شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
  • 4.5/5.0
  • 1452
  • 409
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

حق ۽ واسطا

BOOK NO: (260)

ڪتاب: ڍولا مارُو ڍَٽ
(خاڪا)
ليکڪ: امر رائيسنگهه راجپوت
ڇاپو: آڪٽوبر 2019ع
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن، قنبر
03337523132
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com


قيمت: 300 روپيه



DHOLA MAROO DHAT
(PROFILES)
: Amar rai Singh Rajput
First Edition@ Oct: 2019
All rights reserved with the author
@ KANWAL, Publication Kamber

اسٽاڪسٽ
سمبارا ڪنول ڪتاب هائوس، سيد آرڪيڊ، قاضي محله ـــ حيدرآباد
ڀٽائي ڪتاب گهر، گاڏي کاتو حيدرآباد-ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد-
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاھ- ڪاٺياواڙا اسٽور اردو باراز ڪراچي-رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو-
مهراڻ ڪتاب، کپرو-العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ- سليمان برادرس، نواب شاهه.
مدني بڪ اسٽور، دادو- سراج بڪ اسٽور، قنبر، ٿر ڪتاب گهر، مٺي-
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپورخاص-المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ-
عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ- مرچولال بوڪ ڊيپو، بدين-سوجهرو ڪتاب گهر، بدين-
سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر - ڪنول ڪتاب گهر، مورو-

ارپنا

ننگر جي نامور سماجي اڳواڻ ۽ مسڪينن جي مسيحا
مسڪين جهان خان کوسي

ٿر جي مشهور شاعر ۽ سُگهڙ
غلام محمد جنجھي
۽
ڏيپلي جي ڏات ڌڻي
سومجي مل ڌاراڻي
جي نانءُ



- امر رائيسنگهه راجپوت

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڍولا مارو ڍَٽ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:

”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “

هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون امر رائيسنگهہ راجپوت جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پنهنجي پاران

ڌرتيءَ جا درد لکندي لکندي هڪڙي ڏينهن سوچيم ته ڇو نه اُنهن مهان ماڻهن تي لکجي جن، ڌرتيءَ لاءِ جيون دان ڪيا، جن صحي نموني ڌرتيءَ جو حق ادا ڪندي پنهنجي ماتائن جي ٿڃ ملهائيندي، پتائن جي پَت رکي، جن سماج جي ڀلي لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون. جيڪي اڄ به اسان لاءِ رول ماڊل واري حيثيت رکن ٿا. مُنهنجي ننڍڙي ذھن ۾ ايڏي وڏي سوچ ته آئي، پر خاڪا نويسي وارو خفو تمام ڏُکيو محسوس ٿيو، پر پوءِ به ان سان نوي سيڪڙو نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. عبدالقادر جوڻيجي ڪٿي لکيو آھي ته ”غير جانبدار صرف پٿر ٿيندا آھن“ سو آئون هن ڪتاب ۾ اوهان کي ڪٿي ڪٿي جانبدار نظر ايندس، ڇاڪاڻ ته آئون به پٿر ناهيان، هڪڙو جيئرو جاڳندو ماڻهو آھيان، ماڻهو جنهن کي بُک به لڳي ٿي، ته اُڃ به ستائي ٿي، ماڻهو جنهن کي پائڻ لاءِ ڪپڙا به کپن ٿا ته رهڻ لاءِ اڀرو سڀرو اولو به کپي ٿو. هي ڪتاب مون ماڻهو ٿي لکيو آھي نه ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنهن به ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ به ساڳي ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري ته مون لک کٽيو.
مون سياستدانن تي به لکيو آھي ته صحافين تي به لکيو آھي. زميندارن تي به لکيو آھي ته هارين تي به لکيو آھي. شاعرن ۽ اديبن تي لکندي مون سُگهڙن تي به لکيو آھي ته فنڪارن تي به لکيو آهي. مون جتي ونگي جي ڄام ارباب اميرحَسن تي لکيو آھي اُتي هوٿيئر جي حَسين ڇوڪري جڳو نائيءَ تي به لکيو آھي. آروکيءَ جي راڻي رام سنگهه سوڍي تي لکيو آھي ته ڪونڀاريءَ جي ڪِنگ روپلي ڪولهي تي به لکيو آھي. مون ذات، پات، مذھب، رنگ، نسل کي هڪڙي پاسي رکي مٽيءَ جو ماڻهو ٿي مٽيءَ جي ماڻهن تي ئي لکيو آھي. مون فنڪاراڻي انا کي هڪ پاسي رکي اُنهن تي به لکيو آھي، جن مون کي سدائين ”کري جو ٻاهريون ڪڻ“ سمجهيو آھي. هي ڪتاب هڪڙو هيرن جو هار ڪري پويو آھي. ان هار جو ٻيو حصو به ايندو. هڪڙي ڪتاب ۾ سڀئي هيرا نٿا سمائجي سگهن. ڪتاب وڏو ٿئي ٿو. ان ڪري ان جا ٻه واليوم ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو. هن ڪتاب جو نالو مون شيخ اياز جي مشهور بيت مان کنيو آھي جيڪو بيت هن ڪتاب جي مُنڍ ۾ شامل آھي. باقي مون ڇا لکيو آھي؟ مُنهنجي لکڻيءَ ۾ ڪهڙو چس آھي يا بي سواد آھي. ان ڳالهه جو فيصلو توهان پڙھندڙن تي ڇڏيان ٿو.
واندو ويهڻ کان لکڻ بهتر سمجهندو آھيان. مُنهنجي تخليق کي ڪتابي شڪل ڏيارڻ ۾ دوستن جا وڏا هٿ آھن، نت ههڙي مهنگائيءَ جي عذاب ۾ آئون بيروزگار ڪٿي ٿو ڪتاب ڇپرائي سگهان. اها سڀ دوستن جي ڪرم نوازي آھي. آئون اُنهن جا وڙ ڪيئن وساريان جن مون کي سدائين سڳن ڀائرن وانگي ڀانئيو آھي، جن مون کي پنهنجي پريوار جو ڀاتي سَمجهي پيار ڪيو آھي، اُنهن مور ماڻھن ۾ جھرمريو جو ڪمانگر ڪوي ڀيرجي ٺَڪُر، سومڻهار جو چَتر منش چتر سنگهه راٺوڙ، جهرمريو جو جوان حاڪم سنگهه عُرف حاڪم جي، ڪُتاني جي پاڳاراڻي پريوار جا ڪرم وير پُتر پير کيت سنگهه ، پير صاحب پاڳارا ڪانجي سنگهه ۽ درياءَ دل سوڍو ڪيسر سنگهه، پاٻوهر جو رمڻيڪ سوڍو راجوير سنگهه، منهنجي ڳوٺ جي چند چڱن ۾ ڀلا ڀائر نيت سنگهه ڪونپاڻي ۽ ڊاڪٽر موهن سنگهه راٺوڙ DVM، پاٻوهر جو پَر اُپڪاري سوڍو رائسنگهه، مندر واريءَ جو مور سليم راهمون، آروکيءَ جو ابابيل سوائي سنگهه سوڍو سروپاڻي، هوٿيئر جو پروانو پدم سنگهه ڀٽي، همير جي ڍاڻي جو پدم سنگهه سوڍو، هيلاريو پير جو دانش ٻالاڻي، ڪيرٽيءَ جو ڪامريڊ سوڍو سورن سنگهه، اسلام ڪوٽ جو نٻو سردار سروپ سنگهه سوڍو، هٿڻيءَ جو راڄ ڌڻي خليل الله راهمون، مڇيائوُ جو مور نگجي راجپُوت شامل آھن.

- امر رائيسنگهه راجپوت

ڪڻ ڪڻ منجهه ڪهاڻيون، ڍولا مارو ڍٽ

ڪڻ ڪڻ منجهه ڪهاڻيون، ڍولا مارو ڍٽ،
مُور نه تنهنجو مٽ، ڌرتيءَ تي ڪو ديسڙا!
(شيخ اياز)

خاڪا

---

روپلو ڪولهي

اوڻهين صديءَ ۾ جڏھن سموري سنڌ پرڳڻي کي انگريز شاهي پنهنجي هٺ ڌرميءَ سان هٿ وس ڪري ورتو هو. جڏھن سنڌ جا حاڪم مير ٽالپر دُٻيءَ ۽ مياڻيءَ جي معرڪن ۾ هارائي ويا هئا. جڏھن آزاد سنڌ جو جهنڊو حيدرآباد واري قلعي تان لهي ويو هو. تڏھن پارڪر جي پرڳڻي جي پت رکڻ لئه سوڍا سنڌرا ٻڌي بيھي رهيا هئا ۽ انهن بير بانڪن سان گڏ ڪاترون ۽ ڪُهاڙيون کڻي رڻ ڀوميءَ ۾ ڪنهن ڪيهر جيئن للڪاريندي لٿا هُئا، ڌرتيءَ جا اصلوڪا ڌڻي دراوڙ نسل جا دلير، ڀوئينگ رنگ ڪارڙا ڪولهي. اُنهن ڪولهين ۾ هڪڙو ڪونڀاريءَ جو ڪِنگ گوئيل گوتر سان تعلق رکندڙ جوراور جوڌو ۽ رڙيامڻو رڻ بانڪو به هو. جنهن جي وفاداريءَ ۽ سورهيائيءَ جا گُڻ ننگر جو وڻ وڻ واکاڻن ۾ ڳائي ٿو. پارڪر جو پٿر پٿر هُن جي ويرتاھ جي وڏن اکرن سان ڀريو پيو آھي. ديس جي ڪلاڌاري ڪلاڪارن جا ڪنٺ روپلي جا گيت ڳائي ڳائي اڄ به ناهن ٿڪا. ڌرتيءَ جي چَتر ڪوي چارڻن ڪارونهجر جي هن ڪونپي کي رزميه ڪوتائن ۾ ڪيئي رنگ ڏنا آھن:

ڪارونجهر ري ڪونگري وڏا واجين ڍول
راوتان ۾ ڪولهي روپلو ونڪا ٻولي ٻول

اپريل1859ع تي ٽيليگراف کاتي ۾ ڪنهن ڪلرڪ سان هڪ ڪولهيءَ جي ٿيل معمولي ڏند اوٿل وڏو ممڻ مچائي وڌو. رعيت جي رکوالن جو رت ٽھڪي پيو. بغاوت جي باھ ۾ ڏونگر ڏينهن جيئن تپي پيو هو. رڻ گجيو ۽ راڙو ٿيو. يڌ ڀوميءَ ۾ ويندڙ ويرماڻسين جي ماٿي تي سندن پتنين، مائرن ۽ ڀينرن ”وجئه تلڪ“ لڳائڻ شروع ڪيا. چارڻن سُوراتڻ ڏيڻ لئه رزميه ڪوتائن ۾ ڌرتي ڌڻين کي رنگ ڏنا. امل ڪنسوٻا ڪري يوڌن تلوارن جي تجلن سان رڻ ڀوميءَ ۾ راند ڪئي. سر ٻاجهر جي سنڱن جيان لڻيندا ۽ لُڻائيندا رهيا. سرڪاري آفيسن ۽ سرڪاري شين کي تباھ ڪندا رهيا. ننگر ناس ٿي ويو. مختيارڪار بهادر لڪي ڀڄي پنهنجي جان بچائي، گورن کي اطلاع ڪيو ته ننگر ٻري رهيو آھي. ساندھ ٽي ڏينهن جي جنگ کانپوءِ انگريز فوج بلوچ ريجمينٽ جي روپ ۾ آئي ۽ چندن گڊ ۾ چاوو ٿيو. جوڌي جهيڪ رڻ مچائي ڇڏيو. آخرڪار ڪن لالچو لُچن ديس دروهي ڪندي ”پنهنجن پُٺ ۾ هنيا“ واري ڪار ڪئي ۽ ننگر هارائي ويو. سوڍا ڇڙ وڇڙ ٿي ويا جن لئه ڪارونجهر ماءُ جي ڪُک بڻيو. پالڻهار ٿيو ڪونڀاريءَ جو روپلو ڪولهي. جنهن راڻن کي رازداريءَ ۾ رات جي پيٽ ۾ رزق رسائڻ وارو ذمو کنيو ۽ آخري پساهن تائين نڀايو پر هڪ لهاڻي ۽ ٻاوي جي دغابازي وطن جي هن وير بهادر کي دشمن وٽ ڦاسائي وڌو.

اڄ کان ڏيڊ صدي اڳ رڻ ڀومي جي اُن روپاڙي ڪولهي پنهنجي رت جو رنگ هڻي ڌرتيءَ جي ڌَوج کي انجس سان ڪارونجهر جي ڪَر تي دودي سومري جي رڦندڙ مُڇ جيان ڦڙڪايو هو. ڪونڀاريءَ جي اُن ڪيهر جو رمڻيڪ نانءُ هو رُوپلو. رُوپلو جنهن جي رُوپ تي هي روپونتي ڌرتي اڄ به انجس ڪري ٿي. روپلي نه رڳو دوستيءَ جو ڌرم سنڀاليو، پر سرزمين سنڌ جي مٽي جو مان رکندي ويرگتيءَ کي ويجهو ٿيو. هن جو ڳاڙهو رت پارڪر جي پٿرن تي کٿوري ٿي کليو. اُپجس ڌاري لالچو ۽ ديش دروهي دغاباز ڌرتيءَ جو سراپ نه سهندي مٽي جو کاڄ بڻجي ويا، جن جي ڪير ورثي به نه ٿو ملهائي، پر هن امر نامي مسڪين مارو ماڻھون روپلي ڪولهي کي هن روپالي ڌرتيءَ جي تابناڪ تاريخ پنهنجي وشال هنج ۾ ائين رکيو آھي جيئن ڀٽ جي ڀٽائي هن بيت ۾ فرمايو آھي ته:

لائي لام الف سين ڪاتب لکيو جيئن
اسان سڄڻ تيئن رهيو آھي روح ۾

روپلي کي ڪنهن به گجراج يا ڌجراج جي لوڙھ نه هُئي نه ئي وري هن ڪنهن فرسٽ ڪلاس يا ٿرڊ ڪلاس جاگير حاصل ڪرڻ جا جتن ڪيا هُئا. هُن ته سر ڏنو هو فقط ساڻيهه لئه. ھُو سر ڏيئي سرهو ٿيو هو پنهنجي ساھ سريکن سوڍن لئه. اُنهن سوڍن لئه جن وٽ ڌرتيءَ جاگير کان وڌ ماءُ جو درجو رکندي هُئي. هُن گورن کي ڀوميءَ تان ڀڄائڻ لئه آخري هچڪي تائين لڙڻ پسند ڪيو هو، پر ڪنهن اجنبي جي اڳيان آڻ نه مڃي هُئائين. هُن کان روپوش سوڍن لڌو سنگهه ۽ اُڌيسنگهه جو ڏس پڇيو ويو تڏھن زنده دليءَ سان مُڇن کي تاوَ ڏيئي اهو چيو هيائين ته سوڍن جو آئون ڏس ڏيندس ته منهنجو ديس لڄي ٿيندو. منهنجي ماءُ ڪيسري ڪولهڻ جي ڪُک ڪلنڪ دار ٿي ويندي. منهنجي ارڌانگي ميڻاوتيءَ جي ماٿي ۾ مينهن وساڙي جيئن جرڪندڙ سنڌُور جو رنگ سانورو ٿي ويندو. ان ڪري اي تروٽ! آئون تو سان مرڻ گهڙي تائين مقابلو ڪندس. اهڙي طرح هُن سوڍن جو ڏس نه ڏنو هو. انگريز تروٽ طرحين طرحين جا ويڻ چوندي ڪيئي لالچون ڏنيون، پر هي مرد مجاهد لالچن تي به نه هرکيو تڏھن الئه ته ڪيترن قسمن جون اذيتون ڏنيون ويون. هٿ جي ترين تي تيل جا ڏيئا ٻاريا ويا هئا. اُگهاڙن پُٺن تي ڦٽڪا هنيا ويا هئا. هٿن پيرن جا نُنهن پڪڙن سان ڇڪي ڪڍيا ويا هئا، پر مادر وطن جو هي نو رتن وير بانڪو ڪولهي پُٽ پنهنجي پرڻ تان انچ به نه ڦريو هو. سامتي سُوراڻي جو سُت ڪپوت ڪيئن ٿي ٿي سگهيو. هُن پنهنجي پيءُ جي رت جي پت رکي پاڻ ملهائڻ چاهيو ٿي. ان ڪري ڪنڌ مٿي کڻي چوندو رهيو ته سوڍا منهنجي ساھ ۾ آهن. راڻا منهنجي روح ۾ رمي رهيا آھن. منهنجو ساھ ڪڍي راڻا هٿ ڪيو. منهنجو روح قبض ڪري هن ڌرتيءَ تي قبضو ڪري سگهو ٿا باقي جيستائين جسم جي پنڃري ۾ روح جو عقاب رمي رهيو آھي تيستائين منهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي ڌڻين ڏانهن ڪنهن ميري اک کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته آئون اکيون ترورن سميت ڪڍي ڇڏيندس. سوڍن ۽ ساڻيھ سان غداري ڪرڻ جهڙي گار پِرائي پنهنجي اڇي ڪبوتر جهڙي اُجري ڪردار تي ڪلنڪ لڳڻ نه ڏيندس. پنهنجي ماڻينگر ماتا ڪيسري ڪولهڻ جي مضبوط ٿڃ پي وڏو ٿيل آئون روپلو ڪولهي ڪارونجهر جي ميٽوڙي ڪور کي رت جي سُرخي هڻي صدين لئه سُرخرو ته ڪري سگهان ٿو پر غداريءَ جي ڪاجل سان ڪلنڪ نٿو ھڻي سگهان. چاهت مان چونئريءَ جا چار ڦيرا ڦري پنهنجي جيون کي جرڪائيندڙ ميڻاوتيءَ جي مانگ ۾ چرميءَ جي ڏاڻي جيئن چمڪندڙ منهنجي نالي جي سندُور کي ڏھاڳپڻي جي ڏُک سان ميٽائي ته سگهان ٿو پر ڪانئرتا جي ڪاري ڪجل سان هن جي اوجيسوان اکين کي شرم مان هيٺ جهُڪائي نه ٿو سگهان. جڏھن آئون ڦاهي جي
ڦنڌي کي چُمي ويرگتي کي پراپت ڪندس تڏھن منهنجو وطن مون کي پنهنجي گگن جو ڪفن اوڍائي سرهو ٿيندو. منهنجي ويرگتي پرائڻ تي منهنجي ماتا جي اکين مان انجس جا آنسو برکا رُت جيئن برسندا. منهنجي پتي ورتا پتنيءَ جي هردي ۾ مون لئه مان وري به وڌي ويندو. هُوءَ پنهنجي سهيلين ۾ ڳاٽ اوچو کڻي مون تي مَرڪ ڪندي.ءمنهنجو بابل سامتو ڪولهي پنهنجي ساٿين سان ڪچهريون ڪندي منهنجي نالي جا نوحا نه پر منهنجي ويرتاھ جا راسوڙا ڳائيندو. منهنجو ايندڙ پُٽ آزاد ڪارونجهر جي هنج ۾ بنا ڪنهن کُٽڪي جي راند ڪندو. منهنجو ڳوٺ ڪونڀاري پارڪر جي سرزمين تي اوچي ڳاٽ سان ٺاٺ ڪندي ڪوٽن ۽ قلعن برابر رهندو ۽ منهنجو نالو سنڌ جي سُور ويرتائي اتهاس ۾ امر رهندو اهو ئي منهنجو جنم سُڌارڻ جو موقعو هوندو. اهو ئي مون لئه وڏو انعام هوندو:

گڊان سريگو گام راهسي ڪونڀاري راج ۾*
امر روپي تڻون نام ڪولهيان ڪُل اُجالي گيو

چوڻ وارا چون تا ته 1860ع ۾ روپلي جي ساٿي باغي سوڍن اڌيسنگهه ۽ لڌوسنگهه کي چوڏھن سال ڪاري پاڻي(انڊمان ڪوبر جا جهنگلي ٻيٽ ) اُڪاريا ويا ۽ روپلي کي ٻٻر جي وڻ ۾ ڦاهي ڏني ويئي.ان ڪري گوئيل گوتر وارا ڪولهي اڄ ڏينهن تائين ٻٻر جو ڏنڌڻ ڪون ڪندا آھن.


* روپلي بابت ٻئي دوها ڀارومل امراڻي جي ڪتاب ’’چتر ٻولي چارڻان‘‘ تان کنيل آھن.

رائچند راٺوڙ

هُئين ته ڀٽائيءَ جي سموري سر زمين هيرن جي کاڻ آهي. پر ڀٽن واري ڀونءَ جو ڀاڳ سڀني ڀاڱن کان ڪجهه سرس ۽ سوايو آهي. انهي ڀاڳ ۾ سُڀاڳ ڍاٽ جي دل چيلهار جي چمنستان نگري آهي. هن ننڍڙي نگريءَ جو نصيب ئي نرالو آهي ، جو ان جي آڪاش تي اهڙا چلولا چنڊ کڙيا آهن جو انهن جي سهائيءَ ۾ سمورو ساڻيهه ڪنجهي تي وڄ وانگي چمڪي رهيو آهي . آيل کي آدر ڏيندڙ سوڍائڻ جي سورج جوجهارسينگهه ساڏور، پارڪر جي پٿرن کي لتاڙي صدري ساهتيه جا سمنڊ ولوڙي ” پراڻي پارڪر “جهڙو رتن پراپت ڪندڙ منگهارام اوجها ۽ مٽيءَ جي ماڻهن جون ڳالهيون ڳوليندڙ همروٽ ڇتيسيءَ جي سنڌيڪار ، ٿر جي لوڪ ديوتا ڀارومل امراڻي کان وٺي هن واريءَ جي ڪڻ ڪڻ جون ڪهاڻيون ڳولي وڻ وڻ جي وارتا لکي ٿر کي جڳا جڳ جئيرو ڪندڙ سرگواسي رائچند راٺوڙ تائين هن ٻهگڻي ڌرتيءَ جا اهڙا املهه ڪردار آهن ، جن کي اتهاس پنهنجي اندر ۾ صدين لاءِ سانڍي رکندو. چيلي چارڻ جي هن چلولي نگريءَ جي مٽيءَ ۾ مالڪ اهڙي ڪا مڻيا رکي آهي، جو هڪ کان مٿي هڪ هيرو پيدا ٿئي ٿو. مهمان نوازيءَ جي مريادا رکڻ کان وٺي اتهاس اڏڻ تائين هن شهر جي سر زمين سنڌي تهذيب کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي.
بليڪ اينڊ وائيٽ واري پراڻي دؤر ۾ سندس فلمايل ڦوٽو کي ڏسڻ سان لڳي ٿو ته استاد رائچند راٺوڙ جو تعلق راجستان جي ڪنهن سورج ونسي راٺوڙ پريوار سان هو. مٿي تي راجپوتاڻي وڙي سان ٻڌل ڦينٽو، سفيد ويس ۽ مڇن جا ڪُنڍا ڇلي نما ونگ ڏسي ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ڪو رڻ ڀوميو راجپوت امل ڪسونٻا ڪري اجهو يڌ جي تياري ۾ طبل وڄڻ جو انتظار ڪري رهيو هجي. مالڪ هن مهان هستي کي نوراني سونهن سان نوازيو هو. هن جي وشال اکين ۾ اهڙي ڪرشمائي ڪشش جهلڪي ٿي، جو ڪئيي سال پراڻو ڦوٽو به تازگيءَ جو احساس ڏياري ٿو. سر زمين سنڌ جي هن سڀاڳي پُٽ جو جنم 8 ڊسمبر 1912ع تي چتون مل جي گهر ۾ ٿيو. چتون مل چيلهار شهر جو ٻڙهيو ميگهواڙ هو. شريمتي هانسو ٻائي جي ٿاوَر ٿڃ پي وڏو ٿيل رستم رائچند راٺوڙ ٿر جو اهڙو لاکيڻو رتن آهي، جنهن جي چمڪ دنيا جي هر ڪنڊ ۾ هن ڀومي جي چارن کي تارن وانگي چمڪايو آهي. هن جي شهر آفاق تصنيف ”تاريخ ريگستان “ (ٻن جلدن ۾) جنهن به پڙهي هوندي ، تنهن اهو ضرور چيو هوندو ته رائچند جهڙا مهذب ماڻهو ڪنهن خوشنصيب خطي جي ئي مقدر ۾ ملندا آهن. اهڙا ماڻهو ديومالائي آتما جا مالڪ هوندا آهن، جيڪي پنهنجو پاڻ سڃاڻي، پنهنجي حصي جو ڪم مڪمل ڪري وٺندا آهن. اهڙن الوڪڪ ماڻهن جا گڻ صديو ڳائينديون آهن. ٿر وطن جو هي مور پنک جهڙو مورخ شروعاتي تعليم کان وٺي ست درجا سنڌي فائينل تائين پنهنجي اباڻي شهر چيلهار ۾ پڙهيو. پڙهائي پوري ڪندي ئي ترت ماستري جي نوڪري ملي ويئي. سن 1928ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول مين چيلهار ۾ استاد مقرر ٿيو. بر صغير جي ورهاڱي وقت ٽرنينگ ڪاليج فارمين ۾ هن ٻه سال سکيا به حاصل ڪئي.
استاد رائچند راٺوڙ سرڪاري نوڪري واري وقت سنڌ جي الڳ الڳ شهرن واهڻن وستين ۾ پنهنجا فرض بنهه ايمانداريءَ سان سرانجام ڏنا. خاص ڪري مٺي، ٽنڊو محمد خان، آهوري، ڀوريلو، رائلو ۽ جوڳي مڙهي شامل آهن. استاد جڏهن چيلهار ۾ ڊيوٽي ڪئي، تڏهن سندس دوستن محمد سومار بجير، سائين ڀانو مل ۽ گڻيس داس سان گڏجي هڪ ننڍڙي لائبريري جو به بنياد رکيو. اها لائبريري گڻيس داس جي دڪان ۾ قائم هئي. جتي تاريخ تي وڏا وڏا بحث ٿيندا هئا.
تاريخ تي بحث ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ ٿر جي واريءَ جي سمنڊ کي جهاڳڻ ۽ کوجنا ڪرڻ استاد رائچند جو ننڍي هوندي کان ئي وڏو شوق هو، ان شوق هن کي سڄي عمر سڪون سان ٿانيڪو ٿي ويهڻ نه ڏنو. ڪڏهن گهوڙي تي ته ڪڏهن اُٺ تي، ڪڏهن پير ۾ جُتي ته ڪڏهن پيرين اُڀراڻون پنڌ ڪندو رهيو. جهونن جي سينن جي سمنڊن مان صدري ساهتيه جا موتي ميڙڻ لاءِ هي مرد مجاهد نه ڏينهن ترسيو نه رات.! ڏوراهن ڳوٺن ۾ وڃي ساڃاھ وندن جي ڪچهرين مان فيض پرائڻ لڳو. سفري سهولتين جي قحط ۽ علمي آسائشن جي اڻاٺ جي باوجود هي مڙيو مُور ڪونه. هار مڃي ماٺ ڪري ويهي رهڻ هن جي وڙ ۾ ئي نه هو، ڇاڪاڻ ته هن پڪو پهه ڪيو هو ته، ڪيئن به ڪري ٿر جي تاريخ ضرور لکندس. ٿر جي تاريخ لکڻ ڪو مذاق نه هو. هي انتهائي غير معمولي ڪم هو پر، چوندا آهن ته، همٿ بندو مدد خدا! سو هن همٿ ڪئي ۽ مالڪ هن جي سهائتا ڪئي. ڏھ ٻارنهن سالن جي مسلسل جدوجهد کان پوءِ نيٺ وڃي هن گهڻي ڀاڱي مواد هٿ ڪري ورتو. سال 1947ع ۾ جڏهن محمد اسماعيل عُرساڻي مٺيءَ ۾ پهريون اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي آيو تڏهن هن پنهنجو لکيل سمورو مواد سائين کي ڏيکاريو. عُرساڻي صاحب مواد ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته جلد ڪتاب لکي پورو ڪر. آئون مدد ڪندس. عرساڻي صاحب جي ڪيل همٿ افزائي هن جي اندر ۾ توانائي وارو ڪم ڪيو ۽ هن ڪم کي جاري رکيو. 1950ع ۾ جناب مير محمد بخش خان ٽالپر سان ملاقات ٿي. جنهن به کيس همٿايو ۽ ڪجهه ڪتاب مطالعي لاءِ ڏنا ۽ چيائين ته ڪتاب لکي پورو ڪر. تنهن کان پوءِ رائچند صاحب سڄو مواد نئين سر سنواري سڌاري وري لکيو. جيڪو عوام جي هٿن تائين ”تاريخ ريگستان “ ( ٻه جُلد ) جي نالي سان پهتو ، جنهن کي پڙهي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون ته، هڪ ميگهواڙ ماستر هيڏو وڏو ڪم ڪيئن ڪيو. انهن کي شايد اها سُڌ نه هئي ته ” ڏات نه آهي ذات تي جو وهي سو لهي“ ڇوت ڇات واري قهري دور ۾ جڏهن ميگهواڙن کي اڇوت جي ذمري ۾ آڻي، انهن سان ڳالهائڻ به گناھ تصور ڪيو ويندو هو، انهن کي ڀلجي ڇهڻ کان پوءِٰ ” سوناڻي پاڻي “ جو ڇنڊو هڻايو ويندو هو. ڪنهن وار پرٻ تي انهن جو مُنهن ڏسڻ به پاپ سمجهيو ويندو هو. جڏهن اڇوتن لاءِ اعليٰ ڪپڙا پائڻ به منع هو. جڏهن ڌرمي ڪتابن تي صرف هٿ ٺوڪين روايتن آڌار اتم ذاتين جو قبضو هو. جڏهن ڀڳوان جي گهر مندر جي اندر به ڀيد ڀاوَ وارو برتاوَ ڪيو ويندو هو. اهڙي درد ناڪ دؤر ۾ ڪو ديومالائي ڪردار ئي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيئي سگهيو ٿي. اهو ديومالائي ڪردار رائچند راٺوڙ ئي هو. جيڪو پنهنجا برتن ساڻ کڻي وقت جي ”وڏن“ جي اوطارن ۾ پٽ تي ويهي، پنهنجو پاڻ کي ننڍو ڪري به ٿر کي اوچو ڪندو رهيو. هن ڪڏهن به وڏائي نه ڪئي. جتي به ويو صرف ٿر لاءِ ويو ۽ ٿر جي ڳالهه ڪئي. هن کي ٿر جنميو ۽ هن ٿر کي صدين لاءِ جيئدان ڏيئي ڇڏيو! هن مرد مجاهد غير جانبدار ٿي تاريخ لکي آھي، هي جانبدار به ٿيو آھي ته صرف ٿر جو، هن ذاتي بغض ۾ اچي ڪنهن سان به ناانصافي ناهي ڪئي، هن ته انهن جي به ساراھ لکي آھي جن هن جي قبيلي جي اوقات سدائين اڪ جي پُڙي سان ناپي آھي، اهڙا ئي هوندا آھن سچا ۽ کرا مُورخ، جيڪي ڌرتيءَ جي هر دور کي سچائيءَ سان قلم بند ڪندا آھن، ڌرتيءَ جي هن دادلي قلم ڪار پنهنجي ڪُلوان قلم سان سندس شھر آفاق تصنيف "تاريخ ريگستان" ۾ قلم بند ڪيون آھن ڀٽ ڀٽ جون ڪهاڻيون، ڏھر ڏھر جا ڏيک, کيتن جا خوبصورت نالا، مڙھن جون مُسافريون، وڻ وڻ جون وارتائون، ٻوٽن جو ٻاٻورجڻ، گاهن جي گلزاري، ولين جا واکاڻ، ٿر جي آباد ٿيڻ جا ازلي اهڃاڻ، قومن جا ڪرم، ٿر جي ٻولي ۽ ان جا لاکيڻا لهجا، ڍاڻيون ۽ ڳوٺ، سنئوڻ ۽ ساٺ به هن اتهاس جو حصو بڻايا آھن، هن لکيو آھي ٿري عورتن جي ورن سان وفاداريءَ ۽ گهرن سان گهرائپ، پنچائتن جا پانپرا، گوترين ۽ گناتن جو گيان، ذاتين جون نُکون، نياڻين جي اُڪلاءِ جا طور طريقا، شادين جون محبوب رسمون، ڏوري جا ڏنجھه، ميٺ محبت، برسات جي سڪ ۽ ان جون آڙيڪاپ اڳڪٿيون، مورن جون پُڪارون، تاڙن جي تڙپنا، اُٻن جا آسرا، موڳن جي من ڀاونا، ڦوڳسي جا ڦُل، ترايون ۽ تلاء به هن ڪتاب جو حصو آھن.هن ڪتاب ۾ اوهان کي پڙھڻ لاء ملندا، ساٺيڪن کوهن جا دلربا منظر، ويرين جو وارڻ، کوهن کوٽڻ جي ديسي انجنيئرنگ، پاڻي لاء پُڪارون، روينيو جا رواج، پوک پوکڻ جا نرالا نمونا، هاريپ جا هڏ ٽوڙ درد، پکين کي ڀڄائڻ ۽ اَنُ کي بچائڻ لاء ٿيندڙ پانپرا، ٽاٽ جا ٽڙڪاٽ، گوڦڻ جا زوڪاٽ، ڀينڀئي جا ڀُرڙاٽ، آٻٿن جا آڪار، همرچن جي هونگار، کري ڪُٽڻ جا جتن، اَنُ رکڻ جي انجنيئرنگ، سورن ۾ سيڪڙ ڪرڻ جا سعيا، پلو گڏ ڪرڻ جا طريقا، ڪانن جي ڪالر ڪرڻ جا ڪمال، به هن ڪتاب جي سونهن سوڀيا آھن. پنهنجي پيري پيءُ کان وراثت ۾ مليل ڏات جو صحيح استعمال ڪندي استاد رائچند سموري ٿر جا پيرا ليڪيا آھن. هن لکيو آھي پالتو جانورن جي پيار تي، ڌڻ ڌارڻ جي ڌُوڃ تي، چراگاهڻ ۾ چارڻ جي چاهت تي، وٿاڻن ۾ وارڻ جي نالن تي، ڏوجهارڻين جي مال ڏُھڻ واري ڏيک تي، مال جي ٻوٿ تي ٻوٿاري هڻڻ تي، ڪُڀيار کي هيج ڪرائڻ واري هُنر تي، دونهي دکائڻ، مال جون حالتون، بيمارين کان بچائڻ، ڌنارن جا درد، مال جي ساڃاھ ۽ سڃاڻپ هر ذات جا الڳ داغ، ڀاڳين ۽ پيرين جي پت، ٻڪرين ۽ رڍن جا راز، پکي جيت ۽ بلائون به هن تاريخ جو حصو بڻايون آھن.
رائچند هريجن نه رڳو ڏيهه جي ڏُٿ ۽ ڏوٿيئڙن تي لکيو آھي، پر هن ته چونئرن ۽ چونڪين کان وٺي ٿري عورتن جي ويس، وڳن تهذيب ۽ تمندن تي به لکيو آھي، هن لکيو آھي ٽولن ۽ ٽاجوئن تي، ٻڙهيڪن ۽ ٻٿڙيڪن تي، سُڪار ۽ ڏُڪار تي، مهمان نوازيءَ جي شان ۽ مان تي، ڌنڌي ۽ هُنر تي، گُجهارتن ۽ پرولين تي، آھتپي ۽ ڪسبين تي، دولت ۽ غربت تي، نشن پتن تي، ڀليڪار ۽ ڪُسراٽ تي، ميلن ۽ ملاکڙن تي، راندين ۽ پينگهن تي، چيڪلن ۽ رانديڪن تي، راڳ ۽ ساز تي، وهمن ۽ وسوسن تي، ناچ ۽ ڪلاتي، شاعريءَ ۽ لوڪ ادب تي، لوڪ گيت ۽ سنگيت تي، قبر پرستيءَ ۽ ٿان تي، مقام مساڻ تي، ڀوت ۽ ڀوپن تي، هور ۽ ڦالن تي، جهاڙن تي، ٽوڻن ۽ ڦيڻن کان وٺي هٿ جي ٽوٽڪن تائين هن وطن جي هر شيءِ کي پنهنجي تخليق ۾ تراشيو آھي، بس رڳو ان کي پڙھڻ ۽ پرکڻ جي ضرورت آھي. سنڌي لوڪ ادب مان ٿري لوڪ ادب کي ڪڍيو وڃي ته بي سواد ۽ ڇسو ٿي پوندو. سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ لاء ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي سرڪاري اسڪيم ملي هئي ۽ ھن سرڪار جي سرپرستيءَ ۾ لوڪ ادب کي سهيڙڻ لاء ٿر جا به پنڌ ڪيا هئا. ٿر جي ريگستاني سمنڊ ۾ هن کي هڪ هيرو هٿ چڙھيو هو اُهو هو چيلهار جو چنور رائچند راٺوڙ، ڊاڪٽر اين اي بلوچ کي لوڪ ادب سهيڙڻ لاء مدد ڪرڻ ۾ رائچند جو وڏو هٿ هو. ان اسڪيم ۾ استاد رائچند ڪرنگهي جي هڏي وارو ڪردار ادا ڪيو هو. استاد رائچند ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرين شادي ڳوٺ نهٽو مان ڪئي، جنهن مان ٻه نياڻيون ۽ چئن پُٽن جو اولاد هو جواهر لال، پرڀو لال ناشاد (جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿيو ) پرتاب راء ۽ ساجن داس هئا. ٻي شادي ڇاڇري جي ڳوٺ حيات ھاليپوٽو مان ڪئي، جنهن مان هڪ پُٽ جو اولاد ٿيو جيڪو ننڍي عمر ۾ ئي گذاري ويو. ٿر جو هي محبوب ليکڪ سڄي عمر ٿر لاء پاڻ پتوڙيندي نيٺ سلھه جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ آخرڪار زندگيءَ جي جنگ هارائيندي 31 مئي 1968ع تي هميشه لاء هن فاني جهان مان الوداع ڪري ويو. سندس ابدي آرامگاھ اباڻي شھر چيلهار ۾ آھي. چيلهار ۾ سندس نالي سان هڪ لائبريري به قائم ڪئي وئي آھي جتي سنڌي ادبي سنگت جا پروگرام ٿيندا آھن. ان کانسواءِ چيلهار جو مين پرائمري اسڪول به سندس نالي سان منصوب ڪري هڪ بهترين شرڌا انجلي ڏني وئي آھي. اسان کي گهرجي ته اسين پنهنجي ديس جي اهڙن املهه هيرن جو قدر ڪندي سندس ياد ۾ پروگرام ڪيون، انهن جي سوچ، ويچار ۽ فڪر کي ڦهلائيندي ڪي خاص اُپاءُ وٺون.

صادق فقير

هُو جنهن جو وڌوا جي ورلاپ جهڙو آلاپ ٻُڌڻ کان پوءِ پرديسي پيا جي اولاڪي ۾ اُداس دلين جا درياءٌ اوسام ۾ اچي ڪڏهن اوڀارا ته ڪڏهن لهوارا ٿي وهندا آهن، هن جي هڪڙي صدا ٻُڌي بي تحاشا بک ۾ ٻرندڙ ٿوهر ڏانڊن جهڙا ٿڪايل ٻار کن پل لئه ماٺ ٿي، ٿڌڙا ساھ ڀريندا آهن سنڌ جو وڪٽر هارا ... صادق فقير جڏهن موهن ڀڳت جي آشرم تي ويهي، تنبوري جي تال تي سين هڻندو هو، تڏهن پلر جي ٻاٻيس ۾ تپندڙ ٻاٻيهيا پنهنجي سموري سال جي عطش وساري هن جي الحان دائودي آلاپ جي سُوز ۾ سڪون ماڻيدا هئا، ٻاٻاڻي ديس جو هي ٻانڌيلو راڳي نه رڳو ارباب بصيرت هو، پر باضمير ۽ بُردبار به هو. هُن سرسوتيءَ جي ڏنل سُوکڙيءَ تي ڪڏهن به سودو نه ڪيو. هن وطن ۽ ويڙهيچن کي پئسن ۽ پيٽ کان مٿي سمجهيو هو. ڪنهن به مصنوعي افتخار کان اعليٰ منش هو. افتادگي ئي هُن جو اُتم اهڃاڻ هئي. هُن ڪلا جي جلا کي ئي پنهنجي ڪُل پونجي سمجهي، ست راڄي سَماج ۾ مُحبتون ونڊيون ورڇيون ۽ قُرب ڪمايو هو. هُو قول ۽ فعل جي تضاد کان مَٿانهون ماڻهو هو. هُن کي هِن دورنگي دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي غرض هئي ته، فقط اُنهن ماروئڙن جي هئي، جيڪي هُن سان ائين محبت ڪندا هئا، جئين موري مڇي ڦاڙهي جي سڱ سان ڪندي آهي! جئين سارس پنهنجي ساٿي سان ڪندو آهي. اُنهن سانگيئڙين جي ايذائن، عقوبتن ۽ افلاس تي هي ڀُري ۽ جُهري پنهنجي ڪنٺ ڪلا سان عليم آلاپ ائين اڏاريندو هو، جيئن سانوڻ جي پهرين برسات تي وڄ ڪڙڪي ۾ مري ويل مور لئه ڊيل دانهون ڪندي آهي، هاڻي ايشيا کنڊ کان اهو صادق موڪلائي ويوآهي، جنهن جي ڪنٺ ۾ ڪوئل جو روح اوتيل هو. جنهن کي ڪمال جي ڪلا ڪلتار وٽان سُوکڙي طور مليل هئي. هُن جي کلمک چهري تي سدائين مُرڪن جا ململي مينهن ماماڻا پيا پسار ڪندا هئا. هُن جي شيتل سَڀاءُ تي مون ڪڏهن به ڪاوڙ جي آگ نه ڏٺي، هُو سدائين کلندو هو ۽ کلائيندو هو. کيس اِها انوکي ڏات به ڏاتر وٽان ڏيا طور مليل هئي ۽ هُو مايوس چهرن جي آڪاشن تي منٽن ۾ تبسم جا تارا چمڪائي ڇڏيندو هو. ڪچهرين جو ڪوڏيلو صادق، لطيفا ٻڌائڻ جو بنهه شوقين هوندو هو. هُن جي سنڌ جيڏي وسيع سيني ۾ ڌڙڪندڙ دلربا دل وانگي هُن جو دستر خوان به ڪشادو هو. ڌڻي تعاليٰ طرفان مليل عزت، شُھرت، ڌن ۽ دولت جي باوجود هُن ڪڏهن به وڏائي نه ڪئي، سدائين فقير رنگ ۾ رچيل نظر ايندو هو، 20 مارچ 1964ع تي مٺي شهر ۾ فقير فيض محمد تپيدار جي گهر جنم وٺندڙ صادق فقير شاگرديءَ واري وهي ۾ پنهنجي مامي حُسين فقير کان راڳ جي باقائدي سکيا ورتي، پر سندس سُوز ڀريون صدائون ٻُڌي ائين لڳي ٿو ته هي ڄمندي ئي ڄام هو. هن کي قدرت اهڙو آواز ۽ انداز ارپيو هو جو هو اهڙو راڳ سکڻ سان ناهي ملندو ۽ اها حقيقت آهي، بقول ڍاٽڪي ڪهاوت جي ته،
راڳي پاڳي پارکو ناڙي ڀيد نياءِ،
اي سکايا نه سِکين جانهين را اُڪلين هنياءِ

ڳائڻو، پيرن جو پارکو ، حِڪمت جو حاڪم ۽ انصاف ڪندڙ ماڻھو اهي سڀئي سيکارڻ سان ناهن سکندا، پر انهن جي اندر قدرت اهو آرٽ اوتيندي آهي ۽ اُهي دلي طور دنيا ۾ نروار ٿيندا آهن،
صادق1992ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اياز گل جي وائي” توکان ٿيندي ڌار “ گائي هئي، تڏهن سنڌ جي ساڃاھ وند سماعتن وڏي سڪ مان سويڪار ڪيو هو، ۽ هو سنڌ جو ٻيجل ۽ ٿر جو ٻاٻيهو ٿي وطن جي فضائن ۾ گونجندو رهيو. سندس سوز ڀريو آلاپ ٻُڌي مهان شاعر شيخ اياز به چئي ڏنو هو ته منهنجي شاعريءَ کي اهو آواز ملي ويو آهي جنهن جي ضرورت هُئي، اُن کانپوءِ صادق، شيخ اياز کي خوب ڳايو، ”سکي پيا کي ملين ته چئجانءِ “ ۽ ”ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪوئل ڪري“ جهڙا لاجواب ڪلام ڳائي هو، سنڌ جي امر اتهاس ۾ هميشه لئه اجر ٿي ويو.

صادق فقير پيشي جي لحاظ کان پي ، ٽي ٽيچر هو. هُو تاحيات ”سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيشن ( سِگا ) ٿرپارڪر جو ضلعي صدر هو، ڳائڻ هن جو شوق هو. مٽيءَ سان مائٽي هئڻ ڪري ھُن پنهنجي امر آواز کي جهر جهنگ جهومايو. هُو بهار جي پور جوڀن ۾ ڄائو ۽ ڀَري تُري بهار ۾ ميلو متل ۽ رهاڻ رتل ڇڏي، هميشه لاءِ هن جهان مان هليو ويو.

صادق پوئينرن ۾ ٽي پٽ، هڪ نياڻي، ٻه ڀائر ۽ گهر واري سميت سموري ايشيا کنڊ کي سوڳوار ڇڏي ويو آهي. اڄ هو نه آهي، پر هن جون صدائون ته آهن! صادق کي وڇڙئي هاڻي وڏو عرصو ٿيو آھي، پر لڳي ائين ٿو ته ڄڻ هن کي وڇڙئي ڪي پل گذريا آهن، هن جي وڇوڙي جو ڌڪ ٿاريلين دلين کان برداشت ٿئي ئي نٿو. اڄ هر ٿاريلو دانهن ڪري چوي ٿو ته اي مٺي جا ماڻينگر! بنان موڪلائڻ جي ائين اچانڪ هليو وئين؟ تنهنجي وئي کان پوءِ مٺي کان مرڪون موڪلائي ويون آهن.

اُن سال تُنهنجي جدائيءَ جي جهوريءَ ۾ جُهرندڙ مٺي شهر ۾ ڪنهن به هولي نه ملهائي هئي، هوليءَ جا حُلواڻيل رنگ پن ڇڻ ۾ پيلي ٿيل پن جيان ڦڪا ٿي ويا ھئا. هيل به هولي ايندي، پر تون نه هوندين! ”هولي آئي هولي ويئي، مون تي ڪنهن به رنگ نه هاريو“ واريون تنهنجون صدائون ٻُڌي تو سان محبت ڪندڙ سڀئي سَماعتون سوڳوار آهن، توتي گُلال ۽ لال منجيٺ جهڙا رنگ هارڻ لئه ڪيئي حِنائي هٿ آتا آهن، پر تو ناهين! ڪاڪي جهامن مالهي واري ” ايور گرين هوٽل “ ۽ ” ٿر ڪتاب گهر “ ڏي ويندڙ سڀئي رستا سوڳوار آهن. اوڏانهن وڃن لئه دل نٿي چوي ڇاڪاڻ ته هاڻي تون اتي نه هوندين ۽ اُها محفل ئي ڪهڙي جنهن ۾ محفل جو مور نه هجي! تون ته نه رڳو محفلن جو مور هُئين پر دلين جو به چور هئين! تون نه رڳو محفلون لٽيندو هئين، پر معصوم ۽ مُحبتي دلين تي به ڌاڙا هڻندو هئين! اڄ اهي سڀئي دليون سوڳوار آهن. توکي وڏي چاھ مان ڏسندڙ مڙني محبوبن جا چهرا لٿي سج سورج مُکي وانگي لٿل آھن. ڀلي پار جي ڀاڳوند ڌرتيءَ تي پراڻ ڏيندڙ سٻاجهڙي سنڌ جا سارس پکيئڙا! تُنهنجي وڇوڙي ۾ ڪارونجھر جو ڪنڌ جهڪيل آهي، گڍيءَ تي مايوسيءَ ۽ ماٺ ڇانئيل آهي. روهيڙي جا گل مرجهائجي ويا آهن. ٻاٻيهن کان ٻوليون وسري ويون آهن. تنهنجي اچانڪ اولاڪي ۾ جتي تنهنجي مور پنک جهڙي پريتم ڀاءُ پياري جون اکيون بڊي جو ڪڪر بڻجي وٺيون آهن، اتي تنهنجو ڪارونجهر جي پهڻن جيان اٽل ۽ ارڏو دوست خليل به گليشرن جيان ڳري رهيو آهي، ۽ چئي رهيو آهي:

تون نريڙي ڍنڍ تي ڪُونج جي ڪُرلاءُ جئين
ڄڻ هنيئن جي گهاءُ جيئن هاڻ جي ويندين هليو
ڪير ڀائيندو وطن، مون کي کائيندو وطن،

حياتيءَ جي صحرا کي رت جو ريج ڏيندڙ سماج شيوڪ ”ماما وشن ٿري“ تنهنجي بي مندائتي موت تي ائين رنو هو جئين واهوندي تي وِلهه پوندي آهي. تنهنجي جدائي رڳو صحرا کي سوڳوار ناهي ڪيو پر اتر سنڌ جي دلين ۾ به تنهنجي تعزيت جا تڏا وڇائجي ويا آهن.

تو کان ٿيندي ڌار
مٺي ڪوڙي ٿي لڳي
صادق منهنجا يار
( اياز گل )

سنڌي موسيقيءَ جي آڪاش جا تارا! تنهنجي الوپ ٿي وڃڻ کان پوِءِ اونداهي نظر اچي ٿي. تو جهڙا امر راڳي ۽ گڻواڻ انسان صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن، وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سرمد کان پوءِ تون به ائين ئي گاڏين جي بَک بڻجي وئين! الاس! الاس!

ڪُٺل تتر جي تنوار جهڙا سريلا راڳي صادق! توکي وڃڻ ۾ ايتري تڪڙ ڪا نه ڪرڻي هئي، توکي اڃا ”اياز“ کي ڳائڻو هو؛ توکي پنهنجي وڏ ڪنور ڌيءَ جي هٿن جا پاند پيلا ڪري سياءِ پلي لڳائڻو هو؛ توکي ته اڃا راحت ۽ نزاڪت ...جي سِرن تي سهرا سجائي سرهو ٿيڻو هو؛ تو کي ته اڃا ديس جي اُنهن ڌيئارين جو نوحو ڳائڻو هو، جيڪي ريتن ۽ رسمن جي آڻن ۽ گهاڻن ۾ پيڙهجي پنهنجي وطن کان جئين وڇڙيون ته وري واپس نه آيون؛ توکي ته اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ رهجي ويل اُن اڀاڳي ٻار جي رڙ ڳائڻي هئي، جيڪو ڄمڻ کان اڳ ئي قوت مدافعت واري ڪميءَ ۾ مري ويو، جنهن جي اختر سُوخته امڙ کي سنڌ جي وڏي ڪُرسيءَ تي ويٺل ” سائين“ نه سهڻ جوڳا ويڻ چوندي وڏا مذاق ڪيا هئا. ان مُنهن جي ڇُوٽ وزير کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لئه نه تون آهين ۽ نه ئي وري اُهو اڇي پٽڪي ۽ چاپئين ڏاڙهي وارو فقير مقيم ڪنڀار آهي، جنهن منظور سولنگيءَ کي تڏهن جواب ڏنو هو جڏهن ڍٽ ڌڃاڻين کي ھُن ” ڏاچين “ جهڙو ڏڌ لقب ڏنو هو. الا! ماڻهو سڀ خاڪ کائي وئي، نه موهن رهيو نه مقيم نه تون نه تنهنجو مُحسن موسيقار حُسين فقير… بقول حاجي احمد ملاح جي ته:
خاڪ کائي ڇڏيو مڙني جو مٿو
اڃا خاڪ جو پيٽ ڀرجي نٿو
صادق تُنهنجي سُرن ۾ انهن ٻاٻيهن جون ٻوليون سمايل آهن جيڪي ڏڪارن جي ڏولارن ۾ اڃ مري ويا آهن! انهن ڍٽ ڌڃاڻين جون اڌرايون اوڇنگارون به تنهنجي صدائن ۾ گونجنديون هيون، جن جا ٻچڙا ٻه ويلا ماني نه ملڻ ڪري بي رحم بُکن جي نذر ٿي بي موت مري ويا آھن. صادق جڏهن نما شام ويلي گڍيءَ تي ويهي گنھگار مان گنھگار ڳائيندو هو تڏهن صدين جا اڃايل ٿر جا مُسافر ٿوهر به روئي پوندا هئا. ڪارونجهر جا اڃايل مور به سڏڪي پوندا هئا. صادق جي امر آواز ۾هڪ اهڙو درد سمايل آھي، جنهن ۾ صدين جي سفر جا سور به آهن، ته پرڀاتي پاڻيارين جا پُور به آھن. ماروئڙن جي لڦون ٿيل پيرن جي پيڙائن جا پنڌ به آهن ته، ڪاسبي هي گهٽين ۾ ڊُڪندڙ ڊيلن جا اوچا ڪنڌ به آھن. صادق جي سُرور ڀرئي آواز ۾ ووڊڪا جي خمار جهڙا کيپ به آهن ته، نوورني وڌوا جي اوڇنگارن جهڙا اذيت ڀريا سُور به آهن. صادق جي اڻ مُندائتي موت تي سموري سنڌ سوڳوار آهي. سنڌي موسيقيءَ جي سينڌ جو سنڌور اجڙي چُڪو آهي، مڃون ٿا ته اسان وٽ ڪريم جهڙي ڪنٺ ڪلا ۽ برڪت جهڙي سُونهن صدا به موجود آهي، پر اهو ٻاٻيهيو ”رمي چڪو “ آهي، جيڪو روح جي روهيڙي ٽارين تي ٻوليندو هو، جنهن جي هڪڙي آلاپ ۾ هزارين سارسن جي مٺاس سمايل هئي. صادق کي سنڌ ڪڏهن به نه وساري سگهندي. هو سنڌ جي انهن سونهري يادن ۾ سمايل هوندو جن کي ساري سنڌ ڪڏهن سڏڪندي ته ڪڏهن ٿڌا ساھ ڀري مُرڪندي، سنڌ اڄ به صادق جهڙن سپوت پٽن کي سنڀاري فخر ڪري ٿي.
ڀلي پار جي ڀلي ڌرتي ” دشت عرب “ ۾ وڇڙي ويل اسان جي صحرا جا سارس! تو پنهنجي ڪيريئر جو پهريون ڪلام واقعي صحيح ڳايو هو ته ” لکئي ڙي پنڌ ڪرايو “ توکي به لکئي پنڌ ڪرايو هو....اهو به آخري پنڌ...!

فقير مُقيم ڪُنڀار

هُو جيڪو نٻي سوڍي جو پوتيئي ٻَڌ هو. هُو جنهن جي سُندر مُڪٽ تي سفيد پٽڪي جو تاج ائين ملوڪ لڳندو هو، جيئن ڀوڏيسر جي ڀونءَ تي ٽلورا ڏيندڙ مور جي مستڪ تي نيل ڪنول جهڙي ڪِلنگي سُونهندي آهي! چانپوئي ڏاڙهي وارو چاچو مقيم ، ٻگلي جهڙي اڇي اُجري ويس ۾ جڏهن ٿر جي واريءَ تي وکون کڻندو هو، تڏهن سراپا ٿر لڳندو هو! هو سدائين هرکي ميگهواڙ جي هنر مند هٿن مان ٺهيل چَم واري موچڪي چاکڙي پائيندو هو. هن ڪڏھن به وڏائي نه ڪئي ڇاڪاڻ ته هُو وڏائيءَ کان وڏو ماڻهو هو!
سنڌ جي امر اتهاس ۾ نرالي نوعيت واري حيثيت رکندڙ ٿر جي قديم وستي ”نهٽي“ ۾ ڪاڪي خميسي ڪنڀار جي گهر ۾ اک کوليندڙ فيقر منش فقير مقيم ڪنڀار پنهنجي هرک جهڙي اجري حياتيءَ ۾ ڪيئي ڪرب ڏٺا، پر ڪڏهن به ٻڙڪ نه ڪڍي. ”نينهائيءَ کان نينهن سِک منهنجا سپرين“ واري سهڻي سِٽ سندس هينئن ۾ حل ٿيل هئي، نه رڳو ايترو پر سندس ڪومل ڪايا ۾ ڪوري دلي جهڙي ديا به شامل هئي. هُو ڏڪار ۾ ڏکي ٿيندڙ ٻاٻهين جي اُڃارين ٻولين ۽ سُڪل ڇاتين وارين ڍٽ ڌڃاڻين جي اداس لولين تي ڇرڪي پوندو هو. توڙي جو پاڻ به سڄي عمر آسائش جي اُڃ ۾ تڙپندو رهيو. هن جو مزاج اُن ماءُ جهڙو هوندو هو، جنهن جو ٿڃ پياڪ ٻار سرڪاري اسپتال جي وارڊ ۾ بنان علاج جي دم ڌڻي حوالي ڪندو آهي، هر غريب جي غم ۾ من ملول ڪندڙ هن مرد قلندر جو مزاج ان مورڻيءَ جي دانهن جهڙو هو، جنهن جو مور راڻي کيت ۾ رمي گيو! هر غريب جي درد تي ڌڙڪندڙ هن فقير منش جي درد مندانه دل ان نوورني وڌوا جي آنسوڙن جهڙي هئي، جن کي اُگهڻ لاءِ اڃا ڪو رومال ايجاد ناهي ٿيو. هن جي وسيع سمنڊ جيڏي سيني ۾ ڌڙڪندڙ، مور جهڙي معصوم دل سدائين ٻين ڪاڻ جيئڻ لاءِ جستجو ڪندي هئي. هن ڪڏهن به پاڻ کي ٻين کان الڳ نه سمجهيو. ڇو ته هي ڍاٽ جي اُها مٽي مُٺ هو، جنهن کي ڀونءِ جو ڀرم رکڻ چڱي ريت ايندو آهي. سموري ٿر لاءِ سوچيندڙ مسڪين جهان خان کوسي واري واٽ تي هلندي هن فقير پنهنجو هڙان توڙي وڙان گهڻو ڪجهه وڃايو، پر ارادا ڪارونجهر وانگي اٽل رهيا، مفلسي باوجود هو ادب جي اڙانگي پنڌ جو پانڌيئڙو رهيو، ”هو جي سُور سُجهن سي مون پينگهي ۾ پرايا“ وانگي هو. ننڍپڻ واري نازڪ وهيءَ ۾ ئي يتيم ٿي ويو، ڇو جو هن کان بڙ جي گهاٽي ڇانوءَ جهڙي بابل جو روح ڇانورو هميشه لاءِ هٽي ويو. غربت جي گهاون ۾ جيئندڙ سندس جيجل ماءُ تي ڏکن جا پهاڻ ڪري پيا، پر پوءِ به هن مسڪين جي عظيم ماءُ حياتيءَ ۾ هار نه کاڌي، فقير مقيم جي والده هن کي نه رڳو علم جا ٻه اکر پڙهايا پر اعليٰ گڻن جو اهڙو گٽڪو ڏنو جو هو وڏو ٿي فقير مُحمد مقيم ڪُنڀار بڻيو!
جڏهن هن جي ڏکي ڏيل تي جوانيءَ جو جهڙ وٺو تڏهن ”نهٽي“ جي نگريءَ کي الوداعي وارا هٿ لوڏي هميشه لاءِ ”مٺان بجير“ واري مٺاڻي ۾ سڪونت پذير ٿيو. هن کي ٽالهي واري الف ميمڻ جي مهربانيءَ سان مٽيءَ جي ٿانون جي اُڌاري گاڏي ملي ۽ هو حسيني فقير هاڻوڪي پريس ڪلب مٺيءَ جي ڀر وارين ديوين جي جُهڳٽي ۾ غريباڻو جُهوپڙو جوڙي ويٺو ۽ زندگيءَ جو گاڏو هلائيندو رهيو. هن لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻيو، مٺيءَ جو مهراج ڪرشن شرما جنهن نه رڳو دلاسا ڏنا، پر مسڪين مٿي ٿورن جا ٿر سَٿي ڇڏيا، مقيم به پوري حياتي موٽ ۾ محبت جي گلن جا ڪانبا ڀري ڏنا.
فقير جي فن ۽ فڪر جو مرڪز اها جهريل جهوپڙي ئي هئي جيڪا هن لاءِ اوتاري جو درجو رکندي هئي. جتي هر روز واهيري جي وير جو ساڃاھ وندن جا ٽولا ائين گڏ ٿيندا هئا جيئن سياري جو سانگا ڍنڍ تي پرديسي پکي گڏ ٿيندا آهن، ۽ هن غريب جي اوطاري تي نه رڳو امل ڪسونٻا ٿيندا هئا، پر فن ۽ فڪر جون نديون وهنديون هيون ۽ ڳالهيون ٿينديون هيون، قديم سنڌ جي سُونهن جون ڌرتيءَ جي راڄ ڌڻين جون، مارئيءَ جي اٽل ايمان جون، ڪيسوڀاءَ سوڍي جي محب وطنيءَ جون، لاکي ڦلاڻيءَ جي لوڙائن جون، مطلب ته هن فقير وٽ فهم فضيلت، علم ۽ عقل جا کورا ڀريل هوندا هئا، انهن کورن مان هو سڀني ساڃاھ وندن کي فيضياب ڪندو هو.
فقير مقيم ڪنڀار جڏهن ”رنگ منچ“ تي چڙهي پنهنجي شرين زبان جي سواد سان لفظن جا پوپٽ اڏائيندو هو، تڏهن پنڊال ۾ ويٺل ساڃاھ وندن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. اها ڪلا ڪلتار وٽان سوکڙي طور مليل هئي. آخري ڀيرو تقرير راڻا همير سنگهه جي جشن تاج پوشي ۾ ڪئي هئي، جيڪا انتهائي يادگار آهي،
مورن ۽ ڍورن کان وٺي ٿر جي هر شيءِ سان بي پناھ محبت ڪندڙ فقير مقيم ڪنڀار وڏو درد رکندڙ ماڻهو هو. هُو سنجها ويلي ”جکري واري ڀٽ“ تي ويهي جڏهن ڏکڻ ڏسا ۾ ڏسندو هو، تڏهن سندس اکين جي اوطاري ۾ ورهاڱي جي وڍن ۾ لڇندڙ لڙڪن جا ٻه ٽي ٻاٻهيا اچي ترسندا هئا ۽ هو ڀنل نيڻ کڻي، ڪڇ رڻ مان ڪهي آيل ڪونجڙين ۾ انهن ديس جي ڌيئرن جو درد پسندو هو، جن کي ريتن جي رکوالن قديم روايتن جا نيئر هڻي، ميران جي ديس ۾ شينهن ڪلهي چاڙهيون، هُو اڪثر انهي درد ۾ ونجهلندو هو!
سُونهن ۽ صرحائي جي شوقين راجپوتن سان بي انتها محبت ڪندو هو. فقير منش، الستي عاشق ۽ محب وطن سوڍي ڪيسوڀاءَ جي قبر کي ڀاڪر وجهي روئيندو هو. سندس وشال نيڻن جي واديءَ مان نير ائين نروار ٿيندو هو، جئين انچليشور جي پهاڙن تان پاڻي وهندو آهي. حب الوطنيءَ ۾ هن جو آئيڊيل ڪيسوڀاءُ هوندو هو. ڪيسوڀاءَ جنهن جو ذڪر ڪنداسين ته هي مضمون تمام طويل ٿي ويندو.
فقير مقيم ٿر جي هر ٻرندڙ مسئلي تي وڏي بيباڪيءَ سان ڪالم لکيا. سندس ڪالمن کي سهيڙي، سندس فرزند خالد ڪنڀار هڪ ڪتاب به ڇپرايو آهي، جنهن جو نالو آهي ”فقير“ فقير جي ٻولي ڏاڍي چاشني واري آهي. هڪڙي هند لکي ٿو ”وڻ جيڪي ڏڪار ۾ رڳو ڇوڏا ٿي ويا آهن، جيئن سَتن نياڻين جي پيءَ جون سُڪل پاسراٽيون“ ڇا ته دردناڪ تشبيهه آهي! هو ٿر جي هر حسن کي احساس واري اک سان ڏسندو هو. هن کي پاريهرن جا پير ۽ لُنڊين جا ليڪا موهي ماريندا هئا. پنهنجي هڪ ليک ۾ لکي ٿو ته ”نئين جي پيٽ تي جيت گينگهن ۽ لُنڊين جا ليڪا ڪنهن عظيم مصور جي ليڪن کان به خوبصورت تصويرن جئيان هوندا آهن! ڇا ته سندس نثر هيو!؟
فقير مقيم ڪنڀر جيڪا دونهي دُکائي هئي ان کي سندس لائق فرزند خالد ڪنڀار، جنهن کي هُو ”جوگيڙو“ چوندو هو اهو اڄ به جاري رکندو اچي ۽ ٻيو لائق پٽڙو خليل ڪنڀار وري شاعري واري خفت سان لاٽ ٻاريندو اچي ۽ ادي پٺاڻي پنهنجي پيءَ جي ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪندي اڄ به ٿري عورتن لاءِ جاکوڙي رهي آهي، محترمه فاطمه جناح ايوارڊ يافته ادي پٺاڻي ٿر ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ سرڪار کان گهر ڪئي آهي،
سڄي عمر هڪڙي ئي سياسي پارٽيءَ سان وابسته رهندڙ هي فقير سنڌ نيشنل فرنٽ جي مرڪزي صدر کي ڏهيسر سنڌ چوندو هو. جڏهن ڏهيسر سنڌ وڃي رائيونڊ جي راڻن سان مليو، تڏهن مٺيءَ جي هن مور جو هانءُ ڦاٽي پيو. صحرائن ۾ آخري هچڪي 17 مئي 2012ع تي ڀري. هن جي محنتن، محبتن ۽ ڪاوشن کي ٿر ڪڏهن به نه وساريندو. هن کي ساري منهنجو صحرا اڄ به سڏڪي پوي ٿو.

امر جڳديش ڪمار ملاڻي

مٺي، جنهن جي آڪاش تي جرڪندڙ ستارن کان وڌ ڌرتيءَ جا تارا تڙپائن ٿا. مٺي جنهن جي نرڙ تي گڊيءَ جو گُلابي تِلڪ ڪنهن سهاگڻ جي سينڌ ۾ سندُور وانگي جرڪي ٿو. مٺي جنهن جي مڌ ڀرين گهٽين ۾ سنڌيا ويلي سُوم رس جي سُڳند سان گڏ آلن وارن جو هڳاءُ اگربتين جي خوشبوءَ سان ملي انوکي خمار جا کيپ ڀري ٿو. مٺي جنهن جي مور پانک جهڙن مندرن ۾ ٻرندڙ ڏيئن جي روشنيءَ ۾ جهلملائيندڙ مورتين اڳيان سيس جُهڪائي سجدا ڪندڙ ديوداسين جي حُسن کي ڏسي ڀڳوان ڀولي ناٿ به گدگد ٿئي ٿو. مٺي جنهن جي چوٽا بازار ۾ چوڙيلين جا چوٽا سنهڙين چيلهن تي، سفيدي جي لام وانگي لُڏن ٿا، ۽ مينهن وساڙن جھڙن مهانڊن تان مُرڪن جا پوپٽ اُڏن ٿا. مٺي جنهن جي ماٺ ۾ به گُرو رنجنيش اوشُو جي گيان جا گُفتا ملن ٿا، مٺي جنهن جي ٽهڪن ۾ راڌا جي جهانجهر جهڙو سرگم سمايل آھي.
اُن مٺيءَ جي محبوب سُڃاڻپ آھي ملاڻي پريوار…ملاڻي پريوار جيڪو مٺيءَ جي ڳچيءَ ۾ سچن هيرن جي هار وانگي پويل آھي. مٺيءَ جي شهر کي پوڻيٺيءَ جي پُٽ وانگي مليل هي پنڊتن جو پريوار نه رڳو اڙين جو آڌار آھي، پر هن شهر جي سُونهن پڻ آھي. اهڙي سُونهن جنهن کي وقت جو ڪوبه واءُ ميري نه ٿو ڪري سگهي.
اُن ملاڻي پريوار ۾ به هڪ مور تي ڪلنگيءَ جهڙو خوبصورت شخص پيدا ٿيو هو، جنهن جي سحر آميز شخصيت اڳيان وڏا وڏا بُت ڍير ٿي ويا هُئا. اهو هو امر جڳديش ڪُمار ملاڻي....! ولهارن تي وٺل چيٽ جي چانڊوڪي جهڙو چٽو ماڻهو، جنهن جي پرخلوص پيار ۾ جنتا جو جيئدان هو. اهو جڳديش ڪُمار ملاڻي جنهن کي سنڌ راڻي شهيد محترما بينظير ڀُٽو پنهنجو سڳو ڀاءُ چوندي هُئي. اهو جڳديش ڪُمار ملاڻي جنهن کي بيگم نصرت ڀُٽو شاهنواز جي نالي سان سڏيندي هُئي. اهو جڳديش جنهن کي جاگير جو جهونو نمي پرڻام ڪندو هو. اهو جڳديش ڪمار ملاڻي جنهن جي الماس اکين ۾ سياست جو سحر ڀريل هو، جنهن جو ريگستاني ڀٽن ۾ گونجندڙ شينهن جهڙو آواز اسلام آباد جي دلين ۾ ڌڙڪندو هو. اهو جڳديش ڪُمار ملاڻي جنهن جي تصوير مٺيءَ جي هر گهر ۾ مورت وانگي سجايل آھي. اهو جڳديش جيڪو پيپلز پارٽيءَ جو جيالو هوندو هو. اڄ ڪلهه جي ڪُٽي کائو جيالن وانگي نه هو. هُو جيلون ڀوڳيندڙ بهادر جيالو هو، جنهن جي شُجائت تي سنڌ راڻي فخر ڪندي هُئي. جيڪو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ وڏي تحرڪ ۾ هو.
هُو ڪو جاگيردار يا سرمائيدار ماڻهو نه هو، هُو پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ اهو وچولو ماڻهو هو جيڪو غريبن سان گوڏو گڏي پَٽ تي ويهي پيار ڏيڻ ڄاڻيندو هو. هُن وٽ پورهيتن جي وڏي اهميت هوندي هُئي، ڇاڪاڻ ته هُو خود پورهيت هُو. هُو غُربت سبب اڳتي تعليم پرائي نه سگهيو. انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو ۽ پنهنجي پريوار جو پيٽ پالڻ وچولي جي ننڍڙي شهر شيخ ڀرڪيو ۾ ميڊيڪل اسٽور هلائڻ لڳو. اسٽور هلائيندي هن کي وچولي ۾ ڪجهه لاکيڻا ماڻهو مليا جن جي شاندار صحبت ۾ رهي ڪري هن جي اندر ۾ سياست جو شوق جاڳي پيو. سندس سياسي اُستاد هُئا ماتلي وارو اسماعيل اُڍيجو جنهن سنڌيءَ ۾ بجيٽ پيش ڪئي هئي.۽ ٻيو مولا بخش چانڊيو. جڳديش يارن جو يار هو. دوستيءَ تان سر قربان ڪرڻ وارو هو. غُلام قادر پليجو ۽ روزاني جاڳو اخبار جو ايڊيٽر صحافت جو وڏو نالو فقير محمد لاشاري امر جڳديش جا انتهائي ويجها دوست هئا.
هُن سياست سان عشقُ ڪيو هو. هُو ڏيهه جي ڏُتڙيل عوام جي خدمت عبادت سمجهي ڪندو هو. مالڪ وٽان مليل ٿوري عمر ۾ ھُن تمام گهڻا ۽ ڀلا ڪم ڪيا. الئه ڪيترن مسڪينن کي نوڪريون وٺي ڏنيون.جواني جي دلفريب ڏينهن ۾ هن ڏاکڙا ڏٺا. پور جوڀن ۾ 1986ع واري دؤر ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ دؤران هن جي سياست پروان چڙھي ۽ ھُن تُرم ياترا به ڪئي. فقير شير محمد بلالاڻيءَ ۽ جڳديش ڪمار ملاڻيءَ سان گڏ 40-50 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو هو. 1990ع ۾ به جڳديش ۽ فقير شير محمد بلالاڻي جيل ياترا ڪري آيا هئا. جڏھن محترما بينظير ڀُٽو صاحبه مٺي ۾ آئي هئي. مٺي واري جلسي کي ناڪام بڻائڻ لئه اختيارين پاران هي قدم کنيو ويو هو، پر انهيءَ سان اٽلندو جلسو انتهائي ڪامياب ويو.
پ پ پارٽيءَ سان انتهائي سچي ۽ سرگرم ڪارڪن هئڻ جي ناتي هن کي سڀ کان پهرين مٺي سٽي صدر ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ضلعي ٿر پارڪر جو جنرل سيڪريٽري پڻ مقرر ڪيو ويو. پ پ پارٽيءَ ۽ ڀُٽو پريوار سان عشق جي حد تائين مُحبت هئڻ ڪري هن جي سچائي سموري ڏيهه ۾ ڏيئو ٿي ٻرڻ لڳي، جنهن جا جرڪندڙ ليئا محترما جي دورانديش نظرن تائين به پهتا، جنهن کيس 1988ع واري عام چونڊ ۾ پ پ پارٽيءَ جو ٽڪٽ ڏنو ۽ هُو وڏي مارجن سان صوبائي سيٽ کٽي حياتيءَ ۾ پهريون ۽ آخري ڀيرو ايم پي اي ٿيو. هن جو جوان آواز جڏھن اسيمبليءَ جي پنڊال ۾ پهتو ته ٿر جي ٿوهرن ۾ به خوشيءَ جي لهر جاڳي پيئي. هي آواز ڌنارن جي دلين جو آواز هو. هي آواز پورهيتن جي بُکين پيٽن جي پُڪار بڻيو. هن جو آواز وڻن جي وجود جي بقا جو آواز هو. هن جو آواز نه رڳو اقليتن جو آڌار هو، پر اڪثريت جو آلاپ پڻ هو. هن جو آواز نوجوان ٿر جو گجندڙ آواز هو.
ملاڻي پريوار جون پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريون ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن. ملاڻين آمريت جي ڪاري دؤر ۾ به ڪا سياسي قلابازي نه کاڌي. تمام ڏُکين حالتن ۾ هي پنهنجا گهرو بنگلا مسواڙن تي ڏيئي، ننڍڙن ڪمرن ۾ رهڻ لڳا. پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم کان محروم رکي ڇڏيائون. ميڊيڪل اسٽورن تي مزدوريون ڪندا رهيا، پر ڪنهن به پارٽيءَ جي آڇيل لولي پوپ لڏُو تي هرکجي بي وفا نه ٿيا. ٿرپارڪر کي پ پ جو قلعو بڻائڻ ۾ ملاڻي پريوار جو وڏو هٿ آھي. جيڪو هميشه ياد ڪيو ويندو. پارٽيءَ کي اهڙن سچن جيالن جو قدر ڪرڻ کپي. اهو هر ڪنهن کي ياد هوندو ته، ملڪ جي وزارتِ اعظما جي عهدي جي اميدوار شوڪت عزيز جي سامهون به ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي فارم ڀرايو هو ۽ هُن مٺي شهر جون سڀئي پولنگون وڏي مارجن تان کٽيون هيون. اهو هڪڙو تاريخي رڪارڊ آھي.
17 جولائي 1993ع جي اڀاڳي ڏينهن مٺيءَ جو هي مور ماڻهو پنهنجي ٻن دلي دوستن، فقير محمد لاشاريءَ ۽ اسماعيل اُڍيجو سان گڏ، شهيد راڻيءَ جي لانگ مارچ واري سڏ کي ورنائڻ لئه اسلام آباد وڃي رهيو هو. وچ رستي تي پنجاب جي ڳوٺ وٽ هن جي ڪار هڪ ٽرالر سان ٽڪرائجي ويئي، هي سخت زخمي ٿيو، ۽ سندس ٻئي دوست ٿڏي تي دم ڌڻي حوالي ڪري ويا. هن کي محترما بينظير ڀُٽو پنهنجي خرچ تي پمز اسپتال اسلام آباد کڻائي ويئي. جتي سندس چوڏھن ڏينهن علاج هليو، راجا پرويز اشرف هن جا روز حال احوال وٺندو هو. آخرڪار اڄوڪي ڏينهن يعني 31 جولاءَ 1993ع تي مٺيءَ جو هي مور ملڪ جي گادي واري شهر ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو. مٺيءَ جي شهر جي مانگ اُجڙي ويئي. چانڊوڪيءَ ۾ چُوڙا ٽُٽي پيا. ڪنڪو جو تلڪ ڪارو بڻجي ويو.
امر جڳديش ڪمار ملاڻيءَ جي المناڪ موت کان پوءِ ترت اليڪشن ٿي ان ۾ سندس ڀاءُ موتي رام ملاڻيءَ کي قومي اسيمبليءَ جي سيٽ جو ٽڪٽ مليو ۽ ھُو وڏي مارجن سان اها سيٽ کٽي آيو. موتي رام ملاڻي دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا هو. پنهنجي نجي ڪلنڪ هلائي پنهنجو ۽ پنهنجي پريوار جو پيٽ گُذر ڪندو هو. 2000ع ۾ ساڳي بيماري سبب دل ساٿ نه ڏنو ۽ ھُو ديهانت ڪري ويو. ان کانپوءِ ملاڻي خاندان جي سياست جون سموريون ذميواريون ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻيءَ جي ڪلهن تي اچي ويون، جنهن واقعي انهن ذميوارين کي هڪ ذميوار سياستدان وانگي مُڙس ماڻهو ٿي نڀايون آھن. هن نه رڳو پيپلز پارٽيءَ جي پت رکي آھي، پر ٿر جي ڏُُتڙيل عوام جي دلي خدمت به ڪئي آھي. هن هر متڀيد کان مٿاهين سياست ڪئي آھي. پيپلز پارٽي پاران 2008ع ۾ هن کي قومي اسيمبليءَ جي مخصوص سيٽ ڏني ويئي، ۽ 2013ع واري عام چونڊ ۾ هي پي ايس 62 مٺي تي ارباب نعمت الله ۽ ڍاٽ جي راڻي راڻا همير سنگهه جي سامهون بيٺو ۽ 3 هزار جي لڳ ڀڳ ليڊ سان کٽي هن خطي جي سياست ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. ٿرٿلو ته هن تڏھن به مچايو جڏھن 2018ع واري اليڪشن ۾ پ پ پ جي ٽڪٽ تي قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي ارباب ذڪالله جي سامهون بيٺو ۽ سواءِ لک ووٽ کڻي گهڻن کي چڪرائي وڌو. نه رڳو ايترو پر پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو پهريون غير مسلم شخص هو جيڪو گڏيل اليڪشن ۾ جنرل سيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو رڪن بڻيو. هن وقت ايم اين اي. ۽ پ پ جو ڊويزنل جنرل سيڪريٽري ميرپورخاص آھي.
امر جڳديش ڪمار ملاڻيءَ کي اولاد ۾ ٻه پُٽ ۽ هڪ نياڻي آھي. وڏو پُٽ ونود ڪمار ملاڻي پنهنجو بزنس سنڀالي ٿو ۽ ننڍو پُٽ شُشيل ملاڻي پنهنجي والد صاحب کان ورثي ۾ مليل سياست جي واڳ سنڀالي ٿو. سموري مٺيءَ جي ٻَڌي ڇوڙي هن وقت شُشيل ڪمار ملاڻيءَ جي هٿ هيٺ آھي. هن جو جهڙو نالو آھي تهڙو ئي هي گُڻن سان ڀريل آھي. عوام جي خدمت هن جو اولين منشور آھي.

