، صرف هن جون رڙيون ۽ واڪا ٻڌڻ ۾ پئي آيا.
“بچايو ......... مونکي بچايو.....اَبا مونکي بچايو.”
پر ڪير سندس رڙيون ٻڌڻ لاءِ تيار ڪو نه هو، گانيون کيس لتاڙينديون رهيون. اسڪوٽرن جي شور ۽ گاڏن جي لتاڙ هن جون رڙيون شانت ڪري ڇڏيون.



ڀاڳيو

هي چاچي مير جو گهر آهي ۽ ڀر ۾ سندس مينهن جو واڙو- سفيد ڪپڙن وارو نوجوان هن جو وڏو پٽ آهي ۽ کيس ٻه ٻيا به ڳڀرو پٽ آهن.
پاڙيواري نوجوان نينگري سيما، هڪ ڏينهن سفيد ڪپڙن واري ڇوڪري کي سڏيندي چيو:
“مٿي تي رکيل دلو ڏسو پيا ۽ ننڍڙو ڀاءُ روئي پيو شايد ٿڪجي پيو آهي، کيس ڪڇڙ تي کڻڻ لاءِ ٿورو مٿي ڪريو.”
سفيد ڪپڙن وارو سيما جو ڇا لڳي، مونکي ڪا خبر ڪانهي پر مونکي اها خبر آهي ته اهي سڀئي ڀائر پيءُ سميت دماغ سان گهٽ پر پنهنجي طاقتور ٻانهن سان وڌيڪ سوچيندا ۽ انهن تي اعتبار ڪندا آهن. اهي سڄو ڏينهن مينهون چارين ٿا. تازو ۽ نج کير پيئن ٿا، سڀ جو سڀ جانٺا ۽ لٺباز آهن، سدائين لٺ ۽ سونٽي جي زبان ڳالهائيندا آهن، زبان جا کرا پر من جا مٺڙا ۽ صاف آهن.
سيما روز پاڻِي ڀرڻ لاءِ گهٽيءَ مان گذرندي هئي. ماسي مهناز جو گهر به ساڳي گهٽيءَ ۾ هو. هوءَ سيما جي چرپر تي به نگاه رکندي هئي هڪ ڏينهن سيما کي اڪيلو ڏسي پڇيائين:
“تون، چاچي مير جي پٽن کي ڪيترو سڃاڻيندي آهين؟”
“ماسي! انهن کي مان بس ايترو سڃاڻيندي آهيان، ته جڏهن مان انهن جي اڳيان پاڻي جو دلو کڻي گذرندي آهيان ته انهن جون نظرون جهڪي وينديون آهن.”
ماسي وراڻيو:
“اهي ايترا شرميلا آهن ڇا؟”
“خبر ناهي ماسي، پر مونکي انهن جي اها ادا ڏاڍي پسند آهي.” سيما ٺهه پهه جواب ڏنو.
ماسي جي حيرانگي ڏسي، کيس سمجهائيندي چيائين:
“ماسي! اهي شرميلا ناهن پر غيرتمند پيءُ جا غيرتمند پٽ آهن، انهن جي رڳن ۾ هڪ ڀاڳئي جو خون آهي ۽ اهڙا ماڻهو پاڙي، نياڻي ۽ نگ جا رکپال ٿين ٿا، سمجهيهءِ!!”
.... ۽ ماسي هڪي ٻڪي ٿي گهر هلي ويئي.



آشرم

گرداس آهي ته هندو پر سِکن جي گردواري روز ٻه ڀيرا منجهند ۽ رات جو مٿو ٽيڪڻ وڃي ٿو، جڏهن موٽندو آهي ته هٿ ۾ ڀوڄن سان ڀريل شاپر سدائين ساڻ هوندا اٿس. آتما ۽ پيٽ ماڻهو کان ڌار ڪجي ته ماڻهو مري ويندو يا سنياسي بڻجي ويندو. گرداس آتما کان ڌار ته اڃا ڪو نه ٿيو آهي پر سنياسي به بڻجي ناهي سگهيو، ها پر سُر تال کي سمجهي سگهيو آهي ۽ بئنجو به سٺو وڄائي سگهي ٿو، کيس ڳائڻ وڄائڻ لاءِ اڃا تائين ڪو سٺو پليٽ فارم ملي ڪو نه سگهيو آهي، تنهن ڪري اندر جي اڃ اجهائڻ لاءِ شير جي چوڪ ڀرسان ٺهيل آشرم ۾ ڳائي وڄائي خوب داد حاصل ڪري ٿو.
منهنجي ساڻس ڄاڻ سڃاڻ گهڻي پراڻي آهي. اڄ آشرم ۾ ايندي چيائين:
“سارنگ! اهو ڪيڏو نه سهانو سمو هو جو ڪنهن نه ڪنهن ناٽڪ منڊلي ۾ وڃي موج ڪبي هئي، هاڻي ته نه پاڪستان ڪلب رهي آهي ۽ نه نوبهار آرٽ سرڪل ۽ نه وري حفيظ ٿيئٽرس ۽ نه مخمور مهراڻ ڪلب جيڏانهن ڏس اوندهه آهي.”
مون ٿڌو ساهه کڻندي وراڻيو:
“ها گرداس! جڏهن شهر ۾ ڊراماڪلبن جو راڄ هو ۽ هرمحلي توڙي چوڪ تي ڪنهن نه ڪنهن ناٽڪ منڊلي جو بينر لڳل نظر ايندو هو تڏهن اسان به راتيون جاڳي گذاريندا هئا سي، پر افسوس! اڄ نه اهي منڊليون آهن ۽ نه ماڻهو.”
گرداس منهنجي ڳالهه کي وڌائيندي چيو:
“شڪر ڪر يار! جو هي آشرم بختن وارو آهي ۽ ڪجهه پراڻا فنڪار هتي اچي وڇڙيل پل ۽ پهر دهرائين ٿا، کڻي جو کين ڪڇڻ پڇڻ وارو ڪو ئي ڪونهي- پر ڪلاڪار به نيارا ماڻهو ٿين ٿا، بي لبا ۽ بي پرواهه- ڪنهن اداري يا ڪنهن ماڻهو جا محتاج ناهن.”
سندس ڳالهه وزنائتي هئي، مونکي ياد آيو ته هڪ ڀيري هڪڙي سياسي وڏيري آشرم ۾ اچي چانهه پيتي ۽ ڪافي وقت ويهي ساڻن ڪچهري ڪئي هئي. موڪلائيندي چيو هئائين:
“فنڪاراهڙا هجن، جن وٽ سياسي ۽ مالي وڏيرا پڻ ڪهي اچن.”
هن جا ريمارڪس سورنهن آنا سچ هئا آشرم جي مهندارن مامي غلام حيسن، محمد بخش سومري، فتاح عابد، ناشاد، اداسي، استاد موني، هاشم ڏيو، جي ايم پٺاڻ، استاد عبدالرزاق، بيدل بدوي، عثمان تمنا، عزيز ساجد ۽ ٻين واقعي پئسا ته ڪو نه ڪمايا هئا پر عزت ته پاتي هئي.
سندن گفتار ۽ ڪردار کي واکاڻيندي هڪ ٻي سياسي ليڊر چيو هو:
“آشرم جي مڙني ميمبرن کي عزت ڏيڻ لاءِ مون کين سينيئر سٽيزنز سڏيندو آهيان ۽ سڀني کي سلام پيش ڪيا ن ٿو.”
آئون، فنڪارن جي سکڻي سهائتا ۽ واکاڻ ٻڌي، هڪ پل لاءِ انهن سڌريل سماجن جي ليڊرن تي سوچيندو رهيس جيڪي شيلڊ، ميڊل، سلام ۽ القاب سان گڏ، فنڪارن جي ضرورتن کي سامهون رکي، مالي سهائتا لاءِ به عملي قدم کڻندا رهن ٿا..... ۽ پوءِ پنهنجن جي ڪاهلي تي سوچيندو رهجي ويس.



هيلٿ آفيسر

هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر نوشاد جو پنهنجي اسٽاف ميمبرن سان ورتاءُ نهايت سٺو هوندو هو. کيس خبر پئي ته ڪجهه ڊاڪٽر ڊيوٽي تي نه پيا اچن، پنهنجي آفيس سپرنٽينڊنٽ نورخان کان پڇيائين .
“ڊاڪٽر انيس ڪيترن ڏينهن کان ڏسڻ ۾ نه پيو اچي، ان جي موڪل جي ڪا درخواست پهتل آهي ڇا؟”
“سر! هونءَ ته سدائين درخواست وغيره موڪليندو رهندو هو پر هن ڀيري شايد طبيعت گهڻي ناساز هجي.”
“ڀلا سندس غير موجودگي ۾ ڪم ڪار ۾ ڪو رخنو ته ناهي پيو؟” هيلٿ آفيسر پڇيو.
“نه سائين، توهان دلجاءِ ڪريو- رهيل ڪم مان ٻئي اسٽاف کان پورو ڪرائي ڇڏيندس ڊاڪٽر انيس سٺو ، لائق آفيسر ۽ پنهنجو ماڻهوآهي.”
“ٺيڪ آهي، توهان هاڻي وڃي سگهوٿا” هيلٿ آفيسر اهي لفظ چئي فون تي ڳالهائڻ لڳو.
آفيس سپرنٽينڊنٽ واپس پنهنجي ڪمري ۾ اچي ڊاڪٽر انيس جو نمبر ڊائل ڪيو:
“ڏسو ڊاڪٽر صاحب! گهڻو ٿي ويو- توهان جي ڪري اسان کي صاحب جون ڳالهيون به ٻڌڻيون پون ٿيون! ڪڏهن ڪڏهن ته اچي منهن ڏيکائي وڃو.”
“آخر ڪهڙي ماجرا ٿي؟ ڪو مسئلو آهي ته منهن ڏئي وٺنداسين.”
نور خان جي سربستي ڳالهه ٻڌي، ڊاڪٽر کيس دلجاءِ ڏيندي وڌيڪ چيو.
“نورخان! مان توکي هرماه پنج هزار روپيا انهي ڪري ڏيندو آهيان ته منهنجي غيرحاضري کي تون پاڻ ئي مئنيج ڪر.”
“ها ڊاڪٽر! پر ڇا ڪريان؟ هاڻي ته صاحب به ڀڻڪيو آهي!؟”
“نور خان! مونکي وقت ڪونهي ميڊيڪل سينٽر جي نگراني ڪرڻي پوي ٿي، صاحب لاءِ پنج هزار ٻيا به وٺجو پر توهان منهنجو مسئلو به سمجهي وٺو ته مان ڊيوٽي تي آهيان، آئينده مونکي فون ڪري ڊسٽرب نه ڪجو.”
“توهان لائق آهيو ڊاڪٽر.”
اهي لفظ چئي نور خان فون جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو.



بروڪر

سنمک، جاين جو بروڪر هو- چوندو هو ته جنهن به جاءِ تي ڏيتي ليتي سندس معرفت ٿيندي ان ۾ گهاٽو ڪڏهن ناهي ٿيڻو.
رُگهومل جي گهٽيءَ ۾ هڪ جاءِ مسلمان مالڪ پئي وڪرو ڪئي. هن جي گُهر ته گهڻي هئي پر سنمک پنجن لکن تي کيس راِضي ڪري وڌو-
سيٺ ڌنومل به جايون ڏيندو وٺندو هو- سنمک، دوڪان تي وڃي ساڻس مليو راضداري سان چيائين :
“ڌنامل! رُگهومل جي گهٽيءَ ۾ جاءِ وڪرو ٿي رهي آهي، وٺندين ته مهيني اندر ٻه لک ڪمائي ڏيندءِ .”
مهيني اندر ٻه لک ڪمائڻ جو ٻڌي ڌني مل جون واڇون ٽڙي ويون_ سوچيندي چيائين:
“سنمک ڏس، ڪٿي دوکو نه کائي وڃون!!”
“منهنجي سودي ۾ توکي اڳي ڪڏهن نقصان رسيو آهي؟” سنمک وراڻيو.
“تنهنجي ڪميشن ڪيتري هوندي؟” هن پڇيو
“اها به پڇڻ جي ڳالهه آهي، توسان ڪڏهن حساب ته ڪو نه ڪيو آهي، صرف هڪ سيڪڙو.”
ڌني مل کانس وري پڇيو
“ڪمايل نفعي جو ڇا ٿيندو؟”
سنمک وراڻيو
“جيڪو هميشه کان ٿيندو آيو آهي.”
“اڌو اڌ....!؟ يعني پنجاهه سيڪڙو .”
اهو ٻڌي ڌني مل دل ئي دل ۾ حساب لڳائيندي چيو:
“بروڪر هڪ سيڪڙو ڪميشن به وٺي ۽ نفعي مان به اڌو اڌ کڻي ۽ موڙيءَ به منهنجي سيڙهجي ۽ جاوا هو ڪري، اهو گهاٽي جو سودو آهي.”
.....۽ پوءِ سنمک کي اهو چئي رخصت ڪيائين:
“چڱو سوچڻ ڏي سڀاڻي وري ملنداسي.”



ڪرٽسي ڪال

ثقافت کاتي جو پارڪر فيسٽيول جو دعوت نامو وصول ٿيڻ تي سچ پچ ڏاڍي خوشي ٿي، چئن ڏينهن جي انهي پروگرام ۾ مٺيءَ، ننگر پارڪر ۽ عمر ڪوٽ جو سير سپاٽو ڪرڻ سان گڏ، تاريخي ڊراما “مارئي جو ماڳ”، “مومل جي ماڙي”۽ ثقافتي راڳ رهاڻ جون محفلون سجائڻيون هيون.
پنجن ڏينهن کانپوءِ مٺيءَ جي شهر جي تاريخي ‘ گڍي ڀٽ’ تان انهي فيسٽيول جي شروعات ٿيڻي هئي- مون من ئي من ۾ پروگرام ترتيب ڏئي ورتو ۽ پوءِ جلدي چئن ڏهاڙن لاءِ لٽا ڪپڙا ۽ ٻيو ضروري سامان بيگ ۾ رکيو.
سوچيم:
“مٺيءَ ۾ گڍي ڀٽ جو منظر ڪيڏو نه وڻندڙ ۽ دلفريب هوندو ۽ انهي بهاني مٺيءَ جي دوستن ڏيو جي چوهاڻ ۽ دليپ ڪمار ڪوٽاري سان به رهاڻ ڪري وٺبي.”
وقت گذرڻ سان منهنجي تجسس ۾ اضافو اچي رهيو هو، پوءِ خيال آيو ته مهمانن جي رهائش ۽ ڪنوينس لاءِ دعوت نامي ۾ ڪا وضاحت ڪانهي ڇو نه اهڙي معلومات کاتي جي ذميوارن کان پڇي وٺجي. کاتي کي ڪال ڪري ورتم، ڪنهن شخص چيو:
“هيلو...!”
وراڻيم:
“ڀاءُ مان ڊاڪٽر بهادراڻي شڪارپور مان پيو ڳالهايان ثقافت کاتي جي مقرر ڪيل ريجنل ڪميٽي جو ميمبر به آهيان- پارڪر ميلي جو دعوت نامو مليو آهي پر ان ۾ رهائش ۽ ڪنوينس لاءِ ڪاتفصيل ڪانهي.”
جواب آيو:
“نمبر لکو ۽ ان تي رابطو ڪريو- پر هاڻي مانيءَ جو وقفو آهي، ڪلاڪ کن کانپوءِ ڳالهائجو .”
انهي وقفي دوران منهنجي ذهن جي اسڪرين تي ٿر جون حسناڪيون ۽ تاريخي ماڳ مڪان هڪ هڪ ٿي سامهون ايندا رهيا.
اسلام ڪوٽ، مارئي جو کوهه، گوڙيءَ جو مندر، جين ۽ شو مندر عمرڪوٽ، ننگر پارڪر، ڪارونجهر، ڀوڏيسر ۽ ٿر جون ڀٽون اکين اڳيان هلنديون رهيون .
ڪلاڪ کن کانپوءِ ڏنل نمبر گهمايم. هوڏانهن ڪنهن سيبتي ماڻهو پئي ڳالهايو، تعارف کان پوءِ ساڳيو سوال دهرائيندي کائنس پڇيم ته: “اسان جي رهائش ۽ ڪنوينس لاءِ ڪهڙو انتظام ٿيل آهي؟”
هن هلڪو ٽهڪ ڏيندي وراڻيو:
“سائين ڊاڪٽر صاحب! هي دعوت نامو توهان ڏانهن صرف ڪرٽسي ڪال طور موڪليو ويو آهي- مخصوص ماڻهن کانسواءِ ٻين لاءِ ڪو به بندوبست ڪيل ڪونهي ۽ معاف ڪجو، اڃا توهان انهي صِف ۾ شامل ناهيو ٿيا!!”
.... ۽ مون مايوس ٿي فون بند ڪري ڇڏيو.



منهنجي امڙ...!

