آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

گوندرَ ويا گذري

ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو“
  • 4.5/5.0
  • 1154
  • 344
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book گوندرَ ويا گذري

سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

پهريون ڇاپو: 2014ع
ڪتاب جو نالو : گوندر ويا گذري (يادگيريون)
ليکڪ: جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاهه
ڪمپيوٽر لي آئوٽ: عبيدالله ميمڻ
ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
قيمت : 350/= رپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com


"GOONDAR WAYA GUZRI”
(An Autobiography)
By: Justice (R) Syed Deedar Hussain Shah
Published by: Sindhica Academy,
B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400
Phone: 021-32737290, 0335-2233801 www.sindhica.org
Email: sindhica_academy@yahoo.com

سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03003044745-03352233802
سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، عباس ابڙو شڪارپور فون: 03362870897 وسيم ڪتاب گهر لکي در . سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور.
ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037


لکپڙهه لاءِ
سنڌيڪا اڪيڊمي
B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400 

انتساب

پنهنجي مرحوم امڙ امام زاديءَ ۽
مربي ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه
جي نالي، جن جي پرورش ۽ تربيت
هيٺ رهي مان زندگيءَ ۾
ڪجهه ڪرڻ جي لائق بڻيس.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گوندر ويا گذري“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري سياستدان، قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاھ جي يادگيرين جو مجموعو آھي. شاھ صاحب لکي ٿو:
”پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. پوءِ لکڻ شروع ڪيم، اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو. هن ڪتاب لکندي، زندگيءَ جا ڪيترائي ڪڙا توڙي مٺا تجربا سامهون آيا، جيڪي سڀ لکڻ جهڙا هئا، پر پوءِ منهنجي اندر اهو فيصلو ڪيو ته انهن تجربن مان لکڻ رڳو اهي گهرجن جيڪي گهڻن لاءِ فائدي وارا هجن ۽ جن جو واسطو، چڱائي ۽ نيڪيءَ سان هجي.“
ھي ڪتاب 2014ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

ساٿ سلامت سنڌ سلامت



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پنهنجي پاران

دنيا جهان جي گهڻين ئي مصروفيتن مان جند ڇڏائي جڏهن پنهنجي عمر جي پوئين پڙاوَ ۾ گهر اندر ويهي آرام ڪرڻ جو سوچيو هوم، تڏهن زندگيءَ جي الڳ الڳ وقتن تي ڪي پل گذاريندڙ يارن دوستن، بيحد اصرار ڪيو ته پنهنجي زندگيءَ جي ڪِن اهم يادگيرين کي لکان. ائين پنهنجو گذريل وقت جيڪو مون سان گڏ ئي دفن ٿي وڃڻو آهي، ان کي پاڻ کان الڳ ڪري ايندڙ پيڙهين تائين پهچائڻ جو ويچار به اندر ۾ جاڳيو. جيتوڻيڪ مان لکندڙ ته نه رهيو آهيان، جيڪو لکيو اٿم، اهو هڪ الڳ لکڻ آهي جنهن کي قانوني لحاظ کان ته گهڻي اهميت آهي، پر ان لکڻ جو منهنجي ذات سان ڪوبه تعلق نه آهي. ها! انهيءَ سموري عرصي دوران جيڪو ڏٺو اٿم، ٻڌو اٿم ۽ محسوس ڪيو اٿم، اهو سڀ دل جي دفتر منجهه ضرور محفوظ آهي، جنهن کي ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندي ڪجهه ڪالمن جي صورت ۾ ڏهاڙي اخبار عوامي آواز ۾ ڇپرايم. دوستن ۽ پڙهندڙن انهن ڪالمن جي ساراهه ڪئي، ايئن مون به دل پڪي ڪئي ۽ پنهنجي يادگيرين کي لکڻ ويٺس.
اهو ضرور ٿيو آهي ته انهن کي سن وار ڪا به ترتيب نه آهي، يادگيريون جيئن اينديون ويون آهن ائين انهن کي لکيو اٿم. پوءِ به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته پنهنجي زندگيءَ جا ممڪن حد تائين اهڙا واقعا ۽ قصا قلمبند ڪريان، جيڪي ايندڙ پيڙهين کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ اتساهين پر انهن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ ۾ ڪا مدد به ڪن. جيڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ تجربن، (جيڪي مان هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان) مان کين ڪنهن موڙ تي ڪا به رهنمائي ملي ته مان پنهنجي لکڻ کي سجايو سمجهندس جو منهنجو هيءُ ڪتاب علمي توڙي عملي زندگي ۾ ڪن شخصن جي رهنمائي ڪري سگهيو.
زندگيءَ ۾ هر شخص کي ڪيترن ئي الڳ الڳ مسئلن جي سامهون ٿيڻو پوي ٿو، زندگي وهندڙ درياهه جيان آهي، ها ان ۾ ڪڏهن ماٺائي هوندي آهي ته ڪڏهن تيز وهڪرو هوندو آهي، جيڪو ڪنارا ٽوڙي، ڪيتري علائقي کي ٻوڙي ڇڏيندو آهي، بلڪل ائين ماڻهوءَ جو اندر به آهي، جنهن لاءِ ڀٽائي سائين چيو آهي ته:
ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن،
سرتيون سارو ڏينهن، هينئون جاءِ نه هڪڙي.
هن ڪتاب لکندي، زندگيءَ جا ڪيترائي ڪڙا توڙي مٺا تجربا سامهون آيا، جيڪي سڀ لکڻ جهڙا هئا، پر پوءِ منهنجي اندر اهو فيصلو ڪيو ته انهن تجربن مان لکڻ رڳو اهي گهرجن جيڪي گهڻن لاءِ فائدي وارا هجن ۽ جن جو واسطو، چڱائي ۽ نيڪيءَ سان هجي، پر گلن سان گڏ ڪنڊن جو هجڻ به ضروري آهي، جنهن جو احساس پڙهندڙن کي ڪٿي نه ڪٿي ضرور محسوس ٿيندو. ڇا ڪجي زندگي جا اهي سڀ تجربا انسان کي ملن ٿا. ها البت لکڻ وقت واقعي کي اهميت ڏيڻ ۽ نه اهميت ڏيڻ منهنجي نجي ذميداري آهي ته ڪهڙي واقعي کي لکان ۽ ڪهڙي کي نه لکان. ڪي واقعا لکڻ به گهريم پئي، پر محسوس ڪيم ته انهن سان ڪن دوستن ۽ دل گهرين جي دل آزاري ٿيندي، ان ڪري انهن کي ڇڏي ڏنو اٿم. پوءِ به ڪوشش ڪئي اٿم ته جيڪو سچ آهي يا جنهن کي مان سچ سمجهان ٿو، اهو ضرور لکان، ائين لکندي لکندي، هڪ داستان ٿي ويو آهي، جنهن ۾ منهنجي شخصي زندگي به آهي ته منهنجي پروفيشنل زندگي به آهي ۽ ان زندگيءَ ۾ شامل منهنجي سياسي زندگي به آهي.
هن ڪتاب ۾ منهنجا عزيز به آهن ته دوست، مهربان به آهن ته نامهربان به آهن. مطلب ته ڏک به آهن ته سک به آهن، هونئن به زندگي ڏکن سکن جو گڏيل هڪ گلدستو آهي، جنهن جي خوشبوءِ به سٺي آهي ته رنگ به سٺا آهن. ائين ضرور ٿيندو آهي ته ڪن حالتن ۾، ڪجهه وقت لاءِ اها خوشبوءِ گهٽجي ويندي آهي ۽ رنگ ڪجهه ڇڊا ٿي ويندا آهن پر وري مند موٽڻ تي سڀ ڪجهه سهڻو ٿي پوندو آهي، منهنجي زندگيءَ ۾ به ڪيئي لاها، چاڙها آيا آهن، جن سڀني سان نڀايو اٿم. ڪيتريون ئي خوشيون مليون آهن ۽ ڪيترائي ڏک اکيون آليون ڪري ويا آهن، پر زندگيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه سهڻو پوي ٿو ۽ جيڪڏهن انهيءَ سموري زندگيءَ مان وري ٻين جي زندگيءَ کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ملي ته اها لکڻ جي صورت ۾ ئي ممڪن آهي، مون اها ڳالهه ذهن ۾ رکي هيءُ ڪتاب لکيو آهي.
هاڻي جڏهن محسوس ڪيان ٿو ته ڏک، سک، سڀ گوندر گذري ويا آهن، تڏهن هن ڪتاب کي نالو ڏنو اٿم ”گوندر ويا گذري“.
مان هاڻي جنهن عمر ۾ آهيان، ان عمر ۾ هيءُ نالو منهنجي ڪتاب لاءِ موزون آهي. زندگيءَ ۾ موهه رهي ئي ٿو. هن دنيا سان تعلق ٽوڙڻ ڏاڍو ڏکيو به آهي پر هڪ ڏينهن ماڻهو اهڙي عمر ۾ اچي ٿو، جڏهن هو سمجهي ٿو ته هاڻي هن جهان ۾ جيڪي ڪجهه آهي، اهو سندس ڪم جو نه آهي. ائين مان به محسوس ڪيان ٿو ته مون لاءِ هاڻي اهم ڪم پنهنجا تجربا ورهائڻ آهي، جيئن اهي ايندڙ نسل کي ڪم اچن. ان نسل کي جنهن جي آڏو سڄو جهان پيو آهي، مون کي اميد آهي ته منهنجو هيءُ ڪتاب انهن جي رهنمائي ڪندو. جيتوڻيڪ هيءُ ڪتاب مون پنهنجي تسڪين لاءِ ئي لکيو آهي پر اهو ڇپجڻ کانپوءِ منهنجي ملڪيت نه رهندو. اهو پڙهندڙن جي ملڪيت هوندو. هن ڪتاب ۾ مون پنهنجن دوستن کي جيئن ڏٺو آهي، محسوس ڪيو آهي، ائين ئي انهن جو ذڪر ڪيو آهي. دوستن، عزيزن ۽ واقعن جي ذڪر ۾ جيڪي آهي، اهو منهنجي اندر جو سچ آهي، اهو سچ جيڪڏهن ڪنهن به شخص کي خراش پهچائي ٿو ته مان ان کان اڳواٽ معافي گهران ٿو، هن ڪتاب لکڻ وقت، ڪنهن به شخص کي ڏکوئڻ منهنجو مقصد نه آهي. پوءِ به ممڪن آهي ته ڪنهن کي رنجش پهچي، ڇاڪاڻ ته اسين سڀ انسان ئي ته آهيون ۽ ڪو به انسان سڀني کي خوش رکي نٿو سگهي.
هن آتم ڪهاڻي لکڻ ۾ منهنجي ڪراچيءَ جي دوستن جو وڏو عمل دخل آهي، جيڪي گڏجي صبح جو نثار شهيد پارڪ ۾ واڪ ڪندا آهيون، واڪ کان پوءِ اڌ ڪلاڪ ڪچهري ڪندا آهيون ۽ هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ به ڪندا آهيون. مان انهن سڀني دوستن جو شڪر گذار آهيان جن منهنجي هن آتم ڪهاڻي لکڻ ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪئي.
هن آتم ڪهاڻيءَ کي لکڻ ۾ محترم منصور علي ميمڻ ۽ محترم امجد علي مستوئي، جي گهڻي محنت آهي جن منهنجي زباني ڊڪٽيشن وٺي ڪتاب لکيو ۽ بعد ۾ فيئر ڪري عوامي آواز اخبار جي سنڊي مئگزين کي اشاعت لاءِ ڏنو. اخبار کي وقت تي پهچائڻ ۾ محترم شهباز خان پريو ۽ محترم شهزاد رسول وڏي محنت ڪئي. انهن جي جانفشاني ۽ محنت جي نتيجي ۾ 47 قسطون متواتر عوامي آواز جي سنڊي مئگزين ۾ شايع ٿيون.
مئگزين ۾ هن ڪٿا کي شايع ڪرڻ جو حقيقي سهرو ڊاڪٽر عبدالجبار خٽڪ چيف ايڊيٽر، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو مئنيجنگ ايڊيٽر، جي اين مغل ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ ايڊيٽرس مسٽر محمد قاسم راڄپر ڊپٽي ايڊيٽر ۽ انچارج مئگزين سيڪشن جي تمام گهڻي محنت آهي. ان سان گڏ عوامي آواز جي ساٿي نوجوان اديب ۽ صحافي مسٽر رکيل مورائي جو جنهن ڪتاب کي شروع کان آخر تائين سهڻو بڻائڻ ۾ ساٿ ڏنو ان سان گڏ مسٽر زرار پيرزادو، ذوالفقار واهوچو ۽ اسد چانڊيو، جن سڀني جو شڪرگذار آهيان.
ڪتابي صورت ۾ هن ڪٿا کي صحيح نموني ۾ ڇاپڻ ۽ وقت تي سٺي پني ۽ صفائيءَ سان ڇپائي پڌرو ڪرڻ ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي جي چيئرمين مسٽر نوراحمد ميمڻ جو به تهه دل سان شڪرگذار آهيان.
ڪريم بخش قريشي، عبدالڪريم صديقي، ايس ، اي ڌاريجو، خالد ورماڻي، سيٺ ڄيٺانند ڪو هستاني، ڊاڪٽر الطاف حسين تنيو جو به شڪريو بجا آڻيان ٿو جن فراغ دليءَ سان، محبت ۽ خلوص سان منهنجي رهنمائي ڪئي.


سيد ديدار حسين شاهه

ٻه اکر

مون کي پنهنجي جهوني دوست ۽ عدالتي هم نشين سائين ديدار حسين شاهه جي ”آتم ڪهاڻي“ جي مسودي جو مطالعو ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو. شاهه صاحب هڪ نفيس، سچو، صاف سٿرو، بااخلاق، کلمک ۽ سدائين همدردي رهندڙ انسان رهيو آهي. سندس زندگيءَ تي نظر وجهبي ته چٽي طرح معلوم ٿيندو ته هن پنهنجي نيڪ نيتي، صاف گوئي، محنت ۽ اورچائيءَ سان سيڪنڊري ٽيچر کان زندگي شروع ڪري سپريم ڪورٽ جج جي عهدي تي فائز ٿي قومي ۽ ملڪي سطح تي باعزت مقام حاصل ڪيو.
پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ شاهه صاحب پنهنجي زندگيءَ جا بي شمار واقعا درج ڪيا آهن، جن ۾ سندس ابتدائي ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ، سماجي ۽ شهري خدمات ادا ڪرڻ، لوڪل گورنمينٽ جي اليڪشن کان وٺي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر ٿيڻ جو پسمنظر ۽ ان دور جي ماحول تي تفصيل سان روشني وڌي آهي. هن پنهنجي علائقي جي سياستدانن ۽ بين الاقوامي ليڊرن جهڙوڪ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس نامور نياڻي شهيد بينظير ڀٽو سان سندس واسطيداري ۽ صحبت مان حاصل ٿيل تجربن جو دل جي صفائي ۽ گهرائيءَ سان ذڪر ڪيو آهي جيڪي سندس ڪامياب زندگيءَ جو سبب بڻيا.
سندس لکڻي حقيقت پسندانه ۽ سچ تي ٻڌل آهي. هن بنا ڪنهن پاسخاطري ۽ لڳ لاڳاپي جي مختلف شخصيتن جي باري ۾ بي لاگ راءِ جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جي باري ۾ ٻيو رايو شايد مڪن نه هجي. البته پنهنجي دوستيءَ جو دم ڀريندي منهنجي باري ۾ جن بي بها ۽ قيمتي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. اهي حقيقت کان گهڻو پري ۽ وڌاءُ تي مشتمل آهن. در حقيقت آءٌ انهن خوبين جو مالڪ ڪو نه آهيان ۽ هميشه پاڻ کي سڀني کان ننڍو ۽ معمولي شخص سمجهندو رهيو آهيان. البته الله تعاليٰ جي در اها دُعا آهي ته هو پنهنجي بي پناهه ڪرم سان مون کي انهن صلاحيتن سان ڀرپور ڪري ڇڏي ته مون لاءِ افتخار جو سبب بڻبو.
شاهه صاحب جي تحرير ۾ ڪشش ۽ جاذبيت موجود آهي. سندس عدالتي زندگي جي حالات ۽ ملڪ کان ٻاهر سير، سياحت ۽ زيارتن جي باري ۾ قاريءَ لاءِ ڪافي دلچسپي جو سامان موجود آهي. البت رتوديرو جي مقامي سياسي حالات ۽ رقابتن وارن واقعات ۾ شايد سمورا قاري دلچسپي نه رکن. بهرحال مصنف پنهنجي سمجهه مطابق انهن واقعن کي ضروري سمجهي پنهنجي آتم ڪهاڻي جو حصو بنايو آهي، جنهن جو کيس مڪمل اختيار آهي.
شاهه صاحب جي بقول بطور جج مٿس جيالو جج هئڻ جو ليبل هئو پر منهنجي معلومات مطابق هُن اهڙو ڪوبه حڪم يا فيصلو جاري نه ڪيو، جنهن مان سندس سياسي وابستگي ظاهر ٿئي. درحقيقت هاءِ ڪورٽ جج جي عهدي تي فائز ٿيڻ کانپوءِ هُن بي شمار سياسي واسطيدارن ۽ واقفن کان پاڻ کي صحيح طور پري رکيو ۽ ساڻن ميل ميلاپ ختم ڪري ڇڏيو هو جيڪو سندس اصول پسند هجڻ جو ثبوت آهي.
الله تعاليٰ کان دعاگو آهيان ته کيس باقي زندگيءَ ۾ صحت ۽ تندرستيءَ سان سدا سلامت ڪامياب ۽ سرخرو ڪري.


