سنڌ شناسي

سنڌ تي حملن جي تاريخ

سنڌ جي تاريخ تي لکيل هن ڪتاب ۾ صرف ڌارين جي ڪاهن، انهـن جي ڦرلـٽ، ظـلـم ۽ زيادتـيءَ کي چِٽيو ويو آهي.
هن ڪـتاب ۾ ڪُل 28 مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ سنڌ امڙ ڌرتي، سنڌي ۽ آريا، سنڌي ۽ ايراني، سڪندر مقدوني سان سنڌين جي ويڙهاند، سنڌين جو اعلان آزادي، موريا خاندان کانپوءِ سنڌ جي حالت، ساڪا قبيلن جي سنڌ ۾ آمد، ڪشن گهراڻو، سنڌين جي ايرانين سان مدد، گپت گهراڻي جو حملو، هُڻ (Huns) لوڪن جو ڏهڪاءُ، سنڌين جي حاڪميت، سنڌين جي حالت آرين کانپوءِ، نوشيروان جي ڪاهه، عرب ۽ سنڌي، عربن ۽ سنڌين جي ويڙهه، سنڌ تي محمود غزنويءَ جا حملا، دهليءَ جا دلال ۽ سنڌ جا سورما، شاهه بيگ ارغون جو سنڌ تي حملو، شاهه حسن ارغون جا ظلم، ترخانن جا ڪلور، سلطان محمود ڪوڪلتاش جو دور، مغل حاڪمن جا ڏاڍ ۽ ظلم، ڪلهوڙن جو دور ۽ ڌارين جون سازشون، سنڌ تي افغانين جا راتاها، شاهه شجاع جون شرانگيز حرڪتون، ٽالپر دؤر ۾ انگريزن جون سازشون، انگريز سامراج ۽ سنڌي- جهڙن اهم موضوعن تي مضمون شامل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 2243
  • 758
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌ تي حملن جي تاريخ

ڪتاب جا حق ۽ واسطا محفوظ آهن

ڪتاب جو نالو: سنڌ تي حملن جي تاريخ
ليکڪ: اياز ڀاڳت
پهريون ڇاپو: 2011ع
ڇپائيندڙ: لاکو ڦلاڻي پبليڪيشن
ڇپيندڙ: ذڪي سنز پريس ڪراچي

ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com

مُلهه: 150/- روپيا

ملڻ جو هنڌ
ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي
ڀٽائي بوڪ اسٽوار گاڏي کاتو حيدرآباد
عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ سکر
رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ لاڙڪاڻو

ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ تي حملن جي تاريخ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ اياز ڀاڳت لکيو آهي. سنڌ جي تاريخ تي لکيل هن ڪتاب ۾ صرف ڌارين جي ڪاهن، انهـن جي ڦرلـٽ، ظـلـم ۽ زيادتـيءَ کي چِٽيو ويو آهي.
هن ڪـتاب ۾ ڪُل 28 مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ سنڌ امڙ ڌرتي، سنڌي ۽ آريا، سنڌي ۽ ايراني، سڪندر مقدوني سان سنڌين جي ويڙهاند، سنڌين جو اعلان آزادي، موريا خاندان کانپوءِ سنڌ جي حالت، ساڪا قبيلن جي سنڌ ۾ آمد، ڪشن گهراڻو، سنڌين جي ايرانين سان مدد، گپت گهراڻي جو حملو، هُڻ (Huns) لوڪن جو ڏهڪاءُ، سنڌين جي حاڪميت، سنڌين جي حالت آرين کانپوءِ، نوشيروان جي ڪاهه، عرب ۽ سنڌي، عربن ۽ سنڌين جي ويڙهه، سنڌ تي محمود غزنويءَ جا حملا، دهليءَ جا دلال ۽ سنڌ جا سورما، شاهه بيگ ارغون جو سنڌ تي حملو، شاهه حسن ارغون جا ظلم، ترخانن جا ڪلور، سلطان محمود ڪوڪلتاش جو دور، مغل حاڪمن جا ڏاڍ ۽ ظلم، ڪلهوڙن جو دور ۽ ڌارين جون سازشون، سنڌ تي افغانين جا راتاها، شاهه شجاع جون شرانگيز حرڪتون، ٽالپر دؤر ۾ انگريزن جون سازشون، انگريز سامراج ۽ سنڌي- جهڙن اهم موضوعن تي مضمون شامل آهن.
ھي ڪتاب 2011ع ۾ لاکو ڦلاڻي پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.

ساٿ سلامت سنڌ سلامت


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

  انتساب

امڙ مرحومه صفوران جي نالي جنهن ننڍپڻ ۾ رات جي وقت مٺيون لوليون ڏيئي پنهنجي هنج ۾ سمهاريو ٿي.
جيڪڏهن . . . . . . . . . . . . .
تاريخ ماضيءَ جي اها حقيقت آهي، جنهن کي قومون پنهنجي پس منظر ۾ ڏسي مستقبل لاءِ سوچينديون آهن.
سنڌ جي تاريخي شعور واري دؤر کان وٺي اڄ تائين گھٽ ۾ گھٽ پندرهن هزار سالن جي آهي، جنهن جهالت کان سمجھه تائين، غارن کان زراعت تائين، ڳوٺن کان شهرن تائين ۽ ڪاهُن کان وٺي جياپي تائين، وارا دؤر شامل آهن.
انهن چئني دؤرن بابت ڄاڻ اسان کي آثارن، حقيقتن، کوجنائن ۽ ڪتابن مان ملي ٿي. مون هتي سنڌ جي متعلق لکيل انهيءَ تاريخ جي آخري حصي جو اختصار پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ سنڌ وارن 2000 قبل مسيح کان وٺي پاڪستان تائين، پنهنجي وجود کي بچائڻ لاي ڪهڙيون ڪهڙيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ ڪهڙن ڪهڙن مرحلن کان گذريڻو پيو آهي.
تاريخ فاتحن، مفتوحن، بادشاهن، رعيتن، حاڪم، محڪوم، ظالم ۽ مظلوم جو اها داستان آهي، جنهن کي فاتحن، حڪمرانن ۽ ظالمن هميشه پنهنجي حق ۾ استعمال ڪيو آهي. تاريخ ۾ جن ڌرتي ڌڻي قومن کي باغي، غدار ۽ ٻين انيڪ لقبن سان نوازيو ويو آهي، اهي حقيقت ۾ مظلوم قومون هونديون آهن، جن جا حق، مال ملڪيت ته کسي ويندي آهي، پر انهن تي اباڻي ڌرتي به تنگ ڪئي ويندي آهي.
سنڌ جي تاريخ اڄ تائين به اهڙي نه لکي وئيي آهي جنهن ۾ حقيقت، مڙسي، بهادري، قومي غيرت ۽ جياپي جو مفصل احوال ڌرتي ڌڻين جي نڪته نظر کان هجي. البته جن تاريخي ڪتابن ۾ تاريخ نويسن حڪم، فاتح ۽ غاصب جي تعريف ڪندي، قومن جي ويڙهه، بغاوت ، انهن جي شڪست ۽ حڪمرانن جي ڪاميابي بيان ڪئي آهي، ان مان خبر پوي ٿي ته انهيءَ ڪيئن ڪهڙي نموني پنهنجي جياپي جي جنگ لڙي آهي.
سنڌ جيڪا خوشحال، شاهوڪرا، آسودي، زراعت کان صنعت ۽ واپار جو مرڪز رهي آهي، تنهن ڪڏهن به پنهنجي دولت، قومي غيرت ۽ افرادي قوت جي غلط استعمال نه ڪيو آهي، جنهن ڪري تاريخ هنن کي جنگجو قومن ۾ شمار نه ڪيو آهي.
آريا، يوناني، ايراني، عرب، تاتاري، منگول، ارغون، ترخان، مغل ۽ ٻين قومن سنڌ کي هميشه لالچي نظرن سان ڏٺو ، ڦريو، لٽيو، قتل و غارت ڪري فاتح بڻيا. انهن جي پويان بک، بدحالي، حوس، لالچ جو وڏو ڪارڻ هو. هو ظالم ڪنهن بهي گناهه جو خون وهائڻ کان به ڪين ڪيٻائيندا هئا انهن جا اونداهان محل تڏهن روشن ٿيندا هئا، جڏهن ڪنهن بي گناهه جو رت ان ۾ پوندو هو.
سنڌيءَ اڄ تائين، بک ۽ بدحالي نه ڏٺي آهي، پنهنجي گھر ۾ سکيو ۽ ستابو رهيو آهي، جنهن ڪري جڏهن هو پنهنجن وٿاڻن ، گھرن ۽ ڳوٺن ۽ شهرن کان ٻاهر ويندو آهي ته پنهنجو پاڻ اوپرو محسوس ڪندو آهي. اها خوشحالي ۽ فطرت هاڻي اسان جي بزدلي ۽ غلامي بڻجي ويئي آهي. جيڪڏهن قومون پنهنجو بچاءُ نه ٿيون ڪري سگھن، اهي يا ته پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون آهن يا هميشه لاءِ غلام بڻجي ويون آهن. جيئين ته هت بهادر قوم ان کي سڏيو ويندو آهي، جنهن ٻين جا حق غضب ڪيا هجن، بي گناهن کي ماري قتل وغارت جي بازار گرم ڪئي هجي ۽ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هجي.
ڇا اهي بهادر قومن ۾ شامل نه ٿيون ٿي سگھن جن وحشي ماڻهن ۽ قومن کان پاڻ بچايو آهي ۽ انهن سان بهادري سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجو وجود برقرار رکيو آهي؟ ڇا بهادر قومون اهي آهن جيڪي پراوا حق غضب ڪري پرائي ڌرتي هٿ ڪن ۽ ان جي ڌڻين جو قتلام ڪن؟ حقيقت اها آهي ته اهي بهادر نه پر وحشي قومون هيون جن وٽ انسانيت هئي ڪونه، ۽ اها حقيقت مڃڻي پوندي ته حمله آور کان، مقابلو ڪرڻ وارو وڌيڪ بهادر ۽ غيرت مند هوندو آهي.
سنڌ وارن کي جنگجو قوم نه سڏڻ بلڪل درست ۽ جائز آهي. ڇاڪاڻ ته هنن نه انسانيت کي پامال ڪيو آهي ۽ نه ٻئي ڪنهن جا حق غضب ڪيا آهن ۽ نه وري زوري ٻئي ڪنهن جي ڌرتي کي ڦٻايو آهي. هو هميشه پاڻ کي زندهه رکڻ لاءِ ڌارين جي حملن ۽ سازشن کي روڪيو آهي. غيرن سان مهاڏو اٽڪايو آهي ۽ هزارين سالن کان قائم پنهنجي قومي وجود کي برقرار رکيو آهي.
ڇا اهي مڙسي ۽ بهادري نه آهي؟ جو اڄ تائين ڪنهن جا غلام ۽ ڪنهن ٻي قوم جو حصو بڻجي ويا هجن! ظاهر آهي اهڙي حالت ۾ اڄ به جنهن ۾ چئني طرفن کان وحشي انسانيت سوز ۽ ڌرتي ڌڻي دشمنن جون ڪاهون ۽ حسد به هجي ۽ پنهنجو بقاءُ به برقرقر رکيو اچجي ان کي بهادري نه چئبو ته ٻيو ڇا چئبو؟
مون سنڌي قوم جي مزاحمتي جنگ جو مختصر ۽ جامع احوال پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته قديم زماني کان وٺي پنهنجو وجود ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني برقرار رکيو پيا اچن جيڪي قومون پنهنجو ماضي وساري ويهنديون آهن تن جو وجود داءَ تي لڳي ويندو آهي، اڄوڪي حالتن ۾ اهو ضروري ٿي پيو آهي ته اسان اڄ به پنهنجي شاندار ماضي کي سنڀالي رکون ۽ ان تي ثابت قدم رهون جيئن صدين جو تسلسل برقرار رهي. جيڪڏهن اسان پنهنجو ماضي برقرار نه رکيو ته پوءِ اسان جو بقاءُ ۽ وجود خطري ۾ پئجي ويندو.. ان ڪري ضروري آهي ته حال سان منهن ڏيڻ ۽ مستقبل لاءِ ماضي جي تجربن مان حاصل ڪري پنهنجي قومي وجود ۽ سلامتي کي برقرار رکي سگھون. ائين نه ٿئي ته سنڌي صرف ڪتابن ۾ بيان ٿيل قوم نه ٿي وڃي.
منهنجي حقير ۽ نماڻي ڪوشش آهي ته مان پنهنجي قوم جا بهادري، قومي غيرت جا اهي جوهر پيش ڪري سگھان جي اها اجنگ اجتماعي، غيرت سان لڙندا پيا اچن ۽ اڄ به بقاءَ جي جنگ لڙي سگھن ٿا.
آءٌ ڪيترن سالن کان وٺي سنڌ وارن جي بهادري، قومي غيرت ۽ ٻين تاريخي پهلوئن متعلق وقت به وقت مختلف اخبارن ۾ لکندو رهيو آهيان. انهيءَ سلسلي کي مڪمل ڪندي هاڻي ڪتاب صورت ۾ پيس ڪريان ٿو.
جيڪا قوم پنهنجي سلامتي، قومي غيرت، ۽ ورثي کي قائم نه ٿي رکي سگھي، ان کي زندهه رهڻ جو ڪوبه حق ناهي، انهيءَ ڪري ته شاھ سائين فرمايو آهي:

هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال م ڍار
مٿان تيغ ترار وڙهين ته متارو ٿئين.

اياز ڀاڳت

سنڌ امڙ ڌرتي

سنڌ ڌرتي تي ڌارين جي آمد انسان جي هوش سنڀالڻ کان اڳ يعني زمانه جهالت کان ٿي جڏهن انسان حيوانن وانگر زندگي گذاريندو هو. سنڌ ڌرتي جي ڄمار ريڊرز ڊاجسٽ جي انسائيڪلو پيڊيا موجب ساڍا تيرهن ڪروڙ سال ٿيندي. هونءِ هن ڌرتي جي عمر ساڍا چار ارب سال آهي.
ڌرتي کي پاڻيءَ مان نروار ٿيندي ڪيئي سال لڳي ويا. جيئن مذهبي ڪتابن ۾ آهي ته هي ڌرتي پاڻيءَ هيٺ هئي ۽ رب تعاليٰ جي حڪم سان ٺهي، پوءِ ته ٺهي پئي. منهنجي مطالعي موجب سمنڊ يا پاڻي مان پهريان نڪرندڙ ڌرتي سنڌ جي سر زمين هئي جنهن جي نشونما ڪروڙين سال اڳ پاڻي جي هيٺ ٿيو. سائنس پڻ اهو ثابت ڪيو آهي ته هي ڌرتي پاڻيءَ ۾ هئي ۽ پوءِ سمنڊ جي اندر مختلف نوعيت جا ڌماڪا ٿيا جنهن ڪري سمنڊ جي هيٺاهين وارو تهه مٿي چڙهي آيو ۽ سمنڊ هٽي ويو. اهڙي طرح سنڌ ڌرتي ٽيٿيا نالي سمنڊ هيٺ هئي. جيڪا هڪ طرف آسٽريليا کان وٺي ترڪيءَ تائين ۽ ٻئي طرف آفريڪا کان وٺي ڪوهه هماليه ۽ کير ٿر جبل جي دامن تائين ڦهليل هئي. آخر ٽيٿيا سمنڊ مان نڪتل زمين به ٽڪر ٽڪر ٿي ويئي تانجو سنڌي سمنڊ نروار ٿيو ۽ ڌرتي سنڌ کان وٺي مختلف ٽڪرن ۾ ورهائجي ويئي.
سنڌ ڌرتي جي انهيءَ خصوصيت کي ڏسي ڪيترن رايو قائم ڪيو ته دنيا جو پهريون انسان سنڌ ڌرتي تي پيدا ٿيو ۽ اتان ئي سندس واڌارو ٿيو. ڪتاب عجائب الهند ۾ لکيل آهي ته حضرت آدم سنڌ (هند) ۾ هو. عرب وهندڪي تعلقات ۾ سيد سليمان ندوي پڻ ان کي سنڌ ۾ لٿل ڏيکاريو آهي. رسول ڪريمﷺ جن پڻ سنڌ وارن کي ابوالبشر ڪوٺيو آهي ۽ چيو اٿن ته سنڌ مان جنت جي هوا اچي ٿي.
موجوده سائنسي دؤر جي تحقيقات مان ثابت ٿيو آهي ته سنڌ انسان جي پهرين رهائش گاهه هو. جنهن جو پهريون مسڪن واديءَ کير ٿر هو. قديم انسان تي وڌيڪ تحقيق ۽ کوجنا لاءِ محقق به سنڌ جو رخ رکندا آهن، جتان کين ڪجھه نه ڪجھه حاصل ٿيندو آهي.
اسان جا محقق ۽ تايخ دان ٻين جي پيروي ڪندي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته سنڌ کي ڌارين قومن ٻاهران اچي آباد ڪيو آهي پر منهنجو ايمان ۽ تحقيق آهي ته سنڌ دنيا جي واحد سرزمين آهي جنهن کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هو انسان جي پهرين رهائش هئي، جنهن لاءِ سنڌ جا حالات موزون ۽ مناسب هئا.
ڪيترن هزارن سالن کان پوءِ انسان جي مختلف ٽولن سنڌ ڏانهن موٽ کاڌي پر پنهنجو اباڻو وطن سمجھي نه پر حريص نگاهون ۽ پيٽ خاطر ان کي تاراج ڪيو ۽ هڪ انسان ٻئي انسان کي محتاج ۽ مطيع بنائڻ لاءِ، طرحين طرحين جا ظلم ڪيا ۽ کيس غلام بڻايو ، اهڙي طرح هڪ انسان ٻئي انسان جو دشمن ۽ ويري بڻجي ويو. سڃ ۽ بک تي رهندڙ انسان، سائي ۽ پيٽ ڍاهي جو دشمن ٿي پيو.
اسان جي ڄاڻ ۽ تحقيق موجب سنڌ ڌرتي تي موهن جي دڙي واري دؤر جي وقت ۾ ۽ ان کان به سوين سال اڳ سنڌي، سنڌي ئي نالي سان سڏبا هئا. جن کي عالمن دراوڙ نالو ڏنو آهي تن کي پڻ ٻاهران آيل لکيو آهي. پر اسان پنهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ ۾ ثابت ڪيو آهي ته مغربي عالمن غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو آهي ۽ ان وقت به سنڌي ئي سڏبا هئا. اسان جي تحقيق موجب ميسوپوٽيميا جا سميري ۽ سنڌي هڪ خاندان جا ڀاتي هئا. جيڪي هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويا هئا. هڪ مغربي محقق راپسن جي خيال موجب دراوڙ ۽ سميري الڳ الڳ هئا پر گھڻي وقت گذرڻ کان پوءِ اهي ٻئي هڪ ٿي ويا ۽ جيڪو مخلوط نسل پيدا ٿيو ان کي دراوڙ جي نالي سان سڏيو ويو. غير سنڌي عالمن اوائلي سنڌين کي دراوڙ جي نالي سان لکيو آهي، پر جديد تحقيق موجبن دراوڙ ۽ سنڌي الڳ الڳ شناخت ۽ سڃاڻ آهي. پر غير سنڌي عالمن سنڌين کي دراوڙ ڪري لکيو آهي.
سنڌ جا سمه ۽ سومرا جن کي اسان سماٽ قومون سڏيون ٿا تن کي عربي ۾ سامي نسل ڪوٺيو ويو آهي. در حقيقت سامي ۽ سماٽ اوائلي دؤر جي سنڌين جو اولاد آهن. انهيءَ سامي نسل کي سميري ڪوٺيو آهي. جن جا آثار ميسوپوٽيميا جي باقيات مان مليا آهن. ايڇ. آر. تحقيق ڪري ثابت ڪيو ته سميري سنڌو ندي جا رهاڪو هئا جيئن لکيو اٿس: ”سميري هڪ هندستاني قوم هئي جيڪا خشڪي رستي ۽ سمنڊ ذريعي ايران کان ٿيندا ٻن ندين (دجله ۽ فرات) واري ماٿري ۾ آباد ٿيا، جيئن پنهنجي گھر هندستان (سنڌ) ۾ آباد هئي. جتي اسان سندن ثقافت کي عروج تي ڏسي چڪا آهيون.
ايڇ جي ويلز آؤٽ لائن آف هسٽري ۾ لکي ٿو: ”دراوڙ (سنڌي) ۽ عراق جا سميري، ٻئي هم نسل هئا جن جون گھڻيون ڳالهيون شروعات ۾ هڪ جهڙيون هيون. ارلي هسٽري آف اسيريا جو مصنف سڊني سمٿ جي چوڻ موجب بابل جي سميرين ۽ سنڌو جي رهاڪن درميان خوني رشتو موجود هو.“ ايس. وي فرنڪٽ سوميرا پنهنجي ڪتاب انڊين ڪلچر ٿرو ايجز ۾ دعوى ڪئي آهي ته :”دراوڙ (سنڌي) قبائل ٻاهران، سمنڊ رستي يا خيبر لڪ وٽان لنگھي ڪونه آيا آهن، پر هي ماڻهو اصلي هتان جا رهاڪو آهن.“
انهيءَ ڪري ، مون اولهه وارن عالمن جي لکيل دراوڙ قبيلي کي سنڌ جو اصلي سنڌي سمجھيو ۽ لکيو آهي. اي جي راپسن جي انهيءَ خيال سان متفق آهيان ته جنهن وقت آريا سنڌ تي حمله آور ٿيا، ان مهل هت رڳو دراوڙ (سنڌي) نسل نه هو، پر ٻاهران آيل ٻين قبيلن جا باشندا به هئا جيڪي مزدوري ڪرڻ ۽ ڪم سانگي مستقل سنڌ ۾ رهي پيا هئا.

سنڌي ۽ آريا

سنڌ جي سر زمين تي رهندڙ سنڌي ئي هئا، جن کي ٻاهرين عالمن دراوڙ جي نالي سان ڪوٺيو آهي، تن سنڌ کي سر سبز ۽ آباد ڪيو، وڏا وڏا عاليشان شهر جوڙيا ۽ دنيا جي تهذيب جو بنياد وڌو. جيئن پروفيسر مئڪس ملر چيو آهي: ”يورپ جي تهذيب جو بنياد ايشيا وارن وڌو ۽ پوءِ يورپ جي ماڻهن ايشيا، خاص ڪري سنڌ مان گھڻو ئي پرايو آهي.“ هن وڌيڪ لکيو آهي ته ”سنڌوءَ جي رهاڪن ٻين وٽان نه نقل ڪيو آهي، پر پاڻ ٻين ڪيترن ئي قومن وٽان پرايو “
جيئن ته سنڌي دنيا جي پهرين سڌريل قوم هئي، ۽ انهن پنهنجي ڌرتيءَ کي سر سبز ۽ آباد ڪرڻ لاءِ فصل پوکيا، زمين مان سون اُپائڻ لڳا، جنهن ڪري اهي ڏينهون ڏينهن خوشحاليءَ طرف وڌڻ لڳا. ميسوپوٽيما (عراق) ۽ مصر جو عروج سنڌ ۽ سنڌين جي بدولت پروان چڙهندو رهيو. تنهن زماني ۾ وحشي خونخوار ڌنار ٽولي جنهن کي دنيا آرين جي نالي سان ياد ڪري ٿي، تن 2000 ٻه هزار سال قبل مسيح ۾ سنڌ جي سر سبز زمين کي چراگاهه طور استعمال ڪرڻ گھريو، جڏهن سنڌين ان جي مزاحمت ڪئي، ته انهن جو قتل عام ڪيو ويو. ۽ ڳوٺ برباد ڪيا ويا. سنڌي ويچارا جيڪي امن پسند هئا، ۽ جن جو معاشرو انتهائي سڌريل هو، تن انهيءَ حالت ۾ پنهنجي بچاءُ جاري رکيو.
سنڌين جي امن پسندي جو ذڪر ڪندي سبط حسن: ”پاڪستان ۾ تهذيب ڪا ارتقا“ ۾ لکي ٿو: ”هڙاپا ۽ موهن جي دڙي مان سون چاندي جا گھڻا هار، مالا، گلوبند، ڪڙا، جھومر، سرمي داڻيون وغيره مليون آهن. ٽامي جون ڪهاڙيون چاقو وغيره به مليا آهن، پر ڍال، تلوار، زره مطلب ته جنگي سامان هڪ به نه مليو آهي. انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌوءَ جو معاشرو نهايت محفوظ معاشرو هو. ماڻهو ڏاڍا امن پسند ۽ صلح وارا هئا، لٽ مار، قتل وغارت انهن جو پيشو نه هو. هو نه سپاهي ۽ لشڪر رکندا هئا ۽ نه ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملو ڪندا هئا.“ هو چوي ٿو ته: ”سنڌ وارن کي بجا طور فخر آهي ته انهن جي تخليقات ۽ تعميرات ۾ ڪنهن ٻي قوم جو خون پسينو شامل ناهي.“
سنڌي خوشحال ۽ شاهوڪاري واري زندگي گذاري رهيا هئا ته هي وحشي ڌنارن جو ٽولو سنڌ ۾ اچڻ شروع ٿيو ۽ پوءِ آهستي آهستي گڏجي پنهنجي مال جي چاراگاهه لاءِ سنڌ کي منتخب ڪري سنڌين تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. انهن جي ڳوٺن کي تاراج ڪندا، زمين تي قبضو ڪندا، شهرن تائين وڃي پهتا.
سنڌي جيڪي جنگ ۽ فساد کان اڻ واقف هئا، تن ڦڏي ۽ فساد کان بچڻ لاءِ ڳوٺن مان نڪري شهرن کي وسايو. آخر جاهلن جي هن ٽولي جيڪي سنڌ کي چکي چريا ٿيا هئا، تن سوني ڌرتي کي هٿ ڪرڻ لاءِ هٿ ڊگھيرڻ شروع ڪيا ۽ سنڌين جي شهرن کي تاراج ڪرڻ گھريو. مسٽر باشم لکي ٿو: ”هي وحشي ماڻهو هئا انهن ڳاٺاڻي زندگي کي بدلائي ڇڏيو. انهيءَ سبب ڪري سنڌوءَ جي تهذيب تمام گھڻي متاثر ٿي. ڳوٺاڻي ماڻهن ڀڄي وڃي موهن جي دڙي جي شهر ۾ پناهه ورتي، جنهن ڪري اتان جا وڏي وڏا ڪمرا ننڍن ڪمرن ۾ تبديل ٿي ويا ۽ وڏيون وڏيون عمارتون ڪوٺين ۾ تبديل ٿي ويون. حملي جي خطري پوري ماحول کي متاثر ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ ڪري ڪنڀر جون آويون جيڪي شهر کان ٻاهر هيون اهي به شهر اندر قائم ٿي ويون. ۽ بازارن جو رنگ ۽ ڍنگ ئي ڦري ويو.“
رگ ويد ۾ اهڙن ڪيترن جنگن جو احوال بيان ٿيل آهي. جيئن ٻن دريائن جو سربراهه نموچي جنهن جي فوج عورتن تي مشتمل هئي، هن زناني فوج کي ڏسي اندر (رڳ ويد ۾ آرين جي جنگي هيرو جو نالو) کلي ڏنو پر جڏهن لڙائي لڳي ته اندر جو برقي گرز به عورتن کي شڪست ڏيئي نه سگھيو. تڏهن هن مڪر ۽ چالاڪي کان ڪم وٺي نموچي سان صلح ڪيو ۽ ڌوڪي سان ان کي ماري ڇڏيو.
رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن سنڌين جي مٿان اچي آفت ڪڙڪي ته هو ان سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. جيتوڻيڪ هو فنون جنگ کان اڻ واقف هئا ۽ کين لشڪر نه ڪونه هو، پر جڏهن آرين انهن جي ننڊ ۽ سڪون کي حرام ڪري ڇڏيو ته هو مڙس ٿي بيٺا جن ۾ مردن سان گڏ عورتون به شانه به شانه شامل ٿي وڙهيون.
آرين جي هيرو اندر سنڌ جي نائب ”راجس وان“ کي پنجاهه سپاهين سميت مارڻ کانپوءِ نوي سنڌي ڳوٺن ۽ شهرن کي باهيون ڏيئي ساڙائي ڇڏيو. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو سنڌي آرين سان سخت مقابلو ڪندا رهيا ۽ پنهنجي بچاءَ ۾ برابر مزاحمت جاري رکي ۽ دشمن کي جڏهن به داءُ ٿي لڳو ته سنڌين جي قتل عام کان پوءِ انهن جي گھرن ۽ ملڪيت کي به ساڙي ڇڏيو ٿي.
رگ ويد ۾ چمري نالي هڪ سنڌيءَ جو ذڪر ملي ٿو، جنهن سان آرين هيرو اندر بذات خود سامهون آهي. جنهن سان ڌوني نالي هڪ ٻيو سنڌي جوڌو به ساڻ آهي. اندر چمري خلاف لڙائي هڪ آريي ڌبيتي جي ڪري ڪئي (اندازو آهي ته اهو ڌبيتي آريا لشڪر جو سپهه سالار هو، جنهن کي چمري ڪنهن جنگ ۾ شڪست ڏيئي ماري ڇڏيو هو ) جنهن ۾ ٽيهه هزار سنڌي بي گناهه مقابلو ڪندي مارجي ويا ۽ جيڪي بچيا تن کي گرفتار ڪري سسيون ڌڙن کان ڌار ڪيون ويون.
رگ ويد مان هي به معلوم ٿئي ٿو ته پنجاهه کان وڌيڪ سنڌي سردارن آرين جو مقابلو ڪيو جيئن سرت کي ماري ان جي ستن شهرن تي قبضو ڪيو ۽ ”اها سيو“ کي قتل ڪري ان جي شهر موني مارا کي باهه ڏياري ساڙائي ڇڏيو. اهڙي طرح سنڌي مٿير ”ورچن آرين“ جو مقبلو ڪندي پنج سؤ سنڌي جيالن سان گڏ وڙهندي ڌرتي مٿان قربان ٿي ويو. ”امهه جوڌو“ آرين کي سخت نقصان پهچائيندو رهيو پر جڏهن پنهنجي ڌرتي تان نثار ٿيو ته دشمن سندس ستن ئي شهرن کي باهه ڏياري ۽ سنڌين جو قتلام ڪيو.
آريا سنڌي واپارن جي نمائندي ۽ مک ورتر جنهن سنڌ جي بچاءَ ۾ ڪيلدي ڪردار ادا ڪيو، تنهن کي قتل ڪيو ۽ آخر سنڌ سلطنت جي حڪمران سمبارا (سمون) ۽ گاديءَ جي هنڌ موهن جي دڙي واري شهر جنهن کي سميري ڪتبي موجب، مي. اي. لوحا سڏيو ويو آهي، تنهن تي حملو ٿيو. جنهن سنڌ جو بچاءُ ڪندي چاليهه سال لڳاتار آرين سان وڙهندو رهيو ۽ آخر پنهنجي جان سنڌ ۽ سنڌين تان نڇاور ڪري قربان ٿي ويو. مسٽر باشم انهيءَ صورتحال جي نقاب ڪشائي ڪندي لکي ٿو: ”جڏهن حمله آورن هيڏانهن جو رخ رکيو ته گھڻا شهري شهر ڇڏي جھنگلن ڏانهن ڀڄي ويا ۽ جيڪي رهجي ويا، جيئن کوٽائي وقت چوويهه انساني ڍانچا مليا آهن، تن متعلق اهو خيال آهي ته انهن حملي وقت ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ڀڄڻ جي مهلت ملي نه سگھي ۽ حمله آور اچي پهتا.
سنڌين ۽ آريه جي لڙائي بابت اينشنٽ انڊين هسٽري جو مصنف راولنس لکي ٿو: ”آريا قوم جڏهن اتر اولهه کان داخل ٿي ته سنڌين قدم قدم تي مڙسي سان انهن جو رستو روڪيو. جيتوڻيڪ هو ناڪام رهيا، پر تنهن هوندي به جنگيون مسلسل جاري رکيون پيا اچن. هن رگ ويد مان ثابت ڪيو آهي ته سنڌين ۽ آرين جيڪي لڙايون لڙي اهي خون رزي جنگيون هيون جنهن ۾ هزارين ۽ لکين سنڌي مارجي ويا، آرين نه صرف ان جي خون سان هولي کيڏي، پر انهن جا ڳوٺ، انهن جا قلعا، ۽ انهن جي محلاتن کي باهيون ڏيئي ساڙي ڇڏيون. ان جي مردن کي داس ۽ عورتن کي داسيون بڻايو ويو.“
هو هڙاپا موهن جي دڙي بابت لکي ٿو: ”موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي قريب جيڪي ٻنهي ڌرين درميان لڙايون لڳيون اهي سڀني کان وڌيڪ خون ريز هجن. سنڌين انهن لڙائين ۾ ناڪام ٿيڻ ڪري موهن جو دڙو ۽ هڙاپا شهر خالي ڪري ڇڏيو هجي. خصوصي طور سنڌي بادشاهه سمبارا (سمون) ۽ آريا لٽيري ديوداس درميان جيڪي لڙايون لڳيون، اهي وڏيون هولناڪ هيون.
سنڌين ڌارين جو مقابلو اهڙي جوان مردي ۽ دليري سان ڪيو جو اهو سندن جي دماغ تي ڇانيو رهيو. بقول راگوزين آرڙين سنڌين کي داسيو جو لقب رڳو ان ڪري ڏنو جو هو انهن کان بري طرح مرعوب هئا، ڇاڪاڻ ته رگ ويد جي خيال کان داسيو صرف اهي بد روح هئا جيڪي انهن جي حال ۽ مستقبل جو رستو اڻ ڏٺل انداز ۾ روڪي وٺندا هئا.“ هوءَ وڌيڪ لکي ٿي ته : ”آريا ذهن انهن مان ڪن کي جادوگر سمجھي ٿو. انهن کي هوا، بادل ۽ طوفان سمجھندي فضا ۾ اڏندي محسوس ڪن ٿا. هو انهن کي جابر ۽ شيطان (دشمن جو لقب) جي روپ ۾ به نظر اچن ٿا ۽ اهي ڀوت ۽ ديو جي لقب سان به ياد ڪن ٿا، جيڪي انهن جي حورن پرين ۽ ڪنورن کي اغوا ڪري وڃن ٿا.“ ثابت ٿئي ٿو ته سنڌين جي شجاعت ۽ مردانگي انهن جي ذهنن مٿان ڀوت وانگر سوار هئي، جڏهن ڪنهن به ڪم ۾ شڪست کائندا هئا ته ان جو سبب سنڌين جي روحن جو بدلو سمجھندا هئا.
سنڌين جي شڪست جو سبب بيان ڪندي سبط حسن لکيو آهي: ”هتان جي حڪمران طبقي فڪر و احساس سان ماڻهن کي اهڙي نموني پنهنجي اطاعت ۾ آڻي ڇڏيو جو جبر و تشدد جي ضرورت ئي نه رهي.“
آرين سنڌين جي پر امن معاشري کي نست و نابود ڪرڻ کان پوءِ جو ڏٺو ته اهي نهايت مهذب ۽ قابل واڪابر آهن ته انهن سان ملي جلي هڪ نئين معاشري جو بنياد وڌو جيئن جمهوري حڪومت دوران بادشاهت انهن سنڌي رسم وراوج ۽ پنهنجي جاهلت جي ريتن کي ملائي نين ريتن ۽ رسمن جو بنياد وڌو جيڪو اڳتي هلي سنڌي آريا معاشري جو بنياد پيو جتان هندو مت شروع ٿئي ٿي.
جيئن مئڊم راگوزين ان تي روشني وجھندي لکيو آهي: ”هو پنهنجي دشمنن (سنڌين) کي نفرت مان شيشن ناگ ديو جو پوڄاري چوندا هئا پر اهڙو وقت به آيو جو آريا خود به نانگ پرست ٿي ويا ۽ ”آريا“ نالي هڪ نانگ ديوتا کي پوڄڻ لڳا جنهن ڪري نانگ مندر تعمير ٿيا ۽ هر سال آريا نانگن جي تعظيم و احترام خاطر نانگ ميلا لڳرائيندا هئا.“
راگوزين جي خيال موجب ڪيتريون ڳالهيون سنڌين کان ورتيون انهن مان نانگ ديو جي پوڄا به هڪ هئي. معلوم ٿئي ٿو ته هو رياست جي نظام ۽ قانون کان اڻ واقف هئا، تنهن ڪري انهن سنڌي دانشورن کان مدد ورتي ۽ انهن جو وجود سنڌين جي سهڪار کان سواءِ اڌورو هو. هسٽري آف آرين رول ان انڊيا جي مصنف، اي. بي هومل لکيو آهي ته: ”جڏهن آريا سنڌ ۾ داخل ٿيا هئا ته سنڌين کان سواءِ ٻيون قومون به آباد هيون. پر سنڌي انهن کان وڌيڪ مهذب ۽ شائسته هئا ۽ انهن ۾ جيڪو ڳوٺاڻو نظام رائج هو ان کي بنياد بڻائي آرين فاتحن اجتماعي بنياد رکيو.
سنڌي به جوڌا جوان هئا تن آرين کي ڪجھه وقت لاءِ ظاهري طور برداشت ڪيو پر اندر ئي اندر ۾ انهن کي ڌڪالي ٻار ڪڍڻ جو پهه ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري سنڌ جي کوٽيل دڙن مان آرين جي ثابتي جا ڪي به آثار نه مليا آهن. سنڌي جيڪي هميشه پنهنجي ڌرتي جا ڌڻي رهندا ٿي آيا، تن ڌارين کي سڪون ۽ قرار سان رهڻ ڪونه ڏنو. سمبارا جي شڪست کان پوءِ سنڌي وقت به وقت وڙهندا رهيا، جيڪا لڙائي صدين تائين هلندي رهي، تان جو سنڌي جبلن جا لڪ وٺي وڃي ويهي رهيا. سنڌين جو اهڙو نسل جدگال (جت) ڪي بروهي قبيلي وارا ۽ ٻيا اڄ به بلوچستان ۾ رهن ٿا. سر هولڊڇ قديم سنڌين تي لکندي ٻڌايو آهي ته: ”اهي سنڌ مان نڪري اتر هندوستان بهار، اوڙيسه ۽ بنگال تائين به پهتا، انهن جو نسل اڄ به اتي رهي ٿو.“
انڊو آرين نسل جيڪو گڏيل معاشري جو بنياد هو تن پڻ آرين سان بغاوت ڪئي ۽ معلوم ٿئي ٿو ته سنڌين صدين جي ويڙهه کان پوءِ آرين کي ڌڪاري سنڌ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. محققن جو چوڻ آهي ته رگ ويد جنهن ۾ آرين جو تفصيلي ذڪر ملي ٿو تنهن مان خبر پوي ٿي ته هو رگ ويد واري زماني ۾ سنڌوءَ ۾ ئي هئا، جنهن ڪري ان ۾ گنگا ۽ جمنا جو ذڪر ڪونهي. ان جو مطلب ته سنڌين آرين کي ٻارهن سو سال قبل مسيح کان اڳ ئي سنڌ مان ڌڪاري اوڀر طرف هندستان ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪري ورتو، جنهن جو تفصيلي ذڪر ڪونه ٿو ملي پر باقيات ۽ حالات مان ثابت ٿيو آهي. سنڌي جوڌن جو اولاد ، جيڪا پشت به پشت ڌارين سان وڙهندي ٿي آئي، تن انهن کي سنڌ مان ٻاهر ڪڍيو ۽ بعد جون حالتون ثابت ڪن ٿا ته آرين جون حڪومتون اوڀر هندستان ۾ قائم ٿيو ۽ انهن جو اثر و رسوخ انهن علائقن تائين محدود هو.
ثابت ٿيو ته سنڌي نهايت نازڪ مزاج ۽ نفيس قوم هئي، جن کي جنگ جي فتني جي ڪابه خبر چار ڪونه هئي، هو صرف پيار ۽ محبت جي ٻولي جا قائل هئا، جيڪو سندن اباڻو ورثو هو. پر جڏهن آرين جو تسلط ۽ انهن جا ظلم وڌي ويا، ته سنڌي نسل در نسل خاموش ٿي نه ويٺا ۽ پنهنجي مزاحمت کي جاري رکيو، تانجو ڌارين جا پير پٽي ڇڏيا ۽ جيڪي آريا نسل جا ماڻهو هتي رهيا، جن جون مٽيون مائٽيون سنڌين سان هيون، اهي سنڌين سان ملي هڪ ٿي ويا. اڄ سنڌي زندهه آهن، پر آريا نالي ڪابه قوم دنيا جي خطي تي موجود ڪونهي، انهن جا پاڙا ۽ قبيلا جن جو بنياد ڏاڍاهي تي ٻڌل هو اهي ٻين قومن جي معاشري ۾ گڏجي پنهنجو وجود وڃائي انهن سان ملي ويا آهن.
مطلب ته آرين جي ايڏي نفرت ۽ حقارت جي باوجود هو سنڌين کي مٽائي نه شگھيا. مولائي شيدائي جنت السنڌ ۾ لکي ٿو ته آرين جي زبان مها ڀاشا (سنسڪرت) به دراوڙي زبان (قديم سنڌي) کي مٽائي نه سگھي ۽ هڪ نئين زبان پراڪرت جنم ورتو.

سنڌي ۽ ايراني

سنڌي آرين سان چڪريون ڏيئي جان ڇڏائي پنهنجي پير تي بيهڻ شروع ڪيو ته، ان کان پوءِ ڌاريا به سنڌ ڌرتي کي مال غنيمت سمجھي لٽ مار لاءِ ايندا رهيا ۽ انهن مختلف ايامن ۾، دنيا جي ننڍن وڏن خونخوار قومن پنهنجي حوس ۽ بربريت جو شڪار بڻايو. تانجو سنڌي سک جو ساھ کڻن ايران جي شهنشاھ سنڌ ڌرتي کي ڦٻائڻ لاءِ اکيون وڌيون جيئن بيان ٿيل آهي ته ايران جي بادشاھ فريدون 750 سال قبل مسيح ۾ سنڌ کي پنهنجي قبضي ۾ آندو ۽ ڪيخسرو جي وفات 529 قبل مسيح تائين ايراني سنڌين جو مال دولت کائيندا رهيا. فرشته جي روايت موجب قنوج جي راجا شنگل (منهنجي تحقيق موجب سنڌ جو راجا هو ۽ سندس نالو چڱو هو ۽ سندس تعلق راءِ گهراڻي سان هو.) لشڪر ٿيار ڪيو جنهن ۾ چار هزار هاٿي، هڪ لک سوار ۽ چار لک پيادا شامل هئا، هن ايرانين کي ڀتو ڏيڻ بند ڪيو جنهن ڪري ايراني غاصب افراسياب سنڌ ۽ هند ته چڙهائي ڪرڻ لاءِ پنهنجي سپهه سالار ”پيرانديسه کي پنهنجا هه هزار خونخوار فوجي ساڻ ڏيئي روانو ڪيو.
سنڌي به پنهنجا گھٽ جهلي ويهي رهيا ۽ تيرهن هزار ايراني ڌاڙيل ماري ڇڏيا ۽ انهن کي سوڙهو ڪيو تانجو پيران ديسه جي جان بچائڻ لاءِ افراسياب پاڻ هڪ لک خونخوار ترڪ سپاهي سان وٺي اچي نڪتو.
سنڌين سمجھيو ته ايراني ڀڄي ويا، تن عارضي فتح کي دائمي فتح سمجھي هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا. انهيءَ صورتحال مان فائدو وٺندي ايرانين سنڌ ۾ داخل ٿي قتل و غارت شروع ڪيو جنهن ۾ ڪيترائي سنڌي مٽيءَ ماءُ مٿان مري امر ٿي ويا. انهيءَ حالت ۾ ڪيترا ڳوٺ ويران ٿي ويا.
رگ ويد ۾ ايرانين لاءِ بيان ٿيل آهي ته: ”پارسي مون کي پهاڄ عورت وانگر ستائين ٿا. سنڌوءَ جي دولت ۽ آسوده حالي ته هڪ طرف پرٿو ۽ ٻئي طرف پارسو (ايراني) لالچي نظرن سان ڏسي رهيا آهن. اهي لوڪو تيار رهيو ۽ اڳتي قدم وڌايو.“
سنڌ جو سک ۽ ستاب سدائين سنڌين جي زوال ۽ انهن تي ڪاهه جو سبب بڻيو آهي. انهيءَ خوشحالي ۽ شاهوڪار جي هاڪ ڪري ايران جي هخامنشي خاندان جو باني سائرس جنهن متعلق مولانا ابوالڪلام آزاد پنهنجي تفسير ترجمان القرآن ۾ لکيو آهي ته اهو ئي ذوالقرنين آهي، سنڌ تي ڪاهي آيو. سنڌي ايراني شهنشاهت جي باني جنهن مصر ۽ وچ اوڀر کي غلام بڻائي ڇڏيو هو، تنهن سان مقابلو ڪيو ۽ ايراني لشڪر کي مڙسي سان منهن ڏنو. ڪيٽس جو بيان آهي ته سائرس ۽ سنڌين جي لڙائي دوارن هڪ سنڌي سپاهي سائرس کي اهڙ و ڌڪ هنيو جو هو جانبر نه ٿي سگھيو ۽ مري ويو. هيرڊ ليم پنهنجي مشهور تصنيف سائرس اعظم ۾ لکيو آهي ته هو جڏهن سنڌ مان ناڪام ٿي موٽيو ۽ جبلن کي پار ڪري رهيو هو ته سنڌي سپاهي جي تير لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو.
سياح ايڪس اينوفن جي بيان مان خبر پوي ٿي ته سائرس سنڌين کي ظلم جي زنجير ۾ جڪڙي ڇڏيو هو پر هو مردانگي سان هن جي ڏاڍ ۽ ظلم جو مقابلو ڪندا آيا. جيئن ايرين نيرڪس جي حوالي سان لکي ٿو ته سائرس کي سنڌ جي فتح جي سلسلي ۾ گدڙوشيا يعني موجوده بلوچستان جي جبلن ۽ سنڌ جي صحرائن پريشان ڪري ڇڏيو ۽ هن جي فوج سنڌ تائين پهچندي پهچندي ختم ٿي ويئي.“
ايرين جي هن حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ وارن پنهنجي سرحد کان وٺي سائرس جو مقابلو ڪيو ۽ اهڙو مجبور ڪيو جو هو پوئتي به وري نه سگھيو ۽ اڳتي وڌندو آيو. ڇاڪاڻ ته سنڌين ايراني فوج کي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو هو. ممڪن آهي ته ڊربيڪس جيڪو يوناني تلفظ آهي اهو اصل ۾ مقامي بادشاهه هجي جيڪي اصل سنڌي هئا جن آرين ۽ انهن جي ڪاهن ڪري جبلن ۾ پناهه ورتي هجي ڇاڪاڻ ته ايج آف امپيريل يونيٽي جي مصنف ڪيٽس بيان تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته ڊربيڪس سرحدي قبيلن مان هئا. منهنجي تحقيق موجب اهي جت ۽ سنڌي نسل بروهي هئا، جن آريا جي حملن دوران کيرٿر جي جبلن ۾ پناهه ورتي هئي.
سائرس جي موت ۽ ان جي پٽ ڪيبيس جي قتل کانپوءِ به ايراني سنڌ کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا. دارا اول سنڌين کي مات ڏيڻ لاءِ پهريان يوناني امير البحر سڪائي ليڪس کي سنڌين تي حملي ڪرڻ جي رٿا تيار ڪرڻ لاءِ موڪليو. جنهن اٽڪ کان وٺي سنڌي سمنڊ تائين درياءِ سنڌ ۽ ان جي علائقن جي سروي ڪئي. هيروڊٽس لکي ٿو ته ”سڪائي ليڪس جي سروي مهم تان واپسي کان پوءِ سنڌين سان وڙهڻ جي شروعات ٿي.“
معلوم ٿئي ٿو ته دارا سنڌين کي زير ڪرڻ لاءِ زميني لشڪر جي مدد لاءِ آرماڙ کي لاهڻ گھريو ڇاڪاڻ ته هي مصر ۽ بابل وارن کان وڌيڪ ڏنگا ۽ ويڙهاڪا هئا ۽ هو ڪنهن ٻئي جي غلامي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا.
راپسن جو خيال آهي ته: ”دارا 516 قبل مسيح ۾ سنڌين کي غلام بنائڻ لاءِ انهن جي سر زمين کي پنهنجي سلطنت جو حصو بڻايو ان کان اڳ سڪائي ليڪس جي مهم سنڌ تي حملي جي پهرين ابتدائي مرحلو هو.“
بحرحال سنڌي ايرانين (فارسن) سان ٽڪر ۾ ايندا رهيا، دارا سنڌ کي ايران جو ويهو صوبو بڻائي ڇڏيو پر تنهن هوندي به سنڌي نيم خودمختيار حاڪم هئا ۽ پنهنجي آزادي جو عيوض ايرانين کي ڏن بقول وي. بال. ڏهه لک پائونڊ، مولائي شيدائي موجب ته سنڌي ايراني حڪومت کي پنهنجي خون پسيني جي ڪمائي مان 1078272 پائونڊ ساليانو هيروڊٽس لکي ٿو ته سنڌين وٽان ملندڙ رقم ڪل آمدني جو ٽيون حصو هو.
سنڌي ڌارين هٿان ملڪيت ته لٽائيندا رهيا پر ڌارين جي پاران به وڙهيا. سنڌين ايرانين جي لڄن کي به بچايو. سنڌ ريجمينٽ ايراني فوج ۾ قائم ٿي، جنهن دارا جي وارث خسرو جي وقت ۾ جڏهن ان يونان تي چڙهائي ڪئي ته بقول هيروڊٽس ”سنڌين جي پيادا فوج فرناز اٿريس“ جي ڪمان هيٺ ميدان جنگ ۾ هئي. هي سوٽي ڪپڙاپهريل هٿن ۾ تير ڪمان جو هٿيار جيڪو ڪاني ۽ بيد مان ٺهيل هو. ان تير جو منهن نوڪدار لوهه مان هو. هورٿن ۾ سوار هئا، جن کي گھوڙا ۽ خچر ڇڪي رهيا هئا. ان کان سواءِ سنڌين جي آرماڙ به موجود هئي، جن ايرانين جي مدد ۾ يونانين کي ٽوٽا چٻرائي ڇڏيا.
ايران جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ايرانين سنڌين جي بهادري ، مڙسي ۽ غيرت کي ڏسي کين پگھار تي پنهنجي لشڪر ۾ ڀرتي ڪيو هو. سنڌي ايرانين پاران سڪندر مقدوني سان اربيلا واري لڙائي ۾ جان فشاني سان وڙهيا. دارا ٽيون بزدل ٿي ميدان ڇڏي ڀڄي ويو پر سنڌي يوناين جا ڏند کٽا ڪندا رهيا. ۽ پنهنجي آن ۽ شان مطابق وڙهندا رهيا ۽ سڪندر کي معلوم پيدا ٿيو ته دارا ٽيون جو غرور سنڌين جي بدولت هو.
سنڌي ايرانين جي غلامي کان بغاوت ڪندا رهيا ۽ پنهنجي خودمختياري لاءِ ڏن ڀري ڏيندا هئا پر ڪنهن وقت کانپوءِ خودمختيار ٿي ويا. ان وقت صرف موجوده سنڌي جي حدن ۾ اهڙيون اٺ رياستون قائم هيون.

سنڪدر مقدوني ءَ سان سنڌين جي ويڙهاند

سڪندر مقدوني پنهنجي ماٽيلي ماءُ ۽ ڀائرن جي قتل کانپوءِ مقدونيه کان نڪري ايران جي سلطنت دارا ٽيون جي بزدلي ڪري هٿ ڪئي ۽ ان جي ڌيءَ ”استاترا“ سان شادي ڪري، ايراني مال و غنيمت، شاهي خاندان جي عورتن سميت پنهنجي لشڪر ۾ ورهائي ڇڏيو. ان کان پوءِ سيستان پهتو ۽ رالنسن جي چوڻ موجب قنڌار شهر ٻڌرايو. 327 قبل مسيح ۽ بلخ ۽ بخارا ڏانهن توجه ڏنو.
سڪندر کي سنڌين جا سور سدائين سُجھندا هئا ڇاڪاڻ ته انهن سندس فوج کي دارا جي پاران اربيلا جي هنڌ سخت نقصان پهچايو هو ۽ جنگ فتح ڪري پيا سگھن پر ايراني فوج جي بزدلي ۽ دارا جي ڀڄي وڃڻ ڪري سنڌي اڪيلي سر يونانين جو مقابلو ڪندا رهيا تنهن ڪري يونانين تي سنڌين جي هيبت ويٺل هئي. جڏهن ته سڪندر موجوده افغانستان جي اندر پهتو. بلخ ۽ بخارا کي فتح ڪيو پر اها سگھه ۽ همت نه ساري سگھيو ته هو ڪيئن اٻهرائي ڪري سنڌ تي ڪاهي وڃي ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ سنڌين سان ٿيل ويڙهاند ياد هئي جنهن ڪري هن سمجھيو پئي ته جيڪڏهن لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاهي ويندس ته اتان بچڻ ناممڪن آهي ۽ اتي انهن جو هڪ وڏو لشڪر موجود هوندو ۽ سڀئي سنڌي هڪ هنڌ گڏ ٿي ويندا. پر جڏهن هو بقول پروفيسر رائٽ ”باختر ۾ سخت سردي جو لطف وٺي رهيو هو ته سنڌ جي هڪ غدار راجا ”سسي گپتا“ ساڻس اچي مليو. جنهن کيس سنڌ جي حالتن کان واقف ڪيو ۽ ٻڌايو ته سنڌ وارا ننڍن ننڍن حڪومتن ۾ ورهايل آهن ۽ انهن جو هڪ ٻئي سان دشمنيون آهن هو سدائين پاڻ ۾ وڙهندا رهن ٿا انهن اختلافن ڪري ڪڏهن به هو متحده ٿي نه ٿا سگھن، ۽ اڄ به موجوده وقت ۾ سنڌين جي اهڙي ئي ڪيفيت ۽ حالت آهي، جنهن ڪري سنڌ سندن هٿن مان نڪرندي نظر اچي ٿي ۽ هو متحد ۽ گڏ ٿيڻ بدران ٽولن ۽ گروهن ۾ انفرادي طور ورهايل آهن.
سڪندر جي دماغ تي جيڪو سنڌين جو رعب ۽ دٻدٻو سوار هو اهو دفع ٿي ويو. پروفيسر رائٽ چوي ٿو ته سنڌ جي هڪ ٻئي شهزادي ”اڀي“ جيڪو ٽئڪسيلا جو ولي عهد هو تنهن سڪندر کي دعوت ڏني ته هو سنڌ تي حملو ڪري، هو ساڻس ان معاملي ۾ پوري طرح سان ساڻس سهڪار ۽ مدد ڪندو.
سڪندر سنڌين جي پاڻ ۾ ويڙهاند ۽ گھريلو غداري مان سمجھي ويو ته سنڌين کي هٿ ڪرڻ سولو آهي، تنهن ڪري هن سنڌين تي ڪاهه ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو ۽ پنهنجي فوج کي سنڌ ڏانهن هلڻ جو حڪم ڏنو. ڇاڪاڻ ته سنڌين جي نفاق ۽ پنهنجو پاڻ ۾ دشمني جو ن ڳالهيون ظاهر ٿي چڪيون هيون. بهرحال هو رالنسن جي لکڻ موجب مئي 327 قبل مسيح جي ڪا تاريخ هئي ۽ ايرين ۽ پروفيسر رائٽ موجب 327 قبل مسيح جي موسم بهار ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي.
پلوٽارڪ جي چوڻ موجب هن سان گڏ ويهه هزار پيادا ۽ءٌ پندرنهن هزار سوار هئا. محترم محمد بخش انصاري به لکيو آهي ته يوناني فوج جو سنڌ تي ڪاهه وقت تعداد هڪ لک ويهه هزار پيادا فوج ۽ پندرهن هزار سوار فوج هئي.
پروفيسر رائٽ جي چوڻ موجب ته سڪندر ڪابل مان ئي نڪتو ته سنڌ جو غدار امڀي اچي مليس. هو چند ڏينهن اڳ پيءُ جي مرڻ کانپوءِ تئڪسيلا جو حڪمران ٿيو هو. هن جيئن ته سڪندر سان واعدو ڪيو هو ته سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ وقت سندس هر طرح جي مدد ڪندو تنهن غداري جو مظاهرو ڪندي سڪندر جي راهه نما جو ڪردار ادا ڪيو. سنڌ وارن ڏٺو ته انهن جو حڪمران بزدل ٿيڻ سان گڏ غدار به ثابت ٿيو آهي ته انهن پنهنجي قومي غيرت جو مظاهرو ڪندي يوناني لشڪر جي راهه ورڪي، جنهن ۾ هزارين سنڌي ڌارين جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي قتل ٿي ويا.
سڪندر پنهنجي فوج کي ٻن حصن ۾ ورهايو. هڪ حصو سنڌ جي غدار امڀي کي ساڻ ڪري ڏنو، جنهن جي ڪمان هيفسٽون ۽ پرڊيڪاس جي هٿ هيٺ هئي ۽ ٻئي حصي جي فوج جو ڪمانڊر هو پاڻ هو. هن سنڌ ۾ داخل ٿيندي ڪيئي هزار سپاهين کي ماري ڇڏيو ۽ چاليهه هزار ماڻهو گرفتار ڪيا ۽ ٻه لک ٽيهه هزار ڏاند انهن کان کسيا ويا. جيئن هو آبادي ڪري نه سگهن ۽ بک ۽ بدحاليءَ ۾ گذارن.
سڪندر سان آسو ڪانوس، اسٽريبوجي چوڻ موجب ماسوگا قوم سندس مقابلو ڪيو جنهن جي ڪمان نوجوان بيوهه راڻي ”ڪليوفس“ ڪري رهي هئي. هن قوم سان گڏ ست هزار سنڌي سپاهي به شامل هئا جن پنهنجي مضبوط قلعي کان ٻاهر نڪري سڪندر جي فوج سان ويڙهاند ڪئي. سڪندر جي فوج هار کائي ويئي جنهن ڪري آسو ڪانس جي ماڻهن ۽ سنڌي سپاهين سمجھيو ته هو شڪست کائي ڀڄي ويا آهن پر سڪندر جنگي چال کيڏندي پنهنجي شڪست کي فتح ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن قلعي کي گھيرو ڪري سنڌي جوڌن کي ماري ڇڏيو. سنڌي مڙسن به پاڻ ملهايو ۽ لڙندي لڙندي وڃي سڪندر تائين پهتا جنهن ۾ کيس زخمي ڪري وڌائون. هن پنهنجي زخم جي بدلي ۾ شهرين تي منجنيقن سان پٿربازي ڪرائي ۽ قلعي ۾ سوراخ ڪرائي ڇڏيا.
ارين هن جنگ بابت لکي ٿو ته جڏهن يوناني فوج انهن سوراخن مان اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن سخت مزاحمت ڪئي ۽ کين پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ ٽن ڏينهن تائين انهن جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون. چوٿين ڏينهن يوناني ڏاڪڻن ذريعي قلعي جي فصيلن تائين چڙهي ويا. پوءِ جوڌن کين مات ڏيئي ڇڏي. سڪندر پنهنجي فوج جي شڪست ڏسي سڄي فوج کي قلعي تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو جن جنگي مقصد لاءِ تيار ٿيل ڏاڪڻن جي مدد سان قلعي تي پهتا. سنڌي جوانن به مقابلو جاري رکندي تيرن، گرم پاڻي ۽ ٻرندڙ باهه سان انهن جو مقابلو ڪيو. آخر سڪندر به وڙهندي وڙهندي ٿڪجي پيو ۽ ڌرتي ڌڻي به پنهنجي اڳواڻ جي مرڻ کان پوءِ بي يار و مددگار ٿي ويا. تنهن ڪري ٻنهي ڌرين پاڻ ۾ ٺاهه ڪيو پر سڪندر واعدي خلافي ڪندي سندن مٿا الزام مڙهيو ته اهي رات جي اونداهي جو فائدو وٺي ڀڄي وڃن ها، تنهن ڪري انهن جي قتل جو حڪم جاري ڪيو.
حقيقت ۾ سڪندر بزدلي جو مظاهرو ڪيو ۽ کيس خوف هو ته ڪٿي سنڌي سپاهي سندس جو خاتمو نه آڻي ڇڏين، تنهن ڪري هن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري هٿين خالي سنڌي سپاهين کي ماري پنهنجي جان جو خير گھريو. سمٿ ارلي هسٽري آف انڊيا م لکي ٿو ته: ” هو وڙهندا قتل ٿيندا رهيا پر سڪندر آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪيائون. يعني آڻ نه مڃيائون.
سڪندر درياءَ سنڌ جي ڪناري آرنوس جي قلعي کي فتح ڪري باشندن جو قتل عام ڪيو. هن قلعي جي هٿ ڪرڻ ۾ هن جا ڪيترا سپاهي مارجي ويا. ان کانپوءِ هو اوهنديا اٽڪ وٽ پهتو جتي سنڌين جي غدار امڀي، سنڌ جي دولت ۽ قيمتي تحفه پيش ڪيا. ايرين جي مطابق هي تحفه ست سؤ سوارن، ٽيهه هاٿين، ڪرٽيوس جي چوڻ موجب ڇاونجاهه هاٿي، ٽي هزار ڏاندن، ڏهه هزار رڍن ۽ ٻه سؤ ٽيلنٽ چاندي تي مشتمل هو ۽ پنهنجي غلامي جو لکت ۾ اقرار به ڪيو.
مقدوني فوج امڀي جي رهنمائي ۾ سنڌي طرف وڌڙ شروع ڪيو جڏهن هي لشڪر ٽئڪسيلا کان پنج ميل پري هو ته امڀي جي فوج سندس استقبال ڪرڻ لاءِ آئي. امڀي سڪندر جي ٽئڪسيلا ۾ وڏي خوشامند ڪئي ۽ سنڌ جي دولت سندس اميرن تان نڇاور ڪئي. سڪندر امڀي کي غداري جي صلي ۾ بقول ايرين ”سڪندر امڀي کي فتح ٿيندڙ علائقن جو حڪم مقرر ڪري ڇڏيو.“
امڀي وانگر جهلم ۽ چناب جي گذر گاهن جي رياست جي حاڪم ”اڀي سار“ به اطاعت قبول ڪئي. هو مقامي غدارن کي ساڻ ڪري راجا پورس تي حملو ڪيو. راجا پورس پنجاهه هزار جنگي جوانن سان جهلم جي ٻئي پاسي موجود هو. سڪندر چالاڪي سان درياءَ پار ڪري پاڻ پورس جي سامهون ٿيو ان کان اڳ پورس جو پٽ مقدونن جي راهه روڪي ۽ ٻارهن هزار يوناني فوج جيڪا ڪم ٽيوس موجب ٽي هزار سوارن، ٽولمي ۽ ايرين مطابق ٻه هزار سوار ۽ هڪ سوؤ ويهه رٿن سان سڪندر کي زخمي ڪري وڌو ۽ چار سؤ سپاهي مارجي ويا.
پورس ايرين جي مطابق چار هزارن سوارن، ٽي هزار جنگي رٿن ۽ ٻه سؤ هاٿين جي لشڪر سان سڪندر جي سامهون ٿيو.
اوڏانهن غدار امڀي ڪريٽروس جي قيادت ۾ دريا ٽپي هزارين قديم سنڌين کي ماري وڌو. هن جنگ ۾ پورس گرفتار ٿي سڪندر جي سامهون آيو. جنهن کي سڪندر ڀلائي ۾ استعمال ڪرڻ ۽ خير خواهي واسطي جهلم ۽ ان جي آس پاس واري حڪومت تي برقرار رکيو ۽ اها اميد رکي ته هو غداري برقرار رکندو.
هن جنگ ۾ قديم سنڌي جوڌن سڪندر جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا. هن کي ڪيترو وقت درياءَ پار ڪرڻ نه ڏنو. هن لڙائي ۾ ان ڏينهن بقول ايرين ويهه هزار سنڌي سپاهي ۽ ٽي هزار سوار مارجي ويا ۽ سڀئي جنگي رٿون يونانين ٽڪر ٽڪرا ڪري ڇڏيون.
سڪندر سنڌين جي بهادري ۽ وطن پرستيءَ جو عزم ڏسي چڪو هو، تنهن ڪري هو مقامي سردارن ۽ حاڪمن کي لالچون ڏيئي پنهنجون دوست بڻائيندو ويو جيئن هن سان ٻيلي ٿي بيهن. اهڙي طرح سڪندر سنڌين جي قديم قوم ڪاٺيا جي علائقي تي چڙهائي ڪئي. هي قوم وطن جي آزادي جي متوالي هئي ۽ جنگ جا پڻ ڪوڏيا هئا. تن ڌارئي سڪندر کي پنهنجي علائقي مان گذرڻ نه ڏنو ۽ پهه ڪيو ته هو مرڻ گھڙي تائين پنهنجي سرزمين جو دفاع ڪندا رهندا.
ڪاٺيا قوم جي ماڻهن پنهنجي جنگي رٿن سان سڪندر ۽ غدارن جي گڏيل فوج جي حملي کي روڪيو ۽ کين پٺتي هٽي وڃڻ تي مجبور ڪيو. سڪندر پيادي فوج جي ڪمان سنڀالي جنهن ۾ ديسي ۽ وديشي سپاهه شامل هئا. جيئن لوهه لوهه کي ڪٽيندو آهي، تيئن سنڌ جي غدارن جي فوج پنهنجي حرفت ۽ چالاڪي سان وفادار فوجن کي ٽوڙي وڌو ۽ ڪيترن کي قتل ڪري ڇڏيو. هن لڙائي ۾ سڪندر جا هڪ سئو سپاهي مارجي ويا ۽ ٻارنهن سئو زخمي ٿي پيا. ڪاٺيا فوج ميدان جنگ ڇڏي قلعي بند ٿي ويهي رهي.
پر امن شهرين سڪندر جي ڏاڍ ۽ بربريت کان بچڻ لاءِ رات جو قلعي مان نڪرڻ گھريو، پر سڪندر جيئن ته سڀني سنڌين جي قتل ڪرڻ جو پهه ڪري ڇڏيو هو، تنهن قلعي کي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو. جڏهن به ڪو پر امن شهري قلعي مان نڪتو ٿي ته يونانين ان کي ماري ٿي ڇڏيو. اهڙي طرح سنڌين جو قتل ٿيندو رهيو. صرف ٽالمي اهڙن پنج سئو سنڌين کي بي گناهه ماري ڇڏيو.
سنڌي قوم جا ڪاٺيا مرد مجاهد ٿي ويهي رهيا ۽ يوناني فوج جا حوصله پست ڪري ڇڏيا، پر وڪامل پورس جا پنج هزار ديسي سپاهي، قلعه شڪن هٿيارن سان پهچي ويا، جن يونانين کي همت ڏياري ۽ قلعي جي ديوارن کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ يونا ني لشڪر، شهرن جو قتل عام ڪرڻ لاءِ گھڙي پيو. سنڌي به ٽَڪُ ٽَڪُ سان وڙهيا، پر بي يارو مددگار هئڻ جي شڪست کائي ويا. هن لڙائي واري ڏينهن ۾ بقول ايرين ۽ ڪرٽيوس ”ستر هزار جوان مارجي ويا ۽ ايترا ئي قيد ٿيا. يونانين فتح جي خوشي ۾ سڄي شهر کي باهه ڏئي برباد ڪري ڇڏيو.“
يوناني فوج ان کان پوءِ پاڙي وارن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اکيون وڌيون ۽ چاهيو ته اهي پر امن نموني غلامي قبول ڪن پر جڏهن سڪندر جي حڪم سان نائب سالار ”ايومنز“ اتي پهتو، تنهن ڳوٺ ۽ شهر خالي ڏٺا ۽ سمجھيو ته هو ڪنهن به وقت سڪندر لاءِ مصيبت جو باعث بڻجي سگھن ٿا تنهن ڪري ساڙ ۽ ڪاوڙ مان انهن جي بيمار مائٽن ۽ پوڙهن کي جيڪي وڃي نه سگھيا هئا تن کي بي گناهه قتل ڪري ڇڏيو. ايرين اهڙن جو تعداد پنج سئو ٻڌايو آهي ۽ مولوي نور محمد نظاماڻي تاريخ سنڌ ۾ پنج هزار لکي ٿو.
جڏهن به ڪو ڌاريو ڌڻن تي ڪاهي ايندو آهي ته ان جي نگاهه صرف علائقي، ايراضي ۽ دولت ته نه هوندي آهي پر ان کان معصوم ٻار بيمار ۽ پوڙها به بچي ڪونه سگھندا آهن ۽ اهي هميشه پنهنجي دل کي سڪون ڏيارڻ خاطر بي گناهن جو قتل عام ڪندا آهن جيئن پنهنجي آقا وٽ سرخرو ٿين. اڳ زماني ۾سڀ کان وڏي جلاد جي عزت ڪئي ويندي هئي. ۽ کيس بهادر يا جيالي جي نالي سان سڏيو ويندو هو. هڪ قوم جو قاتل پنهنجن لاءِ هيرو ثابت ٿيندو آهي. جيئن سڪندر سنڌين جي قتل ۽ غارت گيري تي خوش ٿيندو هو ۽ سندس چمچا تاريخ نويس کيس اعظم جي لقب سان سڏيندا هئا ۽ دنيا جو وڏو فاح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
ڪاٺيا قوم جي قتل عام کان پوءِ سڪندر جا سپاهي بزدل ٿي پيا ۽ اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ سنڌي جوڌن کين اهڙي سيکت ڏني هئي جو ان کي ياد ڪري خوفزده ٿي ويندا هئا. کين اها به پڪ هئي ته سندن جي سوڀ مقامي غدار حڪمرانن ۽ ديسي سپاهين جي ڪري ٿئي ٿي، جن تي انهن جو ڀروسو گھٽ هو. انهيءَ خيال کان يوناني لشڪر سڪندر کي جواب ڏيئي ڇڏيو ته هو پيشقدمي ڪري نه سگهندا ۽ نه وري کين وڙهڻ جي سگھه باقي آهي. ظاهري طور يوناني فاتح هئا پر اندروني طرح هو خوفزده، شڪست خورده ۽ غير يقيني حالت ۾ هئا ۽ اها به پڪ نه هين ته هو پنهنجي ملڪ زنده واپس وڃي به سگھندا؟
سنڌين جي سخت ويڙهه انهن جا حوصله پست ڪري ڇڏيا هئا. ڪوئنوس فوج جي ترجماني ڪندي پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته: ”جڏهن بادشاهه هن مهم تي روانو ٿيو هو ته ان سان وڏو لشڪر ساڻ هو پر هاڻي اهو وڄي تمام گھٽ تعداد ۾ بچيو آهي. جنهن مان اها خبر پوي ٿي ته هن جا اهي سپاهي سنڌ تي حملي دوران مارجي ويا، يوناني تاريخ نويس ان جو زڪر ڄاڻي واڻي ناهي ڪيو جن سڪندر مٿان شڪست خورده هجڻ جون ٿابتيون پڌريون ٿي سگهن.
سڪندر پنهنجي فوج جي بزدلي ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ انهن کي همٿايو پر هنن پيش قدمي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ روئي ڏنو. سڪندر اها حالت ڏسي ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون پنهنجي خيمي کان ٻاهر نه نڪتو ۽ چوٿين ڏينهن اعلان ڪيو ته هو واپس پنهنجي وطن هلڻ لاءِ تيار ٿين.
واپسي جي صورت ۾ سڪندر پنهنجي ظلم ۽ بربريت کي قائم رکيو. اگل سوئي قبيلي هن جي ڏاڍ ۽ ظلم آڏو ڪند نه جھڪايو، جنهن ڪري کين سخت کان سخت سزائون ڏيئي مارائي ڇڏيو. اهڙي طرح راوي جي سفر دوران ميربحر ۽ ماڇي ذات وارن جي هزارن هٿين خالي مڙسن کي قتل ڪرائي ڇڏيو. ان بابت ايرين لکي ٿوته: ”ڪيترا ويچارا زمينن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، تن کي ماريو ويو ۽ باقي جيڪي اها حالت ڏسي شهرن جي پناهه وٺڻ لاءِ ڀڳا تن کي پڪڙي يوناني فوج مکين ۽ مڇرن وانگر حقير سمجھي قتل ڪري ڇڏيو.“
ايرين انهن کي ماهي قوم سڏيندي سندن هڪ ٻئي شهر جو به ذڪر ڪري ٿو، جن جان جي امان گھري پر بي رحم يونانين پنهنجي ظالم ذهن کي تسڪين ڏيارڻ لاءِ انهن سڀني کي ڪهرائي ڇڏيو. جيئن هن جي ظلم جي داستان ٻين تائين نه پهچي ۽ ديسي ماڻهو هوشيار ٿي نه وڃن ! ! ايرين لکي ٿو ته: ”انهيءَ ماهي قوم جي شهر جي تباهي کان پوءِ سڪندر صبح جو درياءَ راوي واپس موٽندي ماهي قوم جي ڪيترن باشندن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جيڪي درياءَ پار ڪري رهيا هئا ۽ جي پار پهتا هئا ! !
سڪندر ميدان جنگ م سنڌين جو قتل عام ته ڪيو ٿي پر بي گناهه سنڌ جي ڳوٺاڻن کي صرف ظلم جو نشانو ان ڪري ٿي بڻايو ته متان اهي پاڻ ۾ گڏجي ان جي لاءِ ڪا مصيبت پيدا ڪن.
سڪندر ملتان تي حملي کان اڳ ماهي قبيلي جي هڪ ڳوٺ تي گھيرو ڪيو، سنڌي ويچارا پنجن هزارن جي تعداد ۾ هوندي به مقابلي کان نه گھٻرايو. کين يقين هو ته هر حال ۾ مرڻ انهن جو نصيب آهي. تنهن ڪري انهن فيصلو ڪيو ته مرنداسين پر ائين نه مرنداسين پر ماري پوءِ مرنداسين. انهيءَ يقين سان يوناني ۽ غدار فوج جو مقابلو جاري رکيو ۽ کين سخت نقصان رسايو آخر مرد مجاهد وطن تان قربان ٿيندا ويا پر سڪندر جي آڻ نه مڃي ۽ باقي وڃي جيڪي بچيا تن غيرت جو مظاهرو ڪيو. پنهنجي آل اولاد، ننڍا وڏا، مرد، عورتون گڏ ٿي يونانين جي وحشت کان بچڻ لاءِ، عزت ۽ لڄ جي نيڪ نامي رکڻ لاءِ پنهنجن گھرن کي باهيون ڏيئي ڇڏيون ۽ پاڻ به ان ۾ سڙي مري ويا.
سڪندر سنڌين جي اهڙي جوان مردي ۽ غيرت کي ڏسي شرمسار ته ٿيو هوندو ۽ سوچيو هوندو ته ڪهڙي عظيم قوم جي جوڌن سان پالو پيو آهي جيڪي غلامي جي زندگي کان موت کي بهتر سمجھن ٿا. پنهنجي ننگن جي لڄ لٽجڻ بدارن پنهنجي هٿ سان مارڻ عزت سمجھن ٿا. اهڙي قوم کي سلام هجي ۽ هر بار لکين، سلام هجن سنڌي قوم جي قديم جوڌن جوانن کي جن تاريخ ۾ بي مثال مقام حاصل ڪري ورتو ۽ لازوال بڻجي ويا.
سڪندر ماڇي قوم جي تخت گاهه ملتان کي گھيري ۾ آندو، شهري قلعي بند ٿي سندس مقابلي لاءِ تيار ٿي ويا ۽ ڪنهن به يوناني فوج جي سپاهي کي اها جرئت نه ٿي ته هو قلعي جي فصيل تائين پهچي سگھي. آخر سڪندر يونانين جي بزدلي کي ڏٺو ۽ سمجھيو ته اهي مايوس ٿي ويا آهن ته پنهنجو پاڻ ميدان جنگ ۾ ڪاهي پيو ۽ هڪ معمولي سپاهي جو ڪردار ادا ڪندي قلعي تي چڙهي ويو. ساڻس ساٿ ۾ ابريس، پيو ڪسٽاس ۽ ليوناٽوس هئا. جيڪڏهن اهي به پوئتي رهجي وڃن ها ته سندس موت يقيني هو. انهن سڪندر سان ويڙهه ۾ ساٿ ڏنو. ابريس سنڌين جي تير جو نشانو ٿي ويو ۽ باقي ٻن ڄڻن سڪندر جي زخمي ٿيڻ کان پوءِ سندس بچاءَ طور ڍال جو ڪم ڏنو. بدقسمتيءَ سان سنڌين جو سڄو ڌيان سڪندر ڏانهن هو. يوناني فوج سڪندر کي موت جي مهن ۾ ڏسي هڪ زوردار حملو ڪيو ۽ هو سنڌين جي بي ڌيانيءَ ۽ لاپرواهيءَ ڪري قلعي تي قابض ٿي ويا ۽ ان جا دروازا کولي ڇڏيا.
يوناني لشڪر سڪندر جي زخمي ٿيڻ جو بدلو اهڙو ورتو جيڪو تاريخ جو هڪ هولناڪ باب بڻجي ويو. يونانين دل جي ڀڙاس ڪڍڻ لاءِ پوڙهن مردن توڙي عورتن ۽ معصوم ٻارن کي به نه بخشيو، انهي خون وغارت ۾ سڄو ملتان شهر رت جي ريٽاڻ سان ڀرجي ويو. ماڇي قوم سڪندر جي آڻ مڃي ۽ غلامي جو طوق پاتو. سڪندر جا تاريخ نويس انهن جي بهادريءَ کان انڪار ڪري نه سگهيا.
سڪندر ملتان کي برباد و ناس ڪري، پنجند ۽ اچ کان ٿي ملوها يعني اڄ جي لاڙڪاڻي جي حاڪم ميوسي ڪانس جي حدن ۾ پهتو، جنهن لاءِ ايرين لکيو آهي ته: ”هو وڏو مالدار ۽ شاهوڪار هو.“ ميوسي ڪانس حملي جي وقت سڪندر جي آڏو پيش پيو، ڇاڪاڻ ته هن کي گھرو بغاوتن پريشان ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻئي پاسي کان ظالم سڪندر اچي منهن ڪڍيو هو. تنهن ڪري مزاحمتي رويي کي مفاهمت ۾ تبديل ڪيو. سڪندر پنهنجي طرفان ”ڪريٽيرس“ کي اتان جو نائب مقرر ڪيو.
سڪندر اڃا سندس حدن مان ٻاهر پير ئي نه پاتو هو ته هن سنڌي جوڌي ميوسيڪانس آزادي جو جھنڊو بلند ڪيو ۽ ڌارين کي مارائي ناس ڪيو. جڏهن هن جي بهادري جي خبر شعلو بڻجي سڪندر تائين پهتي ته هن اڳ ۾ ئي سنڌ تي مقرر ٿيل نائب ”پيٿان اگينو“ کي حڪم ڏنو ته هو ان تي ڪاهي وڃي. بهادر ميوسيڪانس کي آزادي جي سزا ڏئي.
هن ميوسيڪانس تي ڪاهه ڪيئي جنهن گھريلو بغاوتن ۽ غداري ڪري هار کاڌي ۽ گرفتار ٿي ويو. يونان سنڌي جوڌن کي مارائي انهن جا لاش چو واٽن تي ٽنگرائي ڇڏيا، جيئن ٻيا سنڌي به آزادي جي طلب نه ڪري سگھن.
سنڌ سورمي ميوسيڪانس ماهوٽو کي سنڌ جي آزادي ۽ مقدوني غلامي مان بغاوت جي الزام هيٺ صليب تي چاڙهيو ويو. هي سنڌ ڌرتي جي آزادي لاءِ جان ڏيئي امر ٿي ويو. سنڌ جي سُورمن ۾ اڄ تائين ياد ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي مظلومن جي تاريخ ميوسيڪانس جهڙن وفادار حاڪمن ۽ ڌرتي ڌڻين سان ڀري پئي آهي. ايرين موجب سڪندر ميوسيڪانس کي گرفتار ڪري پاڻ وٽ گھرايو ۽ کيس مارڻ جو حڪم ڏنو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سڪندر ميوسيڪانس سان ٺاهه جون ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي ۽ چيو هوندو ته هو معافي طلب ڪري ۽ سندس جو ٻانهن ٻيلي ٿئي، پر ميوسيڪانس هڪ جوڌي وانگر سنڌي قوم پرستي جو مظاهرو ڪري غداري ۽ غلامي جو طوق پائڻ کان انڪار ڪري موت کي قبول ڪيو هوندو ۽ ان جي دولابن ۾ نه آيو.
سڪندر ميوسيڪانس جي ڀاءُ ۽ ڪاڇي جي راجا آڪسيڪانس ماهوٽا تي چڙهائي ڪئي. هن جو شهر نهايت عظيم هو ۽ سندس ديوارون آسمان سان ڳالهيون ڪنديون هيون.
ايرين آڪسيڪانس بابت لکي ٿو ته : ”سڪندر هن جي رياست تي چڙهائي ڪئي ڇاڪاڻ ته هو ان وٽ پيش اچي نه پيو هو ۽ نه وري ڪوبه سفير وغيره هن ڏانهن آيو ۽ نه وري سوکڙيون هن وٽ پهتيون هيون.
سڪندر ان جي شهرن ۽ ڳوٺن کي ويران ڪندو بقول ايرين: ”اها لٽ مار ايتري خوفناڪ هئي جو سڄي علائقي ۾ دهشت ڦهلجي ويئي.“ تقدير هن جو ساٿ ڏيئي رهي هئي. پنهنجا پراوا ٿي رهيا هئا. ان حالت ۾ ڪاڇي جي راجا پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ سڪندر سان جنگ جوٽي بيهي رهيو ۽ مرڻ گھڙي تائين ان جي آڻ نه مڃي. سڪندر سندس بهادري ۽ غيرت مند هئڻ جي سزا طور سندس فوجن کي مارايو ۽ شهرين کي غلام بنايو. سنڌي عورتن کي بي عزت ڪيو ۽ سنڌي ڪنوارن نينگرين کي مال غنيمت طور حوس جي پورائي لاءِ فوجن ۾ ورهايو.
سڪندر ڪاڇي وارن علائقن جي لٽ مار کان پوءِ اتان جي راجا کي مارائي، ان جو علائقو پنهنجي هٿ ڪري سيوهڻ طرف پيش قدمي ڪئي ۽ راجا سمون تي حملي جون تياريون ڪيون. هو به ان لاءِ اڳواٽ تيار هو پر جڏهن آڪسيڪانس جي قتل ۽ اتان جي سنڌين جي بربادي جي خبر پئي ته هي همت هاري ويٺو . پر سنڌي جوڌن پنهنجي راجا کي مايوس ڏسي همت نه هاري ۽ پنهنجي سر وڙهڻ جو رستو اختيار ڪيو. سنڌي دنيا جي پهرين ڇاپا مار ويڙهه سڪندر جي خلاف سنڌ جي سر زمين تي وڙهيا. جنهن ڪري هو سنڌين مان خوفزده هو ۽ هن جي لشڪر جو هڪ وڏو تعداد انهن سنڌي ڇاپا مارن هٿان مارجي ويو هو. هي جنگ جا ڪوڏيا ۽ ماهر هاٿين کان ته ڪم وٺندا هئا پر جنگ ۾ ڪتي کي ڪتب آڻي يونان جا حوصله پست ڪري ڇڏيا هئا. هو جنگ مهل دهل ۽ شرنايون وڄائي دشمن تي حمله آور ٿيندا هئا. دشمن سندن دليري ۽ بهادري ۽ جرئت کان خوفزده ٿي ڀڄي ويندا هئا. پر هتي سڪندر جي فوج جو وڏو انگ مري ويو هو، جنهن ڪري هو خوفزده ضرور هو پر هن همت نه هاري ۽ شڪست قبول نه ڪئي جنهن جو وڏو سبب اهو هو ته هن جا ساٿي ساڳي قوم جا ڀائر هئا. جن اقتدار جي لالچ ۽ مقدوني رعب ۾ اچي ۽ کين فاتح بڻايو جو ساٿ ڏيئي سنڌسان غدار ڪئي.
سنڌي ڇاپا مار بغير ڪنهن راجا جي مدد سان سڪندر جي فوج کي ماريندا رهيا جنهن ڪري يوناني فوج طيش ۾ اچي سوين شهر ۽ ڳوٺ برباد ڪر ي ڇڏيا ۽ زمين ۾ بيٺل فصل ناس ڪري ڇڏيا ۽ هزارين بي گناهه سنڌين کي وطن جي حفاظت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪري ڇڏيو. ڪرٽيوس جو بيان آهي، ته: ”سڪندر جڏهن هن رياست تي حملو ڪيو، ان جي اسي هزار ماڻهن کي قتل ڪيو ويو.“
سڪندر جڏهن سنڌين جو قتل عام ڪندو سيوهڻ پهتو ته اتان جو راجا سمون بقول ايرين جي: ”عجز و نياز جو پيڪر بڻجي ان جي دربار ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ معافي گھري، سڪندر کيس معاف ڪري ڇڏيو.“ ايرين لکي ٿو ته سڪندر سيوهڻ وارن کي معافي ڏيڻ کان پوءِ برهمڻن جي هڪ شهر تي حملو ڪيو ۽ اتان وارن کي شڪست ڏني ڇاڪاڻ ته انهن بيروني مداخلت کي ننديو ۽ ديس واسين کي آماده ڪيو ته هو ڌارئي لشڪر سان مقابلو جاري رکندا اچن جيئن هو هميشه لاءِ سنڌ ۾ رهي نه سگھن. برهمڻ سڪندر جي فوج لاءِ وباءِ جان بڻيل هئا. بقول پلو ٽارچ برهمڻن هٿان مقدونن کي بيشمار تڪليفون به سهڻيون پيون.
سنڌي راجا اطاعت کان پوءِ پنهنجي آزادي لاءِ تڙپندا رهيا. سيوهڻ وارن معرڪن ۾ سڪندر جو سپهه سالار ”پتولومي“ زخمي ٿي پيو. سڪندر هن جي زخمن جي عيوض بي گناهه سنڌين جون سسيون لاهي ڍير ڪيون، جيئن آئينده سنڌي ڪنهن يونانيءَ سان مقابلو ڪرڻ جي جرئت ڪري نه سگهن.
هي ڪافي عرصي تائين سيوهڻ ۾ رهيو ۽ اتي شپ يارڊ قائم ڪري نوان ٻيڙا تيار ڪرايا ۽ ٻين جي مرمت ڪرائي ڇاڪاڻ ته سنڌين سندن جهازن ۽ ٻيڙين کي تباهه ڪري ڇڏيو هو ۽ اهي ان حالت ۾ نه هئا جو سفر کي اڳتي جاري رکي سگھجي.
سڪندر جڏهن سيوهڻ مان روانو ٿيو ته هن سونهين طور سنڌين کي پاڻ سان شامل ڪيو جن مقدوني ظالم کي سبق سيکارڻ ۽ پلاند وٺڻ جو عزم ڪري ڇڏيو هو تن جهازن ۽ ٻيڙن کي اهڙن هنڌن تي نيون جتي ان جا جهاز ڪُن ۾ ڦاسي پيا ۽ درياءَ جي تيز لهرن ڪري هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي پرزا پرزا ٿي ويا ۽ مقدونن مٿان اچي آفت ڪڙڪي ۽ ٻئي طرف کان سنڌي ڇاپا مارن مقدوني آرماڙ تي ڀڳي ٺوڙهي جي جبلن مان تير اندازي شروع ڪئي ۽ يوناني فوج ۾ ٽاڪوڙا وجهي ڇڏيا ۽ هو بي وس بڻجي ويا، انهيءَ حالت ۾ ڪيترا سپاهي مارجي ويا ۽ ڪيترا ٻيڙا تباهه ٿي ويا جنهن ڪري ڪيترائي يوناني درياءَ جي پاڻي ۾ لڙهي مري ويا ۽ سڪندر جي فاتح لشڪر جي حالت شڪست خورد لشڪر کان به خراب هئي ۽ هر طرف آه و پڪار هئي.
راجا سمون سڪندر جي سيوهڻ مان پيرن ڊاهڻ سان بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ آزادي جو نعرو هنيو. يونانين جواب ۾ سيوهڻ تي ڀرپور حملو ڪري راجا سمون کي ماري ڇڏيو.
حيدرآباد (پٽياله) جي راجا موئيرس سڪندر جي ذليل ڪاررواين کان بچڻ لاءِ پاڻ لنگھي آيو، جنهن کي حڪم ڏنائين ته هو واپس پنهنجي رياست ڏنهن موٽي وڃي ۽ اتي مقدوني فوج جو انتظار ڪري، جيڪا اتي پهچڻ واري هئي.
موئرس سمجھيو ته ظالم سڪندر ڪنهن به سنڌي کي نه ڇڏيندو ۽ ويندي ويندي وير وٺندو تنهن ڪري هن شهر ۽ ڳوٺ خالي ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.
جڏهن سڪندر کي انهيءَ حڪم جي خبر پئي ته ڏاڍي ڪاوڙ لڳس ۽ فوجي دستن کي حڪم ڏنو ته هو سنڌين جي ڳولها ڪري کين قتل ڪري ڇڏن جڏهن انهيءَ حڪم جي باوجود ڪو به کڙ تيل نه نڪتو ته هن شهر کي آباد ڪرڻ لاءِ زوري ماڻهن کي آندو. ايرين لکي ٿو ته: ”سڪندي جڏهن پهتو ته کيس خبر ملي ته راجا ۽ گھڻا شهري پنهنجا گھر هن جي خوف کان ڇڏي جهنگلن ۾ ڀڄي ويا آهن. ته هن انهن پويان سوار موڪليا ۽ يقين ڏياريو ته انهن تي ڪنهن به قسم جي سختي نه ڪئي ويندي. ايرين ٻڌائي ٿو ته انهيءَ قدم سبب شهر وري آباد ٿي ويا.
سڪندر کي سنڌ مان نڪرڻون هو، تنهن ڪري اتي ڇانوڻي قائم ڪئي ۽ فوجن کي آرام ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ پاڻ آس پاس جائزو وٺندو رهيو. هن فوج کي ٽن حصن ۾ ورهايو. هڪ حصو جيڪو آرماڙ تي مشتمل هو تنهن کي نير چوس جي قيادت ۾ خليج فارس کان ٿي دجله جي رستي سوس پهچڻو هو. ٻيو هن بري فوج کي ٻن حصن ۾ ورهايو بري فوج جو پهريون حصو ڪريٽرس جي حوالي ڪيو جنهن ۾ سڀ هاٿي، ٻيو ساز و سامان، بيمارن ۽ اپاهج سپاهي شامل هئا جن کي حڪم هو ته اهي مولالڪ (جوهي) کان واپس وڃن. بري فوج جو ٻيو حصو ۽ لشڪر جون ٽيون حصو جيڪو سوارن تي مشتمل هو. سڪندر جي ڪمان هيٺ سنڌي سمنڊ جي ساحل سان سوس وڃڻو هو.
هن حيدرآباد مان نڪري ڪراچي جو رخ رکيو. واٽ تي سنڌي سورمن جن کي يونانين آرابيتي جو نالو ڏنو آهي تن ٻين سنڌين جي پيروي ڪندي مقابلو ڪيو. جنهن ۾ سڪندر مرندي مرندي بچيو ۽ بيهوشيءَ واري حالت ۾ پنهنجي سپاهين کي مليو. ان ڇاپامار ويڙهه ۾ ڪيترائي يوناني مارجي ويا، جن جو بدلو هڪ وڏي قتل ۽ غارت جي صورت ۾ ورتو ويو.
سڪندر اتان لس ٻيلي پهتو، جتي سنڌي جوان راهه روڪي بيٺا هئا ۽ مقدوني لشڪر جي سامهون ٿيا، جنهن ۾ اٺ هزار سنڌي جوانن مان ڇهه هزار جو ڌا وطن تان قربان ٿي ويا ۽ سڪندر کي اهو سبق سيکاريو ته اهي ڪڏهن به ڌارئي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هن اتي پنهنجو نائب ”ائپولو فينس“ کي مقرر ڪيو، جنهن کي سنڌين سڪندر جي وڃڻ کان پوءِ ساٿين سميت قتل ڪري ڇڏيو ۽ يوناني تسلط کان آزادي ورتي. اها قوم جيڪا سڌائين آزاد رهي آهي. اها ڪيئن غلامي قبول ڪندي، عارضي طور زيادتيون ۽ مصيبتون برداشت ته ٿينديون آهن، پر پوءِ انهن جي پاڙ پٽي اڇلائبو آهي. جيئن هو ٻيهر ان طرف جو رخ نه ڪن.
هن جي فوج کي سنڌي سمنڊ جي ڪناري جي رهندڙ مهاڻن ايترو پريشان ڪري ڇڏيو جو سڪندر جو موت يقيني هو، جيڪڏهن بر وقت ”نيار چوس“ نه پهچي ها.
تاريخ دان لکن ٿا ته سڪندر جو ارادو عربستان کي فتح ڪرڻ جو هو، پر جيئن ته سندس لشڪر جو هڪ وڏو حصو سنڌين هٿان مارجي ويو هو، تنهن ڪري اهو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو هو.
حقيقت ۾ سنڌ سڪندر لاءِ ڳوري ثابت ٿي. سنڌين سندس سڪون برباد ڪري ڇڏيو. سندس صبر ۽ تحمل واري طبيعت بخيل ۽ چيڙاڪ ٿي پئي. پلوٽارچ سنڌي عالمن لاءِ لکي ٿو ته: ”هن سڪندر سان ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو پر آڻ مڃيندڙ راجائن تي لعنت ملامت ڪندا رهيا.“ سڪندر کين مارائي ڇڏيو ۽ سندن لاشن کي رستن ۽ وڻن ۾ ٽنگرايو ته جيئن سنڌي عالم دندا مس کان متاثر ٿيو ۽ پاڻ سان هلڻ لاءِ چيو، جنهن کيس ورندي ڏني ته: ”مون کي توهان کان ڪجھه به نه گھرجي ڇاڪاڻ ته مون کي ڪابه خواهش نه آهي پر آءٌ توهان کان ايترو پڇان ٿو ته تون لشڪر ساڻ ڪري هت ڇو آيو آهين. هت توکي ۽ تنهنجي لشڪر کي ٺوڪرن کائڻ کان سواءِ ڇا ملي رهيو آهي. باقي سوال آهي منهنجي هلڻ جو ته تو ۾ ايتري طاقت ناهي جو پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ لاءِ تيار ڪري سگھين.؟
سڪندر سمجھيو ته جيڪڏهن هن سنڌ جي عالم کي ڇڏيندس ته حالتون خراب ٿي وينديون تنهن ڪري هن نام نهاد علم دوست هوندي به سنڌ جي عالم کي ڦاهي تي لٽڪرائي ڇڏيو. پوءِ به تاريخدان کيس عظيم انسان ۽ علم پرور چون ٿا حقيقت ۾ سڪندر هڪ وڏو ظالم انسان، انسانيت دشمن، دنيا جي ظالم ۽ سفاڪ حڪمرانن مان هڪ هو. جنهن پنهنجي حڪمرانيءَ لاءِ لکين انسانن کي مارائي ڇڏيو.
سڪندر واپس ويندي سنڌوءَ کي ٽن حصن ۾ ورهايو. پهريون اتر صوبو، جيڪو خيبر تائين هيو. فلپس جي حوالي ڪيو، جنهن جي گادي جو هنڌ ٽئڪسيلا هو. ٻيو جهلم ۽ بياس وارو علائقو پورس کي ڏنو ۽ ٽيون بياس کان وٺي سنڌي سمنڊ تائين وارو علائقو ”پيٿان اگيون“ جي حوالي ڪيو.
رالنسن سڪندر جي واپسي تي روشني وجھندي لکيو آهي ته: ”سڪندر سنڌ کي فتح ڪرڻ جا وڏا جتن ڪيا هئا پر هو جڏهن بابل پهچي مري ويو ته سنڌ وارن يوناني تسلط مان نجات ورتي ۽ 321 قبل مسيح ۾ يونانين کي ايئن وسار ڇڏيو ڄڻ انهن ڪڏهن به سنڌ کي فتح نه ڪيو هو.“
سڪندر جي مرڻ کان پوءِ مقدوني سلطنت ٽن جرنيلن ۾ ورهائجي ويئي. شام، ايران ۽ سنڌ. سيليوڪس نڪٽر مصر بطليموس ۽ مقدونيه ڪسنڊر کي ملي.