اسي ورهين جي پوڙهي ويل چيئر تي ويهي هيڏانهن هوڏانهن نهاري رهي هئي. کيس چار ڌيئرآهن ۽ سڀ کان ننڍي ڊاڪٽر سونيا آهي- مائي کي پٽ به ڄاوا پر ننڍي ئي فوت ٿي ويا. هن سڀني ڌيئرن کي پڙهايو لکايو ۽ تعليمي ڊگرين سان گڏ نوڪريون به ڏياريون.
سونيا ڊاڪٽر بڻجي سرڪاري نوڪريءَ سان گڏ ميڊيڪل سينٽر به هلائي رهي هئي، هن جو گهوٽ به ڊاڪٽر هو سنيل ڪمار، سندس وڏي ڀيڻ سريتا جو اڳم وهانءُ ٿي چڪو هو- ٻن ڀينرن جو اڃا پرڻو ٿي ڪو نه سگهيو هو.
سونيا جو مڙس ڊاڪٽر سنيل ڪمار، تاريخ جو ڄاڻو ۽ سماجي سوچ رکندڙ نوجوان هو، زال جي خيالن، محنت ۽ جستجو واري جذبي کي ڏسي هڪ ڏينهن واندڪائي ۾ پڇي ويٺو.
“سونيا! آئون آهيان ته ڪراچي جو، پر هتي پنهنجي جاتي جا سڀ ماڻهو مونکي ڀائو ڪوٺين ٿا- ڄاڻان ٿو ته مونسان ماڻهن جي عزت ۽ پيار واري رويي جو واسطو ۽ سبب اوهان جو ڪٽنب آهي، چاهيان ٿو ته ڪجهه پنهنجي باري ۾ ٻڌاءِ .” هوءَ مڙس جي ڳالهه ٻڌي سوچ ۾ پئجي ويئي. ماضي جي جهروڪن ۾ جهاتي پائيندي، هن ڏاڍي اداس لهجي ۾ چيو:
“ٻاويهه سال اڳ جڏهن بابا فوت ٿيو تڏهن آئون ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهي رهي هيس، آخري سال هو، بابا سڀ حسرتون سيني ۾ سانڍيو، هڪ رات اوچتو اسان کان هميشه لاءِ هليو ويو، هاڻي اسان جي خوشين ۽ حسرتن جو محور صرف امڙ هئي جنهن پتيءَ جي شيوا ۾ ڪڏهن پير پوئتي نه ڪيو ۽ نڪي اسان جي جوابداري کان منهن موڙيو. هر حال ۾ اسان جي سرسي ۽ سنڀال لاءِ پتوڙيندي رهي.”
سونيا ٿورو ترسي ٽيبل تي رکيل گلاس مان پاڻي پيتو ۽ پوءِ مڙس کي اتاولو ڏسي چيائين ته امان ٻڌائيندي هئي. “بابا جو وڏو ڪٽنب هو. ورهاڱي کانپوءِ ستت ئي سڀ لڏي پلاڻي انڊيا هليا ويا، هتي صرف ڏاڏو صابلداس، ڏاڏيءَ، بابا، امان ۽ اسين ڀينرون رهجي وياسين. ”
ڊاڪٽر سونيا پنهنجي ماءُ ڏانهن ڏسندي چيو:
“امان سدائين اها ڳالهه ورجائيندي رهندي هئي ته هن گهر جي سهائتا، اسان جي پالنا ۽ بابا جي ڪاروبار وڌائڻ ۾ سندس سس ۽ سهري جو وڏو سهارو هوندو هو. امان کي ٻئي ڌيءَ سمان سمجهندا هئا، انهن ئي ته امان کي ڪيڙي، گهريتڙيءَ ۽ سگهڙ بڻايو هو.”
پنهنجي ڪٽنب جو قصو سڻائيندي سونيا کي به مزو اچي رهيو هو- هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو.
“پاڪستان ٺهڻ کان اڳم اسان جو پورو پريوار ‌ڳوٺاڻي زندگي گذاريندو هو اتي پنهنجون زمينون، گهر ۽ دوڪان هئا، سڀني مائٽن جي هلي وڃڻ کانپوءِ ڏاڏو ۽ بابا به اڪيلا ڳوٺ ۾ رهي نه پئي سگهيا، هنن ڀر وارو شهر اچي وسايو- گهرن ۽ زمينن تي شاهينگ چڙهي ويٺا، چوندا آهن: ننڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا هسوار! اسان جو ڪٽنب به سڀ ڪجهه لٽائي اچي شهر ڀيڙو ٿيو.” ڊاڪٽر سونيا ماءُ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
“هاڻي ته هي ويل چيئر تي ويٺل نظر اچي ٿي. پر ڪجهه سال اڳ امان ڏاڍي تڪڙي ۽ ڪم ڪار ۾ ڦڙت هوندي هئي، پاڙي واري دوڪان کان سودو سلف وٺڻ لاءِ ڪيترا ڀيرا چڪر لڳائيندي به ٿڪبي ڪو نه هئي. پر بيماري ۽ پڇاڙي کيس ڏاڍو هيڻو ۽ لاچار ڪري وڌو آهي، تڏهن ته چوندا آهن ته وقت بادشاهه آهي- هاڻي ته هن کي لٽا ڪپڙا پارائڻ، سنان ڪرائڻ، دوا درمل پيارڻ ۽ ٻين حاجتن لاءِ اسان جي ضرورت پوي ٿي ۽ اسين سڀ ڀينر سندس چاڪري ڪندي خوشي محسوس ڪنديون آهيون.”
هوءَ ڏاڍي اٻاڻڪي ۽ اداسي واري لهجي ۾ چوڻ لڳي:
“اڄ اسان وٽ مالڪ جو سڀ ڪجهه آهي پر ڏک اِهو آهي ته ڏاڏو، ڏاڏيءَ ۽ بابااسان جي اکين کان اوجهل آهن، امان بيمار ۽ لاچار آهي، زندگي ڪهڙا ڪهڙا امتحان وٺي ٿي!! مائٽ ۽ پاڙيسري مشورو ڏيندا آهن ته، ماءُ جي شيوا لاءِ ڪا نرس يا دائي بيهاريو، پر انهن کي ڪير سمجهائي ته ڌيئرن جهڙي خدمت چاڪري دايون ۽ مايون ڪري سگهنديون!! امان جي شيوا ۾ ته اسان کي سڪون ۽ آسيس ٿي ملي.”
ڊاڪٽر سونيا پنهنجي خانداني ڪٿا ٻڌائيندي مڙس جي هٿ کي وٺي چيو: “منهنجون ڳالهيون ٻڌو پيا يا بور پيا ٿيو؟”
سندس مڙس ڊاڪٽري پيشي سان واسطو رکندڙ هڪ سلجهيل زميندار به هو مرڪندي وراڻيائين: “تون ته ڪا ڪهاڻي نويس آهين. تنهنجي خانداني ۽ جذباتي سچاين جي سحر ۾، مان ته صفا جڪڙجي ويو آهيان. دل ۽ دماغ ٻنهي سان پيو ٻڌان ۽ سوچيان.”
هن مڙس جو توجهه حاصل ڪندي وڌيڪ چيو.
“چڱو ٻي ڳالهه ٻڌو... مهينو کن اڳ جڏهن وڏي ڀيڻ سريتا، اسان جي ننڍڙي اَيُش جي جڻيا واري رسم ۾ آئي هئي ته اچڻ سان سڀ رسمون ۽ خوشيون هڪ پاسي رکي، امان جي شيوا ۾ گم ٿي ويئي هئي.” مان کيس ٽوڪيندي چيو هو. “ڀيڻ ڪجهه ويهي سڪون وٺ، امان جي خدمت لاءِ اسان جو آهيون.”
هن وراڻيو هو:
“مونکي شيوا جو موقعو ته ڪڏهن ڪڏهن ملي ٿو گُڏي! ساهه تي ڪهڙو ڀروسو، ڪيڏي مهل به اهو اڏامي هليو وڃي ۽ اسان اڪيليون رهجيو وڃون.”
ڀيڻ جي ويچارن کي ٻڌي مان کيس تسلي ڏيندي چيو هو:
“ڀيڻ! منهنجو وشواس آهي ته امان ٻي روپ ڌارڻ کانپوءِ به پاڇو لو بڻجي اسان سان گڏ رهندي .”
هن مڙس جو ڌيان ڇڪائيندي چيو:
توکي ياد آهي ته اَيش جي جڻيا رسم ۾، امان کي ڪرسي تي ساڻس گڏ ويهاريو هيوسي ۽ تڏهن امان ڏاڍي سرهي پئي لڳي ۽ ان موقعي تي بابا کي ياد ڪندي چيو هئائين:
“ڇوڪريون! توهان جي پيءُ پرلوڪ پڌارڻ کان اڳ ۾ چيو هو ته شايد مان گهڻو وقت جيئرو نه رهان! پر مونکي پڪ آهي ته منهنجون ڌيئر سکي زندگي گذارينديون ۽ ان جي آسيس سورنهن آنا سچ نڪتي.”
توهان جڏهن مهمانن سان ملڻ لاءِ ڪجهه دير لاءِ اتان اٿي ويا هئا ته ان ويلي امان اسان سڀني ڏانهن ڏسندي اَيش جي مٿي ۽ کاڏي تي هٿ ڦيرائيندي چيو هو:
“اڄ منهنجي به آسيس آهي ته هي ست پٽيتو ۽ آڍڙو ٻڍڙو ٿيندو ۽ توهان شهر جون مالڪياڻيون سڏبؤ.” ۽ پوءِ سونيا جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون ۽ هوءَ خاموش ٿي ويئي.
ڊاڪٽر سنيل زال جي پوري ڳالهه ٻڌي چيو:
“ها مونکي ياد ٿو پوي ته اوڏي ويل مان جيئن ئي مهمانن سان ملي واپس ٿيس ته امان ويٺي ويٺي ٿڪجي پئي هئي ۽ تنهنجي اشاري تي مان ويل چيئر هلائي کيس پلنگ تي پهچايو ۽ پوءِ هوءَ جلدي ننڊ ۾ هلي ويئي هئي.”



ٽوپلي وارو صاحب

اوپن يونيورسٽي، مئٽرڪ کان پي_ ايڇ_ ڊي تائين امتحان وٺي سرٽيفڪيٽ ۽ ڊگريون ڏيندي رهي ٿي، ملڪ جو ڏهه سيڪڙو آبادي ۽ نوڪري وارا ماڻهو انهي اداري مان خوب لاڀ حاصل ڪن ٿا.
امتحانن جي تپاس ۽ انسپيڪشن لاءِ فيلڊ انسپيڪٽر، سپروائيزر ۽ ٻيا وجيلنس سورس استعمال ڪيا وڃن ٿا، يونيورسٽي جي پنهنجي بلڊنگ نه هجڻ ڪري مختلف تعليمي ادارن ۾ هلندڙ اهي امتحان گهر ويٺي تياري کان پوءِ ڏيڻا پون ٿا ۽ نصابي ڪتاب يونيورسٽي پاران ڇپائي شاگردن کي مهيا ڪيا وڃن ٿا.
ٽي سال اڳ مان انٽر جو امتحان ڪنهن سرڪاري بورڊ مان پاس ڪري چڪي هيس، شوق ۽ هوشيار هوندي به ڪن گهرو مجبورين سبب اڳتي پڙهي ڪو نه سگهيس، چاهيم ته اوپن يونيورسٽي جي سرشتي مطابق بي اي جي ڊگري حاصل ڪريان. داخلا وٺي ڪتابن جو مطالعو شروع ڪري ڏنم.
امتحان جو ٽائيم ٽيبل اچي چڪو هو مقرر وقت تي امتحاني سينٽر ۾ اچي ڇوڪرين جي بلاڪ ۾ ويٺيس.
مونکي اهو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي جو بلاڪ ۾ ڪل ٻه ڇوڪريون ويٺيون هيون سي. ڪجهه سوچيندي مان سپرنٽينڊنٽ کان پڇيو.
“سر! بي- اي جي ڪلاس ۾ ڪل ٻه ڇوڪريون اپيئر ٿي رهيون آهن ڇا؟”
هن وراڻيو:
“ها ڌيءَ... تون چپ ڪري ويهي لک.” ٿوري دير کانپوءِ هڪ ٽوپلي وارو صاحب اسان جي بلاڪ ۾ داخل ٿيو، هن سان گڏ سپرنيٽينڊنٽ، فئڪٽوٽم، انويجليٽر ۽ ٻيو عملو به ساڻ هو.
هن صاحب پڇيو:
“بي- اي جي اڄوڪي امتحان ۾ ڪل ڪيتراڪئنڊيڊيٽ اپيئر ٿيا آهن؟”
فئڪ ٽوٽم هٿ ۾ کنيل رجسٽر تي نگاه وجهندي وراڻيو:
“اٽڪل پنجاهه ڇوڪرا ۽ ويهه ڇوڪريون.”
“ڀلا ٻيون ڇوڪريون اڃا ناهن آيون؟”
صاحب مٿس سواليه نگاهه وجهندي پڇيو.
انهي سوال تي سينٽر سپر نٽينڊنٽ مسڪرائيندي صاحب کي چيو. “ها سائين، پهچي وينديون.”
صاحب وري پڇيو:
“ڪئنڊيڊيٽ لسٽ ڪٿي آهي، اها ڏيکايو.”
موٽ ۾ سپرنٽينڊنٽ ڏاڍي احترام سان کيس چيو:
“سر! آفيس هلي ويهو- سڀ ڪجهه اوهان جي آڏو پيش ڪجي ٿو.”
۽ پوءِ بلاڪ مان نڪري سامهون واري ڪمري ۾ هليا ويا جيڪو موجوده امتحانن ۾ آفيس طور استعمال ڪيو پئي ويو.



ٽي وي ڪنيڪشن

هن کي ٽي پٽ هئا سڀ سگهرا، هڪ ئي گهر ۾ جدا جدا ڪمرن ۾ رهندا هئا ۽ هو پنهنجي زال سان گڏ جدا ڪمري ۾ رهندو هو، ايمانداري سان استادي ڪمائي ريٽائرمنٽ ورتي هئائين. ٽنهي پٽن وٽ ٽي وي چينل هلائڻ لاءِ ڊش لڳل هئي، ڪارڊ وجهي مرضي جو پروگرام ڏسندا هئا- پر پوڙهي پيءُ ماءُ وٽ اها سهوليت ڪو نه هئي، انڪري پڻس خبرون چارون ٻڌڻ لاءِ ڪڏهن هڪڙي پٽ وٽ ته ڪڏهن ٻئي وٽ وڃي ويهندو هو.
هڪڙي ڏينهن وڏي پُٽ جميل کي ڏسندي چيائين:
“پٽ! مان ٻيا ٽي وي پروگرام ته ڏسڻ پسند ڪو نه ڪندو آهيان. خبرون ٻڌڻ لاءِ ڊش جي تارڪنيڪٽ ڪري ڏيو ته پنهنجي ڪمري ۾ ويهي خبرون ٻڌان.”
جميل هٿ ادب جا ٻڌي، پيءُ کي سمجهايو.
“بابا ناراض نه ٿيو، منهنجي زال ريحانه جي طبيعت کي توهان سمجهو ٿا، آهي توهان جي ڀائٽي پر ڏاڍي تيز آهي، گهرجي کٽ پٽ سٺي ناهي، کيس چئي وٺو، مان حاضر آهيان.”
پڻنس ڳالهه کي سمجهندي ريحانه جي ڪمري ۾ ويو ۽ چيائينس: “امان! ڊش جي تار ڳنڍي ڏيو ته خبرون پنهنجي ڪمري ۾ ويهي ٻڌان، آئون پوڙهو مڙس، توهان جي ڪمري ۾ گهڙي گهڙي اچڻ به مناسب ناهي.”
سهري جي ڳالهه ٻڌي ريحانه وراڻيو:
“بابا! توهان جميل سان ڳالهايو- مرد اهو آهي، مان ڇا ٿي ڪري سگهان.”
انهي دوران پلان موجب جميل ڪمري جي ٻاهران بيٺو رهيو ۽ پيءَ جي سڏڻ تي اندر گهڙيو ۽ هن وري کيس ماجرا بيان ڪري ٻڌائي. جيمل، زال ڏانهن ڏٺو جنهن اکين جي اشاري سان هاڪار ڪئي. جيمل کي جسم ۾ ساهه پئجي ويو ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيائين:
“بابا توهان پريشان نه ٿيو، ڪنيڪشن اڄ ئي لڳي ويندو.”



ڀروسو

روڊ مٿان ٽينٽ جي هڪ پاسي ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ سنهڙو رستو ڇڏيل هو- اٺن ڏهن ورهين جا ٻه نينگر، شايد ٻئي ڀائر هئا، ٽينٽ جي وٿيءَ کان اندر جو منظر ڏسي رهيا هئا- اوڏي ويل منهنجو به اتان گذر ٿيو سندن حرڪت تي تنبيهه ڪندي چيم:
“پٽ! ٽينٽ ۾ اهڙي طرح چورن وانگي ڏسڻ سٺي ڳالهه ناهي.”
منهنجي چوڻ تي اهي ٻئي اتان هٽي اڳيان هلڻ لڳا_ ٽينٽ جي هڪ پاسي ڪاري رنگ جي ويگو بيٺل هئي- خوبصورت چمڪندڙ گاڏي کي هٿ لڳائي وري منهنجي اڳيان هلندارهيا- انهن مان هڪڙي چيو:
“اسان به اهڙي گاڏي خريد ڪندا سين.”
ٻئي وراڻيو :
“ٺيڪ آ، ابا کي رات چونداسي ته اسان کي اهڙي گاڏي وٺي ڏي.”
پوءِ پهرئين ڇوڪري خوش ٿيندي چيو:
“توکي ياد آهي ته ابا هن پگهار تي اسان کي نوان ڪپڙا ۽ چپل به وٺي ڏيندو پر يوسف! ڪپڙن سان گڏ گاڏي به ملي وڃي ته ڪيڏو نه مزو اچي ويندو.”
ٻئي ڀاءُ چيو:
“ڏس يونس توکي خبر آهي ته ابا! اسان جي ڳالهه ڪڏهن به ناهي ٽاريندو.”
پهرئين چيو:
“سچ ٿو چوين، دير مدير ٿي ويندي آهي پر ابا! واعدو ضرور پورو ڪندو آهي.”
ٻئي معصوم نينگر پنهنجي ڌن ۾ ڳالهيون ڪندي، کلندا ڪڏندا منهنجي اڳيان اڳيان هلندا رهيا ۽ پوءِ پٽي پار جهڳين ۽ ڪچن گهرن واري علائقي ڏانهن لڙي ويا.