جسٽس(ر) راڻا ڀڳوانداس

فخر واري زندگيءَ جي ڪهاڻي

برادرم محترم جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جي ”آتم ڪهاڻي“ جي تحريرن جو مجموعو تبصري لاءِ موصول ٿيو اٿم. جناب جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه کي سنڌ جو ٻچو ٻچو سڃاڻي ٿو. هو هڪ نيڪ، انسان دوست، علم دوست، باضمير ۽ خوش طبع انسان آهي. هو ٻين انيڪ خوبين جو مالڪ آهي. هو سيد خاندان جو هڪ هيرو آهي جو پنهنجي محنت سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جو جج ۽ چيئرمين نيب ٿي رهيو آهي. شاهه صاحب جا فيصلا ۽ آرڊر هن جي قابليت ۽ قانون جي ڄاڻ ٻڌائن ٿا.
منهنجي پهرين ملاقات شاهه صاحب سان 1995ع ۾ ٿي جڏهن شاهه صاحب سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. شاهه صاحب ۽ مان اپريل ۾ سپريم ڪورٽ ۾ اليويٽ (Elevate) ٿياسين ۽ اسان لاهور ۾ سپريم ڪورٽ جو جج ٿيڻ جو قسم کنيو. شاهه صاحب منهنجو هڪ سٺو دوست ۽ ڀاءُ ٿي رهيو آهي.
شاهه صاحب جي هي تصنيف ”آتم ڪهاڻي“ بيش بها زندگيءَ جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي ڪمزورين جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. آتم ڪهاڻي ۾ پنهنجي پيدائش کان حال تائين سٺي ۽ سچي انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي. شاهه صاحب سنڌ جي خدمت سان گڏ سنڌين ۾ غيرت عزت نفس، اخلاقي قدرن جي شناس، سياسي ۽ سماجي ڄاڻ ۽ سڃاڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
مونکي اميد آهي ته شاهه صاحب جي ”آتم ڪهاڻي“ مان اسان جا ڀائر سبق وٺندا ۽ پاڻ محنت، سچائي ۽ شفقت جي اصولن کي پنهنجي ڪاميابي جا اصول بنائيندا. آمين.
مونکي اميد آهي ته شاهه صاحب جي هيءَ محنت سندن دوستن ۽ محققن لاءِ گهڻو ڪارگر ثابت ٿيندي.

نيازمند
جسٽس (ر)حامد علي مرزا
2013-8-12

سچ ته بيٺو نچ

سيد ديدار حسين شاهه جي هن ڪتاب کي آتم ڪهاڻي يا autobiography چئي سگهجي ٿو پر هي ڪتاب شاهه صاحب جي زندگيءَ جي تمام ٿوري حصي جي يادگيرين بابت لکيل آهي. يادگيريون ڪنهن به آتم ڪهاڻيءَ جي وسيع ڪئنواس جو خام مال ٿي سگهن ٿيون پر آتم ڪهاڻي، انساني شعور ۽ رُشدَ جي عمر کان وٺي جيستائين هوش ۽ سمجهه آهي، انهيءَ سموري فاصلي کي پنهنجين يادگيرين جي ڄار ۾ پيل ماضيءَ کي، ذهن جي گهرائين مان ڪڍي حقيقت جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻي، مڪمل ڪري ٿي. تاريخ ۽ آتم ڪهاڻي (autobiography) ذري گهٽ هڪ ئي ڳالهه آهي ۽ انهن ٻنهي صنفن ۾ هڪ جهڙائي آهي. انهيءَ حقيقت جا قديم مثال، يوناني تاريخ نويس هيروڊوٽس جي ڪتاب ”تواريخون“، زينو فونسس جي تاريخ ”انابيسس“ ۽ جوليس سيزر جي يادگيرين جي ڪتاب ”Commentaries“ آهن. انهن ڪتابن ۾ روز مرهه جا واقعا اهڙي انداز ۾ لکيل آهن، جو اُهي بنيادي طرح سندن يادگيريون آهن، جيڪي کانئن پوءِ ايندڙ نسلن لاءِ املهه تاريخ جي بنيادي روپ ۾ ظاهر ٿين ٿيون.
711ع کان اڳ، سنڌ ۽ هند ۾ ڪا به لکيل تاريخ ناهي. انهيءَ معاملي ۾ سنڌ جا ڀاڳ هئا جو هڪ عرب سڳوري چچ نامو لکيو جيڪو هڪ وڏي عرصي کان پوءِ فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ صدين کان پوءِ سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿيو. اُن کانپوءِ ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دؤر ۾ ڪجهه تاريخون ٻُڌ سڌ ۽ ماضيءَ جي خط و ڪتابت تان ورتل معلومات تان لکيون ويون آهن جيڪي وقت جي سرڪار جي نقطه نظر جي آڌار تي تحرير ڪيون ويون آهن.
سنڌ صدين کان سُورن ۾ مبتلا رهي آهي، انهيءَ ڪري نڪي سرڪاري بنياد تي ڪا تاريخ لکي ويئي، نڪي ڪنهن پنهنجي عالم سڳوري يا دانشور پنهنجي سرزمين جي تاريخ لاءِ قلم کنيو. لڳي ايئن ٿو ته ذري گهٽ سڀ عالم سڳورا ۽ دانشور سنڌ ڌرتيءَ جا هُئا ئي ڪو نه. جي ڪجهه هئا به سي يا ته ڌارين جي سُورن کي سهي رهيا هئا يا سندن علم جي انهيءَ اهم حصي ڏانهن ڌيان ئي ڪو نه هو.
اسان کي وري به جيڪو تاريخي مواد هٿ لڳو آهي سو ارغونن ترخانن ۽ مغلن جي دؤر ۾ فارسيءَ جي عالمن جو لکيل آهي جنهن ۾ مظهر شاهجهاني، تحفة الڪرام، بيگلار نامه يا تاريخ طاهري وغيره آهي. انهن تاريخن ۾ گهڻو ڪجهه تاريخدانن ۽ عالمن پنهنجي حڪومتي پاليسين کي اجاگر ڪيو آهي. مظهر شاهجهانيءَ جي ليکڪ يوسف ميرڪ، اصل ۾ شهنشاهه هند کي دانهن ڏيڻ خاطر اها تاريخ لکي آهي ته سندن گورنر ۽ عملدار سنڌ ملڪ ۾ ڪهڙا غير انساني هاڃا ڪري رهيا آهن. اُن کانپوءِ جديد دؤر ۾ انگريز سفارتڪارن، فوجي اهلڪارن، سياحن ۽ سرڪاري عملدارن جون لکيل رپورٽون ۽ گورنرن سان ڪيل خط و ڪتابت ۾ اسان کي ويهين صديءَ جي پوئين اڌ۾ ارڙهين، اوڻويهه ۽ ويهه صديءَ بابت گهڻو ڪجهه تاريخي، جاگرافيائي، سماجي ۽ اقتصادي مواد ملي ٿو. اسان جي بدنصيبي آهي ته اسان سمن ۽ سومرن جون صحيح تاريخون نه لکي سگهيا آهيون. سائين ايم ايڇ پنهور سومرا ڪنگڊم لکي ته گهڻن همراهن، سومرن سميت اعتراض واريا. اعتراض وارڻ چڱي ڳالهه آهي پر ان سان گڏ تحقيق ڪرڻ نهايت ضروري آهي.
اهو بحث ڊگهو ٿي سگهي ٿو، پر هتي سيد ديدار حسين شاهه پنهنجين يادگيرين منجهان جيڪا آتم ڪهاڻي اُڻي آهي، سا توجهه جي قابل آهي. هڪ عام مڊل ڪلاس جي اشراف سيد گهر جو فرد، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر کان وٺي تعلقي ڪائونسل جي چيئرمين ٿيڻ ۽ پوءِ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ڊولپمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين چونڊجڻ کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. هڪ دفعو نه پر ٻه دفعا!، اها ڳالهه به عجب جهڙي آهي ته ٻئي دفعا سيد سڳوري، هڪ عام وڪيل جي حيثيت ۾، بنا ملڪيت جي، عتاب هيٺ آيل سياسي پارٽي جي ٽڪيٽ تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي رتي ديري تعلقي جي فيوڊل ڀوتار ۽ هر طرح تي مضبوط مخالف، اڳوڻي گورنر سنڌ، چيف منسٽر سنڌ ۽ فيڊرل منسٽر ممتاز علي ڀُٽي صاحب کي شڪست ڏني. سيد ديدار حسين شاهه کي پنهنجو ڪردار، عام ۽ خاص ماڻهن سان تعلقات ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ جا ڪرشما ڪم آيا ۽ شاهه صاحب سنڌ ليول تي عوامي نمائندو ٿي اسيمبليءَ ۾ پهتو. اهڙا مثال تمام گهٽ ملندا ۽ تاريخ اهڙن ماڻهن کي نمايان اکرن ۾ محفوظ ڪندي آهي. سيد ديدار حسين شاهه جي جي زندگيءَ ۾ ٻيو موڙ تڏهن آيو جڏهن پارٽيءَ جي وفادار ڪارڪن ۽ بااصول انسان ۽ ڄاڻو وڪيل جي حيثيت ۾ کين سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو. اتي ئي چيف جج پڻ ٿيو ۽ نيٺ شاهه صاحب پنهنجي ڪيريئر جي مٿانهين پوزيشن ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ جج مقرر ٿيو جتان هڪ صاف سٿري خدمت ڪرڻ کانپوءِ ريٽائر ٿيو.
وڏا ۽ اعليٰ درجي جا ماڻهو پنهنجيون يادگيريون لکندا آهن جن کي عام طور تي ادب ۾ آتم ڪهاڻي يا autobiography چئبو آهي. جيترو وڏو ماڻهو هوندو آهي اوترو منجهس ڏاهپ هوندي، پوءِ ڀلي اهو اديب يا شاعر يا دانشور هجي يا نه. سيڪنڊ ورلڊ وار کان پوءِ هر انهيءَ فرد جنهن پنهنجي حياتيءَ ۾ يا فرض ادائيگيءَ ۾ ڪي ڪارناما سرانجام ڏنا هوندا سي پنهنجي زندگيءَ بابت لکندا آهن. خاص ڪري سياستدان، ڏاها يا دانشور ۽ اعليٰ نوڪرين تي مقرر فرد. سنڌ جي وڏي ماڊرن شاعر شيخ اياز پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي. سنڌ جي ٻئي وڏي ماڊرن ڪهاڻيڪار جمال ابڙي به پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي پر جيڪا آتم ڪهاڻي، ماتليءَ جي هڪ وچئين ڪلاس جي رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ ”ڪيئي ڪتاب“ جي نالي سان لکي، سا گذريل صديءَ جي بهترين آتم ڪهاڻي آهي جنهن کي شيخ اياز ۽ جمال ابڙي جهڙا اعليٰ ذهين ليکڪ ۽ شاعر به نه پڄي سگهيا. جيتوڻيڪ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي نڪو اديب هو ۽ نڪي شاعر هو. اباڻي ملڪيت بمبئي کڻي ويو ته فلم ٺاهي هيرو ٿيان. سڀ ڪجهه ٿيو پر پاڻ هٿين خالي حيدرآباد موٽي آيو. موسيقي، راڳ، ناچ ۽ مهمانوازيءَ ۾ باقي ملڪيت کپائي، سڀني جي ڌڻيءَ جي درٻار ۾ وڃي حاضر ٿيو. پر آتم ڪهاڻي، سادي ۽ سڌي انداز ۾ واهه جي لکي ويو ۽ جيڪو لکيائين سچ لکيائين.
سيد ديدار حسين شاهه جي هن آتم ڪهاڻيءَ کان اڳ ادب جي انهيءَ صنف جي بابت ڪجهه تفصيل ڏيڻ کپن. Autobiography اکر سڀ کان پهرين 1809ع ۾ انگريزي شاعر رابرٽ سائودي استعمال ڪيو. مغرب جي ٻئي ڏاهي ڊاڪٽر جانسن پنهنجين يادگيرين ۾ لکيو آهي ته ڪو به ماڻهو پاڻ ئي پنهنجي متعلق بهتر لکي سگهي ٿو. انهيءَ جملي تي ادبي اعتراض ٿيا ته يادگيريون ڪڏهن ڪڏهن وفا نه ڪري سگهنديون آهن ۽ سچ کي لکندڙ پنهنجي خواهشن مطابق لکي ويندو آهي. اها ڳالهه خاص ڪري زان جيڪس روسو جي آتم ڪهاڻي Confessions بابت چئي ويندي آهي. روسو فرينچ شاعر ۽ فرينچ انقلابي جو اهم ڪردار هو پر سندس آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيل بيان ڪٿي ڪٿي سچ جي حدن کان مٿي نظر ايندا آهن جنهن ڪري سندس آتم ڪهاڻيءَ کي فرينچ ادب ۾ Fictional يا افسانوي به چوندا آهن. روسو 18 صديءَ جو فرينچ شاعر هو.
سورهين عيسوي صديءَ کان آٽوبايوگرافي جو رواج وڌندو ويو ۽ ڪجهه بهترين لکيل آتم ڪهاڻين جو تفصيل هن ريت آهي: بنجامن فرينڪلن جي ” Autobiography“، روسو جي ” Confessions“، 18 هين صديءَ ۾ ناول جي صورت ۾ آتم ڪهاڻي لکي ويئي. Defoe جي ”Robinson Crusoe“ (1719). نظم جي صورت ۾ آتم ڪهاڻي تمام ٿوري انداز ۾ لکي ويئي آهي. انهيءَ جو ڪلاسيڪل مثال مشهور انگريز شاعر ورڊس ورٿ جي منظوم آتم ڪهاڻي ”The Prelude“ 1805ع ۾ مڪمل ٿي ۽ شاعر جي وفات کان پوءِ 1850ع ۾ ڇپجي منظرعام تي آئي. فرينچ شاعر گوئٽي جي آتم ڪهاڻي 1809ع ۾ شايع ٿي. انگلش فلاسفر ۽ اقتصادي ماهر جان اسٽؤرٽ مل جي آتم ڪهاڻي 1873ع ۾ ڇپي. مشهور مضمون نگار ۽ فلسفي ٿامس ڪارلائل جي ”Spiritual Autobiography “ 1881ع ۾ منظرعام تي آئي. آمريڪن فڪشن لکندڙ مارڪ ٽوئن جي آتم ڪهاڻي ”Life on the Mississippi“ 1883ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي. مشهور دانشور چارلس ڊارون جي آتم ڪهاڻي “ Life & Letters of Charles Darwin” 1888ع ۾ آئي. آسڪر وائلڊ جي آتم ڪهاڻي ”Deprofundis“ ۽ مئڪسم گورڪيءَ جون آتم ڪهاڻيون ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ڇپجي آيون. پهرين ورلڊ وار کان پوءِ تمام سٺيون آتم ڪهاڻيون پڙهندڙن کي مليون. ايڇ جي ويلس جي (1934) Experiment in Autobiography ۽ هيولاڪ ايلس جي (1940) My Life انهن جا بهترين مثال آهن. جارج برنارڊ شا جي آتم ڪهاڻي 1984ع ۾ Finding the Centre جي نالي سان ظاهر ٿي.
دنيا جي مشهور آتم ڪهاڻين جا تفصيل ڏبا ته گهڻو وقت لڳي ويندو. بهتر آهي ته شاهه صاحب جي آتم ڪهاڻي تي اچون. سڀ کان پهرين ڳالهه اها آهي ته اسان جي اعليٰ عهدن تي پهتل باشعور شخص، صحافي، اديب ۽ شاعر، جج ۽ آفيسر پنهنجي زندگيءَ جو احوال لکڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ نڪي منجهن اهڙي ساڃاهه محسوس ٿئي ٿي. ويجهڙائي ۾ هڪ ڪاموري فضل الله قريشي پنهنجي حياتيءَ جا احوال قلمبند ڪيا آهن ۽ اهو هڪ بهتر آغاز محسوس ٿئي ٿو. اهڙا ٻيا ڪيترا ئي اهم ماڻهو ۽ اعليٰ عهدن تي مقرر ٿيل شخصيتون آهن جن جي حياتيءَ ۾ سنڌ ۽ ملڪ جا ڪي اهم واقعا، سياسي ۽ سماجي معاملا ٿيا سي چپ ڪريو ويٺا آهن، پر سيد ديدار حسين ساهه جي همت ۽ شعور کي داد ڏجي ٿو جو هن قلم کنيو ۽ هڪ سياسي پارٽيءَ جي عام ڪارڪن کان وٺي سپريم ڪورٽ جي جسٽس جي منصب تي پهچڻ تائين جيڪي واقعا مناسب سمجهيائين سي اسان کي لکي ڏنائين. سيد ديدار حسين شاهه بنيادي طور تي ڪو اديب، شاعر يا دانشور نه آهي پر زندگيءَ جي مختلف لاهين چاڙهين تي هلندي هلندي سندس شعوري پهلو جي واڌ ٿي ۽ عام زندگيءَ جو wisdom به حاصل ڪندو ويو. لکڻ ڏکيو به آهي ۽ سولو به آهي. جي اوهان جو طبعي لاڙو عام توڙي خاص ڪتاب پڙهڻ ڏانهن هجي. شاهه صاحب منهنجي سمجهه ۾ مختلف علمن جا گهڻائي ڪتاب پڙهيا آهن. زندگيءَ جون لاهيون چاڙهيون ۽ مختلف علمن جي عام طور تي ڄاڻ ماڻهوءَ کي گهربل ماڻهپي ۽ ڏاهپ جي عروج ڏانهن وٺي وڃي ٿي. شاهه صاحب جو اهو ماڻهپو ۽ ڏاهپ ئي آهي جنهن جي ڪري اهڙي آتم ڪهاڻي، بي ريائي ۽سچ سان لکي اٿن.
شاهه صاحب جي آتم ڪهاڻي، عام طور تي لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي رتي ديري جي سماجي ۽ سياسي ماڻهن جي ڪهاڻي آهي. شاهه صاحب رتي ديري شهر جي مڊل ڪلاس منجهان سرنديءَ واري خاندان جو فرد آهي. شاهه صاحب شروعاتي تعليم رتي ديري ۽ لاڙڪاڻي منجهان حاصل ڪئي ۽ حيدرآباد اچي سچل سرمست آرٽس ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي ۽ حيدرآباد سنڌ لا ڪاليج منجهان قانون جو امتحان پاس ڪري واپس لاڙڪاڻي ۾ اچي وڪالت شروع ڪيائين. پيپلز پارٽيءَ سان وابستگيءَ جي ڪري ضياءُالحق جي مارشل لا جي ڏينهن ۾ سختيون ۽ جيل به برداشت ڪيائين. وڪالت جي شروعات کان وٺي ٻه دفعا سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر شپ حاصل ڪرڻ تائين، شاهه صاحب گهڻائي واقعا ٻڌايا آهن، پر هُن ڪيترائي اهم واقعا ڄاڻي واڻي يا مصلحتن سبب ريڪارڊ ڪو نه ڪيا آهن. مثال طور ڪنهن به سنڌي ليکڪ يا سمجهدار ماڻهوءَ ڀٽي صاحب جي دؤر کي صحيح طرح ڪو نه لکيو آهي. ڀٽي صاحب جي شهادت ۽ سندن جسد خاڪيءَ جو لاڙڪاڻي، نئين ديري ۽ ڳڙهي خدا بخش اچڻ، ماڻهن، پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جا تاثرات ۽ ضلعي سڄي جو پنڊپهڻ ٿيڻ، ڪو به احتجاج نه ٿيڻ، اهي ۽ ٻيا لاڳاپيل واقعا، پارٽيءَ جي ڪنهن به ڪارڪن نه لکيا ۽ نڪي اُن وقت جي ڊپٽي ڪمشنر شاهد صديقيءَ ۽ ٻين لاڳاپيل ڪامورن کان ڪنهن تفصيل ورتا. ايئن پئي لڳو ڄڻ خاڪين کي چونڊيل وزيراعظم کي مارڻ جو پروانو مليل هو ۽ هزار ميل پري ماري، اتان وري هزار ميلن جي مفاصلي تي، بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ ڊاءَ جي دفن ڪري ويا هليا. اهي واقعا شاهه صاحب جي آتم ڪهاڻيءَ ۾ تفصيل سان اچڻ کپن ها نه ته اهي ساعتون تاريخ جي دز ۾ ڍڪجي وينديون.
شاهه صاحب جتي محترمه بينظير سان هڪ پارٽي ڪارڪن ۽ تعلقي/ضلعي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ملڻ جي واقعن جو ذڪر ڪيو آهي. اُتي کين محترمه نصرت ڀٽو ۽ بينظير صاحبه جيڪي آرميءَ وٽ سختيون سٺيون انهن جي تفصيلن جي ڄاڻ به هوندي.
شاهه صاحب جي ذهن ۽ دل۾ اهي سڀ واقعا ۽ احوال سربستا سانڍيل هوندا جيڪي ڀٽي صاحب جي شخصيت، حڪومت ڪرڻ وزارت اعظميٰ جي ورڪنگ ۽ مارشل لا لڳڻ ۽ اُن غير جمهوري ۽ آمريت خلاف خاص ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڇا وهيو واپريو، انهن حالتن تي شاهه صاحب ڪجهه به نه لکيو آهي يا بلڪل نرم رويو اختيار ڪيو اٿن. جڏهن ضياءُالحق جمهوري حڪومت جو تختو اُلٽيو هو ان وقت منهنجي پوسٽنگ به لاڙڪاڻي ۾ هئي. مونکي ئي الائي ڪيترا واقعا ياد آهن، شاهه صاحب جن جي سيني ۾ سوين واقعا هوندا. سچ کي هميشه ظاهر ڪجي. هيءُ ڪتاب شاهه صاحب جي حياتيءَ بابت آهي. پاڻ لاڙڪاڻي جي سياست ۽ سماج ۾ تمام اهم ڪردار هئا. اهي ڳالهيون شاهه صاحب کان الائي ڇو رهجي ويون آهن. سياست کان علاوه سندن سماجي ڪردار به تمام اهم هو. سواءِ قاضي فضل الله جي ٻين سياستدانن ۽ وڪيلن، سياسي توڙي سوشل تعلقات وارن جو سرسري ذڪر ٿيل آهي. اهي سڀ سندن سياسي پارٽيءَ جا اهم رڪن هئا. قاضي فضل الله وانگر محمد ايوب کهڙي جو به تفصيلي ذڪر هجي ها ته بهتر ۽ آتم ڪهاڻي ۾ ڀرپور مواد محسوس ٿئي ها. شاهه صاحب هڪ هنڌ ڄام صادق لاءِ لکيو آهي ته ڏاڍو سخي مُڙس هو. اهو اعتراض جوڳو جملو به ٿي سگهي ٿو. ڄام صاحب ڏاڍو سخي مُڙس هو پر سرڪار جي خزاني تي هو. پنهنجي اباڻي مليڪت ايئن لٽائي ها ته ڳالهه مڃڻ جهڙي هئي. ڄام صاحب جي شخصيت اوڻويهين صديءَ جي سيٺ نائو مل کان وٺي ايڪيهين صديءَ جي انهن ماڻهن تائين ريڪارڊ ڪري سگهجي ٿي جن پنهنجي خسيس ذاتي مفاد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وطن کي سور ۽ عذاب ڏنا. ڄام صاحب کان پهرين سنڌ، اربن رورل ڪوٽا فقط ويهن سالن تائين ڪاليجن، يونيورسٽين جي داخلائن ۽ ڪميشن جي امتحانن تائين هئي. پر ڄام صاحب پنهنجي اقتدار لاءِ اربن رورل سنڌ کي سياسي طور تي وجود ۾ آندو، جنهن جو نتيجو اسان سنڌي اڃا تائين ڀوڳيون پيا ۽ مستقبل ۾ الائي ڇا ٿي سگهي ٿو. پاڻ ڄام صاحب سخا جو ڌڻي ٿي وڃي دنيا ۽ ڪائنات جي ڌڻيءَ وٽ حاضر ٿيو ۽ سنڌ کي سمجهه ۾ ايئن اچي ٿو ته ورهاست جي واٽ تي ڇڏي ويو آهي. شاهه صاحب هڪ هوشمند ۽ ڏاهپ رکندڙ سنڌي وانگر سوچي ها. شاهه صاحب کي الله تعاليٰ اهڙو شعور ڏنو آهي. ڄام صاحب ڇهه انسان مارائڻ ۾ ساٿ ڏنو ۽ اسان جي ٻن بهترين ڪامورن کي به ڏهن سالن لاءِ رلايو. سائين آتم ڪهاڻي، تاريخ جي محتاج به هوندي آهي ۽ تاريخ سان هٿ چراند نه ڪبي آهي. تاريخ بابت اوهان کي پنهنجي پارٽيءَ جي ليڊر جي ڦاسي گهاٽ ڏانهن وڃڻ جي وقت وارو سبق ذهن ۾ رکڻ کپي ها. سچ حقيقتن کان وڌيڪ طاقتور آهي.
شاهه صاحب کي پنهنجي خاندان جو به ڪجهه تفصيلي ذڪر ڪرڻ کپي ها. سيد سڳورا، عراق ۽ ايران جي حالتن ڪري سنڌ جهڙي امن واري ۽ ساداتن لاءِ عزت احترام ڪرڻ وارن ماڻهن جي ديس ۾ ڪيئن ۽ ڪڏهن آيا. سنڌ ۾ سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ سان سيد آباد ٿيا ۽ ديسي لهجي ۾ لڪياري سيد سڏيا ويا. ٻيا سنڌو ندي جي کاٻي ڪپ تي ڪنڊياري ۽ ڪوٽڙي ڪبير کان مٽياري (متعلوي) تائين آباد ٿيا. اورنگزيب جڏهن ملتان جو گورنر هو ته معصوم شاهه سان گڏ فوج ۾ شامل سيد، روهڙيءَ ۾ آباد ٿيا ۽ ڪوٽائي سيد سڏجن ٿا. ڪجهه سيد ٺٽي ۾ ارغونن ترخانن سان گڏ آيا اُتي ئي آباد ٿي ويا. ٽالپرن جي دؤر ۾ اُچ شريف جي جهانيان سيدن منجهان جيڪي آيا تن کي حيدرآباد ۾ ٽنڊي جهانيان ۾ آباد ڪيو ويو. ٻيا اهم سيد، ٽالپرن جي وزيراعظم آغا اسماعيل شاهه وارا هئا، جن کي ڦليليءَ پاسي ٽنڊي آغا ۾ مستقل رهايو ويو. انهيءَ کان علاوه ٻيا سيد سنڌ سڄيءَ ۾ اچي آباد ٿيا. سنڌ ۾ اهل بيت لاءِ محبت ۽ احترام هو ۽ آهي. ملڪ جي ورهاڱي کانپوءِ الاهي سيد سڳورا خيرپور ۽ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويا. ورهاڱي کان پوءِ ته سنڌ سادات سڳورن ۾ خودڪفيل ٿي وئي آهي.
آخر ۾ آءٌ ايترو چوندس ته اڄڪلهه جي افراتفري واري دؤر ۾ سيد ديدار حسين شاهه همت سان پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي ۽ جيڪو به لکيو آهي سچ لکيو آهي ۽ آتم ڪهاڻيءَ جي سِٽ سِٽ منجهان سيد ديدار حسين شاهه صاحب جي شخصيت صاف نظر اچي ٿي. مونکي خوشي ٿي ته هُن ممتاز علي ڀٽي جي سامهون اليڪشن وڙهڻ مهل هميشه پاڻ کي هڪ ڪارڪن ۽ ممتاز صاحب کي وڏي حيثيت جو مالڪ ڄاڻايو آهي، نه ته اڄڪلهه سڀڪو پاڻ کي خان کان گهٽ سمجهي ئي نٿو. شاهه صاحب جي لکڻي به تمام سليس ۽ عام ادبي زبان ۾ آهي جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته شاهه صاحب ادب جو سٺو مطالعو ڪيو آهي. اسان جا ڪامورا عام طور ڪرسيءَ تي ويهڻ کانپوءِ ڪجهه به مطالعو نه ڪندا آهن ۽ وزيرن جي اڳيان پويان هلي پنهنجي پوسٽنگ پڪي ڪندا آهن پر ڪي ڪامورا پڙهيل لکيل آهن. آتم ڪهاڻيءَ جي ٻي خوبي اها آهي ته شاهه صاحب جتي به محترمه بينظير، نصرت ڀٽو يا ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جو ذڪر ڪيو آهي نهايت احترام سان ڪيو آهي پر سياسي طور تي ٻرندڙ لاڙڪاڻي بابت تمام ٿورو ذڪر ڪيو آهي، جتي ذوالفقار علي ڀٽي جو ڦاهي ڏنل لاش آيو، جتي مرتضيٰ ڀٽو جو گولين سان ڀريل لاش آيو، جتي شاهنواز ۽ نصرت ڀٽو جا ويچارڳي واري حالت ۾ لاش آيا ۽ پڇاڙيءَ ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جو لاش آيو. انهيءَ باهه لڳل اُداس ماڻهن واري ۽ ويچارڳي جي لُڙڪن سان ڀريل شهر ۽ ضلعي بابت شاهه صاحب ڪجهه به نه لکيو آهي. شايد شاهه صاحب کي پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جو ٻيو حصو لکڻو پوي. منهنجي خيال ۾ ضرور لکڻ کپي نه ته تاريخ شاهه صاحب کي معاف نه ڪندي.
آخر ۾ اهوئي چوندس ته هي آتم ڪهاڻي پڙهڻ جهڙي آهي، انهيءَ ۾ گهڻو سياسي، سماجي احوال موجود آهي جيڪو اسان جي مستقبل جي تاريخ جو ضرور حصو ٿيندو. شاهه صاحب کي اهو شرف به حاصل آهي جنهن چؤطرف جيڪا خاموشي ڇانيل هئي، تنهن کي ڏار وجهي اهڙن سوشيو پوليٽيڪل معاملن کي لکيو آهي ۽ انهن حالتن ۾ هو پاڻ به هڪ فعال ڪردار جي حيثيت ۾ رهيو آهي.