ارباب امير حَسن

هُو جنهن جي مُڇن جا ونگ اڄ به ونگي پتڻ جي هر ماڻهوءَ جي من ۾ ”مُينهن ڪُنڍي پورُ“ جيان دل وراڪو ڏيئي ويٺل آهن. هن جي تيج روپي نگاهن ۽ سنگاروپي ادائن جا شاهد اُهي ترائي جا ترور آهن، جن جي ڇانءُ ۾ ويهي هُن ٻاروتڻ جا ٻالڪ روپي ڏينهن گذاريا هئا. هو جنهن جي هڪڙي جهلڪ پسڻ لاءِ جنتا ائين انتظار ڪندي هئي، جئين ڪو ڪو الستي عاشق پنهنجي محبوبا جي وصال لاءِ واجهائيندي ڪندو آهي. هو جنهن کي صحرا ٿر جا وڻ ۽ ڌڻ به وساري ناهن سگهيا. ان کي ڀلا اسين ڪئين ٿا وساري سگهون. ڪئين وساريون ان اڙٻنگ ۽ ارڏي انسان کي جنهن ڪارونجهر جيان ڪنڌ مٿي کڻي، وڏي فخر مان چيو هو ته، جيڪڏهن آئون گرفتار ٿي ويس ته سمجهو ٿر گرفتار ٿي ويو ۽ هن ڪڏهن به ٿر کي گرفتار ٿيڻ نه ڏنو. روپوشيءَ جي رولاڪين ۽ سياسي عتابن کي سِر تي سهندي به هن پنهنجي پرڻ کي پاڻي ڏنو. هُن ٿر کي پنهنجي لوئي ۽ لڄ برابر سمجهيو ٿي. هن هميشه نڪ کي تڪليفن کان مٿي رکيو. هن نه رڳو ناناڻڪو ننگ رکيو، پر پنهنجي ڇَتراڻي ماتا جي ٿڃ به ملهائي.
سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاھ ڪلھوڙي کي سياسي ڀيٽيون هڻندڙ، کيتلاري جي توڳاچاڻي ڪُل جي ڏيئي ارباب تاج محمد جي گهر 1938ع ۾ اک کوليندڙ اُن ارڏي انسان جو اسم گرامي آهي ارباب امير حسن....!! جهڙو سيبائتو نالو هو تهڙو ئي سندس مزاج موهيندڙ هو. منصفاڻي صلاحيت سان ڀرپور دماغ ۾ عقل الله سائين طرفان ائين اوتيل هو جئين ڀلوڙ وسڪاري ۾ ڀريا تُريا تلاءِ ۽ ترايون تار هونديون آهن. ٿُلهي ليکي چئجي ته هي چند انهن ماڻهن منجهان هڪ هو جن کي ڄمندي ڄام چئجي ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. کيتلاريءَ جي خوبصورت ڌرتي تي چندن جي وڻ جيان مهربانين جا ڏهلا ڏار پکيڙيندڙ هن مهربان ماڻهوءَ جي ڇتر ڇايا خطي جي غريب ماڻهن جو تحفظ هُئي. هُو ڀوميءَ جو ڀر جهلو هو. هُن جي اکين ۾ پنهنجي ۽ پرائي جي پرک هوندي هُئي .
تڏهوڪا ست درجا سنڌي فائنل پاس ارباب اميرحسن ٿر جو اهو بيدار مغز ماڻهو هيو، جنهن وٽ ٿر جي سؤ فيصد جنتا پنهنجا فيصلا کڻي ايندي هُئي. کيتلاري جهڙي خوبصورت ڳوٺ جو هي رند راوت مرد سياسي بصيرت ۾ ايترو ته ڀڙ هيو جو وقت جو ڪو به وڏيرو هن سان سينو ساهي نه سگهيو. تڏهوڪي ميرپورخاص ضلعي (ٿر، عمرڪوٽ ، سانگهڙ ، ميرپورخاص) جي سياسي ٽمورتي هئي، ارباب اميرحسن، خانصاحب عبدالڪريم پلي۽ راڻا چندرسنگهه. هنن مدبر سياستدانن کي ڀلا ڪير وساري سگهندو؟ راڄوڻي سياست جا هي ٽيئي رتن پنهنجو مٽ پاڻ هئا. 1971ع واري پاڪ ڀارت جنگ ۾ ارباب امير حسن ٿر جي هندوئن جي جان مال جي وڏي حفاظت ڪئي. هزارين ڳوٺ هند وڃڻ کان روڪي ورتا. انهن جي جان مال جي پاڻ هٿيار کڻي حفاظت ڪئي جنهن جا شاهد آروکي کان وٺي عالمسر تائين ڪيئي ڳوٺ آهن، جيڪي ارباب صاحب جي ڏڍ تي هڪ انچ به نه چُريا ۽ اڄ به پنهجن اباڻن اجهن ۾ قيام پذير آهن.
سياسي راند هن جي رت ۾ شامل هُئي. هُن سياست جي شروعات اباڻي تڪ کيتلاري تان ڪئي. ڀلا ڪنهن کي ياد نه هوندي اُها دلچسپ اليڪشن جنهن ۾ پ_ پ_پ پارٽي جي سيلاب سموري ملڪ ۾ وڏا وڏا جاگيردار بُت ڊاهي پٽ ڪيا هئا. 1973ع واري ان چونڊ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ٿرپارڪر جي سياسي آکاڙي ۾ پ_پ جي ميمبر جاگير جي جهوني راڻا چندر سنگهه کي لاٿو هو. هن سمورو ضلعو سوئيپ ڪيو، پر ترائي جي هن تخت ڌڻي کي لوڏي نه سگهيو. ان سيلاب ۾ واحد ارباب اميرحسن هو جيڪو پنهجي تڪ تان آزاد اليڪشن وڙهي ايم_ اين _ اي جي سيٽ تان سوڀارو ٿيو هو. ٿر جو هي مردم شناس مرد 1985ع ۽ 1988ع جي پ،پ پارٽي جي سونامي ۾ به سياست جو مها ساگر پار ڪري ٻئي ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو هو.
هو جيڪو ڪنهن وڏ ڀاڳي وينگس جي اڻ سمهويل وارن جهڙا مُنجهيل مامرا منٽن ۾ حل ڪرڻ جو ماهر هو. هُو جيڪو انصاف ۽ عدل تي اٽل هوندو هو. ارباب صاحب تي ڪڏهن به ڪنهن اهو الزام نه مڙهيو ته هن اسان سان ناانصافي ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هو اهڙي مهارت سان فيصلا ڪندو هو جو ناانصافي به انصاف لڳندي هئي. ارباب اميرحسن چند اُنهن مُدبر سياستدانن مان هڪ هو. جيڪي عوام وٽ ووٽ لاءِ نه ويندا هئا، پر عوام هنن وٽ ووٽ کڻي ايندي هئي. ٿر جي غيور عوام هُن جي ”چٺي“ تي چيو مڃيندي نياپي تي نڇاور ٿيندي هئي. جتي وڏن وڏن آمرن جا دهشت ڀريا داٻا به نه هلندا هئا، اتي ارباب صاحب جي چپٽي جيڏي چٺيءَ به ڪمال جو ڪم ڪري ڏيکاريندي هئي. هن سڄي عمر حق سچ تي هلندي پنهنجي دامن تي ڪوبه داغ لڳڻ نه ڏنو!َ
ارباب اميرحسن سموري حياتي ٿر جي لوئيءَ ۽ لڄ جي حفاظت ڪندي گذاري. مارئي جي ڀٽن جي وطن جو ڀرم رکندي هُن ڌرم کان ڪرم کي وڌيڪ سمجهيو.! هن وٽ ڪو به مذهبي متڀيد نه هو. جنرل ضياالحق 1977ع ۾ جڏهن شهيد ذوالفقارعلي ڀٽُي جي حڪومت جو تختو اونڌهو ڪري مجلس شوريٰ قائم ڪئي، تڏهن گهڻا تڻا سياستدان گهرن تائين محدود ٿي ويا، پر ٿر جو هي شير ان مجلس جو نه رڳو ميمبر ٿيو، پر ٿر جي عوام جي خُوب خدمت به ڪندو رهيو. مذهبي جنونيت ۾ مبتلا جنرل ضياالحق جي مجلس شوريٰ جو ميمبر هئڻ باوجود هن ٿر جي عوام ۾ ڪو به فرق نه سمجهيو هن هندو مُسلم هڪ ڪري ڄاڻيو ..!
1987ع واري رُوڙهو ڏڪار ۾ جڏهن نگران وزيراعظم محمد خان جوڻيجي ٿر ۾ ڌڙاڌڙ امداد ورهائڻ شروع ڪئي، تڏهن ٿر واسين دل سان آجيان ڪئي. هرڪو مفت جي مال تي ڌمال ڪندي محمد خان جي مدع سرائي ۾ پورو هو. اُن وقت فخر ٿر ارباب اميرحسن اُهو واحد اڳواڻ هو جنهن وڏي واڪي جوڻيجي صاحب کي جواب ڏيندي چيو ھو ته” جوڻيجا صاحب! ڏيڻو هجي ته مستقل روزگار ڏيو، ٿرين سان تِر جيتري به همدردي آهي ته انهن کي نوڪريون ڏيو. باقي منهنجي خود دار ٿر کي پنڻ تي نه هيرايو“ ارباب صاحب جي دُور انديشي ڪمال جي هئي. جوڻيجي صاحب روزگار ته نه ڏنو، پر پن تي اهڙو هيرايو جو ٿر اڄ صفا نڪمو ٿي پيو آھي. عالم آشڪار اڳيان فقير جو ڪشتو ٿي ويو آهي.
ارباب صاحب تمام وڏو اختر ضمير انسان هيو. سياست جا اهڙا گُر پيج ڄاڻيندو هو، جو ماڻهوءَ جو عقل دنگ ٿي ويندو هو. سندس سمي جا ساٿاري چون ٿاته، هڪڙي ڀيري اليڪشن جا ورڪ ڪندي هڪ ڳوٺ ۾ پهتا جتي پ پ جي ايڏي ته ڇاپ نظر آئي جو وڃي ٿيا ست خير، ارباب ڏٺو ته هتي هڪڙي ووٽ جو به آسرو ناهي. تڏهن پنهنجي دماغ سان اهڙي چال هلائي جو ٻڌي حيران ٿي ويا. ڇا ڪيو جو ڳوٺ جي پٽيل کي اوطاق مان ٻاهر ڪڍي چيائين ته ”ٻيلي پاڻ جا پيڙهياتا واسطا آهن ايتري هُج اسان جي به هلي ٿي. ووٽ ڀلي کڻي نه ڏيو، پر مهرباني ڪري پ پ جا جهنڊا لهرائي ڇڏيو. تون ڳوٺ جو چڱو خاصو ماڻهو آهين. ڳوٺ وارا تنهنجو ايترو چيو ضرور ڪندا ،، تڏهن ان پٽيل سمجهيو ته ڳالهه ۾ ڪجهه به ڪونه آهي. سو چيائين ته ارباب صاحب ڳالهه به ايتري ....
صبح جو نه ڏسندا جهنڊو ڪو. ارباب ساباش ڏيئي گاڏي ۾ چڙهيو. پويان پٽيل ڳوٺاڻن کي چيو ته جهنڊا لاهيو. ڳوٺاڻن ٺپ جواب ڏنو. ان تان پٽيل ڪاوڙيو ۽ ڳوٺ جا اڌو اڌ ووٽ ارباب کي مليا. جتي هڪ ووٽ جي اميد ڪونه هئي اتي اڌ ووٽ کنيا. ڇا ته دماغ جو کيل هو. نانگ به مئو لٺ به بچي.
ارباب امير حَسن صاحب جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اهو هو جو هُن ٿرپارڪر ضلعو قائم ڪرايو. مسڪين ٿرواسين کي معمولي ڪم لئه به ميرپور خاص جو پنڌ ڪرڻو پيو ٿي. اهو پنڌ مٺي تائين محدود ڪرائي وڏن ڪشالن کان بچائي ورتا. ٿريا اڄ به سندس ٿورا ڳائين ٿا، پر ڏُک ٿئي ٿو حُڪمرانن تي جن ضلعو قائم ڪندڙ جي نالي ٿر ۾ ڪا به شيءَ ناهي ڪئي. ڪو روڊ، ڪا اسڪول، ڪا سپتال، ڪا لائبريري سندس نالي قائم ڪري هن کي مڃتا ڏيڻ کپي. هينئر سندس فرزند به حُڪمران جمائت سان تعلق رکي ٿو سو اُن کي به هن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. ارباب صاحب اسان جو اثاثو آھي.
ٿر جو هي محبوب اڳواڻ پنهنجا عرش جهڙا رنگ هن ديس ۾ ڇڏي نيٺ هميشه لاءِ هليو ويو. رمضان شريف جي ڀلاري ميهني ۾ انگريزي تاريخ 15سيپٽمبر 2007ع تي ٿر کي اداس ڪري ويو. دعا آهي ته مالڪ جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي ۽ ان سان گڏ اِها اُميد ڪيون ٿا ته سندس لائق فرزند ارباب لطف الله سندس سِڪون لاهيندو.

ڀُورجي ”درٻار“

توڙي جو هاڻي نه درٻارون رهيون آھن نه ئي درٻار، برصغير مان انگريزن جي اوج به ويئي ته ميرن جي موج به ماضي ٿي ويئي. پر پوءِ به هن ڌرتيءَ تي ڪي اهڙا ڪُونڌر ۽ ڪُل رَتن ڌيرجوان درٻار هُئا جن جون پاڙون پاتال ۾ هيون. جن جون ڪورٽ ڪچهريون ۽ پنچائتون پڻ پنهنجون هُيون. جن جا راڄ ڀاڳ به پنهنجا هئا، سيمن جا دنگ ۽ ناموس جا ننگ به پنهنجا هئا. اُھي ڪنهن به حاڪم جي حُڪم جا محتاج نه هُئا. نه ڪنهن جابر اڳيان جُهڪيا نه ڪنهن مظلوم کي مارڻ ڏنائون. انهن جا پنهنجا حُڪم هلندا هُئا. هُئين ته سَمورن راجپوتن، سوڍن توڻي راٺوڙن کي ”درٻار“ ئي چوندا آھن، پر وَٽ واري ڪَس ۾ رڻ ڪنڌيءَ تي آباد هڪ ننڍڙي نگري، لاڪُوڙيءَ جو هي لعل ڀورجي ڀڳوئاڻي سوڍو مڙني کان مختلف ان ڪري هو، جو هُو ڪنهن به مِير يا پِير جي درٻار جو درٻاري نه هو. هُن کي اهو لقب اُن راڄ ڏنو هو جنهن جي رکوالي ڪندي هُن عمر ارپي ڇڏي.
جوانيءَ ۾ گهوڙي سُواري جو شوقين هُئڻ ڪري، جتي به ويندو هو پنهنجي سُرخاب گهوڙي تي سفر ڪندو هو. سدائين سلوار قميص واري لباس ۾ ملبوس هوندو هو. مٿي تي سنڌي ٽوپي اڪثر پائيندو هو. ڪڏھن ڪڏھن پَٽڪو به ٻڌندو هو. ڳائي گيهه ۾ نج نبار ماکي ملائي کائڻ هن سوڍي جي اميراڻي عادت ۾ شُمار هو. دارون کي دل سان واپرائيندڙ ڀورجي درٻار گوشت جو وڏو شوقين هو. وڏي آواز سان ڳالهائيندڙ، تنهائي پَسند ماڻھو هو. ”ايري گيري نٿو خيري“ سان هن جي ڪڏھن به نه پيئي. ڪنهن سان ملڻ وقت هٿ جون هميشه ٻه آڱريون ملائيندو هو. اهو ڪو وڙلي ماڻھو هوندا جن سان ڀُورجي مُڪمل هٿ ملايو هُجي يا ڀاڪر پائي مليو هُجي. هُن پنهنجي بادشاهي حيثيت هميشه برقرار رکي. سوين ايڪڙ بيراني زمين جو مالڪ هئڻ ڪري هن کي صرف مالڪ جي پرواھ هُئي. هُن ڪنهن اڳيان ڪڏھن جهُڪڻ نه سکيو. فيصلا به اهڙا هوندا ھُئا، جو وڃي ٿيا سَت خير. انصاف به اهڙو جو راڄ پيا رهاڻن ۾ تذڪرو ڪندا هئا. چوريءَ جا، چونئرن تي چڙھيل مَل ڀُورجي سوڍي لاهرائي ڏيکاريا هُئا. هڪڙي ڀيري سندس پنج ٻڪريون ڪير چوري ڪري ويو، چوري ثابت ٿيڻ تي چور کان پنجيتاليهه ٻَڪريون ڀَرائي ورتيون. لاڪوڙيءَ جي سيم مان ڪو لڪڙي (ڪاٺي) به وڍي نه سگهندو هو. شڪار ڪرڻ ۽ وڻ وڍڻ جي انتهائي خلاف هو. اهڙو فيصلو ٿر جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪنهن ڪيو هُجي. مجال آھي جو چور کي ٻيهر جرئت به ٿئي، جو هُو ڀُورجي جي بادشاهيءَ ۾ چوري وارو ڪم سرانجام ڏئي. سڄي ڄمار پنهنجي نرالي نوعيت واري ٺَٺِ باٺ ۾ گُذاري.
آخر ڪار مُختلف بيمارين جو شڪار ٿي سول اسپتال مٺيءَ جي مرداڻي وارڊ ۾ دل جي دوري پوڻ سبب هن دنيا کي الوداع ڪري ويو. هن جي وڇوڙي ۾ نه رڳو وَٽ وِنجهلي ٿي، پر سامروٽي به سُڏڪا ڀري ساري ٿي. ٽيپاري جي سُن کان وٺي لاڏڪيءَ واري لوهرٽي تائين سمورو ڏيهه هن سوڍي کي صدين تائين ساريندو رهندو.
پڇاڙڪن ڏينهن ۾ اڇي ٽويوٽا ۾ سفر ڪندو هو. جتي به شادي مُرادي يا فيصلي وغيره ۾ وڃڻ ٿيندو هو، تقريبن ڏينهوڙي واپس ورندو هو، پر جي رات ٽِڪي به رهيو ته، رات واري محفل سڀنيءَ کان الڳ اوطاري ۾ هوندي هُئي جتي هڪ ٻه مخصوص ماڻھن سان گڏ مئه نوشي ڪندو هو. ارباب عطاالله ، ارباب جبار ۽ ارباب سَتار جو نڪٽم سمٻنڌي هو. ان ڪري ٿر جي سياست تي به هن جو وڏو اثر هو. کيتلاري، لاڏڪي ارجڻ، ڊونڊيو، ناٿڙو ۽ ڪونئرل ۾ مِٽي مائٽي هُئڻ ڪري اڪثر ويندو رهندو هو. ڪٿي ڪنهن سان ڪا ڪونسل (صلاح مشورو) ڪندو هو ته، ماڻھوءَ کي ميڙ مان ٻاهر وٺي پرڀرو ڳالهه ٻولهه ڪندو هو، پر ايڏي وڏي آواز سان ڳالهائيندو هو جو اوطاري ۾ ويٺل سمورو ميڙ ڳجهه ڳوھ واري صلاح صفا سولي نموني سمجهي وٺندو هو. ماڻهو کي مُنهن تي چوڻ ڪڏھن به نه وساريو. پرپُٺ گلا ڪرڻ هن جي مزاج ۾ ئي نه هو. نواب کي به سچ مُنهن تي چئي ڏيندو هو.
هڪڙي ڀيري سندس ڳوٺ ۾ منهنجي به ٺيڪ ٺاڪ تيماداري ڪئي هيائين ته نشا ڪرين ٿو. مُنهنجي ماءُ جو سڳو ماسات هو. اُن حساب سان منهنجو مامو ٿيندو هو. هن جو چوڻ حق هو. مون هن جي ڳالهه دل ۾ نه ڪئي.
ڀُورجي درٻار ڳوٺ ٻانڌي جي ڏوهٽ راٺوڙن مان شادي ڪئي، اولاد ۾ کيس پنج پُٽ ۽ پنج نياڻيون آھن. پرٿوي راج سنگهه وڏو پُٽ آھي، رٽائرڊ ماستر آھي جيڪو ڳوٺ ڊونڊيو مان اگروجي ٻاڙميرا جي گهران پرڻيو آھي، لڇمڻ سنگهه به ماستر آھي. ڪَنڊارو مان پرڻيو آھي. وينجهراج سنگهه ڊونڊيو مان هٺوجي ٻاڙميرا جي گهران پرڻيو آھي. رام سنگهه جُهن مان شادي ڪئي ۽ ڪوجهراج سنگهه سڀني کان ننڍو آھي. سڀئي سَرڪاري ملازم آھن. تمام پيارا ۽ مُحبتي ماڻھو آھن. مهمان نوازيءَ ۾ ڀُورجي کان مٿڀرا آھن. مڇيءَ ماني وارا آھن.

ارباب نُور محمد راهمون

ٿرپارڪر جي طبعي ڀاڱي سامروٽيءَ جي اولهه واري ڪَس ۾ رڻ ڪنڌيءَ تي، راهومڪي بازار جي ڀر سان آباد ڳوٺ سينگالو ٿر جي سياست ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته، هي ڳوٺ ٿر جي وڏي ۾ وڏي برادري (آدمشماريءَ جي لحاظ سان) يعني راهمان برادريءَ جي پڳدار سردارن جو ڳوٺ آھي. اڄ کان هڪ صديءَ اڳ يعني 1924ع ڌاري هن ڳوٺ جي هڪ نيڪ مرد ميرخان راهمون جي گهر ۾ هڪڙو نُور محمد راهمون نالي نيڪ مرد ۽ عقل جو ٻاون وير ٻار پيدا ٿيو هو، جنهن راهمن جي راڄ ۾ پنهنجي سِر تي تاج پارائڻ وارو عظيم ڪم ائين ڪيو هو، جيئن ڪورو گهڙو پنهنجو پاڻ کي پاڻھي ڇانوَ ۾ رکرائيندو آھي. ڪوري گهڙي جهڙي شيتل ڪايا ۽ غريبن لئه ڇتر ڇايا هن کي مڙنيءَ کان مختلف ڪري بيهاريو. هُو هاريءَ کي هٿ ڏيڻ يا ڪنهن مزور سان ملڻ وقت انتهائي نوڙت سان جهڪي پوندو هو، پر ڪنهن وڏيري جي آڪڙ اڳيان جُهڪڻ هن جي مزاج ۾ ئي نه هو. غريبن سان ڪچهريون ڪرڻ ۽ اُنهن جي ڏُکن ۽ ڏاکڙن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ هن جو وڏو مشغلو هو. هُو مال ميڙيندڙ سياستدان نه هو. هُو عوام جي تڪليفن مٿان سڀ ڪجهه نڇاور ڪندڙ نامور نيتا هو. جنهن لاءِ جنتا اڄُ به اوڇنگارون ڏيئي روئي ٿي. هُو هيڻن جي همراهي ڪندي ڪڏھن به نه ٿَڪو. هُو اُنهن چند ماڻھن مان هڪ هو جيڪي پئدا ئي ان لاءِ ٿيندا آهن ته عوام جي خدمت ڪري سگهن.
نهڙين جي نامدار شخص ارباب الهجڙيو سان سياسي طور سڱ ڀرائي ڀيٽيون هڻندڙ هن وير بهادر جو تعلق ٻانڀڻيا راهمن جي گهريا نُک سان هو. هن مرد قلندر پنهنجي ابتدائي تعليم راهومڪي بازار مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ جو امتحان ممبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيو. مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ تُرت روينيو کاتي ۾ سرشتيدار واري ملازمت ملي ويئي. پنهنجي انوکي انداز سان ملازمت ڪندي، ساڳي کاتي ۾ ڊپارٽمينٽل امتحان ڏيئي اسسٽنٽ مختيارڪار واري عهدي تائين پهتو.
پنهنجي برادريءَ جي ماڻھن کي معمولي ڪم ڪار لاءِ به در در جا ڌڪا کائيندي ڏسي هن جي مومي دل ۾ ديا جو درياءَ اُٿلي پيو. اندر ۾ هڪ اُڻ تُڻ جاڳي پيئي ته، هنن ماروئڙن جي واهر ڪئين ڪجي؟ ٽَڪي جي ڪم ڪار لئه منهنجا لکن جا ماڻهو ٽَڪي جي ماڻھن اڳيان سڄو ڏينهن منٿون ۽ ايلاز ڪن پوءِ به ڪير ٻُڌڻ وارو ناهي. سڄي ٿر ۾ وڏو ووٽ بئنڪ رکندڙ منهنجا راهمان ننڌڻيڪا ٿي رُلي رهيا آھن. ڇا ڇاڇري کان وٺي سينگالي تائين ڪنهن جيجل جي ڪُک مان ڪو اهڙو راهمون ناهي ڄائو جيڪو سندس ڪُل جو ڪلياڻ ڪري. 1926ع کان وٺي 1953ع تائين يڪو منهنجا ماڻھو دربدر آھن. آئون هڪڙو سرڪاري ملازم هئڻ جي ناتي عوام جي خدمت صحيح طور سرانجام نه ڏيئي سگهندس. ان ڪري هن پنهنجي روزي روٽيءَ کي عوام تان قربان ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو. هُن پنهنجي ڇاتي ٺوڪي چيو ته، آئون اليڪشن وڙھندس. آئون پنهنجن راهمن جي رکوالي ڪندس.
چوڻ وارا هيئن به چون ٿا ته، هڪڙي ڀيري هي پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هو، ته تر جو ڪو وڏيرو ڪنهن اليگل ڪم تي صحيح ڪرائڻ لاءِ هن وٽ آيو. هن ايماندار آفيسر ان وڏيري کي تڙو کڙو جواب ڏيئي ڇڏيو ته، آئون صحيح ڪونه ڪندس. تڏھن اُن وڏيري وراڻيو ته تون اڄ صحيح نه ٿو ڪرين، سڀاڻي اليڪشن لڙندين ڇا؟ چون ٿا ته، نور محمد جو جواب هو، ها لڙندس ۽ کٽي به ڏيکاريندس. ان ڏينهن نور محمد نوڪري تان هٿ کڻي پنهنجي راڄ جي رکوالي ڪرڻ لئه چونڊ وڙھيو ۽ اهڙو وڙھيو جو صدين لئه سوڀارو ٿيو.
ارباب نور محمد جو سياسي ڪيريئر انتهائي شاندار ۽ جاندار رهيو آھي. ارباب صاحب ٽيهه سال سياست ۾ رھڻ ۽ ارباب اختيار هئڻ باوجود پنهنجو دامن داغدار ٿيڻ نه ڏنو. ٿر جي بهترين ليکڪ محترم عبدالخالق راهمون جي مضمون، ”ارباب نور محمد راهمون هڪ معتبر دانشور“ ۾ ڏنل بنيادي انگ اکر مطابق ارباب صاحب پهريون ڀيرو 54-1953ع ۾ اليڪشن لڙيو هو. سن 1953ع ۾ صوبائي سطح تي عام اليڪشن ٿي جنهن ۾ ارباب نور محمد راهمون ڇاڇرو جي صوبائي سيٽ تي ترائيءَ جي ارباب الهجڙيو نهڙيو سان مقابلو ڪري، شاندار سوڀ حاصل ڪئي ۽ حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو MLA چونڊجي آيو، هن چونڊ ۾ کاروڙي جي سيدن ارباب نور محمد جو وڏو ساٿ ڏنو.
1960-62ع ڌاري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چونڊ ٿي، ان ۾ ارباب نور محمد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر ٿيو. 1968ع ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ ڍاٽ جي راڻي راڻا چندر سنگهه سوڍو کي انتهائي ويجهو رهيو.
ڊسمبر 1970ع ۾ عام چونڊ ٿي، جنهن ۾ کيس پيپلز پارٽيءَ جي طرفان ڇاڇرو ۽ عمرڪوٽ تي مشتمل سيٽ جو ٽڪٽ مليو، پر اندر ابليس ۽ هلڪي دل جي هرجائي سياستدانن کائنس هٿ کڻايو ۽ خانصاحب عبدالڪريم پلي MPA چونڊجي آيو، ۽ غُلام حيدر شاھ کي شڪست ملي.
1970ع واري جنرل اليڪشن ۾ هن وڏو دوکو کاڌو. کيس دوکو ڏيڻ ۾ مقامي قيادت کان وڌيڪ ٻاهرين قوتن جو وڏو هٿ هو. ارباب نور محمد راهمون انهيءَ خال کي ڀرڻ لئه ارباب امير حسن سان ٺاھ ڪيو، ۽ راهمن ۽ نهڙين وچ ۾ اها ڳالهه طئي ٿي ته، ٻاهرين قوتن جو مقابلو گڏجي ڪنداسين. جيستائين اهي ٻئي برادريون گڏ هيون ۽ رجواڙن جا ڌڻي سندن ڌُر ٿيل هئا، تيستائين کين ڪوبه پُڙي نه پئي سگهيو. اهي ٻئي سُپر پاور ذاتيون پاڻ ۾ وڙھي وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿيون ۽ ريتن جي رکوالن سان پريت پُراڻي ڪيائون تنهن کان پوءِ ٿر جا ڪرتا ڌرتا ئي بدلجي ويا. ٿر جو سياسي ڍانچو ئي تبديل ٿي ويو. چِٺين جو قدر ماضيءَ جو قصو ٿي ويو. راڄُ ڀاڳ جي ڳالهه رکڻ وارا قدر ئي بدلجي ويا. جڏھن کان پَٽيوالين پويان پَٽيلن پت وڃائي ايمان وڪڻڻ شروع ڪيا تڏھن کان ٿر جي سياست جو موت اچي ويو آھي.
1977ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي طرفان کيس ننگر پارڪر جي سيٽ جو ٽڪٽ مليو. جتان هو بنان مقابلي ڪامياب ٿيو.
سن 1979ع ۾ ارباب نور محمد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر جو ميمبر چونڊجي آيو. 1983ع ۾ وري لوڪل باڊيز جي چونڊ ٿي جنهن ۾ کيس غلط مشورا ڏيئي تعلقه ڇاڇرو جي گڊڙو تڪ تان ضلع ڪائونسلر واري سيٽ تان بيهاريو ويو، جتي هن جو مقابلو سندس ئي برادريءَ جي محمد رحيم عرف ڦڳڙ راهمون سان ٿيو. اليڪشن ته ارباب نور محمد کٽي ويو، پر دلي طور خوشُ نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته سندس برادريءَ ۾ بغاوت جو عنصر اُڀري آيو. ڦڳڙ جي ڦيري راهمان برادريءَ ۾ وڏي ڦوٽ آندي، جيڪا اڃا تائين هلندي اچي. ٿر پارڪر جي وڏي ۾ وڏي برادريءَ ۾ ڦوٽ پوڻ جي ڪري ٿرپارڪر جي اليڪشن ٻاهرين قوتن لئه انتهائي دلچسپيءَ جو سبب رهي. 1983ع جي چونڊ ۾ ضلع ڪائونسل جون گهڻيون سيٽون ته ارباب اتحاد کٽي آيو هو، پر ڇاڇرو جي چئرمني مولوي شهاب الدين نهڙيو کٽي ويو، ننگر پارڪر واري چئرمني ارباب مخالف کوسا گروپ کٽي، ۽ مٺي واري چئرمني به ارباب مخالف گروپ کٽي ويو. هاڻي عقل جي تقاضا اها هُئي ته، راهمان ۽ نهڙيا ضلعي چئرمن لاءِ گڏيل اميدوار آڻين، ان ڪري ارباب نور محمد ضلعي چئرمن واري سيٽ لاءِ خواهشمند هو، پر ارباب غُلام رحيم به ساڳي سيٽ تي فارم ڀرائي ڇڏيو. ارباب امير حسن صاحب راڻا چندر سنگهه کي فون ڪري چيو ته، راڻا صاحب ارباب نور محمد کي توهان چئو ته ارباب غُلام رحيم جي حق ۾ هٿ کڻي. راڻا صاحب ارباب نور محمد کي ڪال ڪري چيائون ته راهمان نهڙيي کي چئرمن ٿيڻ جو شوق ٿيو آھي ڇڏ ته پورو ڪري. ارباب نور محمد مُرڪي وراڻيو بس راڻا صاحب ڳالهه به ايتري..اهڙي طرح 1983ع ۾ ارباب غلام رحيم ضلع چئرمن ٿيو.
21 آڪٽوبر 1983ع تي رات جو دل جي دوري پوڻ ڪري ٿر جو هي دور انديش دانشور، سمجهدار سياستدان ۽ مسڪينن جو مسيحا هميشه لاءِ موڪلائي ويو.

ارباب مقبول احمد راهمون

جهڙو سندس نالو هو تهڙو ئي عوام ۾ مشهور هو. هُن نه رڳو پنهنجي پيءُ نور محمد جو نڪُ رکيو، پر پنهنجي نالي جي به لڄُ رکيائين. تمام ننڍڙي وهيءَ ۾ برادريءَ جو وڏو بار ملڻ ڪري هُو انتهائي ذميوار شخص هو. هن کي ٻارنهن سالن جي ٻالڪ اوسٿا ۾ ”پڳ“ ٻَڌرائي راهمن جي راڄُ جي واڳ هٿن ۾ ڏني ويئي. ايڏي وڏي واڳ ملڻ جي ڪري ڪيئي ڇُڙواڳ ٿي ويندا آھن، پر هن وڏي ذميواري سان ان پڳ جي پت رکي پنهنجو ست قائم رکيو. 22 آڪٽوبر 1983ع تي ارباب نور محمد جي پرلوڪ پَڌارڻ کان پوءِ ارباب مقبول احمد کي راهمن جي ساڍا ارڙنهن نُکن تي مشتمل تمام وڏي برادريءَ جي پڳ ٻڌرائي ويئي هئي. ارباب مقبول پنهنجي حياتيءَ جا سمورا ڏينهن عوام جي خدمت جي نظر ڪري ڇڏيا.
هُو تمام سادگي پسند ماڻهو هو. غريبن سان گڏ کائڻ پيئڻ وارو هو. هُو انهن مڙني وڏيرن کان مختلف هو، جيڪي پاڻ کٽ تي ۽ عوام پَٽ تي ويهاري پنهنجي پر ۾ وڏا ماڻهو ٿيندا آھن. هي عوام سان گوڏو گڏي پَٽ تي ويهڻ وارو هو. عام ماڻھن سان گڏ ڪاڄن ۾ ساڳي ڇَني ۾ ساڳي طعام، ساڳي پليٽ ۾ کائڻ وارو هو. ڪا به وڏائي نه هئس، پر سندس نالو ايڏو وڏو مشهور هو جو ماڻهو هن جي درشن لئه اُتاولا هوندا هئا، جڏھن ماڻهن کي هن جو ديدار نصيب ٿيندو هو، ته ماڻهو دنگ رهجي ويندا هئا. هرڪو سوچڻ تي مجبور ٿيندو هو ته هيڏو وڏو ماڻهو جنهن جي حُڪم هيٺ لکين عوام آھي. اهو ايڏو سادو جو صفا عام ماڻهو لڳي ٿو. ماڻهن کي ڪهڙي ڪل ته مقبول جي اها ئي ته سادگي آھي جنهن کيس ايڏي وڏي پد تي پهچائي مڙني کان مٿي مقبوليت ڏني آھي. ارباب مقبول صاحب جو رويو عام ماڻهن سان تمام بهترين هوندو هو. بهترين رويو ۽ سادگي پسند هئڻ ڪري هرڪو ماڻهو مداع ٿي ويندو هو. هن جا فيصلا به راڄن ڀاڳن وارا هوندا هئا. پوليس پٽيليءَ کان پري ڀڄندو هو. عوام کي عوام ۾ ملائيندڙ ماڻهو هو. هن ويڙهايو ۽ راڄ ڪيو وارو نابين نظريو ڪڏھن به نه اپنايو. توڙي جو ٿر جي گڙنگ پٽيلن ۽ نام نهاد سياستدانن هن درويش دل اڳواڻ کي هر جڳهه استعمال ڪيو. مختلف هربا هلائي کيس ڪڏھن به اقتداري طور سوڀارو ٿيڻ نه ڏنو ويو، پر پوءِ به هي اقتداري وڏيرن کان هزارين ڀيرا مٿي مقبول ۽ مشهور هو. ماڻهو جتي اقتداري وڏيرن جي سامهون انهن جا حُڪم ٿُڏي ڇڏيندا هئا، اُتي ارباب مقبول جي، سگريٽ جي پاڪيٽ اندران نڪرندڙ پرچي تي لکيل ننڍڙي چِٺي تي لبيڪ چوندا هئا.
امير ماڻهن جي عاليشان دعوتن کي ٺُڪرائي غريبن جي کنڊُ خُشڪي ڀَت تي خوشيءَ سان ويندو هو. کيس ڪو چوندو هو ته سائين هي ڇا ڪيو؟ ڦلاڻي وڏيري جي وڏي دعوت ڇڏي هي خيرو کُٿل جي ڀَت تي پيا وڃو، ته مُرڪي وراڻيندو هو ”يار! جيڪو غريب جي محبت مان پياريل پاڻيءَ جي ڍُڪ مان سواد ملي ٿو سو امير جي پُلاءُ مان ڪٿي ملندو.“ هُن جي غريبن سان وڏي لڳندي هُئي. هُو غريبن جو صفا يار هو. هُن جي وڏن پيٽن وارن وڏيرن سان نه لڳندي هُئي. هُن جون ڪچهريون انهن عام ماڻھن سان هونديون هيون جيڪي ريٽن تي ويهي حيدر رند جو ڏورو ٻُڌي ڏيهه سان ٻٽيهه دليون جوڙيندا هئا، جن جي ٽُٽل کيسن ۾ ناس جي چپٽي، اولپمڪ سگريٽ، ننڍي آرسيءَ ۽ پنج روپئي وارو ڦُڻيو هوندو هو. جيڪي ڌرتيءَ جي پيار مان ڍاپيا نه ڍاپندا هئا. ڌرتيءَ جي ڌَراڙن ۽ وڇراڙن سان هيئن جي حُب مان حال احوال ڪندڙ هي سامروٽيءَ جو سرنگهو جي سائي وڻ جهڙو وجود رڳو راهمن جو رکوالو نه هو، پر خطي جي هر ماڻهوءَ جو خيال ڪندڙ هو. هُن پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي تر جي عوام ۾ ڪنهن سان به انياءِ ٿيڻ نه ڏنو.
هُو مار ماران ۽ ڀڃ ڊاھُ جي خلاف هوندو هو. هُو انتهائي امن پسند اڳواڻ هو. هُو هٿيارن جي پاسي نه هو. هُن کي ماڻھن جي هٿن ۾ گُل وڻندا هئا. هڪڙي ڀيري ڪنهن کيس هڪڙي دعوت ۾ بندوق جو تحفو ڏنو. تحفو واپس ڪندي مُرڪي چيائين”پُٽ! آئون ماري وڏيرن مان ناهيان. آئون بندوق کي ڇا ڪيان؟ آئون شڪارين جي سخت خلاف آھيان. آئون پکي ماريندو نه، پر پاليندو آھيان. آئون فطرت سان پيار ڪندڙ آھيان.“ اهو ٻُڌي ميزبان دنگ رهجي ويو. هڪڙي دعوت ۾ سندس برادريءَ جي هڪ ابوبڪر راهمون نالي شخص نو لکي گهوڙي جو تحفو ڏنو، جيڪو دلي خوشيءَ سان قبول ڪندي وراڻيائين”ها اها منهنجي ڪم جي شيءِ آھي“ گهوڙن ۽ گُلن جو شوقين هوندو هو. گهوڙيسواري ڪرڻ، سگريٽ پيئڻ، ۽ موسيقي ٻُڌڻ ارباب مقبول جو وڏو مشغلو هوندو هو.
1985ع، 1988ع، ۽ 1990ع، جون چونڊون هارائڻ ڪري هي اڳتي وري اليڪشن نه وڙھيو، پر هن جو اثر رسوخ خطي ۾ جيئن جو تئين رهيو. هُو جنهن کي سپورٽ ڪندو هو اهو سوڀارو ٿيندو هو. ارباب مقبول جو تمام وڏو ووٽ بئنڪ هو، پر ٿر جي پيٽيدار کيڏارين ۽ اندر ابليس سياستدانن جا گُر پيچ هن جي سمجهه ۾ ڪڏھن نه آيا، ان ڪري هي هڪ به اليڪشن نه کٽي سگهيو، پر پنهنجي مُحبتي مزاج جي ڪري لکين دليون کٽي ويو. دليون کٽڻ ڏاڍو ڏُکيو ڪم آھي. الئه ڪيترا سياستدان الئه ڪيتريون اليڪشنون کٽي به ڪا هڪ اڌ به دل نه کٽي سگهيا. هي نيت صاف سياستدان، راڄ ڀاڳ جو رکوالو جڏھن 22 سيپٽمبر 2014ع جو روشنين واري شهر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ويو هو تڏھن ڀٽن جي ديس مان اُٿيل ڪوڪون ڪراچيءَ جي ساحل ڪناري تائين پهچي اهو چئي رهيون هيون ته اڄ رڳو سينگالو ناهي سُڏڪيو پر راڄ يتيم ٿي ويا آھن. ٿر جي هن شھنشاھ سياستدان جو جسد خاڪي جڏھن سندس اباڻي ڳوٺ ڏي نيو پئي ويو تڏھن بدين کان وٺي سينگالي تائين مختلف شهرن ۾ روڊن جي پاسن تي قطارن ۾ ماڻھو گُلن جي ورکا ڪري پنهنجي هر دلعزيز اڳواڻ کي الوداع ڪري رهيا هئا. سينگالي کان وٺي شاھ حُسين قبرستان تائين هزارين ماڻهن جي هجوم ۾ آلين اکين ۽ سرد شوڪارن واري درد جي نيل درياءُ جون ڇوليون ڏسي هر دل چئي رهي هُئي ته، عوام جي دل ۾ رهڻ لئه اقتدار نه، پر اخلاق، پيار، پنهنجائپ، ۽ نوڙت کپي ٿي.

رام سنگهه سوڍو

هُو جيڪو ”پرين جي پاڇي“ جهڙي سُرنگي سنڌ جو اهو سڀاويڪ ڪردار آھي جنهن کي تاريخ پنهنجي ترازو ۾ لفظن جي لال ڦُلن سان توريندي، ”جيها جي تيها مون مارو مڃيا“ واري سٽ جي مترادف مهانتا ڏيندي رهندي. هُو هميشه هن وطن جي من ۾ هڪڙي اهڙي ڳوڙھي ڳالهه بڻجي رهجي ويندو جنهن جي سار سدائين سينو سيڪندي رهندي. هُو جنهن جي سڀاويڪ سونهن تي سامروٽي اڄ به مَرڪ ڪري ٿي. هُو سامروٽيءَ جو نڪُ ۽ ڍَڪ هو. ھُن جي پٽڪي جي وڙيءَ جو هر وڙ ماڻھن جي دلين ۾ ونگي وار وانگي وراڪو ڏيئي ويٺل آهي. هن جي تريٽي جي طور جتي انوکي ۽ الڳ آھي اُتي هُجومن ۾ هلڻ واري ٽنڊيلي ٽور به ڪنهن مور جي مينهن وسندي مٽڪو جي مترادف آھي. سدائين شيرواني ۾ سُونهندڙ هُن جي ماڻينگر مهانڊي تي مُڇن جا ونگ هُن جي جونجهارڪي جُنگ هجڻ جي هام ڀرن ٿا. هُو جنهن جي نيڻن جا نقش پسي نه رڳو مالديو سوڍن جي مهانڊن تي سرهائي جي تبسم تري ٿي، پر هن سموري صحرا جي سوڍاڻ هُن جي چهري جي چتر ريکائن جو درشن ڪندي مهڪي ۽ ٻهڪي پوي ٿي. هُو جيڪو آروکيءَ جي نامور نگريءَ جي نيڪ مرد پرٿويراج سنگهه جي پريوار جي پرتيشالي پُرش راڻسنگهه سوڍي جي اڱڻ ۾ اک کوليندڙ اهو ٻاون وير ٻالڪ آھي جنهن پنهنجي نيمي جو نانءُ ملڪن ۾ مشھور ڪيو آھي. هُو جيڪو راڄنيتيءَ جو راڻو آھي. جيڪو پنهنجي پراُپڪاري پيءُ جي پيڙھياتي پَت رکڻ وارو ست نڀائيندي نه رڳو سياست ۾ سوڀارو ٿيو آھي، پر سماجيات ۾ به سڀني کان سُرخرو رهيو آھي. هُن جي ڌيرجوان ديهي جو ڏونگر ڪڏھن به جهڪو ناهي ٿيو. هُو ٻُڍاپي ۾ هوندي به ڪنهن صحتمند ٻار وانگي هر وقت چُست ۽ چؤبند رهي ٿو. هُو جنهن جي نوڙت ڀري نهار تي ٻلهار ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. هُن جي ناز نظر ۾ ڪنهن ٻوگهلي ٻار جي اهڙي ننڍاکي مُرڪ جهلڪي ٿي جنهن کي پسي ماڻهو جا صدين جا ٿڪ لهيو وڃن. هن جي پاسي ۾ گهڙي پل گُذارڻ سان ڪيئي ڏُکندا ڏور ٿيو وڃن. هُو جنهن جي ٻاٻهيئي جي ٻاٻيس جهڙي ٻُوليءَ ۾ جيجل جي لولي جهڙو ٻاجهه سمايل آھي. هُن جي شيرين زبان مان نڪتل گياني گُفتن کي ٻُڌي ماڻھو هن جي سحر ۾ جڪڙجيو وڃي. هن جي شيتل پون ۽ سفيد گگن جهڙي شفاف مهانڊي جي گُل تي مون ڪاوڙ جو ڦُل ڪڏھن به نه ڏٺو. هُو انتهائي وڏو ماڻھو هوندي به ننڍو ٿي ھلڻ وارو انوکو هُنر خوب ڄاڻي ٿو. ان هٿيڪي هُنر سان هُو ماڻھن جون دليون کٽي ٿو. هُو اهو باعقل ۽ باضمير مرد آھي جيڪو ويري کي به وس ۾ ڪرڻ واري وٿ به وڏي وس ڄاڻي ٿو. ھُو ڄاڻي ٿو ته دُشمن کي دفع نه، پر فتح ڪيو ويندو آھي.
رام سنگهه سوڍي صاحب جي وڏي ۽ شاندار سُڃاڻپ آھي سماج سُڌارڪ. هُو سياستدان کان وڌيڪ سماج جو نبض شناس معالج آھي جيڪو معاشري ۾ ڦھليل هر مرض کي نه رڳو سُڃاڻي ٿو، پر ان جو علاج ڪرڻ به ڄاڻي ٿو. هُن جي ٻي ۽ اهم سُڃاڻپ آھي نشن جي نون کان به نفرت ڪرڻ. هُو چاهي ها ته دنيا جو هر نشو حاصل ڪري ٿي سگهيو پر هن ائين ڪيو. هن سماج کي نشن کان بچائڻ خاطر ”نشن جا نقصان“ لکڻ کان پهرين هن پنهنجي ۽ پنهنجي پريوار جي اصلاح ڪرڻ ضروري سمجهي. هُن هر مسئلي کي حل ڪرڻ لئه سماج کان پهرين پنهنجي گهر کان شروعات ڪري گهڻن کي ڏندين آڱريون ڏيئي ڇڏيون هيون. هُن کي انهن هزارين نياڻين جي پاڪيزه هٿن جي دعائن جا درجا مليل آھن جن کي ريتن جي ٻارڻ ۾ ٻرڻ ۽ پيءُ جي گهر وار چاندي ڪرڻ واري روايت کان بچائي ورتيون. هن هزارين پريشان پيئرن ۽ ڀائرن جي ڪُلهن تان نياڻڪو بار لاهڻ لئه آسان ۽ سولا گهيڙ ۽ گنس هموار ڪيا. سڱاوتيءَ واري هن اهم مسئلي جي حل جي شروعات به پنهنجي گهر کان ڪئي. آئون کيس سلام ڪيان ٿو!
مهمان نوازي ۾ به سوڍي صاحب جي پريوار جي پرمپارڪ سڀيتا جي شاندار تاريخ رهي آھي. جنهن جي خوبصورت تصوير هن وطن جي جهونن جي صدري ساھتيه ۾ جئين جو تئين اڄ به آويزان آھي. راوي روايت ٿا ڪن ته آڳاٽي ايام ۾ پرٿوي راج سنگهه سوڍو آروکي ۽ پرتاب سنگهه سوڍو پاٻوهر جي دوستيءَ جي ڌاڪ ۽ هاڪ هوندي هُئي. هڪ دفعي جي ڳالهه آھي ته پرتاب سنگهه سوڍي جي پُٽ جڳمال سنگهه جي ڄڃ ڪڇ ڀڃ ڏي وڃڻ جي تياري ۾ هُئي. پنڌ ڊگهو هجڻ ڪري وچ سفر ۾ مانيءَ جو مسئلو هو. نه مواصلاتي نظام هو. اهڙي دؤر ۾ ڀلا ڄڃ کي ماني ڪير کارائيندو؟ پر ان دؤر ۾ به ڪي مرد مجاهد هئا.اڳي راجپوتي روايتن ۾ پُٽ جي ڄڃ ۾ پيءُ نه ويندو هو. ان ڪري پرتاب سنگهه پنهنجي ڀائٽي کي هدايت ڪئي ته ڄڃ جڏھن آروکيءَ جي اجهور ۾ وڃي تڏھن مڱڻهار کي چئج ته ڌھل تي دُوهو ڏئي. جيڪڏھن پرٿويراج سنگهه ڳوٺ ۾ هوندو ته ڄڃ جي مهماني ڪندو. چوڻ وارا چون ٿا ته، ڄڃ آروکيءَ جي ڏھر ۾ پهتي ڌھلاريءَ ڌھل تي ڏونڪو ڏيئي دوهي ۾ عرض ڪيو اي سخي ڏاتار سوڍا! اسين تنهنجي گواڙي ۾ پهتا آھيون ڄڃ جو سفر ڊگهو آھي اسان جو آجيڪار ڪيو! اهڙي آواز جو پڙاءُ جڏھن پرٿوي راج جي ڪن تي پيو. سوڍي يڪ ساهي ڊوڙي وڃي ڄڃ جي اڳ جهلي. گهوٽ واري گهوڙي جي واڳ جهلي پنهنجي اوطاري ڏانهن ڪاهيندي چيو سڄي ڄڃ کي ڪير سمجهائيندو؟ گهوٽ جي پويان پاڻھي سڀ ايندا. سوڍي پرٿوي راج سنگهه کي سلام آھي جنهن بنان ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي سموري ڄڃ کي ماني کارائي. اهڙو هو رام سنگهه سوڍي جو پريوار...!
هُو جيڪو سياست جي سينوريل ڍنڍ ۾ بيٺل هوندي به هميشه نيل ڪنول جيان نيارو رهيو هو. هُن کي پاپ جو پاڻي سُپرش نه ڪري سگهيو. هُن جو ٻگلي جهڙو اڇو اجرو ڪيريئر ڪاجل جهڙي هر ڪلنڪ کان پاڪيزه ۽ پري رهيو. هُن سياست به اصولن تي ڪئي.جهموري ويڙھ جا جهونا گُر به ڪو هن سماجوادي سوڍي کان سکي، جنهن سياسي توڻي سماجي حوالي سان ڪڏھن به ڪنهن جي دل نه رنجائي. هر ڪنهن جو آدر ڪرڻ هن جي آدرشي گڻن ۾ شامل رهيو آھي. رامسنگهه سوڍو لئي مان لَٺ ڀڃي سياست ۾ ناهي آيو ۽ نه ئي وري ادب کي اڪ جي ماکي سمجهي ان ۾ پير پاتو آھي. هُو باقائده اديب آھي ۽ بنيادي طور ست پيڙھين کان سياستدان آھي! سندس پڙ ڏاڏو پرٿويراج سنگهه انگريز جي دؤر ۾ معافيدار، پوليٽيڪل پينشنبردار ۽ ڪمشنر جا درٻاري هئا. سندس ڏاڏو سميڙ سنگهه به معافيدار ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جا ميمبر هئا. سندس والد صاحب راڻسنگهه سوڍو 1960ع ۾ لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ بيٺا ۽ بنان مقابلي يونين ڪائونسل جا ميمبر ٿيا. ڏيپلو ٽائون ڪاميٽي منظور ٿيڻ کانپوءِ هميشه يونين ڪائونسل ويڙهيجهپ ۽ پوءِ يونين ڪائونسل آروکيءَ جا بنان مقابلي چئرمين ٿيندا رهيا. هاڻ توهان اندازو لڳايو ته سياست ڪرڻ سوڍي لئه ڏائي هت جو کيل هو. ڇاڪاڻ ته سياست هن جي رت ۾ شامل هئي ۽ سوڍي صاحب اها شاندار سياست ڪري به ڏيکاري. پاڻ پهريون ڀيرو سن 1985ع ۾ ايم پي اي جي سيٽ تي اليڪشن وڙھيو ۽ سوڀارو ٿي سنڌ اسيمبلي ۾ ٿر جو آواز بنجي گونجيو. نه رڳو ايترو پر سُتت ئي صوبائي صلاحڪار به ٿيو. آخرڪار ضلع نائب ناظم ٿي سياست کي خيرآباد چوڻ سان گڏ هن خطي کي به الوداع ڪري ويو...! الئه ڇو…؟ اهو سوال هر اهل دل ماڻھوءَ جي ذھن کي جنجهوڙي ٿو. الئه ڪنهن ڪم ظرف جي ويڻ وڍيو يا ڪنهن سيڻ ستايو پر هُو ماٺ ۾ هليو ويو. منهنجي سمجهه مطابق هن کي سندس لخط جگر جي ارٿي رک اسان کان ڏُور ڪيو آھي جيڪو ڀڄ جي ڀوڪنپ ۾ اُتي جي سرزمين جي لحد ۾ لهي ويو هو. پُٽ جي اڪيلائي پيءُ کان مٿي ٻيو ڀلا ڪير ٿو سمجهي سگهي. سوڍي جي پرار پڌارڻ تي ڀلي کڻي ڪنهن تي ڪو فرق نه پيو هجي پر مون جهڙن هزارين مسڪينن جي اُميدن جا لاشا نا اُميديءَ جي لهرن ۾ لُڙھي ويا. سوڍو صاحب هتي هجي ها ته مون جهڙا پٽيوالي جي لئه دردر جا ڌڪا نه کائين ها. سوڍا صاحب اوهان جي وڃڻ کانپوءِ ڀلي ڪنهن تي ڪو فرق نه پيو هجي پر بقول شاعر:
تجهه سي بڇڙ ڪر فرق صرف اتنا هوئا
تيرا گيا ڪڇ نهين ميرا رها ڪڇ نهين

سوڍي صاحب جو تازو شايع ٿيل ڪتاب” ڳالهيون ويچارڻ جهڙيون“ واقعي ڪمال جو ڪتاب آھي! هن ڪتاب جو نالو جيڪڏھن رامسنگهاڻي رهاڻ رکيو وڃي ها ته تمام بهتر هو. ارباب نيڪ محمد صاحب جي ليک جو عنوان اهو آھي. هن ڪتاب پڙھڻ سان ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ رامسنگهه صاحب سان روبرو رهاڻ ٿي رهي آھي. هي ڪتاب محظ هڪ ڪتاب ناهي، هي ڪتاب رڳو گياني گفتا به ناهن پر هي ڪتاب ”سماج جو سميڌان“ آھي. ڪانسٽيٽيوشن آف سوسائٽي. سوڍي صاحب جي منفرد اسلوب بيان سان سجايل سادڙي ٻوليءَ ۾ تجسُس ڀريو هي ڪتاب سماج جي سُڌاري لئه هڪ نئين راھ هموار ڪندو. توهان هي دوهو ته ضرور ٻُڌو هوندو ته:
پر ڌن پٿر ڪر جانئي پر ناري ماتا سمان
اتني تجئي پرڀُو نه ملي تڇلي داس ضمان
سو آئون به اڄ ڇاتي ٺوڪي دعوا سان چوان ٿو ته هي ڪتاب غور سان پڙھي ۽ ان تي تهه دل سان سوچڻ کانپوءِ ڪير نه سُڌري ته ان ۾ آئون ضامن آھيان.
سنڌڙيءَ جي هن سدا ملوڪ سوڍي جي هشاش بشاش حياتيءَ جي هماليه کي ڪن دلدوز حادثن ۽ واقعن جي واءُ به لوڏيو ۽ ڌوڏيو آھي پر هي اٽل آدمي ڪڏھن به دلشڪستو نه ٿيو. هماليه جيڏي حوصلي سان جيئندڙ هن مهان ماڻھوءَ جي شاندار ۽ جاندار زندگيءَ کي سوانح عمر جي سانچي ۾ فٽ ڪري ڪو ڪتاب يا ليک لکڻ سمنڊُ کي ڪوزي ۾ سمائڻ جيترو ڪٺن آھي. تنهن هوندي به جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان مطابق هي لفظن جي لوئي ڀيٽ ڪئي اٿم..شال ساب پوي...!

سنڀو هميراڻي

هُو جنهن جو جنم اُن قبيلي ۾ ٿيو هو، جيڪو چم مان چاکڙيون ٺاهي، مٿن چاندي مڙهي ”ڏات نه آهي ذات تي“ وارو ثبوت صدين کان ڏيندو اچي. جنهن قبيلي شاندار سماجي اسٽيٽس حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به ” سُمهي سُک نه ماڻيو“ اُن قبيلي جي هڪ غريب فرد گورڌن داس ميگهواڙ جي گهر ۾ تاريخ 5 فيبروري 1948ع تي اک کولندڙ سنڀو مل هميراڻي ٿر وطن جي ڏتڙيل ڏوٿين لاءِ ڏڍ هو. گورڌن داس جي گود ۾ گُد ڏيئي وڏو ٿيل ۽ هميراڻي ڍاڻي ۽ گوڙهيار جي گسن تي هلندڙ سنڀو مل هميراڻي شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. غربت جا گهاو سِر تي سَهندي، پيٽ تي پٿر رکي به هن اعليٰ تعليم اعليٰ درجي ۾ پاس ڪئي. مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جهڙي علمي اداري مان بي اي، ايم اي ۽ بي ايڊ پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪئي. پرائمري ماستر جهڙي پيغمبري پيشي سان وابسته هئڻ ڪري هن سموري حياتي علم ۽ شعور جا ڏئيا ٻاريا. هن جي ماٺيڻي اندر ۾ ستل ڪلاڪار تڏهن آرس موڙي اٿيو جڏهن هن ڦوڳن جهڙي ڦوھ جواني ۾ پير پاتو، وطن جي واريءَ سان محبت ڪندي هن ڌرتي جي ڌڻن ۽ وڻن کان وٺي املهه ڪردارن تي قلم کنيو، هن 1968ع ۾ مارئيءَ جي جنم ڀومي ڀيل واءِ (هاڻوڪو ڀالوا) ۾ لڳندڙ پهرين مارئي ميلي تي حياتيءَ ۾ پهريون ليک لکيو هو، حُب الوطنيءَ جي عظيم ڪردار مارئيءَ تي مقالو. 12 فيبروري 1969ع تي هزارين ماڻهن جي هجوم ۾ رنگ منچ تان پڙهيل اهو مقالو ايترو ته عوام الناس کي وڻيو جو گچ دير تائين عوام دلي داد ڏيندي تاڙين جي گڙگڙهاٽ ڪندي رهي، اتي موجود انتظاميه کي به مقالي موهي وڌو ۽ سنڀو مل هميراڻي کي موٽ ۾ مارئي ميلا ڪميٽيءَ جو مستقل ميمبر ڪيو ويو. حب الوطنيءَ تي اهڙو حسين مقالو فقط اهو ئي لکي سگهي ٿو، جنهن جو روح هن ريگستاني خطي جي خمير ۾ پيوند ٿيل هوندو، جنهن کي ٿوهر جي ٿڪاوٽ کان وٺي مورن جي مامتا تائين جو فلسفو چڱي ريت سمجهه ۾ ايندو. جنهن کي سرتي جي الماس اکين کان وڌ هرڻن جا نيڻ وڻندا آهن. سنڀومل هميراڻي ۾ مذڪوره سڀئي گڻ سمايل هئا، هو ساڏوهين جي سيڙڪن پيروئن کي پيار مان چونڊي ساجن گهر سوکڙيون اماڻڻ ۾ وڏو سڪون ڀائيندو هو، مکڻيءَ ۽ مانڌاڻي جي اهميت کان چڱي ريت واقف هو. هو مٽي هاڻن ماروئڙن ڪارڙن ڪولهين سان ائين پيار ڪندو هو جيئن پينجولو ڄار سان ڪندو آهي. هُو ملير جي مسڪين ماڻهن سان ڳنڍير جئين ڳنڍيل هو، هن کي ڏونئرا کائيندڙ ڏوٿين مان مارو پٿر جهڙي مهڪ ايندي هئي، هو مڪمل آرٽسٽڪ مزاج جو مالڪ هو. هو ڏهرن ۾ ٻرندڙ ڏئين جي سهائي جي سحر ۾ گم ٿي گونا گون شعر سرجيندو هو. هُو چونئرن مٿان اُڀريل چَنڊ ڏسي ٿر جي ٿڌن ريٽن تي ڏانڊيي رمندو هو. چانڊوڪين ۾ پنڌ ڪندڙ ڪامڻين جي ساٿ جهڙن شيخ اياز جي شعرن کي ترنم ۾ جهونگاري فطرت سان هم ڪلام ٿيندو هو.
شاعراڻي طبيعت جي مالڪ سنڀو مل هميراڻي جون شعوري اکيون تڏهن کليون جڏهن هڪ مندر ۾ هن کي برهمڻ پنهنجي ڪوڙي انا خاطر اڪ جي پڙي ۾ پاڻي پياري انسانيت سوز اوچ نيچ جو جئيرو جاڳندو مثال پيش ڪيو، سنڀو مل جي سانتيڪي اندر ۾ طوفان اٿي پيو، ڀڳوان جي مک مان پيدا ٿيندڙ طبقي جي ڍونگي پوڄا ۽ کوٽي نيت خلاف نفرت هن جي اکين مان آگ بڻجي برسي پئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هن ڀڳوان جي ٻانهن مان پيدا ٿيندڙن کي به بخش نه ڪيو. هن هر فورم تان، هر رنگ منچ تي، هر انسان کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڏينهن رات ڪوشس ڪئي ته اسين به انسان آهيون! اسان کي به ان خدا خلقيا آهن، جنهن هي سارو جهان زمين آسمان پيدا ڪيا آهن، اسان کي به اُڃ ۽ بک ساڳي ريت ستائي ٿي. اسين به محبت جي مچ ۾ پتنگ ٿي پچڻ ڄاڻون ٿا،
1970ع ۾ باقاعده ادبي دنيا ۾ پير پائيندڙ سنڀو مل هميراڻي، طبقاتي نظام واري نام نهاد نظريي جو شڪار دلت جاتي جي پيڙهيل طبقي جو هڪ آواز هو. اهڙو آواز جنهن جي گونج صدين تائين صحرا جي سرزمين تي گوجندي رهندي، جنهن جا پڙاڏا ايندڙ نسلن لاءِ راھ هموار ڪندا، سنڀومل هڪ جدوجهد جو نانءُ هو. جنهن هن دنيا ۾ جنم وٺڻ کان وٺي لحد ۾ لهڻ تائين سموري زندگي پيڙھيل ماڻهن جي حقن جي حاصلات لئه پاڻ پتوڙيو. هن اهو نه ٿي چاهيو ته منهنجي هنر مند قبيلي جا ٿوهر منڌي جهڙا هٿ سدائين ٻين اڳيان ٽنگيل هجن، هن اهو به نٿي چاهيو ته منهنجي پورهيت طبقي جا معصوم ٻار ڪنهن درٻار جي دئار ٻاهران اوبر جي آسري ۾ ويهي خدا جي حسين نعمت زندگيءَ کي زحمت سمجهن، سنڀو مل جي دشتي دل اهو قطعي نه ٿي چاهيو ته هن جو ايندڙنسل ڪنهن بيتاج خاقان جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لئه سڄي حياتي ان جا بدنا ڀريندو رهي. هن نٿي چاهيو ته هن پرک پکيڻي دنيا جي نابين سماج ۾ هن جو مسقبل ڪنهن تونگر جي تڏي تي کٽ بدران پٽ تي ويهي پنهنجي مقدر کي ميارون ڏي. هن دنيا جو هر درد پنهنجي سر تي سهڻ قبول ڪيو، پر دراوڙن جي مستقبل تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو. هُو ڌرتيءَ جي اصلي وارثن لئه ساھ جي هچڪي تائين لُڪن ۽ جهولن ۾ لَڪن تي لڙندڙ رهيو، هُو منو جي منحوس سسٽم واري طبقاتي نظام ۾ توازن پيدا ڪرڻ خاطر برصغير جي صوفي ڀڳت ڪبير جو فلسفو سمجهائڻ لڳو ته ڪو به اعلي ناهي، ڪو به ادنيٰ ناهي، هر ماڻهو پنهنجي ڪردار، سچائي، ۽ اخلاق جي ڪري اتم ۽ نيچ ٿئي ٿو، سنڀومل ڀٽائيءَ جي ڀيد جو به پرچارڪ هو. هُو ته محبت ڪندڙ ماڻهو هو. هڪ شاعر هو. هُو فقط انهن ماڻهن لاءِ اک جو ڪٽر هو، جن دراوڙن جي حقن تي ڌاڙا هڻي، انهن کي هر طرح نيچ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي. جن جي نيت ۾ کوٽ هئي، جيڪي اندر ۾ ابليس هئا. هُو رڳو انهن سان نظرياتي طور نٿي ٺهيو، جن جي سفاڪ دلين ۾ سماج واڌي جو نانءُ به نه هو، جن اهو نٿي چاهيو ته ڪنهن ”چاگلي“ يا ”ٺاڪري“ جو پٽ وزير يا مشير ٿي سگھي، اهڙن ماڻهن جي منفي سوچ جي خلاف هن پر عزم جدوجهد ڪئي. هن قلم مان تلوار وارو ڪم ورتو. غريب ۽ پيڙھيل ماڻهوءَ جو دٻيل ۽ هيسايل آواز ايوانن تائين پهچائڻ لئه هن صحافت جو سهارو ورتو، ٿر جي مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ سان انتهائي ويجهڙائپ هئڻ جي ڪري هُو صحافت ۾ تمام گهڻو اڳڀرو ٿيو. ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جي ادارت هيٺ نڪرندڙ تڏهوڪين مشهور هفتيوار اخبارن ”سچائيءَ ۽ بيداري“ جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سچائيءَ ۽ بيداريءَ جي پليٽ فارم تان هن ٿر جي عوام جو آواز ڀرپور نموني اٿاريو.
سنڀو مل صحافت سان گڏ ادبي سفر به جاري و ساري رکيو، هن ادب جي هر اسٽيج تان علمي آبياري ڪئي، هن حياتيءَ ۾ تقريبا 400 کان مٿي مضمون مقالا، خاڪا ۽ شعر لکيا. سندس ادبي سمي جا ساٿاري هئا، سنڌي ادبي آڪاش جا جرڪندڙ ستارا تاج جويو، خاڪي جويو، راشد مورائي، نور احمد جنجهي، واجد ڀارو امراڻي ۽ گل گوماڻي چوندا آهن، ته جهڙي صحبت تهڙو اثر، سو اهڙن ادبي ماڻهن جي سنگت جي اثر هيٺ نثر و نظم لکندي هن سموري حياتي نظم و ضبط سان گذاري. هن لکڻ ۽ پڙهڻ کي باقاعده حياتيءَ جو حصو بڻائي ڇڏيو .
سنڀو مل جي لکڻين ۾ ڌرتيءَ جي ڌڻين جي درد جو عنصر چٽي طرح موجود آهي. هن جي بي ربط لکڻين ۾ ڏيهه واسين جا ڏکڙا ڌونئري ڏينهن جيان پاڻ پسائن ٿا، ڇاڪاڻ ته هن اهي لکڻيون ايئرڪنڊيشنر ۾ ويهي ناهن لکيون ۽ نه ئي وري ڪنهن شارپنر پين سان آرٽ پيپر تي لکيون آهن، هن ته بڊي جي بيرحم ڪاڙهن ۾ ڦٿڪندي ٽٽل نب واري ايگل پين سان اڌ ڦاٽل پنن تي وٿاڻن ۾ ويهي لکيون آهن. هن ڪنهن حسينا جي صراحي دار ڳچيءَ ۾ ٻانهون هار ڪري ان جي سينگار تي ناهي لکيو ۽ نه ئي وري ڪنهن سفلا مزاج سياستدان جي چاپلوسي ڪندي اُن جي اوطاق جي چائنٺ چمي هئي. هن لکيو هو پنهنجي وطن جي واريءَ تي ۽ واريءَ جي واٽن تي بکايل مائرن جي ڏکايل ٻارن تي، هن لکيو هو ٿر سان ٿيندڙ هر ظلم تي، هن جي لوڪ رنگ جهڙين لکڻين ۾ ٿر جي سمورين پيڙائن جون پيرائون موجود آهن. سنڀو مل هميراڻيءَ جي لکڻين ۾ سنٿالن جو سُور به آهي، ته ڪارڙين ڪولهڻين جا ڪرب به آهن، هن جي لکڻين ۾ لاڙ ڏي لڏي ويندڙ ڀيلن جي بي ڌڻي ڀونگن جو درد به آهي ته پورهيت ميگهواڙن جي معصوم ٻچن جي اکين ۾ ترورا بڻجي ترندڙ بي رحم بک جو اندر اڌ ڪندڙ احساس به آهي. هن جي لکڻين ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ جنت جهڙا جلوا ڏيندڙ خوبصورت تشبيه جهڙي تشريع به آهي ، ته ڪنهن ڪنيا جي حسين هٿن جي ڀريل ملير جهڙن موهي ماريندڙ کيتن جو خوبصورت لينڊ اسڪيپ به آهي، هن جي اڇي اجري ٻگهه پکي جهڙي روح ۾ ٿر وطن هالاريءَ جي رنگن جيان رچيل هو. هُو هر ويل هر هند ٿر جي ڀاڳ ڀلاري لئه سوچيندو ۽ لکندو هو . هڪڙي هنڌ لکي ٿو ته ”خدا ڪري ٿر تي محبتن جا مينهن وسن، امن ۽ انسانيت جي روشنيءَ سان ڪکاوان گهر روشن ٿين. ٿر ۾ ترقي ٿئي ڪاخارنا کلن، روڊ رستا ٺهن، بجلي اچي، پاڻي ملي، ٿر ۾ يونيورسٽي قائم ٿئي، جئين ٿر جا ماڻهو هن جديد سائنسي دنيا ۾ عزت ۽ آرام سان زندگي گذارين، نيڪ دليءَ سان ڏٺل سندس اهي سڀئي سپنا حياتيءَ جي هٿ مان ڪرڪ واري جيان وکري ويا. نه ٿر ۾ ڪارخانا کُليا نه بجلي ۽ پاڻي مليو ۽ نه ئي وري يونيورسٽي ٺهي، سنڀو مل پنهنجي ساڻيهه کي سُکيو ستابو ڏسڻ واري تمنا پنهنجي ساھ سان گڏ کڻي دوُر هليو ويو...!!
سنڀو مل کَري ۽ سچي طبيعت جو مالڪ هو . هو ماڻهوءَ کي مُنهن تي سچ چوڻ وارو هو. وطن ۽ وطن جي املهه ڪردارن جي باري ۾ ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪندو هو. وطن جي معاملي ۾ انتهائي حساس دل هوندو هو. 1967ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو، ڀالوا جي ڀوميءَ تي هڪ پراڻي کوھ تي مارئي ميلو لڳايو ويو هو. تڏهن ان وقت ضلع ڪائونسل ٿرپارڪر جي وائيس چئيرمين مير محمد بخش ٽالپر تي عبدالقادر جوڻيجي هڪ تنقيدي مضمون لکيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ميرمحمد بخش ٽالپر پارڪر ۾ پنهنجا سياسي پير ڄمائڻ خاطر اهو سياسي ميلو مچايو آهي. اڌ پڙهيل اديبن جي آڌار هڪ سياسي کوھ کي مارئيءَ جو ڄاڻائي ڇڏيو آهي، اهو مضمون جڏهن سنڀو مل جي اکين مان گذريو تڏهن سندس اندر ۾ ويٺل محب وطن ماڻهو تڙپي اٿي پيو، ۽ هن اهڙو ڀرپور جواب ڏنو، جهڙو مقيم ڪنڀر منظور سولنگي کي ڏنو هو، سنڀو مل هميراڻي جنهاڻ جي جوڻيجي کي جواب ڏيندي چوي ٿو ته ”ٿري ماڻهو عبدالقادر جوڻيجي کي چڱي طرح سڃاڻين ٿا. هن جي هوشياري ڏاهپ ۽ شرافت جون ڳالهيون ڳوٺن جا ڳنوار به ڪن ٿا. رهي ڳالهه مارئي ڪٿي جي ڪير هئي، انهي جي خبر سڀني ٿرواسين کي آهي. مير محمد بخش پنهنجي سياسي دُڪان چمڪائڻ لاءِ اهو ميلو ناهي لڳايو ۽ نه ئي وري هن کي ڪو مارئيءَ جي نالي تي ڌنڌو ڪرڻو هو. سنڌ جي سوين ماڻهن پنهنجي نياڻين جا نالا مارئي رکيا آهن مگر اها مارئي ڀالوا جي هئي، باقي اڳتي هلي پنج هزار سالن کانپوءِ عبدالقادر جوڻيجي جهڙو سنڌي اديب اندرا متعلق تواريخ لکندو، هو نهرو جي ڌيءُ نه هئي، پر سنڌ جي مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي زال هئي يا عبدالواحد آريسر جي ڌيءُ اندرا هئي، اُٺ ڪتابن جا پڙهي وڏو اديب ٿيڻ معمولي ڳالهه آهي، پر تواريخ ۽ ثقافت سان هٿ چراند ڪرڻ وڏو برو ڪم آهي.“ ثقافت ۽ تاريخ سان بي حد محبت ڪندڙ سنڀومل کي جيڪڏهن ڪي ذات پرست جو لقب ڏين ٿا ته، انهن کي اهو علم هئڻ گهرجي ته، سنڀو مل جيڪڏهن ذات پرست هجي ها ته، سندس ذات جي عظيم مورخ رائچند هريجن تي سخت تنقيد قطعي ڪونه ڪري ها ۽ سرگواسي دليپ سنگهه سوڍي کي ليلا ميرا دٿ جي شاعريءَ سان خراجِ عقيدت پيش ڪونه ڪري ها. سنڀو مل ته وطن پرست ويڙهيچو هو، جنهن جا ڳڻ صديون ڳائينديون رهنديون، بقول ڄام ساقيءَ جي ته ڳوڙهيار جيڪڏهن تاريخ ۾ ياد رهيو ته سنڀو مل جي نالي سان ياد رهندو.
سنڀو مل جي قلمي پورهئي کي سهيڙي سندس آدرش وادي فرزند آڪاش هميراڻي ”سُمهي سُک نه ماڻيو“ جي نالي سان جولاءِ 2015ع ۾ هڪ خوبصورت ڪتاب پڻ ڇپرايو آهي، جنهن جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري اديب محترم تاج جويي لکيو آهي. تاج مهاڳ ۾ کُلي دل سان اهو اعتراف ڪيو آهي، ته سنڀو جون لکڻيون آئون سنڀالي نه سگهيس ، تاج جويو لکي ٿو ته ”مون چاهيو هو ته سندس لکڻيون آئون سهيڙيان، ان لاءِ سندس لکڻين جو رجسٽر ڪيترا ئي سال مون وٽ پيل هو، پر مسواڙي گهرن جي تبديلن ذاتيءَ ۽ منصبي مصروفيتن جي ڪري آئون سندس معياري رهندس.“ پنهنجي محبوب دوست اڳيان مهڻي هاب ٿي ويل تاج جڏهن هميراڻيءَ جي ڍاڻي وڃي سندس تربت واري تُراب کي مقدس سمجهي مٿي لائي معافي گهري ٿو، تڏهن هن جو بي قرار روح رڙ ڪري چوي ٿو ته .
سنڀو هُڪ هيو سنڀو ٿيندو ڪين ٻيو،
ڍاڻي آءُ همير جي، مون سان گڏجي رو،
منهنجو ساجن تو، ڪئين لڪايو لوڪ کان!
تاج جويو
سنڀو هميراڻي سياسي ۽ نظرياتي طور سائين جي ايم سيد ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ ۽ پنهون هميراڻيءَ سان ڳنڍيل هو . سماجي جاڳرتا ۾ سندس ساٿي هئا، مسڪين جهان خان کوسو، سچل جنجهي ۽ مينهن ٻائي ۽ سندس آئيڊيل هئا، ڪامريڊ گهمن سنگهه ڀيل ۽ عالم چند ڪولهي، ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، هُو ڪهڙن خيالن ۽ آدرشن جو مالڪ هو، هُو سون تي سيڻ مٽائڻ وارن مان نه هو. هُو پنهنجي ۽ پنهنجي وطن جي لاءِ ننگ ۽ ناموس جو حامي هو. هن لاءِ وطن جي مٽي ئي مهان هئي، جنهن جي خوشبو هن کي وري وري هن ڌرتيءَ تي جنم وٺڻ لاءِ اُڪساهيندي رهندي.
سنڀو مل هميراڻي تحقيقي ڪم ۾ به اڳڀرو رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري واري پروجيڪٽ ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا “ جي ضلعي ٿرپارڪر ۾ انچارج طور ڪم ڪيو. سندس تحقيقي ڪم تمام ساراھ جوڳو هو. سنڀو مل سٺي استاد سان گڏ هڪ سٺو اڳواڻ به هو. پ_ ٽ_الف جو 3 سال پريس سيڪريٽري رهيو، ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. سُرن جي سَرگم واري دنيا ۾ عابده پروين، سرمد سنڌي ۽ صادق فقير جي فن تي اڪن ڇڪن ٿيندڙ هي همير جي ڍاڻيءَ جو مهڪندڙ مهتاب پنهنجي سموري سهائي گوڙهيار جي گسن کان وٺي ڪشمور جي پٽن تائين وکيري 02 جولاءِ 2003 تي آڌي ويلي هميشه لاءِ اُلهي ويو. سندس حياتيءَ جو چيل آخري شعر ٻُڌي اڄ به منهنجو صحرا سڏڪي ٿو..!!
وري مينهن وٺا ساوا گاھ ڦٽا،
منهنجا پنڌ کٽا ، او منهنجا ساٿيئڙا،