سنڌين جو اعلان آزادي

مقدونيه سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي ۽ هي علائقو سليوڪس نڪٽر کي مليو، ان وقت سنڌ ۾ مقرر ٿيل گورنر پيٿان، پورس (مقامي هوندي به ماتحت) ۽ فلپس هئا.
سڪندر جي گھوڙن جي اڏامندڙ دز اڃا باقي هئي ته سنڌين غلامي مان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ يونانين سان مهاڏو اٽڪايو. هر رياست ۾ آزادي جي هلچل هلي. ڪٿي ڪامياب ٿيا ۽ ڪٿي ناڪام رهيا. پر تنهن هوندي به آزادي جي تڙپ جاري رهي ۽ يونانين جا پير پٽجڻ شروع ٿي ويا. سنڌين يوناني نائبن نيسانور ۽ فلپس کي قتل ڪري ڇڏيو. پورس جنهن کي سڪندر شڪست کان پوءِ جهلم ۽ ان جي آس پاس وارو علائقو ڏنو هو، تنهن به آزادي جو اعلان ڪيو. ۽ مقامي باغين جي مدد ڪرڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي يوناني سنڌين هٿان مارجي ويا.
يونانين کي خبر پئي ته پورس سنڌين سان ملي ويو آهي ۽ آزادي چاهي ٿو، جنهن ڪري 317 قبل مسيح ۾ يوناني نائب ايوڊيموس پورس کي ڌوکو ڏيئي ماري ڇڏيو.
آزادي جي ويڙهه سڄي سنڌ ۾ ڪراچي کان وٺي خيبر تائين جاري هئي. انهيءَ دوران سنڌ جو هڪ نوجوان چندر گپت، پنڊت چانڪيه جي مدد سان سنڌي ماڻهن جو هڪ لشڪر تيار ڪري اعلان آزادي ڪيو. جسٽن جا الفاظ ”چندر گپت ۽ چانڪ چورن، لٽيرن، ڌاڙيلن، جھنگلن ۽ سماج کان ڌڪاريل ماڻهن جي هڪ منظم فوج وٺي ايوڊيموس جي سامهون ٿيو.“ جسٽن ٻين مؤرخن وانگر حسب دستور آزادي جي متوالن سنڌين کي ڌاڙيل، لٽيرو ۽ غير مهذب ڪوٺيو آهي. جنهن مان اهو واضع ٿئي ٿو ته سنڌين، قديم سنڌ کي آزاد ڪرائن لاءِ شروع کان وٺي ڪوششون ڪيون هيون ۽ موقعو ملندي انهن يونانين کي تڙي ڪڍڻ لاءِ انهن تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا.
چندر گپت، آزادي جي متوالي جو وڌيڪ ذڪر ڪجي، ضرور آهي ته ان جي ماضي ته به روشني وجھجي. وشنو پراڻ جي مطابق چندر گپت مگڌ جي بادشاهه نندا جي ويهاريل زال جو پٽ هو. مؤرخن هن روايت کي غلط قرار ڏيئي لکيو آهي ته ان جو هروڀرو تعلق ڪنهن شاهيي خاندان سان ڳنڍڻ لاءِ ائين لکيو ويو آهي.“ جيئن اڄ ڪلهه اسان وٽ هروڀرو سماٽ قبيلن جي ذات وارا عرب ۽ بلوچ نسل جو چورائي فخر محسوس ڪندا آهن.
چندر گپت سنڌ جو اهو پهريون شخص آهي جنهن سنڌ جي آزاديءَ جي ويڙهه وڙهي يوناين جي غلامي مان آزادي حاصل ڪئي. ايج آف امپيريل يونيٽي جو مصنف لکي ٿو ته بلاشڪ چندر گپت موريا جو هي هڪ وڏو ڪارنامو هو. خصوصي ان ڪري جو هو ڪنهن وڏي شاهي خاندان مان نه هو ۽ نه وري ان کي ورثي ۾ شاهي تخت وتاج مليو هو. هو هڪ ننڍي گھر جو ماڻهو هو. ايڇ ٽي لئمبرڪ لکي ٿو ته: ”چندر گپت موريا گنگا ندي تي قائم ٿيل بادشاهي جي راجا نندا جو جنرل هو ۽ هن پنهنجي آقا جي خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو هو.“
مطالعي مان معلوم ٿيو آهي ته چندر گپت ڪنهن وڏيري جي ناجائز زال جو پٽ هو. سندس ماءُ ”پاتلاپترا“ ۾ رهي هئي ۽ ان جو پٽ هڪ گدڙيا وٽ پرورش پائي رهيو هو. جتان هڪ شڪاري ان کي پالڻ لاءِ پاڻ سان کڻي ويو. ايج آف امپيريل يونيٽي جي مصنف جي چوڻ موجب ”هو اڃا ننڍپڻ ۾ ئي هو ته ٽئڪسيلا جو برهمڻ چانڪيه ان جي ڳوٺ ۾ آيو ۽ هو ان کي پاڻ سان وٺي ويو ۽ کيس نپائي وڏو ڪيو. هن کي نه صرف ضروري علم سيکاريو، پر سپاهگيري جي به تربيت ڏني.
ڪتاب لکن ٿا ته هن کي موريا سندس ماءُ جي ڪري ڪوٺجي ٿو“ جيئن مولائي شيدائي لکيو آهي ته: ”چندر گپت جي ماءُ مور پاليندي هئي تنهن ڪري سندس اولاد کي موريا ڪوٺيو ويو.“ رشيد اختر ندوي لکي ٿو ته: ”لغت جي مطابق موريا لفظ جو مستخرج مورا، زنانو ناهي پر مردانو آهي ۽ هڪ خاندان جو نالو آهي.“
اسان کي يوناني مورخن وٽان خبر پوي ٿي ته جڏهن سڪندر پورس کي شڪست ڏني هئي ۽ گنگا تائين وڃڻ پوي چاهي ته انهن وقت ۾ چندر گپت پورس يا راجا ٽئڪسيلا امڀي جي معرفت سڪندر وٽ پهتو هو، جتي ساڻس سان گفتگو به ٿي. ڪتاب لکن ٿا ته سڪندر چندر گپت جو گفتگو مان ايترو خفا ٿيو هو جو هن ان کي مارڻ جو حڪم ڏنو پر هو ڪنهن طريقي سان ڀڄي ويو ۽ جان بچائي.
هي سنڌ ۾ ڌارين کي ڪيئن پيو برداشت ڪري تنهن ڪري هي برهمڻن جي تنظيم سان شامل رهيو، جيئن امير امرائن، جوڌن جوانن ۽ غيرت مند حڪمرانن کي سجاڳ ڪري سگھجي ۽ انهن جي مدد سان مقدوني غلامي کان نجات حاصل ڪجي. معلوم ٿئي ٿو ته لاڙڪاڻه بادشاهي جي حڪمران ميوسيڪانس سڪندر جي ڏاڍ خلاف جيڪا بغاوت بلند ڪئي هئي تنهن ۾ چندر گپت جو وڏو ڪردار هو. پر جيئن ته هي بغاوت سڪندر جي فوجن هٿان ختم ٿي ويئي ۽ هو سرهو ٿي امر ٿي ويو. چندر گپت ۽ چانڪيه چپ ڪري نه ويٺا ۽ مقدوني شڪنجي کان بچڻ لاءِ غائب ٿي ويا. انهن اندروني طور يونانين جي خلاف مهم هلائي جنهن ڪري هو هڪ هنڌ ٽڪاءُ نه ڪندا هئا. هنن رضاڪار فوج ٺاهي، ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيو جنهن ۾ ملتان کان وٺي ڪراچي جي رهواسين تائين ان ۾ شموليت ڪئي ۽ هڪ عظيم الشان سنڌي سورمن جو لشڪر تيار ٿي ويو. رشيد اختر ندوي ارضي پاڪستان جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته: ”اسان کي راڌا ڪمار مڪرجي، جي ان خيال سان سئو فيصد اتفاق آهي چندرگپت ۽ چانڪي ايوديموس جي سامهون ٿيڻ کان پهريان سنڌ جي آزادي پسند قبيلن کي پاڻ سان ملايو ۽ سڪندر جي مرڻ کان پوءِ سنڌ (موجوده ملتان تائين) يوناني سلطنت ۾ شامل ڪونه رهي ڇاڪاڻ ته سڪندر جي موت کان پوءِ پيٿان“ گورنر سنڌ کي اتان تبديل ڪري اتر اولهه سرحدي (هندو ڪشن جو علائقو) صوبي جو گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ ان جي جاءِ تي ڪنهن به يوناني کي گورنر ڪري نه موڪليو ويو.“
تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سڪندر جي وڃڻ کان پوءِ سنڌ وارن پنهنجون آزاد رياستون قائم ڪري ڇڏيون هيون. پر يونان وارن جو ظاهري اثر اڃا باقي هو. جڏهن سڪندر مري ويو ته سنڌين انهن جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو. سمٿ جو چوڻ آهي ته: ”سڪندر جي مرڻ جي خبر آگسٽ 321 قبل مسيح ۾ سنڌ پهتي ۽ اتان جي ماڻهن انهيءَ سال آڪٽوبر ۾ مقدوني اقتدار جي خلاف بغاوت بلند ڪئي جنهن جو سربراهه چندر گپت نالي هڪ شخص هو.“
انهن ڏينهن ۾ (يعني 323 قبل مسيح 321 قبل مسيح) سنڌي جوڌا چندر گپت جي ڪمان هيٺ متحده ٿي يونانين کي سبق ڏيڻ جو پهه ڪيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ايوڊيموس جي سامهون ٿيا. جسٽن لکيو آهي ته هن يوناني سپاهين ۽ آفيسرن جو قتل عام ڪيو ۽ انهن کي ڳولهي ڳولهي ماريو.“ جنهن جو هن کي حق هو ڇاڪاڻ ته چندر گپت پنهنجي اکين سان يونان وارن کي سنڌين سان ظلم ڪندي ڏٺو هو. جسٽن لکي ٿو ته: ”صرف چندر گپت هو جنهن سڪندر جي مرڻ کان پوءِ هڪ هڪ مقدوني سربراهه کي ماريو ۽ ان جي خون ريزي کان مرعوب ٿيا يوڊيموس سنڌ مان هليو ويو.“
چندر گپت ايوڊيموس جي وڃڻ کان پوءِ خود مختيار حاڪم ٿي ويو. 323 قبل مسيح کان هلايل تحريڪ آزادي 316 قبل مسيح ۾ ختم ٿي، جڏهن هو سنڌ جو راجا بڻيو ۽ ان کانپوءِ مگڌ جي راجا تي ڪاهه ڪري ان کي 313 قبل مسيح ۾ ۽ سنڌ سلطنت جو حصو بڻايو ۽ هو هند ۽ سنڌ جو راجا بڻيو.
سليو ڪس جنهن کي سڪندر جي مرڻ کان پوءِ سنڌ جو علائقو ورهاست ۾ مليو هو، تنهن سنڌ کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ 305 قبل مسيح ۾ سڪندر جي نقش قدم تي هلندي اٽڪ کان درياءَ سنڌ پار ڪري گنگا تائين وڃي پهتو. چندر گپت وڏي تهمل ۽ بردباري کان ڪم ورتو پر جڏهن گنگا جي ڪناري پهتو ته هن کي خبر پئي ته هو چئني طرفن کان گھيري ۾ آيل آهي. بقول سمٿ ”سليوڪس کي خبر تڏهن پئي جڏهن چندر گپت پنهنجي فوج ان جي سامهون آندي.“
رالنسن جي چوڻ موجب چندر گپت سليوڪس کي شڪست ڏني ۽ انهيءَ ڳالهه تي مجبور ڪيو ته هو ڪابل هرات ۽ قندڌار جا علائقا ان جي حوالي ڪري ۽ بلوچستان (موجوده نالو) کان به باز اچي وڃي.“
چندر گپت سليوڪس کي اهڙي شڪست ڏني جيئن يوناني ٻيهر سنڌ ڏانهن ڪنڌ کڻڻ جهڙا نه رهن. هن جنگ جي عيوض سليوڪس کان علائقه ته ورتا پر ضمانت طور ان جي ڌيءَ به ورتي جنهن سان شادي ڪيائين. چندر گپت پوءِ ڀائپي جو مظاهرو ڪندي سليوڪس کي پنج سئو هاٿي ڏنا ته جيئن هو ”انٽي گناس“ جي خلاف جنگ ۾ڪتب آڻي سگھي، جيڪو هن جو سخت مخالف هو.
چندر گپت جي موريا حڪومت مهاراجا اشوڪ تائين شان وشوڪت سان رهي ۽ اان جي موت کان پوءِ ان حڪومت جو شيرازه بکرجي ويو ۽ 185 قبل مسيح ۾ سنڌ موريا حڪومت وارن لاءِ اجنبي بڻجي وئي.

موريا خاندان کان پوءِ سنڌ جي حالت

موريا خاندان جي مائٽ سليوڪس نڪٽر جي خاندان مان انٽي اوچس ثالث ليوڪس کانپوءِ پهريون يوناني تاجدار هو جنهن موريا عهد ۾ واديءِ گنڌارا تي ڪاهه ڪئي ۽ سوات ۾ هو ته راجا ”سوڀو ڪينسه“ ساڻس مليو ۽ هڪ سئو هاٿي تحفه ۾ ڏنا. انٽي اوچس ثالث جي پويان حالتون خراب ٿي پيون ۽ هو واپس هليو ويو.
انٽي وچس جي وڃڻ کان پوءِ باختر جي يوناني حڪمران ”ايٿي ڊيموس“ پنهنجي حڪومت کي وڌائي ڪابل، قنڌار، هرات ۽ گنڌارا تائين پهتو. ايج آف امپيئرل يونيٽي جي هڪ مصنف ڊاڪٽر مڪر جي مطابق يوناني ايٿي ڊيموس جو پٽ ”ڊيمي ٽروس“ فوج سان پهريان وادي گنڌارا ۾ پهتو ۽ پوءِ خودمختيار بادشاهه بڻجي ويو. هن سوراشٽر کان وٺي ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ تائين علائقو فتح ڪيو ۽ هن سنڌ کي به پنهنجي ماتحت آندو. ڪن عالمن جو خيال آهي ته مهاڀارت ۾ آيل ڪردار ”دت مترا“ دراصل ڊيمي ٽروس آهي. (جيڪو غلط آهي.)
استرابو جي لکت مان خبر پوي ٿي ته اندوگريگ (سنڌي يوناني) بادشاهن جي حڪمراني سنڌ کانسواءِ ڪاٺياواڙ تائين به هئي. ڊيمي ٽروس پنهنجي نالي هڪ شهر ڊيمٽري سنڌ ۾ تعمير ڪرايو . پروفيسر ونسنٽ سمٿ جي چوڻ موجب ”باختر جو هٿ مان نڪري وڃڻ کان پوءِ ڊيمي ٽروس ڪيترا سال سنڌ ۽ هند تي حڪموت ڪئي هي پهريون يوناني حڪمران هو، جنهن ”شاهه سنڌ“ جو لقب اختيار ڪيو.
جسٽن ۽ اسٽراڊو يوناني حڪمران ”ايوڪر ٽيڊز جو ذڪر ڪيو آهي جنهن سنڌ تي حڪمراني ڪئي هئي. رشيد اختر ندوي لکي ٿو ته ”باختر وڃائڻ کان پوءِ ڊيمي ٽروس گھڻو وقت جيئرو نه رهيو ۽ ان جا جانشين ”اگٿا ڪل ۽ نپٽيلون“ ايوڪرز ٽيڊر جا هم عصر هئا پر ان جي برابر نه هئا. ان ڪري هن انهن کان سنڌ کسي ورتي. هن کي به شاهه سنڌ سڏيو وڃي ٿو.
تاريخ جي ڪتابن مان اهو معلوم نه ٿو ٿئي ته انهن جون سنڌ وارن سان جنگيون ٿيون پر اسان اندازو لڳائي سگھون ٿا ته هت سڪندر جي وقت ۾ آيل يونانين مان ڪي هت رهجي ويا ۽ اهي سنڌي معاشري جو حصو بڻجي ويا. پوءِ وري معلوم ٿئي ٿو ته سليوڪس سنڌ جي بادشاهه چندر گپت سان مائٽي ڪئي، تن جا مائٽي سان گڏ دوستانه رشته به موجود هئا جنهن ڪري يوناني سفير ميگسٿينز موريا حاڪم جي درٻار ۾ رهندو هو اهڙي طرح يونانين ۽ سنڌين جو هڪ ٻئي سان ميل ميلاپ شروع ٿي ويو ۽ سنڌي يوناني تهذيب جو بنياد پيو، جنهن ڪري موريا حڪومت جي زوال کان پوءِ باختري جيڪي پڻ يوناني نسل مان هئا تن کي سنڌي ٿيڻ ۾ دير نه لڳي ۽ پاڻ کي بادشاهه سنڌ جي لقب سان سڏرايو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته انهن سنڌين کي يقين ڏياريو ته هو يوناني هوندي به سنڌي وڌيڪ آهن، ۽ اهو ثابت ٿيو آهي ته سنڌين ۽ سنڌ جي سرزمين هر ان ٻاهرين کي قبول ڪيو آهي، جنهن ان کي پنهنجو سمجھيو آهي ۽ ڀائپي جو هٿ وڌايو آهي ۽ هو سنڌين سان ملي ويا. اسان کي خبر پوي ٿي ته يوناني نسل جو هڪ سنڌي بادشاهه ”مينانڊر، ته سنڌين جو مذهب ”ٻڌ“ اختيار ڪيو.
پروفيسر ونسنٽ جو چوڻ آهي ته سنڌي يوناني بادشاهه جي آخري دؤر ۾ مرڪزي حڪومت ختم ٿي ويئي ۽ سنڌ مختلف حصن ۾ ورهائجي ويئي. ڊاڪٽر مڪرجي ته سنڌي يوناني حڪمرانن جا نالا به لکيا آهن، جن جو تعداد ٽيهه آهي.

ساڪا قبيلن جي سنڌ ۾ آمد

ساڪا وچ ايشيا جا رهاڪو هئا، جيڪي طاقتور خانه بدوشن جي ڪري پنهنجو وطن ڇڏي موجود ايران ۾ اچي آباد ٿيا. جڏهن هو اوڀر ايران ۾ داخل ٿيا ته انهن کي باختر ۽ خراسان جي بادشاهن فيريٽس (135- 128 قبل مسيح) ۽ ارٽابونس اول (128-123 قبل مسيح) سان سخت جنگيون ڪرڻيون پيون ۽ اهي ٻئي حڪمران مارجي ويا پر ميٿرا ڊيٽس ثاني انهن کي ماري مات ڪيو ۽ ان جي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويا. ڊاڪٽر مڪرجي جي چوڻ موجب سنڌ ۾ اچڻ وارا ساڪا اهي اوڀر ايران ۾ داخل ٿيندڙ هئا. “ پروفيسر رالنسن جي چوڻ موجب ”اهي بولان لڪ کان سنڌ ۾ داخل ٿيا.“
88 قبل مسيح ۾ ساڪا قبيلي سنڌ جي سرحدن اندر داخل ٿي سنڌي يوناني بادشاهت جي آخري فرمانروا استراجو ثاني فلو پيٽر کان حڪومت جون واڳون کسيون. محترم رشيد اختر ندوي ڊاڪٽر ٿامس جي حوالي سان لکي ٿو ته ساڪا بولان لڪ مان ٿي پهريان سنڌ جي سرزمين ۾ آيا ۽ انهن پهريان سنڌ (موجوده) تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ اڳتي وڌيا.
مسٽر رالنسن جي خيال موجب ته سنڌ جا ساڪا سربراهه عظيم ميٿرا ڊيٽس خراسان (پارٿيا) جي ماتحت هئا. ڊاڪٽر مڪرجي ان کي سنڌ جو پهريون خود مختيار ساڪا حڪمران مڃيو هو. ڊاڪٽر مڪرجي ان جي حڪومت جو دؤر 20 قبل مسيح کان 23 قبل مسيح تائن متعين ڪري ٿو. جڏهن ته سمٿ جي چوڻ موجب هو اٽڪل 20 قبل مسيح ۾ تخت نشين ٿيو هو.
ڊاڪٽر مڪرجي ساڪا قبيلن تي روشني وجھندي لکيو آهي ته: ”ساڪا قوم تهذيب و تمدن جي لحاظ کان جاهل هئي ان ڪري جڏهن اوڀر ايران مان نڪري سنڌ ۾ آباد ٿيا ته انهن هتان جي تهذيب ۽ مذهب کي به قبول ڪيو. انهن نه صرف سنڌي زندگي اختيار ڪئي پر پنهنجا نالا به سنڌي رکڻ شروع ڪيا ۽ سنڌين وانگر بت پوڄڻ شروع ڪيا. انهن ٻين بيروني قومن جي بنسبت سنڌي خاندان سان مٽيون مائٽيون ڪيون ۽ سنڌين سان رلي ملي ويا. انهيءَ ڪري سنڌي معاشري انهن کي قبول ڪيو ۽ مهاڀاشه ۾ انهن جو ذڪر ”پاڪ شدرا“ جي نالي سان ٿيو آهي.
رشيد اختر ندوي مسٽر راچوڌري جي پروفيسر سيٽن جي حوالي سان لکيو آهي ته هندستاني ڪتابن ۾ ان قوم جي فردن کي ساڪامرنيڊا (سائي مورنگ) به چيو ويو آهي. ساڪا زبان ۾ مرنڊا جي معنى آقا يا آغا هندستاني لفظ سوامي جي آهي.
تاريخ تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي قومن ۾ ايترو اتحاد ۽ ايڪو هو جو جيڪو ٻاهريون فاتح ٿي سندن ڌرتي تي ڪاهي ايندو هو ته اهي ان مهل تائين اطمنان ۽ سڪون سان نه ويهندا هئا جيسين هو ساڻن سان رلي ملي هڪ نه ٿي وڃي ۽ پاڻ کي سنڌي چورائي.
اسان کي خبر پوي ٿي ته سنڌي هميشه آزادي جا متوالا رهيا آهن، جيئن سڪندر جي ڪاهه کان پوءِ چندر گپت جي حڪومت قائم ٿي ۽ مقامي ماڻهن يعني قديم سنڌين ۾ استحڪام، ٻڌي ۽ ايڪو پيدا ٿيو، جيڪو ان کان اڳ موجود نه هو ۽ سنڌ جي قديم سرزمين تي مختلف حڪمران الڳ الڳ حڪومتون قائم ڪيون ويٺا هئا جنهن ڪري هو يونانين جي تلوارن جو کاڄ بڻيا ۽ غلام به ٿيا. جيڪڏهن ڪو به حڪمران تبديل به ٿيو ته اها نهن جي ذاتي ڪمزوري هئي يا نااهلي هئي. سنڌي عوام پنهنجي آزادي، تمدن، تهذيب ۽ ثقافت جو هميشه بچاءُ ۽ تحفظ ڪيو آهي ۽ ڌارئي کي ايتري قدر مجبور ڪيو آهي ته هو سنڌي ثابت ٿيڻ لاءِ شاهه سنڌ جو لقب پنهنجي نالي سان گڏائن، جنهن جو مٿال اسان وٽ باختر ۽ ساڪاڻن جو آهي.
اسان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته اهي ڌاريا، پيار ۽ امن سان سنڌي ڪو نه ٿيا هوندا پر جئين ته هميشه سنڌي ڌارئي جي مزاحمت ڪندا آيا آهن، تيئن انهن کي به آرام سان حڪومت ڪرڻ ڪونه ڏني ۽ انهن تي ايترو دٻاءَ وڌو جو هو مجبور ٿي سنڌي ٿي ويا ۽ انهن جي معاشري جو حصو بڻيا.
سنڌين جي قرب محبت ڌارين کي پنهنجو ڪيو، پر انهن جي مزاحمت ۽ ويڙهه به مجبور ڪيو ته جيڪڏهن انهن کي هت رهڻو آهي ته سنڌي ٿي رهڻو پوندو، جنهن ڪري اهي سنڌي ٿي ويا ۽ اسان کي تاريخ مان خبر پوي ٿي ته ساڪائن جي ڪمزور پوڻ ڪري پارٿي لوڪ زور وٺي ويا. 60 يا 80 ع ۾ جڏهن پيري پلس جو مصنف سنڌ ۾ آيو ته ان زماني ۾ سنڌ مان ساڪائن جي حڪومت ختم ٿي چڪي هئي ۽ اقتدار پارٿين وٽ هو.
محترم رشيد اختر ندوي پوليٽيڪل هسٽري آف انيشنٽ انڊيا جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: ”جيئن ته سرجان مارشل ٽئڪسيلا جي هڪ ڪتبي ۾ ساڪا بادشاهن جا نالا پڙهيا آهن، پر انهن جو تعلق 316 قبل مسيح سان آهي، اها ڳالهه ظاهر ڪري ٿي ته ساڪا انهيءَ دؤر تائين اتر گنڌارا ۾ برسر اقتدار هئا، البته سنڌ انهن کان کسجي ويئي هئي.

ڪشان گھراڻو

ڪشان يوچي قوم جي اولاد آهن جيڪي 200 قبل مسيح ۾ چيني ترڪستان ۾ آباد هئا. ۽ ڪسنو ۽ ديوار چين جي وچ واري ايراضي جا مالڪ هئا. انهن تي سندن پاڙيسري قوم هوڻ رالنسن جي چوڻ موجب 174 قبل مسيح ۽ ڊاڪٽر مڪر جي جي مطابق 165 قبل مسيح ۾ ڪاهه ڪري تباهي مچائي ڇڏي ۽ انهن جي سردار کي ماري ڇڏيو ۽ کين چيني ترڪسان مان لوڌي ڪڍيو.
سردار جي مرڻ کانپوءِ يوچي قبيلي جي قيادت سندس زال سنڀالي جنهن دريا جيحون ۽ سيحون کي پار ڪري صحرائي گوبي ۾ ووسن قبيلي کي شڪست ڏيئي ڍنڍ ايسڪ ڪل يا تسنگ“ تائين پهتا. سمٿ جي چوڻ موجب جڏهن هي قوم شڪست کائي رواني ٿي ته انهن جو تعداد پنجاهه لک کان هڪ ڪروڙ جي درميان هو ۽ انهن ۾ هڪ لک کان ٻن لکن تائين بهترين تير انداز شامل هئا.
يوچي قبيلو تسنگ ڍنڍ کان پوءِ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، تنهن مان هڪ حصو تبت ڏانهن روانو ٿيو ۽ ٻيو دريا شير جي علائقي ۾ پهتو، جتي ساڪا قبيلو آباد هو تن کان علائقو کسي ورتو.
140 قبل مسيح ۾ جڏهن يوچي درياءَ سيحون جي علائقي ۾ رهيا ته هڪ روايت موجب چوويهه ۽ ٻي روايت مطابق پندرنهن سالن کانپوءِ ووسن قوم جنهن کي يوچي قبيلي صحرائي گوبي ۾ شڪست ڏني هئي، تن جي سردار جي نوجوان پٽ هوڻ قوم جي مدد سان يوچي قبيلي تي حملو ڪيو. يوچي گھڻي تعداد ۾ هئڻ جي باوجود هارائي ويا ۽ انهن ساڪائن کان حاصل ڪيل علائقو وڃايو.
يوچي قبيلو پنهنجي پناهه گاهه لاءِ بلغ ۽ بخارا آيو، جتي موجود ساڪا قبيلي کي مجبور ڪيو هو اتان نڪري وڃي. ياد رهي ته هي اها ساڪا قوم هئي، جن کي هنن پهريائين پنهنجي علائقي مان لوڌي ڪڍيو هو. اهڙي طرح باختر جي علائقي تي قابض ٿي ويا.
سمٿ هن لاءِ چوي ٿو ته: ”انهن بخارا ۽ صفدرينه “ کي گادي بڻايو ۽ پوءِ انهن جي خانه بدوشي واري حالت نه رهي ۽ هو زراعت ڪار بڻجي ويا.
رشيد اختر ندوي راءِ چوڌري جي حوالي سان لکيو آهي ته: ”92 قبل مسيح جي چيني مؤرخ ”پن ڪو“ پنهنجو ڪتاب لکيو هو، تنهن ۾ پنج يوچي سلطنتون ڄاڻايون آهن. پهرين واخان، ٻي چونگ مو (چترال) ٽين ڪشان (چترال ۽ پنج شير جي درميان) چوٿين هيون ۽ پنجين ڪوڦو (ڪابل). ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن قبيلي جي حڪومت باختر کان وٺي چترال تايئن هئي.
15 عيسوي سن ۾ ڪيو يوچونگ يعني ڪشان قبيلي جي سردار ”ڪيئو سيئو، جنهن کي تاريخ ڪڊفائي سس جي نالي سان لکي ٿي، تنهن زور ورتو ۽ پنهنجي قوم جي ٻين چئن رياستن کي پنهنجي ماتحت ڪري عظيم ڪشان سلطنت جو بنياد وڌو.
ڊاڪٽر مڪرجي چوي ٿو ته سنڌ کي ڪڊفائي سس پهريون جي گادي نشين ڪڊفائي سس ثاني فتح ڪيو، جيڪو 65ع ۾ برسر اقتدار آيو. رالنسن ڪشان حڪومت جي باري ۾ لکي ٿو ته ڪڊفائيسس ثاني درحقيقت سنڌ گجرات ڪاٺياواڙ ۽ وچ هندستان تائين ڪشان حڪومت قائم ڪئي.
اسان کي تاريخ مان خبر پوي ٿي ته سنڌ ساڪا قبيلي جي حڪمران ايزر ثاني کان پارٿي حڪمران گنڊوفرينس هٿ ڪئي، ان جي پوين کان ڪشان خاندان جي حڪمران سنڌ کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو.
گنڊوفرنيس جي وقت ۾ عيسائي مذهب جو مبلغ سينٿ ٿامس سنڌ ۾ آيو هو. هن کان متاثر ٿي گنڊوفرينس ۽ سندس ڀاءُ گڊو عيسائيت قبول ڪئي ۽ سنڌ ۾ عيسائي مذهب جي پرچار ڪئي. سينٽ ٿامس کي سنڌ جي رهاڪن غير مقامي مذهب جي پرچار ڪرڻ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
اسان کي ان دؤر جي تفصيلي معلومات ته ڪونه ملي سگھي آهي، پر ان وقت جي حالتن کي مذهبي رنگ ۾ ڏسي سگھون ٿا جيئن ڪڊفائيس پهريون ٻڌ مذهب جو پيروڪار هو.
ڌارئي جو مقامي ماڻهن جي مذهب کي اختيار ڪرڻ به مطلب کان خالي نه هوندو آهي. جيئن ٻڌ ڌرم سنڌين جي حق تلفي ڪري وجود ۾ آيو ۽ ان ۾ ڏاڍ ۽ ظلم کي ننديو ويو. اسان انومان ڪڍي سگهون ٿا ته جيئن ڪڊفائيس پهريون ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو هو، تنهنڪري ان جي خاندان به ان مذهب کي جاري رکيو هوندو.
ڌارين حڪمرانن جو مقامي مذهب اختيار ڪرڻ جو وڏو سبب مقامي ماڻهن جي مزاحمت ۽ لڙايون هيون ۽ جڏهن بي وس ٿي ويا هوندا ۽ سنڌي سورمن کان گھٻرائجي ويا هوندا ته انهن حڪمرانن وانگر چال چلي، سنڌين سان ٺاهه ڪيو هوندو ۽ يقين ڏياريو هوندو ته اهي به سنڌي آهن ۽ هن سر زمين جا ايترا خير خواهه آهن، جيترو هڪ سنڌي، تنهن ڪري انهن سنڌي مذهب ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو. پهريان ته پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ ايئن ڪيو هوندو پر پوءِ يا پوئين ان کي دل و جان سان قبول ڪري سنڌي معاشري ۾ شامل ٿي ويا هوندا. ڇاڪاڻ ته انهن وٽ ٻي ڪا وات باقي رهي ئي ڪو نه.
اسان کي اهو يقين ڪيئن اچي ته جيڪا قوم ٻي قوم جي خون جي پياسي هوندي هئي، ان ڪيئن سنڌين سان پيارو محبت وارو رستو اختيار ڪيو هوندو.
سنڌي ته ڌارين سان شروعات کان وٺي آخر تائين وڙهندا رهيا آهن ۽ ڌاريا جڏهن کين مات ڏيئي نه سگھندا هئا ته اهي سندن جي معاشري جو جزو بڻجي ويندا هئا. جڏهن هو وري ظلم ۽ ڏاڍ ڪندا هئا ته سنڌي عوام به سامهون ٿيندو هو. اسان جي آڏو اهڙو مثال ڪنسڪ جو آهي، جيڪو 125ع ۾ تخت تي ويٺو. ڪنشڪ ڪڊفائيس ثاني جو پٽ نه هو پر هڪ شخص وجت شپ مان هو. سمٿ جي چوڻ موجب هو ڪڊفائيس ثاني جو مائٽ هو. تاريخ دان لکن ٿا ته هو ختن جي رهڻ وارو هو ۽ يوچي قبيلي جي ان گروهه جو فرد هو جيڪو هڪ سؤ سال اڳ باختر مان هلي تبت ۾ آباد ٿيو هو ۽ اتي يوچي صغير قبيلي جي نالي سان سڏبو هو پوليٽيڪل هسٽري آف انڊيا جي مطابق هو يوچي قوم جي وڏي قبيلي ڪشان جو فرد هو.
اسان کي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتشڪ جي حڪومت سنڌي سمنڊ تائين هئي ۽ هن ڪشمير کي فتح ڪيو هو ۽ هن جي گادي جو هنڌ پشاور هو.
اسان تاريخ جي مطالعي جي آڌار تي چئي سگون ٿا ته ڪنشڪ ظالم ڌارين وانگر پهريان سنڌ وارن تي ڏاڍ ۽ ظلم جي بازار گرم ڪئي ۽ انهن جي رت سان راند کيڏي هوندي. ان کي وراثت ۾ بادشاهت ڪونه ملي هئي، پر سمجھجي ٿو ته ڪڊفائيس ٻئي جي مرڻ کان پوءِ زوري سنڌ سلطنت تي قبضو ڪيو هوندو. سنڌين اهڙي صورتحال کي ننديو هوندو ۽ مزاحمت وارو رستو اختيار ڪيو هوندو پر جڏهن سنڌي جوڌا ان جي وس کان ٻاهر ٿي ويا ته هو انهن سان صلح واري پاليسي اختيار ڪري ثابتي طور سنڌي مذهب پڻ اختيار ڪيو. سمٿ اسان کي ٻڌائي ٿو ته ڪنشڪ پهريان ٻڌ مذهب تي ٺٺوليون ڪندو هو ۽ ان کي ناقابل عمل سمجھندو هو. رالنسن جو بيان آهي ته: ”ڪنشڪ جي زندگي جو سڀ کان اهم واقعو مذهب جي تبديلي آهي.“
تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ”اسوا گھوشا نالي ٻڌ مذهب جي هڪ عالم کان متاثر ٿي ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو هو. پر اسان ڄاڻون ٿا ته ان جو ٻڌ مذهب اختيار ڪرڻ به سندس جي مجبوري هئي. هن سنڌين کي راضي رکڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ٻڌ مذهب جي پرچار ڪرائي ۽ ٻڌ ڪنوينشن منعقد ڪرايو ته جيئن باور ڪرائي سگھي ته هو مقامي ماڻهن سان رلي ملي ويو آهي ۽ هن اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته هو ٻڌ تبليغ ۽ تلقين ۾ اها حيثيت رکي ٿو جيڪا ڪڏهن مهاراجا اشوڪ کي حاصل هئي.
اسان کي تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته ظالم بادشاهه ڪهڙو به هجي پر ان جي باطني هم آهنگي ڪري قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي آهي. پر جڏهن عوام مٿان ان جي حقيقت عيان ٿي ويندي آهي ته اهي بغاوت ڪرڻ تي آماده ٿي ويندا آهن. رالنسن ٻڌائي ٿو ته عوام هن جي اعمالن ۽ فوج ڪشي مٿان فوج ڪشي ڪري بيزار ٿي پيو هو پر هن جا امير ۽ ساٿي به کائنس تنگ هئا.
ڪنشڪ ۽ سنڌي ماڻهن جي ويڙهاند ٿوري ڪي گھڻي جاري رهندي آئي ۽ سندس امير انهن ڪرتوتن ڪري ايترا تنگ ٿيا جو جڏهن هو بيمار ٿي پيو ته انهن سندس مٿان وزندار لحاف وجھي، ساهه گھٽي ماري ڇڏيو. سمٿ جي چوڻ موجب هڪ ماڻهو ان جي مٿان ويهي رهيو. هن جي حڪومت جو دؤر رالنسن پنجاهه سال سمت پنجيتاليهه سال ۽ لئمبرڪ ٽيويهه سال لکيو آهي.
ڪنشڪ جو موت ثابت ڪري ٿو ته سنڌين ڪڏهن به ظالم ۽ مڪروهه حاڪم کي معاف نه ڪيو آهي، ڀل انهن مقامي ويس بدلايو هجي. پر جڏهن به زيادتي ۽ ظلم واري پاليسي اختيار ڪئي ته ان سان جنگ جوٽيائون ۽ آرام سان نه ويٺا.
ڪشان گھراڻي جي حاڪم واسو ديو پنهنجي پيءُ ڏاڏي جو مذهب ٻڌ ڌرم اختيار نه ڪيو ڇاڪاڻ ته ان وقت سنڌين ۽ ان جي آس پاس رهندڙ قومن مان ٻڌ ڌرم جو اثر گھٽجي رهيو هو، تنهن ڪري هن ٻڌ ڌرم بدران وشنو ديوتا سان عقيدت رکي.
اسان وٽ حڪمرانن جو وقت به وقت مذهب مٽائڻ عوام جي نفسيات ۽ سوچ مطابق هوندو هو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن بادشاهه هڪ خيال جو هو ۽ عوام ٻئي خيال جو هو ته نتيجي طور عوام ۽ حاڪم درميان اختلاف وڌندا پيا وڃن ۽ بغاوت پئي منهن ڪڍيو. انهيءَ ڪري ڪشان خاندان جي حڪومت ۾ اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته انهن حڪمرانن سنڌين جو لباس ته پاتو هو پر انهن جي مذهب، رنگ ۽ڍنگ سان به ٻڌل هئا. جيڪڏهن اهي ايئن نه ڪن ها ته انهن لاءِ حڪومت ڪرڻ هڪ مسئلو ٿي پوي ها ۽ آزادي جو لهرون اٿن ها ! انهيءَ ڪري مذهبي رنگ ۾ سنڌين کي غلام بڻائيندا آيا. حقيقت ۾ ظاهر طور حڪمران ته اهي هئا، پر اتي سنڌين جو معاشرو عروج تي هو ۽ اهي ڌاريا انهن جي رسم و رواج کي اختيار ڪري سنڌي ٿيندا پيا وڃن. سمٿ جي طابق واسو ديو 25 سال حڪومت ڪئي.
تاريخ دان ان ڳالهه تي متفق آهن ته واسو ديو جي مرڻ کان پوءِ ڪشان سلطنت جو زوال شروع ٿيو.

سنڌين جي ايرانين سان مدد

ايراني هميشه کان سنڌين کي حريص نگاهن سان ڏسندا هئا ۽ جڏهن به موقعو ملندو هو ته سنڌين جو قتل ڪري انهن جي دولت لٽي واپس هليا ويندا هئا. ۽ ان ڦرلٽ نه ڪرڻ جي عيوض سنڌين کان ڌاڙيلن وانگر ڏن وصول ڪندا هئا ۽ سنڌي اهو ڏن گھريلو ويڙهه ڪري ڏيندا هئا. پر جڏهن مستحڪم ٿيندا هئا ته اها ٽئڪس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا هئا. ايراني ڏن وصول ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڪ سر زمين تي حمله آور ٿيندا هئا ۽ سنڌين جي مال و دولت ڦريندا هئا، آبادين کي غير آباد ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا هئا جنهن ڪري هي ستابو ملڪ ڏُڪر ۽ ويرانيءَ جي ور چڙهي ويندو هو.
سنڌي جيترا غيرتمند آهن، تهڙا مهمان نواز به. جڏهن به دشمن سام بڻجي وٽن آيو يا گھر لنگھي، مدد لاءِ چيو، ته هو ساٿ ڏيڻ کان ڪڏهن به انڪاري نه ٿيا ۽ پنهنجي بهادري جو مظاهرو ڪيو ۽ ميدان ۾ لٿا.
تاريخ ايران ۾ آيو آهي ته اردشير اول ۽ اردوان اشاني جي آخري جنگ هرمز جي ميدان ۾ ٿي جيڪو هوازان جي اوڀر ۾ واقع آهي. اتي 224ع ۾ اشڪانن جي آخري جنگ ٿي، جنهن ۾ اردوان وڙهندي مارجي ويو ۽ اشڪاني خاندان جو عهد ختم ٿي ويو. هن فتح کان پوءِ اردشير هخامنشين جي پيروي ڪندي شهنشاهه جو لقب اختيار ڪيو ۽ ساساني خاندان جي حاڪميت جو بنياد وڏو. تاريخ فرشته ۾ آهي ته اردشير هندستان تي چڙهائي ڪري پنجاب (جيڪو ان وقت سنڌ جو حصو هو فتح ڪيو ۽ شهر هند تائين ويو. بادشاهه هند ”جوڻه“ ڪافي زر و مال جواهرات ۽ هاٿي کيس پيش ڪيا ۽ پنجاب مان بدستور ايران کي خراج ملندو هو. ڊاڪٽر مڪر جي ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.
تاريخ ايران ۾ لکيل آهي ته اردشير اشڪاني خاندان جي شهزادن جو قتل عام ڪيو، جيڪي زنده بچيا تن ڀڄي وڃي سنڌ ۽ افغانستان ۾ پناهه ورتي.
ساساني حڪمران شاهپور 309ع ۾ ايران جي حڪومت تي ويٺو. هن پنهنجي دؤر حڪومت ۾ سنڌ ۽ هند کي ڦٻائڻ گھريو. جيئن شعالبي بيان ڪري ٿو ته هوڻ قبيلي جي شورش کي ختم ڪرڻ کان پوءِ شاهپور هند ۽ سنڌ جي حڪمرانن کان خراج جو مطالبو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ ٻنهي خراج ڀري اطاعت قبول ڪئي.
سرجان مارشل انهيءَ واقعي جو ذڪر رومي مصنف آمينوس جي حوالي سان ڪري ٿو، جنهن مطابق 350 ۽ 358 ع جي درميان شاهپور پنهنجي رياست جي اوڀرندي سرحدن وٽ ڪوسيني (ڪشان) ۽ چائيوني (هوڻ لوڪن جي ذات جوڻي) سان برسر پيڪار هو.
اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ وقعي کان پوءِ سنڌين ان جي مدد ڪئي پر ماتحت جي حيثيت سان نه پر هڪ سٺي دوست ۽ ڀلي پاڙيسري وانگر ناتا نڀايا ۽ سنڌين پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو، جيئن هن جي دؤر حڪومت ۾ روم جي بغاوتن کي ڪچلڻ لاءِ هاٿين جا فوجي دستا جيڪي سنڌين جي ماتحت هئا، اهي لڙيا. سمٿ سنڌين جي مدد بابت لکي ٿو ته: ”360ع ۾ ايرانين امده وٽ رومن کي گھيري ۾ آڻي سندن بغاوت ڪچلي ڇڏي، هو وڌيڪ لکي ٿو ته ”رومن جي بغاوت انهن جي پاڙيسري ڪشان جي سنڌي سپاهين ۽ هاٿين جي بدولت ختم ٿي ۽ ايراني رومن تي فاتح ٿيا. انهيءَ سنڌي حڪمران جو خيمو ساساني ڇانوڻي ۾ سڀ کان سٺو ۽ شاندار هو. سمٿ ان حڪمران جو نالو ”گربيٽس“ ٻڌايو آهي.
ان مان ظاهر ٿئي ٿ ته سنڌي حڪمرانن ۽ ايراني بادشاهن جا دوستانه ناتا هئا ۽ ايراني سنڌين جي بهادري ڪري وڏي عزت ڪندا هئا ۽ هو جڏهن ڪنهن ويڙهو قوم سان وڙهندا هئا ته هميشه سنڌي جوانن کي پنهنجي مدد ۾ آڻي، سوڀارا ٿيندا هئا. سنڌين جي انهيءَ بهادري ڪري ايرانين ۽ سنڌين جو ڳانڍاپو رهندو آيو.

گپت گھراڻي جو حملو

چوٿين ۽ پنجين صدي عيسوي ۾ خاندان گپت، چندر گپت ۽ ان جي پٽ سمنڊ گپت وچ هندستان ۾ پنهنجي حڪومت منظ ڪئي ۽ سياسي طور اڀري آيا ۽ ڀر وارا حاڪم سندن جي شان ۽ شوڪت کان مرعوب ٿي کيس تحفه تحائف ڏيندا رهيا. جيئن مسٽر چوڌري لکي ٿو ته: ”330ع کان 375ع ۾ سمنڊ گپت جي درٻار ۾ سنڌ جي شهنشاهه پاران ديوا پترا (ڏيوائج) راءِ ٻاري ”سفير به آيو هو. مسٽر سمٿ ان متعلق لکي ٿو ته اهو ڪشان شهنشاهه گرمباس هو، جنهن سمنڊ گپت ڏانهن سفير موڪليو.
رشيد اختر ندوي لکي ٿو ته: ”ان جو مطلب اهو ڪونه هو ته گرمباس سمنڊ گپت کان ڊڄي باجگذار ٿيڻ قبول ڪيو هجي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته سندس وارث ”چندر گپت ثاني بڪر ما جيت“ 388ع وسواسينا تي حملو نه ڪري ها ۽ ان کي گرفتار ڪري پنهنجي هٿ سان نه ڪهي ها. هن سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ کي پنهنجي سلطنت جو حصو بڻائي ڇڏيو.“ هو لکي ٿو ته چندر گپت ثاني ۽ ان جا وارث ڪمار گپت ۽ سمنڊ گپت 455 – 480ع تائين سنڌ جا حاڪم اعلى رهيا ۽ اها ڳالهه به تسليم ڪري سگھجي ٿي ته 388ع کان وٺي 465ع تائين گپت خاندان کي هيٺين سنڌ ۾ سياسي سربراهي نصيب رهي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته جڏهن گپت خاندان سنڌ تي قابض هو ته ڪابل کان وٺي راوي تائين ڪشان بادشاهن جي حڪومت هئي، جن کان خانه بدوش سفيد هوڻ لوڪن حڪومت کسي ۽ وچ هندستان تائين قيامت برپا ڪري ڇڏي.

هوڻ لوڪن جو ڏهڪاءُ

سفيد هوڻ (تاتاري) جن کي چيني Yelha رومي ۽ ايراني مؤرخ هفتالي سڏن ٿا ۽ سبط حسن کين ابدالي ڪوٺي ٿو.
سنڌ ۾ جيڪي ڌاريا آيا تن لُٽ مار ۽ قتل و غارت جي بازار گرم رکي جنهن کي سنڌين جوان مردي ۽ بهادري سان منهن ڏنو. جيڪڏهن هو مڙس ٿي نه بيهن ها ته شايد اڄ سنڌين جو وجود به نه رهي ها !
سنڌ دنيا جو اهڙو خطو رهيو آهي، جتي سڀ کان وڌيڪ ڌاريون قومون وقت به وقت اينديون رهيون آهن. جنهن جو سڀ کان وڏو سبب هن علائقي جو زرخيز هئڻ ۽ سنڌين جي شرافت آهي، جيڪا سدائين مهانگي پئي اٿن.
ڌارين قومن جو پناهه گاهه سنڌ ، سنڌين لاءِ عذاب ۽ مصيبت جو باعث به رهي آهي. تاريخ ۾ آرين کان وٺي هوڻ لوڪن تائين جيڪو به آيو آهي، تنهن سنڌين کي حريص ۽ لالچي نگاهن سان ڏٺو آهي. هوڻ لوڪ جن کي تاريخ نويسن بربريت ۽ وحشت جو ٽولو سڏيو آهي، حقيقت ۾ سنڌين لاءِ هر ٻاهريون رحمت جو فرشتو نه پر زحمت بڻجي آيو آهي. اهي طوفان وانگر وچ ايشيا مان نڪتا، ۽ سنڌو ماٿر جي علائقي کي پامال ڪندا ، ڳوٺن کي ساڙيندا، فصل ناس ڪندا سنڌ تائين پهتا.
سنڌ گپت خاندان جي فرمان روا سمنڊ گپت جي ماتحت هئي، تنهن هن خوني ٽولي کي روڪيو ۽ کين شڪست ڏني ۽ هو واپس هليا ويا.
هوڻ خونخوار ”تورمان“ جي قيادت ۾ 465ع ۾ ٻيهر هن ملڪ جي سر زمين تي وارد ٿيا جن ڳوٺن کي ڦريو ۽ باهيون ڏياري ڇڏيون. قتلام ڪندا ملڪ تي قابض ٿي ويا ۽ اهي پنج سال سنڌ اندر رهيا.
تاريخ مان خبر پوي ٿي ته انهيءَ زماني ۾ سمنڊ گپت سندن جو مقابلو نه ڪيو، جنهن جو وڏو سبب ان جا پويان ڏينهن يعني ڪراڙپ بيان ڪئي وڃي ٿي. هو 470ع ۾ وچ هندستان تائين پهچي ويا. سمٿ لکي ٿو ته هن ڀيري هو وڏي دانائي ۽ رٿا سان آيا هئا. هو راوي آهي ته تورمان جيڏانهن به ويندو هو ته ان علائقي جو بادشاهه ان جي اطاعت قبول ڪندو هو ۽ کيس خراج ڏيندو هو. هن جي گادي جو هنڌ سيال ڪوٽ هو.
510ع ۾ مهر گل پيءُ جي جاءِ تي ويٺو هن لاءِ بيان ٿيل آهي ته هو هڪ وڏو ظالم ۽ سفاڪ حڪمران هو. جڏهن هي مفتوح علائقن مان ڏن وصول ڪرڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو موڪليندو هو ته ان سان گڏ هڪ وڏي فوج سان ڏيندو هو، جنهن ۾ ٻه هزار هاٿي به شامل هوندا هئا. هن جي فوج رستي تي ايندڙ هر ڳوٺ کي ويران ڪري ڇڏيندي هئي.
مهر گل جي ظلم، سفاڪي ۽ ناجائزي کان تنگ ٿي سڄي هندستان جي فوج هڪ هنڌ گڏ ٿي ۽ اهو پهه ڪيو ته اهڙي ظالم ۽ خونخوار بادشاهه کان جان ڇڏائجي. انهيءَ فوج جي ڪمان گپت بادشاهه ”بالادت“ جنهن کي مولائي شيدائي راجا نرسنگھه لکيو آهي، ۽ وچ هندستان معنيٰ مالوا جي راجا يمشو ڌرمن ڪئي.
سنڌين ۽ ٻين قومن جو هوڻ لوڪن سان مقابلو 528ع ۾ ملتان جي ميدان ۾ ٿيو، جنهن ۾ مهر گل سفاڪ شڪست کاڌي ۽ هو ڪشمير ڏانهن ڀڄي ويو. سمٿ لکي ٿو ته هو جنگ کان پوءِ گرفتار ٿيو پر ديسي راجائن کيس معاف ڪري ڇڏيو. جڏهن هو جان بچائي سيال ڪوٽ پهتو ته سندس ڀاءُ گادي تي ويهي رهيو، جنهن کيس اقتدار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تنهن ڪري هو پناهه وٺڻ لاءِ ڪشمير ڏنهن هليو ويو، جتي ڪشمير جي بادشاهه سندس تي رحڪم ڪري جاگير عطا ڪئي، پر هن ملعون مهمان نوازي ۽ احسان جو بدلو اهو ڏنو جو محسن سان بغاوت ڪري حڪومت کسي ورتي ۽ پنهنجي محسنن جو قتل ڪري حڪومت جو ڌاڪو ڄمايو. هو ظالم 540ع ۾ فوت ٿي ويو.
انهيءَ زماني جي حالتن مان خبر پوي ٿي ته سنڌي ظالم جي خلاف مظلوم سان گڏجي ساٿ ڏيندا هئا. هي دشمن ته سڀني مقامي حڪمرانن ۽ عوام جو هو، تنهن ڪري ان جي سرڪشي ۾ وڌيڪ حصو ورتو هوندو.

سنڌين جي حاڪميت

اسان کي مشهور چيني سياح هو انگ سانگ جي معرفت خبر رکي ٿي ته جيجل سنڌ سڌو سنئون هوڻ لوڪن جي ماتحت ڪونه هئي. هو ٻڌائي ٿو ته هت ڪيترا سو ٻڌ مندر آهن ۽ اسٽوپا به موجود آهن. هو ملڪي خوشخالي بابت لکي ٿو ته: “سنڌي جي زرعي پيداوار، معدنيات گھڻي آهي ۽ ڍور ڍڳو جام آهي. هو سنڌ جي راجا بابت ٻڌائي ٿو ته اتانجو راجا شودر آهي، جيڪو نهايت ايماندار ۽ مخلص آهي ۽ هو ٻڌ ڌرم جو ڏاڍو احترام ڪندو آهي.
ڊاڪٽر سمٿ لکي ٿو ته: ”ان وقت جي سنڌ جي ٻڌ راجا جي گادي جو هنڌ الور هو ۽ اهو يقينن ديوائج جو پٽ سهرس هو.“ ۽ ان کي شودر تسليم ڪيو آهي. جيئن ته هوڻ لوڪن جي وقت ۾ هندو مت زور ورتو ۽ ٻڌ مذهب جو زوال هو.
اسان تاريخ جي مطالعي مان نتيجو اخذ ڪري سگھون ٿا ته جڏهن ڪشان شهنشاهت سنڌ ۾ پنهنجي عروج تي هئي ته پاٽلا پتر طرف گپت خاندان زور ورتو جنهن جو ذڪر ٿي آيو آهي. گپت خاندان جي پائي وجھندڙ سمنڊ گپت جنهن کي سڪندر گپت به سڏيو آهي. جنهن جي شان و شوڪت ڪري سنڌ جي ڪشان بادشاهه بقول سمٿ گرمباس جي طرفان مسٽر چوڌري جي بيان ڪيل سفيرن ۾ سنڌ طرفان ديو پترا ”لڳ ڀڳ 375 ع ۾ ويو هو.“
وقت جي اسرندڙ طاقت ڏانهن ويندڙ سفير معمولي نوعيت جو ماڻهو نه هوندو، تنهن ڪري اهو لازمي آهي ته ڪنهن علائقي جو حڪم يا گورنر هوندو جيڪو بادشاهه جي شايان شان هوندو.
رشيد اختر ندوي انهيءَ سفير جي سمنڊ گپت وٽ وڃڻ بابت لکي ٿو ته شهنشاهه گرمباس ۽ سمنڊ گپت جي وچ ۾ دوستي جو ناٿو هو، جنهن ڪري ان سوکڙيون وغيره ان ڏنهن اماڻيون.
اسان کي تاريخ معرفت معلوم ٿيو آهي ته ان سمي راءِ گھراڻي جي هڪ حاڪم جو نالو ”راءِ ديوائج“ هو. اسان کي پڪ آهي ته ديو پترا ۽ ديوائج هڪ شخص جا نالا آهن، جيڪو ڪشان دؤر ۾ سنڌ جو حاڪم هو. هو دي واله پڻ اهو شڪ ڄاڻايو آهي. مون پنهنجي لکيل تاريخ سنڌ ۾ ان کي راجا راٻاري جي نالي سان لکيو آهي.
388ع ۾ چندر گپت ثاني سنڌ جي فرمان روا ”وسواسينا“ کي قتل ڪري سنڌين کي شڪست ڏني. محترم رشيد اختر ندوي پنهنجو خيال ڏيکاريو آهي ته: ”چندر گپت ثاني سنڌ ۾ اچڻ (سدائين لاءِ) جي تڪليف گوارا نه ڪئي ۽ چشتني سربراهه کي شڪست ڏئي ان کي پڪڙي پاڻ سان ساڻ وٺي وڃڻ کي ڪافي سمجھو ۽ ان رڻ پٽ کان گھٻرائجي ويو، جيڪو هيٺين سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ جي درميان هو. چندر گپت ثاني ان جي وارث ڪمار گپت ۽ سمنڊ گپت کي هيٺين سنڌ جو 480ع تائين حاڪم اعلى چئي سگھجي ٿو. منهنجي خيال موجب هو گپت خاندان جي حڪمرانن کي ان جي عيوض ڏن ڀري ڏيندا هوندا.
اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته ديوائج (راءِ ٻاري) انهيءَ سنڌي ساڪا مخلوط نسل مان هو جيڪو ساڪائن جي سنڌين سان مٽي مائٽي ڪرڻ ڪري وجود ۾ آيو هو. سنڌي ساڪا سڏجي ٿو جيڪو پوءِ ان نسل جا ماڻهو هن ڌرتي جي اولاد ٿي ويا جن کي پتنجلي مهاڀاشا ۾ پاڪ شدرا سڏيو آهي. منو شاستر ۾ انهن کي کتري ڪوٺيو ويو آهي ۽ انهن کي عام کتري کان گھٽ حيثيت ڏني ويئي آهي. ان کان سواءِ انهن جو ذڪر رامائڻ ۽ مهاڀارت ۾ ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تاريخ نويسن انهن کي سمه گھراڻي ۾ شمار ڪيو آهي.
منهنجي راءِ موجب سنڌي سما خاندان جي حڪومت وسواسينا جي قتل يعني 388ع کان اڳ اتر سنڌ کان شروع ٿي جن پنهنجي سلطنت جي گادي پهريان رور ۽ پوءِ الور ( اروڙ ) کي بڻايو. تحفة الڪرام جي ان راءِ سان به متفق نه آهيون ته راءِ سمي خاندان 137ع سال حڪومت ڪئي، پر حقيقت ۾ انهن 370ع ۾ سمه راءِ خاندان جي حڪومت جو بنياد وڌو جيڪا 660ع تائين چچ جي اقتدار سنڀالڻ تائين هلي. يعني اٽڪل 290 سالن تائين قائم هئي.
اسان کي تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته ايران جي بادشاهه شاهپور ثاني 399ع ۾ فوت ٿي ويو. ان جي حڪومت بابت پرسي پلس جي هڪ ڪتبي ۾ لکيل آهي ته ”ساڪان شاهه دبيران هند ساڪستان ۽ تخارستان“ ڊاڪٽر مڪرجي هڪ گپتا دستاوير جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ”ڪشان بادشاهه کي ديوپتر شاهه شاهان جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي.“ پر منهنجي تحقيق موجب اهو راٻاري هو.
اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته 388ع ۾ چندر گپت وسواسينا کي شڪست ڏني. ندوي صاحب جي خيال موجب ته انهن کي وڏي آڙ ڪڇ جو رڻ هو. پر اسان هت اهو سمجھڻ تي مجبور آهيون ته گپت خاندان هيٺئين سنڌ کي پنهنجي سلطنت جو حصو بڻايو هو. ڇاڪاڻ ته درياءَ سنڌ ۾ به هڪ وڏي قلعي جي حيثيت رکندڙ هو ۽ ان کي پار ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو هوندو هو، جنهن ڪري اتر سنڌ ٻين جي ماتحت هو ۽ اهي يقيني راءِ گھراڻي جا حاڪم هوندا.
تاريخ ۾ آيو آهي ته چشتنه خاندان به سنڌ جو آزاد حڪمران هو پر ڏن طور ڪشان خاندان جي حڪمرانن جن جي حڪومتن جي گادي جي هنڌ ٽئڪسيلا ۽ پشاور هو. جڏهن چشتنه خاندان زور ورتو ۽ پنا تائين پنهنجو راڄ قائم ڪيو ته هنن پنهنجي حڪومت جي گادي جو هنڌ تبديل ڪيو جيئن بيان ٿيو آهي ته رود رادمن 131ع ۾ پنهنجي حڪومت جي گادي جو هنڌ ”اجين “ ڏانهن منتقل ڪيو .
چشتنه خاندان جي هار کان پوءِ سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. مولائي شيدائي جنت السنڌ ۾ لکي ٿو ته سنڌ ۾ راءِ گھراڻي جي حڪومت 450ع ۾ قئم ٿي ۽ جيڪڏهن تحفة الڪرام جي روايت موجب ته انهن 137 سال حڪومت ڪئي ته پوءِ انهن جي حڪومت جي شروعات 492ع ۾ ٿئي ٿي پر حقيقت ۾ منهنجي تحقيق موجب انهن جي حڪومت 370ع کان شروع ٿي.
راءِ چڱو عرف شنگل سمه حڪمران جي حڪومت جون حدون ملتان صوبي حد تائين هئي ۽ ٻئي طرف ديبل بندر تائين هئي. اسان کي سنڌ جي انهيءَ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ايران طرف واجھائڻو پوي ٿو. ايران جي تاريخ مان خبر پوي ٿي ته 420ع کان 438ع جي درميان ايران ۾ ”بهرام گور“ بادشاهه رهيو. طبقات ناصري ۾ لکيل آهي ته هو واپاريءَ جي ويس ۾ سنڌ ويو. هن اتي بهادري جا وڏا ڪارمانا انجام ڏنا. هاٿين کي سونڊ مان وٺي زمين تي ڪيرائيندو هو. حاڪم سنڌ سندس بهادري جي ڪارنامه مان متاثر ٿي کيس پنهنجي ڌيءَ ڏني. آخر بهرام گور پنهنجي حقيقت بادشاهه سنڌ تي ظاهر ڪئي. تاريخ فرشته واري اها روايت واسو ديو جي دؤر حڪومت سان منسوب ڪئي آهي. واسو ديو جي حڪومت جو زمانو بقول سمٿ ته هو 140 ع ۾ تخت نشين ٿيو ۽ 173ع ۾ وفات ڪئي. تاريخ طور بهرام گور 420ع کان 438ع تائين ايران تي حڪومت ڪئي. فرشته جي روايت غير يقيني ۽ حقيقت تي مبني ناهي. تاريخ نويس چون ٿا ته بهرام گور جي متعلق جو ڪجھه بيان ٿيل آهي، اهو افسانوي طرز تي مبني آهي.
منهاج سراج طبقات ناصري ۾ لکي ٿو ته بهرام گور راءِ کان ڳائڻ وڄائڻ وارا طلب ڪيا. راءِ هڪ هزار مرد ۽ عوتون بهرام ڏانهن ڏياري موڪليون اهي سڀ ڳائڻ جا ماهر هئا. تاريخ ايران مقبول بيگ بدخشاني لکي ٿو ته : ”چيو وڃي ٿو ته بهرام گور سنڌ (هند) تي فوج ڪشي ڪئي هئي. راجا شڪنلت (راءِ شنگل عرف راءِ چڱو) انهيءَ ڪري بهرام جو شڪر گذار هو جو هن ٻنهي ڌرين گڏيل دشمن هوڻ (تاتاري) لوڪن کي ايران مان ته واپس ڪري ڇڏيو جنهن سان سنڌ به محفوظ رهجي ويئي. انهيءَ احسان مندي جي خيال کان شڪلنت ايراني لشڪر جو خير مقدم ڪيو ۽ ايران مڪران سان ملندڙ سرحدي علائقه ايران کي ڏنا. ثعالبي ايتري قدر لکي ٿو ته شڪلنت پنهنجي ڌيءَ بهرام گور کي پرڻائي ڏني هئي. بهرام گور بابت اسان وٽ ڪيترو لوڪ ڪهاڻيون آهن.
سائيڪلس لکي ٿو ته بهرام گور جي سنڌ تي فوج ڪشي ڪرڻ جي ڪابه تاريخ شهادت نه ٿي ملي. پر ثعالبي جي ان ڳالهه سان متفق آهي ته بهرام جي خواهش تي شڪنلت چار هزار (سايئڪلس موجب ٻارهن هزار) قابل موسيقار ايران موڪليا هئا.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ ۾ لکيو آهي ته: ”تاريخ روايتن موجب بهرام گور بادشاهه برصغير سنڌ ۾ پنهنجي سياسي اثر وڌايو. پر اهو ڄاڻايل ڪونهي ته هند جي ڪهڙي ڀاڱي سان سندس سياسي ناتا هئا. مختلف تاريخي حوالن سان ڇنڊ ڇاڻ مان انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ته بهرام گور بادشاهه جا خاص طرح سنڌ ۽ سنڌي حڪمران سان گھاٽا ناتا قائم ٿيا. بهرام گور سنڌ ۾ آيو ۽ سنڌي جي سمه راءِ ۽ سندس وچ ۾ صلح ۽ دوستي وارو معاهدي ٿيو.“
بهرام گور جنهن راءِ کان سنڌ مان راڳيندڙ گھرايا هئا، تنهن نالي جي خبر ۽ تصديق شاهنامه فردوسي مان پوي ٿي. بقول فردوسي:
”به نزديک شنگل فرستان کس
جنين گفت کاءِ شاهه فرياد رس
از آن لوليان برگزين رهه هزار
نرومار برزحم برطب سوار
که استاد بر زخم دستان جور
وزآواز اورامش جان بود
چونامه به نزديک شنگل رسيد
سراز فخر برچرخ گردون کشيد
هم آنگاهه ”شنگل“ گزين کردزور
زلولي، کجا شاهه فردمود بود“

ڊاڪٽر نبي بخش لکي ٿو ته شنگل مان مراد چنگل يعني چڱل آهي. اصل سنڌي چڱو آهي، جنهن کي پيار خاطر تصغير بڻائي چڱل چيو ويندو آهي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته معتبر تاريخن جي متعدد حوالن ۾ ڄاڻايل آهي ته جو برصغير هند ۾ بهرام گور بادشاهه، جنهن حڪمران سان صلح ۽ دوستي جو معاهدو ڪيو، تنهن جي ڌيءَ سان شآدي ڪيئي ۽ ان شهزادي کي ديبل ۽ مڪران جا پرڳڻا ڏاج ۾ مليا.
مسلمان تاريخ نويس لکن ٿا ته هو هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري هندستان جي سرحدن وٽ ويو ۽ اتان جي بادشاهه (سنڌ جي راءِ حڪمران) کي ڌمڪي ڏني ۽ هڪ اهڙو ٺاهه ڪيو، جنهن موجب ديبل ۽ مڪران جا صوبا ان جي حوالي ڪيا ويا، جن کي ان ڪرمان جي صوبي سان ملائي ڇڏيو. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته اهو سنڌ جو راجا چڱو هو.

سنڌين جي حالت آرين کان پوءِ

سنڌين جڏهن آرين کي ملڪ نيڪالي ڏني ته هو ٻيهر ڌرتي ڌڻي ٿيا ۽ انهن پنهنجن پهنجن علاقئن ۾ خودمختياري حڪومتون قائم ڪري ڇڏيون. محقق راگوزين ايرين جي ڏسيل هنڌ پٽاله بابت تحقيق ڪندي لکيو آهي ته پٽاله جو هنڌ موجوده حيدرآباد جو شهر هو جيڪو سنڌي بادشاهن جي گادي جو هنڌ هو. ان جو بنياد شاهي سنڌي خاندان جي بنياد وجھندڙ ۽ نانگن جي پوڄا ڪندڙ بادشاهه دوسو ڪي رکيو هو. راگوزين خايل ڏيکاريو آهي ته آرين جي موجوده هوندي به سنڌي رياستون قائم هيون.
پري ٻڌ انڊيا جي مصنف رتي لال مهته ۽ راگوزين کان ٻه قدم اڳتي وڌائي ويدڪ انڊيڪس جي مؤلف شاهدن سان ثابت ڪيو آهي ته ٻارهن سؤ سال قبل مسيح کان وٺي 800 سال قبل مسيح جي زماني ۾ هڪ سيوي (سبي يا سيوهڻ) رياست موجود هئي، محترم رشيد اختر راءِ چوهدري مصنف پوليٽيڪل هسٽري جو بيان نقل ڪندي لکيو آهي ته سڪندر مقدوني جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿيو هو ته سيوي رياست موجود هئي. البته ان جو نالو سيوي مان ڦري سبي ٿي ويو. رشيد اختر ندوي ان سبي رياست کي شور ڪوٽ ۽ جھنگ طرف ثابت ڪرن جي ڪوشش ڪئي آهي. جيتوڻيڪ اسان وٽ هاڻي به بلوچستان صوبي ۾سبي جو شهر موجود آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو سيوي جي نالي سان به ڪوٺيندا آهن. ۽ ڪنهن زماني ۾ اتي ٻڌ ڌرم جا وڏا مندر موجود هئا، جن کي ڏسڻ لاءِ چيني سياح آيو هو. هو لکي ٿو ته ان جو پهريون بادشاهه ”اس رانا“ هو، جنهن جو پٽ سيوا (شيوا) هو جنهن سيواپور جو بنياد رکيو. ممڪن آهي ته اها سيوا پور سيوي مان سبي بڻجي وئي هجي. بروهين کان اڳ قلات تي حڪومت ڪندڙ سيوا خاندان هو. سيوهڻ جو نالو شؤ تان پيل آهي، ممڪن آهي ته سيوهڻ به ان وقت هڪ آزاد رياست جي صورت ۾ موجود هجي.
رتي لال مهته هڪ لوڪ ڪهاڻي نقل ڪندي لکيو آهي ته سبي بادشاهه ”سنجايا“ جي پت ”وسنترا“ هڪ قيمتي هاٿي ڪلنگا جي برهمڻ کي ڏيئي ڇڏيو جيڪا ڳالهه سنڌي ماڻهن کي نه وڻي، ۽ انهن ان جي خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪري کيس بادشاهي تان لاهي ڇڏيو. جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته سنڌي عوام آرين جي پوئلڳن ۽ واسطيدارن سان دوستي رکڻ واري کي غدار سمجھندا هئا.
رشيد اختر ندوي جي چوڻ موجب جيڪڏهن سيوي رياست، سنڌي رياست آهي ته پوءِ اسان کي مڃڻو چوندو ته راگوزين جي چوڻ موجب حيدرآباد واري سيوي قوم جي ناگارياست جون حدون جهنگ ۽ شور ڪوٽ تائين به هيون. اهو به ممڪن آهي ته حيدرآباد، سيوهڻ ۽ سبي واريون رياستون هڪ رياست هجن.
سبط حسن جي خيال موجب هڪ ايراني ديو مالا ۾ ضحاڪ جو ذڪر آهي ، تنهن جو تعلق به سنڌ وارن سان هو، جنهن اتي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي هئي. محققن ثابت ڪيو آهي ته سنڌين پنهنجي غيرت ۽ عظمت جو مظاهرو ڪندي آرين کي سنڌ مان ڌڪاري ڪڍيو پر ان کان پوءِ به هو آرام ۽ سڪون سان نه ويٺا. ڇاڪاڻ ته وقت به وقت ڌاريا سنڌ جي سر سبز ۽ خوشحال زمين کي پامال ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا. تانجو تاريخ ۾ بيان ٿيو آهي ته مصر جي بادشاهه اسائر س سنڌ تي حملو ڪيو هو. بابل جي راڻي سميرا ميس سنڌ جي رونق ڏسي هرکي پئي ۽ سنڌ کي فتح ڪرڻ جي ارادي سان وڏو لشڪر ساڻ ڪري روانو ٿي.
هوءُ بولان لڪ کان ٽپي سنڏ جي ميداني علائقي ۾ پهتي ته سنڌين جن کي ڌارين سان مقابلي ڪرڻ جو تجربو ٿي ويو هو، تن سندس راهه روڪي ۽ جرار لشڪر کي اڳتي وڌڻ ڪونه ڏنو ۽ سنڌ وارن هاٿين جي مدد سان اٺن تي آيل لشڪر کي ماري ڀڄايو، ۽ اتر سنڌ جي ڪنهن هنڌ تي اهو مقابلو ٿيو.
سميرا ميس جو لشڪر جيڪو جابلو علائقن مان اٺن تي چڙهي پهتو تن جو هاٿي جهڙو ديو جانور ڏٺو ته ٽهي وٺي ڀڳا ۽ پنهنجي لشڪر کي چيڀاٽيون. سميرا ميس هاٿي جي مقابلي ۾ هٿراڌو هاٿي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جن اٺن کي ڍڳن جون کلون اهڙي نموني تيار ڪري پارايون جيئن هو پري کان ديو جيڏو جانور نظر اچي سگھي. پر جڏهن اهي هٿرادو هاٿي اصلي هاٿين جي مقابلي ۾ آيا ته مات کائي ويا.
راڻي سميرا ميس جنهن جي بهادري تاريخ ۾ مثالي حيثيت رکي ٿي، تنهن جو لشڪر شڪست کائي ڀڳو ۽ پاڻ ڪن مؤرخن جي چوڻ موجب سنڌ ۾ وڙهندي مارجي ويئي. ۽ ڪن جي خيال مطابق جڏهن هوءَ زخمي حالت ۾ وطن واپس پهتي ته سندس پٽ هٿان مارجي ويئي.
مصر جي فرعون سيساستريس جنهن کي مولائي شيدائي راميسس ثاني لکيو آهي، تنهن سنڌ وارن کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ هن اٽڪ ۽ گنگا تائين حملو ڪيو، پر سنڌ وارن ان جو بهادري ۽ مڙسي سان مقابلو ڪيو، جنهن ڪري هو پنهنجا پير ڄمائي نه سگھيو ۽ خدا هجڻ واري دعويٰ ثابت ڪري نه سگهيو.
تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم دؤر ۾ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ رهندڙ حاڪم سنڌ کي نه بخشيو آهي، پر انهن سدائين زير ڪرڻ جي پئي ڪوشش ڪئي ۽ هو هميشه ناڪام و نامراد ٿي واپس وريا آهن. جيڪڏهن هو سنڌ جي ڪن علائقن کي حاصل ڪري به سگھيا آهن ته هميشه لاءِ ان تي قابض رهي نه سگھيا آهن.

نوشيروان جي ڪاهه

نوشيروان 513ع ۾ ايران جو بادشاهه بڻيو. مسلمان تاريخ نويسن کيس نوشيروان عادل سڏن ٿا. هن مضبوط حڪومت جي بنياد وجھڻ کان پوءِ سنڌين تي ڪاهي آهي ۽ ان کي ايران جو باج گذار بڻايو. شاهنامي موجب ”نوشيروان پاڻ هندستان ويو ۽ هن جي حڪم تي سڀ ماڻهو سندس حضور ۾ پيش ٿيڻ لاءِ آيا ۽ سنڌو درياءَ جي ڪناري ٻن ميلن جي ڊيگھه ۾ صرف گھوڙا، هاٿي ۽ سڪه نظر پئي آيا. سنڌي ان سان پنهنجي شان ۽ مرتبي مطابق پيش آيا.
لئمبرڪ ڪوسماس انڊيڪو بليوسٽس جي حوالي سان لکي ٿو ته سنڌو ندي جي ڪيٽي جو ساڄو پاسو ايران جو هو. اسان کي خبر آهي ته ايران جي هڪ وڏي سلطنت هئي، جنهن وٽ هڪ وڏو لشڪر هر وقت تيار رهندو هو. جڏهن هو سنڌ کي فتح ڪرڻ جي نيت سان آيو هوندو ته سنڌين کيس گھوڙا، هاٿي ۽پئسه ڏنا ته جيئن هو بغير ڪنهن جنگ جي واپس هليووڃي. هن سنڌ جي راءِ حاڪم کان پڻ اهڙو اقرار ورتو هوندو ته هو هر سال ڏن طور ڪجھه ادا ڪندو رهي.
اسان حالات ۽ واقعات کي جاچي ڏسنداسين ته نوشيروان جو خونخوار لشڪر بولان لڪ ۽ ٻين لڪن کان سنڌ جي ميداني علائقين ۾ داخل ٿيو هوندو. لازمي آهي ته سنڌين ان جي انفرادي طور مزاحمت ڪئي هوندي پر جڏهن حاڪم سنڌ راءِ کي ان جي آمد جي خبر پئي ته هو جنگ کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري ايرانين کي ڏنڊا ٽئڪس ادا ڪئي.

[b]راجا هرش جو حملو
[/b]راجا هوش ٿانيسر جي راجا پرڀاڪرورڌن جو پٽ هو، جنهن هوڻ لوڪن جي تباهي ۽ بربادي کان پوءِ پنهنجي حڪومت جو بنياد وڌو. هيءُ ڀاءُ ۽ ڀيڻيوي جي مارائڻ کان پوءِ حڪومت تي ويٺو.
راجا هرش جي زماني ۾ هڪ ناميارو شاعر ۽ سوانح نگار ڀانا ڀٽ هو، جنهن پنهنجي لکت ۾ لکيو آهي ته پرپاڪرورڌ سنڌين لاءِ ٽيئڙ تپ هو. هن راجا هرش جي فتحن بابت لکندي ٻڌايو آهي ته: ”دنيا جي انسانن مان سڀ کان وڌيڪ انسان، سنڌ جي بادشاهه کي ماريو ۽ ان جي دولت تي قبضو ڪيو.“ ڊاڪٽر سمٿ جي ڏسڻ موجب ان وقت سنڌ جو بادشاهه راءِ ديوائج (ٻيو) جو پٽ راءِ سهيرس هو. پر منهنجي تحقيق موجب راءِ ساهسي اول جو پٽ راءِ سيهرس ٻيو هو.
محترم رشيد اختر ندو ان حملي بابت پنهنجي خيال جو اظهار ڪندي لکيو آهي ته ”ڀانا ڀٽ جنهن بادشاهه سنڌ جو ذڪر ڪيو آهي، ان کي هرش ته شڪست ڏني هوندي، مال و دولت به کسيو هوندو، پر پوءِ ان کي معاف ڪري ڇڏيو هوندو ۽ کيس پنهنجي رياست واپس ڏني هوندي.“
راجا هرش ٽري ڀاٽي جي مطابق ڪشمير جي راجا ورلڀ ورڌنا جو همعصر هو. جيڪو 601 بعد از ميسح تخت تي ويٺو ۽ 36 سال حڪومت ڪئي.
راجا هرش متعلق سنڌ تي حملي کي تاريخ نويسن قبول ڪيو آهي. پر ان جي مقابلي بابت وضاحت ڪونه ڪئي آهي. پر اسان کي تاريخي تذڪرن مان خبر پوي ٿي ته راءِ سهيرس جي پيءُ راءِ ديوائج هڪ مضبوط سنڌي سلطنت جو بنياد وجھي ڇڏيو. هو سنڌ کي پنهنجي زير تسلط آڻن لاءِ پاڙيسري حڪمرانن لالچي نگاهون وڌيو. سنڌ جي پاڙيسري هرش انهيءَ مقصد سان سنڌ تي ڪاهي آيو. پر ناڪام ٿي ڪشمير ڏانهن هليو ويو.
انهيءَ خيال جو امڪان زياده آهي ته هرش سيهرس سان جنگ ڪرڻ کانسواءِ واپس هليو ويو ۽ سندس شاعر ان ڪري تعريف ڪئي آهي ته جيئن هن جي ناڪامي کي لڪائي سگھجي، جيئن درٻاري شاعرن جو ڪردار رهندو آيو آهي.
ڀانا ڀٽ پنهنجي لکت ۾ لکيو آهي ته هن سنڌ جي فتح کان پوءِ ڪشمير تي چڙهائي ڪري خراج وصول ڪيو. جيڪڏهن هرش سنڌ جي راجا کي قتل ڪرڻ کان پوءِ ان جي علائقي کي پنهنجي تسلط ۾ آڻي ها ته سنڌ سندس صوبي ۾ شمار ٿئي ها، پر ائين لکيل ڪونهي. پر هرش سنڌين جي غيرت ۽ ولولو ڏسي ڪشمير ڏانهن هليوويو.

[b]راءِ سهيرس ٻئي جي مڙسي
[/b]راءِ خاندان جو نيڪ دل شريف ۽ دلير حمڪران هو. هن جي عدل ۽ سخاوت جي واکاڻ مسلمان تاريخ نويسين به ڪئي آهي. چچ نامي ۾ لکيل آهي ته ملڪ جي حفاظت، رعيت جي دلجوئي ۽ ملڪ جي سرسبزي متعلق پڻ حڪم جاري ڪيا هئا. سندس ساري ملڪ ۾ اهڙو ڪو به ظالم نه هو جو ملڪ جي ڪنهن به طرف کان ڇيڙ ڇاڙ ڪري، سندس طرز حڪومت بابت معصومي لکي ٿو ته: ”ڪنهن به امير خواه رعيتي سرڪشي ڪانه ڪئي“ جنهن ڪري ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو دنگو فساد ڪونه هو ۽ هر طرف آرام وسڪون هو ۽ سنڌي اهڙي معاشري ۾ گذاري رهيا هئا. جيڪو کين ورهين کان پوءِ نصيب ٿيو هو. هر طرف سک ۽ سانت لڳي پئي هئي ۽ سنڌي سٻاجھڙا پنهنجي مگن ۾ مست هئا ته سندن اولهندي واري پاڙيسري ملڪ جي بادشاهه خسرو پرويز جنهن کي پنهنجي طاقت تي بانور ۽ غرور هو.
هن پنهنجي بيش روئن جي پيروي ڪندي سنڌ جي سرحدي علائقن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي. تاريخ ايران ۾ مقبول بيگ بدخشاني لکي ٿو ته هن 615ع ۾ سنڌ اتر اولهندي علائقن تي حملو ڪري ان کي پنهنجي قبضي ۾ آندو.
چچ نامي، تحفة الڪرام ۽ معصومي ۾ لکيل آهي ته سنڌ جي راءِ حڪمران سهيرس ٻئي جي وقت ۾ ايران جي طرف کان نيمروز جي بادشاهه جو هڪ وڏ لشڪر ايران کان ڪرمان رستي ڪيچ ۽ مڪران ۾ پهچي جيڪي سنڌ جو حصو هئا، تن ۾ ڦر لٽ مچائي ۽ ڪيترا سنڌي قيد ڪري واپس هليو ويو. عبدالرحمان شوق امرتسري تاريخ اسلام ۾ لکيو آهي ته ساساني قوم جي شاهه عجم، جنهن کي مؤرخين نيمروز لکن ٿا تنهن پنهنجي سلطنت فارس مان نڪري مڪران جي رستي راجا سهيرس جي سلطنت سنڌ تي حملو ڪيو. شاهه فارس سنڌ کي فتح ڪيو ۽ راجا سهيرس کي ماري پنهنجو سلطنت ڏانهن واپس هليو ويو.
سنڌ جي تذڪرن موجب راءِ سهيرس کي جڏهن خسرو پرويز جي انهيءَ بزدلي جي خبر پئي ته هو سنڌين جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ ايراني ڌاڙيل جي سامهون ٿيو ۽ گرفتار سنڌين کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن بادشاهه کي اهڙي زيادتي تي ننديو ۽ شرمسار ڪيو ۽ قيدين ۽ ڦر لٽ جي مال جي واپسي جي گھر ڪئي. معصومي موجب هن بادشاهه ڏانهن پنهنجي اچڻ جو سبب بيان ڪرڻ لاءِ هڪ قاصد موڪليو پر هو پنهنجي ڪئي ته قائم رهيو ۽ لڙائي جون تياريون ڪري سندس سامهون ٿيو.
راءِ پرويز جي اها هٽ ڌرمي ڏسي غيرت ۾ اچي ويو ۽ هڪ سنڌي وانگر فيصلو ڪيو ته هو هتان مئي مارائي کانسواءِ واپس نه ويندو. ايرانين سنڌين تي حملو ڪيو، جن مڙسي سان مقابلو ڪيو. هن جنگ ۾ راءِ سهيرس پاڻ دوبدو وڙهي رهيو هو، جنهن ڪري ايراني پيش قدمي رڪجي وئي. انهيءَ لڙائي ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي لاءِ وڙهندي هميشه لاءِ امر ٿي ويو.
راءِ سهيرس جي موت کان پوءِ بلوچستان ۽ مڪران جو علائقو ايرانين جي قبضي هيٺ اچي ويو. هن جنگ مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌين جو پاڻ ۾ ايڪو ۽ ٻڌي هئي، جنهن ڪري سندن بادشاهه سنڌين جي پلاند وٺڻ خاطر جنگ ۾ پاڻ به شريڪ ٿيو ۽ هڪ عام سپاهي وانگر وڙهندي زمين جي لڄ رکندي قربان ٿي ويو. اهي زماني ۾ جڏهن سنڌ جو بادشاهه مردانگي جا جوهر ڏيکاري ٿو ته عام سنڌي ڪهڙو نه جوڌو جوان هوندو!
اندازو آهي ته سنڌين به ايرانين کي چڱو نقصان پهچايو هوندو. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هو سنڌين جي لشڪر جو قتل عام ڪندا اروڙ تائين پهچي وڃن ها ۽ سڄي سنڌ کي برباد ناس ڪري ڇڏن ها!
سنڌ جي تاريخ ۾ هن سنڌي ۽ باغيرت مرد مجاهد حاڪم جو مان مٿڀرن ۾ آهي جيڪي پنهنجي قومي غيرت ۽ عزت لاءِ موت کان به نه ڊڄندا آهن.