غلام نبي مغل
حيدرآباد
2013-8-15

سنڌ جي آتم ڪٿا

محترم جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاهه سان منهنجي ڪا ايڏي پراڻي واقفيت نه آهي. بهرحال سندس چواڻي هن هڪ ڪيس ۾ مونکي وڪيل ڪيو هو، ان کانپوءِ سائين سان ڏاڍي اليڪ سليڪ ٿي وئي. شاهه صاحب هونءَ به نهايت وضع دار، مٺو ڳالهائڻ وارو، فضيلت ڀريو، انتهائي ڀروسي ڪرڻ جهڙو ماڻهو آهي. ڪنهن زماني ۾ منهنجا هفتي وار ڪالم اخبارن ۾ ڇپبا هيا، جيڪي شاهه صاحب باقاعدگيءَ سان پڙهندو هيو ۽ هڪدم ٽيليفون ذريعي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪندو هيو.
مسٽر ممتاز علي خان ڀٽو سان جيڪي شاهه صاحب جا سياسي معاملا هيا انهن ۾ مان هاءِ ڪورٽ ليول تائين ڪڏهن ڪڏهن سندس مدد ڪندو هيس. ان ڪري پاڻ ته شايد نه به هوندو پر ممتاز صاحب جو وڪيل مسٽر ايم ايل شاهاڻي جيڪو ڪافي مذهب مٽائي چڪو هيو، اهو ڏاڍو ناراض هيو. هُن کي جڏهن هاءِ ڪورٽ جي ججي ملي ته هو منهنجي ڪڍ پئجي ويو ۽ آخر ۾ جڏهن شاهاڻي ڪنفرم نه ٿيو تڏهن وڃي منهنجي جان ڇُٽي. ان ۾ وري شاهه صاحب منهنجي مدد ڪئي هئي.
هاڻي اچون ٿا سائينءَ جي هن آتم ڪٿا يا ڪهاڻيءَ تي. شاهه صاحب مون تي اعتماد ڪري هن تي ڪجهه لکڻ لاءِ حڪم ڪيو آهي. هڪڙي ٿيندي آهي آتم ڪٿا، ٻي ٿيندي آهي ”Confessions“. جان جيڪس روسو جا ”ڪنفيشن“ مشهور آهن. موهن داس گانڌي جي ”آتم ڪٿا“ به مشهور آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي مڪمل ڪهاڻي، جنهن ۾ جيڪڏهن ڪي چوريون چڪاريون به ڪيون هجنس ته اُهي به ٻڌائڻيون آهن، سائينءَ جي هيءَ جي آتم ڪٿا آهي. هن ۾ لڳي ته هيئن ٿو ته ڄڻ رتوديرو، نئون ديرو، لاڙڪاڻو ۽ اُن جي پسگردائيءَ ۾ جيڪي به اُنهن ڏينهن وهيو واپريو اهو نهايت سهڻي نموني تي بيان ٿيل آهي. اُتان جون سياسي ۽ سماجي شخصيتون ۽ انتهائي لڪل قدآور شخصيتون انهن جا سنڌي سماج مطابق واعدا، قربانيون ۽ نڀاءُ انتهائي واضح نموني ڄاڻايل آهي.
ڀٽي خاندان لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ عزت ۽ احترام بغير ڪنهن مونجهاري جي بيان ڪيل آهي ۽ شاهه صاحب جو پيپلز پارٽي ۽ ڀُٽو خاندان سان ويجهڙائپ، ڪمٽمينٽ ۽ جيل ياترا تائين پنهنجون قربانيون به بيان ڪيون اٿس.
شاهه صاحب نئون ديرو، رتوديرو ۽ لاڙڪاڻي جون سموريون سياسي ۽ سماجي شخصيتون اهڙي نموني واضح ڪيون آهن ڄڻ اهي اسان جي سامهون بيٺل هجن. ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين ۾ سڄي سنڌ ويهاري ڏيکاري اٿائين.
کهڙي صاحب، راشدي صاحب جا سنڌ ۽ سنڌين تي ڪيل تواريخي ظلم، بي وفايون ۽ غداريون واضح طور بيان ڪيون اٿائين. قاضي فضل الله جو ڪردار ۽ هيڏن سارن فرعونن ۾ ان جو اُڀري اچڻ به سبق آموز آهي.
سنڌي، وڏيرو ۽ جاگيردار، وچولي طبقي کي شاهه صاحب پنهنجي چڱاين ۽ بُراين سان کولي بيان ڪيو آهي.
سنڌ جي تاريخ جا لڪل ورق به شاهه صاحب اُٿلايا آهن. ڪهڙي ريت پاڪستان ٺهڻ سان سنڌي ماڻهن خلاف سازشون شروع ٿي ويون، ڪيئن ون يونٽ هڻڻ لاءِ حيدرآباد ۾ اسيمبلي اجلاس ڪوٺايو ويو. ڪهڙي ريت مير غلام علي ٽالپر کي مٺيءَ ڪڍيو ويو. ڪهڙي ريت عوامي آواز دٻائڻ لاءِ جيل ڀريا ويا ۽ پوءِ فوجي قبضا ٿيا ۽ سنڌي محب وطن ماڻهن کي هيسائڻ ۽ دٻائڻ خاطر هر حيلو ۽ حربو استعمال ڪيو ويو.
ضياءُالحق جي مارشل لا ۽ اُن جوسبق آموز موت ۽ مولوي مشتاق جي لاش کي آسماني مکين جو کائڻ ۽ سنڌ جي شهيدن جو الله طرفان بدلو وٺڻ، ملڪي سازشون، پنجابي اسٽبلشمينٽ، پنجابي مهاجر عدالتي عملدارن جا بدديانتي ۽ رياڪاري رويا سڀ سائين ڪجهه کولي ڪجهه لڪائي بيان ڪيا آهن، جن مان پڙهندڙ آرام سان سمجهي سگهي ٿو. ڪجهه پنهنجن سياسي سازشين جن ڊڪٽيٽر وٽ پاڻ وڻائڻ لاءِ مدد ڪئي. وڏاوڏا سياسي قومي، قوم پرست سڏائيندڙ ليڊر حقيقت ۾ پنهنجي نڪ جي وارن کان ٻاهر ڪجهه نه ڏسي سگهندا هيا ۽ ذاتي انا ۽ ذاتي حسد، بُغض ۾ انهيءَ وڻ کي آهستي آهستي وڍيندا رهيا جنهن جي ڇانوَ ۾ ويٺل هيا.
شاهه صاحب آخر ۾ پنهنجي وڪيل دوستن کي به نه وساريو آهي ۽ نهايت سُٺن لفظن ۾ انهن کي ياد ڪيو اٿس. بلڪه پنهنجي هم ڪلاسي، ڳوٺاڻن ماروئڙن کي به نه وساريو اٿس.
حقيقت ۾ هي ڪتاب سنڌ جي ڪنهن هڪ تعلقي، علائقي يا ضلعي جي تاريخ ته لڳي ٿي پر ڄڻ قطري ۾ بحر سمايل آهي ۽ سڄي سنڌ ۽ پاڪستان جي تواريخ آهي. هي هڪ آئينو آهي جنهن ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي شڪل ڏسي سگهي ٿو.
شاهه صاحب کي خدا اڃا توفيق ڏئي ته جيئن اڃا ڪي لڪل ورق اٿلائي ڏئي. آمين.