گُل مُحمد لاٽ

دل چيو اڄُ بانڪيداس آسيه هُجي ها يا جهيٻو ڪيسر جهانڦلي وارو هُجي ها ته اُنهن جو چارڻ چِت تڏھن ضرور چُري ها، ۽ اُھي ڪو دُوهو يا سورٺو پڪ سان سرجين ها، جڏھن گُل محمد لاٽ ٻارٽن جي ڳوٺ ۾ ڪروڙ پساوَ ڪندي چيڪ ورهايا پئي. هُن نه رڳو چيڪ ورهايا پئي، پر هر باھ متاثر ماروئڙي کان حال به پڇيا پئي اهو به ائين جيئن ڪو پُٽ پنهنجي مائٽن کان پُڇندو آھي. ايڏي ته نوڙت هُئي جو ڇا ڳالهه ڪجي.. ۽ جڏھن ڳل گراٽڙي پائي مليو ٿي، تڏھن ائين لڳو ٿي ڄڻ ڌرتيءَ جو سپوت پُوت پنهنجي ماتر ڀُوميءَ سان ڀاڪر پائي اُن جا درد ونڊي ۽ ورڇي پنهنجي حصي ۾ کڻي رهيو آھي. گُل محمد لاٽ جو اهڙو رويو ۽ ڌرتيءَ جي ڌُوڙ سان ايڏي دلچسپي ڏسي، دل چئي ٿي ته، پاٻوهر جي پروهت ڪوي هيميڏان چارڻ کي اها التجا ڪيان ته، اوهان کي سرسوتي وڏيا جي لپ ڏئي ته پنج ڏھ ڏوهيڙا هن وطن جي وير پُرش سخي ڏاتار جي شان ۾ ضرور لکجو. اها تاريخ جي تقاضا آھي. هيميڏان جا هڏ هيماري ويا ته پوءِ اهڙي ڪنهن مان اُميد رکڻ ئي اجائي هوندي.
توڙي جو هُو هن وقت دُبئي جي ست ستارا هوٽلن ۾ ست رڇيون کائي ٿو، لنڊن جي لگزري فليٽن ۾ اوچي قسم جي پلنگن ۽ پٿراڻين تي سُمهي ٿو، مُنهن به منرل واٽر سان ڌُوهي ٿو، هُن جي اُٿي ويٺي به دُنيا جي امير ترين ماڻھن سان آھي. هُن جي پهرواس به پَر کنڊين پڌري آھي. ائين کڻي چئجي ته هُو لگزري لائف کي ڀرپُور انجوائي ڪري رهيو آھي، پر اڄُ به هُن کي ڏيپلي جي جهوپڙا هوٽلن واري چانهه ۽ ڏاکڻيا ريتلا دڙا ناهن وسريا، وسريا ته هن کان وطن جا مارو ماڻهو به ناهن جن جي ياد هن کي هر سال ڀُونءَ تان ڀيرو ڀرائي ٿي. هُو گوگل تي ڏيپلي کي ڳولي ٿو ته، هُن جي من ۾ ڏيپلي جي خوراڪ جي خوشبو مهڪي پوي ٿي. هُو گرانڊ گاڏيءَ ۾ گهمندي به پنهنجي پيءُ جي پهرين ڪاروبار، اَٽي واري چڪيءَ کي اڄ به وساري ناهي سگهيو. توڙي جو هُو هاڻي ڪارپوريٽ ڪلچر جو حصو هئڻ ڪري، ٽُوپيس ٿري پيس وارن سان ملڻ مان واندو ئي ناهي، پر پوءِ به هُن وٽ پارڪر جي پوڙھن ۽ ڏيپلي جي ڏٻرن سان جُهڪي ملڻ وارو ملير جي مٽيءَ جو گُڻ تازي مينهن جي خوشبو وانگي موجود آھي.
جڏھن به ٿر جو ڪو گهر باھ ۾ ٻري ٿو ته هن جو اندر ٻَري اُٿي ٿو. جڏھن به ڪو مسڪين وڌوان غريبي سبب ڪنهن وڏي اداري ۾ اعليٰ تعليم پرائي نه سگهڻ واري پيڙا جو اظهار ڪري ٿو ته، هي مُخير مرد هڪدم پنهنجي مينيجر کي حُڪم ڪري ٿو ته، هن شاگرد جي سموري تعليم جو خرچو پاڻ پنهنجي ڪُلهن تي کڻنداسين. ائين هُن انيڪ شاگردن جي سهائتا ڪئي آھي. بنان ڪنهن متڀيد جي هر مسڪين جي مدد ڪرڻ هن خاندان جو اعليٰ ظرف آھي. هن کي پنهنجي پيءُ کان پرورش ۾ اهو ئي ڀيد مليو آھي ته، بنان ڪنهن ڀيد ڀاوَ جي، برابري جي بنيادن تي هر ڏيجوان جو ڏنجهه ۽ رنج گهٽائڻ ۾ وس آھر مدد ڪندو رهجانءِ. هُو جڏھن به ڪنهن مسجد جي منبر ۽ مُنارن کي روشن ڪرڻ لئه سولر لائٽ ڏيڻ جو سوچي ٿو ته، هن جي من ۾ مندر جو ڏيئو به جرڪي پوي ٿو. هُو مندرن ۾ به سولر لائٽ لڳائي ڏئي ٿو. هُن جڏھن به ڪنهن ڪريم بخش جي علاج لئه ڪا مدد ڪئي هوندي ته ويرومل کي به وساريو نه هوندو.
هُو ڊيولپمينٽ سيڪٽر جي اُنهن نام نهاد سماجي ورڪرن وانگي ناهي، جيڪي ٿر جي پسمانده ماڻھن جا ڦوٽو ڪيش ڪرائي، لکين رپين جا پراجيڪٽس وٺي پاڻ ته امير ٿي ويا، پر عوام اڄُ به پيرن ۾ جتي ۽ لڱن تي ليڙ پائڻ لئه پريشان آھي، هُو جيالن وانگي رڳو ڦوٽُو سيشن ڪرائي پاڻ نه ٿو پڏائي، پر هُو عملي ڪم ۾ ميدان ملهائي به ٿو. هُو اُڀراڻن پيرن وارن ماروئڙن جو ڀر جهلو آھي. هن ڏُڪاريل وطن لاءِ ڏڍ آھي. ٿر جي اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ سبب پَٽ تي ويهي پڙھندڙ شاگردن جي درد کي محسوس ڪندي گُل محمد لاٽ صاحب تازو هن سال ڏيپلو هاءِ اسڪول لاءِ 200، مٺي هاءِ اسڪول لاءِ 300، ڪلوئي جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاءِ 200 ۽ اسلام ڪوٽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاءِ 200 ڪرسيون مهيا ڪيون آھن. ۽ ان سان گڏ ڏيپلو گرلز اسڪول لاءِ به جلد 100 ڪرسيون مهيا ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آھي. جيڪو ڪم سرڪار کي ڪرڻ گهرجي اهو هن اڪيلي مرد مجاهد ڪري ڏيکاريو آھي. آئون کيس سلام پيش ڪيان ٿو. سندس نياڻي اميران گُل لاٽ عورتن جي تعليم ۽ حقن جي معاملي جي ايڊووڪيٽ پڻ آهي، جيڪا به سندس والد صاحب وانگي سدائين ٻين جي ڀلي لاءِ جاکوڙيندي رهندي آھي.
محترم گُل مُحمد لاٽ صاحب جو جنم ٿرپارڪر جي قديم شهر ڏيپلي جي معزز شخص محترم غُلام مُحمد لاٽ جي گهر ۾ ٿيو. غُلام مُحمد لاٽ جيڪو نه رڳو واپار ۾ وڏو ماهر هو، پر سياست جي شطرنج جو به شاطر کلاڙي هو. ٿر جي سياست ۾ اربابن کي اک ڏيکارڻ جي جرئت ڪندڙ هي ميمڻ گهراڻو ٿر واسين جي هر ڏُک ۾ همدرد رهيو آھي، توڙي جو ٿر جي بي گُڻي جنتا انهيءَ همدرديءَ کي بيوقوفي سمجهي ”لُٽيو لاٽ کي ووٽ ڏيو ارباب کي“ وارو انوکو رواج پئي وڌو آھي. ان ڳالهه جي گواهي ٿر جي تاريخ ڏيندي. محترم غُلام محمد لاٽ ڏيپلي شهر ۾ هڪ ننڍڙي اٽي جي چڪيءَ کولي ذريعا معاش جي مهورت ڪئي. ان چڪيءَ واري ڪاروبار ۾ گُل محمد لاٽ به والد جو هٿ ونڊائيندو هو. ان چڪيءَ مان مهراڻ گروپ آف انڊسٽريز تائين جي طويل سفر ۾ هن خاندان جي وڏي محنت ۽ اڻٿڪ ڪوشش شامل آھي. گُل صاحب ابتداعي تعليم اباڻي شهر مان پرائڻ کان پوءِ بيچلر ڊگري ايڊمنسٽريشن ۾ اسڪول آف بزنس لنڊن مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي.
گُل محمد لاٽ صاحب 1982ع ۾ مهراڻ گروپ جو ڊائريڪٽر آف ايڊمنسٽريشن ٿيو، جتي هن ڏينهن رات اڻٿڪ محنت ڪري انڊسٽريءَ کي عروج تي پهچايو. ڪجهه ئي سالن ۾ وڏي ترقي ڪرائي اعليٰ پد تي پهچايو. 1985ع ۾ مهراڻ گروپ آف انڊسٽريز کي فيڊريشن آف پاڪستان چئمبرس آف ڪامرس ايڊ انڊسٽريز FPCCI جي طرفان بيسٽ ايڪسپورٽ پرفارمنس جي ٽرافي بطور انعام ملي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين ملندي اچي.

مهراڻ گروپ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿيڻ کان پوءِ گُل مُحمد لاٽ دبئي ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ پروڊيڪشن جي شروعات ڪئي. گُل صاحب پنهنجي ڪيريئر ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻيون آھن. گُل صاحب 1998ع ۾ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ڪراچيءَ ۾ پنجن اڪڙن تي مشتمل اسپائيسي اينڊ رائيس پلانٽ لڳرايو هو. جيڪو پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو اسپائيسي اينڊ رائيس پلانٽ آھي. 2005ع کان پوءِ مهراڻ جي مصالحن جي سعودي عرب ۾ گُهر ٿي ان ڪري گُل صاحب جڌه (Jeddah) ۾ ماڊرن اسپائيسي فيڪٽريءَ جو بنياد وڌو. گُل محمد صاحب ٿر ۾ واحد هڪڙي فلور مل 2001ع ۾ نئون ڪوٽ ۾ کولي آھي، جنهن جو نالو ئي ٿر فلور مل آھي. هي مل کولڻ جو مقصد ٿر واسين کي سستي دام تي اٽي جي سهوليت مهيا ڪرڻ هو. گُل صاحب هن وقت مهراڻ گروپ آف انڊسٽريز جو چئرمين ۽ سي او آھي.
گُل محمد لاٽ صاحب جو ٿر جي سياست ۾ به وڏو حصو رهيو آھي. سياسي شاگرد هئڻ ڪري هن جو سياسي ڪيريئر به انتهائي شانائتو ۽ مانائتو رهيو آھي. 1990ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪٽ تان ٿرپارڪر مان M.P.A ٿيو. 1993ع ۾ ساڳي پارٽي ۾ رهندي سنڌ ڪابينا ۾ موحوليات جو وزير ٿي رهيو آھي. شهيد مُحترما بينظير ڀُٽو سان گڏ سياست ڪرڻ جو شاندار موقعو ملڻ ڪري هن تمام گهڻو سکيو. 2002ع ۾ پيپلز پارٽي سنڌُ ڪائونسل جو ميمبر پڻ ٿيو. مئي 2008ع ۾ وزيراعليٰ سنڌُ سيد قائم علي شاھ جو اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائيريز ۾ صلاحڪار ٿي رهيو. 2010ع ۾ ٿر ڊولپمينٽ ڪاميٽي جو چئرمين پڻ ٿيو. مارچ 2009ع کان2015ع تائين پ پ جي ٽڪيٽ تي سينيٽر ٿي ايوان بالا ۾ رهيو. جتي سينيٽ اسٽيڊنگ ڪاميٽي ٽيڪسٽائل جو چيرمئن ٿي رهيو.

نُور احمد جنجهي

هُو اُن وسندڙ وستيءَ جو راڄ دُلارو رهواسي آهي، جنهن وسندي سنڌ ۽ سنڌي ادب کي گهڻو ڪُجهه ڏنو آهي، جنهن ڳوٺ ٿر جي ڌرتيءَ کي غُلام محمد جنجهي جهڙو حڪمت جو حاڪم ۽ لوڪ شاعر ڏنو، جنهن ڌرتي اِمام علي جنجهي جهڙو ارڏو ۽ مزاحمتي ڪوي ڏنو. ڦوگ ڦلار جهڙي ان ڳوٺ جو نالو آهي. ”وڪڙيو جنجهي“. وڪڙيو جنجهي ٿر جي ادبي سياسيءَ ۽ سماجي تاريخ جي للاٽ تي اهڙو لعل روپي تلڪ آهي، جيڪو ڪارونجهرجي ڪور تان آڌي ويلي اُڀرندڙ چنڊُ جيان چمڪي ٿو. جنهن ۾ سموري ٿر جي سادڙي سونهن جلوه افروز آهي. هُو جنهن جي نم جي ڇانوَ جهڙي نثر جي ننگريءَ ۾ دل آويز لفظن جون مورڻيون نرت ڪن ٿيون، جن کي من سان وانچندي اکين جا مور خيالن جا کيڙا ڪندي، لڙڪن جا موتي ڇاڻي ويهندا آهن! هن جي نثر جي اثر ۾ اهڙو ڪو جادو آهي، جو پڙهندي دل مطالعي جي ميز تان اٿڻ ناهي ڏيندي. ھُن جي نثر جو جام ڪوثر پيئندي سوجهاڪا ۽ سحر ٿي ويندا، پر ماڻهوءَ جي دل ناهي ڀربي. ڄاڻ جي خمارن ۾ من مهڪي پوندو آهي!
ڳوٺ وڪڙيو جنجهي ۾ 30 نومبر 1968ع تي مرحوم غُلام محمد جنجهي جي گهر ۾ پرڀات ويلي ٽڙندڙ ان گل جو نانءُ آهي نُور احمد جنجهي! جنهن جي نالي مان ئي نُور ڇڻي ان وجود جي واسنا ڪنهن گلاب کان گهٽ ناهي هوندي، بلڪه چانپي مروي کان به چڙهت هوندي آهي. اها مهڪ نه رڳو پنهنجا اڱڻ اُجاريندي آهي، پر سموري وطن جا ويڙها به واسي ڇڏيندي آهي. اهڙي ئي مهڪ سائين نُور احمد جنجهيءَ جي علمي ادبي سفر مان پڻ اچي ٿي. جيڪو سفر اندازن اڌي صديءَ تي محيط آهي!
غُلام محمد جنجهيءَ جي ھنج ۾ هٺيلايون ڪندي، وڏي ٿيل نُور احمد ننڍ پڻ ۾ ابتدائي تعليم سندس اباڻي ڳوٺ مان پاس ڪئي ۽ ثانوي تعليم جو سرٽيفڪيٽ سٺن نمبرن ۾ هاءِ اسڪول مٺي مان ماڻيو. 1996ع ۾ مادر علمي سنڌ ورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ماسٽر ڪرڻ کان سواءِ مادر عملي سنڌ مان تدريسي تعليم ۾ به ماسٽر واري سند ماڻي. ان کان سواءِ قانون جي بيچلر ڊگري (ايل_ ايل_ بي ) به حاصل ڪئي. تمام گهڻ پڙهيو هي سنڌ جو ليجنڊ ليکڪ 1997ع ۾ تعليم کاتي سنڌ ۾ بطور ليڪچرر ڀرتي ٿو. گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مٺيءَ کان وٺي ڪالي موري، عمرڪوٽ، پريت آباد ۽ قاسم آباد تائين مختلف ڪاليجن ۾ پنهنجا فرضِ سچي دل سان سرانجام ڏيندو رهيو. هن علمي ۽ ادبي سفر کي به روان ۽ دوان رکيو. ڪڏهن به ورچي نه ويٺو ڇو ته هن ويڙهيچن سان وچن ڪيو هو .اهڙو وچن جنهن جي قرب جي ڪچاٽ کي محبت جو ميڻ ڏنل آهي، جنهن جو ٽانڪو ڪڏهن به ٽُٽي نٿو سگهي، ڀٽائي چوي ٿو ته؛

الست بربڪُم ، جڏهن ڪن پيوم،
قالوبليٰ قلب سين، تڏهن تتِ چيوم،
تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين،


آدجگاد کان ڪيل انهيءَ وچن کي نڀائيندي نُور احمد نت روز نوان لفظن جا ٽول سنڌي ٻوليءَ جي ٻهگڻ ڪُنوار جي ڪنڌ ۾ پارايا آهن. هن نه رڳو ٻوليءَ کي بيش بها قيمتي لفظن سان مالامال ڪيو آهي، پر ويڙهيچن جي دردن کي دل سان بيان پڻ ڪيو آهي. هن سسئي جيان سور ڀوڳيندڙ ماروئڙن جي ديس مان غربت گهٽائڻ لئه سنڌ جي آفاقي شاعر لطيف جي پيغام کي عام ڪرڻ کان ڪڏهن به ناهي ڪيٻايو. هن ته وڏي واڪي اهو هوڪو هلايو آهي ته امير ۽ غريب وارو طبقاتي توازن جيستائين ٺيڪ نه رهندو تستائين سنڌ مان غربت ڪڏهن به نه گهٽجندي. ان ڪري اميرن کي غريب سان نفرت بجاءِ محبت ڪرڻي پوندي. ائين جئين ڄام تماچي ڪئي هئي ڪينجهر جي ڪناري تي نُوري گندريءَ سان بقول ڀٽائي رح جي ته؛


ککيءَ هاڻيو کاريون ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ
پاند جني جي پاند سان لڳو ٿئي لڄ
سمون ڄام سهنج اڀو ڪري ان سين،

سائين نور احمد جنجهيءَ جو وڏي ۾ وڏو تعارف تعليمي ماهر سان گڏ ماهر لسانيت به آهي. هو نه رڳو ٻوليءَ تي عبور رکي ٿو، پر ان جي وياڪرڻي معاملن کان به ڀلي ڀت واقف آهي. ٻوليءَ تي عبور رکندڙ هن مهل مون کي ٿر ۾ ٻيو ڪو اهڙو نظر نٿو اچي، جيڪو نُور محمد جنجهيءَ جي ليول جو هجي. مٺيءَ جي ادبي لڏي ۾ منفرد حيثيت جي مالڪ نُور احمد جنجهيءَ جا علمي ادبيءَ ۽ تحقيقي تقريبن 500 کان مٿي ڪالم سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. نُور احمد فرمانبردار فرزند وارو ڪردار ادا ڪندي سندس پيءُ مرحوم غلام محمد جنجهيءَ جي شاعريءَ کي سيهڙي 2010ع ۾ ”ويجها ٿيا وصال کي“ جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو آھي. ان کانسواءِ سنڌ جي غيرسرڪاري اداري ٿرديپ ۾ ڪم ڪندي ڳوٺاڻن جي ڀلائي لئه به ڪجهه ڪتاب تصنيف ڪري ڇپرايا آھن. ڊاڪٽر ڪشن مل پنواڻيءَ جو هندي ٻوليءَ ۾ ڇپيل لوڪ ادب تي مشتمل ڪتاب سنڌي ۾ ترجمون ڪري 2008 ع ۾ ”ٿر جا ڳائجندڙ داستان“ جي نالي سان ڇپرايو آھي. سنڌ جي سياحتي سرڳ ”گورک“ بابت معلوماتي ڪتاب کي سنڌي مان انگريزيءَ ۾ اُتاريو آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته نور احمد جنجهي نه رڳو تاريخ جي تهه خانن ۾ ڪُوڙ جي ملبي هيٺ دٻجي ويل حقيقتن جي حُور کي ڳوليندڙ ماهر محقق آهي، پر اهو من موهيندڙ مترجم به آهي، جيڪو مختلف ٻولين کي پنهنجي ٻاٻاڻي ٻوليءَ جي ڦول مالها ۾ اهڙي نموني پوئي ٿو، جو هر ڪنهن کي آئڙي ٿو. نور احمد جا درجن کان مٿي ڇپيل ڪتاب آهن جن ۾ ٿر جي وڏي تاريخ بيان ڪيل آهي. ثقافتيءَ ۽ حب الوطني سبب دنيا ۾ پنهنجي الڳ حيثيت رکندڙ هن ٿر کي رنگن جي سر زمين سڏيندي هتي جي لوڪ ادب ٻاٻاڻي ٻولي ثقافتي سمري ۽ ”چندن گڊ چاووڪ ڪريو“جهڙا بي ملهه ڪتاب لکي ٿرين جي ٿر تي ٿر جيڏو ٿورو ڪيو آهي. مذڪوره ڪتاب اڻ ڇپيل آهي. اسان کي ان جي ڇپجڻ جو اوسيئڙو رهندو. ڇپيل ڪتابن ۾ ”اڃ سين اڃ ٿيار“ جهڙي لطيفيات تي لکيل لازوال ڪتاب کانسواءِ ”پڙهيو ٿا پڙهن“ جهڙي تدريسي تعليم بابت لکيل ڪتاب به شامل آهي .ان کان سواءِ ٻه اهم ڪتاب ” ساچي جگ راچي نهين “ ۽ ”جبل مٿي باهڙي“ تنقيد تي ٻڌل آهن. جيڪي مارڪيٽ ۾ آيا تڏهن ادبي ڀنڀور ۾ چڱي خاصي باھ ڏيندا. ڇاڪاڻ ته نور احمد جنجهيءَ جو هڪڙو تعارف نقاد وارو به آهي. اهڙو نقاد جيڪو اديبن جي تخليق تي رڳو ساراھ جون سرڪيون نه ٿو ڀري، پر طنزو مزاح جا تير هڻي، انهن جي علمي آبياري به ڪري ٿو. جيڪو تمام ساراھ جوڳو عمل آهي. ان کان علاوه ڪجهه رسالن جو ايڊيٽر به ٿي رهيو هو. جهڙوڪ مٺي جاڳرتا ۽ لوئي وغيره. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڇپرايل سنڌي لغات ۽ انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ به شامل رهڻ سان گڏ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران تيار ڪيل انگريزي لغات ۾ حصو وٺڻ تائين هر ڪم ۾ اڳڀرو رهيو. ٿرپارڪر جو پهرين ضلعي ايڊمنسٽريٽو هئڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ سان گڏ وفاقي ادبي اداري اڪادمي ادبيات جو ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر پڻ رهيو آهي. ايترا سارا عهدا ۽ اعزاز ماڻڻ باوجود هن ڪڏهن به فر مان پاڻ پڏائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. نوڙت، نهٺائيءَ ۽ رحم دلي هن جي رت ۾ شامل آهي.
غلام محمد جنجهي فائونڊيشن پاران درس لطيف جي عنوان هيٺ پروگرام ڪرائي، لطيف جي پيغام کي ٿر ۾ عام ڪرڻ سان گڏ شيخ اياز جي فن ۽ فڪر کي ڦهلائڻ ۾ به هن وسان ناهي گھٽايو. ڀٽائي جي بيتن مان ”وحد الوجود“ وارو درس ماڻي، ڪبير جي ڪويتائن ۾ لکيل ”الک ايڪ هي“ وارو فلسفو سمجھائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، نور احمد سچل جي ”مان جوئي آهيان سوئي آهيان“ واري آفاقي نظريي تي خوب لکيو آهي. ريڊيو پاڪستان مٺيءَ جو بهترين ڪمپيئر هئڻ جو اعزاز حاصل ڪندڙ هي خوبصورت ليکڪ، روم جي رهواسي مولانا جلال الدين روميءَ جو عاشق آهي، روميءَ جي روم روم مان سوم رس جي سڳنڌ بڻجي نڪتل شاعريءَ ۾ روحاني راز ڳولي ٿو. روميءَ جي ڏات ۽ ذات تي هن وس کان وڌيڪ لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
لطيفيات تي ترقياتي اقتصاديات جي روشنيءَ ۾ جديد دنيا ۾ لطيف جي فڪرکي اجاڳر ڪرڻ ۽ سنڌي نوجوان ۾ ان بابت جاڳرتا ۽ شعور بابت سندس ليڪچر سيريز به املهه علمي ڪم آهي. سنڌي سماج جي تحرڪ ۽ ان ۾ نوجوانن جي ڪردار ۽ ڳوٺن جي ماڻهن ۽ مسئلن بابت سندس لکڻيون ڪارائتيون آهن. لغات نويسي جي ميدان ۾ آڪسفرڊ يونيورسٽي پريس پاران تيار ڪيل ٻه ٻوليائي لغاتن کانسواءِ سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران تيار ٿيندڙ مفصل سنڌي لغات بورڊ جي ميمبر طور سندس ڪم ساراهڻ جهڙو آهي ته سندس اڻ ڇپيل لغات ”ٿرٻول ڀنڊار“ ٿر جي اصطلاحن جي املهه ميڙاچونڊي آهي. تصوف تي ڪبير، شاه لطيف، شاه ڪريم ، ميران ٻائي، رومي، غلام محمد جنجهي، اعجاز سائين، خليفي نبي بخش لغاريءَ جي شاعري جي روشنيءَ ۾ ڪيل ڪم به پڙهڻ وٽان آهي. سنڌي، اردو، انگريزي، عربي، فارسي، ڍاٽڪي، هندي ٻوليون ڄاڻندڙ هن ليکڪ ترجمي جي ميدان ۾ ڪشني ڦلواڻي جي ڪتاب ”راجستان جا ڳائجندڙ داستان“ جو هندي ديوناگري لپيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي . سنڌيءَ مان انگريزي ۾ ڪيل سندس ترجمن ۾ ”گورک“ ۽ ” وائس آف ساليٽيوڊ “ آهن. انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ڇهه کن ترقيءَ بابت دستي ڪتاب ترجمو ٿيل آهن .”پلر پاڻي گڏ ڪرڻ جي اهميت ۽ ان جي گڏ ڪرڻ جا طريقا“ ۽ ”ٻالجتيءَ جون شاديون ۽ انهن جا اثر“ نالي سان ٻه بهترين دستي ڪتاب به سندس محنت جو نتيجو آهن. مئگزين ”جاڳرتا“، ”مٺي“ ۽ ”لوئي “ جو ايڊيٽرپڻ رهيو آهي. گذريل ڪجهه سالن کان وٺي اڄ تائين هن اورچ ليکڪ ”ساڌ ڪهاوڻ ڪٺن هي“، ”ٿر کي ڀانيون ٿوڪ“، ”ڪارونجهر تي باهڙي“، ”سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي“ ، ”وڍيل ٿي وايون ڪري “ ، ”وڄي ٿو وجود ۾“ ۽ ”ڀنيءَ منجهه ڀٽون“ ، ”ڏور تئائين ڏس (لطيف شناسي )“ ۽ ”اڍائي اکر عشق جا (ڪبير شناسي)“ ، ”ڪارونجهر تي باهڙي“، ”واريءَ تي وس“ ، ”جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين“، ”سامين سفر کٽيو“ جهڙا ڪتاب پڙهندڙن کي ڏنا آهن. گذريل ڪجهه سالن کان وٺي هن پنهنجي سالگرهه تي ٻه ڪتاب چپائي پڌرا ڪرڻ ۽ نئين سال جي آجيان اياز شناسيءَ بابت ڪتاب لکي ڇپائڻ جي روايت شروع ڪئي آهي . ٿرجي هن گهڻ رُخي ليکڪ 100 کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پنهنجا مقالا پيش ڪيا آهن.
نور احمد جنجهيءَ جي لاجواب لکتن ۾ لوڪ ڏاهپ سان ڀرپور ڪي گيان گفتا به آهن ته شاعراڻي سڀاءَ سان سرشار حرفي تجنيس وارو حس به آهي، ثقافتي سونهن تي ٻڌل ٿر جا ٿاڪ به آهن ته تهذيب جي اعليٰ تاريخ جي تبسم به آهي. گوڇارن ۾ ٽڙيل ڳاڱين جهڙا مٺڙا مٺڙا لفظ به آهن ته ڪئلاش پربت کان ڪهي ايندڙ سنڌو جهڙي روانيءَ ۽ رڌم به آهي. هن جي ناگر ويل جهڙي نثر ۾ کٿوريءَ جي خوشبو به آهي، ته لال مرچي جهڙو رنگ به آهي، ان رنگ ۾ ٿر مور جو تاج به آهي، ته تاڙي جي تونس به آهي، ڏڪار جا ڏک به آهن، ته سُڪار جا سک به آهن، مجموعي طور چئجي ته نور احمد جنجهي ٿر جو بلڪه سموري سنڌ جو مڃيل ليکڪ آهي ...

امر ساهڙ

هُو جنهن جي سانوري چهري جي ريکائن ۾ هن سموري دُکي ديس جا درد ليئا پائيندي لُڇن ٿا. اُن سَٻاجهڙي سڀاءَ واري شاعر جي سيني ۾ سنڌ وطن پنهنجن سڀني ساروڻين سميت دل جي ڌڙڪن سان گڏ ڌڙڪي ٿو. هن جي خوابن ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ ۽ امن جو جهنڊو ڦڙڪي ٿو. سندس سون ورنين سوچن جي مُنڊيءَ ۾ هن ديس جو حُسن ڪنهن مينا جئين جرڪي ٿو. هن جو جنم انهي جوءَ ۾ ٿيو جتي لاکي ڦلاڻي مهر راڻيءَ کي بنا ڪنهن ڏوھ جي ڏينهن ڏٺي جو ڏهاگ ڏنو هو. مهر راڻيءَ جي هڪڙي گهاٽ مٿي هن جو ڳوٺ ٿاڌات موجود آهي، جتي پئيڻ جو پاڻي ته پئسن سان به مشڪل سان ملي ٿو، پر موبائيل ڪمپنين جي سمورن نيٽ ورڪن جي سروسز سندس گهر جي ڪمري اندر آساني سان ميسر آهي.
امر ساهڙ پيشي جي لحاظ سان پڙهڻ ۽ پڙهائي واري شعبي سان واڳيل آهي، پر روائتي ” ماستر “ کان گهڻو مختلف هڪ اهڙو آدرشي استاد آهي، جنهن پنهنجي اڌ ڄمار ايمانداريءَ سان پنهجي پيشي جي لڄ رکي آهي. سندس فرض شناسيءَ جي ساک سندس اهي لائق شاگرد به ڏيندا جيڪي زندگيءَ جي مختلف شعبن سان وابسطه آهن. آسي پاسي جا ڳوٺاڻا به هن جي هڪڙي فرض شناس اُستاد هئڻ جي اکيون پوري گواهي ڏيندا ۽ سندس اسڪول جي احياطي ۾ پوکيل اهي نمن جا گھاٽا وڻ، جيڪي هاڻ وڌي ڏهلا ڏار پکيڙي ڇانودار درخت بڻجي چڪا آهن، سي سندس محبتن مان نپائي وڏا ڪرڻ واري وڙ کي سڄي ڄمار ساريندا رهندا. هڪڙي راڄنيتڪ ۽ علمي ادبي گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ امر ساهڙ انسان دوستيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جو علمبردار هئڻ باوجود ڪنهن به سياسي پارٽي جو پيڊ ورڪر ٿيڻ يا ”وڏيرن جو ونگاريو “ بنجڻ بابت چوي ٿو ته اها اسان جهڙن فقيرن جي ”واري“ جي ڳالهه ناهي. مذهبي گهراڻي سان تعلق هوندي به سندس سيڪيولر سوچ ۽ صوفياڻو مزاج متاثر ٿي ناهي سگھيو ۽ بقول اياز رضويءَ جي امر کي نه زماني جي خدائن جو ماڻهو سڏائڻ جو ڪو شوق آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن راشي ڪاموري جا ڪرا ڀري ڪا رعايت وٺڻ جي آرزو آهي، پنهنجي دنيا ۾ مڳن هي ملنگ ماڻهو پگهار حلال ڪرڻ کان پوءِ شاعريءَ جي سنڌ راڻي وٽ پناھ وٺي ٿو. نه رڳو سوچن جي سُرهي تيل سان شاعريءَ جي سينڌ سنواري ٿو، پر نثر سان به هن جو نينهن آڳاٽو لڳو آهي. ستياسي واري ڪاري ڏڪار ۾ ٿر واسين جي امداد تي هٿ صاف ڪندڙن خلاف هن هڪ ٽوھ ڪساري جهڙو ڪڙو سچ لکي، اي سي ڪمرن ۾ آرامي ڪامورن جي سرد جسمن مان گرم پگهر ڪڍرايا هئا. تڏهن اهي سفيد هاٿي مٿس مڇرجي پيا هئا، جن پنهنجي ”خاص خليفن “ معرفت خط لکي نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، انهي ذهني اضطراب واري ڪيفيت ۾ هو جڏهن ملول مک سان ڪيسوٻا جي عاشق فقير مقيم ڪنڀر جي هٽ تي وڃي ويٺو ته، ٿر جي هن کاهوڙي ڪردار سندس اکين م اداسي ڪنهن مسيحا وانگر پروڙي ورتي ۽ پوءِ هن هڪ ئي جملي ۾ کيس سمورن خدشن کان بي خوف ڪري ڇڏيو. هو چور آهن اهي فقط رات جي اونڌاهيءَ ۾ لڪي کاٽ هڻي سگهن ٿا، تنهنجو قلم ڀاڳئي جي لٺ آهي. اها لٺ ايتري طاقتور آهي، جو دنيا جو ڪو به ڌاڙيل ان سان مقابلو نٿو ڪري سگهي. ۽ پوءِ بقول امر جي ”اهي ڏينهن اجوڻا ڏينهن، مون ڪٿي به ڪڏهن ٿڪجي ڪا ساهي ناهي پٽي. فقير مقيم ڪنڀر جو احسان آهي، جنهن مون کي حق جي راھ تي هلڻ جو حوصلو ڏنو، انسانيت جي ادراڪ سان آشنا ڪرايو ۽ پنهنجي ماڻهوءَ ۽ مٽيءَ سان محبت جوفلسفو سمجهايو آهي.“ ڪلا جي ڪومل ديوي هن کي پنهنجي ٻاجهارين ٻانهن ۾ پناھ ڏني. فقير مقيم ڪنڀر جي آشيرواد پُڄاڻان هن ڏنگي ڏات ڌڻي پنهنجي ضمير جي آواز کي ڌَن تي ڌُتارڻ بدران ”وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي“ جهڙي سٽ جو مريد بنائي ڇڏيو. ۽ سندس قلم جو تقدس ڪنهن مقدس شيءَ جيان اڃان تائين سلامت آهي. مسلسل نثر توڻي نظم ۾ سندس اهو سڀاويڪ سفرجاري آهي. ڏات هن جي ذات جا سمورا ٿڪ لحظي ۾ لاهي ڇڏيا آھن. حياتيءَ جي هڙ ۾ جيڪي به تلخ تجربا ٻڌل هئا، اهي هن پنهنجي ڪلا جي ڪينجھر ۾ اوتي ڇڏيا، هن پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي محرومين کي ڪنهن عام روائتي ماڻهو وانگر نه پنهنجي شاعري يا نثر ۾ ڪٿي بيان ڪيو آهي، ۽ نه ئي وري ڪڏهن ڪنهن سان ڪا اهڙي قسم جي شڪايت ڪندي مون کيس ڏٺو يا ٻڌو آهي. سڀئي اوهنج، سڀئي غم ۽ پيڙائون پٽيارڻ ڄاڻي ٿو. ٿوري قُوت تي قرار ماڻيندڙ هن ماڻهوءَ کي صبر ۽ شُڪر جي ڄڻ ته سُتي مليل آهي. امر ڪمال جي قوت برداشت جا ڪيئي مثال قائم ڪيا آهن، پنجن منٽن کان مٿي ڪاوڙ هن جي هينئن ۾ جري ئي ڪونه. ڪيتري به ڪو گلا ڪري، مخالف ڪري، پر امر ڪنهن سان وير يا ڪا دشمني رکڻ بدران ”تو ڪيو توکي ڦٻيو مومل هي مذاق “ جي مصداق سڀ ڪجهه وساري ڇڏي ٿو. هن جي عربي سمنڊ جهڙي سرير ۾ جڏهن به ڪو وڇوڙي جو واچوڙو اٿندو آهي، جڏهن به ڪو عشق جو آر جوار ڀاٽا بڻجي پوندو آهي، تڏهن ڪئيي ڪاڳرن جا ڳوٺ سندس نظمن جي نيري پاڻيءَ ۾ پُسي آلي مٽيءَ جي هُڳاءُ وانگر ” تيز هوا ۾ آنچليا“ بڻجي اڏرندا آهن. هن جي ڏات ديوي جڏهن به ڳوٺن جي منظرن ۾ گم ٿيندي آهي، تڏهن ”مُقي“ سان ڳوٺ جا منظر مڙهي ڏيکاريندي آهي سندس من جي مانسروور ڍنڍ کي جڏهن ڏڪارن جو ڏُواءُ سُڪائيندو آهي، تڏهن ٿانور ڀٽيءَ جي بکي پيٽ خاطر زال کي ڀيڻ بنائڻ واري دک دائيڪ ڪٿا وانگر پنهنجي ديس ٿر جي ڪربناڪ ڪهاڻيءَ کي ”هليو وئين ورت کي ويڙهي“ جو عنوان ڏيئي اظهاري ٿو ته، مير حَسن آريسر جهڙي سُريلي شاعر ۽ ليکڪ کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو. ۽ هو ٿري عورت جي ان زهر جهڙي زندگيءَ جي پل پل پيڙا ۾ پڄرندڙ ڪهاڻيءَ کي پاڻ سان ٿيل واردات محسوس ڪري امر کي فون ڪري چوي ٿو ته، ”يار! مونکي ته ماري وڌو اٿئي“. سنڌ جي سونامي جهڙي صدمي يعني شهيد بينظير جي شهادت تي هن جو قلم رت ڦڙا روئي ٿو ته ”پنڪيءَ جي پيءُ کي چئجان“ جهڙو نظم ماڻهن جي دلين کي ميڻ بتي وانگر ڳاري ٿو. پنهنجي پريوار جي ريتن جو ٻارڻ بڻجي پرائي ڏيهه پرڻجي ويل ڪنهن نياڻيءَ جي ڏينهن ۾ ڏھ ڏھ ڀيرا مرڻ ۽ جيئڻ واري ڪيفيت کي محسوس ڪري ٿو ته ”صحرا مون ۾ ساھ کڻي ٿو“ جهڙو شاهڪار نظم لکي اسان پارن انيڪ اٻُوجهن کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏي ٿو. ڌرتيءَ جي هر دک کي پنهنجي اندر ۾ اوتي ” اکين ۾ الڪا “ کان وٺي ”صحرا مون ۾ ساھ کڻي ٿو“ تائين هن جو شاعراڻو سفر نه رڳو سيبتو آهي، پر سندس ڪلام ڳپل دلين وٽان داد وصول ڪري چڪو آهي. پر ڪنهن مڃتا يا موٽ لوڙ يا لالچ ۾ لوڻو ڦيري پوئتي مڙي نهارڻ ته ماڻهو ڇا ٿا چون؟ ان جو کيس نه ڪو کُٽڪو نه ئي ڪا اون آهي، هو چوي ٿو ته، ”مون ڪهڙي ڪوڏار هنئي آهي، جو ماڻهن کان ان جو اُجورو گُهران؟ مون دنيا نه پر دل جي چوڻ ته لکيو آهي، جيسين دل چوندي لکندو رهندس، باقي نبيرا پاڻهي نسل پيا ڪندا“
ريڊيو امر جو ٻيو شوق هو. ريڊيو مٺي تي آغاز ته انائونسر کان ڪيائين، پر اها کيس آئڙي ڪونه، ان ڪري ريڊيو ڇڏي هليو ويو. هُو تخليقڪار هو. تنهن چاهيو ٿي ته ڪي اڻ ڪهيون ڳالهڙيون پنهنجي ماڻهن سان اورجن، پر ائز اي انائونسر ائين ڪري نٿي سگهيو، پر جڏهن ڪمپيئر طور پروگرام ڪيائين تڏهن واقعي واڄٽ وڄائي ڏيکاريائين. خاص ڪري امر جو انداز گفتگو وارو جيڪو لچڪندار لهجو هو ان کيس صاحب اسلوب واري سڃاڻپ ڏياري هئي. لفظن جي ادائيگي اها به رڌمڪ اهڙي جو ڪيئي نوجوان سندس اسٽائيل جي اهل ڪرڻ لڳا هئا بقول سائينداد ساند جي ”امر جي ڳالهائڻ ۾ جيڪو رڌم آهي، اُهو ڪاٺ ڪُٽي جي ٽُڪ ٽُڪ جئين دلين جي ڌڙڪنن سان گڏ ڌڙڪي ٿو، باقي امر ساهڙ نعيما ممتاز ڀٽي ته پڪ سان ڪونه ٿي سگھندو“ امر جي هر پروگرام ۾ ماڻهن جي دلچسپي جو سمورو سامان موجود هوندو هو. ماڻهن جي زندگين سان لاڳاپيل سمورا موضوع امر جي پروگرامن جو اهم حصو هوندا هئا. ماڻهو پنهنجا مسئلا امر جي واتان ٻُڌي کيس پنهنجو سمجھي پيار ڪندا هئا ۽ موٽ ۾ ماڻهن جون دليون رکڻ جو هنر به خوب ڄاڻي ٿو. لسنرن جي آڌي، مانجهي ميسيج يا ڪال مان ڪڪ ٿيڻ جو سوال ئي نٿو پئدا ٿئي. بلڪ چوندو آهي، ته يار ماڻهن کي هيڏي محبت جي موٽ ۾ اسان ٻه ٻول ڳالهائي انهن جي دل رکي ته ڪهڙي گهٽتائي ٿيندي. سندس جاندار ۽ سنجيده ريڊيو اسڪرپٽ جي ڪري امر کي عام توڻي خاص ٻئي دل جي ڪنن سان ٻُڌندا هئا. هن جو پنهنجن لسنرس توڻي پاٺڪن سان جيڪو خلوص ۽ محبت ڀريو رويو آهي ان ڪري سندس مداح اڃان نه رڳو کيس سڪ مان ساريندا رهن ٿا، پر ساڳئي وقت ريڊيو مٺيءَ جي انتظاميه کي به امر کي واپس آڻي پروگرام ڏيڻ لاءِ چوندا آهن. باوجود سڀنيءَ کي معاف ڪرڻ واري گڻ جي سندس خودداري به غضب جي آهي، جيڪڏهن ڪنهن عزت ۽ محبت مان سڏيو ته اکيون پير ڪري هليو ويندو پر جي ڪنهن عزتِ نفس مجروح ڪئي ته پوءِ مرڻ مري ويندو وري ان جي اڱڻ تي نه ويندو. ريڊيو مٺي تي ڪيل پروگرامن ۾ پڙهيل اسڪرپٽ تي مشتمل ڪتاب ” خيال ڪڙو کڙڪائين ٿا“ امر جو پهريون نثري ڪتاب آهي. جنهن جا سمورا موضوع اسان جي آس پاس موجود آهن، پر انهن کي بي باڪي سان بيان ڪرڻ ۽ جرئت سان اظهار ڪرڻ جي خوبي امر ساهڙ کي پنهنجي همعصر ڪمپيئرن ۾ منفرد بڻائي ٿي. ٻهراڙيءَ جي ٻولي، لهجي ۽ پيشڪش جي انداز ئي امر کي امر بڻايو آهي، هن جي خيالن جي خوشبو اُهي سماعتون ۽ بصارتون ئي محسوس ڪري سگھن ٿيون جيڪي ٿوهرن جا ٿڪ ۽ مورن جي رنگن کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. هن ڪتاب ۾ امر پنهنجي پاران ۾ جيڪو ڪڙو سچ ڳالهايو آهي، ان يقين گهڻن جي لوڻن ۾ سر وڌا آهن، پر اهو به سچ آهي ته ٽيئڙتپ کي نيواڪوئن جي ڪڙي گوري سان ئي ٽاري سگهجي ٿو ۽ خاص طور تي مزاحيا انداز ۾ سندس اصلاحي اسڪرپٽ نه رڳو پڙهڻ ۾ چَس ڏين ٿا، پر ساڳي وقت ڪجهه سوچڻ تي به مجبور ڪن ٿا، هن پنهنجن اسڪرپٽن جو حصو سماج جي انهن ڪردارن کي بڻايو آهي، جيڪي اسان جي اوسي پاسي موجود آهن، انهن جي گڻن ۽ اوگڻن کي امر نهايت ئي پُر اثر انداز سان بيان ڪيو آهي. هي پنهنجي ماڻهن جي هر ڏک کي دل جي گهراين سان محسوس ڪري ٿو. ريڊيو تان هئين بيان ڪري ٿو.” اسان کي علم آهي، ته اوهان پنهنجي مڙهي ماءُ لئه پاءُ ناس جو ۽ پوڙهي پيءَ جي لئه پن جي ٻيڙين جي جهوڙي ، دادلي ڌي لئه وال پوتيءَ جو سڪيلڌي پٽ لئه رٻڙ جي جُتي ۽ زال جي ڳوٺڻ لاءِ اڌ وال ڪپڙي جو آڻي نٿا سگهو تڏهن ائين ڏري پئو ٿا، جئين زلزلي ۾ زمين ڏري هئي“ هي نج ٻولي، هي احساس هن ڪتاب جي صفحي تي ائين پکڙيل آهن جيئن باغ ۾ رنگبرنگي گُل ٽڙيل پکڙيل هوندا آهن، جيئن باغ جي گلن جا رنگ ۽ نمونا يا خوشبو الڳ رنگ هوندا آھن، ائين ئي هن ڪتاب جي هر صفحي تي الڳ الڳ موضوع الڳ رنگ ۽ ان جي خوشبو آهي. ٿر سميت سڄي سنڌ جي مسئلن جي اپٽار به آهي ته شاعرن، گلوڪارن، سماجي، سياسي ڪارڪنن بابت پروفائيل به هن ڪتاب جو حصو آهن، وڻن ۽ ڌڻن کان وٺي پکين تائين هر موضوع هن ڪتاب جي ڪئنواس تي پاڻ پسائي ٿو. سو بنان ڪنهن وڌاءُ جي چئي سگهجي ٿو ته هن ڪتاب جا کڙ کٻيتن جهڙا خيال واقعي دلين جا ڪڙا کڙڪائڻ جي سگهه رکن ٿا. ان کان سواءِ ”صحرا مون ۾ ساھُ کڻي ٿو“ واري سموري شاعري هن جو شاندار تعارف ڪرائي رهي آھي.

سُومجي مل ڌاراڻي

هُي اُن شهر جو جُهونڙو ڪلاڪار آهي، جنهن شهر ميمڻن جي موجودگيءَ ۾ پئرس جهڙو اوج به ڏٺو، ته اُنهن جي الوداعي کانپوءِ بغداد جهڙي بربادي به...! جنهن شهر فانوسن جي روشنيءَ ۾ رقص ڪندڙ ماهه پيڪر مُکڙين جون مُرڪون به ڏٺيون ته 65ع ۽ 71ع جي پاڪ ڀارت جنگين ۾ آڌي رات ويلي پنهنجي ڌرتي ڇڏي ويل ڌيئرن جا خاموش سُڏڪا به ٻُڌا، هي اُن شهر جو سپوٽ ليکڪ آهي، جنهن شهر سنڌي ادب کي ”ساگهڙ “ جهڙو ناول لکي ڏيندڙ ليکڪ عثمان ڏيپلائي ڏنو. جنهن شهر سنڌي شاعريءَ کي مصري تڙن جهڙو مٺڙو راڳي مصري ڏيپلائي ڏٺو. جنهن شهر سنڌ جو وڪٽر هارا صادق فقير به ڏٺو. هي اُن شهر جي باغ ۾ موجود هڪ اهڙو وڻ آهي، جنهن جي واسنا صدين تائين هن شهر کي سُرهاڻ سان واسيندي رهندي. هن جي ڏرا ڏيئي ويل اکين ۾ اڄ به ڏيپلو ڪنهن ٻوگهلي ٻار وانگي مُرڪي ٿو. هي اڄ به ڏڪندڙ هٿن ۾ قلم کڻي ڪجهه لکي ٿو ته ڏيپلو ٽهڪ ڏيئي سرهو ٿئي ٿو. امرتا پريتم جي آپ بيتي جهڙو اتهاس رکندڙ ڏيپلي شهر جي هڪ غريب پورهيت ميگهواڙ لڌارام جي گهر ۾ 12 نومبر 1946ع تي اک کوليندڙ سومجي مل ڌاراڻي هڪ اهڙو پراڪرمي پُرش آهي، جنهن جي مهانتا سندس للاٽ تي لاٽ وانگي جرڪي ٿي. سندس ماتا حوا ٻائي جي گود ۾ گُد ڏيئي، وڏو ٿيل سومجي مل ننڍي کان ئي وڏو ذهين هوندو هو. هن شروعاتي تعليم ڏيپلي مان پرائي ۽ ميٽرڪ پڻ هاءِ اسڪول ڏيپلو مان ئي پاس ڪئي. 1977ع ۾ اليمينٽريءَ ۽ انٽر ڊرائينگ جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيو. گريجيوشن 1980ع ۾ ڪئي ۽ پوسٽ گريجيوشن پوليٽيڪل سائنس ۾ 1982ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان پاس ڪيو. ننڍي هوندي ڪتابن سان عشق جي حد تائين انسيت هئڻ ڪري هن تمام گهڻو مطالعو ڪيو. هن سنڌي ادب جا اُهي سڀ ڪتاب پڙهيا جيڪي مشهور هئا. هن جي. ايم سيد جو ”جنب گذاريم جن سن“ به پڙهيو ته پير علي محمد راشديءَ جو ”اهي ڏينهن اُهي شينهن“ به پڙهيو. غلام رباني آگري جو ”جهڙا گُل گُلاب جا “ به پڙهيو، پر هي تمام گهڻو متاثر تڏهن ٿيو، جڏهن رائچند راٺوڙ جو شهر آفاق ڪتاب ” تاريخ ريگستان“ پڙهيو. هن کي ڏندين آڱريون اچي ويون ته، هڪ ڏُتڙيل قبيلي جي ماستر ماڻهو سهولتين جي ڏڪار ۾ ايڏو وڏو ڪم ڪئين ڪيو؟ هن معصوم انسان جي اندر ۾ سائين هريجن لاءِ گهڻي محبت پيدا ٿي. هن سوچيو ته اهڙي املهه هيري بابت مڪمل ڄاڻ هٿ ڪجي. سو هن سنڌي ادب جا تقريبن سڀئي ڪتاب پڙهيا، پر رائچند بابت ڪٿي به ٻه اکر لکيل نه ڏٺا. هن کي تمام گهڻو ڏُک ٿيو، اُنهن ليکڪن ۽ تاريخدانن تي جن هن جي قبيلي جي هيڏي وڏي شخص کي اڇوت جي ڪري وساري ڇڏيو. ان ڏينهن هن پڪو پهه ڪيو ته پنهنجي ذات جي هيرن جو هار ٺاهيندس. اهڙي مالها پروئيندس جنهن ۾ ”رِکيا“ رتن جوت وانگي جرڪندا، ۽ هن سڄي عمر جاکوڙي نيٺ اهو ڪارنامو ڪري به ڏيکاريو. سال 2015ع جي نائين مهيني ۾ 470 صفحن تي مشتمتل ڪتاب ”ميگهه ونس مالھا“ ڇپائي ماروئڙن جي هٿن تائين پهچايو. سومجي مل ڌاراڻيءَ جو هي ڪارنامو تمام وڏو ڪم آهي. ميگهه ونس مالھا جا 108 ئي مڻيا ميگھواڙ جاتي سان تعلق رکن ٿا. هن ڪتاب ۾ سومجي مل هر اُن ميگھواڙ هيري تي لکيو آهي جنهن پنهنجو نالو جڳ ۾ روشن ڪيو آهي. سومجي مل ڪتاب ۾ اول لکيو آهي اُنهن تي جن ”جڳ پڙهايو ۽ پاڻ پڙهيا“ هن لکيو آھي ”کاري کيڙائوُئن“ تي، هن لکيو انهن تي”جلي جي ٻين کي سُهائو ڏين ٿا“ هن لکيو انهن تي جيڪي”کرڪڻا لاهي سُک نه سُتا ڪڏهن“ هن ”جيون جاکوڙين تي به لکيو“ ته ”تن جي طبيبن تي به لکيو“ هن انهن مائرن، ڀينرن تي به لکيو جيڪي ”مهان“ هُيون. هن ميگهواڙ جاتيءَ جي انهن چترڪارن تي به لکيو جن ”مانجهين جي من ۾ عڪس چٽيا“ هن انهن درويش صفت سنتن تي به لکيو جي”پوڄارا پُر ٿيا“ هن انهن ڪلاڪارن تي به لکيو، جن جي”ڪنٺ ۾ ڪلا “ ڪوڪي ٿي. هن هر ”سماج سُڌارڪ“ تي لکڻ سان گڏ اُنهن ”مُٺ مُٺ موتين“ تي به لکيو جن ”موتي آڇيا من جا مُتفرقه “ طور لکندي هن ميگهه وس مالها ۾ ميگھواڙ جاتيءَ کي جُڳن تائين جيئرو رکي ڇڏيو آهي. ميگهواڙ جاتيءَ جي هن منفرد ليکڪ نوڪريءَ جي شروعات 13 نومبر 1964ع تي يونين ڪائونسل ڏيپلو ۾ لئبريري ڪلارڪ طور 70 رويپه ماهوار پگهار تي ڪئي، جتان پنهنجي محنت ۽ اورچائيءَ جي ڪري ڏاڪي به ڏاڪي ترقي ڪندو رهيو. لئبريري ڪلرڪ مان سينئر ڪلرڪ ٿيو ۽ پوءِ آفيس اسٽنٽ ۽ 2000ع ۾ مڪاني حڪومت جي نظام ۾ تعلقه ميونسيپل ايڊمنسٽريشن ڏيپلو ۾ تعلقه آفيسر فناس 17 گريڊ ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏيئي رٽائرڊ ٿيو. سٺو ليکڪ، سٺو انسان ۽ محنتي آفيسر هئڻ سان گڏ هي هڪ سُٺو مصور به آهي. هي زندگيءَ جا سڀئي رنگ ڪاغذ جي ڪينواس تي اهڙي طريقي سان چٽي ٿو جو ان کي ڏسندي ماڻهوءَ جي دل دنگ رهجيو وڃي. حياتيءَ جا ڏک، سک، رنگ ۽ رُوپ سڀ ڪُجهه چترن ۾ چٽيندڙ مسٽر سومجي مل ڌاراڻي هڪ خُوبصورت خطاط ڊزائينر، مترجم ۽ سماج سُڌارڪ به آهي. کيس ڪيئي پُرسڪار به ملي چڪا آهن. ”امر وير لڌارام“ ايوارڊ 2014 ع خوبصورت خطاطيءَ تي مليو ۽ ساڳي سال سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏيپلو پاران ”بيسٽ آرٽسٽ“ جو اعزاز مليو. واجد منگي ايوارڊ 2014ع ۾ ڀٽائي آرٽ ڪائونسل ماتلي پاران ”شانتي “ ڊرامي جي ڍاٽڪي ترجمي تي مڃتا طور مليو. فنون لطيفه ۾ ماهر هئڻ سان گڏ سومجي مل ذهني طور به تمام ذهين انسان آهي. رياضي تي تمام گھڻو عبورحاصل آهي. ان جو مثال هي آهي ته سال 2011ع ۾ بجيٽ رول مطابق بجيٽ ٺاهڻ لاءِ سڄي سنڌ مان 9 اڪائونٽ آفيسر ضلع وائيز چونڊيا ويا، ڪو به اڪائونٽ آفيسر بجيٽ نه ٺاهي سگهيو، پر سومجي مل ڌاراڻي اهو واحد ماڻهو هو جنهن رول 2011ع مطابق بجيٽ ٺاهي ڏني. جنهن جي مڃتا طور سنڌ سرڪار ٽيهه هزار روپيه روڪ رقم انعام طور ڏني. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏيپلو پاران 2018ع ۾ کيس لائيف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ مليو ۽ 2019ع ۾ غُلام محمد جنجهي يادگار فائونڊيشن پاران بهترين چترڪار جو ايوارڊ مليو.
ڪبير جي دوُهن جهڙو هي دادلو قلم ڪار هن وقت عمر جي ان ڏاڪي ۾ آهي جنهن ۾ ماڻهون مُڪتي لاءِ سوچيندو آهي، جنهن ۾ گناھ بخشائڻ لاءِ رات ڏنيهن مندر ۾ مٿو ٽيڪيندو آهي، پر هي نه ٿو ڪري. هي اڄ به ادب ۽ سماج جي خدمتن جي لاءِ سوچيندو آهي. شگر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هوندي به هي لکي ٿو. اڄ ڪلهه ٿر جي ريتن، رسمن تي لکي رهيو آهي. حياتيءَ جي ڊگھي سفر ۾ هن ڏک به ڏٺا ته سک به ڏٺا. ڌن دولت سڀ ڪُجهه هوندي به هو اڌوُرو آهي. ڇاڪاڻ ته مالڪ مٽيءَ جي سير لاءِ سڪائي ڇڏيو آهي. اولاد جي اڻهوند ۾ هُن جي حياتي پورڻتا جي پد کي پراپت نه ڪري سگھي. پر پوءِ به هي هر وقت مرڪي جيئي ٿو. چوي ٿو ته منهنجو اولاد منهنجو قلمي پورهيو آهي. واقعي قلمي پورهئي کان وڌيڪ ڪو سپُوٽ اولاد ٿي ئي نه ٿو سگهي. ماڻهو آخر مٽيءَ جو کاڄُ ٿيو وڃي، پر ڪتاب صدين تائين سيني به سيني قائم ۽ دائم رهندا آهن. هر وقت مرڪي ملڻ وارو هي مهان انسان صفا سادي طبيعت جو مالڪ آهي. هر آيل کي آدر ڏيندڙ هي ڏوڪرو اڄ به هر سانجهه ويلي هٿ ۾ لٺ کڻي ڏيپلي جي گهٽين ۾ پسار ڪندي، انهن وڻن سان پنهنجون وارتائون اوريندو آهي، جن هيٺ ويهي هن ڪڏهن سُپرين سان گوڏو گڏي ڪچهريون ڪيون هيون. هي هر روز اُنهن وڻن جي ڇانوَ ۾ ويهي پنهنجي محبوب ماضيءَ سان ملڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ننڍي وڏي هر ڪنهن سان هڪ جيترو پيار ڪندڙ سومجي مل ڏيپلي جي ماٿي تي گُلال جي تلڪ جهڙو وڻندڙ آهي. دعا آهي ته اڃان به گهڻي ڄمار ماڻي ۽ ڏيپلي جي رستن تي رواداري جا ڏيئا ٻاريندو رهي. ڏيپلي کي هن جهڙن ڏيئن جي سُهائيءَ جي گهڻي ضرورت آهي. مُني صدي ڏيپلي جي خدمت ڪندڙ سائين سومجي مل ڌاراڻي اڄ به سماجي ڪمن ۾ رڌل هوندو آهي. هاءِ اسڪول جي هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ٽرافيون، يونيفارم، چانديءَ جا ميڊل، ڪاپيون ۽ جاميٽريون وغيره ڏيڻ، غريبن کي پيئڻ جي پاڻي لاءِ هينڊ پمپ ڏيڻ ۽ اسڪول ۾ پنکا لڳرائي ڏيڻ جهڙا نيڪ ڪم انيڪ ڪندي سائين اڄ به سرهائي محسوس ڪندو آهي. پر افسوس جو اسان جو هي مرده پرست سماج جيئري ڪنهن جو قدر ناهي ڪندو. اسان کي گهرجي ته اسين اهڙي ڳڻوان بزرگ جي همٿ افزائي ڪرڻ لاءِ کين خراج تحسين پيش ڪيون ۽ ان کي اُهو احساس ڏياريون ته اسين اوهان جي ڪيل پورهئي کي سچي دل سان سويڪار ڪيون ٿا.

ڀارو مل امراڻي سُوٽهڙ

ڀارو جو جنم چيلي چارڻ واري اُن سدا ملوڪ شهر چيلهار ۾ ٿيو آهي، جنهن کي جوجهارسنگهه ساڏُور جي جُوءَ طور سُڃاتو وڃي ٿو. صدري ساهتيه ساکي ڏي ٿو ته اڻ هوند ۾ به هوند واري سخا نڀائي سوڍي جُوجهار نه رڳو پنهنجي پرمپرا پاري پر ڀومي جو به ڀرم رکيو. اُن ڀاڳ ڀري ڀوميءَ جي ٻن اُملهه ڪردارن: رائچند راٺوڙ ۽ منگهارام اوجها جي نقش قدم تي هلندي، هڪ هٿ ۾ قلم جي تلوار ۽ ٻئي هٿ ۾ محبت جا گُل کڻي گهُمندڙ اُن وِرهه جهڙي وجود جو نالو آهي ‘ڀارو مل امراڻي!’
چيلهار جي چارن تي بانبڙا پائي علم جي تارن کي ڳوليندڙ هن الستي وجود اهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته هُو وڏو ٿي ٿر جو ‘ودياپتي’ ۽ ‘ديوندر ستيارٿي’ ٿي، ادب جي اُفق تي زرافشان ٿيندو ۽ علم جي عاشقن کي ‘دُرو’ جهڙا درشن ڏيندو! هن ته اهو به نه سوچيو هو ته هِن هڻ هڻان ۽ وٺ وٺان واري بي رحم دور ۾ هڪ قلمڪار جي حيثيت ۾ هن جو سمان ڪندي نه رڳو ساڻس سُرهي سانجهه ملهائي ويندي پر حياتيءَ ۾ سندس پورهئي تي ڪتاب به لکيو ويندو! پر ‘زود نويسي’ جا هڙئي گُر ڄاڻيندڙ هن ‘زود فهم’ جي زرخيز ‘ڀاوي’ ۾ ‘ڀاون’ اهو سڀ ڪجهه سڀاويڪ طور رقم ڪيو هو. هن جا ساڏوهي ڄار جي سيڙڪن پيروئن جهڙا سڀئي خواب ساڀيا ڪُنوار سان لانئون لهي چُڪا آهن. هڪ شاعر ۽ ليکڪ کي اُن جي پورهيي جي مڃتا کان مٿي ٻيو ڇا کپي؟؟
هُنرمند قبيلي جي ڪاڪي ڪانجي مل جي گهر ۾ اک کوليندڙ هي نوجوان مون کي ڪنهن جپسي جو اهڙو پُنر جنم لڳي ٿو، جنهن جي من جي تشنگيءَ ۾ ديس ڀڳتي جون ڀاونائون لُڇن ٿيون. جنهن جي تَن جي وَن ۾ وِڄا جي وِڄ جا تجلا پري کان پَسجن ٿا. جنهن جي اڻ ٿانيڪي دل سمندر ۾ مٽيءَ سان ازلي مُحبت، ڪنهن اوڄاڳيل وڻجارڻ جي اُڻ تُڻ جيان لُڇي ۽ لوچي ٿي!! ڪنهن ديو مالائي ڪردار جيان دُولان ديهي جو مالڪ ڀارو مل ڏُڪاريل وطن ۾ ڪنهن ڏيجوان ڏوٿيئڙي کي ٻَري ۾ ٻرندو يا بُک ۾ اُجهندو ڏسي ٿو ته دل افگار ٿي ڏنجهه ۾ ڏُسڪا ڀريندي دل ئي دل ۾ ڀُڪا ڀُڪا ٿي پوي ٿو ۽ پوءِ هُن جي جهوناڳڙهه جهڙي اندر مان شاعري سورٺي دانهن بڻجي آبي بخارن جيان اُڀامي ٿي. هن جي شيتل سڀاءُ ۾ ڪانڪهي جي ڇانوَ جهڙي ڪوملتا سمايل آهي. هُن جي مَخمُور مُهانڊي تي مُرڪن جا پنائتا پوپٽ هر ويل پرواز ڪندا رهندا آهن. هُو ڪڏهن به ”ڀام“ ۾ اچي ”ڀُرچڻ“ نه چاهيندو آهي. ڪير هن سان ڪڙو ٿيندو آهي ته هُو ”واتوُرجڻ“ بدران اُن سان ٻاٻيهي جهڙا ٻه مٺامول ٻولي ماحول مهڪائي ڇڏيندو آهي. ماحول ته تڏهن به مهڪائيندو آهي جڏهن رنگ منچ تي چڙهي پنهنجي مٺڙي لهجي ۾ ڪو ادبي ليڪچر ڏيندو آهي. هُو جڏهن لورڪا جي فڪر، آلندي جي نظريي، ماياڪو وسڪيءَ جي مايوسي، البرٽي جي نراسائيءَ ۽ آريسر جي آرٽ تي دل کولي ڳالهائيندو آهي تڏهن پنڊال ۾ موجود ماڻهن تي اسڪاچ جا خُمار ڇانئجي ويندا آهن.
هُو جڏهن انساني عشق جي آڳ ۾ چيئن تي چڙهيل ديڳڙي وانگي دُکي ٿو تڏهن ميٿلي ٻولي جي محبوب ڪوي ودياپتي وانگي ڪونج ڳچين لئه ڪويتائن جا ڪٺمال جوڙي ٿو. ڪاليداس بڻجي جديد دور جي شڪنتلا سرجي ٿو، چندي داس بڻجي ڪنهن ويراڳڻ ٿريچيءَ جي وجود ۾ ‘راميءَ’ جا روپ ڳوليندي پرماتما پائي ٿو. هُو عشق جي الستي آڳ ۾ بن بن بين وڄائي ٿو!
هُو جڏهن ميهوڳيءَ ۾ ڪنهن وينگس جي ”ڪت“ تان پري ٿيل ڪنجري کي ڏسي ٿو يا ڪنهن ”اُرهه سرنگي“ سُونهن سان اکيون چار ڪري ٿو تڏهن هُن جي بنواس ۾ ‘ڀرٿري هري’ پلٿي ماري ويهي رهي ٿو، ۽ هُو ڪام ۽ ڪامڻيءَ تي دل کولي لکي ٿو، دل کولي ته هُو تڏهن به لکي ٿو جڏهن هُن جي عاشقاڻي اندر ۾ ڪن ساحر اکين جا عڪس وڏي ڦُڙي جهڙو رقص ڪندا آهن. هُو جڏهن آتم هتيا ۾ آنند پائيندڙ ماياڪو وسڪيءَ کي ميارون ڏئي ٿو ۽ آرٽ جي انقلاب لاءِ ٽراٽسڪيءَ سان روحاني رهاڻ رچائي ٿو، تڏهن هُن جي آسوندن اکين اڳيان ‘اَلندي’ نئون رُوپ وٺي نروار ٿئي ٿو ۽ هُو عالم آشڪار جي ڀلائي لئه سٽون سرجي سڪون ماڻي ٿو. هُن کي ‘البرٽي’ واري مايوسي قطعي ڪا نه ٿي آئڙي، ڇو ته هُن اُميدن جي چيچ جهلي چيلهار جي چارن مان هلڻ سکيو آهي. هُن وٽ مري به جيئڻ جو ڏانءُ آهي!
ڀارُو جو قلم تڏهن به تيز تلوار جيان هلندو آهي جڏهن هُو بانڪي داس جي ‘همروٽ ڇتيسي’ ۾ سوڍين جي سُونهن پسي سرهو ٿيندو آهي. هُن جي ڏات تڏهن پروان چڙهندي آهي جڏهن ڪنهن لالر وِينگس جي لِلاٽ تي چنڊ جيان چمڪندڙ لالڙي جي جِهرمر جلوا افروز ٿيندي آهي يا ڪنهن ٻانهياري جي چُوڙي ۾ ٽانڪيل ٽُنئور ٽمڪا ڪندو آهي يا ڪنهن ترائي ڪپ تي ”ڪانهوڙي“ جو ناچ ڪندڙ ڪنهن انڊلٺي انگ جي پيرن ۾ ڇيلڪڙو ڇمڪا ڪندو آهي.
ڀارومل رُڳو ڪامڻين جي ڪنچن ڪايا ۽ ‘ڪام’ جي موهه مايا تي نه ٿو لکي ۽ نه ئي وري رڳو پنهنجي سرتيءَ جا ‘ساروفا’ چٽي ٿو، پر هُو ته ڏُڪاريل وطن جي ڏوٿين لئه به لکي ٿو ته مها ٻوڏ ۾ ٻُڏي ويل لاڙ جي دردن تي به دُکي ٿو. هُو ڌنار جي درد تي به دل آويز نثر لکي ٿو ته پورهتن جي پگهر تي به هينڊسم هٿن ۽ مور نٿن جهڙا نظم لکي ٿو. هُو سوڍن جي سورهيائي تي به سچي دل سان لکي ٿو ته ڪارن ڪولهين جي اڏولتا جا احساس به سرجي ٿو. هُو ٻهراڙين جي سُونهن گنگا ۾ شنان ڪندي ميگهواڙن جي من موهڻي سُندرتا تي ‘بيت الصنم’ جهڙا بيت لکي ٿو. هي چيلهار جو چنڊ ڪنهن ‘کُٿابي’ کي کيڏڻ واري وهي ۾ جبري پورهيي جي ڄار ۾ ڦاٿل ڏسي ٿو ته ڦٿڪي چوي ٿو ته:
آڏاڻي تي ٻار، مورن کيڙا ڀر ۾،
دل جي اٿل اڳيان قالين ڪاروبار،
قرضن سندي بار، راند رمڻ روڪي ڇڏيو.
هانءُ ۾ هٿ وجهندڙ هن بيت جو سرجڻهار ڀارُو مل جڏهن ميهوڳي ۾ اُداس ڪنهن ٿاريلي کي ڪانڌ لئه ‘هور’ وجهندي ڏسي ٿو ته هُن جي اندر ۾ گورين جا گيت سُر سامونڊي بڻجي اُڀريو اچن ٿا ته هُو دانهن ڪري چوي ٿو ته:
هاءِ پيارا، جيءُ جيارا،
وسڪاري ۾ ورڻي وسري،
توکي پنهنجي پرڻي وسري .
سفاڪ دهشتگردن جي ڀُو ۾ ٻُڏتر جو شڪار ڀارُو پنهنجي نِرمل سرتيءَ کان خواجه فريد جي ڪافي جهڙي چُمي هُجت مان هڪدم گهُري ٿو ته متان ڪٿي اڌ ۾ نه رهجي وڃي! چُمي جي اڌ ۾ رهجي وڃڻ جي چنتا ۾ سِگري جيان سڙندڙ مُنهنجو هي محبوب دوست صحرائن ۾ سڙندي، ڌرتيءَ جي ڌُوڙ ڦلهوڙي ‘گيت سانوڻ، من ڀانوڻ جا’ ڳولي ٿو. ڌرتيءَ جا گيت ڳوليندي هُو سرتيءَ جي معصوم مُرڪن کي مالهائون سمجهي هئين جو هار ڪري ٿو! هي بنهه ٿورو لکي ٿو پر لکي ڪمال جو لکي ٿو! مِقدار کان وڌ معيار تي ڌيان ڏئي ٿو. هن کي نه گهڻي ڇپجڻ جي ‘گُرسنگي’ آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن ‘لوازمي’ جي لوڀ آهي. هُو ته بس پنهنجي فِڪر جا ڦُول کڻي گهر گهر در در اهو هوڪو ڏيئي هلائي ٿو ته:
هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ مانجهيان اي مرڪ
بنهه سادڙي، فقيرتَن ۽ مَن جي مالڪ ڀارُو مل جي مهمانوازيءَ جو ساکي رُڳو تڙ حمير وارو تونگر شهاب ناهي، پر ڀارُو جي ڀلسرا جو شاهد ننگر جو نامور شاعر ساگر خاصخيلي به آهي. ڀارُو جي ڪُشادي دل ۽ دسترخوان جي واکاڻ جتي، ”آپڻو موريو مري گيو“ جهڙا مُنفرد نظم سرجيندڙ ناشاد سمون ڪري ٿو، اُتي “ورهين کانپوءِ وُٺو هو ٿر“ جهڙا وڏا نظم لکندڙ، ٿاداٿ جي ٿريي امر ساهڙ جون اکيون به ڀارُو جي ڀليڪار کي سويڪار ڪندي ائين چون ٿيون.
مڌ پيئندي مون ڏٺو چانڊوڪيءَ ۾ چيلهار،
ڳليون وڻ ڳانڱاٽيل کِليو ڪن کيڪار،
ڀارُو جي ڀليڪار مُور نٿي مونکان وسري.
ڀارُو جي ڀلوڙ شاعري جي ڪتاب مُرڪن مالهائون جو ورق ورق سونا رُوپا آهي. ڀارُو جا غزل ننڊاکي ٻار جي مُرڪ جيان دل کي وڻندڙ آهن ته نظم ماٺيڻي محبوب جي ناز جهڙا نوخيز آهن. ٿوهر منڌي جهڙا گيت آهن ته وينڊلين جي وراڪن جهڙيون وڻندڙ وايون آهن. ان سوني روپي ڪتاب ۾ موجود هڪ بيت مونکي ڊائمنڊ لڳو! ڇا ته خيال آهي:
ڇاتيءَ جا ٻيڙا کولي ڇِرڪي ڇوڪري،
هيءَ هيل پکيئڙا مُور نه رهندا ماٺ ۾.
ڀارُو مل کي سائين ولي رام ولڀ، ‘ديوندر ستيارٿي’ سڏيو آهي، ته تولارام سوٽهڙ وري کيس ‘ٿر جي ودياپتي’ جو درجو ڏنو آهي، پر ‘ٻيڙن’ وارو بيت پڙهڻ کانپوءِ آئون سائينءَ کي ٿر جو ‘ڀرٿري هري’ چوندس!
ٿر جو لوڪ ادب تمام شاندار ۽ جاندار آهي، جنهن کي گهڻي ڀاڱي صدري ساهتيه چيو ويو آهي، جيڪو سينا به سينا صدين جو سفر طئي ڪري، تاريخ جي ورقن ۾ زنده جاويد آهي. جهونن جهانگيڙن جي سپنن جي سرزمين ۾ دفن ٿيل اهڙي لاکيڻي لوڪ ادب کي اجاگر ڪرڻ ۾ ٿر جي هن لاڏلي اديب وسان نه گهٽايو آهي. ماروئڙن جي سگهڙپائي مان سبق آموز لوڪ ڪٿڻيون گڏ ڪرڻ ڀارو مل جي ڪرت بڻجي ويئي آهي. لوڪ ادب جي لاءِ اکين کي اوجاڳا ۽ سرير کي اذيت ڏيندي ڀارومل امراڻيءَ جو هڪڙو اهڃاڻ محنتي محقق وارو آهي، هُو نه رڳو مختلف ٻولين جو لوڪ ادب پڙهي ٿو پر پنهنجي ٻاٻاڻي ٻوليءَ ۾ اتاري ٻوليءَ تي احسان ڪري ٿو. ”ڌرتي ڳائي ٿي“ کان وٺي ”چتر ٻولي چارڻان“ تائين هن ڌرتيءَ جي چپي چپي کي سهيڙيو آھي.
ڀارومل امراڻيءَ جو تحقيقي پورهئي وارو ڪتاب ”همروٽ ڇتيسي“ تمام بهترين آھي. سچ اهو آهي ته ننڍي کنڊ جي وڏي ڪوي بانڪيداس جو عمرڪوٽ جي باري ۾ لکيل ڇٽيهه دوهن تي مشتمل ادبي شهپارو، سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻي، ڀارومل سنڌي ادب ۾ عمرڪوٽ کي جُڳا جُڳ جيئرو ڪري ڇڏيو آهي. ان سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ قيمتي تحفو پڻ وڌو آهي. ”همروٽ ڇتيسي“ جي ترجمي، تشريح ۽ تنقيدي جائزي ۾ ڀارو جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، سا واقعي ڪمال جي آهي، جنهن کي پڙهڻ سان ماڻهو تي سونهن، سورهيائي، سچائي، سخاوت ۽ رومانس جا رنگ حاوي ٿي وڃن ٿا. سوڍين جي حُسن کي ڪوي بانڪيداس ته پنهنجي انمول ڏات سان ڪوتا جي ڪئنواس تي جهڙي ريت روپيو آهي، اهڙي نموني چيلهار جي هن چلولي چنڊ پنهنجي فن جي چانڊوڪيءَ سان سوڍين جي سونهن کي چوراسي چنڊن کان وڌيڪ لفظن جي چاندني ڏئي ادبي آڀي تي چمڪايو آهي ۽ چتر سُڄاڻ سوڍن جي سورهيائيءَ کي ڀارومل جنهن ڀلي انداز سان بيان ڪيو آهي. اهو پڙهي دل بي اختيار واکاڻي ٿي.
ڀارومل کي اهڙي مانائتي پورهئي تي منهنجي طرفان لک لک واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

آس عبدالله هنڱورجو

هُو جيڪو قد جو قدآور، بدن ۾ ڀريل سانوري رنگ وارو اهو ٿر واسي شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ صحرا جا اُهي سڏڪا سمايل آهن جيڪي مورن جي مرڻ تي ڊيلن ڀريا آهن، جيڪي ابهم ٻارڙن جي مرڻ تي اڀاڳين مائرن ڀريا آهن، ۽ اڻ پڙهيل عاشقن جي وڇوڙن تي وينڍلين وارن ٿري محبوبائن چونئرن جي نيون ۾ هٿ وجهي ڀريا آهن! هُو جنهن جو جنم هڪ سگهڙ جي گهر ۾ ٿيو آهي، اهو سگهڙ جنهن جي ٻوليءَ ۾ چارڻ وارو چس ۽ ماکي لار جهڙو رس سمايل آهي، جنهن جا گياني گُفتا ٻُڌي ماڻهو ڪچهريءَ جي سحر ۾ جڪڙجيو وڃن ٿا. رائلي جهڙي رُوڙي ڳوٺ کان ٻه ڪوھ پري ٻگهار جي ٻهگڻ وستيءَ ۾ محمد سانوڻ هنڱورجو جي گهر 23فيبروري 1989ع تي اک کوليندڙ عبدالله آس هنڱورجو ٿر جو بهترين غزل گو شاعر آهي. هن جا غزل سادڙي ٻوليءَ سان سينگاريل ، پيار ڪرڻ جهڙا آهن.