فقير

ڊاڪٽر سِٽي ڪرولا ۾ حيدر چوڪ ڏانهن ويندي، گل سينٽر ۽ جيم خاني جي وچ تي ڳاڙهي بتي جو سگنل ڏسي جيئن ئي گاڏي روڪي ته هڪ ڏهن ٻارهن ورهين جي ڇوڪر هٿ ڊگهيري خيرات گهري- هو ميرا ۽ ڦاٽل ڪپڙا پاتل ۽ مٿي اگهاڙو هو- ڊاڪٽر جلدي ۾ ڪجهه روپيا سندس هٿ تي رکيا.
سائي بتي ٻرڻ سان گاڏي اڳتي وڌي ويئي گاڏي زوزاٽ ڪندي ڪورٽ کان اڳتي سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس جي سامهون مٺارام هاسٽل ڏانهن موڙ ڪاٽيو. اڳئين سيٽ تي گڏ ساڻس ننڍو پٽ سلمان ويٺل هو، گُهرندڙ ڇوڪري تي رحم کائيندي نرمي سان پيءُ کي چيائين:
“بابا! توهان ڏٺو ته هن جا ڪپڙا ڦاٽل ۽ ڏاڍا ميرا هئا- منهن مٿو به صاف نه هوس .”
ڊاڪٽر پنهنجي پٽ جي خواهش ۽ اڌمي کي محسوس ڪندي چيو: “ٻي ڀيري توهان جا لٿل ڪپڙا کيس ڏينداسين تون دلجاءِ ڪر.”
“پر بابا! توهان کيس نئين شرٽ ڇو نه ٿا خريد ڪري ڏيو.”
“پٽ ! هاڻي ته اسين گهڻو اڳتي نڪري آيا آهيون- ٻي ڀيري واعدي سان کيس پينٽ ۽ شرٽ وٺي ڏيندس.”
ڊاڪٽر گاڏي ڊرائيو ڪندو، تلڪ چاڙهي کان هيٺائون رستو وٺي صدر ڏانهن مڙي چڪو هو، پارڪنگ پهچي، ڊاڪٽر جئين ئي گاڏي کي بريڪ لڳائي ته اوڏي مهل اڌ جسم ڍڪيل هڪ ننڍڙي نينگريءَ جو هٿ خيرات لاءِ ڏانهس وڌي چڪو هو: “صاحب! ايڪ روٽي ڪا سوال هي.” ڊاڪٽر کيس ويهه روپيا هٿ تي رکندي ماني خريدڻ لاءِ چيو.
ڊاڪٽر گاڏي کان هيٺ اچي چڪو هو، هو پٽ سلمان سان گڏ جيئن ئي وڌيو ته پراڻن ڪپڙن ۾ ماءُ ڌيءَ خيرات وٺڻ لاءِ سندن سامهون اچي ويون. ڊاڪٽر فقيرن جو گهيرو ڏسي، پٽ کي ٻانهن کان وٺيو، جلدي جلدي روڊ ڪراس ڪري رش ۾ گم ٿي ويو.



ويراڳي شاعري

شميم تعليم جي اعلى ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي جي مقرر سپروائيزر سان ملي، ٽاپڪ سليڪٽ ڪرڻ لاءِ پلان جوڙي رهي هئي، هوءَ ڏاڍي ذهين محنتي خوبصورت ۽ هوشيار ڇوڪري هئي، مواد جي بنيادي ڪليڪشن لاءِ اڳ ۾ هوءَ پنهنجي سپروائيزر سان علمي ادبي مشورن لاءِ خط وڪتابت ڪندي رهندي هئي، هن جي هر تحرير پٺيان هڪ مخصوص جملو دهرايل هوندو هو.
“سر! توهان جو ٻيو ڇا حال آهي.”
هڪ ڀيري سندس سپروائيزر منجهند جي مانيءَ تي گهر آيل هو. شميم کوڙ سارا طعام پچائي اچي ٽيبل تي سجايا ۽ ڏاڍي پاٻوهه ۽ احترام سان ڏانهس پليٽ وڌائيندي چيائين:
“سر بسم الله ڪريو.”
پوءِ هڪ پليٽ ۾ پنهنجي لاءِ ڪجهه پاتائين، ٿوري دير ۾ هن هڪ ڍونگي جو ڍڪڻ لاٿو ۽ ان ۾ رکيل جوائنٽ پيس پروفيسر کي ڏيندي چيائين:
“سر! هي مون پچايو آهي.”
جوائنٽ کائيندي پروفيسر چيو:
“هي ته ڏاڍو لذيذ آهي شميم! چئبو ته تون پڙهائي لکائي سان گڏ رڌپچاءُ جي به ماهر آهين.”
ماني کان فارغ ٿيڻ بعد شميم، شاهه سائين جي ڪلام تي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پاران رٿيل ٽي ٽاپڪ اچي سپروائيزر جي سامهون رکندي چيو:
“سر! انهن مان جنهن به هڪ تي اوهان رضا مندي ڏيکايو ته ان کي فائنل ڪجي.”
سپروائيزر وراڻيو:
“شميم تون سٺي شاعره به آهين- منهنجي مرضي آهي ته اڳم تنهنجي شاعري ٻڌجي، ٽاپڪ تي پوءِ ٿا ڳالهائي وٺون .”
هوءَ اندران ڊائري کڻي آئي ۽ ويهندي چيائين:
“سر ! هر پڙهڻي کان اڳم مان شاهه سائين جي ڪلام سان شروعات ڪندي آهيان ۽ شاهه جي شاعري توهان کي جهونگاري ٻڌايان يا تحت الفظ.”
“اصل شاعريءَ جو لطف ته ڳائي ماڻبو آهي.”
اهو ٻڌي هن وائي جهونگارڻ شروع ڪئي.
“ويندس ڪيچ ڪهي سيڻن ساڻ صَحِي
آئون جيئنديس تان نه جَتن ريءَ.”
هوءَ بنا ساز ۽ سرود جي سريلي ۽ پرسوز آواز ۾ ڳائيندي رهي ۽ جڏهن هن وائي جي آخري بند کي مٺي آلاپ ۾ آلا پيندي چيو:
“صبح ڏونگر ڏوريان، ڪنهن پر رات رهي.
آئون جيئنديس تان نه جتن ريءَ.”
تڏهن سندس اکين مان ڳوڙها لار ڪري وهڻ لڳا، ڪيتري تائين هوءَ پنهنجا ڳوڙها سڪائيندي رهي.
سپروائيزر شميم جو اهڙو، اندر جو لقاءُ ۽ لڳاءُ ڏسي داد ڏيندي چيو:
“شميم! تنهنجي پي ايڇ ڊي جوٽاپڪ سليڪٽ ٿي ويو.”
هن تڪڙ ۾ پڇيو:
“سر! ڪهڙو؟”
هن وراڻيو :“لطيف سائين جي ويراڳي شاعريءَ...!”



پنجويهه ڊسمبر

هوءَ اوهايو رياست، آمريڪا جي ننڍڙي شهر ٽوليڊو ۾ هڪ مذهبي خاندان مسٽر ٽرواءِ، سنٿيا ۽ سندن ڏهن ورهين جي پٽ ڊينل جي گهر ۾ ڌيءَ بڻجي گڏ رهندي هئي- هوءَ پنهنجي ملڪ مان مئٽرڪ پاس ڪري هڪ پروگرام تحت اسڪالر تي آمريڪا ويئي هئي ۽ ان پاليسي آڌار کيس آمريڪا جي ڪنهن خاندان جو حصو بڻجي ڏهه مهينا ٽريننگ ۽ پڙهائي ڪرڻي هئي.
پاڪستاني ڇوڪريءَ خوشبوءِ کي، آمريڪي خاندان پنڪي سڏڻ لڳو- ڪرسمس جا ڏينهن قريب هجڻ ڪري پوري آمريڪا ۾ ان ڏڻ کي ملهائڻ لاءِ هر گهر ۾ توڙي سرڪاري سطح تي خوب تياريو ن ڪيون پئي ويون. ٽوليڊو شهر ۾ به انهي ڏينهن جي مناسبت سان وڏيون تياريون ٿي رهيون هيون- شهر جي ڪرسمس هال کي حضرت عيسى ۽ مقدس مريم جي ننڍين وڏين تصويرن “پتلن” ڪرسمس ٽري(Tree)۽ ٻين رنگ برنگي روشنين ۽ نظارن سان سينگاريو ويو هو.
اڄ يسوح مسيح جي آمد جي ڏهاڙي کي اسٽيج ڪرڻو هو، ڊراما هال ۾ ماڻهو پنهنجي سيٽن تي ويهي چڪا هئا.
مسز سِنٿيا نه صرف اڄوڪي پروگرام جي آرگنائيزر هئي پر ان سان گڏ ڊراما جي هيروئن به هئي، هوءَ، مينائٽي (Mennonites) سوچ واري ۽ لباس توڙي گفتار ۾ عام خاندانن کان قدر مختلف ۽ پروٽسٽنٽ فرقي سان واسطو رکندڙ هئي، انهيءَ فرقي سان لاڳاپيل ماڻهو نه چرچ ۾ اعتبار رکندا آهن نه وري نئين ثقافت کي قبول ڪندا آهن، لباس به هلڪي رنگ وارا ۽ مڪمل ڍڪيل اوڙهيندا آهن، ايتري تائين جو عورتون پنهنجي مٿي ۽ پيرن جي آڱرين کي به ڍڪي رکنديون آهن_ اهو ئي سبب هو جو سنٿيا سدائين مذهبي ڊرامن جي ڪردارن ۽ ڪهاڻين ۾ خاص دلچسپي رکندي هئي، هوءَ خوشبوءِ کي به ٿوري وقت ۾ پنهنجي پياري ڌيءَ جو درجو ڏيئي چڪي هئي، ٿيندڙ ڊراما ۾ ننڍڙي خوشبوءِ کي آسماني فرشتي جي روپ ۾ پيش ڪيو ويو هو.
ڪجهه دير ۾ هال جون بتيون گل ٿي ويون، آسمان مان آهستي آهستي هڪ خوبصورت فرشتي جو عڪس هيٺ ايندي ڏيکاريو ويو چمڪدار ۽ ڀڙڪيلو مرواريد جڙيل خوبصورت لباس وارو اُهو فرشتو جيئن ئي هيٺ لٿو ته پوري اسٽيج روشني سان ٻهڪي اٿي، اسٽيج جي هڪ پاسي هڪ سهڻو ٻار پينگهي ۾ لڏندي ڏيکاريو ويو ۽ ڀر ۾ هڪ پر وقار ۽ خوبصورت عورت ويٺل ڏيکاري ويئي هئي، ماڻهن اهو منظر ڏسي خوب تاڙيون وڄايون ۽ سمجهي ورتائون ته اهو ٻار يسوح مسيح ۽ ويٺل عورت مقدس مريم هئي.
ايتري ۾ فرشتي پنهنجون ٻانهون ڊگهيري، پينگهي ڏانهن اشارو ڪندي، ڀر ۾ ويٺل ماءُ سان مخاطب ٿيو:
“هي توهان جي ڪک مان پيداٿيل ٻار يسوح مسيح آهي، ۽ خدا وند خدا ان جو خلقيندڙ آهي، ۽ هي ڀٽڪيل ماڻهن کي سنئون رستو ڏيکائيندو.”
مقدس ماءُ حيراني ۾ سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڏسي رهي هئي، هن فرشتي کان پڇيو:
“منهنجي تقديس جي ضمانت ڪير ڏيندو ۽ سماجي قانون ۽ سوسائٽي کي ڪير مطمئن ڪندو؟” خوبصورت فرشتي مسڪرايندي مقدس ماءُ کي چيو:
“هي ننڍڙو مسيح پنهنجي رڍن جي سار سڀنال سان گڏ سماج ۾ اٿندڙ هر مسئلي تي پاڻ ڳالهائيندو_ ڀٽڪيل، ڏتڙيل ۽ بکايل ماڻهن جي سهائتا ڪندو، انڌن ۽ ڪوڙهين جي دردن جو درمان بڻبو.”
فرشتو ڳالهه پوري ڪري جيئن ئي آسمان ڏانهن اسهيو ته اوڏي مهل هڪ تازي پڪل کڄيءَ جو ڇڳو مقدس ماءُ جي اڳيان پيش ڪيو ويو. هن ڪجهه کارڪون کائي، ننڍڙي مسيح کي کڻي پيار ڪيو ۽ پوءِ اطمينان سان هرايندڙ ويندڙ جي سوال تي مسيح ڏانهن اشارو ڪندي رهي.
پينگهي ۾ پيل مسيح جڏهن ڳالهايو ته سڀ حيران ٿي ويا، مسيح جو گونجندڙ ٻاراڻو آواز ٻڌي، هال ۾ ويٺل سڀ ماڻهو سيني تي ڪراس ٺاهي، احترام ۾ مٿو جهڪائي اُٿي بيٺا، يسوح مسيح فرمائي رهيو هو:
“هي منهنجي امان آهي، جيڪا هر لحاظ کان خدا وند خدا ۽ مون جيان معصوم ۽ پاڪ آهي، مان توهان جي سنڀار ۽ رهبري لاءِ موڪليو ويو آهيان. مونکي سڃاڻي منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندؤ ته نجات پائيندو.”
سامهون ويٺل سڀ ننڍا وڏا يسوح مسيح جو چٽو مختصر ۽ دل تي اثر ڪندڙ ميسيج سُڻي سحر ۾ جڪڙجي، قطار بڻائي اسٽيج اڳيان گذرندا رهيا، ايئن پئي لڳو ڄڻ ته اهو پنجويهه ڊسمبرعيسوي سال جو پهريون ڏهاڙو هجي.



هڪ گُل

“ڪميل پٽ، ڏهه ٿي چڪا آهن پر ماسي ڪم واري اڃا ڪو نه پهتي آهي، ڀر واري گهر مان جهاتي پائي اچ متان اتي آئي هجي.”
هن جي پريشاني ۽ ڳالهائڻ جي تيزي ڏسي، مڙس کيس چيڙائيندي چيو:
“خالده ! چئبو ته ماسي کان سواءِ تون اڌوري آهين نه ؟”
“توهان ڪمال ٿا ڪريو، ڏسو نٿا گهر جو ڪيڏو ڪم آهي، ٿانءُ ڀانڊا، پوچو صفائي پر ها، اڄ آچر آهي، ماسي کي ڪپڙا به ڌوئڻا هئا، ڪپڙن جا به ڍڳ لڳي ويا آهن.” پريشاني ۾ هوءَ نراڙ تي هٿ رکي ويهي رهي.
“تون گهٻراءِ نه، ماسي نه آئي ته سڀ ڀاتي گڏجي ٿا ڪم ڪري وٺون.” مڙس آٿت ڏيندي چيس.
ايتري ۾ ڇوڪرو موٽي آيو ۽ چيائينس:
“ماسي اتي به ڪو نه آئي آهي.”
اهو ٻڌي هن ڀانڊا وغيره سهيڙي گهر جي ڪم کي سنڀالي ورتو.
ماسي لڳاتار ٽي ڏهاڙا پڌري ڪو نه ٿي، چوٿين ڏينهن ڏاڍي خاموش خاموش گهر ۾ آئي- هن جي چهري مان ايئن ٿي لڳو ڄڻ گهڻن ڏينهن جي بيمار هجي، اچڻ سان هوءَ ڪم ۾ جنبي ويئي هئي- نيٺ خالده پڇيس:
“ماسي ! خير ته هيو- ڏاڍا ڏينهن لاتئي.”
ماسي وراڻيو:
“امان! اسان غريبن جا ڪهڙا حال ٿي پڇين، منهنجو سڪيلڌو پوٽو، دست الٽين جي بيماري ۾ وٺجي ويو، رات جو وڳڙو ڪاڏي وڃون گهر ۾ پيل ڦَڪي سُتي سان بلو ڪيو سي، هڙخالي هئي، ڊاڪٽر ڏي وڃي نه پئي سگهياسي .”
خالده چيس:
“ماسي! هيڏانهن اچين ها، اسان تنهنجي واهر ڪريون ها. توکي ته اڳواٽ ئي چيل آهي ته ڏکيءَ سکيءَ ۾ مدد گهرندي ڪر.”
“ننڍڙي صبح جو انتظار ئي ڪو نه ڪيو. رات جي پيٽ ۾ بي رحم موت هن کي پنهنجي چنبن ۾ کڻي هليو ويو ۽ اسان ڏسندا رهجي وياسي.”
“ها ماسي! موت جو فرشتو ڏاڍو ڪٺور ۽ پنهنجي مرضي وارو آهي- هن جي اڳيان ڪنهن جو چارو نٿو چلي وڻيس ته ڪچا پٽي، وڻيس ته پڪا.”
ماسي روئيندي چيو:
“فرشتو، خدا کان ته ڏاڍو ناهي!! اسان جي اڱڻ ۾ ته صرف هڪ گُل ڦٽيو هو جيڪو پنهنجو رنگ بکيرڻ کان اڳ ۾ ئي بي رنگ ٿي ويو...! آخر ڇو؟
خدا غريب جو ناهي ڇا؟؟؟!!



ٽرانسفر آرڊر

سيڪشن آفيسر وٽ منهنجي ٽرانسفر آرڊر بابت سڀ ڪاغذ پهچي چڪا هئا، کيس صرف فائنل ليٽر ڪمپوز ڪري، ايڊيشنل سڪريٽري کان صحي ڪرائڻو هو، منهنجي چوڻ جي باوجود به هو ڪن لاٽار ڪندو رهيو-آفيس ۾ ويهڻ بدران هيڏانهن هوڏانهن پئي ڦريو، مان سندس تاڙ ۾ هوس جيئن ئي ڪو ڪرسي تي ويٺو مان وڃي سُري پاسي ۾ ويٺس. سندس ٽيبل جي دارز کولي پرس مان ٻه نوٽ ڪڍي ان ۾ رکندي چيم:
“سر! شام واري ٽرين ۾ واپس ورڻو آهي- مهرباني ڪري آرڊر جلدي صحي ڪرائي ڏيو.”
آفيسر کي چاٻي اچي ويئي- هن ڪمپيوٽر ڪلارڪ ڏانهن ڏسندي چيو:
“شڪيل! هن صاحب جو آرڊر جلدي ڪمپوز ڪري ٽيبل تي پهچاءِ.”
۽ پوءِ مون ڏانهن مخاطب ٿيندي چيائين:
“ڏسو، توهان اڃا تائين لنچ ناھي ڪئي، مان توهان جي لاءِ ٻاهران لنچ باڪس ٿو گهرايان. جيسين اهو نوش ڪندؤ تيسين آرڊر به تيار ٿي ويندو. توهان شام واري گاڏيءَ ۾ وڃڻ جي ڳالهه ئي ڪونه ڪئي هئي!”
مون وراڻيو:
“ مهرباني سائين! هاڻي به ڪا دير ناهي ٿي.”
مون لنچ ڪري ڪوڪ جو ٽن جيئن ئي خالي ڪري ميز تي رکيو ته آفيسر آرڊر جي ڪاپي لفافي ۾ وجهي منهنجي اڳيان رکندي چيو:
“سائين! ناراض نه ٿجو سرڪاري ڪمن ۾ ٿوري گهڻي دير ٿي ويندي آهي.”
مان سندس ٿورا مڃيندي آفيس مان نڪري آيس.