فتاح ملڪ
ڪراچي

سنڌ جو اَمُلهه ڪردار

سيد ديدار حسين شاهه جي آتم ڪهاڻي تي لکيل آرٽيڪلس جيڪي ”عوامي آواز“ ڊيلي سنڌي اخبار جي سنڊي مئگزين ۾ اڳ ۾ ئي شايع ٿي چڪا آهن. سي شاهه صاحب مون ڏي روانا ڪيا جيڪي مونکي مليا. جڏهن مواد مونکي مليو ته ان سان گڏ شاهه صاحب جو لکيل ننڍو خط هو، جنهن ۾ سائين چاهيو هو ته مان پنهنجي طرفان آتم ڪهاڻي پڙهي ان تي پنهنجا تاثرات لکان جيئن هو اهي پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪري. اهو به لکيل هو ته ڪتاب ڇپجڻ لاءِ موڪليو ويو آهي.
مان شاهه صاحب جي مهرباني مڃان ٿو جو هن مونکي ان لائق سمجهيو ته مان سندس هن ڪاوش تي پنهنجا تاثرات لکان. سچي ڳالهه ڪبي ته مان نه ته ڪو اديب ۽ نه ته ڪو دانشور آهيان جو اهو ادبي ڪم ڪري سگهان، پر اهو ضرور آهي ته مان شاهه صاحب جي خانداني حيثيت، شخصيت، فضيلت ۽ ذهانت جو چشم ديد گواهه آهيان.
سيد ديدار حسين شاهه جا ابا ڏاڏا ۽ منهنجا ابا ڏاڏا رتيديري شهر جا قديمي رهواسي هيا. ٻنهي خاندانن جا پويان پڻ اڄ ڏينهن تائين اتي رهن ٿا. شاهه صاحب جي پوري خاندان سان ۽ شاهه صاحب سان منهنجي خاندان ۽ منهنجا ذاتي تعلقات رهيا آهن، جيڪي اڄ تائين قائم آهن. مان پاڻ رتيديري شهر ۾ پيدا ٿيس، ان ننڍي شهر ۾ ئي پرائمري کان وٺي مئٽرڪ تائين پڙهيس ۽ اتان ئي بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪيم. شاهه صاحب پڻ پرائمري کان وٺي مئٽرڪ تائين اتي پڙهيو جيتوڻيڪ اها گهڻي وقت کانپوءِ جي ڳالهه آهي
سائين پنهنجي سوانح ۾ منهنجو ڀرپور ذڪر ڪيو آهي، نه رڳو ذڪر ڪيو آهي، پر منهنجي عزت افزائي ڪئي آهي. مونکي به فخر آهي ته هو وڪالت جي پيشي ۾ منهنجو جونيئر رهيو آهي.
اهڙا ماڻهو جن پنهنجي خداداد لياقت، محنت ايمانداري ۽ سچائي سان وڏا مرتبا ماڻيا آهن، سي ملڪ ۾ ئي گهٽ آهن. ديدار حسين شاهه انهن ماڻهن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. عزت ڏئي ۽ عزت وٺي ڄاڻندو آهي. اهوئي سبب آهي جو هر عمر، هر ذات هر عقيدي جو ماڻهو سندس مداح آهي. هر پوزيشن ۾ هر ننڍي وڏي سان خنده پيشاني ۽ کلي دل سان ملڻ هن جي سڀ کان وڏي ڪاميابي جو سبب آهي. شاهه صاحب جي موڪليل مواد کي مون دلچسپي سان پڙهيو. منهنجي خيال ۾ سندس زندگيءَ جي سفر کي ٽن مکيه حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
هڪ سندس ننڍپڻ کان وٺي تعليم مڪمل ڪرڻ جو دور ٻيو سندس وڪالت جو زمانو ۽ ان سان گڏ سياسي سماجي ڪردار جيڪو لوڪل باڊيز جي اليڪشن کان وٺي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر شپ تائين ۽ ٽيون سندس دور عدالتي پوزيشن، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج، ساڳي ڪورٽ جو چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج ۽ چيئرمين نيب هجڻ ۽ تنهن کانپوءِ اڄ تائين.
شاهه صاحب پنهنجي ڄمڻ کان وٺي پنهنجي تعليمي سفر جو سير حاصل ذڪر ڪيو آهي، پنهنجي يتيم هجڻ جي ڳالهه به ڪئي آهي ۽ ان سان گڏ پنهنجي چاچي سيد وريل شاهه صاحب جي شفقت جو ڀرپور ذڪر به ڪيو آهي، مون ذاتي طرح ڏٺو ته ديدار حسين شاهه ۽ سندس ڀاءُ نياز حسين شاهه، وريل شاهه صاحب کي پيءُ ڪري سمجهندا هئا ۽ سڄي عمر شاهه صاحب کي بابا ڪري سڏيندا هئا. شاهه صاحب به پنهنجي ڀائٽين لاءِ پيءُ کان گهٽ نه ڪيو. سيد وريل شاهه مرحوم اعليٰ پيماني جو مقرر ۽ پراڻو مسلم ليگ جو ورڪر نه پر ليڊر رهيو، رتيديري شهر ۾ مسلم ليگ جو روح روان هو، سندس ئي ڪوشش سان مسلم ليگ جا جلسا جلوس ٿيندا هئا. جڏهن اڃا پاڪستان ڪو نه ٺهيو هو منهنجو مرحوم شاهه صاحب سان ذاتي تعلق رهيو هو. اسان گڏ رتيديري ٽائون ڪميٽيءَ جا ميمبر چونڊيل هئاسين ۽ هڪ ٽرم يعني 5 سال گڏ ڪم ڪيوسين. سندس ڪميٽيءَ جي ميٽنگس ۾ نهايت زبردست رول هوندو هو.
سيد وريل ساهه وڏي عمر جو ماڻهو هو، منهنجي والد صاحب دودو خان سومرو سان گڏ پڙهيو هو، نه رڳو اهو پر 1938ع جي رتيديري ميونسپالٽي جي اليڪشن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا رتيديري ميونسپالٽي جا ميمبر رهي چڪا هئا.
وڪالت وارو زمانو- سيد ديدار حسين شاهه پنهنجي وڪالت جي زماني جو احوال پڻ سٺي پيرائتي نموني بيان ڪيو آهي ۽ ڪيترن وڪيل صاحبن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، هو پاڻ به سٺو وڪيل رهي چڪو آهي. لوڪل باڊيز جي اليڪشن جون دلچسپ ڳالهيون بيان ڪيون اٿائين.
1970ع جي عام اليڪشن جو ذڪر پڻ تفصيل سان ڪيو اٿس، سندس چوڻ بلڪل سچ آهي ته سنڌ ۾ 1970ع وارين چونڊن ۾ پ پ آڏو ڪا به طاقت بيهي نه سگهي. رتيديري تڪ مان 1988ع واري صوبائي اسيمبلي جي چونڊ ۾ سندس پاران نامينشن پيپر تي رٿ ڏيندڙ جي حيثيت سان مان ساڻس گڏ رٽرننگ آفيسر جي سامهون موجود هوس. ساڳي تڪ مان ممتاز علي خان ڀٽو صاحب به اميدوار هو. پ پ جي ٽڪيٽ تي شاهه صاحب اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيو ۽ جناب ممتاز علي خان شڪست کاڌي. هن سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر جي حيثيت ۾ هائوس اندر نهايت بهتر نموني پنهنجي فرض ادائي ڪندي نالو ڪمايو. سنڌ جو سڄاڻ طبقو، هائوس اندر سندس پرفارمس جي تعريف ڪندو رهيو.
هن اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان ڪافي ڪارگذاري ڪئي، ان ۾ هڪڙو اهڙو به ڪم ڪيو جيڪو ذڪر ڪرڻ جي لائق آهي. اهو هو سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جي ميمبر شپ تي پيل ضياءَالحق جي زماني جي پابندي ختم ڪرائڻ. شاهه صاحب سنڌ اسيمبلي ۾ ريزوليشن پيش ڪيو ته سرڪاري ڪامورن تي سگا جي ميمبر شپ بند ڪرايل غلط فيصلو آهي جيڪو ڊڪٽيٽر جي زماني جو آهي. سندس محنت ۽ ڪوشش سان ريزوليشن يڪراءِ سان بحال ٿيو ۽ پابندي ختم ٿي.
آتم ڪهاڻي ۾ هونءَ ته ڪيتريون ڳالهيون ۽ واقعا بيان ٿيل آهن پر هڪ واقعو جيڪو سندس ڪتاب ۾ سنڌي آفيسر پاڻ کان وڌيڪ شاهه جا وفادار آهن، جي عنوان سان بيان ٿيل آهي، ٿورن لفظن ۾ درج ڪيان ٿو. ضياءَالحق جي مارشل لا لڳي ته ٿوري وقت کانپوءِ محترم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جا گهر تلاش ڪيا ويا هئا. چيو ويو پئي ته مشرقي پاڪستان جي جنگ ۽ جدا ٿيڻ تي جيڪا جسٽس حمودالرحمان ڪميشن جي رپورٽ هئي ۽ شايع ٿيل ڪا نه هئي ان کي هٿ ڪرڻ لاءِ مالڪن جي غيرحاضري ۾ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو جي تلاش بنا اطلاع جي سول ۽ ملٽري جي آفيسرن رات جي وقت ڪئي. ان وقت لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊي سي مسٽر رحمت الله قريشي هڪ سنڌي آفيسر هو. ان آفيسر جي سرڪردگي ۾ گهر جي تلاشي ورتي وئي. ڪميشن جي رپورٽ ته هٿ ڪا نه ٿي ان جي باوجود بنگلي کي سيل ڪيو ويو. بنگلي ۾ اندر جانور ۽ پکي جيڪي پاليل هئا، انهن کي به ٻاهر ڪو نه ڪڍيو ويو. صبح جي وقت بنگلي جي اسٽاف جي ٻڌائڻ تي شاهه صاحب ڊي سي لاڙڪاڻي وٽ ويو ۽ کيس جانورن کي آزاد ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني. ڊي سي انڪار ڪري ڇڏيو، پوءِ شاهه صاحب ان وقت جي آرمي آفيسر برگيڊيئر سليم وٽ، سندس آفيس ۾ ويو ۽ درخواست ڏني جنهن ڊي سي کي گهرائي کيس بي عزت به ڪيو ۽ کيس حڪم ڏنو ته 10 منٽن ۾ جانور آزاد ڪر.
سيد ديدار حسين شاهه عدالتي عهدن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان توڙي چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جي جج جي پوزِيشن ۾ جيڪي فصيلا ڏنا سي تعريف جوڳا رهيا. هن پنهنجي يادداشت ۾ ڪيترن ئي فيصلن جا حوالا پڻ ڏنا آهن. ”اردشير ڪائوسجي جو منهنجي خلاف لکيل ڪالم ۽ ان کانپوءِ جو تاثر“ جي سري سان جيڪي ذڪر ڪيو ويو آهي سو سندس بي لاگ انصاف ڪرڻ جو پڻ هڪ دليل آهي.
مطلب ته شاهه صاحب بنا ڪنهن خوف ۽ لالچ جي فرض ادائي ڪئي ۽ پاڻ کي ان اعليٰ منصب جو حقدار ثابت ڪيو. سندس فيصلن پڙهڻ سان سندس دانائي، قابليت ۽ قانوني معلومات جي شاهدي ملي ٿي.
شاهه صاحب عدالتي معاملن جي ائڊمنسٽريٽو سائيڊ تي ٿيل ڳالهيون واشگاف ڪيون آهن. جهڙوڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌي جج مقرر ڪرڻ تي اردو اخبارن وڏو وڳوڙ ڪيو هو وغيره.
سيد سجاد علي شاهه جو واري کان پهريائين چيف جسٽس ٿيڻ جو قصو بيان ڪيو ويو آهي. جسٽس راڻا ڀڳوان داس جي خلاف سازش جو ذڪر ڪافي معلومات فراهم ڪري ٿو. ان سان گڏ الجهاد ڪيس جي حوالي سان شاهه صاحب فرمايو ته ان ڪيس جي فيصلي سان سنڌين جا اعليٰ عدلت ۾ مقرري جا دروازا بند ڪيا ويا.
شاهه صاحب پنهنجي ڪٿا جي هڪ حصي ۾ لکيو آهي ته ”نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته 8 آڪٽوبر 2010ع جي تاريخ تي منهنجو نيب چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن نڪتو ۽ ان ئي تاريخ تي مون چارج به سنڀالي ورتي. اها ڳالهه پريس ۽ ميڊيا ۾ اچي وئي. 9 تاريخ آڪٽوبر 2010ع تي محترم چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري صاحب ڪورٽ نمبر پهرين ۾ بغير سبب ۽ بغير ڪنهن پٽيشن يا ڪيس هجڻ جي ڪورٽ ۾ وڏي آواز سان Observation ڏني ته ”بعدي النظر ۾ لڳي ٿو ته چيئرمين نيب جي مقرري غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي.“ Observation کانپوءِ مخالف ڌر پاران پٽيشن داخل ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ شاهه صاحب کي نيب جي عهدي تان برطرف ڪيو ويو.
شاهه صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ صاف لکيو آهي ته ”سنڌي ماڻهو آفيسر هجي يا جج هجي، ڪيترو به ايماندار، انصاف پسند ۽ سٺو منتظم هجي پر ان جي تعريف ڪا نه ٿيندي.“
بهرحال شاهه صاحب اهو به ذڪر ڪيو آهي ته نيب جي چيئرمين طور برطرف ڪرڻ جي فيصلي جي خلاف صوبائي اسيمبلين هر هڪ سنڌ اسيمبلي، خيبرپختونخواهه اسيمبلي، بلوچستان اسيمبلي، گلگت بلتستان اسيمبلي Resoletin پاس ڪيا. ڪيترن شهرن ۾ عام ماڻهن مظاهرا ڪيا ۽ ايس سي جي آرڊر کي ناپسند ڪيو. مشهور وڪيلن جهڙوڪ عاصمه جهانگير، بابر ستار، شاهه صاحب جي حق ۾ ڳالهايو. صحافي حضرات رئوف ڪلاسرا، نذير لغاري ۽ ٻين پنهنجي ڪالمن ۾ شاهه صاحب کي انصاف پسند جج لکيو.
شاهه صاحب هاءِ ڪورٽ آف سنڌ جي چيف جسٽس جي پوزيشن ۾ ميان نوازشريف کي سندس ڪيس جي دوران رليف پڻ ڏنو هو، جنهن جو ذڪر ڪتاب ۾ آهي. ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل هڪ ڳالهه تي منهنجو شاهه صاحب سان جزوي اختلاف آهي جيڪو هيءُ آهي ته پير علي محمد راشدي محمد ايوب کهڙي صاحب کان غلط ڪم ڪرايا. سنڌ جي وجود ختم ڪرڻ ۽ ون يونٽ (مغربي پاڪستان صوبو) ٺاهڻ ۾ محمد ايوب کهڙي پير علي محمد راشدي جي چوڻ تي اهو ڪم ڪيو. شاهه صاحب کهڙي صاحب جي خدمتن جو ذڪر ڪيو آهي، تنهن تي مونکي ڪوئي اعتراض ناهي. باقي ايئن چوڻ ته پير علي محمد راشدي جي چوڻ تي ون يونٽ ٺاهڻ جو ڪڌو ڪم کهڙي صاحب ڪيو سو سمجهه کان ٻاهر آهي. محمد ايوب کهڙي جهڙي قابل، زمانه ديد، تجربيڪار ۽ مقبول سياسي ماڻهو کي پنهنجي ڪا به سمجهه ڪا نه هئي؟ اول ته پيرزادي عبدالستار کي ون يونٽ جي اشو تي انڪار جي سبب چيف منسٽري کان فارغ ڪيو ويو ۽ کهڙي صاحب کي چيف منسٽر ئي ان ڪڌي ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪيو ويو. سو کهڙي صاحب کي ان معاملي ۾ سياسي معصوم سمجهي نٿو سگهجي. ذميواري بهرحال سندس هئي. پير علي محمد راشدي کي متنازع شخصيت سمجهيو ويندو آهي. باوجود سندس خداداد لياقتن جي پر سندس قابليت، ذهانت ۽ ادبي خدمتن جو اعتراف به ڪرڻو پوندو.
منهنجي خيال موجب ديدار حسين شاهه جي آتم ڪهاڻي تاريخي اهميت جي حامل آهي ۽ جيڪا وسيع معلومات فراهم ڪري ٿي تنهن مان پڙهندڙن کي ڪافي لاڀ حاصل ٿيندو.