هُو جيڪو محبت جي ميدان ۾ ناڪاميءَ جا تحفا ماڻي موٽڻ کان پوءِ حياتيءَ جي ڪنوار کي ”آس“ جا زيور پارائي، هن درد ڀري دنيا ۾ محبت جا ڦول ماڻڻ جي لاءِ ڪويتا ديوي جي ديول ۾ ڏات جا ڏيئا ٻاري جئيڻ جا جواز گوليندو رهي ٿو. شاعريءَ جي سندر ديوي هن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري پناھ ڏي ٿي. بي راھ روي جي بنواس ۾ ڀٽڪڻ کا بچي پوي ٿو ۽ ادب سان بي پناھ عشق ڪري ٿو، جڏهن ته هن کي اها به پڪي ريت پروڙ آهي ته، ادب جي دنيا ۾ تنقيد براءِ تنقيد جي رحجان وارو وارو رائو دلين جا پيرا رتورت ڪري ڇڏيندو آهي، پر پوءِ به هن مڙي نهارڻ مهڻو سمجهي، پنهنجي اندر جي اٻراٽ شاعري ذريعي سڻائڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آھي. شاعري جي پُر پيج مارڳ تي هُو کڻي سو سيڪڙو ڪامياب ناهي ويو، پر پوءِ به هن جي ادبي پورهيي کان قطعي انڪار نٿو ڪري سگهجي. هن جي راھ ۾ ڪيئي رڪاوٽون اچڻ باوجود هو ادب جي اڙانگي پنڌ ۾ ڪٿي به ٿڪو ناهي. اڄ به جستجو جاري رکيو اچي، ڇاڪاڻ ته هو دور انديش ماڻهو آهي، هن جا ارادا هماليه کان اوچا ۽ اٽل آهن!!
هُو ڪو ٻالا ڀولو ٻار ناهي، جيڪو باھ جي لال رنگ تي موهت ٿي ان کي هٿ ۾ کڻي ۽ پاڻ ساڙي ويهي رهي، هُو هڪ اختر ضمير انسان آهي، جيڪو ڏکن ۽ ڏاکڙن کي حياتيءَ جو ڏاج سمجهي، هن دورنگي دنيا جي منافق ماحول ۾ به سڪون سان ساھ کڻڻ جا گُر ڄاڻي ٿو. هو شاعريءَ جي ڪٺن سفر ۾ پير پٿون ڪري به پنهنجا کُڙکٻيتي جهڙا خيال ست راڄيءَ ۾ سڻائي ٿو. هوُ صوفي ازم واري سنڌ جو اهو سڏ آهي، جنهن کي هن وطن جي واري جو ڪڻ ڪڻ ۽ وڻ وڻ ورنائي ٿو. هن ۾ نه هٺ آهي نه ئي وڏائي آهي. نه ڪينو آهي ۽ نه ئي ڪا ڪدُورت آهي. نڪي هو پاڻ پڏائي ٿو. هو ته فقط مٽيءَ جو مسڪين ماڻهو آهي. صحرا جي اُڃايل واريءَ جو وارث آهي. ۽ ڀٽائيءَ جي ٻهگڻ ٻوليءَ جو سادڙو شاعر آهي. هو نه رڳو شاعريءَ سان مُحبت ڪري ٿو، پر هر بني بشر کان وٺي ڌرتيءَ جي پٿر تائين هر شيءِ سان محبت ڪري ٿو. هن وٽ ڌن ۽ دولت کان وڌ دوستن جو قدر آهي. هو دوستيون رکڻ وارو ۽ نڀائڻ وارو نازڪ هنر هٿيڪو رکيو اچي. ان ڪري هن وٽ دوستيءَ جو بي بها ۽ بيش قيمتي خزانو موجود آهي. جنهن کي وقت جو ڪو به ”کافرو“ کاٽ هڻي نٿو سگهي. هُو دلين جو امير ماڻهو آهي. سندس اباڻي نگري ٻگهار ۾ پرائمري جا پنج درجا پڙهڻ کان وٺي. ايم ، اي سنڌي فائنل فرسٽ ڪلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي ميرپورخاص ڪيمپس مان پاس ڪرڻ تائين واري طويل سفر ۾ هو اڻٿڪ تعليم سان واڳيل رهيو. سچي لڳن سان علم ۾ مگن ٿي، هن سنڌي ٻوليءَ تي ٺاهوڪو عبور حاصل ڪيو.
تعليم پرائڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪري لاءِ انتظامي دفترن جي دردر جا چڪر کائڻ کان هن بهتر سمجهيو ته ڪا خانگي نوڪري ڪجي يا سخت پورهيو ڪري پنهنجو پيٽ پالجي. ائين هن هڪ خانگي اداري ۾ عزت واري نوڪري حاصل ڪري ورتي. اڄ پاڻ به خوش آهي ته سندس مائٽ به سرها آهن ۽ مٿن فخر ڪن ٿا.
هو شاعريءَ جي سرتاج ڀٽائي جي بيتن کي هنئين سان هنڊائي ٿو ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ کي سجدا ڪري ٿو. امر ساهڙ به هن جو آئيڊيل شاعر آهي. ته سرواڻ چانڊيو به هن لاءِ بهترين ڪوي آهي، پر هوٿي مشائخ ۾ ابدي ننڊ سُتل حسن درس هُن جي ساھن جي ستار سان گڏ دل جي دڙڪن وانگي دڙڪي ٿو. لاڙ پٽن ۾ واهن جي ڪپن تي بيٺل بيد مُشڪن جي ڇانو ۾ ويھي، حَسن درس جا غزل پڙهندي پڙهندي هن جي به لاڙ سان لئنون لڳي ويئي.
لاڙ جي لاڏلن کيتن ۾ سارين جي ساوڪ، سرنهن گلن جي پيلاڻ ۽ سُورج مکي جي سُونهن پسندي هن نه رڳو لاڙي هوائن جي هوڏ جهڙي هٺيلي شاعري سرجي، پر پنهنجي پورب جنم جو وڃايل اڌ به لاڙ جي ڪُمارين ۾ ڳولي لڌو. هن بدين مان پيار جو پرڻو ڪيو. هن جي واءَ تي وکريل وارن جهڙي حياتيءَ کي نئين سر ڪنهن جي سجيلي ساٿ جي ڪَنگي سنواري ڇڏيو آهي. لاڙ ۾ هن نه رڳو ڳاڙهن چانورن جي ماني، مڇي ۽ مکڻ سان کاڌي پر لاڙ هن لاءِ ٻانهون هار ڪيون. هُو اڄ به حَسن درس ۽ لاڙ سان وڏي محبت ڪري ٿو.
هن جي شاعريءَ تي ته ڪو سرموڙ شاعر ئي ڳالهائي سگهي ٿو، جيڪو شاعري ءَ جا فني ۽ فڪري پهلو صحيح نموني سمجهي سگهي. آئون ته ان معاملي ۾ بنهه اڻ سمجهه آهيان، آئون ته فقط هن جي اندر ۾ موجود ان ڪمانگر ڪوي بابت ڳالهائي سگهان ٿو، جنهن وٽ احساسن جا انبار آهن. هن جي ماٺيڻي اندر ۾ موجود مندر ۾ رحم جي راڌا وڏي دياڪاري ديوي بڻجي هر هاڃي تي تڙپي پوي ٿي، هن جي من چمن ۾ مهڪندڙ گلابن جهڙو ڪوي تمام نازڪ طبع آهي. جيڪو دردن جي اس ۾ ڪومائجي پوي ٿو. هر شاعر پنهنجي دور جو ترجمان هوندو آهي، ان کي سماج تي گهري نظر رکي شاعري سرجڻ کپي. ڇاڪاڻ ته اها تاريخ جي تقاضا هوندي آهي. ان حوالي سان آس تمام ڪميٽيڊ شاعر آهي، هو سماجي قدرن تي گهري نظر رکي ٿو.
عورت ڳاڙهي ڀي ڪاري آ،
مردن تي ڪو ڪس ئي ناهي.
ڇا ته سٽون آهن.! احساس ڪمتريءَ جو شڪار عورتن جي درد ڪٿا ٻن سٽن ۾ سمائڻ هن جي اعليٰ ذهن جي تخيلقي صلاحيتن جو ڪمال آهي، عورتن سان نازيبا سلوڪ ڪندڙ سماج جي منهن تي زوردار چماٽ آهي. عورت جيڪڏهن ڪٿي ڳاڙهي گل جهڙي محبت جو سڏ ڏئي ٿي ته ان کي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو، جڏهن ته مرد ڏينهن ۾ ڏھ ڏھ عورتن سان ناجائز طور همبستري ڪري ٿو تڏهن به ڪو داغ نٿو ڏنو وڃي . اهو سڀ ڇا آهي؟ اها جنسي نفرت آهي. عورتن جي حقن تي راتاهو آهي. هڪ سماجي اليمو آهي. ان الميي تي آس جهڙو ڪو آسوند شاعر ئي لکي سگهي ٿو. جنهن جي اندر ۾ ڪابه جنسي متڀيد ناهي .
مهڪڻ واري موسم ۾
ٽوڙيا ويا رابيل اسان جا
مهڪڻ ۽ ملڻ واري مند ۾ جن روحن جا رابيل ٽوڙيا ۽ وڇوڙيا ويندا آهن انهن معصوم دلين جا درد به اهي ئي محسوس ڪري سگهندا آهن، جيڪي وڇوڙن جي ٻاٻرن ٽانڊن تي ٻڙڪ ناهن ڪڍندا آهن. اهي اجتمائي طور سموري سماج لاءِ شاعري ذريعي دلين جي ترجماني ڪندا آهن. اسان جي آس به پنهنجي دل جا درد اجتمائي آواز جي روپ ۾ بيان ڪيا آهن.
ڪاٿي لپ اٽي جي رکندي
گهر ۾ ٿالهي تَس ئي نائي.
پياري آس جو شعر ڄڻ ته ٿر جي هر ان گهر جي نمائيندگي ڪري ٿو، جنهن ۾ غربت لڏو لاهي لٿل آهي. ڏڪارن جا عذاب ڀوڳيندڙ ٿر جي ٻهراڙين ۾ اڄ به اهڙا هزارين گهر آهن جن ۾ بک لنڊي وارا وٽ کائي ٿي، جن ۾ ڪڪڙ سنئين ڳاٽ ڦري ٿو . هي شعر انهن ڏيجوان ڏوٿئيڙن جي درد جو نوحو آهي، جن جا ٻچا رات جو چنڊ جي عڪس ۾ ماني ڳوليندي، واهوندي جي لوري تي سُمهي پوندا آهن، جن وٽ اٽي جي لپ رکڻ لاءِ ڪو ٿانءُ ٿپو ئي ناهي هوندو .انهن ماروئڙن جي سورن سندي سمنڊ ۾ غوطا کائي آس اهڙا انيڪ شعر سرجيا آهن ...

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

هُوءَ جيڪا ميمڻ ڪميونٽيءَ سان تعلق رکي ٿي. ميمڻ جيڪي ڏيپلي جي شاندار سُڃاڻپ رهيا آھن. ميمڻ جن ڏيپلي جو نالو ڏيهان ڏيهه روشن ڪيو آھي. محمد صالح ميمڻ، ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ، ڊاڪٽر حاجي شفيع ميمڻ کان وٺي محمد عثمان ڏيپلائي، محمد عثمان اديب، مشتاق احمد مٺواڻي، ثُريا سوز ڏيپلائي تائين موتين جي هڪ ڇڙي آھي جيڪا ڏيپلي جي گلي ۾ هار وانگي سونهي ٿي. آپا پروين به اُن مالها جو هڪڙو موتي آھي. اهڙو موتي جنهن جي علمي خدمتن جي چمڪ سموري سنڌُ ۾ چاندڻو ڪري ٿي.
هُو جيڪا حيدرآباد جي هوائن ۾ ساھُ کڻندي جڏھن اندر جي مندر ۾ جھانڪي تصورن جي ترورن سان پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه ڏانهن نگاھون ڪري ٿي ته سندس ديارِ دل ۾ ڪيئي هرڻ هٺيلا ڊوڙون پائن ٿا، سندس ڪايا جي ڪارونجهر ۾ مينهن وسندي مور نچن ٿا، سرير جي ساڏوهيءَ ۾ سيڙڪا پچن ٿا. هُو پنهنجي وطن کي پل به وساري ناهي سگهي. وساري ناهي سگهي ڏيپلي ۾ موجود اُھو دڙي وارو گهر جنهن جو در اڄُ به هن جي من ۾ کُليل ئي رهجي ويو آھي. ڏيپلي جا ڏاکڻيا ريت اڄُ به هن جي روح ۾ ٻانڌيلي ٻار وانگي ٻهڪن ٿا. هُو جيڪا سنڌُوءَ جو شيتل جَل پيئندي پنهنجي ديس جي کارن کوھن جي ٻاڙي پاڻيءَ کي به نه ٿي وساري. هُوءَ جيڪا ديس جي واريءَ کي پل به نٿي وساري، هُو پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه جي ڌڙن تي وڄندڙ چنگن ۽ چڙن کي سنڀاري مور ڪلنگي جهڙيون نت روز نيون تخليقون من مندر ۾ تراشي سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ وجهي ٿي. ماروئڙن جي ديس ڌيئاري اُن ڏيهه جي ڏات ڌڻياڻي آھي جنهن ڏيهه جي نياڻين جي نصيب ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي به مشڪل سان ملي ٿو، جنهن ديس جون هوائون هٿن ۾ ٽانڊا کڻي هلن ٿيون، جنهن وطن جي تپندڙ ريتن تي ڪپهه جهڙا ڪونئرا پير اُڀراڻا جُتي بنان جلن ٿا، جنهن ديس جي مارو پٿر جهڙن ماروئڙن جي مقدر ۾ ڏُکن ۽ ڏُڪارن جا انبار ڏاتار جي ڏيا ٿي ملن ٿا. اُن دادلي ديس جي ڏاتيار ڌيءَ جڏھن هٿ ۾ قلم کڻي وطن جون ڪهاڻيون ۽ مضمون لکي ٿي، ته ڏُکايل ڏيهه به مُرڪي پوي ٿو. ماکي جي لار جهڙي مڌُر ٻوليءَ کي مٺي لهجي ۾ ڳالهائيندي هي وطن جي پکين کي به وڻي ٿي. ميڻ جهڙي نرم مزاج جي مالڪه هئڻ ڪري الاهي حساس دل آھي.
هُوءَ جيڪا ادب جي ڪُروشيتر ۾ پنهنجي عورتاڻي وجود جي هئڻ جو احساس ڏياريندي ڏياريندي ادب جي مهاڀارت تخليق ڪندي الئه ڪيترين گنڌارين جا درد بيان ڪري ٿي. هُوءَ تحقيق جي رڻ ۾ رُلندي رُڃن جا راز ڳولي نت روز نوان هيرا هٿ ڪري ٿي. هُوءَ ادب جي اڙانگي راھ ۾ اُڀراڻي هلندي تاريخ جهڙي تُز ۽ خُشڪ موضوع کي هٿ ۾ کڻي ان سان سؤ سيڪڙو سچائيءَ سان نڀاءُ ڪري ٿي.
ڏيپلي جي ميمڻ محمد موسيٰ جي گهر ۾ پنج جون 1958ع تي اک کوليندڙ هن ڀاڳيه لڪشمي پنهنجي پريوار جو نالو سموري ڏيهه ۾ پونم چنڊُ جي پرڪاش وانگي روشن ڪرايو آھي. ابتداعي تعليم پنهنجي اباڻي شهر ڏيپلي مان پرائڻ کان پوءِ سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري تعليم ميرپورخاص مان حاصل ڪئي. سندس والد صاحب موسيٰ ميمڻ مختيارڪار هئڻ ڪري مختلف جڳهن تي بدلي ٿيڻ سبب هن تعليم به مختلف هندن تي پرائي. پرائمريءَ جي پنجين درجي کان پوزيشن کڻڻ واري خاصيت اعليٰ تعليم تائين برقرار رکندڙ هن باوقار ليکڪه سنڌي ادب ۾ ماسٽر ڪرڻ سان گڏ 2012ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري به حاصل ڪئي آھي. تمام محنتي ۽ اورچ خيالن جي مالڪه پروين موسيٰ ميمڻ ڪميشن پاس ڪري تعيلم کاتي ۾ نوڪري حاصل ڪئي. شروعات ۾ ليڪچرر طور ڀرتي ٿي، پوءِ ترقي ڪندي ڪندي ايسوسيئٽ پروفيسر جي پد تائين پهتي ۽ آخرڪار نذرت ڪاليج حيدرآباد ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏيئي رٽائرٽميمٽ ورتي.
هُوءَ رڳو لِکي ۽ لوچي نه ٿي، پر هُوءَ پڙھي ۽ پَرجهي به ٿي. هُوءَ تخليق سان گڏ تحقيق به ڪري ٿي. هُوءَ ادب جي خدمت سان گڏ هڪ ذميوار اُستاد طور ٻارڙن کي به پڙھائي ٿي. ڪاليج ۾ ٻار پڙھائڻ سان گڏ پنهنجو گهر به سنڀالي ٿي. رڌُ پچاءُ به ڪري ٿي، ته ڪڏھن ڪڏھن سنهي سُئي سان ڪو کَڻُ به کَڻي ٿي. ھُوءَ ليکڪه هئڻ سان گڏُ هڪ مڪمل عورت پڻ آھي، جنهن جا گهر ٻار به آھن، ته سهيليون سرتيون به آھن. جن سان ذميواريءَ سان نڀائي ٿي.
”مُنهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق“ جهڙو شاندار ڪتاب لکندڙ سنڌُ جي دلير ليکڪه پوپٽي هيراننداڻيءَ جي آپ بيتيءَ کي اندر جي اکين سان پڙھي هينئين سان هنڊائڻ واري هي ڏات ڌڻياڻي ڏُک ۽ سُک حياتيءَ جو حصو سمجهندي وڏي ديده دليريءَ سان جيئي ٿي. ڀٽائيءَ جي بيتن ۽ شيخ اياز جي نظمن سان بي پناھ پيار ڪندڙ هي تخليقڪاره پنهنجي تخليق ۽ تحقيق ۾ نه رڳو ادب جي آبياري ڪري ٿي پر تعليمي ۽ تدريسي عمل لاءِ به ڏينهن رات جاکوڙي ٿي. آپا پروين صاحبه سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ سوين تحقيقي مضمون، ترجما، ۽ تخليقون وڌيون آھن، جن کي پڙھي سنڌُ صدين تائين کيس سنهري شبدن ۾ ياد ڪندي رهندي.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جا سنڌي ادب ۾ درجن کان مٿي ڪتاب ڇپجي چُڪا آھن، ۽ درجن کن اڃا اڻ ڇپيل آھن. آپا ڪٿي به ٿڪ ناهي ڀڃيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ڪجهه هي شامل آھن. ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“، ”سنڌي نثُر جي ڪن صنفن جو اڀياس“، ” اُٿي رائو ريل (تحقيق ۽ تنقيد)“، آديسن ادب آھي اکڙين ۾“، ”سون ورنيون سوڍيون“، ” اخلاقي قدر (ٻاراڻو ادب)“، ”وکر سو وهاءِ (مضمون ۽ مقالا)“، ” سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“، ” عالم سڀ آباد ڪرين“، ” پلئه پايو سچ“ ان کان سواءِ آپا جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامون اهو آھي جو هُن سنڌي نثر ۾ عورتن جي ڪيل خدمتن جي اهميت کي اجاگر ڪيو آھي. هن ”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ ليکڪائن جو حصو تحقيقي اڀياس 1985ع تائين“ نالي تحقيقي ٿيسز لکي 2012ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڊاڪٽريٽ جي (PH.D) ڊگري حاصل ڪئي آھي. هي تمام وڏي اعزاز جي ڳالهه آھي.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ کي تعليمي، تدريسي، ۽ ادبي خدمتن عيوض ڪيئي اعزاز ۽ سرٽيفڪيٽ به ملي چُڪا آھن، جن ۾ هي قابلِ ذڪر آھن. 2004ع ۾ اڪيڊمڪ سرٽيفڪيٽ بورڊ آف انٽر ميڊيٽ حيدرآباد پاران مليو، هيڪ (HEC) پاران 2006ع ۽ 2015ع ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ ڪيش انعام مليو، شمش العلماءِ مرزا قليچ بيگ عالمي ڪانفرنس اعزازي سرٽيفڪيٽ 2009ع ۾ مليو، بيسٽ ڪمپيئر ايوارڊ شيلڊ 2007ع ۾ مليو، 2013ع ۾ سِگا ۽ ناري سنگت طرفان بينظير ڀُٽو ايوارڊ شيلڊ ملي، سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ”اُٿي رائو ريل“ تي خيرالنساءِ جعفري ايوارڊ شيلڊ 2010ع ۾ ملي، نيشنل بوڪ فائونڊيشن اسلام آباد پاران ٻاراڻي ادب تي انعام ۽ سند ملي، ۽ جهموريت بهترين انتقام آھي (سنڌي/ اُردو) اعزازي سرٽيفڪيٽ سميت ٻيا به الئه ڪيترا ايوارڊ ملي چُڪا آھن. ڊاڪٽر صاحبه جو علمي ۽ ادبي پورهيو ڏسي دل چئي ٿي ته حُڪومت کيس صدارتي ايوارڊ سان نوازي، ۽ هن محنتي عورت جي ڪيل علمي ۽ ادبي ڪاوشن جو جيئري قدر ڪري.

شريف هنڱورجو

لاکيڻي لطيف جي هن سون ورنيءَ سنڌُ ڌرتيءَ جي پڇاڙڪن پوٺن ۾ آباد هن واريءَ جي وطن ۾ ڪڻ ڪڻ منجهه ڪهاڻيون ۽ ڌڙي ڌڙي تي داستان ملن ٿا. انهن قصن ۽ ڪهاڻين جي ديس جي دلربا تاريخ ۾ ڪي ڪي سون جهڙا سچا هيرا به لڀن ٿا جن جا قابل تعريف ڪردار پڙھي ماڻهوءَ کي رشڪ ٿئي ٿو. ڀومي جي انهن ڀلماڻسين جا جيون ڪتاب ايندڙ نسل لاءِ اُجري صبح جهڙا شاندار ۽ سُونها هوندا آھن. ڌرتيءَ جي انهن دلبر ماڻهن ۾ چڀڙيال جو چڱو مُڙس شريف هنڱورجو به هڪ هو.
شريف هنڱورجي جهڙا سٻاجهڙا ماڻھوءَ ڪٿي ڪٿي وڙلي ملندا آھن. اھڙن املهه ماڻھن جو ڄمڻ ڪنهن ڪنهن ڀاڳوند ڀوميءَ جي ڀاڳ ۾ سمايل هوندو آھي. دوستيءَ تان دل گهوريندڙ هي اهو دلبر ماڻهو هو جنهن يارن سان ڪڏھن به ليکو نه ڪيو. هر وقت منهن تي مُرڪن جا ململي پوپٽ سجائي هن سماج ۾ سُونهندڙ هن مور ماڻهوءَ جي مهما نه ڄاڻ ته ڪيترن سينن ۾ ساھُ کڻي ٿي. چوندا آھن ته ڀلا ڀوي نه وسرين، هُو به ڀلوڙ ماڻهن مان هڪ هو. هن خطي جي سياست تي وڏو اثر رکندڙ فقير شير محمد بلالاڻيءَ جي ساڄي ٻانهن هو. شريف جو وڇوڙو بلالاڻي لاءِ به وڏو ڌچڪو هو.
سن 2018ع جي هڪ اڀاڳي صبح جو 3 اپريل تي هُو چڀڙيال جو چتر منش هميشه لئه هتان هليو ويو. هُو اُھو ماڻھو هو جنهن جي جدائي وٽ واري خطي ۾ وڏو خال پيدا ڪري ويئي. هن جي جيئڻ جي جيئڻ جون جهلڪيون ساريندي نه رڳو اندر اڌ ٿئي ٿو، پر سمورو وجود سڪرات ۾ اچي وڃي ٿو. هُو جنهن جي پرلوڪ پَڌارڻ تي نه رڳو چڀڙيال جا ماڻھو رُنا هُئا، پر اُھي مور به دانهون ڪري رنا هئا، جن کي داڻا ڏيندي هُو فطرت سان هم ڪلام ٿي، ڪنهن ڀلاري بارش لئه ٻئي نگاهون نيري آڪاش ڏانهن کڻي ٻاجهاري ڌڻي کان دعا گهرندو هو. هُو هر اُن ماڻھوءَ لاءِ مرندو هو، جيڪو حقُ ۽ سچُ جو ٻيلي هوندو هو. غريبن ۽ ڏُکايلن جو هي يار ڪجهه عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ هي جهان ڇڏي ويو. هُن جي وڇوڙي جي وماس ۾ وماسجي چڀڙيال جا کوھ به پياسي پنڇيءَ وانگي هُن لئه ڦٿڪيا هئا. ڦٿڪيا ته اُھي بي سهارا ۽ بيوس وجود به هئا، جن لئه هي نه رڳو ڏُک سُک جو سهارو هو، پر هر ڀرم جو ڀر جهلو هو. هُو هيڻن جي همراهي ڪندي ڪڏھن به نه ٿڪو. هُو انسان ته ڇا پکيءَ پسون ۽ جيو جنتر سان پڻ پيار ڪندڙ هو. هُن لئه اُن مال به ڇال ڇڏي دانهون ڪيون هيون جنهن کي هُو نالون ڪندي صبح سانجهي مالوند ماڻھوءَ وارو پيار ڏيندو هو. هُو سراپا فطرت هو. چار چڱن ۾ ويهي ڪو سُپت ڀريو فيصلو ڪندو هو ته هرڪو واھ واھ ڪندو هو. هُو راڄ ڀاڳ وارو چڱو مُڙس هو. هن کي تر جا ٻارنهن ڳوٺ فيصلن ۾ چئن چڱن ۾ شامل ڪندا هئا. هُو راڄوڻيءَ طور نياءَ نبيرڻ وارو نيارو ڏانءُ رکندو هو. هُن جي ڪيل فصيلن کي ڪٿي به ڪنهن پنچائت ۾ وري چئلنج نه ڪبو هو. هن جي منصفاڻي مزاج ۾ اهڙي پرک ۽ پروڙ ھُئي جو ڪنهن سان هُو به ناانصافي نه ڪندو هو.
شريف هنڱورجي جهڙا سٻاجهڙا ۽ شريف انسان ڪنهن خوشنصيب خطي جي حصي ۾ ايندا آھن. اهڙا املهه انسان ڪنهن شُڀ ويلا جا سُڀاگا ڦَل هوندا آھن، جيڪي هر ماڻھو لئه ڇپر ۽ ڇانوَ ٿي رهندا آھن. جيسين جيئرا هوندا آھن، جڳ ۾ جڳمڳائيندا آھن پر مرڻ کان پوءِ به سماج ۾ سرخرو رهندا آھن. ٿرپارڪر جي طبعي ڀاڱي وَٽ وارو ڳوٺ چڀڙيال وڏو ڀاڳ وارو ڳوٺ هو جنهن ۾ شريف هنڱوجي جهڙي محبوب ماڻھوءَ جو جنم ٿيو. ڀاڳ وارو ته چاچا الهوسايو هنڱورجو به هو جنهن جي اڱڻ تي اهڙي هيري اک کولي جنهن جي چمڪ سموري خطي کي سُهائي ارپي ويئي. شريف جي لاڏاڻي تي هنڱورجا ڪميونٽي کي وڏو هاڃو رسيو آھي، ڇاڪاڻ ته، اهڙو صلح پسند، عقلمند، منصف مزاج، حقُ ۽ سچ جو ٻيلي صدين کان پوءِ پيدا ٿيندو آھي. ڪوئلي مان هيري ٿيڻ لئه هزارين سال لڳي ويندا آھن. مرحوم پنهنجي پونئرن ۾ ٽي پٽ لياقت علي، حسين علي، ۽ محمد حنيف ڇڏي ويو آھي.

ديوان ٽيڪچند راٺوڙ

هُو جيڪو راٺوڙ آھي، راٺوڙ جيڪي نه رڳو رڻ جا رانديگر هوندا آھن، پر راڄن جا رکوالا ۽ جان جي بازي لڳائيندڙ بازيگر به هوندا آھن. راٺوڙ جن جي وشال سينن ۾ ساھ کڻندڙ دليون ڪنهن ڪوڏيلي ڪُميت جي ٽاپوليءَ وانگي ڌڙڪنديون آھي. اُنهن دلين جي ديده دليريءَ جا واکاڻ اِتهاس جي ورق ورق ۾ ائين چِٽا پسجن ٿا جيئن عالمسر جي ڏهر ۾ ويسونيءَ جا گُلابي گُل سائي گاھ ۾ چِٽا ٿي بيهندا آھن. راٺوڙ جن جي نيڻ نهار به ڪنهن فاتح سپهه سالار وانگي تجلادار هوندي آھي. هُو جيڪو پنهنجي تاريخي وطن جو اهو وارث آھي جنهن کي فقط تاريخ ئي سُڃاڻي سگهي ٿي، تاريخ جيڪا ڪڏھن ڪڏھن وڏا ظُلم به ڪندي آھي ته ڪڏھن ڪڏھن انصاف به ڪندي آھي.
هُو جنهن جي مينهن وَساڙن جهڙي مُک تي ڀالوا جي ڀِٽُن جهڙو حُسن هر وقت پاڻ پَسائي ٿو. هُن جي چهري جو چندرما سدائين پونم جهڙي پُر نُور پرڪاش سان سرشار رهي ٿو. هُن جي مُک مندر تي مرڪن جا ڏيئا سدائين منور رهن ٿا. هُو جهڙو شڪل جو سُھڻو آھي تهڙو ئي سيرت جو سُندر آھي. هُن جي سوچ ۾ انسانيت هر ڌرم کان مٿاهين رهي ٿي. هُو هر غم ۽ ڳڻتيءَ کان پري رهي جيو پراڻين جي سهائتا لئه سوچي ٿو. هُو سوچي ٿو ته مُلڪ جو هر ٻار تعليم سان سرشار هُجي. تعليم ئي هن ملڪ جي ترقيءَ ۾ واڌارو ڪري سگهي ٿي. ان سوچ کي عملي جامون پهرائڻ لاءِ هن پنهنجي والد صاحب جي نالي تي ڏيپلو ۾ هڪ اسڪول به کوليو آھي، جنهن ۾ ديس جا سوين ٻارڙا تعليم جهڙي زيور سان آراسته آھن، جن جي دعائن جا درجا هن کي اڄُ به ملن پيا ته مستقبل ۾ به ملندا.
هُو منهنجي پاڙيسري ڳوٺ ويڙهار جو وير پُرش وجود آھي. جنهن جي من موهيندڙ چهري تي ترندڙ تبسم پَسي ماڻھوءَ جا ٿَڪُ لهيو وڃن. ويڙهار جنهن ۾ الله لوڪ درويش ڀڳت جيرام داس جي آخري آرام گاھ آھي. ڀڳت جيرام داس، جنهن ڇهه مهينا هڪڙي کارڪُ ۽ کير جي لپ تي گُذارو ڪندي، زير زمين غُفا ۾ تپسيا ڪري پرماتما پاتو هو. جنهن جي دعائن ۽ ديائن سان اڄ ويڙهار آروکيءَ کان گوءَ کڻي ويو آھي. مالديو سوڍن جي ٽيلي ڌڻي ٽيلات نيتسنگهه سوڍي جو هي ڳوٺ تعليمي ۽ تدريسي لحاظ سان ٿر ۾ اول نمبر تي آھي.
هُن جو جنم ويڙهار جي هڪ پرائمري ماستر سائين آسن داس جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب حاضر سروس ئي گُذاري ويو، والد صاحب جي پرلوڪ پڌارڻ وقت ديوان جي عُمر ٽي چار سال هُئي. کيس تعليم ڏيارڻ کان وٺي پالنا تائين سندس والده ڪئي. سندس والده هُنر مند ۽ سُگهڙ عورت هُئي، جنهن ڀرت ڀري هن جي نه رڳو صحي نموني پرورش ڪئي، پر اعليٰ تعليم به ڏياري، اهڙي پورهيت ۽ بهادر ماءُ کي لک سلام. تاريخ 18 آگسٽ 1966ع تي جنم وٺندڙ ٽيڪچند ابتداعي تعليم سندس اباڻي ڳوٺ مان پرائي ۽ بعد ۾ مختلف شھرن ۾ پڙھندي گريجوئيٽ ايم اي اڪنامڪس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي. مختلف هندن تي غير سرڪاري ملازمت ڪندي نيٺ سرڪاري نوڪري ملي ويئي. هن وقت هاءِ وي ڊپارٽمنٽ (ورڪس اينڊ سروسز) ۾ ملازمت ڪري رهيو آھي. ملازمت دؤران هن گهڻو وقت سنڌُ جي تاريخي شهر ٺٽي ۾ گُذاريو آھي.
ديوان ٽيڪچند راٺوڙ ڳوٺ ٽُوھ مان شريمان پونجراج ولاسائيءَ جي گهران شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻن پُٽن ۽ چئن نياڻين جو اولاد آھي. سندس وڏ ڪنور ڌيءُ مادر علمي سنڌ ورسٽي ۾ انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙھي ٿي، ۽ وڏو پُٽ اقراءِ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ سافٽ ويئر انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ زير تعليم آھي. ان کان ننڍي نياڻي دي سٽي اسڪول جناح ڪئمپس حيدرآباد ۾ اي ليول ميڊيڪل ۾ پڙھي ٿي، ان کان ننڍي ڇوڪريءَ دي سٽي اسڪول جناح ڪئمپس حيدرآباد ۾ نائين ڪلاس ۾ پڙھي ٿي، تنهن کان ننڍي نياڻي ساڳي اسڪول ۾ ڇهين ڪلاس ۾ پڙھي رهي آھي، ۽ سڀنيءَ کان ننڍو پُٽ ساڳي اسڪول ۾ چوٿين درجي ۾ زير تعليم آھي. سلام آھي ديوان ٽيڪچند صاحب کي جنهن تعليم ۽ تربيت ڏيڻ ۾ اولاد کي برابر سمجهيو. نه رڳو پُٽن سان پيار جتايو پر نياڻين سان به ساڳي نڀاءَ رکيو. سموري اولاد کي تعليم جهڙي زيور سان نوازي سندن زندگين کي سُڌاريو آھي.
ديوان ٽيڪچند مهمان نوازيءَ ۾ به پنهنجو مَٽ پاڻ آھي. ٿر جي شاندار ثقافت کي هُو ٺٽي ۾ به ساڳي ٺاٺ باٺ سان برقرار رکيو اچي. تاريخ ۽ تهذيب سان دلچسپي رکندڙ ڌرتيءَ جو هي دراوڙ پنهنجي خطي جي وڏي خوبصورتي آھي. ايڪهتر ۾ وطن کان وڇڙيل جگاريءَ جو جوان سُوروڀاءُ سوڍو جڏھن وديس مان ديس آيو هو تڏھن ٽيڪچند جيڪا مهماني ڪئي هُئي اُھا تاريخ جي ورقن ۾ ڀلي کڻي نه اچي سگهي آھي پر صدري ساهتيه جو حصو ضرور بڻي آھي. راجپوتن جي روايتن ۽ اصُولن سان محبت ڪندڙ هي راٺوڙ دوستيءَ ۾ به دل سان نڀائيندڙ آھي. ڄاريلي جي ٺَڪرن تي ڪيل هن جو ٿر جيڏو ٿورو ٿر جي تاريخ ۾ رقم ڪرڻ جهڙو آھي. هڪ بي گناھ کي پنهنجن ئي وڏي ڪيس ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو، پر ديوان جي دل هُئي جنهن راڄوڻي ڪري ان مسڪين جا هٿ ڪڍرايا نت لُڙھي وڃي ها. ٺٽي ۾ ٽيڪچند جي وڏي راهي پوکي آھي جنهن جي هر ماڻهو گواهي ڏيندو.

امام علي جنجهي

اي لهندڙ سج صبح کي چئجان
آئون ڪنهنجو ڪين غُلام آھيان
مُنهنجي پنهنجي دنيا آھي
آئون انهيءَ جو امام آھيان

هُو جيڪو پنهنجي دُنيا جو امام آھي، هُن جي پنهنجي دُنيا آھي، اهڙي دُنيا جنهن ۾ سُور به آھن ته سُک به آھن. جنهن ۾ آجپي جو اُجرو صبح آھي ته ڪنهن نرمل شام جا نيرا رنگ به آهن. جنهن ۾ غُلامي جهڙي گار جو ڪوبه آزار ناهي. هُن جي شاعريءَ جي به پنهنجي الڳ دنيا آھي. هُو نه اياز ٿيڻ جي اُلڪي ۾ آھي ۽ نه ئي ڪنهن بُخاري ٿيڻ جي بُخار ۾ مُبتلا رهيو آھي. هُو ته بس وڪڙيو جنجهي جي فقير منش انسان فقير يوسف جنجهيءَ جو لاڏ گدُوڙو پُٽ امام علي جنجهي ٿي رهيو آھي. شاعري وارو هُدو هُن کي موروثيت ۾ مليو آھي، هن جو بابا ۽ نانو مهرعلي جنجهي سُگهڙ ۽ اديب هئا سندن صحبت جي ڪري بچپن ۾ ئي هي شعر جي پيروڊي ٽو ڪاپي ٺاهي وٺندو هو1995ع ۾ هن انٽر پاس ڪيو، ۽ پوءِ ٿر پروڊڪشن تي مزوري ڪئي. هُن جي شاعريءَ جو لهجو ۽ اسلوب نج نبار پنهنجو آھي. هُو پاڻ چوي ٿو ته آئون جيڪو آھيان بس امام ئي آھيان.
پاڻ ته پنهنجي ليکي آھيون
اڀرا سڀرا جيڪي آھيون
هُو جيڪو رنگ منچ جو رُوپونتو راڻو آھي، هُو مئل محفلن ۾ جان وجهندڙ جادوگر شاعر آھي، هُو ٿر جو واحد شاعر آھي، جنهن کي پنهنجي سموري شاعري ائين ياد آھي جيئن وطن کان وڇڙيل ڌرتيءَ جي ڪنهن ڌيئاري کي وطن جا گهيڙ ۽ گس ياد هوندا آھن. ھُو جيڪو ٿر جو عهد ساز شاعر آھي. جنهن جي ڳوٺاڻي نينگريءَ جي خيالن جهڙي خوبصورت شاعريءَ جي سحر جو اثر ٿر جي اڪثر شاعرن تي آھي. نه رڳو اثر آھي، پر گهڻن ته گهٽ به ناهي ڪئي. هن جي تاريخي دستاويز جهڙي دورانديش نظم ڪوئلي مان ٿر جي نه ڄاڻ ته ڪيترن روڙين هٿ رڱيا آھن. پر مجال آھي جو هن فقير تن شاعر ڪنهن کي ڪجهه چيو هُجي. هن سڀ ڪجهه سڀاڻ تي ڇڏيو آھي. تاريخ پاڻهي پيئي تبصرا ڪندي ته ڪير تخليقڪار هو ۽ ڪير تجربيڪار هو.
ٿر ۾ هن وقت شاعرن جي هڪڙي لوڌ لٿل آھي جنهن کي اها به خبر ناهي ته شاعري ڪئي ويندي آھي يا ٿي ويندي آھي؟ مليريا جي تَپ ۾ وڦليندڙ ڪنهن مريض وانگي اُبتيون سُبتيون ڳالهيون ڪري پنهنجن عجيب و غريب خيالن ۾ عوام کي مُنجهائيندڙن ۽ پنهنجي پر ۾ ڪاليداس ۽ ڪيٽل بڻيل هڪڙي پُر شور هُجوم ۾ ڪي چند اهڙا لعل به لڀن ٿا جن جي شاعريءَ جي ساحريءَ ۾ ماڻهو گُم ٿيو وڃي. ٿر جي شاعريءَ جي سينوريل ڍنڍ ۾ امام علي جنجهي نيل ڪنول جي نرم پتن جهڙو نيارو ۽ ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ ٻهڪندڙ پاٻوڙن جهڙو پيارو شاعر آھي. جنهن جي شاعريءَ جي هجاري گُلن کي ڪوبه گند سُپرش ڪري ناهي سگهيو. امام علي جنجهيءَ جي شاعريءَ جي ٻولي اهڙي ته ٻاٻاڻيءَ ۽ ٻاجهه ڀري آھي جيڪا سڌو سنئون دلين تي ڌڪ هڻي ٿي. امام جي شاعري جتي حيدرآباد جي هوائن ۾ ويٺل، شاعريءَ جي پارکو امداد حُسينيءَ کي آئڙي ٿي اُتي موتيسري جي ڏرڙن ۾ ڏُٿ ڳوليندڙ اڻ پڙھئي انسان واگهي ڪولهيءَ کي به وڻي ٿي. اهو ئي ته تخليقڪار جو ڪمال آھي. هُو ڪوانٽٽي بدران ڪوالٽي تي ڌيان ڏئي ٿو. هُو ڏينهن ۾ ڏھ ڏھ غزل لکڻ بجاءِ سال ۾ هڪ اڌ نظم يا غزل لکي ٿو، پر اهڙو لکي ٿو جو گهڻا جا ڇڪا ڇڏائي ٿو، ۽ پڙھندڙ پورو سال ان غزل يا نظم کي پڙھن ٿا. پڙھن ڪٿي ٿا پيئن ٿا.
هُو جيڪو ڀاروڙين ۽ ڀِٽن جي ديس جو ڪلواڙي جي ڌُن جهڙو اُهو ڪارائتو ڪوي آھي جنهن جي ڪلا هن وطن جي واريءَ جي ڪَڻ ڪَڻ کي پنهنجي نرالي نوعيت واري ڪويتا ۾ ڪَٿيو آھي. هُن جتي پنهنجي شاعريءَ ۾ راسُوڙن جي ڌُن تي نچندڙ ڪنهن ڪولهياڻيءَ جي ڪانچُوئي تي ڀريل ڀرت جهڙا ڀلوڙ خيال پيش ڪيا آھن، اُتي گُهومر ۾ رقص ڪندڙ ڪنهن راجپوتاڻيءَ جي سُر ۽ تال ۾ وڄندڙ جانجهر جي جهمڪي جهڙن لفظن جي ڪرافٽنگ به ڪمال جي ڪئي آھي. اچو ته اهڙي دل لُڀائندڙ ڪويتا مان ٿورو حظ حاصل ڪندا هلون؛

اوهانجي يادگيرين جون پڪارون چنڊ تي پهتيون،
مڪيون جي يار مون توڏانهن ميارون چنڊ تي پهتيون،

هوا تي چڳ وارن جي لڏي پئي ڳل کاٻي تي،
اسان جي خواب جون پهريون اڏارون چنڊ تي پهتيون،

پراڻو ڳوٺڙو پنهنجو موئن جو ٿي دڙو ويو آ،
خزائن گل ڇڏيا ڇاڻي بهارون چنڊ تي پهتيون،

اسان وٽ عيد ڏياري تي اوهان جو ٿانءٌ پيو وڌجي،
اوهان کي چئو ڪٿي ڳوليون نهارون چنڊ تي پهتيون،

سدائين سنڌ کي سجدا ڪفر هو ته به ڪياسون پئي،
پڳاسون پلصراطن تي پچارون چنڊ تي پهتيون.

امام علي جي شاعريءَ ۾ جتي پارڪر جي پدمڻي ”هانسُو ريٻارڻ“ جي پُرنُور حُسن جا حوالا آھن، اُتي وينجهي سوڍي جي وڇوڙي ۾ پل پل پڄري، هيماڙي ۾ هڏيون ڳاريندڙ سيڻل چارڻياڻيءَ جا مٺڙا مٺڙا سُور به ڪنهن پُور وانگي پوئيل آھن. امام علي جي شاعريءَ ۾ جتي جهانسيءَ جي راڻيءَ جي هٿ ۾ سُونهندڙ تلوارن جي تجلن جهڙي مُزاحمت آھي اُتي مُومل جي مزاج جهڙي مٺي مُحبت به آھي. هن جي شاعريءَ ۾ نه رڳو پُنهون جي پريت جي پرچار آھي، پر عشق ۾ آنهون ڪندڙ آرياڻي سسئيءَ جا پُر سوز سڏُ به آھن. هن جي شاعريءَ ۾ ”اسان کي عشق ڪکيو آھي“ جهڙو اندر جو عاجزانه احوال به آھي ته ڪنهن وڏي ڳوٺ جي وارث ”ڪنهن اڻ پرڻي هرڻي“ جي حياتيءَ جو هاڃيڪارڪ درد به آھي. ان نظم جي هڪڙي ئي سِٽ ماڻهوءَ جا وڻ وڄائڻ لاءِ ڪافي آھي. ”اڙي هرڻي اڻ پرڻي نصيبن ۾ اٿئي رولو“
هُو جيڪو هر وڏائيءَ کان وڏو ڪوي آھي. سادگي هن جي روم روم مان سُونهن بڻجي نروار ٿئي ٿي. هُو اڄ به کُلي دل سان اعتراف ڪندي اهو چوي ٿو ته آئون ڪيسٽي شاعر هئس، مون کي منهنجي شُڀچنتڪ سنگت ساهتيه کيتر ۾ وٺي آئي. هن ڳالهه جي تصديق فقير منور ساگر کان وٺي مُڪيش راجا تائين به ڪرائي سگهو ٿا جن جو چوڻ آهي ته امام کي اسين زوري مشاعرن ۾ وٺي ايندا هُئاسين. هڪڙو ڀيرو ڇڪڙي تان جبري گهيلي آياسين مشاعري ۾ تڏهن امام صرف بيت لکندو هو، ڇڪڙي تي ڪنڊيڪٽري ڪندو هو، ۽ پنهنجي دنيا ۾ مست الست رهندو هو. امام تمام ڪٺن پريکشائن مان به پار ٿيو آھي. ٿر پروڊيڪشن تي مزوري ڪندي هن پورهيت شاعر پنهنجي رت ولوڙي تخليق ڪيل ڪويتائن کي ڀُڳڙن مُٺ تي وڪڻي پيٽ جو دوزخ ڀريو آھي. تخليق اولاد برابر هوندي آھي، پر اُھا به وڪڻڻي پوي ته ان کان مٿي ٻيو ڪهڙو درد هوندو. پيارا امام تُنهنجو اهو درد آئون ڄاڻي سگهان ٿو ڇاڪاڻ ته قسمت مون سان به ڪُجهه ائين ئي ڪيو آھي.
هُو جيڪو هر مڳيءَ کان معتبر آھي، هُو هر ٺڳيءَ ۽ ٺاھ کان پري آھي. سرنگهو جيڏي ڊگهي قد وارو هي جُنگ جوان ڪوري گهڙي جهڙي ڪوريءَ ۽ شيشي جهڙي شفاف ڪايا جو مالڪ آھي. جهڙو اندر آھي تهڙو ٻاهر آھي. هُو هر ٻهروپيت کان پاڪ آھي. هن جي سانوري چهري تي نمرتا جي ٽھڪن جهڙي مُرڪ هر ويلي هٿيڪي ملي ٿي. هر رنج و غم کي مُرڪن ۾ مِٽائي زندگيءَ جي زهر کي امرت ڪري پيئڻ ۽ جيئڻ ڄاڻي ٿو. ھُو ڄاڻي ٿو ته ڏُکن کي ڪيئن ڏوڪجي ۽ سُکن کي ڪئين سُرڪجي..هُو ڄاڻي ٿو ته سانوڻيءَ ۾ ڀرجي آيل ڀِٽون ڏسي ڏوٿيئڙا ڪيئن سرها ٿيندا آھن. هُو ڄاڻي ٿو ته ڌنارن جي دردن ۾ سندن بانسريون ڪئين ڪُوڪينديون آھن. هُو ڄاڻي ٿو ته مينهن مور ۾ ڇو نچندا آھن، پلر جا تلاءِ ڇڏي جهرڪيون واريءَ ۾ ڇو وينهجنديون آھن، ڍڳي مئل ڦر جي چَم کي چٽي ڇو پسوئجي پوندي آھي. ماڪوڙيون مينهن ۾ ڪيئن مستيون ڪنديون آھن. هُو فطرت جي هر گوناگونيت ائين ڄاڻي ٿو جيئن ڪا ماءُ پنهنجي نڀاڳي پُٽ جون عادتون ڄاڻيندي آھي. تڏهن ته هُن پنهنجي ديس جي وڻن، ڌڻن، ڌڙن، هوائن، پکين ۽ سکين جي اکين کي ڏسي شهديو پانڊو وانگي اڳڪٿي ڪندي اهڙي دانهن ڪئي جنهن کي ٻُڌي سموري ديس جي بدن مان سيئوکريون نڪري ويون...!

هاڻي پنهنجي مسجد ڊهندي
هاڻي پنهنجو مندر ڊهندو
پاڻ ٻنهي جو اندر ڊهندو
پنهنجي ڳوٺ جي ٻاهران هاڻي
اجنبي ڪي ايندا ماڻهو
پاڻ تنين کي ڪين ٿا ڄاڻون
پاڻ کي تن تي حيرت ايندي
پاڻ ٻنهي کي غيرت ايندي
مان به روئندس تون به روئيندين
ڪنهن جي ڪنهن جي پيرن پوندين
پوءِ تون ساڳيون مون کي چوندين
پنهنجو ماڳ مڪان ڪٿي آ
پنهنجو ناءُ نشان ڪٿي آ
پاڻ ڇٺيءَ کان ڇورا ماڻهو
پاڻ ته آهيون ڀورا ماڻهو
پاڻ ته آھيون ڀورا ماڻھون

هُو جيڪو نه رڳو ولگر وڏيرن جي نرجن نَڪُن تي رنبي رکي ٿو، پر پورهيتن جا حقُ ڦٻائيندڙ راشي سرمائيدارن جي ڪَن ۾ جهلي هيئن چوڻ جي جرئت به ڪري ٿو ته؛
پگهر جي مزوري ڪڏھن ڪونه ڇڏبي
خوشيءَ سان نه ڏيندين وڙھي نيٺ وٺبي
ڪارل مارڪس جي داس ڪيپيٽل تي ڀاري انهن ٻن سٽن کي جيڪڏھن ڪو پورهيت هينئين سان هنڊائي ۽ ان تي عمل پيرا ٿئي ته سندس حق ڪوبه ڇني نٿو سگهي.
امام گهڻي وقت کان شاعري ڪري پيو، پر اڃان تائين ڪو ڪتاب ناهي ڇپرايو، الئه ڇو؟ حسن درس وانگي ڪنهن هٺ تي قائم آھي يا سرويچ سُجاولي وارو ڊپ آھي متان سنگت هن جي هڪڙي ڪتاب تي هٿ پڪو ڪري پنهنجا ڏھ ڏھ ڪتاب نه ڇپائي. مالڪ ٿو ڄاڻي..ڪهڙي مام آھي. پر اڄُ آئون هاسيڪار هُج ڪري چوندس ته پيارا...! پنهنجي شاعريءَ جو سجُ جلدي ظاهر ته جيئن تُنهنجا سُورج مُکي فيضياب ٿي سگهن.
(عشق جون نيريون اکيون) ۽ (اکيون رنگ رتول) نالي ٻن ڪتابن جيترو مواد موجود آھي پر هن جي خواهش آھي ته هڪ ئي ڪتاب هجي ڇاڪاڻ ته هي نمبر ٺاهڻ جي چڪر ۾ قطعي ناهي. هن کي مڃتا طور پورب ڄائي ايوارڊ عمرڪوٽ ۾ ۽ بهترين شاعر جو ايوارڊ حيدرآباد ۾ ميگهه سماجي فورم طرفان مليا آھن. ان کان سواءِ ٻيا به ڪُجهه ايوارڊ ادبي تنظيمن جي پروگرامن م مليا آھن. هن کي مليل سڀ کان وڏو ايوارڊ عوامي مقبوليت آھي، جيڪو وڙلي خوشنصيبن کي ملي ٿو.

موهن لعل لوهاڻو

نارائڻ داس لُهاڻي جي لاڏلي پُٽ سيٺ موهن لعل جهڙا لاکيڻا ماڻهو روز روز ناهن ڄمندا، اُھي صدين جو ڦَل هوندا آھن. اُنهن جو ظهور ڪڏھن ڪڏھن ۽ ڪنهن ڪنهن خوشنصيب جي گهر ۾ ٿيندو آھي. موهن لعل جهڙا موتي نه رڳو پنهنجو ڪردار اُجاريندا آھن، پر ڪُل جو اُڌار پڻ ڪري ويندا آھن. اُھي سموري خطي جي خوبصُورتيءَ جو اُهڃاڻ بڻجي ويندا آھن. اُھي لوڪ مان لڏي ويندا آھن، پوءِ به انهن جي ڪيرتيءَ ۽ جس دُنيا ڳائيندي رهندي آھي. هُو ڏيپلي شهر جي نه رڳو سُڃاڻپ هو، پر ڏيپلي جو نَڪُ به هو. وڏو وات وڪيل ۽ ڏاهو ماڻهو هو. هُن جي دانائيءَ جا داستان اڄُ به زمانو زور سان ڳائي پيو. هُن جو آواز اڄُ به جهونن جي ڪَنن ۾ ڪِنجهي جي تانسري وانگي وڄي پيو. هُو وڏي آواز سان جڏھن ڳالهائيندو هو تڏھن ائين لڳندو هو ڄڻ ڪو نامي گرامي سياستدان رنگ منچ تي تقرير ڪندو هُجي. هن جو انداز غضب جو هو. ماڻهن کي ڳالهين وسيلي مطمعن ڪرڻ جو وٽس نرالو ڏانءُ هو. هن جا منطق ۽ دليل مُنڊي تي ٽِڪ وانگي هوندا ھُئا. مهمان نواز به وري اهڙو جو ڳالهه ئي ڇڏ، اوطاق جا در ته هُئين ئي هر اَٿتي لاءِ هر وقت ڪنهن سخي جي کيسي وانگي کُليل هوندا هُئا، پر سندس دڪان تي پاڻ لئه آيل محدود مانيءَ مان به سڀنيءَ کي نه رڳو صلاح هڻندو هو، پر خُوب کارائيندو پڻ هو. ڀلي گراھ گراھ ڇو نه اچي، پر موهن جي ونڊ سڀنيءَ سان سريکي هوندي هئي. هُن اکيون پوري ٻلن وانگي کائڻ ڪڏھن به پسند نه ڪيو. هُو پنهنجي گراهڪن کي گهر جا ڀاتي سمجهي پيار ڏيندو هو. گهران چانهه ٺهرائي پياريندو هو. گراهڪن کي سدائين نيڪ صلاحون ڏيندو هو. هن جي ڏنل هدايتن کي ماڻهو اڄُ به ياد ڪن ٿا. هُو اڪثر ڪري گراهڪن کي ڪفايت شعاريءَ جا درس ڏيندو هو. فضُول خرچ کان پاسو ڪرڻ جا ڀيد سُڻائيندو هو. ڏيپلي تعلقي جي اڌ آبادي سندس گراهڪ هوندي هُئي. وکر ۾ ڪڏھن به ڪنهن سان ٺڳي نه ڪئي. جهڙي شيءِ هوندي هُئي تهڙو ناڻو وٺندو هو. سندس واحد ريزڪيءَ دُڪان تي سموري حياتي هڪڙو ئي مُلازم رکيو جيڪو هو ڪونڀي جي ويريءَ جو سوائي سنگهه. پاڻ پرلوڪ پڌاريو ته سوائي جي به دل ٽُٽي ويئي ۽ دُڪان ڇڏي ويو. چوڻ وارا چون ٿا ته موهن مهل ڪرڻ وارو مڙس ماڻهو هو. ڪاري رات جو وٽس ڪير لنگهي ويندو هو ته هُو مدد ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو هو. هُو ائين نه سوچيندو هو ته هي سڀاڻي واپس ڪنهن مان ڏيندو؟ هُو بس اهو چوندو هو ته بابا کپن ڪيترا؟ حُڪم ڪر ڀايا...موهن نه رڳو ماڻهن جا ٽائم ڪيا، پر ماڻهن جي مرڻي پرڻي به مَري جُهري پُڄندو هو. هن ڪڏھن به ڪنهن جو ٽاڻو نه گُسايو. سندس حياتيءَ ۾ جهوني دڪان تي ماڻهن جا ميلا متل هوندا هُئا. ڏيپلي جي وچ شهر ۾ موجود پٿوري پير جي مندر واري گيٽ وٽ اوڀر طرف ٽڪنڊو دڪان هوندو هو. دڪان جي اولهه ۾ اُٺن ۽ گهوڙن کي ٻَڌڻ لئه خالي جڳهه هوندي هئس. هاڻي نه موهن رهيو نه موهن جو اهو دڪان، نه اُٺن لاءِ خالي جاءِ…نه موهن جا مُجيجي..
مشڪرو به غضب جو هوندو هو. ننڍن ننڍن ٻارڙن سان ننڍڙا ننڍڙا مذاق ڪري دل وندرائڻ سندس اهم مشغلي ۾ شمار هو. کِل مُک ۽ ٿڌي مزاج وارو ماڻهو هوندو هو. پيار ونڊڻ ورڇڻ سندس اهم گُڻ هو. کائڻ ۾ گوشت ۽ چانور پسند ڪندو هو، ۽ پيئڻ ۾ سُوم رس جو شوقين هوندو هو. انهيءَ شوق سندس حياتيءَ کسي ورتي، ۽ ننڍي ڄمار ۾ پرلوڪ پَڌاري ويو. کيس ٽن پٽن جي اولاد آهي. نند لعل، پرديپ ڪمار ۽ رميش ڪمار.
موهن لعل جو وڏو فرزند سيٺ نند لعل هن وقت پنهنجي ڀائرن سميت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو، ۽ اُتي ئي ڪاروبار سنڀالي ٿو. ڏيپلي وارو دڪان هن وقت ڳوٺ ڊونڊڙي جي ڏوھٽ ڪرشن سنگهه آساڻي جي پُٽ رڻڇوڙ سنگهه وٽ آھي

ارباب عثمان

ڄاماڻي تَلي وارو ڄام ارباب عثمان، ڪوتاھ قد وارو اهو وڏو ماڻھو هو، جنهن جي وڏ ماڻھپي جو مان ۽ شان اڄ به ڌرتي ڌڻين جي دلين ۾ ڳاڙھي جهنڊي وانگي جهولي ٿو. هُو ڪڏھن به اقتدار ۾ نه هو. هُو ان راجا وانگي هو جنهن جي ڪا به رياست ناهي هوندي. هُو عوام جي دلين جو راجا هو. هن وٽ پنهنجي پرجا هُئي جيڪا هن سان ائين محبت ڪندي هُئي جيئن ڀونئر ڪنول جي گُل سان ڪندو آھي. مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي، ڪُلهن ۾ ٻَپُڙي اجرڪ وجهي، اڇي سلوار ۽ قميص واري وڻندڙ ويس ۾ جڏھن پنهنجي مُنفرد انداز سان هلندو هو تڏھن سامروٽيءَ جا اڇا ڪبوتر آسمان ۾ اُڏندي، هن جي آجيان ڪندا هئا. تلي جي وڏي ڀٽ تي ويٺل مور مينهن کي پُڪارڻ بند ڪري هن جي هلڻ جي حُسن کي پسي کيڙا ڪري خوش ٿيندا هئا. ماڻھن جا ميڙ هن جي اڳيان هٿ ٻَڌي سلام واريندي سرها ٿيندا هئا. سِرنگُهو جي سائي وڻ جهڙو هن جو وجود سموري خطي لئه ڇپر ڇانوَ هوندو هو. ارباب عثمان جي حياتيءَ ۾ سامروٽيءَ جا فيصلا ڪرڻ جي ڪنهن ۾ جُرئت ئي نه هوندي هُئي. مجال آھي جو هن جي تر ۾ ڪو تونگر اچي ڪا پنهنجي پنچائت ڪري وڃي. وڏا وڏا خان خانان هن جي دٻدٻي کان ڌھلجي ويندا ھُئا. سَري جي ساميءَ سان ناانصافي ڪندڙ، هن ڏيهه جي ڏاڍن مُڙسن ڏاڏواڻين جي ڪوچ ڪري وڃڻ پُڄاڻان، سامروٽيءَ ۾ صرف ارباب عثمان جو سِڪو هلندو هو. اهڙو سِڪو جو تاحيات کوٽو نه ٿيو.
هُن سڄي ڄمار ترائيءَ جي تخت ڌڻين سان سياسي طور سمجهوتو نه ڪيو. سامروٽيءَ جا ٻه ننگ دڙنگ سياستدان مشهور هئا جن ترائيءَ سان ٽَڪر کاڌا هئا. انهن ۾ سينگالي جو شير ارباب نور مُحمد ۽ تلي ڄام جو ڄام ارباب عثمان شامل آهن. ارباب عثمان دلير هو ۽ ارباب نور محمد عقلمند هو. دل ۽ ذھن جي ميلاپ هن خطي جي سياسي وقار کي سورنهن ڪرڻن واري آفتاب جهڙو عروج ڏنو هو. نه ڪڏھن ڪنهن کان سينگالو مڙيو نه تلو ڄام جِجهڪيو. وقت جي هنن وير پُرشن پنهنجي ڀوميءَ جو ننگ ۽ ناموس ڪوھ ڪارونجهر جئن بُلند و بالا رکيو.
ارباب عثمان ڪاڄن جو صفا ڪوڏيلو هوندو هو. پنهنجي برادريءَ جي اوڙي پاڙي ۾ ٿيندڙ هر ڪاڄُ ۾ هڪيو تَڪيو بيٺو هوندو هو. ڪاڄن ۾ پنهنجي هٿ سان مهمانن کي ماني وڌي ڏيندو هو. پنهنجي تر جي هر ڪاڄُ ۾ سارتيو ٿي بيهندو هو. ڇَني ۾ اچي هر ماڻهوءَ سان هٿ ملائڻ ۽ حال احوال پُڇڻ سندس سُگڻن ۾ شُمار هو. بادشاهي راند چوپڙ (شطرنج) جو صفا شوقين هوندو هو. ويڙهار جي مالديو سوڍي ٽيلات نيت سنگهه وارن وٽ اڪثر ايندو هو، جتي چوپڙ راند جي وڏي چٽاڀيٽي ٿيندي هُئي.
ارباب عثمان کي اڄ به هن خطي جو هر ماڻھو ساري ٿو. هُو هيڻن جو همراھ هو، هُو ڏُکوندن لئه ڏڍ هو. هُو هر اُن مظلوم جو وڪيل هو جنهن سان وقت جي وڏن ناانصافين جا واھڙ واهيا ٿي. هُو تَر جو وڏو زميندار هوندي به هاري ٿي هلڻ ڄاڻيندو هو. هُو سامروٽيءَ جو اهڙو ڀاڳ سڀاڳ هو جو هُن جي ايامڪاريءَ کي ساري اڄ به ماڻھو ٿڌا ساھ ڀرين ٿا. هُو ته انهن ٺڪُرن جو به ڀرم وير ڀائر هو، جن جون سڱاوتيون سرحد جي هُن پار هونديون هُيون. انهن جي سڱاوتي مسئلن ۾ هر ممڪن مدد ڪندو هو. سُرخي گهوڙي تي چڙھي انهن جو سپاهي ٿي هلندو هو. ڳڻتين ۾ وڪوڙيل مائٽن تان نياڻڪو بار لاهڻ لئه ڪُونج جهڙين ڪُمارين کي چِٽين چانڊوڪين ۾ ڪارا رڻ اُڪاريندي جيڪا ارباب عثمان مدد ڪئي اهڙي ڪو ٻيو نه ڪري سگهيو. ڪنهن ٻئي ۾ اهڙي طاقت به نه هُئي. اُنهن ڌرتي ڌڻين جي ڌيئارين جون دعائون به هن جي ڪنهن ڪم نه آيون. هُو نرينه اولاد کان محروم رهجي ويو. هُن کي اولاد ۾ فقط هڪڙي ڌيءُ آھي، جيڪا سندس ڀاءُ محمد خان جي پُٽ ارباب عبدالرحيم سان پرڻايل آھي. عثمان جو نيڪ نالو ئي سندس نرينه اولاد وارو ننگ رکيو اچي. هُو پل به ماڻھن کان وسريو ناهي. وسريا ته ھُن جا فيصلا به ناهن جيڪي اڄ به عوام جي دل ۽ دماغ تي ڪنهن يادگر فلم جي خوبصورت سين وانگي ڇانيل آھن. هُن جو ڳالهائڻ، هُن جو ويچارڻ، هُن جي نياڪاري، هُن جي ايمانداري، هُن جي منصف مزاجيءَ ۽ نهٺائي کي سامروٽي ڇا، سمورو ٿر ڪونه وساري سگهندو.

يوسف فقير

هي ننگر جو نيارو راڳي ڀوڳنائن جي بڙ تلاءَ مان وهنجي جڏھن ڪنهن راڳ جو رياض ڪري ٿو تڏهن آڪاش مارگ ڏي اُڏامندڙ پکي به وجد ۾ اچي وڃن ٿا. وجد ۾ اچي وڃن ٿا ڌرتيءَ جا اُهي ڌراڙ جن جا ڌڻ بانسريءَ جي ڌُن تي رڌم ۾ رڳن ٿا ۽ ناولن تي نچندي وٿاڻن ۾ ورن ٿا. هن جي روح پرور راڳ تي روئي پون ٿيون ساڻيهه جون اُھي سهاڳڻيون جن جا ور پيٽ خاطر گهر ڇڏي اڪيلائيءَ جا اڻ توريا عذاب ڏيئي ويندا آھن. هن جي راڳ ۾ ايڏو ويراڳ آھي، جو ٻُڌي ماڻهوءَ جي اکين جا بند ڀڄي پون ٿا. هن جي هر آلاپ ۾ هڪڙو ورلاپ آھي جو ماڻهوءَ کي آواز جي دنيا ۾ الوپ ڪري ڇڏي ٿو.
اکيون هوندي به نُور کان محروم هئڻ باوجود هُو ڪڏھن به مايوس ناهي ٿيو. هُو هن دنيا کي اندر جي اکين سان ڏسي ٿو. هُو بينن جي بيوفائيءَ تي نوحا ڳائي ڪنهن نامي گرامي سيٺئي اڳيان جهولي جهلي زندگي گُذارڻ بدران ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي“ واري ٿيوري تي عمل ڪندي راڳ آلاپي جڳ ۾ جيئي ٿو. ڏاتار وٽان مليل البيلي آواز واري ڏات کي ڏيهه ۾ نکاري پاڻ به جيئي ٿو ته پنهنجي پريوار کي به جياري ٿو. ھُو نابين هوندي به پنڻ پاپ سمجهي ٿو. هُو ڪَن رس جي ڪوڏين کي راڳ جو امرت رس پياري جياري ٿو. هُو علي الصبح جو اُٿي مُنهن ڌوئي، چانهه چُسڪي پيئڻ کانپوءِ سستي سگريٽ سان ڦڦڙن کي گرم ڪري، هارمونيم هٿ ۾ کڻي، پنهنجي پنج فقيري ٽولي سميت سڌو مندر جو رُخ ڪري ٿو. ائين لڳي ٿو ڄڻ مندر ۽ هن جو ڪو پورب جنم جو رشتو آھي. مندر ۾ پيل مورتين کان وٺي چوڻ چُڳندڙ پکين تائين سڀ يوسف جي انتظار ۾ هوندا آھن. يوسف جو اوسيئڙو ۽ انتظار ته اُھي پرديسي به ڪندا آھن جيڪي پري کان پنڌ ڪري ڪاسٻي جي سُونهن ڏسڻ سان گڏ هن فقير جي سنگيت ٻُڌڻ لاءِ به اتاولا هوندا آھن.
يُوسف فقير جي بس هڪڙي ئي تمنا هوندي آھي ته، ڪاسٻو سدائين سائو هُجي ته جيئن هن جي زندگي به هري ڀري هُجي. هُو هر روز مالڪ کان اها ئي دعا گهري ٿو ته، بس ڪارونجهر جا ڪوڏ آباد هُجن، ڀٽياڻيءَ جي اوج برقرار رهي. ڀوڏيسر کان وٺي راڻپر تائين سمورا تلاءَ تار هُجن. ساڙڌري جي ساوڪ پائينده باد رهي. هُو ٿر کي بر نٿو ڏسڻ چاهي. هُو چاهي ٿو ته ريگستان جا رنگ سدائين ساوا هُجن ته جيئن سياح ڪاسٻي جو ڪاڪ ڏسڻ ايندا رهن ۽ ھُو پنهنجي ڏات سان ڏسائون رڱيندو رهي.
ڪاسٻي جي پُراڻي مندر ۾ ڪنهن جهوني جوڳي جيان ڌوڻي دُکائي ويٺل يوسف فقير جي ڪنٺ ۾ ڪرشن جي مُرلي جي مڌرتا جهڙي مٺاس اوتيل آھي. هُو جڏھن هارمونيم تي هٿ رکي، پرديس ۾ پرڻايل ڌيئرن جي درد ۾ ڏهياڻي آواز ۾ ڏنجهه ڀريو ڏورو ڳائي ٿو ته ڪارونجهر جي پهاڙن ۾ به پِراڻ اچي وڃي ٿو. ڀٽياڻي گرجي گرجي ڀرجي ٿي. گوڙدري ۾ گونج اُٿي ٿي. مور مينهن کي پُڪارڻ وساري هن کي دلي داد ڏين ٿا. مندر جا اُجهامي ويل ڏيئا ٻيهر ٻرڻ لاءِ پنڊت کي پُڪارين ٿا. ديوداسين جي دلين ۾ سنگيت سرگم ڇيڙي ٿي.
مندر جي ڇاتلي ڄار جي ٽار هيٺ ويهي پرھ ڦُٽيءَ جو پرڀاتيءَ ۾ ”الک ٻيڙو تار منهنجو“ ڳائي هُو مالڪ کي ريجهائي ٿو. هُو جڏھن ”دردونديءَ جو ديس وسي پيو، بوند بره جي بهار لڳي ويئي“ واري صدا بلند ڪري ٿو ته ٿر ٿميو نٿو رهي. وڻ وڻ جهومي پوي ٿو. ڀِٽ ڀِٽ ڀُڻڪي پوي ٿي. ڪارونجهر ڪُوڪي اُٿي ٿو.