[b]راڻي سونهن ديوي جو حسن تدبر
[/b]راءِ سهيرس ثاني جي جان فدا ڪرڻ کان وءِ سندس پٽ راءِ سهاسي ثاني سنڌ جي گادي تي ويٺو، جنهن شڪست کاڌل لشڪر کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ انهن ۾ نئون جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو. هن انتظامي معاملن کي سڌارڻ لاءِ نون سڌارن جو اعلان ڪيو. جنهن موجب:
1. لشڪر جي سپاهين لاءِ حڪم هو ته کين بنا ڪنهن ناغي جي پگھار ملند رهي.
2. زميندار ڍل گھرڻ کانسواءِ اها ٽن قسطن ۾ ادا ڪن.
3. واپاري انڪم ٽئڪس بنا ڪنهن گھرڻ جي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائيندا رهن.
4. ڪاريگرن ۽ مزدورن کي هدايت ڪئي ويئي ته هو مقرر ٿيل ڪم مهل تي پورو ڪندا رهن.
راءِ سهاسي شڪسته حڪومت کي مستحڪم ڪيو ۽ ملڪ افراتفري جي حالت کان بچي ويو. راءِ سهاسي جي موت پڻ اهڙي حالت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سندس وارث منتخب ڪرڻ تي گھرو ويڙهه ٿيڻ جو انديشو هو ۽ ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ها. سندس زال راڻي سونهن ديوي جڏهن راءِ کي مرڻينگ حالت ۾ ڏٺو ۽ ملڪ جي سياسي حالتن تي نظر وڌي ته هن کي وڳوڙ ۽ انتشار کانسواءِ ٻيو ڪجھه نظر نه آيو ۽ ڪيترا راجا وزير مٽ مائٽ گادي نشين ٿيڻ لاءِ آتا هئا. جيڪڏهن انهن مان ڪنهن به هڪ کي اقتدار ملي وڃي ها ته ٻيا امير ساڻس دنگي فساد تي لهي اچن ها ۽ صوبن جا گورنر خودمختياري جو اعلان ڪن ها، جنهن ڪري سنڌ ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ها.
جيئن ته راءِ ساهيسي کي ڪابه اولاد ڪونه هئي، تنهن ڪري راڻي سونهن ديوي نهايت سوچ ۽ سمجھه کان ڪم وٺي سياسي تدبر اختيار ڪيو ۽ راءِ جي صحيح وارث کي ڳولهڻ لاءِ ان جي تلاش شروع ڪئي. هن جي نظر چچ تي پئي، جنهن جي قابليت ۽ تدبر جي واکاڻ پوري سنڌ ۾ هئي.
راڻي سونهن ديوي کيس پاڻ وٽ گھرايو ۽ ضروري صلاح مشوري کان پوءِ ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته هو راءِ جو جاءِ نشين ٿي، سگھي ٿو. ائين ڪرڻ سان اميرن جو هڪ ٻئي سان حسد ختم ٿي ويندو ۽ سنڌ پر امن رهندي ۽ راڻي سونهن ديوي سازشي اميرن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ کين مارائي ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ چچ جي بادشاهه ٿيڻ جو اعلان راءِ ساهيسي پاران ڪرايو. هن انهيءَ اقدام کان پوءِ رعيت کي خوش ڪرڻ لاءِ مختلف رعائتون ڏنيون ۽ فوج کي راضي رکڻ لاءِ پگھارون وڌايون ۽ زميندار ۽ هارين تان ڍل ۽ ٻيون ٽئڪسون معاف ڪيون. اهڙي طرح عوام جو ساٿ راڻي سونهن ديوي سان ٿيو ۽ چچ مضبوط ٿي ويو.
اٽڪل ڇهن مهينن کان پوءِ راءِ سهاسي ثاني جو ڀاءُ چترور جو راجا مهرٿ سنڌ تي حڪمراني جي دعوى ڪندي چچ کي هٽي وڃڻ لاءِ چيو. چچ همت هارائي ويٺو پر راڻي هن کي ٽوڪيندي چيو ته: ”جيڪڏهن هن حالت ۾ سنڌ مهرٿ جي حوالي ڪبي ته سياسي حالتون وڃي ساڳيون بيهنديون ۽ اسان انتقام جو نشانو بڻجي وينداسين. تنهن ڪري مون انهن ڏينهن کي منهن ڏيڻ لاءِ توکي چونڊيو هو پر جيڪڏهن توهان ۾ همت ڪانهي ته پاڻ وارا ڪپڙا لاهي مون کي ڏيو ۽ مون وارا ڪپڙا پائي ويهه، تانجو مان دشمن جي مقابلي لاءِ نڪران. جڏهن هن ملڪ جو راجا ٿي چڪو آهين ته پوءِ گجندڙ شينهن وانگر دشمن سان سامهون ٿي. ياد رک ته عزت جي موت کان ذلت جي زندگي کان بهتر آهي.“
راڻي سونهن ديوي جي راءِ سان هن خزاني جي دروازن جا منهن کولي ڇڏيا. جيڪي قيد ۾ هئا، تن کي آزاد ڪري، عزت افزائي ڪئي ۽ کين پاڻ سان ملايو.
جڏهن مهرٿ سنڌ تي حملو ڪيو ته کيس شڪست ملي ۽ چچ هٿان مارجي ويو. سنڌ غلامي ۽ انتشار کان بچي ويئي. جيڪڏهن راڻي سونهن ديوي سياسي تدبر ۽ سوچ کان ڪم نه وٺي ها ته اقتدار جي رسه ڪشي ۾ سنڌ ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ها ۽ ڌارين لاءِ ان کي حاصل ڪرڻ آسان ٿي پوي ها.
راڻي سونهن ديوي سنڌ جي تاريخ جي اها عظيم عورت آهي، جنهن ملڪ کي بچايو ۽ راءِ سمه خاندان جي ڪيل محنت کي رائگان ڪرڻ ڪونه ڏنو. ان کان پوءِ جڏهن پوري سنڌ امن ۽ سڪون سان نظر آئي ته هن جواني جا ڏنهن ڪنهن شريڪ حيات سان گذارڻ جا سوچيا. جنهن ڪري هن چچ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ڏاهر، ڏهرءِ سينه ماين ڌيءَ ڄائي. جديد تحقيق موجب راءِ ساهيسي به سنڌ جي سرحدن جي حفاظت ڪندي امر ٿي ويو هو.

[b]چچ جي مضبوط حڪومت
[/b]راڻي سونهن ديوي جي سياسي حڪمت عملي سان سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو، پر ان جي حقيقي وارث ٿيڻ لاءِ ضروري هو ته سنڌ سلطنت جا گورنر به سندس جي تابعداري ڪن. ساڳي وقت سنڌين پنهنجي هم مذهب حڪمران جي جاءِ تي هندوازم يعني برهمڻ ڌرم واري کي ڏٺو ته لازمي طور ان جي مخالفت ڪئي. تنهن ڪري هن سنڌين کي اعتماد ۾ ورتو. چچ لاءِ ضروري هو ته هو اندروني خلفشار کي ختم ڪرڻ سان پاڙي وارن حڪمرانن تي اهو به واضح ڪري ته سنڌين جو هڪ وڏو تعداد ساڻس سان گڏ آهي، جيئن اهي اندروني بغاوت سمجھي سنڌ تي ڪاهي نه اچن اهو خيال ڪري سنڌين جو هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري بياس ندي واري ڀاٽيه قلعي تي ڪاهي ويو، جنهن جي قلعي دار اسڪلنده جي قلعي ۾ امان وڃي ورتي.
اسڪلنده قلعي جي سپهه سالار شجاع سنڌي حڪمران سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڀاٽيه جي حاڪم کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ بادشاهه چچ جو ساٿ ڏنو. اهڙي طرح، هن ملتان ۽ سڪه جي بغاوتن کي ڪچليو، جنهن ۾ سنڌين هڪ ٻئي جو اقتدار خاطر رت وهايو. تاريخ سنڌ ۾ اسان کي اهو پهريون واقعو ملي ٿو، جنهن ۾ سنڌين جي ٻن ڌرين پنهنجو خون وهايو.
ان جو سبب اهو آهي ته سڪم ۽ ملتان جو حاڪم بجهراءِ راءِ ساهيسي جو ويجھو مائٽ هو، تنهن پڻ سنڌ جي حڪومت جون واڳيون سنڀالڻ چاهيون هوندو پر جيئن ته چچ مرڪزي حڪمران بڻجي چڪو هو. تنهن ڪري کيس ان جي اطاعت قبول ڪرڻ هئي، پر هن چچ کي حقيقي سنڌ جو حڪمران نه مڃيو، جنهن ڪري انهن جي وچ ۾ رسا ڪشي شروع ٿي ويئي. جنهن ۾ چچ پنهنجي اطاعت ڪرڻ خاطر پنج هزار سنڌي قتل ڪرايا.
هن سنڌ جي اوڀر اترندي سرحدن کي مضبوط ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻه جي حاڪم سرڪونڌ پٽ ڀنڊر ڀڪو کي پنهنجو بڻايو ۽ سيوهڻ جي حڪمران متو کي اتان نڪري وڃڻ تي ڪبور مجبور، تنهن کان پوءِ برهمڻ آباد جي اگھم سندس آڻ نه مڃي ۽ هڪ سال تائين چچ کي منهن ڏيندو آيو. ان جي وفات کان پوءِ ان جي پٽ چچ سان معاهدو ڪري مسئلي کي حل ڪري ورتو.
چچ ارمابيل جي حاڪم کي پنهنجو ڪري پنجگور ويو ۽ اتان جي قلعي جي مرمت ڪرائي. مڪران ۽ ڪرمان جي ان ندي وٽ قيام ڪيو، جيڪا ايران ۽ سنڌ جي سرحدن کي الڳ ڪري پئي. هن اتي کجي جا وڻ پوکيا ۽ پنهنجي حد نروار ڪئي، جنهن مان سمجھجي ٿو ته هن ايراني حڪمران کي خبردار ڪيو ته هو پنهنجي سرحدن کان هڪ قدم به اڳتي نه وڌائي. جيڪڏهن هن ڀڃڪڙي ڪيئ ته سنڌي ڪڏهن به کيس معاف نه ڪندا. هن اهڙي طرح سنڌين کي هڪ زنجير جي ڪڙن ۾ ڪڙي قنڌار وارن کان خران وصول ڪيو ۽ سنڌ جو مهاراجا چورائڻ جو حقدار بڻيو.
هن دؤر کان اڳ سنڌ جو سياسي نظام ڪنفيڊرل نظام جيئن هلندو هو پر چچ ان کي ختم ڪري مرڪزيت قائم ڪئي.
693ع ۾ چچ کان پوءِ سندس ڀاءُ چندر سنڌ جو حڪمران ٿيو، هن جي وقت ۾ سيوهڻ جي اڳوڻي حاڪم ”متو“ جنهن کي چچ جي حڪومت قبول نه هئي، تنهن سنڌ کي ڌارين جي حوالي ڪرڻ لاءِ قنوج جي حاڪم سهيرس راسل کي آماده ڪيو ته هو سنڌين تي ڪاهي وڃي جتان کيس وڏي دولت ملندي ۽ کيس اتان جو حڪمران ٿيڻ ۾ مدد ڪري هو انهيءَ ٿوري جي عيوض هر سال کيس سنڌ جو مال و دولت ڏيندو رهندو.
چندر جيڪو ٻڌ ڌرم جو پيروڪار هو ۽ خاص ڌيان مذهب ڏانهن هيس پر جڏهن کيس خبر پئي ته متو سنڌ حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ ڌارين کان مدد وٺي سنڌ کي لتاڙڻ گھري ٿو ته هن مذهب کي هڪ پاسي رکي سنڌ ۽ سنڌين جي بچاءَ جو پهه ڪيو. سنڌين به عزم ڪيو هو ته هو ڌارين کي ڌرتي تي پير کوڙڻ نه ڏيندا. هنن چندر جو ساٿ ڏنو ۽ قنوج جي راجا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪمر بسته ٿي ويا. هنن جو ڏٺو ته سنڌي مست ٿي بيٺا آهن، ته هو سنڌ ۽ سنڌين جي پچر ڇڏي واپس هليو ويو.

عرب ۽ سنڌي

سنڌي شروعات کان وٺي سٺن عادتن جا مالڪ هئا ۽ نهايت مهذب زندگي گذاريندا هئا. سنڌين جو شروعات کان وٺي معاشرو امن پسند ۽ مهمان نواز رهيو آهي. انهيءَ مهمان نوازي هميشه سنڌين کي نقصان ۾ پئي وڌو ۽ امن پسندي سدائين غلامي جو ڳٽ بڻجندي آئي آهي. اهڙي طرح سنڌين کي عرب مهمانن جي ڪري گھڻو ڪجھه ڀوڳڻو پيو ۽ انهيءَ مهمان نوازي جي ڪري عرب حڪمرانن سنڌين کي پنهنجي سلطنت ۾ آندو.
عرب ۽ سنڌين جي هڪ ٻئي سان ڄاڻ سڃاڻ هزارن سالن کان قديمي آهي. مولانا اطهر مبارڪپوري پنهنجي ڪتاب عرب و هند عهد رسالت ۾ ثابت ڪيو آهي ته عرب ملڪن جي ڪيترن هنڌن تي سنڌي تمام وڏي تعداد ۾ رهندا هئا ۽ کين عرب معاشري ۾ اهم مقام حاصل هو. مثال طور هن لکيو آهي ته يمن تي جڏهن ڌارين قبضو ڪيو هو ته ايران جي بادشاهه نوشيروان پڇيو هو ته يمن تي حبشن قبضو ڪيو آهي يا سنڌين.
گهاٽن تجارتي تعلقات جي ڪري عربن ۽ سنڌين جي وچ ۾ مٽيون مائيٽيون به قائم ٿي چڪيون آهن عرب جا ڪيترا قبيلا ۽ قديم سنڌي هڪ ئي نسل سان تعلق رکندڙ هئا، تنهن ڪري سنڌين ۽ عربن جي هڪ ٻئي سان ڄاڻ سڃاڻ هزارن سالن کان هئي ۽ سوين سالن کان هڪ گڏ معاشري ۾ رهندا هئا. عدن ان وقت دنيا جي تجارت جو بحري مرڪز هو ۽ سنڌين جو عدن جي سڄي تجارت تي قبضو هو.
عربن جڏهن دين اسلام کي قبول ڪري، اسلامي فتوحات جو حدون وڌايون ته انهن جون نظرون سنڌ تي به هيون، ڇاڪاڻ ته انهن آڏو سنڌ هڪ خوشحال ۽ امير ترين ملڪ هو ۽ کين اهو به ملوم هو ته غير مسلمن جو هڪ وڏو تعداد پڻ اتي رهي ٿو. تنهن ڪري شروعاتي دور کان وٺي عرب سنڌ کي حاصل ڪرڻ پيا گھرن، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي:

[b]عربن جا سنڌ ۾ مفاد
[/b]ان کان اڳ جو راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي لشڪرن جي لڙاين جو احوال بيان ڪجي، عربن جو سنڌ تي حملي ڪرڻ جا سبب بيان ڪجن.
1. جڏهن عرب لشڪر ايران سان برسرپيڪار هو تڏهن عرب سپهه سالارن ايران تي بحري حملي ڪرڻ لاءِ سنڌ وارن کان ساحل گھريو، سنڌ جي راجا راءِ ساهسي ٻيو انڪار ڪيو هو.
2. جنگ سلاسل ۾ سنڌي جوڌا جوان ايران پاران عربن سان وڙهيا هئا، جن عربن جو وڏو نقصان ڪيو هو. اهو پهريون موقعو هو جو عربن ۽ سنڌين جو دوبدو مقابلو ٿيو. هن جنگ ۾ سنڌين پنهنجي روايتي غيرت ۽ عظمت کي برقرار رکندي سنڌي رسم و رواج موجب هڪ ٻئي کي زنجيرن سان قابو ڪيو، جيئن ڪوبه ميدان ڇڏي ڀڄي نه وڃي. انهي ڪري ان جنگ جو نالو ”جنگ سلاسل“پيو، معنى زنجيرن واري جنگ. هيءَ جنگ 12 هجري مطابق 633ع ۾ لڳي هئي.
3. جنگ سلاسل کان ٻه سال پوءِ 635ع ۾ جنگ قادسيه لڳي، هن جنگ جي تياري لاءِ ايراني ”شهنشاهه يزد جرد“ وڏي تياري ڪئي. هن ڀر وارن راجائن کان مدد طلب ڪئي، سنڌ جي راجا راءِ ٻيو ساهسي به پاڙيسري جي دوستي نڀائيندي فوجي جوانن کانسواءِ ڪيترا هاٿي ڏنا، ايتري قدر جو پنهنجي ذاتي سواري وارو هاٿي به ڏياري موڪليو. هي جنگ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون هلي. هن جنگ ۾ عربن کي سنڌ جي هاٿين وڏو نقصان رسايو.
4. عرب ايران جي فتح کان پوءِ سيستان کي فتح ڪري مڪران طرف وڌيا سنڌ وارن درياهه هيلمند وٽ مقابلو ڪيو، جنهن کي تاريخ نويسن ”ندي“ واري جنگ سڏيو آهي.
5. مغيره بن ابي العاص جي بحري ٻيڙي جو ناڪام ٿي موٽڻ.
6. جڏهن بديل عرب قيدين جي سلسلي ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته راجا ڏاهر جي پٽ ديبل وٽ سنڌ جو دفاع ڪندي کيس ماريو هو.
عرب جيئن ته هڪ وڏي خلافت جو بنياد وجهي چڪا هئا، جنهن کي ان وقت جي سپر پاور جي حيثيت به ملي چڪي هئي. خاص ڪري رومين ۽ ايرانين جي وڏين سلطنتن قيصر ۽ ڪسريٰ جو انهن خاتمو آندو هو. انهيءَ ڪري هڪ سپر پاور جي طور تي پنهنجي عالمي مفادن جي تحفظ لاءِ سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ انهن جي لاءِ بيحد اهم هئي. سنڌ کي هڪ لحاظ کان ايسٽ ايشيا ۾ داخل ٿيڻ جي لنگهه جي حيثيت حاصل هئي، ويتر جو سنڌ وارن عرب-ايران تضادن ۾ ايرانين جي پاران ويڙهه ۾ حصو ورتو، ان کان پوءِ عربن جي لاءِ اڻٽر ٿي پيو ته هو سنڌ تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪن. ان کانسواءِ دين اسلام کي سڄي دنيا ۾ ڦهلائڻ جو ارادو مسلمانن ۾ پڪي ارادي جي حيثيت حاصل ڪري چڪو هو. هڪ نئين عالمي نظريي کي دنيا ۾ غالب ڪرڻ انهن جو مقصد بڻجي چڪو هو. ساڳي وقت سنڌ ۽ ان جا پاڙيسري ملڪ، ٻڌ، عيسائي ۽ زرتشي دين جا پيروڪار هئا ۽ انهن جو ڪافي زور هو. بقول مسلمانن جي، عربن کان وڌيڪ ڪافر ۽ هندو سنڌ ۽ ان جي پاڙي وارن ملڪن ۾ آهن، تنهن ڪري ضروري هو ته اهڙي سر سبز و شاداب تجارت ۽ واپار جي مرڪز ۽ انتظامي نقطه نگاهه کان اهم ملڪ تي حملو ڪري اتي عرب نواز راڄ قائم ڪري، دين اسلام جي تبليغ ڪجي ۽ اسلامي سلطنت کي چار چنڊ لڳائجن.
انهيءَ سلسلي ۾ پهرين خليفي حضرت ابوبڪر جي وفات کانپوءِ حضرت عمر فاروق 634 ع مطابق 13 هجري ۾ خلافت جي مسند تي ويٺو. هن 636ع مطابق 14 هجري ۾ عثمان ابن ابي عاص ثقفي کي بحرين ۽ عمان جو گورنر مقرر ڪيو. عثمان ابن ابي عاص خليفي حضرت عمر کان اجازت وٺي مغيره بن ابي عاص جي ڪمان هيٺ بحري ٻيڙو سنڌ طرف روانو ڪيو. پاڻ پيادل فوج سان سنڌ تي حمله آور ٿيو. ان وقت راءِ سيهرس ٻيو حڪمران هو ۽ ديبل هڪ واپاري مرڪز ۽ سامونڊي بندرگاهه هو. لشڪر جڏهن ديبل پهتو ته سنڌي لشڪر منهن سامهون ٿيو، جنهن ۾ لشڪرن جو سخت مقابلو ٿيو ۽ جنهن ۾ ڪافي نقصان پهتو. آخر عرب حمله آور جان بچائي واپس هليا ويا. جڏهن اها خبر حضرت عمر کي پئي ته هن وڌيڪ حملن ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. بقول بلاذري هن (حضرت عمر رضه) لکيو ته: ”شقيف جا ڀاءُ تون ڪيڙي کي ڪاٺ تي چاڙهيو، قسم آهي جيڪڏهن اهي ماڻهو ضايع ٿي وڃن ها ته مان تنهنجي قوم مان ايترائي ماڻهو وٺان ها!“
حضرت عمر رضه جي شهادت کان پوءِ 644ع مطابق 23 هجري حضرت عثمان خلافت تي ويٺو، جنهن سنڌ ۽ ان جي قريبي ملڪن جي معلومات لاءِ ”حاڪم بن حباله“ کي مقرر ڪيو، جنهن رپورٽ تيار ڪري حضرت عثمان کي ڏني، جنهن ۾ هن واضح لکيو ته سنڌ جا ماڻهو بهادر آهن ۽ اتان جي سامونڊي ٻيڙن جا ملاح دلير بانڪا جوان آهن.
حضرت عثمان رضه جي وقت سنڌي جوان پنهنجي سرحدن جي نگاهه باني لاءِ مقرر ٿيا، جن جو عربن سان چڪريون هلنديون هيون.
حضرت عثمان رضه جي شهادت کان پوءِ حضرت علي 655ع ۾ خلافت جي مسند تي ويٺو، جنهن 37 هجري مطابق 658ع ۾ ثاغر بن ذڪر کي سپهه سالار ڪري سنڌ جي سرحد تي مقرر ڪيو. هي هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري، جنهن ۾ حارث بن مره جهڙو تجربيڪار سپهه سالار به شامل هو. هي لشڪر پوري جنگي ساز و سامان سان ليس هو. هن قلات تي حملو ڪري ان کي فتح ڪيو. بلاذري حارث بن مره کي ثاغر بن ذڪر جي جاءِ تي لکيو آهي: ”سنڌ جو هڪ حصو حضرت علي رضه جي وقت ۾ پهريون دفعو اسلامي حڪومت جو حصو بڻجي ويو.“ بلا ذري فتوح البلدان ۾ لکي ٿو: ”هن فتح ۾ ايترو مال غنيمت هٿ آيو جو رڳو هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار غلام ۽ ٻانهيون لشڪر ۾ ورهايا ويا.“
قلات جو سنڌ کان نڪري وڃڻ کان پوءِ لاڙڪاڻه جي ڏاهرياڻي جبل جي اولهندي پاسي مسلم رياست هئي. هي لشڪر اڃا قلات ۾ هو ته حضرت علي رضه جي شهادت جو واقعو پيش آيو.
حضرت علي رضه جي شهادت کان پوءِ خلافت راشده جو دؤر ختم ٿيو ۽ امير معاويه 661ع ۾ خلافت جي مسند تي ويهي بني اميه خاندان جو پايو وڌو. امير معاويه 664ع مطابق 44 هجري ۾ عبدالله بن سوار عبدي کي سنڌ جي فتح ڪيل علائقن جو گورنر مقرر ڪري چار هزار سپاهين سان قلات ڏانهن روانو ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ويو ته سنڌي وڏا بهادر ۽ سرڪش آهن، جنهن ڪري احتياط ڪيو وڃي. قلات جي مقامي ماڻهن ڌارئي اقتدار کي قبول ڪونه ڪيو ۽ جبلن جا گھاٽ جھلي، عرب لشڪر سان وڙهندا رهيا.
امير معاويه عبدالله بن عامر کي 661ع مطابق 41 هجري ۾ بصري جو گورنر مقرر ڪيو، جنهن 663ع مطقبق 43 هجري ۾ عبد الرحمان بن سمره کي سيستان جو گورنر مقرر ڪيو. جنهن سيستان جي بغاوتن کي ختم ڪري ڪابل کي فتح ڪيو. ان جي فوج ۾ مهلب بن ابي صفره نالي هڪ سردار هو، جنهن 664ع مطابق 44 هجري ۾ هيڪر وري فوج وٺي سنڌ جي سرحد ۾ داخل ٿيو.
امير معاويه جي وفات کان پوءِ سندس پٽ يزيد تخت تي ويٺو، جنهن ٽي سال اٺ مهينه حڪومت ڪئي ۽ فوت ٿي ويو. ان کان پوءِ سندس پٽ معاويه بن يزيد تخت تي ويٺو، جنهن صرف چاليهه ڏينهن حڪومت ڪئي ۽ مري ويو. معاويه جي مرڻ کان پوءِ مروان خليفو ٿيو، جنهن 585ع مطابق 65هجري ۾ وفات ڪئي. مروان جي مرڻ کان پوءِ عبدالملڪ بن مروان گادي تي ويٺو. هن حجاج بن يوسف کي عراق جو گونر مقرر ڪيو. حجاج سعيد بن اسلم ڪلابي کي سنڌ جي قبضي هيٺ آيل علائقي جو نائب مقرر ڪري موڪليو. هن مڪران پهچي سفهوي بن لا الحمامي کي حڪم ڪيو ته هو جتي به هجي ساڻس رهي. سفهوي انڪار ڪيو، جنهن تي سعيد بن اسلم ڪاوڙ ۾ اچي هن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس کل ۽ سر حجاج ڏي ڏياري موڪليو. هن سنڌين کان زوري ڍل وصول ڪئي.
سعيد جي لشڪر ۾ علافي به شامل هئا. سفهوي سندن علائقي جو هو، هن جي قتل ڪري سخت ناراض هئا. موقعي جي تاڙ وٺي حارث علافي جي پٽن معاويه، محمد ۽ سعيد بن اسلم کي بهرج ۾ قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن اها خبر حجاج کي پئي ته هن علافين جي اڳواڻ سليمان جي سر ڪٽڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.
سعيد کانپوءِ مجاعه بن سعيد تميمي سنڌ جي علائقن جو نائب ٿي آيو. هن کي علافين جي سرڪوبي جو ڪم سونپيو ويو هو، پر هن جي اچڻ کان اڳ سنڌ جي راجا ڏاهر وٽ پناهه وٺي چڪا هئا. جنهن پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي رسم و رواج ۽ ريت کي قائم رکندي سام سمجھي پناهه ڏني.
مجاعه بن سعيد جي وفات کان پوءِ محمد بن هارون نائب ٿي آيو، انهيءَ عرصي ۾ حجاج بن يوسف راجا ڏاهر کان خراج ڏيڻ جي طلب ڪئي جنهن کان راجا ڏاهر جواب ڏنو.
انهن مان صاف واضح ٿو ٿئي ته عربن جون شروعات کان وٺي سنڌ ۾ اکيون کتل هيون. جڏهن ايران هنن جي قبضي ۾ آيو ته انهن جي اڳئين منزل سنڌ هئي. پر هتان جي صحيح حالت انهن کي معلوم ٿي نه پئي سگھي ۽ عرب فوج سنڌين سان ٽڪر کائڻ جي حيثيت ۾ به ڪونه هئي. ڇاڪاڻ ته ان وقت سنڌ نهايت مضبوط ۽ مستحڪم هئي. ڪا به اندروني ڇيڙ ڇاڙ نه هئي. جنهن ڪري سنڌ تي ڪاهه ڏکئي پيئي لڳي.
عرب جڏهن مضبوط ٿيا ۽ سندن اندروني خلفشار ختم ٿيو ته هنن قتيبه بن مسلم کي چين، موسى بن نصير کي اسپين ۽ محمد بن قاسم کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
چچنامي واري جيڪو ان ڪاهه جو فوري سبب لکيو آهي ان مطابق سنڌ جي مير بحرن يا ملاحن سرانديپ جي علائقي يواقيت (قاقوتن جو ٻيٽ) مان ايندڙ مسلمانن کي ڦريو. جڏهن اها خبر حجاج کي پئي ته هن ڏاهر ڏانهن خط لکي انهن جي آزادي ۽ عيوض ڀري ڏيڻ جي گھر ڪئي، جنهن تي راجا جواب ڏنو ته اهي سامونڊي ڦورو اسان جي وس ناهن جنهن ڪري مان مجبور آهيان، اسان جي خيال موجب حملي جو رڳو سبب اهو نه آهي.
حجاج بن يوسف جڏهن سنڌ تي حملي ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو ته تڏهن محمد بن قاسم ايران ۾ هو ۽ ري جي مهم تي وڃڻ وارو هو. حجاج هن کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ لکيو ته هو ان فوج جو انتظار ڪري، جيڪا خشڪي رستي اچي رهي آهي، جنهن ۾ نالي وارا شامي ڇهه هزار جوان ۽ ٻي فوج هزارين اٺ ۽ ٽي هزار ڏاچيون هيون. (کير پيارڻ لاءِ) مطلب ته هر هڪ شيءِ مهيا ڪري ڏني ويئي. ايتري قدر جو سئي سڳي جي به گنجائش نه رکي ويئي. هي لشڪر فوجي ساز و سامان ۽ منجنيقن سان، سامونڊي رستي ديبل ڏانهن روانو ٿيو.
محمد بن قاسم شيراز مان مڪران طرف آيو، جتي اتان جي عرب نائب محمد بن هارون هن جو استقبال ڪيو ۽ ضروري معلومات ڏني. هي مڪران ۾ هڪ مهينو ترسڻ کان پوءِ پنجگور پهتو، جتان لس ٻيلي کي فتح ڪري 712ع مطابق 92 هجري ۾ ديبل پهتو. انهيءَ ڏينهن حجاج جو موڪليل لشڪر ۽ فوجي ساز و سامان به پهتو، جنهن ۾ عروسڪ منجنيق به هئي، جنهن کي پنج سؤ ماڻهو ڇڪيندا هئا. ان جو انچارج جعونه نالي هڪ شامي هو.
جڏهن راجا ڏاهر کي عرب لشڪر جي اچڻ جي خبر پئي ته هن ان جو مڪران ۽ سنڌ جي سرحد وٽ مقابلو ڪرڻ گھريو پئي پر ان جي اميرن کيس صلاح ڏني ته ”ان لشڪر کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳرائي بجاءِ دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. جيڪڏهن هي لشڪر رڳو ڦر لٽ ڪري ٽري ويو ته بهتر آهي نه ته ٻي صورت ۾ ڪا تدبير اختيار ڪبي.
ڏاهر جيسينه کي رني ڪوٽ ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو. عربن ست ڏينهن ديبل کي گھيري ۾ رکيو ۽ اٺين ڏينهن ان تي حملو ڪيو. پر هو ان تي قابض ٿي نه سگھيا. آخر عروسڪ منجنيق جو سهارو وٺي ديبل تي پٿر وسائي ان کي فتح ڪيو ويو. بلاذري فوتح البلدان ۾ ديبل جي فتح متعلق لکيو آهي ته: ” ديبل مسلمانن طاقت جي زور تي فتح ڪيو، فوجي سپاهين کي قتل ڪيو ويو، اهو سلسلو ٽن ڏينهن تائين جاري رهيو، ڏاهر جو نائب ڀڄي ويو. ٻڌ جا پوڄاري ۽ ڀڪشو قتل ڪيا ويا. محمد پيمائش ڪرائي، زمين حصن ۾ ورهائي مسلمانن کي ڏني وئي. مسجد ٺهارائي ، اتي چار هزار مسلمانن کي آباد ڪيو ويو.“ اهڙيءَ طرح احمد بن ابي يعقوب تاريخ يعقوبيءَ ۾ لکيو آهي: ” ديبل کي بزور قوت فتح ڪيو ۽ جانبازن کي قتل ڪيو ويو ۽ جنهن مندر جي پوڄا ڪندا هئا ان م ست سئو خانه هئا، جن مان ڪيترو ئي مال مليو.“
چچ نامو جنهن ۾ سنڌ جي عربن هٿان فتح جو تفصيلي احوال لکيل اهي تنهن ۾ ديبل جي مفتوح ٿيڻ کان پوءِ جي صورتحال بابت هيٺيون نقشو چٽيو ويو آهي: ” پوءِ محمد بن قاسم بتخاني ۾ آيو، ڪن ماڻهن بتخاني ۾ پناهه ورتي هئي ۽ در بند ڪري پاڻ کي سارڻ چاهيائون ٿي، در تي جيڪي ماڻهو هئا تن کي ٻاهر ڪڍي قتل ڪيائون. ست سئو سهڻون ٻانهيون جيڪي بت جي خدمت ۾ رهنديون هيون، تن سڀني کي جڙا دار زيور ۽ زرين لباس سميت گرفتار ڪيائون.“
تاريخ سنڌ عرب دؤر ۾ مرحوم ممتاز حسين پٺاڻ لکي ٿو ته: ”ديبل جي قلعي کي زبردستي فتح ڪيو ويو ۽ اتي جي ماڻهن کي تلوار جو کاڄ بڻايو ويو. امن امان لاءِ منٿ ڪندي به امان نه ڏني وئي، ايتري قدر جو مذهبي رهنما ۽ درويش جي جنگ ڪرڻ کان غير واقف هئا، تن کي به نه بخشيو ويو ۽ نهايت بيدرديءَ سان انهن کي به قتل ڪيو ويو.“
محمد بن قاسم سنڌين جو ڪوس، حجاج جي فرمان موجب ڪري رهيو هو، چچ نامي ۾ ڏنل خط موجب: ”سنڌ جو ڪو به ماڻهو جيڪڏهن امان گهري ته کيس امان ڏجو پر ديبل جي ماڻهن کي ڪنهن به صورت ۾ پناهه نه ڏني وڃي.“
انهيءَ فرمان مان اهو واضع ٿئي ٿو ته حجاج سنڌين کي ڪيئن مغلوب ڪرڻ پئي چاهيو ۽ تاثر پيدا ڪرڻ گهريو ته عرب سنڌ وارن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندا. انهيءَ خوف ۽ حراس جو سبب رڳو اهو هو ته کين خبر هئي ته سنڌي هر حال ۽ هر صورت ۾ ساڻن مهاڏو اٽڪائيندا ۽ پنهنجي سرزمين جو بچاءُ ڪندا. انهيءَ ڪري اهو ضروري هو ته اهڙو ڏهڪاءُ پيدا ڪيو وڃي جيئن سنڌين تي دهشت ۽ رعب ويهجي وڃي. تاريخ سنڌ ۾ مولانا ابو ظفر ندوي لکي ٿو ته: ”سنڌي سپاهي جيئن ته هار کائي چُڪا هئا پر پوءِ به جتي جتي موجود هئا اهي پنهنجي وطن تان جان قربان ڪرڻ ۾ دريغ نه پيا ڪن.“
چچ نامي واري اهو به لکيو آهي ته: ”محمد بن قاسم ديبل جي حاڪم جون ٻه ڌيئرون ٻانهيون بنائي حجاج جي خدمت ۾ موڪليون.“
جڏهن راجا ڏاهر کي ديبل جي هن دردناڪ واقعي جي خبر پئي ته هن رني ڪوٽ جي نائب جيسينه کي حڪم ڏنو ته هو برهمڻ آباد جي قلعي ۾ پهچي ۽ رني ڪوٽ جو قلعو شمني جي حوالي ڪري ۽ کيس مضبوط رهڻ جي تلقين ڪئي، جنهن تي هن کي ڀروسو هو.
محمد بن قاسم ديبل (ڪراچي) ۾ قيام ڪرڻ کانپوءِ رني ڪوٽ ڏانهن فوج کي پيش قدمي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جيئن لشڪر رني ڪوٽ پهتو ته قلعي وارا مورچا سنڀالي ويهي رهيا. شمني جنهن کي راجا ڏاهر اعتماد ڪندي نائب مقرر ڪيو هو، تنهن عربن سان ساز باز ڪري سنڌين سان غداري ڪئي ۽ عرب لشڪر سان ٺاهه ڪري رني ڪوٽ انهن جي حوالي ڪيو. شمني، سنڌي جرنيلن مان پهريون غدار هو.
رني ڪوٽ جي هٿ ڪرڻ کان پوءِ سيوهڻ طرف عرب لشڪر روانو ٿيو، جڏهن هي واٽ تي ئي هئا ته شمني جي ساٿي ٻڌ مذهب جي پروهتن عربن سان وفاداريءَ جو دم ڀريو پر سيوهڻ جو حاڪم بجهراءِ ستن ڏينهن تائين انهن جو مقابلو ڪندو رهيو، تانجو لاڙڪاڻي طرف ڀڇي ويو. انهيءَ عرصي ۾ محمد بن قاسم هوشياريءَ کان ڪم وٺي زرعي اصلاحات جو اعلان ڪيو ۽ زمين جي ملڪيت تي برهمڻن بجاءِ ان جي کيڙيندڙ طبقي شُودرن کي ان جي مالڪي ڏني. جنهن تي محمد بن قاسم جي لاءِ مقامي ماڻهن ۾ ڪنهن حد تائين همدردي به پيدا ٿيڻ لڳي ۽ ان جي طاقت ۾ اضافو ٿيو.
مولانا ابو ظفر ندوي تاريخ سنڌ ۾ لکيو آهي: ” سيوهڻ جي شهرين کي امن ڏيڻ کان پوءِ به فوجن وٽان جيڪو لٽيل مال مليو اهو به گهٽ ڪو نه هو.“ چچ نامي جي بيان مطابق ته: ”جتي به سون ۽ چاندي ڏٺائين (محمد بن قاسم) اها پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين.“
محمد بن قاسم مقرر ڪيل دستور موجب هٿ ڪيل ملڪيت جو مقرر حصو فوجن ۾ ورهايو ۽ پنجون حصو حجاج جي خزاني ۾ جمع ڪرايو.
محمد بن قاسم سيوهڻ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ بجهراءِ جو پيڇو ڪرڻ جو ارادو ڪري سيسم جي قلعي تي حملو ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڪوچ ڪيو ۽ ڪنڀ (سنڌو درياءَ جو وهڪرو جيڪو ڪشمور کان مٿان نڪري اولهندي پاسي وٽ سيوهڻ وٽ سنڌو سان ملندو هو. هن مان حمل ۽ ڪاڇڙي ڍنڍون وجود ۾ آيون. هي وهڪرو ۽ ڍنڍون وارهه تعلقي ۾ آهن.) جي ڪناري بندهان وٽ آيو، جتي ملاح ماڇي ۽ چنه قبيلي جي ماڻهن، شمني جي چوڻ تي اطاعت قبول ڪئي. شمني ڀيمڻ جي معرفت سيسم جي اڳواڻ ۽ لاڙڪاڻه جي گورنر ڪاڪوپٽ ڪوتل کي پنهنجي اعتماد ۾ ورتو، جنهن اچي محمد بن قاسم سان ساز باز ڪئي ۽ سنڌين جي خلاف هلايل مهم ۾ شريڪ ٿيو. هن سيسم جي قلعي کي گھيري ۾ آندو. ٻن ڏينهن جي جنگ کان پوءِ بجهراءِ ۽ سندس ساٿي قلعو خالي ڪري سالوج (جھل طرف) ۽ گنداوا جي وچ واري قلعي بهطلور ڏانهن هليا ويا، جتي بزدل ٿي محمد بن قاسم کان امان گھري واعدن ۽ اقرارن کان پوءِ امان ملي. اهڙي طرح محمد بن قاسم لاڙڪاڻه پرڳڻي کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي درياءِ سنڌ جي اولهندي ڪناري تي قبضو ڪري ورتو. محمد بن قاسم ڪاڪي پٽ ڪوتل کي انعام ۾ ساڳيو علائقو ڍل جي عيوض ڏيئي عبدالملڪ پٽ قيس الدمي کي پنهنجي طرفان نائب مقرر ڪيو.
محمد بن قاسم کي سيوهڻ ۾ حڪم مليو ته هو رني ڪوٽ پهچي ڏاهر سان جنگ ڪرڻ جي تياري ڪري. هو حڪم موجب رني ڪوٽ کان اشبهار پهتو، شهري ۽ فوجي قلعي بند ٿي ويهي رهيا. سنهيون ٿلهيون چڪريون هلنديون رهيون. ستن ڏينهن کان پوءِ اشبهار جو قلعو محمد بن قاسم هٿ ڪيو، ان کان پوءِ ٻيٽ جي حاڪم جاهين سان مقابلو ٿيو.
جڏهن راجا ڏاهر کي انهن واقعن جي خبر پئي ته هن وجور ته پرڳڻو موڪي پٽ وسايو کي ڏنو ۽ تاڪيد ڪيو ته عرب لشڪر سان منهن سامهون ٿئي پر هن راجا ڏاهر سان غدار ڪئي ۽ محمد بن قاسم کي خط لکي اٽڪل سان پاڻ کي گرفتار ڪرايو ۽ عرب لشڪر جو ساٿ ڏنو. پنهنجي گورنرن جي غداري کي ڏسندي راجا ڏاهر عرب لشڪر جي مقابلي لاءِ پنهنجو لشڪر موڪليو ۽ پاڻ درياءَ ٽپڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو. عرب ۽ سنڌ جي لشڪر وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، جنهن ۾ عربن کي فتح حاصل ٿي.
راجا ڏاهر هي حال ڏسي پاڻ ميدان جنگ ۾ ڪاهي پيو. هن جاهين کي حڪم ڏنو ته هو ٻيٽ جي لنگھه جي نظر داري ڪري، ٻي طرف سيوهڻ جي اڳوڻي حاڪم چندرام هاله عربن خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو، جنهن ڪري محمد بن قاسم محمد پٽ مصعب کي هڪ هزار سوار ۽ ٻه هزار پيادا فوجي ساڻ ڏيئي سيوهڻ طرف روانو ڪيو، جنهن چندرام کي ڀڄايو. هو جهم ڏانهن هليو ويو. سيوهڻ جي قلعي وارن عربن جي طرفداري ڪري چندرام کي قلعي ۾ پناهه ڪونه ڏني هئي.
راجا ڏاهر پنهنجي پٽ جيسينه کي ٻيٽ جي قلعي ڏانهن موڪليو، جيئن محمد بن قاسم سان مقابلو ڪري سگھي. هي جنگي ساز و سامان ۽ ضروري شين سان ڪوتڪه ندي جي رستي ڪناري تي پهتو. محمد بن قاسم به جهيم ۽ ڪرهل جي علائقن ۾ اچي پڙاءُ ڪيو، بقول چچ نامو اتي پنجاهه ڏينهن ترسڻو پيس، نيٺ اناج ۽ گاهه گهٽجڻ لڳو. اناج جي کوٽ ڪري لشڪر پريشان رهڻ لڳو. گھوڙا بيمار ٿي پيا. موڪي پٽ وسائي عربن جو ساٿ ڏيندي اناج جي کوٽ پوري ڪئي.
حجاج بن يوسف محمد بن قاسم کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪري حڪم ڏنو ته هي درياءُ سنڌ ٽپي راجا ڏاهر جي ٻين علائقن کي هٿ ڪري . محمد بن قاسم سلمان بن نبهان قريشي کي ڇهه سو سوار ساڻ ڏيئي اگهم جي رستي جي نگهباني لاءِ مقرر ڪيو. هن رني ڪوٽ جي حاڪم شمني کي چيو ته هو لشڪر لاءِ ضروري سامان مهيا ڪرڻ جو بندوبست ڪري. هن لشڪر جي مهڙ ۾ دستي جي چڪاس ۽ جاسوسي لاءِ محمد پٽ معصب کي مقرر ڪيو، انهيءَ دوران ذڪوان بن علوان البڪري پندرهن (1500) سئو سوارن سان اچي پهتو.
محمد بن قاسم موڪي کي حڪم ڪيو ته هو ٻيڙين جو بندوبست ڪري، جڏهن ٻيڙيون ملي ويون ته هنن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي، رٿيل جاءِ وٽان انهن کي دريا جي لهرن حوالي ڪيو. جيڪي وڃي اوڀرندي ڪناري تي لڳيون. وسايو ۽ ان جي پٽ راسل رستو روڪيو پر عرب لشڪر تير وسائيندو پار ٿي ويو. عرب لشڪر جي هڪ سپهه سلالر محرز بن ثابت قيسي ٻه هزار (2000) سپاهين سان ان ڍنڍ وٽ، سنڌي لشڪر جي سامهون پڙاءُ ڪيو، جيڪو سنڌي ۽ عرب لشڪر درميان هئي. ٻيو سپهه سالار محمد زياد العبدي هڪ هزار (1000) سوارن سان ڍنڍ جي ٻين ڪنارن جي نظر داري ڪرڻ تي مقرر ٿيل هو. راجا ڏاهر جيسينه هٿان هڪ دستو عرب لشڪر جي سامهون ٿيڻ لاءِ موڪليو، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڇتي ويڙهه ٿي. عربن جيسينه جو گھيرو ڪيو پر ان جي هاٿي گھيري کي ٽوڙي کيس صحيح سلامت پيءُ وٽ پهچايو. موڪي پٽ وسائي محمد بن قاسم کي راضي ڪيو ته هو سندس ڀاءُ راسل کي معافي ڏئي، هو ڀاءُ وانگر چال کيڏي پنهنجي پاڻ کي گرفتار ڪرايو.
راجا ڏاهر ڏهه هزار سوار ٽي هزار پيادا سپاهين ۽ سئو جنگي هاٿين سان ميدان جنگ ۾ آيو. هوڏانهن محمد بن قسم ٻارهن هزار عرب سپاهين، سنڌي باغي سپاهين، انهن جا ٽولا ۽ فوج (جن جو تعداد اٽڪ ٽيهه هزار) ۽ نو سئو تير اندازن سان ميدان جنگ ۾ پهتو. ٻئي ڏينهن عربن ۽ سنڌين جي درميان ڇتي ويڙهه ٿي. ٽئين ڏينهن سنڌي لشڪر جاهين جي سپهه سالاري ۾ ميدان جنگ ۾ آيو. خون ريز لڙائي لڳي ۽ هار جيت کان سواءِ ختم ٿي ويئي. هن جنگ ۾ جاهين وطن تان قربان ٿي ويو.
چچ نامي موجب: ”چوٿين ڏينهن بروز خميس 712ع مطابق 9 رمضان 93 هجري تي عرب لشڪر ۽ سنڌي لشڪر جو سخت مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌين کي سوڀ ٿي ۽ عرب سپهه سالار محرز بن ثابت الدمشقي مري ويو.“
10 رمضان 93 هجري مطابق 712ع تي سنڌي جوڌن ۽ عرب لشڪر درميان فيصله ڪن لڙائي ٿي، جنهن ۾ راجا ڏاهر پالڪي ۾ چڙهي پاڻ ميدان جنگ ۾ آيو. عرب لشڪر پنجن حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ ٽولن ٽولن جي جنگ کان پوءِ ڇتي ويڙهه ٿي، جنهن ۾ راجا ڏاهر حصو ورتو ۽ سنڌي لشڪر سان قدم به قدم وڙهيو، جنهن ڪري لشڪر ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ٿيو، جنهن ڪري عربن جو ڪافي نقصان ٿيو. محمد بن قاسم به پنهنجي فوج جا حوصله بلند ڪندو رهيو. چچ نامي مطابق: ” فاتح سنڌ ايترو پريشان هو جو هن پاڻي پيئڻ بدران پاڻي کارايو چيو.“
محمد بن قاسم جو ڏٺو ته سنڌي لشڪر راجا ڏاهر جي سربراهي ۾ وڙهي رهيو آهي. هن سنڌي راجا کي ختم ڪرڻ لاءِ شجاع حبشي کي مقرر ڪيو. جيئن هو ان کي ختم ڪري،. جڏهن هو ان نيت سان راجا ڏاهر جي قريب آيو ته راجا ڏاهر کيس قتل ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ چچ نامي مطابق: ” محمد بن قاسم پنهنجن ساٿين کي سڌي متحد ڪندو رهيو.“
ان کان پوءِ محمد بن قاسم جي حڪم تي ٻرندڙ تير راجا ڏاهر لاءِ اڇلايا ويا، جنهن ڪري شاهي هاٿي جي پالڪي کي باهه لڳي . راجا ڏاهر انهيءَ صورت ۾ ميدان ۾ پيادو ڪاهي پيو ۽ جوان مردي سان وڙهندو رهيو تان جو محمد بن قاسم جي هڪ سپاهي تلوار هڻي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪيو. راجا ڏاهر جي قرباني کان پوءِ سنڌي فوج هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. بلا ذري فتوح البلوان ۾ لکيو آهي ته: ”مسلمانن جيئن چاهيو ائين قتل ڪيو. جڏهن راوڙ ۾ راجا ڏاهر جي مارجڻ جي خبر پئي ته سندس ڀيڻ مايين (ٻائي) چچ نامي جي مطابق عورتن ۽ زالن کي صلاح ڏني ته عربن جي هٿ لڳڻ کان بهتر آهي ته پاڻ کي ڇکيا تي چاڙهي عزت ۽ ناموس بچايون. جنهن کان پوءِ انهن پاڻ کي ساڙي ڇڏيو. سنڌي عورتن جي ان غيرت منديءَ واري عمل کي بهادري نه چونداسين ته ٻيو ڇا چئون، جن غلام ٻانهيون ٿي وڪرو ٿيڻ بجاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي. بلا ذري به ان جي تصديق ڪئي آهي. بقول چچ نامي: ”محمد بن قاسم قلعو (راوڙ) پنهنجي قبضي ۾ آڻي، ٽي ڏينهن اتي رهيو ۽ انهن ڇهه هزار جنگي مردن کي ماريائين جيڪي قلعي ۾ هئا ۽ ڪن کي تيرن جو نشانو ڪيائون، تنهن کان پوءِ جيڪي ٻيا تابعدار ۽ لاڳاپيل جهڙوڪ زالون ۽ ٻار رهيا تن کي قيد ڪيو.“ چچ نامو انهن جو تعداد لکي ٿو جنهن موجب ٽيهه هزار (30000) ٻانها هٿ آيا هئا جن مان ٽيهه (30) راجائن جون ڌيئرون هيون، جن ۾ راجا ڏاهر جي ڀاڻيجي ”سهڻي عرف حسنه“ به هئي جن کي حجاج بن يوسف ڏانهن اُماڻيو ويو. حُجاج بن يوسف سهڻي کي خليفي وليد بن عبدالمالڪ ڏانهن سنڌ جي سُوکڙي طور پيش ڪيو، جنهن سان وليد پاڻ شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو پر عبدالله بن عباس جي گذارش تي اها ان جي حوالي ڪئي وئي.
انهيءَ دوران راجا ڏاهر جو پٽ جيسينه راوڙ جي قلعي مان نڪري برهمڻ اباد ڏانهن هليو ويو. لڙائي جون تياريون ڪرڻ لڳو. محمد بن قاسم ان سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي ٻه قلعا هئا. هڪ بهرور ۽ ٻيو دهليله. قلعي ۾ سورنهن هزار فوجي سپاهي هئا. انهن عربن جو سخت مقابلو ڪيو، جنهن ڪري ٻه مهينا محمد بن قاسم کي اتي ترسڻو پيو ۽ قلعي کي فتح ڪرڻو پيو. هن قلعي مان واپاري ۽ شهري راتو واهه قلعي جي ٻئي دروازي کان هندستان طرف هليا ويا. دهليله ۾ نوبه بن هارون کي نائب مقرر ڪيو ويو.
دهليله کان برهمڻ آباد ٽيهه ميل پري هو. جڏهن عرب لشڪر برهمڻ آباد کي گھيري ۾ آندو ته ان وقت جيسينه جيسلمير ويل هو. عربن ٺاهه ڪرڻ جي پيش ڪش ڪئي جنهن کي جيسينه جي نائب ٺڪرايو، جنهن ڪري عرب لشڪر وقفي وقفي سان برهمڻ آباد جي قلعي تي حملا ڪندو رهيو. جڏهن اها خبر جيسينه کي پئي ته هو برهمڻ اباد آيو ۽ عربن جي رسد کي ڪٽي ڇڏيو جنهن ڪري عرب پريشان ٿي ويا. آخر موڪي پٽ وسائي مقامي وفادار سنڌين جي جٿي سان سنڌين تي حملو ڪيو، جنهن ڪري جيسينه هتان هليو ويو. برهمڻ آباد جا واپاري تنگ ٿي پيا، انهن محمد بن قاسم سان ساز باز ڪري قلعي جا دروازا کولرايا. هيءَ لڙائي ڇهه مهينا هلي. برهمڻ آباد کي هٿ ڪرڻ کان پوءِ محمد بن قاسم اروڙ پهتو، هن ڀاٽيه جي قلعي جي حاڪم سان ٺاهه ڪري اسڪلنده تي حملو ڪيو. ستن ڏينهن جي سانده مقابلي کان پوءِ اسڪنده جو حاڪم ”سهرا“ فرار ٿي ويو ۽ شهرين امن گھريو. بعد ۾ محمد بن قاسم ملتان طرف ڪوچ ڪيو، جتي راجا ڏاهر جو ڀائٽيو ڪورسينه حاڪم هو. هن ٻه مهينا عرب لشڪر جو مقابلو جاري رکيو، ڪورسينه لاچار ٿي ملتان مان ڪشمير ڏانهن هليو ويو. ان کان پوءِ به قلعي وارن مقابلو جاري رکيو پر جيئن ته سنڌ جي آزاديءَ جو دؤر شروع ٿي ويو هو، جنهن ڪري محمد بن قاسم ملتان کي فتح ڪري ورتو. فتوح البلدان ۾ احمد بن يحيٰ جا برا الشهيد البلاذري سنڌ مان هٿ آيل دوتل متعلق لکي ٿو: ”حجاج جڏهن سنڌ جي مهم تي آيل خرچ جو حساب ڪيو ته کيس معلوم ٿيو ته هن ڇهه ڪروڙ (ان وقت جي سڪي موجب) خرچ ڪيا ۽ سنڌ مان هٿ آيل دولت جو انگ ٻارنهن (12) ڪروڙ هو.“ جيڪو محمد بن قاسم پنجي حصي طور ان جي خزاني ۾ جمع ڪرائيندو هو. حُجاج بن يوسف چيو ته: ”اسان پنهنجي خون جو بدلو به ورتو جيڪو ڪجهه خرچ ڪيو ان کان سواءِ وڌيڪ ڇهه ڪروڙ به مليا ۽ ڏاهر جو سر به مليو.“
مطلب ته محمد بن قاسم سنڌ مان ان وقت جي سڪي مطابق سٺ (60) ڪروڙ رپيا حاصل ڪيا ان کان سواءِ هزارين ٻانها ۽ ٻانهيون جيڪي تمام گهٽ رقم تي عراق جي بازار ۾ وڪيا ويا پڻ هٿ ڪيا.

[b]محمد بن قاسم ۽ سليمان عبدالمالڪ
[/b]حجاج جي وفات کان اٺ مهينا پوءِ وليد بن عبدالمالڪ جماد الثاني 96 هجري مطابق 715-1714 ع ۾ وفات ڪئي. خليفي وليد وفات کان اڳ حڪم جاري ڪيو هو ته فوجون پنهنجا قدم اڳتي نه وڌائين. وليد چاهيو پئي ته پنهنجي ڀاءُ سليمان بن عبدالمالڪ کي ولي عهد تان هٽائي پنهنجي پٽ عبدالعزيز کي ولي عهد بڻايان. هن صلاح ۾ حجاج بن يوسف ۽ ان جا سڀ نائب شريڪ هئا پر هو اڃا ائين نه ڪري سگھيو هو ته وفات ڪري ويو. سليمان بن عبدالمالڪ خليفو ٿيو، هن وليد ۽ حجاج جي سياست کي ترڪ ڪيو.
سليمان بن عبد الملڪ کي خبر هئي ته حجاج بن يوسف سندس مخالف هو، جنهن ڪري هن حجاج جي مقرر ڪيل نائبن کي قتل ڪيو ۽ ڪن کي لاٿو. اهڙي نموني محمد بن قاسم حجاج جي قريبي مائٽ هئڻ ڪري انتقام جو نشانو بڻيو.
سليمان بن عبدالمالڪ اوڀر وارن ملڪن جو گورنر يزيد بن مهلب کي مقرر ڪيو، جنهن جي حجاج ۽ ان جي خاندان سان دشمني هئي. هن صالح بن عبدالرحمان خارجي کي خزاني جو سربراهه مقرر ڪيو ۽ حجاج خارجين کي نست و نابود ڪري ڇڏيو هو ۽ هزارين خارجي سندس حڪم تي قتل ٿيا هئا ۽ انهن ۾ صالح خارجي جو ڀاءُ آدم خارجي به هو. هن پنهنجي ڀاءُ ٻين خارجين بدلو وٺڻ جو عزم ڪيو. جنهن جو نشانو ٻين سان گڏ محمد بن قاسم به ٿيو. سليمان بن عبدالمالڪ محمد بن قاسم کي سنڌ جي نائبي تان لاهي يزيد ابي ڪبشته سڪسي کي مقرر ڪري سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. هن سان معاويه بن مهلب به هو، جنهن کي محمد بن قاسم کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم مليل هو. يزيد بن ابي ڪبشته سڪسي سنڌ پهچي محمد بن قاسم کي گرفتار ڪري عراق موڪليو. صالح بن عبدالرحمان محمد بن قاسم کي آل عقيل جي حوالي ڪيو، جنهن کيس واسطه جي قيد خاني ۾ وجھي طرحين طرحين جا عذاب ڏنا. هن کي روز ماريو ويندو هو، تانجو عذابن ۽ مارن جي ڪري قيد خاني ۾ فوت ٿي ويو.

عربن ۽ سنڌين جي ويڙهه

10 رمضان 93 هجري 712ع تي راوڙ جي ميدان ۾ عرب سپه سالار محمد بن قاسم ۽ سنڌ جي بادشاهه مهاراجا ڏاهر درميان فيصله ڪن جنگ لڳي، جنهن ۾ مها راجا ڏاهر تاريخ ۾ امر ٿي ويو ۽ سنڌ عربن جي ماتحت ٿي ويئي.
محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ دين اسلام، جنهن کان سنڌي اڳ ۾ ئي واقف هئا، ۽ کين چڱي طرح ڄاڻ هئي، تن اسلام قبول ڪيو. اهڙي طرح سنڌ ننڍي کنڊ لاءِ باب الاسلام بڻجي ويو. عالم دين، بزرگ، پير، فقير ۽ اولياءِ اڪرام لڳاتار سنڌ ۾ ايندا رهيا، جن جي تبليغ ۽ سندن ڪردار ڪري هتان جا باشندا اسلام قبول ڪندا رهيا ۽ پڪا مسلمان ٿي ويا ۽ سنڌ وارن جو اڳيون مذهب يعني، ٻڌ مذهب ۽ هندو مذهب وڃي نالي ماتر رهيو. هاڻي ته جيڪي هندو وڃي باقي بچيا آهن، تن سنڌ ۾ ٿيندڙ بدامني، اغوا، ڦرلٽ ۽ عقوبتن کان تنگ ٿي، پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ڏيساور وڃي آباد ٿي رهيا آهن.
حجاج بن يوسف جنهن سنڌ کي حاصل ڪرڻ لاءِ وليد بن عبدالمالڪ کان اجازت ورتي هئي، تنهن جي وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ سليمان بن عبدالمالڪ خلافت تي ويٺو، جيڪو حجاج بن يوسف تي ڪاوڙيل هو. جنهن ڪري هن ان جي مائٽن کي ذليل ڪيو ۽ کين انتقام جو نشانو بڻايو. جنهن جي نفرت جي باهه ۾ محمد بن قاسم به سڙي ويو.
سليمان بن عبدالمالڪ، يزيد بن مهلب کي اوڀر ملڪن جو گورنر مقرر ڪيو، جنهن جي خارجي ۽ سندس خاندان سان پڻ دشمني هئي. هن صالح بن عبدالرحمان خارجي کي وزير مقرر ڪيو، حجاج پنهنجي زماني ۾ هزارين خارجي مارائي ڇڏيا هئا ۽ کين ذليل و خور ڪيو هو تن ۾ خارجي جو ڀاءُ به هو، جنهن ڪري انهيءَ جو به حجاج ڏي پلاند رهيل هو.
مطلب ته حجاج بن يوسف جي ظلمن کان پنهنجا توڙي پراوا آجا نه هئا. مشهور مسلمان تاريخ نويس المسعودي پنهنجي تصنيف ”التنبه والاشراف“ ۾ لکيو آهي ته ”حجاج جي حملن ۽ لڙائين ۾ جيڪي ماڻهو قتل ٿيا، اهي لڳ پر جن کي حجاج پڪڙي قتل ڪيو، فقط انهن جو تعداد هڪ لک ويهه هزار هو. هن جي مرڻ وقت سندس قيد خخاني ۾ پنجاهه هزار مرد ۽ ٽيهه هزار عورتون قيد هيون. ان جو انهن سان رويو اهڙو ظالمانه هو جو کين سردي ۽ گرمي جو لباس به نه ڏنو ويندو هو ۽ کين پيئڻ واري پاڻيءَ ۾ مٽي ملائي پياريو ويندو هو.
محمد بن قاسم جي سنڌ مان واپسي کان پوءِ هڪ خال پيدا ٿي پيو ۽ خود محمد بن قاسم سان ٿيل زيادتين کي ڏسي سنڌي سمجھي ويا ته هاڻي اقتدار جي رسه ڪشي هلي رهي آهي تنهن ڪري انهن مها راجا ڏاهر جي پٽ جيسينه جي قيادت ۾ سنڌ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ پهرين بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو ۽ برهمڻ آباد کي آزاد ڪرائي ورتو. اهڙي طرح عرب حاڪميت جي نائب عامر بن عبدالله جي وفا ت کان پوءِ سنڌ جي مقامي حڪمرانن خود مختياري جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن کي مسلمان تاريخ نويس بغاوت سڏين ٿا. تاريخ هميشه حڪمران ۽ حاڪم کي ساراهيو آهي ۽ انهن جي طرفدار رهي آهي، سندن ڪرتوتن کي ڪارنامه لکي حقيقت کان مُنهن موڙيو آهي، اهڙي طرح سان تاريخ به سنڌ ۽ سنڌين سان منصفانه طور نه نڀايو آهي انهيءَ عمل ڪري اهڙيون حقيقتون سامهون آيو آهن جيڪي اسان جون بهادري، غيرت، همٿ ۽ وطن پرستي جون لازوال داستانون آهن، سنڌ جي اها تاريخ ۽ ماضي رهيو آهي ته انهن شروعات ۾ ڌارين سان سٺو ورتاءُ اختيار ڪيو پر جڏهن هو ليڪو لتاڙي ڳچيءَ ۾ پئجي ويا ته هو خاموش ۽ بزدل ٿي ويهي نه رهيا.
ان اڀار کي ڪچلڻ لاءِ حبيب بن مهلب کي هڪ لشڪر ساڻ ڏيئي کين زير ڪرڻ لاءِ سنڌ روانو ڪيو ويو، جنهن اروڙ ۽ موجوده لاڙڪاڻي جي آس پاس وارن مزاحمتي تحريڪن کي ته ڪچليو پر باقي سنڌ ۾ مزاحمت جاري رهي.
انهيءَ دوران 20 صفر 99 هجري مطابق 718 – 717 ع تي اموي خليفو سليمان بن عبدالمالڪ فوت ٿي ويو ۽ عمر بن عبدالعزيز خلات جي مسند تي ويٺو. هن کي معلوم هو ته سنڌين آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو ڪڏهن به تلوار ۽ ڏاڍ جي زور تي عربن جي آڻ نه مڃيندا. هن سنڌ وارن جي جذبات کي ٺارڻ لاءِ پهريان حبيب بن مهلب کي سنڌي مسلمانن سان ڏاڍ ۽ ظلم ڪرڻ جي الزام هيٺ لاهي قيد ڪيو.
هن سمجھيو پئي ته جيڪڏهن ڪنهن نموني سنڌ وارا راضي ٿي ويا ته هو سڪون ۽ آرام سان حڪومت ڪندو. جيڪڏهن انهن جون مزاحمتي تحريڪون جاري رهيون ته هڪ ڏينهن اموي خلافت اچي پٽ تي پوندي، تنهن ڪري هن سنڌين سان مسلمان ڀائپي وارو هٿ وڌايو ۽ سنڌي حاڪمن ڏانهن لکي اماڻيو ته: ”جيڪڏهن اوهان اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيندا ته اوهان جون رياستون بدستور قائم رهنديون، توهان سان ڪا به اسان جي طرفان مداخلت نه ڪئي ويندي، توهان جا اهي حقوق هوندا جيڪي مسلمان جا آهن ۽ اهي فرض هوندا جيڪي مسلمانن تي عائد هوندا.“
هي خط کڻي عمرو بن مسلم بابلي سنڌين وٽ پهتو. سڀ کان پهريائين مهاراجا ڏاهر جو پٽ جنهن سنڌ ۾ پهريان بغاوت بلند ڪئي هئي، تنهن دين اسلام کي قبول ڪري مسلمان ٿيو، ان بعد سنڌ جي ٻيا حاڪم ۽ سنڌي عوام دين اسلام ۾ شامل ٿي ويو. اهڙي طرح عرب حاڪمن جو جيڪو ڪم تلوار نه ڪري سگھي هئي، تنهن ڪاغذ جي ٽڪري ڪري ڏيکاريو. هون به سنڌي محبت جا ماريل آهن، انهن هميشه غاصب سان مهاڏو اٽڪايو آهي، مهمان جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ سندن نصب العين رهيو آهي.
عمر بن عبدالعزيز جي وفات کان پوءِ 101 هجري مطابق 20 – 719ع ۾ يزيد بن عبدالمالڪ خليفو ٿيو، تنهن کان پوءِ هشام بن عبدالمالڪ 105 هجري مطابق 24 – 723ع ۾ خلافت تي ويٺو، جنهن جنيد بن عبدالرحمان کي سنڌ جو نائب مقرر ڪيو.
هن سنڌ وارن سان عمر بن عبدالعزيز جي ڪيل واعدي جي خلاف ورزي ڪئي ۽ جيسينه جي حڪومت کي ختم ڪرڻ چاهيو ۽ ختلف بهانا ڪرڻ لڳو، جيسينه سندس ارادن کي تاڙي ويو ۽ کيس غلط قدم کڻڻ کان روڪيو ۽ کيس معاهدي تي عمل ڪرڻ لاءِ چيو. سنڌ جي مسلمانن ۽ عرب مسلمانن جي وچ ۾ جيڪو يگانت ۽ ڀائپي جو بنياد عمر بن عبدالعزيز وڌو هو، تنهن ۾ ڏار وجھڻ لاءِ سندس وطني ماڻهو اڳڀرائي ڪئي ۽ سنڌ جيڪا اٽڪل ڇهن سالن کان امن ۽ ڀائيچاري سان رهندي پئي آئي، تنهن قتل و غارت ۽ بربادي ڏانهن ڌڪيليندي جنيد جيسينه تي حملو ڪيو ۽ کيس گرفتار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
سنڌي مسلمان سان عرب مسلمان جي ناجائزي ۽ سنڌ جي امن کي برباد ڪرڻ جي دانهن ڏيڻ لاءِ سندس ڀاءُ چچ پٽ ڏاهر جيڪو پڻ مسلمان ٿي چڪو هو، فريادي بڻجي دمشق روانو ٿيو.
جنيد کي جڏهن اها خبر پئي ته هن چالبازي کان ڪم وٺندي جيسينه جي قتل جي معافي ورتي ۽ نوان واعدا ۽ اقرار ڪيا، سنڌي جيڪو بنيادي طور ڏاڍو سادو ۽ جھٽ پٽ، ٻين جي ڳالهين تي اعتبار ڪرڻ وارو آهي، تنهن ان جي چال کي نه سمجھيو ۽ جنيد جي شڪنجي ۾ جڪڙجي ويو ۽ اهو به وساري ويٺو ته ڪيئن هن اڳين واعدن کي ٽوڙي سندس ڀاءُ کي مارائي ڇڏيو هو. هنن واقعن بابت بلاذري فتوح البلدان ۾ لکيو آهي ته: ”زيادتي جي شروعات جنيد ڪئي.“ علامه سيد سليمان ندويءَ پنهنجي تاريخ سنڌ ۾ ان جي تصدي ڪندي لکيو آهي ته: ”ڪجهه تاريخدانن لکيو آهي ته جيسينه مرتد ٿي ويو هو. مون کي ان جو ڪو به ثبوت نه مليو آهي. ان جي ابتر زباني اقرار سان سندس اسلام هر طرح سان ٿابت ٿئي ٿو. غالباً رڳو جنيد جي حمل کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ سندس ارتداد جو اظهار ڪيو ويو آهي ته جيئن جنيد تي ڪو به الزام نه اچي. منهنجي خيال ۾ ان واقعي جو اسلام سان ڪو به تعلق ناهي، بلڪه هي هڪ سياسي مسئلو هو.“
جنيد نه رڳو عمر بن عبدالعزيز جي ڪيل معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي پر هن (جسنيد) سنڌ تي ڪيئن حڪومت ڪئي؟ تنهن جو جواب مسلمان مورخ پنهنجن تاريخن ۾ هيٺئين ريت بيان ڪيو. روم جي لڙائيءَ کان پوِءِ هشام بن عبدالمالڪ جنيد کي اتان جي فتح جي خبر ڏيندي لکيو، احمد بن ابي يعقوب بن جعفر بن وهب ابن واصغ جي تاريخ يعقوبي جي مطابق: ” مسلمانن ڪيترن ماڻهن کي قيدي بڻايو ۽ گڏهه ۽ ڳئون مال غنيمت طور هٿ آيا.“
جنيد هشام بن عبدالمالڪ کي ان جي جواب ۾ خط لکي کيس ٻڌايو ته تاريخ يعقوبي موجب: ”مان پنهنجي سرڪاري ڪاغذن جي جانچ پرتال کان پوءِ اوهان کي اهو ٻڌائي سگهان ٿوته جڏهن کان سنڌ جي عملداري سنڀالي آهي ان کان اڄ تائين الله تعاليٰ جيڪو مال غنيمت ڏنو آهي اهو ڇهه لک پنجاهه هزار (000،50،6) قيدي آهن ۽ مان اسي ڪروڙ (000،00،00،80) درهم کنيا آهن ۽ مان ڪيترا دفعا ايتري رقم پنهنجي سپاهين ۾ ورهائي آهي.“
سنڌ مان هٿ ايندڙ مال غنيمت بابت احمد بن يحيٰ البلاذري پنهنجي تاريخ فتوح البلدان ۾ لکي ٿو ته: ”جنيد وٽ جيڪو آيو خالي هٿ نه ويو آهي، ان کان پوءِ چار ڪروڙ درهم هن وٽ باقي هئا، هن ايتروئي مال مرڪز کي به موڪليو.

[b]سنڌين جي مزاحمت
[/b]جيئن ته سنڌي محمد بن قاسم کان پوءِ اسلام جي دين تي ايمان آڻي مسلمان ٿي چڪا هئا پر مسلمان حاڪم ۽ سنڌي مسلمانن جي وچ ۾ پوءِ به فرق هو جيتوڻيڪ اسلام ڀائيچاي جو سبق ڏنو آهي. مسلمان حاڪمن ان تي عمل نه ڪيو ۽ پنهنجو من مانيون ڪيون.
سنڌين ٻڌ مذهب، هندو مذهب ترڪ ڪري اسلام مذهب کي اختيار ڪيو هو، پر انهن ٻنهي يعني عرب ۽ سنڌي ذهنن ۾ اڃا تائين عرب حاڪم ۽ سنڌي مفتوح ئي رهيو محمد بن قاسم جي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي آزاد وطن لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا.
محمد بن قاسم جي وڃڻ کان پوءِ يزيد ابي ڪبشته اميه حڪومت پاران نائب ٿي آيو، هي ارڙهن ڏينهن کان پوءِ وفات ڪري ويو، هن کان پوءِ راجا ڏاهر جي پٽ جيسينه بغاوت جو جهنڊو بُلند ڪري برهمڻ آباد تي قبضو ڪيو، هيءَ سنڌين جي عرب حاڪمن خلاف پهرين بغاوت هئي.
عامر بن عبدالله نائب جي وفات کان پوءِ سنڌي حڪمرانن عرب حاڪميت خلاف خودمختياريءَ جو اعلان ڪري آزاد ٿي ويهي رهيا، انهيءَ حالت ۾ حبيب بن مهلب سنڌين کي زير ڪرڻ لاءِ سنڌ پهتو جنهن سان هڪ لشڪر ساڻ هو جيئن هو سنڌين جي بغاوت کي ڪُچلي سگهي. هو ۽ لاڙڪاڻي پرڳڻي وارن کي پنهنجي اطاعت ۾ آڻي سگهيو پر باقي سنڌ سندس تسلط مڃڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو.
هن سنڌ کي ٻنهي هٿن سان ڦريو لٽيو ۽ گهڻي دولت حاصل ڪئي. هن هٿان اڻ ڳڻيا سنڌي قتل ٿيا، هن کي اهڙي نموني هٿ ڪيل دولت عيوض کيس ترقي ڏئي خراسان جو گورنر مقرر ڪيو ويو. سندس جاءِ تي تميم بن زيد عتبي گورنر سنڌ ٿي آيو.
هي عياش ماڻهو سنڌين جي دولت کي لٽائڻ لڳو جنهن ڪري عرب مؤرخن کيس سخي سڏيو آهي، هن عرب عملدارن کي مالا مال ڪيو، تاريخ سنڌ ۾ اعجاز الحق قدوسي لکي ٿو: ” هن ۽ هِن جي فوجي سپهه سالارن جنهن ۾ مقامي (سنڌي) حاڪم ۽ سردار شامل نه هئا، خوب عيش ڪيو.“ فتوح البلدان ۾ بلاذري لکي ٿو ته: ”جڏهن هن سنڌ جي گورنري سنڀالي ته کيس خزاني ۾ هڪ ڪروڙ اسي لک طاهري (خالص چاندي) درهم موجود مليا، هن جلد انهن کي ختم ڪري ڇڏيو.“
سنڌي هن جي ناجائز حرڪتن ڪري تنگ ٿي پيا ۽ هن خلاف عَلمِ بغاوت بُلند ڪيو ۽ آخر کيس ايترو مجبور ڪيو جو هو جان بچائي عرب واپس ويو، ته واٽ تي ڪراچي (ديبل) وٽ بيمار ٿي پيو ۽ وفات ڪيائين.
عربن جي عدم استحڪام جي ڪري سنڌ جا ماڻهو ظلم و ستم سهندا رهيا پر جڏهن انهن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو ته کين سيکت ڏيڻ جو عزم ڪيو ۽ آخري دم تائين پنهنجي عزت نفس ۽ ڌرتي جي لڄ رکندا آيا. بلاذري سنڌين جي همٿ ۽ استقلال جي عزم کي مڃيندي لکي ٿو: ” تميم جي زماني ۾ سنڌ جا اڪثر علائقا مسلمانن (عربن) هٿان نڪري ويا ۽ انهن کي کي پنهنجا مرڪز ڇڏڻا پيا جيڪي اڄ تائين ٻيهر فتح نه ٿيا آهن.“
مولوي نور محمد نظاماڻي هن بابت لکيو آهي: ” تميم جي زماني ۾ فقط هيترو نه ٿيو جو هو پاڻ ناڪاميءَ سبب سنڌ کي ڇڏي اٿي ڀڳو پر اتان جي بغاوتن ڪري ٻيا عرب به سنڌ ڇڏي هليا ويا انهيءَ زماني کان پوءِ عرب هميشه مفتوح علائقن کي قبضي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر اڳوڻي ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهيا البته ايترو ٿيو جو حڪومت جو سلسلو هلندو پئي آيو.
تميم جي موت کان پوءِ حڪم بن اعوانه ڪلبي حاڪمِ سنڌ ٿي آيو. هن پاڻ سان گڏ محمد بن قاسم جو پٽ عمرو بن زبر هباري به گڏ آندو. هي جڏهن سنڌ ۾ پهتو ته ڏٺائين ته سنڌين عربن کي ذليل و خوار ڪري ڇڏيو آهي بقول بلاذري ته ڪڇ کان سواءِ ٻيا سڀ آزاديءَ جا متوالا بڻجي چڪا هئا.“ جيڪي عربن جي نگاهن ۾ باغي ۽ مرتد هئا.
هن محسوس ڪيو ته سنڌ جو ڪو به شهر عربن لاءِ محفوظ ڪونهي، جتي پناهه وٺي سگهن پر جڏهن ساهه ڀرا ٿيا ته انهن غيرن کي ڌڪاري ٻاهر ڪڍيو. اهرو حشر عربن سان به ٿيو. جيڪي عرب ڪن مجبورين ڪري رهيا پيا هئا تن کي حڪم ڪنهن طريقي سان گڏ ڪري انهن ۽ آيل لشڪر جي رهائش لاءِ هڪ شهر ٻڌرايو جنهن کي سنڌين جي شورش يا آزاديءَ جي متوالن کان محفوظ سمجهندي ”محفوظه“ نالو رکيو.
هي سنڌين سان لڙندي 21 هجري 138ع ۾ مارجي ويو، حڪم بن اعوانه جي موت کان پوءِ عمرو بن محمد بن قاسم سنڌ جو نائب مقرر ٿيو. هن پنهنجي وقت ۾ منصوره شهر ٻڌرايو. هن کي سنڌين ايترو تنگ ۽ پريشان ڪيو جو جيڪڏهن عراق جي گورنر يوسف ثقفي جي بروقت چئن هزار سپاهين جي مدد نه پهچي ها ته سنڌي کيس ماري ڇڏين ها!
6 ربيع الثاني 125هجري 743ع ۾ هشام بن عبدالمالڪ وفات ڪئي، جنهن جي جاءِ تي وليد ثاني بن يزيد خليفو ٿيو. هن عمرو بن محمد کي هٽائي يزيد بن عرار کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو. هن پهچندي ئي سنڌين جو قتل ڪيو ۽ بغاوتن کي منهن ڏنو. قدوسيءَ موجب: ”هن ارڙهن حملا ڪيا.“ جنهن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌي جوان حسبِ دستور مسلسل ڌارين سان لڙندا آيا ۽ بيروني تسلط خلاف آزاديءَ جو نعرو بلند ڪندا رهيا.
انهيءَ دؤر ۾ اميه حڪومت جو باغي منصور بن جمهور ڪلبي پناهه وٺڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو، جيئن ته سنڌي سام ۽ مهمان مٿان قربان ٿيڻ جا ڪوڏيا آهن، تن کيس جيءَ ۾ جاءِ ڏني.
هن سنڌين کي پنهنجو حال ٻڌائي پنهنجي طرف ڪيو. جڏهن يزيد بن عرار کي هن جي اچڻ جي خبر پئي ته کيس سنڌ مان نڪري وڃڻ لاءِ چيو پر جيئن ته سنڌي جوانن هن کي پناهه ڏيئي پنهنجي سرتي بار کنيو هو، تنهن ڪري هن ان ڏانهن ڌيان نه ڏنو ۽ منصوره تي ڪاهه ڪئي ۽ يزيد بن عرار کي شڪست ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. انهيءَ دؤر ۾ اميه خلافت جو به خاتمو ٿيو ۽ عباسي اقتدار جا مالڪ بڻيا.
بني اميه حڪومت کان پوءِ عباسي سفاح خليفو ٿيو. ان زماني ۾ ابو مسلم خراساني مفلس عبدي سجستاني کي فوج ڏيئي سنڌ جي آزاد رياستن کي غلام بڻائڻ لاءِ روانو ڪيو.
جيئن ته منصور ڪلبي سنڌين وٽ سام بڻجي آيو ۽ انهن سان واعدا اقرار ڪري پنهنجي طرف ڪيو ۽ يزيد بن عرار کي ماري آزاد سنڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ابو مسلم خراساني چاهيو ٿي ته عباسي خليفن جي حڪومت ايتري وسيع هجي، جيتري اميه وارن جي هئي، تنهن ڪري هن سنڌ جهڙي سوني سرزمين کي حاصل ڪرڻ گهريو ۽ مفلس عبدي کي روانو ڪيو. هن جو مقابلو منصور جي ڀاءُ منظور سنڌين جي مدد سان ديبل وٽ ڪيو، جنهن ۾ شڪست کاڌي.
مفلس سنڌين کي غلام بڻائي منصوره تي ڪاهي ويو، سنڌين کي خبر پئي ته انهن منصور کي دلداري ڏياري ۽ هو عباسي لشڪر جي سامهون ٿيو. سنڌين بهادريءَ سان هن جو مقابلو ڪيو، منصور سنڌين جي جوان مرديءَ کي ڏسي پاڻ به ميدانِ جنگ ۾ ڪاهي پيو ۽ فتح حاصل ڪري ورتي. هن جنگ ۾ مفلس عبدي گرفتار تي قتل ٿي ويو ۽ ڪيترائي سپاهي به مارجي ويا.
سنڌين سمجهيو ته غيرن جا پير ڌرتيءَ تي کپي ويا ته انهن مان جان ڇڏائڻ سولو ڪم ناهي، تنهن ڪري انهن منصور ڪلبي جي واعدن ۽ اقرارن تي يقين ڪيو ۽ پهه ڪيو ته هو ڌارين سان وڙهندا رهندا. هن سنڌين سان گهرا رشتا قائم ڪيا، ڇاڪاڻ ته منصور لاءِ پوئتي به مقتل گاهه هو.
سنڌين جي عارضي آزادي عربن کي نه وڻي تنهن ڪري اتان موسيٰ بن ڪعب تميمي جي ڪمان هيٺ ويهه هزار فوجن تي مشتمل لشڪر سنڌ ڏانهن روانو ٿيو، موسيٰ قندابيل کي هٿ ڪري، سنڌ ۾ رهيل عربن ڏانهن خط ۽ نياپا موڪليا ته هو ساڻس ساٿ ڏين جيڪو انهن لاءِ بهتر آهي، جيڪڏهن انهن ائين نه ڪيو ته هڪ ڏينهن سنڌي سڀني کي ڪڍي ٻاهر ڪندا. ان ڪري منصور جي عرب ساٿين ۽ سنڌ جي شهرن ۾ رهندڙ عربن سنڌين ۽ منصور خلاف هڪ سازشي ڄار وڇايو.
جڏهن موسيٰ کي يقين ٿي ويو ته هن جو پاسو ڳرو آهي ته هو منصوره تي ڪاهي ويو. منصور ڪلبي پنهنجي عرب ساٿين جي غداري ڏسي ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو. بلاذري لکي ٿو ته: ” هو اڃ ۽ بُک وگهي مري ويو.“ يعقوبي جي چوڻ مطابق: ” هو گرفتار ٿي موسيٰ هٿان قتل ٿي ويو.“ سنڌين ساڻس سان مائٽي ۽ دوستي جو حق نڀائيندي سندس پونئرن کي گجرات اماڻي ڇڏيو.
سنڌ عرب خلافت جي مخالفن لاءِ هڪ پناهه گاهه هو، ڇاڪاڻ ته سنڌي مذهب اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيا هئا پر هو ڪنهن جا غلام ٿي رهڻ نه پيا چاهين، جنهن ڪري هُنن انهن جي مدد ڪئي جن عرب حڪمرانن سان بغاوت پئي ڪئي، جيئن علوي خاندان جيڪي امام حسن جي اولاد چورائن ٿا تن جا جڏهن عباسين سان اختلاف وڌي ويا ته انهن مان محمد جنهن کي نفس زڪيه چون ٿا تنهن جي پت عبدالله رلااشتر سنڌ ۾ پناهه ورتي. سنڌي مسلمانن ۽ غير مسلمن ان جو ساٿ ڏنو ۽ انهيءَ ڪري خلافت جي نائبن سان اختلاف به ٿيندا رهيا.
عباسي خليفي منصور 158 هجري 76-775ع ۾ وفات ڪئي. ان جي جاءِ تي محمد جيڪو مهدي جي نالي سان مشهور ٿيو مسندِ خلافت تي ويٺو. هن روح بن حاتم کي سنڌ جو نائب مقرر ڪري روانو ڪيو. هن جي وقت ۾ سنڌ جي اولهه ۾ رهندڙ سنڌين عربن جي زيادتين خلاف بغاوت جو جهنڊو بُلند ڪيو ۽ اهي اهڙا سرفروش ٿي ويا جو، هو آزاديءَ جي لهر کي دٻائي نه سگهيو، جنهن ڪري بسطام تخلبي کي اهو ڪم سونپيو ويو پر هو به لاچار ٿي پيو. روح بن حاتم کي وري ذميواري سونپي وئي ته سنڌين کي سڌو ڪري پرهو انهن آڏو بيهي به نه سگهيو.
مهدي سنڌي بغاوتن مان ايترو تنگ ٿي پيو جو هن جا حوصلا خطا ٿي ويا ۽ هُن ڪنهن کي به ان جي لائق نه پئي سمجهيو ته هو بعاوتن سان منهن ڏئي سگهندو، تنهن ڪري روح بن حاتم کي هٽائي نصر بن محمد فراعي کي سنڌ جو نائب مقرر ڪيو، هڪ سال کان پوءِ محمد بن سليمان هاشمي سنڌ جو نائب مقرر ٿيو. هن کي سنڌ جي حالتن جي خبر پئي تنهن ڪري گهٻرائجي ويو ۽ پنهنجي طرفان عبدالمالڪ بن شهاب کي مقرر ڪيو.
جڏهن خليفي مهدي کي ان جي بزدلي جي خبر پئي ته هن ٻيهر نصر بن محمد کي سنڌ جو نائب بڻايو پر ان کي نااهل سمجهي واٽ تان واپس گهرايو ۽ ان جي جاءِ تي زبير بن عباس حاڪمِ سنڌ مقرر ٿيو. هي به سنڌي جوڌن سان منهن ڏيڻ جي طاقت ساري نه سگهيو ۽ بغداد مان ٻاهر ئي نه نڪتو، جنهن ڪري مصبع بن عمرو تغلبي کي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو ويو. هن زماني ۾ سنڌين جو شورشون به برپا هيون پر هت آيل عرب به پاڻ ۾ وڙهي پيا جنهن ڪري هنن کي وڏيون ڏکيائيون پيش آيون ۽ ٽيون دفعو نصر بن محمد کي حاڪمِ سنڌ مقرر ڪيو ويو پر سنڌ جون حالتون ڏينهون ڏينهن بگڙجنديون ويون ۽ سنڌي جوانن ڌارين جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا.
هو نصر بن محمد مان مايوس ٿي پنهنجي غلام ليث بن ظريف کي 164 هجري 81-780ع ۾ سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو. هن جي آئي کي هڪ مهينو به نه گذريو هو ته سنڌي جوانن حسبِ دستور ٻاهرين مداخلت خلاف احتجاج بُلند ڪيو ۽ عرب حڪمرانن جي حڪمن جي خلاف ورزي شروع ڪئي. يعقوبي سنڌين کي بدنصيب ۽ شامت زده قوم سڏيندي (جيڪو هر فاتح قوم جي تاريخ نويس مفتوح قوم کي سڏيندو آهي ۽ کيس مختلف لقب ڏيندا آهن) لکيو آهي: ”هر طرف کان فتني ٽولي جو زور ٿي ويو، حڪومت جي طرفان ڪوشش ڪئي وئي پر هي بدنصيب، شامت زده قوم ڪنهن به طرح سان فسادن کان باز نه آئي. جڏهن ڪو به علاج ڪارگر نه ٿيو تڏهن ليث ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ تلوار کڙي ڪئي جنهن ٿورن ڏينهن اندر انهن جو نالو نشان ميٽي ڇڏيو. گهڻا ته تلوار جو لقمو ٿي ويا ۽ جيڪي باقي بچيا تن ڀڄي وڃي ٻين پاسن ڏانهن پناهه ورتي.“
ليث جي اهڙي ڪرتوت ۽ قتل عام کان پوءِ سنڌي سرفروشن آڻ نه مڃي ۽ ليث کي اهڙو مجبور ڪيو جو هن پنهنجي بچاءَ ۽ مدد لاءِ خليفي کي درخواست ڪئي.
بصري کان هڪ وڏو لشڪر سنڌ پهتو ۽ آزادي جي تحريڪ کي ڪُچلڻ لاءِ مارشلا نافظ ڪيو. ان کان پوءِ سنڌين کي ذليل و خوار ڪري عربن پنهنجا پير کوڙيا.
هارون رشيد 170 هجري 788-787ع ۾ عباسي سلطنت تي ويٺو. هن جي دؤر ۾ حجازن ۽ يمنين جون سنڌ ۾ گهرو لڙايون شروع ٿي ويون ۽ پوري سنڌ ۾ غير ملڪين جي پاڻ ۾ ويڙهاند شروع ٿي وئي. جنهن جو اثر سنڌ مان وڌي اسپين تائين پهتو.
مظلوم سنڌين ڌارين جي پنهنجو پاڻ ۾ ويڙهان جو ڏٺي ته پاڻ غير جانبدار ٿي، تماسو ڏسندا رهيا ۽ حڪومت جي حڪمن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هارون رشيد سنڌ جي حالتن کي قابو ۾ ڪرڻ لاءِ پنهنجي سؤٽ عيسيٰ بن جعفر تي اها ذموياري رکي، جنهن محمد بع عدي کي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو.
هي سنڌ ۾ حجازن ۽ يمنين جي باهه کي وسائي نه سگهيو پر سنڌي جوانن سان منهن ڏيڻ لاءِ ملتان تائين ڪاهي ويو. يعقوبي لکيو آهي ته: ” محمد بن عدي جڏهن ملتان تي ڪاهه ڪئي ته هن ڏٺو ته هو وڏي جوش وخروش سان سندسن مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هي انهن مٿان ڪاهي ويو ۽ هو ڏاڍي مردانگيءَ سان وڙهيو پر کيس شڪست ملي.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته: ”اها سندس خوش نصيبي هئي جو پنهنجي جان بچائي پڄي نڪتو.“ ملتان وارن سنڌين کان ڦريل مال کيس کان کسي ورتو.
هارون رشيد سنڌ جي حالتن کي قابوءَ ۾ ڪرڻ لاءِ عبدالرحمٰن کي موڪليو پر هي به هت ڪجهه نه ڪري سگهيو. تنهن کان پوءِ ايوب بن جعفر تي اها ذميواري سونپي وئي، هو به ناڪام ٿيو، جنهن ڪري دائود بن يزيد مهلبي تي ان مهم جي ڪامياب ڪرڻ جي ذميواي رکي وئي، جنهن پهريان پنهنجي ڀاءُ مغيره کي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو.
حجازي جن کي سنڌين جي مڪمل حمايت حاصل هئي ڇاڪاڻ ته اهي گهڻي عرصي کان وٺي سنڌ ۾ رهيل هئا ۽ انهن جون سنڌين سان مٽيون مائٽيون ٿيل هيون. تن پنهنجو پاڻ فيصلو ڪيو ته خلافت سان انهن مان ڪنهن جو به واسطو ڪو نهي ۽ سنڌ ۾ آزاديءَ جو اعلان ڪري، ان کي چئن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو.
مغيره لشڪر سان منصوره پهتو، حجازن کيس اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو جنهن ڪري ٻنهي ڌرين وچ ۾ سخت جنگ لڳي ۽ هو شڪست کائي سنڌ جي ٻي ڪنڊ وسائي. دائود کي جڏهن اهڙو احوال مليو ته هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري منصوره تي ڪاهي آيو ۽ ويهن ڏينهن تائين سخت جنگ هلي پر حجازن جن کي سنڌين جي پٺڀرائي حاصل هئي، تن آڻ نه مڃي، آخر دائود منصوره کي فتح ڪري حجازن جي گهرن ۽ محلن کي ساڙائي ڇڏيو. حجازن ۽ سنڌين جو قتل عام ڪري پنهنجي دل کي ٺاريو.
يعقوبي جي لکڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هن اتي انتظام پورو ڪري اندورن سنڌ ۾ تباهه ڪاري مچائي، ڪيترائي ڳوٺ ۽ شهر ويران ڪري ڇڏيا. سڄي سنڌ باهه جي شعلن ۾ جلڻ لڳي تنهن کان پوءِ وڃي ڪجهه نه ڪجهه عربن سُڪون ورتو.
مامون رشيد پنهنجي ڀاءُ امين کي ماري 198 هجري 813ع ۾ تخت تي ويٺو. هن جي زماني جي گورنر موسيٰ بن يحيٰ برمڪي سنڌي راجا ”بالا“ کي گرفتار ڪري ماري ڇڏيو. ڇاڪاڻ تهن بيروني مداخلت خلاف مجاهدن جو ساٿ ڏنو هو، هن سنڌين تي ڏاڍيون سختيون ڪيون، هن جي وقت ۾ شاهي خرچن کان پوءِ به ڏهه لک درهم جي رقم بچت هئي.
موسيٰ بن يحيٰ برمڪي مرڻ کان اڳ پنهنجي پٽ عمران برمڪي کي سنڌ جو نائب بڻائي ڇڏيو هو، تنهن جي زماني ۾ قلات جي سنڌي جَتن بغاوت جو جهنڊو بُلند ڪيو، جنهن کي ڪُچليو ويو. گنداوا ۾ پڻ بغاوت منهن ڪڍيو جنهن کي اتان جي مسلمان حاڪم خليل بن محمد مُنهن ڏنو ۽ سنڌين کي گرفتاري ڪري قضدارد ڏانهن موڪلي ڏنو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي سمن، چنن، ملاحن، ابڙن ۽ ماڇين اعلانِ آزادي ڪيو، جن سان مقابلو ڪيو ۽ ٽي هزار سنڌي عربن هٿان مارجي ويا. هن سنڌي باغين جي ڄاڻ لاءِ هنن جي هٿن تي مهرون (نشان) لڳرايون. پر پوءِ به سنڌي جوڌا هن سان جنگ جوٽيندا رهيا. سنڌين جي زور تي حجازن به هن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ نيٺ عمر بن عبدالعزيز هباري هٿان مارجي ويو.
هن کان پوءِ به خلافت کان سنڌ ڏي نائب ايندا رهيا پر اهي غير مؤثر رهيا ڇاڪاڻ ته سنڌين عربن سان ملي آزاد حڪومتن جو بنياد وجهي ڇڏيو هو ۽ سنڌ ۾ اهڙيون اٺ حڪومتون قائم ٿي ويون. خلافت جو آخري گورنر هارون بن ابي خالد هو جنهن کي سنڌي سرڪشن 240 هجري 55-854ع ۾ قتل ڪري ڇڏيو.
سنڌ تي اٽڪل ڏيڍ صدي تائين عرب خلاف جي حڪمراني رهي، انهيءَ عرصي ۾ سنڌي وڙهندا رهيا ۽ ڌارين جي غلبي مان آزاد ٿيڻ لاءِ مزاحمتون ڪندا رهيا. مٿين بيان ڪيل واقعن مان اها خبر پوي ٿي ته سنڌي محمد بن قاسم کان وٺي هارون بن ابي خلد تائين ڏيڍ سؤ سال بغاوت جو جهنڊو بُلند رکيون آيا. سنڌ جي ڪن حصن تي عربن جون حڪومتون قائم هيون پر اهي خلافت جا باج گذار نه هئا ۽ اهي سنڌي معاشري جو حصو ٿي ويا هئا. تنهن ڪري سنڌين انهن کي پنهنجو جز سمجهي قبول ڪيو.
سنڌي جيڪي عربن هٿان قيد ٿي عراق ۽ عرب ويا اهي محڪوم جي حيثيت هوندي به فاتح قوم جي فردن وانگر رهيا ۽ اتان جي رهواسين کي علم و ادب کان روشناس ڪرايو. سنڌي اسلام مذهب جي رنگ ۾ ائين رڱجي ويا جو اسلام جي خدمت ۾ مثالي ڪارنامه سرانجام ڏنا ۽ سنڌي جيڪي سنڌ ۾ رهيا تن مذهب اسلام کي اهڙو ته قبول ڪيو جو اڄ تائين اسلامي رنگ ۾ رڱيل آهن ۽ اسلامي خدمتن ڪري سنڌ ڌرتيءَ کي ”بابُ السلام“ سڏيو وڃي ٿو.