ڪَلجُڳَ جا رنگ

مهاراج نارائڻ جي ڇويهين سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽڻ لاءِ شهر جي وڏي مندر ۾ سڀ پريمي پهچي چڪا هئا، ڪيڪ ڪٽڻ جو وقت ته رات جا ڏهه مقرر هو پر مهاراج جو خاص شيواداري گڻيش راڄ اڃا ڪونه پهتوهو ۽ ڏهه ٿي چڪاهئا- موجوده پوج پئنچايت وقت تي ڪيڪ ڪٽڻ جو مشورو ڏيئي رهي هئي، پر مهاراج پريمين ۽ پئنچايت کي شانت رهڻ جو اشارو ڪندو رهيو.
ڪافي دير کان پوءِ مهاراج جو پيارو سيواداري، نوٽن سان سينگاريل ڪنڊيءَ کنيو اڪيلو ۽ البيلو هال ۾ داخل ٿيو، هن مهاراج جا پير ڇهيا، موٽ ۾ مهاراج آسيس ڏيندي ڪيڪ ڪٽڻ لاءِ ڇري کنئي ۽ اها ڪيڪ ڪٽيندي مخالفن جي سينن کي به زخمي ڪندي رهي، اتي موجود سيوادارين مان ڪنهن چيو:
“وڏو مهاراج سوامي گيان چند مهاتما هو. سڀني کي پنهنجو ٻچو سمجهندو هو پر هن مهاراج ٻه اکيائي ڪري جاتيءَ ۾ ويڇا وڌايا آهن.” هجوم جي ڀڻ ڀڻ ۽ اڌمن کان بي خبر مهاراج هر هڪ کي مسڪرائيندي ڪيڪ کائڻ لاءِ چئي رهيو هو.
هڪ پراڻو پريمي استاد لڇمن داس ڀڻڪيو:
“واهه ڙي مايا تنهنجي ڇايا، واهه ڙي ڪلجڳ تنهنجا رنگ!!”
ٻي شيواداري موهن، پرشاد ورهائيندي چيو:
“مهراج نارائڻ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جوان هوندي به پنهنجي پتا سوامي گيان چند جي مورتي سمان ساڌو سنت آهي، ڏسو نه سالگره جو ڪيڪ ڪٽڻ لاءِ ٻين جيان اتاولو ڪو نه ٿيو. پر شهر جي آخري ماڻهو جي اچڻ تائين انتظار ڪندو رهيو، وڏن ۾ وڏاگڻ آهن.”
ٽئين پريمي مهراج نارائڻ جي جئه جئڪار جو نعرو لڳائي، رنگين زوردار ڦٽاڪن کي آسمان ۾ اڏائڻ شروع ڪيو ۽ آڪاش مان چمڪندڙ رنگن جي برسات وسڻ شروع ٿي ويئي ۽ محفل جئه جئه ڪار سان گونجڻ لڳي.



حرام حلال

دائي شرمان عمري جي ادائگي کانپوءِ پهريون ڀيرو جڏهن ڊيوٽي تي موهني اسپتال پهتي ته کيس پوري عملي مبارڪون ڏنيون، تنهن ڏينهن هوءَ ڏاڍي خوش لڳي رهي هئي.
شروع کان منجهند جي ماني هوءَ ڊاڪٽر موهني جي گهران گهرائي کائيندي هئي، معمول موجب اڄ به نوڪر ماني آڻي ڏنس پر شرما، ماني واپس ڪندي چيو:
“مونکي ٻڌايو ويو آهي ته غير مذهب ماڻهن جي هٿ ۽ گهر جي شيءِ کائڻ حرام آهي.”
ڊاڪٽر موهني اسپتال ۾ موجود هئي- هن اهي لفظ ٻڌي دائي کان پڇيو:
“شرما...! تون عمري کان اڳ مسلمان نه هئين؟”
هن نڪ تي آڱر رکندي وراڻيو:
“ڊاڪٽر صاحبه! مسلمان مان هيس پر هاڻي پاڪ ٿي آئي آهيان.”
ڊاڪٽر حيرت ۾ ڏسندي چيو:
“ شرمان! بک جو مذهب ناهي هوندو.”



پيار ۽ مذهب

نرملا جي نيڻن ۾ نماڻائي ۽ چپن تي مرڪ ڏسي موهن ويتر موهجي پيو، ويجهو ويندي چيائين:
“نرملا! خبر ناهي مونکي تنهنجي مرڪ کان ڇو ڊپ ٿيندوآهي، لڳندو آهي اها مرڪ مونکي ڳڙڪائي ويندي.”
“صبر ڪر، اڃا منزل گهڻي ڏور آهي، رجعت پسندن جهڙيون ڳالهيون نه ڪر.”
“آئون شاعر ماڻهو، ناستڪ ۽ دهريو ليکڪ، پنڊت کي مڃيان ئي ڪو نه، تون گياني ڌياني ڌرمداس جي سپتري- اهو لگن ڪئين ٿيندو؟”
موهن کيس تڪيندي چيو.
“سڀ ڪجهه ڄاڻندي ته توسان وچن ڪيو هوم، موجوده دور ۾ شين ۽ قدرن جي حقيقت وارو تصور بلڪل ختم ٿي چڪو آهي پنڊت ۽ پوڄاري ته پاڻ صدين جي نشانن جو نقل ڪندا پيا اچن اسان جو گڏ جي گذارو ٿي ويندو.” نرملا فلسفياني انداز ۾ سمجهائيندي چيو.
موهن هار مڃيندي چيو:
“سمجهيم... ٻئي آزاد آهيون، پکين جيان پيار ڪري زندگي گذاريندسين.”



ممتا ۽ موبائل

امير روزانو ٽيوشن ويندو هو، ڪڏهن ڪڏهن دير سان به واپس ايندو هو- اڄ به کيس اچڻ ۾ گهڻي دير ٿي ويئي هئي پڻنس ڪجهه پريشان ٿيندي گهر واريءَ کان پڇيو.
“امير، اڄ به اچڻ ۾ دير لڳائي آهي، سندس ٽيوشن جو وقت ته پورو ٿي چڪو آهي؟”
“ڪنهن دوست سان بيهجي ويو هوندو، متان استاد دير تائين پڙهائيندو رهيو هجيس.” گهر واريءَ وراڻيس.
“پٽ مئٽرڪ ۾ پهچي چڪو آهي ۽ موبائل رکي ٿو، دير اچڻ جو سبب توکي ته ٻڌائي سگهيو پئي.” پڻنس تڪڙ ۾ چيو:
“مئٽرڪ ۾ پڙهي ٿو پر نيٺ آهي ته اڃا ٻار! پُٽ مان وڏون ڇو پيو ڳولين؟”
ايتري ۾ امير گهر ۾ گهڙيو ۽ ڪتاب ٽيبل تي رکي وڃي ماءُ سان ڀاڪرين پيو ۽ آهستي چيائين:
“امان موبائل وڃائجي ويو.”
ماءُ وراڻيو:
“خير آ پٽ! توتان گهوريو، تون ته سلامت آهين.” پڻنس ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي مسڪرائيندو رهيو.




من جو مامرو

پنجاهه کن سال اڳ جڏهن هوٽل تاج محل جي چانهه، ڪورمو ۽ برياني واپرائڻ لاءِ ڪيترن شهرن جا ماڻهو اچي، کاڌي پيتي جي لذت وٺندا هئا- تڏهن ڪي شوقين وري، اتي چونڊ پراڻين فلمن جا گانا ٻڌڻ لاءِ به ڳاهٽ ٿيندا هئا، هوٽل جو مالڪ خان مغل، پاڻ به جوان ۽ ڌنڌوڙي ماڻهو هو. سندس هوٽل تي گانن سان گڏ هر شيءِ خالص ۽ لذيذ ملندي هئي. تڏهن چانهه ٻه آنا ڪپ هئي ۽ روپئي ۾ سورنهن آنا پوندا هئا، هڪ ڏهاڙي خان مغل جي دخل سان لڳل ٽيبل تي هڪ نوجوان گراهڪ اچي سيٽ تي ويٺو، خان کي پشتو اردو ۾ چيائين:
“ايڪ چاءِ ڪڙڪ اور طلعت محمود ڪا گانا”
خان مغل مسڪرائي هائو ڪار ڪئي، نوجوان ڪوئٽه کان آيل پئي لڳو پر لباس سنڌي هوس، بوسڪي جي قميص ۽ چئيرمين جي شلوار پهريل جوان گاني ۾ ايترو ته گم ٿي ويو جو سامهون رکيل چانهه به ٿڌي ٿي ويئي هئي، خان سندس تڙپ ڏسي هڪ ٻئي پٺيان طلعت محمود جا سدا بهار گانا ٻڌائيندو رهيو.
سردي جي موسم هئي، شايد نوجوان پنهنجي مائٽن سان ملڻ آيو هو. هوٽل تي اچي گانا ٻڌڻ ۽ ٻه چار چانهه جا ڪوپ پيئڻ سندس روز جو معمول هو- خان مغل کي به سندس اچڻ جو اوسيئڙو رهندو هو.
هڪ ڏهاڙي جيئن هوٽل ۾ گهڙيو ته ڏاڍو ويڳاڻو، مايوس ۽ ڪنهن سوچ ۾ ورتل پئي معلوم ٿيو ايندي ئي خان مغل کي فرمائش ڪيائين: “خان !طلعت ڪا يه گانا سنوائو، جس ڪي بول هين
جيئون گا جب تلڪ تيري فساني ياد آئين گي”
پٺاڻ سهڻو ۽ چٽي رنگت وارو نوجوان هو، ويتر تيز رنگ واري وڳي ۾ اڄ هو ڏاڍو خوبصورت ۽ پرڪشش لڳي رهيو هو، هن جي من ۾ ڪاتڙپ ۽ ڪنهن سان ملڻ جي تانگهه هئي، رکي رکي ياد کيس تڙپايو پئي. خان مغل سندس بي چيني کي محسوس ڪندي ڪٻٽ مان فرمائشي رڪارڊ ڳولهڻ لڳو، گهڻي ڳولا کان پوءِ جڏهن طلعت جو گانو مليو ته نو جوان جي منهن تي سرهاڻ موٽي آئي.
گاني جا ٻول جئين ئي هن جي ڪنن تي ٻريا ته هوآپي کان نڪرڻ لڳو، ٽيبل تي رکيل پاڻي جو جڳ پنهنجي مٿان هاريندي، قميص ڦاڙي، زور زور سان گاني جا ٻول ورجائڻ لڳو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي، روڊ تي رڙيون ڪندو نڪري ويو!!
خان مغل، ڪيترا ڏينهن ان نوجوان جي راهه تڪيندو رهجي ويو، پر ويندڙڪٿي ٿا ورن!!



ادب جو چراغ

درشن اردو سنڌي ۽ پنجابي زبانن جو وڏو شاعر هو، اسلام آباد مان نڪرندڙ ماهنامي ‘معمار’جي آفيس ۾ هڪڙي ڏينهن ڏاڍو تڪڙو ۽ پريشان اندر داخل ٿيو، منهن تي وائڙائپ ۽ مايوسي ڏسندي، معمار جي ايڊيٽر امر سنڌو پڇيو:
“توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي؟ ويهو، دلجاءِ ڪيو ماجرا ڇا آهي ؟” هن ٺهه پهه وراڻيو:
“امرڀيا! سونهن ۽ سرت واري جوان شاعرا، هڪ ٽرئفڪ حادثي ۾ موت جو کاڄ ٿي ويئي.”
“اهو حادثو ڪٿي ٿيو ۽ اها ڪير هئي؟”
هن وري شاعراڻي لهجي ۾ چپ چوريا :
“قرت العين وانگر ٻن پهرن جي تپيل ڏينهن جيان چمڪندڙ ۽ سونهن جي آرانڀي ۽ الن سان ساڙيندڙ انهيءَ شاعره منهنجي آڏو تڙپندي ۽ ڦتڪندي دم ڏنو، پر مان کيس بچائي ڪو نه سگهيس.”
سندس اڻپورو جواب سڻي امر سنڌو ڪجهه شاعرائن جا نالا ڳنهندي پڇيو:
“ادا جعفري، زهرا نگار، فهميده رياض، ڪشور ناهيد جي ڳالهه ته نه پيو ڪرين!”
“نه دوست ! اها اهڙي شاعره هئي جنهن اداس اکين ۾ نرمل نيڻن سان، انساني وجود جي انگ انگ ۾ زندگي جو احساس اوتي ڇڏيو هو، جيڪا چوندي هئي ته صدين تائين سندس تخليقي دنيا جا لفظ هن جي سراپا سونهن ۽ سڳند جي گواهي ڏيندا رهندا.”
امر سنڌو پرولي جي تهه تائين پهچي چڪو هو، هن آهستي آهستي ڳرن قدمن سان هلندي سامهون ڀت تي لڳل ڪئلينڊر تي هڪ نظر وڌي، اهو ڇويهه ڊسمبر 1994ع جو ڏهاڙو هو آفيس اندر هن جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. هو ٻاهر آيو.... ڏٺائين، آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڍڪجي چڪو هو. بي اختيار هن جي چپن تي خوشبوءِ جي خالق پروين شاڪر جو نالو زبان تي اچي ويو. هن جي هٿن ۾ نه گلاب هئا نه رابيل ۽ نه عطر نه عنبير خيالن ئي خيالن ۾ گلن جهڙن لفظن جي ڪومل مالها پوئي، صديق سالڪ جو چؤ سٽو قبر جي ڪتبي تي ڪوري چيائين:
پھول گم سم، اداس باغِ ادب،
قلب کو اب، نهين دماغِ ادب،
شعرو فسانه، بُجهه گئي هين جو،
ناگهاں گل هواچراغِ ادب.



اوسيئڙو

هو هر هفتي جي آخري ڏينهن پنهنجي گاڏيءَ تي واپس گهر ورندو هو، پٺيان زال، ٻار ٻچا ۽ پوڙهو پيءُ اوسيئڙي ۾ رهندا هئا، ماڻنس گهڻا ورهيه اڳ مالڪ کي پياري ٿي چڪي هئي، پڻنس هونءَ به ڇنڇر ڏهاڙي پٽ جي راهه تڪيندو رهندو هو. اڄ ويتر هن دير ڪري ڇڏي هئي- اُڻ تڻ ۾ رهندي امالڪ ننهن کان پڇيائين:
“ڌيءَ! عامر اڄ ڏاڍي دير ڪري ڇڏي آهي.”
“بابا! ايتري دير ته ڪانه ٿي آهي، مونسان هاڻي هاڻي فون تي رابطو ٿيو هوس، ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هو، توهان گهٻرايو نه اجهو پهچڻ وارو آهي.” سهري کي دلجاءِ ڏيندي هن چيو.
ڪلاڪ کن گذري چڪو هو- پر عامر جو اڃا ڪو اتو پتو ڪو نه هو، پڻنس گهر جي لائبريري ۾ ويٺي ڪتاب پڙهيو، وال ڪلاڪ ڏانهن ڏسندي هو اٿيو ۽ ٻاهرين گيٽ وٽ نڪري آيو، سامهون عامر جي ڪار ايندي ڏسي کيس ساهه ۾ ساهه پيو.
گاڏي نزديڪ ٿيڻ سان عامر بريڪ لڳائي ۽ هيٺ لهي والد سان مليو پڻنس گاڏيءَ جو اندروني منظر ڏسي اچرج ۾ وٺجي ويو، پڇيائين:
“پٽ! تون ته حيدرآباد کان پيو اچين، گاڏي ۾ ٻار توسان ڪئين؟”
پيءُ جي پريشاني محسوس ڪندي عامر وراڻيو:
“بابا! مان ٿوري دير اڳ گهر پهچي ويو هوس- توهان جي ڪمري ۾ گهڙيس ته توهان کي ڪتاب جي مطالعي ۾ مشغول ڏسي ڊسٽرب نه ڪيم.”
“پوءِ ڪيڏانهن وئين پٽ!”
“بابا مسز ٻڌايو ته ٻار انتظار ڪري هاڻي هاڻي ناناڻي ويا آهن. ٻارن جي ڏاڍي سڪ لڳي هئي، ان ڪري تتي تاءُ گاڏي جو رُخ اوڏانهن کڻي ڪيم.”
پڻنس چپن تي هلڪي مرڪ آڻيندي آهستي چيو.
“پٽ! مان به تنهنجي اوسيئڙي ۾ هوس- مونکي به تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳي هئي.”