نيت سنگهه سوڍو

پرمار سوڍن جي پَرمُک شاخ مالديو سان تعلق رکندڙ، هي مها سُندر سوڍو منهنجو ڳوٺائي آھي. جهڙي مالڪ کيس سونهن ڏني آھي اهڙي ئي مڻيا سان مڙھي ڇڏيو آھي. تمام گهٽ ڳالهائو. ماٺيڻي سڀاءَ جو مالڪ هي ماڻينگر سوڍو سامروٽيءَ جي سُندر مستڪ تي سوني تاج وانگي چمڪيو هو. هي پوٽو آھي اُن ڌرم وير يوڌي ٻلڌاري ٻهادرسنگهه جو جنهن جي هاڪ اڄ به ٿر جي ٿاڪ ٿاڪ ۾ گونجي ٿي. اهو ٻهادر سنگهه سوڍو جيڪو پنج سير تر ڀاڱو (کنڊُ، گيهه، اٽو برابر مقدار ۾) سيرو پڙ تي کائي سگهڻ جي سگهه رکندو هو. ورهاڱي کان اڳ واري ڳالهه آھي ته، هڪ ڏينهن سندس ڳوٺ ۾ ڄڃ ۾ آيل هُئي ۽ رهاڻ لئه امل نه هو. هُن کي ڪنهن پاڙي واري سُنڪ ڏني ته ٻهادرا صبح جو امل ڪٿان هٿ ڪري ڏئي. ٻهادر سنگهه هائوڪار ڪئي. هُن ڇا ڪيو جو رات جو ماني کائي جُتي هٿ ڪئي ۽ پيرين پنڌ، رڻ اُڪري ڪڇ ڀُڄ جي ڳوٺ ڪُرن مان امل کڻي، سوجهاڪي جو واپس اچي گهر سُمهي رهيو! ماڻھن کي اعتبار نه اچي ڇاڪاڻ ته، ايتري ٿوري وقت ۾ ايڏي وڏي مفاصلي تان پيادل وڃي ڪا وکر وٺي اچڻ واقعي وڏي ڳالهه هُئي، پر اهڙي غير معمولي ڳالهه سوڍي ٻهادر سنگهه ڪري ڏيکاري. هُن اعتبار ڏيارڻ لئه ڪُرن مان پڪل مانيون ۽ وشنان ماڻھن کي ڏيکاريو. اهو ڏسي ماڻھو دنگ رهجي ويا. چون ٿا ته ٻهادر سنگهه گهوڙي جي رفتار سان هلندو هو، هُو سامهون ايندڙ ماڻھوءَ کي پنڌ ڪرڻ دؤران هٿ نه ڏيئي سگهندو هو ۽ ڪجهه مُفاصلي تي وڃي پوءِ مُڙي واپس اچي هٿ ڏيندو هو. ويندي ويندي هٿ ڏيڻ سان سامهون واري جي ٻانهن ٽُٽي پوندي هُئي، ڇاڪاڻ ته رفتار تمام وڏي هوندي هُئي. اهڙي وير پُرش پهلوان جي نرم دل ۽ ڀولي پُٽ نونگهجي جو ڪنور نيت سنگهه به پنهنجو مٽ پاڻ آھي. پنج آڪٽوبر 1969ع ۾ جنم وٺندڙ نيت سنگهه سوڍي پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڊونڊيو مان حاصل ڪئي ۽ گورنمينٽ جابر بن حيان هاءِ اسڪول ڏيپلو مان سن 1985ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان اي- ون گريڊ ۾ پاس ڪيو. منهنجي ڳوٺ جي تاريخ ۾ اهو رڪارڊ آھي ته سڀ کان پهرين نيت سنگهه سوڍي اي ون گريڊ کنيو هو. تعليم اڳتي جاري رکندي سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو مان بي- اي جو امتحان پاس ڪيو. سن 1988ع ۾ کيس تپيداري نوڪري ملي ويئي. گهڻو وقت گولاڙچيءَ ۾ نوڪري ڪئي. ايمانداريءَ سان پنهنجو فرض نڀائيندي 2013ع ۾ رٽائرٽمينٽ ورتائين. نوڪري سان گڏ زمينداري به ڪندو هو. گولاڙچي ۾ سوڍي جي تمام گهڻي مشھوري هوندي هُئي/ آھي. تپيدار ته ٻيا به ويٺا آھن، پر نيت سنگهه جهڙي عزت شايد ئي ڪنهن پرائي هُجي. هُو تپيدار گهٽ ۽ يار ويس وڌيڪ لڳندو هو. خرچ ڪرڻ کان ڪڏھن به نه لهرايو. هُن ڪمايو به دل سان ته کارايو به دل سان. ڪنجوسيءَ جو هن وٽ لفظ ئي نه هوندو هو. سندس گولاڙچي واري رهائشگاھ اوطاق جو ڏيک ڏيندي هُئي، جتي ڪيئي ٿَريا سڄو ڏينهن ٽُڪر کائي پيا ٽَلورا ڏيندا هُئا. پر مجال آھي جو نيت سنگهه ڪڏهن مُنهن ۾ سَر به وڌو هُجي. آفيس مان واپس اچي جڳهه تي پهچڻ شرط پهرين بورچيءَ کان پُڇندو هو ته مهمانن کي ماني کارائي يا نه؟ اگر نه کارائي ته اول چوندو ھو مهمان کي ڏئي پوءِ آئون کائيندس. هُن پنهنجي هشاش بشاش حياتيءَ ۾ اعليٰ کان اعليٰ برانڊ جا شربت پيتا. ڀلي کان ڀلي ڀانت جا کاڌا کاڌا. سُٺي کان سُٺا ڪپڙا به پاتا، پر ڪڏھن به پنهنجي ماضيءَ کي پُٺ نه ڏني. هُن پنهنجي ننڍپڻ وارا ڏُکن جا ڏينهن پل به نه وساريا جن ۾ هن کير بدران پاڻي پيتو هو، رٻ تي پيٽ گُذر ڪرڻ به هن جي حياتيءَ ۾ شامل هو. هي اُنهن پَڇ ڍاون پليتن وانگي ننڍي دل وارو نه آهي، جيڪي پئسي جي موھ ۾ پنهنجو ماضي وساري حال ۾ اهڙي هلڪڙائي ڪندا آھن جو معاشري ۾ صفا ڦُوڪڻا لڳندا آھن. هي ته اھڙو ڌيرجوان شخص آھي جيڪو پنهنجي محنت ۽ اورچائيءَ جي ڪري دولتمند ٿيڻ جي باوجود نرم مزاجي ۽ صبر جو دامن پنهنجي وس ۾ رکيو اچي. هُو مهمان نواز هئڻ سان گڏ رحم دل ۽ سخي ڏاتار پڻ آھي. ڪنهن گُهرجائو جي مدد ڪندي تمام گهڻي سرهائي محسوس ڪندو آھي.
نيت سنگهه سوڍو هتي هر وقت ٺهيل ٺُڪيل فٽ ڦاٽ رهندو هو. صفائي سُٿرائي جو تمام گهڻو خيال رکندو هو. ڪاري ڪلٽس ۾ تيرانهن پائونڊ ڊبل گهوڙا بوسڪيءَ جو ڦُل جوڙو پائي جڏھن سرزمينِ سنڌُ جي سڙڪن تي هلندو هو تڏھن ائين لڳندو هو، ڄڻ ته سنڌُ جو شان هجي. ھُو ڪنهن شان ۽ مان کان گهٽ ته نه هو. دل جو به درياءُ هو. ڪڏھن به ڪنهن منک جي دل نه رنجائي. هُو ڪنهن کي رنج رسائي ئي نه ٿو سگهي. هُو جيستائين هتي هو پنهنجي ڳوٺ جي پرگهور لهندو هو. هتان ويو ته به ڳوٺ کي وساري نه ٿو. مئي جيئري جا حال اڄ به پُڇي ٿو.
نيت سنگهه سوڍي سن 1990ع ۾ ڳوٺ مالڻهور کاوڙيا جي کاوڙيا راٺوڙن مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻن پُٽن ۽ پنج نياڻين جو اولاد آھي. پُٽ ۽ نياڻيون سڀئي زير تعليم آھن.
نيت سنگهه سوڍي جا ٽي ڀائر آھن. ڪونڀجي، وينجهراج سنگهه ۽ گگجي. وينجهراج سنگهه ڊي-سي آفيس ۾ ڪلرڪ هو بعد ۾ مشرف واري مڪاني نظام ۾ ضلعي ناظم جو پرسنل اسسٽنٽ ٿي رهيو. ارباب عطاالله ۽ ارباب انور جي ٻنهي ايامن ۾ ساڳي عهدي تي رهيو. وينجهراج سنگهه سوڍي تمام گهڻن مسڪين ماڻھن کي نوڪريون وٺي ڏنيون. جيڪي اڄ به کيس دعائون ڏين ٿا. منهنجي ڳوٺ ڊونڊيو ۾ روڊ، ڊسپينسري، وٽرنري کان وٺي مڊل اسڪول تائين سڀئي سهوليتون وٺي ڏيڻ وارو سهرو وينجهراج سنگهه سوڍي جي سِر ڏانهن وڃي ٿو. سدائين پنهنجي مُڇن کي تاو ڏيندڙ وينجهراج سنگهه سوڍو اهو نيڪ نيت ۽ پَراُپڪاري پُرش ھو جيڪو پنهنجي انفرادي مفاد تي سوچڻ کان اڳ اجتمائي مفاد جي لاءِ سوچيندو هو. هُن جي اباڻي ڳوٺ جي پَٽن ۽ پوٺن سان چنڊُ ۽ چڪور واري چاهنا هوندي هئيس. ڳوٺان ڪو ماڻھو مٺيءَ ويندو هو ته هي مري مٿو ڏيڻ وارو مُڙس هو. اڄ ڳوٺ کان هزارين ڪوھ پري مورٻيءَ ۾ رهي ٿو، پر سندس من جو مور هر رات خوابن ۾ اُڏامي پدموريءَ جي اڇن ريٽن تي رمي ٿو. وينجهراج سنگهه جا ٻه پُٽ آھن. شنڪر سنگهه جيڪو ٽيلي ڪميونيڪيشن جو ڪاروبار ڪري ٿو، ٻيو هريسنگهه سوڍو جيڪو وڪالت ۾ پڙھي رهيو آھي. ٻئي انتهائي سُلڇڻا ڇوڪرا آھن. ڪونڀجي ڌراڙ هوندو هو، ڌراڙ به صفا ڌراڙن جهڙو جيڪو مال جي بيمارين کان وٺي ان جا وصف سُڃاڻي سگهندو هو. هن وقت مال جي واڙي ۾ ڪم ڪري ٿو. گگجي پڙھيو لکيو ۽ ڪاروباري ماڻھو آھي. گگجي کي نه رڳو گولاڙچي ساري ٿي، پر مٺيءَ جي راجپوت ڪالونيءَ کان وٺي ڊونڊئي جي دڙن تائين سمورو ساڃانهه وند ساڻيهه وڏي سڪ مان ساري ٿو، هُو به ڪنهن کي وساري ناهي سگهيو. توڻي جو هاڻي دل پَڪي ٿي ويئي هوندي، پر هُن جي سماچار پُڇڻ واري لهجي مان ئي ماڻھو لَکي وٺي ٿو ته، ڊونڊئي جي ڍاڻي هن جي من کيت ۾ رات راڻيءَ بڻجي مهڪي ٿي، پدموريءَ جو پنڌ هن جي ساهن جي هچڪيءَ ۾ وچڙي ٿو. مٺيءَ جي سوڙھين گهٽين ۾ اُڏامندڙ آلن زلفن جي خوشبوءَ جا خمار هن کي ڄمار وسري نه سگهندا. گگجي، ڪونڀجي، ۽ وينجهراج سنگهه ٽيئي ڀائر هن وقت نيت سنگهه سان گڏ هندستان ۾ رهن ٿا. سڀئي پنهنجي پنهنجي ڪاروبار سان وابسته آھن. سُکيا ستابا پنهنجي ماني مڇيءَ وارا آھن، پر نه وطن هنن کي وساري ٿو ۽ نه هُو وطن کي وسارين ٿا. وطن ڪا وَستُو ته ناهي جنهن کي ماڻهو وساري ڇڏي، وطن وجود ۾ ڌمڻ وانگي ڌڙڪندا آھن. وطن ننڊ ڪچيءَ مان ڇرڪ ڀرائي اُٿاريندا آھن. وطن جي سار اکين کي روز وضُو ڪرائيندي آھي.

ڀيرجي ٺَڪُر

هُو اُن جُوءَ جو جوڌو آھي، جنهن جُوءَ ۾ سميڙ سنگهه ھاجاڻيءَ جي هاڪ جي ڌاڪ هوندي هُئي. هُو جيڪو ٿر جي نج نبار ٻهراڙيءَ جو اھڙو ٻانڌيلو ٻار آھي جنهن جي وار وار مان ايندڙ، ڳوٺاڻي سادڙيءَ سُونهن جي سُڳند ولڙين واس وانگي وطن کي مهڪائي ٿي. هُو جيڪو صحرا جي اونڌاهين راتين ۾ کُڙکُٻيتو ٿي کڙيو آھي. هُن جي سُهائي سان نه رڳو جهرمريو جَرڪي ٿو، پر هن جي علم جي اوجيس ۾ سمورو مَروڌر ڏيهه مَرڪي ٿو. هُو جيڪو ٻاٻيهن جي ٻوليءَ ۾ لُڇندڙ پلر جي پياس جهڙي پويتر روح جي هڪڙي رڙ آھي. اهڙي رڙ جنهن جي پڙاڏن ۾ وطن جو پيار ڪنهن ڪويل جي ڪنٺ جهڙي مڌُر سنگيت وانگي مهڪي ٿو. هُو جنهن جو مٽيءَ جي رانديڪي جهڙو رُوح وطن جي وڻن ۾ پينجولن وانگي پيوند ٿي ويو آھي. هُو جڏھن ويڙهيچاڻي وچن کي سنڀاري وطن کي دل جي هندوري ۾ لوڏيندو آھي، تڏھن ڀٽن تي ڀونگا هُن کي محلاتن کان مٿي لڳندا آھن. کُنڀين جون خوبصورتيون ۽ مورن جون مستيون هن کي ٿائيلينڊ جي سمنڊُ ڪناري تي پسار ڪندڙ گُڏين کان مٿي موهي مارينديون آھن. هُو جيڪو صحرا ٿر جي تپندڙ واريءَ تي ٿڙندڙ وکون کڻي وڏو ٿيو آھي. ھُو جنهن وطن جي واريءَ کي اندر جي اکين ۾ سُرمو ڪري پاتو آھي. هُو جيڪو هرڻ جي اُڃ جهڙي حُب الوطنيءَ سان سرشار هڪ اهڙو ديش ڀڳت ماڻھو آھي جنهن جي مَلوڪ مُک تي ترندڙ تبسم هن ڌرتيءَ جي دل ٺاري ٿي. هُو سنڌي ساهتيه جو اهڙو ڪلاڪار آھي جنهن جي سِٽ سِٽ ۾ ساڻيهه ساھُ کڻي ٿو.
ٿوهرن جي ديس ۾ گُلابن جي خوشبو جهڙو هي گُلقند وجود اڄ به ديس جي ڌڻن ۽ وڻن سان ڳولاڙن وانگي ويڙهيل آھي. هُو پنهنجي جنم ڀُومي واري ڳوٺ جهرمريو جي وڏي ڀٽ (هوليءَ واري ڀٽ) تي ويهي جڏھن اونڏي ڏرڙ وارن سندس مال جي صدين جي وٿاڻن ڏانهن ڪنهن نما شام ويلي نگاھ ڪندو آھي ته سندس آتما کي آدجگاد جو سنتوش اچي ويندو آھي. سنتوش ته هن کي تڏھن به ملندو آھي جڏھن ڪنهن مسڪين ڏوٿيءَ جي جهوليءَ ۾ ڪجهه دان جا داڻا وجهندو آھي. اُڃايل پکين کي پاڻي پياري هي ائين سرهو ٿيندو آھي جيئن ڪا ماءُ پنهنجي اولاد جي اک ۾ سرمو وجهي سرهي ٿيندي آھي.
ڀيرجي جو جنم 4 جنوري 1968ع تي تعلقي ڏيپلي جي جهوني ڳوٺ جهرمريو جي معزز شخص شريمان جالوجي سولينڪيءَ جي گهر ۾ ٿيو. جهرمريو جيڪو يونين ڪائونسل جو درجو رکي ٿو. ڀيرجي جو پتا جالوجي تمام عقلمند ۽ ڀاڳيو ماڻهو هو. سندس ڪرت هارپو ۽ مالداري هُئي. جالوجي 120 سالن جي ڄمار ۾ 1993ع ۾ پرلوڪ پڌاري ويو. ڀيرجي سندس والد صاحب جي ڏسيل راھ تي راهي ٿيو ۽ تعليم جي هٿيار کي هٿ مان نه ڇڏيو. ڀيرجي ابتدائي تعليم سندس اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ جو امتحان امتيازي مارڪن سان گورنمينٽ جابر بن حيان هاءِ اسڪول ڏيپلو مان پاس ڪيو. انٽر جو امتحان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ مان 1987ع ۾ پاس ڪيو. ڀيرجي ڪچڙي وهيءَ ۾ اهو پڪو پهه ڪري ورتو هو ته هُو حياتيءَ ۾ هر ڏُک سهي به اڳتي تعليم پرائيندو، ۽ سندس ڳوٺ جي تاريخ ۾ پهرين هاءِ ڪواليفائيڊ طور پنهنجو نالو رقم ڪرائيندو. هن اٽل ارادن جي مالڪ ائين ڪري پڻ ڏيکاريو. مادر علمي سنڌ مان بي-ايس-سي (آنرس) ۽ ايم - ايس- سي پاس جو امتحان پاس ڪيو. سنڌ لا ڪاليج مان ايل-ايل-بي ڪرڻ سان گڏ قانون جو اعليٰ امتحان ايل-ايل- ايم به پاس ڪيو. ان کانسواءِ اِي-ايم بي اي.(پيٽروليم مئنيجمينٽ) ڊپلوما ان ڪيميڪل انجنيئرنگ ۽ ايم -ڦِل به ڪئي اٿس. هيڏي وڏي تعليم حاصل ڪرڻ دوران هن تمام گهڻا ڪشٽ پڻ ڏٺا. معاشي طور مشڪلاتن کي پڻ مُنهن ڏنو. پر ڪڏھن به مُڙي نه نهاريو ۽ پنهنجي منزل مقصود ڏانهن درياءُ وانگي چاڙھ ۾ هلندو رهيو. نيٺ وڃي منزل ماڻي سُکن جي سمنڊُ ۾ سمائجي ويو. ڀيرجي جو وڏي ۾ وڏو ڪم آھي ايم ڦِل لئه لکيل ٿيسز. جنهن ۾ هُن شيخ اياز ۽ علامه اقبال جي شاعريءَ جو تقابلي جائزو ورتو آھي. سنڌُ ۾ شايد هن جهڙو منفرد ڪارنامون اڳ ۾ ڪنهن سرانجام ناهي ڏنو. ايڏي وڏي ادبي ڪم تي آئون کيس جس ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان. ڀيرجي سندس حياتيءَ ۾ هڪڙو خوبصورت ڪتاب به لکيو آھي جنهن جو نالو آھي، ”وطن جا وڻ ۽ زندگيءَ جو سفر“ هي تمام بهترين ڪتاب آھي جيڪو عام فهم ٻوليءَ ۾ لکيل آھي. انتهائيءَ سچائيءَ سان لکيل هي جيون ڪٿا ادب جي شاگردن لاءِ رول ماڊل واري حيثيت رکي ٿي. هن ڪتاب ۾ ڀيرجي نه رڳو پنهنجي زندگيءَ جا تلخ تجربا شيئر ڪيا آھن پر وک وک وطن جي وڻن ۽ ڌڻن جا درشن به ڪرايا آھن. جيڪي پڙھڻ واري کي منڊي موهڻ لاءِ ڪافي آھن.
ڀيرجي جنهن ايام ۾ انٽر پاس ڪيو اھو ھڪ ته ڏُڪار ۽ ٻيو بُک جو ڀينڪر دؤر هو. اهڙي وقت ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ڪنھن غريب لاءِ مشڪل بلڪه ناممڪن پڻ ھو ـ انھي ھوندي به سنڌ هي اٽل انسان يونيورسٽي پھتو ـ جتي ھن کي سُٺي سنگت ملي، يونيورسٽي جي اهڙن لمحن لاءِ ڀيرجي ڪُجهه ھـن ريت لکيو به آھي.

ڪويلون ٻولين ڪُوڪُو ڪري،
صبح سوير پرھ ڦُٽي.

ھوائون جتي ھير سٺي
اھا ئي آھي سنڌ يونيورسٽي.

1995 جي شروع ۾ سنڌُ يونيورسٽي مان پاس ٿيو. جيئن ته ڪجهه مھينا گذريا ته نوڪري تيل جي کاتي OGDC ۾ ملي. شروع ۾ اسٽاف ۾ پو Re. Desi ڪري سپروائيزر ۽ پوءِ Asstt.Chemist ان کانپوءِ Chemist ڪيو ويو.
ڀيرجي پنھنجي Colleagues سان گڏجي پروموشن لاءِ ڪيس ڪيو جڏھن ھنن سختيون ڪيون ته اھي ست ئي ڄڻا ھٿ کڻي ويا پر ھن کي افغانستان جي بارڊر لڳ بدلي ڪيو ويو ته به ھن قانوني جنگ جاري رکي ۽ ڪورٽ سڳوري ھن سان انصاف ڪيو ته ھي ھتي ئي رھندو. اھڙي سفر سان لاڳاپيل ڪيس ڪورٽ سڳوري ۾ آھن. اداري ۾ ايمانداري سان تمام سخت ڊيوٽون ڪيون.
ڀيرجي کي اولاد ۾ 6 پٽ آھن. وڏو پُٽ رنجيتسنگھ جيڪو Electronics ۾ لاسٽ ييئر ۾ ڪراچيءَ ۾ پڙھي رهيو آھي. ان کان ننڍو نگجي يونيورسٽي جي تياري ڪري رهيو آھي.. تنهن کان ننڍو ڪيسرسنگهه Army college Mithi ۾ زير تعليم آھي. چوٿون نمبر پُٽ پونمسنگھ Army college Mithi ۾ ھٺيسنگھ ۽ دليپ سنگهه پڻ ساڳي ڪاليج ۾ زير تعليم آھن. ڀيرجي شوشل ڪم ۾ سدائين ٻين کان اڳڀرو رهيو آھي. هن
گورنمنٽ گرلس ۽ بوائز اسڪول ڀيرجي پاڙو منظور ڪرايا جيڪي ھلندڙ آھن .1992 ۾ منظور ڪرايا ۽ بائونڊري ۽ وڻ ھٿن سان لڳايا، نه رڳو ايترو پر وڏي جاکوڙ ۽ جفاڪشيءَ سان سندس ڳوٺ ۾ ڊسپينسري به منظور ڪرائي جتي اڄ به سوين مريضن جو مفت ۾ علاج ٿئي ٿو. ڀيرجي جهڙي ڀلوڙ ماڻهوءَ جو رھزنن سان ڪڏھن به روح راس نه ٿيو، پر حال اوريندڙ هيڻن جو جو ھيتو ٿي بيٺو. ڏيجوانن جو ڏڍُ ٿيڻ ڀيرجي جي وڏي سُڃاڻپ آھي. مشڪل ۾ آيل ماڻهن لاءِ سندس نيڪ صلاح ۽ مُفيد مشورو ھڪ دوا جو درجو رکي ٿو. هيڻن جي همراهي ڪندڙ هي ٿر جو سادڙو ڪوي رهزنن کي رُڪ جا چڻا چٻائيندي دير ئي ڪونه ڪندو آھي. ڪورٽ ڪچهرين کان مُور نه مُڙندڙ هي مرد مجاهد سچُ تي ساھُ پساھ ڏيندي ڪوڙ ۽ ڪچُ جي سخت خلاف آھي، ڇاڪاڻ ته هي خود سون جهڙو سچو ماڻهو آھي. مُنافقت کان الاهي پري ڀڄندڙ ڀيرجي تمام گهڻو مُحبتي ماڻهو آھي. سڄي زندگيءَ ۾ سُکن کان گهڻا ڏُک پنهنجي حصي ۾ کڻي هليو آھي. پرايا سُور پنهنجا ڪرڻ ته ڪو ڀيرجي کان سکي.
ڀيرجي هن ڀُوميءَ جو اُهو ڪمانگر ڪوي آھي، جنهن جي ڪونج جي ڪُرلاءُ جهڙي ڪويتا ۾ ڪا به مصنوعيت ناهي. ٻهراڙيءَ جي ٻار جهڙي هن جي معصوم شاعري سندس دل جي دانهن آھي. اهڙي دانهن جنهن جا پڙاڏا وطن جي وڻن جي پن پن مان پڙلاءُ بڻجي گونجن ٿا. ڀيرجي جي شاعري بحر وزن جي بار کان آجي، ۽ فضائن ۾ اُڏامندڙ پکين وانگي آزاد آھي. ڀيرجي جي شاعريءَ ۾ سندس دل مان نڪتل سنئان سڌا خيال آھن، جن کي بنان ڪنهن ڪاريگريءَ جي جيئن جو تئين جي بنياد تي لکي هن پنهنجي شاعرانه اندر جو اظهار سو فيصد سچائيءَ سان ڪيو آھي. ڀيرجي جي شاعري ٻهراڙيءَ جي سادڙي ڳوٺاڻي محبوبا جي وينڍلين ۾ ويڙهيل پنهنجي پيار جي پهرين چُمي جي چاھ جهڙي چاشنيدار آھي. ڀيرجي جي شاعريءَ ۾ وطن جا وڻ اشارن جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائن ٿا، ۽ پکي پرھ ڦُٽيءَ جا ترانه ڳائين ٿا، ٻُوٽا ٻاٻورجي پون ٿا، گاھ گونچ ڪڍي گلڪاري ڪن ٿا. هرڻ ڇال ڏين ٿا. هاري همرچا ڳائي سانوڻي مند ملهائن ٿا. ٿاريليون نَڪن ۾ اڪن جون ڦُلڙيون وجهي گهاگهرن جي گهير کي گهمائي مَٽڪو رمن ٿيون.

ناٿن سنگهه سوڍو

مُنهنجي پاڙيسري ڳوٺ ويڙهار جا بير بانڪا ۽ بهادر سوڍا ڪنهن وقت سامروٽيءَ جي اُفق تي سانوڻيءَ جي ڇَمر وانگي ڇانيل هُئا، جن جي ويرتاھُ ۽ وڏائيءَ جا تجلا ٻڪراڙ وڄُ جي نانگ وراڪن وانگي سموري ڏيهه ۾ پنهنجو پرتوو پکيڙي بيٺا هُئا. اُنهن سُگڻن ۽ سَپُوت سوڍن کي وطن جي تاريخ پنهنجي سمنڊُ جيڏي وسيع سيني ۾ سمائي رکيا آھن، وقت جي وڏن تونگرن کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ وارا اُھي ويڙھار جا مالديو سوڍا هُئا، جن جي هاڪ، ڌاڪ، دهشت ۽ ڌٻدٻي جي ڪري وقت جا حاڪم پنهنجا مارڳ ئي مَٽائي ويندا هُئا. مجال آھي جو ڪير ويڙھار جي اَجهور مان مٿي اُگهاڙو مَٽي يا گهوڙي يا اُٺ تي سُواري ڪري گُذري. سوڍن جا سُندر اخلاق اڄُ به ماڻهن جي دلين ۾ دُرو تاري جيان چِٽا چمڪن پيا. اُن ويڙهار جو مالديو سوڍو ناٿن سنگهه ولد اجت سنگهه سوڍو به پنهنجو مَٽ پاڻ هو، جنهن جا ناناڻا ڊونڊئي جا ٻاڙميرا راٺوڙ ھُئا. راٺوڙ جن جا ڀاڻيجا سدائين ڀُوپت ٿيا آھن. اجت سنگهه سوڍو ڳوٺ ڊونڊيو جي سيرسنگهه ٻاڙميرا جي گهران پرڻيو هو. اجت سنگهه کي اولاد ۾ ٻه پُٽ هر هڪ نالي چاندن سنگهه، ناٿن سنگهه ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد هو. 5 مارچ 1945ع تي جنم وٺندڙ ناٿن سنگهه سوڍو انتهائي نرم مزاج ۽ خوش طبيعت ماڻهو هو. نيڪ نيت ۽ پَر اُپڪاري پُرش هُئڻ ڪري پرماتما هن کان ڪيئي پريکشائون ورتيون، پر هي بهادر سوڍو اٽل رهيو ۽ دنيا جو هر درس سڦلتا سان سمپورڻ ڪيو. مايوسيءَ ۽ ناڪاميءَ کي ڪُفر سمجهي زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ ڪامياب ڪوششون ڪندو رهيو. ھن ڪڏھن به پوئتي مُڙي نه نهاريو ته پاڻ ڪيڏا ڪٺن ڪُشالا ڪري چُڪو آھي، زندگيءَ جي طويل سفر ۾ هن ڪٿي به شوڪارو هڻي ٿَڪُ نه ڀَڳو. هر ڏُک ۽ تڪليف کي پُٺارڪ ۾ ٻَڌي وطن جي دڙن تي پنڌُ ڪندو رهيو.
ناٿن سنگهه سوڍي جو اسان جي سماج ۾ وڏو ڪردار رهيو آھي. انتهائي پسماندگيءَ ۽ ڪسمپرسيءَ واري قهري حالتن ۾ به هن سوڍي سدائين لئه سَداورت قائم رکيو. سندس ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول هئڻ ڪري ويجهن توڙي پري ڳوٺن جا سَوَن جي تعداد ۾ ڇوڪرا پڙھڻ ايندا هُئا، جن کي مانيءَ کان وٺي رهائش ڏيڻ تائين هن سوڍي جو وڏو ڪردار رهيو آھي. پنهنجن کي ته هرڪو کارائي ٿو، پر پراون جي پنهنجن پُٽن وانگي پرورش ڪو ڪو وڙلي ڪندو آھي، سوڍي ناٿن سنگهه ائين ڪري ڏيکاريو هو، آئون کيس جس ڏيان ٿو. سندس ڦُڦيائيءَ ڀاءُ ڳوٺ ڊونڊوئي جي تپيدار ڪاروجي ٻاڙميرا کان وٺي مالڻهور کاوڙيا جي ميهوجي کاوڙيا تائين اهڙا انيڪ شاگرد هُئا جن کي سوڍي ناٿن سنگهه نه رڳو ماني ڳڀي کان وٺي اجهو ۽ اولو ڏنو، پر پنهنجن جهڙو پيار پڻ ڏنو. اُهي اڄ پڙھي لکي پنهنجي پنهنجي منزل ماڻي چُڪا آھن، ۽ ناٿن سنگهه جا اڄ به ٿورا ڳائين ٿا. پراون ٻچن کي پنهنجا سمجهي پيار ڏيندڙ ناٿن سنگهه سوڍي ڪڏھن به لوڻي ۾ سَر نه وڌو. مهمان نواز به اهڙو هو جو راڄ پيا واکاڻيندا هُئا. جيستائين سندس اوطاري ۾ ڪو مهمان نه ايندو هو ايستائين سندس دل جو اوطارو به ويران رهندو هو. مهمان بنان ماني هن کي ڦڪي چانهه وانگي بيسواد لڳندي هُئي. آيل مهمان کي دل سان ترسائڻ ڇهه ڇهه ڏينهن نه ڇڏڻ اُن سان ڪچهريون ڪرڻ ناٿن سنگهه جو اعليٰ ظرف هو.
ناٿن سنگهه سوڍي ۾ هڪڙو وڏو گُڻ اهو هوندو هو ته هُو ماڻهن جا ڪاڄُ سُڌاريندو هو. ڪنهن به عزيز، قريب، مِٽ مائٽ جي مرڻي، پرڻي تي سڀنيءَ کان اول پهچندو هو. هن ڪڏھن به ڪنهن جو ٽاڻو نه ٽاريو. چوندو هو ناڻو هٿ اچي ويندو، پر ٽاڻو هٿ نه ايندو. آئون اکين ڏٺو شاهد آھيان سندم ڳوٺ ڊونڊيو ۾ ناٿن سنگهه ڪنهن جو به ڪاڄُ نه گُسايو. ناناڻا رڳو سيراڻين ۾ ھُئا، پر هن سموري ڳوٺ کي سڳن ناناڻن برابر سمجهيو، هر ڪنهن جي مرڻي پرڻي تي مري جُهري به پهچندو هو، نه رڳو ايترو پر مٿي تي کير جي ڀريل چونئري کڻي پُڄڻ به هن سوڍي جي شُڀ گُڻن ۾ شُمار ٿئي ٿو. ناٿن سنگهه سوڍو ڪنهن سان رنج هوندي به راضي رهڻ واري ڳجهي ۽ گُر رکندو هو. هُو کلڻ ۽ ملڻ وارو انتهائي محبتي ماڻهو هو. در آيل اَٿتيءَ جي مرجات رکڻ ۽ اُن جو آدرستڪار دل سان ڪرڻ به ناٿن سنگهه جي نرالي سُڃاڻپ هُئي. هي سامروٽيءَ جو اهو اختر ضمير انسان هو جنهن ڪڏھن ڪنهن پکيءَ جي به دل نه رنجائي، ماڻهوءَ سان ماڻهو ٿي ملڻ واري مهارت رکندڙ هن راجپوت پنهنجي راجپوتي روايتن ۽ ريتن کي تاحيات قائم ۽ دائم رکيو. هُن وٽ نياز ۽ نوڙت ايڏي هُئي جو ڇا ڳالهه ڪجي. وڏائي ته هُن جي هاٺيءَ ۾ به نه هُئي، ٻارن سان ٻار ٿي هلندو هو، ٻارن کي وندرائڻ لئه آءِ ڪيو جا شوشل سائنس وارا سوال پُڇندو هو. تمام ذهين هُئڻ ڪري اڪثر شاگرد هن جي سوالن جا جواب نه ڏيئي سگهندا هُئا.
ناٿن سنگهه سوڍي ڳوٺ مالڻهور کاوڙيا مان ڪرت سنگهه کاوڙيا جي گهران شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽن پُٽن ۽ ڇهن نياڻين جي اولاد آھي. وڏو پُٽ ڀورجي پرائمري ماستر آھي، ڀورجي ڳوٺ ونگڙ مان کيت سنگهه نرڀاڻي ڀٽي جي گهران شادي ڪئي آھي، ۽ ان کان ننڍا رڻڇوڙ سنگهه ۽ وڪرم سنگهه ٺٽي ضلعي جي ٻهراڙيءَ ۾ هڪ ننڍڙي اسٽاپ اُداسيءَ ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ انتهائيءَ ڪاميابيءَ سان وک به وک اڳتي وڌندا رهيا ۽ اڄُ پنهنجي پيرن تي بيٺل آھن، ۽ سندن ڪاروبار کي وڌائيندي پنهنجي مقامي شهر ڏيپلي تائين پهتا آھن. سڀئي سُکيا ستابا پنهنجي مڇي ماني وارا آھن.
ناٿن سنگهه سوڍي جو ننڍو پُٽ رڻڇوڙ سنگهه ڄائي ڄم کان هڪڙي پير سان معذور هو. پير پوئتي مُڙيل هُئڻ ڪري هلي نه سگهندو هو، ناٿن سنگهه معاشي طور ڪمزور هُئڻ باوجود، هن جو علاج ڪرائڻ ۾ ڪا به ڪمي پيشي نه ڇڏي، پيٽ تي پٿر ٻَڌي پنهنجي لخط جگر جو نه رڳو علاج ڪيو، پر پڙھائي لکائي ڪنهن منزل تي پُڄايو، اڄ سندس لائق فرزند ارجمند رڻڇوڙ سنگهه پنهنجي پيءُ جي ڏنل پيار جون ڳالهيون ڪندي، لُڙڪ لاڙي ويهي ٿو، ته اُن دردناڪ دؤر ۾ پيٽ تي پهاڻ ٻڌي هن جو علاج ڪرائڻ وقت سندس پيءُ ڪيڏين پيڙائن مان پار لنگهيو هو. اهو فقط رڻڇوڙ جو روح ئي سمجهي سگهي ٿو. اڄ نه رڳو رڻڇوڙ هلڻ جي حساب سان پنهنجي پيرن تي بيٺل آھي، پر معاشي طور به انتهائي مضبوطيءَ سان پنهنجي پيرن تي بيٺل آھي ان جو سڄو ڪريڊٽ ناٿن سنگهه سوڍي ڏانهن وڃي ٿو، جنهن ماڻهن جي منع ڪرڻ جي باوجود پنهنجي دل تي هلي پنهنجي ٻچڙي جي زندگيءَ کي سُڌاريو. ماڻهو ته چوندا ھُئا ڇڏي ڏئي هن معذور تي اجايو خرچ پيو ڪرين هي ڪڏھن به صحيح نه ٿيندو، پر سوڍي ناٿن سنگهه صرف پنهنجي دل جو آواز اوگنايو ۽ دُنيا کي ٻُڌڻ ڇڏي ڏنو.
ناٿن سنگهه سوڍي جي وڃڻ جي ويل نه هُئي، پر مالڪ جي مرضي اڳيان بيوس بندو ڇا ٿو ڪري سگهي، چوندا آھن ته اڳيان پڻ چڱن جي ضرورت هوندي آھي، سو پرماتما به اهڙا چند چوکا چونڊي وٺندو آھي، ناٿن سنگهه سوڍي کي اچانڪ فالج جو جهٽڪو آيو، ۽ هڪ ٻئي پويان ٽئي جهٽڪا آيا، سندس لائق پُٽڙن علاج به جام ڪرايو، پر پرماتما جي گَت پنهنجي آھي هن جي اڳيان هڪ به نه هلي ۽ فالج سان چار سال جهيڙيندي نيٺ پنهنجا هڙئي رنگ هن دورنگي دنيا ۾ ڇڏي، پنجاھ پنجونجاھ سالن جي تمام ننڍي ڄمار ۾ 2 فيبروري 2010ع تي ويڙهار جو هي واڳ ڌڻي پرلوڪ پڌاري ويو.

لکجي مهر

لکجي مهر جهڙا لاکيڻا ماڻهو ڪنهن خوشنصيب خطي جي ڀاڳ ۾ وڄن جي وڌاڻن وانگي نروار ٿيندا آھن، جن جا ولهارن جهڙا وجود وطن جي سُڃاڻپ بڻجي ويندا آھن. لکجي مهر جهپيئي جي شاندار سُڃاڻپ آھي. تمام ماٺيڻي سڀاءُ جو مالڪ هئڻ سان گڏ نيت جو صفا نيڪ ماڻهو آھي. سدائين ٻين جي ڀلي لاءِ سوچيندڙ هي سٻاجهڙو راجپوت پنهنجي راجپوت برادري جي ڀلي لاءِ ڏينهن رات سوچي ۽ لوچي ٿو. هن کان جيڪو وس آھر پُڄي ٿو هي هڙان توڙي وڙان راجپوتن لاءِ وک کڻي ٿو. هن جي حياتيءَ جو مقصد بس اهو ئي آھي ته رڳو پاڻ لاءِ نه جيئجي پر ٻين لاءِ به جيئجي. ٻين ڪاڻ جيئڻ واري فلسفي کي زندگيءَ جو زيور بڻائي سماج ۾ سونهندڙ لکجي مهر دوستيءَ ۾ ته ڪنهن سان ليکو ئي ناهي ڪندو. دوستن کي نه رڳو سڳن ڀائرن وانگي ڀانئي ٿو، پر ساھ به صدقو ڪري ٿو. راجپوتي روايتي ٻنڌاڻ امل ڪسونٻي ۽ مڌيرا جي منوار سان هيت هئڻ ڪري اڪثر راجپوتي رهاڻن ۾ رتل ۽ محفلن ۾ متل هوندو آھي. معاشي طور وٽس مالڪ جو ڏنو سڀ ڪجهه آھي ان ڪري هر ڳڻتي کان ڪوهين ڏُور ۽ سُک جي نير ساگر ۾ هنج وانگي تري ٿو. شايد درويشن جون دعائون سندس قدم قدم تي ساٿ ڏين ٿيون، ڇاڪاڻ ته هي هر درويش جو نه رڳو احترام ڪري ٿو، پر سيس نوائي سلام به ڪري ٿو. جهپيئي جي ماتاجي ۽ مائوجي جي ٿان کان وٺي کاروڙي جي سامي ۽ سعيد تائين هر درگاھ جي ياترا ڪرڻ سندس فرض ۾ شُمار ٿئي ٿو. خير خيرات ڪرڻ ۾ به سخي ۽ ڏاتار آھي. ڪنجوسي ته ڪنهن وٽان سکيو ئي ناهي. ڌنڪار آھي سندس ماتا پتا کي جن پنهنجي لعل جي اهڙي تربيت ڪئي اٿن جو جڳ کي وڻي ٿو. هي ماءُ واکاڻيو پُٽ ناهي. پر جڳ واکاڻيو جوان آھي جنهن جي وارتا وطن جي وڻن، ۽ ڌرتيءَ جي ڌڻن کي به ياد هوندي آھي.
سندس خطي ۾ سياسي اثر رسوخ به ٺيڪ ٺاڪ آھي. ان ڪري سياستدانن وٽ به سندس عزت ۽ نرالي سُڃاڻپ آھي. لکجي مهر جهڙا لعل ڳوليا به ناهن لڀندا.
لکجي مهر جو جنم مٺي تعلقي جي ڳوٺ جهپيو مهر جي معزز شخص شريمان هالوجي مهر جي گهر ۾ پهرين فيبروري 1964ع تي ٿيو. لکجي ننڍي هوندي ئي ذهين هوندو هو. هن ابتداعي تعليم مٺي مان حاصل ڪئي. انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ غربت سبب اڳتي تعليم پرائڻ کان محروم رهيو. ڪجهه وقت بي روزگاريءَ جي ڪري مختلف هندن تي پرائيويٽ نوڪري ڪيائين. نيٺ مالڪ در سندس عرض اگهاڻو ۽ 20 جنوري 1985ع تي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ پنج اسڪيل جي نوڪري ملي ويئي. شروع شروع ۾ سروي تپيدار واري عهدي تي سنڌُ جي مختلف تپن تي نوڪري ڪندي ڪندي قدم به قدم ترقي ڪندو رهيو. هن وقت ساڳي کاتي ۾ 16هين گريڊ تي آھي. انسپيڪٽر روينيو اينڊ سٽي سروي ڪراچي ڊويزن بورڊ آف روينيو ۾ ڪم ڪري رهيو آھي. هيڏي وڏي عهدي تي هوندي به هن وٽ نياز، نوڙت ۽ عجز اڄ به هٿيڪو آھي. وڏائي ڪرڻ مان سمجهي ئي ڪونه. ننڍي سان ننڍو ۽ وڏي سان وڏو ٿي هلڻ به هن مهان ماڻهوءَ جو وڏو گُڻ آھي.
لکجي مهر 30 ڊسمبر 1997ع تي ڳوٺ لونڍار جي معزز شخص شريمان ڌانڌل ڀمر سنگهه ڀوپي جي گهران شادي ڪئي. ڀمر سنگهه ڀوپو ڌانڌل ڪميونٽيءَ جو ٽيلات آھي. لکجي مهر جي شاديءَ وارو شاندار ڪاڄُ اڄُ به هر ٿرواسيءَ کي ياد آھي. جهڙا طعام هئا تهڙي ئي ماڻهن جي شيوا ڪئي ويئي هُئي. لکجي کي اولاد ۾ ٻه پُٽ ۽ پنج نياڻيون آھن. وڏو پُٽ اٺين درجي ۾ ۽ ننڍو پُٽ چوٿين درجي ۾ المهراڻ هائير سيڪنڊري اسڪول مٺي ۾ زير تعليم آھن. سندس نياڻيون به تعليم پرائي رهيون آھن.
لکجي سان ڪچهري ڪندي ماڻهوءَ جا ٿڪ ئي لهيو وڃن. سندس شاندار سوچن تي ماڻهو سوچڻ تي مجبور ٿيو وڃي. هي هر وقت ان ڳڻتيءَ ۾ نظر ايندو آھي ته اسان جا راجپوت پنهنجي اصولن تان ڇو ٿا ٿڙن؟ راجپوتن جي زبان تي ماڻهو خون معاف ڪندا هُئا اهي راجپوت اڄُ مڱڻي ڪري ڦريو وڃن. ان کان مٿي ڪهڙي ڏُک جي ڳالهه هوندي. لکجي جي اڪثر اها شڪايت رهندي آھي ته اسان جي راجپوت سماج اندر ننڍ وڏائيءَ وارو نابين نظريو جيستائين ختم نه ٿيندو، سڱاوتي مسئلا حل نه ٿيندا ۽ تعليم عام نه ٿيندي تيستائين اسين ترقي نه ڪري سگهنداسين. ان ڪري اسان جي نوجوان نسل کي اهو گهرجي ته نه رڳو تعليم تي توجهه ڏين پر ننڍ وڏائيءَ واري پليت پروپئگنڊا خلاف به ڀرپور جهاد ڪن. لکجي جي هن شاندار سوچ تي گهٽ ۾ گهٽ آئون ته کيس سلام پيش ڪيان ٿو.

ممتاز نهڙيو

هُو، جنهن کي ٿر جو بيباڪ ۽ نامور صحافي چئجي ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته، هن صحافت لئي مان لٺ ڀنڃي ناهي سکي ۽ نه ئي وري بليڪ ميلنگ واري بارگينگ ذريعي مال ميڙڻ لاءِ انهي ڪرت ۾ ڪاهي پيو. هُو ته بس انهن مسڪينن جا آواز ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ انهي پُر پيچ مارگ جو مسافر بڻيو، جيڪي مٺيءَ جي ”نام ڪٺين“ صحافين جي نظر کان پري هيا، جن کي مٺيءَ جي هڪ هٽي ميڊيا ” لانڍ “ چئي نظر انداز ڪندي آهي. هي انهن گگرال جي واپاري صحافين کان الاهي مختلف آھي. ان هيڻن جي همدرد صحافي جو جنم مهراڻي جي مٽيءَ ۾ تڏهن ٿيو هو، جڏهن ٿر ۾”وارڙيا مٽر “ لوڪ ڌُنن وانگي دڙن تي وڄندا هئا، جن جا الولڪ آواز ٻڌي ڌراڙن جون دليون ائين خوش ٿينديون هيون، جئين وڄڙين جا اُهاءَ ڏسي ننگر جا هرڻ خوش ٿيندا آهن، تڏهن ٿر ڇڪڙي جي لوڏن، آکي پائي جي ڪوڏن، پاڻياريءَ جي چيلهه تي گهڙن، ويڪرن پڙن، ٻاجهر جي روٽي، لڪ لڪوٽي، عاج جي اڇن چُوڙن، ٻانڌاڻن جي ٻُڙن، اڪ جي پُڙن، اُٺن جي جُهلن، روهيڙي جي گلن، ساٺيڪن کوهن ۽ ڀوجن ٻُوهن واري ديس طور مشهور هو. ماءُ جي هنج ۾ ايندڙ مٺڙي ننڊ جهڙي اُن محبوبي وقت ۾ مٺيءَ کان ڏور ڳوٺ ٻانڀڻڪي جي نامدار نهڙيي خان محمد جي گهر ۾، اماس جهڙي تاريڪي رات ۾ آڌي ويلي هڪ چوڏس جهڙو چنڊ اڳو هو، جنهن کي سَموري سنڌ ممتاز نهِڙيو جي نالي سان سڏي ۽ سُڃاڻي ٿي، جنهن کي اڄ هر مڪتب فڪر جو ماڻهو هڪ ايماندار صحافي طور سُڃاڻي ٿو. هُو جنهن جي هٿ ۾ حرڪت ڪندڙ قلم سچ لکڻ کان ڪڏهن به ناهي ڪيٻايو، هن جي صحافتي انٽري ۾ مٺيءَ جي گهڻن ”معتبر“ صحافين جي ڪنڌ مان ڪلي نڪري ويئي، نه رڳو ايترو پر ٻين نوجوانن کي پڻ صحافتي ميدان ۾ سويڪار ڪرائڻ ۾ هن وسان ناهي گهٽايو. جنهن جو مثال ڏيپلي کان وٺي ڏاهليءَ ۽ مٺيءَ کان وٺي مالسريي تائين جا اهي محنتي صحافي آهن، جن کي ٿر جي ميڊيا هاڪر طور به تسليم نه ٿي ڪيا، پر اڄ اهي صحافتي آکاڙي ۾ سڀني کان ملهه ماري بيٺا آهن. ان جو سهرو ممتاز نهڙيي جي سِر ڏانهن وڃي ٿو. جنهن ڪنهن گيڙو ويس گُرو جيان گيان ۾ پنهنجن چهيتن چيلن کي صحافت جا سڀئي گُر اهڙا سيکاريا آهن، جو ڪاميابي انهن جا قدم چمڻ لاءِ مجبور آهي، خالد عُمراڻي، ناشاد سمون، ساجد بجير، غازي بجير، سليم کوسو ۽ ٻيا کوڙ اهڙا نوجوان آهن، جن کي سُڌارڻ ۾ ممتاز نهڙيو جو وڏو ڪردار آهي. ان ڪري هن کي هرڪو اڄ استاد چوي ٿو. ٿر جي گيٽ وي نئون ڪوٽ جي نگر مان تعليم توڙي صحافت جو سفر شروع ڪندڙ هن محنتي ماڻهو مادر علمي سنڌ مان 97 _ 1996ع ۾ فلاسافي ۾ داخلا ورتي، فلسفي جهڙو پيچيده مضمون پڙهندي به صحافتي دنيا تان دستبرداري نه ڪئي. الک، دعا ۽ عبرت جو سب ايڊيٽر ٿي رهيو.
ممتاز نهڙيو صحافتي دنيا ۾ تڏهن پير پاتو جڏهن ”الک“ جو عروج هو. جڏهن نئونڪوٽ جهڙي ننڍڙي شهر ۾ صبح جي ماڪ سان گڏ ”پاڪ“ پڄندي هئي. ان پاڪ جي وڏن پنن تي هن بيباڪ ٿي خبرن جا کُڙکيٻتا کيڙي، ٿر جي پُٺ تي پيل انهن علائقن جا درد ايوانن تائين پهچايا، جيڪي صفا ويرانيءَ جي ور چڙھيل هُئا. جڏهن رڻن ۾ ريڊيا وڄندا هئا، جڏهن خبرن جو وڏو وسيلو صرف لڪڙ تار هوندي هئي، درويش جي دردن جهڙي ان دور ۾ هن نئون ڪوٽ مان نه رڳو صحافت جو سج اُڀاريو، پر بڙ جي ڍوري کان وٺي ڪارونجهر تائين ڪئي چنڊ پڻ چمڪايا، جن جي چانڊوڪي ٿر جي مستقبل کي منور ڪرڻ ۾ رات ڏينهن رُڌل آهي، نُور تي سدائين چشم چاڙهي هلندڙ، سانوري رنگ وارو جسم ۾ پورو پنو ۽ هر وقت خبرن جي خفت ۾ رُڌل، هي صحتمند صحافي هر اُڀرندڙ سِج جو سلامي آهي، 2001ع ۾ عبرت جو خصوصي رپورٽر ٿي رهيو، 2003ع ۾ خبرون آئي ته ان جو ضلعي رپورٽر ٿيو ۽ خبرون کي اوج تي پڄايو. 2007ع ۾ سنڌ ٽي وي چنيل کليو ته اُن جو ضلعي رپورٽر ٿيو ۽ پوءِ ميرپورخاص جو بيورو چيف رهيو. حيدرآباد لئه آوز ٽي وي جو بيورو چيف ٿي رهيو. حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن جي شهر جا سُمورا سُک تياگي ڏيهه واسين جي ڏکن ۽ ڏولاون سان لائون لهڻ لئه هي وري به واري جي دڙن جو مسافر بڻيو. فاروق سومري جڏهن ”سنڌ ايڪسپريس“ کي سنڌ جي واهڻن، وستين ۾ هلائيندي دڙن جي ديس ڏانهن لاٿو، تڏهن اُن کي ممتاز نهڙيي جهڙو آڙيڪاپ صحافي ملي ويو، جنهن صحافتي پليٽ فارم تان بيهي بابُو وانگي ڀري سيٽي وڄائي ۽ سنڌ ايڪسپريس تيز گام جيان تيز ڀڄندي چند ڏينهن ۾ چوڙيي تائين پڄي وئي. اڄ ٿر ۾ سنڌ ايڪسپريس ٽاپ تي آهي، ان جو سمورو ڪريڊٽ ممتاز ڏانهن وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته ممتاز وڏي ڪوشش سان ان ڪاميابي تي پهچايو آهي. پر وري به هڪ نئين اخبار آئي ته، ممتاز سنڌ ايڪسپريس سان سموريون وفاداريون پنهنجي پُراڻي بريف ڪيس ۾ بند ڪري نئين سان نينهن نڀائڻ لڳو. جي ها هُو هن وقت علي قاضيءَ جي اخبار ”روزاني پنهنجي“ سان پنهنجائپ ڏيکارڻ ۾ پُورو آھي. ممتاز جون صحافتي سوچون گهڻن جي سمجهه کان مٿي آهن. حيرانگي جي حد تڏهن رهي ٿي، جڏهن هي جنهن به اداري کي جوائن ڪري ٿو ته ان کي صحرا ۾ چندن بڻائي ڇڏي ٿو. چوڻ جو مطلب ته هي لوهه کي سون ۾ تبديل ڪرڻ وارا گڻ ڄاڻي ٿو. اهي گڻ گهڻن صحافين جي خواهش رهجيو وڃن، پنهنجي ادارت هيٺ هفتيوار ” ٿر آواز “ اخبار ڪڍي، ٿر ۾ ٿرٿلا مچائيندڙ ممتاز سان منهنجي پهرين ملاقات ريڊيو پاڪستان مٺيءَ جي بلڊنگ ۾ تڏهن ٿي هئي، جڏهن اسٽيشن ڊائريڪٽر علي نواز خاصخيلي هو. 4 نومبر 2006ع وارو اهو ڏينهن مون کي اڄ به ياد آهي، ان ڏينهن آئون ريڊيو مٺيءَ تي بطور ميزبان آڊيشن ڏيڻ ويو هئس. اتي ممتاز موجود هو جنهن منهنجي تمام گهڻي رهنمائي ڪئي، اسين هڪٻئي لاءِ اجنبي هئاسين، پر پوءِ به هن منهنجي ڀرپور مدد ڪئي. هڪ راجپوت هئڻ جي ناتي، ڇاڪاڻ ته هو راجپوتن سان وڏي محبت ڪري ٿو، شايد ان ڪري جو هن جو تعلق پڻ سماٽ ذات سان آهي.
مهراڻي جي هن ماروت مون تي ٿر جيڏو ٿورو تڏهن ڪيو هو، جڏهن مٺي شهر مون لئه انتهائي اوپرو هو. جڏهن آئون ادب جي پهرين وک کڻن خاطر پنهنجي حال جي حقيقت ست راڄي ۾ سڻائڻ لئه ادب جي صحرا ۾ ڀٽڪيس پئي .جڏهن مٺي جي وڏن اديبن مون کي ڪتاب جو مهاڳ اهو چئي لکي نه ٿي ڏنو ته، تون اديب جي الف کان به واقف ناهين، شابس ته پوءِ به نور احمد جنجهي کي هجي، جنهن منهنجي لڄ ۾ ڦڪ رکندي ٻه اکر لکي ڏنا. تڏهن هن محبوب ماڻهو مون کي ايوب کوسي کان با منعيٰ مهاڳ لکرائي ڏنو، ۽ ايوب کوسي اُن مهاڳ ۾ جيڪا منهنجي حوصلا افزائي ڪئي اها ئي مون کي هن منزل تي وٺي آئي. ايوب کوسي کي مهاڳ لئه فون ڪندي چيائين ته، ”يار تون ۽ امر رائسنگهه لفظن جي لفاظي ڪيو ٿا. آئون جُملن جي لفاظي ڪرڻ ڄاڻان ٿو پر ”بريڪنگ نيوز“ واري ڀيڙ ۾ وقت وٿي ئي نٿو ڏئي جو ٻه اکر لکي سگهون. ان ڪري اهو بار توتي رکان ٿو.“ ممتاز جي چيل اها ڳالهه مون کي ان وقت ”ٺلهي ٺڪرائي“ وانگي محظ هڪ هام لگي، پر جڏهن مون سانوڻ ٽيج تي ريڊيي مٺيءَ تان هن کي پارس پروگرام ۾ ٻڌو تڏهن دنگ رهجي ويس. ٿاريلي زندگيءَ ۽ سانوڻ ٽيج جي سُندرتا تي واھ جو اسڪرپٽ لکيل هو. ان ڏينهن خبر پئي ته ممتاز سچ چيو هو ته، جملن جي لفاظي ڪندڙ ليکڪ آهي. يارن جو يار، دشمن لاءِ تلوار ۽ مسڪين ٿاريلن لاءِ بهار جهڙو بانورو ممتاز نهڙيو نه رڳو صحافيءَ ۽ ليکڪ آهي، پر شاعريءَ سان پيار ڪندڙ مٺڙي آواز جو مالڪ ميزبان پڻ آھي. سندن دل وانگي دسترخوان به ڪشادي جو مالڪ آهي، مجموعي طور تي چئجي ته ممتاز مُڪمل ماڻهو آهي. هڪ اهڙو ماڻهو جنهن ۾ ماڻهپو ائين جَهلڪي ٿو، جئين ڪنهن سهاگڻ جي سينڌ ۾ سندُور جرڪندو آهي. ممتاز جي لئه دلي دعا آهي ته شل حق ۽ سچ جي واٽ تي هلندي سدائين ٿر جي خدمت ڪندو رهي ۽ ڪاميابي سندس پير چميندي رهي ...!

مُشتاق جنجهي

ھُو جيڪو ڪنهن وقت ۾ ساگر مشتاق جنجهي واري نالي سان سُڃاتو ويندو هو. جنهن جي ڪچي ڦڪي شاعريءَ کي پڙھڻ سان ماڻھوءَ کي پڪ ٿيندي هُئي ته، هڪ نه هڪ ڏينهن هي ڪوزي مان سمنڊُ ضرور ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هن جي ڪويتا ۾ هڪڙو وجد هو، ۽ هن جي وجود ۾ هڪڙي قلندري ڪيفيت سان گڏ شاعريءَ سان سسئي جهڙو سچو عشق سمايل هو. شروع شروع ۾ مضمون، چؤسٽا، غزل ۽ پوءِ ڊگها ڊگها نظم لکڻ تائين واري هن طويل عرصي ۾ ساگر مُشتاق مان صرف مُشتاق جنجهي رهجي ويو. اُهو مشتاق جنجهي جيڪو هاڻي ايترو ”مٺو“ ناهي رهيو. اُهو صالح جنجهي وارو مشتاق هاڻي الئه ڪٿي رهي ٿو، جنهن جي هٿ ۾ نادرا جا فائل، اکين تي عينڪ، منهن تي هلڪي مُرڪ، نيڻن ۾ نمرتا، ملڻ ۾ عاجزيءَ جا انيڪ رنگ ۽ زبان تي پرينءَ جي چپن جهڙي چاشنيدار ڪويتا هر وقت هٿيڪي هوندي هُئي. عينڪ جي هيٺيان مڇين وانگي لُڇندڙ هن جي اکين ۾ مون ڪيئي ڀيرا جهانڪي ڏٺو آھي، جتي درد جا ديو قامت ڏونگر ڏيک ڏين ٿا. هُن جي جيءِ کي الئه ته ڪيترن دردن جنجهوڙيو آھي. هُن نه رڳو نادرا جون ناانصافيون ڀوڳيون آھن، پر بيلچو کڻي پيٽ لئه پگهر به وهايو آھي. هُو هڪ پورهيت شاعر آھي، هُو مون وانگي مڊل ڪلاس جو ماڻھو آھي. هُن کي ڪارپوريٽ ڪلچر کان ائين نفرت آھي، جيئن ريٻاري کي ڊڊي کان. هُن کي کٿيرا ئي خوب وڻن ٿا. هُو مسڪين ماروئڙن سان ائين مُحبت ڪري ٿو جيئن ماکي ٻور سان ۽ انڌو نُور سان ڪندو آھي.
اَڪ جي ڪاٺي جهڙي هاٺيءَ جو مالڪ هي نوجوان ڇوڪرو نُور تي چشم چاڙھي جڏھن مٺيءَ جي وچ بازار ۾ موجود معصوم سُوندرائي جي مانڊڻيءَ تي ويهي شاعريءَ تي وڏا وڏا بحث ڪندو آھي تڏھن نه رڳو مون کي وڻندو آھي، پر معصوم سوندرائي کان وٺي منسُک سُوٽھڙ تائين مڙني موهي ماڻھن کي موهي وجهندو آھي. موهي ته تڏھن به وجهندو آھي جڏھن پنهنجو ڪو نڪور نظم سندس آواز ۾ ڀرپور رڌمڪ انداز سان پڙھي ٻُڌائيندو آھي. سُر ۽ تال ملائي جڏھن به ڪا ڳالهه ڪندو آھي تڏھن شاعريءَ تي وشواس ٿي ويندو آھي. هر پل هُن جي هانوَ تي هُرندڙ هن جي منچلي محبوبه صرف شاعري آھي. شاعري هُن سان سرچيل هوندي آھي، ته هُو بُک ۾ به بادشاھ هوندو آھي. شاعري هن سان ٻيلهه هوندي آھي ته، هُن جي اکين ۾ ڪوڏ جو ڪجل اوتيل هوندو آھي. هُن کان شاعري رُسي ويندي آھي ته، هُو اناٿ ٻار وانگي اُٻاڻڪو ٿي ويندو آھي. هُو شاعريءَ جي وڇوڙي جي غم ۾ ايڏو اُداس ٿي ويندو آھي جو پيئڻ ۾ جيئڻ جا جتن ڪندو آھي. هن جي وجود جي وڻ کي جڏھن به ڪو وِکو ورائيندو آھي ته، هُو به مون وانگي ٿيليءَ جي ڪُنڊ ٽوڙي غم دور ڪندو آھي. هُو شاعريءَ کي ٻارن وانگي وندرائي ٿو. هُو نه ٿو چاهي ته، شاعري هُن کان رُسي وڃي. هُو پيدا ئي ان لاءِ ٿيو آھي ته، هن کي شاعري ڪرڻي آھي بس شاعري…اهڙي شاعري جنهن کي ٻُڌي اُڃايل جهرڪين کي ننڊ اچيو وڃي. اهڙي شاعري جنهن کي پڙھي کن پل لاءِ بُکايل ٻارڙا ٽهڪ ڏيئي اُداس مائرن جي آنچلن سان اشڪ اُگهين. اهڙي شاعري جنهن جي سِٽ سِٽ ۾ سهاگڻين جي سونهن به پسجي ته ڏُھاگڻين جا ڏُک به ڏسي سگهجن. اهڙي شاعري جنهن جي ساحريءَ ۾ بي ذوق به بند ٿيو وڃن. اهڙي شاعري جنهن کي پڙھي فراق جي ڦٽيل اکين جون پنبڻيون پُسيو وڃن. هُن اهڙي شاعري ڪري به ڏيکاري آھي. هُن غزل وارا گُر سکيا آھن ته، نظم سان به نڀايو آھي.
مشتاق جو جنم 20 جنوري 1993ع تي ڳوٺ صالح جنجهي لڳ اسلامڪوٽ ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم مئٽرڪ تائين پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي ان کانپوءِ انٽر شاھ عبدلطيف ڪاليج اسلامڪوٽ ۽ گريجوئيٽ صادق فقير ڊگري ڪاليج مٺي مان ڪيو.
مُشتاق کي ننڍپڻ کان ئي لکڻ پڙھڻ سان جنون جي حد تائين چاھ هوندو هو. مشتاق جي ڳوٺ ۾ ڪو خاص علمي يا ادبي ماحول به ڪونه هيو، پر تنهن هوندي به هن جو ادب سان سلهاڙيو رهڻ هن لاءِ انتهائي مشڪل ضرور هو، پر هر مشڪلات کي مُنهن ڏيندي هو پنهنجي شاعراڻي سفر کي ڳنڍيو آيو ۽ ايئن ئي شاعريءَ سان عشق جي تسلسل کي جوڙي رکڻ ۾ اڄ تائين ڪامياب ويو آھي. هن باقاعده طور لکڻ جي شروعات 2013ع کان ڪئي، ۽ سنڌ جي مختلف رسالن، مئگزينن ۽ اخبارن ۾ لکندو رهيو، پر هن جي شاعري تڏھن پروان چڙھي جڏھن مٺيءَ ۾ هن کي معصوم جهڙو دوست مليو. معصوم ۽ مشتاق مون کي ٻن پکين جي جوڙي لڳندي آھي. هُو ٻه اهڙا ديوتائي وڻ آھن جن جي ڇانوَ ڪن خوشنصيبن جي پلئه پوندي آھي. هُو شاعريءَ جا جاڙا سنڌُو آھن، جيڪي سنڌُ جي ساهتيه کيتر واري صحرا ۾ تارو تار وهي رهيا آھن. هُو ٻه ڪويتا جا جل ٿل ڪڪر آھن جيڪي مٺيءَ جي گڊي تان بيهي سموري سنڌُ تي لفظن جي ورکا ڪري رهيا آھن.

ساگر خاصخيلي

هُو جيڪو تلاءَ کي تِڪ ۾ پيئڻ جي آس رکندڙ ڪنهن اُڃاري هرڻ جي اک مان ڪريل اُهو اداس ڳوڙهو آهي، جنهن کي سانگها پنهنجي وشال اکين ۾ ڪجل ڪري پاتو آهي. هُو جيڪو سارنگا جي ديس جو اُهو سڏيونت آهي، جنهن جي للاٽ تي ڏات ديوي پنهنجن ڏياوان هٿن سان ”ڪوي“ جو شٻد لکي هن سنسار ۾ سُرخرو ڪيو آهي. هُو جيڪو سانجهه جو وانجهه تان اُڏامندڙ آڙين جي اَڇن پرن جهڙو اندر جو اُجرو اهڙو ڪلاڪار آهي، جنهن جي ڪويتا جي سحر ۾ ڪيئي ادبي جادوگر جڪڙجي وڃن ٿا. هُو جيڪو ڄام خان وانڍئي جو اُهو ڄام تماچي آهي، جنهن وٽ ڏات جي نُوري نظمن جا نُورا پائي نرت ڪري ٿي. هُو جيڪو ڪاري ڏيري جي اوٽ مان اُڏامندڙ هر ڪبوتر جي اُڏار پَسي وڏو قرار ماڻيندو آهي! محبوب جي مُرڪ جهڙي اُن ماڻهوءَ جو ادبي اسم گرامي آهي ”ساگر خاصخيلي“ سندس ماڻينگر ماتا جنني ڇٽيءَ ۾ نالو الهنواز رکيو هو، سندس ڳوٺ وارا اڄ به انهيءَ نالي سان پُڪاريندا آهن. پيشي جي لحاظ سان هُو پرائمري ماستر آهي. پرائمري ماستر جو اسان جي سماج ۾ وڏو ڪردار آهي، پر قدر وڙلي آهي! ان بي قدريءَ جا ذميوار به خود ماستر ئي آهي، پر هي انهن منجهان نه ناهي، جيڪي حرام جي پگهار حلال ڪرڻ خاطر بيروزگار نوجوانن کي ڊيلي ويجز تي رکي معصوم ٻارن جي مستقبل سان وڏو مزاق ڪندا آهن، پر هي چند اُنهن معتبر ماسترن مان هڪ آهي، جن کي اڄ به اسان جو معاشرو مان ۽ شان ڏيندي ”اُستاد“ چوي ٿو .هو به هڪ محنت ڪش اُستاد آهي. جيڪو ٻارن کي پڙهائڻ وقت شاعر نه پر گُرو جي حثيت رکندو آهي. هُو هڪ سُٺو استاد به آهي. هوُ جنهن جي وشال هردي جي هري دُئار ۾ سرسوتي ماتا مڪمل سُر تال ۾ ديا جا ديپ جلائي هر وقت آشيرواد جا اڇا گُل ارپي رهي آهي. هُو جيڪو سانگها ڍنڍ جو پاڙيسري به آهي ته ان جي هر ڇوليءَ جي ڇاڪ جو سفير به آهي. هُن جو ۽ سانگها جو آد جگاد کان ناتو ائين جڙيل آهي، جئين روح ۽ جسم جو سانگها جي ڇولين کي جڏهن ڇاٻ اچي ويندي آهي، تڏهن هن جي نيڻن مان نير وهي هلندو آهي، ۽ جڏهن سانگها اوٺي ٻوڙ پاڻيءَ سان ڪُتي جي اک واري ڏک ڏيندي آهي، تڏهن هو ٻاٻيهن وانگي ٻهڪي پوندو آهي. هُن جي سِڻيءَ جي سفيد گُلن جهڙي شاعريءَ ۾ پارڪري پٽن جي مهڪ مارو پٿر وانگي سٽ سٽ ۾ سمايل آهي. هن جي سادڙي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي سڪ جو سواد ڪجهه سوايو ئي آهي. ان جو وڏو ۽ اهم سبب مٽيءَ سان محبت ۽ لوڪ ڏاهپ سان لاڳاپو آهي. هن جي شاعريءَ جو محور وڇوڙو ۽ وطن آهي. هن ڪنهن به وديسي وينگس تي نظم ناهي لکيو. نه ڪنهن ديپڪا پڊاڪون تي ڪو دوُهو لکيو آھي ۽ نه ئي وري ڪيٽ ونسليٽ تي ڪو قطعو لکيو آهي. هن ته لکيو آهي پن گهٽ تي پاڻي ڀريندڙ پدمڻين جي پڳ پڳ جَهٻُوڪندڙ پولرين جي ڇَم ڇمَ تي، هن لکيو آهي.

اڳي پيو سج سانگها تان
ڀــٽن کان باک پئي وڇڙي
ويڙهي پئي هند ڪا وينگس
رليءَ ۾ رات پئي مهڪي.

هو جيڪو رومانٽيڪ شاعر آهي. ان لئه رليءَ ۾ رات مهڪائڻ، تارن کي ترسائڻ ۽ سانگها تان سونهن جا سورنهن سج اُڀارڻ ڪو به ڏُکيو ڪم ناهي. هن جي شاعريءَ ۾ رومانس جا ڪيئي رنگ آهن، جن کي پڙهندي ماڻهوءَ جي اکين ۾ انڊلٺي عڪس اڀريو اچن. هن جي شاعري اُگهاڙپ کان پويتر آهي، هن لکيوآهي.

وڄي پئي ڇير پُورب کان
سڙڪ تان ڳھر پئي گذري
نديءَ جي سينڌ تان نينگر
صبح جي پهر پئي گُذري

ڇا ته شعر آهي! اهڙو شعر جنهن کي پڙهي ماڻهوءَ جا ٿڪ لهيو وڃن، اندر ۾ عشق آرس موڙي اُٿي پئي. ديسي مِديرا جهڙا ڌيما ڌيما سُرور ڏيندڙ هي شعر پڙهڻ کان پوءِ پڪ ٿئي ٿي ته ساگر ٿائيلينڊ جي پتايا بيچ تي ڪنهن ٻوڌي ڪنيا جي ڪرائي ۾ هٿ وجهي بيئر جا ڍُڪ ڀريندي هي شاعري ناهي سرجي، پر هُن ته گج پڙن ۾ تجلا ڏيندڙِ سادڙي سونهن جي جي اکين جا جام پيئندي هر سانجهه ويلي سانگها جي ڪپ تي ويهي، ڪَتي جي ڪاڙهن ۾ فراق جي ڦٽن تي لکيو آهي. هن ته رڻ کيت ۾ رتو ڇاڻ ٿيل پاري ننگر جي پٽن تي لکيو آهي. هن لوياڻي گڊ ۾ وهيل لوهي جي ڦُڙي ڦُڙي تي لکيو آهي. هن ڀالوا جي ڀاڳوند ڪنيا ديس ڀڳتڻ مارئي جي سڪ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي. هن جتي سنڌ جي رومانٽيڪ سوڍي ڪيسو ڀاءَ جو قدر ڪيو آهي، اتي ويراواھ جي انتم واڳ ڌڻي اڀيسنگهه جي امل کي به ڪڏهن وساريو ناهي . هن وطن جي هر هاڃي تي دل کولي لکيو آهي. هن سانگها جي ساحل تي بي ڏوھ شهيد ٿيل گهوٽ جي وڌوا ونيءَ جي هر ورلاپ کي آلاپ ارپيو آهي، ته راجپوتن جي اڍنگي رويي تي ڏياريءَ جي ڏينهن جلاوطن ٿي ويل جيني اوسواڙن جي اکين ۾ رهجي ويل وطن جي اجهن تي به لکيو آهي. هن جي شاعري ته هُئين مور پنک جهڙي موهيندڙ آهي، پر نثر جي ڳالهه ئي نرالي آهي. راجستاني رقص جهڙو روُح پرور نثر لکندڙ ساگر خاصخيلي پرفيڪٽ ڏات ڌڻي آهي.
مالسرئي جي مور ناشاد سَمي، تڙ همير جي تونگر شُهاب نهڙئي ۽ چيلهار جي چنڊُ ڀارو مل امراڻيءَ جي چوياريءَ ۾ چلولائيندڙ ساگر خاصخيلي نهايت ئي سادي طبيعت جو مالڪ آهي. اجائي ٺاھ ٺُوھ ۽ ٺلي ٺَڪرائيءَ کان تمام پري ڀڄندڙ هن محبوب ماڻهوءَ جو مزاج ميهي کير جهڙو مٺو آهي! چانهه جي چُسڪي مٿان ڪيپسٽن سگريٽ جو ڪش هن لاءِ ڪنهن عياشيءَ کان گهٽ قطعي ناهي.
ويراھ واھ جي مائي جهڙا مٺا ٻول ٻوليندڙ هن ٿر ٻاٻهيي جي نس نس ۾ طنز مزاح ڇهين حس وانگي سمايل آهي. هوُ ڪچهرين ۾ روايتي اديبن وانگي توري تَڪي ريڊي ميڊ جُملا ناهي ڳالهائيندو ۽ نه ئي وري ڪن هٿ ٺوڪين دانشورن وانگي عالمي مفُڪرن جا ٽنگون ڀڳل ٽوٽڪا استعمال ڪري ڪنهن تي مطالعي جو رعب ڄمائڻ جي اجائي ڪوشش ڪندو. هُو جهڙو اندر آهي، تهڙو ٻاهر آهي. صفا ڪورو ڪانچ آهي. هُو گهڻن کان منفرد مزاج جو مالڪ آهي. هُو حقيقت تي مُبني ڪچهريءَ ۾ بي ترتيب ڳالهيون ڪندي وڏا وڏا ٽهڪ به ڏيندو آهي، ته ڪٿي ڪٿي حسبِ ضرورت ڪچي گدريءَ جي ڦار جهڙي گار به ٺوڪي ڇڏيندو آهي.
هُو ساجن خاصخيلي جي ڪل جو ڏيئو آهي. اهڙو ڏيئو جنهن نه رڳو پنهنجي ڪويتا جي ڪرڻن سان ڏسائون رڱيون آهن، پر مهمان نوازيءَ سان به سندس ڪُل جو مان مٿانهون ڪيو آهي. هُو هڪ درياءَ دل ماڻهو آهي، جنهن وٽ مهمان لاءِ نج نبار ديسي گيهه جهڙو پيار هر وقت موجود آهي. اهو سندس وڏڙن جو آشيرواد آهي .ڀت کان سواءِ چٽ به ڪونه ٿيندا آهن. سندس اوطاق جي احاطي ۾ موجود ڇاتلي ڄار جو ٽار ٽار ست پيڙهين جي شاهدي ڏيندو، ته هن جا وڏا ڪيترا مهمان نواز ٿي گذريا آهن. سو مهمان نوازي هن جي رت ۾ شامل آهي، ۽ هو ڪڏهن به رت رائيگان وڃڻ نه ڏيندو.
گهڻا ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي، هڪڙي ڀيري سائين ساگر جي طبيعت خراب ٿي پيئي هُئي ۽ مٺيءَ جي مشهور ميڊيڪل سينٽر لڪشميءَ ۾ داخل هو. مون کي مٺيءَ جي مايا ناز ادبي مهمان نواز جڳو نائي ٻُڌايو ۽ اسين ٻئي گڏجي سندس عيادت ڪرڻ لاءِ وياسين، بيمار هوندي به صفا نوبني نوجوان وانگي صحتمند ٽهڪ ڏيئي ڀاڪر پائي مليو. ۽ چيائين ته پاڻ شاعر ائين ئي ٻين جي سُورن تي سوچي سوچي آخرڪار رت جي داٻ ۽ مٺاڻ جي بيماريءَ ۾ مري وينداسين. اُن مهل اکيون ڀرجي آيون هيون. سو پيارا ساگر اڄ هن ادبي ڪاڄ ۾ توکي رنگ منچ تي براجمان ڏسي نيڻن جا سجدا ڪري چوان ٿو ته اي اسان جي وطن جا محبوب ڪوي! اسان جهڙا مري وڃن ته به خير آهي، هڪڙو بيروزگار مائٽن لاءِ مٿي جو سُور ٻيو بي سمجهه سمجهو، هُئين ڌرتيءَ تي بُوجهه، پر يار تو جهڙا ڏات ڌڻي ته هن ڏيهه لاءِ ڏونگر تي ڏيئي مثال آهن. تن جي وطن کي وڏي ضرورت آهي. تون هن دنيا جي ڪينجهر ۾ تازي ٽڙيل ڪنول جي گُل سمان آهين. تون پارڪر جي سُرنگي سرزمين جي ڦلواڙي ۾ مروي جي گُل مثل آهين. توکي سنڌ وطن جي سينڌ سنوارڻي آهي. توکي اڃان پارڪر جي پدمڻين جي گلاب سمان گيسوئن تي به لکڻو آهي، ته رجاڙين جي ڪنوارين جي ٻانهن ۾ لڏندڙ ٻاجُو ٻندن جي هر لوڏ تي لکڻو آهي. توکي ڪارونجهر جا ڪاڪُل سنوارڻا آهن. توکي بڙ تلاءَ کان وٺي ڀوڏيسر تائين جي سموري ڀُوميءَ جي هر پڌارٿ تي مور نٿ جهڙا نظم لکڻا آهن. ان ڪري پيارا شُڀ شُڀ ٻول... ۽ لکندو رھ...سنڌ جي تاريخ صدين تائين تنهنجا سُجس ڳائيندي رهندي. ڪڏهن به مايوس نه ٿجانءَ ...
تنهنجي ڏات جو قدر ڪرڻ لاءِ اڃان به لطيف ادبي فورم جهڙا پليٽ فارم سنڌ ۾ موجود آهن. اڃا فقير مُقيم ڪنڀر جهڙي درويش دل انسان جا اُهي سپوٽ فرزند تو سان گڏ آهن، جن نه رڳو توکي ڄام خان وانڍئي مان جهلي مٺيءَ جي ادبي منڊپ ۾ ويهاريو، پر دلي داد ڏيندي بهترين شاعريءَ جو ايوارڊ به ڏنو. آئون سلام ڪيان ٿو انهن کي جن سنڌي ادب کي ههڙو هيرو هٿ ڪري ڏنو!