سنڌ تي محمود غزنوي جا حملا

محمود غزنوي جي پيءُ سبڪتگين کي عبدالملڪ نوح ساماني جي وقت ۾ هڪ تاجر حاجي نصر ترڪستان مان خريد ڪيو ۽ کيس بخارا آڻي امير الپتگين کي وڪڻي ڏنو، جنهن کيس صلاحيتن جي بنياد تي پنهنجو نائب بڻائي ڇڏيو.
350 هجري 961ع ۾ الپتگين ابو صالح منصور بن نوح ساماني سان اختلافن ڪري خراسان جي گورنري ڇڏي غزني هليو ويو، جتي هن پنهنجي خودمختيار رياست جو بنياد وڌو.
367 هجري 78-977ع ۾ الپتگين وفات ڪئي ته سندس پٽ امير اسحاق غزني جي گادي تو ويٺو، جنهن کي سبڪتگين بغاوت ڪري، قيد ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڀيڻ سان شادي ڪري غزني جو حاڪم بڻيو.
انهيءَ سبڪتگين جو پٽ محمود غزنوي 9 ۽ 10 محرم سنه 361 هجري مطابق 31 آڪتوبر ۽ پهرين نومبر 971ع جي رات جو ڄائو، جنهن پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ پنهنجي ننڍي ڀاءُ امير اسماعيل جنهن کي سبڪتگين پنهنجي جيئري گادي نشين مقرر ڪري ويو هو، تنهن پنهنجي پيءُ جي فرمان جي ڀڃڪڙي ڪندي کيس قيد ڪري غور جي قلعي ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ 998ع ۾ غزني جي تخت تي ويهي، آس پاس جي حڪومتن کي ختم ڪرڻ ۽ پنهنجي بادشاهي مڃرائڻ لاءِ اکيون وجھڻ شروع ڪري ڏنيون، جنهن جي بد نظر کان سنڌ به بچي نه سگھي.
تاريخ هميشه حڪمرانن جي خوشامند ۽ تعريف ڪرڻ، انهن کي راضي رکڻ ۽ اتم ثابت ڪرڻ لاءِ لکي ويئي آهي. تاريخ حڪمران جي سٺن ڪارنامن ۽ لڇڻن کي شان سان بيان ڪيو آهي، پر ان جي براين ۽ ظلم تي هميشه لاءِ پردو وجھي ڇڏيو. انهيءَ ڪري تاريخ کي هڪ طرف جو بيان سمجھيو وڃي ٿو. جنهن ڪري اسان کي سنڌ جي تاريخ جا روشن ۽ اهم باب اونداهان ملن ٿا، جنهن ۾ محمود غزنوي جو دؤر به شامل آهي.
تاريخ نويسن هميشه حڪمرانن جي ثنا ڪندي مخالفن کي نيچ طور پيش ڪيو آهي، اهڙو قصو اسان سنڌ وارن سان به ٿيندو آيو آهي، پر اهو ضرور ٿيو آهي ته تاريخ نويسن جي انهيءَ مجبوري يا خوشامند واري فعل اسان کي جيڪا ڪجھه ٿوري معلومات ڏني آهي، تنهن کي پڙهي ان نتيجي تي پهچي سگھون ٿا ته اسان سنڌين کي هڪ غيرت مند قوم هجڻ تي فخر آهي.
سنڌ وارن عربن سان مزاحمتي جنگين ڪرڻ کانپوءِ آزادي ورتي ۽ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ آزاد رياستون قائم ڪيون، جن ۾ منصوره ۽ ملتان جا مسلمان حڪمران به هئا، غزني جي حڪمران محمود سنڌ ۽ هند جي دولت حاصل ڪرڻ لاءِ هن هند ۽ سنڌ جي بت خانن تي ڪيترا دفعا حملا ڪيا، هن کي ٻڌايو ويو هو ته سنڌ ۽ هند وارن جي دولت مندرن حوالي هوندي آهي ۽ اهي گڏيل دولت سان مالا مال آهن.
محمود غزنوي 395 هجري مطابق 5 – 1004ع ۾ تي ملتان جي ڀرسان سنڌي رياست ڀاٽيه تي حملو ڪيو، سخت مقابلي کان پوءِ غزنوي لشڪر سنڌين تي غالب آيو، ڇاڪاڻ ته قريب و جوار جي حاڪمن بجهراءِ جي ڪابه مدد نه ڪئي ۽ هو بي يار و مددگار وڙهندو رهيو ۽ اهڙو موقعو به آيو جو غزنوي وارن جا تاڪ لڳي ويا، پر اڪيلو ٿي ويو هو.
بجهراءِ درياءِ سنڌ جي هڪ جھنگ ڏانهن هليو ويو. غزنوي لشڪر ان جو پيڇو ڪيو ۽ هو جوان مردي سان وڙهندو مارجي ويو. فرشته واري لکيو آهي ته هن سمجھيو ته دشمن سندس جي جند نه ڇڏيندا، تنهن ڪري هن بهتر ان ۾ سمجھيو ته هو پنهنجو پاڻ کي قتل ڪري ڇڏي.“ غزنوي لشڪر جي سپاهي هن جو سر وڍيو ۽ سندس ساٿين کي قتل ڪري ڇڏيو. لالچي محمود کي 280 هاٿين کان علاوه سر زمين سنڌ جو هڪ حصو ۽ وڏي دولت به ملي. هو پنهنجي لشڪر کي دولت سان ملا مال ڪري بکين غزني لاءِ ڀاڙو کڻي واپس وريو.
محمود غزنوي هندو مندرن مان دولت حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه هند ۽ سنڌ کي بد نگاهن سان ڏسندو هو ۽ جڏهن به هو انهيءَ ارادي سان ايندو هو ته سنڌي ان جي غرور کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيندا هئا. جڏهن هو گجرات کان واپس وريو ته سنڌو جي ڪناري ملتان وڃڻ چاهيو ۽ کيس هڪ وڏي لشڪر جي ضرورت جو به پورائو ڪرڻو هو، تنهن ڪري هن سنڌوءَ جي ڪناري تي رهندڙ ملاحن ماڇين مال وندن ۽ جتن کان مال، اناج ۽ ڍور ڍڳا ڦرڻ شروع ڪيا.
سنڌي جوان غزني وارن جو اهڙيون ذليل حرڪتون ڪيئن برداشت ڪري پئي سگھيا، تنهن ڪري انهن کين سيکت ڏيڻ لاءِ ڇاپامار جنگ شروع ڪئي ۽ غزنوي لشڪر جا هزارين ڦورو ۽ گھوڙا مارجي ويا، اهڙي طرح انهن پنهنجي عزت ۽ ڦرلٽ جو بدلو ورتو. ڪتاب لکن ٿا ته سنڌين جي تڪليفن جي کيس يادگيري ايتري هوندي هئي جو هو چوندو هو ته انهن جي خون سان درياءِ سنڌ کي سرخ (ڳاڙهو) ڪندس.
محمود عزنوي 416 هجري مطابق 26 – 1025ع سومناٿ مان دولت حاصل ڪري متبادل رستي طور ڪڇ کان سنڌو جي ڪناري اچڻ چاهيو، جنهن ڪري هن هڪ سنڌي کي سونهين طور پاڻ ساڻ کنيو.
سنڌي جوان عزنوي وارن کي سبق سيکارڻ جو پهه ڪيو هو، تنهن انهن کي اهڙي رڻ پٽ ۾ آڻي هنيو جو سندس لشڪر اُڃ وگهي پاڻي پاڻي ڪري مري رهيو هو. محمود، سنڌي جوان جي نيت کي سمجھي ويو ۽ کيس مارائي ڇڏيائين.
جيئن ته محمود سان هميشه سنڌي پئي سامهون ٿيا، تنهن ڪري هن چاهيو ته سنڌ وارن کي سيکت ڏجي، جنهن ڪري هن منصوره جي سنڌي حڪمران خفيف سومرو تي چڙهائي ڪئي. ابن اثير لکي ٿو ته منصوره جي حاڪم کي جڏهن محمود جي اچڻ جي خبر پئي ته هو جھنگ ۾ لڪي ويو، تمام گھڻا ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترا درياءَ ۾ ٻڏي مري ويا.
منصوره ۾ قتل عام کان پوءِ محمود ملتان طرف روانو ٿيو، سنڌين راتاها هڻي، فاتح لشڪر کي ذليل و خوار ڪيو. محمود پڪو ارادو ڪيو ته هو سنڌين کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو، اهو ارادو ڪري 418 هجري مطابق 28 – 1027ع ۾ هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري ملتان پهتو ۽ اهڙيون چوڏهين سؤ ٻيڙيون تيار ڪرايون، جن جي منهن ۽ پاسن ۾ لوهه جا نوڪدار سرا لڳل هئا. جن جي ٽڪرائڻ سان سخت کان سخت شيءِ به ذرا ذرا ٿي پئي وڃي ۽ انهيءَ کانسواءِ ويهه محرابو اهڙيون ٺهرايون، جنهن ۾ گندهڪ ۽ بارود محفوظ ڪيو ويو، جيئن سنڌي انهن جي وچ ۾ اچي ڦاسن ته کين گولاباري ڪري ختم ڪيو وڃي.
هن هي ٻيڙيون درياءَ سنڌ ۾ لاٿيون ۽ سنڌين جي خون وهائڻ لاءِ هر ٻيڙي ۾ ويهه ويهه سپاهي ويهاريا، جيڪي ڍالن، نيزن ۽ تير ڪمان سان مسلح هئا، اهڙي نموني اٺاويهه هزار فوج ٻيڙن ۾ چڙهي رواني ٿي ۽ باقي فوج درياءَ سنڌ جي ٻني ڪنارن سان گڏو گڏ رواني ٿي، جيئن آرماڙ جي مدد ڪري سگھي.
محمود جيڪو سنڌين جي رت وهائڻ جو فيصلو ڪري غزني کان آيو هو، تنهن کان به سنڌي نه ڊنا ۽ ساڻس مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. جيڪڏهن هو چاهن ها ته سنڌوءَ جا ڪنارا ڇڏي ٻئي ڪنهن پاسي هليا وڃن ها، پر جيئن ته اهو انهن جي اصول ۽ بهادري جي خلاف هو، تنهن ڪري انهن پنهنجن ٻارن ٻچن کي ٻئي هنڌ موڪلي ڇڏيو ۽ غزني وارن جي مقابلي لاءِ پنهنجن ٿاڪن تي ويهي رهيا.
محمود ڏاڍ جو مظاهرو ڪندو سنڌين تي ڪاهي ويو، سنڌي به مقابلي لاءِ پنهنجي وت آهر سنڀري سامهون آيا. جڏهن ٻنهي ڌرين جي آرماڙ جو مقابلو ٿيو ته غزني جي لشڪر سنڌين تي تير وسائڻ شروع ڪيا ۽ بم گولا به هڻندا رهيا. جيڪي انهن کان بچي غزني لشڪر جي سامهون ٿيا ٿي، تن جا ٻيڙا پرزا پرزا ٿي ٿي ويا، پر تنهن هوندي به هو نه مڙيا ۽ غزنوي لشڪر کي نقصان پهچائيندا رهيا. انهيءَ ويڙهه کان پوءِ جيڪي سنڌي بچي دريا جي ڪناري تي پهتا، تن کي قتل ڪري محمود پنهنجي وحشي ۽ لالچي طبيعت کي تسڪين پئي پهچايو. هن بي ننگي سنڌين جي قتل کان پوءِ انهن جي ننگن تي حملو ڪيو ۽ کين پنهنجو غلام بڻايو ۽ غزني وٺي ويو. تاريخ فرشته موجب هن ٿانيسر جي فتح کان پوءِ ٻه لک عورتون ۽ مرد غلام بڻايا ۽ هن جي فوجي سپاهين وٽ ڪيتريون هندستاني عورتون سندن خواهشن کي پوري ڪرڻ لاءِ ويٺل هيون.
محمود کي هتان بيشمار دولت حاصل ٿي، ان کانسواءِ قيمتي ياقوت جو هڪ ٽڪرو به مليو، جيڪو هن اڳ نه ڏٺو هو. سومناٿ جي مندر مان لٽيل دولت هڪ سؤ اٺن جي بار کان به وڌيڪ هئي.
فرشته واري هن جي لالچ ۽ حوس گيري جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته نيشاپور ۾ هڪ دولت مند رهندو هو، تنهن جي دولت حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ملحد قرار ڏيئي مارڻ چاهيو، پر ان پنهنجي سڄي دولت ڏيئي سلطان محمود کان جان بچائي.“
هن ملڪ گيري جي حوس ۾ سنڌ ۽ هند جا لکين ماڻهو قتل ۽ غلام بڻايا، جن ۾ مسلمان به شامل هئا، هن دولت حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ هند جي مالامال علائقن کي اسلام جي نالي ۾ ڦريو ۽ لٽيو جيئن اڄ سنڌي اسلام ۽ مسلمان جي نالي ۾ صدقي جا ٻڪرا بڻجي اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن ۽ جنهن نموني سنڌ وارن جو استحصال ٿي رهيو آهي، اهڙي نموني ماضي ۾ به ٿيندو آيو آهي. فرق صرف اهو آهي ته قديم سنڌي زيادتي، ڏاڍ ۽ نا انصافي خلاف متحد ٿي لڙندا هئا ۽ آزادي لاءِ جنگ جوٽيندا هئا ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل ڏي اهي روايتون ۽ غيرت مندي واريون خوبيون منتقل ٿينديون هيون. انهيءَ ڪري قوم پرستي، وطن پرستي جو جذبو پشت به پشت سنڌين ۾ رهندو ايندو هو. خبر ناهي ته هاڻي، حسد، ساڙ، نه سهپ ۽ بزدلي ڪيڏانهن آئي آهي، پر مون کي يقين آهي ته اهي ڳالهيون، عارضي ثابت ٿينديون، ڇاڪاڻ ته ماضي اسان کي ٻڌائي ٿي ته سنڌين جي اهڙي حالت عارضي هوندي آهي ۽ جڏهن ننڊ مان اٿندا آهن ته ببر شينهن وانگر گجندا آهن.
محمود سنڌ ۽ هند مان جيتري دولت حاصل ڪئي ۽ ذاتي طور جن کان ڦري، تنهن جو حساب ته لڳائي نه ٿو سگھجي، پر هن جي دولت پرستي جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته هن مرڻ مهل پنهنجي خزاني جي سڄي دولت، هيرا، جواهرات ۽ نوادرات گھرايا ۽ انهن کان جدا ٿيڻ جي غم ۾ روئي ڏنو. تاريخ نويس لکن ٿا ته محمود غزنوي، پنهنجي همعصر حڪمرانن کان گھڻو دولت مند هو. هي غلام جو پٽ، جنهن کي مسلمان تاريخ نويسن مذهب پرستي جي بنياد تي عظيم ۽ بت شڪن ڪري لکيو آهي، تنهن کي مرڻ مهل پنهنجو ڪيل ظلم ۽ زيادتي ياد آئي هوندي، آخر هي هزارين بي گناهه سنڌين جو قاتل 6 اپريل 1030ع مطابق ربيع الثاني 421 هجري تي مري ويو.

دهليءَ جا دلال ۽ سنڌ جا سورما

سنڌ عربن جي غلامي مان جان ڇڏائي مس سک جو ساهه کنيو هو ته الپتگين جي هڪ غلام سبتڪتگين جي پٽ محمود سنڌ ۽ هند جي رهيل دولت حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، جنهن کان پوءِ سنڌ جي هڪ حصي يعني اتر سنڌ تي ان جا نائب سنڌي حڪمرانن مٿان نانگ بڻيا ويٺا رهيا ۽ باقي سنڌ بکر (سکر) کان وٺي ڪراچي تائين سومرن، عرب سنڌي مخلوط نسل ۽ ٻين سنڌي حڪمرانن جي ماتحت هئي.
سنڌ جي شاهوڪار ۽ سر سبز زمين هميشه حوس پرست حڪمرانن جو نشان رهي آهي، جيڪي اسلام ۽ مذهب جي نالي تي ڦرلٽ ڪري هت ڀينگ ڪري ڇڏيندا هئا.
سنڌي هڪ طرف پنهنجي آزادي کي برقرار رکڻ لاءِ مزاحمتي جنگ وڙهي رهيا هئا، ته ٻئي طرف پنهنجي خوشحالي کي برقرار رکڻ لاءِ سخت محنت ڪري زمين مان سون اپائي رهيا هئا، جنهن ڪري سنڌين کي ڪڏهن لکا ڪونه پئي. سنڌ عربن جي حملن کان محفوظ ٿي ته افغانستان جي طرف کان حمله شروع ٿي ويا. جنهن جي شروعات غلام جي پٽ محمود غزنوي ڪئي، ان کان پوءِ سندس جاءِ نشين غوري آيا. جن هتان نه رڳو ڦر لٽ ڪري پنهنجي اباڻي ملڪ کڻي ويا، پر سنڌ ۽ هند کي هميشه هڙپ ڪرڻ گھريو، جنهن ڪري هو هتي رهي پيا.
بغداد، غزني ۽ غور جي حملن کان پوءِ دهلي جي حڪمرانن سنڌ کي هڙپ ڪرڻ لاءِ حمله شروع ڪيا، جنهن سان سنڌين جنهن عزم ، غيرت ۽ جوان مردي سان منهن ڏنو، اهو سنڌين جي قوت ۽ عظمت جو يادگار باب آهي.
دهلي جنهن جو بنياد 307ع جي ڪنهن مهيني جي تاريخ تي راجپوت قوم جي توار قبيلي جي راجا داد ڀٽ رکيو، فرشته جي روايت موجب اتان نرم مٽي ملڻ ڪري مٿس اهو نالو رکيو ويو . جڏهن شهاب الدين غوري دهلي ۾ پنهنجي سلطنت قائم ڪئي ته ان کانپوءِ سنڌ دهلي وارن جو شڪار رهندي آئي، جنهن سان سنڌين جو ان مردي سان منهن ڏنو.
دهلي ۾ نئين سلطنت جو بنياد وجھندڙ شهاب الدين جو علائقو غور، غزني ۽ هرات جي وچ ۾ آهي، جتي فيروز ڪوهه نالي هڪ قلعو هو، جتي انهن جي وڏن جي حڪمراني هئي، غور جي حڪمران محمد بن سوري کي محمود غزنوي 401 هجري ۾ شڪست ڏيئي گرفتار ڪيو، جنهن محمود جي ظلمن کان بچڻ لاءِ منڊي ۾ رکيل زهر کائي، پاڻ کي ماري ڇڏيو.
غزني وارن پنهنجي مستحڪم حڪومت لاءِ غور وارن سان مٽي مائيٽي ڪئي، جيڪا اڳتي هلي اقتدار جي رسه ڪشي ۽ هڪ ٻئي جي دشمني ۾ بدلجي وئي.
بهرام شاهه جيڪو سلطان سنجر حاڪم خراسان جي طفيلي غزني جو حڪمران ٿيو هو، تنهن آخري ڏينهن ۾ پنهنجي نياڻي ۽ غزني جي نائب قطب الدين سوري کي مارائي ڇڏيو. ان جو ڀاءُ سيف الدين سوري پنهنجي ڀاءُ جو پلاند وٺڻ لاءِ غزني تي حملو ڪيو. بهران شاهه مقابلي جي سگھه نه ساري ۽ هو اتان ڀڄي ويو ۽ سيف الدين غزني تي قابض ٿي ويو.
سيف الدين کي غزني وارن دوکي ۾ رکيو ۽ کيس اهو محسوس ڪرڻ نه ڏنو ته هنن جون اصل همدرديون بهرام شاهه سان آهن. مهل ۽ موقعو تاڙي جڏهن بهرام شاهه غزني حاصل ڪرڻ لاءِ واپس آيو ته انهن سيف الدين کي پڪڙي بهرام شاهه جي حوالي ڪيو، جنهن سندس منهن ڪارو ڪري، سڄي شهر ۾ گشت ڪرائڻ کان پوءِ کيس قتل ڪري ڇڏيو.
جڏهن سيف الدين جي ڀاءُ علاؤ الدين کي سندس ڀاءُ جي ذليل موت جي خبر پئي ته هو هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري غزني تي حمل آور ٿيو، بهرام شاهه ڪن ڪتابن مطابق مقابلو ڪيو، ڪن راوين موجب هن ڀڄي سنڌ ۾ پناهه ورتي. علاؤ الدين ستن ڏينهن تائين غزني ۾ قتل و غارت جاري رکي، جنهن ۾ لکين مرد، عورتون، ٻار، پوڙها قتل ٿي ويا ۽ گھرن کي باهيون ڏياري پنهنجي دل جي باهه کي ٺاريو. جنهن ڪري کيس علاؤالدين جهان سوز سڏيو ويو.
اهڙن درنده صفت ماڻهن مان شهاب الدين غوري هو. انهيءَ علاؤالدين جهان سوز جو ڀائيٽو هو. هن دهلي هٿ ڪرڻ کان اڳ ۾ 571 هجري مطابق 1176ع ۾ خسرو ملڪ کي شڪست ڏيئي اتر سنڌ ۾ پنهنجو عمل دخل قائم ڪيو. شهاب الدين سن 1191 عيسوي (587 هجري) ۾ ٿانيسور جي راجپوت چوهاڻ راجا پرٿوي راڄ تي حملو ڪيو، ترائين جي ميدان ۾ ٻنهي جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي جنهن ۾ پرٿوي سوڀارو ٿيو ۽ شهاب الدين غوري مرڻينگ حالت ۾ پنهنجي لشڪر وارن کي مليو.
1192ع (588 هجري) ۾ ٻيهر شهاب الدين غوري ٻارهن هزار سوارن جو خونخوار لشڪر ساڻ ڪري پر ٿوي راڄ کي مات ڏيڻ لاءِ آيو. 589 هجري مطابق 1193ع ۾ ترائين جي ميدان تي ويڙهه ٿي، جنهن ۾ هو گرفتار ٿي قتل ٿي ويو، جنهن کان پوءِ شهاب الدين غوري لاءِ هندستان جا دروازا کلي ويا. ڇاڪاڻ ته راجا مهراجائن پنهنجن رنجشن ڪري هڪ ٻئي جو ساٿ نه ڏنو ۽ هو هڪ هڪ ٿي وڙهي ختم ٿي ويا. اهڙي طرح شهاب الدين غوري جي حڪومت دهلي، اجمير، هانسي، سرسوتي ۽ علي ڳڙهه تائين قائم ٿي ويئي ۽ باقي هندستان قطب الدين ايبڪ ۽ سندس ٻين غلامن پنهنجي قبضي ۾ آندو.
دهلي تي غورين جي قبضي کان پوءِ، سنڌ دهلي جي عتاب هيٺ رهندي آئي. ۽ سنڌي پنهنجي آزادي ۽ بقاءَ لاءِ هميشه وڙهندا رهيا. اهڙي طرح بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ شهاب الدين غوري ان وقت جي سنڌ ۽ هاڻوڪي پنجاب ۾ آيو، جتي 3 شعبان 602 هجري مطابق 1206ع ۾ هڪ وطن پرست کوکر هٿان قتل ٿي ويو.
شهاب الدين جي مارجڻ کان پوءِ سنڌ ناصر الدين قباچه جي ڪڻي ۾ آئي ۽ دهلي قطب الدين ايبڪ جي هٿ هيٺ رهي. اتر سنڌ جي حاڪم ناصر الدين قباچه جيڪو بکر تائين حڪومت قائم ڪري چڪو هو، ان وقت سنڌ جي ٻئي حصي (ڏکڻ سنڌ) جا حاڪم سومرا هئا، جن وقت به وقت سنڌ جي آزادي لاءِ مهاڏو پئي اٽڪايو، پر ڌارين جي دٻدٻي ۽ طاقت وقتي طور سنڌين کي هيسائي ڇڏيو هو.
قطب الدين ايبڪ لاهور ۾ پولو راند کيڏندي گھوڙي تان ڪري پيو ۽ 607 هجري مطابق 1210ع ۾ مري ويو، جنهن کان پوءِ سندس پٽ آرام شاهه گادي تي ويٺو، جيڪو پڻ هڪ سال حڪومت ڪري فوت ٿي ويو. شمس الدين التمش (جنهن کي ڪن تاريخ نويسن قطب الدين ايبڪ جو غلام ڄاڻايو آهي ۽ ڪن شهاب الدين غوري جو غلام لکيو آهي) جيڪو ناصر الدين قباچه جو سنڊو ۽ ايبڪ جو نياڻو هو، تنهن دهلي جي سلطنت کي سنڀاليو.
614 هجري مطابق 1217ع ۾ ناصر الدين قباچه لاهور تي حملو ڪري دهلي سلطنت کان ڇني اتر سنڌ سلطنت سان ملايو، جنهن کي وري التمش ٻيهر حاصل ڪري دهلي جو حصو بڻايو.
ناصر الدين قباچه جي وقت ۾ چنگيز خان جي لشڪر کان جان بچائڻ لاءِ جلال الدين خوارزم شاهه سنڌ ۾ پناهه ورتي ۽ جنهن سنڌين سان وڏا ڪلور ڪيا ۽ کين مهمان نوازي جو صلو، اهڙي طرح مليو جو سندس پيڇو ڪندڙ چغتائي خان پڻ سنڌ ۾ ٻارڻ ٻاري ڏنو. سنڌ جي جوان مردن ٻنهي آفتن سان منهن ڏنو، پر ناصر الدين قباچه پنهنجي جان بچائڻ لاءِ آتو هو. هو سنڌ جي حڪمران هئڻ جي باوجود سنڌين جي ڪابه حفاظت ۽ مدد ڪري نه سگھيو ۽ سنڌي سورما اٽڪ کان وٺي مڪران تائين ٻنهي ظالمن ۽ خونخوار حاڪمن جي فوجن سان مهاڏو اٽڪائي منهن ڏيئي کين سنڌ مان ٻاهر نڪري وڃڻ تي مجبور ڪيو.

[b]چنگيز خان جو لشڪر ۽ سنڌي
[/b]ان جو قصو هيئن آهي ته خوارزم جي حڪمران جلال الدين، جنهن کي چنگيز خان ”تيموجن“ پنهنجي انتقام جو نشانو بڻايو هو، جلال الدين جو پيءُ سلطان محمد هڪ وڏو ظالم حڪمران هو، جنهن غلط فهمي ۾ اچي چار سو مسلمان سوداگرن کي چنگيز خان جا جاسوس سمجھي مارائي ڇڏيا. جڏهن چنگيز خان جو ايلچي ان جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ آيو ته ان کي به قيد ڪري قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
سلطان محمد خوارزم جي ظالمانه رويي ڪري هڪ ظالم ٻئي ظالم تي برتري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيو. جنهن جي نتيجي ۾ منگولن سمرقند ۽ بخارا کي ته تاراج ڪيو، پر سنڌي به ان کان بچي ڪونه سگھيا.
تاريخ بخارا ۾ آرينس ويمبري لکي ٿو ته: ”چنگيز خان جڏهن بخارا ۾ داخل ٿيو ته هو گھوڙي تي سوار ٿي هڪ عظيم الشان مسجد ۾ داخل ٿي مسلمانن جي قتل عام جو حڪم ڏنو. “ هن اتان جي منظر ڪشي ڪندي لکيو آهي ته: ”قرآن شريف ڦاڙيا ويا ۽ جانورن آڏو رکيا ويا. صندوقون جن ۾ قرآن شريف رکيل هئا، تن ۾ جانورن لاءِ گاهه رکيو ويو. مقدس عالمن ۽ مولوين کي منگولن آڏو شراب جي محفلن ۾ نچڻو پيو.
اهڙي حالتن تي چنگيز خان پاڻ تقرير ڪندي چيو هو ته: ”انهن وڏا گناهه ڪيا هئا ۽ انهن گناهن جو حساب وٺڻ لاءِ مان خدا جي طرفان موڪليل آفت آهيان. جيڪڏهن اهي گناهه گار نه هجن ها ته خدا انهن کي سزا ڏيڻ لاءِ مون کي نه موڪلي ها !“
چنگيز خان جي طوفان جو مقابلو ڪندي خوارزم حڪمران جلال الدين درياءَ سنڌ وٽ پهتو، جتي منگولن جي مقابلو ڪندي، جان بچائي سنڌو درياءَ ۾ ٽپو ڏيئي، سنڌين وٽ پناهه گير ٿي آيو.
ان وقت اتر سنڌ جو حڪمران ناصر الدين قباچه هو، جنهن هن جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو، انهيءَ دوران کوکرن جو راجا ”ڪوڪا سنگهه“ ساڻس ملي ويو. هن سنڌين کي مارڻ لاءِ قباچه تي حملو ڪيو، جنهن ۾ هو جان بچائي ڀڄي ويو، انهيءَ وقت ۾ چغتائي خان، جلال الدين جو پيڇو ڪندو سنڌ ۾ داخل ٿي چڪو هو.
جلال الدين سمجھيو ته اهو ڪم ناصر الدين قباچه ڪرايو آهي، تنهن ڪري هن بزدل ”اچ“ کي باهه ڏياري سنڌين جي مهمان نوازي ۽ پناهه ڏيڻ جو اهو صلو ڏنو. اچ کان مڪران ويندي بي گناهه سنڌين کي قتل ڪرايو، انهن جا ڍور ڍڳا ڦريندو، مال متاع لٽيندو، دولت ڦرمار ڪندو، فصل آبادي، ڳوٺ ۽ شهر ويران ڪندو، سيوهڻ وڃي پهتو. هن ڀاڄوڪڙ پنهنجي جان جي بچائڻ لاءِ ڌرتي ڌڻين تي ظلم ڪيا ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون جو جيئن چغتائي خان جو لشڪر تباهي، سنڃ، اڃ ۽ بک مرندو اچي ۽ بعد جو ثمر به نه رهي.
چغتائي خان سنڌ ۾ اهڙيون حالتون ڏسي سمجھيو ته سنڌين جلال الدين جو پورو پورو ساٿ ڏنو آهي، تنهن ڪري هن انهن کي پنهنجي انتقام جو نشانو بڻايو، ڪيترن معرڪن ۾ سنڌين کي گرفتار ڪري اهو چئي قتل ڪرائي ڇڏيو ته: ”توهان جي ڪري منهنجي لشڪر ۾ بدبوءِ پيدا ٿي آهي.“
سنڌي به منگولن جي يلغار کي روڪڻ لاءِ سامهون ٿيا ۽ مڙسي سان وڙهندي کين هڪ هنڌ ٽڪڻ ڪونه ڏنو. انهيءَ ٻن سالن واري عرصي ۾ سنڌ وارن مٿان قيامت برپا هئي. هڪ دشمن ٻي دشمن جي تلاش ۾ سرگردان هو، انهيءَ حالت ۾ سنڌي ويچارا ٻنهي ظالمن جو شڪار ٿيندا رهيا.
جلال الدين بکئي گدڙ وانگر لامارا ڏيندو رهيو، تان جو سيوهڻ ۾ چغتائي جي اچڻ جو ٻڌي، ٻئي پير مٿي تي رکي وٺي ديبل، ڀنڀور ڏانهن ڀڳو، ديبل جي سومري حڪمران چنيسر جنهن کي تاريخ فرشته واري ”حبشي ڪو“ نالي سان لکيو آهي، اهو ڌارين جي دادا گيري کان بچڻ لاءِ اتان هليو ويو. ڇاڪاڻ ته سنڌ وارا ٻنهي پناهه گيرن جي ڏاڍاين کان تنگ ٿي چڪا هئا ۽ سنڌ ٻنهي جي وچ ۾ ”ميدان جنگ“ بڻيل هئي. هنن جي ڪنهن سان همدردر نه هئي ۽ سنڌي ٻنهي داداگيرن کان سنڌ خالي ڪرائڻ لاءِ وڙهي رهيا هئا.
جلال الدين ديبل کي خالي ڏسي سمجھيو ته سنڌي هن جي تاڪ ۾ آهن ۽ هو ڪهڙي به مهل حملو ڪري کيس ماريندا، تنهن ڪري هن پنهنجي بهتري ان ۾ سمجھي ته هو اتان مڪران جي طرف هليو وڃي. هو سنڌ وارن سان وڙهندو پنهنجي جان بچائي ڀڄي ويو.
سنڌي جن کي هميشه مهمان نوازي مهانگي پئي آهي، تن جي اڄ به صورتحال ماضي وانگر آهي ۽ هو پنهنجي وجود بچائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن.
دهلي جي حڪمران شمس الدين التمش کي سنڌ جي لولي لنگڙي آزادي به نه وڻي، تنهن سنڌ کي غلام بڻائڻ ۽ پنهنجي هم زلف کي مات ڏيڻ لاءِ سنڌ جي ان وقت جي گادي جي هنڌ اچ تي ڪاهه ڪئي. جڏهن ناصرالدين قباچه کي دهلي وارن جي حملي جي خبر پئي ته هن سنڌ مان گڏ ڪيل دولت کي اچ جي قلعي مان ڪڍرائي بکر (سکر) واري قلعي ۾ منتقل ڪرايو. اهڙو حڪم پنهنجي وزير عين الملڪ حسين اشعري کي ڏيئي پاڻ به بکر هليو ويو.
چئن ڏينهن کان پوءِ جڏهن شمس الدين التمش لشڪر ساڻ ڪري اچ پهتو ته کيس خبر پئي ته هو بکر هليو ويو آهي، پاڻ اتي ترسي پيو ۽ پنهنجي سپهه سالار نظام الدين جنيدي کي سندس پيڇو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
دهلي جي حڪمران شمس الدين التمش ٻه مهينه 20 ڏينهن جي گھيري کان پوءِ تاريخ معصومي جي مطابق 28 جماد الاول سنه 625 هجري مطابق 6 جون 1128ع تي اچ کي فتح ڪيو.
جڏهن اچ جي هٿ مان نڪري وڃڻ جي خبر ناصر الدين قباچه کي بکر ۾ پئي ته هن پنهنجي پٽ، جنهن جواني ۾ وڏي عياشي ڪئي هئي ۽ سنڌين کي وڏا عذاب ڏنا هئا، تنهن کي شمس الدين التمش ڏانهن روانو ڪيو، جيڪو ان سان ملي ڪا مصلحت ڪري سگھي. ان کان اڳ جو ڪو به کڙ تيل نڪري ناصر الدين قباچه سنڌ جي دولت ساڻ ڪري درياءَ رستي سيوهڻ روانو ٿيو.
سمجھجي ٿو ته سنڌي مهاڻا جيڪي هميشه ڌارين جي ڪاهه جو پهريون شڪار ٿيندا آهن، تن هن کان بدلو وٺڻ لاءِ ٻيڙين کي اهڙي نموني سنڌوءَ ۾ هلايو جو ناصر الدين قباچه سان گڏ سنڌ مان ظلم ۽ بربريت جي زور تي گڏ ڪيل دولت پاڻي ۾ لڙهي وئي.
جيڪڏهن ائين نه جي ها ته ان کي رڳو اتفاق ڪري مڃيو وڃي ته اها سنڌين سان هڪ وڏي زيادتي ٿيندي. اهو ڪيئن مڃي سگھجي ٿو ته سنڌ جي حڪمران ناصر الدين قباچه جا ٻيڙا معمولي هوندا. يقينن اهي ان جي قابل هوندا ته اهي دريا جي چاڙهه وقت ڪنهن طوفان سان منهن ڏيئي سگھن. ۽ انهن کي هلائيندڙ ملاح نهايت قابل ۽ هوشيار هوندا. تنهن ڪري اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته اتفااق طور ٻيڙا غرق ٿي ويا. حقيقت ۾ اهي ٻيڙا وطن پرستي جي جذبي تحت غرق ڪرايا ويا.
ان کان پوءِ دهلي جي دلن جي حڪمراني ٿي ويئي ۽ جيڪي سنڌ جي ڪن علائقن تي خودمختيار حڪمران هئا، تن ساليانو ٽيڪس، جنهن کي حڪومتي دهشتگردي ٽئڪس چئون ڏيئي پنهنجي آزادي کي بچايو ٿي. ان وقت سنڌ ۾ هيٺيون رياستون موجود هيون.

1. درٻيلو - هن رياست جو حاڪم راڻو ڀنر سهتو هو.
2. روپاهه - هن رياست جو حاڪم راڻو سنيهڙو ڪوريجو هو.
3. ماڻڪ تارو - هن رياست جو حاڪم جيسر ماڇي هو هو.
4. سبي - هن رياست جو حاڪم وفيه چنو هو.
5. ڀاڳناڙي - هن رياست جو حاڪم چنو ڏيٿو هو.
6. برهمڻ آباد - هن رياست جو حاڪم جسوڌن آگرو هو.
7. ديبل – ڀنڀور (موجوده ڪراچي) هن رياست جو حاڪم چنيسر سومرو هو.

شمس الدين التمش سنڌين کي قابو ۾ رکڻ لاءِ نظام الدين جنيدي جنهن کي تاريخ نويسن نظام الملڪ ڪري به لکيو آهي، تنهن کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ۽ کيس هدايت ڪئي ته هو بکر ۾ رهي. سنڌين کان سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح تابعداري ڪرائي مؤرخن ۽ تاريخ نويسن لکيو آهي ته قباچه جي مرڻ کان پوءِ التمش جي حڪومت جون حدون سنڌي سمنڊ تائين ٿي ويون هيون.
دهلي وارا سنڌ تي ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجو ڏاڍ قائم ڪيو پيا اچن، جنهن جو وڏو سبب هتان جي زرخيز زمين اناج، فصل ۽ واپار هو، سنڌ وارن هميشه پئي چاهيو ته هو مڪمل خودمختيار ۽ آزاد هجن پر کين اهڙو مقعو گھٽ مليو. هو نسل در نسل پنهنجي قوم ۽ ملڪ کي زنده ۽ سلامت رکڻ لاءِ ڌارئي خلاف وڙهندا رهيا، جنهن ڪري بقا، سالميت ۽ آزادي واري جنگ ۾ لکين سنڌي ڪسجي ويا. هزارين بي گھر ٿي ويا ۽ ننگن جون عزتون به ڌارين هٿان بچي نه سگھيون. پر انهيءَ هوندي به وطن جي آزادي لاءِ وڙهندا رهيا.
انهن ارڏن سنڌين جي ڪڏهن به پاڙي وارن ملڪن ۽ رياستن ڪا به مدد نه ڪئي ۽ نه وري سنڌي ڪنهن هڪ حڪمران تحت هئا جو باقاعده لشڪر جي تيار ڪري سامهون ٿين. سنڌ جي مختلف رياستن جا حڪمران پنهنجي رنجش ڪري هڪ ٻئي کان پاسيرا هئا ۽ هو رڳو پنهنجي بچاءَ ڪرڻ واري پاليسي تي گامزن رهيا، جنهن ڪري سنڌ کي هميشه پئي نقصان رسيو آهي.
سنڌي انفرادي طرح وڏيرن ماتحت پنهنجي آزادي لاءِ غيرن ۽ ڌارين سان وڙهندا رهيا. اهي لڙايون هڪ نسل وڙهي ختم ٿي پيو وڃي ته ٻيو نسل ان کي جاري رکيو پيو اچي، جنهن ڪري سنڌ هميشه دهلي جي حڪمرانن جي اک ۾ ڪنڊو بڻجندي آئي. ڪنهن وقت ڪنهن حڪمران، ڪنهن مجبوري خاطر سنڌين تي هٿ رکيو ۽ سندن دلجوئي ڪئي پر هو ان مان ڪڏهن به خوش نه رهيا ۽ نه وري پنهنجي مزاحمتي تحريڪ کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته انهن جي خون ۾ آزادي جي تڙپ ۽ غيرن کان سخت نفرت سمايل هئي. انهيءَ ماحول سنڌين کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ هو مقامي چڱن مڙسن جي هٿ هيٺ ٿي ويا، جيڪو نظام وقت هڪ ڪاؤنسل تي مشتمل هو. ان وقت سڀني سنڌين جو سڀ کان وڏو مسئلو ڌارئي سان مهن ڏيڻ جو هو، جيتوڻيڪ هڪ ٻئي سان ڪاوڙ، رنجش ۽ دشمني به هئي، پر پوءِ به هنن ذاتي مفاد خاطر، اجتماعي مفادن کي قربان نه ڪيو ۽ انهن ڪڏهن به ڌارين آڏو آڻ نه مڃي، پر ان جي سامهون ڍال بڻجي پنهنجن کي غيرت ڏياري ۽ دشمنن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا. انهيءَ صورتحال ۾ سنڌي رهندا آيا ۽ اڄ به قائم ۽ دائم آهن، پر اڄ سندن وجود داءَ تي لڳل آهي ۽ سنڌين جي اها دلي تمنا ۽ خواهش آهي ته ماضيءَ وارا سنڌي ڪڏهن ٿا سجاڳ ٿين.
هي ٽڪرو ڪڏهن آزاد ٿئي ٿو ته ڪڏهن غلامي ۾ ٿي جڪڙيو آزادي وارا ڏنهن به سولي کان گھٽ ڪونه هئا. ڇاڪاڻ ته دشمن هر وقت تاڙ ۾ رهندا هئا جن جون نگاهون زمين جي سر سبز خطي تي هيون هي ٽڪر، سون جي اهڙو ٽڪرو آهي، جيئن ”طولاپرس“.
انهيءَ آزادي ۽ غلامي جي چڪر م۾ سنڌ دهلي سلطنت جي ماتحت رهي. التمش ناصر الدين تي لشڪر ڪشي ڪري، ان کي دهلي سلطنت جو حصو بڻايو ۽ سنڌين جي دلجوئي لاءِ جال الدين خوارزم شاهه ۽ چغتائي خان جي تباهي ۾ تباهه ٿيل سنڌ کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن سنڌي دهلي وارن کي پنهنجو دوست سمجھن ۽ نفرت نه ڪن. پر جڏهن انهن جون زيادتون وڌي ويون ته سنڌي به سينو سپر ٿي ويا.
التمش جي جاءِ نشين مان جڏهن ناصر الدين محمود دهلي جي گادي تي ويٺو ته هن پنهنجن اميرن کي راضي رکڻ لاءِ سنڌ ۾ جاگيرون ڏنيو جن سنڌ جي هارين، نارين ۽ واهڻ جي رهاڪن سان زيادتيون شروع ڪيون. انهيءَ زيادتين ۽ ڏاڍ جي خلاف 650 هجري مطابق 1252ع ۾ سنڌين علم بغاوت بلند ڪيو، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ملڪ شير خان کي سنڌ موڪليو ويو. سنڌي جوڌن پاڻ ملهائيندي دشمن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا ۽ هو سنڌين جي ڊهه نه جھلي سگھيو ۽ ڀڄي وڃي جان بچائي.
ناصر الدين محمود انهيءَ صورتحال کي مهن ڏيڻ لاءِ پاڻ ميدان ۾ نڪري پيو ۽ ارسلان خان تي اها ذميواري عائد ڪئي ته هو سنڌ وارن کي مات ڏي، پر هو به ڦڪي ڦڪي ڪونه ويٺا هئا. ارسلان جي دال نه ڳري ۽ آخر گوڏا کوڙي واپس هليو ويو. انهيءَ صورتحال ۾ ناصر الدين محمود پنهنجي وزير اعظم بهاءُ الدين بلبلن جي ڀاءُ اعزار الدين عرف ڪشلو خان کي سنڌين جو ڪچلڻ جو حڪم ڏيئي روانو ڪيو.
هن پهچندي ئي سنڌي جوڌن جي غيرت سان کيڏڻ شروع ڪيو. ڪيترا سنڌي هن جي ڏاڍ ۽ ظلم ڪري شهيد ٿي ويا پر پوءِ به سنڌين کي هيسائي نه سگھيو.
ڪشلو خان جو ڏٺو ته هي ٻرندڙ باهه جا شعله گھٽ ٿيڻ بجاءِ ڀڙڪو ڏيئي اڀرن ٿا، تنهن ڪري پنهنجي سازش کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سنڌين سان ٺاهه ڪيو، جيئن انهن جي زور ۽ طاقت تي ناصرالدين جي حڪومت خلاف بغاوت بلند ڪري ان جو ارادو اهو هو ته دهلي سلطنت جو تختو اونڌو ڪري پنهنجي بادشاهت قائم ڪري جيئن هن سنڌين کي پاڻ سان ملائي هلاڪو خان کان مدد گھري.
بلبلن پاڻ حڪومت ڪرڻ لاءِ تيار هو، تنهن اهڙي موقعي مان فائدو وٺڻ لاءِ سنڌ وارن وٽ لنگھي آيو ۽ سنڌي مجاهدن سان ملي دهلي تي ڪاهي ويو پر ان وقت حالتون تبديل ٿي چڪيون هيون، جنهن ڪري هن ناصر الدين محمود کان معافي ورتي.
سنڌي هميشه پيار محبت ۽ قرب جا ڪٺل رهيا اهن، پر جڏهن به ڪنهن انهن کي بد نظر، حرص ۽ لالچ سان ڏٺو آهي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. شايد انهيءَ ڪري سنڌين جو وجود باقي آهي.

[b]تاتارين جو حملو
[/b]ناصر الدين محمود 664 هجري مطابق 1266ع ۾ وفات ڪئي. ان جي جاءِ تي سندس وزير اعظم غياث الدين بلبلن تخت تي ويٺو. هن جي پوئين جلال الدين خلجي معز الدين ڪيقباد کي 688 هجري مطابق 1289 ع ۾ قتل ڪري پاڻ دهلي سلطنت تي ويٺو، تيئن سندس ڀائيٽي ۽ نياڻي علاؤ الدين خلجي کيس 695 هجري مطابق 1296 ع ۾ قتل ڪري حڪومت جون واڳون سنڀاليون. هن نصرت خان جي هٿ هيٺ ڏهه هزار سوارن جي فوج سنڌ ڏانهن رواني ڪئي، جيئن اتان جا رهواسي هن جي فوجي طاقت کان خوفزده ٿين.
انهيءَ دؤر حڪومت ۾ تاتارن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سنڌين سان وڙهندا سيوهڻ جي قلعي تي قابض ٿي ويا. جيئن ته ان وقت انهن جي حدن اندر داخل ٿيا ته ڪابه سرڪاري ۽ باقاعده فوج موجود ڪونه هئي پر مقامي ماڻهن انهن کي هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪرڻ ڪونه ڏنو ۽ هو سنڌ وارن سان وڙهندا سيوهڻ جي قلعي تي قبضو ڪري وڃي ويٺا.
نصرت خان جنهن کي سنڌ جي ذميواري سونپيل هئي، تنهن هڪ لشڪر ساڻ ڪري سنڌين وٽ پهتو ۽ انهن جي مدد حاصل ڪري سيوهڻ تي قابض تاتارن کي للڪاريو. نصرت خان کي ٻه طاقتون هيون. هڪ سنڌي ماڻهن جي ۽ ٻي پنهنجي فوجي قوت، . هن جي طاقت آڏو تاتارن جي دال نه ڳري ۽ هو شڪست کائي واپس هليا ويا.

[b]غيرت مندي جو ڏيک
[/b]انهيءَ دؤر سان دودي چنيسر جي ڳالهه منسوب آهي، تاريخ نويس ان متعلق لکن ٿا ته تاريخ ۾ ڪنهن به اهڙي واقعي جو ذڪر نه ٿو ملي، تنهن ڪري ان جي صحيح حقيقت معلوم ٿي نه سگھي آهي. اسان وٽ سومرن بابت صحيح معلومات جي اڻاٺ آهي، جنهن ڪري اهو واقعو روايتن ۽ ٽاٽاڻن تي مبني آهي. هن واقعي بابت اسان وٽ مختلف قصه ڪهاڻيون مشهور آهن، بهر صورت دودي چنيسر جي ڳالهه بابت تاريخي اهميت اڃا تائين واضح نه ٿي آهي، پر اسان کي هڪ ڳالهه جيڪا واضح ٿي ملي ٿي اها آهي سنڌين جي بهادري ۽ ننگا وتي غيرت.
سومري حاڪم ڀونگر راءِ کي ٻه پٽ هئا. هڪ دودو ۽ ٻيو چنيسر ۽ ٽين ٻاگھل ٻائي نالي هڪ ڌي هئي. هن جي حڪومت جي گادي جو هنڌ روپاهه يا روپا ماڙي هو ۽ هي ڏکڻ سنڌ ۽ ڪڇ جو حڪمران هو.
اسان کي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته عباسي خلافت جي زوال کان پوءِ سنڌ جا حاڪم خود مختيار ٿي ويا. تنهن کان پوءِ سومرن ڪڇ طرف پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ سلطان محمود غزنوي جي وقت ۾ سنڌي حڪمران پنهنجي طاقت کي وڌائي منصوره تائين آندو ۽ ناصر الدين قباچه جي وقت ۾ ٺٽي جو حڪمران چنيسر نالي سومرو هو.
سومرن بابت روايتن ۽ ڪجھه تاريخي معلومات مان خبر پوي ٿي ته روپا ماڙي کان پوءِ انهن مهاتم طور نالي هڪ شهر ٻڌو ۽ ان کي گادي جو هنڌ بڻايو ۽ ان کان پوءِ ٺٽي کي گادي مقرر ڪيو. ان دؤر سان ڪيترا قصه منسوب آهن، جنهن ۾ ليلا چنيسر، عمر مارئي وغيره.
ڀونگر راءِ جي مرڻ کان پوءِ ان جي جاءِ نشيني تي جھيڙو ٿيو. چنيسر وڏو پٽ هيس، پر هو ڌاري زال مان هو، جنهن ڪري برادري فيصلو ڪيو ته ڀونگر جي ٻئي نمبر پٽ يعني دودي کي تخت تي ويهاري ڇاڪاڻ ته هو ڏاڏي پوٽي مان آهي.
جڏهن سومرن جي سردارن پنهنجي فيصلي کان دودي کي آگاهه ڪيو ته هن وراڻيو ته: ”حق پهريان چنيسر جو آهي، تنهن ڪري ان جي راءِ وٺڻ ضروري آهي، تنهن ڪري ان چنيسر کان راءِ معلوم ڪرڻ گھري، جنهن تي چنيسر وراڻيو ته اوهين ترسو آءٌ امڙ کان پڇي اچان ٿو.“
سردارن جو ڏٺو ته هو اهڙي معاملي تي به پنهنجو فيصلو نه ٿو ڪري سگھي، تنهن ڪري ان کي نااهل قرار ڏيئي دودي کي پڳ ٻڌرائي ۽ سنڌي حڪومت جو سرواڻ مقرر ڪيو.
چنيسر ان فيصلي خلاف سخت احتجاج ڪيو پر چڱن مڙسن جي فيصلي کي ڪير ٿي رد ڪري سگھيو، تنهن ڪري هو دهلي جي حڪمران علاؤالدين وٽ لنگھي ويو ۽ ان کي ڪنهن نموني راضي ڪيو ته هو کيس حڪومت ڏياري، دهلي جي حڪمران سالار خان جي اڳواڻي هيٺ هڪ لشڪر چنيسر سان گڏ روانو ڪيو.
دودي حڪمران کي به خبر پئجي ويئي ته چنيسر ڌارين کي وٺي اچي ٿو ۽ کيس اهو به معلوم هو ته ڌاريا جڏهن ڪنهن پاڪ ڌرتي تي قدم رکندا آهن ته انهن جي نيت صاف نه هوندي آهي ۽ اهي پنهنجن ناپاڪ ارادن سان پاڪ ڌرتي کي رت ۾ ريٽو ڪندا آهن ۽ اهي ڦرلٽ ڪندي مهل ڪنهن جي ننگ ۽ عصمت جو به خيال نه رکندا آهن ۽ جيڪو ڪجھه هو چاهيندا آهن، ان کي حاصل ڪري وٺندا آهن، جنهن ڪري هن پنهنجي ننگن کي ٻئي هنڌ موڪلي ڇڏيو.
دهلي جا ٺڳ حڪمران ظلم ۽ بربريت جي ڪري مشهور هئا، جيڪي اقتدار خاطر هڪ ڀاءُ ٻي ڀاءُ جي منڊي لاهي ڇڏيندو هو، تخت حاصل ڪرڻ لاءِ پٽ، پيءُ کي ماريندو هو. انهن وٽ اقتدار جي حوس ايتري هئي جو هو خوني رشتن جو به خيال نه ڪندا هئا ۽ غلام ته نمڪ حرامي تائين لهي پيا هئا.
اهڙن جابرن، ٺڳ، نمڪ حرام، لالچي ڪمينن حڪمرانن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ سومرن ۽ سندن سردارن مقابلي ڪرڻ جي همت ڪئي ۽ سنڌي غيرت مندي جو ثبوت ڏيندي پنهنجي ننگ ڪڇ جي حڪمران ڄام ابڙي ڏانهن ڏياري موڪليا جيڪي سام ٿي ويا.
لالچ ۽ حرص جي نيت سان آيل لشڪر جون سنڌين جوان مردي سان مقابلو ڪيو ۽ سنڌي لشڪر جو سپهه سالار ساهڙ سلطان، جنهن کي تحفة الڪرام سپڙ سومرو ڪوٺيو آهي، ڌارين سان مقابلو ڪندي مارجي ويو، ان کان پوءِ دودي چڱن مڙسن جي مدد و فوج سان دهلي جي ٺڳن جي سامهون ٿيو ۽ پنهنجي عزت ۽ ناموس خاطر دليري سان وڙهندو سنڌ تان قربان ٿي ويو.
هن بي ننگي لشڪر جي سپهه سالار سنڌي لڄن کي پامال ڪرڻ لاءِ محل ۾ اندر گھڙي ويو ۽ ڏٺائين ته سنڌي نياڻيون اتي موجود ڪونه آهن ۽ محل ۽ گھر خالي لڳا پيا آهن. اها حالت ڏسي ويتر باهه لڳي ويس ۽ سنڌي ننگن جي لڄن کي لٽڻ لاءِ ڪڇ جي حڪمران ڄام ابڙي تي ڪياهي ويو ۽ کيس کان مطابلو ڪيو ته اهي سنڌي ننگ ان جي حوالي ڪري.
ڄام ابڙو جنهن جي جسم ۾ سنڌي غيرت جو خون هو، تنهن کيس ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن هن نياڻين تي بد نظر وڌي ته هو مرڻ گھڙي تائين انهن جي حفاظت ڪندو.
سالار ڪميڻي بد نيتي جو مظاهرو ڪندو ڪڇ جي سردار تي ڪاهه ڪئي. ڄام ابڙي به پاڻ ملهايو ۽ هڪ سنڌي غيرت مند جو ثبوت ڏيندي سامن ۽ ننگن تان قربان ٿي ويو ۽ هو پنجن هفتن تائين دشمن کي روڪيندو آيو.
هن بي ننگ ڄام ابڙي کي امر ڪري ان جي ڪوٽ ۾ گھڙي ويو. سنڌي نياڻين بد نيتن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي الله تعالى کي ٻاڏايو ته: ”اي رب العالمين اسان جي لڄ رک !“ چون ٿا ته ان مهل زمين ڦاٽي پئي ۽ اهي عزتون ان ۾ گھڙي ويون ۽ پوءِ اهو سوراخ زمين برابر ٿي ويو. امر ڪوٽ اتهاس ۾ لکيل آهي ته : ”سومريون ۽ ڄام ابڙي جي ننگن دشمنن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي باهه جي آڙاهه ۾ پاڻ اڇلايو ۽ جلي مري ويون.“
واهه . . . واهه سنڌي ننگئو توهان جي غيرت ۽ عظمت، دنيا جي تاريخ ۾ اهڙو مثال ورلي ملندو جو سنڌي شهزادين غيرن کان بچڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو هجي.
سومرن جي تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته جيترو سنڌي مرد غيرت مند آهي، ايترو سنڌي عورتون به لڄ جون پاسبان آهن ۽ هو ڪنهن به طرح سنڌي غيرت مند مرد کان گھٽ ڪونهن. اڄ به سنڌي اهڙن جوڌن ۽ جوانن کي سلام ڪري ٿو ۽ پنهنجي غيرت کي جاڳائڻ لاءِ انهن جي ڪارنامن کي اجاگر ڪندو رهي ٿو. انهيءَ ڪارنامن ڪري اڄ به سنڌي قوم جو ڳاٽ شان سان اوچو آهي.

[b]محمد شاهه تغلق جي ڪاهه.
[/b]علاؤالدين خلجي کي 717 هجري مطابق 1318 ۾ سندس حبشي غلام ملڪ ڪافور زهر ڏيئي ماري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ سندس پنجن سالن جي ننڍي پٽ شهاب الدين کي تخت تي ويهاريو ويو، جنهن کي قطب الدين خلجي پنجٽيهه ڏينهن کان پوءِ لاهي ڇڏيو. ان کي وري سندس پاليل خسرو خان 720 هجري مطابق 21 – 1320ع ۾ خنجر هڻي پورو ڪري ڇڏيو.
علاؤالدين خلجي پنهنجي وقت ۾ غازي ملڪ کي سنڌ جو حڪمران مقرر ڪيو هو، جيڪو ملتان ۾ رهندو هو. جڏهن خسرو خان جي ان واقعي جي خبر پيس ته هو سنڌين جو لشڪر ساڻ ڪري غياث الدين جي نالي سان دهلي جي سلطنت کي سنڀاليو، هي علاؤالدين خلجي جي ڏينهن ۾ سيوهڻ واري ڇانوڻي ۾ اچي نوڪر طور ڀرتي ٿيو هو جتان ترقي ڪندو، سپهه سالار بڻجي ويو. هن مغلن کي اڻونجاهه جنگين ۾ شڪست ڏني هئي، جنهن ڪري کيس غازي ملڪ جو لقب مليل هو.
هن پنهنجي پٽ کي جيئري ولي عهد مقرر ڪري ڇڏيو هو، جيڪو تاريخ ۾ سلطان محمد شاهه تغلق جي نالي سان مشهور ٿيو. 727 هجري مطابق 1328 ع ۾ ڪشلي خان ملتان سيوهڻ ۽بکر جو حڪمران مقرر ٿيو. هن ملتان کان وٺي سيوهڻ تائين سنڌين کي پاڻ سان ملايو ۽ محمد شاهه تغلق جي خلاف بغاوت ڪئي.
محمد شاهه تغلق ڪشلي خان جي بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ 728 هجري مطابق 1328ع ۾ دولت آباد کان ملتان پهتو ۽ ڌوکي سان ڪشلي خان جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪري، مارائي ڇڏيو. ابن بطوطه لکي ٿو ته: ”جڏهن هو ملتان آيو هو ته ڪشلي خان جي منڊي سر عام ٽنگيل هئي.“
ابن بطوطه هن ظالم جي ظلمن جو چڱو ذڪر ڪيو آهي، جنهن موجب هو عذاب ڏياري، قبولداري ڪرائي، قتل ڪرڻ جو حڪم ڏيندو هو. هو چوي ٿو ته: ”هو خونخوار به انتها درجي جو هوندو هو، ڪڏهن ڪو اتفاق هوندو هو جو سندس دروازي تي ڪنهن کي قتل نه ڪيو ويندو هو. گھڻو ڪري دروازي تي ماڻهن جا لاش پيا هوندا هئا.“
هن پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ ماٽيلي ماءُ علاؤالدين خلجي جي ڌيءَ تي زنا جو الزام مڙهي سنگسار ڪرايو ۽ ٻن سالن کان پوءِ ان جي پٽ مسعود خان تي بغاوت جو الزام هڻي قتل ڪرائي ڇڏيو. هن ظالم بي رحم معصومن کي به نه بخشيو، ملڪ تجار جي معصوم پٽ تي بغاوت جو الزام هڻي پنهنجي اميرن جي پٽن کي حڪم ڏنو ته هو ان تي تيرن جا نشان ڪن.
درٻاري مؤرخن هن جي ايتري تعريف ڪئي آهي جو اسان جي محققن انهيءَ تي آمنه و صدقنه کڻي ڪئي آهي پر ان جي ڪرتوتن تي روشني نه وڌي آهي. جيڪڏهن ابن بطوطه اهڙا احوال نه ڏيئي ها ته اڄ اسان ان کي ذري گھٽ رسول خدا سمجھون ها. هي اسلام ۽ مسلماني جي دعوى ڪندي به الله لوڪن، بزرگن ۽ ولي الله کي پنهنجي انا خاطر ماري ڇڏيندو هو ۽ کين طرحين طرحين جا عذاب ڏيندو هو. هن جي دؤر ۾ ملندڙ عذاب نازي ڪئمپن کان ڪنهن به صورت ۾ گھٽ ڪونه هئا.
هن ٻن سنڌي فقيهن تي ڪوڙو الزام مڙهيو ته هو سندس جي امير خلاف بد نيتي رکن ٿا، تنهن ڪري کين عذاب گهر جي سربراهه شيخ نهاوند جي حوالي ڪيا ويا. هن سنڌين تي ظلم ڪندي کين چيو ته هو هروڀرو ڏوهه قبول ڪن ڇاڪاڻ ته بادشاهه کين مارائڻ گھري ٿو. هن سنڌي ويچارن جي سينن تي تتل لوهه جون سيخون رکيون ويون ۽ ڪجھه دير کان پوءِ جڏهن اهي سيخون کنيائون ته انهن جي سيني جو گوشت به انهن سان گڏيو هليو آيو ۽ پوءِ انهن زخمن تي پيشاب سان مليل خاڪ ٻرڪي کين وڌيڪ عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو.
هنن بي گناهه سنڌين عذابن سهڻ کان پوءِ موت قبول ڪيو ۽ بادشاهه جي منشا موجب کين قتل ڪيو ويو. هن جي ظلم کان عوام تنگ ٿي پيو هو ۽ کيس گاريون ڏيڻ لڳا جنهن ڪري ڪاوڙ ۾ اچي دهلي شهر کي برباد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٽن ڏينهن اندر دهلي جو شهر خالي ڪيو ويو. بادشاهه جي ظلم کان سڄو شهر خالي ٿي ويو.
هن پنهنجن ڪارندن کي موڪليو ته هو وڃي ڏسن ته سندس حڪم جي ڪنهن نافرماني ڪئي آهي؟ جڏهن سندس ڪارندا دهلي جي گھٽين ۾ گھمي ڏٺو ته کين هڪ گھٽي ۾ ٻه ڄڻا مليا تن کي پڪڙي محمد شاهه وٽ وٺي آيا، انهن مان هڪ منڊو هو ۽ ٻيو انڌو هو.
هي انهن تي ڏمريو ۽ منڊي کي منجهنيق تي ويهاري اڏرائي ڇڏيو ۽ انڌي کي دهلي کان دولت آباد تائين گھلي پهچرائڻ جو حڪم ڏنو. حقيقت ۾ منڊو ۽ انڌو معذور هئڻ ڪري ٻاهر نه وڃي سگھيا هئا پر هن ظالم پنهنجي حڪم جي انحرافي ڪرڻ جي الزام ۾ بي گناهه ۽ لاچار انسانن کي به نه بخشيو.
هن ظالم کان سنڌي ڪنهن به صورت ۾ محفوظ ڪون هئا، هن جا ڪارندا سنڌ جي سر سبز ۽ شاداب زمين مان نڪرندڙ سون مقامي ماڻهن کان ڏاڍ ۽ جبر جي زور تي کڻي ويندا هئا. جنهن ڪري سنڌي هر وقت بکيا ۽ انگ اگھاڙا رهندا هئا ۽ آخر سنڌين جي غيرت رنگ لاتو ۽ هن جي ڪارندن جي ظلم خلاف اٿي کڙا ٿيا. ان دؤر متعلق برني لکي ٿو ته: ”سنڌ ۽ هند ۾ قحط، وبا، بغاوتن، سرڪشي، بد امني، سياسي ابتري جي ڪري عوام محمد شاهه تغلق کان نفرت ڪندو هو.“
انهيءَ نفرت جو اظهار ڪندي سنڌي ماڻهن سيوهڻ ۾ سندس ڪارندي ”ملڪ تن“ کي ماري ڇڏيو، انهيءَ تحريڪ جي اڳواڻي ڄام انڙ ۽ امير قيصر رومي ڪئي ۽ سنڌين کان ڦريل مال ۽ دولت ٻارنهن لک دينار پنهنجي قبضي ۾ ڪيا.
امير قيصر رومي ۽ ڄام انڙ جنهن کي ملڪ فيروز جو لقب مليو تن پڻ صلاح ڪئي ته سيوهڻ کي رڳو آزاد ڪرائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو تنهن ڪري بهتري ائين ٿيندو ته ٺٽي جي طرف کان به هڪ وڏو لشڪر تيار ڪجي جيئن اچڻ واري وقت کي منهن ڏيئي سگھجي. ڄام انڙ جي برادري جو گھڻو حصو به انهيءَ طرف رهندو هو، تنهن ڪري اهو ضرور سمجھي امير انڙ سمون ٺٽي طرف هليو ويو ۽ امير قيصر رومي ڌارين کي روڪڻ لاءِ سيوهڻ ۾ رهي پيو.
جيئن ئي ملڪ رتن جي قتل ۽ سنڌ وارن جي بغاوت جي خبر ملتان ۾ پهتي ته محمد شاهه تغلق جي نائب سنڌ عماد الملڪ سر تيز سنڌين کي مطيع و غلام ڪرڻ لاءِ ڏهن ڏينهن اندر سيوهڻ پهچي امير قيصر رومي کي سوڙهو ڪيو ۽ آخر چاليهن ڏينهن جي گھيري کان پوءِ امير قيصر رومي عماد الملڪ کي ٺاهه جي پيش ڪش ڪئي ۽ ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي سان واعدا ۽ اقرار ڪيا، ان کان پوءِ سيوهڻ جي قلعي جا دروازا کوليا ويا.
عماد الملڪ محمد شاهه تغلق جي تقليد ڪندي واعدي تان ڦري ويو ۽ امير قيصر رومي کي مارائي ڇڏيو. سمجھجي ٿو ته امير قيصر رومي چاليهن ڏينهن تائين ان کي روڪيو ۽ کيس اميد هئي ته ڄام انڙ پنهنجو لشڪر وٺي ضرور هن جي مدد لاءِ ايندو. انهيءَ زماني ۾ ڄام انڙ سيوهڻ مان ٺٽي طرف ويو. سومرن جي حاڪم همير ۽ سمن سردارن جي وچ ۾ چڪريون هلندڙ هيو. خيال آهي ته ڄام انڙ جي اتي پهچڻ کان پوءِ اها ڪشيدگي وڌي ويئي ۽ هو امير قيصر و رومي جي ڪابه مدد ڪري نه سگھيو.
عماد الملڪ سنڌين کي ڊيڄارڻ لاءِ روزانون انهن مان چونڊ ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندو هو ۽ انهن جون کلون لهرائي بهه سان ڀرائي قلعي جي ديوارن تي لٽڪرائي ڇڏيندو هو، جيئن سنڌي ان جي ظلم جي خوف کان ڊڄي وڃن ۽ سندن آزادي جي تڙپ ختم ٿي وڃي. ابن بطوطه سنڌي جو ڌن سان اهڙو ٿيندڙ ظلم پنهنجن اکين سان ڏٺو. هو پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو:
”قلعي جي اڪثر حصن تي کلون لڙڪنديون هيون جن کي ڏسندڙ دهلجي ويندا هئا.“ هو پنهنجي متعلق ٻڌائي ٿو ته : ”مان مدرسي جي ڇت مٿان سمهندو هيس ۽ جڏهن رات جو سجاڳي ٿيندي هئي ته انهن کلن کي ڏسي ڊڄي ويندو هوس جنهن ڪري مان اتي رهڻ ڇڏي ڏنو.“ هو سنڌين سان ٿيندڙ ظلم ۽ انسانيت سوز حرڪتن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”شهيد ٿيل سنڌين جون منڊيون ڌڙ کان ڌار ڪرائي، وچ شهر ۾ هڪ هنڌ گڏ ڪرايون جيڪي هڪ ٽڪري وانگي ٿي لڳيون“ ابن بطوطه جي ننڍڙي ذڪري مان صاف ظاهر آهي ته هزارين سنڌي جو ڌن کي آزادي جي گھر ۽ ڌارين جي ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف آواز اٿارڻ جي الزام ۾ مارائي ڇڏيو. انهن ظلمن ڪري ته سيوهڻ ظلم جي نگري سان مشهور ٿيو.
انهيءَ دؤر ۾ سنڌين جو ن ٻه قوتون يعني سومرا ۽ سمه پنهنجي اڻ بڻت ڪري هڪ ٻئي سان وڙهي رهيا هئا. هو پنهنجي عداوتن هوندي به سنڌ ۾ ڌاري جي ڏاڍ ۽ انهن جي حڪومت کي نفرت ۽ حقارت سان ڏسندا هئا.
ڄام انڙ سيوهڻ واري بغاوت کان پوءِ همير سومري کي حڪومت تان بي دخل ڪري ڇڏيو. انهيءَ دؤر يعني 1351ع مطابق 751 هجري ۾ محمد شاهه جو غلام نالي طفي ان جي ظلم ڏاڍ ۽ انسانيت سوز ظلمن خلاف بغاوت بلند ڪئي.
محمد شاهه تغلق کيس مارڻ لاءِ ان جو پيڇو ڪندو سمن جي حڪومت جي حدن کي اورانگھي، ٺٽي تائين اچي نڪتو. برني ٻڌائي ٿو ته: ”هي ڪول وانگر لشڪر، جنهن ۾ آرماڙ کانسواءِ هاٿي به هئا ٺٽي طرف پيش قدمي ڪئي.
محمد شاهه تغلق سونڊا ۾ ترسي پيو ۽ سومري حڪمران ڄام کي چورائي موڪيلو ته هو طخي جي ٻانهه سندس حوالي ڪن. ڄام انڙ سنڌ ۾ صدين کان قائم ضمير ۽ غيرت واري اصول جي لڄ رکندي، پڪو پهه ڪيو ته هو ڪنهن به صورت ۾ در آيل سام کي دهلي جي دلي حوالي نه ڪندو ۽ سنڌي سچو سورمو ثابت ٿيندي کيس جواب ڏياري موڪليو ته جنهن کان پوءِ ٻنهي ڌرين لڙائي جون تياريون شروع ڪيو ويون. انهيءَ دوران محمد شاهه تغلق جي ظلمن جي ستايلن مان ڪنهن دل جي باهه مارڻ خاطر کيس پلي ۾ زهر وجھي ڏنو، جنهن ڪري هو سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻينگ حالت تي وڃي پهتو ۽ جڏهن ان جي بچڻ جي ڪا به اميد نه رهي ته بقول برني: ”سلطان جي بيماري ڪري لشڪر وارا سخت پريشان هئا ۽ پاڻ سس پس پيا ڪن. ڇاڪاڻ ته انهن جون عورتون ۽ ٻار دهلي کان هزار ڪوهه پري هئا ۽ دشمن (سنڌي) جي ويجھو پهچي چڪا هئا. هو صحرا ۽ بيابان ۾ رهيل هئا، ان ڪري پريشان ۽ فڪر مند هئا. انهن کي ڀڄي وڃڻ ۽ وطن واپس ورڻ جي رستي جي ڪا به خبر ڪونه هئي. جنهن ڪري انهن پنهنجي جان تان هٿ کڻي ڇڏيو هو ۽ سلطان محمد جي وفات کان پوءِ پنهنجو انجام واضح طور ڏسي رهيا هئا.
21 محرم 752 هجري مطابق 1352 ع ۾ دهلي جي دلن بادشاهن مان محمد شاهه تغلق، پنهنجي ظلم بربريت، سفاڪ ۽ چيڙاڪ طبيعت سميت سونڊا ۾ فوت ٿي ويو.
سنڌي جن تي ڪاهي محمد شاهه تغلق، دهلي کان ٺٽي آيو هو، اهي پڻ دشمن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار هئا جن کي خبر هئي ته ان جي فوجي قوت ٻه لک سپاهين تي مشتمل آهي. تن کي اها خوشخبري ملي ته دهلي جي دشمن لشڪر جو سپهه سالار ۽ هندستان جو طاقتور بادشاهه پنهنجن جي هٿان مري ويو آهي ته کين کي اهڙي سيکت ڏيڻ جو پهه ڪيو جيڪو دهلي وارن کي صدين تائين ياد آيو ۽ درٻاري مؤرخن هميشهه وانگر بادشاهي شان و شوڪت بيان ڪرڻ سان سنڌين جي جرئت، مردانگي ۽ وطن پرستي جو ذڪر ڪيو آهي. تاريخ فيروز شاهي جو مصنف ضياءُ الدين برني لکي ٿو:
”جنهن ڏينهن سلطان محمد شاهه تغلق مري ويو. ان ڏينهن سڄي لشڪر ۾ شور مچي ويو ۽ نوبت انهيءَ حد تائين وڃي پهتي جو لشڪر جا ماڻهو هڪ ٻئي سان دست و گريبان ٿي وڃن ها ۽ قريبي ڳوٺڻ ۾ رهڻ وارا سنڌي پنهنجن گھرن مان نڪري انهن کي ڦرن، لٽن ها ! ۽ عورتن ۽ (ٻانهين) کي کڻي وڃن ها ! تنهن ڪري لشڪر کي ٻه ڏينهن اتي ترسڻو پيو.“ ان جو سبب بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”لشڪر ۾ مال و اسباب ۽ ٻارن ٻچن جي ڦرلٽ جو ذڪر ٿيندو رهندو هو ۽ ان وقت جا منتظر هوندا هئا ته ڪهڙي وقت شور ۽ غل ٿئي ٿو، جنهن کان لشڪر وارا پريشان هوندا هئا. انهيءَ گوڙ ۽ آوازن ڪري، انهن هاٿين مان جيڪي دريا جي ٻئي ڪناري کان آندا پي ويا، تن مان ٻه ٽي پاڻي ۾ ڪري ٻڏي مري ويا.
سنڌين جي جوان مردي ۽ همت جو خوف دهلي لشڪر تي ائين ڇانئجي ويو، بقول برني جي ته: ”عورتن ۽ ٻارن جي ڦرلٽ ڪري، ٻه ٽي ڏينهن انهن کان ماني کائڻ وسري ويئي ۽ خوف جي ڪري پاڻي، نڙي کان هيٺ نه ٿي لٿو.
سنڌين تغلق لشڪر کي ايترو ته پريشان ڪري ڇڏيو جو انهن جي ننڊ حرام ٿي ويئي ۽ دهلي لشڪر انهيءَ ڪشمڪش مان جان ڇڏائڻ لاءِ مدد واسطي گھرايل مغل لشڪر کي اجازت ڏني ته هو واپس هليو وڃي پر مغل لشڪر هنن جي حالت ڏسي کين ڦرڻ ۽ لٽڻ شروع ڪري ڏنو، انهيءَ صورت حال ۾ دهلي جي ڪن اميرن پنهنجي جان بچائڻ لاءِ مغلن جو ساٿ ڏنو. دهلي وارن هي مغل لشڪر پنهنجي مدد واسطي سنڌين خلاف گھرايو هو ته جيئن سنڌين جو قتل عام ڪري نسل ڪشي ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏجي پر سنڌي به مڙس مٿير ٿي بيٺا ۽ دشمن جي سڀني ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ کين اهڙي سيکت ڏني جيڪا تاريخ ۾ سندن بدنامي جو داغ آهي. وقت اهڙن حالتن ۾ پنهنجو پاڻ کي ورجائيندو اهي. سهپ ۽ برداشت ڪرڻ واريون قومون، جڏهن پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم کي حد کان ٽپندي ڏسنديون آهن، تڏهن سهپ، قوت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ هڪ انقلاب اچي ويندو آهي.
برني اهيءَ صورتحال کي ڏسي سنڌين کي گھٽ وڌ ڳالهائيندي لکيو آهي ته: ”سڀئي پنهنجي جال و مال عورتون ۽ ٻچا وڃائي چڪا هئا. انهن کي خوف ۽ حراس ڪري سڄي رات ننڊ نه آئي. پريشاني ۽ حيرت مان سندن ٻئي اکيون آسمان ڏانهن هيون. ٻئي ڏينهن به پهرين ڏينهن جيئن مغل سامهون حملو پيا ڪن ۽ ٺٽي جا فسادي (سنڌي) پويان.“ دهلي لشڪر وڏي مصيبت ۾ ڦاسجي ويو. هڪ طرف مغل سندن عورتن ۽ ٻارن کي ٿي ڦريو ته ٻئي طرف سنڌين سندن فوجي طاقت کي ٿي ٽوڙيو. برني پنهنجي لشڪر جو حال ڏسي لکي ٿو ته ٽئين ڏينهن هن لشڪر سيوهڻ ڏانهن ڪوچ ڪرڻ شروع ڪيو. لشڪر وارا اهڙي حال ۾ هئا جو هڪ ٻئي جي ڪا به خبر ڪونه هين. هڪ ڳالهائي پيو ته ان کي ٻڌي اڻ ٻڌو ڪري ٿي ڇڏيو، هو سوداگرن جي قافلي وانگر غافل ٿي چڪا هئا.
دهلي لشڪر جي ذليل حالت ڏسي اميرن فيروز شاهه تي زور ڀريو ته هو محمد شاهه تغلق جي گادي تي ويهي. ائين نه ڪرڻ سان ٻه لک ماڻهو ذليل و خوار ٿي ويندا. هن سنڌين جي قوت جوان مردي ۽ وطن پرستي ڏٺي کيس اها پڪ به ڪونه هئي ته اهڙي صورتحال کان ٻاهر نڪري زندهه به بچي سگھنداسين، تنهن ڪري حج تي وڃڻ جو بهانو ڪري انڪار ڪري ڇڏيو. آخر تاتار خان کيس زوري بادشاهي تاج پهرايو. ان کان پوءِ هي شڪست خورده لشڪر بزدلي جي ملامت سان اڳتي روانو ٿيو.