اوشو جو آنند

پروفيسر لعل چند تازو ئي امريڪا جي ڪنهن يونيورسٽي مان سوشل سائنسز جي هڪ مخصوص سبجيڪٽ آنر ڪلنگ اينڊ اٽس امپيڪٽ آن سوسائٽي، تي پي_ ايڇ_ ڊي جي اعلى ڊگري وٺي موٽيو هو، مدر يونيورسٽي ۾ پڙهائيندي هن کي ڪئي ورهيه ٿي ويا هئا. پنهنجي شاگردن سان پيار ڪندڙ هي عملي انسان سماجي سطح تي پيدا ٿيندڙ ننڍن وڏن مسئلن تي به نهايت ڏاهپ ۽ دليل سان ڳالهائيندو هو، ان ڪري شاگرد کائنس سمجهڻ ۽ پرائڻ ۾ ڪا دقت محسوس نه ڪندا هئا.
اڄ مدر يونيورسٽي ۾ هن جو پهريون پيرڊ هو، سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ڪلاس ۾ جئين ئي گهڙيو ته شاگردن اٿي بيهي پر جوش انداز ۾ آجيان ڪئي، موٽ ۾ هن ڪنڌ نمائي نمستي چئي، روسٽرم تي هٿ رکندي مخاطب ٿيو.
“ٻارو! ڪهڙو موڊ آهي، ڇاتوهان کي جذبن جي ڪٿا ۽ ان جي ملهه بابت ڪجهه ٻڌايان؟”
شاگردن يڪ آواز ٿي وراڻيو:
“ها... بلڪل تيار آهيون سر!”
“ڳالهه اها آهي ته سڌريل سماجن ۾ انساني جذبن جو ملهه ۽ قدر ٿئي ٿو ۽ اهي جذبا سماج جي گڏيل موڙيءَ هوندا آهن. فن ۽ علم ذريعي حاصل ڪيل سڀ سندون ۽ ڊگريون قومي ملڪيت سمجهيون وينديون آهن. پر اسرندڙ ملڪن ۾ ايئن ناهي ٿيندو.”
ڪلاس مان هڪ شاگرد سوال ڪندي چيو:
“سر اسان وٽ ايئن ڇو نه ٿو سمجهيو وڃي؟”
هن وراڻيو:
“ان جا سبب گهڻا آهن پر هڪ اهم ڪارڻ اهوآهي ته اسرندڙ ملڪن جا ڪارندا هر ليول تي ماڻهن جي جذبن ۽ خواهشن کي ڇڙواڳي چئي، جان ڇڏائي ٿا وڃن، جڏهن ته سڌريل سماجن ۾ انهن تي تحقيق ٿي رهي آهي. ڪنهن سوچ، خيال ۽ عمل کي خاص اهميت ڏيڻ سان مثبت ۽ منفي ٻئي نتيجا نڪرندا آهن. درصل ان جي جاچڻ جو طريقو اهو آهي ته ڪنهن شيءَ سان جا ذبيت پيدا ٿئي ته نتيجو مثبت ايندو پر جي ان شيءَ سان نفرت ۽ بيزاريءَ ٿيندي ته نتيجو منفي ملندو، اسرندڙ ملڪن ۾ هاڪاري ۽ ناڪاري جذبن کي چڪاسيو ئي ناهي ويندو ۽ نه وري انهن جذبن جو ملهه ۽ قدر ڪٿيو ويندو آهي. ويتر اهڙن جذبن کي دٻائي ڌمڪائي، ماڻهو کي ذهني طور مجروح ۽ مفلوج بڻايو ويندو آهي، توهان ڏٺو هوندو ته اڪثر اسرندڙ ملڪن جون عورتون اهڙي ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿين ٿيون ۽ انهن کي آنر ڪلنگ هيٺ هيسائي هيڻو ڪيو وڃي ٿو.” هن ٿورو ترسي، بورڊ تي لکيو آنرڪلنگ ۽ وري مخاطب ٿيو:
“آئون جيڪا پي ايڇ ڊي ڊگري وٺي آيو آهيان، اسرندڙ ملڪن ۾ اها منهنجي ملڪيت (Asset) سمجهي ويندي پر سڌريل سماجن ۾ اها قومي ملڪيت ڳڻي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ جو انهي ڊگري جي ڪري فرد ۾ ڏاهپ ڏانءُ ۽ سچائي پيدا ٿئي ٿي ۽ سماج ۾ کيس هڪ لائق انسان جو درجو حاصل ٿئي ٿو، اهوئي سبب آهي جو اتي جذبن، ڄاڻ ۽ ڊگرين جي تونگرائي کي سماجي عطا ۽ قومي ملڪيت شمار ڪيو وڃي ٿو.” پرفيسر جئين ئي ٿورو خاموش ٿيو ته اڳيان ويٺل هڪ شاگرد خاص نڪتي بابت سوال ڪيو:
“سر! هن سوشل ميڊيا واري دور ۾ اسرندڙ ملڪن جا ماڻهو به، سڌريل سماج جو حصو بڻجي چڪا آهن، ڄاڻ جي مٽا سٽا بدران هاڻي اهي هڪ ٻئي سان انفرميشن شيئر ڪري رهيا آهن. ان هوندي به اسان ڇو اهڙا ذهن پيدا نه ڪري سگهيا آهيون؟”
پرفيسر خاموشي سان سوال ٻڌي ٿورو سوچيندي چوڻ لڳو:
“پٽ! اها ڳالهه ذهن تي پختي ڪري ڇڏيو ته جيسين اهڙن ملڪن جي ڪارندن جي ذهن ۾ هڪ فلاحي رياست جوڙڻ جو تصور ناهي اُڀريو ۽ ماڻهن جي بنيادي ضرورتن اٽي لٽي، اجهي سان گڏ تعليم صحت ۽ امن آڻڻ جي تڙپ دل ۾ پيدا ناهي ٿي، تيسين اهڙا ذهن پيدا ڪرڻ وارو خواب ايئن آهي جيئن ٻٻرن کان ٻير گهرڻ .”
هن ٿورو سوچيندي وري ليڪچر شروع ڪيو.
“جذبن جي پيشڪش، خواهشن جو پورائو ۽ ٻين اڻ پوري ضرورتن جو مدافعتي رد عمل ته آخر ٿيڻو آهي، اهو ماڻهو جي رجحان، رويي ۽ طاقت تي منحصر آهي ته اهو ڪيئن ٿو ان جو اظهار ڪري، پر رياست جي اها جوابداري آهي ته ماڻهو کي ذهني دٻاءُ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڪوطريقو ڳولي ۽ ان کي ذهني طور مطمئن ڪري، سڌريل سماجن ۾ ذهني دٻاءُ کان نجات حاصل ڪرڻ ۽ خواهشن جي تڪميل لاءِ مناسب جايون ۽ ادارا جوڙيل آهن پر اسان اڃا انهي پاسي ڌيان ناهي ڏنو.” اٿاريل نڪتي جي وضاحت کانپوءِ هن شاگردن کان پڇيو:
“ڇا توهان منهنجي ڳالهه کي بخوبي سمجهي ويا؟”
گڏيل آواز آيو:
“جي سر.”
هن ڪرائي ۾ ٻڌل واچ ڏانهن ڏسندي چيو:
“ته پوءِ منهنجي آخري ڳالهه ڌيان سان ٻڌو انهي ڪري ئي اُسرندڙ ملڪن جا پڙهيل ۽ ڊگري يا فته فرد به ملڪي ڪارندن جي پرڪارن کان خائف ٿي پنهنجي جذبن جي موڙيءَ کي اڙٻنگ دل جي پڪار ڄاڻي، قوم ۽ انسانيت تي خرچڻ بدران ڪڏهن مئڪدي تي مٿو ٽيڪي اوشو جو آنند وٺن ٿا ته ڪڏهن وري عقيدي جي ور چڙهي سرڳ ساڀيان ڪن ٿا.”



پهرئين چاهت

محبت جو درد پر لطف تڏهن ٿئي ٿو جڏهن ڪو ان کي ماڻي ٿو. شيرين، منهنجي پهرئين چاهت، صبح جي پر نور چمڪندڙ سج جيان انگ انگ ۾ خواهشن ۽ لذتن جي لار اوتي ڇانورو بڻجي مونتي ايئن ڇانئجي ويئي هئي جو اڄ تائين، ان خوبصورت وڻندڙ پيار جي جهوٽي، نرم ۽ نازڪ ڇهاءُ، سونهن ۽ سحر جي واديءَ کان ٻاهر نڪري ناهيان سگهيو!!
تڏهن آئون سورنهن ورهين جو هٺيلو، ڦڙتيلو ۽ شرميلو ڇوڪرو سمجهيو ويندو هوس، اسپتال جون نرسون، دايون ۽ ڊاڪٽرن جي بنگلن تي ڪم ڪندڙ مايون ۽ ماسيون سڀ مونسان اکين ئي اکين ۾ ڳالهائينديون هيون ۽ منهنجي رويي توڙي ڪردار جي باري ۾ ڪنهن سان شڪايت به ڪونه ڪنديون هيون.
فيميل وارڊ ۾ اسٽيٿسڪوپ (Stethoscope) منهنجي ڪنن ۾ وجهي، هڪ ڀيري مريضه جو سينو چڪاسڻ لاءِ، جڏهن شيرين، منهنجي پٺيان بيهي چڪاسڻ جو طريقو سمجهائي رهي هئي، ته اوچتو سول سرجن وارڊ ۾ اچي پهتو. اها ماجرا ڏسي، هو برداشت ڪرڻ بدران اٿلي پيو ڏاڍي ڪاوڙ ۾ شيرين کي چيائين:
“پٽ کي ڊاڪٽري پئي سيکارين!! ”
“ها، اسان جي غير موجودگي ۾ سڀ ڪم اهوئي ته سنڀاليندو آهي سر.” شيرين وراڻيو.
سول سرجن ڀر ۾ بيٺل هڪ وارڊ بواءِ کي مونڏانهن اشارو ڪندي چيو.“تون وڃ ۽ حميد حجم کي وٺي اچ ۽ چوينس ته هن جا ڊگها وار ڪتري ننڍا ڪري ۽ پوءِ مونکي رپورٽ ڪر.”
ٻي صبح مونکي ٽي، بي وارڊ ڏانهن بدلي ڪيو ويو، پر شيرين، صبح جي چانهه پنهنجي ڊيوٽي روم ۾ مونسان گڏ پيئڻ جي عادي هئي. ٽڪوزي سان ڍڪيل ڪيٽلي، ڪيڪ ۽ بسڪيٽن سان ڀريل ٽري جڏهن سندس گهران ايندو هو ته هوءَ پهريون ڪپ ٺاهي مونکي ڏيندي هئي. اڄ به جيئن ئي چانهه پهتي ته هن ٽي بي وارڊ ڏانهن ماڻهو موڪلي مونکي گهرائي ورتو. منهنجي پهچڻ کانپوءِ سرهي ٿي چوڻ لڳي:
“چانهه پيئڻ جو مزو ته توسان گڏ ايندو آهي، تنهنجون ڳالهيون ڏاڍيون وڻندڙ ۽ تنهنجو خاموشي سان ڪم ڪرڻ جو انداز به ڏاڍو ڀائيندو اٿم، سچي ڳالهه اها آهي ته دايون ۽ مايون، مريض ۽ انهن جا سنڀاليندڙ سڀ تنهنجي ڪم کان ڏاڍا مطمئن ۽ خوش آهن. پر هن سرجن مئي کي ڪيرسمجهائي!”
مان پنهنجي ساراهه ٻڌي مسڪرايو ته ايتري ۾ تار گهرجي ڪارندي هڪ لفافي ۾ تار آڻي، شيرين اڳيان رکي، تار پڙهڻ کانپوءِ هوءَ ڏاڍي پريشان نظر ٿي آئي، مون کانئس پڇيو:
“ڇاجي باري ۾ تار آهي ڊاڪٽر؟”
ڪجهه سوچيندي هن چيو:
“تون پريشان نه ٿي، منهنجي ٽرانسفر سول اسپتال حيدرآباد ڪئي ويئي آهي ۽ اڄ ئي چارج ڇڏڻي آهي.”
“پوءِ ڇا ٿيندو ؟” مون جذباتي ٿيندي پڇيو.
“چارج ڇڏڻي ئي پوندي اها بدلي سول سرجن ئي ڪرائي آهي، شروع کان ئي هن جو ورتاءُ انساني گهٽ پر جنسياتي وڌيڪ هو. آئون هلي وينديس پر هن جي اڳيان ڪو نه جهڪنديس هي ماريو پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو!!”
پوءِ هوءَ چارج ڇڏي هلي ويئي هميشه لاءِ...! آئون جواني جي هٺيلي گهوڙي تي سوار، سوين سواريون هڪيون تڪيون بيٺل، پوئتي ڪنڌ ورائي ڪو نه ڏٺم، خبر ئي نه پئي، جواني موڪلائي ويئي، اٽڪل پنجاهه ورهين کانپوءِ هڪ ڀيري سنڌ جي سهڻي تاريخي شهر ميرپور ۾ شيرين جي خانگي اسپتال تي اچانڪ وڃي پهتس. سامهون ڪرسي تي چشمو پاتل هڪ باوقار چهرو ڏسي منهنجي دل جي دڙڪڻ تيز ٿي ويئي. پاڻ سنڀالي مخاطب ٿيم.
“مونکي سڃاڻو ٿا!!!”
هن چتائي ڏٺو ۽ پوءِ حيران ٿي اٿي بيٺي ۽ ڏاڍي پاٻوهه ۽ پنهنجائپ مان چيائين:
“پنهنجن کي ڪير نه سڃاڻيندو، پريم آهين نه !!”
سندس مک مان ماکيءَ جهڙا مٺا ٻول ٻڌي، آئون ڪرسي تي ويهي رهيس.



سانتيڪو شخص

احمد، بنيادي طور تي زميندار گهراڻي جو فرد هو، خانداني جهڳڙن جي ور چڙهي سندس گهراڻو ڇڙ وڇڙ ٿي چڪو هو، هن جو والد جهيڙي جهٽي خلاف، امن پسند ۽ هڪ سٺو انسان هو- هن پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي وڃي نئين جوءِ آباد ڪئي ۽ اتي شادي ڪري آسودي زندگي گذارڻ لڳو، زال جي مائٽن کيس هر طرح مدد جي آڇ ڪئي پر هي مجاهد مرد درزڪي پورهئي ۾ پورو رهيو- نه ڪنهن کان گهريائين ۽ نه ڪنهن ۾ آسرو رکيائين.
احمد سان واقفيت ۽ دوستي جو عرصو به اسان جي اڌ ڄمار جيترو ٿي چڪو هو- هو قلندر صفت ماڻهو سدائين حال مست رهيو- ايڏي عرصي دوران مون ڪڏهن به هن جي منهن تي سرءُ جي واءُ جو جهوٽو لڳندي ناهي ڏٺو، بسنت رت جيان شاداب زندگي جا سٺ ورهيه گذاري جڏهن پيريءَ ۾ پير پاتائين ته سندس جوڀن ۽ جواني هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪو ڏيئي، دوستي جي پوري حلقي تي ڇائنجي ويئي.
هونءَ به هو هڪ آرٽسٽ ۽ اديب هو- هن کي ڄاڻ هئي ته مثبت سرگرميون اختيار ڪري ۽ منفي خيالن کي ڪڍي ڦٽو ڪرڻ سان ئي خوشگوار ۽ صحتمند زندگي گذاري سگهجي ٿي، اهو ئي سبب هو جو هن جي زندگي پُرجوش ۽ هلچل واري هئي، خاموش ويهڻ جو عادي نه هو، سمنڊ جي لهرن جيان بي چين زندگي گذاريندڙ هي فنڪار ڏاڍي نرالي طبيعت جو مالڪ هو. ڪڏهن ڊراما اسڪرپٽ لکي ايندو ته ڪڏهن وري پنهنجي تاريخي شهر جي جاگرافيائي جوڙجڪ جا گراف ٺاهي کڻي ايندو هو. مان هن جي حالت کي اڄ تائين سمجهي ناهيان سگهيو.
روزانو اخبار روشني جو چيف ايڊيٽر ساجد لطيف به ڊرامانويس ۽ يارن جو يارهو، احمد واند ڪائي ۾اتي ئي ويهندو هو- جانورن سان لڳاءُ به هن جو مشغلو هو. طوطا، ڪبوتر، تتر ۽ ڪتا پالي، انهن جي عادتن اطوارن بابت معلومات شيئر ڪري، هو فخر محسوس ڪندو هو، سندس شوق ۽ دلچسپي ڏسي ايئن ڀاسندو هو ته اڃا هو ڳوٺاڻي جيوت جي قربائتي ڪوٽ کان پاڻ کي ٻاهر ڪڍي ناهي سگهيو.
هڪ ڀيري ساجد لطيف کيس هڪ السيشن شيفرڊ جرمن نسل ڪتو گفٽ ڪري ڏنو، جيڪو ڏاڍو خوفائتو، قداور ۽ طاقت جي ڦونڊ ۾ زنجير ڇنائي رهيو هو پر احمد به ڪمال جو ماڻهو هو- ڪُتي جي مٿي ۽ پٺيءَ تي هٿ ڦيرائي هڪ منٽ اندر انکي پنهنجو مطيع بڻائي ڇڏيو.
شاهد لطيف کي حيران ڏسي چيائين:
“منهنجي هٿ جي ڇهاءُ ۽ اکين جي جوت ۾ اهڙو ته تاثيرآهي جو جانور ۽ پکي به قربت جي ڪنڊيءَ ۾ ڦاسي پون ٿا.”
شاهد چيو:
“مون به چاهيو پئي ته ڪُتو ان شخص کي ڏيان جيڪو جانورن جي نفسيات کي ڄاڻي ۽ انهن کي پالي تاتي پنهنجو بڻائي.”
ڪجهه دير ۾ هو زنجير پڪڙي ڪُتي کي گهر وٺي ويو، اهو ساڻس ايئن هري مري ويو ڄڻ سالن کان شناسائي هجين، صبح شام سير ڪرائڻ جي باوجود به ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪُتو اڪيلائپ ۽ گهٻراهٽ جو شڪار نظر اچي رهيو هو، احمد اهڙي صورتحال ڏسي ڪُتي کي پراڻي مالڪ جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ مصري ڪڪڙيون وٺي انهن مان کوڙ ٻچا ورتائين.
مونکي ياد پوي ٿو ته هن ڪجهه وقت سرڪاري کاتي ۾ آفيسري به ڪمائي ۽ جڏهن سرڪار غصي ۾ اچي نوڪرين ۾ ڪٽوتي جو بهانو بڻائي، کيس گهر ويهاريو، ته هن سانتيڪي شخص نه ڪنهن سياسي ليڊر ۽ ميمبر جو در کڙڪايو ۽ نه وري کاتي جي وڏي عملدار سان مليو.
احمد جهڙاانمول ماڻهو ۽ وڏا ماڻهو دنيا ۾ ٻيا به آهن، وڏو ماڻهو انهن جي اندر ۾ لڪو ويٺو هوندو آهي ۽ جنهن کي ٻاهر اچڻ لاءِ رستي جي تلاش هوندي آهي، احمد جي وڏي ماڻهو کي ٻاهر آڻڻ ۾ ڀاڀي تهمينه جو اهم ڪردار رهيو، هن وک وک تي کيس حوصلو ڏنو پيار ڏنو ۽ مسئلن سان منهن ڏيڻ جي سگهه پيدا ڪئي. منهنجو ويساهه آهي ته جيسين ڀاڀي زنده رهندي تيسين هن جي اندر جو وڏو ماڻهو، جواني ۽ جذبو به قائم ۽ دائم رهندو.
هن حياتي جي هلچل ۽ زندگي جي حاجتن جي پورائي لاءِ کوڙ سارا ڪاروبار ڪيا. هر ڌنڌي پٺيان مال ڪمائڻ جي سوچ گهٽ پر فني سٽاءُ ۽ نکار وڌيڪ نظر آيو- ڪڏهن “ڪو جڪ ٽيلرنگ هائوس”، ته ڪڏهن “ديناناٿ شاپ” قائم ڪيائين ته ڪڏهن وري “منگيشڪر موشن رائيڊ” ته ڪڏهن “ميرانام جو ڪر”، “سائيڪل شاپ” نالي سان ڪاروبار ڪيائين، ڪاروبار شروع ڪرڻ وقت وڏي ڌام ڌوم سان مهورتي تقريب ۾ دوستن ۽ شناسائن جي خوب ٽهل ٽڪور به ٿيندي هئي.
سندس گهر واري سرڪاري ملازمه، ڏاڍي سگهڙ ۽ شانائتي عورت هئي، ملائي سلائي گهر جو ڪار وهنوار اهڙي في نستائي سان هلائيندي هئي جو اڄ تائين سندن گهر جي رنگ ۽ ڍنگ کي ڪوئي سمجهي ناهي سگهيو.
هن پر بهار زندگي گذاريندڙ شخص کي نه پنهنجو گهر هو ۽ نه بئنڪ بيلنس! پر هن جي کليل هٿ، مروت ۽ مهمان نوازي جي طور طريقي مان ايئن ڀاسندو هو ته جيڪر هو وڏي حويلي جو مالڪ ۽ مالدار ماڻهو هو.
مون پنهنجي ڄمار ۾ هن جي مک مان ڪڏهن به انڪار جو لفظ ڪو نه ٻڌو، دوستن توڙي دشمنن سان ڳالهائيندي، هر صورت ۾ هاڪاري جملو ئي ادا ڪندو هو.
منهنجو آواگون ۾ ته ايمان ڪونهي پر هن شخص احمد کي چيني تهذيب ۽ ثقافت سان واڳيل ڏسي، سوچيندو هوس ته روحن جا رشتا هڪ ٻئي سان ضرور رهيا آهن!!!