اشوڪ ڪُمار خاموش

هُو جنهن جو اسم گرامي ته غمن کان الاهي پري آهي، پر هي خود ته غمن جي مٽيءَ مان ئي گهڙيل لڳي ٿو تڏهن ته هن جي تبسم ۾ به لڙڪ لڇن ٿا، هُو جيڪو بظاهر ته خاموش لڳي ٿو، پر هن جي اندر جي سمندر ۾ هر وقت ”برمودا ٽرائينگل“ واري هلچل متل آهي، جيڪا هن کي ڪٿي به ٿانيڪو ٿي سُک سان ويهڻ نه ٿي ڏئي ۽ هُو هر ويل پڙهي ۽ پروڙي ٿو!
هُو هڪ پورهيت پيءُ جو اُھو ”دلبند“ پٽ آهي، جيڪو مٽيءَ ۾ کيڏي مخمُور ٿيو آهي. هن ڌاراڙ جي دڙن تي ڳاڱيا ڳوليا آهن. هن سانوڻ جي من ڀاوني مند ۾ پاڻ پُسائي پاساڙن ۾ پريتم لاءِ پپون چونڊيون آهن. پنهنجن ٻولاهين ۽ ٻُٽين لاءِ ”پتر“ جا ”ڪامبا“ به وڏي پيار مان لاٿا آهن. ننڍڙن ٻارڙن جي ٻاراڻي اصرار تي مخملي مينهن ماماڻا ڳوليندي هن پنهنجي ڪُل ڪائنات فطرتي رنگن ۾ ڏسي ورتي ۽ هن جي اندر ۾ ستل ڪويتا ديوي ڪرموڙي جاڳي پيئي!
ڪويتا ديوي جي قرب ۾ قابو ٿي، ان جي پيازي پلئه سان پاند اٽڪائڻ کان پهرين هن پنهنجي مڙهي ماءُ ۽ ٻڍڙي ٻاپ جي اکين ۾ ڏٺل سڀني سپنن کي ساڀيا جا روپ سروپ ڏنا. علم جا ٻه اکر سکڻ لاءِ هن هڙئي آوارگيون ۽ ٻار هَٺ واريون ٻاروتڻيون ڇڏي منزل مقصود ڏانهن وڌڻ جو سوچيو ۽ ڌاراڙ ۾ درسي ڪتاب پڙهڻ کان وٺي سنڌورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ضخميم سنڌي ڪتابن مان فيضياب ٿيڻ تائين جو طويل سفر هن وڏي ڪٺنائيءَ ۽ محنت سان طئي ڪيو. اعليٰ درجي جا امتحان ڏئي هن نه رڳو ڊگري ماڻي، پر ترت اين- ٽي ايس جي ٽيسٽ ڏيئي روزگار به حاصل ڪيو، اڄ سندس والدين جي اکين جي چمڪ ئي نرالي آهي!
هن وٽ ڪنهن به اين .جي. اوز جي ڪا به ڊبل ڊور گاڏي ناهي، جنهن جي سڻڀي سيٽ تي ويهي پنهنجي اڻڀن وطن واسين جا ڏٻرا ڏيل عالم آشڪار کي ڏيکاري، بين القوامي سخين کان وڏا وڏا خيراتي پراجيڪٽ وٺي پنهنجا ڀڀ ڀري، پر هن وٽ ته پيغمبري پيشو آهي، جنهن وسيلي پنهنجي ملڪ جي مستقبل جي معمارن جا ذهن تعليم جهڙي ديپ سان منور ڪري ٿو! سڻي جي ڦل جهڙي اندر جي اُجري هن محبوب ماڻهو وٽ ”ييس ميم“ چئي جي حضوري ڪرڻ لاءِ، بند گوبي جهڙي ڪا به وديشي ريڊي ميڊ گرل فرينڊ ناهي، جنهن جي فريبي اشارن تي هي سرڪسي سُرخاب جيان نچي. هن وٽ ته ٻهراڙيءَ جي اها پارس جهڙي پدمڻي محبوبا آهي، جيڪا هن جي اڻڀن وارن سان ائين عشق ڪري ٿي جئين نيل ڪنول جي نرم پتن سان ڀيني رنگ جو ڀونئر ڪري ٿو. ان سندر سرتيءَ جي قدرتي سُونهن تي هي شعر سرجيندي ائين خوش ٿئي ٿو، جئين ڪا ماءُ پنهنجي نئين ڄاول ٻار جي ڀروئن تي سرمي جي سرائي ڦيريندي سرهي ٿيندي آهي!
اڪ جي ڪاٺي جهڙي هاٺيءَ جو مالڪ هي حَسين شاعر، جنهن جي ورسٽائيل وارن ۽ وشال اکين جي تارن تي ڄامشوري جون ڪيئي جواڻيون ٻلهار ٿيون ٿي، پر هن پنهنجي من جي ديس مان ٿريچي ”مينڪا “ کي پل به پاڻ کان پري نه سمجهيو. تڏهن ته هن جي شاعريءَ ۾ هاءِ روف گاڏي ۾ ويٺل ڪنهن به حسينا جون مڪاري ادائون ناهن ۽ نه ئي وري گداز بسترن تي گدولا ڏيندڙ ۽ عاشق جي بينڪ بئلنس تي عُقابي نظر رکندڙ نوخيز جوانين جا تترن جهڙا تال آهن. هن جي شاعريءَ ۾ ته ننگر جي هٺيلن هرڻن جا ڇال آهن، سنڌ ڌرتيءَ جا دردوندا حال آهن. روپلي جي ڪُوڪ جا سڏ پڙاڏا آهن جن جي شاهدي مالسريي جا مور به ڏيندا.

اسان روپلي جي ڪوڪ جو پڙاڏو جهپون ٿا
ڪارونجهر جي مورن پڪارن کان پڇي ڏس

اشوڪ جي شاعريءَ ۾ بيماريءَ جي بستري تي زندگيءَ جي جنگ جهيڙيندڙ هڪ شاعره جا سور ائين لڇن ٿا، جيئن ڪنهن ميلي ۾ وڃائيجي ويل ٻار جي ماءُ جون ڳولائو اکيون لڇينديون ۽ پڇنديون آهن. هن جي سدا ملوڪ شاعريءَ ۾ ٻهراڙيءَ جي اها سادڙي سُونهن جلوه افروز آهي، جيڪا پنهنجي چهيتي جو سچو سوڳند کڻڻ کان به ائين ڪيٻائيندي آهي، جئين سهاگ رات جو ڪنوارا چپ پهرين چُمي کان ونئون ويندا آهن. اشوڪ جي مظلوم جي مرڪ جهڙي شاعريءَ کي ڪو نام نهاد نقاد جيڪڏهن بحر، وزن جي عقابي اک سان ڏسندو ته هن جا وديسي پکين جهڙا خيال بي قدريءَ جي چنبن ۾ ڇيهون ڇيهون ٿي ويندا. هن جي شاعري توڙي جو فني تقاضائن تي نٿي لهي، پر پوءِ به ائين دمدار آهي، جئين بنان ميڪ اپ جي مارئي هُئي. جنهن عمر کي ڀالوا جي ڀٽن جا پنڌ ڪرايا هئا. وقت جي شاعر حاڪمن کي هڪ نه هڪ ڏينهن هن جي ڪويتا مارئي ضرور پنهنجي سحر ۾ جڪڙيندي!
اشوڪ کي آئون التجا ڪندس ته هُو هن سٽ تي ضرور سوچي تڏهن جڏهن هي ڪنهن شاعريءَ جي شڪاري هٿان ڪنهن احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿئي، هند جي هڪ سنڌي شاعر چواڻي اگر جي خيال مجروح ٿئي ته رديف ته ڇا ڪافيا به ڀڃي سگهجن ٿا. سو اسان جا دلبر دوست تُنهنجي پپيهي جي پُڪار جهڙي شاعريءَ ۾ رڳو کاٽونبن جهڙا خيال ئي ناهن پر موئن جي دڙي جهڙي سنڌ به ساھ کڻي ٿي.

گنگا به تو ۾ جمنا به تو ۾
تو مون لاءِ پاڪ پياري آهين

اشوڪ جي ادبي آبياري ڪرڻ ۾ پاٻوهر جي ساگر جو وڏو هٿ آهي. جنهن ”خاموش“ جي ڪوھ ڪارونجهر جيڏن خيالن کي ست راڄيءَ ۾ سويڪار ڪرائڻ لاءِ هر ويل هر هند دلي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ اڄ اشوڪ جي سوچن جي سُرهاڻ سان نه رڳو هي محفل معطر ٿي آهي. پر صحرا ٿر کان وٺي سنڌورسٽي تائين هن جي فڪر جي ڦوگسي ڪيئي من مهڪائي ڇڏيا آهن. ۽ اڄ آئون چيتن کي چيتاوڻي ڏيندڙ پاٻوهر جي پروهت ساگر کي سلام پيش ڪيان ٿو ته هو نه رڳو سياست ۾ سرگرم آهي، پر ادب جي آبياري لاءِ ٿر جي ڳوٺن ۾ موجود مٽي جي مهڪ جهڙن شاعرن کي گمنامي جي تاريڪي مان تاري سوجهاڪي جهڙي ڪنهن سحر حوالي ڪري ٿو.
***

معصوم سُوندرائي

هُو جيڪو پهاڙن جو پاڙيسري آهي. هن جي ماٺيڻي مزاج ۾ ننگر جي نماڻپ ائين سمايل آهي، جئين ماروُ پٿر ۾ مهڪ ۽ مهڪندڙ بدن ۾ ٽهڪ. هن جو جنم پارڪر جي سندر ڳوٺ سُوندر ۾ محترم عبدالله مهر جي گهر ۾ پهرين فيبروري 1983ع تي ٿيو. ڳوٺ جي قاضي سندس ڪن ۾ ٻانگ ڏيئي ننڍپڻ جو نالو ارشد علي مهر رکيو ۽ سُوندر جي سيمن ۾ مورن سان مستيون ڪندي ڪندي هڪ ڏينهن ارشد علي مهر مان معصوم سُوندرائي بڻجي ويو. ارشد علي مان معصوم سوندرائي ٿيڻ تائين واري طويل سفر ۾ هن گهڻو ڪجهه ڀوڳيو به هوندو. ڇاڪاڻ ته ڀوڳنا بنان شاعر ٿيڻ مشڪل بلڪه ناممڪن به آهي.
اَڀري سڀري تعليم جي آڌار تي جڳ ۾ جيئڻ جا جتن ڪندي، هن وک وک تي وڏا ڏاکڙا پڻ ڏٺا آهن. ذريعه معاش ۾ هي به مون جهڙن انهن هزارين بيروزگار نوجوانن جو ”پٽي“ ڀائر آهي، جن جو هن جهان ۾ جنم وٺڻ شايد ممنوع هو. جيڪي هن سماج ۾ مس فٽ هوندي هر وقت وڏي ذهني اذيت مان گذرن ٿا. تعليم هوندي به اڻ پڙهيلن وانگي جهنگ جا مسافر ٿي، پاپي پيٽ جو پورائو ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هٿ پير هڻن ٿا. ڇاڪاڻ ته اهڙن نوجوانن جو ڪو به سياسي سورس ناهي جنهن جي فورس تي ڪا نوڪري وٺي سگهن. سياسي بصيرت هوندي به سياسي سهاري کان محروم هئڻ جو وڏو سبب آهي، ارڏائپ ... ڇاڪاڻ ته سڄو ڏينهن ڪنهن ڀوتار يا سردار جي قدم بوسي ڪرڻ اهڙن ارڏن نوجوانن جي نس ۾ ئي شامل ناهي. معصوم جهڙا سوين بلڪه هزارين ارڏا شاعر ۽ ليکڪ هن وطن جي مٽيءَ جو ڀرم آهن. بک ۽ ڏک سر تي سهي پنهنجي ڀومي جو ڪنڌ سدائين اوچو رکندڙ اهڙا املهه هيرا پنهنجي مقدر جا سڪندر آهن، جن کي ڪنهن به ٽڻي ٽامي سياستدان جي سڻڀي سوس جي ڪا به هير ناهي. اهي پنهنجي اُڃ ۽ بک ۾ ائين خوش آهن، جئين بن جا هرڻ رُڃ ۾ ڊوڙون پائي گُد ڏيئي خوش ٿيندا آهن. معصوم به اهڙن ارڏن نوجوانن مان هڪ آهي ۽ گهڻن لاءِ رول ماڊل به.
مٺي شهر جي موڪري چوڪ تي پارڪ جي ڀر ۾ ننڍڙڻي مانڊڻي هلائي پنهنجي غريباڻي گهر جو گاڏو گيهلندڙ هي نوجوان دل جو درياءُ آهي. شهر جي وچ ۾ ادبي اوطاري جهڙو ڏيک ڏيندڙ هن جي مانڊڻي اسان جهڙن واندن لاءِ نه رڳو وندر ۽ ورونهن جو وسيلو آهي، پر ساڃانهه جو سڏُ پڻ آھي. معصوم هر آيل جو آدر ڪندي هر وقت ائين چوي ٿو بقول ڪبير
”ڪبيرا کڙا بازار ۾ سب ڪي مانگي خير، نه ڪسي سي دوستي نه ڪسي سي وير“ معصوم جي شاعر ٿيڻ ۾ جتي حالتن جو وڏو هٿ آهي، اتي ڏاتار وٽان مليل ڏات جي به وڏي ڏيا آهي. معصوم فطرتي طور محبتي ماڻهو آهي. هو ڪنهن آهو چشم ڀنڀيءَ جي ڀنڀول ۾ اچڻ کان پوءِ اداس شاعر ٿيو آهي يا ڪنهن موڀي پُٽ جي موت جي جهوريءَ ۾ جهريل ڪنهن اڀاڳي جيجل جي نيڻن مان وهندڙ لڙڪن جي جهرڻن ۾ لڙهي ويو آهي. هو ڪنهن نياڻيءَ سان ٿيل ناسور جهڙي ناحق تي سراپا احتجاج ٿي شاعر بڻيو آهي يا ڪنهن سفاڪ شڪاري هٿان شهيد ٿيل پنڇيءَ جي پهرين سڏڪي تي ريگستان جي رڙ جهڙو شاعر بڻيو آهي. ڪا به خبر ناهي، پر جئين به ٿيو آهي ڪمال جو ڪوي بڻيو آهي...!!
هُو جنهن جي وشال بينن جي بزم گاه ۾ بيوسيءَ جو بزم سخن هر مهل متل آهي. هو جيڪو مور وانگي معصوم آهي! معصوم ٻار به هوندا آهن جيڪي گناھ گار هوندي به شبنم جي قطري جيان پويتر ۽ پاڪ هوندا آهن. معصوم پکي به هوندا آهن، جيڪي شور ڪندي به سندر لڳندا آهن. معصوم عورتون به هونديون آهن، جيڪي مرڪندي مرڪندي ڪيئي سُورما شهيد ڪري وينديون آهن پوءِ به انهن تي پيار ايندو آهي. هن معصوم جي معصوميت هن جي چهري جي چنڊ کان وٺي ڪويتا جي ڦلواڙي جي هر ڦُل ۾ عيان نظر اچي ٿي. معصوم جي چهري جي چتر ريکائن ۾ ازلي وينجهر معصوميت جا ڪيئي رنگ ڀري ڇڏيا آهن. سانتيڪي سڀاءُ واري هن ڪم گو ڪويءَ جي من سمندر ۾ جڏهن به سورن جو سائيڪلون اٿندو آهي تڏهن ڪنهن غزل چشم گجر جي گهُور جهڙا غضبناڪ غزل قلم سفيني جي سهاري قرطاس جي ساحل سان ٽڪرائيندا آهن، ۽ هو لڙاٽيل اکين کي آٿت جي رومال سان اگهندي، هن بي حس سماج ۾ وري به نئين سر جيئڻ جا جتن ڪندو آهي. هُو هڪ حساس دل شاعر آهي. هُو جڏهن به ڪنهن مفلس کي ماني ڳڀي لاءِ اميرن جي درن اڳيان اوبر کائيندي ڏسندو آهي. تڏهن هن جي نيڻن جي نيلگون نگريءَ ۾ نراسائيءَ جا نيرڳ تري ايندا آهن. هي بي انتها روئڻ چاهيندو آهي. پر لڙڪ بک کائي ويندي آهي. سڏڪا صحرا جي اڃ پِي ويندي آهي. هُو تڙپي اٿيندو آهي. انهن بي پهچ ماڻهن لاءِ جن کي هن سماج اڃا ماڻهو تسليم ئي ناهن ڪيا. ادب جي اڙانگي مارگ تي مسافري ڪندي ڪندي ڪنهن اڻ ڏٺل منزل تي پهچڻ جي من ڀاونا ۾ هن جا پير پٿون به ٿيا آهن، پر هن مُڙي ناهي نهاريو. ابتدائي مرحلي ۾ هن ڪهاڻيون لکيون جن کي پڙهندڙن وڏي موٽ ڏني .هن ڪٿائون لکيون انهن وجودن تي جن جا ڏاکڙا ڏسي رب کي به رحم اچيو وڃي. هن ڪهاڻيون لکيون انهن هارين تي جن جي نارين سان ناانصافي ڪندي ڪمندار ۽ زميندار هن سماج ۾ برسيگ جهڙا نڪ کڻي ڪر مٿي ڪري گهمندا رهيا. هن لکيو خانه بندوشن جي انهن خيمن تي جن ۾ ماھ جبين جهڙيون مورتيون پنهنجا چرميءَ جي داڻن جهڙا چم ماءُ تي گار جهڙي ڪنهن ڪٺن مجبوريءَ ۾ ڏکن جي ڏاگهه تي چاڙهي جيئري جلي ويون. هن لکيو انهن فقيرياڻين جي ڦاٽل چولين تي جيڪي ڳڀي جي ڳولا ۾ ڪن غليظ هٿن جي گٽرن ۾ پنهنجا نيلوفر جهڙا ننگ نيلام ڪري آيون ..! هن لکيو انهن پکين جي پرن تي جن جي گهرن کي بارش پنهنجي مستي ۾ ميساري ڇڏيو...!
ڪهاڻيون لکندي لکندي نيٺ هي ڪوي بڻجي ويو. الئه ڇو...؟ شايد ڏات جي ڏهگڻي ديوي هن جي من ۾ مرڪي ائين چيو هجي ته ”جٿ ڪوي پڳا اُٿ روي اي ڪو پڳا“ ۽ هي فلسفو هن جي دل کي وڻيو هجي. ان ڪري هن ان ڳالهه تي عمل ڪيو هجي.
هن جي خوبصورت شاعريءَ تي ڪو خوبصورت شاعر ئي صحيح نموني ڳالهائي سگھي ٿو. آئون هن جي اعليٰ پائي جي شاعريءَ سان نڀاھ نه ڪري سگهندس. هن شاعريءَ جي سفر ۾ نظم به لکيا آهن، پر گهڻي ڀاڱي غزل لکيا آهن. جيڪي فني توڙي فڪري لحاظ کان بنهه پخته ۽ نواڻ سان ڀرپور نرالا آهن. هُو پنهنجي ماھ ڪمال جهڙي محبوبه جي ساروپن ۾ ڇال ڏيندڙ تال پخال کي پنهنجي ڌرتيءَ جي دڳ دڳ جي سندرتا سان ڀيٽي هئين چوي ٿو!

سونهن سانگهڙ ٺٽو لاڙ سارو اُتر
ٽهڪ آدم ٽنڊو مرڪ مورو هُيو

هن جي هڪڙي خوبصورت غزل جو هڪ بند آهي.

رات جي پوئين حصي کي بند ڪمري ۾ پيئون
ننڊ جي پوءِ نبض تاڻي ڪاڪلن تي ڪر ڏيون

ڇا ته شعر آهي! رات جي پڇاڙڪي پهر ۾ پرڀات جي شبنمي ويلي ڪنهن بند ڪمري ۾ شيمپئين جهڙي سونهن مان سُرڪ ڀري، ننڊ جي نڙيءَ تي نُنهن ڏيئي، پوءِ ڪجل جهڙن ڪاڪلن تي ڪنڌ رکي ترنم ۾ سمهڻ جو آرٽ ڪو معصوم جهڙو ڪوي ئي ٻڌائي سگھي ٿو.

جڏهن وار سيني لاڙي سُتي هوءُ
اکيون بادلن ٿي ڀڳيون دير تائين!

ڊڀن جيڏا ڊگها ۽ لاسوئن جهڙا لسا وار سيني تي لاڙي ستل ڪنهن وينگس کي آوارھ بادلن جو دير تائين اکيون ڀڄڻ به هڪ دلربا منظرڪشي آهي، جيڪا معصوم هڪ غزل ۾ ڪئي آهي.

هي حياتي هاڻ پنهنجي وس ڪٿي آهي رهي.
ڇو نه اهڙي درد جي اختيار مان نڪري وڃون!

اي منهنجا همسفر دوست! هي حياتي واقعي وس ۾ ڪرڻ ڪٺن آهي، خاص ڪري ان ماڻهو لاءِ جنهن کي بيوسي، مايوسيءَ ۽ مفلسي دردن جي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏيو هجي، پر پوءِ به وڌوا جي ٽهڪ جهڙي هن ڦڪي حياتيءَ ۾ مليل دردن جي اختيار مان نڪرڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ ته پاڻ ڀٽائيءَ جي ان ڀيد جا پوئلڳ آهيون جنهن ۾ مرشد سکائون ڪري سور پالڻ جو سنديش ڏنو آهي. معصوم تون دردن جي اختيار مان نڪري سڀ ڪجهه ٿي سگھين ٿو پر شاعر نه.......!! تون جڏهن دردن جي اختيار مان نڪري ويندين تڏهن تون هير سيالڻ کي اهڙا خط لکي ڪون سگهندين، جن کي پڙهي گهڻن جي روحن جا رانجهن تڙپي پوندا آهن. سو پيارا ڏاتار وٽان مليل هر ڏک جهولي پائي جهل، ڪڏهن به مايوس ٿي اهڙي ڳالهه نه ڪر...!
***

بلاول اوٺو

هُو، جيڪو قدام جيڏو قدآور، بدن ۾ پورو پنو، اڌڙوٽ عمر ۾ به ڦُڙتيلي نوجوان جيان چُست ۽ چوبند نظر اچي ٿو، اُن اختر ضمير انسان جو اسم گرامي آهي بلاول. نهڙين جي ذيلي ذات اوٺا سان تعلق رکندڙ اهو الستي وجود اڄ به جڏهن پنهنجا لاسوئن جهڙا لسا ۽ وڏا ميندي رتا وار سنواري پنهنجي منفرد هلڻيءَ سان مٺيءَ جي گسن تان گذرندو آهي، تڏهن الئه ڪيترا سندس چاهيندڙ هُجتن مان هٿ لوڏي، وڏي سڪ مان ڏاڏا ڏاڏا چئي سلام ڪندا آهن ۽ موٽ ۾ ھُو به مُرڪندي وائلي جهڙي وراڻيءَ ۾ جهجها ججها جُهار ڏيندي، ڪنهن فاتح سپهه سالار جيان ڀري بازار مان گذري ويندو آهي، هن جو کلڻ، ملڻ ۽ ڳالهائڻ بنهه سادو پر طنز مزاح وارو آهي.
هن جو جنم 1950ع ۾ مهراڻي جهڙي خوبصورت خطي ۾ موجود گل صنوبر جهڙِي سريلي ڳوٺ خانور اوٺا ۾ ماٺيڻي اوٺي جي گهر ۾ ٿيو، هن ابتدائي تعليم خانور اوٺا مان حاصل ڪئي ۽ تڏهوڪا ست درجا سنڌي ورنيڪيولر فائنل پاس ڪئي، تنهن کان پوءِ زندگيءَ جي گذر سفر لئه نئون ڪوٽ جي نگريءَ ۾ درزڪو ڪم ڪرڻ لڳو. ڪپڙن کي ڪوريندي ۽ سنها سيبا ڏيندي هن جي اندر ۾ موجود ڪلاڪار ڪَر موڙي جاڳي پيو. جتان هن شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن کي 18 سالن جي عمر ۾ جتي هڪ جواڻ وينگس جي والهانه وجود پنهنجي سحر ۾ جڪڙِي محبت سان ٽمٽار ڪيو، اتي هڪ ننڍي عمر ۾ اڻ گهري نوڪري به ملي ويئي. پرائمري ماستر طور مختلف اسڪولن ۾ پنهنجا فرض ايمانداريءَ سان نڀائيندي 2005ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. زندگيءَ ۾ هن ڪيئي ڪساري بادام جهڙا ڪڙا تجربا به ڪيا، ته سوين صدما به سٺا، پر سڀنيءَ کان وڌيڪ هن کي جنهن صدمي جهوريو اهو هو سندس لاڏلي ڀائيٽي دلربا شاعر ماٺيڻي اوٺي جو بي مندائتو موت. ماٺيڻي جي موت تي هي ائين رُنو هو جئين وسڪاري ۾ ڪکاون چونئرن جا نيو ٽمندا آهن. هُو اڄ به ٿڌڙا شُوڪارا ڀري چوندو آهي، ته ماٺيڻو مون کي اڌ مئو ڪري ويو آهي.
عمر جي اڌ تي پهتل هي جلترنگ جي جادو جهڙو دلبر ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ سان بي پناھ پيار ڪندو آهي. هُو اڄ به خانور اوٺا جي وڏي ڀٽ تي ويهي، سانجهه ويلي جو روهيڙي جي گيڙو گلن جهڙو ويس پائي سموري ٿر کي اندر جي اکين سان ڏسي ٿو. هن کي شفق جي رنگن کان وڌ واهيري ڏي ورندڙ پکين جون اُڏارون ۽ ڪڻڪ رنگين ڏاچين جون قطارون پسند اينديون آهن. هن کي هٿرادو حُسن ۾ ويڙهيل وجودن کان وڌ کوهن تان ورت ويڙهي گهرن ڏي ورندڙ ٿڪل پاڻيارين جي پيرن جو پَڻيون ۽ مينهن ڪَڻيون موهي وجهن ٿيون. هُو اڄ به مورن ۽ ڍورن کي ماڳن ڏي موٽندي ڏسي ”گئو ڌُول“ جي دز ۾ گم ٿي وڃي ٿو، ۽ سسئيءَ جي سڏ جهڙي شاعري هن وٽ بنان سکڻ جي ائين سراڙا ڪري اچي ٿي، جئين ڪو لاڏلو ٻار پنهنجي ماءُ جي ممتا ڀري هنج ۾ بنان خرچي جي ڊوڙ ڪري رڳو گُد ڏيڻ لئه ايندوآهي. هن کي قلبي شاعر چئجي ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هن هيستائين فقيراڻي فڪر جي گودڙيءَ ۾ جيڪي به ڪويتائن جا گُل گڏ ڪيا آهن. اهي سڀ قلب جي باغ مان پراپت ڪيا آهن. هن اندر جي اصرار تي قلب کي قرار ڏنو آهي، هن بحر وزن جي ڀنڀور ۾ ڀٽڪڻ بجاءِ ترنم جي ترائيءَ ۾ تري ڇولين جي ڇوھ ۽ ماڻڪين گُجرن جي موھ جهڙي من منڊيندڙ ۽ دل ڳنڍيندڙ شاعري ڪئي آهي. مڃون ٿا ته هن جي شاعري ڪيسٽن جي ڪاڪ جي مومل آهي، پر بيهوده ۽ بازاري قطعي ناهي. ڪنهن سادڙي ٿريچيءَ جي ٻانڌيلي محبوب جهڙي درياءَ دل بلاول جي شاعري ان مارئيءَ جي مرڪ جهڙي آهي، جيڪا عمر جي قيد ۾ هوندي به پاڻي جيان پويتر هئي! هن جي شاعريءَ ۾ جتي ٿر مور جيان ٿن ٿن نچي ٿو. اتي عشق ڪارونجهر تي اڪيلي گذاريل رات جي اُڻ تڻ جيان اُجھي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ جتي ڪجلئي جي لوڪ ڌُن جهڙا دلربا خيال آهن، اتي مٽڪو جهڙا منظر آهن.
شاعريءَ ۾ هن جا استاد اهي فطرتي رنگ آهن، جن ۾ هُن پنهنجو پاڻ وڃائي عوام ۾ مڃتا ماڻي آهي. هن جيڪڏهن ڪنهن کان باقاعده سکيا ورتي آهي ته اهو صرف ڀٽائيءَ جو گنج ئي آهي. جنهن هن کي پنهنجي گيڙو رنگ ۾ رڱي رچائي ريٽو ڪري ڇڏيو آهي. هن کي ڀٽائي ائين ياد آهي جئين سامونڊين کي سمنڊ جا گهيڙ گس ۽ وڻجارڪي ٻولي ياد هوندي آهي. هو جڏهن به ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ڪنهن موضوع تي بحث ڪندو آهي ته بسم الله ڀٽائيءَ جي بيت سان ئي ڪندو آهي، هو هر موڙ تي دليل طور ڀٽائي ئي ٻڌايندو آهي. هن جو چوڻ آهي ته ڀٽائي سنڌ جي اها يونيورسٽي آهي، جيڪا صدين تائين سنڌين بلڪ سڄي جڳ کي ساڃاھ ۽ سُرت سيکاري، حب الوطنيءَ ۽ دليريءَ جا سبق ڏيندي رهندي. بلاول کي ڀٽائيءَ تي وڏو ويساھ آهي. مٺيءَ ۾ هن جي بيٺڪ فقير مقيم ڪنڀار جي اها اسٽامپ وينڊري واري اوطاق آهي. جنهن جي ديوار تي محب وطن ڪيسوٻا سوڍي جي تصوير اڄ به آويزان آهي. مون به ڪيئي ڀيرا هن سان ان علمي ۽ ادبي اوطاق تي ڪچهريون ڪيون آهن، جتي کاهوڙي ليکڪ خالد ڪنڀار ۽ هن جا مختلف موضوعن تي وڏا وڏا بحث ٿيندا آهن. بلاول جو پهريون گانو ”هي مسافر ملڪ تنهنجي ۾ مٺا مهمان هو.“ ٿر جي لوڪ فنڪار مصري ڏيپلائي ڳايو هو . ان کان پوءِ هن کي سنڌ جي سڀني مشهور راڳين ڳايو جن ۾ فوزيه سومرو، ثريه سومرو، امبر مهڪ، حميرا چنا، ثمينا ڪنول، سرمد سنڌي، الهڏنو جوڻيجو، انور وسطڙو، بادل راهي، صادق فقير، ڪريم فقير، قاسم اوٺو، مٺو ڪڇي، شامل آهن،
بلاول کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ڪارونجهر جي ڪوئل فوزيه سومرو جي ڪيريئر جو پهريون ڪلام (ڪڏهن رسين ٿو ڪڏهن کلين ٿو.) سندس شاعري آهي. فوزيه سومرو اهو گانو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ڪرايو هو، هن ڪلام نه رڳو بلاول کي شُهرت جي بُلدين تي پهچايو، پر فوزيه سومرو کي به موسقيءَ جي دنيا ۾ ڪمال جي ڪلاونتي طور معتارف ڪرايو . بلاول جو چوڻ آهي، ته ”هي گانو مون ٿر جي لوڪ گيت ( ڪجليو) کان متاثر ٿي لکيو هو. وسڪاري جي مند هئي، ٿر جي هڪ کيت ۾ ڇوڪريون گڏجي ڳائي رهيون هيون ۽ منهنجو ڀر سان گذر ٿيو. ان ڏينهن مون اهو ڪلام لکيو هو.“
بلاول جو هڪ شعري مجموعو ” ٿوهر منهنجو من“ نالي سان 1992ع ۾ ڇپيو هو. جيڪو هٿو هٿ وڪامي ويو. اُن کان پوءِ به هڪ ڪتاب ڇپيو آھي. اڃان هڪ ڪتاب ڇپائي هيٺ آهي. جيڪو جلد ڇپجي ماروئڙن جي هٿن ۾ ايندو. ”گيت انوکا گهايل من“ 2017ع ۾ ڇپجي ويو آھي ۽ ٻيو ” ڪارونجهر تي آئون اڪيلي آهيان“ اڃا پراسيس ۾ آھي. هن کي سندس فني پورهئي تي ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چُڪا آهن، جن ۾ فوزيه سومرو ايوارڊ ، پراڻ ايوارڊ ۽ ساس مٺي پاران لائف ٽائم اچيومنيٽ ايوارڊ نمايان آهن. بلاول سنڌي لينگويچ اٿارٽيءَ ۾ بورڊ آف گورننس جو ميمبر به رهي چُڪو آهي. بلاول جي جن ٻولن تمام گهڻي عوامي مقبوليت ماڻي انهن ۾ ”ڪارونجهر تي آئون اڪيلي آهيان“، ”جي تون ويندين مٺا“، ”ادا ويندل ڙي وڃي چئجان يار کي“، ”ڪهڙو مٺا تنهنجو حال اٿئي“ ۽ ”ڪڏهن رسين ٿو ڪڏهن کلين ٿو“ ..نمايان آهن.
بلاول 2005ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ترت ئي ريڊيو پاڪستان مٺي جوائن ڪيو. 19 سيپٽمبر 2005ع تي ريڊيو پاڪستان مٺيءَ جو باقائده آغاز ٿيو هو، ۽ پهريون پروگرام پروڊيوسر سيد اڪبر شاھ ۽ بلاول اوٺي گڏجي ڪيو هو. ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين بلاول ڳوٺاڻن ۽ آبادگار ڀائرن جي پروگرام ”اوطاق“ ۾ ”سارنگ ڏاڏا“ جو ڪردار نڀائيندو اچي. ان ڪري ٿر جا ماڻهو اڄ ڪلهه بلاول کي سندس نالي بدران ڏاڏا وڌيڪ چوندا آهن. واقعي به ڏاڏي جي ڪردار سان نڀايو آهي. ان ڪري ريڊيو پاڪستان مٺيءَ جو پروگرام ”اوطاق“ ئي آهي جنهن وڌ ۾ وڌ عوامي مقبوليت ماڻي آهي. بلاول کي ڊبل( AA ) ڪيٽيگريءَ ۾ تڏهوڪي ڊاريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگي پاس ڪيو هو، جيڪو مٺي اچڻ تي هن جي پروگرام اوطاق ۾ هن سان گڏ لائيو ويٺو هو ۽ ڏاڍو متاثر ٿيو هو. بلاول کي اولاد ۾ 4 پُٽ ۽ 7 نياڻيون آهن. ضمير، احساس، شعور ۽ پارس نالي هن جا سَپُوٽ پُٽ علم توڙي ادب ۾ اڳڀرا آهن، ضمير سوشل ورڪر ۽ شاعر آهي، ته احساس به شاعر آهي، بلاول پنهنجي حياتيءَ جي ميڙي چونڊي مان بلڪل مطعمين آهي. هن کي حياتيءَ مان ڪا به شڪايت ناهي، توڙي جو بيمارين هن کي اڌ ماڻهو ڪري ڇڏيو آهي. تازو پٿري جي آپريشن ٿي آهي. شگر به وڪوڙيو آهي. هاءِ بلڊ پريشر هوندي به ريڊيو پاڪستان مٺيءَ تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي. هُو اسان جهڙن نوجوانن لاءِ نه رڳو اتساھ جو سبب آهي، پر هڪ روشن راھ به آهي! اسان جي دلي دعا آهي، ته مالڪ کيس وڏي ڄمار ڏئي ۽ هُو ٿر تي ههڙا خوبصورت نظم لکندو رهي.

آڪارن مان واڻ وَٽين
آڌي اُٿيو اَرٽ ڪَتين
ڀرم شرم جا ڀرت ڀرين
هلندو هٿ جو آهي هنر
ماروئڙن جو ماڳ امر
ماروئڙن جو ماڳ امر
” بلاول“

ارباب رياض احمد راهمون

سينگالي جي سُونهن، ارباب مقبول احمد جو سڳو ڀاڻيجو ۽ ارباب جان محمد جو لخت جگر ارباب رياض احمد راهمون اُنهن مهان ماڻھن مان هڪ هو، جيڪي تمام ٿوري وقت لئه هن فاني جهان ۾ ايندا آھن، ۽ تمام گهڻن تي پنهنجي گهري ڇاپ ڇڏي ويندا آھن. هُو هڪ اھڙو جَل ٿل بادل هو جيڪو مُڪمل وسڻ کان اڳ ۾ ئي اوڪائجي ويو. هُو سامروٽيءَ جي اُفق تي اُڀريل اهڙو چَنڊُ هو جنهن جي چاندنيءَ ۾ اڃا ڏاندريءَ جا ڏھر مَس سرشار ٿيا تيسين موت جو گرهڻ پنهنجي عقابي گرفت ۾ وٺي ويو. هُو سامروٽيءَ جو اهڙو سج هو جنهن لاءِ ڪيئي سورج مُکي ماندا هُئا. هُو انهن ماڻھن منجهان هڪ هو جن جي عُمر اڍائي ڏينهن هوندي آھي. هُو اُن تاري وانگر هو جنهن کي انتهائي جلدي کڙڻو هو. هُو اُن کُنڀي جيان خوبصورت هو جيڪا وسڪاري ۾ پنهنجي سفيديءَ جي سُونهن وکيري چند ڏينهن ۾ پنهنجو سفر پورو ڪري ويندي آھي. هُو گُل تي ماڪ قطري جيان موتيءَ جي چمڪ بڻجي موت جي اُس ۾ اُڏامي ويو. هُو خوشبوءَ جو جهونڪو هو، پنهنجي نرالي مهڪ ڇڏي موڪلائي ويو.
هُو، جيڪو مسڪين ماڻھن جي سُڏڪن جو لهجو سمجهندڙ اهڙو ماڻھو هو جو ماڻھوءَ کي ماڻھو ڪري سمجهندو هو. ھُو پنهنجن ماڻھن سان ملڻ وقت صفا ننڍڙو ٿي ملندو هو. ادب ۽ احترام هن جي اکين مان پيو پسبو هو. هُو ڏوٿيئڙن جي ڏُکن کي پنهنجي پَتي ۾ کڻڻ واري خفت جو ماهر هو. هُو درمانده دلين جا دُکڙا دور ڪرڻ وارو اهڙو معالج هو جنهن جو خال حال ۾ ڀرجڻ مشڪل بلڪه ناممڪن پڻ آھي. ڇاڪاڻ ته اهڙا ملوڪ ماڻھو، مسڪينن جا مسيحا، ۽ هيڻن جا همراھ صدين جو سوڀاڳيه هوندا آھن. اُهي وڏي وڇوٽي پُڄاڻان پڌرا ٿيندا آھن.
هُو سينگالي جي سرزمين تي سونيلي گُل جيان گؤنچ ڪڍي گُلزار ٿيو هو. هُو راهومڪي بازاز جي ويران صحرا ۾ گُلاب جو گُل ٿي ٽڙيو هو. هُو هن خطي جي خوبصورتي ۾ ويهه وسوا واڌارو هو. هُو ٻار جي هٿ ۾ پوپٽ ۽ ٻال نويلي نار جي صُراحي دار ڳچيءَ ۾ موتين جي هار وانگي حسين هو. هُو وُٺي پُڄاڻان آسمان تي انڊلٺ جهڙي الوڪڪ سُونهن جو مالڪ هو. هُو ڀرئي تُرئي ميلي ۾ ٽهڪ ڏيندڙ ڪنهن جوان جماڻ وينگس جي نڪ ۾ پيل ڦُلي جهڙو ڦُٽرو هو. ڪنهن ڪامڻيءَ جي پيلي پومچي تي ڀريل هُرمچ جهڙو هي حسين ڇوڪرو سامروٽيءَ جي مانگ ۾ سنڌُور جي تِلڪ وانگي سُونهندو هو.
هُو پنهنجي ناني جو نَڪ رکڻ لئه سياست جي کيتر ۾ عوام جو هاري ٿي لٿو هو. هُن وڏيرن واري وڏيرڪي سوچ کي پنهنجي دانا دماغ مان ڪڍي، خلق سان گڏ کلڻ ۽ ملڻ واري ماڻھپي سان ڀرپور سوچ کي اپنايو هو. عوام ۾ انتهائي مقبول پنهنجي مامي ارباب مقبول کان سياست جا گُر پيچ سکندڙ هي ڌرتيءَ جو راڄ دُلارو ٿوري وقت ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو. هُو ايترو مشهور ٿيو جو هر ماڻھوءَ جي اها وائي وات هُئي ته، هي اڳتي هلي نور محمد واريون سِڪون لاهيندو. ننڍڙي وهيءَ ۾ وڏا وڏا فيصلا ڪرڻ وارو آرٽ هن جي رت ۾ شامل هو، پر ان کي پروان چاڙھڻ ۾ هن جي محنت پڻ شامل هئي. رات ڏينهن عوام جي خدمت ڪندڙ هي سامروٽيءَ جو سڏُ پنهنجا پڙاڏا ڇڏي هميشه لئه هليو ويو.
هُن جي وڇوڙي تي نه رڳو سينگالو سُڏڪيو هو، پر ٻانهياري ڀٽ به ٻانهون ٽوڙي رُني هُئي. راهمڪي بازار جي رڻ پٽ کان وٺي ڏيپلي جي اَڇن ريٽن تائين سمورو صحرا هن مور جي موت تي ماتم ڪده ٿي آسمان سان احتجاج ڪري رهيو هو. سَري جي شام کان وٺي ڪنٺي جي ڪام تائين سموري سيم سوڳ ورتل هُئي. پڇمائيءَ جي پار ويندڙ ڪونجن جي ڪُرلاءُ ۾ مڪلي جهڙي ماٺ ڇانيل هُئي. مورن جون دانهون ٻُڌي ڪويلين ڪوڪڻ شروع ڪيو هو. پوپٽن جي هٿن مان گُلن جا هار ڇڏائجي ويا هُئا. پاڻهيارين جي سرن تي ٻهڪندڙ ٻيهلڙن ڇُلڪندي روئي ڏنو هو. نما شام ويلي واهرن ڏي ورندڙ پکين جي اکين ۾ لُڙڪن جو چوڻو ڦٿڪي رهيو هو. وڏي ورهانڊ وٿاڻن ۾ وري آيل مال جي ڪنڌ ۾ پيل چڙن جون چيخون ٻُڌي ڀاڳين جون دليون دهلجي ويون هيون. سهاڳڻين کان سينڌون سڄائڻ ۽ راڳين کان هارمونيم وڄائڻ وسري ويون هيون.
ارباب رياض احمد جي تڏي تي تعزيت لاءِ آيل ٿر جي وڏن سياستدانن جا تعزيتي نوٽ پڙھي اهو ضرور احساس ٿئي ٿو ته، هي ڪيڏو نه وڏو ماڻھو هو. ونگي جي ڄام ارباب اميرحسن جو فرزنده، موجوده ايم پي اي سنڌ اسيمبلي ارباب لُطف الله صاحب پنهنجي تعزيتي نوٽ ۾ لکيو آھي ته” مُنهنجو ڀاءُ هو. هن تي هزار دفعه اعتبار هو. اهو هن جو ئي پورهيو هيو نت اسان جا خاندان ماضيءَ ۾ مخالف به رهيا آھن، پر اسان، مرحوم مقبول ۽ مون نئين رشتي جو بنياد جنهن کي رياض وڏي بلندي تي وٺي ويو. ھُو هڪ تاريخ ڇڏي ويو آھي. نوجوانن لاءِ مثال ٿي ويو آھي. هُو هميشه دلين ۾ ياد رهندو“ موجوده ضلعي نائب چئرمين، ڍاٽ جو شهزدو ڪنور ڪرني سنگهه تعزيتي نوٽ ۾ لکي ٿو ته” هي هيڏو وڏو نقصان، هي هيڏو وڏو هاڃو رڳو ارباب رياض جي خاندان جو ناهي ٿيو، پر سموري ٿر جو ٿيو آھي. اسين هڪ پياري ڀاءُ کي وڃائي ويٺا آھيون. پرماتما هن جي پريوار کي شانتيءَ ۽ سهن شڪتي ڏئي.“ ڪاپڙي خان کوسي جو پُٽ عبدالغني خان کوسي لکيو آھي ته” راهمان قوم جي سڀ کان وڌيڪ سياسي حيثيت رکندڙ خاندان جي فرزند ارباب رياض جي اوچتي وڇوڙي تي وڏو ڏُک ٿيو. هن خاندان سان اسان جا تمام پراڻا ۽ سُٺا تعلقات رهيا آھن. اڳتي به رهندا. ارباب رياض سان ضلعي ڪائونسل وارين گڏجاڻين ۾ اڪثر ملاقات ٿيندي رهندي هُئي. هُو تمام ڀلو ماڻھو هو.“ ٿر جو نامور ليکڪ ۽ سماج سُڌارڪ سڪيلڌو راهمون لکي ٿو ته”سينگالي جي سيني ۾ اڃا وڇوڙي جي اُن گهاوَ جو رت سُڪو ئي ناهي، جنهن جي پوري ڪمائي شرافت ۽ سهپ هئي. اڄُ وري اُن اُجڙيل وستيءَ تي وار ٿيو آھي، جنهن جتي جي کنڊراتن ۾ شهنشاهيت جا عڪس جرڪن ٿا. ارباب نُور محمد جهڙي مدبر سياستدان ۽ سردار گهراڻي جو چشم و چراغ پنهنجي ڦُوھ جوانيءَ ۾ سماجي و سياسي پيچرن تي ڪامياب وکون کڻندڙ نوجوان ارباب رياض احمد راهمون اڄ علي الصبح اسان کان موڪلائي ويو. سندس ان ڪمهلي موڪلائيءَ جو درد ماپي نه ٿو سگهجي. هُو اسان سان جڏھن به ملندو هو ته، سندس اها ئي سادي طبيعت نياز و نوڙت جيڪا سندس وڏن کان ورثي ۾ ملي هُئي. اڄ هو اسان وٽ ناهي رهيو، پر سندس يادن جو هڪ نه کُٽندڙ سلسلو هميشه ياد رهندو. اسان سندس خاندان سان هن صدمي جي گهڙي ۾ برابر شريڪ آھيون ۽ ڌڻي در دعاگو آھيون ته سندس روح کي پنهنجي جوهر رحمت ۾ جڳهه ڏي“

عارب فقير

بدن تي ميرڙو وڳو، پيرن ۾ اڌ ٽُٽل چپل، مٿي تي مِيرن جي دؤر واري پُراڻي سنڌي ٽوپي ۽ اکين ۾ اڌ صديءَ جو اوسيئڙو کڻي، مٺيءَ جي گهٽين ۾ قدردانيءَ جي ڳولا ڪندي، صبح شام ڀٽڪندڙ هي پوڙھو راڳي اصل ۾ راٺوڙن جي ڳوٺ ڪڪراڙيو دانڌل جو ڪلاونت مڱڻهار آھي. جنهن اڌ صديءَ راڳ جي دنيا کي ارپي ڇڏي، پر نه ڪو اعزاز مليو نه مڇي مانيءَ وارو ٿيو. سڄي ڄمار سُورن ۾ گُذري ويئي. هن جي حياتيءَ جي حصي ۾ ڏات ته آئي، پر ڏُک نه ويا. ڏُک، جيڪي بُک ۾ جهڻ وانگي جهُڳي ڇڏيندا آھن. ڏُک، جيڪي ڪلا کي جلا ته بخشيندا آھن، پر جيئڻ جهنم ڪري ڇڏيندا آھن. مٺو فقير مڱڻهار جي گهر ۾ 1945ع ڌاري جنم وٺندڙ عارب فقير پرائمري جي ٻن درجن کان مٿي پڙھي نه سگهيو. غُربت هن کي پڙھڻ واري وهيءَ ۾ ڪمائڻ واري ڪرت جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ هي راڳ جي دُنيا ۾ پاڻ پتوڙڻ لڳو. مڱڻهارڪو ٻار هئڻ ڪري ڳائڻ هن کي ورثي ۾ ملي ويو. مڱڻهار جن کي ميراثي به چوندا آھن. ميراثي جن جي روئڻ ۾ به رڌم هوندو آھي! هن باقائده راڳي طور ڳائڻ جي شروعات 1965ع ۾ ڪئي. ٿر جي ڪوئل مائي ڀاڳيءَ ۽ ٿر جي مور مُراد فقير سان گڏ ڳائڻ به هن جي سوڀاڳيه ۾ شامل رهيو. اُستاد مُراد فقير کان راڳ جي سکيا وٺندڙ هي سادڙو راڳي پنهنجي دؤر جو دلبر فنڪار ٿي رهيو آھي. هي ان دؤر جو راڳي آھي جنهن ۾ ڪيسٽي ڪلچر جو عروج هو. جڏھن ماڻھو اٽي کان اڳ ڪيسٽ وٺندا هئا. جڏھن ڪيسٽي ڪمپنيون عارب جهڙن البيلن راڳين جو قدر ڪندي تمام بهترين معاوضو ڏينديون هيون. ڪيسٽن جو دؤر ويو ۽ عارب جهڙا فنڪار به دربدر ٿي ويا.
صحراِ ٿر جو هي جهونو جوڳي اُھو لوڪ راڳي آھي، جنهن جي ڪلام کي لُڪن ۽ جهولن ۾ لڪ لڪ تي لُڇندڙ لوڪ ٻُڌي ٿو. هي ڌنارن جي دلين تي راڄ ڪندڙ راڳي آھي. هي ديس جي پرديسي ڌيئارين جي دلين جي ڌڙڪن آھي. هي وڇوڙن ۾ تڙپندڙ وجودن جي ويراڳ کي آلاپ بخشيندڙ اهو فنڪار آھي جنهن کي هي ڌرتي به داد ڏيندي آھي. هي ڳاڙھن چپن وارو اُهو ڊسڪو راڳي ناهي جنهن کي ڪو اميرزادو ايئرڪنڊيشنڊ ڪار ۾ ٻُڌي ڪنهن ريڊي ميڊ گرل فرينڊ جي ڳچيءَ ۾ ڪُتن وانگي چَڪ هڻي سيڪس جو نئون انداز متعارف ڪرائي، پر هي گُهنج پيل ڪاري چمڙي وارو اُھو اڇو اُجرو لوڪ ڳائڪ آھي جنهن کي ويڙھيچا وٿاڻن ۾، ڌيئاريون واهرن ۾، ڌنار دڙن تي ٻُڌي، وطن سان مُحبت جا اڳي کان اڳرا سبق سکن ٿا. هي ديس جي دانهن جهڙو ڪلاڪار آھي. هن جي نڙيءَ ۾ وطن جي ڪُوڪ آھي.
ھُو اڄ به اُن ساڳي انداز ۽ آواز سان ڳائي ٿو جنهن انداز ۽ آواز ۾ ۾ ھي اڳوڻي ڪيسٽي ايام ۾ ڳائيندو هو. هي اڄ به جڏھن ”رائچند“ کي ملهاريءَ ۾ ڳائي ٿو ته، اکيون آگمجيو وڃن ٿيون. هي ”ڏوري“ کي آلاپ ڏئي ٿو ته، ڏڍ ۾ ڏيل ڏڪي پوي ٿو. هي ”ڪانگڙي“ جي ڪا سِٽ ڳائي ٿو ته، ڌرتيءَ جي ڌيئارين جا هردا وطن جي ٻاٻِيس ۾ ٻَري وڃن ٿا. هي ”موريو“ کي ملهاريءَ ۾ آواز ارپي ٿو ته، دڙي دڙي تي ڊُڪندڙ ڊيلون پنهنجو رقص وساري ويهن ٿيون.
1971ع ۾ شادي ڪندڙ عارب فقير کي اولاد ۾ چار پُٽ آھن، سڀئي راڳ واري دنيا سان وابسته آھن. عارب وانگي راڳ مان ئي پنهنجي روزي روٽي جو بندوبست ڪن ٿا، پر اڃا تائين ڪو به عارب فقير ٿي ناهي سگهيو.
عارب مون کي هڪ ڀيرو ويجهڙائي ۾، رائسنگهه وڪيل واري جڳهه تي مليو هو..حال احوال پڇيو مانس چيائين” نه پُڇ امر! زندگي ڏاڍي ڏُکي گُذري رهي آھي، هتي ڪلا جو نه پر ڪپڙن جو قدر آھي، مون سرڪار کي وضيفي لئه به جام عرضيون ڏنيون، پر ٽَڪو به نه مليو“ اهڙو دُکدائڪ حال ٻُڌي، مون کي ڏاڍو ڏُک ٿيو. اُنهن سرڪاري ڪامورن ۽ وزيرن تي ڏاڍي چڙ لڳي، جيڪي ٽَڪي جي سفارشي ماڻھن کي لکن جا چيڪ ڏيئي ڇڏين ٿا، پر ھھڙن لَکي فنڪارن کي ٽَڪو به نه ٿا ڏين. ڇا ڪجي؟ اُلٽي گنگا ڏسي، اُلٽي ٿي اچي..

هيميڏان چارڻ

هُو جيڪو ڏيوي پُتر آھي. ڏيوي پُتر چارڻن کي چوندا آھن. چارڻ جيڪي صدين جا شاعر هوندا آھن. چارڻن جي دعا پِٽ به هلندي آھي. چارڻ جنهن کي دل سان دعا ڪندا آھن ته، ان جا ٻُڏل ٻيڙا پيڙائن مان پار اُڪري ويندا آھن ۽ جنهن کي پِٽ يا پاراتو ڏيندا آھن ته، ان جي ڪُل کي ست پيڙھين تائين سراپي ڇڏيندا آھن. چون ٿا ته چارڻن جي مُک ۾ مها شڪتيءَ جو واسو آھي، ان ڪري چارڻ ڪنهن سان ملڻ وقت منوار وارو پرڻام به ”جئه ماتاجي“ چئي ڪندا آھن.
مٺڙئي چارڻ جو هي مها ڪوي هيميڏان هن وقت سندس ناناڻڪي ڳوٺ پاٻوهر سوڍا ۾ رهي ٿو. 1955ع ۾ جنم وٺندڙ هيميڏان جي هردي جي هري دُئار ۾ سرسوتي ماتا سدائين اکنڊ جوت جڳائي ويٺي آھي. هُن جي اکين جي جهيڻي ۽ جهڪي ٿيل نور ۾ ڏات جا ڏيئا اڄ به ڪنهن راجائي محل جي جهومر وانگي جرڪن ٿا. هُن جي چَتر ٻوليءَ ۾ هزارين ٻاٻيهن جي مٺاس اوتيل آھي. هُو جڏھن ڳالهائي ٿو تڏھن ائين لڳي ٿو ڄڻ ته آبشارن مان لهندڙ پاڻيءَ ۾ ڪنهن مصريءَ جا مڻ اوتي ڇڏيا هُجن. هُو جڏھن به ڪا درد ڪٿا ڪبيشري لهجي ۾ ٻُڌائيندو آھي ته هر ٻُڌندڙ جي اک آلي ٿي پوندي آھي. پوءِ اُھا ڪٿا ستي سورٺ جو ڏياچ لئه ڏاگهه تي چڙھڻ هُجي يا واگهجي راٺوڙ سان چارڻ ڪوي جي وفا جو ورڻن هُجي. مومل جو راڻي کي سچ سمجهائڻ لئه مچ ۾ پوڻ هُجي يا مارئيءَ جي جنم بابت حقيقي حوالا هُجن. هُو هر ڪٿا ۾ سراپا درد بڻجي بيان ڪندو آھي.
پنج درجا پرائمري پڙھڻ کان پوءِ غُربت سبب اڳتي پڙھي نه سگهندڙ هيميڏان چارڻ سان منهنجي ملاقات ويجهي ماضيءَ ۾ ٿي آھي. هڪڙي ڏينهن مٺي ۾ رائسنگهه واري جڳهه تي ويٺا هئاسين، رائسنگهه چيو اڄ هلون ٿا پاٻوهر هيميڏان چارڻ سان ڪچهري ڪنداسين. مون چيو جيڪو سنگت جو فيصلو، سو رائسنگهه جو حُڪم اکين تي رکي وياسين پاٻوهر، رات جو هيميڏان چارڻ به آيو. ويچارو ساھُ ۾ ڀرجي مس اوطاق تائين پهتو هو. هاڻ ”ٻُڍا ٿيا ٻل هٽيا“ واري وهيءَ ۾ آھي، پر ٻوليءَ ۾ ٻاجهه اڃا تائين اهو ئي جوانيءَ وارو آھي. کلي ملڻ وارو تمام پيارو ماڻھو آھي. جڳن جي جهوني ۽ صدين جي ساڃاھوند هن ٻارٽ جي ٻار حياتيءَ ۾ ڪيئي ڏُک ڏٺا آھن. ڪڏھن به ڏُکن کان ڏَريو نه، پر سندس لائق موڀي پُٽ جي اچانڪ اولاڪي هن ميرو پربت جھڙي اٽل آدمي کي صفا چُور چُور ڪري ڇڏيو. هڪڙو غُربت جا گهاوَ ٻيو جوان ۽ هونهار پُٽ جو موت ويچاري جا وڻ ئي وڄي ويا. هاڻي بس ساھ کڻي جيئي ٿو. نه اڳوڻو ڪويتا جو شوق آھي ۽ نه ئي ڪچهرين جو ڪوڏ رهيو آھي. پر اسان جي اصرار تي اسان جي دل رکندي هُن واگهجي راٺوڙ جا دُوها ٻُڌايا، جن کي ٻُڌي اسين دنگ رهجي وياسين. ڇا ته راٺوڙ واگهجي هو ۽ ڇا ته چارڻ ڪويءَ جي وفا هُئي؟ سڀ ڪمال. ڪمال ته هيميڏان جي چَوَڪ ۽ مٺي ٻوليءَ جو هو جو منهنجي اکين جو امبر آگمجي چُڪو هو. واگهجي سان چارڻ جي وفا واقعي غير معمولي هُئي. اهڙي دوستي شايد ئي نڀائي سگهي. اڄ ڪلهه جا ماڻھو چون ٿا ته چارڻن راجپوتن وٽان دان پُڃ وٺي انهن کي وڌائي پيش ڪيو آھي، پر ائين نه هو. واگهجي راٺوڙ سان محبت ڪندڙ چارڻ چئن پهرن ۾ چار لک وڃائي ڇڏيا، پر واگهي کي نه وساريو.
هيميڏان چارڻ جي شاعريءَ جو تعداد تمام گهٽ آھي. هن تمام ٿوري شاعري ڪئي آھي، پر جيڪا ڪئي اٿس اُھا گهڻن وڏن شاعرن جي گهڻي شاعريءَ تي ڀاري آھي. هُن جي ڪويتا جو پس منظر وطن جي سڪ، وطن سان وفاداريءَ جي واکاڻ ۽ وطن جي سپوت ڪردارن جي ساراھ آھي. وطن سان مُحبت جي مڪمل تشريح هُن جي هڪڙي دوهي ۾ اهڙي ته زبردست انداز سان ڪيل آھي جو هن جي شاعري تمام گهڻي شاندار، جاندار ۽ وزندار ٿي وڃي ٿي. هن جو اهو هڪڙو دوهو گهڻن جي ديوانن تي ائين ڀاري آھي، جيئن ورهاڱي جي پس منظر ۾ لکيل گهڻن نالي چڙھين ناولن تي سعادت حُسن منٽو جي هڪڙي ڪهاڻي ” ٽوبا ٽيڪ سنگهه“ ڀاري آھي. اچو ته ان دوهي مان حظ حاصل ڪندا هلون.

سِر گهڙو هاٿ ڍينگهڙي، هئه هئه ڪرتو آءِ
او نر ڌر نه ڇڏين آپري، نه تو ڪُڙ ڪپوتران ڪهاءِ

هيميڏان چوي ٿو ته، وطن ۾ ڪهڙا به ڏُک هجن، مٿي تي پاڻيءَ جا مٽڪا کڻي، ڪاڙهن ۾ مال ڪاهيندي، رڙيون ڪندي به جيڪي ماڻھو وطن سان وفا ڪندا آھن، اهي ئي جڳن جي جيت هوندا آھن. اهڙا ماڻھو وطن ناهن ڇڏيندا جي ڇڏي وڃن ٿا ته انهن جو ڪُل (خاندان) ڪپوٽ (نالائق) سڏائي ٿو. اهي پنهنجي پيڙهين جي پَت رکن ٿا.
ٿر جي چند سگهڙن ۾ سُچيت ۽ سريشٺ هيميڏان جي هڙ ۾ هن وقت ڪويتا کانسوءِ ٻيو ڪجهه آھي ته، بس يادون ئي آھن، جن جي سهاري هي جيئڻ جي جستجو ۾ لڳل آھي.

هيما هينئون مَ هار، تئين ڀيڙا شينهن سردار
ڪيهر ناناڻا ڪارواڻي، مهاسينگهه مڻيادار

هُو پنهنجي ڪويتا جي ڪٺمال ۾ جتي ناناڻڪي ڳوٺ جو ننگ پويو اچي اُتي، اباڻي ڳوٺ جي سُونهن ۽ سڀيتا کي به ساڻ کڻيو اچي.

نهڙيا سميجا راهمان چارڻ ڀائي چار
سروي ڪي سريکي مٺڙئي لالي مختيار

مٺڙئي ميگهواڙ ڪاڳيو موٽو ڌاناڻي
تڙھا کڻائي خاصا ڍاٽ نان پايو پاڻي

هُن پنهنجي ٿورڙي شاعريءَ ۾ ونگي جي واڳ ڌڻي کي تمام گهڻو ساراهيو آھي. هُن ترائي جي تاج ڌڻي ارباب امير حَسن کي اٺھٺ رنگ (سلام) ڏنا آھن.

اٺسٺ رنگ امير حَسن را، ميرل ڪُل موڙ
سدا سوڀاڙو ونگو وسي، جو اريان سالي اروڙ

هال هينئان هڙ سمهان، هال اوطاق ارباب تڻي
ڪيڪاڻ ڏي ڪوڏ مان، ونڪو ونگي ڌڻي

هن جتي ونگي جي واکاڻ ۾ ڪويتا جا هار جوڙيا آھن اُتي ڀُڪڙئي جي ڀوپتن کي به هينئن جو هار ڪري پاتا آھن.

گڊ ونگو واس ڪهيجي، ڀُڪڙيو ڀُوپت گام
سدا سخي حَسن، جيرو نو ڪوٽي چاوو نام

ڊاڪٽر حاجي شفيع ميمڻ

هُو جيڪو هاڻي عمر جي اُن ڏاڪي تي پهتو آهي، جتي پُهچي ماڻهو ٻار ٿي پوندو آهي. ٻارن وانگي آڙا ڪندو آهي ۽ لڙ کڙائيندي هلندو آهي، جتي وار ٻگلي جي پرن جهڙا اڇا ٿي ويندا آهن، ماڻهو ان وهيءَ ۾ ڪَل تان ٿڙي ۽ بي مقصد چڙي ويندو آهي ۽ گاريون گُڻ سمجهي ڏيندو آهي. ”اسي مت کسي “ واري ان ورچندڙ وهيءَ ۾ هوندي به هُو چست، چالاڪ ۽ اڻورچ نظر اچي ٿو. هُو نه ٻار ٿيو آهي ۽ نه ئي ٻڍاپي جو ڪو روپ لڳي ٿو. هُو ته فقط ماڻهو لڳي ٿو. اهڙو ماڻهو، جنهن کي ڏسي اکيون ٺريو وڃن، جنهن سان ڪچهري ڪندي ماڻهوءَ جا ٿڪ لهيو وڃن. هُو ماڻهپي سان ڀريل اهڙو مهان انسان آهي جنهن جا گڻ ڌرتيءَ جا وڻ به ڳائيندا وتن. هُو مذهبي متڀيد کان مٿاهون ماڻهو آهي. هن لاءِ صوفي ازم واري سنڌ ئي سڀ ڪجهه آهي. هُو جيڪو پنج وقت نيڪ نمازي آھي. هُو مسجد مان نڪري پڇمائي جي مندر جي پوڄارڻ رامان ٻائي کي نمي نمسڪار ڪندو هو. هُو جيڪو رامان ٻائي جي رحلت تي جهونا ڳڙھ وانگي جُهري پيو هو. ڏيپلي جي ڏيهه ڌڻي، ڊاڪٽر حاميد علي ميمڻ جي گهر ۾31 آڪٽوبر 1941ع تي ڏيپلي شهر ۾ جنم وٺندڙ حاجي شفيع محمد ميمڻ شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي شهر مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ به ڏيپلي ۾ ئي گورنمينٽ جابر بن حيان هاءِ اسڪول مان1959ع ۾ پاس ڪئي. سن 1967ع تي سنڌ جي تعليمي ۽ تدريسي مرڪز، ڄامشوري جي مشهور ميڊيڪل ڪاليج، لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان M.BB.S جو امتحان پاس ڪري پوسٽ گريجوئيٽ ٿيو. هُو جيڪو اڄ به هر روز نما شام ويلي سوين ماڻهن جي هٿن جون ريکائون نهاري انهن جا مفت ۾ علاج ڪري ٿو، پر هن جي هٿن ۾ مالڪ ڪا اهڙي ريک نه رکي آهي، جيڪا کيس مٽيءَ جي سير ملڻ جو ڪو اهڃاڻ ڪو آسرو هجي ها. آس نراس واري ٽياس تي ٽنگيل هن جا هيڻا هڏ اڃا تائين ڪمزور ناهن ٿيا ۽ نه ئي وري هُو ڪنهن مايوسيءَ ۾ مبتلا آهي. اولاد جي اڻهوند جي باوجود هو هر ويل مرڪندو ۽ ٽهڪندو پيو آهي.
هو پنهنجي پيءَ جي نالي ٺهيل حاميد پارڪ ۾ ويهي اڄ به ڌڻي در اها ئي دعا گهري ٿو ته ”اي ڏيھن جا ڏاتار! اسان جي ڏيپلي کي جڳا جڳ جئيرو رکجان“ هُو پنهنجي نصيب تي نُوحا ڳائڻ بدران ڏيپلي جي جهوني بازار ”پولن“ ۾ موجود پنهجي پڪي گهر جي اڳيان اڌ جهريل ڪوٺڙي ۾ ڪلينڪ لڳائي هر روز 2 بجي کان وٺي رات جو 11 وڳي تائين مسلسل مريضن جو مُفت ۾ معائنو ڪندو آهي. هن عمر ۾ ڀلا ڪير ائين ڪري سگهي ٿو. اُهو به بنان ڪنهن لالچ جي، فقط انساني خدمت ڪرڻ جي جذبي تحت اهو فقط ڏيپلي جو ڏاتار پُٽ حاجي شفيع محمد حامداڻي ميمڻ ئي ڪري سگهي ٿو.
سياري جي سرد رُت ۾ 13فيبروري 1969ع تي صحت کاتي ۾ ڊاڪٽري واري نوڪري ملي ۽، شروعاتي ايام ۾ مختلف ضلعن م ڪم ڪرڻ کانپوءِ سن1971ع ۾ پنهنجي اباڻي شهر ڏيپلو ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. تمام محنتي فزيشن، سرجن ۽ ماهر امراض طور ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اسپتال ۾ ڪم ڪيو، ۽ پوءِ تعلقه هيڊڪوارٽر اسپتال THQ ڏيپلو ۾ ميڊيڪل سُپريڊنٽ (MS) طور ڪم ڪيو. هن جي هوشياري، ايمانداريءَ ۽ بيماريءَ کي سُڃاڻڻ واري انوکي ڏانءُ ۽ ڏات هن کي مڙني کان منفرد ڪري بيهاريو. انتهائي باريڪ بينيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان مريضن جي تپاس ڪرڻ کان وٺي علاج لئه بهترين ميڊسن ڏيڻ ۽ بهترين انتظاميه واري سُڃاڻپ کيس جلد ئي پوري خطي سميت سموري سنڌُ ۾ مقبول ۽ مشهور ڪري ڇڏيو. مقامي ماڻھن کانسواءِ پري پري کان ايندڙ مختلف بيمارين ۾ مُبتلا ماڻھن جا هن مفت ۾ علاج ڪري ٿر جو ڳاٽ فخر مان اوچو ڪيو آھي. اڄُ به سندس ننڍڙي ڪلنڪ تي مريضن جا هُجوم هوندا آھن. سرڪاري اسپتالن ۾ بهترين علاج نه هئڻ ڪري، اهي مسڪين ماڻھو جن جا نِجي اسپتالن جي ڳرين فيسن ۽ مهانگين دوائن ڪم لاهي ڇڏيا هئا. انهن کي هن مرد مجاهد جي پاڻ ارپڻ واري ڀاونا ۾ جيئندان ملي ويو. مسڪينن جي مدد، نيڪ صلاح ڏيڻ، ۽ هڙان توڙي وڙان خرچ ڪري ماڻھن جا اهنج گهٽائڻ واري هن انوکي معالج پنهنجي ايامڪاري دؤران هزارين آپريشن به ڪيا آهن. پنهنجي پيشي سان محبت ۽ پنهنجي مرحوم پيءُجي وصيت، کيس پنهنجي ڏيهه سان اڄُ تائين جوڙي رکيو آھي. زندگيءَ جي لاتعداد ڏُکن ۽ ڀوڳنائن جتي سندس صحت ۽ ڪم تي اثر وڌو آھي، ان هوندي ڀي هُو پنهنجي پيشي سان سؤ فيصد سچو آهي. ان جو ثبوت اهو آھي، جو اڄ بہ سوين مريض سندس ڪلينڪ تي انتظار ۾ اُڀين پيرين بيٺا هوندا آهن. مفت ۾ علاج سان گڏ مريضن کي پئسي ڏوڪڙ ڏيڻ ۽ دوائون به پنهنجي کيسي مان ڏيندڙ هن پراُپڪاري پُرش جا هن علائقي جي هر ماڻھوءَ تي ٿر جيڏا ٿورا ۽ انيڪ احسان آهن. کيس ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن، پر سڀ کان وڏو ايوارڊ عام ماڻھن جون محبتون ۽ دعائون آهن. رٽائرمينٽ بعد تڏھوڪي وزير اعليٰ سنڌُ ارباب غلام رحيم کيس ايڪسٽينشن جي به آڇ ڪئي هُئي. مگر هن پنهنجي صحت جي مسئلي جي معذوري ڏيکاريندي اها آڇ قبول نه ڪئي. لاڙ ۽ ٿر ۾ هڪ ئي وقت مشهور ۽ مقبول هي شخص ڪيترن ئي سماجي ادارن ۾ بنا ڪنهن معاوضي جي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. کوهه، نلڪا، سمر پمپ، مدرسا، مسجدون ۽ ٻين فلاحي ڪمن م هر وقت هڪيو تڪيو حاضر رهندڙ هي الله لوڪ ماڻھو هن خطي جي خوبصورتيءَ ۾ مُنڊي تي ٽِڪ وانگي جرڪي رهيو آھي. هُو چاهي ها ته ٻين ميمڻن وانگر ، ڏيپلي کي جدائي جو ڏنڀ ڏيئي هميشه جي لاءِ حيدرآباد هليو وڃي ها، ۽ وڃي هوائن جي هندوري ۾ لڏندي زندگيءَ جا پڇاڙڪا ڏينهن سڪون سان گذاري ها، پر هن ائين نه ڪيو ڇاڪاڻ ته هن کي سڪون کان ساڻيهه وڌيڪ عزيز هو. هُن پنهنجي حياتيءَ جا هڙئي سک پراين ڏکن ۾ تحليل ڪري ڇڏيا. هُو مسيحائي جو هڪ جيئرو جاڳندو مثال آهي،
هن جو جنم ڏيپلي ۾ ٿيو آهي، هُو مرڻ به ڏيپلي ۾ چاهي ٿو. هُو مٽيءَ سان مٽي ٿي ملڻ جو هنر خوبُ ڄاڻي ٿو. هن حقيقي جيئڻ جو فلسفو اُنهن ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۾ ڳولي ورتو آهي، جن ۾ ڪال پول جي گوري وٺڻ جيتري به سگهه نه آھي. هن انهن ڏٻرن روڳين جي چهرن ۾ پرماتما پاتو آھي، جن جي ڏرا ڏيئي ويل اکين مان وهندڙ پاڻيءَ ۽ پچن کي ڏسي پٿر جا ماڻهو رحم بدران ڪراهت ڪندا آهن. هي انهن بيمارن جو ڀرجهلو ٿيو آھي، جن جو پرائيويٽ ته پري جي ڳالھه پر سرڪاري اسپتالن ۾ به علاج نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ غربت کانسواءِ ڪجهه به ناهي هوندو، جن جي سفارش ڪرڻ وارو به خدا هن جھان ۾ اڃا خلقيو ئي ناهي. بي سهارن ۽ مُفلس ماروئڙن جي خدمت ڪندي هُو اڄ به ائين خوش ٿئي ٿو جئين ڪو مخير مرد ڪنهن ڏيجوان ڏوٿيئڙي جي کيسي ۾ سخا جا سِڪا وجهي سرهو ٿيندو آهي
. ***

نثار بلوچ

اسلام ڪوٽ جي ڏکڻ اولهه واري ڪُنڊ ۾ واقع ڳوٺ کاکڻهار رحم علي جو هي خوبصورت ڇوڪرو ذات جو وسائيپوٽو ٻروچ آھي. ٿر جي اُن تاريخي ۽ سُگهڙ شاعر حاصل فقير جو ڳوٺائي آھي، جنهن ڪنڊيءَ تي بيت لکي مٽيءَ جو حقُ ادا ڪيو هو. هي به پنهنجي ڀومي جو حق ادا ڪرڻ خاطر وس کان وڌيڪ لکي ٿو ۽ اُهو به خوبصورت لکي ٿو. 27 جنوري 1988ع تي جنم وٺندڙ، مٽيءَ جو هي محبوب شاعر تعليم جي حوالي سان پوسٽ گريجوئيٽ آھي. هن وقت هڪڙي اين جي اوز ۾ برسر روزگار آھي. تمام پيارو ماڻھو آھي.
هُو جيڪو پرھ جو پياڪُ آھي، اهڙو پياڪُ جڪو ڍُڪ ڍُڪ ڀري شراب کي ڍُڪ ڏيڻ بدران هڪڙي ئي ڌَڪ سان گلاس کي ڳيت ڏيئي مئه کي مهڪائيندو آھي، پاڻي وانگي پيئندو آھي، پيئندو ڪٿي آھي، هُو ته ڏوڪيندو آھي. ڏوڪڻ کان پوءِ مليريا ۾ مُبتلا ڪنهن مريض وانگي وڦلڻ بدران سُر ۽ تال ۾ ڳالهيون ڪندي سموري محفل کي مچائي ڇڏيندو آھي. وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي تاڙي ملائڻ واري انوکي عادت به هن جي شُڀ گُڻن ۾ شُمار ٿئي ٿي. هُو جڏھن اسلام ڪوٽ واري نند لعل ميگهواڙ ۽ ميرپورخاص واري اوطاق ڌڻي صفدر پنهنور وٽ مئه نوشي ڪندو آھي تڏھن شراب به نشي ۾ ٻُڏي ويندو آھي. ميان گُل محمد ڪلهوڙي جون ٻوليءَ جي سُڌاري لئه نيڪ صلاحون ۽ غُلام رسُول مڱرئي جا ٽهڪ به ڪڏھن ڪڏھن هن محفل جي رونق هوندا آھن. سُرورن ۾ سرشار اُن مڌڀري محفل ۾ نه رڳو منٽُو جي افسانن جون ڳالهيون ڇڙنديون آھن، پر بيديءَ کان وٺي ٽئگور تائين سڀني عالمي اديبن تي ڳالهايو ويندو آھي. ڳالهايو ته، سنڌُ جي سُورن ۽ پرينءَ جي پُورن تي به ويندو آھي. ماڌُوري جي موهي ماريندڙ حُسن کان وٺي دپيڪا پڙاڪون جي ڊانس تائين بالي ووڊ جي سُندرين جي جسماني خدو خال تي حال احوال ڪيا ويندا آھن. شاعريءَ جي فني ۽ فڪري لوازمات جي باري ۾ به بحث ٿيندا آھن.
صحرا جو هي پياسو مور مئه تلاءَ مان سيراب ٿيڻ کان پوءِ شاعريءَ جي سُندر ديويءَ سان هم ڪلام ٿيندو آهي. ڪلا جي ڪلاونتي سورنهن سينگار ڪري هن اڳيان ٻانهون ٻڌي بيهي رهندي آھي، ۽ هُو شاعريءَ کي سجدو ڪري من مندر ۾ آرتي شاعريءَ کي ديوي جو درجو ڏيندو آھي، ۽ هن جي هردي ۾ براجمان ٿيڻ کانپوءِ ڪويتا راڻيءَ هن کي مهاڙيئي جي گگر جهڙا وڄندڙ نظم ڀيٽا سوروپ ڏيندي آھي. ”شهر رنڊيءَ جو بدن“، ”شهر ۾ پاڻ وڃائڻ وارا“، ”دپيڪا تون نچين ٿي“ ۽ ”يار سان به ملڻو آھي“ جهڙا عالمي ميار جا نظم هن جي شاندار ۽ جاندار شاعراڻي حيثيت جو ثبوت آھن. نثار جو نظم کان نثر وارو پاسو گهڻو وزندار آھي. هن جي نثر ۾ عالمي معيار جي جَهلڪ پسي سگهجي ٿي. نئين پرڻيل ناريءَ جي ماڻي ۽ ڪاڪ جي لاڻي جهڙو هن جو لاجواب نثر اجائي لفاظيءَ جي لُڙ بکيڙي کان پاڪ آھي. هُو تمام گهٽ لکي ٿو، پر جڏھن به لکي ٿو تڏھن ڳائي وڄائي لکي ٿو. چوڻ جو مطلب ته هُو مڃيل نثر نگار آھي. جڏھن به هن جي دادلي دل چاهيو آھي، تڏھن ڪنهن وينگس جي ڳاڙھين اکين جهڙو نشيلو نثر هن تي نشي وانگي حاوي ٿيو آھي، ۽ پوءِ هي آفريڪا جي ڳاڙھن انگورن جهڙو نثر لکي گهڻن تي اثر انداز ٿيو آھي. خطن جو ته هُئين شهنشاھ ڪاريگر آھي، پر ڪهاڻيون به ڪمال جون لکي ٿو. هن جي هڪڙي ڪهاڻي ريڊيو پاڪستان مٺيءَ تان نشر ڪندي آئون پاڻ آن ايئر روئي ويٺو هئس. اُن ڪهاڻيءَ ۾ نائڪ کي بليڊ ڪينسر هوندي آھي. هن جا خط پڙھي مون اڪثر اها راءِ قائم ڪئي آھي ته، هي رابندر ناٿ ٽئگور جو ڪو اوتار آھي. وئيشيا ڏي لکيل خط پڙھندي مون کي گيتا انجلي وارو نثر ياد اچي ويو. بُک بابت لکيل هن جو خط بُک جي آخري تشريح آھي. مُحبت جي محور ۾ لکيل خط پڙھي ماڻھو مُحبت جي مٺڙي احساس سان لبريز ٿيو وڃي. هن جا خط پڙھي ٿر جا گهڻا تڻا شاعر نثر نگار ته ٿي ويا، پر نثار ٿي نه سگهيا. نثار ٿيڻ لئه انهن کي واقعي نثر تان نثار ٿيڻو پوندو. پاڻ ولوڙي تخيل کي تخليق جو ويس پارائڻ ڏاڍو ڪَٺن ڪم آھي. اهو ڪم ڪو دردن جو پاٿاريدار ئي ڪري سگهي ٿو. باقي هلڪي ڦُلڪي درد جي چور جي ڳالهه جي دال ئي ڪانه ڳرندي.
جيئن ته هن جو تعلق هڪ سياسي خاندان سان آهي، ان ڪري چوويھ ڪلاڪ پنهنجي در تي غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي حاضري ڏيندي، ڪم ڪار لاءِ واجهائيندي ۽ سڄو ڏينهن جي حُضوري ڪندي ڏسي هن جي ميڻ جهڙي دل درد ۾، پَڪل پيرون وانگي ڦسي پيئي ۽ هن کي سماجي ڍانچي کان سخت نفرت ٿيڻ لڳي. هن نه ٿي چاهيو ته، ڪو مسڪين ماڻھو پنهنجي جائز ڪم لاءِ به ائين سڄو ڏينهن هٿ ٻَڌي جي حُضوري ڪندو رهي. ان ڪري هن جي سيني ۾ سُتل شاعراڻو احساس آرس موڙي اُٿي پيو، ۽ هن سماج جي سُور تي لکڻ شروع ڪيو. لکڻ سان پڙھڻ به هن جو ننڍي لاڪون وڏو شوق هو. اهو شوق سندس ڀاءُ جي ورتل ڪتابن مان پورو ڪندو هو. هن جي وڏي ۾ وڏي خوشنصيبي اها ھُئي جو هن جي والده ماجده ڀٽائيءَ جي پارکو هُئي. سُگهڙ سياڻي هُئي. سندس ماءُ جي واتان ڀٽائيءَ جا بيت ترنم ۾ ٻُڌي هن کي دُنيا جي سموري موسيقي وسري ويئي. هن کي وڻيو ته صرف ماءُ جو مقدس راڳ ۽ پکين جون پرھ ويلي ٻوليون. انهن مان ئي متاثر ٿي هن اهڙو نثر لکيو جو اڄ ان کان الئه ڪيترا متاثر آھن.