[b]فيروز شاهه تغلق سان مهاڏو
[/b]سنڌ جي سمه حڪمرانن محمد شاهه تغلق جي موت ۽ دهلي لشڪر جي ڀاڄ مان پورو فائدو ورتو ۽ سنڌين جي مضبوط حڪومت جو بنياد رکيو ۽ اهو پهه ڪيو ته ڪنهن به ڌاري قوت کي سنڌ مٿان حڪومت ڪرڻ نه ڏيندا. ڇاڪاڻ ته اهو سنڌ وارن جي غيرت ۽ شان وٽان نه هو. تنهن ڪري انهن سنڌ ۾ هڪ فوجي قوت جو بنياد وڌو ۽ سنڌ هڪ دفعو وري آزادي ماڻي.
سمه خاندان جي باني حڪمران ڄام انڙ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ سندس پٽ ڄام بابينو صدر الدين 752 هجري مطابق 1352ع ۾ ٺٽي جي گادي تي ويٺو ۽ سندس چاچو علاؤالدين عرف ڄام جوڻو سندس وزير اعظم ٿيو. هن کي تاريخ فرشته جي مصنف ڄام ماني جي نالي سان لکيو آهي.
هنن جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي مستحڪم حڪومت جو بنياد پئجي چڪو هو. هن هندستان جي بادشاهه فيرزو شاهه سان مهاڏو اٽڪايو. فيروز شاهه تغلق، محمد شاهه تغلق جي بي عزتي جو پلاند وٺڻ لاءِ 766 هجري مطابق 1366ع ۾ ٺٽي تي ڪاهي آيو. فيروز شاهه جي حملي جي روئداد شمس سراج عفيف تاريخ فيروز شاهه ۾ تفصيل سان بيان ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته جڏهن به بادشاهه جي محفل ۾ ٺٽي جو ذڪر ايندو هو ته ڏاڙهي تي هٿ ڦيرائي چوندو هو ته افسوس ته بادشاهه محمد شاهه ٺٽي کي فتح ڪرڻ جي آرزو دل ۾ کڻي هميشه لاءِ هليوويو. فيروز شاهه جي گفتگو مان درٻارين کي شڪ پوندو هو ته سلطان جو ٺٽي تي ڪاهه ڪرڻ جو ارادو آهي. هڪ ڏينهن پنهنجي وزير اعظم خان جهان کي گھرايو ۽ پڇيو ته: ”ٺٽي جا ماڻهو ڪيئن آهن ۽ انهن جي وڙهڻ جو طريقو ڪهڙو آهي جو انهن محمد شاهه سان مقابلو ڪيو ۽ طخي کي پاڻ وٽ پناهه ڏني. محمد شاهه تغلق چوندو هو ته افسوس ته ٺٽي وارن کي مطيع ڪري نه سگھيس. جيڪڏهن رب حياتي ڏني ته انهن سان ٻه پاڻي ڪبا. پر افسوس ته سلطان جي اها تمنا پوري نه ٿي سگھي. پر جيئن ته مان ان جو وارث آهيان، تنهن ڪري مون کي حيف آهي ته ان جي تمنا پوري نه ڪيان ۽ ٺٽي وارن کان ان جو بدلو نه وٺان. !“
هندستان جو بادشاهه فيروز شاهه تغلق جيڪو غياث تغلق جي ڀاءُ رجب جو پٽ هو، تنهن پنهنجي سوٽ محمد شاهه تغلق جي بي عزتي ۽ شڪست جو بدلو وٺڻ لاءِ سنڌ جي سمه حڪمرانن تي ڪاهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان واسطي پنهنجي وزير خان جهان کي بقول سراج عفيف جي ته: ”ٺٽي تي حملي ڪرڻ لاءِ شڪار جو بندوبست ڪيو وڃي.“ وزيرن سفر جي تياري شروع ڪري ڏني. غائب ۽ حاضر هر قسم جي لشڪر جو جائزو ورتو ويو ۽ سپاهين کي راضي ڪرڻ لاءِ انعام ۽ اڪرام ڏيڻ شروع ڪيا ته جيئن هڪ وڏو لشڪر تيارڪري سگهجي. انهي ڪوشش سان هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان چونڊ لشڪر تيار ٿي ويو، جنهن ۾ نوي هزار (90000) فوجي، چوراسي هزار ‎(84000) پيادا فوجي ۽ چار سو اسي (480) هاٿي هئا.
هن سنڌين کان پلاند وٺڻ خاطر، روانگي کان اڳ ۾ الله تعالى جي نالي تي خيرات ڪئي، ته جيئن غريب غربا فتح ۽ ڪامراني لاءِ دعاگو رهن ۽ هندستان جي مشهور ولي الله جي مزارن تي روئي روئي دعا گھري ته هو سنڌين کي ناس ڪرڻ ۾ غيبي امداد ڏيارين.
خيراتن ڏيڻ ۽ دعائن کان پوءِ دهلي جو لشڪر بقول سراج عفيف ”سلطان فيروز شاهه هڪ وڏو لشڪر جنهن ۾ تجربي ڪار سپاهي هندستان جا ناميارا ۽ بهادر سوار ۽ جبل جيڏا هاٿي هئا، تن کي ساڻ ڪري، ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو.“
هن بکر ۽ سيوهڻ جي نائبن کي حڪم ڏياري موڪليو ته جيترا جنگي جهاز ۽ ٻيڙا ٿي سگھن، انهن جو بندوبست ڪيو وڃي، اهڙي طرح پنج هزار ٻيڙا ضروري سامان سان گڏ دهلي جي لشڪر جي حوالي ڪيا ويا، جيڪي سنڌوءَ رستي ٺٽي ڏانهن اماڻيا ويا ۽ لشڪر دريا جي ڪناري ٺٽي پهتو.
جڏهن سنڌين کي پنهنجي دشمن جي نيت جي خبر پئي ته انهن به کيس عبرت ناڪ سبق ڏيڻ جو پهه ڪري ڇڏيو. جيئن فيروز شاهه کي محمد شاهه تغلق وارا ڏينهن وسري وڃن. انهن ڏينهن ۾ ٺٽو ٻن حصن ۾ ورهايل هو. بقول سراج عفيف جي ته: ”ٺٽي جو هڪ حصو سنڌو جي ساحل تي هو ۽ ٻيو حصو درياءَ جي ٻي ڪناري هو.“ جتي مضبوط قلعا موجود هئا. “
شمس سراج عفيف درباري مؤرخ هوندي به تعجب ۽ نفرت جو اظهار ڪندي ڄاڻ ڏني آهي ته ان وقت ٺٽو هڪ شاندار شهر هو ۽ سندس باشندا بهادر، نڊر ۽ بي باڪ هئا ۽ ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا. بقول فيروز شاهي سڀ مرد جنگجو هئا. انهن جي بهادري ۽ دليري جي سڄي دنيا کي خبر پئي، انهن جون عادتون ۽ طريقو روز روشن جيئن ظاهر هو.“
سمو حڪمران ڄام بابينو جنهن جي حڪومت هڪ طرف ڪڇ کان وٺي مڪران جي سرحد تائين هئي ۽ ٻئي طرف ڀڳي ٺوڙهي جي جبلن کان وٺي سنڌ جي سمنڊ تائين هئي، هي اهي علائقه هئا جتي هميشه ڌارين ڌرتي ڌڻي کي پئي ليٽيو ۽ ڦريو آهي اتان جا سنڌي مزاحمتن ڪري ويڙهو ۽ نڊر ٿي ويا هئا، انهيءَ ڪري ته انهن ظالمن جي ڏينهن ۾ سنڌ جو اهو ڏاکڻيو حصو آزاد ٿي ويو هو ۽ پوري سنڌ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ جتن ڪري رهيا هئا.
ڄامن دهلي لشڪر کي مات ڏيڻ جو پورو بندوبست ڪري ڇڏيو هو پهريان ته هنن ٻهراڙين ۾ رکيل اناج پاڻ وٽ زخيرو ڪيو ۽ ان کان پوءِ افرادي قوت کي منظم طريقي سان ورهايو. جنهن ڪري دهلي جو لشڪر وڏي مصيبت ۾ مبتلا ٿي ويو.
فيروز شاهه جي لشڪر ۾ کاڌ خوراڪ جي گھٽتائي ڪري قحط اچي نازل ٿيو ۽ ان وقت ان جي قيمت ٻه، يا ٽي تنگ (ان جي سڪي جو نالو) ٿي ويو. ساڳئي وقت برسات پوڻ ڪري لشڪر ۾ بيماري پکڙجي ويئي ۽ انهن جا جانور مرڻ لڳا، انهيءَ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فيروز شاهه پنهنجي لشڪر جي سپاهين کي دلداري ڏيندو رهيو ۽ سنڌ وارن تي حملي لاءِ اتساهه پيدا ڪندو رهيو.
سلطان ڄام بابينو سنڌي لشڪر جيڪو ويهه هزار بهادر سوار ۽ چار لک پيادن سپاهين تي مشتمل هو، تنهن کي تيار ڪري دهلي وارن کي منهن ڏيڻ لاءِ سامهون ٿيو.
دهلي وارا سنڌين جو شان و شوڪت، غيرت انتظام ۽ وطن پرستي ڏسي بزدل ٿي ويا ۽ جنگ جي ميدان مان ڀڄڻ شروع ڪيو، جنهن ڪري فيروز شاهه پنهنجي لشڪر جي سپاهين کي لالچون ڏيڻ، انعامن ۽ اڪرامن جا واعدا ۽ اقرار ڪيا جيئن هو لالچ ۽ لوڀ ۾ اچي پوئتي پير نه ڏين، تنهن کان پوءِ فوج جنگ جي ميدان تي لڙڻ لاءِ تيار ٿي.
سنڌ جي سورمن ۽ دهلي جي فوج جي وچ ۾ ڇتي ويڙهه لڳي جنهن ۾ فيروز شاهه جي لالچن، انعامن ۽ اڪرامن جي واعدي تي وڙهندڙ فوج، سنڌين جي طاقت آڏو ڊهه جھلي نه سگھي ۽ ميدان جنگ ۾ شڪست کائي پنهنجي ڪئمپن ڏانهن ڀڄي ويئي ۽ سنڌي پنهنجي جوان مردي، همٿ، اتحاد ۽ قومي غيرت ڪري سرفراز ٿي ٺٽي واپس موٽي آيا.
فيروز شاهه، پنهنجي لشڪر جي بزدلي ڏسي دلي طور شڪست قبول ڪئي ۽ اميرن آڏو واپس ورڻ جو ارادو ظاهر ڪيو، جيڪي پڻ انهيءَ خيال جا هئا ته هتان ڪنهن به نموني جان بچائي نڪري وڃجي، تن بادشاهه جي ڳالهه جي تائيد ڪئي. جڏهن لشڪر وارن کي اهڙن فيصلي جي خبر پئي ته اهي تمام گھڻو خوش ٿيا ۽ واپسي جي تياري شروع ڪري ڏني.
فيروز شاهه پنهنجي لشڪر جي بچاءَ لاءِ خان اعظم ظفر خان، جنهن جي هٿ هيٺ بي شمار بنگالي لشڪر هو، تنهن کي ٺٽي جا آس پاس رهڻ جو حڪم ڏنو، جيئن سنڌين جي حملن کي روڪي سگهي.
جڏهن سنڌ وارن کي دهلي جي لشڪر جي ڀڄي وڃڻ جي خبر پئي ته انهن سندن جي پيڇي ڪرڻ لاءِ جٿا روانا ڪيا، جنهن ڪري دهلي وارا پنهنجي سر کان سواءِ ٻيو ڪجھه بچائي نه سگھيا ۽ لشڪر سست رفتاري سان واپسي جو ڪوچ شروع ڪيو، انهن جٿن ۽ بنگالي لشڪر وچ ۾ ڪيتريون ئي چڪريون لڳيون جنهن ۾ ڪيترا دشمن جا سپاهي مارجي ويا ۽ ڪيترا سنڌي سورما سنڌ لاءِ شهيد ٿي ويا. جن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪري فيروز شاهه جي دلداري لاءِ ظفر خان اوڏانهن اماڻيا.
دهلي جو لشڪر سنڌين هٿان شڪست کائي گجرات ڏانهن روانو ٿيو، فيروز شاهه رستي جي سونهي لاءِ چند سنڌين کي گرفتار ڪري ساڻ کنيو، تن به پنهنجي غيرت ۽ قوم پرستي جو ثبوت ڏيئي پنهنجي نمڪ حلالي ملهائي واپسي مهل اناج جي قيمت اڃا به وڌي ويئي. هڪ يا ٻن تنگن تي هڪ سير اناج ملندو هو، جنهن ڪري سپاهي بکون ڪڍڻ لاءِ ۽ سندن لاءِ سفر ڪرڻ مشڪل ٿي ويو.
انهن دهلي لشڪر کي ڪڇ جي رڻ جنهن کي سراج عفيف ”ڪونجي رڻ“ جي نالي سان لکيو آهي، اتي وڃي ڪڍيو، جنهن ڪري لشڪر مٿان هڪ آفت ويئي ٿي ته ٻئي آفت آئي ٿي. شمس سراج عفيف اهڙي ڪيفيت بيان ڪندي لکي ٿو ته:
”ماڻهن مئل ڍرن جو گوشت کائڻ شروع ڪيو ۽ لشڪر جي ماڻهن مردار ڍورن کي بک وگھي ڪهي ٿي کاڌو، ڪي ماڻهو ته چمڙو کائن پيا ۽ ڪن ماڻهن تي چرٻي کي پاڻي ۾ گرم ڪري بک پئي مٽائي. اهڙو قحط اچي ڪڙڪيو، جو ماڻهو پنهنجي زندگي کان بيزار ٿي پيا ۽ لشڪر جا گھوڙا ختم ٿي ويا. جنهن ڪري سپاهين کي پنڌ سفر ڪرڻو پيو.
فيروز شاهه لشڪر جو هي برو حال ڏسي، سمجھي ويو ته سنڌين پنهنجو پلاند ورتو آهي، تنهن ڪري سونهن کي گرفتار ڪرايو، جن مان ڪن کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ جيڪي زنده بچيا، تن کان پڇيو ته توهان ايئن ڇو ڪيو، جن کيس جواب ڏنو ته: ”اسان بدلي وٺڻ خاطر ايئن ڪيو آهي ۽ اوهان کي اهڙي هنڌ آڻي ڪڍيو آهي، جتان اوهان هوا وانگر اڏري وڃو يا ڀڄو تڏهن به هن رڻ مان نڪري نه ٿا سگھو.“
ان علائقي جو پاڻي ايترو ته کارو هو جو زبان تي رکڻ سان زبان به ٻه ٽڪر ٿي پئي وڃي ۽ هڪ قطري جي مٺي پاڻي پوڻ سان سڄو مٺو پاڻي به کارو ٿي پيو وڃي.
لشڪر وارا پنهنجو هي حال ڏسي زندگي کان نا اميد ٿي ويا ۽ جڏهن رڻ پٽ جي مصيبت مان ٻاهر نڪتا ته هڪ وڏي جھنگ سندن استقبال ڪيو جنهن ۾ گاهه هو نه سائي ٽاري. اتي نه ڪنهن پکي جو گذر هو نه ڪنهن جانور جو بسيرو. اهڙي حالت ۾ بقول عفيف ”پوڙهو پنهنجي پٽ کان موڪلائي اها دعا ڏيئي رهيو هو ته خدا شال توکي هن آفت مان صحيح سلامت پهچائي ۽ پاڻ اتي ئي دم ٿي ڏنائين. هڪ ڀاءُ ٻئي ڀاءُ کي پنهنجي ٻچن جي پارت ڪري، روئي ٿي موڪلايو.“ فوجي سپاهين ٺٽي جي ميدان مان جيڪو سامان بچائي پاڻ سان ساڻ کنيون هو، تنهن کي پاڻ تي بار سمجھي جھنگ ۾ اڇلايو.
تاريخ فيروز شاهي ۾ آهي ته : ”فيروز شاهه پنهنجو ۽ لشڪر جو اهڙو حال ڏسي روئندو هو ۽ الله سائين کي ٻاڏائيندو هو ته هو سندس حال تي رحم ڪري. “ ٺٽي مان روانگي کان پوءِ فيروز شاهه جو دهلي وارن سان ڪو به رابطو نه رهيو، جنهن ڪري اهو مشهور ٿي ويو ته فيروز شاهه لشڪر سميت سنڌين هٿان ختم ٿي ويو آهي.
نيٺ هي نيت ۾ ٻڏل لشڪر ڇهن مهينن جي مصيبت ڪاٽڻ کان پوءِ گجرات پهتو ۽ پنهنجي ڪاوڙ جو ڇوهه گجرات جي حاڪم نظام الملڪ تي ڇنڊيو، جنهن کي برطرف ڪري سندس جاگير ضبط ڪئي.
جيئن ته فيروز شاهه نٽر بادشاهه هو ۽ سنڌين جا سور به ياد هيس، تنهن ڪري دهلي وڃڻ بدران گجرات ۾ رهي هڪ مضبوط لشڪر تيار ڪري 767 هجري مطابق 1367ع ۾ ٻيهر سنڌين کي ڪچلڻ لاءِ ٺٽي تي ڪاهه ڪئي. هن پنهنجي وزير اعظم خان جهان کي لکيو ته جيتري فوج ۽ فوجي سامان ٿي سگھي، ان کي جلدي ٺٽي روانو ڪيو وڃي، فيروز شاهه جو لشڪر سنڌ تي ڪاهه جي نتيجي ۾ پنهنجو حشر ڏسي چڪو هو، جنهن ڪري ڪيترن سپاهين هلڻ کان انڪار ڪيو يا ڀڄي ويا. سراج عفيف انهيءَ حالت ي روشني وجھندي لکيو آهي ته: ”ڪيترا شاهي سپاهي واٽ تي ڀڄي ويا، جنهن ڪري فيروز شاهه لشڪر جي ٻنهي پاسي خاص جٿا مقرر ڪيا.“ جنهن کي اڄوڪي دؤر ۾ ملٽري پوليس چئبو آهي.
ڄام بابيني فيروز شاهه جي ٻيهر اچڻ جي خبر ٻڌي، سنڌوءَ جي سڀني پلن کي ڊهرائي ڇڏيو، جيئن ان رستي هندستان جو لشڪر ٺٽي پهچي نه سگھي ۽ جيترو جلد ٿي سگھيو، ٻهراڙين ۾ بچتو اناج کي شهر ۾ منتقل ڪيو، جيئن ڊگھي جنگ جي صورت ۾ ڪابه مشڪلات نه اچي.
فيروز شاهه پنهنجي بدلي جي باهه ۾ مينهن واچ ڪندو ٺٽي جي ٻاهران اچي پهتو ۽ واٽ تي جيڪي سنڌي مليس ٿي تن کي قيد ڪري، لشڪر جي حوالي ڪيو ۽ جيڪو اناج فيروز شاهه نه کڻي سگھيو هو تنهن کي پاڻ وٽ ذخيرو ڪري ٿي ڇڏيو. هن ڪوشش ڪئي ته درياءَ ٽپي ڄامن سان سامهون ٿيان پر سنڌين جا مضبوط جٿا، جيڪي سنڌوءَ جي هڪ سئو چاليهن ميلن جي مفاصلي تائين نگراني ڪري رهيا هئا، تن کيس درياءَ پار ڪرڻ نه ڏنو ۽ مجبور ڪيو ته هو پوئتي هٽي وڃي. فيروز شاهه سنڌين جي انهيءَ حڪمت عملي کي منهن ڏيڻ لاءِ عماد الملڪ ۽ ظفر خان کي حڪم ڪيو ته هو بکر وٽان سنڌو کي پار ڪري سنڌين جي طاقت کي ورهائن. هنن ائين ڪيو ۽ جڏهن ڌاريو لشڪر سنڌ وارن جي سامهون ٿيو ته ميدان ريٽي رت سان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ لاشن جا ڍير لڳي ويا ۽ دشمن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. تاريخ ۾ فيروز شاهه جي ان لڙائي جو ذڪر تفصيل سان بيان ڪونهي، پر دشمن مؤرخن کي ائين لکڻو پيو ته: ”ان جنگ جي بيان کان قلم قاصر آهي.“
فيروز شاهه دهلي جي لشڪر جي شڪست ڏسي عماد الملڪ کي هندستان روانو ڪيو ته هو هڪ ٻيو لشڪر مدد لاءِ وٺي اچي.
سنڌي جن وٽ اناج جي کوٽ شروع ٿي ويئي هئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت نئون فصل تيار هو ۽ رکيل اناج ٻج طور ڪتب آڻي ڇڏيو هو ۽ جنگ لڳڻ ڪري ٻاهرين رسد به بند ٿي وئي هئي، تڏهن به اهڙي جذبي ۽ قومي غيرت سان وڙهيا جو تاريخ ۾ اهو هڪ مثال بڻجي ويو آهي. انهيءَ ويڙهه راجا ڏاهر کان پوءِ سنڌ کي نئون جياپو ڏنو.
ڄام بابيني ۽ فيرو ز شاهه جي ٽڪر کان پوءِ هند ۽ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي بد حالي جي صورتحال کي سمجھندي ٺٽي ۽ دهلي کي تباهي کان بچائڻ لاءِ اچ جو بزرگ سيد جلال الدين بخاري وچ ۾ پيو ۽ ٻنهي ڌرين کي صلح ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو، جنهن کان پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿيو. اهو به چيو وڃي ٿو ته اهو ٺاهه فيروز شاهه جي چوڻ تي ٿيو هو.
ان ٺاهه موجب ٺٽي جي حڪومت ڄامن حوالي رهي پر ڄام بابينو ۽ ڄام جوڻو فيروز شاهه سان دهلي ويندا ۽ سندن پويان رڪن الدين عرف ڄام تماچي ۽ خير الدين ٺٽي جي گادي تي ويهندا. 790 هجري مطابق 1390ع ۾ فيروز شاهه وفات کانپوءِ غياث الدين تغلق گادي تي ويٺو. انهيءَ دؤر ۾ ڄام بابينو سنڌ ڏانهن واپس وريو ۽ واٽ تي فوت ٿي ويو.
ڄام بابيني ۽ ڄام جوڻو جو دهلي وٺي وڃڻ جو وڏو سبب اهو هو ته سنڌين جي وڌندڙ طاقت کان دهلي وارا خوفزده هئا. جنهن ڪري انهن اهو ضروري سمجھيو ته انهيءَ ٺاهه رستي سنڌ جي وڌندڙ قوت کي روڪي سگھجي ٿو ۽ دهلي به محفوظ رهي سگھندي ۽ باقي هندستان جي باغن ۽ سرڪشن کي اهو بانور ڪرائجي ته هو تغلق حڪومت آڏو ڪجهه به نه آهن.
فيروز شاهه جي ان خيال ڪجھه وقت لاءِ باقي سنڌ جي آزادي کي ته روڪي ڇڏيو پر سنڌين جي من ۾ جيڪا آزادي جي تڙپ هئي تنهن کي ختم ڪري نه سگھيو ۽ آخر هڪ ڏينهن سنڌين جي انهيءَ قومي غيرت ۽ جذبي سڄي سنڌي کي ڌارين کان آزاد ڪرائي، هڪ ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري سنڌ هميشه دهلي وارن ۽ ٻين ڌارين کي کٽڪندي رهي. هي قوم غلام ٿيڻ لاءِ پيدا ئي ڪونه ٿي آهي. غلاميءَ جا زنجير هميشه عارضي ثابت ٿيا آهن ۽ وقت ثابت ڪيو آهي ته هو هميشه آزاد رهيا آهن. آزادي لاءِ صدين تائين ويڙهه کي جاري رکيو آهي.

شاهه بيگ ارغون جو سنڌ تي حملو

سنڌ جيڪا هميشه امن ۽ سڪون واري ڌرتي سڏبي آهي، تنهن جا سوڍا پٽ پنهنجي ماءُ ڌتي جي لڄ رکڻ ۽ نمڪ حلالي ڪندي مهاراجا ڏاهر بادشاهه جي امر ٿيڻ کان پوءِ ڌارين سان مزاحمتي جنگين ۾ مصروف رهيا جنهن ڪري امن واري ڌرتي جنگ و جدل ۾ بدلجي ويئي ۽ سنڌين جي ريٽي رت سان لال ٿيندي آئي. تان جو سومرن کان پوءِ سمن اسرڻ شروع ڪيو. جنهن ۾ ڪجھه وقت لاءِ سنڌين سک جو ساهه کنيو.
سنڌ جي خوشحالي ۽ شاهوڪاري اڃا عروج تي ئي ڪونه پهتي هئي ته، سمن سلاطين جي پوئين دؤر ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي کان پوءِ سنڌ هڪ وڏي عذاب هيٺ اچي ويئي، جنهن جو تدارڪ اڄ تائين نه ٿي سگھيو آهي.
ڄام نظام الدين 866 هجري مطابق 1461ع ۾ ڄام رائڏني سنجر کان پوءِ سنڌ سلطنت جي گادي تي ويٺو. (مختلف تاريخ نويسن جي مطابق ڄام سڪندر جي وفات 6 جمادي الاول 858 هجري کان پوءِ رائڏنو سنڌ جو حڪمران ٿيو، جنهن کان ڄام سنجر تخت تي ويٺو، جنهن پڻ اٺ سال حڪومت ڪئي پر منهنجي تحقيق موجب ڄام رائڏنو ۽ سنجر حقيقت م هڪ شخص جا نالا هئا (جنهن لاءِ ڏسو مفصل تاريخ سنڌ اياز ڀاڳت)
هن بکر پرڳڻي جي سنڌي جوڌن سان صلح جو ٺاهه ڪري سمه سلطنت جي گھرو ويڙهه جو خاتمو ڪيو ۽ سنڌ کي هڪ مثالي ملڪ بڻائي ڇڏيو. معصومي وارو هن جي ديني ڪار نامن جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته: ”هن جي وقت ۾ سنت نبوي جي ايتري پيروي ٿي جو ان تصور به نه ٿو ڪري سگھجي. مسجدن ۾ باجماعت نمازن پڙهڻ جو رواج پئجي ويو ۽ جيڪڏهن ڪنهن کان با جماعت نماز پڙهڻ گسي ويندي هئي ته اهو نمازي پريشان ۽ پيشمان هوندو هو ۽ ٻئي ڏينهن استغفار پڙهندو هو.
اهڙي مسلمان حاڪم جي وقت ۾ قنڌار جي مسلمان حاڪم سنڌ ۾ بد نظر وڌي ۽ ان جي امن ۽ سڪون کي پائمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ ڄام نظام الدين هر هفتي طبيلن ۾ وڃي گھوڙن تي هٿ ڦيرائي چوندو هو ته: ”اي بختاورئو اوهان تي جهاد کان سواءِ سواري ڪرڻ نه ٿو چاهيان ڇاڪاڻ ته چئني طرفن کان مسلمان حاڪم آهن. دعا ڪريو ته شرعي سبب کان سواءِ ڪٿي به نه وڃان ۽ نه وري ٻيو ڪو به هتي (ڪاهي) اچي، متان مسلمانن جو خون بنا ڏوهه جي وهي ۽ رب سائين وٽ شرمندو ٿيان.“
اهڙي نيڪ ۽ باهمت سنڌي حڪمران جي پوئين ڏينهن ۾ قنڌار جي مسلمان حاڪم شاهه بيگ ارغون سنڌ تي چڙاهي ڪئي. هن ظالم جي نظر ۾ هڪ مسلمان کي ٻئي مسلمان جو خون وهائڻ جائز هو. هنن وحشين جنهن نموني سنڌ ۾ درندگي ڪئي، اهو تاريخ جو هڪ مثال بڻجي ويو آهي. هنن سنڌو کي سنڌين جي ريٽي رت سان لال ڪري ”خرابئي سنڌ“ جو بنياد وڌو.
شاهه بيگ جو پيءُ امير ذو النون هرات جي بادشاهه مرزا سلطان حسن جو سپهه سالار ۽ سندس پٽ بديع الزمان جو اتاليف هو ۽ کيس قنڌار جي حاڪميت مليل هئي. هو اوزبڪ سردار محمد خان شيباني هٿان 913 هجري مطابق 1507ع ۾ مارجي ويو. تنهن کان پوءِ شاهه بيگ ارغون قنڌار جو حاڪم ٿيو.
شاهه بيگ ارغون سنڌ تي پهرين چڙاهي ڪڏهن ڪئي، تنهن بابت تاريخ نويسن جو اختلاف آهي. تاريخ فرشته جو مصنف محمد قاسم لکي ٿو ته هن پهريون حملو پيءُ جي جيئري سنڌ تي ڪيو ۽ سبيءَ کي فتح ڪيو هو. تاريخ معصومي جي لکت موجب هن پنهنجي پيءُ جي مرڻ يعني 913 هجري ۾ سنڌ تي ٻيهر ڪاهي آيو ۽ ڦرلٽ ڪندو لاڙڪاڻي تائين اچي پهتو ۽ 923 هجري کان پوءِ سنڌ ان شر کان بچي نه سگھي.
تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع لکي ٿو ته: ”ڄام نندي جي پوين ڏينهن ۾ شاهه بيگ جي لشڪر قنڌار کان اچي اڪڙي لاڙڪاڻي (چانڊوڪي) سنديچه ۽ ڪوٽ ماڇي جي ڳوٺن کي ڦريو. دريا خان سندن سبيءَ تائين پيڇو ڪيو ۽ سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ ابو محمد مرزا کي ماري قنڌاري لشڪر کي ڀڄائي ڇڏيو. هن وري ڄام نندي جي حياتيءَ ۾ ڪڏهن به سنڌ جو رخ نه ڪيو. شاهه بيگ ارغون 913 هجري مطابق 1507ع ۾ قنڌار جو حاڪم بڻيو. انهيءَ سان بابر قنڌار تي حملو ڪري ساهه بيگ ارغون ۽ محمد مقيم کي اتان ڀڄائي ڇڏيو. جن قنڌار ٻيهر حاصل ڪري بابر جي نائب مرزا ناصرالدين کي اتان ڪڍي ڇڏيو.
شاهه اسماعيل 915 هجري مطابق 1509ع ۾ خراسان تي حملو ڪيو. محمد خان شيباني شاهه اسماعيل سان مقابلي کي جاري رکيو، جنهن جي نتيجي ۾ 917 هجري ۾ محمد خان شيباني قتل ٿي ويو ۽ اوزبڪن جي شڪست کان پوءِ خراسان تي قابض ٿي ويو.
انهيءَ زماني ۾ ٻه قوتون اڀري رهيون هيون. هڪ طرف بابر پنهنجي قوت کي وڌائڻ لاءِ مختلف علائقن کي زير ڪرڻ لاءِ جنگين ۾ رڌل هو ته ٻي طرف شاهه اسماعيل صفوي اوزبڪن کي شڪست ڏيئي طاقتور بڻجي چڪو هو. هڪ طرف ڪابل جي حڪومت جي زور آوري هئي ته ٻي طرف خراسان جي حڪمران جي من مستي.
شاهه بيگ ارغون ٻن طاقتن جي وچ ۾ هو. جنهن ڪري کيس اچي خوف ورايو ۽ اهو يقين ٿي ويس ته هو ٻنهي طاقتن جي وچ ۾ رهي نه سگھندو، تنهن ڪري هن پنهنجي حڪومت ڪنهن ٻئي هنڌ قائم ڪرڻ گھري يعني ڪنهن ٻئي علائقي کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ نظرون وڌيون. ڇاڪاڻ ته هن 890 هجري (1485ع) ۾ سبي تي قبضو ڪري، سنڌ ڏٺي هئي، جتان جا رهواسي پاڪ دامن، سچا مسلمان ۽ پر امن شهري هئا. جن کي زير ڪرڻ نهايت آسان هو.
انهيءَ نيت سان 916 هجري مطابق 1510 ع ۾ قنڌار کان ڪوئيٽيا پهتو، جنهن تي اڳ ۾ قبضو ڪري چڪو هو، اتان هي لشڪر جڏهن سبي پهتو ته سمه حڪومت جي نائب بهادر خان ڌارين سان مهاڏو اٽڪايو، پر سنڌي جيڪي ڪنهن اڳرائي خلاف هئا، تن مزاحمتي جنگ ۾‎ اڻ پوري تياري ڪري، شڪست کاڌي ۽ سبي تي قنڌار وارن جو قبضو ٿي ويو. هن سبي کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ سلطان محمد خان جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ اتان کان پنجاهه ميل ڏکڻ طرف فتح پور جي قلعي تي حمله آور ٿيو، جنهن ۾ سنڌين ساڻس مڙسي ۽ حب الوطني جي جذبي سان مهن ڏنو پر فتح وري به ڌارين کي ٿي ۽ هزارين سنڌي پنهنجي سر زمين جو دفاع ڪندي قربان ٿي ويا.
فتح پور جي قبضي کان پوءِ شاهه بيگ ارغون سبي واپس وريو ته جيئن هو سنڌين سان وڌيڪ جنگين جوٽڻ لاءِ تياري ڪري سگھي. ڇو ته کيس اها خبر پئجي ويئي هئي ته سنڌ ۾ باقاعده فوج نه هوندي به سنڌي جنهن انداز ۽ جوش سان وڙهن ٿا، اهو ڪنهن به غيرت مند ۽ جنگ جو قوم کان گھٽ ڪونهن، تنهن ڪري هن حملن کي جاري رکڻ لاءِ مناسب بدوبست ڪرڻ ضروري سمجھيو، جيئن هو سنڌين کي ماري مات ڪري سگھي.
ڄام نندي کي شاهه بيگ جي انهيءَ ارهه زورائي بغير اعلان جنگ ۽ چورن وانگر سنڌ ۾ گھڙي اچڻ تي ڏاڍي مٺيان لڳي. هن انهن سنڌ دشمن کي سبق سيکارڻ واسطي قبوليو خان عرف دريا خان ۽ اعظم کي حڪم ڪيو ته انهن شيطانن کي سنڌ مان ڌڪي ٻاهر ڪڍن ۽ ڌرتي ماءُ جي لڄ رکڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏين.
دريا خان جيڪو قبوليو قبيلي مان هو ۽ ڄام جي وزير لکدير جو غلام هو، هڪ دفعي ڄام نندو شڪار تي ويو ۽ سخت گرمي هئڻ سبب کيس اڃ لڳي ته پاڻي طلب ڪيو، جنهن ۾ دريا خان ڪک وجھي ڏنا. جنهن تي ڄام جواب طلبي ڪئي ته ڇا هن پاڻي ۾ ڪک ڪونه ڏٺا هئا. جنهن تي هن قبوليو ته گذارش ڪئي ته سائين مون ڄاڻي واڻي ائين ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته سائين جن سخت گرمي ۾ آيا هئا ۽ پاڻي گھر ڪئي هئي، جيڪڏهن اوهان کي صاف پاڻي آڻي ڏيان ها ته اوهان ڇوهه ۾ اهو پي وڃو ها، اوهان پاڻ ۾ ڪک ڏسي يقينن اهو هاريو ها ۽ ٻيهر پاڻي جي طلب ڪريو، جيستائين پاڻي کڻي اچان ها تيستائين اوهان جي جسم مان گرمي خارج ٿي وڃي ها ۽ پوءِ اوهان کي ڪوبه نقصان نه پهچي ها. ! !
ڄام نندو هن جي قعلمندي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ لکدير کان ان جي ٻانهن گھري ۽ کيس ان زماني جي اعلى تعليم ڏيارڻ لاءِ قابل استادن کي مقرر ڪيو، هي ڄام جي وزير اعظم دلشاد کان به وڌيڪ حيثيت رکندو هو ڇاڪاڻ ته ڄام کيس پٽيلي جو درجو ڏيئي ڇڏيو هو.
دريا خان نهايت بهادر ۽ بهترين سپهه سالار هو، هي ٺٽي کان فوج ساڻ ڪري پنهنجي جاگير مانجھند پهتو، جتان چونڊ ماڻهو منتخب ڪري لاڙڪاڻي آيو، جتان جي زميندارن ۽ وڏيرن ۽ جاگيردارن کي حڪم ڪيو ته هو سنڌ کي ڌارين کان بچائڻ لاءِ ان وقت جي قانون يا دستور موجب مقرر تعداد ۾ فوج لاءِ سپاهي فراهم ڪري ڏين.
لاڙڪاڻي جي رهواسين جهڙوڪ ابڙا، ماڇي، سانگي، چنه لاکا، مهاڻا وغيره جي چڱن مڙسن ۽ وڏيرن دريا خان کي سنڌي سوڍن جو هڪ چونڊ لشڪر تيار ڪري ڏنو، جنهن ۾ ڪاڇي جو وڏيرو سريمڻ پاڻ به شامل هو ۽ دريا خان کي چيائين ته سنڌ ڌرتي جي آزادي لاءِ وڙهڻ ان تي فرض آهي ۽ ماءُ ڌرتي تي ڌارين جي پير رکڻ خلاف جان ۽ مال به قربان ڪنداسين“
دريا خان سريمڻ جي حب الوطني ۽ قومي غيرت کان متاثر ٿي کيس سنڌي لشڪر جي هڪ جٿي جي ڪمان ڏني.
سنڌي جوڌن جو هي لشڪر جيڪو ڏهه هزار سپاهين تي مشتمل هو، تنهن پهريان فتح پور کي ڌارين کان آزاد ڪرايو ۽ قنڌار جي ڌاڙيلن کي سيکيت ڏيڻ لاءِ سبي ويو، جتي شاهه بيگ جو ڀاءُ سلطان محمد خان قبضو ڪيوويٺو هو جڏهن کيس سنڌي جوڌن جي جوان مردي قومي غيرت ۽ حب الوطني جي خبر پئي ته پاڻ سبي جي قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيو. سنڌ جي سورمن ۽ قنڌار جي قهارن جون پاڻ ۾ چڪريون شروع ٿي ويون. جنهن مان ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو. اها حالت ڏسي سنڌي فوج جي سپهه سالار دريا خان هڪ پر جوش تقرير ڪئي ۽ سنڌ ڌرتي جي حصي کي آزاد ڪرائڻ لاءِ فيصلو ڪن جنگ جو اعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ سنڌين ڇتي ويڙهه وڙهي، جيڪا صبح کان وٺي ٽيپهري تائين جاري رهي. جنهن ۾ سنڌ جو غاصب سلطان محمد خان مارجي ويو ۽ قنڌار جو لشڪر شڪست کائي ڀڄي ويو، جن جو سنڌين گھاٽن ۽ لڪن تائين پيڇو ڪيو، سبي هڪ سال غيرن جي قبضي ۾ رهڻ کان پوءِ آزاد ٿي.
انهيءَ لڙائي ۾ سريمڻ جي سورهيائي ۽ مڙسي سان جنگ ۾ حصي وٺڻ ڪري دريا خان جي سفارش تي ڄام نندي کيس لاڙڪاڻي ۾ ڪاڇي طرف انعام ۾ جاگير ڏني ۽ سندس ان جٿي کي هميشه ان جي ڪمان ۾ ڏيندي کيس وڏيري جو لقب عطا ڪيو. جنهن کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ ان جي وڏيرائپ قائم ٿي ۽ کيس جاگير به ملي. ڪن عالمن هن کي غير سنڌي ثابت ڪرڻ لاءِ هاڻي سليمان ۽ سليماڻ لکڻ شروع ڪيو آهي، پر سريمڻ نالي سان اهو واضع آهي ته اهو قديم سنڌي ٻوليءَ جو قديم سنڌي نالو آهي، جيڪو ڪنهن به غير سنڌي يا عرب جو نه ٿو ٿي سگهي.
جيئن ته شاهه بيگ جي ٻنهي پاسي زور آور طاقتون هيون، جن سان منهن ڏيڻ جي وٽس سگھه ڪونه هئي، جنهن ڪري هن سنڌ ۾ نظرون وڌيون هيون، جيستائين هو سنڌ کي هڙپڪري سگھي تيستائين هن بابر ۽ شاهه اسماعيل کي راضي رکڻ لاءِ قاضي ابو الحسن ۽ مولانا يار علي کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي بابر ڏانهن ڪابل روانو ڪيو ۽ پاڻ درميش خان جي معرفت شاهه اسماعيل وٽ پيش پيو، جنهن پهريان هن تي اعتبار ڪيو پر درميش خان جي وڃڻ کان پوءِ کيس ظفر قلعي ۾ قيد ڪري ڇڏيو. جتان 917 هجري مطابق 1511ع ۾ ٽن مهينن کانن پوءِ سندس غلام نالي مهتر جي چالاڪي سان جيل مان ڀڄي ٻاهر نڪتو،
جيئن ته هن پنهنجي جياپي لاءِ سنڌ جي سر زمين کي هٿ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري هن مرزا عيسى خان ترخان هٿ هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري سبي تي قبضو ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو.
دريا خان جنهن سنڌ جي سرحدن جي حفاظت جو ذمو کنيو هو، تنهن قنڌاري لشڪر جا لنگھه جھليا، ڌرتي ڌڻين ۽ ڦورن جي وچ ۾ ڇتي ويڙهه ٿي. جيئن ته قنڌار جو لشڪر اوچتو اچي ڪڙڪيو هو ۽ سنڌي بي خبر هئا، جنهن ڪري هو لشڪر تيار نه ڪري سگھيا ۽ جيڪي جٿا موجود هئا، اهي وڏي ڪٽڪ سان منهن ڏيڻ جي سگھه نه پيا رکي سگھن، تنهن ڪري سنڌي لشڪر سنڌ دشمن هٿان مات کاڌي ۽ سنڌي فوج جو سپهه سالار دولهه دريا خان پاڻ وڙهندي سخت زخمي ٿي پيو ۽ سنڌي لشڪر وڌيڪ تيارين لاءِ واپس بکر آيو. اهڙي طرح شاهه بيگ جي فوج 20 هجري مطابق 1514 ع ۾ ٻيهر سبي تائين پهچي ويئي. تنهن کان پوءِ سنڌ انهن شيطانن جي شر کان بچي نه سگھي ۽ هو سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪرڻ لڳا، جنهن ڪري سنڌ جي معيشيت کي هڪ وڏو نقصان پهتو. دريا خان جي شڪست کان پوءِ انهن جا حوصله وڌي ويا ۽ پوري سنڌ کي هڙپ ڪرڻ جا پهه پچايا ۽ سندن نظرون ٺٽي جي گادي تي هيون. اهي ارادا، ايستائين ڪامياب نه ٿي سگھيا، جيستائين ڄام نظام الدين زنده هو.
شاهه بيگ ارغون ،مرزا عيسى خان ترخان کي حڪم ڏنو ته هو سنڌ جي ٻين شهرن ۽ علائقن تي حملا ڪندو رهي. انهيءَ مارا ماري ڪري هو 17 ذيقعد 921 هجري تائين لاڙڪاڻي ۽ دادو تائين ڦرلٽ ڪئي، سنڌي جوڌن سندن مقابلو ڪيو پر هي خوني لشڪر بي گناهه سنڌين ، ننڍن وڏن ۽ عورتن جو لحاظ ڪئي بغير پنهنجي درندگي جو مظاهرو ڪيو. جنهن ڪري هاري ناري، پنهنجي عزت ۽ غيرت بچائڻ لاءِ ڪاڇي جي جبلن ۾ وڃي پناهه ورتي.
هن خونخوار لشڪر سان سنڌي وڙهندا رهيا ۽ سنڌ تان پنهنجي جان قربان ڪري امر ۽ شهيد ٿي ويا. مرزا عيسى خان ترخان جو وحشي لشڪر هڪ هفتي تائين لٽ مار ڪري سبي واپس هليو ويو. هن رڳو نارن تي وهندڙ هڪ هزار اٺ ڦريا ۽ لاتعداد ڍور ڍڳا سنڌين کان کسي ۽ چوري قنڌارن لاءِ کڻي ويو.
دريا خان جيڪو سبي مان ڌارين هٿان مات کائي، انهن کان وير وٺڻ لاءِ بکر آيو هو، تنهن سنڌکي ڦورن کان بچائڻ لاءِ هڪ نئون لشڪر تيار ڪري 922 هجري مطابق 1516ع ۾ سبي کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪاهي ويو. ارغون جن کي بابر قنڌار مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو هو، تن قنڌار بدران سبي کي پنهنجيو مرڪز بڻايو هو، تن پنهنجي بقا لاءِ جان جي بازي لڳائي ۽ سنڌي لشڪر کي سبي تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف سنڌي سندن پير کوڙن نه پيا ڏين ۽ ٻي طرف بابر انهن لاءِ موچڙ ا پسايو ويٺو هو. دريا خان سنڌ مٿان نازل ٿيل هن آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺٽي واپس وريو.
بابر 24 فيبروري 1853ع ۾ ڄائو هو ۽ ٻارهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ عمر شيخ جي وفات کان پوءِ فرغانه جي گادي تي ويٺو. جنهن عروج ۽ زوال ڏسي هندستان ۾ مغل بادشاهت جو بنياد وڌو، تنهن قنڌار کي حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري هي ارغون شيطان سنڌ ۾ گھڙي پيا هئا. بابر مغل قنڌار کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽي دفعه ڪاهه ڪئي، جنهن کان پوءِ 922 هجري مطابق 1516ع ۾ شاهه بيگ ارغون سنڌ جي ڪجھه حصي کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ شيخ ابو سعيد پوراني جي معرفت بابر سان ٺاهه ڪيو ته هو هڪ سال کان پوءِ قنڌار ان جي حوالي ڪندو، هن اها مهلت ان ڪري گھري ته جيئن هو پنهنجا پير سنڌ ۾ مظبوط ڪري سگھي، آّخر 923 هجري مطابق 1517ع ۾ قنڌار بابر جي حوالي ٿيو. ان بابت بابر نامي ۾ لکيل آهي ته: ”هو نهايت بيهودا هئا، جنهن ڪري انهن کان سندن سلطنت کسي “ اهي بيهودا ماڻهو جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿيا ته اتي قيامت صغرى برپا ٿي ويئي.
قنڌار جي کسجي وڃڻ کان پوءِ شاهه بيگ ارغون، سبي ۽ ڪوئيٽيا ۾ رهڻ لڳو ۽ پنهنجي بکي پيٽ کي ڀرڻ لاءِ سنڌ جي سر سبز ۽ شاداب علائقن ۾ ڦرلٽ ڪرڻ لڳو. سنڌين به سندس ظلم آڏو ڪڏهن ڪنڌ نه جھڪايو ۽ کيس گجرن ۽ گوگڙن کائڻ تي مجبور ڪيو، جنهن ڪري هن پنهنجي زندگي جي بقا لاءِ اتر سنڌ جي گادي جي شهر بکر تي ڪاهه ڪئي. جتي سنڌ سلطنت جو نائب قاضي قادن (قاضي قاضن) هو . هو قلع بند ٿي ويهي رهيو ۽ آخر ڪا به واهر نه ڏسي شاهه بيگ ارغون کان امان گھري ۽ بکر جو قلعو سنڌ دشمن جي حوالي ڪيو. تاريخ فرشته واري قاضي قادن جي مقابلي نه ڪرڻ جا ٻه سبب ڄاڻايا آهن.
1. بکر جو قلعو مستحڪم نه هو (يعني کاڌ خوراڪ ۽ ٻيو ضروري شيون گڏ نه ڪيون ويون هيون.)
2. قاضي قادن کي اها اميد هئي ته ٺٽي وارا بکر تي حملي جي خبر ٻڌي، مدد واسطي فوج موڪليندا، جيڪا نه آئي.
شاهه بيگ ارغون سنڌ جي تباهي تي ڏند ڪرٽيندو رهيو ۽ سنڌي پنهنجي بي حالي تي ماتم ڪندا رهيا. هن بکر جو قلعو مير فاضل بيگ ڪو ڪلتاش جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ سيوهڻ کي فتح ڪرڻ جو اردو ڪري نڪتو. واٽ تي لاڙڪاڻي جي راڄن سندس رستو روڪيو، جن سان امن و امان سان رهڻ جو معاهدو ڪيو، تنهن کان پوءِ مينهن واچ ڪندو، سيوهڻ پهتو، سيوهڻ جي سنڌين قنڌارن سان مهاڏو اٽڪايو، پر ٺٽي ۽ سنڌ جي ٻين حصن کان مدد نه پچڻ ڪري سنڌ جو هي اهم شهر به ڌاڙيلن جي ور چڙهي ويو شاهه بيگ خواجه بيگ کي سيوهڻ جو انتظام حوالي ڪري پاڻ قنڌار هليو ويو.
انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪشمڪش هئي. جنهن ڪري سنڌين هڪ ته پريشان هئا ۽ٻيو ته سنڌ ۾ باقاعده فوج مقرر نه هئڻ ڪري، راڄن ۽ ڀاڳن کان جيستائين جوان ملن، تيستائين دير ٿي ويئي ۽ سنڌ جو اترادي پاسو، جنهن جا جوان جنگجو ۽ بهادر هئا، اهي ارغونن جي ور چڙهي ويا ۽ انفرادي طور سنڌ دشمنن سان جنگ جوٽيو بيٺا هئا. جنهن ڪري سنڌ جي فوجي طاقت هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ بدران ورهائجي ويئي ۽ سنڌ کي فتح ڪرڻ ڌارين لاءِ سولي ٿي پئي. سنڌ جي بادشاهه ڄام نظام الدين جي فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ سمن جون گھرو لڙايون شروع ٿي ويون ۽ سنڌين جو ايڪو، اتحاد، جيڪو مشهور هو اهو ٽٽي پيو ۽ ڌاريا غالب اچي ويا.
ڄام نندي جي وفات کان پوءِ سندس صغير پٽ ڄام فيروز کي گادي تي ويهاريو ويو، جيتوڻيڪ ڄام صلاح الدين جيڪو ڄام سنجر جو نياڻو ۽ ڄام نظام الدين جو ويجھو مائٽ هو، تنهن گادي تي ويهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ڪري ڄامن جا امير ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا. هڪ ڌر جو خيال هو ته ڄام فيروز جيئن ته ننڍو آهي، تنهن ڪري هو ذميواريون سنڀالي نه سگھندو، تنهن ڪري ان جي عزيز ڄام صلاح الدين کي گادي تي ويهاريو وڃي. ٻي ڌر جنهن ۾ دريا خان ۽ سارنگ خان هئا، تن جو چوڻ هو ته گادي جو اصل مالڪ ڄام فيروز آهي، تنهن ڪري ان کي ملڻ کپي. بهر صورت گادي نشين جي انهيءَ چڪر ۾ باقي سنڌ جو آزاد حصو سنڌين جي پاڻ ۾ ويڙهاند جي نذر ٿي ويو.
ڄام فيروز جيئن ته ننڍي عمر جو هو ۽ امور حڪمراني جو ڪوبه تجربو ڪونه هيس، تنهن ڪري پنهنجي من مستي ۾ رهڻ لڳو ۽ عيش و آرام جي زندگي گذارڻ ڪري ملڪي انتظام ۾ خلل پئجي ويو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته مفاد پرست چاپلوس ماڻهو پنهنجي من ماني ڪرڻ لڳا. پهريان ته دريا خان کي ان سنڀاليو پر جڏهن پاڻي سر کان مٿي ٽپي ويو ته پاڻ ٺٽي کي خير آباد چئي پنهنجي جاگير مانجھند ڏانهن هليو ويو. ڄام صلاح الدين جيڪو ڄام فيروز جي تختي نشيني تي ناراض ٿيو هو، اهو پنهنجي سؤٽ جي مڙس حاڪمِ گجرات مظفر شاهه گجراتي ڏانهن هليو ويو. ڄام فيروز جا افعال ۽ بدانتظامي ڏسي ٺٽي جي ڪن اميرن کيس خط لکي آگاهه ڪيو. پر بيگ لارنامو وار لڳي ٿو هن رائمل سوڍي کي واپس اچڻ لاءِ آماده ڪيو هو.
هو ٺٽي جي خراب صورتحال ڏسي مظفر شاهه گجراتيءَ کان هڪ لشڪر وٺي اچي ٺٽي پهتو.
ڄام فيروز کي جڏهن صلاح الدين جي اچڻ جي خبر پئي ته هن اميرن ۽ وڏيرن ۽ چڱن مڙسن سان صلاح مشورو ڪيو، جن سندس ڪنهن مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڄام فيروز اهو رويو ڏسي، دريا خان ڏانهن مانجهند هليو ويو. ان کانپوءِ ڄام صلاح الدين 924 هجري مطابق 1518ع ۾ ٺٽي جي گادي تي ويٺو.
دريا خان کي جڏهن اها خبر پئي ته ڄام فيروز سان پيءُ جي نمڪ حلالي ملهائيندي پورو ساٿ ڏنو ۽ هڪ لشڪر تيار ڪري ٺٽي تي ڪاهي ويو. تاريخ معصومي جي بيان موجب ڄام صلاح الدين پاڻ ميدان جنگ ۾ وڙهڻ پيو چاهي پر سندس وزير حاجي کيس ٺٽي ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو ۽ هو پاڻ لشڪر ۽ جنگي هاٿي ساڻ ڪري دريا خان جي مقابلي ڪرڻ لاءِ ميدان تي نڪري آيو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڇتي ويڙهه ٿي، ڪيترا ئي بهادر جوان گھرو لڙائي ۾ مارجي ويا ۽ دريا خان جي لشڪر شڪست کاڌي. اهڙي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ هڪ قاصد ڄام صلاح الدين ڏانهن روانو ڪيو ويو، جيڪو دريا خان جي ماڻهن جي ور چڙهي ويو. جن ڪنهن نموني قاصد کي راضي ڪري خط جي عبارت ڦيرائي لکي موڪليو ته: ”توهان جو لشڪر شڪست کائي ڀڄي ويو آهي. اوهان چاچڪن ۾ پهچو جتي پاڻ گڏبا سين.“ اهڙي نموني فتح شڪست ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ ڄام صلاح الدين 9 رمضان 924 هجري مطابق آگسٽ 1518ع تي دريا پار ڪري هليو ويو.
بيگلارنامه موجب ته اها لڙائي ڪونه لڳي صرف چالاڪي ۽ تدبير سان دريا خان ڄام فيروز کي ٺٽي جي گادي وٺي ڏني. ادراڪي بيگلاري لکيو آهي ته: ”هڪ مهاڻو دريا خان جي ماڻهن جي ور چڙهي ويو، جنهن کي ڪنهن نموني راضي ڪري، ڄام صلاح الدين ڏانهن لکيل خط جي عبارت ڦيرائي ”دريا خان“ ۽ ڄام فيروز جو لشڪر تمام گھڻو آهي، جنهن سان مقابلي ڪرڻ جي سگھه ڪونه آهي، تنهن ڪري بهتري ان ۾ آهي ته اوهان ٺٽو خالي ڪري ڇڏيو.“ جڏهن اها خبر چاچي وزير جي سپاهين کي ملي ته هو انهن جو ساٿ ڇڏي ڄام فيروز جي لشڪر سان ملي ويا. چاچو ۽ رائمل سوڍو گجرات ڏانهن هليا ويا ۽ 8 مهينن کان پوءِ دريا خان، ٻيهر ڄام فيروز کي ٺٽي جي گادي تي ويهاريو.
ڄام فيروز هن دفعي به دريا خان جو قدر نه ڪيو ۽ کيس شڪي نگاهن سان ڏسندو رهيو. ڇاڪاڻ ته دريا خان سنڌ سنوارڻ ۽ گھرو لڙائين کان آجي ڪرڻ لاءِ انتظامي اصلاحات ڪيا ۽ هون به ڄام فيروز دريا خان جي ڪري ٺٽي جو حاڪم بڻيو ويٺو هو، تنهن ڪري هن ان کان جند ڇڏائڻ لاءِ مختلف حيلا هلايا. طاهري موجب، ڄام فيروز جي ماءُ مدينه ماڇياڻي ٻين جي چرچ تي قنڌارن وٽ ويئي ۽ کين دعوت ڏني ته هو ٺٽي تي ڪاهه ڪري دريا خان کان کين آجو ڪن، پر حقيقت ۾ ائين ڪونهي.
سنڌ مهمان نوازي ۾ هڪ مثال بڻيل آهي، سنڌين کي انهيءَ ڪري سزا اڄ تائين ملندي آئي آهي پر پوءِ به پنهنجا پير ڪونه سنڀاليا اٿن ۽ ان کي تقدير جو فيصلو سمجھي قبول ڪيو آهي. جنهن ڪري ڪن کين بزدل قومن ۾ شمار ڪيو آهي.
حقيقت اها آهي ته دولت شاهي ۽ نور گاهي ماڻهن ڄام وٽ پناهه ورتي هئي جن کي هڪ الڳ محلي ۾ رهايو ويو هو، جنهن کي مغل واڙو سڏيو ويندو هو ۽ ڪيبڪ ارغون پڻ هڪ خون ڪري اچي سنڌ ۾ سام بڻيو هو. شاهه بيگ ارغون ڏٺو ته سنڌي پنهنجي دشمنن کي به پاڻ وٽ پناهه ڏين ٿا ۽ ڪا به دور انديشي ڪونه ٿا ڪن، تنهن ڪري هن ٺٽي ۽ باقي سنڌ جي احوال جاچڻ لاءِ ڪنهن بهاني سان مير قاسم ڪيبڪي کي ٺٽي روانو ڪيو، جيڪو ڪجھه وقت اتي رهي،شاهه بيگ ڏانهن واپس ويو. جنهن کيس ٻڌايو ته سنڌ جو اصل حاڪم نهايت ڪمزور آهي ۽ امير امراءَ دريا خان سان ساڙ ۽ حسد ڪري خوش ناهن ۽ ڄام به اقتداري جي رسه ڪشي ۾ ڦاٿل آهي. تنهن ڪري ان موقعي مان فائدو حاصل ڪجي ۽ سنڌ جي دولت کي ڦري لٽي سگھجي ٿو.
شاهه بيگ ارغون کي به سنڌ تي پنهنجي حاڪميت قائم ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته هو گادي يعني ٺٽي تي ڪيئن به ڪري قبضو ڪري، نه ته سنڌين جو مزاحمتون سندس طاقت کي ٽوڙي ڇڏينديون ۽ کيس هر وقت اهو به خوف هو ته ڪڏهن به سنڌي متحد ٿي، سنڌ مان ڌڪاري ٻاهر ڪڍي نه ڇڏين. ان ڪري ضروري هو ته ٺٽي کي حاصل ڪري سنڌين جي بادشاهت کي ختم ڪجي جيئن سنڌي پاڻ کي ان سان لاڳاپيل نه رکن ۽ نه وري ڄامن سان نباهه جي ڳالهه ڪري سگھن. شاهه بيگ ارغون اهي ٽلون ٽلي ٺٽي ڏانهن پيش قدمي ڪئي.
شاهه بيگ ارغون لڪي جبلن کان ٿيندو ٺٽي کان ٽي ڪوهه پري خانواهه جي قريب منزل ڪئي. ان ڏينهن ۾ درياءَ جو وڏو وهڪرو ٺٽي جي اتر ۾ وهي رهيو هو ۽ ڳڻتي ۾ رهيو ته سنڌوءَ کي ڪيئن پار ڪجي. هڪ ڏينهن ڏٺائون ته هڪ دايو، ان مان لنگھيو پيو اچي جنهن مان کين لنگھه جي خبر پئي. اتان پهريان عبدالرحمان دولت شاهي پنهنجي گھوڙي سميت پار ٿيو ۽ءٌ تنهن کان پوءِ سڄو لشڪر ٽپي آيو. اهو واقعو 11 محرم 926 هجري مطابق جنوري 1520 ع تي ٿيو ۽ 15 محرم 926 هجري تي ارغونن ۽ سنڌين جي ويڙهاند شروع ٿي.
دريا خان جنهن جي رڳن ۾ غيرت ۽ عزت وارو خون گردش ڪري رهيو هو، تنهن ڄام فيروز کي سنڌي فوج جي سپهه سالار ٿيڻ ۽ سنڌ دشمن سان منهن ڏيڻ لاءِ چيو، پر هي سڀاڳي پيءُ جو نڀاڳو پٽ پنهنجي محلات کان ٻاهر نه نڪتو ۽ خوف وچان جنگ ۾ شرڪت نه ڪئي. دولهه دريا خان، ڄام فيروز جي بزدلي ڏسي کيس لعنت ملامت ڪئي ۽ پاڻ سنڌ کي بچائڻ لاءِ ميدان ۾ ڪاهي پيو. تاريخ معصومي ۾ آهي ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اهڙي سخت جنگ لڳي جنهن جي لکڻ کان قلم قاصر آهي.
ميدان جنگ ۾ ارغونن جو پاسو جيتوڻيڪ سگھارو هو پر دريا خان جي غيرت ، بهادري سنڌ جي دشمنن ۾ ڏار وجھي ڇڏيا تنهن ڪري ارغونن دريا خان ڏانهن صلح جو پيغام اماڻيو، جنهن وقت جي نازڪ حالتن مطابق هن صلح جي پيش ڪش کي قبول ڪيو. پر جڏهن سنڌ جو هي مڙس مٿير شيطان صفت ۽ ظالم ارغونن وٽ پهتو ته هنن واعدي جي خلاف ورزي ڪندي کيس گرفتار ڪيو ۽ آخر ۾ تنگر بردي قبتاش ارغون هٿان شهيد ڪرايو.
سنڌ جي هن جوڌي جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ ٺٽي شهر تي هڪ قيامت نازل ٿي. انهن ارغونن سنڌي لڄن جي عصمتن کي لٽيو، ڌيرن کي مائرن جي سامهون ننگو ٿي ڪيو ۽ کين ماريو ٿي. زالن کي مڙس آڏو اگھاڙو ڪري وحشيانه حرڪتون ٿي ڪيون. انهن سنڌين جي مال و دولت کي لٽيو ۽ کين بي گھر ٿي ڪيو. جڏهن ڪمينن جا هٿ سنڌ جي غدار قاضي قاضن جي گھر تائين پهتا ته هو چرين وانگر گھٽين ۾ پئي ڦريو ۽ آخر شاهه بيگ 20 محرم 926 هجري تي سنڌين سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ زيادتي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ڄام فيروز سنڌين جي قومي غيرت جي بي عزتي ڪندي ڳچي ۾ ڳارو وجھي شاهه بيگ کان معافي ورتي ۽ کيس اهو يقين ڏياريو ته هو کيس سنڌ ڏيڻ لاءِ تيار هو پر دولهه دريا خان جنگ جوٽي بيٺو هو جيڪو هڪ طاقتور امير ۽ سپهه سالار هو. تاريخ طاهري ۾ آهي ته ”شاهه بيگ ارغون جڏهن ٺٽي شهر ۾ داخل ٿيو ته ڄام فيروز ڊوڙندو وڃي ان جي قدمن ۾ ڪريو ۽ سندس آڻ مڃي ۽ ملڪ جو حاڪم تسليم ڪيو. اهڙي طرح هن پنهنجي ڳچي ۾ ڌارين جي غلامي ۽ پنهنجي بي شرمي جو ڳٽ وجھي ڇڏيو.
شاهه بيگ ارغون جيڪو قنڌار جهڙي ننڍي رياست جو حاڪم هو، جڏهن سنڌ جهڙو وسيع ملڪ هٿ آيو ته ان جي انتظام سنڀالڻ ۾ دقت پيش آئي. ڪوئٽيا کان وٺي سنڌي سمنڊ تائين جو علائقو ان جي ماتحت ٿي ويو. پر سنڌي جيڪي هميشهه ڌارين جي ڏاڍ ۽ انهن جي تسلط خلاف وڙهيا آهن تنهن سان منهن ڏيڻ سنڌن لاءِ وڏو مسئلو هو. سبي کان وٺي سيوهڻ تائين قابض ته ٿي ويا هئا، پر اهو عرصو سنڌين کين ڪڏهن به سک ۽ آرام سان ويهڻ ڪونه ڏنو ۽ سيوهڻ، بکر ۽ سبي شهرن کان سواءِ مجموعي طور باقي سنڌ سندن عملداري کان ٻاهر هئي ۽ انهن جي وفاداري ڄام سرڪار سان هئي، جنهن ڪري انهن ڪجھه وقت لاءِ ڄام فيروز جي نالي ماتر حڪومت کي برقرار رکڻ کي پنهنجي لاءِ فائدي مند سمجھيو. انهيءَ ڪري شاهه بيگ ڄام فيروز کي پٽيلو قرار ڏيئي لڪي جبلن کان وٺي سنڌي سمنڊ تائين سنڌ جي ان حصي جو حاڪم برقرار رکيو يعني ڏکڻ سنڌ ۽ پاڻ کي محفوظ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ سيوهڻ کان وٺي سبي تائين پنهنجي حاڪميت ۾ رکيو جنهن کي اتر سنڌ سڏجي ٿو. اهو رڳو ان ڪري ته بابر جنهن هن کي قنڌار مان ڌڪالي ڪڍيو هو متان سندس ڪرتوتن ڪري اتان به بي دخل نه ڪري. تنهن ڪري هو مخصوص علائقي تائين محدود رهي، بابر سان منهن به ڏيئي پيو سگھي ۽ ساڳئي وقت اندرون سنڌ ۾ ٿيندڙ مزاحمتن کي به خاموش ڪري پئي سگھيو. هو سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي پاڻ سبي واپس ورڻ لاءِ سيوهڻ پهتو.
سنڌ جي بزدل۽ ڌارين جي رحم ۽ ڪرم تي حڪومت ڪندڙ حاڪم ڄام فيروز پنهنجي قومي غيرت ۽ عزت کي ته نيلام ڪري ڇڏي هو ۽ غلامي جو طوق پائي ورتو هو، پر سنڌي جيڪي هميشهه آزاد سنڌ ۽ خودمختيار ملڪ جا رهواسي هئا، تن ڌارين جي ڏاڍاين ۽ غلامي کان آزادي لاءِ پنهنجي جدوجهد ختم نه ڪئي ۽ پنهنجي مزاحمت ۽ آزادي جي جنگ کي جاري رکيو. جڏهن ڦورن جو لشڪر سيوهڻ پهتو پئي ته کين خبر پئي ته قومي غيرت مندن، سهتن، سوڍن، سمن ۽ ٻين سنڌي ذاتين ۽ قبيلن جو هڪ وڏو لشڪر دريا خان جي پٽن محمود خان ۽ مٺل کان علاوه ڄام سارنگ راڻو، رڻمل سنگ، سندس ڀاءُ جو اڌ سنگ ۽ مخدوم بلاول جهڙي عالم، درويش ۽ سپهه سالار جي ڪمان هيٺ گڏ ٿي، ٽلٽي ۾ سنڌ جي آزادي لاءِ ويڙهه وڙهڻ جو تياريون ڪري رهيا آهن. اهڙي وقت ۾ جڏهن ارغونن جو سڄي سنڌ ۾ ڌاڪو ويهجي ويو هو ۽ سنڌ جا حڪمران به اچي پيرين پيا هئا. اهڙي مهل ۾ قنڌاري ڌاڙيلن لاءِ هڪ وڏي للڪار هئي. سندن حڪومت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي مهل به سندن مٿان اچي ويئي هئي. تنهن ڪري هنن سنڌين جي مسلماني مان فائدو ورتو، نفاق، افراتفري ۽ جنگي چالن کي ڪتب آڻيندي، قاضي قادن جهڙي دلال کي انهن ڏانهن اماڻيو ته جيئن هو انهن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي آماده ڪري سگھي ۽ ارغُني عتاب کان کين ڊيڄاري. هنن سنڌي جوڌن قاضي قادن سان ملڻ کان انڪار ڪيو ۽ مٿس لعنت ملامت ڪئي ته هو ڪيئن سنڌ ڌرتي سان غداري ڪري رهيو آهي.
شاهه بيگ ارغون جيئن ته سنڌ کي هڙپ ڪري ويو هو، تنهن ڪري هن سنڌين جي فوج کي مات ڏيڻ لاءِ وقت سر مدد فراهم ڪرڻ لاءِ مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگ لار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي سيوهڻ ۾ ٻئي دستي جي تياري جي حڪم ڪيو ۽ کين اتي رهڻ جي هدايت ڪئي. هن مير فاضل جي پٽ سلطان محمود ڪوڪلتاش کي وڌيڪ هدايتون ڏيئي بکر جي قلعي جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ کيس، فوجي دستن کي تيار ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ مير فاضل ڪوڪلتاش کي هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڏيئي ٽلٽي تي ڪاهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ارغون لشڪر رات جي اونداهي مان فائدو وٺي درياءُ پار ڪري سنڌي لشڪر جي سامهون ٿيو. هوڏانهن رڻمل سوڍي ۽ جوڌا سنگ جي اڳواڻي ۾ سنڌي غيرت مند قنڌاري قهارن کي للڪاريو ۽ سندن پيش قدمي کي روڪيو.
شاهه بيگ ارغون سنڌي لشڪر جو هڪ طرف ڌيان ڏسي، ٽلٽي جي قلعي تي ڪاهي ويو. ٽن ڏينهن تائين ڇتي ويڙهه هلي، جنهن ۾ سنڌي لشڪر ڀرپاسي وارن ۽ ٻين سنڌي قبيلن ، راڄن جي بروقت امداد نه ملڻ ڪري شڪست کاڌي، سنڌي سپهه سالار سنڌ ماءُ جو بچاءُ ۽ تحفظ ڪندي شهيد ٿي ويا. ۽ مخدوم بلاول وڙهندي وڙهندي ارغونن هٿان گرفتار ٿي ويو.
شاهه بيگ مخدوم بلاول کي گرفتات ڪرڻ کان پوءِ چيو ته: ”هاڻي به تنهنجي بهتري انهيءَ ۾ آهي ته تون منهنجي بعيت ڪر ۽ سنڌ جو حڪمران تسليم ڪر. هن جي ائين ڪرڻ سان سنڌ ۾ اٿندڙ بغاوتون ختم ٿي وڃن ها ! ۽ آزاديءَ جا متوالا غازن مان نا اميد ٿي ڪنڌ جھڪائي ڇڏن ها ته تاريخ کين بزدل ۽ بي غيرت لکي ها ! مخدوم بلاول سنڌ جي تاريخ کي داغدار ٿيڻ نه ڏنو ۽ نه وري سنڌي سرويچن جي بهادري کي لڄايو. هن سنڌين جي عظمت ۽ قومي غيرت ۽ وطن پرست جو ثبوت ڏيندي ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس چيو ته: ”مان هڪ ڦورو ۽ خوني جي ڪيئن بيعت ڪري سگھان ٿو، جنهن جا هٿ سنڌي قوم جي بي گناهه عوام جي رت سان رنڱيل هجن. جنهن سنڌي عورتن جي لڄن کي لٽيو هجي، امن و آشتي واري ڌرتي کي دوزخ بڻائي ڇڏيو هجي. جنهن جي شر کان، مسلمان توڙي غير مسلم، عالم فاضل، درويش، بزرگ ۽ عالم محفوظ رهي نه سگھيا هجن، تنهن جي مان بعيت ڪيئن ٿو ڪري سگھان؟“
شاهه بيگ ارغون پنهنجا ڪيئي حيلا هلايا، پر مخدوم بلاول جهڙو درويش ۽ قوم پرست هن جي ڪنهن به وڪڙ ۾ ڪونه آيو، تنهن ڪري هن ان کي ختم ڪرڻ لاءِ سوچيو. جيڪڏهن کيس ائين پيو مارائي ته سنڌ ۾ وڏين بغاوتن ٿيڻ جو انديشو هو، تنهن ڪري هن ٻين مسلمان بادشاهن ۽ حاڪمن وانگر اسلام کي ڍال بڻائي، پنهنجي اقتدار کي محفوظ بنائڻ لاءِ اسلام جي نالي جو سهارو ورتو. هوئن به ويچارا سنڌي محمد بن قاسم کان وٺي اڄ تائين اسلام ۽ مسلمان جي نالي تي قرباني جا ٻڪرا بڻجندا آيا آهن. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سنڌي پنهنجي ڌرتي تي بقا جي جنگ نه وڙهن ها !
هن قاضي قادن ۽ مير فاض ڪوڪلتاش جي مشوري کان پوءِ ۽ امام حافظ محمد شريف جي معرفت ان وقت جي ملن ۽ مولوين کان لالچ ۽ زور سان زبردستي سان فتوى لکائي ورتي ته: ”جيئن ته قرآن شريف ۾ آهي ته اطيع الله و اطيع الرسول و اولل امر يعني اطاعت ڪريو الله جي، ان جي رسول ۽ وقت جي حاڪم جي. جيئن ته مخدوم بلاول سمي قرآن شريف ۽ الله جي حڪم جي انحرافي ڪئي آهي ۽ الله تعالى جي نائب ۽ موجوده حاڪم شاهه بيگ ارغون خلاف بغاو ت بلند ڪري رب ۽ ان جي رسول جي فرمان جي نافرماني ڪئي آهي ۽ هو ان ڏوهه ۾ مرتد ثابت ٿيو آهي، تنهن ڪري ان مرتد کي گھاڻي ۾ پيڙهڻ جي سزا نا ڪافي آهي.“
شاهه بيگ پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ سنڌي قوم پرست حق گو ۽ غيرت مند مخدوم بلاول کي گھاڻي ۾ پيڙهڻ جو سخت حڪم ڏنو. ڪن درٻاري تاريخ نويسين لکيو آهي ته کيس سخت سزا ڏني ويئي. سنڌ جي تاريخ ڌارين حڪمرانن جي منشا ۽ مرضي مطابق درٻاري عالم لکي آهي. جنهن ۾ ڪيئن سنڌ جي ڦورن جي نندا لکي ويئي هوندي.
جڏهن سنڌ جي سپهه سالار ۽ مرد مجاهد کي سنڌ پرستي جي اها سزا ڏني پئي وڃي ته سندس زبان تي الله تعالى جي اسم کان سواءِ ٻيو ذڪر اهو هو ته: ”يا رب ! سونهاري سنڌ کي شاهه بيگ جهڙن رزيلن کان حفاظت ۾ رکجانءِ.“
حضرت مخدوم بلاول سمو سنڌ جي سچو وارث ۽ پٽ هو، جنهن پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي سنڌ جي تاريخ کي هڪ دفعو ٻيهر جياري ڇڏيو ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته مذهب جي آڙ ۾ سنڌين کي ڪڏهن به غلام بڻائي نه ٿو سگھجي. مذهب ته هڪ ٿي سگھي ٿو، پر ثقات، رسم و رواج، ٻولي ۽ ڌرتي جي لڄ ان جي راهه ۾ ڪابه رڪاوٽ ناهي. هي مڙس مٿير سنڌين لاءِ هڪ مثال ڇڏي ويو آهي. مذهب جي آڙ ۾ ڪنهن کي به غلام بڻائي ان تي حڪمراني نه ٿي ڪري سگھجي ۽ مذهب، قوم پرستي، وطن، پرستي جي آڙ ۾ رڪاوٽ بڻجي نه ٿو سگھي.
شاهه بيگ ارغون سنڌ جي آزادي کي گھاڻي ۾ پيڙائي پاڻ ڪوئيٽيا هليو ويو. ۽ سنڌين کي وڌيڪ سيکت ڏيڻ ۽ آزادي جي متوالن کي ختم ڪرڻ لاءِ مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگ لار ڪيبڪ ارغُون ۽ احمد ترخان کي سيوهڻ ۾ ترسائي ويو.
جڏهن ڄام خاندان جي غيرت مند پٽ ڄام صلاح الدين کي خبر پئي ته سنڌي پنهنجي آزادي لاءِ جنگ جوٽيو بيٺا آهن ۽ دريا خان جهڙو سنڌ جو سچو پٽ به ڄام فيروز جي ڪوتاهي ۽ بزدلي ڪري شهيد ٿي ويو آهي ۽ سنڌ غيرن جي ور چڙهي ويئي آهي، جن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڄام فيروز نالي ماتر حڪمران وڃي رهيو آهي، ته هن جي سنڌي غيرت کي جنبش آئي ۽ سنڌ کي ڌارين کان آزاد ڪرائڻ لاءِ پهريان ته بزدل ڄام فيروز کي ختم ڪرڻ جو ارادو ڪيو، جنهن جي ختم ٿيڻ سان سنڌين جي اها طاقت به وٽس اچي وڃي جيڪا ڄام فيروز جي ڪري بي اثر ٿي وئي هئي. انهيءَ ڪري هن 926 هجري جي پڇاڙي ۾ جاڙيجن، سوڍن، سمن کنگھارن ۽ ٻين سنڌي غيرت مندن جو ڏهه هزار جوانن تي مشتمل لشڪر تيار ڪيو.
جڏهن ڄام صلاح الدين تيارين جي خبر بزدل ڄام فيروز کي پئي ته هو ان جو ساٿ ڏيئي ڌارين مان جند ڇڏائڻ بدران، ٺٽي مان غلامي جي لعنت جو طوق کڻي، سيوهڻ وڃي پهتو ۽ ارغُوني سپهه سالار کي ايلاز منٿون ڪري شاهه بيگ ارغُون کي چورائي موڪليو ته هو اچي سندس جي مدد ڪري ۽ پنهنجي طرفان وفاداري جي پڪ ڏيارڻ خاطر علاؤالدين ولد مبارڪ خان کي به اوڏانهن ڏياري موڪليو.
شاهه بيگ ارغون جنهن ڪنهن مجبور ڪري سنڌ جي انهيءَ حصي کي ڄام فيروز حوالي ڪيو هو، تنهن موقعي کي غنيمت سمجھي، صلاح مشوري کان پوءِ ڪوئٽيا مان هڪ لشڪر مرزا شاهه حسن ارغون جي هٿ هيٺ 16 محرم 927 هجري مطابق نومبر 1520 ع تي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو.
ڌارين سمجھيو ته جيڪڏهن هن وقت انهن ڄام فيروز کي تحفظ ۽ مدد نه ڏني ته هڪ ڏينهن ڄام صلاح الدين طاقت وٺي پوري سنڌ کي پاڻ سان گڏائي، کين سنڌ مان لوڌي ڪڍي ڇڏيندو ! جنهن ڪري انهن فيصلو ڪيو ته ٻنهي سنڌين جي لڙائي ۾ ڀرپور حصو وٺجي، جيئن نانگ به مري وڃي ۽ لٺ به نه ڀڄي. هڪ ته ڄام فيروز جي مدد ڪرڻ سان سنڌي لشڪر پنهنجو پاڻ ۾ وڙهي ختم ٿي ويندو ۽ ٻيو ته سنڌين ۾ ٻي ڪابه سگھه نه رهندي ۽ ٻنهي ڄامن جي وڙهڻ ڪري قبيلائي اختلاف وڌي ويندا، جنهن مان آخر فائدو انهن کي رسندو، تنهن ڪري شاهه بيگ ارغون لشڪر موڪلڻ کان پوءِ پاڻ به هڪ مددي لشڪر ساڻ ڪري اچي سيوهڻ پهتو.
سنڌين جو پنهنجو پاڻ ۾ نفاق جنهن مان هميشه ڌارين فائدو ورتو آهي ۽ وٺندا پيا اچن، جيئن ته ڄام فيروز سنڌ کي غلام بنائڻ جو لعنتي طوق پائي ورتو هو، هي مرزا شاهه حسن کي ساڻ ڪري ٺٽي آيو، جنهن ۾ ارغُوني فوج جا سردار مرزا عيسى خان ترخان، سلطان قلي بيگ، مير عليڪ ۽ ابو القاسم به شامل هئا.
سنڌ جي غدار ڄام فيروز ۽ ڌارئي شاهه حسن ارغون جي گڏيل فوج ۽ سنڌ جي سپوت ڄام صلاح الدين جي فوج جي وچ ۾ سنڌ جي عزت، غيرت آزادي ۽ عظمت کي بچائڻ جي آخري جنگ ”جالار ڳوٺ“ وٽ لڳي.
غيرت مند سنڌين جي منڍ واري لشڪر جي ڪمان، ڄام صلاح الدين جو پٽ ۽ مظفر شاهه گجراتي جو ناٺي فتح خان عرف هيبت خان ڪري رهيو هو ۽ ارغوني لشڪر جي منڍ واري فوج جي ڪمان سنڌين جي رت جو اڃايل مرزا عيسى خان ترخان ڪري رهيو هو، جنهن سان سلطان قلي بيگ، مير عليڪ ارغون جهڙا جلاد به گڏ هئا.
سنڌين ۽ ارغون فوج جي وچ ۾ ڇتي جنگ لڳي، جنهن ۾ ڄام صلاح الدين سنڌ جي حفاظت ڪندي جلاد خوش محمد بيگ لار هٿان شهيد ٿي ويو ۽ سنڌ جو سوپت فتح خان عرف هيبت خان سنڌي نوجوانن لاءِ مثال ڇڏي غدار ۽ لعنتي سنڌي حميد جت هٿان هميشه لاءِ امر ٿي ويو.
سنڌين جي شڪست کان پوءِ شاهه بيگ ارغون جي خادم مهتر سنبل شاهه حسن ارغون کي مشورو ڏنو ته ڄام فيروز جهڙي غدار، جنهن اقتدار خاطر پنهنجا ڪهرائي ڇڏيا آهن، تنهن تي اعتبار ڪرڻ مناست ناهي، تنهن ڪري ان جو به سر وڍي ڄام صلاح الدين ۽ هيبت خان سان ملائي ڇڏجي. پر قدرت کي اهو منظور نه هو ته سرويچن جي سرن سان غدار ۽ بزدل جو سر به گڏجي، تنهن ڪري شاهه حسن ارغون مصلحت خاطر ائين نه ڪيو ۽ کيس اها پڪ ٿي ويئي ته هن لڙائي کان پوءِ سنڌ ۾ ڪو به اهڙو نه رهيو آهي، جيڪو سندن سامهون ٿئي. هڪ طرف سنڌين جي مضبوط فوجي قوت ختم ٿي ويئي ۽ ٻي طرف سنڌ جي بادشاهت جي دعوى ڪندڙ ختم ٿي ويا ۽ جيڪو بچيو، ان کي ايتري سگھه ڪٿي جو هو سر کڻي هلي سگھي، تنهن ڪري هن ان مشوري تي عمل نه ڪيو ۽ سنڌ پوري طرح سان ارغونن جي ڄار ۾ ڦاسي ويئي.
ان کان پوءِ مرزا شاهه حسن ارغون باغبان ويو، جتي شاهه بيگ فوجي ڇانوڻي هنيو ويٺو هو، اتي ماڇي قوم جي جوانن پنهنجي غيرت مندي جو مظاهرو ڪيو ۽ هو ارغوني لشڪر تي راتاهو ڏيڻ لڳا. جنهن ڪري شاهه بيگ ارغون انهن مان ڏاڍو تنگ ٿيو هو، ويتر جو سنڌ جي غلامي جي پڪ ٿيس ته هن سنڌي جوڌن کي هڪ هڪ ڪري مارايو. سندن گھر ڊاهيا ويا ۽ انهن جي مال و ملڪيت، بچن ۽ عورتن کي غلام ڪري پنهنجي وحشي لشڪر ۾ ورهائي ڇڏيو. هميشه فاتح پنهنجي رعب ۽ دٻدٻي کي قائم ڪرڻ لاءِ ايئن ڪندا آهن، پر جنهن ڪميني پڻ جو مظاهرو ڪيو، اهو سنڌ جي تاريخ جو هڪ اونداهو ۽ نهايت ڏکوئيندڙ باب آهي.
شاهه بيگ ارغون سنڌين جي مزاحمت کي ختم ڪري سيوهڻ آيو، جتي قلعي جي انتظام کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ۽ سنڌ وارن کي اڃا وڌيڪ تنگ ڪرڻ ۽ پنهنجي گرفت وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ فوج جي سپهه سالارن ۽ ارغوني ڦورن کي حڪم ڏنو ته هو قلعي جي اندر پنهنجا گھر ٺاهن ۽ پنهنجو پاڻ کي جيترو ٿي سگھي محفوظ رکن. ڇاڪاڻ ته سنڌي ڇاپامار کين وڏو نقصان رسائي رهيا هئا. ان وقت به سنڌي اڄ جي سنڌين وانگر هڪ نه ٿي سگھيا هئا. اجتماعي طاقت بدران انفرادي قوت کي استعمال ڪيو، جنهن ڪري ڌاريا هڪ هڪ تي غلبو حاصل ڪري، سنڌ ڦٻائي ويا. خدا شال سنڌين کي سمجھه ڏيئي ۽ وقت سر فيصلي ڪرڻ جي قوت ڏيئي. اڄ به سندن اهو حال آهي.
شاهه بيگ سيوهڻ جو انتظام پنهنجي پٽ مرزا شاه حسن جي حوالي ڪري پاڻ بکر طرف روانگي ڪئي. ڄام فيروز غلامي جي طوق پائڻ ۽ ڄام صلاح الدين جهڙو جوڌي جي شهيد ٿيڻ تي شاهه بيگ کي خوش ڪرڻ لاءِ تحفه روانه ڪيا جيڪي کيس واٽ تي مليا ۽ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ کي هو آزاد ڪري ڇڏيندو بشرطيڪ، گجرات هو فتح ڪري، ان مان سندس مقصد اهو هو ته ڄام فيروز گجرات تي حملي ڪرڻ وقت سندس مدد ڪري ۽ سنڌي جن مزاحمتي جنگ شروع ڪري ڏني هئي، تن کي پڻ اهو يقين ڏيارڻ هو ته هو سنڌ ۾ دائمي طور رهڻ ڪونه آيو آهي، جنهن ڪري هو ان سان ويڙهه کي ختم ڪن. پر سنڌي جن جي رڳن ۾ غيرت وارو خون هو تن اهڙي خبر کي چال سمجھي ۽ کين پڪ هئي ته گجرات فتح ڪري يا سڄو هند پر سنڌ مان هي هيئن وڃڻا ناهن، تنهن ڪري انهن مصلحت ڪرڻ بدران پنهنجي مزاحمتي ويڙهه کي جاري رکيو.
شاهه بيگ جڏهن لاڙڪاڻي پهتو ته سلطان محمد خان پنهنجي صلاح ڪار بابا چوچڪ کي هڪ خط ڏيئي مير فاضل ڏانهن موڪليو، جنهن ۾ سنڌين جي همت، بهادري کان آگاهه ڪيو ۽ کين خبردار ڪيو ته ائين بنا خوف ۽ انتظام جي ايڏانهن اچڻ خطري کان خالي ناهي، خاص ڪري ڌاريجا جن ارغوني ڦورن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا هئا، تن کان خبردار ڪيو.
شاهه بيگ ارغون پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ترسي پيو ۽ وڌيڪ حالتن جو احوال وٺڻ لاءِ مير فاضل کي اوڏانهن روانو ڪيو. هو درياءُ ٽپي پريالي پهتو. ارغونن تي سنڌين جو ايترو ته خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو هو جو سلطان محمد جڏهن قلعي کان ٻاهر نڪرڻ گھريو ته سندس پيءُ مير فاضل ڪوڪلتاش کيس خبردار ڪيو ۽ تنبيه ڪئي ته هو ائين ٻاهر نه نڪري، جيڪو خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي.
جڏهن محمود ڪوڪلتاش بکر جو انتظام سنڀاليو هيو ته ڌاريجا جن مجبوري ۽ ڪن مصلحتن ڪري ڌارين جي حڪومت کي قبول ڪيو هو، تن سلطان محمود کي بزدل ڪري ڇڏيو هو ۽ کيس قتل ڪري ڇڏين ها! پر ڌاريا نيٺ ڌاريا. قلعي ۾ رهندڙ ڪوٽائي ساداتن سلطان محمود جو ساٿ ڏنو جنهن ڪري ڌاريجا، انهن جي عزت ۽ لڄ رکندي محمود خان کي ڪجھه به نه ڪري سگھيا. محمود خان ساداتن جي طفيلي بچندي به سندن احسان جو بدلو چڪائي نه سگھيو، ويتر جڏهن شاهه بيگ بکر جي قلعي ۾ آيو ته انهن غدارن کي قلعو خالي ڪرڻو پيو ۽ ڪجھه وقت لاءِ دربدر جون ٺوڪريون کاڌيون. نيٺ وري به سنڌين کي رحم آيو جن غدارن کي روهڙي ۽ سکر ۾ رهڻ لاءِ اجھا ڏنا.
مير فاضل جڏهن لاڙڪاڻ کان بکر ويو هو ته هي پاڻ سان گڏ ستيتاليهه (47) ڌاريجا چڱا مڙس ساڻ وٺي ويو هو، جن مان ستاويهن سردارن کي پٽ جي چوڻ تي سزائون ڏنيون.
شاهه بيگ ارغون کي جڏهن اها خبر ملي ته سندس ڇاڙتو مير فاضل ڪوڪلتاش سنڌين کي ڏٽا ڏيئي ساڻ ڪري بکر خيريت سان پهچي ويو آهي، ۽ ڪنهن به قسم جو خطرو ڪونهي ته هي ظالم لاڙڪاڻي کان بکر پهتو ۽ سنڌين کي مات ڏيڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا. اتي موجود سنڌ جي عالم غدار، قاضي قادن کيس مشورو ڏنو ته: ”هي ملڪ سيلابي آهي، جنهن ڪري زمين ۾ گھڻا ڪنڊا ڄمندا آهن، تنهن ڪري چنچور هميشه هٿ ۾ هئڻ گھرجي.“ شاهه بيگ سڀ ڪجھه سمجھي ويو ۽ فاضل ڪوڪلتاش کي حڪم ڏنائين ته سنڌي وڏيرن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪيا وڃن. جلاد فاضل هڪ هڪ سنڌي وڏيري جو سر تن کان جدا ڪري، درياءَ ۾ اڇلرائي ڇڏيو، تنهن کان وٺي قلعي جي ان حد جو نالو خوني برج پئجي ويو.
شاهه بيگ نه رڳو سنڌين جو قتل عام ڪيو پر سنڌي سماج ثقافت ۽ تاريخ کي به نه بخشيو. تهذيب ۽ تمدن ته رهي ئي ڪونه. هن ظالم سنڌ جي آخري حڪمران راجا ڏاهر جي گادي الور (اروڙ) کي نست و نابود ڪري ڇڏيو. بکر جي قلعي کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ الور جي شهر کي ڊاهرائي ان مان سرون ۽ ٻيو عمارتي سامان ڪڍرائي ڇڏيو. جيڪو سنڌ جو اهو قديم شهر ڪنهن چڱي حالت ۾ ملي ها ته ممڪن هو ته سنڌ جي تاريخ جا گم شده باب ملي وڃن ها. ۽ سنڌ جي عالمن جو علمي خزانو به ڪنهن حد تائين محفوظ ٿي وڃي ها. پر هن ظالم اروڙ کي ڊهرائي زمين برابر ڪري ڇڏيو.
هو هڪ سال تائين پاڻ کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ لڳو رهيو. جڏهن بکر جو قلعو ٺهي راس ٿيو ته هن جلاد ان جي افتتاح جو بندوبست ائين ڪيو جو (42) ٻائيتاليهه سنڌي ڳوٺن جي رهواسين کي هڪ رات ۾ مارائي ڇڏيو ۽ گھرن کي ڪوس گھر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ سنڌي نياڻيون، لڄون بي غيرت ارغونن جي ور چڙهي ويون. انهن ائين ڪجھه ڪيو جيڪو ڌاريو هميشه سنڌين سان ڪندو آيو آهي.
شاهه بيگ ارغون هميشهه چالاڪ دشمن وانگر سنڌين کي ڏٽو ڏيندو هو ته هو هتي جو ڪجھه ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن سنڌين سندس گجرات فتح ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ سندس پويان مزاحمت کي بند رکيو ته هو سنڌ خالي ڪري گجرات م وڃي ديرو ڄمائيندو. پر سنڌي انهيءَ ناٽڪ کي چڱي طرح سمجھي ويا هئا ۽ انهن هميشه وانگر غيرن ۽ ڌاڙيلن کي پئي تنگ ڪيو ۽ جنگيون جوٽيون پئي آيا. شاهه بيگ ارغون گجرات کي فتح ڪرڻ جي تمنا دل ۾ رکي سنڌين جي ساٿ وٺن لاءِ بکر کان ٺٽي طرف روانو ٿيو. جڏهن لاڙڪاڻي ۾ پهتو ته سندس سپهه سالار مير فاضل ڪوڪلتاش بيمار ٿي پيو ۽ واپس بکر هليو ويو، جنهن کان پوءِ کيس خبر ملي ته سندس خاص مددگار مير فاضل فوت ٿي ويو آهي.
معصومي جي چوڻ موجب ته هو يلغار ڪري بکر واپس وريو، تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته لاڙڪاڻي ۽ ان جي آس پاس جي رهواسين ارغوني لشڪر تي راتاها پئي ڏنا ۽ انهن جون دشمن سان چڪريون جاري هيون. جنهن ڪري هن بکر واپسي مهل جنگي انداز سان واپس ٿيو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ بکر پهتو.
مير فاضل جي رسمن کان فارغ ٿي هن جلاد گجرات فتح ڪرڻ جي شوق ۾ سيوهڻ طرف رخ رکيو، هن پنهنجي رعب ۽ دٻدٻي کي قائم رکڻ لاءِ سنڌو دريا جي ٻنهي پاسي فوج لڳائي جيڪا بي گناهه سنڌين جو رت ۽ ست چوسيندي سيوهڻ پهتي. سنڌين کين اهڙو بي حال ڪري ڇڏيو هو جو انهن کي پاڻ سنڀالڻ لاءِ پندرهن ڏينهن سيوهڻ ۾ ترسڻو پيو. افسوس ته سنڌي هميشه انفرادي طور جنگ لڙندا آيا آهن، جنهن ڪري هميشه ڌاريو غالب ٿيندو آيو آهي. پر اهي اجتماعي طور غيرت ۽ جذبي سان وڙهن ها ته ڪڏهن به ارغون سنڌ ۾ پير ڄمائي نه سگھن ها ۽ نه وري اڄ جنهن حال ۾ سنڌ آهي، اهڙي هجي ها. شل سڌرن ۽ خدا تعاليٰ سمجهه ڏئين.
هو ٺٽي کان ٿيندو اگھم (ڪوٽ) پهتو، جتي بزدل فيروز جي مدد جو انتظار ڪيائين پئي ته کيس دل ۾ سخت سور پيو. جڏهن هو بکر هو ته کيس خبر ملي هئي ته بابر خوشاب ۽ بهيره وٽ لنگر انداز آهي ۽ هو هندستان کي فتح ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هن کي ککي ويئي ته بابر قنڌار مان به ٽپڙ کڻيا هئا ۽ هاڻ سنڌ ۾ رهڻ ڪونه ڏيندو. هڪ طرف بابر جو ڊپ هيس ته ٻئي طرف سنڌين جي هشمت جو خوف . اهڙي صورتحال ۾ گجرات کي فتح ڪرڻ جو ارادو رکي نڪرڻ ان لاءِ پريشاني جو باعث هو.
انهيءَ صورتحال ۾ کيس دل ۾ تڪليف رهند هئي ۽ آخر بابر ۽ سنڌين جي خوف ۽ ڳڻتي ۾ اگھم وٽ دل جو دورو پيس ۽ 930 هجري مطابق 1523 – 1524 ع ۾ هي ظالم سنڌين جي رت سان راند کيڏي فوت ٿيو. سندس مڙهه ٽي سال امانت طور بکر ۾ رکيو ويو، تنهن کان پوءِ سندس تابوت، ظلمن کان پاڪ ڪرائڻ لاءِ مڪي شريف موڪليو ويو، جتي ”جنت المعلى“ قبرستان ۾ دفن ڪيو ۽ سنڌين جي رت ۽ پگھر جي ڪمائي مان ڦيال پئسن مان هڪ شاندار مقبرو ٺهرايو ويو.

شاهه حسن ارغون جا ظلم

شاهه بيگ ارغون 930 هجري مطابق 24 – 1524ع ۾ فوت ٿي ويو. سندس جاءِ تي سندس پٽ شاه حسن ارغون ويٺو. جنهن جي ظلم کان بديءَ به جون قوتون به شرمائجي ويون. هي پيءُ کان وڌيڪ ظالم ۽ سفاڪ هو.
هن هجرات ڏانهن وڃن بدران ڄام فيروز جي هٿ ٺوڪي حڪومت کي ختم ڪرڻ بهتر سمجھيو. ڇاڪاڻ ته کيس خوف هو ته متان گجرات جي سفر دوران سنڌي باغي ڄام فيروزکي پاڻ سان گڏائي ان جون سنڌ مان پاڙون نه پٽي ڇڏن.“
ڄام فيروز کي جڏهن شاهه حسن جي شيطاني نيت جي خبر پئي ته هو بزدل ٿي ٺٽي مان ڀڄي چاچڪن ۽ راهمن جي ڳوٺن ڏانهن هليو ويو. وزير ماڻڪ سنڌين سان گڏجي ارغوني يلغار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. پر نا ڪامياب ٿيو.
جڏهن ارغوني لشڪر ٺٽي ۾ داخل ٿيو ته انهن سنڌين سان ڇا حالت ڪئي، طاهر نسياني ان جو نقشو هيئن چٽيو آهي ته شاهه حسن ٺٽي ۾ گھڙي هن چنڊالن جي قتل عام تي لهي ويو. مغل (ارغون) سندن ڳورهار زالن جا ڪچا ٻار پيٽا ڪيرائي، نيزن تي چاڙهي شهر جي گھٽين ۾ گھمائيندا ڦيرائيند سڄي لوڪ کي ڏيکاري ڏهڪائيندا رهيا. جيڪو به سندن سامهون ٿي آيو، تنهن کي بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا ۽ ڪهل قياس جي ترارين سان ڳڀا ڳڀا ڪري ٿي ڇڏيائون. سمن جون زالون ٻار ڪڇن ۾ ڪري وڃي انهن سوڌيون دريا (سنڌو) ۾ ٻڏي ميون. جيڪي بچيا تن کي مغلن چوکنڀو ٻڌي بنديخاني م هڻي ڇڏيو.“ هو سنڌين جي حالت تي لکي ٿو ته هو اهڙا بڇڙا ٿيا جو خدا شل ڪنهن مؤمن ۽ ڪافر کي به اهي ڏنهن نه ڏيکاري.“
ڄام فيروز بزدل ٿي جڏهن سنڌ راڄن وٽ پهتو ته تن ٽوڪون لعنتون هنيس ۽ کيس ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياري سڀئي شاهه حسن ارغون جي سامهون ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويا ۽ ان کي پنهنجي قومي غيرت جو مسئلو سمجھي آزادي يا موت جو فيصلو ڪري ڇڏيو. هنن پنهنجي دستور موجب جڏهن ڪنهن ٻئي کي ختم ڪرڻ ۽ پاڻ ڪسجڻ جو فيصلو ڪندا آهن، تڏهن پنهنجي چادرن جون ڪنڊون هڪ ٻئي سان ٻڌي مقابلي لاءِ تيار ٿي ويندا آهن.
سنڌين پنهنجي غيرت مندي جو ثبوت ڏيندي ڌارين کي للڪاريو ۽ صبح کان وٺي شام تائين خون ريز جنگ جاري رهي، جنهن ۾ ويهه هزار جوان تلوارن جو کاڄ ٿي ويا ۽ لا تعداد زخمي ٿي پيا. پر تڏهن به انهن ميدان خالي نه ڇڏيو پر بزدل فيروز اتان ڀڄي وڃي گجرات ۾ ساهه پٽيو.
هن سنڌي رئيسن ۽ امير امرائن جي اها حالت ڪئي جيڪا فاتح قوم، مفتوح قوم سان ڪندي آهي. بقول نسياني جي ته: ”هتان جي سردارن توڙي زميندارن سان اهڙيون جٺيون ٿيون جو سندن هوش جاءِ تي اچي ويو ان ڏانهن کان پوءِ سمه ترارن جي بدران هر جي چني هٿ ۾ کڻي پوکي راهي ۾ لڳي ويا. نيزا ڀالا وساري ڏاٽو هٿ ۾ کڻي ڪانبو ٻڌي گاهه، پٺي جي ڪرت ڪرڻ لڳا. گھوڙا ڇڏي ڍڳا ڪڍ لائي هارپي ۽ پورهيئي ۾ جنبي ويا“
هن سنڌي قوم جي چڱن مڙسن توڙي عوام کي پنهنجو راڄ سمجھي غلامن جي نگاهن سان ڏٺو. هن سڄي سنڌ کي مطيع ڪري ڇڏيو. خون جون نديون وهايون ۽ ملتان وارا به هن جي شر کان بچي نه سگھيا. هن جڏهن ملتان ۾ خون جي هولي کيڏي ته شيطان به شرمسار ٿي ويو. ۽ شاهه حسن کي پنهنجو استاد ڪري مڃيائين. تاريخ طاهري ان جو منظر هيئن پيش ڪيو آهي:
ائين معلوم ٿي رهيو هو ته ارغون قيامت بڻجي آسمان مان ملتان جي سر زمين تي غريبن ۽ اميرن تي نازل ٿيا آهن. اهڙي افراتفري جو عالم هو، جو پي ءُ پٽ کان بيزار هو ته ڀاءُ ڀيڻ کان. تانجو هر شخص پنهنجي پاڇي کان به بيزار هو. اهڙي قيامت خيز تباهي ۾ پنهنجي جان جي سلامتي هڪ وڏي غنيمت هئي. اهي عورتون جن پنهنجي زندگي ۾ نامحرم جو منهن نه ڏٺو هو، جن جي لڄ پاڪ ۽ صاف هئي، جن جو آواز دروازي کان ٻاهر ٻڌڻ ۾ نه آيو هو، اهي اوپرن هٿان قيد ٿي ويون.“
شاهه حسن ارغون سنڌين کي ائين نيست و نابود ڪري ڇڏيو ڄڻڪ انهن جو هن ڌرتي تي وجود ئي ڪون هو. هن جي تباهي ۽ بربادي کان شهر ته محفوظ ڪونه رهيا پر سڄو ملڪ تباهي ۾ اچي ويو ۽ سنڌين اهڙا ڏينهن ڪڏهن به اڳ نه ڏٺا هائ. کين زوري فارسي پڙهائي ويندي هئي. جيڪڏهن ڪو به انڪار ڪندو هو ته ان جو برو حشر ٿيندو هو.