عبدالرزاق سومرو
ايڊوڪيٽ
سپريم ڪورٽ

سائين ديدار حسين شاهه جي (اڻپوري) آتم ڪهاڻي

حڪم صادر ٿيو، سائين ديدار حسين شاهه جو ته آءٌ سندن آتم ڪهاڻي تي ٻڌل ڪتاب بابت ڪجهه تاثرات لکان.
سائينءَ جي هيءَ آتم، ڪهاڻي قسط وار هر آچر تي عوامي آواز اخبار جي هفتيوار ميگزين ۾ ڇپجندي رهي آهي جيڪا هاڻي وڃي خير سان ختم ٿي آهي ۽ ڪتابي شڪل ۾ اچي رهي آهي.
مون سائينءَ جون اهي قسطون ڏاڍي شوق، دلچسپيءَ ۽ توجهه سان پڙهيون آهن، جيڪڏهن ڪا قسط Miss پئي ٿي ته اها ڳولهي وري هٿ ڪري پڙهي ٿي ورتم.
مون سائينءَ جي هن آتم ڪهاڻيءَ جون قسطون پڙهندي ائين محسوس ڪيو ته سائين ديدار حسين شاهه سان گڏ مان به انهن ماڳن ۽ دؤرن مان سفر ڪندو رهيو آهيان، ڄڻ هر ڳالهه منهنجي اکين جي اڳيان ٿي هجي، سائينءَ جو جنم 1939ع ۾ ٿيو ۽ منهنجو جنم 1947ع ۾ ٿيو.
سائين رتيديري جي ويجهو ڳوٺ غلام حيدر قادريءَ ۾ پنهنجي ناناڻن ۾ پيدا ٿيو ۽ رتيديري ۾ پنهنجي والد ۽ چاچي جي ڇانوَ ۾ وڌيو ويجهو، پڙهيو ۽ پرجهيو. مان رتيديري ۾ پيدا ٿيس، وڏو ٿيس ۽ ميٽرڪ تائين رتيديري ۾ ئي تعليم حاصل ڪئي.
جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جنهن زماني ۾ رتيديري ۾ اسسٽنٽ ٽيچر هيو تڏهن مان ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس، سائين اسڪول ۾ پڙهائڻ سان گڏ اسڪول جي لائبريري به سنڀاليندو هيو ته اسڪول جو ڪلارڪيءَ جو ڪم به ڪندو هيو. سائين ابوذر صديقي هيڊماستر هيو، ان کان اڳ ۾ رتيديري جي ميونسپل اسڪول ۾ سائين رامچند هيڊماستر هيو.
سائين رامچند ميٿميٽڪس جو ماهر هيو ۽ خاص هندو اسٽائيل جو نرم مزاج ۽ محبت ڪرڻ وارو استاد هيو، مان ڇهين جماعت ۾ هيس ته مون کي آفر ڪيائين ته ڊبل پروموشن وٺ پر مون انڪار ڪري ڇڏيو.
سائين ابوذر صديقي ان جي ابتڙ سدائين سوٽ ڪوٽ ۽ ٽاءِ ۾ هوندو هيو. جهونو استاد هيو، لاڙڪاڻي هاءِ اسڪول جو استاد هيو، پروموشن تي رتيديري هاءِ اسڪول ۾ پوسٽ ٿيو، انگريزيءَ جوماهر هيو ۽ انگريزي ئي پڙهائيندو هيو، Discipline جو سخت پابند هو، ان دور ۾ سائين ديدار حسين شاهه استاد هيو، ٻيا استاد به سٺا ۽ پنهنجي ڪم جا ماهر هئا.
شاهه صاحب Slim, smart and handsome هوندو هيو، ٽهڪ ڏيندڙ ۽ خوش خلق انسان.
شهر جي ننڍڙي اقبال لائبريري هوندي هئي ان ۾ ملاقات ٿيندي هئي، اخبارون هڪ ڏينهن دير سان ملنديون هيون، انهن تي هڪ ڏينهن اڳ جي تاريخ لڳائيندا هئا. مثلاّ 14 جولاءِ تي اخبار ڇپبي هئي ته ان تي 15 جولاءِ لکندا هئا.
سائين به اخبار پڙهڻ جو Regular هيو ۽ مان به. اڪثر خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي، ڄڻ ته شاهه صاحب جي Carrier جو سفر ۽ منهنجي Carrier جو سفر لڳ ڀڳ يا گڏو گڏ ٿيو.
سائين پنهنجي زندگيءَ جي شروعات قدم قدم سان ملائي ڪئي. Jump نه ڪيا، جيئن هينئر ڪيا ٿا وڃن، سندن وڏا سائين وريل شاهه صاحب ۽ وڏو ڀاءُ نياز حسين شاهه، شهر جا معتبر ترين شخص هئا، سائين وريل شاهه صاحب ته رتيديري جي سياست جو ڄڻ چوٿون ٿنڀو هيو، تقرير جو ماهر، ڪڙڪيدار، ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ جو رعبدار، مسلم ليگي سياست جو مک ڪردار، تقرير ۾ موقعي مهل جي لحاظ کان علامه اقبال جا برجستا شعر به شامل ڪندو ويندو. اسان جي اسڪول ۾ ڪو تقريري مقابلو ٿيندو هيو ته ان ۾ مُک مهمان لاءِ سائين وريل شاهه پهرين چوائس هوندو هو، سندس تقريرون ٻڌي اسان به اهڙي اسٽائيل ۾ تقرير ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسون، منهنجون ساڻس اڪثر ملاقاتون ٿينديون هيون.
سائين نياز حسين شاهه به بڙ جو گهاٽو وڻ هيو، اهو اڳتي ڏسڻ وارو هو، سيد ديدار حسين شاهه اهڙن املهه ماڻهن ۽ مڪمل انسانن جي نظرداري ۽ پاڇي ۾ وڌي وڏو ٿيو، ا ڄ جڏهن سياسي، سماجي ۽ معاشرتي ڪلچر اهو ٿي ويو آهي ته پنهنجي فائدي لاءِ وڏن کي قربان ڪجي، انهن کي Bye-Pass ڪري وڏو ماڻهو ٿجي. پر اُن وقت ائين نه ٿيو، ديدار حسين شاهه شاهه صاحب، پهريون سائين وريل شاهه جي، پوءِ سائين نياز حسين شاهه جي آڱر پڪڙي ساڻن هلندو رهيو، کين ڪڏهن باءِ پاس نه ڪيائين ڪڏهن Ambitious نه ٿيو، ڪڏهن لالچ ۽ لوڀ ۾ نه آيو، جنهن منزل تي پهتو Step by Step پهتو.
وڪيل ٿيو ته سائين عبدالرزاق سومري جواڃا تائين پاڻ کي شاگرد سمجهندو رهيو، جڏهن پ پ ۾ آيو ته ڪڏهن به Party جي Descipline جي خلاف ورزي نه ڪيائين. جڏهن ممتاز علي خان ڀُٽي صاحب جي برطرف جو مسئلو آيو ته ان ۾ جيڪو پاڻ ڪردار ادا ڪيائين اهو قابل ستائش آهي، آخر ۾ ڪوشش ڪيائين ته ڀُٽا قوم جو ڪو ماڻهو Election لڙي.
پيپلز پارٽيءَ جي رتيديري گروپ ۾ شاهه صاحب، ممتاز علي ڀُٽي جي گروپ ۾ شامل سمجهيو ويندو هو، محترمه فيصلو ڪيو ته کيس ممتاز صاحب جي سامهون بيهڻو پوندو ته پاڻ ڪوڙي گوري ڳهي بيهي رهيو، حالانڪه پارٽيءَ ۾ ٻيا به ڪيترائي سينيئر اڳواڻ هئا، اهي سڀ لنوائي ويا، پرشاهه صاحب پير کوڙي بيٺو ته بيهي رهيو. ان وقت 1988ع ۾ ممتاز علي خان ڀُٽي جي مقابلي ۾ MPA جي سيٽ کٽڻ معجزو لڳي رهيو هيو،شاهه صاحب 1990ع ۾ به ساڳي سيٽ کٽي، کيس 1993ع ۾ شڪست ٿي، ان جا سبب به لکي آيو آهي آپ بيتيءَ ۾.
ان کان پوءِ 95-1994ع ۾ کيس هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو، شاهه صاحب سياسي ڪيريئر ڇڏي محترمه جي چوڻ تي جڊيشريءَ ۾ هليو ويو، ان کان پوءِ شاهه صاحب پنهنجا سياسي ٻيڙا ساڙي ڇڏيا.
1988ع کان 1992ع تائين مان لاڙڪاڻي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر ۽ پيپلز پروگرام جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ٿي رهيس، گهر به رتيدير ۾ ۽ نوڪري لاڙڪاڻي ۾، سڀني سياسي ڪردارن کي ويجهڙائي سان ڏسڻ ۽ ساڻن ويهڻ جو موقعو مليو.
جيڪي چونڊيل هئا يا نه هئا، جيڪي وڏا سياستدان هئا يا ننڍا هئا، انهن مان ڪي الله کي پيارا ٿي ويا آهن ۽ نون چهرن انهن جي جڳهه و الاري آهي، جيڪي ان وقت ڪجهه به ڪو نه هئا ٻي يا ٽين لائين ۾ هئا.
مون کان جيڪو پڳو رتيديري وارن ۽ لاڙڪڻي وارن جي لاءِ ڪيم. نيڪ نيتي ۽ ديانتداريءَ سان سندن خدمت ڪئي. ڪن کي منهنجو اهو رول وڻيو پر اڪثريت کي ڪو نه وڻيو، ڪم به ورتائون ۽ منهنجي مخالفت به ڪيائون. هڪ اڌ دوست لاهي پاهي ڪڍ پيا، ان وقت محترمه کي شڪايتون ٿيون ۽ هاڻي محترم آصف کي ٿين ٿيون. خوامخواهه پنهنجو وقت ٿا وڃائين، الله خوش رکين. منهنجون دعائون اٿن، سائين ديدار حسين شاهه کي انهن سڀني قصن ڪهاڻين جي پروڙ آهي. پوءِ به سدائين ڀرجهلو رهيو.
سائينءَ جي جج صاحب ٿيڻ کانپوءِ به پنهنجائپ جو تعلق ختم نه ٿيو، اهي ئي ڳالهيون، اهي ئي ٽهڪ، اها ئي گپ شپ، اها ئي پنهنجائپ، ماڻهن جو مٿو وقت جي هوا خراب ڪري ڇڏيندي آهي. پر شاهه صاحب ساڳيو ئي Down to earth رهيو، چون ٿا ته اها سچي سيد جي نشاني آهي.
مرڻين پرڻين، ملاقاتون، وقتي ويلي ملڻ جلڻ، مان ۽ مُنهنجو پراڻو اسڪول جو ڪلاسي ڊاڪٽر پرڪاش کٽواڻي اڪثر شاهه سائين جي ملاقاتن جو مزو روبرو حاصل ڪندا رهيا آهيون.
هڪڙو نوڪريءَ جو ڏکيو وقت آيوممتاز علي خان ڀُٽي جي Care taker واري دور ۾ مون کي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو، ڪيئن ڪيو ويو، ان تي آءٌ في الحال نٿو ڳالهائڻ چاهيان، ڪن دوستن چيو ته ڌانڌليءَ لاءِ پر جن آفيسرن منهنجي Posting تجويز ڪئي انهن ۾ تڏهوڪو چيف سيڪريٽري سعيد احمد صديقي صاحب، منصور ڀٽو صاحب، هاشم لغاري صاحب ۽ سيد نور احمد شاهه صاحب شامل آهن. ڪنهن به قسم جو Fowl Play ڪو نه هيو، هاشم لغاري صاحب مون کي ٻڌايو ته سروس ۾ اهڙا مرحلا ايندا آهن توهان وڃون. پنهنجي ڊيوٽي جوائن ڪيو.
مون 25 ڊسمبر 1996ع تي اها پوسٽنگ Join ڪئي ، 3 فيبروري تي اليڪشن ٿيا، ان کان پوءِ مان لاڙڪاڻي ۾ آگسٽ 1997 تائين رهيس، Election ۾ منهنجو ڇا رول رهيو، ان لاءِ نثار کهڙو صاحب، خورشيد جوڻيجو، غلام الله ماهوٽو، شبير احمد چانڊيو (مرحوم) نادر مگسي ۽ ٻيا سرڪرده سربراهه واقف آهن.
هڪ هڪ ڏينهن منهنجي لاءِ عذاب ۽ آزمائش هيو، حڪمرانن طرفان نه پر مخالفن طرفان پهريان PPP جا ڪجهه حلقا پوءِ مسلم ليگ نواز جا مهربان ۽ منهنجا بيوروڪريسيءَ جا ڪجهه Collegues به، آخر پاڻ عرض ڪري لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر جي سيٽ تان بدلي ڪرائي جان ڇڏايم.
ان دور جو ئي شاهه صاحب ذڪر ڪيو آهي، ممتاز علي خان ڀُٽي جي حوالي سان شاهه صاحب جن سٺن لفظن سان مون کي ۽ منهنجي والد صاحب علي شير خان منگي ۽ منهنجي خاندان کي پنهنجي آپ بيتيءَ ۾ ياد ڪيو آهي ان لاءِمان سندن ٿورائتو آهيان پر جنهن واقعيءَ جو ان حوالي ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ان جي صفائي جو موقعو هن کان وڌيڪ بهتر نه ملندو.
شاهه صاحب لکيو آ ته: ”بدر اڄڻ جي بدليءَ جو سبب ممتاز علي خان صاحب جي حڪم عدولي هئي ان کان پوءِ عبدالقادر منگيءَ کي ڊي سي لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو ۽ کيس ان ڳالهه جو اشارو ڪيو ويو ته جيڪو ڪم بدر اڄڻ نه ڪري سگهيو اهو ڪم پاڻ ڪري.“
هتي آءٌ جيڪڏهن خاموش رهندس ته اها منهنجي پاران بد ديانتي ٿيندي. بدر اڄڻ صاحب ۽ ممتاز علي خان صاحب يا امير بخش ڀٽي صاحب وچ ۾ ڇا وهيو واپريو، ان جي خبر خدا کي ٻيو انهن صاحبن کي، مون کي نه اڄڻ صاحب ٻڌايو نه ڪنهن ٻئي.
ها باقي مان پوري ديانتداري ۽ ذميواريءَ سان چوان ٿو ته، منهنجي ڊي سي مقرر ٿيڻ کان پوءِ، نه مون کي ممتاز علي خان ڀٽي صاحب ۽ نه ئي امير بخش خان ڀٽي، سڌي طرح نه ئي اشاري طور ان ڳالهه جو حڪم ڪيو ته علم پاڪ واري زمين تان قبضو خالي ڪرايان، نه وري ان موضوع تي اسان جي گفتگو ٿي.
سائين ديدار حسين شاهه صاحب کي ڪيئن اهو احساس ٿيو ته مان به ڪنهن اهڙي ڳالهه ۾ شامل ڪيو ويو هيس يا اهڙي ڪا ذميواري مون تي رکي وئي هئي. ان جو مون کي اندازو ڪو نه آهي. نه وري ڪڏهن ان موضوع تي منهنجي ۽ شاهه صاحب جي ڪڏهن ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
اها به گذارش ڪندو هلان ته شاهه صاحب جي سيني ۾ اڃان سياسي ۽ سماجي رازن جا خزانا دفن ٿيل آهن. الائي ڇو انڪساريءَ کان ڪم ورتائين، پنهنجي ميانه رويءَ ۽ لڄ لحاظ جي ڪري يا ڪنهن ٻي مصلحت جي ڪري! مان سمجهان ٿو ته شاهه صاحب اهڙا ٽي چار ٻيا ڪتاب به لکي سگهي ٿو.
سائين ديدار حسين شاهه، جيڪڏهن سمجهي ٿو ته ايترو لکڻ کان پوءِ پنهنجي فرض کان آجو ٿي ويو ته اهو ممڪن ڪونهي سائين! تاريخ سان توهان انصاف نه ڪندا ته ڪير ڪندو؟ جيڪڏهن توهان راز سينن ۾ دفن ڪري ڇڏيا ته اُهي ايندڙ نسلن جي اکين آڏو اچڻ کان رهجي ويندا. جيڪا هڪ وڏي ناانصافي ٿيندي.اڄ اوهان کان تاريخ هڪ وڌيڪ ڪتاب جي گهُر ڪري ٿي جنهن ۾ اُهو سڀ ڪجهه ڄاڻايل هجي جيڪو اوهان جي سيني ۾ لڪل آهي.
شاهه صاحب ۽ سندن خاندان اسان جي خاندان تي هميشه مهربان رهيو آهي ۽ اسان جي به ساڻن نياز مندي رهي آهي. شاهه صاحب کي رب سائين جيڪو مان ۽ مرتبو عطا ڪيو اهو سندس نوڙت ۽ نهٺائي، مروت ۽ لحاظ سبب آهي. هُو هر ڪنهن جي مدد ڪندا رهيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي ڏنو نه اٿئون ته ڏکويو به نه اٿائون .
سندن پونيئر ۽ اولاد به ساڳي به لحاظ وارا آهن. الله پاڪ کين ساڳيو مان ۽ مرتبو ڏيندو.

عبدالقادر منگي
12-02-2014
ڪراچي 

اسان سان ڪچهريون ڪيو دوستو!

مارو مِٽ ملير جا، سڀئي پرکياسون،
سوکي ڀانئين سڀڪو، اوکيءَ تون ئي تون،
مولا! مٿان مون، ٻُڙو مَ لاهج ٻاجهه جو.
(شاه)

جسٽس (رٽائرڊ) سيد ديدار حسين شاهه جي ”آتم ڪهاڻي“ پڙهندي شاهه سائين جو مٿيون بيت اَلائي ڇو ذهن تي تري آيم- شايد ان ڪري ته هنن پنهنجي حياتيءَ جي واقعات کي دل ۽ دماغ جي جنهن سچائيءَ سان پرکيو ۽ محسوس ڪيوآهي، اوتري ئي سچائي ۽ بي ريائيءَ سان قلمبند به ڪيو اٿن. وڏي سادگي سان قلم کي تکو ڪيو اٿن ۽ بيباڪيءَ سان گهڻو ڪجهه بيان ڪندي به پنهنجي روايتي اخلاق ۽ خانداني قدرن کي پنهنجي آڏو رکي، نه ته ڪنهن جي ٽوپي لاٿي اٿن ۽ نه ئي وري اهڙو ڪو اُگرو اکر ڪنهن جي به لاءِ استعمال ڪيو اٿن، جيڪو انهن جي دل آزاريءَ جو سبب بڻجي، پر ان سان گڏوگڏ رب سائينءَ جون جيڪي مهربانيون ساڻن شامل حال رهيون، شاهه لطيف جو هيءَ بيت ڄڻ ته ان احساس جو ئي اظهارآهي.
آتم ڪهاڻي ڇا ٿيندي آهي؟ اسان پنهنجي زندگيءَ جي ڪٿا ڀلا ٻين کي ڇو ٿا ٻڌائڻ چاهيون؟ جيڪا اسان تي گذري سا گذري، ٻين جي انهن ۾ ڪهڙي دلچسپي ٿي سگهي ٿي!!؟ اهي ۽ اهڙا ڪيترائي سوال ان مهل ذهن ۾ اچن ٿا، جڏهن اسان جي سامهون ڪوبه شخص پنهنجي حياتيءَ کي کولي ٿو رکي. مان ڪيڏي مهل سوچيندي آهيان ته پنهنجي زندگيءَ جي ان گورک ڌنڌي کي ٻين آڏو وائکي ڪرڻ جي عمل کي ڇا چئجي؟ بهادري؟! يا، ايندڙ نسلن تائين اُهو ڪجهه پهچائڻ؛ جيڪو هنن لاءِ ڄاڻڻ ضروري ٿيندو؟ ڇو ته هرشخص پنهنجي ليکي پنهنجي دور جو نقيب آهي جن ماه و سال ۾ هو جيئي ٿو، جنهن ماحول ۾ اک پٽي ٿو، جهڙي نموني ۾ هو وقت جي وهڪري ۾ وَهندي اڻ ڄاڻ منزلن تائين پهچي ٿو، ان سڄي سفر ۾، حيرت جي ڪيترن ئي جهانن سان هن جي آشنائي ٿئي ٿي.
جيڪڏهن اُهوانسان، ڪنهن سوچ ۽ فڪر کان عاري، بغير ڪنهن وڏي خفي ۾ پوڻ بجاءِ بس مڙئي پنهنجي زندگي گهاري هليو وڃي ته پوءِ ان جا شب و روز ڪنهن لاءِ به ڪنهن به قسم جي دلچسپي جو سبب نه بڻبا. پر، جيڪڏهن، قدرت ڪنهن کي ڪو اهڙو ڪم سونپي جيڪو هن جي وهم و گمان ۾ ئي نه هجي ۽ وري هڪ کان پوءِ ٻيو امتحان،آزمائش جدوجهد ۽ مرحلي در مرحلي مان گذري ڪٿي پهچي ته پوءِ اُن شخص جي زندگيءَ ۾ جهاتي پائڻ جي خواهش ضرور پيدا ٿئي ٿي.
سيد ديدارحسين شاهه صاحب، پنهنجي زندگيءَ جي دري ته پاڻ ئي کولي، سڀني کي کُلي عام پيو دعوت ڏئي، ته اچو ڏسو ته سهي، هي عجب سنسار! ڪٿان هليس ۽ ڪٿي اچي پهتس!؟ هن سفر۾ ڪير گڏ هليو ۽ ڪنهن ڪٿي ساٿ ڇڏيو. هن پرخار راهه ۾ گڏ هلندڙن کي ڪيئن ڏٺم ۽ ڪيئن پرکيم، ”وڏن“ ماڻهن کي ”ننڍو“ ٿيندي ۽ ”ننڍن“ ماڻهن کي ڪيترو قدآور ڏٺم. ڏسڻ جا ”ڏيل“ ڪيترا هئا ۽ اندر جا اُجرا ڪيترا مليا. ننڍپڻ ۾ ئي والد جي شفقت کان محروم ٿي، پنهنجي چاچي جي ٻاجهه ڀري پاڇي هيٺ پرورش وٺندڙ، قلم کڻندي ئي، آتم ڪهاڻي لکڻ جو مقصد بيان ڪندي اِهو ٿو چوي ته، ”ڪن سڄڻن ۽ دوستن جي اسرار تي مون آتم ڪهاڻي لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صرف ان مقصد لاءِ ته مون جهڙو مڊل ڪلاس سيلف ميڊ، مڇي ماني وارو، محنت، ايمانداري، سچائي ۽ خدمت سان ڪنهن منزل تي پهچي سگهي ٿو. مون جهڙي ڳوٺاڻي ماحول ۾ پيدا ٿي پرورش پاتل، پرائمري تعليم گورنمينٽ اسڪول رتوديرو، سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۽ لا (Law) ڪاليج حيدرآباد مان LLB جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ صوبائي اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج، جج اسپيشل ڪسٽمس اپيلٽ ڪورٽ صوبه سنڌ، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج ۽ چيئرمين نيب پاڪستان جهڙا ذميداريءَ وارا عهدا ماڻي سگهي ٿو.
بس سائين! شاهه صاحب جي زندگيءَ جي ڪهاڻي ته هڪ پيراگراف ۾ ئي پوري ٿي وئي... باقي ڇا بچيو؟
اخترالايمان چيو آهي ته،

چلو ایک تیز دھارے میں، کہیں ڈال دیں کشتی،
لطافت ٹھنڈے پانی کی کریں محسوس، کچھ تھوڑا بکھرجائیں،
اُڑیں ان بادلوں کے پیچھے اور میلوں نکل جائیں!