گلاجو گانگهو

جمال خان پڙهيل شخص هو، کيس ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ محفل جو مور سمجهيو ويندو هو- هر ڪا ڳالهه اهڙي ته پيرائتي ۽ شد مد سان ڪندو هو جو ڀاسندو هو ته پاڻ اتي موجود هو، مئل يا جيئري ماڻهو جي جنم پتري ٻڌائڻ پنهنجو عالمانه شان سمجهندو هو. هن جو پورو ڏينهن معاشي واڌاري لاءِ ڪيل ڪوشش جي نذر ٿي ويندو هو.
نتيجي ۾ فڪري ۽ ادبي ڪائنات سڪڙجي سوڙهي ٿي ويئي هيس، هڪ ڀيري پاڙي ۾ رهندڙ پيرل جي ڌيءَ جي ڪنهن ڌارئي مرد سان ڀڄي شادي ڪرڻ جي ڪهاڻي سڻائيندي، ڇوريءَ تي اهڙا ته ڇوه ڇنڊيائين جو لڳي پيو ته اها سندس ڀاڻج هئي.
اسان جي محفل ۾ وريل خان به وڏو ڳالهائو مڙس هو، تنهن ڇينڀيندي چيو:
“جمال خان! ڇوريءَ ڇيڪ ڇوٿي؟ انهن ڪارڻن تي به سوچيو اٿئي. مان سمجهان ٿو ته انهي عمل ۾ سندس پيءُ پيرل جي بي خبري ۽ ماءُ جي نرمي شامل هوندي، پر يار جمال! هڪڙي ڳالهه ڪن کولي ٻڌ- ڪنهن جي گلا ڪرڻ قتل جيان عظيم گناهه آهي- تون گلا جو گانگهو سر تي ڇو ٿو کڻين؟”
جمال خان ڪٿي ٿو ماٺ رهي، چيائين:
“ادا وريل! مون جيڪي ڳالهايو سو سورنهن آنا سچ هو، ڪوڙ جو ڪسيرو به شامل نه ڪيو هيم .”
وريل خان وراڻيو :
“غيبت چئبو ئي اهڙي گفتي کي آهي- گلا مئل ڀاءُ جي گوشت کائڻ جيان آهي، اڙي يار! غيبت ڪندڙ اڳئين ماڻهو جو نفسياتي، جذباتي ۽ ذهني قاتل بڻجي ٿو ۽ تون قتل جي اهڙي واردات ۾ مزي سان شامل ٿي رهيو آهين ۽ ڪا برائي محسوس نٿو ڪرين”
اڃا اهي ڳالهيون هلي رهيون هيون ته ٽيوٽر تي مئسيج هلي ويو.
“شهر جي مشهور شخصيت جمال خان جي ڀيڻ نوجوان عالم خان سان نڪري ويئي.”



عقيدت جي عمارت

لقمان هڪ پڙهيل، تجربيڪار ۽ بزرگ شخص هو. شهر جا ڪافي سمجهدار ماڻهو وٽس اوطاق تي ايندا رهندا هئا. هڪ ڀيري سماجي رويي تي ڳالهائيندي هن چيو.
“جاگرافيائي حد بندين ۾ رهندي ڪنهن به سماج ۾ جيڪي به ثقافتي ۽ سماجي رويا جڙن ٿا، اڳتي هلي اهي ئي عقيدي جو روپ ڌاري گناهه ۽ ثواب، حرام ۽ حلال جا ماڻ ۽ قدر بڻجن ٿا.”
هڪ دوست کائنس پڇيو:
“انهن قدرن پٺيان ثواب، انساني فائدي ۽ نقصان جي ڪا ڪسوٽي ته هوندي جنهن کي بنياد بڻائي حڪيم ۽ ڏاها ماڻهو درجه بندي ڪري ويا؟”
بزرگ لقمان سوال جي وزن کي سمجهندي وراڻيو :
“سچ ٿا چئو، انساني مفادن ۽ چڱاين کان ٻاهر رهي ڪوبه رويو، عقيدو نٿو بڻجي سگهي.
پوءِ اسين ڪئين ۽ ڪهڙي ڪسوٽي کي سامهون رکي عقيدي کي مڃي يا رد ڪري سگهون ٿا؟” ويٺل دوست وري پڇيو.
لقمان، ڏاڍي گنڀيرتا سان سڀني دوستن ڏانهن ڏسندي چيو:
“توهان سڀ پڙهيل ۽ سنجيده دوست آهيو، توهان جي سوچ تعميري ۽ شعور اوچو آهي، آئون اها ئي ڳالهه سمجهائي رهيو هوس ته پٿر جي پوڄا، وڻن ستارن ۽ آستانن جو سجدو، ڳئون ۽ خنزير کي حرام ڪوٺڻ، عقيدت جي عمارت جا اونها ٿنڀا (Pillar ) آهن، جن کي کوٽي ختم ڪرڻ ناممڪن آهي، پر ها، سماجي ۽ سائنسي تجربو انهن کي مڃڻ ۽ رد ڪرڻ لاءِ ڪامياب هٿيار آهي، اهو هر ڪو نٿو هلائي سگهي. جيڪو ان گر تائين پهچي ٿو، اهوئي علم ۽ عرفان پائي، منزل ماڻي ٿو.”
بزرگ لقمان پنهنجي ڳالهه پوري ڪري دوستن سان سڀاڻي ملڻ جو واعدو ڪري، اوطاق مان اٿي گهر هليو ويو.



ورهاڱو

“ديوار برلن هڪ رات ۾ جوڙي راس ڪري جرمن جي جگر کي ڪٽي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو, رت ڦڙا ڪريا، هر پاسي خون ئي خون هو، پر اها خونريزي قابض ڌرين جي ڪرتوتن کي روڪي ڪو نه سگهي.”
جرمني جي چانسلر چونڊجڻ کان پوءِ مادام ڪيوري، پنهنجي پهرئين قومي خطاب ۾ جڏهن اهي لفظ چيا ته کوڙ سارا سوچيندڙ قوم پرست ۽ نظرياتي سندس تائيد ۾ هٿ کڻي اٿي بيٺا.
هن پنهنجي تقرير جاري رکندي چيو:
“ورهاڱو فطرت جي ابتڙ ڪجهه مطلبي ماڻهن جي ذهنن جو روڳ ۽ تڪڙو توڙي جذباتي فيصلو ٿئي ٿو، ماڻهن جي گهڻائي اهڙي فيصلي جي خلاف هوندي به طاقتور ڌرين جي هٿن ۾ رانديڪن جيان پنهنجو وس ۽ وِت وڃائي ويٺا ۽ پوءِ ديوار برلن جو ڊگهو ۽ ويڪرو پاڇولو ٻنهي پاسن جي ماڻهن جي جذبن سان کيڏندي، انهن تي ٺٺولي ڪندو رهيو.”
مادام ڪيوري، ماڻهن کي پنهنجي طرف متوجهه ڏسي پڇيو.
“ڇا توهان ديوار جي پاڇولي ۽ رڪاوٽ کي ڏسي شرمسار نه ٿا ٿيو.”
هجوم مان گڏيل آواز آيو:
“نه صرف اسين شرمسار آهيون پر پڇتاءُ جا ڳوڙها به ڳاڙيون ٿا.”
مادام ماڻهن جي حوصلي جي طاقت کي محسوس ڪندي، آخري عملي ڳالهه ڪئي.
“اٿو ايڪي ۽ اتحاد جي سگهه سان برلن جي ديوار ڊاهي، پنهنجي دائمي جاگرافيائي ۽ نظرياتي وحدت کي هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ڪري دم پٽيو.”



راکي

اڄ راکي ٻنڌڻ جو ڏينهن هو، هر گهر ۾ خوشين ۽ خوشبوئن جا ديپ جلي رهيا هئا، هر ڪو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کان راکي ٻڌائي، پوتر رشتي ۽ رکشا جو وچن ورجائي رهيو هو.
آشا، اڪيلي نه ڀيڻ نه ڀاءُ، اڄوڪي ڏينهن تي ڪنهن کي راکي ٻڌي. پريشاني مٽائڻ لاءِ ماتا کان موڪلائي ڀر واري گهر ۾ پنهنجي سرتيءَ ريکا ڏانهن هلي ويئي.
ريکا ساهيڙيءَ جي سور کان واقف هئي حالت ڏسي چيائين:
“آشا! اٻاڻڪي نه ٿي، جن ڀينرن کي ڀائر ناهن، اهي ڌرمي ڀاءُ بڻائي راکي نٿيون ٻڌي سگهن ڇا؟”
آشا، پريشاني ۾ وراڻيو:
“پنهنجا ته نيٺ پنهنجا آهن- ڪوهين پنڌ تان ڪهي اڄوڪي ڏينهن تي ڀينرن ڏانهن ايندا آهن- آئون اڀاڳي اڪيلي ماتا پتا جي گود ۾ آيس.”
ريکا هن جي درد کي سمجهندي آٿت ڏيندي چيو:
“ گهٻرائين ڇو پئي؟ اجهو ٿو ڀاءُ راڪيش اچي، مونسان گڏ توکان به راکي ٻڌائيندو، تنهنجي رکشا جو وچن به ڪندو، خرچي به ڏيندو ۽ مٺائي کائي آسيس به وٺندو.”
آشا اهي شبد ٻڌي حيرت ۾ ريکا کي چيو:
“توکي ته خبر آهي، تنهنجو راڪيش منهنجو پيار آهي. اهو مونکان راکي ڪيئن ٻڌائيندو؟”
ريکا، کيس سمجهائيندي چيو:
“حيران ٿيڻ جي ضرورت ناهي. اڄ هو توکان پتني جو ٻنڌڻ ٻڌائيندو. پنهنجو وچن نڀائڻ لاءِ تنهنجي رکشا به ڪندو ۽ تنهنجو پيار به پائيندو.”
اهو ٻڌي آشا جو چهرو خوشي ۽ نمرتا ۾ جهڪي ويو.



پاپي

هڪ شاگرد، رليجن فلاسافي جي استاد کان پڇيو:
“سر! قابيل ست جڳ ۾ پنهنجي ڀيڻ جي شادي جي تنازعي تي پنهنجي سڳي ڀاءُ هابيل کي قتل ڪري دنيا جو پهريون پاپي بڻيو. آخر ايڏو وڏو واقعو ڇو ٿيو؟”
استاد وراڻيو:
“ ڏاڏيءَ حوا جي ڪري آدم هيٺ لاٿو ويو، قابيل ۽ هابيل جو جهڳڙو به عورت جي ڪري ٿيو- ٻنهي جون مائرون جدا هيون، هڪ ٻئي سان شادي رچائڻ جو حڪم هو، قابيل جي ڀيڻ خوبصورت هئي، جڏهن ته هابيل جي روپ رنگ ۾ گهٽ هئي. قابيل، انهي ڪري اهڙي رشتي تي راضي نه ٿيو ۽ قاعدي جي ڀڃڪڙي ڪندي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ کان اڳ ۾ ئي هابيل کي ماري ڇڏيو.”
شاگرد چيو:
“سائين! ڪلجڳ کي ته ماديت ۽ پاڻ هرتائي وارو سمو سمجهيو وڃي ٿو ۽ ستجڳ کي نفسي مادي خواهشن کان پاڪ ۽ سچ جو ساکي دور سمجهيو وڃي ٿو ۽ قابيل جهڙا ڪرتوت به ستجڳ ۾ ٿيا ۽ ان جي ابتڙ ڪلجڳ جو ماڻهو ته پنهنجي پيءُ ڄائي کي ماءُ سمان مقدس رشتو ڄاڻي ان کي عزت ۽ شرف ڏي ٿو. اسين ڪهڙي دور کي سچو ۽ ڪهڙي کي ڪچو سمجهون؟”
استاد نهايت اعتماد سان وارڻيو:
“ستجڳ ارتقائي دور هو ڪلجڳ انساني تهذيب جي معراج وارو دور آهي، پهريون سچائي، سادگي ۽ سکڻ وارو ۽ ٻيو عقل ادراڪ ۽ ريذننگ (Reasonning ) وارو پيرڊ آهي.”
شاگرد وري پڇيو:
“سر! ستجڳ ۾ هابيل ته اصولي ڳالهه پئي ڪئي پر قابيل اهڙي سچائي ۽ سادگي واري جڳ ۾ جهنگل جو قانون هٿ ۾ کنيو ايڏو تضاد ڇو ؟”
استاد شاگرد جي ذهانت کي سمجهندي وراڻيو:
“اڄ به ارتقائي فطرت انسان جي سوچ ۾ سمايل آهي، جيڪا تنزلي جي ترغيب ڏي ٿي، ڪي اتي اڙجي بيٺا رهيا ۽ ڪي وري وڏي عرصي جي حاصل ڪيل تجربي کي سونهون بڻائي شعور ۽ ترقيءَ جي عطا کي علم ۽ کوجنا سان ڳنڍي رستو ٺاهيندا رهيا.”
شاگرد کي استاد جون ڳالهيون وڌيڪ سوالن لاءِ اُڪسائن پيون. هن چيو:
“سر! هي منهنجو آخري سوال آهي مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته ڇا ارتقائي فطرت ۽ جهنگلي سوچ اڃا سوڌو اسان ۾ موجود آهي؟”
استاد وراڻيو :
“قابيل جي صفت ۽ صورت وارا ماڻهو پنهنجي جبلي قوتن سان سدائين سماج ۾ موجود رهندا ۽ ڪڏهن ڪڏهن فوق البشر سڏائڻ وارا به انهن آڏو پر ڪٽائي ڪري پوندا پر آخري مَلهه ۽ معرڪو هابيل ئي ماريندو.”


چونئري جو ڏيئو

ورهين پڄاڻان هن جي گهر ۾ خوشي ٿي رهي هئي، پوڙهي پيءُ ماءُ اڪيلو پٽ پڙهائي جڏهن جوان ڪيو ته سندس شاديءَ جو الڪو کائڻ لڳو، ڳولهي ڦولهي هڪ موچاري شڪل شبيهه ۽ خصلتن ۾ سيبائتي پاڙي جي ڇوڪريءَ سان شادي مقرر ڪئي ويئي.
اڄ شادي ڏهاڙو هو، چونئرن ۾ رهندڙ مائٽن کي هن ڍئو تي ڀت کارايو، جهمريون هڻي، لاڏ ڪوڏ سان گهوٽ ڪنوار کي لانوَن لاءِ هڪ سينگاريل چونئري ۾ وٺي آيا- لانئون لهڻ کانپوءِ گهوٽ ڪنوار سانتيڪا ٿي ويٺا ۽ ڄاڃي آهستي آهستي چونئرو خالي ڪندا ويا.
چونئري جي هڪ پاسي اوندهه جي راڪاس کي ختم ڪرڻ لاءِ هلڪي پيلي لاٽ وارو ڏيئو ٻري، روشني ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ۽ ٻي پاسي سيج تي ٿر جو شرميلو مور ۽ ڊيل لگن لاءِ ويٺل هئا. موسم خشڪ، آسمان خالي ۽ بي آباد هو، پر چونئري ۾ ڪڪرن جا ڪڙڪا، کنوڻين جا چمڪاٽ ۽ خوشين جي برسات وسي رهي هئي، چونئري کان نڪرندڙ آخري ماڻهو گهوٽ پيءُ هو- هن چوڌاري نگاهه ڦيرائي، صحرا جو ساگر اونده ۾ ٻڏي چڪو هو ۽ چنڊ، سفر جي آخري مرحلي۾ داخل ٿي تِک ۽ سونهن گهٽائي رهيو هو. پوڙهي پيءُ چونئري کي ڏٺو اندر روشني جا ترورا اونده سان وڙهي رهيا هئا، هن هلڪي آواز ۾ پٽ کي سڏيو.
“تاج پٽ! ڏيئي جي ٿالهي، سيج کان پري ڪري رک ۽ هوشيار رهج، متان هٿ پير لڳڻ سان ڏيئو ڪري پوي!”
دروازي کان منهن ڪڍي پٽنس وراڻيو.
“ڪيتريون ڳالهايون سمجهائيندين، پڙهيل ۽ سمجهدار آهيان هاڻي وڃ به سهي بابا!”
پوڙهو پيءُ، سڄي ڏينهن جو ٿڪو هارو صحرائي ڀٽن ۾ موٽندڙ چنڊ جي هلڪي روشنيءَ ۾ پنهنجي چونئري تائين پهچي درتي ويهي رهيو.