[b]همايون جو سنڌ ۾ اچڻ
[/b]شير شاهه سوري همايون کي هندستان مان تڙي ڪڍيو ته هن ٻه لک ماڻهن سان گڏ پناهه وٺڻ لاءِ سنڌ جو رخ رکيو ۽ 28 رمضان 947 هجري مطابق 1541ع ۾ روهڙي وٽ اچي نڪتو.
ارغون سردار جن کي همايون جو خوف هو تن اڳ ۾ ئي صلاح ڪري اچ کان وٺي بکر تائين دريا سنڌ جي ٻئي پاسا ويران ڪري ڇڏيا هئا ۽ ٻٻرلو جو باغ جنهن ۾ عمارتون ۽ قلعي داري جو سامان ذخيرو ٿيل هو، اتان کڻائي ڇڏيو. بکر کان وٺي سيوهڻ تائين آباد پرڳڻا ۽ ڳوٺ ناس ڪرائي ڇڏيا، ته جيئن همايون سنڌ ۾ رهي نه سگھي ۽ هٿراڌو قحط ڏسي، بک ۽ ڏک مان بيزار ٿي هليو وڃي.
تاريخ طاهري وارن ان هٿ راڌو قحط ۽ ڏڪار بابت لکي ٿو ته: ”محمود خان حاڪم بکر قلعو بند ٿي ويهي رهيو، تنهن آس پاس واريون ٻنيون ڀيلائي ناس ڪري ڇڏيون.
جنهن ڪڙميءَ ڪٿي ڪو زمين جو ٽڪر آباد ٿي ڪيو ته ان کي پنهنجي ساڙ کان انهيءَ جي کل لهرائي بهه سان ڀرائي ٿي ڇڏي. حالتون وڃي اهي ٿيون جو ماڻهو پاڻي ۽ پوسل جي گاهه کانسواءِ ان ڪڻو اکين سان نه ٿي ڏٺو. ماني ڳڀو انسان جي جان کان به مٿي هو. هر ڪو ماني . . . ماني ڪندو مرندو ٿي ويو.“
هن هٿراڌو قحط جو نزلو ويچارين سنڌين تي ڪريو. ارغون شيطان ته پاڻ ته عياشي ڪندا هئا، طرحين طرحين جا طعام تيار ڪرائي پاڻ کائيندا هئا. پر پر ويچارا سنڌي ماني ڳڀي لاءِ محتاج هئا ۽ هو بک وگھي مري رهيا هئا. معصوم ٻار ٻاڪاريندا روئيدا، رڙندا، مرن پيا. پر والدين انهن لاءِ ڪجھه به نه پيا ڪري سگھن. سنڌين اهڙو قحط ڪڏهن به نه ڏٺو هو، تن پنهنجن ٻچن لاءِ لڪي ڇپي ڪجھه ٿي پوکيو ته ارغون ڪارندا ان کي ناس ڪري کين قتل ڪري ٿي ڇڏيو. اهڙي هالت ڏسي همايون، پنهنجي خزاني جا دروازا کوليا پر پوءِ به ڏڪار مان جند نه ڇڏائي سگھيو ۽ هڪ ٽڪر هڪ گني ۾ وڪامجي رهيو هو.
هڪ ڌاڙيل ٻئي ڌاڙيل کي بزدل ۽ بي وس ڪرڻ لاءِ ناحق سنڌين کي بکيو رکيو ۽ سندن مٿان مصيبتون نازل ڪيون.
جڏهن همايون بکر مان درٻيلي پهتو ته اتان جي ارباب عمر ۽ دائود سهتي سندس کاڌو خوراڪ ۾ مدد ڪئي، تن جو شاهه هسن ارغون حشر اهو ڪرايو جو هالي ۽ دائود سهتي کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. محمود ڪوڪلتاش هڪ کي جوال ۾ سبرائي بکر جي خوني برج تان دريا ۾ اڇلرائي ڇڏيو ۽ ٻئي جي کل لهرائي ان ۾ بهه ڀرائي مرزا شاهه حسن ڏانهن ڏياري موڪليو.
شاهه حسن ارغون سنڌين جي بد دعا ڪري پوين ڏينهن ۾ اڌ رنگ جي بيماري ۾ مبتلا ٿي پيو. کيس پٽ جي اولاد به ڪونه هئي، تنهن ڪري هن جي وارث ٿيڻ لاءِ سندس اميرن ۾ رسه ڪشي شروع ٿي ويئ ۽ هر ٽولي پنهنجي وس آهر ڪونه گھٽايو. ٺٽي جي اميرن مرزا عيسى خان ترخان کي پنهنجو وڏو مقرر ڪيو، جنهن شاهه حسن جي ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ سندس گھر واري ماهه بيگم کي قيد ڪيو. هڪڙو ظالم ٻئي ظالم سان اهڙو ئي حشر ڪندو آهي ۽ هڪ ٻئي سان غداري ڪندا آهن ڇاڪاڻ اهڙن جي خون ۾ نمڪ حرامي ۽ غداري شامل هوندي آهي.

ترخانن جا ڪلُور

سلطان محمود ڪوڪلتاش ۽ مرزا عيسى خان ترخان هڪ ٻئي سان وڙيا، جنهن ڪري ظالم ارغون سردار هڪ ٻئي جي خون جا پياسا ٿي ويا ۽ جڏهن تباهي ويجھو هين ته سمجھيائون ته اسان جي وڙهڻ سان ڌرتي ڌڻي طاقت وٺي ويندا ۽ هو ذليل ۽ خوار ٿيندا، تنهن ڪري انهن سنڌ تي پنهنجي تسلط کي قائم رکڻ لاءِ هڪ ٻئي سان معاهدو ڪيو ته ٺٽي جا حاڪم مرزا عيسى خان ترخان رهندو ۽ بکر محمود ڪوڪلتاش جي حوالي هوندو. اهڙي طرح سامراجن ٺاهه ڪري پنهنجي حڪومت کي بچائي ورتو.
ظالم شاهه حسن ارغون 962 هجري مطابق 54 – 1555ع ۾ علي پوٽن جي ڳوٺ ۾ ساهه ڏنو.
ارغون سردارن سنڌ کي مورثي جاگير سمجھي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ سنڌي عوام کي پنهنجو غلام سمجھي انهن تي تسلط قائم رکيو، پر جيئن ته ظلم قائم رهندو آهي، پر ظالم قائم نه رهندو آهي، تيئن هنن سان به ٿيو.
محمود ڪوڪلتاش بکر کي پنهنجي جاگير سمجھي حڪومت ڪندو رهيو ته اهڙي طرح مرزا عيسى ترخان ٺٽي جو مالڪ ٿي سنڌين کي ستائيندو رهيو. مظلومن جي آهن پنهنجو ڪم ڏيکارڻ شروع ڪيو. ترخانن ۾ گھرو ويڙهه شروع ٿي ويئي، جنهن ۾ مرزا صالح ڪامياب ٿيو ۽ مرزا باقي ڀڄي وڃي بکر ۾ محمود ڪوڪلتاش وٽ پناهه ورتي.
مرزا صالح سفاڪ، چالاڪ ۽ ظالم شخص هو، جنهن اقتدار لاءِ پنهنجن ڀائرن کي به معاف نه ڪيو ۽ پيءُ کي زنده ئي مفلوج ڪري ڇڏيو. سڄي رعيت سندس کان تنگ هئي. آخر هڪ سنڌي مجاهد مريد جت پنهنجي خاندان جو بدلو وٺندي کيس پيٽ ۾ ڇري هڻي ماري ڇڏيو. ان کان پوءِ سنڌين تان هڪ ڏمر لهي ويو.
مرزا عيسى خان ترخان مرزا باقي کي بکر مان گھرائي سنڌين تي ٻئي ظالم کي نازل ڪيو. هن پنهنجي وقت ۾ بکر جي علائقي درٻيلي کي سيوهڻ سرڪار ۾ آڻڻ گھريو جنهن ڪري مرزا باقي ۽ مرزا عيسى بکر تي ڪاهي ويا. هن ان واسطي پورچوگيزن کان به مدد طلت ڪئي هئي. 1556ع ۾ سنڌ جي ٺٽي حصي جي حاڪم مرزا عيسى خان ترخان پنهنجو هڪ سفير بيسن شهر ۾ پورچوگيزن جي عامل ڏانهن موڪليو، جنهن ۾ کيس مدد جي درخواست ڪئي ويئي هئي. پورچوگيزن ان کي موقعه غنيمت سمجھي مددلاءِ هائو ڪار ڪئي ۽ پيڊرو بريٽو روليم جي ڪمان هيٺ اٺاويهه فوجي ٻيڙا، ست سؤ فوجي سپاهين سان سنڌ ڏانهن روانا ڪيا.
جڏهن هي فوجي دستو ٺٽي پهتو ته مرزا عيسى خان ترخان محمود ڪوڪلتاش تي ڪاهي ويو هو، جنهن ڪري پوچوگيز لشڪر کي ٺٽي ۾ رهڻو پيو، جتي کين خبر پئي ته ٻنهي ڌرين درميان ٺاهه ٿي ويو آهي. هاڻ انهن جي مدد جي ڪابه ضرورت ڪونهي. جنهن ڪري پورچوگيزن جي ڪمانڊر حسب واعده پئسن جي طلب ڪئي. مرزا عيسى ترخان جي پٽ انڪار ڪيو جنهن تي هن ڪاوڙجي ٺٽي شهر کي ڦرڻ جو حڪم ڏنو. سنڌين ڌارين جي انهيءَ ڦر مار کي منهن ڏنو، جنهن ۾ اٺ هزار سنڌي مارجي ويا. هڪ فرانسيسي مؤرخ لکي ٿو ته هن بي زبان جانورن کي به نه بخشيو. هن ڦرلٽ جي مال مان ٻيڙين کي ايڏو ته ڀرايو جو ايشيا ۾ ڪنهن کي ايڏي مڏي هٿ نه آئي هوندي.
هنن جي ظلم ۽ فساد کي روڪڻ لاءِ سنڌين همت ڪئي پر جيئن ته انهن وٽ بارود هو، تنهن ڪري هو فتح و ڪامران ٿيندا، سنڌو جي ٻنهي ڪنارن تي رهندڙ سنڌين کي قتل ڪندا هليا ويا. بي گناهه قتل عام ۽ وسيع لٽ مار جو بدلو هڪ طوفان ورتو. بيريٽو هر هنڌان جو لٽ مار ڪري مال هٿ ڪيو هو، اهو سمورو سمنڊ ۾ اڇلڻو پيس ۽ وڏي مشڪلاتن کان پوءِ بندرگاهه تي وڃي پهتو.

[b]مرزا باقي جا ظلم
[/b]سنڌ جا دشمن هميشه پنهنجو پاڻ ۾ وڙهندا مرندا رهيا. سنڌ ڌرتي پنهنجي دشمن کان سندس ساٿين هٿان انتقام وٺندي آهي. جئين مرزا باقي جي وقت ۾ ارغون سردارن، باقي ترخان تي زور ڀريو ته سنڌين کان ڦريل دولت جيڪا مرزا شاهه حسن گڏ ڪئي هئي، تنهن کي سندن جي حوالي ڪئي وڃي. هو ان کان اڳ ۾ مرزا عيسى ترخان کان اهڙي گھر ڪندا پئي آيا. پر هو هميشه سنڌين جو ڊپ ڏيئي کين خاموش ڪري ڇڏيندو هو.
انهن فيصلو ڪيو ته هاڻي ڇا به ٿي پوي هو اها دولت حاصل ڪري رهندا. مرزا باقي ترخان سمجھي ويو ته ارغون کيس نه ڇڏيندا، تنهن ڪري هن چال کيڏندي واعدو ڪيو ته ڦلاڻي ڏينهن يا ڦلاڻي تاريخ اها دولت اوهانجي آڏو اوهان سڀني ۾ ورهائي ويندي.
واعدي واري ڏينهن هن ائين ڪيو جو پنهنجن خاص ماڻهن حبش خان، شبرنگ خان، ملا صالح ۽ ٻين کي سمجھائي ڇڏيو ته هو پاڻ سان ٻه چار بهادر ۽ آزمودي گار جنگي (قاتل) پاڻ سان ساڻ وٺي وڃي ديوان خاني ۾ موجود رهن.
جڏهن ارغون سردار سنڌ مان ڦريل دولت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيئن ڍونڍ مٿان سرڻيون لامارا هڻنديون آهن، تيئن مڙي ويا، هوڏانهن مرزا باقي ترخان جي سوچيل منصوبي تي عمل ڪندي ان جي ڇاڙتن ارغونن تي حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ بقول طاهري ”هڪڙو به منجھائن سلامت نه رهيو.“ ان کان پوءِ سندن حويلين تي به حملو ڪري ٻين کي به قتل ڪيو ويو. اهڙي طرح طاهري چواڻي سندن بڻ بنياد باقي نه رهيو.
مرزا باقي جو سردارن ۽ اميرن تان اعتماد کڄي ويو، جنهن ڪري هن اسرندڙ شخصيتن کي به قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو، جنهن ۾ سندس ڀائيٽيو، غالب به شامل هو. ان کان سواءِ شيخ ڀرڪيو، جنهن کي رات جي وقت پنهنجي ماڻهن هٿان قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ مانگر مڇ وانگر ڳوڙها ڳاڙيا. اهڙي طرح هڪ بزرگ شيخ عبد الوهاب کي قاضي عيسى هٿان قتل ڪرايو ۽ هڪ ٻئي بزرگ خليفي عبدالوهاب عباسي کي خليل هٿان مارايو ويو.
ٻاهريون ماڻهو جڏهن ڪنهن ديس کي هٿ ڪندو آهي ته ان جو اعتماد هر ڪنهن تان کڄي ويندو آهي. اهڙو مثال مرزا باقي جو به آهي، هي مسافرن ۽ سوداگرن سان ظاهري سٺو سلوڪ ڪري پنهنجو ڪندو هو ۽ مهمان نوازي جي بهاني انهن کي دريا جي سير تي وٺي وڃي مارائي ڇڏيندو هو ته جيئن سنڌين تي ٿيندڙ ظلم جي داستان جي ٻڙڪ ٻاهر نه وڃي سگھي.
تاريخ طاهري جي مصنف آخوند جمال الدين خاص نائب مرزا باقي جي حوالي سان لکيو آهي ته: ”سرڪاري دفتر ۾ لکپڙهه جي مشق پڇائيندي اوچتي منهنجي نظر روزنامچي تي وڃي پئي جنهن جي پڙهڻ مان معلوم ٿيو ته مولانا شير مرزا باقي جي مال ميڙڻ واري هٻڇ ڏسي سندس راضپي لاءِ هاٿين جي لڏ مان نڪتل اناج دستوري فصل لهڻ تي نئين اناج بدران حلال خورن (ڀنگي ٻالي شاهي) کي پگھار طور ورهائي ڏيندو هو. مرزا باقي انهيءَ ڪار گذاري مان خوش ٿي کيس وڏي عهدي تي نوازي ”آتش خان“ جو لقب ڏنو.
مرزا باقي جي حريص ۽ لالچي طبيعت جيڪا هر ڌارئي جي هوندي آهي، تنهنجي جو ذڪر هيئن ٿيو آهي ته: ”مرزا باقي پنهنجن ڪارندن کي چيو ته کيس ٿورو سون گھرجي جيڪو پنهنجي خزاني مان کڻندي دل نه ٿي چوي، توهان هٿ پير هڻي، ٻه ٽي سير سون جا مون لاءِ آڻي ڏيو. سندس چمچن کيس صلاح ڏني ته توهان هر سال عملدارن کان سون وٺندا ڪريو جنهن ڪري هن مرزا شاهه حسن ارغون جو مثال ڏيندي طلب ڪيو. ڪارندن کيس چيو ته: ”اسان ان جو پورائو نه ٿا ڪري سگھون، جنهن تي کين ڪاوڙ مان گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان مهل تائين جند نه ڇڏي جيسين گھربل سون نه ڏنو.“
ڪارندا مرزا باقي جي لالچ جي پورائي لاءِ ويچارن سنڌين تي ڏنڊو وسائيندا هئا. سڄي سال جي محنت ڏاڍ ۽ زور تي حاصل ڪري ان جو پورائو ڪندا هئا. اها هئي سنڌ دشمن حاڪم جي سنڌ ۽ سنڌين سان ويڌن.
هن جي ظلم جي داستان عام و خاص مشهور ٿي ويئي. جڏهن اڪبر بادشاهه جي دل رکڻ لاءِ پنهنجي ڌيءَ ان ڏانهن اماڻي ته ان کيس اهو چئي واپس ڪري ڇڏيو ته: ”هي مرزا باقي جهڙي خوني جي ڌيءَ آهي. کيس شاهي محل مان ڪڍي ڪنهن ٻئي هنڌ رهيا وڃي. “
اڪبر جي سنڌين سان ڪا به همدردي ڪو نه هئي پر جيڪي ارغون سردار هن جي ظلم ڪري سنڌ ڇڏي اوڏانهن ويا هئا، تن پنهنجي مٿان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ ظلمن جو ذڪر ڪيو هو. مرزا باقي جي پوين ڏينهن جو سنڌين تي ظلم وڌي ويو هو. روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڏوهه ۾ هڪ نه ٻئي ڪارندي (جيڪي سنڌي هئا) جا ڪن ڪٽيا ويندا هئا. ۽ هڪ نه ٻيو قتل ٿيندو رهيو. ان ۾ هندو توڙي مسلمان سان ڪابه رعايت نه ٿي ڪئي.
مرزا باقي پنهنجي پٽ شاهه رخ جي مرڻ تي هن جي خاص ماڻهن کي ذليل و خوار ڪيو. مردن کي ته ڪونه ڇڏيائين پر زالن جي شلوارن ۾ ٻليون وجھرايون ۽ انهن جون ڇاتيون وڍرائي چوندو هو ته: ”اوهان ئي منهنجو پٽ مون کان جدا ڪرايو آهي.“ انهيءَ خار مان سندس لاڏلو پٽ ڇو مئو. هن پنهنجي ڪاوڙ ۽ غم کي مٽائڻ لاءِ سنڌي ماڻهن تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي. هن ڪيترن ماڻهن کي هاٿيءَ جي پيرن سان ٻڌرائي گھٽين ۽ بازارن ۾ گھلي مارايو.
مرزا باقي مان رعايا جي تنگ ٿيڻ جو ذڪر ڪندي طاهر نسياني لکي ٿو ته: ”جڏهن سندس ظلم حد کان وڌي ويو، (ظلم جي ڪابه حد نه ٿيندي آهي، ظلم، ظلم ئي آهي.) ۽ ماڻهو هن مان تنگ ٿي پيا ته مسلمانن مسجدن ۾ وڃي سندس موت لاءِ دعا گھري ۽ هندن هوڻ شروع ڪيو. رات ڏينهن هر هنڌ اهو پٽڪو هلندو رهيو ته خدايا هن بڇڙي ۽ ظالم حاڪم مان جند ڇڏاءِ.“
هن ظالم ، ڪميني، سفاڪ باقي جو مت به ڪنو ٿيو. هن پنهنجو پاڻ کي پيٽ ۾ تلوار هڻي خودڪشي ڪئي.

[b]مرزا جاني بيگ جا ڪارنامه
[/b]مرزا باقي بيگ جي مرڻ کانپوءِ پيءُ جي جاءِ تي ويهڻ جو حق مرزا مظفر جو هو، پر جيئن ته هو سميجي زال مان هو، تنهن ڪري ان جي بدران سندس نا اهل پٽ مرزا پائينده بيگ کي ٺٽي جي گادي تي ويهاريو ويو. هو نالي ماتر حڪمران هو ۽ اصل حڪومت سندس پٽ مرزا جاني بيگ جي حوالي هئي.
اها خبر جڏهن مرزا مظفر کي پئي ته هو ڪاوڙ ۾ اچي بي گناهه سنڌين، سندن ڳوٺن، مال و متاع ۽ گھر ٻار کي تباهه و برباد ڪندو واپس بدين هليو ويو. هي ڪيڏي نه ظلم جي انتها آهي ته ڌاريا وڙهڻ پاڻ ۾ ۽ مرن ويچارا سنڌي نماڻا.
مرزا جاني بيگ جيڪو اڳ سيوهڻ جو حاڪم هو، تنهن پنهنجي ڏاڏي جي قتل جو ذميوار ٻين کي ٺهرايو، انهن مان بي ڏوهي ملڪ احمد جنهن کي مرزا باقي پٽيلو ڪيو هو، تنهن کي اگھاڙي لڱين قيد مان ڪڍي سندس آلت ۽ پيلا ٻڌي کيس وچ بازار ۾ دسي پيرن کان وٺي چوٽي تائين کل لهرائي، گاهه سان ڀرائي چو واٽي تي ٽنگرائي ڇڏي ۽ پوءِ ان جي لاش جون ٻوٽيون ڪري ڪتن اڳيان اڇلايون ويون.
درياهي آبدار کي آلن ٽوئن ۾ بند ڪري باهه ۾ ساڙيو ويو. مار قدم قورچي کي ڪرٽ سان چيرائي ٻه ٻه اڌ ڪيو ويو ۽ سندس لاش جا ٽرا ٽڪرا ڪري شهر ۽ جھنگ ۾ اڇلايا ويا ڇتي کي سنگسار ڪيو ويو جيڪو پٿرن ۽ ڀترن ۾ پورجي پورو ٿي ويو.
انهن جو صرف ڏوهه اهو هو ته اهي مرزا باقي جي خودڪشي ڪرڻ واري رات سندس خواب گاهه ۾ ستل هئا ۽ ملڪ احمد جي ٻاهر چؤنڪي هئي. انهن کي ان ڪري مارڻ وڏو ظلم هو ۽ نا انصافي هئي، جيتوڻيڪ مرزا باقي سڀني اميرن جي سامهون اقرار ڪيو هو ته هن جي مرڻ ۾ ڪنهن جو به ڏوهه ڪونهي ۽ هن پنهنجو انت پاڻ آندو آهي.
ليڪن اهڙي ستم ظريفي هئي جو سنڌ ۾ ايندڙ ٻاهرين حڪمرانن جي اولاد هتان جي پئدائش هوندي به پنهنجي ڌٻڌٻي ۽ حڪومت کي قائم رکڻ لاءِ هميشه وڏا ظلم ڪندا رهيا آهن ۽ بي گناهن جو خون وهائيندا آيا آهن.
سنڌ تي ظلم ڪندڙ حاڪم جڏهن عيش و عشرت ۾ ڪاهي پيا ته انهن رزيل حرڪتون به ڪيون جيڪي هڪ محڪوم قوم لاءِ ذلت جو باعث به ٿين ٿيون. طاهري جو مصنف سنڌ تي ظلم ڪندڙ ظالم حڪمران مرزا جاني بيگ جي بد افعالي ۽ ذلت آميز حرڪتن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”مرزا جاني بيگ شرافت جا ليڪا لتاڙي، رزالت ۾ کڻي منهن وڌو. کيس غلام بازي جي اهڙي پٽ اچي پئي جو انهيءَ عياشي لاءِ سهڻا ڳڀرو ڇوڪرا پاڻ وٽ ويهاريائين. انهيءَ شوق ۾ چڱن ڀلن خاندانن بلڪ سيدن جي ٻارن کان به نه مڙيو. ڇورن کي زنانا زيور ۽ ويس وڳا پهرائي زالن بدران پنهنجي خلوت جي زينت بڻايائين.

سلطان محمود ڪوڪلتاش جو دور

هميشه ڌارين سنڌ کي غلامي جي ڳٽ ۾ قيد رکڻ لاءِ پنهنجون دشمنيون وساري ڇڏيون آهن. شاهه حسن ارغون سنڌين تي ظلم ڪندي موت جي آغوش ۾ هليو ويو ته سردارن پنهنجا خوني چنبا سنڌين جي ريٽي رت ۾ لال ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ پنهنجو تسلط ڄمائڻ لاءِ ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. عيسى خان ترخان ٺٽي کي والاري ويٺو ۽ سنڌين جي قاتل مير فاضل ڪوڪلتاش جو ظالم پٽ سلطان محمود بکر واري علائقي کي ڦٻايو.
هي نهايت شڪي مزاج ماڻهو هو، هي ٿوري ڳالهه تان سنڌين کي قتلام ڪرائڻ ۾ ويرم ئي ڪونه ڪندو هو ۽ هن پنهنجي دٻدٻي کي برقرار رکڻ لاءِ تر جي ماڻهن تي وڏا ظلم ڪيا، جنهن ڪري فرشته واري کي لکڻو پيو ته: ”هي نهايت ظالم ۽ خبط الحواس انسان هو، هو ننڍين ننڍين ڳالهين تان ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندو هو.“
جڏهن مرزا عيسى خان ترخان هن تي ڪاهي آيو هو ۽ پورچوگيزن جي ٺٽي ۾ مچايل تباهي جو ٻڌي واپس وريو ته هن جلاد، ٻئي قهاري کان پلاند اهو ورتو جو سيوهڻ تائين سنڌو دريا جي ٻنهي ڪپن تي رهندڙ سنڌين جي وستين کي ساڙائي ڇڏيو ۽ سنڌين کي ڪهرايو. هن انهن مٿان الزام مڙهيو ته جڏهن عيسى خان ترخان ڪاهي آيو هو ته انهن سندس راهه ڇونه روڪي هئي. وڙهن سانهه ۽ پٽجن ٻوڙا واري مثال مطابق سنڌي ويچارا ترخان هٿان به چيچلايا ته ڪوڪلتاش هٿان به مئا.
هن ظالم ۽ سفاڪ انسان پنهنجي شخصي اقتدار کي بچائڻ لاءِ اڪبر مغل جي نور نظر بيرم خان جو هن طرف کان گذرڻ جو ٻڌي، سنڌ جي سر سبز ۽ شادات علائقي ڪي ويران ڪرائي ڇڏيو ته متان هو هتان جي آسودگي ڏسي هرکي نه پوي.
هن هٿرادو ڏڪار سنڌين کي لنگھڻ ڪٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هڪ طرف هن بيٺل فصل تباهه ڪرائي ڏڪار پيدا ڪري ڇڏيو ته ٻئي طرف سڌين جي گندين ۾ جيڪو ان بچيو پيو هو ان تي قبضو ڪري، پنهنجو ڀڀ پئي ڀريو. هڪ طرف ڌرتي ڌڻين وٽ فاقه ڪشي هئي ته ٻئي طرف ظالم ۽ ڌارئي وٽ عياشي لڳي پئي هئي. هميشهه ڌارئي پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ سنڌين جي ڌن دولت، عزت ۽ غيرت کي پئي داءَ تي لڳايو آهي.
977 هجري مطابق 1569ع ۾ مرزا باقي ترخان يادگار مسڪين جي اڳواڻي ۾ پنهنجي ڌيءُ کي ماهه بيگم ۽ ناهيد بيگم سان ڏيئي اڪبر مغل جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ اوڏانهن روانو ڪيو. جڏهن هي قافلو لڪي وٽ پهتو ته مرزا جان بابا جنهن پنهنجي ڀاءُ مرزا باقي کان ورهاست جو مطالبو ڪيو هو، تنهن يادگار مسڪين ترخان کي چيو ته مرزا باقي هن بهاني ماهه بيگم ۽ ناهيد بيگم کي ٺٽي مان ڪڍي، دعويدارن واري رنڊڪ کان آجو ٿيڻ چاهي ٿو. اسان سڀني جي بهتري انهيءَ ۾ آهي ته اسان پاڻ ۾ گڏجي مرزا باقي کان جان ڇڏايون. هي هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري مرزا باقي جي سامهون ٿيا، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ ماهه بيگم گرفتار ٿي، کيس اذيتون ڏيئي مارائي ڇڏيو. مرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين ڪڪرالي ڏانهن هليا ويا. ناهيد بيگم جان بچائي سلطان محمود وٽ اچي پناهه ورتي.
سلطان محمود عورتن جي بي عزتي جي پلاند وٺڻ لاءِ ٺٽي تي ڪاهي ويو. اتي خبر پيس ته اچ جو قلعو ترسون محمد خان جي ڀائرن هٿ ڪري ورتو آهي. هو بکر بچائڻ جي خيال کان واپس موٽي آيو ۽ ناهيد بيگم کي مشورو ڏنو ته هو مغل حڪمران اڪبرکان پروانو ۽ مدد وٺي اچي. جيئن گڏجي مرزا باقي جي پاڙ پٽجي.
ناهيد بيگم اڪبر بادشاهه کان هن جي لاءِ پروانو ۽ مدد واسطي مجاهد خان ۽ محب خان کي ساڻ وٺي اچي اٻاوڙي پهتي. کيس ناهيد بيگم جو اهو عمل نه وڻيو ۽ اچي خوف ورايس ته جيسين هو مرزا باقي کي فنا ڪن، انهيءَ وچ ۾ هي مغل ڪارندا سندس جا ٽپڙ نه گول ڪرائي ڇڏن. هن ان ڀؤ ۾ ارغون سردار جيڪي مرزا باقي جي ظلمن کان تنگ ٿي اچي بکر ۾ پناهه ورتي هئي، تن کي اتان نڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ناهيد بيگم سلطان محمود جي ان عمل تي ڏاڍي ڪاوڙي ۽ صلاح مصلحت کان پوءِ مجاهد خان ۽ قلجه بهادر اوزبڪ ماٿيلي قلعي تي ڪاهه ڪري اتان جي قلعدار مبارڪ خان کي قلعي بند ٿيڻ تي مجبور ڪري ورتو. سلطان محمود سندس مدد واسطي زين العابدين جي ڪمان هيٺ هڪ ٻيو لشڪر روانو ڪيو جنهن کي لنجواري جي قلعي وٽ ملتان کان آيل ابوالخير گور جي لشڪر، مجاهد خان جي حڪم سان روڪيو ۽ بکري لشڪر کي شڪست ڏني.
سلطان محمود اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ مجاهد خان کان جان ڇڏائڻ لاءِ اڪبر مغل جي حضور پنهنجي نياڻي جو سڱ پيش ڪيو.
هي ظالم مرڻ جي ڪنڌي تي هوندي به بکر واري علائقي تي پنهنجو تسلط برقرار رکڻ گھريو، جنهن ڪري هن حڪومتي انتظام پنهنجي خريد ڪيل غلام مبارڪ خان ۽ سندس پٽ اورغلي جي حوالي ڪري ڇڏيو. جن سندس تختي اونڌي ڪرڻ جو پروگرام سٽيو هو، پر هڪ سنڌي هندو ”تمغاچي“ جي بر وقت اطلاع تي بچي ويو.
هنن مجاهد خان ۽ محب خان کان مدد طلب ڪئي جيڪي اهڙي موقعي جي تاڙ ۾ هئا، تن ٻٽي طاقت حاصل ڪندي مبارڪ خان ۽ اورغلي کي قيد ڪري ڇڏيو ۽ مجاهد خان پهنواري وٽان سکر تي حمله آور ٿيو. محمود ڪوڪلتاش اهڙي حالت ۾ قلعي بند ٿي ويهي رهيو. اهڙي صورتحال ڪري ڏڪار اچي منهن ڪڍيو ۽ هر طرف گندگي جا ڍير ٿي ويا ۽ بيماري ڦهلجي ويئي. گيهه ۽ گوشت جو سير ٻه سئو روپيه ۽ مڇي جو سير ٽيهه ٽڪا وڃي لڳو. انهن ڏينهن ۾ سلطان محمود جو ڀيڻيو ابو الخير سيتپور کان گنجابي وڃي رهيو هو. مجاهد خان ان خيال کان ته متان هو ايڏانهن جو رخ رکي تنهن کي پاسي ڪرائڻ لاءِ اوڏانهن هليو ويو. هن قلعي جي گھيري جو انتظام پنهنجي ماءُ صائمه بيگم ۽محب علي جي حوالي ڪيو. هن جي ماءُ نهايت ظالم ۽ ڪميني عورت هئي.
جڏهن قلعي ۾ ماڻهن جو رهڻ جنجال ٿي ويو ۽ جان بچائڻ لاءِ اتان ڀڄي نڪرڻ شروع ڪيو ته هي انهن کي گرفتار ڪرائي، سندن پيٽ چيرائي مارائي ڇڏيندي هئي ته متان هنن جي پيٽ ۾ سون هجي.
انهدءَ ڪشمڪش واري حالت ۾ به سلطان محمود سنڌين کي نه بخشيو، ۽ مجاهد خان جي ڪاوڙ انهن مٿان ئي لاٿي. معصومي وارو جو بيان آهي ته هي تيز مزاج ماڻهو هو ۽ ڪاوڙ کي قابو ۾ نه رکي سگھندو هو. هن کي خونريزي جي ڪابه پرواهه نه هئي. هو هڪ وڏو ظالم انسان هو“ هن سنڌين کي وڌيڪ غلام ۽ ٻانهو رکڻ لاءِ ايستائين زندهه رهيو جيسين تائين بکر سرڪار جو انتظام مغل درندن جي حوالي نه ڪيو.
هن ظالمن جي ويڙهه ۾ به سنڌي ٻنهي ڌرين پاران مارجندا آيا ۽ قرباني جي ٻڪري طور استعمال ٿيندا رهيا. هاءِ ڙي غلامي، مظلوم هوندي به هڪ ظالم جي چنبي مان نڪري ٻئي ظالم جي ور ٿي چڙهيا.

مغل حاڪمن جا ڏاڍ ۽ ظلم

تاريخ ۾ سنڌ سان جيترو ظلم ۽ ڏاڍ ڌارين ڪيو آهي، دنيا جي ڪنهن ٻي ملڪ جي رهواسين سان اهڙي زيادتي ۽ جبر ڪونه ٿيو آهي. هن قوم کي سهپ ۽ برداشت جي قوت دنيا جي ٻين قومن کان وڌيڪ آهي، نه ته اڄ تائين سنڌين جو قومي تشخص برقرار رهي نه سگھي ها. اهو برابر آهي ته سنڌين جو اهو جاهه و جلال، ريتون ۽ رسمون ۽ معاشرتي عروج اهو ڪونه رهيو آهي، جيڪو ماضي ۾ سندن سڃاڻ هئي. سنڌي ٻولي به اها ناهي جيڪا رڳو اڄ کان پنج سؤ سال اڳ ڳالهائي ويندي هئي. پر تنهن هووندي به اڄ سندن سڃاڻ سنڌي آهي ۽ سندن ٻولي کي سنڌي چيو وڃي ٿو.
سنڌ دنيا جو اهو خطو آهي، جتي تڙيل ۽ پناهه وٺڻ وارن اچي سڪون حاصل ڪيو آهي. انهن ڪري ته عالمي يتيم خانو بڻجي ويو آهي. ڌارين جي ڌڙا ڌڙ آمد ۽ ٻاهرين جي يلغارن هوندي به سنڌي اڄ پنهنجو وجود برقرار رکيو پيا اچن. اهو سنڌي ماڻهن جي جرئت ۽ بهادري جو هڪ مثال آهي. هو اهڙن انقلابن، ڌارين جي لوڌن ۽ يلغارن هوندي به پنهنجي قوميت کي برقرار رکي ثابت ڪيو آهي ته هو دنيا جي اهڙن قومن مان آهي، جنهن جي وجود کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود اڄ تائين ختم ڪري نه سگھيا آهن ۽ هي پنهنجي جياپي جي جنگ هر دؤر ۾ وڙهيا آهن. وقتي شڪست سندن راهه روڪي نه سگھي ۽ هو ايترو وقت تائين وڙهندا رهيا جيستائين دشمن کي ماري نه مڃايو.
آءٌ سنڌ وارن جي جرئت ۽ بهادري کي ڏسي هميشه سنڌين جي جرئت ۽ بهادري واري تاريخ لکي آهي، جنهن ۾ هو ڏاڍ ۽ ظلم خلاف برسر پيڪار رهيا آهن ۽ سنڌ دشمن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ اڄ وري سنڌين جي همت ۽ جرئت ۽ بهادري سان ڀريل دؤر جنهن ۾ انهن ڏاڍ خلاف مزاحمت ڪئي ۽ ڪيترن ظلمن سهڻ کان پوءِ آخر مغل ظالمن کان جند ڇڏائي ۽ ڪلهوڙا حڪمرانن جي روپ ۾ سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت جو بنياد وڌو. انهيءَ دؤر جي ظلمن تي ٻڌل حقيقت بيان ڪجي ٿي ته سنڌين هميشه ڏاڍ ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪيو آهي ۽ سنڌ جي دشمنن آڏو ڪڏهن به ڪنڌ نه جھڪايو آهي.
ڄام نظام الدين سمي جي حڪومت کان پوءِ شاهه ارغون سنڌ کي ڦٻايو. جنهن جي مرڻ کان پوءِ سندس ظالم پٽ شاهه حسن ارغون سنڌ سلطنت جي تخت تي ويٺو. ان جي پوين ڏينهن ۾ سندس ٻن ڇاڙتن مرزا عيسى خان ترخان ۽ محمود ڪوڪلتاش جي وچ سنڌ جي گادي نشيني جي معاملي ۾ ڪشمڪش شروع ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. سيوهڻ کان وٺي ٺٽي تائين مرزا عيسى خان ترخان کي والي تسليم ڪيو ويو ۽ محمود ڪوڪلتاش کي بکر يعني اتر سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو حق ڏنو ويو.
شاهه حسن ارغُون پنهنجن ظلم سميت 9 جماد الاول 962 هجري مطابق پهرين اپريل 1555ع ۾ علي پوٽن جي ڳوٺ ۾ ٽپهري جو دم ڏنو، جنهن کان پوءِ هي ٻئي باقاعده اقتدار جا مالڪ ٿيا.
محمود ڪوڪلتاش جنهن کي تاريخ نويسن محمود بکري ڪري لکيو آهي، تنهن به سنڌ وارن سان ظلم ڪرڻ کان ڪين گھٽايو ۽ پنهنجي وڏن جي روش موجب ظلم جي ننگري کي برقرار رکيو، انهن ڏينهن ۾ اڪبر مغل بادشاهه، اڪبر اعظم ٿيڻ جي شوق ۾ ملڪ گيري جي حوص ۾ مبتلا هو، جنهن ڪري هن کي اچي خوف ورايو ته متان هو سنڌ جي شاداب ٽڪري کي حاصل ڪرڻ لاءِ حملو ڪري، تنهن ڪري پهريان هن ايران جي بادشاهه شاهه طهما سپ سان دوستانه ناتا رکيا، پر آخر مغلن جي قريب هجڻ ۽ وڌندڙ طاقت کان متاثر ٿي پنهنجي اڪيلي نياڻي کي اڪبر جي زوجه ڪري ڏيڻ بهتر سمجھيو ۽ 15 رجب 982 هجري مطابق 1574ع ۾ هن پنهنجي ڌيءَ جيسلمير رستي اڪبر ڏانهن ڏياري موڪلي، جيڪو ان وقت ناگور ۾ شڪار تي ويل هو.
انهيءَ سال محمود ڪوڪلتاش جي حالت خراب ٿي ويئي جو کيس جلندر جي بيماري هئي، اهڙي حالت ۾ بکر، سکر ۽ روهڙي ۾ بغاوتن منهن ڪڍيو، جنهن کي منهن ڏيڻ هن جي وس کان ٻاهر هو، تنهن ڪري هن مغل بادشاهه اڪبر کي چورائي موڪليو ته هو بکر جو انتظام پنهنجي هٿ ڪري، جنهن گيسو خان کي بکر روانو ڪيو، جنهن سلطان محمود جي وفات کان پوءِ 12 جمادي الاول 982 هجري ۾ بکر جو انتظام سنڀالي ان کي مغل بادشاهت جو بغير ڪنهن مزاحمت ۽ جنگ ڪرڻ جي حصو بڻائي ڇڏيو.
مرزا باقي جيڪو عيسى خان ترخان جي اولاد مان هو، تنهن پنهنجي وقت ۾ سنڌ ۾ ڏاڍا ظلم ڪيا ۽ سنڌين جي وڏي مدد هوندي به انهن جي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو، تنهن پنهنجي حڪومت کي مغلن جي وڌندڙ طاقت کان بچائڻ لاءِ محمود ڪوڪلتاش وانگر پنهنجي ڌيءَ سنڌي بيگم اڪبر جي حضور ۾ پيش ڪئي، جنهن ان کي خوني ۽ ظالم جي ڌيءَ سڏيندو شاهي محل مان ڪڍي ڇڏيو هو.
جاني بيگ ترخان پنهنجي چاچي مرزا مظفر ترخان کي (جيڪو مرزا باقي جي جاڙيجي زال مان هو) بدين مان ڀڄائي ساهي مس پٽي هئي ته اڪبر جو نائب قاصد محمد خان هڪ شاهر فرمان کڻي پهتو، جنهن ۾ هن کي تابعداري لاءِ حڪم ٿيل هو، مرزا جاني بيگ حڪم کي قبول ڪيو ۽ پنهنجي طرفان مرزا شاهه رخ کي اڪبر جي درٻار ۾ موڪلڻ جو واعدو ڪيو.
مرزا صادق کي مرزا جاني بيگ جي قول تي يقين نه آيو، جنهن بکر واپس ويندي سيوهڻ جي قلعي کي گھيري ۾ آندو. جڏهن اها خبر مرزا جاني بيگ کي پئي ته هو ارغونن، ترخانن، شورن، سميجن، سومرن، ڪيهرن، نڪامرن (نومڙين) پليجن، دلن ۽ ٻين سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪري بري ۽ بحري فوج ٺاهي، سيوهڻ اچي پهتو، مرزا صادق ايڏي وڏي فوج جو ٻڌي لڙائي جي سگھهه ساري نه سگھيو ۽ بکر هليو ويو، جنهن کان پوءِ خان زمان جنهن کي مرزا جاني بيگ جي وزير اعظم جي حيثيت حاصل هئي، تنهن سنڌين جي ڳوٺن کي ڦريو، لٽيو ۽ مال متاع گڏ ڪري دل جي باهه کي ماريو.
مرزا جاني بيگ اڪبر جي ڏمرن کان مرزا شاهه رخ کي اڪبر جي درٻار ۾ موڪليو ۽ گذارش ڪئي جيئن ته سنڌي ماڻهو ڏاڍا فتني باز (غيرت مند) ۽ موقعي پرست (قومپرست) آهن، جنهن ڪري مهلت ڪونه ٿي ملي جو شاهي درٻار ۾ اچي پيرين پوڻ جو شرف حاصل ڪيان. جنهن لاءِ معافي جو طلبگار آهيان. اها ڳالهه اڪبر کي نه وڻي، ۽ ساڳي وقت صادق محمد واري ڪاوڙ به هئي، بهر صورت هن کي سنڌ تي قبضو ڪرڻو هو، تنهن ڪري هن بهانو بڻايو ته جڏهن هو لاهور ۾ ترسيل هو ته مرزا جاني بيگ پيرن تي هٿ رکڻ ڇو نه آيو. هو جنهن ڪري هن عبدالرحيم خان خانان کي حڪم ڏنو ته هو ٺٽي تي ڪاهه ڪري وڃي. هڪ ٻي روايت موجب ته اڪبر جو ارادو قنڌار کي فتح ڪرڻ جو هو، جنهن لاءِ هن عبدالرحيم خان خانان کي مقرر ڪيو هو، جنهن اڪبر کي ٻڌايو ته قنڌار جي مهم تي وڏو خرچ ٿيندو، جنهن جي وسعت ان کي ڪونهي، تنهن ڪري ضرورت آهي ته پهريان ٺٽي کي فتح ڪجي، جتان ايتري دولت ملي ويندي جو قنڌار جو خرچ برداشت ڪري سگھبو.
هڪڙي ليکڪ سنڌ تي قبضي ڪرڻ بابت اڪبر جي پاليسي جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته: ”وچ ايشيا ۽ ايران کان حملي جي خوف کان ڪابل ۽ اولهندي سرحدي جي حفاظت خاطر وچ واريون خود مختيار حڪومتون ان جي لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگھن پيون، جنهن ڪري ضروري هو ته سنڌ فتح ڪري.“
اڪبر جي حڪم موجب عبدالرحيم خان خانان 1591ع (999 هجري) ۾ سنڌ ڏانهن روانو ٿيو، هو پهريان بکر آيو، جتي اڳ ئي مغل قبضو ڪري چڪا هئا. تنهن کان پوءِ هن سيوهڻ کي گھيري ۾ آندو، جتي کيس خبر پئي ته مرزا جاني بيگ هڪ وڏو لشڪر ترخانن ۽ سنڌي راڄن جو ساڻ ڪري اچي رهيو آهي. تنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ لڪي جي جبل جا گھٽ ٽپي اوڏانهن روانو ٿيو. طاهر نسياني انهن گھٽن لاءِ لکيو آهي ته: ”اهي اهڙا مضبوط مورچا هئا جو جاني بيگ رڳو ڏهه ڄڻا اتي ويهاري ڇڏي ها ته به هي شاهي لشڪر ڪڏهن به ٻئي پاسي پهچي نه سگھي ها.
آخر سنڌ وارن ۽ مغلن جو لشڪر هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيو. ڏينهن رات، سپاهي هڪ ٻئي جو رت وهائيندا رهيا. خان خانان جي ڪوشش هئي ته سيوهڻ جي قلعي تي به گھيرو برقرار هجي ۽ مرزا جاني بيگ سان به منهن ڏجي ۽ ساڳي وقت سنڌ جي ٻين حصن ۾ به لشڪر کي ورهائي ڇڏجي، جيئن اهي وقت سر ڪم اچي سگھن. اهڙي نموني سنڌ جي لشڪر جي رسد به بند ڪري سگھجي ٿي. انهيءَ حڪمت عملي سان خان خانان، جنگ کي جاري رکيو، تاريخ فرشته واري لکيو آهي ته: ”خان خانان جي لشڪر مرزا جاني بيگ کي ايترو سوڙهو ڪيو جو سنڌين جي لشڪر ۾ قحط پئجي ويو ۽ نوبت اتي اچي پهتي جو گھوڙا ۽ اٺ ذبح ڪري کائڻ لڳا. تاريخ فرشته جي مصنف اها حقيقت به مڃي آهي ته سنڌي پلاند وٺڻ ۾ دير نه ڪندا آهن، انهن به خان خانان جا چارئي رستا بند ڪري ڇڏيا. جنهن ڪري اناج ۽ ٻئي سامان جي قلت پيدا ٿي پئي ۽ لشڪر ۾ قحط پئجي ويو، هڪ ٻيو مصنف رحيم داد مولائي شيدائي لکي ٿو ته اڪبر جي لشڪر ۾ بک ۽ بيماري اچي پئي. جيڪڏهن الله بخش ۽ قزاق بهادر وقت سر امداد ۽ سامان کڻي نه پهچن ها ته انهن جو برو حشر ٿئي ها.
سنڌي لشڪر جيتوڻيڪ سنڌي مرزا جاني بيگ جي ڪرتوتن کان تنگ هئا، پر هو ان جي ان ڪري مدد ڪري رهيا هئا ته هو به ڌاريا هئا ۽ ترخان سنڌين سان مٽي مائٽي ڳنڍڻ ڪري، اهڙي بري مهل ۾ پنهنجائپ جو احساس ڏياريو. جيتوڻيڪ اهو سنڏين سان هڪ دولابي کان گھٽ ڪونه هو، پر سنڌي جيڪي سڌائين مٺي زبان سان ڳالهائڻ واري آڏو ڪسبا آيا آهن، تن به دستور موجب دشمن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا. هڪ دفعو ته اهڙو موقعو به آيو جو جيڪڏهن جيسلمير جو راول ڀيم سنگهه خان خانان جي فوجي مدد نه ڪري ها ته اڪبر جي اعظمي کي به خطرو هو.
مرزا جاني بيگ، سنڌ وارن جي دولت لٽي پاڻ وٽ ڪٺي ڪئي هئي، جنهن ڪري هو مفلسي واري زندگي گذاريندا هئا. ڌرتي ڌڻي بکيا ۽ غريب ٿي ويا ۽ ڦرلٽ ڪندڙ ڌاڙيل ۽ ظالم پنهنجي چالبازي ۽ قوت جي طاقت تي حاڪم، شاهوڪار ۽ آسوده ٿي ويا. سنڌين جي مسڪيني حال ۽ سنڃائي جي خبر ان مان پوي ٿي جڏهن جنگ دوران جاني بيگ هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ واري چال کيڏي، هن سنڌين کي ته جنگ جي باهه ۾ اڇلائي ڇڏيو هو پر انهن جي مفلسي مان فائدو وٺندي، موت جو سودو ڪرڻ به شروع ڪري ڏنو. تاريخ طاهري ۾ آهي ته مرزا جاني بيگ سنڌين کي چورائي موڪليو ته جيڪو به خان خانان جي لشڪر مان ڪنهن به ماڻهو جو سر آڻي ڏيندو ته ان کي پنج سئو ڪبر (ان وقت جو سڪو) انعام طور ڏيندو.
سنڌ جا غريب ماڻهو، انهيءَ ٿوري انعام ۽ جان جي خوف کان ته متان جاني بيگ ناراض نه ٿئي، تنهن ڪري ان کي راضي ڪرڻ لاءِ هر روز مخالف ڌر جي ماڻهن مان ڪنهن نه ڪنهن جي سسي لاهي آڻيندا هئا ۽ ڪيترا مفلسي جي لعنت ڪري ۽ ڪي خوش نودي حاصل ڪرڻ لاءِ موت جو سودو ڪندا هئا.
خان خانان ۽ جاني بيگ جو ٻيو معرڪو انڙ پور وٽ ٿيو، هن انڙ پور مان هڪ قاصد پنهنجي پيءُ مرزا پائينده بيگ ڏانهن موڪليو ۽چورايو ته: ”اسان پنهنجي جنگ ۾ هار کائي چڪا آهيون اڳتي الائي ڇا ٿيندو، تنهن ڪري سڄو ملڪ ويران ڪرائي ڇڏجي، جيئن دشمن کي موقعو نه ملي سگهي. توهان پنهنجن عزيزن سميت ٺٽي شهر مان نڪري ڪلان ڪوٽ هليا وڃو، جيئن شهر خالي ٿي وڃي ته جتان ڪٿان باهه ڏياري رک ڪرايو وڃي. ساڳي نموني ٻيا پرڳڻا به ڳوٺن ۽ واهڻ سميت ساڙائي ڀينگ ڪرائي ڇڏجن.“ هاري ناري لاءِ حڪم ٿيو ته: ”هر هڪ پنهنجا ڪچا ۽ پڪا فصل ناس ڪري چٻري وانگر سنڃ ۾ ڪن ڪڍي ويهي رهي ۽ جنهن وٽ ڪجھه نه ڪجھه هجي اهو ٻئي پاسي نڪري وڃي.
طاهري واري سنڌي عوام جي ڪيفيت هيئن لکي آهي: ”مقرر مدي ٽن ڏينهن ۾ ماڻهن ويچارن کان جيڪي پڳو پاڻ سان کنيائون، جيتوڻيڪ پنهنجي مڏي کڻڻ ڪنهن به وسان نه گھٽايو، پر سڄي ڄمار جي ميڙي چونڊي، هن وٺ پڪڙ ۾ کڻي ڀڄڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. انهيءَ ڪري ماڻهو سڀ ڪجھه ڪندو به ڪجھه نه کڻي سگھيا. حالت اها ٿي جو هر ڪنهن تي پنهنجو ڀاڇو به بار هو. اهڙي عالم ۾ ڪيئن ٿي ايڏو سامان گهلي گھرن مان ڪڍي سگھيا. جن ماڻهن سامان ٿي ڍويو، تن جي وري اهڙي ته اچي ٻيگھي متي جو هو هر سامان تا ٽيون ۽ چوٿون حصو يا اڌو اڌ ٿي طلب ڪيو. انهن سورن کان گھڻن ماڻهن گھرن ۾ کوهه کوٽي پنهنجو سامان پوري ڇڏيو.
طاهر نسياني ٺٽي شهر جي تباهي تي رت جا ڳوڙها ڳاڙهيندي لکيو آهي، ته: ”انهن ئي ماڻهن پنهنجن هٿن سان ٺٽي شهر کي باهيون ڏنيون، جن پاڻ وڏين اميدن سان اهو شهر آباد ڪري ان ۾ پنهنجا گھر گھاٽ ۽ ماڙيون، محلاتون اڏي ان کي شهرن جو شهر بڻايو هو، جيئن ته سڄو شهر ڪاٺ مان اڏيل هو، تنهن ڪري پورو هڪ مهينو سڙندو رهيو. اهو شهر جنهن جي سونهن ورونهن جي هنڌين ماڳين هاڪ هئي.
سنڌي ماڻهن جنهن شهر کي ڏنهن رات جي محنت ڪري اڄ جي پئرس ۽ لنڊن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ حسين شهر بڻايو هو، تنهن کي ظالم ۽ ڌارئي حڪمران جي حڪم تي هڪ ڏينهن ۾ تباهه ڪيو ويو. ڌاريا نيٺ ڌاريا، رهن ورهين ته به ڌاريا. تن پنهنجي اقتدار کي بچائڻ خاطر جتي سنڌين جي زندگي سان کيڏيا، اتي سندن ملڪيت کي به ڦري لٽي ڇڏيو هو. انهن پنهنجي اقتدار بچائڻ لاءِ آخر سنڌين جي اجھن، مال و ملڪيت کي به داءَ تي لڳائي ڇڏيو.
طاهر نسياني سنڌي ماڻهن جي حالت جي عڪاسي ڪندي لکي ٿو ته: ”تن ڏينهن ۾ سڀ ڪجھه ته ڀينگ ٿي ويو پر امن امان جو به اهڙو حشر ٿيو جو رهزن ۽ حرام خور ماڻهو موقعي ملڻ تي سنڌين جي مال و ملڪيت لٽڻ سان گڏ کين قتل ٿي ڪري ڇڏيو. جنهن به ٿورو گھڻو سامان باهه جي اڙاهه مان ڪڍي ٻاهر ٿي آندو ته اهو چورن ۽ بدمعاشن جي ور چڙهي ٿي ويو. انهيءَ ڦرلٽ ۽ مارا ماري ۾ ڪيئي شاهورڪار نادار ته ڪيئي نادار شاهوڪار ٿي ويا.
خان خانان مرزا جاني بيگ جي انهيءَ اقدام کان پوءِ پنهنجي منصب دارن کي حڪم ڏنو ته: ”جيئن ته اسان مرزا جاني بيگ کي پنهنجي گھيري ۾ آڻي ملڪ جو هي پاسو ڀينگ ڪرايو آهي، تيئن اوهان به سڀني صوبن ۾ پهچي اتان جي ماڻهن کي ماري ڪٽي، باندي بڻائي، ان پاڻي کان نره ڪري ڇڏيو.
سنڌي ويچارا ڀت ۽ باهه جي وچ ۾ هئا. جيڪڏهن مرزا جاني بيگ ڏانهن ٿي ويا ته خان خانان ٿي تباهه و برباد ڪيو، جيڪڏهن خاموش ٿي ويٺا پئي ته مرزا جان بيگ انهن جو دشمن بڻجي ٿي ويو. ٻنهي پاسي باهه متي پئي هئي. ٻنهي پاسي ڌاريا هئا، جن کي ڪنهن به نموني سنڌ تي پنهنجو تسلط ڄمائڻو هو.
ڌارين پاڻ ۾ وڙهندي اهو به خيال نه ڪيو ته ويچارن سنڌين جو ڇا حال ٿيندو، ۽ کين جي حڪومت جو دارو مدار به انهن جي سرن سان ٻڌل آهي، پر جيئن سامراج جو اصول آهي ته هو ڪنهن کي به حاصل ڪندا آهن ته اهي ڌرتي ڌڻن کي نه ڏسندا آهن، پر انهن جون نگاهون اتان جي دولت ۽ سر زمين تي کتل هونديون آهن، تنهن ڪري انهن کي به اها لالچ هئي. انهن کي سنڌين سان ڪوبه سروڪار نه هو پر انهن کي حڪومت ڪرڻ لاءِ سر زمين سنڌ گھربي هئي.
ٻن سامراجن جي پاڻ ۾ جنگ دوران سنڌ وارن جي حالت اهڙي ٿي جنهن جو ذڪر طاهرن نسياني هيئن ڪيو آهي: ”ملڪ ۾ اهڙي سڃائي ڪاهي پئي جو ڪنهن بني بشر جي گھران باهه جو دونهون ڪونه ٿي دکيو. جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هتي به ڪي ان داڻا رڌا پيا وڃن. پر توبن ۽ بندوقن مان دونهن ۽ باهين جا دوڌڻ نڪتا. اناج تي رهيو پنهنجي ماڳ، پر ماڻهن کي لوڻ جي لپ به ڪٿان هٿ نه آئي. ماني جنهن جو نالو سا جان کان به وڌيڪ ليکي ٿي ويئي.
آخر سامراجن پنهنجي وڌيڪ تباهي کان بچڻ لاءِ هڪ ٻئي سان ٺاهه ڪيو ۽ سنڌ خان خانان جي معرفت اڪبر بادشاهه جي جھولي ۾ وڃي پئي. هن پنهنجي طرفان ٺٽي ۾ دولت خان لوڌي کي گورنر مقرر ڪيو ۽ اهڙي طرح پوري سنڌ بکر کان وٺي ٺٽي تائين 1000 هجري مطابق 92 – 1591ع ۾ مغل غلامي ۾ هلي ويئي.
عبدالرحيم خان خانان مرزا جاني بيگ جي پٽ مرزا غازي بيگ کي سنڌ جي گورنري تي مقرر ڪرايو، جنهن مغلن جي تابعداري هوندي به پنهنجي من ماني ڪئي ۽ اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ابو القاسم سلطان کي ڌوڪي سان گرفتار ڪيو ۽ سلاخون باهه ۾ گرم ڪرائي اکين ۾ وڌيون جنهن ڪري هو انڌو ٿي ويو.
هن جي ڪرتوتن مان سنڌي به بيزار هئا، جنهن ڪري ڄام هالي آزادي جو نعرو هنيو پر سندس عزيز ڄام دائود جي غداري جي ڪري شڪست ملي نه ته هو غازي بيگ کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ها !

[b]مغلن جا ڪرتوت
[/b]سنڌ وارن جي بدبختي اچي اهڙي موڙ تي پهتي جو هڪ ڌاريو حڪمران ظلم ڪري ٿي ويو ته ٻئي منهن ٿي اچي ڪڍيو. جنهن ڪري سنڌين سک جو ساهه ئي ڪونه کنيو. نسل در نسل ڌارين جو ظلم ڏسندا سهندا آيا ۽ جڏهن به پاڻ ۾ ست ساريائون، ته ظالم جي خلاف آواز بلند ٿي ڪيائون.
جيڪڏهن ان وقت سنڌين مان ڪا به هم گير شخصيت پيدا ٿئي ها ته سنڌ جو نقشو ئي بدليل هجي ها ! پر سامراجن سنڌ وارن کي ڪٿي ٿي گڏ ٿيڻ ڏنو، جنهن ڪري انهن سنڌين کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي برادري ۾ حڪومتون ورهايون. جڏهن سامراج جي خلاف هڪ هنڌ تحريڪ ٿي اٿي ته ٻئي هنڌ جو سنڌي ان جي ڪابه مدد ڪري نه پئي سگھيو. سامراج ته هڪ ٻئي جو ساٿ پيا ڏين پر مظلومن جي اها واٽ بند ٿي چڪي هئي ۽ انهن جو پاڻ ۾ رابطو تمام گھٽ هو. جيڪڏهن انهن هڪ ٻئي جي مدد جو واعدو به ٿي ڪيو ۽ آزادي لاءِ اٿيا به ٿي تڏهن به هڪ ٻئي جي مدد لاءِ وقت تي نه ٿي پهچي سگھيا. جنهن ڪري هو ڪامياب نه ٿي سگھيا. مظلومن تي سامراجي غالب ٿي اچي ويا ۽ انهن جي لاش جي بي حرمتي ٿي ڪئي.
انهيءَ ڇڙ وڇڙ جي عالم ۾ سنڌي بي يار و مددگار، ذاتي طور تي وڙهندا رهيا ۽ دشمن جي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو ٿي، پر هو سنڌ کي غلامي مان آزاد ڪري نه پيا سگھن. ان حالت ۾ سنڌين کي غلام ئي رهڻو هو ۽ غلام قوم سان حاڪم جيڪو سلوڪ ڪندو آهي، تنهن جو ذڪر تاريخي ۾ گھٽ ملندو آهي. تاريخ بادشآهه ۽ حاڪم جي ثنا هوندي آهي. جيڪڏهن سندن جي بهادري ۽ غيرت جو ذڪر به ٿيو ته کين ذليل، ملحد، نمڪ حرام، بغاوتي ۽ لعنتي پئي سڏيو آهي.
اسان سنڌين سان ڇا واپريو، تنهن جو تفصيلي ذڪر تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي، پر مختلف ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ڪري سگھجي ٿو ته هي بهادر قوم پنهنجي بقاءِ لاءِ ڪيئن نه سامراجن ۽ ظالمن سان وڙهندي آئي آهي. جيڪڏهن اهي مزاحمتون نه ڪندا چن ها ته شايد اڄ اسان جو نالو ۽ نشان به نه هجي ها !
سنڌي جيترا آهن سٻاجھڙا ۽ نماڻا، اوترا بهادر ۽ غيور به آهن. ڪڏهن به انهن جو امتحان وٺي ته ڏسو هو هميشه ڪنڌ ڪٽائڻ سکيا آهن پر جھڪائڻ نه. اهائي ته خوبي آهي جو سنڌي اڄ تائين ٻين قومن کان نروار ٿي بيٺا آهن. اڄ به سنڌي پنهنجي تاريخ ورجائن ٿا. اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ هر دؤر ۾ غدار پيدا ٿيا آهن، جن ڪري وقتي ناڪامي ضرور ٿي آهي، مون پنهنجن مضمونن مقالن ۽ ڪتابن ۾ سنڌ سان مختلف دورن ۾ ڇا وهيو واپرايو آهي، تنهن جو ذڪر ڪيو آهي. مغلن سنڌ سان جيڪو ڏاڍ ۽ جبر ڪيو، تنهن جو ذڪر يوسف ميرڪ جي تاريخ مظهر شاهه جهاني جي حوالي سان بيان ڪريان ٿو.
احمد بيگ جي ظلم ڪري ڳاهن وارو پرڳڻو پوئتي پئجي ويو آهي ۽ خاص ڪري ڪاڇي وارا ماڻهو ته وسنديون خالي ڪري هليا ويا. بوبڪ پرڳڻي جي سنڌين مظلومن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته هو برداشت ڪندا رهن ٿا ڇاڪاڻ ته هو نسل در نسل ظلم سهڻ ۾ پڪا ۽ پختا ٿي ويا هئا.

[b]بختيار بيگ جو دؤر
[/b]پهريون جڏهن هي سيوهڻ پهتو ته پنهنجي نائب شهسوار کي لاکاٽ پرڳڻي جي سميجن ۽ انڙن ڏانهن ڍل جي وصولي لاءِ موڪليو، جنهن کي سميجن قتل ڪري ڇڏيو. هن ان قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ علي ساملو جي هٿ هيٺ هڪ لشڪر سنڌين جي قتل لاءِ اوڏانهن روانو ڪيو، جنهن سميجن ۽ انڙن کي ڳڀا ڳڀا ڪري دل جي ڀڙاس ڪڍي.
سميجا سردار پنهنجي راڄ جو ڪوس ڏسي آزي مڃي ۽ قوج علي وٽ ميڙ کڻي آيا ۽ سنڌي جوڌن جن شهسواري جي ظلم خلاف بغاوت ڪئي هئي تن کي مغلن جي حوالي ڪيو. انهن سنڌي غيرت مندن کي ڪهرائي منڍيون کاري ۾ وجھرائي، چڱن مڙسن سميت بختيار بيگ ڏي سيوهڻ ڏياري موڪليون.
سمه وڏيرا جن ارغونن سان مٽيون هيون تنهن ڪي قاسم ارغون اچي وچ ۾ پيو ۽ ضمانت تي انهن کي ڇڏرايو.
نوحاڻن ۽ ماڇين مغل قانون جي خلاف آواز اٿاريو ۽ ان جي نافرماني ڪئي، جنهن ڪري هو پاڻ نوحاڻن تي ڪاهي ويو، جن ان کي مڙسي سان منهن ڏنو ۽ ڪيترا ئي مغل مارجي ويا.
سنڌي به مڙس ٿي وڙهيا. ڌارئي سان مقابلو ڪندا رهيا، جنهن ڪري انهن جا سترهن سپهه سالار وطن تان شهيد ٿي ويا. انهيءَ لڙائي ۾ توتان نوحاڻي، موندر ۽ چڪي خاصخيلي پاڻ ملهايو ۽ سنڌ جو نمڪ جو حق ادا ڪيو. تاريخ مظهر شاهه جهاني وارو لکي ٿو ته توتان رحمان قلي تي ڪاهي آيو ۽ هڪل ڪري ويڙهه کي جاري رکيو. جيڪڏهن کيس زره پاتل نه هجي ها ته ختم ڪري ڇڏي ها ! جيئن ته هو زره پوش هو، جنهنڪري توتان جا ڌڪ اثرائتا نه ٿيا. پر البته رحمان قلي جي ڌڪن کيس چچري ڇڏيو، تنهن هوندي به هو پوئين پساهن تائين پاڻ ملهايو.
بختيار بيگ سنڌين جي اها جوان مردي ۽ غيرت ڏسي حيران ٿيو ۽ انهن کي پنهنجي ڪرڻ لاءِ کين سان ٺاهه ڪيو، جيئن اڳتي هو مغلن سان نه وڙهن. ڇاڪاڻ ته کيس خوف هو ته جن کي اڄ شڪست ڏني آهي، اهي سڀاڻي مات به ڏيئي سگھن ٿا.
بختيار بيگ جي ڪارندي رحمان قلي سنڌين کان ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ ڳوٺ کماڻ لڳ خاسائي شوري ۾ پهتو ۽ ربيع جي فصل جو ان قبضي ۾ ڪيو ۽ ان کي ٻيڙين ۾ وجھرائي سيوهڻ ڏانهن موڪلي ڏنو ۽ ٻڍا پور جي ٻارين کي حاصل ڪرڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿي ويو.
سنڌين جو ڏٺو ته هي ظالم پنهنجي مغل طاقت جي زور تي زوري ان کڻائي ٿو، تنهن ڪري سنڌين هارين ان جو بندوبست ڪري ڇڏيو. انهيءَ زماني ۾ ٺٽي جو حاڪم مرزا جاني بيگ هو. ان جي نائب خسرو بيگ کي سامهون آندو. ٻنهي ظالم ڌرين جي هڪ ٻئي سان ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ رحمان قلي ظلم ڪندي ظالم هٿان مارجي ويو.
هن جي زماني ۾ بکر خان اعظم مرزا ڪوڪه کي جاگير ٿي مليو، جنهن پنهنجي پاران پنهنجي پٽ مرزا انور کي بکر ڏانهن موڪليو. انهيءَ دوران سنڌي راڄن مغلن جي زيادتي ۽ نا انصافي خلاف شديد رد عمل جو اظهار ڪيو ۽ بکر جي سرڪاري ديهن جي فصلن کي ناس ڪري ڇڏيو. انهيءَ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مرزا انور پنهنجي ملازم حيدر بيگ کي فوج ڏيئي انهن تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هنن مغل فوج کي جنگ جي ميدان ۾ ڌوڌڻ وجھي ڀڄائي ڇڏيو.
مرزا انور بختيار بيگ کان مدد گھري، جنهن سنڌين سان جنگ جوٽي ۽ ڪيترن سنڌين کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترن کي گرفتار ڪري بکر ڏانهن اماڻيون.
مغل ڪارندا سنڌين کي هڪ ٻئي سان وڙهائڻ لاءِ مختلف لالچون ڏيندا هئا، ۽ ڪن تي هٿ رکي انهن کي پنهنجو ڪندا هئا. دشمن قبيلي جي دشمنن سان ملي انهن جو انت آڻيندا هئا. جيئن ڪوريا هندو جي منشي جيسر، ڪوريجن ۽ پهنورن جي مدد سان سميجن کي ماريو.
شيخ موسى گيلاني ۽ قره بيگ جي وقت ۾ سيوهڻ پرڳڻي ۾ رهندڙ سنڌين ڏاڍ مڙسي ڏيکاري ۽ مغل چمچن کي پير کوڙن ڪونه ڏنا ۽ پنهنجي وس آهر انهن کي تنگ ڪندا رهيا، جنهن ڪري سنڌين وسندي وارا ڳوٺ ڇڏي وڃي ٻيا هنڌ وسايا. ايئن هو دشمن سان مقابلو ڪندا هئا ۽ بچاءَ لاءِ نا معلوم هنڌن ڏانهن هليا ويندا هئا. اهڙن فسادن ۽ گوڙن ڪري سنڌ سڃ ٿي ويئي پر مغل ڪارندا پنهنجن ڪرتوتن کان نه مڙيا ۽ جڏهن مير ابوالقاسم سيوهڻ جو عملدار ٿي آيو ته هن امن امان قائم رکڻ جي بهاني سميجن ۽ ٻين سنڌي قومن کي تنگ ڪيو ۽ انهن جي خون سان راند کيڏي.
سميجه ۽ ٻين سنڌي ذاتين وارا قبيلا ڌارئي کي ڪنهن به روپ ۾ برداشت نه ڪندا هئا. جنهن ڪري سدائين سنڌ ۽ سنڌي دشمنن خلاف وڙهندا رهيا. انهيءَ صورتحال بابت تاريخ مظهر شاهه جهاني جو مصنف غلط بياني کان ڪم وٺندي لکيو آهي ته: ”سنڌي ان ڪري باغي ٿيا جو انهن کي چوڻ وارو ڪوبه ڪونه هو ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن نموني سان شاهي عتاب کان بچيا ٿي ويا.“
يوسف ميرڪ سنڌ وارن سان ٿيندڙ ظلم جو بيان به پاڻ ڪيو آهي، جيئن جهانگير جي وقت ۾ قوج علي بکر جو حاڪم ٿي آيو. هي وڏو ظالم ۽ بي رحم انسان هو ۽ سنڌ وارن سان طرحين طرحين ظلم ڪيا جنهن ڪري هن جو ظلم مشهور ٿي ويو. هي ظالم ٻه لوهيو ڪڻاهيون پاڻي سان ڀرائي باهه جي مچ تي رکندو هو ۽ سنڌي ماڻهن تي ڪوڙا الزام مڙهي ان تتل ڪڻاهين ۾ اڇلرائيندو هو، جتي هو چيچلائي مري ويندا هئا.
احمد بيگ عيد جي ڏينهن سنڌين کي مارڻ جو اراد ڪري بکر مان سهتن ۽ سميجن تي ڪاهي ويو. ڇاڪاڻ ته اهي ان ڏينهن عيد جي خوشي ۽ مذهبي روايتن ۾ مصروف هوندا، تنهن ڪري انهن کي سولائي سان مات ڏيئي سگھبي. هن بابرڪت ڏينهن تي ڪيترا سنڌي شهيد ڪيا ۽ ڪيترن يتيمن کي گرفتار ڪري بکر وٺي ويو.

[b]شمشير خان جا ظلم
[/b]شمشير خان جڏهن ٻيو دفعو سيوهڻ جو حاڪم مقرر ٿي آيو ته هن سميجن جي قوت ۽ بغاوتن کي ختم ڪرڻ لاءِ پهريان سميجن جي پاڙن، ڌاريجن، مناهيجن کي يقين ڏياريو ته هو امن پسندن (جيڪي غلامي قبول ڪن) سان ڪڏهن به بي واجبي نه ڪندو پر سنڌي سرڪشن لاءِ ان وٽ ڪا به رعايت ڪونهي. سنڌي سٻاجھڙا هن ظالم جي فريب ۾ اچي ويا ۽ هٿيار کڻي ڦٽا ڪيائون.
جڏهن هي ظالم راهوجن، فيروزيجن کي مات ڏيڻ لاءِ فوج ڪشي هئي ته هن يوسف ميرڪ مصنف تاريخ شاهه جهاني جي مشوري سان بي گناهه ۽ امن پسند ڌاريجن ۽ مناهيجن کي ڌوکو ڏيئي، واعدي خلافي ڪندي کين قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
هن چرچ ۾ مئلن جو تعداد يوسف ميرڪ پاڻ ٻڌائي ٿو ته: ”اٽڪل هڪ هزار سميجا قتل ۽ ست سؤ قيد ٿي ويا، جن ۾ ڪي وڏيرا به شامل هئا. پڇاڙي سندن مال و اسباب جنهن جو حساب خدا وٽ آهي، سپاهين ۽ رعيتي ماڻهن ۾ ورهايو ويو.“
ڌاريا هميشه سنڌين جي سچائي ۽ واعدي وفائي جو فائدو وٺندي کين نيست و نابود ڪندا آيا آهن. اها ڪهڙي نه شرم جو ڳي ڳالهه آهي جو ڪنهن سان واعدا اقرار ڪري، انهن کي بي اونو ڪجي ۽ پوءِ هٿين خالي سنڌين تي ڪاهي وڃجي ۽ کين قتل ڪري ڇڏجي. ان هوندي به اهي حڪمران پڪا مسلمان ۽ اسلام جا سپاهي سچا وفاداري ليکيا وڃن ٿا پر مظلومن جيڪي قسم ۽ قرآن تي يقين رکن ٿا، تن کي ملحد، فسادي وڳوڙي سڏيو وڃي ٿو.
هن سميجن جي مدد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هڪ سؤ هوسڙا ملاح گرفتار ڪري لاکاٽ ڳوٺ جي گھيڙ وٽ ڦاهيون ڏياريون. اهڙي طرح هن ظالم حاڪم هڪ ڏينهن ۾ هزارين سنڌين کي ترارن سان ڪٺو ۽ کين ڦاهيون ڏياريون. هو مرد مجاهد پنهنجي غيرت، انا ۽ سنڌ مٿان جان نڇاور ڪري، سرها ٿيندا ويا.

[b]چانڊين جون ٺٺوليون
[/b]شمشير خان جنهن سنڌين جي قتل جو ذمو کنيو هو، تنهن چانڊين تي چڙهائي ڪئي، پر هو اڳ ۾ ئي پنهنجا گھر ۽ وٿاڻ ڇڏي وڃي جبل ۾ لڪا. هن انهن جي بيٺل جوار جي فصل تي قبضو ڪيو. چانڊين رات جي وقت هن جي لشڪر تي تير وسايا. جنهن ڪري صبح سان جبل طرف ڪاهي ويو. چانڊين هن کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي جبل جو چوٽي تي چڙهي ويا ۽ شمشير خان جي لشڪر کي بي وس ڏسي سندن مٿان ٺٺوليون ڪندي دهل وڄائڻ شروع ڪيا.
شمشير خان چڙ مان پنهنجي لشڪر جي سپاهين کي حڪم ڏنو ته هو سندن بيٺل فصل کي ترارن سان ڪپي ڍير ڪن. آخر چانڊين پنهورن کي وچ ۾ آڻي ٺاهه ڪيو.

[b]باريجن جي بهادري
[/b]هن بوبڪ پرڳڻي جي باريجن تي رڳو ان ڪري حملا ڪيو ته انهن جا فصل سٺا نه ٿيا هئا. جنهن ڪري هو پهرين ڍل ادا نه ڪري سگھيا ۽ هر فصل تي مغلن کي ڏيندڙ اٺن ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
شمشير خان کي سنڌين جي غيرت تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي، کين پنهنجو راڄ سمجھندي، جيئن وڻندو هين تيئن ڪندو هو. هن باريجن کي انڪار ڪرڻ جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اڌ رات جو چورن ۽ ڦورن وانگر انهن جي ڳوٺن تي هلان ڪري ويو.
باريجن به پاڻ ملهائيندي ڌارئي جي ان فعل تي لعنت و ملامت ڪئي ۽ مڙسي سان مغلن جي سامهون ٿيا. هن ويڙهه ۾ سردار قاسم باريجو پنهنجي پٽ سميت وڙهندي وڙهندي سنڌ جي سر زمين تان قربان ٿي ويو.
شمشير خان ڌارئي جو روپ ڏيکاريندي، يتيمن بيوه زالن ۽ ٻارن کي قيد ڪري سيوهڻ وٺي آيو.
هن ٻين جي چرچ تي بي گناهه نوحاڻن تي حملو ڪيو ۽ انهن جا سٺيڪو مڙس ماري ڇڏيا. جنهن ۾ نيئنگ جو سردار ناتالو به پنهنجن ڀائرن، پٽن ۽ ڏهه ٻارهن مڙسن سميت شهيد ٿي ويو.

[b]نومڙين سان ٺاهه
[/b]هن جي ظلم ۽ اروهه زورائي ڪري ڪيترائي قبيلا جبلن ڏانهن پناهه وٺن لاءِ هليا ويا. نومڙيا، جيڪي هميشه سرڪش ٿي رهيا هئا، تن شمشير خان جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو. انهن سيوهڻ ۽ سن واري علائقي ۾ ان کي پير کوڙڻ نه ڏنا، جنهن ڪري هي لاچار ٿي سندن سردار مريد کي سياسي رشوت طور بوبڪ پرڳڻي ۾ ٽهڻي واري ديهه ۾ جاگير ڏني.
ان هوندي به نومڙا ڪين مڙيا ۽ مغلن سان جنگيون ڪندا رهيا. جنهن ۾ سندس ڪيترا اوزبڪ سپاهي ۽ خاص طور بيگ محمد قرق مارجي ويو. يوسف ميرڪ نومڙين جي دليري ۽ مغل ڪارندن جي ويڙهه بابت هيئن لکيو آهي ته: ”هوسن ۽ سيوهڻ جي ڳوٺن، (جتي سنڌ وارن کان ڦر ڪيل مال هندو هو) سان جاڙون ڪندا رهيا ۽ شمشير خان ساڻن صلح جون ڳالهيون پئي هلايون.

[b]سميجن جي مڙسي
[/b]جهانگير شمشير خان کي حڪم ڪيو ته هو بهادر خان جي مدد لاءِ قنڌار روانو ٿي وڃي. هن پنهنجي غير حاضري ۾ قمبر خواجه کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪيو. جيڪو ٿوري وقت کان پوءِ فوت ٿي ويو. ان جي جاءِ تي هن خوشم بيگ کي قنڌار مان سيوهڻ موڪلي ڏنو.
هي سميجن جي بغاوت ۽ سنڌ دوستن کي ڪچلڻ لاءِ هڪ لشڪر ساڻ ڪري انهن جي ڳوٺن ڏانهن روانو ٿيو ۽ ڪاڪي ڳوٺ جي گھيڙ وٽان درياءَ جي ڪنڌيءَ تي پهچي لوڙها ڏياري ويهي رهيو.
سنڌي جوانن سميجن کي خبر پئي ته انهن پنهنجن وٿاڻن تي پهچڻ کان اڳ ۾ دشمن کي سيکت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ نعرا هڻندا خوشم بيگ جي ڪئمپ کي گھيري ۾ آندو ۽ مغلن جي بچاءَ لاءِ ڏياريل لوڙهي کي لتاڙي سندن مٿان چڙهي ويا ۽ ڪيترن سنڌ دشمن کي بروقت ماري وڌو جيڪي بچيا تن سر بچاءَ لاءِ پاڻ کي کڻي دريا ۾ اڇلايو.
سميجن بزدل مغلن جا هٿيار، گھوڙا ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو. خوشم بيگ پاڻ ڀڄي جان بچائي ۽ سر جي خوف کان ڪاڪي واري قلعي ۾ وڃي پناهه ورتي.
سميجا سنڌي دشمن کي سبق سيکارڻ جو پهه ڪري چڪا هئا، تن هن جو پيڇو نه ڇڏيو ۽ کيس گھيرو ڪري ويهي رهيا. پر خوش قسمتي سان ٻي مغل فوج جيڪا شڪار سانگي آيل هئي، تن اچي قلعي جو گھيرو ختم ڪرايو. آخر مغلن سنڌين جي آڻ مڃي ۽ سندن سان صلح ڪيو. يوسف ميرڪ سنڌين جي مڙسي تي لکي ٿو ته هن آئينده لاءِ اهڙي چڙهائي ڪرڻ جي پچر ڇڏي ڏني ۽ ملڪي معاملن ۾ لڳي ويو.

[b]شير خواجه جي عملداري
[/b]شمشير خان کان پوءِ باقي جان عرف شير خواجه کي 932 هجري مطابق 1525ع ڌاري سيوهڻ جو علائقو پگھار طور ڏنو ويو، جيڪو پاڻ اتي رهي پيو ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي هيڏانهن روانو ڪيو.
انهيءَ سال فصل گھٽ ٿيا ۽ قحط پئجي ويو، پر هي بکيو پنهنجي ظلم تي ڪاربند رهيو ۽ سنڌين کي حيوانن وانگر سمجھي انهن کان گذر بسر جيترو رکيل ان داڻو به ڏاڍ ۽ زور تي کڻي ويو. جنهن ڪري سندن گھرن ۾ گدڙ اونايون ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ ڍور ڍڳا به وڪڻي ڇڏيا. بقول يوسف ميرڪ جي ته: ”ٻنيءَ جي پئدائش ۽ مال و اسباب وڪڻي ظالمن جا ڀڀ ٿي ڀريا.“
هن جي ڪارندن شير خواجه جي دولت ۾ واڌاري لاءِ سميجن کي گرفتار ڪري وڪڻڻ شروع ڪري ڏنو، جيئن سندس خزاني ۾ کوٽ نه اچي.

[b]سنڌين جو پلاند
[/b]شير خواجه جو عملدار مير عاقل لاکاٽ ۾ رهندو هو، هن جي مقرر ڪيل پنجاهه سپاهين سنڌي ماڻهن سان ڏاڍيون زيادتيون ڪيون ۽ جيڪو ڪجھه وڻين پيو اهي پئي ڪيائون. يوسف ميرڪ انهن جو ظلم هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: ”اهي اهڙي نموني سميجن مٿان ٿاڦي ڇڏيائون، جنهن جو بيان نه ٿو ڪري سگھجي.“
مظلوم سنڌي به سندن تاڙ ۾ رهندا هئا. جڏهن يار محمد ڪوڪه، مير عاقل کان سنڌين وٽان هٿ ڪيل دولت جي ورهاست تان ناراض ٿي هليو ويو ته، مظلوم سميجن کي پنهنجي پلاند وٺڻ جو وارو لڳي ويو. اهي مير عاقل جي سامهون ٿيا. سميجن جي مڙسي ڏسي مير عاقل جي ڏهن سپاهين مان پنج سپاهي ڀڄي ويا ۽ باقي پنجن سپاهين کان مير عاقل سميت ظلم جو حساب ورتو.

[b]مهمان جو مان
[/b]شير خواجه کان پوءِ شير الملڪ عرف شمس الدين جي سيوهڻ تي عملدار جي شروعات ٿي. هن جي هڪ عزيز خواجه عارف پنهنجي ڪٽڪ سان باغبان پرڳڻي ۾ سميجن ۽ ٿيٻن تي ڪاهه ڪئي. جنهن ۾ منهن وارو لڳس ۽ موٽندي اڪبر آباد جي ڳوٺ مان پنهورن وٽ ترسيل ٻن سميجن مهمانن کي گرفتار ڪري سيوهڻ روانو ڪيو.
پهنورن پنهنجي تڏي جي بي عزتي کي غيرت جو مسئلو سمجھيو ۽ مهمان نوازي جي بي حرمتي تي چپ ڪري نه ويهي سگھيا ۽ خواجه جي سامهون ٿيا. جنهن ۾ انهن مغلن جي ٻارهن سپاهين کي ماري ڇڏيو.
خواجه عارف جو ڏٺو ته پهنور هن جو پيڇو نه ڇڏيندا، تنهن ڪري هن بزدلي جو مظاهرو ڪندي قيدي مهمانن کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ پنهنجي جان بچائي وڃي سيوهڻ پهتو. شمس الدين جي عملداري ۾ سنڌين سان نهايت ظلم ٿيا. يوسف ميرڪ هن لاءِ لکيو آهي ته: ” شمس الدين بي پير“.

[b]يوسف جا ڪرتوت
[/b]شاهه جهان 8 جماد الثاني 1037 هجري ۾ جيئن ئي تخت تي ويٺو ته هن اعتماد الدوله مير غياث جي پوٽي مرزا احمد کي سيوهڻ جو جاگيردار مقرر ڪيو، پر سڄي ڪرتا ڌرتا جو مالڪ سندس ڀاءُ يوسف هو.
هن پنهنجي ظلم ۽ ستم سان سڄي علائقي جي ستياناس ڪري ڇڏي. هن مان عوام سخت پريشان هو، پر تنهن هوندي به ڪنهن کي مجال نه هئي، ته هن جي ظلم خلاف آواز بلند ڪري سگھي. هو روزانو بي گناهه سنڌي ماڻهن کي پنهنجي سامهون ڪوڙا هڻائيندو هو. جنهن ڪري ويچارن سنڌين جي جسم تان کل لهي ويندي هئي ۽ ڪيترا ته انهيءَ سورن ۾ مري به ويندا هئا. جنهن جي داد رسي جي همت ڪنهن ۾ به ڪونه هئي.
هو پنهنجي عادتن ۾ رومن جي سيزر وانگر مجبور هو ۽ روزانو ٻه ٽِ سؤ سنڌين کي ڪوڙا هڻائي خوش ٿيندو هو. يوسف ميرڪ لکي ٿو ته: ”هي ظلم ۽ ستم ۾ حجاج بن يوسف جو به استاد هو.“
سيوهڻ پرڳڻي ۾ رهندڙ ڪنهن عزت واري جي عزت سلامت ڪونه هئي، جيڪڏهن کيس خبر پوندي هئي ته ڦلاڻو شخص شاهو ڪار آهي ته ان تي ڪوڙو الزام مڙهي پهريان بي عزت ڪري، ڪوڙا هڻائيندو هو ۽ پوءِ سندس ملڪيت ضبط ڪري دلي سڪون حاصل ڪندو هو. ايتري قدر جو دولت مند سنڌي عورتن جي لڄ به ان کان محفوظ نه رهي سگھي.
هو سنڌين وٽ ڪابه سٺي شيءِ ڏسي سڙندو هو، جنهن ڪري انهن جا اٺ وغيره، جيڪي تمام قيمتي هوندا هئا، تن کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪم ڏيئي ڇڏيو هو ته جتي به ڀلو ۽ قيمتي اٺ هجي ان کي جھلي سندس ملڪيت ۾ شامل ڪيو وڃي.
هن سنڌين وٽان دولت حاصل ڪرڻ لاءِ شهر ۾ اچڻ واري هر شيءِ تي ڳرا محصول لڳائي ڇڏيا. ايتري قدر جو هٿين خالي شخص کي محصول ادا ڪرڻ پوندو هو.
مرزا يوسف سنڌين جي دولت مختلف حيلن ۽ بهانن سان گڏ ڪندو رهندو هو، پر پوءِ به سندس حرص گھٽ نه ٿيندو هو، هن سنڌين کي نيست و نابود ڪرڻ جو پهه ڪري ڇڏيو هو، تنهن ڪري هن ڌاڙيل ۽ جواري پاڻ وٽ رهايا. ڌاڙيل ويچارن سنڌين وٽ بچيل مال ڦري آڻي يوسف کي ڏيندا هئا ۽ جواري شهر جو چو واٽي تي ويهي ٻاهران آيل سنڌين ۽ سوداگرن کي جوا جي ترغيب ڏيئي مال تان هٿ کڻائيندا هئا. ۽ هو بوڇڻ (لٽو) ڇنڊي اٿندا هئا.
اهڙي نموني سرڪاري ۽ غير سرڪاري طرح ٻنهي هٿن سان سنڌين کي لٽيندو رهيو ۽ ظلم ڪندو رهيو. شهر جي شريف عابد ۽ زاهد ماڻهن کي ذليل و خوار ڪرڻ ۾ ان کي مزو ايندو هو ڇاڪاڻ ته اهي غلام ملڪ جا باشندا هئا. يوسف ميرڪ لکي ٿو ته: ”مرزا يوسف جهڙي ذليل ماڻهو کي ڏاڍو مزو ايندو هو، خاص ڪري اهو لطف کيس ان ڪري به ايندو هو ته سڀئي ماڻهو هڪ فتح ڪيل ملڪ جا رهاڪو هئا، جن جي ڪابه دانهن ۽ ڪوڪ ٻڌڻ جوڳي نه هئي، نه سندن ڪو حمايتي هو.“
جيئن هن قاضي عبدالواحد تي ڪوڙو الزام مڙهي کائنس هڪ سؤ روپيه جي ڏنڊ جو دستاويز لکرائي ورتو، ۽ اهو هڪ ڪميني ۽ خبيث ابراهيم بلوچ کي اوڌر تي وڪرو ڪري ڏنو.
ڪجھه ڏينهن کان پوءِ مرزا يوسف سٽيل سازش موجب ابراهيم کان پئسه طلب ڪيا ۽ ابراهيم قاضي عبدالواحد کي ڦٽڪو هڻي چيو ٿي ته: ”ڪڍ هڪ سؤ روپيه “ اهڙي طرح ڪميڻو رذيل يوسف سنڌي سان اهو تماشو ڪندو رهيو ۽ پنهنجي ڏاڍ ۽ اروهه زورائي تي خوش ٿيندو رهيو. هي حريص سنڌين هارين کي هميشه بيگر هڻندو هو، ايتري قدر جو ڍل جي بهاني سڄو فصل کڻائي ويندو هو.
سنڌين رستم قنڌاري جي وقت ۾ هن جي ظلم ڪري لڏ پلاڻ ڪئي، ”مرزا حسام الدين مرتضى خان انجو“ جي وقت ۾ ٺٽو برباد ٿي ويو ۽ اعتماد خواجه گورنر، بکر شريف سنڌين جي زندگي حرام ڪري ڇڏي.
مغلن طرفان مقرر ڪيل حاڪم يا جاگيردار جيڪي سنڌ ۾ ايندا هئا، تن کي سنڌي جي قوت سان ٽڪرائڻو پوندو هو، جنهن ڪري انهن وٽ هميشه هڪ ڪٽڪ رهندو هو.
مظهر شاهه جهاني جي پڙهڻ مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي جن کي فسادي سڏيو ويو آهي، اهي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ، پنهنجي فطري رد عمل طور مغل ڪارندن ۽ عملدارن سان وڙهندا هئا ۽ ڪنهن به صورت ۾ انهن جي تابعداري ۽ غلامي کي قبول نه ڪندا هئا. پر جڏهن ڪنهن به مغل ڇاڙتي سنڌين سان نرمي وارو برتاءُ ڪيو ته اهو امن ۽ سڪون سان رهيو. يوسف مير ديندار خان جي بيان ۾ لکيو آهي ته: ”هن جي نيڪين ڪري وڳوڙين آخر نرمي اختيار ڪئي ۽ سندس جاگير مان فساد وغيره گھٽجي ويا. مغل ڪارندن جي ظلم، نا انصافي ۽ دولت ميڙڻ جي هٻڇ ڪري 1659 ع (70-1069 هجري) ۾ ۽ 1683ع (95-1094 هجري) ۾ وڏو ڏڪار پيو، جنهن ۾ بک ۽ افلاس ڪري هزارين سنڌي مفلسي ۽ بيڪسي واري حالت ۾ فوت ٿي ويا.