بس اهو ميلن جا ميل ماضيءَ ۾ پوئتي وڃڻ ئي اصل هُنرآهي. ذهن جي ڏورين کي يادگيرين کي هڪ قطار ۾ بيهارڻ ڪيترو نه مشڪل عمل آهي. هڪ يادگيريءَ کي پڪڙبو ته چار قصا هيڏي هوڏي تِرڪي ويندا- هڪ چهرو ياد ڪبو ته چار پري کان بيهي اشاروڪندا ته اسان کي به ياد ڪيو. شاه صاحب جي حافظي کي الله سلامت رکي، اهڙن اهڙن ماڻهن کي ياد رکيو اٿائين، جو اهي هن ڪتاب ۾ اچڻ کان پوءِ نه صرف تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿي ويندا، بلڪ هڪ دستاويزي ثبوت جو حصو بڻجي ويندا.
مون شروع ۾ ئي اِهو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته شاه صاحب، بغير ڪنهن”گلڪاريءَ“ جي سڌو سڌو سچ لکڻ ۽ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ۽ ان علائقي جي سياست کي ڏسڻ، پرکڻ ۽ سمجهڻ وارا ماڻهو، جڏهن هي ڪتاب پڙهندا ته هو گهڻي ڀاڱي،شاه صاحب جي راءِ ۽ تجزئي سان سهمت ٿيندا.
اها به هڪ حقيقت آهي ته بي غرض ۽ سچو انسان، نه صرف پنهنجي تعلق ۾ سچو ۽ کرو ٿئي ٿو، بلڪ پنهنجي بي ريائي سبب هو سچ ڳالهائڻ کان به نه ٿو ڪيٻائي- ڳالهه ڪنهن کي ڀلي ته نه وڻي پر سڄڻ کي سچ ٻڌائبو، هروڀرو غلط بياني ڪري ۽ خوشامدي بڻجي پاڻ وڻائڻ وارو گُڻ ان شخص ۾ نه هوندو. الله پاڪ، مٿين وصف سان سائين ديدارحسين شاه کي اصل اَڏي ڇڏيو آهي. جڏهن جڏهن به کيس موقعو مليو ۽ کانئس مشورو ورتو ويو ته، هن ڪنهن به مصلحت کي آڏو نه رکيو ۽ پنهنجي ذهن ۽ تجربي مطابق پنهنجي راءِ پڇڻ واري جي آڏو رکي پوءِ چاهي اُهو ممتاز ڀٽو هجي يا بينظيرڀٽو. پڙهڻ وارا جڏهن ڪتاب پڙهندا ته هو منهنجي ان ڳالهه سان ضرور متفق ٿيندا ته سائين ديدار حسين شاه ۾ خانداني نجابت ۽ گهر جي تربيت جي سبب جيڪا اخلاقي قوت ۽ همت هئي، ان جي ڪري ئي هو تمام جرئت سان پنهنجي نقطه نظر کي محترمه بينظيرڀٽو صاحبه جي آڏو بيان ڪندا هئا، اهڙي قسم جاگهڻا ئي واقعا ڪتاب ۾ موجود آهن.
هن آتم ڪهاڻيءَ جو محور ۽ مرڪز، لاڙڪاڻو ضلعو آهي، جيڪو پيپلزپارٽيءَ جي سياست جو به محور ۽ مرڪز رهيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي سياست جو نقطه آغاز، لاڙڪاڻي جا سياسي خاندان ۽ ڦرڻا گهرڻا وڏيرا به هن ڪتاب ۾ موجود آهن ته سياست ۾ رواداري ۽ فضيلت جا واقعا به بيان ڪيل آهن، جن ۾ قاضي فضل الله ۽ نواب نبي بخش خان ڀٽي جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي اليڪشن جو واقعو اهم آهي.
ذوالفقارعلي ڀٽي جي ان عوامي سياست جا احوال به آهن جنهن سياست کي ڊرائنگ روم مان ڪڍي عوامي ميدان ۾ آندو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي مان قاضي فضل الله ۽ ايوب کهڙي جي سياست جو انت آندو.
سيد ديدار حسين شاهه صاحب، هن ڪتاب ۾ نهايت کلي دل سان انهن مهربانن جو ذڪرڪيوآهي، جن جو ڪنهن نموني سان سنڌ جي سياست ياسماجي حيثيت ۾ ڪو به مثبت قدم کنيل آهي. شاه صاحب پنهنجي قلم کي اهڙي ڪا سُتي پياري آهي جو ان مان ڪنهن لاءِ گلا جو ڪو اکر ته نڪري ئي ڪو نه ٿو. اِها به پڪ اٿم ته شاه صاحب ”پنهنجن“ جو ڏنگيل به گهڻو هوندو، پر مجال جو ڪنهن کي ڪو ڏوراپو ڏئي. رب پاڪ جي ذات تي ڀروسو ايڏو جو جيڪو سامهون آيس ۽ مليس اُهو شُڪر جو ڪلمو پڙهي جهوليءَ ۾ جهليائين.
جتي دوستن جي دوستيءَ جا ڍُڪ ڀريا اٿس، اُتي سياسي مخالفن جي ڳُڻن جو به معترف آهي. لاڙڪاڻي جي سرڪرده شخصيتن جو، جن سان سندس سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح واسطو رهيو، ان جو ذڪر خيرايمانداريءَ سان ڪيو اٿائين. انهن ۾ قاضي فضل الله، اخترعلي جي قاضي، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالرزاق سومرو ۽ ممتاز علي جعفري جهڙا ڪجهه نالا آهن.
شاهه صاحب، جتي کوڙ واقعا ۽ سياسي قصا بيان ڪيا آهن اُتي ڪن شخصيتن ۽ واقعن تي سندس تبصرو، پڙهندڙ کي گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو ۽ جڏهن، شاه صاحب جي راءِ کي آڏو رکي، انهن کي پرکجي ٿو ته ذهن شاه صاحب جي راءِ سان متفق ٿيڻ تي مائل ٿو ٿئي. مثلاً، ممتازعلي خان ڀٽي صاحب لاءِ سندس راءِ آهي ته:
”ممتاز علي خان ڀٽو اعليٰ تعليم يافته، سٺي شخصيت ثابت ٿيو آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪابه صحيح سياسي راءِ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.“
پيپلزپارٽيءَ لاءِ شاه صاحب جو تبصرو آهي ته:
”پيپلزپارٽيءَ ۾ جزا ۽ سزا جو عمل ڪونه آهي جنهن کي گهرن ته مدد ڪن ۽ جي نه وڻين ته مدد نه ڪن، هرڪو پنهنجي خانيءَ خان آهي.“
”سومرا صاحب، پيپلزپارٽي جي 2008 جي اليڪشن کٽڻ کان پوءِ رتيديري ۽ لاڙڪاڻي جا، خاص طرح سان، اياز سومرو، ڊاڪٽرشفقت حسين سومرو ۽ بابو نصرت حسين ولد مرحوم عبدالواحد سومرو سياه ۽ سفيد جا مالڪ ۽ ڪرتا ڌرتا رهياآهن ۽ هر ڪم انهن جي اشاري تي يا انهن جي حڪم تي پيو ٿئي.“
سنڌ جي حالتن تي تبصرو ڪندي لکن ٿا:
”هونئن به صحيح چوڻي آهي ته سنڌ ”ڄمڻ“ وارن جي لاءِ نه آهي، پر ”لڏي“ آيلن جي لاءِ خلقي ويئي آهي. جيڪڏهن اسان جي صوبي ۾ سجاڳي ۽ ٻڌي نه ايندي ته اسان جو حشربه قريب قريب ريڊ انڊينئز جهڙو ٿي ويندو.“
ڄام صادق علي جي سلسلي ۾ شاه صاحب جي راءِ آهي ته:
”سياسي اختلافن کان سواءِ اها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي ته ڄام صادق علي پنهنجي وقت جو سخي چيف منسٽر هيو ۽ ان جو واقف ماڻهو جڏهن به ان وٽ ويو ته اُهو اُن وٽان خالي هٿين ڪونه موٽيو. جيڪڏهن پيپلزپارٽي سياسي طرح ڄام صادق عليءَ کي نظرانداز نه ڪري ها ته شايد 1990 ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ختم نه ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته ان حڪومت جي ختم ڪرائڻ ۾ ڄام صادق عليءَ جو وڏو ڪردار رهيو.“
سيد ديدار حسين شاه صاحب جن جي ڪريڊٽ تي، جتي پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي بيهي سنڌ جي ”ڏهيسر“ ممتاز علي ڀٽي کي هارائڻ اچي ٿو، اُتي سنڌ اسيمبلي ۾ ويهي پرائيويٽ ميمبر جي حيثيت سان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مٿان ضياءُالحق طرفان مڙهيل پابندي خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ به آهي، جنهن کان پوءِ ڇهن حُرن جي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا آيل اُن وقت جي ڊي سي، امداد انڙ جي نوڪريءَ کي بحال ڪرائڻ کان علاوه به ڪيترائي اهڙا ڪم، بحيثيت، ايم پي اي ۽ جج جي حيثيت سان سندس ڪيل فيصلا، سندس انصاف پسند ۽ فرض شناس شخصيت کي بيان ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪافي آهن. پر سڀ کان وڌيڪ دلچسپ ۽ جرئت آميز اُهو موقعو به آهي، جنهن ۾ بينظيرڀٽو صاحبه، شاه صاحب کي ٻيهر اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ ٽڪيٽ آڇي، جنهن جي جواب ۾ ”دلبرداشته“ ديدار حسين شاه جو اهو چوڻ ته،

”بیس مہینوں کے اقتدار میں نہ آپ نے ذاتی ملاقات کا شرف بخشا، نہ یہ پوچھا کہ کسی مشکل میں تو نہیں ہو۔ نہ خیروعافیت پوچھی کہ شاہ صاحب زندہ بھی ہیں یا انتقال کر گئے۔ محترمہ! مجھے الیکشن لڑنے کا شوق نہیں۔ میں الیکشن نہیں لڑوں گا۔“

ان ڳالهه جي غمازي ڪري ٿو ته، پنهنجي عزت ۽ وقار کي انسان پاڻ ئي سنڀاليندو آهي ۽ اڳلا به توهان جي عزت تڏهين ڪندا آهن، جڏهين توهان پاڻ پنهنجي عزت ڪرائي ڄاڻندا هُجو.
هن وقت، جڏهين پيپلزپاٽي 2013 جي اليڪشن ۾ ٽن صوبن مان ٻُهارجي رڳو سنڌ تائين محدود ٿي آهي تڏهن سيد ديدار حسين شاه صاحب جي هيءَ آتم ڪٿا، وقتائتي ۽ حالتن مطابق هڪ ٺهڪندڙ دستاويز جي حيثيت رکي ٿي، جيڪا ماضيءَ سان گڏوگڏ حال ۽ مستقبل جي اصلاح احوال لاءِ ضروري آهي. هونئن به زباني ڪلامي ته ماڻهو گهڻو ڪجهه ٻڌائيندو ۽ ٻڌندو ٿو رهي، ڳالهايل لفظ هوا۾ تحليل ٿي وڃن ٿا پر تحرير باقي رهي ٿي. سو هي ڪتاب به هڪ دستاويز جي حيثيت ماڻيندو. شاه صاحب جي نيڪ نيتي ۽ لاغرضيءَ سان خدمت خلق جي ڪاوشن جي شايد هي شعر بهتر غمازي ڪري سگهي ٿو.

مانا کہ اِس جہاں کو نہ گلزار کرسکے،
کچھ خار کم تو کرگئے گذرے جدھر سے ہم!
(ساحر)


مهتاب اڪبر راشدي
18 نومبر 2013
ڪراچي

اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي

جناب جسٽس (رٽائرڊ) ديدار حسين شاهه صاحب هڪ ماهر قانوندان ۽ منصف طور وڏي اعزاز سان پنهنجي عهدي جو وقت پورو ڪري هڪ نامور شهريءَ طور پنهنجي زندگيءَ جو نئون دور شروع ڪيو آهي. سندس گذريل دور تي مشتمل آتم ڪٿا، دراصل سنڌ جي سياسي سماجي تاريخ ۽ انصاف جي ادارن جي اندروني ڪهاڻي آهي. هيءُ پاڪستان جي اعليٰ عدالت جو پهريون جج آهي جنهن سنڌيءَ ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻي ترتيب ڏني آهي. هن کان اڳ ۾ ڪافي جج صاحبن جون آتم ڪهاڻيون ڇپيون آهن پر سنڌي ٻوليءَ ۾ منهنجي يادگيري مطابق هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جنهن لاءِ سائين شاهه صاحب جا ٿورا جو پاڻ اهو ضروري ڄاتائون ته سچ کي عام ماڻهوءَ تائين جيئن جو تيئن پيش ڪجي.
سنڌي معاشرو 1947ع کانپوءِ اٿل پٿل جو شڪار رهيو آهي. ورهاڱي وقت سنڌ جو وچيون طبقو اثرانداز ٿيو، هندن جي لاڏاڻي سبب سنڌي مسلمانن کي تعليم جي گهٽتائيءَ سبب مملڪت جي معاملن ۾ ڪا به اهميت جوڳي حيثيت نه ملي سگهي. ون يونٽ جي نظام سنڌي معاشري کي مفلوج ڪيو ۽ اڀرندڙ وچئين طبقي کي نوڪرين ۾ حصو نه مليو ۽ سنڌي ماڻهو ويڳاڻپ ۽ اڪيلائي جو شڪار ٿي ويو. ان دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي تعليم تي به هاڃيڪار حملا ٿيا جيڪي سڀ سنڌي سماج بهادريءَ سان پسپا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 1970ع پاڪستان جي تاريخ جو ٻيو اهم حوالو آهي. پهريون عام چونڊون جيڪي ”هڪ ماڻهو هڪ ووٽ“ جي اصول تي منعقد ٿيون، انهن چونڊن ۾ حيرت انگيز نتيجو آيو جنهن مالڪن کي گهڻو پريشان ڪيو، عام ماڻهن پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ کي هڪ سياسي تحريڪ جي شڪل ڏني. جيتوڻيڪ هٿياربندن جي هوڏ سبب ملڪ ٽٽي ويو پر سنڌ جي ماڻهن کي پهريون ڀيرو هڪ نئين راهه نظر آئي. جناب ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ڏاهپ ۽ تيز فهميءَ سان ملڪ کي هڪ نئين نظام، آئين نيتيءَ سان متعارف ڪيو. ان وقت نوجوان، تعليم يافته ڪجهه ڪرڻ جا خواهشمند هزارين سنڌي ڀٽي صاحب جي للڪار تي سياسي افق تي ظاهر ٿيا. جناب ديدار حسين شاهه صاحب به ان دور جو هڪ پرجوش سچو ۽ سرگرم ڪارڪن آهي، جنهن پنهنجي محنت ۽ ايمانداريءَ سان سياست ۾ قدم رکيو.
1979ع سال سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ ڀيانڪ يادگيريءَ جو نشان بڻجي ويو، جڏهين هڪ پرعزم، ڏاهي ۽ پرخلوص رهنما کي صرف ان ڪري شهيد ڪيو ويو جو ان جو ناماچار سٺو نه ٿيو. هڪ ننڍي صوبي مان اڀريل هن شخصيت پنهنجي پنجن سالن جي راڄ ۾ دنيا جي سياست تي پنهنجي نالي جي ڇاپ هنئي، جيڪا يارن کان برداشت نه ٿي سگهي. ان ڪاري دور ۾ به وقت ثابت ڪيو ته سنڌي سماج ڀٽي شهيد جي خاندان سان وفاداري نڀائي. هي سڀ تاريخي حقيقتون آهن. اهوئي سبب هو جو هوائي جهاز ڦاٽڻ سبب آيل ٻئي جهٽڪي کانپوءِ جيڪا حڪومت قائم ٿي اها محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي هئي. ان ئي حڪومت ۾ اسان جي هن ڪتاب جي محترم ليکڪ سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين اجلاس (ڊسمبر 1988ع) ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن تان پابندي هٽائڻ جو ٺهراءُ يڪراءِ بحال ڪرايو. هيءُ مثال هڪ اهڙي اداري جي ساک بچائڻ سان تعلق رکي ٿو جيڪو وچئين طبقي جي اڀرندڙ نوجوانن جو پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ جي اصول هيٺ ترتيب ڏنل هو ۽ جيڪو هن وساريل طبقي کي معاشري ۾ جائز مقام وٺي ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو هو. پر ان کي به اسلامي جمهوريه جي خلاف تصور ڪيو ويو هو جيڪو داغ سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ وسيلي ميساريو ويو. اهو سائينءَ جو احسان سگا جي ساٿ هميشه پئي ڳايو آهي. 1990ع جي ڏهاڪي ۾ سائين ديدار شاهه منصف جي منصب تي فائز ٿيو. ڪتاب جو ڳچ حصو معزز عدالتن جي ڪم ڪار ۽ انصاف ۽ بي انصافي جي فرق سمجهڻ ۽ سمجهائڻ تي مشتمل آهي.
پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ سياسي فيصلن ۽ سياست تي سڌيءَ ريت ۽ اڻ سڌيءَ طرح اثرانداز ٿيل فيصلن جي فهرست طويل آهي. انهن جو اپٽار هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف جي سامهون جيڪي اهم مقدما آيا، انهن جا انصاف تي مبني فيصلا ڄاڻايا ويا آهن. جج جي زندگيءَ ۾ انساني رشتا، ناتا، پسند ناپسند جا مسئلا پڻ سامهون اچن ٿا. انهن کي به تمام اختصار ۽ سهڻي نموني نڀايو ويو آهي. انهن واقعن ۾ ارد شير ڪائوسجي جو مقدمو به آيو آهي ۽ هن پارسي ڪالم نگار جي سنڌي دشمنيءَ جو روپ به ڏيکاريو ويو آهي. ان هوندي به ليکڪ جي ايمانداريءَ ارد شير کان به ڪورٽ جي آڏو شرمساريءَ جو اعلان ڪرايو، اها اخلاق، ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ جي فتح آهي جيڪا قابل ليکڪ جي هن ڪتاب مان بکي ٿي.
سنڌين کي اعليٰ عدليه کان پري رکڻ لاءِ الجهاد ٽرسٽ ڪيس وسيلي جيڪا ڪوشش ڪئي وئي ان کي به ظاهر ڪيو ويو آهي. راڻا ڀڳوانداس کي چيف جسٽس کان پري رکڻ جي سازش جو به پتو پوي ٿو، انهن فيصلن سبب هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به سنڌي جج نه هئڻ برابر آهن. اهي حقيقتون جتي سنڌي سماج جي ڄاڻ لاءِ ضروري آهن، اتي پاڪستان جي تاريخ جي سچاين جو به ثبوت آهن.
سنڌ واحد صوبو آهي جنهن کي پنهنجي ئي صوبي ۾ عدالتي نظام کان پري رکڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهو اسان جي ساڃاهه وندن لاءِ هڪ ڳنڀير مسئلو آهي.
زير نظر ڪتاب ۾ ليکڪ پنهنجي دوستن جو ذڪر پاٻوهه مان ڪيو آهي پنهنجي محترم استاد جناب عبدالرزاق سومري صاحب جن کي بيحد عزت سان ياد ڪيو آهي. ان کانسواءِ قاضي فضل الله، اختر قاضي ۽ عبدالوحيد ڪٽپر جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. اهي سڀ سنڌ جي سياسي سماجي تاريخ جا اهم ڪردار آهن. ان ريت شاهه صاحب پنهنجي همعصر سياسي سماجي ۽ قانوندان شخصيتن جو ذڪر خير ڪري پنهنجي دور جي تاريخ سهيڙي ڇڏي آهي. هن وقت شاهه صاحب تعليمي ادارن ۽ عام ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
آئون پنهنجي لاءِ اهو وڏو اعزاز پيو سمجهان ته اسان جي دور جي هن سٻاجهي، نيڪ نيت، ايماندار منصف مون کي پنهنجي ڪتاب تي راءِ لکڻ لاءِ حڪم ڪيو.
شال رب سائين، جسٽس ديدار حسين شاهه صاحب کي وڏي عمر عطا ڪري ته جيئن هو پنهنجي ايمانداري ۽ نيڪيءَ سان سنڌي معاشري کي سرفراز ڪندو رهي (آمين).