منصف

اسحاق ابڙو لاڙڪاڻي جو برک وڪيل هو ۽ بندر روڊ تي سندس هڪ وڏو جنرل اسٽور به هو، جيڪو هڪ مائٽ حاڪم علي هلائيندو هو.
حاڪم علي يار ويس ماڻهو هو ۽ وٽس دوستن جي اچ وڃ سدائين رهندي هئي.
اسحاق ابڙو به ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ پنهنجو مٽ پاڻ هو. دوڪان اندر ئي هڪ چيمبر ٺهيل هو، پاڻ اتي ويهندو هو ۽ ڪچهريءَ لاءِ ٻاهر ويٺل دوستن کي ڪڏهن ڪڏهن گهرائي وٺندو هو.
هڪ ڏينهن چار دوست وٽس آيا سين ۽ مسئلو ٻڌائيندي چيوسي،
“اسان مان ٻن دوستن جا وار ڊگها گهاٽا ۽ بي ترتيب آهن، گرمي جي مند به آهي، اسان جي مرضي آهي ته ٻه ڄڻا سيرب ڪرائي وار ننڍا ڪرائن يا وري مٿو ڪوڙائي صاف ڪن.” ايڊووڪيٽ اسحاق خوشمزاج (Witty) خص هو. اسان جي جوڪ (Joke) کي سمجهي مسڪرائيندي پڇيائين:
“ايئن ڪرڻ سان انهن کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟”
اسان وراڻيو سي:
“اهڙي طرح اهي دماغي طور تي تازا توانا ٿي پوندا ۽ گرمي ۾ مٿي جو بار هلڪو ٿي پوندن.”
ايڊوڪيٽ اسحاق اسان سڀني ۾ سينيئر ۽ سڀني جي مزاج بابت به چڱي ڀلي ڄاڻ هيس، هن اسان مان هڪ اهڙي دوست کي منصف مقرر ڪيو جيڪو پنهنجي ڪل وارو تڪڙو جو ان هو، هن چيو:
“روشن علي کان وڌيڪ سياڻو ۽ معتبر ماڻهو نظر نٿو اچي، منصف ان کي ئي مقرر ٿو ڪجي.”
روشن علي اهو ٻڌي ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو- سڀني دوستن ڏانهن نهاريندي چيائين :
“جيڪڏهن توهان کي منهنجي منصفي ۾ فيصلو ڪرائڻو آهي ته پوءِ ٻڌي وٺو، مان انصاف پسند ۽ عملي ماڻهو آهيان ۽ هن فيصلي ڪرڻ ۾ به دير نٿو ڪرڻ چاهيان، فيصلو اهو ڪرڻو آهي ته ٻئي دوست سيرب ٺهرائن يا مٿو ڪوڙائن، انڪري فيصلي ڪرڻ کان اڳم مان چاهيندس ته ساڳي صورت اختيار ڪيان جنهن متعلق مونکي فيصلو ٻڌائڻو آهي.”
روشن علي جي ڳالهه ٻڌي ڪجهه دوست اچرج ۾ وٺجي ويا ۽ ڪن وري انصاف جي سرسي جي ڳالهه ڪئي، ايڊووڪيٽ اسحاق سندس گفتگو سڻي هلڪي طنريه مرڪ منهن تي آڻيندي چيو:
“روشن صاحب! توهان ته وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي ججن جا فيصلا روز ڪورٽن ۾ ٿيندا رهن ٿا پر اهڙي عملي ڳالهه اڄ توهان ڪئي آهي، اهو ٻڌايو ته توهان فيصلي ڪرڻ کان اڳم ڇا ٿا ڪرڻ چاهيو؟ ”
هن ٽهڪ ڏيندي چيو:
“ڏاڍا سادا آهيو، اڳم مون کي پنهنجو مٿو ڪوڙائي پوءِ منصف جي ڪرسي تي ويهڻو پوندو.”
سڀني واهه واهه ڪئي، هو اٿيو ۽ ڀر واري سيلون ۾ هليو ويو. ڪجهه دير بعد مٿو پلين ڪرائي دوڪان ۾ گهڙندي سڌو چيمبر ۾ هليو ويو- چيمبر خالي ڏسي ٻاهر آيو، ۽ پوءِ پنهنجي ڪوڙيل مٿي تي هٿ ڦيرائي حاڪم علي کان پڇيائين: “دوست ڪاڏي هليا ويا؟فيصلي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي آيو آهيان.”
حاڪم علي طنزيه مرڪ چپن تي آڻيندي چيو:
“روشن صاحب! دوست ته سڀ پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويا!! توهان اچڻ ۾ دير لڳائي ڇڏي.”



خاڪي لفافو

برنس روڊ تي ٺهيل حويلي نما وڏي بنگلي جي پوليس واري، ڊور بيل وڄائي_ ٿوري خاموشي کان پوءِ اندران هڪ خوبصورت ڏهن يارنهن ورهين جي ڇوڪريءَ درتي آئي، پوليس واري کي ڏسي هوءَ سَهمَجي ويئي، سپاهي هن جي ڊپ کي محسوس ڪندي ڏاڍي پيار سان چيو:
“ڌيءَ! ڪوئي گهر ۾ آهي؟”
ڇوڪريءَ آهستي وراڻيو:
“ها، صاحب ويٺو آهي.”
سپاهي وري پڇيو:
“تون ڪير آهين بابا!”
ڇوڪريءَ وراڻيو.
“مان صاحب جي گهر ۾ ڪم ڪندي آهيان.”
سپاهي ڇوڪريءَ جي مٿي تي هٿ رکندي چيو:
“پٽ!صاحب کي ٻڌاءِ ته صوبيدارآيو آهي. ڀلا تنهنجو نالو ڇا آهي؟”
ڇوڪريءَ اندر وڃڻ کان اڳ ۾ وراڻيو .
“حليمه”
پوءِ ڇوڪري حويلي ۾ هلي ويئي.
خان صاحب پنهنجي ڪمري ۾ ڇوڪريءَ جو انتظار ڪري رهيو هو، هوءَ ڪمري ۾ جيئن ئي داخل ٿي ته صاحب کي سامهون بيٺي ڏٺائين.
“صاحب! صوبيدار آيوآهي.”
اهو ٻڌي صاحب جا اوسان خطا ٿي ويا، پريشاني ۾ چيائين:
“انهن کي ڊرائنگ روم ۾ ويهار.”
ڪجهه دير کان پوءِ ڪجهه سوچيندي آهستي آهستي ڊرائنگ روم ڏانهن وڌيو.
صوبيدار ۽ سپاهين ساڻس هٿ ملايو ۽ صوفن تي ويهي رهيا کائڻ پيئڻ جون شيون ٽيبل تي سجايون ويون.
صوبيدار هڪ ليٽر ڪڍي صاحب جي سامهون رکيو- پڙهندي سندس منهن تي پريشاني جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا، صوبيدار سندس چهرو پڙهي رهيو هو.
هن کي خبر هئي ته اطالوي ڪپڙي جو اوچو سوٽ پهريل صاحب چڱي ڀلي کي گاهه ناهي وجهندو. هن وقتائتو ۽ وزندار تير اڇليندي چيو:
“خان صاحب ڪورٽ جو آرڊر آهي، هاڻي اسان به مجبور آهيون.” تير نشاني تي لڳي چڪو هو. خان صاحب رازداري ۾ ڀڻڪيو ۽ صوبيدار جي منهن تي ڪاميابي جي مرڪ پکڙجي ويئي.
ٻنهي وچم ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي، سا خبر ته نه پئي- پر ٿوري دير لاءِ خان صاحب اندران ٿي آيو.
سندس هڪ هٿ ۾ ننڍڙي خوبصورت حليمه جي ٻانهن هئي ۽ ٻي هٿ ۾ خاڪي لفافو...! ٻئي وصوليون ڪري، صوبيدار سليوٽ ڪري ٻاهر نڪري ويو.


پوش پوش

هڪ ڀيري ساٿين اسلم ۽ لعل سان گڏ جي، شهر جو چڪر لڳائي، سنجهي ٽاڻي گهر اچي رهيو هوس ته واٽ تي هڪ ڪرڻ جي حاجت محسوس ٿي، ڀر واري باغ جي ٻاهرين ديوار ڏانهن منهن ڪري ويهي رهياسين اسلم ڄمار ۾ اسان کان وڏو سادي ۽ نماڻي طبيعت وارو جوان هو. تنبيهه ڪندي چيائين:
“سنسان ۽ وڻن ٻوٽن واري جاين تي رات جي وڳڙي، جنن ڀوتن جو واسو هوندو آهي. پوش پوش ڪري ويهو جيئن جن ڀوت هوشيار ٿي وڃن.”
مون وراڻيو:
“خير آهي، ڏٺو ويندو.”
ويٺي ويٺي منهنجي ذهن ۾ شرارت اڀري آئي- جيئن اٿي، دوستن جي نزديڪ پهتس، اوڏي ويل اکيون ڦوٽاري، آسمان ڏانهن ڏسندي، وڏي دانهن ڪري ٿا ٻڙجڻ لڳس، اهڙي حالت ڏسي، هنن پڪڙي هيٺ ڪرڻ کان مون کي بچائي ورتو ۽ پريشاني ۾ ڪجهه پڙهندي منهنجي جسم ۽ منهن تي شوڪاريندا رهيا، سامت ۾ اچڻ بعد مونکي گهر ڇڏي، پاڻ هليا ويا، ٻي صبح هشاش بشاش اچي ساڻن مليس، ڏسندي امالڪ اسلم چيو:
“يار قادر! ڏاڍو ضدي آهين- منهنجو چيو ڪندي پوش پوش جا ٻه لفظ دهرائين ها ته، ايڏو ماجرو ئي نه ٿئي ها- اهو شڪر ڪر جو مونکي غيبات جي توڙ وارا ڦيڻا ياد هئا، اهي پڙهي تنهنجي جان ڇڏايم.” هو هڪ ساهي ۾ چئي ويو. پوءِ لعل ڏانهن ڏسندي چيائين:
“تون ئي ٻڌاءِ لعل! رات هن ۾ ڪيڏو زور هو جو اسان ٻنهي کي به وٺ نه پئي ڏنائين.” لعل، هن جي تائيد ڪندي مونڏي ڏسي چيو:
“واقعي! گذريل رات تنهنجي حالت ڏاڍي خراب هئي تو ۾ ايڏي ته غيبي طاقت سمائجي ويئي هئي جو اسان ٻئي ڪوپا جوان به تنهنجي اڳيان هيڻا هئاسين.”
آئون خاموشي سان دل ئي دل ۾ سندن سادگي تي کلندو رهيس.



هو الوپ ٿي ويو

روپلو ڪولهي جيل جي ڪنڊ ۾ ويهي سوچي رهيو هو:
“انگريز سرڪار! شايد انهي خوشفهمي ۾ هجي ته مونکي جڪڙي سوگهو ڪري، اذيتون ڏيئي پنهنجن پهنوارن کان پري ڪري ڇڏيندا. اها انهن جي ڀل آهي. انهن کي ڪهڙي ڪل ته آئون ڪارونجهر ڪناري پلندڙ آزاد پکي ءَ آهيان، اهي منهنجي سرير کي جڪڙي سوگهو ڪري سگهن ٿا. پر منهنجي آتما ۽ جيءُ کي ڪير انهن کان ڌار ڪري سگهندو!!”
اهو سوچيندي هن جو ڀروسو ۽ حوصلو وڌي ويو ۽ هو ڏاڍي سرهائي محسوس ڪري رهيو هو.
بوٽن جي کڙڪي تي سندس سوچ جو سلسلو ٽٽي پيو.
ڪال ڪوٺڙي ٻاهران ٻه سپاهي سنگين لڳل رائيفلن سان، کيس ڪورٽ وٺي وڃڻ لاءِ بيٺا هئا.
انگريزن جي ڪورٽ وڏي دٻدٻي ۽ خوف جي علامت سمجهي ويندي هئي- روپلو جج اڳيان ڪاٺ جي هڪ بند ڪٽهڙي ۾ وڏي شان سان بيٺو هو. نه کيس وڪيل جي سهوليت هئي ۽ نه ڪنهن دوست ساٿي کي اطلاع هو.
جج مخاطب ٿيندي پڇيو.
“تون تون روپلو ڪولهي آهين؟”
هن وراڻيو:
“آئون روپلو سنڌي آهيان.”
جج کائنس ٻيو سوال پڇيو:
“توتي الزام آهي ته تو انگريزن کي بي گناهه ۽ بي دردي سان قتل ڪيو هو. تون پنهنجي بچاءَ ۾ ڪجهه چوڻ چاهيندين؟”
حوصلي ۽ همت جي پيڪر روپلي، جج ڏانهن ڏسندي چيو:
“آئون تنهنجي ڪورٽ کي ڪو نه ٿو مڃان! پنهنجي مٿان مڙهيل ڏوهه کي مقدس مٽيءَ جو قرض ڄاڻي، موت کي سرڳ جو سنديش ٿو سمجهان، تون جسم کي ته ڌرتي ماتا ۽ مارن کان جدا ڪري سگهين ٿو. پر منهنجي اڌمن، آشائن ۽ رت جي ڦڙي ڦڙي ۾ سمايل تڙپ کي ڪڍي نٿو سگهين. پڪ سان منهنجو جذبو ۽ منهنجو الڪو پرلئي تائين توهان کي خوابن ۾ ستائيندو رهندو.”
جج قلم وات ۾ وجهي، سوچيندي فيصلو ٻڌايو.
“ڏوهه باسڻ کانپوءِ مرڻ تنهنجو مقدر بڻجي چڪو آهي، موت تائين توکي ڦاسي جو ڦندو پائڻو پوندو.”
پوءِ هو قلم جي نب ٽوڙي چيمبر ۾ هليو ويو. ڦاهي جو ڦندو پائڻ کان اڳ۾ امر روپلو نه هٻڪيو نه ٿاٻڙيو، شان ۽ مان سان هلندي ڦاهي جي ڦندي تائين پهتو ۽ ڌرتيءَ جو گيت ڳائيندي ڪاريءَ ٽوپي پائي الوپ ٿي ويو.
هن ڌرتي خاطر مرندا سي، هن ڌرتي خاطر جيئنداسي،
سقراط جيان جي زهر مليو ته به کلندي کلندي پئنداسي
هي سنڌ سدا خوشحال رهي
هي ڌرتيءَ مالا مال رهي.



ڪارونجهر جو ڪَر

ميلن تي پکڙيل ڪارونجهر جي ڪَر کڻي بيٺل سلسلي کي گهٽائڻ ڪوسولو ڪو نه هو. ڪنهن سمي جڏهن سمنڊ پنهنجون بيڪران لهرون ڦيرائي، ڏور ٿيندو ٿيندو وڃي قديم سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾ پُراڻ ڪيو، تڏهن اندران اُڀريل ڪارونجهر جو گرينائيٽس، ڳاڙهي، ڪاري ُ ڀوري پٿر ۾ نڪري نروار ٿيو.
انهي سمي، جين ڌرم جي اپڪاري هڪ پوڄاري، پهاڙي پاڻي جي پوتر سر ڀوڏيسر جي ڀر بيهي سنان ڪندي ڪنڌ مٿي ڪري ڪارونجهر ڏانهن ڏسي شيوادارين کي چيو.
“پوتر جل تي سورج جي ڪرڻن کي روڪڻ ۾ ڪارونجهر جي پهاڙي چوٽي وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. اچو ته گڏجي ان کي هٽايون جيئن سورج ديوتا اسان جي تڙ تي سڌا ڪرڻا اوتي.”
ڪجهه ياتري ايڏي مهان ڪم کي هٿ ۾ کڻڻ ۽ نڀائڻ کي جوکم سمجهي کلندا پري ٿي ويا، پر مهاپرش جي اڌمن ۽ حوصلي کي ڏسي سندس شيوادارين انهي ڪم کي نڀائڻ جي حامي ڀري.
جذبن ۾ وڌيڪ ساهس آڻڻ لاءِ پوڄاري ڏاڍي پريت سان کين چيو.
“اڄ ئي جبلن جي ڪٽائي جي ڪم ۾ جنبي وڃو، جيڪڏهن منهنجو جيءُ جڏو ٿي وڃي يا پرلوڪ پڌاري وڃان ته به توهان ڪٽائي جو ڪم جاري رکجو، توهان جي مرڻ کانپوءِ توهان جا پٽ ۽ پوٽا به جبل جي ڪٽائي جو ڪم ڪندا رهن، پڪ سان هڪ ڏينهن جبل پنهنجي اوچائي وڃائي ويهندو، سج جا ڪرڻا سڌا توهان جي سَر (تڙ )تي پوندا ۽ توهان ڪاميابي ماڻي وٺندا.”



حادث حويلي

حُسين، پنجين وڳي پنهنجي گهر پهچي چڪو هو، گاڏيءَ جي هارن تي سندس گهر واريءَ دروازو کوليو، گاڏي پڌر ۾ بيهاري جيئن هن پير پٽ تي رکيا ته ٻار اچي ڀاڪرين پيا.
سندس زال اهو چئي اندر هلي ويئي:
“توهان ٻارن سان ملي وٺو تيسين مان توهان جي لاءِ چانهه ٿي تيار ڪريان.”
“ٺيڪ آ، اچان پيو .”
حسين چئني ٻارن حديث، اڪرم، دعوت ۽ ثمير کي ڀاڪر وجهي چميو ۽ پوءِ سندن اصرارتي گاڏي ۾ ويهڻ جي اجازت ڏيئي پاڻ ڪمري ڏانهن هليو ويو.
حديث ۽ اڪرم ٻئي حُسين جا ٻار هئا، جڏهن ته دعوت ۽ ثمير ڀاءُ جو اولاد هئا. چارئي ٻار ڄمار ۾ پنجن ۽ ستن سالن جا هئا.
حسين هميشه آفيس جي ڪم ڪار کان فارغ ٿي اڳ ۾ گهر ايندو هو، ڪجهه دير آرام ڪرڻ کانپوءِ ضروري ڪم ڪار لاءِ نڪري ويندو هو. هن اڃا چانهه پئي پيتي ته پڌر تي کيس باهه جا شعلا ڀڙڪندي نظر آيا. در کولي هو جيئن پريشاني ۾ ٻاهر آيو، ڇا ڏسي ته بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب گهر جو پورو پڌر باهه جي الن ۽ دونهي سان ڪاروٿي چڪو هو. هن جون وايون بتال ٿي ويون. بيٺل ڪار ۾ سندس چار معصوم جانيون تڙپندي ۽ سڙندي محسوس ٿيون، هن گهڻي ڪوشش ڪئي ته ڪار تائين پهچي پر دانهن ۽ ڪوشش جي باوجود، پاڙيوارن کيس ايئن ڪرڻ نه ڏنو هو لاچار ۽ ڪجهه نه پئي ڪري سگهيو.
جڏهن باهه وسائڻ جون گاڏيون ۽ واپڊا جا ملازم پهتا ته گهڻي دير ٿي چڪي هئي، ننڍڙن ٻارن جون آهون دانهون پتڪڙا هٿ پاڻ بچائيندي بچائيندي خاموش ٿي چڪا هئا. حسين ۽ سندس گهر ڀاتين مائرن ۽ ڀينرن جون ڪوڪون ۽ ڪوششون به کين بچائي نه سگهيون.
هو چرين جيان سڀ کي چئي رهيو هو.
“پندرنهن منٽ اڳ ۾ منهنجا ٻچا، منهنجي سيني سان چنبڙي، مونکي چمندارهيا، مان هڪ هڪ سان پيار ڪندي کين ڪار ۾ ويهاريو. مونکي ڪهڙي خبر ته جهٽ پلڪ ۾ اهڙو ڪلور ٿي ويندو!! ”
هواوڇنگارون ڏيئي روئيندو رهيو.
وزيرن مشيرن ۽ واپڊا جي اعلى عملدارن جي ڪوشش سان کيس معصوم ٻارن جي شهادت جو معاوضو ادا ڪيو ويو.
هو روئيندي چئي رهيو هو.
“اهڙو ته اڃا سڪو ئي پيدا ناهي ٿيو جنهن سان منهنجي معصوم ٻارن جوخون بها ادا ڪيو وڃي.”
نيٺ هن چيڪ وصول ڪيو.
حسين خوشحال، دل جو ديالو ۽ ڏاتار صفت شخص هو، کيس انساني رشتن ۽ ماڻهپي جي قدرن جي شناس هئي. هن وڏو فيصلو ڪندي چيو.
“معصومن جي شهادت واري جاءِ تي سندن نالن سان منسوب هڪ حويلي جوڙائيندس جنهن ۾ دنيا جي ٻارن جي رهڻ ۽ رکشا لاءِ جوڳو انتظام ڪندس، اهو يادگار ٻارگهر منهنجي دل جي ٽڪرن حديث، اڪرم، دعوت ۽ ثمير جي يادکي سدائين تازو رکندو ۽ انهي ياد گار جو نالو هوندو حادث حويلي.”