[b]شاهه عنايت لانگاهه جي شهادت:
[/b]سنڌ جي تاريخ نامياري گوهرن جي ذڪر سان ڀري پئي آهي، جن غير ملڪي تسلط، ڌارئي جي ڌوڪ، معاشرتي استحصال ۽ ظالمن جي ظلم خلاف آواز پئي اٿاريو آهي. سنڌي هر ظلم ۽ زيادتي خلاف وڙهندا آيا آهن، انهن مان شاهه عنايت شهيد لانگاهه به هڪ آهي.
مقالات الشعرا ۾ صوفي عنايت جو خانداني سلسلو هيئن لکيل آهي: ”شاهه عنايت پٽ مخدوم فضل الله پٽ ملا يوسف، پٽ شهاب الدين، پٽ مخدوم صدور (صدورو لانگاهه). تحفة الڪرام موجب صوفي شاهه عنايت ولد مخدوم فضل، ولد ملا يوسف، ولد شهاب الدين، ولد ملا آجب (هن کي رجب ڪري لکيو اٿن، پر جڏهن اسان وٽ نالو آجب موجود آهي ته ان کي رجب ڇو سمجھڻ گھرجي. ولد مدو (مدورو) لانگاهه، شاهه عنايت جا وڏا پير پزرگ ۽ الله لوڪ ماڻهو هئا.
شاهه عنايت شهيد ان دؤر ۾ اک کولي جڏهن سنڌ غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئي ۽ غلام سنڌين جي حالت پنهنجي اکين سان ڏٺي ۽ گھڻو ڪجھه محسوس ڪيو، جنهن جو اظهار ان جھوڪ تحريڪ جي شڪل ۾ ڪيو.
سنڌي هڪ جاگيرداري نظام ۾ پيڙهجي رهيا هئا ۽ انهن وٽ جو ڪجھه هو، اهو پرائو هو ۽ سندن زندگي ٻين جي رحم و ڪرم ٿي هئي مغل ڪارندن ۽ جاگيردارن پنهنجي ڀڀن کي ڀرڻ لاءِ سنڌي عوام کي گھاڻي ۾ پيڙهيو پئي، جنهن ۾ ڌارين سان گڏ پنهنجا به شامل ٿي ويا هئا.
شاهه عنايت جي وقت جي حالتن جو تجزيو ڪندي سبط حسن لکيو آهي ته: ”جڏهن مغل حڪومت جو سج تڪڙو تڪڙو لهڻ تي هو ته سڄي ملڪ ۾ افراتفري ڦهلجي ويئي ۽ هڪ ٻئي جي خلاف سازشن جي وٺ پڪڙ شروع ٿي ويئي. انهيءَ حالت ۾ سنڌ جهڙي ڏورانهين علائقي جي ڳڻتي ڪنهن کي هوندي، صوبي جو انتظام درهم برهم ٿي ويو ۽ جاگيردارن جو مڪو مچي ويو ۽ هر طرف ڦرلٽ جي بازار لڳي ويئي. “
هو سنڌ جي حالتن جو اڀياس ڪندي لکي ٿو ته: جيئن ته سرڪاري عهدا مورثي نه هوندا هئا، ان ڪري جاگير به مورثي نه هئي. منصب دار جي بدلي لاءِ به ڪي قاعدا ۽ قانون نه هئا. پر هو بادشاهه جي مرضي تي منحصر هو، جنهن ڪري عهديدارن کي ڪابه خبر نه هوندي هئي ته هو ڪڏهن ۽ ڪٿي بدلي ڪيا ٿا وڃن يا مورڳو برطرف ٿين ٿا. هو انهيءَ ڪري غير يقيني واري صورتحال ۾ رهندا هئا. تنهن ڪري جاگير دار جيترو ٿوري وقت ۾ گھڻو حاصل ڪري سگھجي جي اصول تي دولت ميڙڻ لڳندا هئا. هو پنهنجي جاگيرون ٺيڪي تي ڏيئي ڇڏيندا هئا ۽ ان جي رقم اڳواٽ وصول ڪندا هئا.
سبط حسن شاهه عنايت جي تحريڪ تي تحقيق ڪندي لکيو آهي ته: ”شاهه جهان جي ڏينهن ۾ حالت اها اچي ٿي جو زمين جو سودي تي وڃڻ کان پوءِ به جيڪڏهن ڪو به وڌيڪ رقم آڇيندو هو ته مقرر ڪيل ٺيڪيدار بي دخل ٿي ويندو هو ۽ زمين نئين ٺيڪيدار کي ڏني ويندي هئي. ان بد عهدي جو نه داد هو نه فريا، هو، تحقيق سان لکي ٿو ته سنڌ ۾ جاگيرن جي انتظام ۾ مقامي ماڻهن کي شريڪ نه ڪيو ويندو هو.
سنڌين سان معاشرتي ۽ سماجي طور ٻه اکيائي وارو برتاءُ هو ۽ کين ٽئين درجي جي شهري جي حيثيت به ڪونه هئي. انهيءَ ڪري مغل دؤر ۾ سنڌي هر وقت پنهنجي آزادي لاءِ تڙپندا ۽ وڙهندا رهيا. سبط حسن ان جو سبب هن ريت بيان ڪيو آهي ته: ”هباري، قريشي، ارغون، ترخان، جيتوڻيڪ ٻاهران آيا هئا پر انهن سنڌ ۾ دائمي رهائش اختيار ڪئي هئي، شاديون وغيره مقامي ماڻهن مان ڪيون ۽ انهن سان رلي ملي ويا هئا. (ظلم ڪندي جڏهن ٿڪجي پيا ته ٻي واهه نه ڏسي، سنڌين سان مٽيون ڪري پنهنجا بقا کي سالم رکڻ لاءِ اهو حربو به استعمال ڪيو) ان جي ابتڙ مغلن جي وقت ۾ سنڌ جي حيثيت بلڪل مفتوح علائقي جهڙي هئي.“
بهر صورت سبط حسن جي خيال موجب شاهه عنايت الله شهيد جي تحريڪ فيوڊل ازم جي خلاف هئي، جنهن ڪري مقامي سنڌي هارين تر جي زميندارن خلاف هن جو ساٿ ڏنو ۽ گڏيل هارپ جي نظام تحت هن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي رهيا.
هن نظام ڪري جاگيردار جيڪو هارين کي محصول ، ڍل، بيگر ۽ شاهي حڪمن موجب سڀ ڪجھه ڦري ويندو هو ۽ هو پڇاڙي ۾ کائڻ جيتري ان ڪڻن کان به محروم ٿي ويندو هو ۽ سڄو سال اميد ۽ آسري گذر ٿيندو هو، پر ان جي ابتڙ شاهه عنايت فيوڊل ازم جي جاءِ تي پراڻي گڏيل سنڌي نظام کي رائج ڪيو، جنهن موجب زمين جو هاري، گڏيل شراڪت دار هو، جنهن ڪري اتان جي مقامي هارن کي پنهنجو ڀلو انهيءَ ۾ نظر آيو ۽ اهو جوق در جوق شاهه عنايت جي حلقي ۾ داخل ٿيندا ويا ۽ آخر ان جو اثر پاڙي وارن زميندارن تي پيو، جنهن ڪري اتان جي زميندارن نور محمد پليجي، حمل جت ۽ پير عبدالواسع جنهن جي پيري مريدي سان گڏ مذهب جي آڙ ۾ مليل زمينون به برباد ٿيڻ لڳيون. انهن ٺٽي جي حاڪم لطف علي کي ان اٿندڙ طوفان کان آگاهه ڪيو ۽ پنهنجي بربادي جو ذڪر ڪيو.
لطف علي خان بنا ڪنهن جانچ جي وڏيرن ۽ پير کي اجازت ڏني ته انهن کي جيئن وڻي، تيئن ڪري شاهه عنايت جي وڌندڙ اثر و رسوخ کي روڪن ۽ ختم ڪن.
وڏيرن ۽ پيرن پاڻ ۾ گڏجي صوفي شاهه عنايت لانگاهه جي خانقاهه تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ڪيترا صوفي فقير ۽ درويش اوچتي حملي ۾ مارجي ويا.
انهيءَ قتل جي خلاف مقتولن جا وارث بادشاهه وٽ فريادي ٿيا، جنهن سندن جو داد ڪندي، قاتلن جو زمينون شهيد درويشن جي پوئين کي ڏياريون.
جيئن ته مغل ڪارندن پنهنجي پورائي لاءِ سنڌي هارين تي طرحين طرحين جا ظلم ڪيا، جنهن ڪري ڪيترا غريب ۽ عام ماڻهو، انهن مان تنگ ٿي شاهه عنايت وٽ اچي پناهه ورتي.
سبط حسن شاهه عنايت جي تحريڪ کي هاري تحريڪ جو نالو ڏيندو لکيو آهي ته اها سنڌ جي ڪيترن هنڌن تي شروع ٿي ويئي ۽ صوفي جي پٺ ڀرائي ڪري ماڻهن ۾ ايتري طاقت اچي ويئي هئي جو زميندار هاڻي انهن تي هٿ کڻڻ جي همت به نه پئي ڪري سگھيا. اهڙي طرح صوفي جي پوئلڳن جو تعداد روز بروز وڌندو ويو ۽ جھوڪ جي طاقت ۾ واڌارو ايندو ويو.
سنه 1128 هجري مطابق 1716ع ۾ نواب اعظم خان ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ته صوفي جي دشمنن وري سازشي ڄار وڇائڻ شروع ڪيو ۽ نواب اعظم کي هن جي خلاف ڪري ڇڏيو.
نواب اعظم خان پاڻ به صوفي شاهه عنايت ڏانن ذاتي رنجش رکندو هو، ڇاڪاڻ ته هڪ دفعي هو ساڻس ملڻ لاءِ آيو ته فقيرن کيس جھليو ۽ ٻڌايو ته صوفي صاحب ورد وظيفي ۾ مشعول آهي، جنهن ڪري اوهان کي انتظار ڪرڻو پوندو، پر جڏهن صوفي سان ملاقات ٿي ته کيس شڪايت ڪندي چيائين ته: ”درويش جي دروازي تي دربان ٺيڪ نه ٿا لڳن.“ چون ٿا ته صوفي ان جو جواب ڏنو ته: ”ٺيڪ آهي، پر اهو به ضروري آهي ته جيئن دنيا جا ڪتا اندر اچي نه وڃن.“ اعظم خان ان جواب تي ڪاوڙيو هو ۽ پنهنجي بي عزتي محسوس ڪيائين. ان ڪري صوفي جي خلاف ٿيندڙ سازش ۾ شريڪ ٿي ويو.
هن صوفي جي معاملن ۾ هٿ چراند ڪرڻ شروع ڪئي. سڀ کان پهريان اهو قدم کنيائين جو جھوڪ جي خانقاهه سان لاڳو زمينن جون ڍلون، جي اڳ معاف ٿي چڪيون هيون، نئين سر مڙهي، اڳاڙڻ چاهيو، جنهن جي ڏيڻ کان صوفي عنايت انڪار ڪيو ۽ چيائين ته: ”اهو سراسر ظلم آهي، جڏهن اهي ڍلون بادشاهه طرفان معاف ٿيل آهن ته پوءِ انهن جي اڳاڙي جو اوهان کي ڪهڙو حق آهي؟“
نواب اعظم جيڪو صوفي جو دشمن بڻجي چڪو هو، تنهن بادشاهه کي لکي موڪليو ته صوفي شاهه عنايت حڪومت سان بغاوت ڪرڻ جا سانڀاها ڪري رهيو آهي ۽ هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري ڇڏيو اٿئين، جنهن جي زور تي سرڪاري محصول ۽ ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
فرخ سير حڪم جاري ڪيو ته سنڌي باغين کي هڪدم ڪچليو وڃي، بقول مقالات الشعرا ”اعظم خان ميان يار محمد خان ۽ سڀني زميندارن توڙي سنڌ جي انهن سڀني ماڻهن ڏانهن مدد ڪرڻ جو حڪم ورتو، جن وٽ پنهنجا لشڪر هئا ۽ جن کي اڳ ئي فقيرن سان ڪينو هو. ائين هڪ وڏي فوج تيار ڪري فقيرن تي حملو ڪيائن، جنهن جو شمار ئي نه ٿو ڪري سگھجي، ماڪوڙين ۽ مڪڙن کان به زيادهه هئي، سبي ڍاڍر کان وٺي سمنڊ جي ڪناري تائين سڀ سرڪاري عملدار هن ۾ شامل هئا.
صوفي شاهه عنايت امن پسند بزرگ هو، هن کي جڏهن زميندران جي مخالفت ۽ اعظم خان جي جنگي تيارين جي خبر پئي ته هو ڏاڍو ڏکي ٿيو.
جڏهن دشمن جي فوج جھوڪ طرف وڌي ته فقيرن کيس راءِ ڏني ته ڇو نه اسان اڳتي وڌي انهن جي راهه روڪيون پر هن درويش کين ائين ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏي.
جھوڪ فقيرن جي امن واري وسندي هئي، جنهن ڪري انهن وٽ فوج کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوبه هٿيار نه هو ۽ دشمن فوج وٽ ان وقت جا جديد هٿيار موجود هئا.
شاهي لشڪر 12 آڪٽوبر 1717ع ۾ چار ڏينهن اڳ ڪوچ ڪري جھوڪ پهتو ۽ هڪ ميل پري کپ کوڙي ويهي رهيو. مقالات الشعرا جي موجب 18 ذي القعد 1129 هجري مطابق 31 آڪٽوبر 1717ع تي جنگ جو آغاز ٿيو ۽ درويش دشمن فوج تي راتاهو هڻندا رهيا، جنهن ۾ انهن جو ڪافي لشڪر مارجي ويو. بقول مير علي شير قانع ”گھيري ڪندڙن جي فوج ذري گھٽ ناس ٿي وڃڻ کي ويجھي پهتي هئي.“
ميان يار محمد هڪ خط ۾ فقيرن جي راتاهي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته: ”آءٌ نواب اعظم ٿل درياءُ مان اڪري جھوڪ پهتاسين ته قلعي جي چوڌاري اونهي کاهي کوٽيل هئي. ان ڪري لشڪر کي جھوڪ کان اڌ ڪوهه پري رهايو ويو. 17 ذي القعد تي سوارن ۽ پيادن سان کاهي، قلعي ۽ پسگردائي جو چڪر لڳايو. شاهه عنايت کي مقابلي جي همت نه هئي، ٻئي ڏينهن آچر جي رات جو صبح ٿيڻ ۾ اڇا پهر کن هو ته شاهه عنايت جي فوج جا هڪ هزار سترهن پيادا ڇاپي هڻڻ جي خيال سان آيا. اسان جي لشڪر جا به ڪجھه ماڻهو مارجي ويا، ليڪن بهادرن فسادين کي تلوارون سان کڻي ڏنو ته تمام ٿورا ماڻهو پنهنجي جان بچائي سگھيا.
صوفي عنايت درويشن کي هدايت ڪئي هئي ته هو راتاهي مهل نعرو بلڪل نه هڻن پر هڪ دفعي ڪنهن فقير جو پير ڪاٺي سان ٽڪرائجي ويو ته هن کان بي اختيار اسم ذات (الله تعاليٰ) جو نعرو بلند ٿي ويو، جنهن تي ٻين فقيرن عام دستور موجب هن جي تقليد ۾ نعرا هنيا.
گھيري کي ٻه مهينا گذري ويا، پر دشمن کان جھوڪ فتح ٿي نه سگھيو، جنهن ڪري نواب اعظم خان جي مدد لاءِ ٻاهران فوج ايندي رهي.
صوفي شاهه عنايت جي حق گوئي ۽ لٽيرن جي فوج ۾ ائين چڪريون هلنديون رهيون، نيٺ جڏهن صوفيءَ کي شڪست ڏيڻ جو امڪان ختم ٿي ويو ته انهن پهرين جنوري 1718ع تي صوفي شاهه عنايت سان ملي ٺاهه جون تجويزون رکيون. ميان خدايار خان جي پٽ محمد خان ۽ مير شهداد بلوچ قرآن مجيد تي هٿ رکي عهد ڪيو ته فقيرن جي جان ۽ مال کي ڪوبه نقصان نه رسندو.
صوفي کي ڪن فقيرن ٻڌايو ته اهو اسان سان ڌوکو ڪيو پيو وڃي پر صوفي صاف چئي ڏنو ته: ”ان جو قرآن پاڪ تي ايمان آهي ۽ هو ان تي اعتماد ڪري ٿو.“ ان کان پوءِ جھوڪ جي قلعي جو دروازو کوليو ويو ۽ صوفي شاهه عنايت کي عزت و احترام سان نواب اعظم خان وٽ وٺي ويا، جنهن پهچندي کيس قيد ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ جھوڪ ۾ قتل عام جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ آخر ۾ نواب اعظم خان، سنڌ ڌرتي جي سپوت شاهه عنايت الله لانگاهه کي 15 صفر 1130 هجري مطابق 7 جنوري 1718ع ۾ شهيد ڪرائي ڇڏيو.
صوفي شاهه عنايت غيرن ۽ پنهنجن هٿان شهيد ٿي ويو. بيشمار فقير مارجي ويا، تڏهن به مغل ڪارندن کي انهن جو خوف رهندو هو، نواب اعظم خان پڙهو گھمرائي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن ڪنهن به زبان مان لفظ الله وڏي آواز سان نڪري ته ان جو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو وڃي. مير علي شير قانع لکي ٿو ته: ”سبحان الله،ڇا ته خدا جي خدائي آهي جو خود سندس نالي کڻندي ئي سر ڪاٽيا وڃن ٿا.“ ڇا اهڙن کي مسلمان چئجي جن الله تعالى جي نالي وٺڻ تي بندش وجھي ڇڏي.
اڄ نه اهي ظالم مغل حڪمران رهيا آهن ۽ نه وري سندن اولاد جي خبر پوي ٿي. چون ٿا ته ڪراچي شهر ۾ هڪ فقير دعوى ڪندو هو ته هو مغل حڪمران خاندان جو چشم و چراغ آهي. اهو خدا جو ڏمر آهي ته هڪ ظالم مٿان پيو ظالم موڪلي ٿو جيڪو ظالم جي ظلم جو حساب وٺي ٿو. ان ڪري ته ظلم سهندڙ رهي ٿو ۽ ظالم ختم ٿي وڃي ٿو. هميشه ان ويڙهه ۾ فتح مظلوم جي ٿيندي آئي آهي. حڪمراني به ظلم ۽ ڏاڍ تي قائم رهي آهي، جنهن ڪري ڪنهن به خاندان جو اقتدار اڄ تائين قائم رهي نه سگھيو آهي. هڪ حڪمران کان ٻي حڪمران ملڪ حملو ڪري کسيو آهي، غلام پنهنجي آقا کي ماري پوءِ اقتدار ماڻيو آهي، اهڙي طرح اهو به ڪنهن سازش جو شڪار ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته سنڌ، هند، ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ اڄ تائين هڪ ئي خاندان جي بادشاهت يا حڪمراني رهندي اچي ها. محلاتي سازش ذريعي ٿيندڙ حڪمران، اهڙي طريقي سان ختم به ٿي ويا آهن. اهڙن وٽ انسان ۽ وطن جو ڪوبه قدر نه رهندو آهي. اهي ظلم ڪري پنهنجي حڪمراني برقرار رکي سگھيا هئا. ظلم ظلم آهي، جڏهن وڌندو آهي ته ختم ٿي ويندو آهي، هميشه ظالم جي مقابلي ۾ مظلوم وڌيڪ دلير ۽ بهادر هوندو آهي ۽ اهو ئي سوڀارو هوندو آهي.

ڪلهوڙن جو دور ۽ ڌارين جون سازشون

ارغون، ترخان ۽ مغل دؤر وارو عرصو سنڌ وارن لاءِ هڪ مصيبت ۽ آفت کان گھٽ ڪونه هو. هڪ کي ماري مات ٿي ڪيائون ته ٻيو دشمن ڪر کنيو پيو اچي، جنهن ڪري سنڌ بغاوتن ۽ مزاحمتن جو مرڪز بڻجي ويو ۽ انهن ڌارين خلاف مسلسل جدوجهي کي جاري رکيو. جيڪڏهن ڪنهن سگهه ساري ٿي ته دشمن ان کي ختم پئي ڪيو ۽ لڳاتار ظلمن ڪري سنڌي به ڇڙ و ڇڙ ٿي ويا هئا، جنهن ڪري ڪوبه اسرندڙ سنڌي ايترو طاقتور ٿي نه سگھيو جيڪو مغل ظالمن جي پاڙ پٽي ۽ پنهنجي گھر جو پاڻ مالڪ ٿئي.
مرزا جاني بيگ ترخان کي عبدالرحيم خان خانان ٺٽي جي حڪمراني کسڻ لاءِ جڏهن لاڙڪاڻي وٽان لنگھيو ته ڳوٺ هٽڙي غلام شاهه تعلقه ڏوڪري ۾ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي سان ملندو ويو ۽ کائنس فتح مند ٿيڻ لاءِ دعا گھرائي، هن ان جي عيوض، کبڙ ابڙو، جيڪو قبيلي سميت آدم شاهه جو مريد ٿيو هو، تنهن جي عرض ڪرڻ تي کيس چانڊوڪي پرڳڻي ۾ جاگير ڏني، جيئن هو مريدن ۽ مدرسي جو خرچ هلائي سگھي.
ڪلهوڙا جيڪي اصل ۾ چنه قبيلي سان تعلق رکندڙ هئا ۽ هو ڪلر ڳوٺ جي رهاڪو هئڻ ڪري ڪلهوڙا سڏجڻ لڳا، رچرڊ برٽن لکيو آهي ته هي نوان مسلمان آهن. جڏهن سنڌ جا والي ٿيا ته ڪنهن شاهي گھراڻي سان تعلق پيدا ڪرڻ لاءِ ڪن عالمن کي پنهنجو نئون شجرو ٺاهڻ جو حڪم ڏنو، جيڪي اڻ پورا هئا. ان ڪري هنن سنڌ ۾ رهندڙ هڪ عباسي عالم سهرا خطيبه کان پتل جي تختي تي لکيل عباسين جو شجرو هٿ ڪرڻ گھريو، جنهن کين نه ڏنو. ان جي انڪار ڪرڻ تي سندس ڳوٺ تي حملو ڪري ساڙائي، اها تختي حاصل ڪئي ۽ تنهن کان پوءِ پنهنجو شجرو ٺهرايو.
ڪلهوڙن کي عباسي ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪي هٿراڌو شجرا ٺاهيا ويا آهن، تن ۾ وڏا ختلاف موجود آهن. ان کانسواءِ انهن شجرن ۾ آيل نالا جيئن محمد پٽ چنو، پٽ بهليل (ڀليل) پٽ ٿل، پٽ ميان اوڍاڻو، جنهن جي نائين پيڙهي مان ميان آدم شاهه هو، اهي ظاهر ڪن ٿا ته اهي اصل سنڌي هئا ۽ هتان جا رهاڪو هئا. (وڌيڪ تفصيل لاءِ مصنف جو ڪتاب سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون، قومون ۽ قبيلا ڏسو).
آدم شاهه جي طاقت وڌڻ ڪري چند زميندارن جي شڪايت تي ملتان جي حاڪم کيس گرفتار ڪري شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن جي مزار آدم شاهه جي ٽڪري سکر ۾ آهي. ڪلهوڙا جيڪو پنهنجو اثر قائم ڪري چڪا هئا تن جو ڪمزور ٿيڻ ناممڪن ٿي ويو هو. آدم شاهه کانپوءِ سندس پٽ دائود گادي نشين ٿيو، جنهن جي وفات کان پوءِ ميان الياس جنهن جي مزار تعلقي باقراڻي ۾ لاڙڪاڻو خيرپور پل واري روڊ تي آهي تنهن کان پوءِ ميان شاهل محمد آيوجنهن جي مزار (ٻيڙو چانڊيو کان به ٻه ميل پري گھاڙ واهه تي آهي. هنن ڪلهوڙن جي طاقت کي اڃا به زور وٺرايو، جنهن جي نتيجي ۾ ميان شاهل محمد جي شهادت کان پوءِ سندس ڀائيٽو ميان نصير محمد سنڌ ۾ هڪ وڏي قوت بڻجي ويو، جنهن ڪري ڪلهوڙن جو اثر و رسوخ وڌندو ويو، جنهن ڪري هنن جو مغل نوابن ۽ صوبيدارن سان جھڙپون به ٿيون.
سنڌ وارن جون اکيون اڳ ئي رت جا ڳوڙها ڳاڙهيا هئا، تن نئين سنڌي اسرندڙ طاقت کي ساٿ ڏنو، جنهن ڪري اتر سنڌ ۾ ڪلهوڙا سنڌين جي هڪ مضبوط ۽ مستحڪم طاقت بڻجي ويا، انهن مغلن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ شروع ڪئي.
ميان نصير محمد ڪلهوڙو سنڌين جي طاقت جي زور تي بکر ۽ سيوهڻ جي مغل ڪارندن جي سامهون ٿيو، جنهن ڪري بکر جي حاڪم محبت ۽ سبي جي حاڪم مرزا خان اورنگزيب عالمگير کي لکيو ته سنڌين جي بغاوت کي ڪچلڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. جنهن ڪري شهزادي محمد معزالدين ان تي حملو ۽ کيس فريد خان ڀاڳت سميت قيد ڪري پاڻ سان گڏ دهلي وٺي ويو.
دهلي مان قيدي جي صورت ۾ گواليار موڪليو ويو ته واٽ تان ڀڄي جند ڇڏائي ۽ سنڌ پهچي طاقت کي ٻيهر مستحڪم ڪري مغلن سان جنگيون جوٽيون، جنهن ۾ سنڌي وڏيرن کانسواءِ سندن مريدن ۽ سنڌي قوم پرستن هن جو ساٿ ڏنو. اهڙي طرح قوم پرست سنڌين جو هڪ چڱو ڀلو لشڪر تيار ٿي ويو، جيڪو آزادي جي جذبي سان سرشار هو.
ميان نصير محمد ڪلهوڙي آزاد سنڌ جي حڪومت جو بنياد وڌو. هن فوجي فقير کي هڙيءَ جي ڳوٺ ۾ ۽ عنايت فقير کي ڪاڇي ۾ ويهاريو.
بکر جو حاڪم يعقوب خان آزادي جي لشڪر سان وڙهيو، جنهن ۾ شڪست کاڌي. ان کان پوءِ مغل گورنر، صوبيدار ۽ جاگيردار سنڌي راڄن ۾ اچي وڃي نه سگھندا هئا. جنهن ڪري لاکاٽ جو پرڳڻو مغلن مقاطعي تي ڏنو. مورو ۽ آس پاس جو علائقو، فريد خان ڀاڳت جي مدد سان قبضي ۾ آيو ۽ پوءِ هن کي ڪاڇي جي لڪن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيو، جنهن فريد آباد شهر ٻڌايو ۽ ساهتي پرڳڻو به هن حاصل ڪري ورتو. مطلب ته اتر سنڌ ۾ آزاد سنڌي حڪومت جو بنياد پئجي ويو، جنهن ڪري مجبورا مغل گورنر ميان نصير محمد کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ڪمن ۾ شريڪ ڪيو.
ميان نصير محمد جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان دين محمد ڪلهوڙو سندس مسند تي ويٺو، جنهن جي پهنورن سان لڙايون لڳيون. مير پهنور ڪلهوڙن خلاف فرياد ڪئي، جنهن ڪري سبي جي حاڪم مرزا پني خان ڪيترا دفعه ڪلهوڙن تي ڪاهي آيو، پر ڪاميابي حاصل نه ڪري سگھيو. آخر امير شيخ جهان کي موڪليو ويو ته هو ڪلهوڙن کي ختم ڪري. هو لشڪر ساڻ ڪري سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. فيروز ويراڙ (جنهن نوشهري فيروز جو شهر ٻڌرايو) گيريلي وٽ دشمن کي للڪاريو ۽ جنگ جوٽي، جنهن ۾ امير شيخ جهان مارجي ويو ۽ بکر جي حاڪم الهيار خان جان بچائي ڀڳو. جڏهن اها خبر محمد معزالدين کي پئي ته هن سنڌين کي سبق ڏيڻ لاءِ انهن تي حملو ڪيو ۽ ڪيترن سنڌين کي قتل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ ميان دين محمد سان صلح ڪيو ۽ بد عهدي ڪندي کيس ملتان ۾ موت جي سزا ڏيئي لاش ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.
انهيءَ دوران يار محمد ڪلهوڙي پنهنجي مڙسي ڏيکاري ۽ مغلن آڏو پيش پوڻ کان انڪار ڪيو، جنهن ڪري مغلن جي شاهي فوج هنن تي حملو ڪيو، شاهي فوج جا سپهه سالار راجا گج سنگھه ۽ سورج مل اوڌپوري قابل ذڪر آهن. سنڌي لشڪر مان تاجي فقير، جادي فقير ۽ بختيار فقير پنهنجا پنهنجا لشڪر وٺي شاهي فوج جي سامهون ٿيا ۽ نئين گاج جي ڪناري مغلن جي فوج کي بري طرح شڪست ڏني.
ميان يار محمد بابت ما اثرا لامرا جو بيان آهي ته يار محمد قبيلي کي جبلن جي گھٽان ۾ پهچايو ۽ پاڻ لڙائي ڪرڻ تي آماده ٿي ويو. جنگ ۾ شهزادي جي فوج شڪست کاڌي. يار محمد جو حوصلو وڌي ويو ۽ هو جبلن جي لڪن ۾ ويهي جنگ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
ميان يار محمد سنڌي لشڪر سميت مغلن جي حد مان نڪري قلات ڏانهن هليو ويو. قلات جا بروهي پهريان مقابلي لاءِ سنڀري آيا، جنهن ڪري سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ محراب خان قلات جو حاڪم بي خبري ۾ مارجي ويو. بروهين سندس ٻن پٽن نور محمد ۽ محمد خان کي پاڻ وٽ گروي طور رکيو جيئن خون جي عيوض طور مقرر ڪيل رقم ادا ڪري، انهن کي ڇڏائي. بهر صورت بي چيني ۽ تڪليف وارا ٻه سال قلات ۾ گذاريا، جن جو ذڪر يار محمد پاڻ ڪيو آهي. ”ڪوهستاني علائقي ۾ جيڪي پريشانيون سهڻيون پيون، قلات جي بروهي حاڪم هٿان زهر جا جيڪي پيالا پيڻا پيا، تن جي ياد زندگي جي آخري گھڙين تائين به وسري نه سگھندي.
قلات ۾ ٻه سال جلاوطن رهڻ کان پوءِ ديوان لکي راج ۽ ٻين سنڌين جي دلداري ڏيڻ ڪري سنڌ واپس وريو. سنڌين سندس وڏو مان ڪيو. هو پهريان سامتاڻي ڳوٺ تي قبضو ڪيو ۽ ان کان پوءِ گيچرو شڪارپور، کاري ۽ ڪنڊيارو شهر آزاد ڪرائي ورتو ۽ ملڪ الله بخش خان لاڙڪاڻه شهر کسي ورتو.
بکر جي حاڪم بختيار خان شهزادي معزالدين کي لکيو ته ميان دين محمد جو ڀاءُ سنڌ کي حاصل ڪرڻ لاءِ اچي ويو آهي ۽ ان بغاوت جو جھنڊو پنهنجي سر پاڻ بلند ڪيو آهي، جنهن جي سرڪوبي ڪرڻ نهايت ضروري آهي. پر پوءِ پاڻ ان کي جھلرايو، جنهن ڪري معز الدين مختيار خان کي شڪي حالت ۾ قتل ڪري ڇڏيو.
انهيءَ دوران معز الدين ميان يار محمد جي خلاف ڪو به قدم نه کنيو. ڇاڪاڻ ته کيس خبر پئجي ويئي هئي ته سنڌي پاڻ ۾ يڪمشت ٿي هڪ طاقت بڻجي ويا آهن. تنهن ڪري انهن مٿان هٿ رکڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ سندس بهتري هئي.
بختيار خان جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ نشين صحيح طور ڪم نه ڪري سگھيا، جنهن ڪري ميان يار محمد کي خدا يار خان جو لقب ڏيئي سبي جي حڪومت سونپي. ان کان پوءِ بکر ۽ سيوهڻ جي حڪومت به کيس ڪن شرطن تي هن جي حوالي ڪئي. صوفي شاهه عنايت جي خلاف وڙهڻ جي عيوض کيس لڪري، دندو، حجام، دورنڪ، رجب، ڀسر، پاجاٽ، ٺور (ديهه سائين ڏنو، دٻي ۽ جھول جا ڪي زمين ٽڪرا کيس انعام طور مليا.)
نواب شاڪر علي خان جڏهن سنڌ مان هليو ويو ته هن روپاهه جو پرڳڻو مقاطعي طور ورتو، اهڙي طرح سنڌ ۾ سنڌين جي حڪومت قائم ٿي ويئي ۽ سنڌ صدين جي غلامي مان آزادي حاصل ڪئي.
يار محمد ڪلهوڙو 11 ذي القعد 1131 هجي مطابق 16 سيپٽمبر 1719ع ۾ وفات ڪئي.

[b]عبدالله بروهي جي من مستي
[/b]جڏهن ميان دين محمد ڪلهوڙو شهزادي معز الدين هٿان گرفتار ٿي قتل ٿي ويو، ته سندس ڀاءُ يار محمد ڪلهوڙو مغلن سان جنگ جوٽي ۽ پاڻ بچائي قلات جي بروهي حڪمران محراب خان ڏانهن ويو، جنهن ساڻس جنگ جوٽي. انهيءَ لڙائيءَ ۾ محراب خان ڪرخ جي هنڌ مارجي ويو. گل خان نصير تاريخ بلوچستان ۾ ڄاڻايو آهي ته محراب خان معز الدين جي چوڻ تي نور محمد ۽ محمد دائود کي ايران وڃڻ نه ڏنو، جنهن ڪري هو اتان ڀڄي نڪتا، محراب خان پيڇو ڪيو. ٻنهي ڌرين درميان جنگ لڳي، جنهن ۾ محراب خان زخمي ٿي پيو ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ مري ويو ۽ سنڌي شهزادا گرفتار ٿيا. ان کانپوءِ سمندر خان (سمنڊ خان) جي وقت ۾ جيل مان ڀڄي نڪتا، جنهن کي لهڙي قوم جي دينار نالي هڪ شخص سندن رستو روڪيو ۽ هو ٻيهر گرفتار ٿي ويا.
اها ڳالهه حقيقت نه ٿي لڳي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سنڌي پناهه گيري جي حالت ۾ ڀڄي نڪرن ها ته اهو ناممڪن هو، هو ٻين جي رحم و ڪرم تي هئا ۽ ساڳي وقت ڪنهن لشڪر سان نڪرڻ اک ڇنڀ جو ڪم ناهي جو محراب خان کان ڪري ويا ۽ بيان مطابق جيڪڏهن انهن ڏينهن ۾ محراب خان انهن هٿان قتل ٿي وڃي ها ته بروهي سنڌي پناهه گيرن کي ڪڏهن به معاف نه ڪن ها ۽ قلات جي جبلن ۾ سنڌي خون وهندو نظر اچي ها ۽ سنڌين جا لاش بي گور وڪفن پيا هجن ها. !
حقيقت اها آهي ته محراب خان سنڌين هٿان بي خبري ۾ مارجي ويو، جنهن ڪري ميان يار محمد ڪلهوڙو خون بها جو عيوض ڏيڻو ڪيو، تنهن کان پوءِ بروهين سان صلح ٿيو ۽ اتي رهيا. جيئن ميان يار محمد وٽ خون بها جي عيوض جي رقم ڪونه هئي، تنهن ڪري هن پنهنجا ٻه پٽ نور محمد ۽ محمد خان خون بها جي عيوض بروهين وٽ گروي يا ضمانت طور رهايا.
جڏهن يار محمد ٻيهر سنڌ ۾ آيو ۽ پنهنجو ڌاڪو ويهاريو ته قلات جي والي سمندر خان التماس بروهي کي هڪ لشڪر ڏيئي سنڌ روانو ڪيو ته هو يار محمد کان تاوان جي رقم وٺي، پر جڏهن هن ڪلهوڙي جي دٻدٻي کي ڏٺو ته همت نه ساري سگھيو ۽ هٿين خالي واپس هليو ويو.
سمندر خان دل جي باهه کان يار محمد جي پٽن کي مغل بادشاهه جي حوالي ڪيو جيئن مغل هن جي وافداري تي يقين ڪري، کيس نوازن ۽ ساڳي وقت ٻنهي جي گڏيل دشمن جو به خاتمو ٿئي. تاريخ بلوچستان ۾ محمود شاهه بخاري لکي ٿو:
”دهلي جي مغل شهنشاهه وارنگ زيب عالمگير جي باغي ڪلهوڙن دائود محمد ۽ نور محمد کي گرفتار ڪري شهنشاهه جي درٻار ۾ پيش ڪيو، جنهن ڪري شهنشاهه مير سمندر خان کي ”امير الامرا“ جو خطاب ڏنو. لکين روپيه نذرانه طور پيش ڪيا. ڪراچي جي بندرگاهه محراب خان جي قتل جي عيوض ۾ الڳ ڪري خان قلات کي ڏني ۽ ڪلهوڙن کي حڪم ڪيو ته هو هر سال کيس چاليهه هزار روپيه خراج طور ادا ڪندا رهن.“
انهيءَ دوران ميان يار محمد ۽ شهزادي معزالدين جو ٺاهه ٿي ويو ۽ ڪلهوڙن شهزادن جون جانيون بچي ويون ۽ بروهي خان جي اميد پوري نه ٿي سگھي. جنهن کان پوءِ هي ڪلهوڙن تي سڙڻ ۽ پچڻ لڳو. بقول يار محمد ڪلهوڙو:
”سمندر خان جي دل ۾ حسد جي باهه ڀڙڪي اٿي، عداوت جو بهانو ڳوليندي پيغام موڪليائين ته جيڪڏهن سمورين عطا ٿيل جاگيرن مان گنجابي کي ڇڏي ڏين ته پنهنجو صلح قائم رهندو. ٻي صورت ۾ جنگ لاءِ تيار ٿي وڃ.“
حقيقت ۾ بروهي خان پاڻ گنجابي ۾ اکيون وجھي ويٺو هو ، پر جڏهن ان جي توقع خلاف اهو علائقو ميان يار محمد کي مليو ته هوسڙي پچي ويو. هونئن به گنجابو سنڌ جو ٽڪرو ئي هو.
يار محمد ڪلهوڙو جنگ نه پيو ڪرڻ چاهي، ڇاڪاڻ ته سندس قبيلي مان اڌ جيترا ماڻهو خان قلات جي قبضي ۾ هئا، تنهن ڪري افهام ۽ تفهيم کان ڪم وٺندي پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير محمد کي قلات موڪليو جيئن مسئلي جو حل نڪري اچي. گلدستهء نورس بهار جي موجب خان قلات صرف هڪ جواب ڏنو ته گنجابو منهنجي حوالي ڪريو ته مان توهان جي اولاد ۽ قبيلي کي وڃڻ جي اجازت ڏيندس ۽ قول ۽ قسم جي بنياد تي نئين طرح سان صلح ڪريان. انهيءَ کان پوءِ اوهان کي ڪوبه نقصان نه رسندو، جيڪڏهن گنجابو نه ٿا ڏيو ته پوءِ صلح ۽ امن جي ڪابه صورت ڪانهي . اٿو هتان هليا وڃو، توهان جي قبيلي متعلق جيڪي منهنجي دل ۾ ايندو اهوئي ڪندس.“
ان کان پوءِ سمندر خان سنڌي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ڪري انهن جي ڏينهن، ڏينهن ڏکيو ۽ سخت گذريو آخر ملتان کان هڪ شاهي حڪم پهتو ته سنڌي گھراڻن کي فورا آزاد ڪيو، جنهن کان پوءِ سنڌي ماڻهو پنهنجي وطن ڏي موٽي آيا.
خان آف قلات سمندر خان 1714ع ۾ وفات ڪئي ته ان جي جاءِ تي مرحوم محراب خان بروهي جو وڏ پٽ مير احمد خان آف قلات ٿيو. جنهن کي سندس ننڍي ڀاءُ عبدالله بروهي حاڪم ڪوئيٽا قتل ڪري پاڻ 1716ع ۾ خان آف قلات جي مسند تي ويٺو.
آخوند محمد صديق تاريخ بلوچستان ۾ لکيو آهي ته ”ميان نور محمد خان ڪلهوڙو سال به سال چاليهه هزار (40000) روپيه مير سمندر کي پهچائي ڏيندو هو. مير سمندر خان جي مرڻ کان پوءِ مير احمد چار سال حڪومت ڪئي، نه هن رقم جي گھر ڪئي ۽ نه وري ميان ئي موڪلي. جڏهن مير عبدالله خان حڪمران ٿيو، ته تڏهن هن ميان تي حملي جي غرض سان لشڪر گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. ميان نور محمد چاليهن هزارن جي رقم ۽ هڪ هاٿي مير عبدالله خان کي موڪليو. اهي چيزون ميان جا ماڻهو بولان لڪ ۾ ”بيبي ناني“ جي (هي ڍاڍر ۽ بولان جي وچ تي هڪ منزل آهي) منزل تي کيس پهچائي آيا.“
عبدالله بروهي جهن خون ريزي ڪري پنهنجو ڌاڪو ويهاريو هو، تنهن ڪيترا دفعه سنڌ جي سرحدن جي ڀڃ ڪڙي ڪئي ڪاڇي وارن علائقن کي حاصل ڪرڻ گھريو ، جيئن ته سندس قوم جا ماڻهو بروهي سرديءَ جي موسم ۾ چوپايو مال جبل ۾ رهائي نه سگھندا هئا ۽ اهي ڪاڇي طرف سنڌ ڏانهن هليا يندا هئا، تنهن ڪري هن سبي، ڍاڍر گنجابي ۾ اکيون وڌيون. ڇاڪاڻ ته انهن علائقن کان سواءِ انهن جي گذر بسر نٿي ٿي سگھيو. ميان نور محمد عبدالله بروهي جي حرڪتن کي روڪڻ لاءِ مراد ڪليري کي سبي جو ناظم ڪري موڪليو، جنهن سڀ کان پهريان انتظامي امور تي ڌيان ڏنو، ته تر جي وڏيرن کي پنهنجو ڪيو، جنهن ۾ قيصر خان، مگسي، زميندار گنجابو، ميرو رند، سردار محال شورن، ميرو بليدي، سردار ڪاڇو، مينهون ايري، زميندار ڀاڳناڙي، لهڻو ماڇي، زميندار ڀاڳناڙي، ڪالو خان بازوئي، مالڪ ڍاڍر ۽ بهادر خان عمراڻي، سردار ڪنگاڻي ۽ ٻيا شامل هئا.
حسن تدبر سان عبدالله بروهي جي خلاف هڪ محاذ قائم ڪيو. تحفة الڪرام مطابق سنه 1143 هجري مطابق 31 – 1730ع ۾ تر جي وڏيرن کي ماري مات ڪري ”ڪر ته جي قلعي“ کي گھيرو ڪري، مبارڪ خان کان ورتو ۽ اڳتي وڌي وڃي، عبدالله بروهي جي هڪ سپهه سالار اسماعيل بروهي کي شڪست ڏني ۽ ڪاڪڙ بروهي کي قتل ڪري سوڀارو ٿيو.
عبدالله بروهي سمجھيو ته سنڌين جو هي مست لشڪر قلات تائين ڪاهي ايندو، تنهن ڪري پاڻ ميان نور محمد کي صلح جي پيش ڪش ڪئي ۽ اڳتي لاءِ توبهه ڪيائين ته هو سنڌ سان ڪنهن به قسم جي ڇيڙ ڇاڙ نه ڪندو.
ميان نور محمد کي هن جي بد عهدي جي خبر هئي، تنهن کيس چيو ته تنهنجي ڳالهه تي ڪيئن اعتبار ڪجي. جنهن ڪري هن کيس پيشڪش ڪئي ته هو پنهنجي خاندان مان ٻه نياڻيون ڪلهوڙا خاندان ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جيڪي سندس ضمانت طور هونديون ۽ ان سان گڏ پاڻ ۾ مائٽي به ٿي ويندي، جنهن ڪري اڳتي ڪنهن به لڙائي جي گنجائش نه رهندي. ميان نور محمد ڪلهوڙي صلح جي اها شرط قبول ڪئي ۽ کيس هدايت ڪئي ته اهو اڳتي اهڙي من مستي نه ڪري ۽ ننگن جي لڄن جي عزت رکجانءِ.“
عبدالله بروهي جي ڏنل ٻن ڌيئرن سان ميان نور محمد جي پٽن هر هڪ ميان مراد ياب خان ۽ خدا داد خان شاديون ڪيون.
عبدالله بروهي پنهنجي ٻن ننگن جي ڏيڻ کان پوءِ به پنهنجي بد عهدي نه ڇڏي ۽ سنڌ جي سرحدي علائقن تي حمله ڪندو رهيو، جنهن ۾ 1144 هجري مطابق 1734ع ۾ فريد آباد کان ڪاڇي تي حملو ڪيو، ڪلهوڙا فوج سختي سان مقابلو جاري رکيو، جنهن ۾ ڪلهوڙن جو جاني نقصان ٿيو، پر دشمن جي لشڪر کي ماري ڀڄائي ڇڏيو اهڙي طرح هو ڪاڇي وارن علائقن تي ڪاهي ايندو هو، پر هميشه مهن واري لڳندي هيس.
آخر عبدالله بروهي پنهنجا سڀ صلح نامه، واعدا ۽ اقرار پٺيءَ ڀر اڇلائي هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري سنڌ تي ڪاهي آيو. نامه نغر جي مطابق هن سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد خان سان وڙهڻ جو ارادو ڪيو. هن جي رٿا اها هئي ته پهريان سبيءَ تي حملو ڪري مراد ڪليري جو خاتمو آڻيان، تنهن کان پوءِ خدا آباد کي هٿ ڪجي.“
جڏهن اها خبر مراد ڪليري کي پئي ته هن اهڙو اطلاع ميان ڏانهن ڏياري موڪليو، جنهن ڪري ميان لاڙڪاڻه آيو ۽ سنڌين جو هڪ وڏو لشڪر تيار ڪيو ۽ پنهنجي جنرل ۽ لاڙڪاڻي جي حاڪم شاهه بهارو جي ڪمان هيٺ چاليهه هزار جوانن جو لشڪر سبي ڏانهن روانو ڪيو، ان کان سواءِ ڄام نندو، مير بهرام، مير چاڪر، شاهه علي سلطان، خيرو، دادو، ڪمال ڀاڳت وغيره جي ڪمان هيٺ الڳ الڳ لشڪر به اوڏانهن روانو ٿيا.
بروهي لشڪر ۽ سنڌي لشڪر جي جنگ جنديهري وٽ لڳي، جنهن ۾ عبدالله بروهي بد عهدي جي نتيجي ۾ مارجي ويو ۽ بروهي لشڪر ڇڙ و ڇڙ ٿي ڀڄي ويو. ان کان پوءِ بروهين جو زور هميشه لاءِ ٽٽي پيو.

[b]نادر شاهه جي ڦر لٽ
[/b]ايران ۾ صفوي گھراڻي جي معزولي کان پوءِ هڪ معمولي ڌنار ترقي ڪري فبروري 1736ع ۾ شهنشاهه بڻيو ۽ نادر شاهه نالي سان مشهور ٿيو. اسان ان کي نادر ڌاڙيل ۽ ايراني کيس قومي هيرو چون ٿا.
هن جڏهن مغل بادشاهه محمد شاهه رنگيلي کان دهلي فتح ڪئي ته هزارين بي گناهه ماڻهو هن جي حڪم سان قتل ٿي ويا ۽ سڄي هندستان جي دولت لٽي ڦري کڻي ويو ۽ مغلن وٽ سواءِ سڃ جي ٻيو ڪجھه به نه ڇڏيائين. انهيءَ تي به خوش نه ٿيو ۽ محمد شاهه رنگيلي هندستان حڪومت جي ماتحت علائقه اٽڪ کان وٺي سڄي سنڌ تائين نادر شاهه جي جھولي ۾ وجھي پنهنجي جان بچائي.
نادر دهلي جي ڦر مار کان پوءِ پشاور کان ٿيندو پهرين رمضان 1152 هجري مطابق 21 نومبر 1739ع تي ڪابل پهتو.
هن کان اڳ نادر شاهه پنهنجي حڪومت جو بنياد وجھي افغانن کي سيکت ڏيڻ لاءِ قنڌار کي 1738ع ۾ فتح ڪيو. انهيءَ زماني ۾ نادر شاهه جون فوجون پير محمد ۽ الماس خان جي ڪمان هيٺ بندر عباس ۽ مڪران جي ساحل کان بلوچستان ۾ داخل ٿيو ته عبدالله بروهي جي پٽ انهن سان مصلحت ڪري نادر شاهه سان ملاقات ڪرڻ لاءِ قنڌار هليو ويو.
معلوم ٿئي ٿو ته عبدالله بروهي جي قتل ٿيڻ کان پوءِ بروهين ۾ طاقت نه رهي هئي نه ته هو سنڌين سان هٿ چراند ڪري سگھن، تنهن ڪري انهن عبدالله جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ نادر شاهه کي استعمال ڪرڻ گھريو، جنهن جي تصديق ان مان ٿئي ٿي ته جڏهن نادر شاهه سنڌ کي تاراج ڪيو ته هن عبدالله بروهي جي پٽ مير محبت خان کي سبي ۽ ڍاڍر وارو علائقو ڏنو. جيڪو بروهين جي پراڻي تمنا هئي.
محبت خان بروهي پنهنجي لشڪر سميت نادر ڌاڙيل جي غلامي قبول ڪئي ۽ کيس دعوت ڏني ته هو سندس والد جي قتل جي بدلي سنڌ فتح ڪري، ان جي حوالي ڪري، جيئن ته نادر شاهه کي هندستاني فتح ڪرڻو هو ۽ فوج جي به سخت ضرورت هئي، تنهن ڪري کيس واعدو ڏنو ته هو هندستان جي فتح ۾ سندس مدد ڪندو ته ان کان پوءِ سنڌين کي سندس غلامي ۾ ڏنو ويندو. دهلي جي ڪلورن ۾ محبت خان بروهي نادر شاهه جو ساٿ ڏنو.
قنڌار ۾ ئي محبت خان بروهي نادر شاهه کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي. نامه نغر ۾ لکيل آهي ته: ”نادر قنڌار فتح ڪري چڪو هو، تڏهن هڪ افغان کان پڇيائين ته مان هندستان وڃڻ گھران ٿو ٻڌاءِ ته سڌو رستو ڪهڙو آهي؟ “ افغان جواب ڏنو ته: ”هندستان ڏانهن وڃڻ جا ٻه رستا آهن ، هڪ غزني ۽ ٻيو ڪابل وارو رستو جيڪو پري آهي ۽ ٻيو رستو قريب هجڻ جي باوجود هفتخوان (رستم جي ستن منزلن جواڻا نگو سفر) طئي ڪرڻ کان گھٽ نه آهي.“ نادر پڇيو هفتخوان مان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟ افغان جواب ڏنو ته: ”انهيءَ رستي ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جهڙو سپهه سالار رهي ٿو جنهن جي فوج فولادي زرهن سان ليس آهي ۽ جنگ جي ميدان ۾ انهن جي جوش جو مقابلو ڪرڻ آسان ڪونهي.“ هن نادر شاهه تي واضح ڪيو ته انهيءَ رستي سان هندستان ويندي قدم قدم تي سنڌي مقابلو ڪندا ۽ خون ريز لڙائين سان منهن ڏيڻو پوندو. مولانا مهر چوي ٿو ته ڪن صاحبن لکيو آهي ته قنڌار جي فتح کان پوءِ نادر بولان لڪ رستي هندستان وڃڻ چاهيو ٿي پر ميان نور محمد ساڻس مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو، جنهن ڪري هن ان پاسي کان اچڻ جو پروگرام ختم ڪري غزني ۽ ڪابل وارو رستو اختيار ڪيو. هن کي يقين ٿي ويو ته هوڏانهن وڃڻ ڪنهن صورت ۾ رستم جي مهم کان گھٽ ناهي، تنهن ڪري هن سمجھيو ته هو هندستان جي بادشاهه جي قوت کي آزمائڻ لاءِ ڪابل ۽ غزني تي ڪاهه ڪري جيڪي ان وقت مغل سلطنت ۾ شامل هئا. هي انهيءَ ارادي سان غزني تي ڪاهي ويو ته ان کي فتح ڪري ڪابل کي حاصل ڪيائين، جنهن کان پوءِ هن جي من مستي وڌي ويئي ۽ کيس يقين ٿيو ته هندستان جي مغل بادشاهه ۾ اها طاقت نه رهي آهي، تنهن ڪري ان اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو.
ناصر خان جيڪو مغل حڪومت پاران ڪابل ۽ پشاور جو نظام هو، تنهن خيبر لڪ کڻي جھليو، پر نادر اتان جي رهواسين جي مدد سان جلال آباد کان ٻيو رستو ڏيئي پشاور پهتو ۽ پويان حملو ڪيو، جنهن ۾ ناصر خان کي شڪست ملي. انهيءَ طرح هو لاهور پهتو ۽ آخر دهلي پهچي خون جي هولي کيڏي.
انهيءَ وقت ۾ به هن سنڌ جي معلومات حاصل ڪرڻ گھري ۽ جڏهن کيس خبر پئي ته سنڌ جو سفير مير لطف الله عرف متارو هت موجود آهي، ته هن ان کي گھرائي سنڌين بابت پڇيو جنهن کيس ٻڌايو ته: ”سنڌ جو ماڻهو نهايت دلير آهي، سڀئي جنگجو قسم جا ماڻهو آهن. اهي بهادري ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ آهن، ائين کڻي چئجي ته اصيل نانگ آهن. هنن ۾ هاٿي جهڙي قوت آهي ۽ سندن جسم چيتي وانگر آهي، سڀين جي هٿن ۾ گرز، تلوارون، ۽ بندوقون آهن. اهي ڪنهن به لشڪر کان نه ٿا ڊڄن. اهي ڏاڍا بيباڪ آهن، ميدان ۾ دلير آهن ۽ حد درجي جا چالاڪ آهن. جيڪڏهن هن سالار جي فوج جوش ۾ اچي وڃي ته جيڪر پهاڙ جي دل مان به دانهن نڪرڻ لڳي.
نادر کي ان کان اڳ سنڌين جي دانهن عبدالله جي پٽ محبت خان ڏني هئي، جنهن ڪري هن سمجھيو ته انهيءَ حالت ۾ سنڌ ڏانهن وڃڻ خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي، تنهن ڪري هن پنهنجي هڪ سفير محمد علي بيگ کي هڪ پيغام ڏيئي مير لطف علي سان گڏ سنڌ روانو ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو ته: ”کيس باقاعده خراج پهچائيندو رهه ۽ ان کانسواءِ سندس پٽ جي ڪمان هيٺ ڏهه هزار سنڌي سپاهي سندس لشڪر ۾ رهن.
جڏهن بادشاهه سنڌ کي پيغام مليو ته هن سنڌي اميرن سردارن ۽ سالارن سان مشهور ڪيو ۽ ان کان پوءِ نادر جي سفير کي هنن لفظن ۾ جواب ڏنو: ”مون وٽ ايترو خزانو ڪونهي جو آءُ ڏن طور توکي ادا ڪندو رهان ۽ نه وري اهڙي اميد ئي رکو. مون وٽ صرف هڪ خزانو آهي ۽ اهو آهي تلوار. آءٌ ڪنهن به ظالم ۽ جابر جي لشڪر کان نٿو ڊڄان.
محمد علي بيگ نادر شاهه کي سربستو احوال ڪري ٻڌايو، جنهن ڪري هن جي غرور ۽ تڪبر ۾ هلچل مچي ويئي ۽ پاڻ کي نيچ سمجھڻ لڳو. محبت خان کي وارو لڳي ويو، تنهن کيس دلداري ڏياري ۽ ٻڌايو ته ميان نور محمد جي خلاف اندروني خلفشار موجود آهي، جيڪڏهن انهن سان رابطو رکيو ويو ته اهي به سندس مدد ڪندا ۽ ان کانسواءِ بروهي لشڪر ۾ ساڻس هر حال ۾ ٻڌل رهندو. ان کانسواءِ عبدالله بروهي جي زال مريم به کيس ستايو ته هو نور محمد کان سندس مڙس جو پلاند وٺي.“
جڏهن هو دهلي کان واپس ڪابل پهتو ته افغانستان جا وڏا وڏا سردار سندس آڏو پيش پيا ۽ هر ممڪن ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو ۽ کيس فورا چاليهه هزار افغانن جي فوج ان جي حوالي ڪئي. اندازو آهي ته جنگجو قومون جن جو پيشو ۽ گذر بسر جنگي تي هو اهي پڻ نادر شاهه جي هاڪ ٻڌي سندس لشڪر ۾ شامل ٿي ويا. اهڙي طرح هڪ جرار لشڪر ٿيار ٿي ويو.
جڏهن هن جي طاقت وڌي ته سنڌ وارن کي چيڀاٽڻ جو فيصلو ڪيو. ڇاڪاڻ ته هن وٽ هڪ تازه دم لشڪر موجود هو، اهو پهه ڪري سخت سردي هوندي به سنڌ ڏانهن ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جيڪو 8 رمضان 1152 هجري مطابق 28 نومبر 1739ع تي ڪرم ماٿري جو رستو وٺي 21 ڊسمبر 1739ع تي جابلو علائقو پار ڪيو. انهيءَ دوران مختلف قيبلن سان ويڙهه ڪيائون ۽ انهن کي بي دردي سان ماريو. هڪ قبيلي جي ته هڪ هزار ماڻهن مان فقط ٻه زنده بچي سگھيا. اهڙي طرح هي خوني 25 ڊسمبر 1739ع تي ڊيرهه اسماعيل خان پهتو، جتي ميان نور محمد جي دشمن امير صادق محمد خان سندس غلامي قبول ڪئي ۽ فوج ڪشي دوران هر مدد ڏيڻ جو انجام ڪري، هم رڪاب ٿيو. اهڙي طرح ميان نور محمد جا ٻه دشمن عبدالله بروهي جو پٽ محبت خان ۽ امير صادق ساڻس گڏ ٿيا.
ڊيرهه اسماعيل خان مان نادر پنهنجي فوج جو وڏو حصو ٻيڙين ۾ سوار ڪري ڊيرهه غازي خان موڪلي ڏنو ۽ پاڻ اتان لاڙڪاڻه طرف روانو ٿيو. مولانا مهر خواجه عبدالڪريم جي حوالي سان لکيو آهي اسان کي سنڌ جي جن جھنگلن مان گذرڻو پيو، انهن جي اڳيان طبرستان ۽ مازندان جا جھنگ هيچ آهن. نادر ۽ سندس فوج به رستو ڀلجي ويا ۽ اهي هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويا. لشڪر جي سامان سنڀاليندڙ سپاهين کي انتهائي پريشانيون ۽ تڪليفون درپيش آيون. اٺ ٽهي وٺي ڀڳا ۽ نهايت قيمتي سامان کڻي پنهنجي منهن هليا ويا. نه انهن اٺن جو ڪو پتو پيو ۽ نه وري انهن جي سوارن جي ڪا به سڌ پئي. لوڪ هارٽ لکيو آهي ته نادر جڏهن ديرهه غازي خان پهتو ته هن سنڌ جي بادشاهه نور محمد ڪلهوڙي کي چورائي موڪليو ته هو ساڻس اچي ملي. هن ان جو ڪو به جواب نه ڏنو جنهن ڪري نادر سمجھيو ته سنڌي هن کي نه ٿا ڀائن ۽ هو لڙڻ لاءِ تيار آهن، تنهن ڪري هن هڪ فرمان جاري ڪيو.
”لاهور ۽ ملتان جي حاڪم ذڪريا خان کي حد کان وڌيڪ شاهي شفقت ۽ سرفرازي حاصل ڪندي معلوم هجڻ گھرجي ته جيئن ته هن سال اسان جو ارادو آهي ته سردي جي موسم سنڌ ۾ گزاريو ۽ اتي ڪن شرارتن کي تنبيهه ڪريون ٿي سگھي ٿو ته انهن مان ڪو ملتان جي طرف ڀڄي ۽ اسان جو لشڪر ڀاڳيلن جي تعاقب ۾ سنڌو ندي کي پار ڪري. ٿي سگھي ٿو ته انهيءَ مان بادشاهي علائقي ۾ مداخلت جو خيال پيدا ٿئي، جيئن ته ٻنهي وڏين بادشاهن ۾ جدائي جو تصور به ممڪن ڪونهي، انهيءَ ڪري عاليجاهه کي گھرجي ته تيار ۽ مستعد رهي، جڏهن ضرورت پوي ۽ حڪم صادر ٿئي ته لاهو رکان ملتان پهچي وڃي ۽ اتي ترسي، ڀاڳيلن جي رستي روڪڻ جو انتظام ڪري، جيڪڏهن ڪو به شخص سنڌءَ مان هندستان جي حدن ۾ داخل ٿئي ته ان کي روڪي، انتظام انهيءَ نموني هئڻ گھرجي ته جو اسان جي فوج کي دريا پار ڪرڻ ۽ تعاقب ڪرڻ جي ضرورت پيش نه اچي.“
نادر ڌاڙيل جي فوج جتي جتي پهتي ته سنڌين سندس راهه روڪي، جنهن ڪري هو انهن کي قتل ڪندو، مال وغيره لٽيندو، زمينون ۽ فصل برباد ڪندو، اڳتي وڌندو رهيو، تانجو 16 ذالقعد 1152 هجري مطابق 1740ع تي لاڙڪاڻه پهتو.
انهيءَ دوران نور محمد ڪلهوڙو نادر جي ظلم ۽ ڪمينگي جو داستان ٻڌي چڪو هو ۽ ڪراڙپ جي ڪنڌيءَ تي به هو تنهن ڪري هن نادر شاهه لشڪر کي فيروز شاهه جي لشڪر وانگر تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ عمر ڪوٽ جي راهه ورتي، جتي سندس خيال هو ته نادري حرام خور اڄ بک وگھي مري ويندا ۽ سنڌي اڳ پوءِ ڪري ڌاڙيلن کي ماريندا.
جيئن ئي نادر شاهه جي فوج لاڙڪاڻه پهتي ته ميان نور محمد پنهنجي طرفان پٽ غلام شاهه ۽ لطف علي عرف مير متارو کي نادر شاهه ڏانهن اماڻي پيغام موڪليو ته: ”مان اوهان جو فرمانبردار آهيان ۽ ڏن ڀرڻ لاءِ تيار آهيان.“
نور محمد ٻنهي کي هدايت ڪئي هئي ته جيڪڏهن نادر هي پيغام ٻڌي واپس هلي وڃي ته تون هڪدم هليو اچ ۽ جيڪڏهن ان جي پيش قدمي جاري رهي ته مون کي جلد سندس فوجي طاقت کان آگاهه ڪر.
سمجھجي ٿو ته بکيو نادر انهيءَ تي خاموش رهي ها. پر محبت خان بروهي کيس عرض ڪيو ته هو سندس جي دعوت ۽ صلاح تي سنڌ آيو آهي ۽ ائين واپس ورڻ سان سندس جي پوئتي پت نه رهندي ۽ هن نادر شاهه کي لالچ ڏيارڻ لاءِ ٻڌايو ته سنڌ جي پيداوار ۽ دولت ايتري آهي جو اوهان انجو اندازو به نه ٿا ڪري سگھو، ممڪن آهي ته امير صادق ميان سان ذاتي دشمني ڪري نادر شاهه کي مجبور ڪيو هجي ته هو سنڌ کي تهس نهس ڪري ڇڏي. جنهن ڪري هن غلام شاهه کي سياڻپ جو جواب ڏنو ۽ چيو ته آءٌ نور محمد جي فوجي طاقت ڏسڻ گھران ٿو ته هو گھڻي پاڻي ۾ آهي.“
غلام شاهه نادر جي ارادي کان واقف ٿي ويو ۽ سمجھيو ته سندن جا دشمن ان کي امن سان واپس ورڻ ڪونه ڏيندا، تنهن ڪري هن پنهنجي والد کي چورائي موڪليو ته نادر شاهه اسان کي نه ڇڏيندو، تنهن ڪري فورا تدارڪ ڪيو وڃي.
ميان نور محمد خدا آباد ۾ ٺيو، سنبريو ويٺو هو، تنهن غلام شاهه جو پيغام پهچندي ئي خدا آباد کان عمر ڪوٽ ڏانهن ڪوچ ڪيو.
نادر کي جڏهن خبر پئي ته ميان نور محمد ڪلهوڙو هڪ لک ماڻهن سان گڏ روانو ٿي ويو آهي ته هن ان جو پيڇو ڪڻ لاءِ ڳرو سامان لاڙڪاڻه ۾ ڇڏيو ۽ فوج ساڻ ڪري ميان نور محمد جي پويان روانو ٿيو.
ميان نور محمد خدا آباد مان روانگي وقت پنهنجن ماڻهن ۽ سرڪاري عملدارن کي حڪم ڏنو ته رسد جو جيڪو سامان هجي ان کي ساڙي ڇڏيو ۽ جيڪو اناج وغيره بچي ته ان کي زمين دوز ڪري ڇڏيو، جيئن ته اها اهڙي موسم هئي جو سنڌ ۾ ڪڻڪ ۽ جؤ جو فصل تيار هو، جنهن ڪري ميان نور محمد جو تدارڪ ڪارگر ثابت نه ٿيو ۽ ڌاڙيل لشڪر کي ڪنهن به قسم جي ڪابه تڪليف نه ٿي.
نادر شاهه، پيڇو ڪندي جڏهن شهدادپور پهتو ته اتي ميان نور محمد جي طرف کان ڪجھه تحفه مليا ۽ فرمان برداري جواظهار ڪيو، پر نادر ٻين جي چرچ تي نه مڙيو هو، سو نه مڙيو. شهدادپور مان ميان جي دشمنن سان ملي عمر ڪوٽ جو رستو ورتائين.
نور محمد ڪلهوڙي جي فوج اڳيان ۽ نادر جي فوج پويان هئي. انهيءَ صورتحال ۾ ميان ماڇي فوج جي دستي کي حڪم ڪيو ته هو دشمن فوج کي روڪي بيهن. جيسين هو ڳچ پنڌ پري نڪري وڃي. جنهن ڪري هي جوان نادر ڌاڙيل جي سامهون ٿيا ۽ بيهي رهيا هئا ته ميان جو هڪ ٻيو دستور جيڪو مهيرين جوانن تي مشتمل هو، پهچي ويو. انهن اهڙي تيزي سان حملو ڪيو جو ايراني فوج گھٻرائجي ويئي. هن معمولي دستا نادر جي حمله آور فوج کي شڪست ته ڏيئي نه سگھيا پر ڪجھه وقت لاءِ هيڏي هوڏي ڪري ڇڏيو ۽ هو پريشان ٿي ويا.
ميان نور محمد عمر ڪوٽ مان نڪرڻ وارو هو ته نادر وڃي مٿان ڪڙڪيو، لوڪ هارٽ لکيو آهي ته ميان پنهنجن خزانن کي زمين ۾ پوري روانو ٿيڻ وارو هو ته نادر وڃي پهتو، انند رام جو حوالو آهي ته ميان پنهنجو اهل و عيال ۽ مال ريگستاني علائقي ۾ موڪلي ڏنو هو ۽ فقط باويهن لکن جي رقم رهجي ويئي، جنهن جي پهچائڻ جو بندوبست ٿي نه سگھيو هو. انهيءَ ڪري هڪ ڏينهن لاءَ ترسي پوڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو.
نادر شاهه عمر ڪوٽ جي قلعي کي گھير ۾ آڻي ويهي رهيو جيئن ته ميان پنهنجو سڀ ڪجھه ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن ڪري هو جنگ ۾ ڪري نه پيو سگھي. ان ڪري هن بهتر ائين سمجھيو ته هڪ دفعو وري نادر شاهه سان امن ۽ ڀائيچاري واري ڳالهه ڪجي انهيءَ خيال کان مانجھي مل هٿان ٻاويهه لک روپيه نادر شاهه ڏانهن موڪليا ۽ ارادو ڪيو ته هو سندس جو مطيع ۽ تابعدار رهندو، هو انهن واسطي پيش پوڻ گھري ٿو ۽ سندس خاندان ۽ پنهنجي جان ۽ عزت جي تحفظ جو واعدو ڪيو وڃي.
جيئن ته نادر شاهه جلدي ۾ عمر ڪوٽ پهتو هو ۽ رسد جو پورو سامان به ساڻ ڪونه هو، جنهن ڪري نادري لشڪر ذليل و خوار ٿئي ها ! کاڌي پيتي جون شيون ختم ٿي چڪيون هيون، تنهن ڪري سوچان ئي ته جيڪڏهن ائين هٺُ تي رهندس ته ممڪن آهي ته سنڌي ان مان فائدو وٺي کيس ماري نه ڇڏن، تنهن ڪري پنهنجي ڀرم کي قائم رکندي ميان صاحب کي چورائي موڪليو ته: ” آءٌ اوهان سان ٺاهه ڪريان ٿو، توهان ڀلي هلي اچو“
ان کان پوءِ نور محمد ڪلهوڙي مشڪي گھوڙي تي چڙهي پنهنجي سپهه سالارن شاهه بهارو، ڄام نندو، مير چاڪر، مير بهرام، مير شاهه ۽ شيخ غلام علي سان گڏجي نادر وٽ آيو.
نادر ميان کي پاڻ سان ساڻ وٺي لاڙڪاڻه آيو. انهيءَ سفر دوران نادر پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏيئي ڇڏيو هو ته هو اهتياط ڪن، جيئن ميان ڪنهن نموني سان اتان کسڪي نه وڃي. چشم ديد گواهه خواجه عبدالڪريم لکي ٿو ته انهيءَ حڪم جي باوجود پاڻ ۽ سندس خاندان جي ڪنهن به فرد جي عزت ۽ مرتبي ۾ ڪو به فرق نه آيو“ انهيءَ حالتن ڪري ڪن ڪتابن لکيو ته ميان کي عمر ڪوٽ کان قيد ڪري لاڙڪاڻي ۾ آندو ويو.
نادر لاڙڪاڻه پهچندي ئي سنڌ کي ٽن ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو، هڪ حصو، سبي ۽ ڪاڇي وارو محبت خان بروهي واليءِ قلات کي پيءُ جي قتل جي عيوض ۾ ڏنو، جنهن جو واعدو عبدالله جي زال مريم سان ڪري آيو هو. انهيءَ موقعي تي محبت خان خون جي عيوض ۾ نور محمد جي ٻانهه وٺڻ گھري، جيئن قتل ڪري پيءُ جو پلاند وٺي. اتي ڪن اميرن صلاح ڏني ته اهو ممڪن ڪونهي انهيءَ ڪري ڪيس هڪ لک روپيه ڏنو وڃي.
ٻيو حصو شڪارپور الڳ ڪري امير صادق دائود پوٽي کي سندس مدد ڪرڻ جي عيوض ۾ ڏني ويئي.
ٽيون حصو باقي جيڪا سنڌ بچي، هڪ ڪروڙ روپيه جنگ جو تاوان وٺي ميان نور محمد جي حوالي ڪيئي ۽ ڪيس حڪم ڪيو ته هو هر سال ويهه لک روپيه ڏنڍ طور ڏن ادا ڪندو رهندو ۽ سندس پٽ فوج سميت نادر سان گڏ رهندو انهيءَ کان پوءِ ميان جي دل رکڻ خاطر کيس شاهه قلي جو خطاب ڏنو.
نادر محرم جا عاشور لاڙڪاڻه ۾ گذاريا ۽ جشن نو روز اتي ملهايو. خواجه عبدالڪريم مطابق اميرن ۽ فوج ۾ انعام به اتي ورهايا ويا. سڄي فوج جي ماني جو بندوبست به ميان صاحب ڪيو هو. هو اتان 11 محرم 1153 هجري مطابق مارچ 1740ع ۾ قنڌار روانو ٿي ويو.
نادري حڪم موجب ساڻس گڏ محمد مراد ياب خان ۽ ساٿ طور غلام شاهه ٻارهن هزار سنڌي لشڪر ساڻ ڪري ايران روانه ٿيا. جنهن ۾ سنڌي سپهه سالار ڄام نندو، خيرو شيخ غلام محمد به شامل هئا.. جڏهن جلائر دائود پوٽن مٿان عتاب بڻجي آيو ته ميان جو ٽيون پٽ عطر خان ساڻس مدد طور شامل هو ۽ پوءِ ان سان گڏجي ايران ويو.
نادر جي طوفان سنڌ وارن کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو ۽ سالن جي ميڙي چونڊي اک ڇنڀ ۾ کڻي راهي ٿيو جيئن باز پنهنجي شڪار کي ڦاسائيندو آهي. مولانا مهران بابت لکي ٿو ته: ”نادر جي حملو به ظلم ۽ ڏاڍ جي بي انت بحر ۾ هڪ خوفناڪ سيلاب جي حيثيت رکي ٿو، جنهن اوچتو سنڌ جي سرزمين کي پنهنجي جولانيءَ جو نشانو بڻايو ۽ ساري ملڪ جو انتظامي سرشتو ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. هزاين ماڻهو، گھر ٻار ۽ اجھا ڇڏي دربدر ۽ خاڪ بسر رلندا رهيا، سندن ميڙي چونڊي سڀ لٽجي ويئي جتي جتي نادر جو پير پهتو، بستيون، وسنديون، فصل ويران ٿي ويا. ملڪ جي عام وسيلن کي سخت نقصان پهتو.“
ان کانسواءِ سبي ۽ ڪاڇي وارو علائقو خان قلات جي عملداري ۾ ڏنو ويو ۽ ان علائقي جو نالو اي. ڊبليو هيوگز جي چوڻ موجب ”نادر شاهه ان علائقي جو نالو بلوچستان رکيو. ان کانسواءِ سنڌ جو علمي ذخيرو پڻ نادر شاهه جي طوفاني لهر ۾ غرق ٿي ويو جيئن هلاڪو خان بغداد کي ساڙائي دنيا جي وڏي ۾ وڏي لائبريري کي باهه ڏياري ڇڏي هئي.
نادر وڃڻ وقت صالح خان ۽ شاهه وردي خان کي سنڌ ۾ رهايو ته هو لشڪر جي وڇڙيل ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ڪن جنهن ڪري ايراني لشڪر جا دسته اندرون سنڌ چڪر لڳائيندا رهندا هئا. ان کان سواءِ نادر شاهه سليمان بيگ کي پنهنجي سڪي ۽ خطبي جاري ڪرڻ جي انتظام لاءِ سنڌ ۾ رهايو.“
هيگ انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ۾ سنڌ جي حالتن متعلق لکي ٿو ته: ”اولهه جي هڪ وڏي سلطنت (ايران) سان سنڌ جي نهايت زرخير علائقي جو الحاق ۽ مٿان وري تمام ڳروڏن، هن بدحال ملڪ تي هڪ وڏي مصيبت ثابت ٿيو. جنهن جي تقدير زماني جي انقلاب جا رنگ برنگي تماشا ڏسي چڪي هئي. دهلي جي حڪومت سان ڊگھي مدت جي تعلقات مان اهو فائدو هو ته مرڪز وارن لاءِ سنڌ پهچڻ سولو نه هو ان ڪري شهنشائي دٻاءُ پئجي نه سگھيو ۽ نه زياده دولت جي وقت به وقت وصولي ٿي سگھي پئي، ليڪن هيئنر قنڌار نئين مالڪ جي قبضي ۾ هو ۽ ان جي هٿ ۾ بولان لڪ هو، جنهن ڪري سنڌ کان پئسه طلب ڪرڻ سولا ٿي پيا هئا.“

[b]طهما سپ خان جلائر جو جلائڻ
[/b]جيئن ته سنڌين کي تباهه ڪرڻ ۾ امير صادق محمد دائود پوٽي عباسي اصل ڪلهوڙو نادر شاهه ڌاڙيل جو ساٿ ڏنو هو ۽ سنڌ جي تباهي ۾ ڀاڱي ڀائيوار هو. نادر شاهه سنڌ کي ٽڪرا ڪندي وقت هڪ حصو شڪارپور الڳ ڪري امير صادق محمد کي ڏنو. اهڙي طرح صادق محمد خان جي ميان نور محمد سان ديرينه دشمني جو بدلو به پورو ٿي ويو.
نادر ميان نور محمد جي پٽن ۽ سنڌي لشڪر کي پاڻ سان ساڻ وٺي ويو هو. اهڙي طرح امير صادق پنهنجي طرفان شيخ صادق کي سفير ڪري ايراني درٻار ۾ موڪليو پر ڪجھه وقت کان پوءِ امير صادق جو سفير خود نادر شاهه پاران شڪارپور جو نگران مقرر ٿي آيو.
دائود پوٽن جو ملازم سندن مٿان نگران ٿي آيو، جنهن ڪري انهن پنهنجي بي عزتي محسوس ڪئي ۽ شيخ صادق جي حڪمن کي نه مڃيو، جنهن ڪري ٻنهي درميان اڻ بڻت شروع ٿي تانجو 16 ربيع الاول 1158هجري مطابق 5 اپريل 1745ع ۾ شيخ صادق ۽ سندس پٽ عاقل دائود پوٽن هٿان قتل ٿي ويو.
شيخ صادق جو هڪ پٽ شيخ فاضل اهڙي صورتحال کان نادر شاهه کي آگاهه ڪيو، جنهن پنهنجي ڪارندي جي قتل ۽ پنهنجي بي عزتي جو بدلو وٺڻ لاءِ سنڌو ندي جي اترين علائقي جي گورنر طهما سپ جلائر کي حڪم ڏنو ته هو انهن کي سزا ڏيڻ لاءِ شڪار پور وڃي.
دائود پوٽي امير صادق محمد خان عباسي کي معلوم هو ته اها خبر جيڪڏهن نادر کي پوندي ته هو ضرور سنڌ تي چڙهائي ڪندو، تنهن ڪري احتياطي تدبيرون اختيار ڪري پنهنجي خاندان جي ڀاتين کي پنهنجي جاگير جيڪا ستلج جي ڏاکڻي ڪناري تي هئي، اوڏانهن موڪليو. شڪارپور جي سار سنڀال ۽ حفاظت لاءِ محمد بلاول خان فيروزاڻي کي مقرر ڪيو ۽ ڪليه عليه جو قلعو عبدالله فيروزاڻي ۽ شيخ شاهه محمد ڪهيري جي حفاظت ۾ ڏنو ۽ ان کان پوءِ پاڻ نادر کان معافي وٺڻ ۽ صحيح صورتحال کان واقف ڪرڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿيو.
انهيءَ دوران طهماسپ جلائر شڪارپور پهچي ويو. ان جي مدد ۾ نور محمد ڪلهوڙي جو جٿو سندس پٽ اعظم خان جي قيادت ۾ ساڻ هو. ان کان اڳ صادق محمد خان جو پٽ محمد بلاول شڪارپور مان پنهنجا ننگ وٺي جيلسمير طرف ”ستاهو“ ڳوٺ ۾ وڃي پناهه ورتي.
شڪارپور جي قلعدار عبدالله خان، جلائر جي ڊهه نه جھلي سگھيو ۽ قلعو ان جي حوالي ڪيو، جنهن کيس گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو ۽ شاهه محمد ڪهيري ۽ غلام خان هيسباڻي، جلائر جي خوف کان ته هو متان سندن جي عزتن ۽ ننگن کي بي عزتو ڪري، تنهن ڪري مڙسي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سنڌي غيرت، ننگ و ناموس جي مظاهرو ڪندي پنهنجن ننگن کي پاڻ ماريو ۽ نادر ڌاڙيل جي سؤر جلائر سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سنڀري ويهي رهيا، جڏهن هو اتي پهتو ته هنن غيرت مندن ايراني دشمن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا ۽ مڙسي سان وڙهندا وڙهندا ڪڇ جي ”ڇتر“ ڳوٺ ڏانهن هليا ويا.
جلائر ڪليه جي مقابلي کان پوءِ ديده غازي خان پهتو ۽ اتان وڃي قلع دراوڙ کي گھيري ۾ آندو، جتي دائود پوٽا پناهه جي خيال کان گڏ ٿيا هئا. پر جڏهن انهن جلائر جي ان طرف اچڻ جو ٻڌو ته پنهنجي طاقت کي ”ستاهي“ وٽ گڏ ڪيو ۽ هر طرف کان اتي پهچي ويا.
دائود پوٽن سخت مقابلو ڪيو ۽ ايراني ڌاڙيل فوج جي سپهه سالار کي خشڪي ڏيئي ڇڏي. هنن پنهنجي ننگ ۽ ناموس کي قائم رکڻ لاءِ ته متان جلائر قابض ٿي وڃي، تنهن ڪري پنهنجي ننگن کي پنهنجي هٿن سان ماري ڇڏيو ته جيئن هو ايرانين جي حوس جو شڪار نه بڻجن.
انهيءَ عرصي ۾ صادق محمد خان، نادر کان معافي وٺي نادري ڪارندي مرزا عسڪري سان پهچي ويو. نادر امير صادق کي شڪارپور جي بدلي غزني جي جاگير ڏني.
صادق محمد خان پٽن کي حال حقيقت ڪيو جن کيس ٻڌائي ڇڏيو ته جلائر اسان سان گھٽ نه ڪئي آهي. انهيءَ صورت ۾ پنهنجو وطن ڇڏي پرديسي هلئون، اها اسان جي غيرت ناهي، جنهن ڪري پاڻ غزني ڪونه هلنداسين ۽ جيڪي حالات پيدا ٿيا، تنهن سان منهن ڏبو.
مرزا عسڪري کي کڻڪ پئجي ويئي ته هي سنڌي غزني وڃڻ لاءِ تيار ناهن، تنهن ڪري هڪ چال کيڏي ۽ سڀني کي مارڻ گھريو پر سندس انهيءَ سازش جي خبر گلاب راءِ ذريعي انهن تائين پئجي وئي.
مرزا عسڪري دائود پوٽن جي صفا ڪڍ لڳي پيو ۽ 14 ربيع الاول تي ان شڪارپوري تي حملو ڪري ڏنو. سنڌين پاڻ ملهايو پر آخر فتح ڌارين کي ٿي. ڇاڪاڻ ته انهن سان ساٿ ۾ ديسي ماڻهو به شامل هئا. ميان نور محمد ۽ صادق محمد جي دشمني ٻاهرين لاءِ فائديمند ثابت ٿي. انهيءَ لڙائيءَ ۾ امير صادق گولي لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو.
سنڌي جوان مردي سان قلعي کان ٻاهر نڪري ايرانين سان وڙهندا رهيا ۽ حفاظتي هنڌن ڏانهن هليا ويا. مولانا مهر صبح صادق جي حوالي سان ٻڌايو ته آهي هن جنگ ۾ مرزا عسڪري کي شڪست آئي ۽ طهماسپ جلائر جا ٻئي ڪن ڪپجي ويا. امير صادق کي سندس پٽ بهاول خان شڪارپور جي اسٽوراٽ گنج محلي جي قبرستان ۾ دفن ڪرايو.
انهيءَ کان پوءِ بهاول خان پنهنجي رياست ڏانهن هليو ويو، جتان بعد ۾ رياست بهاولپور جو بنياد پيو ۽ سنڌي ڪلهوڙن جي شاخ دائود پوٽن جو اتر سنڌ سان واسطو ختم ٿي ويو ۽ سنڌ جو اهو حصو الڳ ٿي ويو.
سنڌ جون حالتون ڌارين جي ڪاهن ۽ ڦرلٽ ڪري روز خراب ٿينديون ويون ۽ هر طرف امن و امان جي صورتحال بگڙندي ويئي. سنڌين سان اها به هڪ وڏي ستم ظريفي ٿي جو جيڪڏهن پنهنجي مرضي سان ڪنهن کي حاڪم بڻائيندا هئا ته اهو اطمنان ۽ سڪون سان گادي تي ويهي نه سگندو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي حاڪميت انهيءَ ۾هل تائين قانوني نه سمجھي ويندي هئي، جيسين ايراني ڌاڙيل ۽ پوءِ افغان لٽيرا ان جي تصديق ڪن.
انهيءَ صورت حال ۾ سنڌ جي شاهي خاندان جو ڪوبه هڪ فرد ايرانين ۽ پوءِ افغانين وٽ يرغمال طور رهندو هو ۽ بعد ۾ اهو يرغمالي خوشنودي حاصل ڪري حاڪم سنڌ جي سند وٺي هتي پهچندو هو، تان جو ٻنهي ڌرين درميان اقتدار جي ڪشمڪش شروع ٿي ويندي هئي. ويچارا سنڌي ماڻهو ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ پيسجي مري ويندا هئا، جيئن جڏهن سنڌ وارن مراد ياب خان کي معزول ڪري غلام شاهه کي سنڌ جو حاڪم بڻايو ته افغان لٽيرن محمد عطر خان کي سنڌ جي حاڪم طور موڪليو. سنڌي امير افغان فرمان جا فرمانبردار بڻجي ويا هئا ۽ افغانن جي ظلم ۽ بي دردي ڪري اسان وٽ هڪ چوڻي آه و فغان جو بنياد پيو.
نادر جي حملي کان پوءِ سنڌ وارن سڪون جو ساهه نه کنيو ۽ ويتر جڏهن احمد شاهه ابدالي نادر جي مرڻ کان پوءِ قنڌار جي حڪومت جو بنياد وڌو ۽ سنڌ ان جي ماتحت ٿي ته قنڌاري لٽيرن سنڌين کي ڪمائي جو ذريعو بڻايو ۽ جيڪو شاهي خاندان مان وڌيڪ غنڊه ٽڪس ڏيڻ جو واعدو ڪندو هو، ان کي سنڌ جو حڪمران مڃي سنڌ موڪليو ويندو هو.
سنڌي پنهنجي گھرو لڙائين ۽ شاهي سازش ڪري ايترا ته مفلوج ٿي ويا هئا، جو پنهنجي حڪمران جي نامزدگي لاءِ قنڌار ڏانهن نهاريندا هئا. جنهن ڪري شاهي خاندان اندروني سازشن ۽ خلفشار جو مرڪز بڻجي ويو. ڀاءُ ڀاءُ جو قاتل ۽ رقيب ٿي ويو. هو قنڌاري حڪومت جا گماشته بڻجي ويا ۽ انهن کي راضي ڪرڻ لاءِ سنڌي ماڻهن کي ائين پيهندا هئا، جيئن چڪي ۾ ان، مطلب ته سنڌ اڄ تائين نادري حملي جي اثر کان جان نه ڇڏائي سگھي آهي ۽ ويچارا سنڌي صدين کان پوءِ ٻاهرين حڪم ۽ ڌارئي حاڪم جا پابند ۽ محتاج آهن.

سنڌ تي افغانين جا راتاها

نادر شاهه پنهنجن سردارن هٿان 11 جماد الآخر 1160 هجري مطابق 10 جون 1747ع ۾ قتل ٿي ويو، جنهن کان پوءِ اندري سلطنت ٽڪر ٽڪرا ٿي ويئي.
نادر جو هڪ سپهه سالار احمد خان افغان ”احمد شاهه“ جو لقب اختيار ڪري قنڌار جي حڪومت جو بنياد رکيو، هن افغانستان ۽ بلوچستان کان سواءِ سنڌ جي پڻ دعوى ڪئي ۽ نادر جي سلطنت جي اوڀر ندي علائقين جو وارث ٿيو.
هن تاج ۽ تخت سنڀاليندي سنڌ مان ملندڙ غنڊه ٽيڪس جي گھر ڪئي. ميان نور محمد نادر جو حقيقي وارث تسليم ڪندي قنڌار جي غلامي قبول ڪئي موٽ ۾ کيس ”شاهنواز خان“ جو خطاب مليو.
احمد شاهه ابدالي نادر واري بربريت قائم رکندي، هندستان تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا، جنهن ۾ مالو پور وٽ مغلن جي لشڪر هٿان شڪست کاڌي، جڏهن محمد شاه 114 اپريل 1748ع ۾ وفات ڪري ويو ته هن وري هندستان کي حاصل ڪرڻ لاءِ حمله ڪرڻ شروع ڪري ڏنا.
معلوم ٿئي ٿو ته ميان نور محمد انهيءَ عرصي ۾ احمد شاهه ابدالي جي غنڊه گردي کان نه ڊنو ۽ غنڊه ٽيڪس ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هن بادشاهه سنڌ کي لکيو:
رسا ندي توگر گنج در باج ما
شدي ايمن از تاب تاراج مان
هن پنهنجي مطالبي سان گڏ هي به دڙڪو ڏياري موڪليو ته جيڪڏهن غنڊا ٽيڪس نه مليو ته هو سنڌ کي برباد ڪري ڇڏيندو جيڪا قنڌار کان هڪ هفتي جي پنڌ تي آهي.
قهارن جي قهر کان ڊٺندي سنڌين جي حالت تي رحم کائيندي قنڌاري ڌاڙيل کي راضي رکڻ لاءِ سنڌ جي دولت ۽ آس پاس جون سوکڙيون ڀائي خان ڪلهوڙي هٿان ان ڏنهن روانيون ڪيون ويون.
جڏهن احمد شاهه ابدالي کي جنگين جي ڪري پئسن جي ضرورت پئي ته هن سنڌ وارن کان گھر ڪئي پر هو ادا ڪري نه سگھيا. جنهن ڪري 1166 هجري مطابق 1753ع ۾ ميان نور محمد کي خبر پئي ته ابدالي سپهه سالار جهان خان سنڌين کي تباهه ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي، جيڪو پنهنجي بک جي پورائي لاءِ سنڌين جي دولت ۽ مال ۽ ملڪيت کي لٽيندو جنهن ڪري هن احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون.
آخر 4 محرم 1167 هجري ۾ پهرين نومبر 1753ع تي احمد شاهه ابدالي سنڌين تي ڪاهي آيو. سنڌي حڪمرانن سندس آڻ مڃيندي ۽ خدا جي طرفان موڪليل خليفو سمجھندي سندس لاءِ رستو صاف ڪيو ۽ ديوان گدو مل سنڌين جي غلامي جو اقرار ڪرڻ لاءِ سکر وٽ دريا تي پل ٻڌرائي جيئن شاهي ڌاڙيلن کي اچڻ ۾ تڪليف نه ٿئي ۽ ملاقات ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني جيڪا ٽن ڏينهن تائين سرد خاني ۾ پئي هئي آخر نوشهري ۾ ڪن جي لکت موجب سيوهڻ ۾ ابدالي کيس ملاقات جو شرف بخشيو، ديوان گدومل سندس جي آزي مڃي ۽ غلامي قبول ڪئي، جنهن کان پوءِ احمد ڌاڙيل سنڌي يرغمالين تي راضي ٿيو ۽ ميان نور محمد تي ڪاوڙ ڍري ٿئي. انهيءَ عرصي ۾ ميان نور محمد جيڪو خناق جي مرض ۾ مبتلا هو، جيسلمير جي علائقي سر کات ڪورهره ۾ 9 ڊسمبر 1753ع ۾ وفات ڪري ويو. ڪن مؤرخن جو خيال آهي ته ميان نور محمد احمد شاهه ڌاڙيل جي خوف کان فوت ٿي ويو ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ اوڏانهن ويو هو.
مولانا مهر تاريخ ڪلهوڙا ۾ لکيو آهي ته احمد شاهه ابدالي پاڻ سنڌ ۾ ڪونه آيو هو، جنهن هن لاءِ مير غلام محمد ”غبار“ جي ڪتاب ”احمد شاهه بابا“ جا حوال ڏنا آهن. پر هو اهو مڃي ٿو ته احمد شاهه ابدالي جو سپهه سالار جهان خان سنڌين کي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ آيو هو ۽ هو پنهنجو ڀڀ ڀري واپس هليو ويو.
سنڌ گزيٽيئر ۾ ائٽڪن لکي ٿو ته سنڌين تي حملو هندستان تي احمد شاهه جي حملن 1752ع جي حملن جو هڪ واقعو آهي. سورلي مڃيو آهي ته افغانن دهلي ڏانهن ويندي سنڌ کي پنهنجو باج گذار بنائي ورتو هو.
بهر صورت افغان آفت، يا وحشين جو ٽولو احمد شاهه ابدالي يا جهان خان جي روپ ۾ سنڌ ۾ سنڌين جي دولت ، ملڪيت حاصل ڪرڻ لاءِ آيو ۽ سنڌ کي ڦري لٽي واپس هليو ويو.
سنڌ افغانن جي ڦرلٽ ڪري ڏينهون ڏينهن ڪمزور ۽ غريب ٿيندي ويئي، خوشحالي جي جاءِ تي بدحالي شروع ٿي ويئي. نادر ي نابودي مان ساهه ئي نه پيو هو ته افغان لٽيرن اچي ٻڙڌڪ مچايو . سنڌي ماڻهو ڌارين جون ڪاهن مٿان ڪاهون ڏسي ذهني طور مفلوج ٿيندا ويا. حاڪمن جي ڪمزوري سنڌين جي شڪست ٿيندي ويئي، جنهن ڪري انهن جي ذهن غلامي جو ڳٽ خدائي راضبو، سمجھي پئي پاتو، انهيءَ غلامي واري دؤر ۾ ذهني اوسر نه ٿي سگھي ۽ هر هڪ وٺ پڪڙ ۾ لڳي ويو، جنهن ڪري اها قوم جيڪا هر شيءِ ۾ اول هئي، غلامي جي زنجيرن ۾ ائين جڪڙجي ويئي جو هو پنهنجو ماضي، ۽ شاندار روايتون وساري ويٺي ۽ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ تڙپندا رهيا. ان جو کينجو اهو نڪتو آهي ته اڄ تائين سنڌي ذهني طور آزادي پسند ناهن.