اَوَتڙ ڪنهن نه اولئا، ستڙ ويا سالم
هيڪائي هيڪ ٿيا احد سين عالم،
بي بها بالم آگي ڪئا اڳهم.

(شاهه)


ڊاڪٽر سليمان شيخ
آچر، 1 سيپٽمبر 2013ع،
ڪراچي

جيئن ڏٺو مون

عزت ماب قبله سائين سيد ديدارحسين شاهه هڪ اهڙو عظيم ڪردار ۽ هر دل عزيز شخصيت جو مالڪ آهي، جنهن جي محبت، پيار، پنهنجائپ ۽ سچائي تي ڪيترائي ماڻهو عاشق بڻيا آهن. سائين هڪ ته سيد زادو، ٻيو ته انتهائي ثابت قدم ۽ ايماندار، سندس ادب ۽ اخلاق مون جهڙن ڪيترن ئي فقير طبيعت ماڻهن کي پنهنجي محبت جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي. منهنجي دل ۾ سائين جي لاءِ جيڪا عزت، پنهنجائپ ۽ پيار آهي، اهو لازوال آهي. سائين جن جي شخصيت ۽ ڪردار سنڌو جي پاڪ پوتر پاڻيءَ جيان آهي. سيد ديدار حسين شاهه سان منهنجو عقيدت ۽ محبت جو سلسلو ان وقت شروع ٿيو جڏهن اسان دوستن سان گڏ ڊفينس جي نثار شهيد پارڪ ۾ شام جو واڪ ڪرڻ ويندا هئاسين. سائين جو نالو ته ٻڌل هوندو هو، ڇو ته اخبار جي دنيا سان واسطو هئڻ ڪري تقريبن سياسي، سماجي، ادبي ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن جي معلومات هجي ٿي. اهڙي طرح سڄي سنڌ جي ننڍن، وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ماڻهن سان سياسي، سماجي واسطا دوستيون هئڻ ڪري ڪٿي نه ڪٿي وڃڻ ضرور ٿيندو آهي. هڪ اخبار جو مالڪ هئڻ ڪري ماڻهن جا ڪم ڪار پوندا رهندا آهن. ان لحاظ کان سيد ديدار حسين شاهه جو نالو ته تارن ۾ چنڊ جيان روشن ۽ منور هوندو هو. اهو دور آگسٽ 2005ع جو هو سائين به تازو سپريم ڪورٽ مان رٽائر ٿيو هئو ۽ واڪ ڪرڻ لاءِ ڊفينس جي نثار شهيد پارڪ ۾ شام جو ايندو هو. منهنجي پهرين ملاقات ساڻن اتي ٿي. سائين جي ادب، اخلاق، پنهنجائپ ۽ پيار اهڙو ته دل تي گهرو اثر ڇڏيو جو مان سندن عاشق بڻجي ويس. اهڙي طرح اهو محبتن جو سلسلو ان ڏينهن کان جاري آهي. ان کانپوءِ سڀني دوستن جي گڏيل فيصلي سبب نثار شهيد پارڪ ۾ شام جي واڪ وارو ٽائيم تبديل ڪري صبح جو ڪيو ويو، ڇو ته مان انهن ڏينهن ۾ لنڊن مان تازو دل جو علاج ڪرائي آيو هوس. اهڙي وقت ۽ حالتن ۾ ڪنهن فرشتي نما انسان جو ملڻ منهنجي لاءِ رب العزت پاران انمول تحفو هو. سائين ديدار حسين شاهه سان زندگي جا گذاريل ڏينهن منهنجي لاءِ انتهائي خوشنصيبي وارا آهن. منهنجي دعا آهي ته رب العزت کين دراز زندگي، صحتيابي ۽ تندرستي عطا فرمائي. سائين جهڙن باڪردار، ثابت قدم شخصيتن جي سنڌ ڌرتيءَ کي سخت ضرورت آهي. جيڪي ماڻهو تاريخ ۽ انصاف جو بيچين آواز بڻجي. مظلوم ماڻهن سان انصاف ڪندا آهن. دنيا جي گردشن ۾ ڏکايل بي پهچ، لاچار، بيوس ماڻهن کي پنهنجي هئڻ جو احساس ڏياريندا آهن.
پاڻ انهن انصاف ڪندڙ ڪردارن مان هڪ آهي، جيڪي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جون خواهشون، سک، آرام قربان ڪري. ٻين لاءِ جيئن ٿا. سائينءَ سنڌي هئڻ ڪري سروس دوران ڪيتريون ئي تڪليفون، رڪاوٽون، پريشانيون برداشت ڪيون. پاڻ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين کان چڱي طرح باخبر آهي. ان ڪري سنڌ جي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سدائين سندن دل سان احترام ۽ عزت ڪندي هئي. کين پنهنجي انتهائي اعتماد ۽ ڀروسي وارن ماڻهن مان سمجهندي هئي. اهوئي سبب آهي جو محترمه کين ٻه ڀيرا ايم پي اي لاءِ ٽڪيٽ پڻ ڏني. پاڻ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر بڻيا. جڏهن 1988ع ۽ 1993ع ۾ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر هئا ته پاڻ سنڌ جي اهم مسئلن تي ڀرپور آواز اٿاريائين. اهو به مشهور هيو ته سيد ديدار حسين شاهه جيالو جج آهي پر پنهنجي عدالتي فيصلن جي ڪري هزارين ماڻهن کي پنهنجا حق مليا. انصاف جو مان مٿانهون ڪيائين، عام ماڻهن ۾ هڪ اعتماد بحال ڪيائين. سندس مٿان مخالفن پاران لڳايل الزام سڀ ڪوڙا ثابت ٿيا. سچ پچ تاريخ جا فيصلا ڏاڍا بيرحم ٿيندا آهن، سيد ديدار حسين شاهه خلاف هڪ دفعي انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ نالي واري ڪالم نگار اردشير ڪائوسجي هڪ ڪالم لکيو، جنهن جو عنوان هيو ”جسٽس آف جيالا جج“ ان ڪالم ۾ ڪيترائي الزام ۽ شڪايتون هيون.
بينظير ڀٽو صاحبه سنڌ جي ماڻهن سان ٿيل ناانصافين ۽ ڏاڍاين کي مدنظر رکي سنڌ جي ماڻهن ۽ سرڪاري آفيسرن مان احساس ڪمتري ختم ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا. نوازشريف جي وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ پ پ پ حڪومت پاران نوڪرين ۾ رکيل هزارين ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو، سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جهڙوڪ: سوئي سدرن گيس ڪمپني، ڪي پي ٽي، اسٽيل ملز، ڪي اي ايس سي، پي ٽي سي ايل، يوٽلٽي ڪارپوريشن، پي آءِ اي ۽ مختلف بئنڪن مان ماڻهن کي جبري طور تي ڪڍيو ويو. سنڌ جي ججن ۽ وڪيلن کي سالن تائين نظرانداز ڪندي ترقي کان پري رکيو ويو. ان وقت جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سنڌ جي ججن سان ناانصافي وارو سلوڪ ڏسي سنڌ هاءِ ڪورٽ لاءِ ڪجهه سينئر وڪيل جج مقرر ڪيا، جن ۾ سيد ديدار حسين شاهه به شامل هيو. هڪ دور اهڙو به آيو جڏهن ”جسٽس آف جيالا جج“ جا الزام هڻندڙ نالي واري ڪالم نگار اردشير ڪائوسجي جو پنهنجو ذاتي زمين جو ڪيس سنڌ سرڪار خلاف داخل ڪرايو ويو. اهو ڪيس سيد ديدار حسين شاهه وٽ پيش ڪيو ويو. پاڻ اهو ڪيس ڏسي مسٽر ارد شير ڪائوسجي کي چيائون ته مان توهان جي نظر ۾ هڪ جيالو جج آهيان، توهان کي انصاف نه ڏئي سگهندس. تنهن ڪري بهتر اهو آهي ته توهان پنهنجو ڪيس ٻئي ڪنهن جج وٽ کڻي وڃو. ان وقت مسٽر اردشير ڪائوسجي انتهائي شرمسار ٿيو ۽ ڪيل غلطي جي معافي ورتائين. پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪندي چيائين ته مون غلط ماڻهن جي چوڻ تي توهان تي الزام لڳايا هئا. مون کي يقين آهي ته توهان منهنجو ڪيس بهتر انداز ۾ هلائي سگهو ٿا ۽ توهان جيڪو به فيصلو ڏيندا، اهو مون کي قبول آهي، پوءِ سائين وٽ اهو ڪيس هليو ۽ کيس مڪمل انصاف مليو.
ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته مان پنهنجي رب جي عبادت دوزخ جي باهه جي ڊپ کان نه ڪندو آهيان ۽ نه وري جنت جي حورن جي شوق لاءِ عبادت ڪندو آهيان، پر آئون پنهنجي رب جي عبادت انهيءَ ڪري ڪندو آهيان جو منهنجو رب عبادت جي لائق آهي. انهيءَ ڪري مان به سائينءَ جي عزت ۽ ساڻس محبت ان ڪري ڪندو آهيان جو هو به ان عزت ۽ محبت جي لائق آهي.
مون کي اهو ٻڌائيندي فخر ٿيندو ته سيد ديدار حسين شاهه جڏهن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ هو. ان وقت ميان نوازشريف کي جهاز ڪيس ۾ اي ٽي سي ڪورٽ مان عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، جنهن کانپوءِ ميان صاحب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي. ٻيءَ تاريخ تي اپيل ڪندڙ ميان نواز شريف ۽ ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ گهرايو ويو. ميان نوازشريف عدالت ۾ پيش ٿي. ڪافي مايوس ۽ پريشان ٿيو. هن ڪورٽ اڳيان دانهون ڪيون ته مون سان غير انساني سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. مون کي اسلام آباد کان ڪراچي ايندي جهاز ۾ ٻنهي هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي. سيٽن تي ويهاريو ويو آهي ۽ قيدين وانگر بند گاڏي ۾ وجهي هتي وٺي آيا آهن. جيل وارن جو به ورتاءُ صحيح نه آهي، ڊاڪٽر جي وزٽ به ڪو نه ٿي ٿئي. مون کي قيد تنهائي ۾ رکيو ويو آهي. مان سابق وزيراعظم آهيان. مون کي قانون ۽ جيل مينوئل موجب سهولتون ڏنيون وڃن. مون سان مهذب طريقو اختيار ڪيو وڃي. ان کانپوءِ ڪورٽ جي حڪم تي ميان نوازشريف کي جيل ۾ هر سهولت ملي. جهڙوڪ گهر جي ماني، ڊاڪٽر جي وزٽ، اخبارون ۽ ڪورٽ ۾ آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ ٽيوٽا ڪرولا گاڏي وغيره، جنهن سبب مٿين سرڪار سخت ناراض ٿي ۽ سائينءَ کي سزا طور فوراَ 28 اپريل 2002ع تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج مقرر ڪيو ويو. 2005ع ۾ پاڻ 65 سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿيو. ان کانپوءِ 18 آڪتوبر 2010ع تي صدر پاڪستان آصف علي زرداريءَ جي حڪم تي سيد ديدار حسين شاهه کي وفاقي نيب چيئرمين مقرر ڪيو ويو. پنجن مهينن تائين نيب چيئرمين رهندڙ تي ان وقت نوازشريف ۽ سندس پارٽي جي ساٿين چوڌري نثار احمد ۽ ٻين سخت احتجاج ڪيو ۽ ڪورٽن ۾ درخواستون داخل ڪرايون ته سيد ديدار حسين شاهه جيالو آهي، تنهن ڪري ان کي نيب چيئرمين تان هٽايو وڃي. ميان نوازشريف ۽ سندس ساٿين کان شايد اهو وسري ويو هو ته هيءُ اهوئي جيالو جج هو، جنهن کيس مڪمل انصاف ۽ عزت ڏني هئي، جنهن جرم ۾ هن ڪيتريون تڪليفون برداشت ڪيون. ساڻس ناانصافي ڪئي وئي. سيد صاحب سان ناانصافي ڪندڙ ياد رکن ته تاريخ جا فيصلا ڏاڍا بيرحم ٿيندا آهن. سيد صاحب جا ڪيل فيصلا تاريخ ۾ سچ جا پڙاڏا بڻجي گونجندا رهندا ۽ سيد ديدار حسين شاهه تارن ۾ چنڊ جيان روشن رهندو. ناانصافيون ڪندڙ ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي لائق به نه رهندا، انهن تي تاريخ جو فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ اهي قانون، سچائي، تاريخ ۽ انصاف جا مجرم ثابت ٿيندا. تاريخ جي فيصلن خلاف ڪا به اپيل داخل نٿي ٿي سگهي.
تاريخ جا فيصلا ڏاڍا بيرحم ٿيندا آهن. سيد ديدار حسين شاهه کي نيب چيئرمين تان هٽائڻ کان پوءِ تاريخ جا فيصلا ڏسو، ڪنهن ماڻهوءَ کي ايڏي وڏي عزت، محبت، پيار ۽ پنهنجائپ شايد ملي هجي. سندس خلاف فيصلو اچڻ کانپوءِ سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي، سڄي سنڌ ۾ هڙتال ڪئي وئي. سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر سندس حق ۾ سنڌ اسيمبلي جي هلندڙ اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويا ۽ انهن احتجاجي مظاهرا ڪيا، جنهن ۾ ايم پي اي عورتون وڏي تعداد ۾ شريڪ هيون. وڏي ڳالهه اها ڏسڻ ۾ آئي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد شهر مڪمل بند هئا. ڪراچي جي مختلف سنڌي علائقن ۽ وسندين ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جن جي اڳواڻي سماجي اڳواڻ ۽ ڪالم نگار، شاعر، اديب ۽ سول سوسائٽي جا اڳواڻ ڪري رهيا هئا. اهڙي طرح سڄي سنڌ احتجاجي مظاهرا، جلوس ۽ ڌرڻا هڻي سندس خلاف ڏنل فيصلي تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان کان علاوه سندس حق ۾ سنڌ اسيمبلي، بلوچستان اسيمبلي، خيبرپختونخواهه اسيمبليءَ ۾ قراردادون پاس ڪيون ويون. ان کان علاوه اخبارن، رسالن ۾ مگئزينن ۾ ڪالم ۽ ايڊيٽوريل لکيا ويا.
سائين روزاني عوامي آواز اخبار ۾ ڪرنٽ اشو تي ”واڪا ڪرڻ مون وس“ جي نالي سان ڪيترائي ڪالم لکيا، جڏهن روزاني عوامي آواز پاران سنڊي مئگزين هر آچر تي ڪڍڻ شروع ڪيو ويو ته مون مئگزين جي انچارج قاسم راڄپر جي چوڻ تي سنڊي مئگزين ۾ آتم ڪٿا لکڻ لاءِ کين عرض ڪيو ته پاڻ ان تي آمادگي ڏيکاريائون، پوءِ اها هر هفتي عوامي آواز ميگزين جي زينت بڻبي رهي. ان جي اهميت ۽ وقعت کي سامهون رکي هينئر سنڌ جي ساکائتي اداري سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي پاران هن ڪتاب جي صورت ۾ گڏي ڇپائي پئي وڃي. سندن هيءُ آتم ڪٿا تي ٻڌل ڪتاب، نه رڳو عام پڙهندرن لاءِ رهنمائي ڪندڙ آهي پر انهن ماڻهن لاءِ پڻ رهنما آهي، جيڪي ڪنهن به اهڙي وڏيءَ ڪرسيءَ تي ويهندا، جنهن جو واسطو سڌو سنئون عام ماڻهن جي مسئلن، انهن جي صحت، انهن جي تعليم، انهن جي روزگار ۽ انهن کي پلئه پوندڙ قانوني حقن سان هجي.
سيد ديدار حسين شاهه جي هيءَ آتم ڪٿا، سندس پڙهندڙن ۽ دوستن ۾ اهو احساس به جاڳائيندي ته هو به پنهنجي زندگيءَ جي ڪار گذارين کي لکي ڪتابي شڪل ۾ آڻين ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ پل جوڙين، هڪ اهڙي واٽ واضح ڪن جنهن تان هلي، هو سچ، حق ۽ انصاف واري زندگي گذاري سگهن ۽ ڪنهن لوڀ لالچ ۽ ڊپ ڊاءَ کانسواءِ پنهنجا فرض نڀائي سگهن. هيءُ ٻه لفظ نه ڪتاب بابت آهن ۽ نه ئي اهو ٻڌائڻ لاءِ ته مان ڪو عالم ۽ اديب آهيان، سچ پچ ته هيءُ لفظ ان عقيدت جو اظهار آهن جيڪا مان سدائين ديدار حسين شاهه جي لاءِ دل ۾ سانڍيندو آيو آهيان ۽ اها شايد منهنجي زندگيءَ جي اهم ميراث هجي. پاڻ سدائين خوش هجن، مون کي يقين آهي ته هيءُ ڪتاب سنڌ ۾ گهڻي مڃتا ماڻيندو ۽ اڳتي هلي هن جو انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو ويندو ته جيئن هن ڪتا مان گهڻي کان گهڻا ماڻهو فيض پرائي سگهن. ان اميد سان.