شنڪر ساگر

هُو اُن محبوب شهر جو ڪاريگر ڪوي آهي، جنهن جو نالي وارو لفظ اُچارڻ سان ماڻهوءَ جي مُنهن ۾ مصري تڙن جهڙي مٺاس اچيو وڃي، جنهن شهر جي سوڙهين گهٽين ۾ ڏينهن ڌونئري جو ڏيئا ٻرن ٿا، ۽ ڪاري رات جو سج جهڙي سونهن گلابي گهونگهٽن جي گهٽائن مان ليئا پائي، اويلن مسافرن کي ماري وجهي ٿي.! جنهن شهر جي جديد مندرن جو عاليشان اڏاوتون ڏسي هنر مند پورهيت هٿن کي چمڻ لئه دل اڙل وڇيري جيان آڙا ڪري ٿي. لٿي سج سُوم رس جي سُڳند ۾ ٻڏل ان موکيءَ جي مٽ جهڙي متوالي شهر جو نالو آهي، ”مٺي“. مٺي جنهن جي سُڃاڻپ رڳو اوچي ڳاٽ سان بيٺل گڍي ڀٽ ناهي، پر هرداس ڀڳت جو اُهو هريالو ڏيرو به آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي ويٺل مور ٽهوڪا ڪري صوفي ازم جو سڏ ڏيئي رهيا آهن. مٺي جي سُڃاڻپ رڳو ملاڻي هائوس ناهي، پر ريتن جي رکوالي جي اها ڪوٽڙي به آهي. جنهن ۾ نت روز ”ڪاري ڪڻڪي واري“ جي منوار من سان ڪئي وڃي ٿي. مٺي جي سُڃاڻپ رڳو سائينداد ساند جي شاعري ناهي، پر ان محبوب ڪوي جي اها وائي به آهي، جنهن کي پڙهڻ سان ماڻهو پٻن تي هلندڙ پريتم واري الهڙ وهي کي ساري پنهنجي ٻالاپڻ جي ٻوڪ ۾ لڙهي ٻهه ٻهه ٻرڻ لڳندو آهي.
لِڪ لڪوٽيءَ ۾ ،
تنهنجي چوٽيءَ ۾،
منهنجو هٿ لڳي ويو.
تو نڪرڻ جي پئي ڪئي.
وک وڇوٽيءَ ۾
منهنجو هٿ لڳي ويو،
تو گهڻو ئي شرمايو ،
اڏندي پوتيءَ ۾
منهنجو هٿ لڳي ويو...!!
ڏڪاريل ڏيهه جي ان چئورنگ ۽ چلولي شاعر جو اسم گرامي آهي. ”شنڪر ساگر“ . وسيع سمندر جهڙو سريلو نانءَ سندس شاعراڻي سڀاءُ تي ائين ٺهي ٿو جئين منڊي تي ٽڪ ۽ ٽڪي ۾ لاک رتي لِک هو. هُو جنهن جي نرڙ تي نشان نيري امبر تي زرافشان چنڊ جيان سهڻو لڳي ٿو! هن جي شاعري حرفي تجنيس جي حُسن ۾ ٽمٽار آهي.
تنهنجي مستي مور مِثل،
منهنجو منڙو ڊيل ڊنل.
هُو جيڪو پنهنجي وشال سيني ۾ سمايل ڊيل جهڙي ڊنل دل کڻي پنهنجي، ميهوڳي ۾ مست مور جهڙي مخمور محبوبا جي ڳولا ائين ڪري ٿو، جئين ڪو ٻانڌيلو ٻار پنهنجي واريءَ ۾ وڃائجي ويل بلور جي ڳولا ڪندو آهي،
تنهنجي گهر جي سامهون ساگر،
ڳولي پيو ڪجهه ٻارن وانگر.

ريتن رسمن، سماجي پابندين، الزامن، ۽ پهرن جي پنجوڙ ۾ ڦٿڪندي ۽ ڦاسندي به محبوب سان ملڻ جي تمنا کي ترڪ قطعي نه ٿو ڪري. هُو اندر ۾ آس سانڍي رکي ٿو ته؛

ڪڏهن ڇانوءُ تنهنجي وارن جي ملندي،
اها آس دل ۾ اڏيندا رهياسين.
پنڇڻ نيٺ ته پوري ٿيندي،
آس انهيءَ ۾ جئيندو آهيان،

جل ٿل بادل جهڙي بانوري محبوبا جي، وڄوٽي جي وڻڪاري جهڙن ڇتن جي ڇانوءُ ۾، حياتي جي هرڻيءَ کي سڪون جي ساهي پٽڻ لاءِ، آس کي نراس نه ڪندڙ شنڪر ساگر دلفريب دلبر جي دلاسن ۽ دوکن تي ڏک ڪرڻ بجاءِ جيئڻ جا جتن ڪري ٿو، ۽ سمورو غم گلاس ۾ اوتي پئيڻ ۾ ئي جيئڻ جا جواز گولي ٿو.
دلاسن جي دوکن تي جيئندا رهياسين،
مدهوش ٿي پيئندا رهياسين
1964 ۾ مٺيءَ جي مشهور لوهاڻا ڪميونٽي ۾ اک کليندڙ اسان جو هي پرھ جو پياڪ دوست جڏهن ڪڙي ۽ قاتل جا ڪوزا ڀري محبوب جي فراقن ۾ امرت سمجهي اوتي ٿو، تڏهن هن جي من جو ”موهن“ ڪويتا جي بندرا بن ۾، مرلي منوهر جي بانسري وانگي، ڏات جي سارنگي ڇيڙي، خيالن جي خوبصورت گوپين کي، ڪاغذ جي ڪينواس تي نرت ڪرائي ٿو. شاعريءَ جون ڪيئي سُندريون (صنفون) لفظن جا لال روهيڙا گنگهرو پائي هن جي تصورن ۾ تجلا ڏين ٿيون ۽ هو ٻانهون هار ڪري انهن جي آجيان ڪري ٿو، ۽ لکي ٿو پنهنجي دلبند سرتيءَ جي ساروڻين کي ڀلائڻ لئه ڪويتا جا ڪنورا غزل، انهن غزلن جي ڇالن ۾ ڀري تري ساغر جيان ڇلڪي ٿو، هن جو پڪل پيروئن جهڙو مٺڙو پيار، جنهن جي ڇانو ۾ نرت ڪن ٿيون، نرالي نينهن جون اهي ڀنڀن اکين جي ڀير جهڙيو يادون، جن کي ڀلائڻ خاطر هي آلي ڪاٺي جيان دکي ٿو، ۽ ڀري ڀري پيئي ٿو.
ڪي يادون ڀلائڻ خاطر،
مڌ پيالا پئيندو آهيان.
آلي ڪاٺيءَ وانگر آئون،
رات سڄي پيو دکندو آهيان،

ٻارن کي پڙهائڻ واري اهم پيشي سان وابسته هن قربدار ڪوي وٽ نهٺائيءَ ۽ نوڙت ڏات سان گڏ ڏاتار وٽان مليل آهي، اهي گڻ هن کي هڪ سٺو شاعر سان گڏ سٺو انسان به بڻائين ٿا، اهو ئي سبب آهي، جو هن جي دوستن جو دائرو تمام وسيع آهي، هو جنهن سان به ملندو آهي، وڏي پيار ۽ پاٻوھ مان مرڪي ملندو آهي. ان مرڪ ۾ مصنوعيت نه پر نج نبار کير جهڙي خوشبو سمايل آهي!
ڪانگن کي قاصد ڪرڻ، پنهنجي اندر جا آروگ ڪنهن سان اورڻ ۽ سينڌن کي سجائڻ ته سولو آهي ، پر تارن ترسائڻ ۽ سڏڪن کي سرچائڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي، سڏڪن کي سرچائڻ جو آرٽ فقط شاعر وٽ ئي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي ٽٽل دل کي ڏڍ ڏيڻ لئه ڪويتا ديوي پنهنجن ڀاڪرن ۾ ڀريندي آهي، تڏهن ته شنڪر به پنهنجي سرتيءَ کي سمجهائي ٿو ته؛
توکي مان جي ياد پوان پوءِ،
سُڏڪن کي سرچائي ڇڏجان
ڀولي ناٿ جي بودلي دل جهڙو ڀورڙو شاعر شنڪر ساگر منصوعيت ۽ مفافقيءَ کان پويتر ۽ پري آهي، هن سان ته وڏيون ٺڳيون ۽ مڳيون ته محبوبه به ڪندي رهي آهي، پر هو موٽ ۾ مرڪن جا گلاب شاعريءَ جي سڳيءَ ۾ پروئي ساجن کي سوکڙيون ڏيندو رهيو آهي.

پرين تنهنجي پايل پري کان وڳي آ،
لڳي ٿو ته مون سان پراڻي ٺڳي آ.
سنڌي ادب ۽ سوشالاجيءَ ۾ ماسٽر ڪندڙ شنڪر ساگر جي شاعري عام فهم ٻوليءَ ۾ سرجيل آهي، تمام سادڙا لفظ جن کي پڙهڻ سان ماڻهوءَ کي ٻوليءَ تي پيار اچيو وڃي. شاھ عبدالطيف ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ کي دل هندوري ۾ لوڏيندڙ، هن لاڏلي ڪويءَ جي سموري شاعري ٿر جي ٻهراڙي جي اڻ پڙهيل ڇوڪري جهڙي سادڙيءَ ۽ سهڻي آهي، جيڪا رتن رُخسارن تي مينڍن جا کيڙا ٺاهي، نڪ تي نيل پاليش جا ٽٻڪا ڪڍي، صراحي دار گچيءَ ۾ هنسلي پائي، ڇتن ۾ مَرُووي جي ڇٽڪار ڪري، پنهنجي ميري محبوب سان ملڻ لئه حرس مان هلي ٿي، جنهن کي ڏسي مور مٽڪو ڪن ٿا، ۽ ڊيلون ڊانس ڪن ٿيون. شنڪر جي شاعري ان ٻانهياريءَ جي ٻک جهڙي وڻندڙ آهي، جيڪا اڄ ڪلهه جي هن جديد دور ۾ موبائيل ميسيج تائين محدود ٿي ويل محبت ۾ صفا ڪچي آهي، پر ماءُ جي ممتا جهڙي پيار ۾ سئو سيڪڙو سچي آهي. جيڪا ٻيو ته ڄاڻي يا نه، پر محبوب جي گدلن ڳلن تي چمُيء لئه چپ رکي ٿي ۽ اچانڪ چڪ وجهي ڇڏي ٿي. بقول سعيد سومرو جي ته؛
هوءَ رکي ٿي چپ چمي جي واسطي ،
۽ اچانڪ چڪ پائي ٿي ڇڏي،

فلمن واري فريبي دنيا ۾ اميتاب بچن ۽ شاھ رخ خان کان وٺي شبانه اعظميٰ، ريکا ۽ سميتا پاٽيل جي سُونهن جو عاشق اسانجو هي البيلو شاعر محبوبا جي چنڊ چهري ۽ عرش رنگي آنچل جو به اسير آهي،

تنهنجو عرش رنگي آنچل مونکي ڏاڍو وڻي ويو آ
چنڊ ڪڪرن مان نڪتل مون کي ڏاڍو وڻي ويو آ

شنڪر ساگر شاعري جي مڙني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، ۽ هو گهڻي قدر ڪامياب به ويو آهي. هن جا غزل سونيلي جا گل آهن، ته وايون موتئي تُل آهن! هن جا ٽيڙو ٽُڪ جي رليءَ ۾ ٽانڪيل ٽنئور آهن، ته بيت ڪيتڪي گلن تي ڀوئنر آهن! هن جا گيت ڌرتيءَ جي سنگيت ۽ من گهرئي ميت جهڙا موهيندڙ آهن! سموري شاعري سنڌ جي سُرهاڻ آهي، پر نثري نظمن جو ته ملهه ئي ناهي. ڪمال جي ڪلا سان جوڙيل نثري نظمن ۾ ڌرتيءَ جا ڏک بيان ڪيل آهن، پريم ڪهاڻي جهڙي نرالي نوعيت واري موضوع کي نظم جي فارميٽ ۾ فٽ ڪندڙ شنڪر ، ڏيهه ۾ پوندڙ ڏڪارن تي ”ڏڪار جي پڪار“ جهڙو ڏنجهه ڀريو نثري نظم لکي، پنهنجي ڏيهه ۽ ڏات سان ذات کان مٿي پيار ڪيو آهي. هُو ڏيهه واسين جا ڏک چڱي ريت پروڙي ٿو، انهن جي ڏکن ۾ نه رڳو ڏسڪي ٿو، پر ڪمال جون ڪويتائون جوڙي ٿو، ڏياري جهڙي خوشين ڀري ڏڻ تي به ڏيهه ۾ دردن جي جهوري ۾ جهرندڙ جهانگيئڙن کي اداس ۽ وياڪل ڏسي هو دانهن ڪري چوي ٿو ته؛

ڏٺي ڏياري ڏکي ڏيئا ٻاريا،
ويهي پاسي ور جي ڳوڙها پي ڳاڙيا ،
ٻارن پئي ٻاريا پنا ڳولي پٽ تان.

ابول! شنڪر ادا دل ڏاري وڌي ٿئي، هن بيت ۾ سموري ڏڪار جو ڏک سمايل آهي. هڪ غريب ٿاريليءَ جي گهر ۾ خوشين جي تهوار تي ڪو طعام رڌڻ لئه ڪا به شيءَ ناهي، پر پوءِ به هو ڏکاريل دل کي ڏڍ ڏيڻ خاطر ڏيئو ٻاري ٿي، اُداس گهر ۾ پريشان وَر جي پاسي ۾ ويهي ڳوڙها ڳاڙي دل جو بار هلڪو ڪري ٿي، ۽ هن جا بکايل ٻارڙا پاڙي جي ٻين ٻارن کي ڦٽاڪا ڦوڙيندا ڏسي پٽ تان پنا ڳولي ڏيئي ۾ ٻارين ٿا. وڃ ڙي ڇا ته درد ناڪ منظر ڪشي آهي.
واڻيڪي ڪميونٽيءَ سان وابسته هوندي به هُو نه حساب ڪتاب ۾ ڪچو آهي، پر ڌن ۽ دولت ميڙڻ کان به دور آهي. هن جي حياتيءَ جي ڪُل پونجي محبت ۽ ميت آهي، جنهن تي ”گوري تنهنجا نيڻ نشيلا “ جهڙا نج نبار نينهن سان ٽمٽار گيت لکي ٿو ۽ چوي ٿو ته؛

نه ملڪيت ملي منهنجي گهر مان ئي ڪا،
رڳو خط ۽ تصويرون هن جون مليون.

سوچون سپنا ۽ ساروڻيون،
منهنجي ملڪيت ٽيئي ٽول.

ساگر کي سُرڪ ۾ سمائي، تن جي توئنس ۾ تڪ ڏيئي پيئڻ واري ڀٽائيءَ جي ڀيد کي، سچي دل سان سويڪار ڪندڙ شاعر شنڪر ساگر لئه دلي دعا آهي ته، شل سدائين سرهو هجي، ۽ پنهنجا پسنديده کاڌا مڇي ۽ منگن جي دال کائي پنهنجي حال تي مست ملنگ ٿي پئيندو ۽ جيئندو رهي. هن جي شاعري جو سج چؤڏس چمڪندو رهي، ۽ هن جي نينهن جو نيرو نڀ جڳا جڳا نيبهُ رهي.

جاني لنجو

ڏُکن ۽ ڏُڪارن کي نسل در نسل مقدر سمجهي ڀوڳيندڙ هن ڀاڳ ڀري ڀُومي جي هڪڙي ڀلوڙ سُڃاڻپ مهمان نوازيءَ واري به رهي آھي. اهڙي مهمان نوازي جنهن ۾ ويجهن عزيزن کان وٺي بنان ڄاڻ سُڃاڻ جي واٽ ويندڙ مسافر ۽ ناسيٽو تائين سڀنيءَ کي سريکا سمجهي، هڪ جيتري عزت ڏني ويندو آھي. جهڙي رٻ پاڻ پنهنجي ٻچن کي کارائيندا آھن اهڙي مهمان کي پڻ کارائيندا آھن. اهو هڪڙو ڌرتيءَ جو گُڻ آھي. صحراِ ٿر جي سڀاڳي سرزمين تي اهڙا ڪيئي ڪردار ٿي گُذريا آھن، جيڪي مهمان کي ڀڳوان جو درجو ڏيئي پنهنجا جيون سڦل ڪري ويا آھن. جن جا نانءُ اڄ به ڌرتيءَ جي دل ۾ ڌڙڪن ٿا. چيلهار جي جُوجهار سنگهه ساڏُور کان وٺي چارنور جي رامي ٻوچئي تائين ڪيئي نيڪ مرد نالا آھن جن ٿر جي مهمان نوازي جو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪيو هو. انهن سڀني کان مٿي هڪڙو اهڙو ڪردار هو جنهن کي ٿر جي مهمان نوازيءَ جي ماٿي جي رتن جڙَا رکڙيءَ وارو ٽڪو چئجي ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.
اهو هو ڀوڄاسر جو جاني لنجو...! ڀوڄاسر جيڪو هينئر تعلقي اسلام ڪوٽ جي يوسي سينگارو ۾ شامل آھي. چون ٿا ته، جاني لنجي جو جنم ڏانڪي ڏھر ۾ ٿيو هو. ڏانڪي ڏاهر نالي ڳوٺ ڀوڄاسر کان اُتر طرف ٿورڙي مفاصلي تي واقع هوندو هو، جتي هينئر ڪا به آبادي آھي. جاني لنجو اُتان الئه ڪهڙي سبب ڪري لڏي جتي هينئر ڀوڄاسر آھي اُتي اچي ويٺو، ۽ اتي پيئڻ جي پاڻيءَ لئه کوھ کوٽايو ته، پاڻيءَ بدران رڳا انگارا (ڪوئلا) نڪتا. هُن ٻيو کوھ کوٽايو ته به ساڳي مسئلو نڪتو ائين هن الئه ڪيترا کوھ کوٽايا پر پاڻي نه نڪتو. نيٺ پريشان ٿي ان جو حل ڪنهن کان پُڇيو ته ڪنهن ڏس ڏنو ته رڙياڙي ڳوٺ ۾ ڪو الله لوڪ درويش رهي ٿو جنهن جو نالو ڀوڄو آھي ان کان پُڇائي اچ. جاني رڙياڙي ويو اُتان ڀوڄي کي وٺي آيو جنهن سڄو پڊ گهمي هڪڙي هند گهوڙي جو سُنب ڏسي اُتي نشان هڻي ڏنو. جتي کوھ کوٽڻ سان پاڻي نڪتو. چون ٿا ته ڀوڄو پٿوري پير جو پهتل ڀڳت هو. پاڻي نڪرڻ کان پوءِ جاني لنجو تمام گهڻو خوش ٿيو، ۽ ڀوڄي ڀڳت کي چيائين ته هاڻي توکي چانديءَ جي مهار سميت اُٺ ڏيان يا جيڪي گهرين سو ڏيان. ڀوڄي ڀڳت چيو ته مون کي ڪجهه به نه کپي، بس هن ڳوٺ جو نالو منهنجي نالي تي رکي ڇڏ. جاني ڀوڄي جو ڀرم رکيو ۽ ان ڏينهن کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين جاني لنجي جي اُن ڳوٺ جو نالو ڀوڄاسر ئي آھي. جتي هن وقت ميگهواڙ ۽ لنجا رهن ٿا.
جاني لنجي جي مهمان نوازي مثالي هُئي. هن جي باري ۾ هڪڙي روايت مشھور آھي ته، هُن جو نالو وٺڻ سان ٽيئڙ تپ ڇڏي ويندو آھي. ماڻھوءَ کي ٽيئڙ تپ يعني ٻيئنيون ٻرو هُجي ۽ اهو چوي ته، ” سؤ گهوڙن ۽ اُٺن سان سؤ مهمان اچن، ميهوڳي رات هُجي، جاني جي گهر ۾ لپ اٽي جي به نه هُجي تب جاني جي ايمان کي لوڏو نه اچي. ته بخار ڀڄي وڃ.“ ته بخار لهي ويندو. ڇا ته مهمان نواز هو جنهن جي تاريخ اڄ به طب طور گواهي ڏئي ٿي. سؤ گهوڙن ۽ اُٺن سان مهمان اهو به ميهوڳي رات وري گهر ۾ به ڪجهه به نه هجي پوءِ به ايمان ڪوھ ڪارونجهر جيان اٽل هجي ته مسئلو ئي ناهي. روزي مالڪ ڏيندو. اهڙا ئي هئا صدين جا امر ڦَل ۽ اڏول ڪردار جن تي ڌرتيءَ مَرڪ ڪري ٿي.
جاني لنجي جي باري ۾ راوي روايت ڪن ٿا ته، هڪ ڀيرو آڌيءَ رات جو هن وٽ ڪجهه مهمان آيا. هن پنهنجي گهر واريءَ کان اٽي ڀتي جو پُڇيو. سندس گهر واري وراڻيو ته گهر ۾ ڪجهه به ناهي. هي پريشان ضرور ٿيو پر مايوس قطعي نه ٿيو. هن گهر واريءَ کي چيو تس ڏئي ته پاڙي مان اٽو وٺي اچان. تون ٽانڊو ٻار ته اجهو ٿو موٽان. پاڙي ۾ ويو، پر بدقسمتيءَ سان ڪٿان به اٽو نه مليو نيٺ هي واپس موٽي آيو ۽ گهر واريءَ کي چيائينءَ ته تس ننڍو آھي ڪو ڌُوتل ۽ صاف ڪپڙو هُجي ته ڏئي هن ۾ اٽو نه ٿو اچي. گهر واريءَ ڌُوتل ڪپڙي جو ٽُڪر ڏنو جنهن کي کڻي جاني اُتر طرف اڇي ريت تي ويو ۽ اکيون پوري الله کي ياد ڪري واريءَ مان ڪجهه ٻُڪ ڀري ڪپڙي ۾ وجهي کڻي آيو ۽ جوڻس کي چيائين هن مان ماني پڇائي ڇڏجانءِ بچائي نه رکجانءِ. مائي ماني پچائي جاني کي ڏني ۽ ڪجهه اٽو بچائي رکي ڇڏيو. جاني مهمانن کي ماني کارائي سڪون سان سُمهي رهيو. صبح جو سوير مائي اُٿي ماني پچائڻ لئه جيئن ئي رات واري پوٽلي کولي ته ڇا ڏسي رڳو واري پيئي آھي. هي حيران ٿي ويئي ۽ سڄي ماجرا جاني سان ڪرڻ لڳي. جاني وراڻيو ته هي روزي انهن مهمانن جي هُئي، مون توکي چيو پئي ته اٽو بچائي نه رکجانءِ. اهڙا هئا الله لوڪ مهمان نواز جن جي پُڪار ٻُڌي پالڻهار واريءَ مان اٽو ڪندي ويرم ئي نه ڪندو هو.
جاني لنجي جي هٿ جو پوکيل نم جو وڻ اڄ به اُتي بيٺو آھي، جتي جاني جو گهر هوندو هو. ان جهوني نم جي هڪ منگهه نما پاڙ آھي جنهن هيٺان ٽيئڙ تپ واري کي مٽائيندا آھن ته بخار ڇڏي ويندو آھي. اڄ نه جاني آھي نه جاني جو گهر، پر روهيڙي جهڙو وشواس اڄ به زنده آھي.

فيضُو فراقي

هُن جو نالو فيض مُحمد آھي، ۽ تخلص فراقي آھي، پر اسين هُن کي فيضُو فراقي چوندا آھيون. هُو نه رڳو فقير ( مڱڻهار) ذات سان تعلق رکي ٿو، پر مزاجن به فقير ئي آھي. هُن کي الئه ڪنهن جي فراق جا ڦٽ آھن، هُن جي اکين جي اُداسي ڏسي ائين ئي لڳندو آھي ته، هن جو اندر فراق جي ڦٽن جا هيرڻ پن ٿيل آھي. اُداسي جي عالم ۾ ٻُڏل هوندي به جڏھن هُو مُرڪي ملندو آھي تڏھن ائين لڳندو آھي، ڄڻ هُن سُورن کي سُتي ڪري پيتو هُجي. هُن جي سمورن سُورن جي شاهد اُها غم گاڏڙ مُرڪ ئي هوندي آھي، جيڪا هُن جي مُک تي ٽڙڻ مهل ريزه ريزه ٿي ويندي آھي. هُو ميرڙي وڳي ۽ وکريل وارن سان سادگيءَ مان ڀاڪر پائي جڏھن ملندو آھي تڏھن ماڻھوءَ کي پورهيتن سان پيار ٿي ويندو آھي. هُو شهر جي شور ۾ رهندي به ٻهراڙيءَ جو مور لڳي ٿو. ڇاڪاڻ ته، هن جو ننڍپڻ ماتاجي مالهڻ ديويءَ جي ڳوٺ هريار ۾ گُذريو هو. هريار جنهن کي هريئي ڀوپي وسايو هو. اُن ڳوٺ ۾ ننڍپڻ گُذاري آيل اسان جو هي دلبر دوست اڄ ڪلهه مٺيءَ جي ڪٺور دل ماڻھن جي وچ ۾ ڪنهن اُداس پکيءَ جيان جيون گهاري ٿو. هُن جي شاعري اڄ ڪلهه جي شوشل ميڊيا واري دؤر ۾ ايتري متعارف ۽ مقبول ناهي ٿي جيتري هُو لائق آھي. هُو مسڪين نه فيسبوڪ واري فيشن کان واقف آھي نه ئي ٽوئٽر تي ڪو ٽوئيٽ ڪري سگهي ٿو. هُن جي شاعري هن جي دل ۾ دفن ٿيل آھي جنهن کي هُو ڪنهن ننڍڙي ڪتاب جو ڪفن ڏيڻ چاهي ٿو، پر ڏيئي نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ ته، کيسي ۾ سواءِ تماڪ جي ٻيو ڪجهه به ناهي.
هُو غُربت سبب پڙھي نه سگهڻ واري بدنصيبيءَ جا نوحا نه ٿو ڳائي، بس مقدر ۾ مليل هر غم کي هر گنج سمجهي جيئي ٿو. سستي سگريٽ جا ڊگها ڪش هڻي جڏھن ڪاري دونهي کي نيري آڪاش ڏانهن اُڏائي ٿڌو ساھ کڻي ڪا ڳالهه ڪري ٿو ته، ائين لڳي ٿو، ڄڻ خُدا کان پُڇندو هُجي ته، اي مالڪ! ڏات ڏني ته هي بُک ڇو ڏني؟ هُو پيٽ بُکايل هوندي به ڪنهن سان ڪا شڪايت نه ٿو ڪري. هُو ٻيڙيون ٻَڌي پنهنجي ۽ پنهنجي پريوار جي پيٽ جي بُک جو بندوبست ڪري ٿو. هُو ٻيڙيون نه ٿو ٻڌي، ڄڻ زندگيءَ جا درد ٻَڌي ٿو. هُو پڙھيو لکيو شاعر ناهي، پر گهڻن پڙھيل لکيل هٿرادو شاعرن کان مٿي آھي. هُن وٽ ڪا به تصوراتي محبوبه ناهي، جنهن جي خيالن ۾ ھُو مگن ٿي ڪا ڳٺل پيٺل رديفن ۽ ڪُٽيل ڪافيئن واري شاعري سرجي پنهنجي پر ۾ پئبلو نرودا ٿي گهمي، پر هُن وٽ پنهنجي قبيلي جي اُھا سادڙي جيون ساٿي آھي جنهن جي مارئيءَ جهڙي مُرڪ پسي هُو بُک ۾ به بادشاھي ڪندي، ڪبير جي دوهن جهڙي ڪويتا لکي پاڻ کي فيضُو فراقي سڏائيندي سرهو ٿئي ٿو. هُو نه شراب جو ڍُڪ پِي غم مٽائڻ جي پريڪٽس ڪري ٿو ۽ نه ئي وري ڪنهن من لُڀائيندڙ موسم ۾ ڄاڻي واڻي رومانٽيڪ ٿيڻ جي اجائي ڪوشش ڪري ٿو. هُو نه ڪنهن پارڪ ۾ وڃي ٿو نه ڪنهن ڇُڙواڳي ۾ ڪنهن جي جذبن جي ڇيڙ ڪري ٿو. هُو انتهائي ڪم گو ماڻھو آھي. هُو آڳاٽي زماني واري صدري ساهتيه جو جيئرو جاڳندو مثال آھي. اڻ پڙھيل هوندي به هُو شاعري ڪري ٿو. هُو لکي نه ٿو سگهي ان ڪري ياد ڪري ٿو. ذھن تي اچانڪ آيل شاعريءَ جو هر حرف هن کي ائين ياد ٿي ويندو آھي جيئن ڪنهن الستي عاشق کي سندس محبوبا سان ملڻ جو عزم ياد ٿي ويندو آھي. هُو ريڊي شاعرن وانگي لفظن جي تور تڪ ۽ وڍ ٽُڪ ۾ وقت نه ٿو وڃائي. هُن کي جيڪو خيال دل ۾ لهي ٿو اهو ياد ڪري گُنگنائي ٿو. سنگت کي ٻُڌائي ٿو. سنڌي ادبي سنگت جي پروگرامن ۾ هن جا غزل گونجن ٿا.
ٻيڙيون ٻَڌڻ کان پوءِ هُو جيڪڏھن ڪيڏانهن وڃي ٿو ته، اهو جڳو نائي جو دڪان ئي آھي جتي ٻه ٽي پل ساهي پٽي زندگيءَ جي ڦڦڙن کي تازگي بخشي ٿو. جڳو جي پيار مان پروسيل چانهه جي اڌڙي پيئڻ کانپوءِ سستي سگريٽ جا سُوٽا هڻي، جڳو وٽ ويٺل مٺيءَ جي مهان اديبن کي خاموشيءَ سان ٻُڌي ٿو، جيڪي اديب ٻين اديبن جون گلائون ڪرڻ مهل اهو به ناهن سوچيندا ته جڳو ڀِت ته ناهي، جڏھن ته ڀتين کي به هتي ڪن هوندا آھن. ڇا چئجي مٺيءَ جا اديب آھن. اديبن تي ڪا به ميار ناهي پوءِ مٺيءَ جا هُجن يا امرتسر جا هُجن. هي فقير بس رڳو هڪڙي ڪن مان ٻُڌندو آھي ۽ ٻئي مان ڪڍي ڇڏيندو آھي. سگريٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ ماٺ ڪري هلڪي کنگهه کنگهندي جڳو کان نظرن ۾ موڪلائيندي هليو ويندو آھي پنهنجي ننڍڙي مانڍڻيءَ ۾ جتي پَن، تماڪ ۽ ڌاڳا هن جي انتظار ۾ ائين اتاولا هوندا آھن جيئن شام جي وقت گهر وڃڻ وقت سندس گهر ۾ بُکايل ٻارڙا هن جي انتظار ۾ اکيون وڇائي ويٺا هوندا آھن.
هيڏو وڏو شاعر هوندي به هُو مٺيءَ جي مٺگُهرن اديبن کان الئه ڇو وسري ويو آھي؟ هُن کي ڪو به ايوارڊ ناهي مليو. ايوارڊ ته پري جي ڳالهه، پر هن مسڪين سان ڪنهن شام به ناهي ملهائي. هتي ته ريت ئي اُلٽي آھي شام اُنهن سان ملهائي ويندي آھي جن جون راتيون رنگين ۽ صبح اُجرا هوندا آھن، جن جي شاعريءَ ۾ شاعري ڳولي به ناهي لڀندي، بس رڳو ڪاريگري ئي هوندي آھي. مٺي اهڙن ڪاريگرن سان ڀري پيئي آھي. فيضُو جهڙن فقيرن سان رڳو تعزيت ئي ڪئي ويندي آھي. فيضُو کي ڪنهن به ايوارڊ يا شام جي لوڙ ناهي. هن جو بس هڪڙو ئي سپنو آھي ته، سندس شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي، پر هتي ڪو اهڙو احساس وند ادب ذوق نه ٿو سُجهي جيڪو هن مسڪين جو اهو سپنو ساڀيا ڪري. ها اُن دليپ ڪوٺاريءَ جهڙو ڪو قدآور شخص چاهي ته ڪري سگهي ٿو، جنهن پهرين به هن سان پيار ڪندي پنهنجي نينهن پبليڪشن مٺيءَ جي پليٽ فارم تان هن جي شاعريءَ جو ڳٽڪو ”غمن جون گهٽائون“ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. جنهن جو مهاڳ نالي واري اديب تاج جوئي لکيو هو.
فيضو جي شاعري نج نبار ڳائي گيهه ۾ ملايل ڳُڙ ۽ ماکيءَ جهڙي پيور آھي. هن ۾ ڪا به ملاوٽ ناهي. فيضُو جي شاعريءَ تي ڳالهائيندي سنڌُ جي نامور ليکڪ تاج جويو چوي ٿو ته ” فراقي اُدسين ۽ اڪيلاين جو شاعرُ آھي، هُن پيار ڪيو آھي، ۽ پيار اُهو جنهن ۾ وفا ئي وفا آھي. اهو وفا جو ئي جذبو آھي، جيڪو ڪنهن ٿرئي کي ٿر وسارڻ نه ٿو ڏئي. فراقي به وفادار آھي. فراقي وٽ سادي ٻوليءَ ۽ پنهنجا لفظ آھن، دوري، جُدائي ۽ وڇوڙو لفظ شاعرن عام ڪتب آندا آھن، پر فراقي جڏھن هٺيلي پرينءَ کي سڏيندي، ”ڇڏي ڏي ڇڊايون“ جي ترڪيب ڪم آڻي ٿو ته هو ڄڻ ته پنهنجي شاعريءَ لاءِ نئين ٻولي تخليق ڪري ٿو.“
ڀارومل امراڻي جهڙو گهڻ پڙھيو دانشور جڏھن فراقي جي شاعريءَ تي ڳالهائيندي چوي ٿو ته ” مون ته هن جي شاعري رُسي ويل پرينءَ جي چِٺي وانگر پڙھي آھي، جيڪا وڍُ به ڏئي ٿي ۽ ڏڍُ به ڏئي ٿي“ ته ائين لڳي ٿو ڄڻ ته هُو ڀرٿري هريءَ کان به ڀاري آھي.
اچو ته فيضو جي شاعريءَ مان ٿورو فيض پرائندا هلون. فيضو پنهنجي پريتم سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته؛
هليو آ هٺيلا ڇڏي ڏي ڇڊايون،
وڇوڙو ٻنهي لئه وڏي گهات آھي.

نگاهن کان رشتا جڏھن تو ڇنا هن،
تڏھن ساٿ مون کي ڏنو ڏات آھي.
هُو انتهائي حساس دل ماڻھو آھي. هن جي بيوسي هن جي شاعريءَ ۾ جهلڪي ٿي؛
لُڙڪن لارون وس ۾ ناهن،
تُنهنجون سارون وس ۾ ناهن.
هُو هُجومن ۾ هوندي به پنهنجو پاڻ کي تنها سمجهي ٿو. دردن جي ميراث ۾ پلجندڙ هي مٺيءَ جو ميراثي دنيا جي روين کان مايوس ٿي دانهن ڪري چوي ٿو ته؛
تنها پيارا رهجي وياسين،
دردن وارا رهجي وياسين.

واٽ ڪناري اُڇلي ويو ڪو،
شايد کارا رهجي وياسين.
هن الستي عاشق ۽ محبوب ڪوي سان ڪنهن وفا ڪئي آھي ته اُھي صرف ڳوڙھا ئي آھن، جيڪي هن جي غم کي هلڪو ڪرڻ لئه اکين مان قطارون ڪري وهندا آھن؛

اڃا مون سان آھن وفادار ڳوڙھا
ڪڏھن ٿيا نه مون کان جُدا يار ڳوڙھا

هُو هن دورنگي دنيا مان ايڏو مايوس ٿي ويو آھي جو هن جو پيار تان ارواح ئي کڄي ويو آھي. هُو ايترو حساس ٿي ويو آھي جو پنهنجو حال به پرينءَ کي ٻُڌائي نه ٿو سگهي. هُو نه ٿو چاهي ته پرين جي اک مان ڪو ڳوڙھو ڪري؛
مون سان ايڏو پيار ڇڏي ڏي،
خود کي مون کان ڌار ڇڏي ڏي.

حال فراقيءَ جا ڇا پُڇندينءَ؟
روئي پوندينءَ يار ڇڏي ڏي.

ڀيرولال سُوٽهڙ

ھُن جو نالو ته ڀيرو لال آھي، پر دُنيا هن کي چيلهار جي چُمي طور سُڃاڻي ٿي. چيلهار جنهن جي چانڊوڪيءَ جا پنهنجا پُور ۽ نُور آھن، ته صبح جي به پنهنجي الڳ سُونهن آھي. چيلهار جنهن جو سنڌي ادب جي آڪاش ۾ چمڪندڙ پنهنجو الڳ سِجُ آھي. جنهن جو پرتوو پوري ساهتيه کيتر ۾ سهائي ڪري بيٺو آھي. چيلهار جنهن جو سخاوتيءَ وارو پلڙو گهڻن کان ڀاري آھي. اُن چيلهار جي چُمي ڀيرو کي چوندا آھن. ڀيرو جيڪو هر ڪنهن جو ڀلو سوچي ٿو. هُو سوچي ٿو ته مُنهنجو ديس سدائين سائو ھُجي. ماڻهو سُکيا ستابا هُجن. هُن جو ادب سان وڏو لڳاءُ آھي توڙي جو هُو اديب ناهي، ۽ نه ئي اديب ٿيڻ جو ڪو شوق اٿس، پر پوءِ به هُن کي شاعري وڻي ٿي. هُو نثر پڙھي ٿو. سنڌ جا سوين اديب هن جي دوستيءَ جي داڳي ۾ موتين وانگي پوئيل آھن. جيڪي هر وقت هن کي چيلهار جي چُمي چئي چاهيندا آھن. هُو آھي به اهڙو ئي. اڻ گُهري مليل گُلابي چُمي جهڙو من موهيندڙ.. دوستن تان دل گهوريندڙ هي هٺيلو هنج گهڻن جي من ساير ۾ هر ويل ترندو رهي ٿو. هُو دوستن جي عزت ڪرڻ ڄاڻي ٿو.
هن جو جنم 2 جنوري 1984ع تي راڻاسر تلاءَ جي ڀر ۾ آباد ڳوٺ بيڀاڻي ۾ جيبوجي سُوٽھڙ جي گهر ۾ ٿيو. هن جو نالو ماتاجيءَ جي آستان تي ڇٺيءَ جو نالو راڻومل ڏنو ويو، پر سندس (ماسي) ماسيءَ جي وَر جو نالو راڻومل هئڻ ڪري هندو ڌرم جي حساب سان وڏي جو نالو نه وٺڻ ڪري پوءِ نالو ڀيرولال رکيو ويو. هي ٽن ڀائرن ۾ ٽيون نمبر آھي. ڀيرولال پرائمريءَ جا پنج درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول سوٽھڙن جو تڙ ۾ پاس ڪيا پوءِ ڇهين ڪلاس کان ڏھون ڪلاس گورنمينٽ هاءِ اسڪول چيلهار مان 1999۾ پاس ڪيا. هي ستين ڪلاس ۾ پڙھندو هو تڏھن سندس پتا شري پرلوڪ پڌاري ويا. پتا جي ديهانت کانپوءِ گهرو حالات صحيح نه هئڻ جي ڪري مئٽرڪ کان مٿي پڙھي نه سگهيو. جنهن جو ڏُک اڄ به هن جي دل کي ڌڪ هڻي ٿو. پوءِ روزگار جي سانگي بدين ضلعي جي شھر گلاب لغاريءَ ۾ ريزڪي دُڪان تي ملازمت ڪرڻ لڳو. آگسٽ 1999ع کان 2008 تائين ملازمت ڪئي تنهن کان پوءِ پنهنجي هلڪي ڦُلڪي ذاتي ڪاروبار لاءِ ڪپري موريءَ ۾ ريزڪي دُڪان کوليو. انهي عرصي دوران تمام پيارا باذوق دوست ملندا رهيا، جن سان ڪچهريون ٿينديون رهيون، جن جو ساٿ ڀيرو جي زندگيءَ ۾ اونڌاهيءَ ۾ چنڊُ وانگي رهيو. وري به قسمت ساٿ نه ڏنو ۽ 2010ع جي ٻوڏ ۾ فصل ٻڏي ويا ڪاروبار پوئتي ڌڪجي ويو. نيٺ پنهنجو دڪان مجبور حالاتن جي ڪري بند ڪرڻو پيو. پوءِ ٻه مهينا گهر بيروزگار ويهڻ کانپوءِ 2011ع ۾ هي بلوچستان صوبي جي ضلعي ٻيلو جي شھر وندر ۾ زرعي دوائن جي اسٽور تي ملازمت ڪرڻ لڳو. هن حياتيءَ ۾ ڪٿي به ٿڪ نه ڀڃيو ۽ نه ئي همٿ هاري ويٺو. وندر ۾ پنج سال ملازمت ڪيائين انهي عرصي دوران به ڪيئي سُٺا دوست ملندا رهيا. انهي کانپوءِ ھن جي پياري دوست مرحوم زوهيب مري صاحب جي پرزور اسرار تي ٺٽي جي شھر ميرپورساڪرو ۾ ٻه سال ملازمت ڪئي. انهي کانپوءِ اپريل 2017ع کان پارٽنرشپ تي ڳاڙھو شھر ۾ ڪاروبار جي شروعات ڪئي. هن سان گڏ سندس پيارو دوست سُٺي اخلاق جو مالڪ سني کتري به ڪاروبار ۾ ڀاڱي ڀائيوار آھي. مالڪ جي ڪرم سان هن وقت سندس سُٺو وقت گذري رهيو آھي.
هن جي زندگيءَ جا وڏي ۾ وڏا ڏکوئيندڙ واقعا سندس بابا صاحب جو پرلوڪ پڌارڻ ۽ سندس زرعي فيلڊ ۾ استاد پياري دوست ساٿي زوهيب مري صاحب جو وڇوڙو آھي، جيڪو ڪُجهه وقت اڳ ۾ هرٽ اٽيڪ جي ڪري ڀرپور جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو، جنهن جو سدائين هن جي مٿان شفقت ڀريو هٿ هوندو هو. کيس ڀائرن کان وڌيڪ ڀائيندو هو. ان جي وڇڙڻ کانپوءِ زندگيءَ تان اعتبار ئي کجي ويو آھي.
2018ع ۾ هن هڪڙي ننڍڙي ڪوشش ڪري هڪ فورم سماجي سٿ چيلهار جي نالي سان جوڙيو آھي. جنهن جي پليٽ فارم تان هن مهانگائيءَ جي دور ۾ به جڏھن به کيسو اجازت ڏيندو آھي ته ڪو نه ڪو ادبي پروگرام ڪرائيندو آھي. آئون کيس انهي عمل تي جس ڏيان ٿو.

ڀرت ڪمار نگاڻي

هُو جنهن جو مَن مور جهڙو معصوم ۽ چهرو چَتون پکيءَ جي چُنهنب جهڙو خوبصورت آھي! هُو جيڪو راڻاسر جي ترائي تي ترندڙ ڪنهن نگامري نار جي نهار تي موهت ٿي، ڪڏھن راسُوڙن جي رم جهم جهڙو نثر لکي ٿو ته، ڪڏھن چيلهار تي کڙيل چَنڊ جي مڌم چاندنيءَ ۾ پنهنجي سکيءَ جي چڳن ۾ پيار جا پوپٽ ڳوليندي ڪو نٿ جيڏو ننڍڙو نظم به سرجي ٿو. هُو هن دردن سندي ديس جو اهو دادلو دراوڙ پُٽ آھي جيڪو وطن مالوف جي هر درد کي اندر جي اک سان ڏسي ان جو تدارڪ ڪرڻ جا تجربا به ڪري ٿو. هُو غريبن کي مليل هر گهاوَ جو تاوَ پنهنجي سيني ۾ لڳل سمجهي ٿو. هُو احساس جو اهڙو نرالو نانءُ آھي جنهن جي هانوَ ۾ انسانيت معصوم ٻار جيان مُرڪي ٿي.
هُو، جيڪو چيلهار جي ننڍڙي نگريءَ ۾ رهندڙ ننڍي قد جو وڏو نانءُ آھي. اهڙو نانءُ جنهن جي ڪانڪهي جهڙي ڇانءُ ۾ ڪيئي مسڪين آسيس ماڻين ٿا. هُو سماج سُڌارڪ ماڻھو آھي. هُن کي سماج لئه ڪم ڪندي وڏي روحاني شانتي پراپت ٿئي ٿي. هُو بنيادي طور بينڪر آھي، پر هُن جي اندر ۾ موجود نازڪ ۽ نفيس ڪلاڪار هُن جي آرٽ سان محبت کي برقرار رکيو اچي. هُو بينڪ جي ڊيوٽيءَ مان واندو ٿي لکي ٿو، پڙھي ٿو. هُو رُڳو ڪتاب نه ٿو پڙھي، پر ماڻھن جي چهرن کي به پڙھي ٿو. هُو انهن چهرن کي پڙھي ٿو، جن جي مقدر ۾ مُرڪن بدران چنتائن جا ڪنڊا هوندا آھن. هُو انتهائي معصوميت سان لبريز لهجي ۾ ڳالهائيندو آهي. هُو ڪنهن به هٿرادو هٿ ناٽڪ واري وڏائي ۾ مُبتلا قطعي ناهي. هُو تمام سادڙي ۽ سٻاجهڙي سڀاءُ جو مالڪ آھي. هن جي مزاج ۾ مٺاڻ جا مڻ اوتيل آھن. هُو اندر جو اڇي ڪبوتر جهڙو اُجرو آھي. هُن پنهنجي مينهن وساڙن جهڙي معصوم من مان ميراڻ تڙي ڪڍي ڇڏي آهي. هُو هر ڪنهن سان محبت ڪندو آھي. هُو نه رڳو سُٺو ليکڪ آھي، پر گڏو گڏ بهترين مقرر به آھي. هُو رنگ منچ تي مور پنک جهڙا منفرد رنگ وکيرڻ وارو هُنر به چڱي ريت ڄاڻي ٿو. هُو سنڌي ادبي سنگت چيلهار جو متحرڪ ميمبر هُئڻ سان گڏ سماجي ڀلائي واري تنظيم سوشل ويلفيئر سان به واڳيل آھي. هُو چيلهار جي مٽيءَ جي مهڪ جهڙي مهمان نوازيءَ جو به قائل آھي. هُن جي ڏاتار دل جي وشال دئار جو در هر ويل کُليل ئي رهي ٿو، جتي هُو وڏي حُب سان مهمانن جي آجيان ڪرڻ لئه نيڻ وڇائي ويٺو آھي.
هُو جنهن جو جنم ڀٽن واري ديس جي هڪڙي ننڍڙي شھر چيلهار ۾، ميگهه ونس سان تعلق رکندڙ شريمان گُڻيش نگاڻيءَ جي گهر ۾ 4 فيبروي 1981ع ۾ ٿيو هو. هن جي جنم وقت سواءِ سندس جيجل جي ٻيو ڪنهن ٿي ڄاتو ته، ڏُڪار ۾ پيدا ٿيل هي گُلاب جو گُل اڳيان هلي سندس پريوار سميت، سموري سماج لئه سانوڻيءَ جو سُڪار ثابت ٿيندو؟ پڪ سان سندس ماءُ هن جي معصوم اکين مان اهو پرکي ورتو هوندو ۽ هن جي نرڙ تي آشيرواد جي چُمي ڏيئي وڏو آسيس ماڻيو هوندو. ماءُ کان وڌيڪ ٻار کي ڀلا ڪير ٿو سمجهي سگهي؟! هُن جو اباڻو ڳوٺ ته ڇاڇري تعلقي ۾ مبارڪ رند ويجهو ڪانڪيو هو پر، سندس والد صاحب جي وڏي سوچ هنن کي 1982ع ۾ شھر وٺي آئي. سندس والد صاحب شري گڻيش هاءِ وي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ والده ماجده هيڊ ماستر آھي. سندس ڏاڏو ۽ نانو به سُٺا سماج سڌارڪ ۽ اُستاد ٿي رهيا آھن. سموري فيملي تعليم يافته هئڻ ڪري هنن تعليمي سهوليتن جي لاءِ شھر جو رُخ ڪيو ۽ رائچند راٺوڙ جي ناناڻڪي ڪُڙم سان واسطو هئڻ ڪري، اهي اباڻيون سيمون ڇڏي چيلهار ۾ آباد ٿيا. ڀرت ڪمار پنهنجي ناناڻڪي نگري چيلهار ۾ پرائمري تعليم پرائي ۽ مڊل ۽ مئٽرڪ جو امتحان مٺي مان پاس ڪيو. انٽرمئڊيٽ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيو ۽ ايم بي اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو. هن کي محنت جو ڦل تُرت مليو. 2005ع ۾ هن خوشحالي بينڪ جوائن ڪئي. موبائيل ڪريڊٽ آفيسر واري عهدي تي ڪم ڪندي هن تمام گهڻي محنت ڪئي. محنت ۽ ايمانداريءَ جي ڪري هن کي پروموشن ملي، هُو 2012ع ۾ رليشن شپ مينيجر ٿيو ۽ 2013ع ۾ برانچ مينيجر واري عهدي تي براجمان ٿيو. برانچ مينيجر دؤران مٺي، عمرڪوٽ، ٽنڊوالهيار، ۽ ٺٽي ضلعي ۾ ڪم ڪيو. پنهنجي پيشي سان سؤ سيڪڙو سچو هئڻ ڪري هن کي 2017ع ۾ ساڳي ادري ۾ ترقي ملي ۽ هي ريجنل ڪو آرڊينيٽر ٿي ويو، ۽ ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ريجنس ۾ رهيو. هن وقت حيدرآباد ۾ ريجنل ڪو آرڊينيٽر واري عهدي تي ساڳي اداري يعني خوشحالي مائڪرو فنانس بينڪ لميٽڊ ۾ ڪم ڪري رهيو آھي. سندس ٻه ڀائر آھن هريش ڪمار نگاڻي ۽ چندر ڪمار نگاڻي، ٻئي ڀائر انجنيئر آھن. تمام سُلڇڻا ۽ سٻاجهڙا آھن. ڀرت ڪُمار نگاڻي ڏيپلو شھر مان نارائڻ داس ڌاراڻي جي گهران شادي ڪئي آھي. هن وقت پاڻ حيدرآباد ۾ رهي ٿو. هن سال يعني 2019ع ۾ هن چيلهار شهر ۾ ڊائمنڊ پبلڪ اسڪول چيلهار نالي تعليمي ادارو قائم ڪيو آھي، جنهن ۾ هر سال پنج غريب شاگردن کي مُفت ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي. پاڻ بئنڪنگ ۾ ڪيترائي ايوارڊ ماڻي چُڪو آھي. پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين تمام سُٺو مقرر پڻ رهيو آھي.

محمد سانوڻ نُهڙيو

صحرا ٿر رڳو کارن کُوهن، جُهونن ڊُوهن، سُڪل اَڪن ۽ واريءَ جو وَطن ناهي، پر ھي نيرين ڳچين، ناسي کنڀن ۽ رتن نيڻن وارن مورن جو مُلڪ به آھي. هن صحرا جي مها ساگر جي وشال پيٽ مان رڳو ڪارو ڪوئلو ناهي نڪرندو، پر هن جي ڀورين ڀِٽُن ۽ ويڪرن ڏھرن جي واريءَ مان ڪي اهڙا لعل به لڀندا آھن جيڪي ڌرتيءَ جي ماٿي تي گُلابي بخمل جي بنديا وانگي وڻندا آھن. دڙن جي ديس جي هن ڌونئري ڌُوڙ مان ڪي اهڙا هيرا به هٿ ايندا آھن، جيڪي وطن جي تاريخ جي تاج ۾ چمڪندا آھن. جن جي چمڪ صدين لئه ديس کي سهائو ڏيئي ويندي آھي. اھڙن هيرن ۾ ھُو به هڪ هو. ھُو جيڪو ڇاڇري تعلقي جي اُن ڳوٺ سان تعلق رکندو هو جنهن ڳوٺ جا تاريخ ۾ ٻه نالا ملن ٿا. اُھو ڳوٺ جنهن کي اول ۾ آباد ڪندڙ ذات جا گونگا هئا.ان ڪري مٿن ”گونگيو“ نالو پيو. اهو ڳوٺ جنهن کي ساڏُور سوڍي ھمير سنگھ وسايو تڏھن ”تڙ ھمير“ سڏجڻ لڳو. هُو جيڪو ڍاٽ جي دڙن ۾ آباد ڳوٺ گونگئي/تڙ همير ۽ حاجي توڳي جو تڙ جو گڙنگ ماڻھون هو. هُو جيڪو ڄام جکري جي اولاد نهڙين جي مُورا نُک جو مور هو. هُو جيڪو نه رڳو مثالي اُستاد هُو پر، هڪ انسان دوست انسان به هو. هُن وٽ ڪوبه مذھبي متڀيد نه هوندو هو. هُو جيڪو ماڻھپي کي ئي مان ڏيندڙ مهان پُرش هو. هُو جيڪو تڙ همير جو چمڪندڙ تارو هو. اهو تارو جنهن پسمانده علائقي ۾ تعليمي روشني سان صدين جي تاريڪي کي تڙي ڪڍڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. هُن جي محنت سان منور ٿيل ڏيئا اڄ به هن ڏيهه ۾ پنهنجي ڪلا جي جلا سان جوت جلائي رهيا آھن. سندس ڪيترائي شاگرد آهن جيڪي مختلف سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۾ پنهنجو خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، جن ۾ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (LUMHS) ڄامشورو جو وائيس چانسيلر مشهور ڊاڪٽر بيکارام ديوراجاني، استاد ڪرمچند ميگهواڙ، گرئو مل چوني لال سوٽهڙ شامل آهن،
مورا نُک جي لطيفاڻي ڪُڙم ۾ محمد صديق نهڙئي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ اُن عظيم ماڻھوءَ جو نالو هو سانوڻ. سانوڻ جنهن جو نالو وٺڻ سان ئي ڏُڪاريل وطن کي ڏڍ اچيو وڃي. سانوڻ جنهن مان سُڪار جو ساءُ ايندو آھي. محمد سانوڻ نهڙيو پنهنجي دؤر جو دورانديش ماڻھو ٿي گُذريو آھي. جنهن تعليمي ڏُڪار کي تڙي ڪڍڻ لئه پنهنجي زندگيءَ جا سمورا سُڪار ارپي ڇڏيا. اڻورچ ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪندي هن تمام بهترين نتيجا پراپت ڪيا. هُو پنهنجي وقت جو اھڙو مڻهيارو هو جنهن جي عقل ۽ علم جا قصا اڄ به ٿر جي ڳوٺاڻن جي ڳالهين ۾ ڇيرن وانگي ڇڙن ٿا. سائين محمد سانوڻ جو جنم 1946ع ۾ ڍاٽ جي ڳوٺ حاجي توڳي جو تڙ ۾ ٿيو. چون ٿا ته، راجسٿان جي پيٿاڪر ڳوٺ ۾ رهندڙ ونگي جا نهڙيا جڏھن واپس ڍاٽ ڏي وريا تڏھن انهن ڍاٽ ۾ توڳي جو تڙ وسايو سائين محمد سانوڻ جا وڏڙا سن 1970ع ڌاري توڳي جو تڙ مان لڏي اچي گونگئي ۾ ويٺا. هي ڳوٺ هن وقت ڇاڇري تعلقي جي يوسي ڪانٽيو ۾ موجود آھي. سائين محمد سانوڻ شروعاتي تعليم ۽ ديني تعليم ڳوٺ چيلهه بند مان سائين محمد حسن شاھ جي مدرسي مان حاصل ڪئي. ست درجا سنڌي ورنيڪولير وارو امتحان به اتان سائين محمد مُراد جوڻيجي وٽان پاس ڪيو ۽ تُرت ئي سن 1965ع ۾ پرائمري ماستري واري نوڪري ملي ويئي. پهرين مقرري گورنمينٽ پرائمري اسڪول صالح ڀنڀرو ۾ ٿي. هن ڳوٺ جنجهيئر، ڍالو جو تڙ، موڙاسيو، ڪانٽيو، جيئندل شاه لڪياري، راهوڙيار، حاجي توڳي جو تڙ، چرڪاري، دلواڻي، ولاسرو، گونگيو ۽ ڏٻڙڇا جي اسڪولن ۾ به پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. سموري ڄمار ايمانداريءَ سان پنهنجا فرائض سرانجام ڏيندي سائين محمد سانوڻ نهڙيو پنهنجي علائقي جو هڪ مثالي اُستاد ٿي اُڀريو. جنهن بنان ڪنهن تفاوت جي هندو مسلم سڀني کي ساڳي چاھ سان تعلمي ۽ تدريسي طور سُڌاريو. تعليم جي معاملي ۾ هن ڪڏھن به، ڪنهن سان به سمجهوتو نه ڪيو. هُن جي جيئڻ جو مقصد ئي اهو هو ته هُو هن تعليمي طور پسمانده علائقي کي جهالت جي تاريڪي مان ڪڍي علم جي روشني سان روشناس ڪري. هُن چاهيو ٿي ته ٿر جو هر ٻار تعليم پرائي سگهي. ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو ٿي ته ٿر جي هر مسئلي جو حل سواءِ تعليم جي ٻيو ڪنهن سان به ممڪن ناهي. ان ڪري هن سموري عمر اڻٿڪ محنت ڪري علم جا ڏيئا روشن ڪيا. هُن نه رڳو پنهنجي نوڪري دؤران ماڻھن کي تعليم ڏني پر هُن ذاتي طور ماڻھن ۾ وڃي سُڄاڳي جو سڏ ڏنو. تعليم جي حوالي سان بيداري آڻڻ ۾ هن مرد مجاهد وسانءِ نه گهٽايو. اٻوجھ عوام کي شعوري طور سڄاڳ ڪرڻ لئه هُو هر هند تعليم جي پرچار ڪندو هو.بڪچهرين ۾، شادين مرادين ۾، هر ماڻھوءَ کي هدايت ڪندو هو ته مهرباني ڪري پنهنجا ٻچا پڙھايو. پيٽ تي پٿر ٻڌي به پنهنجو اولاد سُڌاريو.
سائين محمد سانوڻ ٿر جي اصلي سُڃاڻپ مهمان نوازيءَ جو به وڏو نالو هو. هن جي دل جي دئاري سان گڏ سندس اوطاري جا در به هر وقت کليل هوندا هئا. هر آيل جي آجيان ڪرڻ ۾ ھُو سڀنيءَ کان اڳڀرو هوندو هو. مهمان کي ماني کارائي خوش ٿيڻ سندس اُتم گڻن ۾ شمار ٿئي ٿو.
چون ٿا ته سائين محمد سانوڻ نهڙيو وڏو ادب ذوق ماڻھون هو. چيلهه بند ۾ تعليم پرائڻ دؤران سائين محمد حسن شاھ جي پُٽ علي محمد شاھ عاجز سان مائيٽاڻا واسطا هئا ۽ سائين سان عقيدت وارو رشتو دوستيءَ جي مضبوط ڌاڳي ۾ ڳنڍجي ويو. جيڪو تاحيات نه ٽُٽو. علي محمد شاھ عاجز هڪ بهترين ليکڪ ۽ شاعر هو. جنهن 9 ڪتاب تخليق ڪيا هُئا. ادبي سنگت واري صحبت ۾ رهڻ ڪري محمد سانوڻ به ادب ذوق ٿي ويو. ڪچهرين جو ڪوڏيو ھئڻ ڪري ڳوڙھا، ڳجهارتون، ڏٺون، پروليون، پهاڪا، چوڻيون، ٽپايا، چؤپايا، نڙ بيت ۽ ڏور بيت نه رڳو شوق سان ٻُڌندو هو پر کيس بنهه گهڻو لوڪ ادب ياد به هوندو هو. سگهڙائپ وارو گُڻ سندس هردي ۾ هئڻ ڪري ڪچهرين ۾ ڪانب ڪڍي ويهندو هو ته سوجهاڪو ڪندو هو. محمد سانوڻ کي چئن پُٽن جو اولاد آھي. وڏو امير حميزو جيڪو شاعر هئڻ سان گڏ ماحوليات کاتي ۾ آفيسر آھي. تنهن کان ننڍو شھاب نهڙيو جيڪو تمام خوبصورت شاعر، ليکڪ ۽ ريڊيو پاڪستان مٺيءَ جو پروڊيوسر آھي. عباس نالي ٽيون پُٽ تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ سڀن کان ننڍو نياز علي گهرو ذميواريون سنڀالي ٿو. سندس سڄو پريوار ھشاش بشاش حياتيون گُذاري رهيو آھي. اڄوڪي ڏينهن يعني 2 آڪٽوبر سن 1999ع تي هن نامدار نهڙئي سردار جو ساھ جو سڳو ٽُٽي پيو هو. ٿر هڪ مثالي اُستاد ۽ شفيق انسان کان محروم ٿي ويو هو.

دليپ ننداڻي

هُو جيڪو صادق جي سُرن ۾ گونجدڙ مڌ ڀري مٺيءَ جي شھر جو مسيحا آھي. اهڙو مسيحا جنهن جي هٿ ۾ شفا سان گڏ اکين ۾ آسائش ۽ دل ۾ ساڃاھ جو ساگر ڇُلڪي ٿو. هُو جيڪو مٺيءَ جي ڪنهن مندر ۾ براجمان ڀڳوان جي مورتيءَ اڳيان ٻرندڙ ڏيئي جهڙو سُندر آھي. هُو جيڪو وڻ جي ٽاريءَ تي ويهي اسر ويلي وڇوڙي جو راڳ ڳائيندڙ ڪويل جي ڪوڪ جهڙي مڌُر آواز جو مالڪ پڻ آھي. ڪنهن ٻانهياريءَ جي چيلهه تي ڇُلڪندڙ گهڙي ۽ پارڪري پَڙي جي پور جهڙو هي مور ماڻھو اڄُ به مٺيءَ جي سُڃاڻپ بڻيل آھي. هُو جيڪو سرسبز واٽيڪا ۾ چندن جي وڻ وانگي سدا سُونهندڙ وجود آھي، جنهن جي ڇتر ڇايا ۾ وڏي شيتلتا سمايل آھي. هُو مارئيءَ جي ديس ملير واري صحرا جو اهڙو سڏُ آھي، جنهن جو پڙاڏو ڀٽ ڀٽ تي ڀڻڪي ٿو. هُن جي من صحرا ۾ ماروئڙن سان پيار جي پياس هرڻ جي اُڃ وانگي اڄُ به آباد آھي. هُو روايتي ڊاڪٽرن کان هٽي ڪري هڪ اهڙو انسان دوست معالج آھي، جنهن جي دل جي مصر ۾ ديا جو نيل درياءَ هر وقت اوج ۾ آھي. هُو ڪنهن به مسڪين مريض کي ڪرب ۾ ڪنجهندي ڏسي ٿو ته هُن جي دل جو ڏونگر ڏڪي پوي ٿو. هُو ڪنهن بُکايل انسان جي اکين ۾ لڪيل بيوسيءَ جي ٻولي پڙھي ٿو ته، هن جون اکيون آگمجيو وڃن ٿيون. هُن نه ڄاڻ ته ڪيترن مسڪين مريضن جا مفت ۾ علاج ڪري پرماتما پاتو آھي. هُو مٺيءَ جي چند انهن ماڻھن مان هڪ آھي جيڪي ڪنهن ڏيجوان ڏوٿيئڙي کي ڪجهه ڏيئي خوش ٿيندا آھن. هُو امر جڳديش ڪمار ملاڻيءَ جي ڇڏيل مشن کي اڳتي جاري رکڻ لئه هر وقت سرگرم رهي ٿو.
مٺيءَ ۾ مسيحائيءَ جا دعويدار ته ٿر جي ڀِٽن کان گهڻا آھن، پر حقيقت ۾ عملي طور تي نڀائڻ وارا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آھن جن جو عوامي ڀلائي لاءِ ڪيل پورهيو جس لائق آھي. اُنهن چئن چڱن ۾ مٺيءَ جي هن مهراج کي به ڳڻائي سگهجي ٿو جنهن جو نالو دليپ ننداڻي آھي.
دليپ ننداڻي جنهن جو جنم مٺيءَ جي پنڊت گهراڻي ۾ شريمان ڪشور ننداڻيءَ جي گهر ۾ تاريخ 11 جون 1977ع تي ٿيو. دليپ ننڍي هوندي کان ئي ذهين هوندو هو. هن ابتداعي تعليم مٺي شهر مان پرائي ۽ ميڊيڪل ۾ ايم بي بي ايس جو امتحان لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان پاس ڪيو. هن اسپيشل DCPS in paeds ۾ NICH ڪراچي مان پاس ڪيو. معصومن جو هي مسيحا سرڪاري ملازمت ملڻ کان اڳ ٻارنهن سال نجي اسپتالن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، جهڙوڪ آغا خان اسپتال ڪراچي، ڊائو يونيورسٽي اوجها ڪئمپس ڪراچي، سائوٿ سٽي اسپتال ڪراچي، انڊس اسپتال ڪراچي، ۽ لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي وغيره ۾ ڪم ڪيو. 2014ع ۾ هن کي سرڪاري ملازمت ملي. تڏھن جڏھن ٿر ۾ معصوم ٻارڙا بي موت مري رهيا هئا. انهن معصومن جي مسيحائي لاءِ دليپ ننداڻيءَ جهڙن نامور ڊاڪٽرن کي حُڪومت هنگامي طور تي بنان ڪنهن ڪميشن جي ڪانٽريڪٽ بيس تي ڀرتي ڪيو هو. دليپ هن وقت ايم او آھي، ۽ مٺيءَ جي سول اسپتال ۾ ٻارڙن واري او پي ڊي ۾ خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آھي. دليپ ننداڻي کي اولاد ۾ هڪ نياڻيءَ ۽ هڪ پُٽ آھي. نياڻيءَ جو نانءُ مڌُوبالا رکيو آھي ۽ پُٽ جو نالو چندرڪانت آھي. ٻئي زير تعليم آھن. گُلن جهڙن معصوم ٻارن جون ننڍڙيون نبضون جانچي انهن جو علاج ڪرڻ، انهن مُايوس ۽ مُرجهايل گُلن کي ٽھڪن ۾ ٽيڙڻ ۽ اڻورچ ٿي انهن جا مسئلا حل ڪرڻ وارو هُنر هن وٽ هٿيڪو آھي. هن کي مون جڏھن به ڏٺو آھي مُرڪندي نظر آيو آھي. ٻُڌو اٿم ته مُرڪندڙ ماڻهو نيتن جا صاف هوندا آھن. هي به نيڪ نيت ۽ آدرشوادي انسان آھي. سدائين ٻين جي ڀلي لاءِ سوچيندڙ مٺيءَ جو هي مهراج مٺيءَ جي ڪُنڍي نَڪُ ۾ سوني ڪوڪي وانگي سُونهي ٿو. هي سُونهي ٿو تڏھن جڏھن امر جڳديش ڪمار ملاڻي شوشل فورم تان مسڪينن جا مسئلا حل ڪرائي ٿو. امر جڳديش ڪمار شوشل فورم جو اڳواڻ هئڻ جي ناتي هي هر وقت ان ڪوشش ۾ هوندو آھي ته هن پليٽ فارم تان ڪنهن جو ڀلو ٿي پوي. شوشل ميڊيا تي اهڙو ڪو به ڪيس ڏسي ٿو ته هڪدم ان جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. امر جڳديش جي ورسي تي هر سال مفت ۾ ميڊيڪل ڪئمپ جو بندوبست ڪري ٿو ھي سلسلو گُذريل ڏھن سالن کان هلي رهيو آھي. هن سال ٽي ڀيرا مفت آپريشن ڪئمپ لڳائي ويئي جنهن ۾ ڪراچيءَ جو مشهور ڊاڪٽر شير شاھ ۽ حيدرآباد جي ماهر ڊاڪٽر پُشپا سريچند پنهنجي اسٽاف سميت مٺيءَ ۾ آيا ۽ پنجاھ کان سٺ عورتن جا آپريشن ڪيا ويا. ان کان سواءِ وڏن ڪيسن ۾ مسڪينن کي حيدرآباد يا ڪراچيءَ جي اسپتالن ۾ پهچائڻ ۽ رت جو دان ڏيڻ تائين هر جائز مسئلي ۾ هٿ ونڊائڻ دليپ ننداڻيءَ جي نياري سُڃاڻپ آھي. بقول دليپ جي ته هن جي حياتيءَ ۾ هر موڙ تي هن جو ساٿ ڏيڻ ۾ شُشيل ملاڻيءَ جو وڏو هٿ آھي. هن جي هر ڪاميابيءَ ۾ شُشيل هن سان گڏ رهيو آھيان.
مذهبي متڀيد کان هي مٿانهون ماڻهو جتي هر روز مندر ۾ شام جو مٿو ٽيڪي پنهنجي ايشور جي آراڌنا ڪري ٿو اُتي رمضان شريف جي روزن ۾ پنهنجو جنم ڏڻ مسلمان ڀائرن سان گڏ ملهائيندي اُنهن کي افطاري ڪرائي ٿو، نه رڳو ايترو پر عبدالستار ايڌي جهڙي مسيحا جي ورثي پڻ مٺيءَ جي وڏي مندر شواليه ۾ ملهائي انسانيت جو درس ڏئي ٿو.
دليپ ننداڻي رڳو نالي ۾ نهال ناهي، پر هي عملي ڪم به ڪري ڏيکاري ٿو. ان لاءِ ڪُجهه مثال ڏيان ٿو. مٺيءَ جي افشين ڪنڀار جنهن جو ڪنڌ 90 ڊگري تائين هيٺ مُڙيل هو، جنهن لاءِ جيئڻ جهنم بڻجي ويو هو. اُن جو علاج آغا خان مان ڪرائڻ ۾ هن مرد مجاهد جو وڏو ڪردار رهيو آھي. تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ ترڪڻي جي چار سالن جي ٻارڙي عظيمہ ڌي علي محمد درس جيڪا شگر جهڙي موضي مرض ۾ مبتلا هئي، پر والدين علاج نہ پئي ڪرائي سگهيا. هن سوشل فورم جو ٻڌي علاج ڪرائڻ لاءِ دليپ ننداڻي وٽ پهتا ۽ ٻارڙي جو علاج ڪرائڻ جو چيو اهڙي طرح ٻارڙي جو ٽيسٽن سميت سڄو خرچو امر جگديش ملاڻي سوشل فورم پاران ڪيو ويو.
پنج ڀيڻن جو اڪليو ڀاءُ چندن نائي اشوڪ نائي جو پُٽ جنھن جي خبر سوشل ميڊيا تي لڳڻ سان سائين راڻومل ملاڻي صاحب نوٽيس وٺي ڊاڪٽر دليپ ننداڻي کي گهرايو ۽ چيو ته هن جو خرچ سڄو آءُ برداشت ڪندس هن جو علاج ڪرايو وڃي تمام بهترين نموني انهي کان پوءَ ڊاڪٽر دليپ ننداڻي صاحب ڪراچي جي مشهور دماغ جي ڊاڪٽر شوڪت علي سان رابطو ڪري علاج ڪرايو. ڳوٺ واھرو جي نفسياتي مريض رامچند ڀيل جي رپورٽ اخبار ۾ ساجد بجير ۽ لياقت نهڙي هلائي جنهن جو نوٽيس وٺندي لياقت ۽ ساجد سان گڏجي شُشيل ملاڻيءَ ۽ دليپ ڳوٺ واهرو پهتا. جتي رامچني کي زنجيرن مان آزاد ڪرائي اسپتال ۾ علاج لئه داخل ڪرايائون. نئون ڪوٽ جي نزديڪ ڳوٺ حيات رند ۾ چار ٻار پئدائشي هلي نه پئي سگهيا انهن جو علاج ڪرائڻ سان گڏ انهن کي ويل چئر پڻ وٺي ڏنيون. ڳوٺ ٻٽڙيءَ جي مانو ڀيل جي سار لهڻ، کاکڻهار بجير جي ٿيلسيما ۾ مبتلا ٻارڙن جو اعلاج ڪرائڻ، کان وٺي هڪ غريب پورهيت سوائي ورتيو جي نياڻيءَ کي ڏاج ڏيئي ان جي شادي ڪرائڻ تائين هر سماجي ڪم ۾ ڊاڪٽر دليپ ننداڻي دلي طور سرگرم رهيو آھي. ان کانسواءِ مٺيءَ ۾ راجا نالي هڪڙو يتيم ٻاوو آھي، جيڪو هڪڙي ٽنگ کان محروم آھي، جنهن جو ڀاءُ ذھني مريض ھئڻ ڪري بستري تي پيل آھي. هي ويچارو برف وارو ڳنڊو يعني جهمڪ وڪڻي پيٽ گُذر ڪندو هو. ان جي درد ڪهاڻي شوشل ميڊيا تي ڪنهن شيئر ڪئي ۽ ان کان پوءِ مٺيءَ جي صحافي علي گُل رند اها ڪهاڻي 92 نيوز چينل تي لائيو هلائي..جتي ڊاڪٽر دليپ ننداڻي جي اکين ڏسي ورتي. هي پُرنم اکيون اُگهي اُٿيو ۽ راجا جي مدد ڪرڻ لاءِ اٽل ارادو ڪري ورتو. هن ڇا ڪيو جو پنهنجي سورس تي راجا کي اينگرو وارن جي اسڪول TCF مٺيءَ ۾ مالهي واري نوڪري ڏياري، نه رڳو ايترو پر ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻيءَ کان هر مهيني گهر جو مفت راشن به ڏياريو ۽ مختلف ماڻهن کان چندو ڪري مٺيءَ ۾ ٻن ڪمرن وارو، بورچي خاني ۽ باٿروم سميت گهر به ٺهرائي ڏنو. ڇا ته جذبو اٿس. هڪڙي مسڪين جا هڙئي ڏُک هڪڙي ڌڪ ۾ پنهنجي حصي ۾ کڻي ورتا. هي ته هن جو هڪڙو ننڍڙو مثال ڏنو اٿم اهڙا ته دليپ انيڪ ڪم ڪيا آھن، جيڪي مٺيءَ جي مسيحائي تاريخ جي نرڙ تي ڪَنڪُو جي تِلڪ وانگي سُونهن ٿا.

محبُوب درس

هُو جيڪو ڪويتا راڻيءَ جي قرب ۾ قابو ٿيل اهڙو ڪلاونت آھي جنهن جي ڪلا جي جلا ۾ لاڙي لهجي ۾ لُبالُب ڪوتا ڪنهن ٿريچي لاڏيءَ جي لاڏ کان به وڌ لُڀائي ٿي. ھُو جيڪو لاڙ جي لينڊ اسڪيپ تان لهندڙ سورج جي رتاڻ کي ڏسي سورج مُکي جي گُلن جهڙي شاعري سرجي ٿو. اھڙي شاعري جنهن کي پڙھي ماڻھون جي وجود ۾ وطن جي ياد جون ويرون سنڌو جي سير جيان اُٿليو پون. اهڙي شاعري جنهن جي سِٽ سِٽ ۾ سانولي جي سار جون پچارون گُلن جي مالها جيئن پويل آھن. اهڙي ڪويتا جنهن کي ڪنٺ سان ڳائجي ته روح کي راحت اچيو وڃي. هُو جيڪو پيرار جي پٽن تي ويهي پوپٽن جي اُڏار جهڙا البيلا شعر سرجي مهاڻي ٻار وانگي مُرڪي ٿو. هُو جيڪو گهوڙا ٻاريءَ جي گسن تان گُذرندي قلم جي ڪُميت کي شاعري جي سرزمين ۾ سراڙا ڪرائيندي دراوڙ دوشيزائن جي ڪُنڍن نڪن ۾ پيل نٿ ڦُلين جهڙا نظم تخليق ڪري ٿو. هُو لکي ٿو ڦُٽين جي سفيد ٻُڙن کي چونڊيدڙ ڳاڙھن هٿن جي هوشربا حُسن تي،ء هُو لکي ٿو ٺٽي جي ريشمي سونهن تي،ءهُو لکي ٿو مڪلي جي ماٺ تي ۽ ھُو لکي ٿو ڄامشوري جي جلواه افروز نگري ۾ نرت ڪندڙ جوالا مُکين جي موهي ماريندڙ سُندرتا تي.