[b]مدد خان جو ظلم
[/b]ڪلهوڙا حڪومت جيڪا هاڻي افغانن جي رحم ۽ ڪرم تي هلندي هئي ۽ انهن جا ڇاڙتا ٿي ڪم ڪندا هئا. اهڙي حالت ۾ ملڪي حالتون به خراب ٿي ويون ۽ درٻار به سازشن جو گھر بڻجي ويو.
غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ سرفراز خان سنڌ جي گادي تي ويٺو. انهن ڏينهن ۾ سندن ملازم ۽ مريد شهداد ٽالپور جي اولاد زور وٺي ويئي ۽ ڪلهوڙا حڪمرانن کي خوف پيدا ٿيو ته هو متان ساڻن غداري ڪن ۽ سنڌ جي حڪومت جا مالڪ بڻجن. انهيءَ وسوسي وٺ پڪڙ ۽ سازشي دؤر ۾ سرفراز خان شهداد ٽالپور جي پٽن بهرام خان ۽ صوبدار خان کي مارائي ڇڏيو.
ٽالپور جيڪي اڳ ۾ ئي حڪومت جي گادي تي ويهڻ جا خواهان ها، تن انهيءَ موقعي مان فائدو وٺندي بهرام ٽالپور جي سوٽ مير فتح علي خان ٽالپور پنهنجن خير خواهن ۽ ميان سرفراز جي دشمنن کي ساڻ ڪري نئين خدا آباد جيڪو ڪلهوڙا حڪمرانن جو تخت گاهه هو، تنهن تي ڪاهي ويو، سرفراز خان پنهنجي جان بچائي خدا آباد کان حيدر آباد پهتو.
مير فتح علي خان ٽالپور حيدر آباد جي قلعي کي گھيري ۾ آندو. ميان سرفراز پنهنجن ۽ غيرن جي غداري ڏسي قلعو ٽالپرن جي حوالي ڪيو جن کيس قيد ڪري جيل اماڻي ڇڏيو.
ٽالپر ۽ انهن جا ساٿي اقتدار جي ورهاست پاڻ ۾ نه ٺهيا، جنهن ڪري هنن پاڻ تان لعنتاڻون لاهڻ لاءِ سندن ننڍي ڀاءُ محمد خان ڪلهوڙي کي تخت تي ويهاريو، پر جيئن ته هي ننڍي عمر جو هو، تنهن ڪري سڀ حڪم احڪام راجا ليکي نالي هڪ امير هلائيندو هو.
راجا ليکي سوچيو ته هڪ نه هڪ ڏينهن ٽالپور پنهنجي من ماني ڪندا، جيڪي اڃا تائين مير بهرام جي پٽ ۽ صوبيدار جي ڀاءُ مير بجار جي حج تان واپسي جي انتظار ۾ هئا، تنهن ڪري هن مناسب سمجھيو ته ڪنهن مضبوط ڪلهوڙي کي سنڌ جو حڪمران بڻائجي. انهيءَ خيال سان محمد خان ڪلهوڙي کي لاهي ميان نور محمد جي پٽ غلام نبيءَ کي سنڌ جو حاڪم بڻايو.
مير بجار کي جڏهن پيءُ ڀاءُ جي قتل جي خبر پئي ته هو مسقط مان ڪراچي پهتو ۽ واليءَ قلات نصير خان ڏانهن هليو ويو جتان فوج ساڻ ڪري شڪار پور آيو ۽ اتان پنهنجي مرڪز عمر ڪوٽ وڃي نڪتو.
ميان غلام نبي درٻاري اميرن جي رحم و ڪرم تي هو، راجا ليکي مئو ته ان جو پٽ تاجو ليکي وڏي وزير جي ڪرسي سنڀالي. سنڌي اميرن ۽ ٽالپورن درميان هڪ سرد جنگ شروع ٿي ويئي هئي تن ميان غلام نبيءَ کي تيار ڪيو ته ٽالپورن کي سيکت ڏيڻ ضروري آهي نه ته انهن جي من مستي وڌي ويندي ۽ هڪ ڏينهن سنڌ جا مالڪ بڻجي ويندا.
انهيءَ گھرو خلفشار جي نتيجي ۾ ٽالپور لشڪر ۽ ڪلهوڙن جي لشڪر وچ ۾ شهدادپور جي ويجھو لانياري جي ميدان وٽ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ ميان غلام نبي مارجي ويو. تاجو ليکي پنهنجن ماڻهن سميت شاهه ڳڙهه ڏانهن ڀڄي ويو ۽ ٻيا امير مير بجار وٽ پيش پيا.
جيئن ته افغانن طرفان حڪومت جو فرمان ڪلهوڙن لاءِ هو، تنهن ڪري انهن مان ڪنهن هڪ کي وارث ٿيڻو هو. ٽالپور حالتن جي نزاڪت کي محسوس ڪندي، ڪلهوڙن مان ڪنهن هڪ کي حڪمران بنائڻ لاءِ راضي ٿيا.
انهيءَ دوران ميان غلام نبي جي ڀاءُ عبدالنبي جيڪو حيدر آباد ۾ هو تنهن پنهنجن عزيزن يعني سرفراز خان، ان جي پٽ محمد خان، ڀاءُ محمد خان ۽ چاچو عطر خان جيڪي قلعي ۾ نظر بند هئا، تن کي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ قتل ڪرائي ڇڏيو، جيئن ته عبدالنبي کان سواءِ ڪلهوڙن ۾ ٻيو ڪوبه وارث نه بچيو، تنهن ڪري اميرن کيس سنڌ جو بادشاهه بڻايو. هيگ انهيءَ موقعي بابت لکيو آهي ته: ” غلام نبي جنگ جي ميدان ۾ مير بجار جو مقابلو ڪيو ۽ مارجي ويو. هن پنهنجي ٽن ويجهن عزيزن کي مارائي ڇڏيو ۽ مسند جي اميدوارن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. مير بجار حيدرآباد جي چوڌاري گهيرو ڪيو پر جڏهن ڏٺائين ته قلعو تمام مضبوط آهي تڏهن هن خوني عبدالنبي سان معاهدو ڪيو، جنهن موجب عبدالنبي حاڪم هوندو ۽ مير بجار وزير اعظم ٿي رهندو.“
غلام شاهه کي جڏهن سنڌين پنهنجو حاڪم چونڊيو ته عطر خان افغانن کان سنڌ جي حڪومت جو پروانو وٺي آيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ڀائرن پاڻ ۾ ورهائي کنئين هئي. ان بعد عطر خان ۽ سندس ڀاءُ احمد يار خان پاڻ ۾ وڙهي پيا. احمد يار خان پنهنجي طور ڪوشش ڪري افغان لٽيرن کان پنهنجي نمائندگي جي سند وٺڻ لاءِ پنهنجي پٽ عزت يار خان کي انهن وٽ يرغمال طور ڇڏيو آيو هو، پر جڏهن هن جا غلام شاهه ڪلهوڙي آڏو پير نه کتا ته هو هندستان هليو ويو، پر عزت يار خان بدستور افغانن وٽ رهيو.
عزت يار خان افغانن کي ٻڌايو ته سنڌ اوهان جي هٿن مان نڪري ويندي، ڇاڪاڻ ته اتي خانه جنگي جي صورتحال آهي ۽ ڪلهوڙي جي به نالي ماتر حڪومت آهي، تنهن ڪري مون کي پنهنجي طرفان سنڌ جي حڪمراني جي سند ڏيئي اوڏانهن روانو ڪيو.
انهيءَ دور ۾ افغان حڪمران تيمور شاهه جيڪو احمد شاهه ابدالي جي وفات کان پوءِ قنڌار جي گادي تي ويٺو هو، هن عزت يار خان کان واعدا اقرار وٺي محفوظ خان ساڻ ڏيئي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو ۽ پنهنجي مطيع حڪمرانن ۽ عملدارن کي حڪم ڪيو ته هو ڪنهن به صور ت ۾ عزت خان جي مدد ڪن ۽ سنڌ جي حڪومت کيس وٺي ڏين. اهڙي طرح عزت يار خان وٽ ٽيهه هزار ماڻهو گڏ ٿي ويا.
مير بجار عبدالنبي کي اڳتي ڪري ميدان جنگ لاءِ تيار ٿي ويو. هوڏانهن عزت خان، محفوظ خان جي ڏڍ تي ميدان جنگ ۾ نڪري آيو. ٻنهي ڌرين درميان لکي شڪار پور لڳ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ عزت يار خان کي شڪست ملي.
تيمور شاهه پنهنجي ڪارندي جي شڪست جو بدلووٺڻ لاءِ پاڻ سنڌ تي ڪاهي آيو، پر پوءِ انهن سان ٺاهه ڪري ميان عبدالنبيءَ کي پنهنجو گماشتو ۽ حاڪم مقرر ڪيو.
ميان عبدالنبيءَ جي وقت ۾ درٻاري اميرن جون سازشون جاري رهيون، جنهن جي نتيجي ۾ مير بجار ٽالپور مارجي ويو ۽ قتل جي الزام ميان عبدالنبيءَ ڪلهوڙي جي سر لڳي ويو، جيئن ته ٽالپور اميرن جو رعب وڌي ويو هو تنهن ڪري ميان عبدالنبي سر جو خوف کان قلات هليو ويو. چون ٿا ته مير بجار جي پٽ عبدالله پنهنجا ماڻهو هن ڏانهن موڪليا ته پر هن واپس ٿيڻ کان انڪار ڪيو ڇاڪاڻ ته کيس خوف هو ته متان ڌوڪو ڏيئي ماري نه ڇڏن.
انهيءَ حالت ۾ جڏهن سنڌ جي گادي خالي ٿي ويئي ته سنڌي اميرن حسب دستور ڪلهوڙن مان ئي ڪنهن کي حاڪم بنائڻو هو، تنهن ڪري انهن ميان سرفراز جي مائٽن مان صادق علي کي گمنامي مان ڪڍي سنڌ جو حڪمران بڻايو.
ميان عبدالنبي قلات جي خان وٽ وڃي ترسيو ۽ ٽالپورن جي غداري ۽ سازشن کان واقف ڪيو ۽ هو هڪ لشڪر ساڻ ڪري لاڙڪاڻي پهتو، جتي صادق علي ڪلهوڙي جي لشڪر عبدالله ٽالپور جي قيادت ۾ هن سان مقابلو ڪريو. ٻنهي ڌرين درميان سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ ميان عبالنبي جي لشڪر شڪست کاڌي ۽ هو قلات واپس هليو ويو.
ميان عبدالنبي ٽالپورن جي نيت کي سمجھي ويو ته هي اقتدار جا مالڪ ٿيڻ گھرن ٿا ۽ عارضي طور ڪلهوڙن جي پاڇي ۾ لڪن ٿا. جيئن ته انهيءَ معاملي ۾ ٻين سنڌي اميرن جي کين پٺڀرائي ڪونه آهي، انهيءَ ڪري ڪلهوڙا خاندان مان ڪنهن کي سنڌ جي مسند تي ويهارن پيا جئين ڪو به انهيءَ جي ارادن تي شڪ ڪري نه سگھي. هن کي يقين ٿيو ته اهي هاڻي نمڪ حرام ٿي ويا آهن، تنهن ڪري هن انهن جي پاڙ پٽڻ لاءِ (سنڌ تي هڪ آڦت نازل ڪئي) افغان لٽيرن جي درٻار جو رخ ڪيو. هن کين لالچ ڏني ۽ وڏي دولت ڏيڻ جي آڇ ڪئي.
آخر محفوظ خان جي سفارش سان تيمور شاهه هڪ مددي فوج دلاور خان اسحاق زئي عرف ظالم خان جي ڪمان هيٺ سنڌ ڏانهن روانو ڪئي ۽ پاڙي وارن حڪمرانن کي حڪم ڪيائين ته هو هر طرح سان سندن مدد ڪن.
تاريخ بلوچستان ۾ گل خان، نصير لکيو آهي ته: ”تيمور شاهه جو حڪم مير محمد نصير خان جي نالي ماتر ٿيو ته سردار مدد خان کي ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي مدد لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. اهو پاڻ لشڪر ساڻ وٺي ايندو. اوهان جي لاءِ حڪم آهي ته بروهين ۽ بلوچن جو لشڪر سردار موصوف سان گڏ سنڌ ڏانهن روانو ڪريو، جيئن ٽالپورن جي قوم کي پامال ڪيو وڃي، جيڪي ميان صاحب جا دشمن آهن. انهن کان قبضو ڇڏائي ڪلهوڙي صاحب جي حوالي ڪيو وڃي“
مدد خان جڏهن افغان لشڪر وٺي ميان عبدالنبي جي مدد لاءِ پهتو ته هن کائنس پئسن جي گھر ڪئي، جيئن هو پنهنجي لشڪر کي پگھارون وغيره ڏيئي سگھي. جيئن ته ميان هٿين خالي هو، تنهن کيس ٻڌايو ته هن جو خزانو قلعي اندر پوريل آهي، جڏهن هو اتي پهچندو ته سڀ حساب ادا ڪيو ويندو.
مدد خان پنهنجي لشڪر جي پورائي لاءِ لٽيرن وانگر سنڌي واهڻڻ ڳوٺن، شهرن کي لٽڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ميان عبدالنبي جي خاص ماڻهن بلاول، تاجي سهتي ۽ بودي دربان کي گرفتار ڪري مارون ڏياريون ته اهي کيس سنڌ جي لڪيل دولت کان واقف ڪن. فريئر نامي ۾ لکيل آهي ته مدد خان انهن کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ سندن عضون کي ڏنڊن سان ڪٽرايو هو هر هڪ منزل تي ساڻن اهو سلوڪ ڪندو آيو.“
مدد خان ڇا هو، سنڌين مٿان هڪ آفت هو. هن جهڙو ڪمينو ۽ رذيل ورلي ملندو. هن سنڌ جي دولت حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌين کي ڦرڻ ۽ لٽڻ شروع ڪيو، هر طرف ماتم مچي ويو ۽ خون جي برسات وسڻ شروع ٿي ويئي. فتح نامي ۾ لکيل آهي ته:
”هو سڀئي بيڪسن کي ڏکوئيندڙ هئا، ڪمزورن کي ماريندا، ناتوانن جا دشمن ۽ ضعيفن جا قاتل هئا. هو وڏا موذي نالائق ۽ ڪميڻا هئا. سڀئي وڇن ۽ زهريلن نانگن وانگر ڏنگيندڙ هئا. هو سڀئي محبت ۽ سلوڪ کان خالي هئا. ڇتي مرونءَ وانگر ماڻهن تي بي سبب حملا ٿي ڪيائون.“
سنڌي ماڻهن افغان ڌاڙيلن کي منهن ڏنو ۽ دشمن سان مقابلو جوٽيو ته اهي گدڙ وانگر ڀڄي ويندا هئا. اهي چورن وانگر سنڌين کي ڦريندا هئا. ۽ جڏهن هو سنڌين جي غيرت ۽ همت کي ڏسندا هئا ته لومڙ وانگر ڀڄي ويندا هئا. فتح نامي ۾ آهي ته: ”هو ضعيفن سان وڙهڻ لاءِ بجلي وانگر تيز هئا. ڪٿي مقابلي جي صورت پيدا ٿي ويئي ته هو تيزي سان ڀڄي ويندا هئا. هن جي تلوار رعيت (سنڌي) جي گردن تي بي ڌڙڪ هلندي ٿي رهي، مقابلي لاءِ تلوار آئي ٿي ته ڀڄي ٿي ويا.“
مدد خان جي اچڻ جو اصل مقصد ٽالپور امير جيڪي اڻ سڌي طرح سان سنڌ جا حڪمران بڻجي ويا هئا، تن کان اقتدار کسي ميان عبدالنبي ڪلهوڙي کي ڏيارڻ هو.
جڏهن ٽالپورن کي خبر پئي ته ميان پنهنجي وڏن جي گادي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش کي ترڪ نه ٿو ڪري ۽ هن دفعي تيمور شاهه کان مدد گھري مدد خان جي همراهه سنڌ ۾ داخل ٿيو آهي ته اهي پنهنجي اقتدار کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ متحد ٿي ويا ۽ ان جي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. انهيءَ دوران مدد خان سنڌ واسين کي ڪُهندو، قتلام ڪندو، منزلون طئي ڪري اڳتي وڌندو رهيو.
مدد خان ٽالپورن کي چورائي موڪليو ته هو صلح ۽ امن سان رهن ۽ آءٌ پئسن حاصل ڪرڻ لاءِ خدا آباد نئين وڃي رهيو آهيان. بهتر ائين ٿيندو ته اوهان منهنجي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجو.
جڏهن اها خبر ٽالپورن کي پئي ته سک جو ساهه کنيو ۽ مدد خان جي ايلچن کي انعام ۽ اڪرام ڏيئي دلداري خاطر الهداد ليکي ۽ امر تراءِ کي ساڻ ڏيئي مدد خان ڏانهن واپس اماڻيو ۽ چورايو ته هو کيس پنهنجن وڏن ۽ چاچي جي جاءِ تي سمجھي ٿو.“
ٽالپورن کي سنڌ ۾ پنهنجي قتدار کي مضبوط ڪرڻو هو، تنهن ڪري انهن مدد خان جي راهه ۾ ڪابه رڪاوٽ نه وڌي ۽ هو خدا آباد نئين تائين بغير ڪنهن مداخلت جي پهچي ويو. هن سنڌ مان ڦرلٽ ذريعي وڏي دولت حاصل ڪئي هئي، جنهن ڪري هنن پنهنجي خوني کيڏ کي جاري رکيو. عظيم ٺٽوي چوي ٿو ته:
”سنڌ ۾ اهڙي خوفناڪ حالت پيدا ٿي ويئي جو قيامت جو منظر نظر اچي رهيو هو. اهي ظالم هر هنڌ پهتا، غريبن کي پڪڙيندا، قتل ڪندا ٿي ويا. انهن ظالمن انصاف جي طرف کان اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ گھرن جا گھر ويران ڪري ڇڏيا. روشني هٿن ۾ کڻي (باهه ڏيڻ لاءِ) نڪتا ۽ گھرن جا گھر اونداها ڪري ڇڏيائون. انهن جاهل ظالمن، هڪ پئسي لاءِ ماڻهن کي به ٻه سئو زخم رسايا تانجو سنڌين جي حالت اچي اهڙي ٿي جو اسان جي ملڪ ۾ ڪو به مالدار ماڻهو نه رهيو ۽ عنقا خيالي پکي وانگر مال جو فقط نالو وڃي رهيو.“
هو لکي ٿو ته لٽ مار ڪندڙ ڌاڙيل فوج بروهين، نومڙين ۽ افغانن تي مشتمل هئي. انهن بکين اهڙي وسيع پيماني تي لٽ مار ۽ خونريزي ڪئي جو انسان ۽ حيوان جو امتياز ئي ختم ٿي ويو.“ انهن ڪيمنن بقول عظيم ٺٽوي جي ته: ”نه ڪنهن جي بدن تي ڪپڙو ڇڏيائون ۽ نڪي ڪنهن جي مٿي ڪو پٽڪو ئي رهيو.“ ايتري قدر جو ماڻهن جي جتي (چپل) به لهرائي ورتي ۽ گھرن ۾ ڳوڻيون به ميڙي ويا.“
ٽالپورن اميرن جڏهن مدد جي اها ڦرلٽ ۽ خونريزي ڏٺي ته اچي سر جي لڳن ۽ محسوس ڪيائون ته مدد خان جتي بي گناهه ٻهراڙي ۽ واهڻن جي ماڻهن کي مار ٿو ۽ سندن مال ڦري لٽي کڻي وڃي ٿو، اتي سندن جو به خير ناهي. ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ جا حاڪم بڻجي چڪا هئا ۽ سندن وٽ غريبن جي بنسبت گھڻي دولت ۽ مال هو، تنهن ڪري انهن سر جي خوف ۽ بچاءَ لاءِ پاڻ کي کڻي متحده ڪيو ۽ انهيءَ خيال سان عمر ڪوٽ جي قلعي مان نڪتا ته هو متان ايڏانهن اچي انهيءَ ڪري ڇو نه اڳتي وڌي وڃي مدد خان کي روڪجي ۽ منهن ڏجي.
جڏهن مدد خان کي خبر پئي ته ٽالپورن سندس مقابلي ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن ته هن جو ظلم سنڌ وارن تي ويتر وڌي ويو ۽ ساڻن مقابلي ڪرڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو.
ٽالپور مدد خان جي خوني لشڪر آڏو مقابلي ڪرڻ جي همت نه سمجھي ته ميارن تي لهي آيا. تڏهن مدد خان کين چورائي موڪليو ته هو سندن جو خير خواهه آهي ۽ هو يعني مير عبدالله ٽالپور، مير فتح علي، مير سهراب خان ۽ مير فتح خان ساڻس اچي ملن.
هنن کي مدد تي ڀروسو ڪونه هو، هڪڙن جو رايو تهو ته ان سان ملي افغان حڪمرانن کان سنڌ جي مسند جو پروانو حاصل ڪجي ۽ ٻين کي خدشو هو ته متان مدد خان کين مارائي ڇڏي، انهيءَ ڪشمڪش ۾ ٽالپورن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي ويو، جنهن ڪري فتح خان ۽ باگو فقير پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري عبدالله ٽالپور کان الڳ ٿي ويا.
مدد خان عمر ڪوٽ وڃي نڪتو ۽ فتح خان ٽالپور کي چورائي موڪليو ته هو ساڻس سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اهڙي خاطري ڏيارڻ لاءِ مدد خان پنهنجي طرفان ”نواب جنگ“ کي ۽ ميان عبدالنبي طرفان محمد حسن کهاوڙ کي موڪلي ڏنو.
فتح خان مدد سان گڏجي عمر ڪوٽ کان روهڙي طرف روانو ٿيو، انهيءَ دوران فتح خان محسوس ڪيو ته هو يرغمال ٿي چڪو آهي. انهيءَ ڪري هن مدد خان کي آسرو ڏنو ته هو کيس ٻه لک روپيه ڏيندو.
فتح خان موقعي جي تلاش ۾ رهندو هو، هڪ ڏينهن وجھه وٺي مدد خان جي ماڻهن کان جان بچائي وٺي ڀڳو ۽ عبدالله ٽالپور وٽ اچي ساهه پٽيائين. مدد خان عمر ڪوٽ کان پوءِ افغانستان ڏانهن واپس ٿيڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو، جنهن ڪري هو روهڙي آيو، هن پنهنجي دل جي تمنا موجب سنڌ مان سڀ ڪجھه حاصل ڪيو ۽ ڪوڏيءَ جيتري به رقم ڪنهن سنڌي وٽ نه ڇڏي هئي، تنهن ڪري هاڻ ان جو غريب سنڌين جي ديس ۾ رهڻ جي ضرورت به ڪونه هئي. هن کي جيڪو حاصل ڪرڻ هو ان کان به وڌيڪ ڦري لٽي ورتو هئائين ۽ هزارين سنڌين جو بي گناهه خون وهائي خوش ٿي چڪو هو.
انهيءَ صورتحال ۾ جڏهن سنڌين وٽ باقي بچيو ئي ڪجھه نه ته ته هن ڦورو جو هت رهڻ اجايو هو. هن فتح خان کان به هڪ داءَ طور رقم جي طلبي ڪئي هئي، جيڪڏهن ملي ويئي ته واه واه نه ملي تڏهن به وڃي کڏ ۾ پوي.
جڏهن فتح خان روهڙي مان ڀڄي نڪتو ته مدد خان به منزل ڏانهن اسهڻ جو ڪري اٻاوڙي طرف روانو ٿي ويو، جتان پوءِ افغانستان واپس هليو ويو.
مدد خان جو اچڻ سنڌين جي نفاق ڪري هڪ خدائي آفت هئي. فريئر نامي ۾ لکيل آهي ته: ”هن منحوس چٻري جو پاڇو جنهن به هنڌ تي پيو ته اتي نحوست کان زمين دوزخ جي برابر بڻجي ويئي.
مائنٽ اسٽورٽ الفنسٽن 1809ع ۾ ڪابل ويو، جنهن ڪتاب ”سلطنت ڪابل“ مرتب ڪيو، تنهن ۾ لکيو آهي ته: ”مدد خان سڄي ملڪ کي تلوار ۽ باهه سان ويران ڪري ڇڏيو هو. هن جي هر لٽ مار ايتري قدر شديد ۽ بي پناهه هئي جو هن جي مهم کان پوءِ خوفناڪ ڏڪار شروع ٿي ويو. بيان ڪيو وڃي ٿو ته سنڌ کي هن واقعي مان جيڪي نقصان پهتو، تنهن جي تلافي ناممڪن آهي.
مولانا مهر لکيو آهي ته: ”هن جي وڃڻ کان پوءِ ڏڪار پيو. اهڙو سخت ۽ شديد ڏڪار هو جو وڏن پوڙهن به اهڙو ڏڪار پنهنجي ڄمار ۾ نه ڏٺو هوندو ۽ نه ٻڌو هوندو. سنڌ جهڙي زرخيز ملڪ ۾ جتي اناج جي هميشه گھڻائي رهي، اتي هڪ روپئي جو ڏيڍسير اٽو ملندو هو. هن قحط ۾ هزارين ماڻهو بک وگھي موت جو شڪار بنجي ويا.“
فريئر نامي جو مصنف لکي ٿو ته: ”مدد خان وڏو ظالم هو ايتري قدر جو هن وقت به ماڻهو ڪنهن کي ظلم ڪندي ڏسندا آهن ته ان جو نالو مدد خان رکندا آهن ۽ جڏهن به ڪو وڏي آواز دانهون ڪندو آهي ته تڪڙو تڪڙو ڪيڏانهن ويندو آهي يا ڪنهن ڪم لاءِ ڪو جلدي گھرائيندو آهي ته ٻيا چوندا آهن ته ڇا ٿيو آهي، مدد ته ڪونه آيو آهي. اهڙو طرح سنڌيءَ ۾ هڪ پهاڪو ٿي ويو ۽ چوڻي آهي ته ”مدد ٿو اچئي“.
مولانا مهر آڏواڻي جي حوالي سان لکيو آهي ته: ”مدد خان جي لٽ مار ۽ خون ريزي مدت تائين سنڌين کي ياد رهي، هن جو نالو ٻڌي چهرن تي زردي ڇائنجي ويندي هئي ۽ بدن ڏڪي ويندو هو ۽ ٻارن کي ڊيڄارڻ لاءِ عام طرح اها چوڻي استعمال ڪئي ويندي هئي.“ اڄ به سنڌ ۾ اها چوڻي استعمال ٿئي ٿي.
سنڌ تي ڪيترن ڌارين ڪاهون ڪيون ۽ هتي ڦرلٽ مچائي، پر سڀ کان زياده نقصان افغانن کان پيو، جنهن ڪري اسان وٽ چوڻي مشهور ٿي ويئي ته: ”سنڌ کي قنڌارن خطرو مولانا مهر تاريخ ڪلهوڙا ۾ عبدالملڪ جو مرثيو نقل ڪيو آهي جنهن جي معنى آهي:
”سنڌ ۾ ڪهڙو فتنو برپا ٿيو ۽ ڪهڙي مصيبت نازل ٿي
معلوم ٿئي ٿو ته قيامت اچي ويئي.
جا سنڌ ساري دنيا لاءِ امن جي جاءِ هئي،
مان توکي ڇا ٻڌايان ته ان جو ڪهڙو حال ٿي ويو.
هر گھر لٽجي ويران ٿي پٽ ٿي ويو،
هر دولت مند ماڻهو ڦرجي فقير ٿي ويو
هر اهو شخص جنهن جي سر تي تاج پهريل هو
اهو لباس کان محروم ٿي ويو،
هر چنڊ جهڙي چهري وارو پيرن اگھاڙو ٿي ويو
ڪيترائي نامور شخص قيد ٿي ويا،
دل جي هٿن مان صبر جي واڳ ڇڏائجي ويئي،
ماءُ پٽ کان جدا ٿي ويئي ۽ پٽ ماءُ کان وڇڙجي ويو
سر ڌڙ کان جدا ٿي ويو ۽ ڌڙ سر کان الڳ ٿي ويو
دولت مند مٺ اٽي جي لاءِ
جنڊ وانگر سر گردان ٿي ويو
گل جهڙي چهري واري هر شخص جي هيءَ حالت آهي
جو جھنگ جي ڪنڊن لڳڻ سان خود سندن پيرن جو رت انهن لاءِ مهندي ٿي پئي.
عصمت جي گوشي جي هر پرده نشين عورت
برقعي ۽ چادر کان محروم ٿي ويئي
دولت جانين جي حفاظت لاءِ قربان ڪرڻي پئي،
۽ جانيون عزت آبرو جي بچاءَ ۾ فدا ٿي ويون
جنهن به ماڻهوءَ جي ڳنڍ ۾ جيڪي ڪجھه هو
اهو ويندو رهيو، آسماني انهيءَ طريقي سان گرهه ڪشائي ڪئي
هڪ ظالم نه بلڪ ٻه سئو ظالم ٿيا،
هڪ ڪم نه بلڪ ڪيئي ڪم ٿيا،
زمين واسين تي عجيب مصيبت
هڪ ئي دفعي آسمان کان نازل ٿي
چند ظالمن جي هٿان، دل خون ٿي ويئي،
جيتوڻيڪ چئبو اهو سڀ ڪجھه قضا جي حڪم سان ٿيو
افسوس ڇا چيو وڃي
سادات ۽ پاڪ دامن عورتن جي ڪيتري اگھاڙپ ٿي،
مصطفى جي امت هٿان،
اڄ مصطفى جي اولاد تي ڪهڙو ظلم ٿيو
اڄ يار هن سو سالن کان پوءِ
عراق جهڙي حالت پيدا ٿي،
اي اهلبيت جا غلام ٻڌ،
افسوس سنڌ ڪربلا ٿي ويئي.
ميجر جنرل هيگ مدد خان جي لٽ مار ۽ خون ريزي تي لکيو آهي ته: ”مدد خان جيڪو اڄ تائين سنڌ م برائي سان مشهور آهي، پنهنجن فوجن کي هن وفادار صوبي ۾ من مانيون ڪاروائين ڪرڻ لاءِ بلڪل آزاد ڇڏي ڏنو هو. هو اتر کان ڏکڻ تائين ويو، جتان جتان لنگھيو، ڳوٺن ۽ شهرن کي لٽيائين، ساڙايائين ۽ بنا ڪنهن قياس جي ماڻهن کي قتل ڪرايائين، ايسيتائين جو آخر ڪار وحشي پٺان به خون ريزي ۽ بربادي مان ڍائجي ويا. عبدالنبي جي بحالي جو بندو بست ٿي ويو، تيمور شاهه جي فوج واپس موٽي ليڪن مدد خان جي تباهي ڪري سنڌ ۾ خوفناڪ ڏڪار پئيجي ويو، مٿان وري ويا جي منحوس بيماري اچي پئي ۽ بدنصيب سنڌين کي جن مصيبتن سان واسطو پيو، ان جو ڪوبه مثال سنڌ جي گذريل تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي. ظاهر آهي ته عوام کي انهن جھڳڙن ۽ ڇڪتاڻ سان ڪوبه تعلق ۽ ڪابه دلچسپي نه هئي، جيڪا لڙائي ڪندڙ سردارن جي وچ ۾ حڪمراني جي حرص جي سلسلي ۾ ٿي رهي هئي. “
جيئن ته آءٌ اڳ ۾ ئي مختصر طور بيان ڪري آيو آهيان ته ٽالپورن جي نيت ڪلهوڙن ڏانهن صاف نه هئي ۽ هو سنڌ جي حاڪميت جا خواهان هئا، ٽالپور امير جيڪي شروع ۾ معمولي ملازم هئا ۽ پوءِ ترقي ڪري امير الامراءِ تائين پهتا، تن جي نيت ڦري ويئي ۽ ڪلهوڙن جي درٻار سازشن جو آکاڙو بڻجي ويئي. جنهن ڪري سنڌ جون حالتون غير اطمنان بخش ٿي ويون. ٽالپورن جي شرارتن ڪري مدد خان هٿان سنڌ برباد ٿي.
ٽالپر اميرن ۾ جڏهن نا اتفاقي پيدا ٿي ته انهن ميان عبدالنبي جي طاقت آڏو گوڏا کوڙيا، حقيقت ۾ ميان عبدالنبي کي ٽالپرن جا سور سجندا هئا، تنهن ڪري هن مهل ۽ موقعي مان فائدو وٺي سازشي مير عبدالله ٽالپور ۽ مير فتح خان ٽالپور کي مارائي ڇڏيو.
ٽالپورن کي جڏهن انهيءَ واقعي جي خبر پئي ته هو انهن قتلن مان وڌيڪ فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي برادري ۽ ڪلهوڙن جي دشمن قبيلن کي پاڻ سان ملائي مير فتح علي خان، ميان عبدالنبي جي خلاف اعلان جنگ ڪيو. ٻنهي ڌرين درميان هالاڻي جي فيصله ڪن جنگ ٿي، جنهن ۾ ميان عبدالغنيءَ جا دشمن ٽالپرن فتح حاصل ڪري ورتي ۽ هو قلات ڏانهن هليو ويو.
انهيءَ کان پوءِ ٽالپورن ۽ ڪلهوڙن جي درميان افغاني مدد ۽ سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لاءِ افغاني سند وٺڻ لاءِ ڪوششون شروع ٿي ويون. جنهن ۾ آخر ٽالپور ڪامياب ٿيا ۽ کين 1783ع ۾ سند ملي ويئي ۽ هو حڪومت ڪرڻ جي عيوض هڪ وڏي رقم افغان لٽيرن کي ڏيڻ لاءِ پابند هئا. انهيءَ کان پوءِ ميان عبدالنبي پنهنجي جاگير راڄڙ پور (موجوده راجن پور صوبه پنجاب ۾ آهي) هليو ويو ۽ اتي سن 1220 هجري مطابق 1805 ع ۾ وفات ڪئي.

[b]ٽالپر ۽ شاهه شجاع
[/b]ٽالپر برادري اقتدار جي لالچ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. هو جنهن ڪري انهن مير فتح علي خان کان مطالبو ڪيو ته هو سنڌ جي حڪومت جا ايترا حقدار آهن، جيترو پاڻ کي سمجھي ٿو. انهي گھريلو اختلاف سبب هڪ دفعو ميان عبدالنبي افغان فوج سان وٺي آيو هو پر ناڪام ٿي ويو هو ڇاڪاڻ ته ٽالپرن جو سفير افغان درٻار ۾ پنهنجو ڪم ڏيکاري چڪو هو.
جيئن ته ٽالپرن مير فتح علي خان کان اقتدار جو حصو طلب ڪيو هو، جنهن ڪري هن ٽالپرن کي راضي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي آمدني کي ستن حصن م ورهايو، چار حصا پاڻ ۽ پنهنجي ڀائرن لاءِ مخصوص ڪيا، ٻه حصا مير سهراب کي ڏنا ۽ هڪ حصو مير ٺاري جي حوالي ڪيو.
مير سهراب خان ۽ مير ٺاري مير فتح علي جي اها ورهاست قبول نه پئي، جنهن ڪري مير سهراب خان ناراض ٿي روهڙي هليو ويو ۽ ماڻهو گڏ ڪري پنهنجي مستقل حيثيت قائم ڪئي جتان خيرپور رياست جو بنياد پيو. ٺارو خان ناراض ٿي حيدرآباد مان نڪري شاهه بندر ويو ۽ سهراب خان وانگر الڳ حيثيت قائم ڪئي. انهن پنهنجي اقتدار کي مضبوط بنائڻ لاءِ غنڊه ٽڪس افغان لٽيرن کي ڏيڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح سنڌ وارن جي گڏيل طاقت ، جنهن جو مرڪز هڪ هنڌ هو، ڇڙو چڙ ٿي ويو ۽ هر هڪ پنهنجي ۾ لڳي ويو، اهڙي طرح سنڌين جي اتحاد جو شيرازو بگڙجي ويو ۽ سنڌ ٽن حصن ۾ ورهائجي ويئي ۽ هر هڪ حڪمران جو سرتال پنهنجي پنهنجي مطلب جو هو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته سنڌي انهيءَ ڌڪ ڪري اڄ تائين سنوان ڪونه ٿيا آهن.

شاهه شجاع جون شر انگيزيون

ٽالپورن اقتدارن جي مزي ماڻن لاءِ سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ڌارين کي سنڌ حاصل ڪرڻ سولي ٿي پئي.
ٽالپرن افغانن جي گھريلو حالتن مان فائدو وٺي کين غنڊه ٽڪس ڏيڻ بند ڪري ڇڏي، جنهن ڪري 1803ع ۾ شاهه شجاع اقتدار تي ويهڻ کان پوءِ 1221 هجري مطابق 07 – 1806ع ۾ پشاور کان شڪارپور پهتو. ميرن پنهنجي بچاءَ ۽ اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ ويهه لک روپيه ڏنا ۽ حيدر آباد جي امير مير ڪرم علي جو وڏو وزير نواب ولي محمد لغاري ڊيره غازي خان تائين ساڻس گڏ ويو.
هو جڏهن سنڌ مان واپس وريو ته هن جي خلاف سردارن فتنو برپا ڪري ڏنو، جنهن ۾ فتح خان محمود شاهه کي تخت تي ويهاري شجاع الملڪ کي پشاور ۾ شڪست ڏني. ان کان پوءِ هن لاهور ۾ راجا رنجيت سنگھه وٽ پناهه ورتي، جنهن کيس پهريان سٺو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ پوءِ کيس ڪوهه نور هيرو حاصل ڪرڻ لاءِ مبارڪ حويلي ۾ قيد ڪري ڇڏيو. هي هيرو نادر شاهه مغل حڪمران محمد شاهه رنگيلا کان ڦري ورتو هو، جيڪو ان جي قتل ٿيڻ کان پوءِ احمد شاهه ابدالي کي هٿ لڳو، جنهن ڪري اهو شاهه شجاع وٽ هو.
شجاع الملڪ ڪنهن به نموني رنجيت سنگھه جي قيد مان آزاد ٿي لڌيانه پهچي ويو، جتي انگريزن هن کي هٿئون هٿ کنيو.“
هن پنهنجي ملڪ جي وڃايل حڪومت کي حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا ۽ سنڌ جي حڪمرانن کي پنهنجي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ شڪار پور پهتو ۽ ميرن سان ملاقات لاءِ ”دوها“ ويو، جتي خيرپور جي امير ٽالپورن مير سهراب خان، مير رستم ۽ مير مبارڪ سان ملاقات ڪئي. تنهن کان پوءِ حيدرآباد ويو، جتي مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي سان مليو ۽ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن موجب ٻنهي مان ڪنهن به هڪ جو دشمن ٻنهي جو دشمن سمجھيو ويندو.
ميرن شاهه شجاع جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ محال گوسڙجي، قلع ڪرن، ڳڙهي ياسين ۽محال روپاهه جو ٽيون حصو ڏنو ۽ ان کان سواءِ شڪار پور جي واسطيدار ديهن جي ڍل پڻ ڏني.
شاهه شجاع الملڪ سردار محمد عظيم خان ملڪ وٺڻ لاءِ شڪار پور ۾ جنگيون تياريون ڪرڻ لڳو، جنهن ڪري سنڌين جي ننڊ حرام ٿي ويئي ۽ جيڪو مال ۽ دولت انهن وٽ هو، اهو شاهه شجاع کسي وٺندو هو. انهن ڏينهن ۾ شڪار پور جا ماڻهو هڪ عذاب ۽ مصيبت ۾ ڦاسجي ويا.
جيئن ته شاهه شجاع کان پوءِ محمود خان افغانستان جو بادشاهه بڻيو، جنهن اقتدار ڏياريندڙ فتح خان کي مارائي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ فتح خان جو ڀاءُ محمد عظيم خان افغانستان جي سفيد و سياهه جو مالڪ ٿيو.
شاهه شجاع جي ظلم جي انتها ٿي ويئ، هي سنڌين کان ته مال و دولت ڦريندو هو، پر هو انهن جي لڄن ۽ ننگن تي بد نظر وجھڻ لڳو. جمع خان فو فلزئي جون عورتون هن جي بي حيائي جي خوف کان ڪنهن پاسي وڃي رهيون هيون ته هن پنهنجي ڪارندي نيڪو خان کي حڪم ڏنو ته انهن کي روڪي ۽ جيڪا خوبصورت ۽ حسين ڇوڪرو هجي ان کي کڻي اچي.
نيڪو خان شجاع جي حڪم سان ننگن ۾ هٿ وڌا ۽ جمع خان جي هڪ نياڻي کي زوري کڻي شڪار پور آيو. هن ڪميني ڏاڍ جي زور تي ان سان شادي ڪئي. جيتوڻيڪ هوءَ اڳ ۾ ئي منڱيل هئي. هن جي هٿان ڪنهن جي به عزت ۽ ننگ و ناموس محفوظ ڪونه هو. جنهن ڪري سنڌين ٽالپرن کي بد دعائون ڏنيون ۽ کين ٻڌايو ته هي اوهان جي ڪرم نوازي آهي جنهن ڪري اسان ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهيون ۽ ننگ به غير محفوظ آهي. حيف اٿو اهڙي حڪومت ڪرڻ سان.
سنڌي ماڻهن جي آهن ڪري، شاهه شجاع خود ٽالپورن لاءِ مصيبت بڻجي ويو، تنهن کان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ سفير سيد محمد ڪاظم شاهه کي سردار محمد عظيم ڏانهن موڪليو، جنهن سردار عظيم کي شاهه شجاع جي جنگي سرگرمين کان واقف ڪيو ۽ کيس دعوت ڏني ته هو شڪارپور تي حملو ڪري شجاع کي ڀڄائي ڪڍي. انهيءَ عيوض لشڪر جو خرچ ۽ ڏن اوهان کي ڏنو ويندو.
سردار محمد عظيم خان ڪابل مان چاليهه هزار فوج وٺي ڍاڍر پهتو. جڏهن اها خبر شاهه شجاع کي پئي ته هن جا حوصله پست ٿي ويا ۽ هن سنڌ جي ٽالپرن کي ياد ڏياريو ته هو ساڻس واعدي ۽ معاهدي موجب مدد ڪن.
حيدرآباد ۽ خيرپور جي ٽالپرن پاڻ ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو ته هو ڪيئن به ڪري شاهه شجاع مان جان ڇڏائن. انهيءَ ڪري هو پوري جنگي سامان سان لاڙڪاڻه پهتا. چند ڏينهن اتي رهڻ کان پوءِ گھاڙ ڀرتي قبه ميان شاهل محمد ڪلهوڙي وٽ منزل انداز ٿيا.
سردار محمد عظيم ٽالپرن جي چوڻ تي 1236 هجري مطابق 21 – 1220 ع ۾ ڀاڳ پهتو. جتي هن سنڌ جي حڪمرانن کان لشڪر جو خرچ ۽ هر هڪ منزل لاءِ هڪ لک روپيه جي رقم گھري، جيڪا سنڌين لاءِ هڪ وڏي رقم هئي، جڏهن سردار عظيم کي خبر پئي ته سنڌ جا حڪمران اها رقم ڏيڻ لاءِ تيار ناهن ته ان سنڌ وارن سان جنگ ڪرڻ جي تياري شروع ڪري ڏني.
سنڌ جا ٽالپر حڪمران پنهنجي ناعقلي ڪري ٻن باهين ۾ پيا، تنهن ڪري هنن شاهه شجاع کي چورائي موڪليو ته هو شڪارپور مان نڪري ميان شاهل محمد جي قبي وٽ پهچي جيئن اسان گڏجي سردار عظيم خان سان مقابلو ڪيون جڏهن هو ٽالپرن جي چوڻ تي اتان نڪتو ۽ ڳڙهي ياسين پهتو ته ٽالپرن جو هڪ ٻيو پيغام ميلس ته سردار محمد عظيم ساڻس ٺاهه ڪرڻ گھري ٿو.
شاهه شجاع ميرن سان ملڻ ميان شاهل محمد جي قبي وٽ لنگر انداز ٿيو، جتي کين معلوم ٿيو ته سردار عظيم جا ڪي سپهه سالار شاهه شجاع سان ٻڌل آهن ۽ موقعي جي تاڙ اٿن.
سنڌ جا ٽالپر ٻن دشمنن جي گھيري ۾ اچي ويا، جن کان جند ڇڏائڻي هئي، تنهن ڪري انهن ٻني دشمنن کي بليڪ ميل ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ سردار عظيم کي چورائي موڪليائون ته سندس لشڪر جا سالار ساڻس غداري ڪندا. انهيءَ کان پوءِ هن سنڌي جي اميرن کان خرچ گھرڻ جي پچر ڇڏي ڏني.
مطلب ته ٽالپر ظاهر ۾ شاهه شجاع الملڪ جا همدرد هئا ۽ اندروني طور سردار محمد عظيم سان ٻڌل هئا. جنهن ڪري هن انهن سان نرم رويو اختيار ڪيو.
ٽالپرن سردار عظيم سان ملاقات ڪرڻ گھري، جنهن لاءِ وڏي رڪاوٽ شاهه شجاع هو. جنهن کي ٽالپرن ڪنهن بهاني سان اتان روانو ڪيو ۽ هو لاڙڪاڻه مان درازا هليو ويو، جتان پوءِ لڌيانه طرف روانو ٿي ويو.
سنڌ جي ٽالپرن سردار عظيم کي اعتماد ۾ وٺي شڪارپور ان جي حوالي ڪيو، جنهن پنهنجي پاران نائب شير دل خان کي مقرر ڪيو. جنهن بعد ۾ 1239 هجري مطابق 1826ع ۾ پنهنجي سالي عبدالمنصور خان کي شڪارپور جو نائب مقرر ڪيو.
انهن ڏينهن ۾ راجا رنجيت سنگھه جي طاقت جو زور هو، جنهن ڪري نواب ولي محمد لغاري انهيءَ موقعي کان فائدو وٺندي عبدالمنصور خان کان شڪارپور خالي ڪرائي ورتي.
شڪارپور جي دولت حاصل ڪرڻ لاءِ خير پور ۽ حيدرآباد جي ميرن پنهنجي پنهنجي طرفان نائب مقرر ڪيا، نواءِ معارڪ جو مصنف عطا محمد شڪارپوري ٽالپورن جي انتظام بابت لکي ٿو ته هو اهڙا نااهل هئا جو انهيءَ دور ۾ هي علائقو روز بروز پوئتي پوندو ويو.
1248 هجري مطابق 33 -1832ع ۾ حيدر آباد جي مير مراد علي ٽالپر شاهه شجاع کي دعوت ڏيئي سنڌ ۾ گھرايو، جنهن وري شڪار پور کي پنهنجو ڳڙهه کڻي بڻايو ۽ سنڌ جي ٽالپرن جا عملدار خوف وچان شڪار پور خالي ڪري ڀڄي ويا ۽ ميرن کي شڪار پور خالي ڪرائڻ لاءِ هزارن جانين جو نذرانو ڏيڻو پيو.
1249 هجري مطابق 34 – 1833ع ۾ خير پور جي ٽالپورن ۽ شاهه شجاع جي فوجن درميان سکر جي ڀرسان ”کرڙي“ واري جنگ لڳي جنهن ۾ ٽالپر فوج شڪست کائي سنڌين کي بدنام ڪيو، تاريخ سنڌ ۾ لکيل آهي ته:
”شجاع الملڪ جي لشڪر جا سوار خراساني ۽ پيادا روهيلا هندستاني هئا، جيڪي سڀ هٿيار بند هئا، جنهن ڪري انهن کين شڪست ڏني. انهن ٽالپورن جي لاشن مان سون ۽ چاندي حاصل ڪيو، جنهن کي هو ماريندا هئا. تنهن جو سر بي رحمي سان قلم ڪري لاش کي زمين تي اڇلائي پيا ڇڏين.“
ٽالپرن جي سردارن جي مرڻ کان پوءِ لشڪر ۾ ڀاڄ پئي، جن سر بچاءَ لاءِ درياءَ پار ڪرڻ گھرو تن لاءِ مير مبارڪ ۽ جنگي خان ٻيڙيون فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جيئن هو وڙهن پر اهي فوجي سپاهي ڌارين آڏو بيهي نه سگھيا، جنهن ڪري انهن جي هڪ طرف شاهه شجاع الملڪ جي سالار سمندر خان فوج هئي، جن کيس ماريو ٿي ۽ ٻي طرف سندن رستو بند هو، جنهن ڪري هو درياءَ ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجو انت ٿي آندو.
مير مبارڪ جي سمجھه غلط ثابت ٿي ۽ سندس ڪم عقلي ڪري لشڪر جو هڪ وڏو تعداد پنهنجو پاڻ خودڪشي ڪري مري ويو. افغان ڌاڙيلن جي لشڪر ميرن کي شڪست ڏني ۽ سمندر خان خوشي مان ٽهڪ ۽ ٺٺوليون ڪندو ڦرلٽ جو سامان کڻي شاهه شجاع وٽ شڪار پور خوشخبري ٻڌائڻ ويو. ٽالپرن پنهنجي بي عقلي ۽ نفاق جي ڪري شڪست کاڌي ۽ سنڌ جي قومي غيرت کي لڄايو.
ٽالپرن پنهنجي اقتدار جي حرص ۽ لالچ ڪري سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو هو ۽ سنڌ مان ملندڙ دولت کي ذاتي عياشي ۽ عشرت ۾ خرچ ڪيو ۽ هو وڏا فضول خرچ ٿي ويا هئا، هنن سنڌ جي سر سبز ۽ آباد علائقن کي پنهنجي شوق شڪار لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو، انهن کي صرف ۽ صرف اهو فڪر هو ته اهي سنڌين وٽان حاصل ٿيندڙ دولت کي پنهنجي عياشي تي ڪيئن خرچ ڪن ۽ محفلون ڪيئن سجائن.
هنن پنهنجي دؤر ۾ پڇ ٻڌي مهري ٿيڻ لاءِ بلوچ سڏرايو، جنهن ڪري هنن سنڌي ۽ بلوچ جي وچ ۾ تعصب پيدا ڪري ڇڏيو. جنهن مان اڄ تائين اسان سنڌي جان ڇڏائي نه سگھيا آهيون.
هي پنهنجي هٺ ڌرمي ۽ نام نهاد شان و شوڪت رکڻ لاءِ سنڌي ماڻهن سان مذاق ڪندا هئا ۽ انهن تي ٺٺوليون ڪري پاڻ کي مٿڀرو سمجھندا هئا. جيتوڻيڪ انهن وٽ وڏيون برايون هيون.
هنن ذاتي ۽ شخصي عداوتي ڪري مذهبي ۽ سياسي فرق پيدا ٿيا، جنهن ڪري سنڌين جي اتحاد کي وڏو ڇيهو رسيو، نه ته شاهه شجاع کي ڪهڙي طاقت هئي جو سنڌ ڌرتي تي سنڌ واسين کي شڪست ڏيئي ها ! هن جو سپهه سالار سمندر خان ڏند ڪرٽيندو، واڇون ٽيڙيندو، سنڌين تي انهن جي ئي ڌرتي تي ٺٺوليون ڪري ها !
هنن جي نام نهاد شان و شوڪت ۽ اوچ نيچ ڪري سنڌ ۾ هڪ وبا بلوچ ازم جو بنياد پيو، جنهن ڪري سنڌ ۾ رهندڙ مقامي قبيلن ۾ هڪ ٻئي لاءِ رنجشيون پيدا ٿيون ۽ ڪيترن ٽالپرن جي روش کي ڏسي اصلي سنڌي هئڻ جي باوجود ڪن بلوچ سڏرايو، ڇاڪاڻ ته هنن سنڌين کي تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو ۽ بلوچ ازم جي پرچار ڪندي انهن لاءِ رعايتون ۽ سهولتون هيون.
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌي غير سنڌي جيڪي سنڌي ٿي ويا هئا، تن کي هڪ نظر سان ڏٺو ويندو هو ۽ انهن کي سنڌ ڌرتي جو لال سمجھي هڪجھڙا مراعات ڏنا ويا هئا، ليڪن انهن ان جي ابتڙ ۽ هر سنڌي کي شڪي نگاهه سان ڏسندي اعلى عهدن تي مقرر نه ڪيو، جنهن ڪري ميرن جي فوج ۽ سنڌي عوام درميان هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو. هڪ طرف ميرن جي فوج ۽ سندن سپهه سالار هئا ۽ ٻئي طرف سنڌ جا دشمن افغان لٽيرا هئا ۽ مقامي سنڌي ماڻهو اهڙا ته خاموش ۽ وچٿرا ٿي ويهي رهيا، ڄڻڪ انهن جو ڪو به واسطو ڪونهي جنهن ڪري ڌارين جي من مستي وڌي ويئي ۽ انهن ميرن کي ڪجھه به نه ڀايون، مولائي شيدائي ٽالپرن جي مختصر تاريخ ۾ لکي ٿو. فوج ۾ اڪثر ڪري، کوسا، مري، نظاماڻي، بليدي، جتوئي، لغاري ٻيون، بلوچ جنگجو قومون ڀرتي ڪيون وينديون هيون“ مطلب ته ويچارا سنڌي نالي ماتر هئا ۽ انهن تي ڀروسو گھٽ هو.
جيئن ته هي غلام هئڻ جي ناتي سان نهايت شڪي مزاج هئا ۽ ڪنهن تي به ڀروسو نه ڪندا هئا جنهن ڪري ان دؤر ۾ حاڪم ۽ رعيت جو هڪٻئي سان رابطو ختم ٿي ويو ۽ خوشامندن جو مڪو مچي ويو. انهن جي پاڻ اتاريل وبا بلوچ ازم جي ڪري پاڻ به ختم ٿي ويا.
خير پور جي ميرن جي شڪست جو ٻڌي حيدر آباد جا مير تڪڙ تڪڙ ۾ لاڙڪاڻه پهتا، جتي خير پور جا مير به سهڪي اچي نڪتا ۽ شجاع الملڪ کان معافي وٺڻ لاءِ ظاهري طور جنگ جو ڏکاءُ ڏيئي مديجي روانه ٿي ويا، جتان پير نظام الدين ۽ پير محي الدين سرهندي کي شاهه شجاع ڏانهن شڪار پور روانو ڪيو، جيئن کيس يقين ڏياري سگھن ته سنڌ جا ٽالپر حڪمران افغان لٽيرا جا خادم ۽ خير خواهه آهن ۽ هو جو ڪجھه چاهيندو ائين ڪيو ويندو.
ٽالپرن جي ميڙ کان پوءِ شاهه شجاع اميرن سان ٺاهه ڪرڻ جي آڇ تي هائو ڪار ڪئي ۽ غلامي جي يقين ڏيارڻ لاءِ شريف خان ضبط بيگي ۽ قاضي محمد حسن کي موڪلي ڏنو.
ميرن شاهه شجاع جي غلامي جو ڳٽ پائڻ جو يقين ڏيارڻ لاءِ کوکر خان کي ان ڏنهن موڪلي ڏنو، جنهن جا سمندر خان سان پراڻا دوستاڻا ناتا هئا. هن شاهه شجاع کي يقين ڏياريو ته هاڻي مير ڪا به سرڪشي نه ڪندا ۽ هو غلام ۽ نوڪر ٿي رهندا ۽ افغانستان جي مهم ۾ ساڻس مدد ڪندا رهندا انهيءَ ڪري پنج سؤ اٺن کان علاوه پنج لک روپيه نقد ڏيندا ۽ پاڻ کوکر خان هڪ سؤ سوارن سان گڏ قنڌار تائين غلامي ۾ هلندو ان کان پوءِ هو ماهه صفر 1249 هجري مطابق 1833 ع ۾ خراسان ڏانهن روانو ٿي ويو.
شاهه شجاع امير دوست محمد هٿان شڪست کائي گنجابي پهتو ۽ پنهنجي لشڪر گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ئي هو ته سندس سپهه سالار سمندر خان فوت ٿي ويو ۽ هو اتان روجھاڻ مزاري پهتو، جيڪو ڪشمور کان 30 ميل پري ۽ هاڻي ضلع راڄڙ پور (راجن پور) پنجاب ۾ آهي، هو اتان وري لاڙڪاڻه لاءِ روانو ٿيو.
انهيءَ دوران شڪار پور ۾ ٽالپرن جي نائب سيد محمد تقي جيڪو لاڙڪاڻه جي حاڪم اسماعيل شاهه جو پٽ هو، تنهن کي جاڳڻ ۾ خبر پئي ته هو لاڙڪاڻي تي ڪاهي ويو آهي. ان ڪري مينهن واچ ڪري لاڙڪاڻه پهتو ۽ ڪجھه به نه ڪيائين ۽ ارڙ بلا وانگر وٽ کائيندو رهيو.
حيدر آباد جي ٽالپرن کي جڏهن پنهنجي آقا جي خبر پئي ته هنن لاڙڪاڻه جي حاڪم اسماعيل شاهه کي حڪم ڪيو ته مرشد کي وٺي شان سان حيدر آباد مريدن وٽ پهچائي.
ٽالپرن ڪمزور هئڻ ڪري شاهه شجاع جي خوشامند ڪرڻ لڳا ۽ کيس ڌتاري لڌيا نه ڏانهن موڪلي ڇڏيو هو. 17 ذالقعد 1250 هجري مطابق 1834 ع ۾ اتي پهتو. ٻن سالن کان پوءِ شاهه شجاع حيدر آباد جي ٽالپورن ڏانهن قاصد موڪيو ۽ کائن شڪار پور ۽ بکر جي قلعي جي گھر ڪئي. هنن کيس ڪنهن حيلي بهاني سان ان کي ٽاري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ شاهه شجاع انگريزن سان گڏجي افغانستان جي حڪومت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو.

ٽالپور دور ۾ انگريزن جون سازشون

ٽالپور آخري دؤر ۾ بزدل ۽ شڪي مزاج جا ٿي پيا جنهن ڪري انهن تي هر وقت ڌارين جو خوف ۽ ڀؤ رهندو هو. انهن وٽ سياست نالي ماتر هئي ۽ شوق ۽ شڪار جي چاهت وڌيڪ هئي، جنهن ڪري هو هڪڙي فتني کان ئي بچيا ته ٻئي فتني اچي ٿي منهن ڪڍيو. اهڙي حالت ۾ جڏهن ايوان اقتدار ۾ قابل ماڻهو نه رهن ۽ باهمي چپقلش به موجود هجي ته سواءِ ڊڄڻ ۽ خوف جي ٻيو ڇا هوندو.
شاهه شجاع مان جان ٿي ڇڏائي ته پنجاب جي راجا رنجيت سنگھه کان ٿي ڊنا، جنهن کي 1799ع ۾ شاهه زمان افغان حڪمران کيس لاهور جو حڪمران مقرر ڪيو هو افغانن جي گھريلو ويڙهن ڪري آزاد ٿي ويو. مير هن ڏانهن هر سال تحفه موڪلي اڻ سڌي طرح سندس غلامي قبول ڪئي هئي پر هن جو اصرار هو ته سنڌ وارا افغانن کي ڏيندڙ ٻارهن لک غنڊه ٽيڪس کيس ڏين. هن سنڌين کي هيسائڻ لاءِ مٺل ڪوٽ وٽ فوجي نقل و حرڪت شروع ڪئي هئي ۽ پڙهندڙن کي ياد هوندو ته محمد عظيم جي نائب کي سنڌ وارن انهيءَ بهاني سان شڪارپور مان ڀڄائي ڪڍيو هو.
سنڌ جي هڪ طرف رنجيت سنگھه جي وڌندڙ طاقت هئي، ٻئي طرف شاهه شجاع جو فتنو هو ۽ ٽئين طرف سنڌ جي حڪمرانن جون ذاتيون رنجشون، اقتدار جي حوس، جنهن ڪري سنڌ کي هنن ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هو.
انهيءَ حالت ۾ انگريز سامراج کي وجھه ملي ويو ته هو سنڌ کي ڦٻائي سگھي، جنهن کي حاصل ڪرڻ جا جتن 1613ع کان شروع ڪيا هئا.
پڙهندڙن کي معلوم هوندو ته انگريز هندستان ۾ مغلن جي دؤر ۾ واپار جي بهاني آيا ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو بنياد وجھي، ڪمزور حڪومتن جا پير اکاڙي پاڻ قابض ٿي ويا. اهڙي طرح جڏهن هو سڄي هندستان تي قابض ٿي ويا ته انهن سنڌ کي ڦٻائڻ لاءِ به حيلا هلائڻ شروع ڪيا، پر ان ۾ تيزي انهيءَ زماني ۾ آئي جڏهن انگريزن افغانستان کي حاصل ڪرڻ لاءِ شاهه شجاع جي ڪلهي تي بندوق رکي.
انهيءَ مقصد لاءِ گورنر جنرل هند لارڊ آڪلينڊ هڪ وفد برنس جي سربراهي ۾ سنڌ ڏانهن موڪليو، جنهن ۾ رابرٽ ليچ، ليفٽيننٽ جان ووڊ، ۽ ڊاڪٽر پرسيول شامل هئا. جڏهن هي وفد شڪارپور آيو ۽ سنڌ جو اڀياس ڪيو ته کين معلوم ٿي ويو ته ميرن جي حڪومت کوکلي آهي، جنهن کي آساني سان هٿ ڪري سگھجي ٿو.
هن وفد کان اڳ ۾ ئي سنڌ جا ٽالپور حڪمران خوف مان انگريزن سان معاهدن مٿان معاهدا ڪندا ويا ۽ ڪمزور هجڻ ڪري سنڌ کي غلامي جو ڳٽ وجھندا ويا. هو ڪڏهن سفير بڻجي ٿي آيا ته ڪڏهن سندن جان خير خواهه ٿي ايندا رهيا.
انگريز سنڌين کي معاهدن جي آڌار تي غلام بڻائي ڇڏيو ۽ ظاهري طور اهو تاثر ڏنو ته ٻنهي حڪومتن درميان ڀائيچاري جي بنياد تي تجارتي معاهدا آهن، پر بيوقوف ٽالپرن کي اها خبر نه پئجي سگھي ته سندن پيرن هيٺان ڌرتي نڪرندي ٿي وڃي.
هنري پاٽنچر ۽ مير مراد علي ٽالپور درميان حيدر آباد ۾ هڪ معاهدو 3 اپريل 1932 ع ۾ ٿيو، جنهن موجب انگريزن سنڌين جي خدشن کي دور ڪندي واعدو ڪيو هو ته:
1. ٻئي معاهده ڪندڙ هڪ ٻئي جي ملڪن تي حريص نگاهن ۽ لالچي نظرن سان نه ڏسندا.
2. حڪومت برطانيه خواهش رکي ٿي ته هندستان جا واپاري جيڪي پنهنجو مال خشڪي ۽ سنڌوءَ رستي آڻڻ گھرن ٿا، انهن کي اجازت ڏني ويندي. حڪومت سنڌ حيدر آباد ان ٽن شرطن تي قبول ڪيو ته:
• ڪنهن به ماڻهو کي اهو حق نه هوندو ته انهن رستن سان جنگي سامان آڻي.
• ان رستن مان ڪو به مسلح جهاز ۽ ٻيڙي سنڌ ۾ داخل نه ٿيندي.
• ڪنهن به انگريز تاجر کي اهو حق نه هوندو ته هو هڪ هنڌ رهي پوي ۽ حسب ضرورت رهڻ کان پوءِ واپس هليو ويندو.
النگزينڊر برنس سنڌ جي کوکلي حڪومت کان پنهنجي آقائن کي آگاهه ڪيو، جنهن ڪري پهريان ڀائيچاري جي بنياد تي وڌندڙ ناتا ٻئي رخ ڏانهن هليا ويا ۽ سنڌي آهستي آهستي ميرن جي ڪمزوري ۽ نالائقي ڪري انگريزن جي غلامي ۾ جڪڙندا ويا.
انگريزن خيرپور جي مر رستم خان کي پنهنجو هم خيال بڻائي ڇڏيو ۽ کيس يقين ڏيارڻ لاءِ هڪ معاهدو 10 جنوري 1939ع تي ڪيو، جنهن موجب:
1. حڪومت برطانيه ۽ مير رستم ٽالپر ۽ ان جي جاءِ نشين ۾ هميشه دوستي رهندي، ڪنهن به هڪ جو دوست ۽ دشمن ٻنهي جو دوست ۽ دشمن هوندو.
2. حڪومت برطانيه (هند) حڪومت خيرپور جو هميشه تحفظ ڪندي.
3. مير رستم ۽ ان جا جاءِ نشين هميشه انگريز حڪومت جي راءِ تي عمل ڪندا ۽ هو پوري طرح سان ٻڌل رهندا، سواءِ انگريز سرڪار جي ٻئي ڪنهن سان رابطو ۽ رستو نه رکندا.
4. انگريز سرڪار وقت ضرورت مير صاحب جي مدد ڪندي پر درياءَ سنڌ جي ٻنهي ڪنارن تي واقع قلعن تي قبضو نه ڪندي، پر پوءِ هڪ ضميمي ۾ چيو ويو ته جنگ جي وقت جيڪڏهن گورنر جنرل هند ضرورت محموس ڪري ۽ چاهي ته بکر وارو قلعو پنهنجي قبضي ۾ آڻي سگھي ٿو.
5. امير ۽ ان جا وارث ۽ جاءِ نشين ڪنهن تي ظلم نه ڪندا جيڪڏهن ڪو به اهڙو اختلاف پيدا ٿيو ته ان جو فيصلو انگريز حڪومت ڪندي.
اهڙي طرح انگريزن پاڻ ۾ وڙهايو ۽ حڪومت جي پاليسي تي عمل پير ٿيندي خير پور جي ميرن ۽ حيدر آباد جي ميرن کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڇڏيو.
حيدرآباد جي ميرن جو ڏٺو ته انگريزن جو لاڙو خيرپور جي ميرن ڏانهن وڌيڪ آهي ته انهن به خوشامند ڪرڻ کان ڪين گھٽايو ۽ پنهنجو پاڻ غلامي جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ وڌو. 5 فبروري 1939ع تي باقاعده ڪراچي انگريزن جي حوالي ڪئي. مير نور محمد انهيءَ تي بس نه ڪئي ۽ انگريزن کي ڪوٽڙي جي هنڌ فوجي ڇانوڻي ٺاهڻ جي اجازت پڻ ڏني ۽ ان جي خرچ وغيرهه لاءِ هر سال ٽي لک روپيه ڏيڻ جو واعدو ڪيو ۽ پنهنجي فوج ضرورت وقت انگريزن جي حوالي به ڪندو.
غلامي جي معاهدي ۾ اهو به لکيل هو ته سنڌ جي اميرن جا فيصلا گورنر جنرل هند جي منظوري سان انگريز ريزيڊنٽ سنڌ ڪندو، جنهن موجب ٽالپر انگريز جو راڄ ٿي ويا. هنن جيئن پئي چاهيو، ٽالپرن ان تي پئي هائو ڪار ڪئي. هو ايترا پابند ٿي ويا جو انگريزن جي مرضي کانسواءِ ڪو به قدم يا ڪنهن ٻئي ملڪ سان دوستانه ناتا به رکي نه پئي سگھيا. مطلب ته مير ڪمزور حڪومت جي ڪري معاهدن جي آڌار تي انگريزن جا غلام بڻجي ويا هئا، پر ان جو باقاعده اعلان هڪ معمولي جنگ کان پوءِ ٿيو، جنهن جو ذڪر بعد ۾ ايندو.
افغانستان تي چڙهائي جي خيال کان 3 نومبر 1838 ع تي انگريز فو ج شاهجهان آباد مان سنڌ طرف رواني ٿي ۽ 24 جنوري 1839ع تي روهڙي پهتي، ان کان اڳ اليزينڊر برنس مير خيرپور رستم خان کي راضي ڪري بکر جو قلعو حاصل ڪيو، اهڙي طرح سنڌ جي ٻئي حصي تي انگريز فوجي ڇانوڻي قائم ٿي ويئي.
ٻئي طرف کان سرجان ڪين، جنرل ويلشائر ۽ اوٽرام جي سربراهي ۾ هڪ فوج بمبئي کان ڪراچي پهتي. مير شير محمد واليءَ مير پور سمجھيو ته هو ان جي مٿان ڪاهي آيا آهن، تنهن ڪري هڪ فوج گڏ ڪري انگريزن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. پر جڏهن خبر پئي ته هي لشڪر افغانستان ڏانهن وڃي رهيو آهي ته خاموش ٿي ويو ۽ انگريزن کان معافي ورتي ۽ ان شورش جي عيوض چوويهه لک روپيه انگريز کي ڀري ڏنا.
هي انگريز لشڪر سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻه مان ٿيندو افغانستان هليو ويو ۽ شڪار پور ۾ رهيل فوج شاهه شجاع، وليم مڪناٽن، اليگزينڊر برنس جي سرڪردگي ۾ اوڏانهن روانه ٿي ويو ۽ واٽ تي جيڪب آباد جي قلعي کي پنهنجي تصرف ۾ آندو.
انگريز جڏهن افغانستان مان ناڪام ٿيا ته انهن سنڌ ڏانهن ڌيان ڏنو. آخر 24 نومبر 1892ع تي بمبئي جي گورنر هڪ نئين معاهدي جو مسودو سنڌ موڪليو جنهن مطابق:
1. حيدر آباد جا امير جيڪو خرچ اڳين معاهدن مطابق انگريزن کي ڏيندا هئا، اهو جنوري 1843ع کان معاف ڪيو وڃي ٿو.
2. پهرين جنوري 1845ع کان حيدر آباد جي سڄي علائقي ۾ صرف ڪمپني جو سڪو رائج ٿيندو. اهڙي گھر خيرپور ۽ مير پور جي ميرن کان پڻ ڪئي ويئي.
3. انگريز سرڪار وقت به ميران حيدر آباد جي لاءِ هي سڪا ٺاهيندي، جنهن جي هڪ طرف شاهه انگلينڊ جي تصوير يا ڪتبو حسب تجويز حڪومت انگريز هوندو ۽ ٻئي طرف حيدرآباد جا مير جو ڪجھه لکڻ چاهن اهو لکيو ويندو.
4. هن معاهدي کان پوءِ حيدر آباد جا مير پنهنجو سڪو ٺاهي نه سگھندا.
5. سر چارلس نيپئر ضروري سمجھي ته ڪراچي ۽ ٺٽو ان جي حوالي ڪيو وڃي. انگريزن کي اهو حق به حاصل هوندو ته ڪراچي ۽ ٺٽي جي علائقي ۾ پنهنجي مرضي مطابق گشت ڪن ۽ سرحدون جيڪي چارلس نيپئر مقرر ڪندو، اتي انگريز حاڪمن جي حڪمراني هوندي.
6. روهڙي تائين سڄو علائقو نواب بهاولپور کي ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو حڪومت برطانيه جي خير خواهه آهي.
7. مير صوبدار جيڪو هميشه سلطنت برطانيه جو خير خواهه رهيو آهي، ان کي ڪراچي جي عيوض پنج هزار روپيه مال گذاري جي جاگير عطا ڪئي ويندي.
8. جيڪو ڪمشنر نيپيئر طرفان هن معاهدي جي تڪميل تي مقرر هوندو، اهو ئي جاگير جو تعين ڪندو.
اهڙي طرح خير پور جي ميرن کي معاهدو تحت چيو ويو ته هو سکر بکر ۽ ٻيا علائقه جيڪي چارلس نيپئر چاهي اهي انگريز سرڪار جا هوندا.
انهيءَ نموني انگريز سنڌ ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪرڻ لڳا ۽ سنڌ ۾ ٻن ڌرين جون حڪومتون قائم ٿي ويون. هڪ طرف انگريز سامراج هو ۽ ٻئي طرف مير هئا، جن جو هڪ ٻئي سان اڻ بڻت هئي ۽ هڪ ٻئي سان ڪيني رکڻ ڪري پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻي رهيا هئا ۽ هڪ اهڙي سامراج کي سنڌ ۾ اندو، جنهن لاءِ منشي عطا محمد شڪار پوري لکيو آهي ته: ”جنهن ملڪ ۾ هڪ انگريز اچي وڃي، ان کي هڪ نه سمجھو، ڇاڪاڻ ته هو هزار ياجوج ماجوج پاڻ سان رکندو آهي. جتي سوين انگريز اچي گڏ ٿين ته سمجھي وڃو ته هزار شيطان اتي به پهچي ويا هوندا.“
چارلس نيپئر ماهه سيپٽمبر 1942ع ۾ سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿي آيو. لارڊ ايلنبرو جي سيڪريٽري ميجر آوٽ رام کي لکيو ته جيڪو به ڏيهي نواب يا راجا سر ڪشي اختيار ڪري ته ان کي سڌو ڪيو وڃي.
انهيءَ زماني ۾ افغانستان جي جنگ هارائڻ ڪري انگريز سخت پريشان هئا ۽ خوف هين ته ڏيهي راجا ۽ حاڪم ان مان فائدو وٺي بغاوت جو جھنڊو بلند نه ڪن. چارلس نيپئر ٽالپورن جي پاڻي ڪڇي ويو هو ۽ هن اهڙو اطلاع لارڊ ايلنبرو کي ڏنو ته سنڌ کي ڦٻائڻ نهايت ئي سولو ڪم آهي. انهيءَ ڪري مٿيون معاهدو سنڌ مٿان ٿاڦيو ويو.
مير رستم خان سمجھي ويو ته انگريز ڪيئن به ڪري سنڌ تي قبضو ڪندا، تنهن ڪري هن بهتر ائين سمجھيو ته خير پور جي گادي تان دستبردار ٿيان. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف سندس پٽن جي جاءِ نشين تي جھيڙو هو، ٻئي طرف انگريز جي فوجي طاقت وڌي رهي هئي ۽ ٽئين پاسي مير علي مراد هن جي سخت خلاف هو. تنهن ڪري هن فيصلو ڪيو ته هو انگريزن وٽ وڃي پناهه وٺي. ان ڪري هن چارلس نيپئر کي هڪ خط لکيو، جنهن جي جواب ۾ هن لکيو ته هو علي مراد وٽ وڃي.
مير رستم علي مراد ۽ ٻين سان ڪوٽ ڏجي ۾ گڏيو ۽ انگريزن جي سازشن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جي صلاح ڏني، پر مير علي مراد جي دل گدڙ هو، تنهن سڀ ڪجھه وٺڻ کان پوءِ به انگريزن کي مير رستم جي ڳالهين کان آگاهه ڪيو، جنهن ڪري چارلس نيپئر هن سان ملڻ جي خواهش ڪئي پر رستم خان سمجھي ويو ته هي هڪ چال آهي ۽ کيس خبر هئي ته چارلس نيپئر مير علي مراد جو طرفدار آهي ۽ هو ڪا وڏي مصيبت آڻيندو جنهن ڪري هو خيرپور خالي ڪري ڪوٽ ڏجي وڃي نڪتو.
چارلس نيپئر کي جڏهن مير رستم جي ان ارادي جي خبر پئي ته هو ڪوٽ ڏجي تي ڪاهي ويو، جتان مير رستم ريگستان ڏانهن ڀڄي وڃڻ تي مجبور ٿي پيو ۽ قلعي امام ڳڙهه ۾ پناهه ورتي. چارلس نيپئر هن جو پيڇو نه ڇڏيو ۽ 12 جنوري 1843ع تي قلعي امام ڳڙهه تي حملو ڪري مير رستم کي اتان نڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ هو پنهنجن ننگن سان گڏ دربدر جو ٺوڪرون کائڻ لڳو. سندس زال اٺ جي ڪجائي تان ڪري پئي جنهن ڪري ٻانهه ڀڄي پيس ۽ حالت اها وڃي ٿيس جو هو پنهنجا جواهر وڪڻي گذران ڪرڻ لڳو.
انهيءَ دوران مير رستم جو پٽ محمد حسن مير نصير خان کان مدد وٺڻ لاءِ حيدر آباد اچي پهتو. 2 محرم 1259 هجري مطابق 1843ع تي مير رستم آل و عيال سميت حيدر آباد ۾ اچي پناهه ورتي.
چارلس نيپئر ٽالپورن جي ڪمزورين کان فائدو وٺندو حيدر آباد جو رخ رکيو ۽ ميرن تي دٻاءُ وڌو ته جيئن انگريز چاهن ٿا توهان کي ائين ڪرڻو پوندو. جنهن لاءِ ميجر آوٽ رام وٽ ويا، جتي ميرن طرفان انگريزن کي خاطري ڏياري ويئي ته هو لکت ۾ غلامي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
انهيءَ دوران مير ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا، هڪڙن جو خيال هو ته انگريزن سان لڙائي ڪجي ۽ ٻيا چون پيا ته اهو ناممڪن آهي. پر تنهن هوندي به مير نصير خان دل ٻڌي ۽ ٽيهن هزارن تائين لشڪر گڏ ڪيو ۽ 15 فيبروري 1843ع ۾ انگريز ريزيڊنسي تي ڪاهه ڪئي.
17 فيبروري 1843ع تي ٽالپورن جو لشڪر جن کي تاريخ نويسن بلوچ لشڪر چيو آهي، مولائي شيدائي ٻڌائي ٿو ته انهن ٽيهه هزار لشڪر ۾ ستاويهه هزار بلوچ شامل ٿئا. تنهن جو مطلب ته باقي ٽي هزار سنڌي هوندا. ٻئي طرف انگريز سامراج وٽ 2300 فوجي ۽ اٺ توپون هيون ۽ ميرن وٽ ٻارهن توپون هيون.
انگريز ۽ ٽالپور لشڪر درميان انهيءَ ڏينهن واري جنگ کي جنگ مياڻي چيو وڃي ٿو. جنهن ۾ سخت مقابلو ٿيو ۽ پنج هزار ٽالپرن جو لشڪر مارجي ويو ۽ اهو شڪست کائي ڀڄي ويا.
ميرن کي شڪست کان پوءِ اچي خوف ٿيو ته متان مير صوبدار جيڪو انگريزن جو ڇاڙتو هو، کين گرفتار ڪرائي، اهو خيال ڪري انگريز آڏو جھڪيا ۽ چارلس نيپئر کي چورائي موڪليو ته هو ساڻس ملڻ گھرن ٿا، جنهن کين وقت ڏنو. جڏهن بيوقوف ٽالپر انگريز سپهه سالار جي ور چڙهيا ته ان کين گرفتار ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ انگريز فوج بغير ڪنهن مزاحمت جي حيدر آباد جي قلعي ۾ داخل ٿي ويئي ۽ ميرن جي ميڙيل دولت پنهنجي قبضي ۾ آندي. مولائي شيدائي ڄاڻائي ٿو ته قلعي مان انگريز کي ڏهه لک پائونڊن جو مال هٿ آيو ۽ جواهرات ان کان سواءِ هئا. انهيءَ ڏينهن 21 جنوري 1843ع ۾ انگريزن سنڌ جي غلامي جو اعلان ڪيو.
مير صوبدار جنهن سنڌ سان غداري ڪئي، تنهن لاءِ پهاڪو جڙيو ته: ”ميرن کي به گھران لڳي هئي.“ انگريزن پهريان هن کي ميرن جو سرواڻ ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پر 23 فيبروري 1843ع تي کيس گرفتار ڪيو ۽ سندس انجام اهڙو ٿيو جيڪو هڪ غدار سان ٿيڻ گھرجي.
هن کان پوءِ سنڌ واسين جو لشڪر مير شير محمد جي نظر هيٺ سنڌ مان ڌارين جي پاڙ پٽڻ لاءِ گڏ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 24 مارچ 1843ع ۾ دٻي جي هنڌ سخت جنگ لڳي جنهن ۾ سنڌي جوڌو هوش محمد سنڌ تان جان نڇاور ڪري هميشه اسان وٽ مثال بڻجي زنده ٿي ويو ۽ اڄ به ان جو ميدان جنگ ۾ لڳل نعرو: ”مرسون مرسون پر سنڌ نه ڏيسون“ گونجي رهيو آهي. هن بهادر ۽ غيرتمند سنڌي جي تعريف انگريز سامراج جي ڇاڙتن ۽ سندس قاتل چارلس نيپئر به ڪئي آهي.

انگريز سامراج ۽ سنڌي

انگريز جيئن هندستان کي هڙپ ڪري ويا، تنهن کان وڌيڪ آساني سان سنڌ کي غلام بڻائي ويا. جنهن جي سڄي ذميواري سنڌين جي نا اهل حڪمرانن جي سر آهي. نه پاڻ ۾ وڙهن ها ۽ نه وري سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٽن حڪومتن جو بنياد وجھن ها. جيڪڏهن اهي گڏ هجن ها ته شايد اڄ سنڌ جي صورتحال ڪجھه ٻي هجي ها!
بهر صورت ميرن مان ڪن غدارن ۽ بزدلن جي ڪري سنڌي انگريز سامراج جا غلام بڻجي ويا، جن وڙهايو ۽ حڪومت ڪرڻ جي پاليسي تي عمل ڪندي، سنڌي سنڌي کي پاڻ سان وڙهايو.
جيڪا دونهين ميرن دکائي هئي، ان کي شعلي ۾ انگريزن تبديل ڪيو، يعني ميرن مذهبي تعصب جو بنياد وڌو، مسلم ۽ غير مسلم جو تفرقو پيدا ڪيو، جنهن ڪري سنڌو هندو ۽ سنڌي مسلمان هڪ ٻئي کان پري ٿي ويا. انهيءَ مذهبي تعصب کي وڌيڪ اڀارڻ ۽ پنهنجي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ انگريزن هندو سنڌين تي ڪرم نوازي شروع ڪئي. جنهن ڪري مذهبي تعصب ۾ واڌارو آيو ۽ سنڌي هڪ ٻئي کان پري ٿي ويا. تان جو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندو سنڌي پنهنجو مادر وطن ڇڏي هندستان هليا ويا.
حقيقت ۾ انگريز سنڌ کي حاصل ڪري پڇتايو هو پر پوءِ ان کي غاصبانه نموني هلائڻ جو پهه ڪري نفرتن جي ٻوٽي کي وڌائي وڻ ڪيو. انهن مسلمان سنڌين جي بنسبت هندو سنڌين کي نوازڻ شروع ڪيو. مسلمان سنڌي جي ڀيٺ ۾ هندو سنڌي وڏي اهميت ڏني ويندي هئي. انهيءَ ٻٽي معيار رنگ لاتو.
سنه 1843ع ۾ سنڌ کي صوبائي حيثيت ڏيئي هندستان جو هڪ صوبو بنايو ويو ۽ ان جو پهريون گورنر سر چارلس نيپئر کي ئي مقرر ڪيو ويو. ۽ 1847ع ۾ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري ان کي بمبئي صوبي جي ڪمشنري قرار ڏئي مسٽر پرنگل کي سنڌ جو پهريون ڪمشنر مقرر ڪيو ويو.
سنڌين انگريزن جي هٽ ڌرمي ۽ غلامي کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ شروعات کان وٺي پنهنجي مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو پر جڏهن سنڌ ملڪ جي حيثيت صوبائي حيثيت کان گھٽائي ڪمشنري جي درجي تائين رکي ته سنڌين سمجھي ورتو ته انگريز انهن جي وجود کي مٽائڻ گھرن ٿا ۽ اهڙن ٻين حڪمن کان پوءِ سنڌي پنهنجو تشخص وڃائي ويهندا، جنهن ڪري وقت جي سياسي رهنمائن سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ جي جدوجهد شروع ڪئي، جنهن ۾ سنڌين پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ پر امن نموني بمبئي کان الڳ ٿي پنهنجي سياسي حيثيت مڃرائي.
سنڌ کي الڳ صوبي جي حيثيت ڏيڻ لاءِ 3 مراچ 1936ع تي هڪ فرمان جاري ٿيو، جنهن موجب پهرين اپريل 1936ع تي سنڌ کي صوبائي حيثيت ڏني ويئي ۽ نوي سالن کان پوءِ سنڌ کي غلامي جي حالت ۾ ملڪ طور تسليم ڪيو ويو ۽ آخري ڪمشنر گبسن جي جاءِ تي سر لانسي لاٽ گراهم گورنر سنڌ ٿي آيو.
سنڌي آزادي جا متوالا ۽ سرڪشي جا ڪوڏيا هئا، تن انگريز سامراج کي نفرتن سان ڏٺو ۽ انهيءَ جي بالا دستي کي قبول نه ڪيو ۽ انهن جي تعليمي ادارن ۾ پنهنجن ٻارن کي پاڙهڻ به مناسب نه سمجھيو، جيتوڻيڪ انهيءَ قدم سان سان سنڌين کي وڏو نقصان رسيو. هو پنهنجو وس ۽ وت آهر انگريزن کي حقارت سان ڏسندا هئا، جڏهن انگريز ديسي ماڻهون فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيا ته سنڌين انهن جي نوڪري ڪرڻ کي پنهنجي بي عزتي ۽ غيرت جي خلافت سمجھيو ۽ ان ۾ شامل ڪونه ٿيا.
جڏهن 18 مئي 1857ع ۾ انگريزن جي خلاف نفرت جو طوفان اٿي کڙو ٿيو، جنهن کي انگريزن ”بغاوت هند“ سڏيو آهي ۽ اسان جنگ آزادي 1857ع قرار ڏيون ٿا. تنهن ۾ سنڌين پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ ڌارئي کان نفرت ڪرڻ واري تحريڪ ۾ پوئتي نه رهيا. جيتوڻيڪ هن تحريڪ جو مرڪز سنڌ کان گھڻو پري هو، ۽ انهن جو لاڳاپو به گھٽ هو، پر انگريز سامراج جي خلاف اٿاريل مهم ۾ انهن کان پوئتي ڪونه هئا.
سنڌين مان انگريزن کي خوف هو، تنهن ڪري انهن اڳواٽ انتظام ڪري ڇڏيو. پر هي جوان مڙڻ جا ته ڪين هئا. انهن کي خاموش رکڻ لاءِ جان جيڪب جيڪو فريئر جي موڪل تي وڃڻ ڪري سنڌ جو ڪمشنر هو، تنهن سنڌين کي حڪم ڏنو ته هو گھرن مان ٻاهر نه نڪرن ۽ ڪراچي ۾ ڪرفيو لڳائي ڇڏيو. ان هوندي به سنڌي جوڌا ڪونه مڙيا ۽ پنهنجو جھنڊو جھولائيندا سنڌين کي گڏ ڪندا رهيا.
انگريزن کي يقين ٿي ويو هو ته هو سنڌي هندستان جي ٻين قومن سان سهڪار نه ڪندا ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي زور آور طاقت سان سنڌ کي پنهنجي پر ۾ ڪنڌ ڪڻڻ جهڙو نه ڇڏيو هو. انهيءَ يقين سان ڪمشنر سنڌ 29 جون 1857ع ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ يورپي باشندن جي هڪ گڏجاڻي ۾ يقين ڏياريو هو ته سنڌ ۾ ڪوبه فساد ٿي نه ٿو سگھي.
13 سيپٽمبر 1857ع ۾ ڪراچي ۾ فوجي بغاوت جو انڪشاف ٿيو ۽ الزام ۾ پلاٽون نمبر 21 جا 25 سپاهي گرفتار ڪيا ويا ۽ انهن جي اڳواڻ رامدين، احمد خان چانڊيه جي ڳوٺ مان گرفتار ڪري انهن تي 16 – 17 سيپٽمبر تي مارشلا تحت ڪورٽ مارشل ڪري 10 ڄڻن کي سزاءِ موت جو حڪم ڏنو ويو، جن مان ستن کي ڦاهي ۽ سنڌين کي وڌيڪ حراس ڪرڻ لاءِ ٽن ڄڻن کي توبن جو منهن ۾ ٻڌي ذرا ذرا ڪري اڏاريو ويو.
ڊاڪٽر زرداري روزنامه قاصد جي حوالي سان لکيو آهي ته ڦاهي ڏنل ستن ڄڻن جي لاشن کي تلوارن سان ذرا ذرا ڪيو ويو ۽ پوءِ هڪ وهندڙ نالي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.
حيدر آباد ۾ پڻ آزادي جي متوالن 13 پلاٽون ۾ شورش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انگريز انهن تي حاوي ٿي ويا. سنڌ ۾ جوڌن جو منصوبو هو ته پهريان حيدر آباد جو قلعو قبضي هيٺ آڻي، ان کي مکيه محاذ طور استعمال ڪجي ۽ پوءِ جيڪب آباد، سکر ۽ شڪار پور ۾ انگريزن خلاف تحريڪ هلائجي. جيئن ته انگريزن جا هٿ ڊگھا هئا، تنهن ڪري اهي ڪوششون ڪامياب ٿي نه سگھيون ۽ حيدر آباد ۾ بغاوت ڪندڙ گرفتار ٿي ويا ۽ هڪ حوالدار کي توب سان اڏائي شورش کي ڪچليو ويو.
شڪار پور ۾ 14 نمبر پلاٽون جي سپاهين هٿيارن تي قبضو ڪري مورچا ٺاهي ديس دشمن سان لڙيا، پر خير پور جي مير علي مراد جي سازش سان جوڌا گرفتار ٿيا ۽ کين موت جي سزا ڏني ويئي. اهڙي طرح سان سکر ۾ به بغاوت بلند ٿيڻ جو امڪان هو، پر وقت کان اڳ انگريز سامراج جي حامين ۽ غدارن ڪري ناڪام ٿي.
جيڪب آباد ۾ دريا خان جکراڻي ٻين جي مدد سان عوامي تحريڪ هلائڻ جو پروگرام سٽيو هو، پر اتي پهچڻ سان گرفتار ٿي ويو. مطلب ته سنڌي انگريز سامراج جي خلاف هر تحريڪ ۾ شامل رهيا ۽ پوءِ ته پنهنجي نويڪلي سر به ڪين گھٽايو.
تحريڪ ريشمي رومال تحريڪ ۾ سنڌين پنهنجو پاڻ ملهايو، جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولانا تاج محمود امروٽي ۽ ٻين سڌي رهنمائن، ديس کي ڌارين کان آزاد ڪرائڻ لاءِ هڪ وڏي جدوجهد جو آغاز ڪيو، پر ڪن سببن جي ڪري ناڪام ٿي ويا ۽ مولانا سنڌي جلاوطني جي زندگي گذاري ۽ 7 مارچ 1937ع ۾ ڪراچي واپس آيو.
سنڌين ڪڏهن به انگريزن کي برداشت نه ڪيو، جنهن ڪري انهن جي خلاف سنڌ مان تحريڪون هلنديون رهيو ۽ خلافت تحريڪ جو مرڪز به سنڌ رهيو ۽ انگريزن کان نفرت جي اظهار طور پهرين ريل گاڏي 7 جولاءِ 1920ع تي لاڙڪاڻه مان رواني ٿي، جنهن جو قائد مرحوم جان محمد جوڻيجو هو. سنڌين انگريز غلامي کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ افغانستان ۾ پناهه وٺڻ ۽ مهاجر ٿي رهڻ قبول ڪيو، جتي به افغان مسلمانن کين سان نه نڀايو.
سنڌين پنهنجي نفرت جو اظهار حر تحريڪ م کليءَ طرح سان ڪيو، جنهن ڪري انگريز سامراج کي سنڌ ۾ مارشلا هڻڻي پئي. سنڌين کي حُر ڪئمپون قائم ڪري نوان جيل ٺاهي، انهن ۾ قيد ڪيو ويو. هن تحريڪ جي باني ۽ روحاني پيشوا، پير صبغت الله ثاني کي انگريز سامراج جي خلاف اٿاريل تحريڪ جي جرم ۾ 20 مارچ 1943ع تي ڦاسي ڏني ويئي، پر سنڌين جي دل ۾ آزادي جي شمع ٻرندي رهي ۽ اهي انگريز سامراج سان نفرت ڪندا رهيا، جنهن ۾ ايترا ته مدهوش ٿي ويا، جو هو آزادي جا ڳالهه ڪندي به غلامي جي سنهري ڄار ۾ وڃي ڦاٿا.