پارانڀو

آشا، انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ پاسا وارئي رهي هئي اڀ ۾ اکيون وجهي چمڪندڙ تارن کي ڏسي سوچڻ لڳي:
“ڪتيءَ به لهي چڪي آهي، ٽيڙو به اجهو اجهامڻ وار ا آهن، ماڻهو ۽ مرون هر ڪو ساري ڏينهن جي ڇڪتاڻ کان آجو ٿي سنسار جي سورن کان جان ڇڏائي، رات جي ٻاٽ اونداهي ۾ ننڊ جي نعمت مان لطف وٺي رهيو آهي، پر منهنجي نيڻن کي ننڊ ڪٿي ايندي، اهي ڪيئن پوربا ساٿيءَ کان سواءِ جنهن جي اڪير جي آسري جي رهي آهيان. آخر جانب اڃا تائين ڇو نه آيو، هن جي نه اچڻ جو ڪهڙو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو، ڪٿي نياپو نه مليس ڇا؟ ندروي سفوران چيو هو ته وڃڻ سان کيس پارانڀو پهچائينديس، پوءِ به هو اڃا تائين ڇو نه آيو؟ ڪالهه جڏهن کوهه کان پاڻي جو مٽ مٿي تي کنيو ٿي آيس ته پريان پاڻ پيروءَ واري ٻنيءَ جو چارو وٺيو ٿي آيو، آئون کيس رات اچڻ لاءِ مٽ کان ٻئي هٿ ڇڏي اشارو ڪيو. هن به ته پڳ جو ور ورائيندي هائوڪار ڪئي هئي، پوءِ به هو اڃا تائين ڇو نه آيو ؟ مڙسن جا لک دشمن، متان ڪنهن جي ور چڙهيو هجي، رب شل پناهه ۾ رکيس.”
کٽ تي پاسو ورائي هوءَ وري سوچڻ لڳي، مڙس به ته ڪونڌر ۽ ناليرو آهي، جُوءِ جا مڙيئي مرد پيا کانئس ڇرڪن، آهي وڏو دلير، جهڙو درياءُ. يارن جو سچو يار ۽ دشمن لاءِ تکي تلوار، تنهن ڪري يار دوست سڀ ساراهه ۾ ڊاپندا ئي نه اٿس، سندس مرداني روب ۽ تاب جي ڪهڙي واکاڻ ڪيان؟ کيس ڏسندي“ڀيڻيون ئي ڀلجيو وڃن.” مطلب ته جانب، سڄو سون آهي.
ويڪري ڇاتي، ڀريل بدن، ڪاريءَ چاپئين سونهاري ۽ پورا شهپر، مڙس جي منهن تي ڏاڍاسونهن ٿا، منهنجي پرينءَ جا اندريان اوصاف به اگرا نه آهن پوري تر ۾ ويچار آهي ته جانب جهڙو ڀلو مڙس ڳوٺ ۾ ڳوليو لڀندو، مجال آهي ڪنهن چور چنگار جي ڪنهن ڳوٺاڻي جو لوڙهو لتاڙي، پر جي ڪنهن ويل اهڙو ڪڌو ڪم ٿيو به ته هو پنهنجي جوان مردي ۽ نيڪ دلي سان سڀ سامان سئي سڳي سميت واپس ڪرايو وٺي، تنهن ڪري ڳوٺ جا ننڍا توڙي وڏا کيس دعائون پيا ڪن.”
ايئن سوچيندي آشا کي، جانب سان ٿيل پهرين ملاقات دل تي تري آئي، خيال اچڻ سان هن جي بدن کي نه ڏيکامندڙ ڏينڀوءَ ڏنگڻ لڳا ۽ سندس جسم ۾ واسينگ جيان ور وڪڙ پوڻ لڳا، پورو بدن پگهر ۾ شل ٿي ويس، زبان خشڪ ۽ اکيون آليون ڪنهن سان ڳالهائڻ ۽ ڪنهن کي پسڻ لا ءِ آتيون هيون، هن ٻئي ٻانهون زور سان سيني ۾ ڀڪوڙي خشڪ زبان چپن تي ڦيري دل ئي دل ۾ چيو.
“جنهن ڏينهن اسين ملنگي جي شادي کان واپس پئي ورياسين، تنهن ڏينهن جنهن اٺ تي آئون سوار هيس تنهن جو ڪجائو ڪري پيو اها نوازش ٿي جانب جي جنهن وقت تي مون کي جهٽي ورتو، نه ته جيڪر منهنجو هڏ سنئون نه هجي ها، هن مونکي پنهنجي ڇاتيءَ سان لائي آهستگي سان زمين تي بيهاريو تڏهن منهنجي دل ۾ هڪ عجيب هلچل مچي چڪي هئي، تنهن کي بيان ته نه ٿي ڪري سگهان، صرف ان راحت جي گهڙي تي سوچي سگهان ٿي، مون الائي ڪهڙي نئين دنيا ۾ پهچي چڪي هيس، هن جيتوڻيڪ مونکي پنهنجي مضبوط ٻانهن ۾ جڪڙي سوڙهو ڪيو هو پر تڏهن به مون پنهنجي دل جي درياءُ ۾ نامعلوم طوفان جو شور ٿيندي ٻڌو .
منهنجي انگ انگ کان سيسراٽ نڪري ويا_ ان شرم ۽ ڊپ وچان مان سندس ٿورا به مڃي نه سگهيس_ پر ابا، هن جي انهيءَ ڪم ڪري کيس شاباش ڏني.”
هوءَ اڃا خيالن ۾ گم هئي ته ڪڪڙن ۾ ڦڙ ڦوٽ پئجي ويو. آشا سمجهيو شايد جانب اچي ويو آهي، سو ساهه منجهائي سمهي رهي ته ڪڏهن ٿي ڪنڌيءَ مان ڪوٺ ٿئي، پر ڪو ظاهر ڪو نه ٿيو.
هن سوچيو: “صبح جو تارو به اڀري چڪو آهي، ڪڪڙن به آخري دس هنيو آهي، هو شايد نه آيو، شايد ننڊ کيس نهوڙي ويئي، هونءَ به مرد دل جا پڪا جهڙا پٿر ۽ پريت جي نازڪ ۽ نرمل پيچرن کان اڻڄاڻ، صرف مطلبي ۽ هوس جا پوڃاري، هنن کي دل جي درد جي ڪهڙي ڪل، جانب کي اهو لائق نه هو جو مان هت واٽ ڏسندي رهان ۽ پا ڻ ڪري سمهي ننڊون !!”
ايتري ۾ ڪتن جي ڀونڪاٽ تي آشا ڪن سرلا ڪيا، سمجهيائين هينئر اچي ويو، اجهو ٿو ڪنڌيءَ ۾ پٿر لڳي پر ڪجهه به ته نه ٿيو، ڪتا ڀونڪي چپ ٿي ويا پر مڙس پڌرو ڪو نه ٿيو، اتي آشا هڪ ڀيرو ٻيهر مردن جي بي پرواهي تي سوچڻ لڳي، هن جي اکين مان ننڊ ته اڳ ۾ ئي اڏامي چڪي هئي، ملامت ڪندي پاڻ کي چيائين:
“آئون به ڪيتري هلڪڙي ٿي ڏانهس سفوران هٿ نياپو موڪليو، آخر هو به ته مرد آهي، منهنجي نياپو سڻي ڦنڊي ويو هوندو، چيو هوندائين ته ڀل ته ڪجهه اوسيئڙي جي آگ ۾ جلي، پر هي مان ڇا پئي سوچيان ائين ٿي نٿو سگهي. منهنجو جانب ته اهڙو ٿي نٿو سگهي، هو ته مرد آهي پوءِ ڀلا هو واعدي تي ڪيئن نه ايندو_ ضرور ايندو.”
هن پنهنجي من کي تسلي ڏيندي سوچيو.
“هو ته مونتي پاڻ ڇڪن هو ويتر سڪ جو سنيهو سڻي ڪپڙن ۾ نه ماپيو هوندو. صبح ئي ته سفوران پئي چيو ته جانب چوي پيو، آشا جهڙي ڪومل ۽ سهڻي ننيگريءَ جي مونسان سڪ ٿيڻ ته وڏي غنيمت آهي. هن ته منهنجين ڪجلين اکين ۽ جاڙن ڀرون کي به ساراهيو هو.”
ايئن آشا پنهنجي ڀوري بدن ۽ رتن جهڙن ڳاڙهن سنهڙن چپن تي ڪنهن نامعلوم ڇهاءُ کي محسوس ڪندي اکيون پوري ڇڏيون.
ويرم مس گذري ته ملا بانگ ڏني، ماڻس اٿي چڪيءَ ٻڌي ۽ پڻس هر سانڀاهيو آشا، هارايل رانديگر جيان اکيون پوري سمهي رهي، سڀوهه جي ٿڌي هير ۽ پوري رات اوجاڳڻ ڪري سندس اک لڳي ويئي.
پڻس در کولي لوڙهو لاهي جيئن ئي ڪنڌيءَ کان چارو وٺي، جوڙي سميت ٻنيءَ ڏانهن روانو ٿيو ته ڏاند ڇرڪيس. هن واجهايو ڇا ڏسي، مار! ڪو مڙس ڪريو پيو آهي، هن جي سڏ تي ڳوٺاڻا اچي ڪٺا ٿيا ڪنهن چيو “اڙي هي ته جانب آهي! شايد ڪنهن شڪار تي پئي ويو ته سسيهر ساڙي رکيس، بلا به ڪا بلا هئي، ٻانڌي جهڙي مڙس کي پير به چُرڻ نه ڏنو اٿائين.”
ننڊ پيل آشا جي ڪن تي جيئن ئي جانب جو نانءُ پيو ته يڪدم اٿي کڙي ٿي ۽ نڪري آئي ٻاهر، ڪنڌيءَ وٽ ڪريل جانب کي ڏسي بي اختيار رڙ نڪري ويس. هوءَ هجوم چيري اچي جانب مٿان بيٺي. اوڏي ويل ڳوٺ جون ٻيون عورتون ۽ جانب جا گهر ڀاتي به پهچي چڪاهئا.
آشا ڏٺو ته جانب جون کليل اکيون ڪنهن کي ڳولي رهيون آهن، ڪنهن جي جستجو اٿن، ڪنهن کي پسڻ لاءِ پيون واجهائين.
هوءَ ڪجهه به نه ڪري سگهي. کيس اندر ۾ جهير پئجي رهيا هئا. سوڙهي ساهه سان سوچائين:
‘جانب ته واعدو نڀائي ويو، هن جون اکيون آتيون ۽ من اڃان ماندو آهي مونکي ڏسڻ ۽ پائڻ لاءِ، هو هاڻ به مون ڏانهن تانگهي ۽ تڪي رهيو آهي ۽ پوءِ هوءَ مورڇا ٿي مٿان ڪري پيئي.’



پاڇولو

اڄ به نَکَٽَ نَئي چڪا هئا، ساڳيو گوگاءُ ٻڌي هوءَ اٿي ويٺي، الڪي ۾ ننڊ اڳ ۾ به نه پئي آيس، آواز سمجهڻ لاءِ پڌر ۾ اچي سرلي ٿي بيٺي، ڪيترن ڏينهن کان انهي نه سمجهندڙ سڏ سندس اندر ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي، سمجهندي نه سمجهندي هن اندازو لڳايو ته ڳوٺ جي ڏاکڻين پاسي واري قبرستان مان اهو پڙلاءُ سندس ڪنن تي پئجي رهيو هو ۽ آواز ڏاڍو سرائتو ۽ درديلو هو. هوءَ سوچڻ لڳي. “ايڏي ويل جڏهن پکيءَ پکڻ، ماڻهو مرؤن سڀ ئي ستل آهن تڏهن هي ڪير هوندو جيڪو آلاپي ٿو.”
هوءَ وڏي ڪهول واري هئي، گهر ۾ سندس چار پٽ، چار ڌيئر، سس سهرو ۽ مڙس گهري ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهيا هئا، اڪيلي صابل کي اندر ۾ هورا کورا هئي، جيڪڏهن هوءَ اڄ به نه ويئي ۽ ويلهه وهامي ويئي ته پوءِ پڙلاءُ جي پرولي ڪير پروڙيندو؟
اهو سوچي آهستي آهستي هلندي هوءَ کڙه تائين پهتي، ڍنگر پري ڪري ٻاهر نڪري آئي، ۽ الائي ڇو گهرن جي سامهون لَون ۽ لَيَن جي جهنگل ڏانهن وڌڻ لڳي، جيئن ئي سڪل تڙ تي پهتي، ته امالڪ هن جي ڪنن تي ساڳيو سريلو آلاپ گونجڻ لڳو، هوءَ ڪنهن تاثيري عمل ۾ جڪڙيل معمول جيان اڳتي وڌندي رهي، هاڻي جهنگل پار ڪري قبرستان جي حد ۾ داخل ٿي چڪي هئي.
هر پاسي سانت جا پهرا ۽ چُپ جو راڄ هو. لهندڙ چنڊ جي لام هن کي ڏياٽيءَ جو ڪم پئي ڏنو. هوءَ بي ڊپي قبرن جي اندران ئي اندران رستو ٺاهيندي، مقام جي ٻئي پاسي، هڪ وڏي پٿرن سان ٻڌل قبر جي مٿي کان وڃي بيٺي_ ڀر ۾ ٻيون بُٺيون به هيون، ڪچيون ۽ ننڍيون، پر هي سڀ کان اوچي ۽ نرالي قبر هئي، چنڊ پنهنجي ٿڌڙي روشني جي لام لاهي اُلهي چڪو هو. اماس رات جيان هر سُو ٻاٽ، پنهنجو جسم به نظر نه پئي آيو. اوچتو هن محسوس ڪيو ته قبرجي پيراندي کان ڪو پاڇولو آهستي آهستي اٿي رهيو هو. اڇو ڪفن پهريل اُهو پاڇو اونده ۾ به مرمر جيان چمڪي رهيو هو. آلاپ وري گونجيو، صابل محسوس ڪيو ته اهو ڪفن پوش جو ئي وجودي آواز هو.
هوءَ بت جيان بيٺي، آواز ۽ لفظن کي چڱي طرح ٻڌي ۽ سمجهي رهي هئي، عورتاڻو آواز سڻي اندر ۾ اڪير جا اُلا ٻرڻ ۽ وسامڻ لڳس. هن سوچيو: ‘ڪٿي اها منهنجي امڙ نه هجي جنهن ويم جي چند گهڙين بعد دم ڏنو هو، ماسي ٻڌائيندي هئي ته مرڻ کان ويرم اڳ مونکي سيني تي سمهاري چمندي چيو هئائين ته هن مان ويڙها ٿيندا، ۽ پوءِ هوءَ اٿاهه ارمان کنيو، اکيون پوري سدائين لاءِ سمهي پئي هئي.’
صابل ماءُ جي تڙپ ۽ تانگهه واري تجربي مان پاڻ به گذري چڪي هئي، امڙ جا نه ٻڌندڙ ورلاپ هن کي سدائين تڙپائيندا رهندا هئا. هوءَ ٻارن کي چمندي چوندي هئي:
“منهنجي امڙ هجي ها ته اها به مونسان ايئن پيار ڪري ها! پر افسوس جو امڙ حسرتون کنيو هلي ويئي، ۽ سندس سڀ سارون اڌوريون ۽ اڻ پوريون رهيون، مان به ڪيڏي اڀاڳي آهيان جو نه امڙ جو روپ ڏٺم ۽ نه چهرو پسي سگهيم، چاچيءَ چوندي هئي ته آئون امڙ جو ٻهروپ آهيان.”
هن جي سوچ جون تارون ٽٽي پيون، جڏهن اُهو آواز وري سندس ڪنن تي پيو_ بُٺيءَ تي بيٺي بيٺي هن محسوس ڪيو ته ڪفن پوش سندس امڙ هئي، جيڪا ڏاڍي سڪ ۾ پڪاري رهي هئي.
“صا... ب... ل
صا... بل... صابل
هوءَ بي تابي ۾ ڪفن پاتل لاش جي سامهون وڃي بيٺي ۽ ڀاڪر وجهندي چيائين:
“امڙ آئون اچي ويئي آهيان!!” جهٽ پل ۾ جيئرو ۽ مردو ٻئي جسم ملي هڪ ٿي ويا.
صبوح سوير، مڙس ۽ مائٽن گهر ۾ نه ڏسي سمجهي ورتو ته هوءَ هميشه جيان پنهنجي امڙ جي قبر تي دعا لاءِ ويئي هوندي، وڃي ڏٺائون ته قبر جي پيراندي ۾ پساهه پورا ڪري چڪي هئي .



بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/3WUG26y.jpg[/img]