وفائون ڄام شوري ۾ صدائون ڄام شوري ۾،
اوهان لاءِ رليون آھن پڇائون ڄام شوري ۾ ،
صنم جو شهر جنت آ، ٺرن ٿا نار نيڻن جا،
نہ ڪر غلطي سان گُلڙن جون گلائون ڄامشوري ۾،

هُن لکيو آھي لاڙ جي ليار پيروئن تي. هن لکيو آھي مندن جي مستي تي. هن لکيو آھي ڪينجهر جي جل ۾ ترندڙ دلڪش جسمن جي جل ٿل جوڀن ۾ جوار ڀاٽا جيئن ڇُلڪندڙ ڇاتين جي ڇولين تي. هُن لکيو آھي جوان کٿورين جي ڪنواري خوشبوءَ ۾ ڳهريل اباڻي ڳوٺ جي گُل لالا جهڙين گهٽين تي. هن لکيو آھي پيرا جي پٽن تي سنڌ جي سُرهاڻ جا نغما ڳائيندڙ ناز بوءَ ۽ هُرٻي جي هُٻڪار تي. هُن لکيو آھي جهمپير جي جهوني تاڙيءَ جي خمارن تي. هُن لکيو آھي ڪڙين جي ڪپن تي ڪنهن قداور وينگس جيان بيٺل بيد مشڪن جي ڊگهين لامن تي ڪوڪيندڙ ڪويلن تي. هن لکيو آھي وطن جي وڻن ٽڻن تي. هُن لکيو آھي محبوب جي هٿان تُحفن ۾ مليل چيچ جي ڇلن ۽ ريشمي رومالن ۾ ويڙھيل سونف ۽ جينور ٽڪين واري ديسي رومانس جي هر رنگ تي ها هن لکيو آھي جند جهڙي سنڌ تي.
هُو ان جُوءَ جو جوان شاعر آھي جنهن ڀوميءَ جي ڀاڳ ۾ حَسن درس جهڙو حسين شاعر لکيل هو. اهو حسن درس جنهن ناريل جي ننگن وڻن کي نظمن جي مالها ۾ پوئي سنڌي شاعريءَ جي ڪونج ڳچي ۾ ڪٺمال ڪري پارايو آھي. اهو حسن درس جنهن سمندر بدنيءَ عورتن جي هر انداز کي پنهنجي منفرد اسلوب واري ڪوتا ۾ رچي امرتا بخشي آھي. هُو ان ڌنوان ڌرتيءَ جو دلبند فرزند ارجمند آھي جنهن ڌرتيءَ رسول بخش درس جهڙو رتن هن وطن جي وراثت ۾ سونپيو آھي. اهو درس جنهن لئه امر ساهڙ جهڙي سٻاجهڙي ڪوي چيو آھي ته:
سارو ڏيهه سُڃاڻي توکي
تانگھ وطن جي تاڻي توکي
محبت ويئي ماڻي توکي
موت ڪندو ڇا هاڻي توکي
مئي 1975ع ۾ ڳوٺ حاجي سليمان درس درگاه پير پٺو پيرار جو پٽ تعلقو گهوڙاٻاري جي مسڪين پورهيت هاري محمد فقير درس جي اڀري اجهي ۾ اسر ويل ٽڙيل هن ڪنول جي گُل جو اصل اسم گرامي هو احمد درس...پر ادبي دنيا ۾ پير پائڻ کان پوءِ هُو محبوب بڻجي ويو. محبوب جنهن جو لفظ اُچارڻ سان ماڻهون جي روح ۾ مٺاس اوتجيو وڃي. هي محبوب بڻيو انهن مسڪين ماروئڙن لئه جن لئه هُو لاڙُو راتين جو ڀري ننڊ مان ڇرڪ ڀري شاعري لکندو آھي. هُن پنهنجي محبوبا کان مٿي ماروئڙن جي ڏُکن، ديس جي دانهن ۽ دردن تي شاعري ڪئي آھي. چوٿين درجي ۾ پڙھڻ واري دؤر کان شاعري جي شروعات ڪندڙ محبوب اڄ ڏينهن تائين شاعري سان ناتو نڀائيندو اچي. اڄ سموري سنڌ هن کي محبوب درس جي نالي سان سُڃاڻي ٿي. اُھو محبوب درس جيڪو نه رڳو نالي جو محبوب آھي پر مزاجن به محبوبيت سان سرشار آھي. انتهائي حساس دل جو مالڪ آھي. پرائي ڏُک ۾ تڙپي اُٿندڙ هي دلبر ماڻهون ماڻهپي جو مڪمل تعارف آھي. احساس جو جيئرو جاڳندو ڏيک آھي.
هُو جيڪو ويراڳي وڇوڙي جو وڍيل وجود آھي. هُن جي فراخ دل فراق جي ڦٽن ۾ ائين ڦٿڪيءَ آھي جيئن ٿر ٻاٻھيا ويساک ۾ ولکندا آھن. ھُو جنهن جون هٿ ڪرايون راکين کان محروم بڻجي ويون. هن لوڀي دنيا ۾ بي لوث محبت جو باب هن لئه بند ٿي ويو تڏھن جڏھن سندس نوجوان ڀيڻ جون ساحر اکيون هميشه لئه سُمهي پيون. ڀيڻ جهڙي ڀلوڙ رشتي جي ناگهاني حادثي هن کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو پر پوءِ به هن همٿ نه هاري ۽ تڪليفن واري تپ کي دُور ڪرڻ لئه دردن کي دوا ڪري پيئندو رهيو. هُو مري به جيئندو رهيو. هُن کي ڪهڙي ڪل ته زندگيءَ جي رياضي ۾ رب اڃان به ڪو آزمائش جو آلجبرا جهڙو امتحان وٺندو. سندس محبوب ونيءَ جي وڇوڙي هن جي حياتيءَ جو هماليه ئي لوڏي ڇڏيو. دردن جو پئمانو لبريز ٿي ويو. نيڻن جو ڪجلاسر ناگهاني سورن جي نير ۾ ڇُلڪي پيو. هن مرد مجاهد هيڏي وڏي حادثي کي به ڀاون وٽان مليل ڀاويءَ جو ڀاڳ سمجهي ڀوڳي ڇڏيو. وري به ٿڪل ٽُٽل وجود کي سميٽي جيئڻ جي نئين سري سان جستجو ۾ لڳي ويو. حياتيءَ جي حادثن کي شاعريءَ ۾ سهيڙي ڪجھ سڪون محسوس ڪرڻ لڳو، پر قسمت وري به قهر ڪري ويئي. مقدر وڏي ملهه ڪري ويو. دردن دوستيءَ نه ڇڏي. سندس موڀي ڀاءُ دل جي عارضي ۾ اوچتو الوداع ڪري هن الستي وجود جا وڻ ئي وڄائي ويو. ڀاءُ جي تعزيت جي تڏي تي ويهڻ به هن جي اخترسوخته اکين جو مقدر بڻيو. تڪليفن جا ايڏا طور سينه سر ڪندي به هي سنڌ جو سورج سريکو شاعر ڪٿي به مايوس نه ٿيو. هي اهو ڏيئو آھي جيڪو ڪنهن به طوفان ۾ اُجهامي نه ٿو سگهي. هن جي وجود جي وٽ سهپ جي اهڙي ڌاڳي مان اُڻيل آھي جو هن کي ڪنهن به حادثي جي هوا جهڪائي نه ٿي سگهي.
محبوب درس جي دلربا شاعري تي ڪو شاعريءَ جو ماهر ئي ڳالهائي سگهي ٿو. آئون ته ايترو شاعريءَ مان ڄاڻان ئي ڪون پر منهنجي علم مطابق هن جي شاعري ڪمال جي آھي. محبوب جي ڪويتا ۾ لاڙ جو ذڪر تمام بهترين آھي. هن لاڙ جي لاڏلي سونهن کي لاجواب انداز سان بيان ڪيو آھي. هڪڙي طويل غزل جو بند آھي.

تون احمد ملاح جو غزل ٿي لڳين
سدا تنهنجا رهندا اثر لاڙ ۾

ڪيڏي نه خوبصورت تشبيه آھي.! احمد ملاح جو غزل ۽ ان جو لاڙ تي اثر..ان ئي غزل جو ٻيو بند آھي.
تون ڍورن ڍنڍن جي حسن جو ھڳاء.
پکين جا لهن جيئن ولر لاڙ ۾ ،

هڪڙي ٻي هند هڪ نڪور نظم ۾ ڪنهن ٿاريليءَ محبوبا جو پنهنجي لاڙي عاشق سان مخاطب ٿيندي بيان ڪيو آھي. جنهن ۾ لاڙ جي چپن تي ڳيا جو سرهاڻ ڳائڻ، هوا جي پينگهي ۾ مينديءَ جون تاڙيون وڄائڻ واقعي ڪمال جي ڪاريگري آھي.

ٻڌو ٿم لاڙ جي لب تي ،
ڳيا سرهاڻ ڳائي پئي ،
هوائن جي هندوري ۾ ،
حناءَ تاڙيون وڄائي پئي ،
کٿوري جهڙي سا کينچل ،
مندون ڄاڻن ۽ تون ڄاڻين ،
اسان جو آ اچڻ مشڪل ،
مندون ڄاڻن ۽ تون ڄاڻين

ان کان سواءِ سچي آ ڳالهه شاعر جي به هن جو لاجواب نظم آھي جنهن ۾ محبوب کي اها ميار ڏنل آھي ته اڄ اسان جو قدر نه ٿو ڪرين پر ڪڏھن تون اسان کي ياد ڪندين. سُڏڪا ڀري پڇتائيندين.
اسان جي شوق شھرت جو،
قصو بلڪل الڳ آھي،
دنياداريءَ ۽ دولت جو ،
قصو بلڪل الڳ آھي ،
فراقن جو ۽ فرحت جو ،
قصو بلڪل الڳ آھي ،
چريا هن چنڊ چاهت جو ،
قصو بلڪل الڳ آھي ،
ڪٿا بنجي ڪتابن جا
ورق ماضي ورائيندو ،
تڏهن سڏڪي سڏي چوندين ،
سچي آ ڳالهه شاعر جي .
محبوب جي شاعري ملڪ جي مڙني فنڪارن ڳائي آھي. شاعري سنڌ جي سڀني رسالن، اخبارن ۾ ڇپيل آھي. نجي چئنلن ۽ ريڊيو تي به ڳائي وئي آھي.
صنم ماروي، الهڏنو جوڻيجو، الهڏنو خاصخيلي، فوزيا سومرو، ثريا سومرو، انور وسطڙو، ثمينا ڪنول، حميرا چنا ديبا سحر ديبا ڪنول، استاد سوڍي جوڳي ۽ ٻين راڳين هن جا گيت رڪارڊ ڪيا آھن. انهن گيتن جون اڪثر ڌنون به هن پاڻ ٺاهيون آھن.
شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”مرڪ جو تحفو“ مارڪيٽ ۾ اچي چُڪو آھي. ٻه ڪتاب اڻ ڇپيل جن ۾ ”ديس جي دل ۾“شاعريءَ ۽ دوستن سماجي ادبي علمي شخصيتن جي تصويرن تي لکيل ڪتاب ”آئينا عڪس“ . هڪ طويل مقالو ڪتاب جي صورت ۾ ”ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ سازن جو ذڪر “ لکيل آھي. پنجن ڀائرن مان ٽيون نمبر ڀاءُ آھي. بي اي تائين پڙھيو آھي. هن وقت سنڌ پوليس ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر ”ASI“ آھي. هڪ ئي گهر ۾ ٽي شاعر آھن. ننڍو ڀاء مجاهد درس، ڀائيٽيو عنايت درس جيڪو هن جو شاگرد به آھي. اهو به شاعر آھي. تارخ جا ڪتاب ۽ شاعري شوق سان پڙھندو آھي. تاريخي ماڳ گهمڻ به هن جو وڏو شوق ۽ ذوق آھي.
پيشي جي لحاظ سان پوليس جهڙي پويتر خاطي سان وابسته هوندي به هي کير جهڙو کرو ۽ نج گيھ جهڙو سچو ماڻھو آھي. سُوم رس ۽ سُونهن سان عشق جي حد تائين محبت ڪندڙ اسان جو هي محبوب شاعر صفا الفقرا طبيعت جو مالڪ آھي. پنهنجي شاعر پاڻ به ڳائيندو آھي.ءسندس آواز به ٺاهوڪو آھي. پنهنجي پروگرام ۾ ڪمپيئرنگ به اڌ پاڻ ئي ڪندو آھي. دوستن تي جان نڇاور ڪندو آھي. منهنجي هن سان ملاقات ساڻس ملهايل هڪ شام ۾ مڪلي پريس ڪلب ۾ ٿي هُئي. جتي مون هن تي لکيل پروفائيل پڙھيو هو. اُن شام ۾ هن کي جيڪي اجرڪون ۽ تحفه مليا تن کي ڏسي يقينن دل ۾ اها پڪ ٿي ته واقعي جهڙو ٻُڌوسين تهڙو ڏٺوسين. دوست هن سان تمام گهڻو پيار ڪن ٿا. ان پروگرام ۾ هن جي شاعري تي سائين تاج جويي، احمد سولنگي ۽ اڪبر دلواڻي صاحب تمام بهترين ڳالهايو هو. اسان جي دعا آھي ته گُلابي چُمي جهڙي هن محبوب شاعر جي مُرڪ ڪڏھن به ميري نه ٿئي ۽ ھُو سدائين سنڌ کي ”مُرڪ جو تحفو“ ارپيندو رهي.

واگهو ڪولهي

توڪل جي تُرهي تي ترندڙ واگهو ڪولهي هن وطن جو پکي آھي. اهڙو پکي جنهن وٽ ڪوبه زخيرو ناهي. هُو آڻين ۽ چاڙھين واري زندگيءَ جو جيئرو جاڳندو مثال آھي. واگهو هن وطن جو وڻ آھي. وڻن کان مٿي وطن سان ڪو وفادار ٿي ئي نه ٿو سگهي. وڻ، جيڪي طوفانن ۾ پاڙان پَٽجي ويندا آھن، زوردار هوائن جي زوم تي پنهنجا ٽار ٽوڙائي ڇڏيندا آھن، ڏُڪارن ۾ سُڪي ويندا آھن، پر پوءِ به ڌرتيءَ تان انچ به ناهن چُرندا. سردي، گرمي سر تي سهي به ساڻيهه جي سرزمين سان نڀائيندا آھن. ڌرتيءَ سان دغا ناهن ڪندا. واگهي جو وجود به هن ڌرتيءَ جو هڪڙو اهڙو وڻ آھي، جنهن کي حالتن جي هوائن ايڏو لوڏيو آھي جو هُن جا ڇوڏا ئي لهي ويا آھن، پر پوءِ به هُو ڪنهن سان ڪا شڪايت نه ٿو ڪري، هُو پنهنجي وطن ۾ خوشُ آھي. اهو وطن جيڪو ڪنهن زماني ۾ سچ پچ هن جو پنهنجو وطن هو. ٻنيون ٻارا ۽ چنڊُ چارا سڀ پنهنجا هئا. اهو وطن جنهن ۾ هن جي نسل وارا ڪارڙا پنهنجي ٻارڙن سميت ڏاڍا خوشُ رهندا هئا. درياءُ کان وٺي سمنڊُ تائين، ۽ سِڻيءَ کان وٺي ڪمند تائين هر شيءِ سندن هٿ وس هوندي هئي. اڄُ ان ساڳي وطن ۾ هي آرين جي ڏاڍ اڳيان بيوس اُٺن ڇڏيا بار واري ڪار زندگيءَ جي ڏينهن کي ضرب ڏيئي ڪرب ڪَٽي ٿو. اُڄ هن جي پيرن هيٺ پيل زمين به پرائي آھي. پيئڻ لئه پاڻيءَ پڻ پرائي کوھ تان ڀري ٿو. پنهنجو پيٽ ڀرڻ لئه ڪچرو پڻ پراين ڳوٺن ۾ ٻُهاري ٿو. ٻار به پرايا ئي پڙھندي ڏسي ٿو، پر پوءِ به جيئي ٿو. واگهو ڪڏھن به خودڪشيءَ جو نه ٿو سوچي.
هُن کي اها خبر ناهي ته هن وقت ڊالر جي ڊوڙ ۾ ملڪ ڪيترو مار کائي چُڪو آھي. هُن کي اها به سُنڪ ناهي ته، نيب ڪنهن ڪنهن جي نڪ ۾ نوڙي وڌي آھي. هُو ان خبر کان به بي خبر آھي ته، ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڪنهن جون ڪيتريون پوائنٽون آھن. هُن کي ڪائي ڪَل ناهي ته، بلاول ۽ مريم جي مُلاقات تي ماڻھو ڪهڙيون ٽيڪا ٽپڻيو ڪن ٿا. هن کي بس اها خبر آھي ته، سڀاڻي سوير ڪاٺيون نه ڪيون ته سندس ٻچا پيٽ ۾ هٿ وجهي سُمهندا. هن کي اها به خبر آھي ته، جي هيل به مينهن نه وٺو ته زندگيءَ جي ٻني ڀَيل ٿي ويندي. ها هن کي اها ڪَل ضرور آھي ته، جي لطيف جي نينهائي بند ٿي ويئي ته هن جو ڪچرو ڪير وٺندو؟ ۽ جي ڪچرو ڪنهن نه ورتو ته هن جا ٻار بُک ۾ بولاٽيون کائيندي مري ويندا. جي ٻار بُک ۾ مري ويا ته واگهي جا وڻ ئي وڄي ويندا.
واگهو جنهن جا وار وڏا ۽ ٻار ننڍا آھن، واگهو جنهن جي ڏاڙھي وڌيل ۽ وزن گهٽيل آھي. واگهو جنهن جا ڪپڙا ميرا ۽ اندر اُجرو آھي. واگهو جنهن کي وهنتي ڪي ڏينهن وهامي ويا آھن، ڇاڪاڻ ته، گهڻن ڏينهن کان مينهن وٺو ناهي. واگهو جنهن جي پيرن ۾ جُتي بدران ڌرتيءَ جو پيار پاتل آھي. ڌرتي تپندي به هُن جا پير نه ٿي ٻاري. وطن جي واري هُن جي پيرن تي پَها رکي ٿي. واگهو جنهن جي ونيءَ جي هرڻ جهڙين اکين ۾ رڳو سُورن جو سُرمو پيل آھي. واگهو، جنهن جا ٻار پڙھڻ واري وهيءَ ۾ پورهيو ڪرڻ تي مجبور آھن. واگهو، جيڪو جيئڻ جي جستجو ۾ زندگيءَ جي هر ذلالت کي نعمت سمجهي نبيري ٿو.
هُو ڪُلهي تي ڪاٺين جي ڀري ۽ مٿي تي ڪَنڊيءَ جي پنن جي ڪانبي ساڻ گڏھ جيڏو بار کڻي هر روز ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ وڪڻڻ ويندو آھي، پر هن کي صحي اجورو به ناهي ملندو. راڄُ جون راڻيون هن کان ڀري ڪاٺين جي وٺي ٻُڪ اٽي جون ڏيئي اهو چونديون آھن ته، ڪاٺيون ڪم جون ناهن صفا آليون آھن. اهو ٻُڌي واگهي جون اکيون آليون ٿي وينديون آھن. هُو بس ڀنل اکين سان مُرڪندي مُرڪندي هليو ويندو آھي. ويندي ويندي واٽ ۾ سوچيندو آھي ته هن اَٽي مان ته اکيون ئي ناهن ڀرجيون پيٽ ڪٿان ڀرجندو. شُڪر جو ٿڌو ساھُ کڻي ڪُتي وارو پيٽ ڀري به انسان وانگي جيئي ٿو.
الئه ڇو ڪي ڪي ماڻھو هن کي ماڻھو ئي تسليم نه ٿا ڪن. انهن کي ائين لڳي ٿو ڄڻ هي پٿر جو پتلو آھي. هن کي ڪو ادراڪ ئي ناهي؟ انهن کي ڪير سمجهائي ته، واگهي جي وجود ۾ ڌڙڪندڙ دل به گوشت جي ٺهيل آھي، واگهي جو به رت جو داٻ وڌي گهٽي ٿو. شُگر هن جي به سرير ۾ موجود آھي. توڙي جو مٺاڻ هن کي چانهه ۾ وجهڻ لئه به نه ٿي ملي. اُڃ ۾ هن جون به بُڪيون تڙپن ٿيون. هن جي زبان به ذائقا چکڻ جو گيان رکي ٿي. توڙي جو اُن اٽي ۽ لوڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي چکيو. هن جون اکيون پڻ رنگ سُڃاڻڻ ٿيون. اُس ۾ هن جي به چمڙي سڙي ٿي. سيڪس جو خيال هن کي پڻ ساڳيو اچي ٿو، پر هي اڃا اورل سيڪس واري جدت ۾ جانور ناهي ٿيو. هي اهو انسان آھي جيڪو آدم ٿي رهڻ پسند ڪري ٿو.
ٻُڌو اٿم ته، واگهو هاڻي انبن وارن ڏينهن ۾ شهر ڏانهن ناهي ويندو. اهو ان ڪري جو هڪڙي ڀيري انبن واري گاڏي تان سندس نظر گُذري هُئي. هُو چاهيندي به وٺي نه سگهيو هو، ۽ هن جي اکين ۾، انبن جي ڦار لئه سڪندڙ سندس سِنهن ٻچن جا عڪس لُڙڪن جي روپ ۾ تري آيا هئا. ٻچن جي دلدوز درد ۾ هي لُڙھي ويو هو. ٻچا ته پکين کي به پيارا هوندا آھن. هي ته پوءِ به انسان هو. اهڙو انسان جيڪو ايڪهين صديءَ جي جديد انساني جانورن واري دنيا ۾ ڄمي ڦاٿو آھي.
اولمپڪ جو اڇو سگريٽ واگهي جي وڏي عياشيءَ ۾ شُمار ٿئي ٿو. ان لئه هُو گهڻو ڪجهه ڀوڳي به ٿو. چانهه به ”جُڙي کي جَس“ ۾ شامل آھي. ماني نه ٿو کائي ته زنده رهي نه ٿو سگهي. هُو ڪڏھن ڪڏھن سوچيندو آھي ته سائنس ايتري ترقي ڪئي آھي، پر بُک جو بندوبست ناهي ڪري سگهي. ڪاش! ڪا اهڙي سستي گوري ايجاد ٿئي، جو سال ۾ هڪ ڀيرو بُک لڳي. اهڙي بُک جنهن ۾ ماڻھو هڪڙو ڀيرو ڍؤ تي ماني کائي سگهي. غريب گُربو هرڪو پنهنجو من پسند کاڌو کائي سگهي. باقي هن روز روز واري بُک ته زندگيءَ جا بخيا ئي اُڍيڙي ڇڏيا آھن. لولي پويان لُڇندي صفا جيئرا لاش ٿي پيا آھيون. هن جي اهڙي سوچ سائنس جو ساھ مُنجهائي ڇڏي ٿي. موتيسري جي مڙھي ۾ واريءَ مان وهاڻا ٺاهي سُمهندڙ ۽ ڏينهن رات لُنڊين جا مٿا لتاڙيندڙ واگهي جي ٻارن کي ڪڏھن به ڪنهن لُنڊي ناهي ڪکيو. هن جي ٻارن جو بلائون به خيال ڪنديون آھن، پر انسان ڏنگي ويندا آھن. واگهي جا ٻار جڏھن بُک ۾ رات جو وشال امبر ڏي اکيون کڻي پالڻهار کان ڪجهه پڇندا آھن، تڏھن آڪاش ۾ ٽمڪندڙ نَو لک تارا تڙپي پوندا آھن. امبر جون اکيون آگمجي وينديون آھن. بُکايل ٻارن جي ڀر ۾ جاڳندڙ سندس پيءُ جي ڏرا ڏيئي ويل اکين ۾ لُڙڪن جون ڪونجون قطار ڪري وهنديون آھن.

هيمراج سنگهه سوڍو

وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي تاڙي ملائي هٿ ڏيندڙ ۽ روح کي تازگي بخشيندڙ هيمراج سنگهه سوڍو ٻهادر سنگهه سوڍي جي ننڍي پُٽ رتن سنگهه سوڍي جو نورچشم آھي. ڇهه ڀينرن ۽ ٻن ڀائرن جو هي موڀي ڀاءُ دل جو درياءَ آھي. ڏُک سُک سردي گرمي ۾ نڀائڻ وارو نَڍر شخص آھي. جهڙو سندس نالو هيم ورنو آھي تهڙو ئي خود پيشُ آھي. نج نبار ۽ پُر خُلوص پيار ڀري شخصيت جو مالڪ آھي. دوستن لئه ساھ صدقو ڪندڙ هي دل جو سچو ماڻھو آھي. دُنيا ۾ هن رڳو دوستي ڪمائي آھي. جيترو بهادر آھي ايترو ئي دل جو ڪچو آھي. صفا ٻاٻهئي وانگي نازڪ طبع آھي. ڪنهن کي روئندو ڏسي پاڻ روئي پوندو آھي. ڪٿي ڪو ظُلم ٿيندو آھي ته، ٽي ٽي ڏينهن ماني ناهي کائيندو. پکي پَسون کان ويندي ڍور ڍڳي تائين سڀنيءَ تي ترس کائڻ وارو، غريبن جو ساٿي، مظلومن تي ساھ پساھ ڏيندڙ هي مالديو سوڍو منهنجي ڳوٺ جي ڪنڌ ۾ موتئي جو هار هو، پر هُو به لڏي ويو. پاڻ مٺڙيو ڀٽيءَ مان ڀارت سنگهه پٽيل جي گهران پرڻيو آھي جنهن مان کيس ٻن پُٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آھي. هن وقت پنهنجي ڀائرن سميت هندستان جي شهر مورٻي ۾ سڪونت پذير آهي.

صفدر پنهور

هُن تي ڪُجهه لکڻ لاءِ قلم کي آريسر جي ڇڏيل اسڪاچ مان ٻوڙڻو پوندو، يا ديوداس کان دل اُڌاري وٺڻي پوندي، تڏھن ئي هن شخص تي شاندار لکي سگهبو، باقي ٿيلي جي ڪُنڊُ ٽوڙي ديسي مڌيرا مان قلم ٻوڙڻ سان هن جي قلندرانه ڪيفيت واري شخصيت سان انصاف نه ڪري سگهبو، ڇاڪاڻ ته هُو پرھ جو پياڪُ آھي! هُو مئخاني جي مريادا جو اهڙو قدردان آھي جو پيمانه به هن جي حُڪم جا پابند ٿي پوندا آھن. هُو جيڪو هر روز سنڌيا ويلي شنان ڪرڻ لاءِ نيري نديءَ ۾ لُڙھي ٿو، ڪڏھن ٻنان ٻوڙ پيئندي ٻُڏي به ٿو ته ڪڏھن عدم دلچسپيءَ جي ڪري تري به ٿو، پر هُو ڪَڙي جا ڪوزا ڀري پيئڻ ۽ جيئڻ کان مُڙي مُور نه ٿو.
هُن جون سُونهن شناس اکيون جڏهن خمارن جي کيپ ۾ ٻُڏي وينديون آھن، تڏھن هُن کي نه رڳو حُسن وڻندو آھي، پر هُو شاعريءَ جي سمندر ۾ به ترندو آھي، ۽ سنهڙا اڇا سگريٽ پيئندي هُن جي دل تي ڪيئي شعر تري ايندا آھن. هُو شاعري ٻُڌڻ جو بنهه گهڻو شوقين آھي. مشاعرن ۾ وڃڻ به سندس بهترين مشغلو آھي. هُو نه رڳو پرھ جو پياڪُ آھي، پر هُو سنڌُوءَ جي مٺي جل جو به متوالو آھي. هُو سنڌُ جو عاشقُ آھي، سنڌي ماڻھن جو عاشقُ آھي، سنڌي شاعريءَ جو عاشقُ آھي، هُو ڀٽائيءَ جو پاٺڪ آھي، هُو اياز شناسي به ڄاڻي ٿو ته، آريسر جي نثر کان وٺي امرتا پريتم تائين سڀني کي پڙھي ٿو.
ھُو هڪڙو اهڙو بي پرواھ بادشاھ آھي، جنهن کي ڪنهن جي به پرواھ ناھي، هُن کي پرواھ آھي ته صرف پنهنجي ماءُ جي جنهن کيس نو مهينا پيٽ ۾ پالي هن جهان ۾ جنم ڏنو، هن کي پرواھ آھي ته اُنهن وڻن ۽ هوائن جي جيڪي هن کي انبن جي ديس ۾ آڪسيجن ڏين ٿا. هن کي پرواھ آھي سنڌُوءَ جي شيتل جَل جي جنهن کي پِي هُو هينگ اوور اُتاري ٿو. هُن کي ڪنهن به عُقاب جو اُلڪو ناهي، پر اُن پکيءَ جي پرواھ ضرور آھي، جيڪو علي الصبح جو اُٿندي مٺي لات لنوي ٿو. هُن کي پراوھ آھي ته، اُن قوم پرست شاعر جي جيڪو تخلص مَٽائڻ سان گڏ نه رڳو ملڪ پرست بڻجي ويو آھي، پر شاعريءَ کي خيرآباد چئي رياضيدان به ٿي ويو آھي. گوگل وارو گول ته مالڪ ڄاڻي پورو ٿيندو يا نه پر رنگ جام مٽايا اٿس.
هُو جيڪو ڪڙئي گهنور جي ڪوڏيلي مصطفيٰ اياز مهيري سان گڏ نيري نديءَ ۾ ترندي، لاڙ جي سُڳداسي چانورن جي خوشبوءَ جهڙيون سنڌُ جي خوابن جون ڳالهيون ڪري ٿو. مهريءَ جا گُلئي ساحليءَ ۽ نندائي يار وارا من موهيندڙ مذاق ٻُڌندي ٻُڌندي اچانڪ اکين مان آب هاري وطن واسين جي پيڙائن ۾ پڄري ٿو. هُو ديس واسين جي درد ۾ ڪڙي جا ڪوزا ڀري پيئي ٿو. هُو ڪڏھن مهريءَ سان گڏ سنڌ جي سورن ۾ مري ٿو ته، ڪڏھن ڪانگل خط کڻي وڃ واري حفيظ ڪنڀر سان حال اوريندي ”موسو ماڇي“ بڻجيو وڃي ٿو.
هُو جيڪو اڌ قلندر ڇوڪري جي ڪُل قلندر شاعريءَ جو نه رڳو قدردان آھي، پر اُن شاعريءَ جي سِٽ سِٽ جو عاشقُ پڻ آھي. هُو جيڪو وطن جي دڳن کي ”درسي ڪتاب“ وانگي پڙھي ٿو. هُو جيڪو ٻوليءَ جي ٻاون وير ميان گُل محمد ڪلهوڙي، نثر جي نشانبر ليکڪ نثار بلوچ، جلال جان، ڀڳت هالار لغاري، نارُو ڀيل، ۽ ڀٽائيءَ جي پارکُو عطا چانهيو وارن جي چوياريءَ ۾ چنڊُ وانگي چمڪي ٿو. هُو انهي چندن چوڪڙيءَ ۾ اڪبر بادشاھ واري حيثيت رکي ٿو. توڙي جو هن وٽ بيربل جهڙو وزير ناهي، پر هن جي مئخاني جو ساقي بيربل ئي آھي. اُھو بيربل به توڙي جو ڪُل عقُل ناهي، پر گهڻن کان گهٽ به ناهي. هُن جي هٿ جو جام پيئندي ماڻهو انگوري ول ٿيو پوي. هو هڪڙو اهڙو بي ڊپو ڪردار آھي، جنهن کي ڪنهن جو به ڊپ ناهي. هُو نواب کي به مُنهن تي تڙو کڙو سچ چئي ڏيڻ وارو کرو ماڻهو آھي. هُن نه ڪڏھن ڪنهن جعلي ڪامريڊ وانگي ڪنهن اڻڏٺل مسئلي تي اوور ري ايڪٽ ڪيو آھي، نه ئي ٻئي جي مسئلي ۾ ڪڏھن ڪا ٽنگ اڙائي اٿس. هُن هر مسئلي تي سنجيدگيءَ سان سوچيو آھي. هُن نه ڪڏھن هندئن سان گهڻي همدرديءَ جو اجايو ڍونگ ڪيو آھي. ۽ نه ئي وري ڪڏھن مسلمانن سان بي انتها محبت جو بانور ڪرايو آھي. هُو هڪ اهڙو صوفياڻو توازن برقرار رکيو اچي جنهن کي هر ڪو دل سان قبول ڪري ٿو. هُو رحيم سان گڏ کائي ٿو، ته رام کي به ساڳي پيالي مان پياري ٿو. هُو هر متڀيد کان مٿانهون ماڻهو آھي. جيڪا هُن جي دل چئي ٿو، هُو ڪري ٿو. هُو ڪو به فعل ڪرڻ وقت ائين نه ٿو سوچي ته ماڻهو ڇا چوندا...! ڇاڪاڻ ته هُو بي پرواھ بادشاھ آھي. هُو سرعام شراب به پيئي ٿو ته، جيڪو دل تي آيو اهو عالمي اوطاق تي لکي ڇڏي ٿو. انبن جي ننگري ميرپورخاص ۾ رهندڙ ان بادشاھ جو اسم گرامي آھي صفدر ۽ سندس ذات پنهور آھي. سدائين اکين تي عينڪ ۽ مُنهن تي هلڪي مُرڪ هن جي شاندار سُڃاڻپ آھي. پيشي جي لحاظ سان ٽرانسپورٽر آهي، ۽ ان سان گڏ سندس بئراجي زمين به روزگار جو وسيلو آھي. کپري واري روڊ تي سندس دڪان آھي ۽ ڀر ۾ ئي مئخانو آھي. جتي هر روز ڪو نه ڪو شاعر، اديب، سگهڙ، ۽ راڳي هن وٽ مهمان هوندو آھي. شاعرن سان ته صفدر جون هُئين ٻٽيهه دليون آھن، پر هُو هر ماڻهوءَ جو آدر ڪرڻ ڄاڻي ٿو. هن وقت اڌ سنڌُ جا شاعر هن بي پرواھ بادشاھ جي نه رڳو فقيراڻي فقر جا پوئلڳ آھن، پر کيس اُستاد جي درجي سان نمي پرڻام به ڪندا آھن.
هُن جو مزاج جتي ڏونگر جهڙو ڏاڍو آھي، اُتي ڪپهه جهڙو ڪونئرو به آھي. هُو جيڪو وقت جي ڪنهن به جابر اڳيان جُهڪي نه ٿو، پر ديس جي هر مظلوم جي درد ۾ جُهوناڳڙھ وانگي جُهري پوي ٿو. هُو جهري پوي ٿو تڏھن جڏھن ڏسي ٿو ته، ڪو ٿر جو معصوم ٻار پيٽ جي باھ وسائڻ لاءِ هڪ اهڙو ڪرتب ڏيکاري ٿو، جنهن ۾ اُن جو ساھ مُنجهڻ ڪري، نڙيءَ جون نبضون ڦُوڪڻي وانگي ڀرجي وڃن ٿيون. اهڙو هانءُ ڏاريندڙ منظر ڏسي هُو دانهن ڪري چوي ٿو بقولِ مهر ڊبائي ته؛
ساھُ هڪ هڪ جي قيمت ڀري آ
زندگيءَ آهي يا مشڪري آ

احمد کٽي

هُو جنهن جي نيرولي هٿن کي الله سائين اهڙو آرٽ ڏنو آهي، جو اُهي ڪنهن به ڪينواس تي آڏا اُبتا ليڪا پائن ٿا ته، عالم جي عظيم چترڪار پڪاسو جي ڪنهن حسين پڪچر وانگي انڊلٺي عڪس ازخود اڀريو اچن ٿا. هُو جنهن جي هٿ ڪراين ۾ قلم اچڻ کانپوءِ هر ڪا مس هن جي محتاج ٿيو پوي ٿي. قلم جي سُرخاب کي ڪاغذ تي سراڙا پارائيندي هن تي ڪو وجد تاري ٿي وڃي ٿو ۽ هو پاڻ نه ٿو لکي، پر هن جي اندر ۾ موجود ڪو ڪمانگر ڪوي لکي ٿو، جنهن جي ڪمال جي جمال هن کي آرٽ جي آڪاش تي چوراسي چنڊن جهڙي سُهائيءَ سان روشناس ڪري ڄڳ ۾ سُرخرو ڪيو آهي. هُو جنهن جي قفس ۾ قيد کُڙکٻيتي جهڙي خطاطي ڪلا جي اهڙي ڪرانتي آهي، جنهن جا اُهاءَ پسي سُونهن شناس اکين کي آسيس اچيو وڃي ٿو. هُو جيڪو ميمڻن جي ڇڏيل ويران وستيءَ جي وارثي ڪندي، اڄ به ان شهر جي اڌ جهريل اجهن ۾ قيام پذير آهي. رُکي سُکي روٽي کائيندي به هن ڪڏهن اها شڪايت ناهي ڪئي ته منهنجي ڏات جو ڪنهن قدر ناهي ڪيو. هُو پنهنجي جهونين جهوپڙين ۾ ويهي سرسوتيءَ جي سيوا ڪندي وِديا سان وفا ڪندو اچي، هُو اڄ به قلم کي ڪلا جي” روهيءَ“ تي سراڻ چاڙهيندي ”خاتوبند“ جهڙي خطاطيءَ جو خوبصورت هنر هٿيڪو رکيو اچي، هن کي مڃتا جي ڪابه لوڙھ يا لالچ ناهي. هُو پنهنجي پورهئي سان ائين سچو آهي، جيئن هڪ وفادار سپاهي پنهنجي وطن جي سرحدن سان سچو هوندو آهي. جئين هڪ ماءُ پنهنجي اولاد سان محبت ڪندي آهي. هن حياتيءَ جي پنڌ ۾ مُڙي نهارڻ سدائين مِهڻو سمجهيو آهي. ان ڪري هُو اڄ به ساڳي محنت ۽ لڳن سان مزوري ڪندو اچي، توڙي جو حالتن ۽ وقت هن کي ڪيئي ڏک ۽ ڏنجهه به ڏنا آهن، پر هن هار مڃڻ سکيو ئي ناهي. ”وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي“
جي مُترادف هن سک چين تياڳي پنهنجي هنر سان هم ڪلام ٿي نت روز نيون شيون تخليق ڪيون آهن. هن جي پينٽيگس ڏسي لڳي ٿو ته هن شڪلين ۾ شاعري ڪئي آهي، هن اکرن ۾ هر عڪس چٽيو آھي. حياتيءَ جا سمورا سُور تصويرن ۾ تحليل ڪري ڇڏيا آهن. هن ته پراڻي مندر ۾ ٻرندڙ ڏيئي جهڙي ڏيپلي شهر جي وارثي وڏي دل سان ڪئي آهي، پر هن ملير جي مٽيءَ مان ڪو اهڙو ڄائو آهي جيڪو وڃي هن کان پڇُي ته تون زندگيءَ جي پڇاڙڪي ڏاڪي تي ڪيئن گذاري رهيو آهين؟ آهي ڪو اهڙو قدر شناس جو، پرائمري ماستر واري پينشن تي پنهنجي ٻچن کي پاريندڙ هن ڏات ڌڻي جي ڌڻيپ ڪري ۽ هن جي ڪلاونتي دل کي اهو ڏڍ ڏياريندي چوي ته ”اي اسانجي وطن جا واهلا ڪوي! تون مايوس نه ٿي، تنهنجي هاتڪ هٿن جي پٽڪُنوار جهڙو پورهيو اسان جي اکين تي، اسين تنهنجي هٿن جي محنت کي دلين ۾ سمائي رکنداسين، اسين توکي تاريخ جي ورقن ۾ پيار جي پهرين سبق وانگي پڪو ڪنداسين! سائين احمد کٽي کي هن وقت بس اهڙي دلداريءَ جي ضرورت آهي، جيڪا هن جي عمر ۾ اضافو ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته فنڪار سدائين محبتن جا گهرجائو هوندا آھن. انهن کي محبت ملي وئي ته سمجهو دنيا جو هر مقام ملي ويو. فنڪار محبتون ورهائيندا ۽ وصول ڪندا آهن ..
سائين احمد جڏهن به ڪا خوبصورت خطاطي ڪندوآهي، تڏهن مختلف رنگن واري مس پاڻ پنهنجي هٿن سان ٺاهيندو آهي. ان مس ۾ هڪ اهڙو اعليٰ گڻ سمايل هوندو آهي جو اها مس ڪهڙو به ڪاڙهو هجي ”ڪينواس “ تان ڪڏهن به مٽجي ناهي سگهندي. ان مس کي دائميت هوندي آهي. احمد کٽي پنهنجي حياتيءَ ۾ هڪ اهڙو ڪارائتو ڪارنامون سرانجام ڏنو آهي، جنهن جي جيتري ساراھ ڪجي گهٽ آهي. هڪ اهڙو نادر نموني وارو قلمي نُسخو تحرير ڪيو آهي جنهن کي ڏسي اکيون ته ڇا عقل به دنگ رهجيو وڃي. هن آسماني ڪتاب کي انڊلٺي رنگ سان ڪاغذ جي ڪينواس تي روپيو آهي جي ها! هُن قران شريف جو قلمي نسخو لکيو آهي، جيڪو خطاطيءَ جو دنيا ۾ پهريون نمبر ۽ اعليٰ نمونو آهي. هن نُسخي ۾ هڪ سؤ يارنهن ڀيرا بسم الله لکيل آهي ۽ هر بسم الله منفرد انداز ۾ لکيل آهي، جيڪا ڏاڍي دل لُڀائيندڙ آهي، جنهن کي ڏسي ماڻهوءَ جي مُنهن مان ازخود نڪريو وڃي سبحان الله .....!!
عربي لپي ۾ لکيل هن اعليٰ شهپاري جو سنڌي ۾ گڏ ترجمو به ڏنو اٿس. تمام خوبصورت رنگن ۾ روپيل هن قلمي نُسخي جو جوڳو قدر ٿيڻ کپي.

چهن سنگهه ڪوٽڙيو

ڪُوٽڙيا اصل ۾ راجسٿان جي ڳوٺ ڪوٽڙي گڊ ۾ رھڻ ڪري ڪوٽڙيا سڏجڻ لڳا. ڪوٽڙيا راٺوڙ مليناٿ جو اولاد آھن. سوريا ونس راٺوڙ راجپوت آھن. ٿرپارڪر ۾ هن وقت ڪوٽڙين جو وڏي ۾ وڏو ڳوٺ جهپيو آھي، جيڪو مٺي کان ڏکڻ ڇويهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي. هن ۾ ڪوٽڙيا راجپوت، مهر راجپوت، ٻاڙميرا راجپوت، سُورا راجپوت ۽، حجام ۽ ميگهواڙ رهن ٿا. ماتاجي مالهڻ ماتا، ماتا راڻي ڀٽياڻيءَ ۽ رامپُور جا وڏا ٿان به هن ڳوٺ جو شان آھن.
چهنسنگهه ڪوٽڙيو جو جنم 1953ع ۾ شريمان پراگوجي ڪوٽڙيا جي گهر ۾ ٿيو. پراگوجي ڳوٺ لاڏڪي جي ارجڻ سوڍي ڀوپت سنگهه جي گهران پرڻيا هئا. پراگوجي کي اولاد ۾ مگهجي، راڻوجي، ڪاروجي، چهنسنگهه ۽ رتن سنگهه نالي پنج پُٽ ٿيا. رتن سنگهه جو وڏو پٽ سوائي سنگهه ڪوٽڙيو انتهائي سپوت، باذوق، بااخلاق ڇوڪرو آهي، جيڪو عزيز قريب تي مري مٿو ڏيندو آهي. چهنسنگهه شروعاتي تعليم سندس اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. بعد ۾ مڊل ۽ مئٽرڪ تائين مٺيءَ ۾ پڙھيو. انٽر ۽ بيچلر حيدرآباد مان پاس ڪيو. جتي ڪيرٽي جي ڪُل ديپڪ خانجي سوڍي وٽ رهندو هو. تمام گهٽ ڳالهائو ۽ ماٺيڻي سڀاءَ جو مالڪ هو. فتني فساد کان پري رهندو هو. هر ڪنهن کي عزت ڏيندو هو. هن کان ڪنهن کي به شڪايت نه هوندي هُئي. نه ڪڏھن ڪنهن جي ثنا ڪندو هو نه گلا. پنهنجي دنيا ۾ خوش رهندڙ هن ملوڪ ماڻھوءَ کي 1983ع ۾ پوليس کاتي ۾ هيڊ ڪلارڪ واري نوڪري ملي. نوڪري دؤران مٺي ۾ سراڻ ڪالونيءَ واري جڳهه سندس رهائشگاھ هوندي هُئي. جتي وينجهراج مهر بورچي
ڪيائين، پر ڏکايائين ڪنهن کي به نه. هي دلين جو ديوتا ماڻھو هو. هر دکايل دل جو درد ڀلي ڀانت پرکي وٺندو هو. ائين چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته، هي اکين جي آريسي ۾ دردن جا عڪس ڳولي وٺندڙ اهو ماهر ماڻھو هو، جنهن وٽ دردن جي سمنڊن ۾ غوطا لڳائڻ وارو هنر به هٿ وس هو. چهنسنگهه هيڊ ڪلارڪ مان ترقي ڪندي آفيس سُپرٽيڊنٽ واري عهدي تائين پهتو، پر حياتي وفا نه ڪئي ۽ حاضر سروس دؤران هارٽ اٽيڪ ٿيڻ ڪري، تاريخ 2 ڊسمبر 2009ع جي نڀاڳي رات جو ابدي سفر جو راهي ٿي ويو. گهر وارن کان وٺي دوستن، عزيزن ۽ گهڻگهرن کي سوڳوار ڪري ويو.
چهنسنگهه، ڳوٺ کرڙي جي آسڪرڻ سوڍن مان شادي ڪئي. جنهن مان کيس اڪيلي پُٽ ۽ ڇهه نياڻين جو اولاد آھي. پنج نياڻيون اڇڙي ٿر ۾ پرڻايل آھن. سندس پُٽ جو نالو رام سنگهه راٺوڙ آھي، جيڪو لاڪوڙي جي سوڍي درٻار ڀورجي جي گهران پرڻيو آھي، ۽ هن وقت پوليس کاتي ۾ سپاهي واري پوسٽ تي نوڪري ڪري رهيو آھي. تمام محبتي ماڻھو ۽ سُلڇڻو ڇوڪرو آھي. دوستيءَ ۾ دل سان نڀائڻ وارو آھي.

تپيدار سروپ سنگهه ڪوٽڙيو

سروپ سنگهه ڪوٽڙئي جو جنم تعلقي مٺيءَ جي ڳوٺ جهپيو ۾ تاريخ 15 جون 1966ع تي مانسنگهه ڪوٽڙئي جي گهر ۾ ٿيو. مانسنگهه تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ لاڏڪي ارجڻ مان شادي ڪئي. جنهن مان کيس چئن پُٽن جو اولاد ٿيو. سروپ سنگهه، آنٻجي، کيمجي ۽ نگجي، نالي چار ڀائر هُئا. جن مان نگجي جوانيءَ ۾ ئي گُذاري ويو. سروپ سنگهه ماءُ، ۽ پيءُ جو موڀي پُٽ هو. هُو ننڍي هوندي کان ئي ذھين هوندو هو. هن شروعاتي تعليم سندس اباڻي ڳوٺ مان پرائي، ۽ بعد ۾ مٺي ۽ حيدرآباد ۾ پڙھيو. تمام محنتي ۽ اورچ خيالن جو مالڪ هئڻ ڪري هر ڪم ۾ سڦلتا پراپت ڪندو هو. ايشور ڀڳت هئڻ ڪري هي هر ماڻهوءَ کي نيڪ صلاح سان نوازيندو هو. هر سال دُرگا ماتا جا نوراتا وڏي پاڪيزگيءَ ۽ بُزرگيءَ سان رکندو هو. چاليسي جو پاٽ ڪندو هو. نوَ راتيون پَٽ تي سُمهندو هو. نو راتن ۾ دنيا جا سڀ خفا هڪ پاسي رکي ماتا جي شيوا ۾ مگن هوندو هو. کيس پرماتما جي پرڪرتيءَ ۽ درويشن جي ديا درشٽيءَ تي وڏو يقين هوندو هُو. ننڍڙن ٻارن سان وڏو پيار ڪندو هو. سندس وڏي پُٽ گلاب سنگهه جي ڪنور مهتاب سنگهه ۾ ته ڄڻ هُن جو ساھُ هوندو هو. مهتاب کان سواءِ ھُن کي ماني به نه وڻندي ھُئي. پوٽا ھُئين به پُٽن کان وڌيڪ پيارا ھوندا آھن، لوڪ چوڻي آھي ته وياج مُور کان به مِٺو لڳندو آھي. سروپ جي وڇوڙي پُڄاڻان نه رڳو سندس پُٽ گلاب جي چھري تي چنتائن جي ريک رھي آھي، پر سندس پوٽي مهتاب جي مُک تي چمڪندڙ مُرڪ پڻ ميري ٿي ويئي آھي.
سروپ سنگهه کي ڪيرٽيءَ جي ڪُل ڌڻي خانجي سوڍي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ 21 جنوري 1984ع ۾ تپيدار واري نوڪري وٺي ڏني. شروعات ۾ بئراجي تپن تي ڪجهه عرصو نوڪري ڪرڻ کان پوءِ ٿر جي باراني تپن تي تمام گهڻو عرصو پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. روينيو کاتي ۾ تمام گهڻي مهارت رکڻ جي ڪري ضلعي جا سمورا اعليٰ آفيسر کيس عزت جي نگاھ سان ڏسندا هُئا. سروپ سنگهه جهڙو ماهر تپيدار ٿرپارڪر ۾ هاڻ نه ملندو. سروپ جو وڇوڙو ٿر ۾ وڏو خال پيدا ڪري ويو آھي. جيڪو ڀرجڻ مشڪل بلڪه ناممڪن به آھي. هُو پنهنجي رات وٺي آيو هو. ھڪُ ڏينھن اچانڪ قضا جو قھر ڪڙڪيو، تاريخ 19 آگسٽ 2019ع جو ميرپورخاص مان واپس ورندي نئون ڪوٽ مٺي روڊ تي ڳوٺ سانياسر نھڙي وٽ رات جو يارنهن وڳي روڊ حادثو ٿيو جنهن ۾ هي هنس هميشه لاءِ اُڏامي ويو. پوٽوهار گاڏي هُئي، جيڪا پاٻوهر جي تپيدار ڪانجي چارڻ جي هُئي، ۽ هُن پاڻ ڊرائيونگ پئي ڪئي. سروپ خالي سائيڊ ويٺو هو. سانياسر وٽ روڊ تي مينهون اچي ويون، ڪانجي چارڻ مينهُن کي بچائيندي رانگ سائيڊ گاڏي وٺي ويو جتان تيز رفتار ۾ سامهون ٽرڪ آئي ان سان ٽڪرائجڻ ڪري حادثو پيشُ آيو، ڪانجي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي آغا خان اسپتال ڪراچي نيو ويو ۽ سروپ پڙ تي دم ڌڻي حوالي ڪري ويو.
سروپ سنگهه عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ کرڙو جي آسڪن سوڍن مان 9 ڊسمبر 1984ع تي شادي ڪئي، جنهن مان کيس پنج نياڻين ۽ ست پُٽن جو اولاد آھي. وڏو پُٽ گُلاب سنگهه آبپاشي کاتي ۾ سب انجنيئر آھي. ننڍو پُٽ نخت سنگهه وٽرنري کاتي ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ آھي. نخت سنگهه سوڍو ڳوٺ آروکيءَ مان تپيدار گمان سنگهه جي گهران پرڻيو آهي، انتهائي سپوت، عقلمند ۽ بردبار آهي. اميد ته نخت سنگهه سندس والد صاحب جون سِڪون لاهيندو. ان کان ننڍا پريم سنگهه، لکجي، وير وڪرم سنگهه، لجپت سنگهه ۽ تيرٿ سنگهه زير تعليم آھن. سروپ سنگهه جي وڇوڙي تي رت روئندي لکيل سندم خط هتي ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو.
مُنهنجا ڀاءُ! ڀرئي وسڪاري ۾ ڌڪ ڪڍي وئين....!
آئون هن وقت ڏيپلي جي ڏاکڻي بازار ۾ ويٺو آھيان، صبح جا ست ٿيا آھن. پکي پرميشور جا گيت ڳائي پنهنجي صبح جي شروعات ڪري رهيا آھن، ننڊ ۾ سُتل ڪنهن آلسُو ٻار وانگي ڏيپلي جي اڌ اک کُلي آھي، ۽ مون فيسبوڪ کوليو آھي. کوليندي ئي فيسبوڪ جي مين وال تي مُنهنجي نظر اُن اڀاڳي پوسٽ تي پيئي آھي جنهن کي پڙھي منهنجا نيڻ پُرنم ٿي ويا آھن. سرير مان ست ڇڏائي ويو آھي. اوڇنگار نڙي ۾ اٽڪي پيئي آھي. پهاڙن کان ڀاري اُها پوسٽ تُنهنجي ڳوٺائي پريم سنگهه مهر جي آھي جنهن لکيو آھي؛
Tapedar sarooop Singh is no more with us.....!
پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي آھي. يقين ئي نه ٿو اچي ته ڪو تُنهنجو ائين ڪُڍالو موت ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ ته تون انتهائي نرم دل، نيڪ دل، ايشور ڀڳت هُئين. دل مڃي ئي نٿي. دل چئي ٿي ڀڳوان ڪندو اها ڪوڙي خبر هوندي. پريم سنگهه مذاق ڪيو هوندو، پر وري سوچيان ٿو ههڙو مذاق ڪيئن ڪندو...وري وري فيسبوڪ جون پوسٽون تڙ تڪڙ ۾ اُٿلائيندو وڃان ٿو، هڪ، ٻه، ٽي چار ائين الائي ڪيتريون ساڳي نوعيت واريون پوسٽون پڙھي پڪ ٿئي ٿي ته، هنسلا اُڏامي ويا آھن. منهنجي ماسيءَ جي جُهور پوڙھي وجود کي ٻي ڀاري بندوق لڳي چُڪي آھي. منهنجي ڀاڀيءَ جي سينڌُ جي سندُور جي لالائي لهي ويئي آھي. منهنجي درويش دل ڀائٽئي گُلاب جون سموريون بي پرواهيون پيءُ جي موت ۾ لُڙھي ويون آھن. اکيون پوري تصورن ۾ اوڀر ڏي نگاھ ڪيان ٿو ته ائين لڳي ٿو اڄُ آفتاب اُڀرندي ئي لهي چُڪو آھي، ڪوٽڙيا ڍاڻيءَ واري ٽيليفون ٽاور تي ويٺل ڪانگڙي اسر ويلي هڪڙي اُداس ڪُوڪ ڪئي آھي، جنهن کي ٻُڌي ٻارڙن کان چيخون نڪري ويون آھن. ڪُتا اُڀرندڙ سجُ ڏي مُنهن ڪري اونائي رهيا آھن. تُنهنجي لڳرايل آر او پلانٽ تان پاڻي پيئندڙ پکين جي اکين ۾ پاڻي آھي! جهپيئي جي اُفق تي چمڪندڙ قمر جو جوهر جَهڪو ٿي ويو آھي. هولي گرائونڊ جي ڀر ۾ تُنهنجي گهر جا فانوس وساميل آھن، تُنهنجي جهپئي واري گهر ۾ قيامت صغرا وارو قهرام متل آھي، ۽ هتي مُنهنجون اکيون آگميل آھن...! مُنهنجو اکيون جن جا ڳوڙھا به ڪير نٿو اُگهي، سارو شهر بي رحم تماشائي بڻيل آھي، ۽ آئون تُنهنجي موت جي بي مندائتي بارش ۾ ٻُڏي ويو آھيان..
مُنهنجا مٺا ڀاءُ...! راتوڪي رات جَهپيئي وارن ڪيئن ڪَٽي هوندي؟ ڪيئن ڪَٽي هوندي اُن معصوم پُٽ جيڪو اها آس رکي سَنجهي مان سُتو هوندو ته، صبح جو بابا ايندو ته مون لاءِ شيءِ وٺي ايندو. قيامت جهڙي اها ڪاري رات اُن ماءُ ڪيئن ڪَٽي هوندي جيڪا تُنهنجي موت جو ٻُڌڻ کانپوءِ دماغي توازن وڃائي ويٺي آھي. دنيا جي وڏي ۾ وڏي اها ويرڻ رات اُنهن ڀائرن تي به ڀاري بم وانگي ڪڙڪي هوندي جن جو سڀ ڪجهه توسان وابسته هو. ڪاري رات جو هڪ بجي ڌاري ننڊ سُتل تُنهنجي بي خبر گهر ڀاتين کي ڪنهن ننڊ مان جاڳائي تُنهنجي موت جي خبر ڏني هوندي تڏھن انهن مٿان ڇا گُذريو هوندو! هي هڪ اهڙو درد آھي جيڪو ڪٿڻ کان مٿڀرو آھي. هي هڪ اهڙو درد آھي جنهن ۾ ڪير ڪاتيءَ سان ڪهي پيو. پر ماڻهوءَ جو ساھُ نٿو ٽُٽي...! ڪنهن پکيءَ جا پَر ڪَٽي پوءِ اُڏامڻ لاءِ چئجي هي درد ان ڪيفيت ۾ ڪرٽ وانگي وهي ٿو. هي هڪ اهڙو درد آھي جنهن ۾ ماڻهوءَ جي مَت ڇڏائجي وڃي ٿي. ڪنهن پياسي مسافر جي وچ رڻ ۾ سانداري ڦاٽي وڃي ائين هن درد تُنهنجي چاهيندڙن کي چيريو آھي...!
اي مُنهنجا مٺا ماسات ڀاءُ...! ائين اچانڪ ڪئين هليو وئين .موڪلائي به نه وئين يار توکي ڏٺي سال ٿي ويو هو. ڪهڙي خبر هيئن اوچتو هليو ويندين اها خبر هُجي ها ته هاسيڪارڻ مٺي اچي توسان ملاقات ڪيان ها. توکي خبر آھي اوچتو موت ڪيتريون حياتيون وڃائي ڇڏي ٿو. ڀايا وڃڻ ۾ ايڏي تڪڙ ڇو ڪيئي...! توکي اڃا ننڍڙي نياڻيءَ جو نياڻڪو بار لاهي، حياتيءَ جو قرار ماڻڻو هو. توکي اڃا لجپت جي مُنهن تي به موڙ ڏسڻا هُئا. توکي ريٽارڊ ٿي ايشور ڀڳتي به ڪرڻي هُئي. پنهنجي اُن پوڙھي ماءُ جو ڪُلهي ڪانڌي ٿيڻو هو جنهن کي اڳي تُنهنجو ڀاءُ وڇوڙي جو وڏو ڏنڀ ڏيئي ويو آھي. اڄ اُن اڀاڳڻ ماءُ کي ويتر وڍي ڇڏيئي. پيارا ائين ڇو ڪيئي!
اي ڪُلوڌر ڪُل رتن ڪوٽڙيا...! تُنهنجي پرلوڪ پَڌارڻ سان ڀلي ڪنهن تي ڪو فرق نه پوي، پر توکان سواءِ تُنهنجا ٻچڙا رُلي ويندا، مڃان ٿو ته پيٽ ڀري ماني انهن کي به ملندي پر پيارا! پيئرڪو ڏڍُ نه ملندو. انهن کي بُک نه ماريندي، پر ماڻهن جا رويا ماري وجهندا، يتيم لفظ انهن معصومن جا وڻ ئي وڄائي ڇڏيندو. انهن جي زندگيءَ شفقت ڀري ڇپر ڇانوَ کان محروم ٿي ويئي آھي.
مڃان ٿو وقت پُڄاڻان تون وسري ويندين، ڪامورن کان، ڪمندارن کان، هارين کان، زميندارن کان، کاتيدارن کان ۽ سمورن يارن کان، پر پيارا! تون لکجي مهر کان ڪئين وسرندين؟ لکجي لاءِ تون ساڄي ٻانهن ھُئين. اڄُ ھُو دانهن ڪري توکي پُڪاري پيو. ڀايا! تون اُن ماءُ کان ڪيئن وسرندين جيڪا اڃان به جيئري آھي. موڀيءَ پُٽ جي موت کان پوءِ جيئري رهندڙ ماءُ کان مٿي هن دنيا ۾ ڀلا ڪير بدنصيب هوندو. ڪاش! تُنهنجي موت جو ٻُڌي تُنهنجي اُن ماءُ جا پراڻ پورا ٿي وڃن ها جيڪا هاڻ جيئرو لاش ٿي پيئي آهي. اُها اڀاڳڻ ماءُ جنهن کي ڪهڻ سان اڄُ رت به نه نڪرندو، اُھا مرڻ کان اڳ ڪيترا ڀيرا مرندي اهو اندازو لڳائينداسين ته مري وينداسين. پيارا! تون سڀنيءَ کان وسري ويندين پر انهن ڀائرن کان ڪڏھن به نه وسرندين جن جون ٻانهون ٽُٽي چُڪيون آھن. آنٻجي ۽ کيمجي کان تون مُئي نه وسرين. ماڻهو ساھُ کڻڻ وساري سگهي ٿو، پر ڀَوَ جا ڀائر ڪڏھن نٿا وسرن. وساري ته توکي تُنهنجو موڀي پُٽ به نه سگهندو جنهن جي ڪچهرين جو موضوع ئي تون هُئين. هر ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ۾ چوندو هو بابا اڄ هيئن چيو هُوئن چيو… الا! منهنجو مولائي ڀائٽيو گُلاب اڄُ پيلو پَن ٿي ويو آھي. هُن جي واتان اڄ بابا جو شٻڌ ٻُڌي اوڇنگار نڪريو وڃي ٿي. مڃون ٿا ته، سڀنيءَ کان وسري ويندين، پر انهن ڌيئرن کان پَل به نه وسرندين جيڪي پيئرڪي پيار لاءِ هاڻ بنان جَل مڇيءَ وانگي ڦٿڪنديون رهنديون. مُنهنجا پيارا ماسات! وسرندين ته مون کان به نه، ڇاڪاڻ ته هن دُنيا ۾ شايد تُون ئي منهنجو ايڏو خيال ڪندڙ ڀائر هُئين جو مون تُنهنجي روبرو ڪڏھن سگريٽ ئي نه پيتو. هاڻي مون کي هدايتون ڪير ڪندو پيارا! مون کي نيڪ صلاحون ڪير ڏيندو. هن منافق دنيا ۾ پنهنجائپ جو احساس ڪير ڏيندو، تون ته مون کي به يتيم ڪري وئين.
مٺا! مون کي سڀاڻي رسمي طور تُنهنجي تڏي تي تعزيت لاءِ وڃڻو آھي. تُنهنجي تعزيت جو اصل تڏو ته منهنجي دل ۾ وڇائجي چُڪو آھي. باقي دنياداريءَ جي حساب سان وڃڻو پوندو ڇاڪاڻ ته آئون به اڃان زنده آھيان. مري ويندڙ کان جيئرا گهڻو ڀوڳيندا آھن. تُنهنجي تڏي تي وڃي تُنهنجي ننڍڙن کي ڪهڙو ڏڍ ڏيان يار! اها دل ڪٿان آڻيان جيڪا چئي ماٺ ڪيو ٻچڙا ”مرتيو آتما جو ڌرم آھي“ گُلاب کي ڀاڪر ۾ پائي ڏڍ ڏيئڻ جيتري مون ۾ سگهه ئي ناهي. کيمجي ۽ آنٻجي کي آٿت ڪهڙن لفظن ۾ ڏيان؟ ڇا ڪيان منهنجا ڀاءُ! آئون اهڙو پٿر ڪٿان آڻيان جيڪا منهنجي مور جهڙي معصوم دل تي رکي تُنهنجي تڏي تي وڃي تعزيت ڪيان...! پر مٺا! هر حال ۾ ويندس…تُنهنجو اڳي ئي مياري آھيان جو مٺي ۾ ايندي ويندي به توسان سال ٿيو ملي نه سگهيس. هاڻ سڀئي ميارون لاهڻ ايندس. اکين جي پلر سان تُنهنجي تڏي کي پويتر ڪندس. پر ها مٺا! منهنجي هڪڙي ميار توتي رهجي ويندي آئون جڏھن مري ويندس تڏھن تون منهنجي تڏي تي تعزيت لاءِ اچي نه سگهندين…
پيارا...! اڄ آئون تُنهنجي تڏي تان تعزيت ڪري موٽيو آھيان. تُنهنجا ٺاهيل ٺاٺ اڄ به اوچي ڳاٽ تنهنجو تعارف ڪرائي رهيا هُئا. سمورو ڳوٺ تُنهنجي تڏي تي موجود هو. درد کي دلين ۾ پاليندڙ ڪيرٽيءَ جا مگهجياڻي سوڍا به موجود ھُئا. منهنجن ڀائٽين جون اکيون ڀنل هُيون. انهن معصومن لاءِ هاڻي چارئي ڏسون سريکيون ٿي ويون آھن. تُنهنجو پيٽ لوڻيون پُٽ چرين وانگي توکي ڳولي رهيو هو. آنٻجي جهڙي قدآور شخص جو ڪنڌُ جُهڪيل هو. ڀائرن جي جوڙ ٽُٽڻ کانپوءِ واهيون بتال ٿي وينديون آھن. اھا اڄُ خبر پيئي... فقير شير محمد بلالاڻيءَ ۽ تيجوير سنگهه سوڍو تُنهنجي تعزيت لاءِ آيل هُئا. سوين ماڻهو روز اچن ٿا، جن کي آدر به ملي ٿو، پر تون ناهين. تو بنان جَهپيو سُڃو ٿي ويو آھي...مُنهنجا ڀاءُ! ڀرئي وسڪاري ۾ ڌڪ ڪڍي وئين...!

غُلام رسول نهڙيو

چيلهار جنهن ۾ جُوجهار سنگهه ساڏُور جي هڪڙي ڄار مشهور هوندي هُئي، جنهن هيٺ ويهي هُو مهمانن کي مان ڏيندو هُو. هُن وٽ ڪا به اعليٰ قسم جي اوطاق اڏيل نه هوندي هُئي، پر ماڻهن کي آدر اھڙو ڏيندو هو جو راڄ پيا تذڪرو ڪندا هُئا. هن وقت نه جُوجهار آھي ۽ نه ئي اُن جي ڄار..وقت پنهنجي عقابي چنبن ۾ سڀ ڪُجهه لوڙھي ويو، پر چيلهار اُتي جو اُتي چمڪي پيو. چار يُڳن تائين آباد رکڻ واري چارڻن جي دُعا چيلهار کي جيئن جو تئين شاد رکندي آئي آھي. ان شاد باد چيلهار ۾ جُهوجهار سنگهه جي پاڙيئي جي ڀرسان هيلون هڻندڙ راڻاسر ترائي جي اوڀر ۾ عمرڪوٽ واري روڊ ڀرسان اُڀرندي هڪڙي قديم ديوي آھي. اُن ديوي هيٺ هڪڙو درويش جي دل جهڙو دلربا ماڻهو اوهان کي هر ويل هٿيڪو ملندو. هُو ديوي هيٺ ويهي جُوجهار سنگهه سوڍي جون سڪون لاهي ٿو. هُو آيل مهمانن کي ايڏو ته آدر ڏئي ٿو جو اکيون ڀرجي اچن ٿيون. اکيون ان ڪري ڀرجي اچن ٿيون جو هُو جسماني طور معذور آھي، اُٿي به نٿو سگهي، پر مهمانن سان گلي ملڻ لاءِ اُتاولو ٿي ويل چيئر تان اُٿڻ جي ڪوشش ڪندي اهڙي ته حُب سان ملي ٿو جو ماڻهوءَ جي دل ۾ هن لاءِ ديا جو درياءُ اُٿلي پوي ٿو. هُو جسماني معذور ضرور آھي، پر ذهني معذور قطعي ناهي. هُو دل جو درياءُ آھي. هُن کي اڌ سنڌ سُڃاڻي ٿي، هن سان پيار ڪندڙ شاعر، اديب، صحافي ۽ سياستدان سڀئي هُن کي ديوي وارو مُرشد چوندا آھن. هُو ديوي هيٺ ويهي مهمانن کي مان ڏيندي نه رڳو چيلهار جا ڀُڄيا کارائي ٿو، پر پنهنجي درياءُ دل جيڏي وسيع دسترخوان تي سجايل ڍاڪُون ۾ ڍڪي ماني به کارائي ٿو. هُو رڳو نالي ۾ نهال ناهي، پر هر ماڻهو سان محبت ڪندڙ اهو مهمان نواز آھي، جنهن جي ڏنل مان ۽ عزت جو ڀلا ڪير ٿو منڪر ٿي سگهي؟ هُو پنهنجي ڪار ۾ پاڻ کڻائي به سنگت کي راڻاسر گهمائي ٿو. ديوي ڀرسان هن جو ننڍڙو دڪان پڻ موجود آهي. ان دڪان ۾ هڪ ڪمپيوٽر پيل آھي جنهن تي هي سنڌُ جي مختلف شاعرن جي شاعريءَ کي ڊزائن ڪري شوشل ميڊيا تي رکندو آھي. ۽ شاعرن جي جنم ڏهاڙن تي برٿ ڊي ڪارڊ ٺاهي انهن کي شاندار ڀيٽائون پيش ڪري پنهنجي پيار جو اظهار ڪندو آھي. هُو معذور هوندي به پنهنجي حياتيءَ ۾ خوشُ آھي. هُن کي قدرت کان ڪابه شڪايت ناهي، بس هڪڙي شڪايت ضرور آھي ته هن جا انگل آرا کڻندڙ هن لاءِ ڇپر ڇانوَ جهڙو بابل قدرت ڇني ورتو. ڪاڪا جي اچانڪ اولاڪي اسان جي دوست کي ڏاري وڌو آھي.
*

جَڳُو نائي

هوٿيئر جي هن حَسين ڇوڪري تي لکڻ لئه، تڳوسر جي ترائيءَ تي ترندڙ، ڪنهن هنج جهڙي حَسين ڪامڻيءَ جي اک ۾ پيل ڪجل مان قلم کي ٻوڙڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ايشوريا راءِ جي اکين جهڙين سيڙڪين اکين جي مالڪ هن جڳو نائي جي جيون چريتر سان تڏھن ئي ڪو انصاف ٿي سگهندو. باقي مون جهڙي ڪنهن معمولي ليکڪ جو ننڍڙو قلم، سَري جي شام جهڙي اُداسيءَ ۾ ٻُڏل خيال ڀلا هن جي حسين ۽ غمگين زندگيءَ سان ڪهڙو انصاف ڪري سگهندا پر جهڙو حال آھي حاضُر آھي!
هُو جيڪو صبح جو سوير اُٿي پکين کي ڪَڻ اُڇلائي ٿو يا نه، پر ”نگاهن جا نيرا گُل“ ڪنهن واٽ ويندڙ حَسينا جي هنج ۾ اُڇلائي پنهنجي اُجري صبح جو آرنڀ ضرور ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته، هُو سُونهن جو پوڄاري آھي. هُو پاڻ به سهڻو آھي ته سندس ويچار به دل کي وڻندڙ آھن. ھُو هوٿيئر مان مٺي ويندي واٽ ۾ فطرت سان ڪچهري ڪري ٿو. فطرت جي فن ۽ قدرت جي ڪمال تي سوچيندي، مٺي پُڄي ٿو. مٺي هن لئه ماءُ جي هنج جهڙو درجو رکي ٿي. مٺي جنهن کي هن پنهنجين سيڙڪين اکين ۾ ڪجل ڪري پاتي آھي. مٺي هُن جو خواب نگر آھي جنهن ۾ ڏينهن ڏٺي جو هُو ڪيئي سپنا سرجي ٿو. هُو مٺي پهچي پنهنجي حجامڪي دڪان کي کولي ٿو، جيڪو هن لئه ڪنهن درگاھ کان گهٽ ناهي. دڪان کولڻ کان پوءِ حسب معمول اگربتي ڪندي، ايشور در ٻئي هٿ ٻَڌي پرارٿنا ڪرڻ مهل پنهنجي روزي روٽي گهرڻ کان اول مٺيءَ جي امن ۽ هندو مُسلم ڀائيچاري لئه پرارٿنا ڪري ٿو. هُو چاهي ٿو ته منهنجي ديس جي رواداريءَ وارو رواج سدائين لئه روان دوان رهي. ڪنهن به ڪٽرپنٿيءَ يا انتهاپسنديءَ جي هوا هن شهر جي ڏيئي کي گُل نه ڪري. هُو مٺيءَ کي مٺي ئي ڏسڻ چاهي ٿو. اُھا مٺي جنهن جي گهٽين ۾ مندرن جا گهنڊ به وڄن ٿا ته مسجدن مان اذان جون پُڪارون به اچن ٿيون. هوليءَ جا رنگ به هڪ ٻئي تي هارجن ٿا ته، محرم ۾ في سبيل الله وارا شربت ورهائجن ٿا. هرداس ڀڳت تي ڀڄن ڳائجن ٿا ته، مصري شاھ جي مزار تي به ماٿا ٽيڪجن ٿا.
جَڳو جي جهوپڙيءَ (دڪان) ۾ هر وقت ڪچهريءَ جا ڪوڏيا ويٺا ئي ويٺا هوندا آھن، ڇاڪاڻ ته، هتي ٻيو ڪجهه ملي نه ملي، پر جڳو جو پيار، اڌڙي چانهه جي ۽ سنڌ ايڪسپريس اخبار ضرور ملندي. ملڻ جي حساب سان ته هتي ڀانت ڀانت جا اديب ۽ شاعر به ملي ويندا آھن، جيڪي جڳو سان دلپشُوري ڪري مُفت جي چانهه به پِي ويندا آھن ته اخبار به پڙھي ويندا آھن. بعضي بعضي هيڪڙ ٻيڪڙ اديب ته، اخبار کي بغل ۾ ويڙھي پنهنجي پيءُ جي سمجهي کڻي به ويندا آھن. ڇا ڪجي؟ اديب آھن. مُفت جي چانهه ۽ اخبار ته انهن جو به حقُ ٿئي ٿو. حُڪومت کان نه ٿو پُڄي ته ڇا ٿيو اسان وٽ جڳو نائي جهڙا جوان ۽ درياءَ دل انسان ويٺا آھن، جيڪي اهڙن اديبن کي به اکين تي رکي عزت ڏيندا آھن جيڪي چانهه پِي ٻاهر نڪرندا آھن ته جڳمال نائي کي جڳيو چوندا آھن. پر مجال آھي جو جڳمال ڪڏھن مُنهن ۾ سر به وڌو هُجي. هر وقت کلي ملڻ وارو من موهي مزاج هن کي گهڻن کان نيارو ڪري بيٺو آھي. جَڳو پنهنجي ڌنڌي ۾ مشغُول هوندي به ڪچهري ڪندو رهندو آھي. ڪنهن گراهڪ جا وار يا ڏاڙھي ٺاهيندي به مجال آھي جو ڪچهريءَ مان ڌيان ڪڍي. وارن ٺاھڻ وارو هُنر هن کي موروثيت ۾ مليل آھي. وار سنواريندي جڏھن وارن ۾ آڱرين کي ڪنگي ڪري ڦيريندو آھي تڏھن ائين لڳندو آھي ڄڻ هُو دردن جي گهاٽي جهنگل ۾ پنهنجي پيٽ جو ڳڀو ڳوليندو هجي. هُو گراهڪ کي پل به پريشان ٿيڻ نه ڏيندو. ماڻھو ڀلي گهران ڪاوڙجي اچي يا رستي ۾ ڪنهن قرضُو چڙائي وڌو هُجي يا وکر وٺڻ جي ڳڻتيءَ ۾ غرق ٿيل هجي پر جڏھن جڳو جي دڪان ۾ پيل ڪُرسي تي ويهي وڏي ٽڪ ۾ پنهنجو چهرو چتائي ڏسي ٿو ، تڏھن جڳو هن سان گفتگو ڪري هن جو هانءُ هلڪو ڪري ڇڏي ٿو. حجامڪي ڌنڌي ۾ گراهڪ سان گفتگو ڪرڻ فطرتي عمل ۾ شُمار ٿئي ٿو، پر هن جي ڪچهريءَ ۾ پنهنجائپ وارو پيار جهلڪندو آھي.
جڳو کي حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو وڏي چانس به ملي هُئي. نواب شاھ واري زرداري هائوس تي نوڪري ملي، پر مٺيءَ جي مُحبت هن کي اُتي مهينو به رهڻ نه ڏنو. ادب سان عشق، اديبن سان پيار ۽ مٺيءَ جي مُحبت تان هُو وڏي آڇ قربان ڪري وري اُن قينچيءَ واري ڪرت سان لڳي ويو، جيڪا هن جي دردن کي شايد ئي ڪَٽي سگهي، پر هي اُن سان ناتو نڀائيندي عمر ڪَٽي ڇڏيندو.

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/cpPCx3b.jpg[/img]