ڊاڪٽر خير محمد جوڻو
4 سيپٽمبر 2013ع، ڪراچي

سچائيءَ سان لکيل آتم ڪهاڻي

آتم ڪهاڻي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ صدي مٿان نظر رکڻ کان پوءِ لکي سگهبي آهي. ليکڪ جو ٻاراڻو دؤر، جوانيءَ جا جذبا، تجربا ۽ آخر ۾ پختي ۽ سچائي تي بيٺل ڪهاڻي.
سائين ديدار حسين شاهه جي اکڙين ڇا نه ڏٺو آهي، وڏڙن جي وڏائپ، چڱ مڙسي جا چرچا ۽ انصاف ڀريا اعلان، ٻالڪپڻو، تعليم، سماجي ۽ سياسي ماحول، محبتون وفاداريون، انصاف جي دروازن تي گيهه پيهه انصاف جو وڪرو ۽ ٻي طرف انصاف ڀريا اعلان. آخر ۾ پنهنجي قلم سان انصاف ورهائڻ ۽ ذهني سڪون حاصل ڪرڻ.
تاريخ ۽ شهادتن جي شعبي جي ڄاڻ به خوب اٿن، ڪتابي ۽ پڻ عملي ميدان ۾.
سائين ديدار حسين شاهه اڃا ته آتم ڪهاڻيءَ جو پهريون باب لکيو آهي، جنهن ۾ سچائي وفاداري ۽ ڪمٽمينٽ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. باقي ٻه حصا: هڪ دوستن ۽ ساٿين بابت ۽ ٻيو دنيوي شهادتن جو، جيڪي لاڙڪاڻي کي نصيب ٿيون. جن جو تعلق به لاڙڪاڻي سان آهي ته ليکڪ جو واسطو به انهن سان ۽ لاڙڪاڻي سان آهي.
سياسي ۽ سماجي تاريخ تي جيترو ديدار حسين شاهه جو ذهن ۽ قلم لکي سگهندو، اوترو شايد ڪنهن ٻئي جو قلم لکندو. پاڻ جيئن ته ان ڊرامي جي ڪردارن منجهان آهن تنهن ڪري کيس نماڻو عرض آهي ته قلم جي مَسُ، سڪڻ نه ڏيندا ۽ اهي باب به پورا ڪندا. مٿي ذڪر ڪيل ڊرامو ڪٿي ٿيو، ڪردار ڪهڙا هئا، فلاسفي، نفسيات ۽ نصيحت ڪهڙي حاصل ٿي، ان کي به سنوارڻ جو سِلو، منهنجي دل ٿي چوي ته سائين ديدار حسين شاهه ئي مڪمل ڪري سگهي ٿو.
Globe theatre، دنيا ۾ مشهور آهي، اهڙو گلوب، نئين ديري منجهه به قائم آهي، فقط انڪروچمينٽ هٽائڻي آهي ۽ ڪاروبار اصلي وارثن کي ڏيارڻو آهي، قبضي گيرن ته مرڪز، سنڌ ۽ لاڙڪاڻي جي سياسي ميراث جي ڀينگ ڪري رکي آهي. سياست جيڪا عبادت هئي، ان کي واپس ڪرائڻو آهي. سائينءَ کي التجا آهي ته فقط عَلَم کڻي هلي، سچ جو نعرو هڻي ته پروانا، اصلي جيالا ۽ سچ جا شيدائي هزارين ميدان ۾ ڪڏي پوندا.

بدر اُڄڻ

گوندر ويا گذري

---

ڪجهه پنهنجي باري ۾

ڪن سڄڻن ۽ دوستن جي اسرار تي مون آتم ڪهاڻي لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صرف ان مقصد لاءِ ته مون جهڙو مڊل ڪلاس، سيلف ميڊ، مڇي ماني وارو به محنت، ايمانداري، سچائي ۽ خدمت سان ڪنهن منزل تي پهچي سگهي ٿو. مون جهڙو ماڻهو ڳوٺاڻي ماحول ۾ پيدا ٿي پرورش پاتل، پرائمري سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديرو، سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۽ لا ڪاليج حيدرآباد مان LL.B B.A. جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ وڪالت جهڙي پيشي ۾ داخل ٿي ڪري، ميمبر صوبائي اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج، جج اسپيشل، ڪسٽمس اپيلٽ ڪورٽ صوبو سنڌ، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج ۽ چيئرمين نيب پاڪستان جهڙا ذميداريءَ وارا عهدا به ماڻي سگهي ٿو.
منهنجو جنم 11.12.1939 تي ڳوٺ ڳڙهي غلام حيدر قادري ۾ سيد محبوب علي شاهه نقوي مرحوم جي گهر ۾ ٿيو. منهنجو وڏو ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه هو جيڪو اعليٰ سرڪاري عهدي تان 2000ع ۾ رٽائر ٿيو، اسان ٻنهي ڀائرن جي پٽن جهڙي پرورش سيد وريل شاهه مرحوم، اسان جي سڳي چاچي ڪئي، جيڪو لاڙڪاڻي ضلعي خواهه سنڌ جي ڄاتل، سڃاتل، سياسي ۽ سماجي شخصيت هيو. پاڻ رتوديرو ميونسپل ڪميٽي جو وائيس پريزيڊنٽ، پريزيڊنٽ ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو ڪيترائي ورهيه منتخب ٿيل ميمبر رهيو. رتوديرو شهر ۽ ان جي پس گردائي ۾ اسان جي خاندان جي سڃاڻپ وڏي علم پاڪ وارن سيدن طور ٿيندي آهي ۽ اهو علم پاڪ اڄ تائين وقت جي رفتار کان وڌيڪ وڏو، سهڻو، روشن ۽ منور آهي. مون کي اهو ٻڌائڻ ۾ ڪابه گهٻراهٽ نه آهي ته اهڙا علم پاڪ ٻيا به ٿي سگهن ٿا، پر منهنجي ننڍڙي شهر جي پسگردائيءَ ۽ شهرن ۾ اهڙو ٻيو ڪوبه علم پاڪ نظر نه ايندو.
مرحوم سيد وريل شاهه کان اڳ اسان جي خاندان جو ۽ خود سائين وريل شاهه جو وڏو سوٽ، سيد زوار جهنڊل شاهه ڪيترائي ورهيه ميونسپل ڪميٽي رتوديرو جو منتخب ميمبر رهيو، جنهن پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي سائين وريل شاهه جي رهنمائي ڪئي. پاڻ تسبيح، نماز ۽ ذڪر خدا ۾ مشغول رهندا هئا ۽ خاندان کي نيڪ دعائون ڏيڻ ۾ پڻ مصروف رهيا. مون پرائمري تعليم رتيديري اسڪول مان حاصل ڪئي، جتي ڪاٺ واري بينچ تي ويهي قلم ۽ ڪاري سليٽ تي لکيوسين ۽ پڙهيوسين. پرائمري تعليم دوران سٺن استادن جهڙوڪ؛ مرحوم حاجي خان سولنگي، مرحوم عبدالڪريم سومرو، مرحوم غلام رسول ٿهيم ۽ اسان جا عزيز مرحوم سيد ڏنل شاهه ۽ سيد باغن شاهه، مشهور، محنتي ۽ نالي وارا استاد هئا، جن پرائمري ۾ محنت ڪري اسان جهڙن شاگردن جي پڙهائي کي موزون بنايو ۽ همٿايو. ان وقت جو گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو، جيڪو ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر هو، ان ۾ سڄي ضلعي جي پرائمري شاگردن کي ويهاري امتحان ورتو ويندو هيو ۽ ڪامياب پرائمري شاگردن کي ڏهه روپيه هر مهيني اسڪالرشپ ڏني ويندي هئي، جيڪا ستن اٺن مهينن جي لاڳيتي ڏيندا هئا، جنهن جي گڏ ٿيڻ جي ڪري ڪافي پئسه ٿيندا هئا. انهن پئسن مان شاگردن جا ڪتاب ۽ لٽا ڪپڙا ٿي ويندا هئا. مون پڻ مڊل ڪلاس اسڪالرشپ جو اهو امتحان پاس ڪيو هو، جيڪو ان زماني ۾ تمام سخت مقابلي تحت ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر لاڙڪاڻي ۾ ٿيندو هو، ان امتحان ۾ ڪامياب ٿيندڙ شاگردن کي ضلعي بنياد تي مقرر سيٽن تي ٻارهن روپيه مهينو اسڪالرشپ ملندي هئي جيڪا ستن اٺن مهينن جي گڏ ملندي هئي. اسان کي پڙهائيءَ ۾ همٿائڻ لاءِ اسان جي والده جو وڏو هٿ هو. مون کي اڄ به ياد آهي ته فجر جو اسان ٻنهي ڀائرن کي اُٿاري مُنهن تي پاڻي جا ڇنڊا هڻندي هئي ته جيئن اسان جي ننڊ ڦٽي ۽ رات جو وري گاسليٽ واري بتي ٻاري ڏيندي هئي جنهن جي روشنيءَ تي اسان ٻئي ڀائر پڙهندا هئاسين. امڙ سڳوري هروقت اهو احساس ڏياريندي هئي ته توهان ٻئي ڀائر يتيم آهيو، تنهن ڪري محنت ڪري تعليم وٺي پنهنجي لاءِ ڪو مقام پيدا ڪيو. منهنجو وڏو ڀاءُ 1954ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ سائين وريل شاهه جي چوڻ تي، ضروري ٽيسٽ پاس ڪرڻ بعد محترم عبدالغفور ڀرڳڙي، ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ ماستر مقرر ڪيو. مختلف کاتن ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن ۾ 18 گريڊ جو ڊسٽرڪٽ مينيجر ممتاز علي ڀٽو صاحب جي معرفت مقرر ٿيو، جتان 2000ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ بعد ۾ شاهه عبداللطيف ايجوڪيشن ٽرسٽ ۾ ايڊمنسٽريٽر آفيسر طور ڪم ڪيو. شاهه صاحب زندگيءَ جو اهو سڄو عرصو اهل، لائق ۽ ايماندار آفيسر طور سڃاتو ويو. مان 1958ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري ۾ پڙهيس ميٽرڪ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت ميٽرڪ جو امتحان يونيورسٽي وٺندي هئي. ڪاپي تڏهن ڪانه هئي، شاگرد پنهنجي محنت ۽ هوشياري سان پڙهي امتحان پاس ڪندا هئا.
ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ ۽ فارم موڪلڻ کان پهريان واسطيدار اسڪول ۾ ٽرمينل امتحان ٿيندو هو ان ۾ جيڪو شاگرد پاس ٿيندو هو، ان جا فارم يونيورسٽيءَ ڏانهن امتحان ۾ ويهڻ لاءِ موڪليا ويندا هئا. مون کي اڄ به ياد آهي ته مون ميٽرڪ ۾ حسابن کان سواءِ ٻين سڀني سبجيڪٽن ۾ فرسٽ ڪلاس مارڪون کنيون هيون. حسابن جي سبجيڪٽ ۾ گهڻو ڪمزور هئس. ذهن ۾ اهو ويٺل هو ته مون کي حساب نه ٿا اچن. ان جي ڄاڻ سڀني استادن کي ۽ خاص طور هيڊماستر مسٽر رام چند کي پڻ هئي جڏهن ٽرمينل امتحان ٿيو ته مون کان اڳ ۾ منهنجو هم ڪلاسي مسٽر عبدالرحمان ابڙو، جيڪو پي آئي اي ۾ ڊائريڪٽر باغات ٿي رهيو ۽ جيڪو منهنجو گهرو دوست به هيو، ان کي چيو ته امتحان پاس ڪرڻو آهي، مون کي ڪاپي ڪرڻ جي سهولت ڏي ۽ مون ڪاپي ڪئي. جڏهن ٽرمينل امتحان جو نتيجو نوٽيس بورڊ تي لڳو ته سائين رام چند مون کي ارٿميٽڪ جي پرچي ۾ ٻڙي مارڪون ڏنيون. سڄي اسڪول جي شاگردن ۽ استادن اها رزلٽ ڏٺي بعد ۾ مون کي مسٽر رام چند هيڊماستر پنهنجي آفيس ۾ گهرائي پڇيو ته توهان ارٿميٽڪ ۾ ڪمزور هيا ته پوءِ توهان ايتريون مارڪون ڪيئن کنيون آهن؟ ڇا توهان ڪاپي ڪئي آهي؟ مون سائين رام چند کي ادب سان ٻڌايو ته برابر مون ڪاپي ڪئي آهي. جنهن تي استاد محترم چيو ته توهان هوشيار ۽ سٺا شاگرد آهيو، ٻين سڀني سبجيڪٽن ۾ توهان جون فرسٽ ڪلاس مارڪون آهن، يونيورسٽي جي امتحان ۾ ڪاپي ڪونه ٿيندي ۽ ڪاپي ڪندؤ ته توهان جو ڪيريئر تباهه ٿي ويندو. سائين رام چند مهرباني ڪري ۽ مون تي رحم ڪري چيو ته توهان جهڙن هوشيار، لائق ۽ يتيم ڇوڪرن جي مدد ڪرڻ گهرجي جنهن بعد مون کي حڪم ڪيائين ته سڀاڻي کان وٺي ڇهين پيرڊ کان پوءِ منهنجي آفيس ۾ ايندا ڪيو ته توهان کي ارٿميٽڪ سيکاريان ۽ ان جا توهان کان پرچا وٺان. محنت ڪندي، پنهنجي ذهن مان اها ڳالهه ڪڍي ڇڏيو ته توهان کي ارٿميٽڪ نه ٿي اچي، ايئن ڪندا ته توهان ارٿميٽڪ سمجهي، سکي ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪندا. اڄ مان اهو ٻڌائيندي فخر محسوس ٿو ڪريان ته ان وقت جي سيڪنڊري اسڪول جا محنتي استاد پيرڊ وٺي، محنت ڪري شاگردن جي دلچسپي پڙهائي طرف ڪندا هئا ۽ پوءِ پڙهائيندا هئا. مون کي ياد آهي ته سائين رام چند هيڊماستر ٿي ڪري به پهريان چار پيرڊ نائين ۽ ڏهين کي چاڪ ۽ ڊسٽر هٿ ۾ کڻي بليڪ بورڊ تي متواتر ٻه پيرڊ نائين ۽ ٻه پيرڊ ڏهين جا پڙهائيندو هئو. نه صرف سائين رام چند پر ٻيا استاد جهڙوڪ مسٽر لطيف الدين صديقي، مسٽر عبدالخالق ابڙو، مسٽر امان الله سيلرو، مرحوم مسٽر غلام رسول سومرو، مرحوم عبدالحئي ”قائل“ قاضي، مرحوم مسٽر عبدالغني سومرو، جيڪو بعد ۾ ڊگري ڪاليج رتيديري ۾ پروفيسر به ٿي رهيو، عبدالخالق ابڙو، جيڪو ڊگري ڪاليج رتيديري ۾ ليڪچرار ٿي رٽائر ٿيو ۽ مسٽر محمد ابراهيم گهانگهرو جيڪو بعد ۾ ڊگري ڪاليج رتيديري جو پرنسپل به رهيو ۽ تازو رحلت ڪري ويو آهي؛ الله تعاليٰ جي در دعاگو آهيان ته انهن سڀني جي مغفرت فرمائي. انهن جا درجا بلند ڪري ۽ کين جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي.
ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ مون گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئين ديري ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور ڪم ڪيو. 1962ع ۾ BA فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان LL.Bپاس ڪيم. 22.08.1967 تي اولهه پاڪستان بار ڪائونسل ۾ وڪيل طور رجسٽر ٿيس ۽ ابتدائي طور لاڙڪاڻي جي مشهور وڪيل مسٽر عبدالرزاق سومري صاحب جو چيمبر، ان جي جونيئر جي حيثيت ۾ جوائن ڪيم ۽ وڪالت جو پيشو عملي طور ان سان گڏ شروع ڪيو. سومرو صاحب شفيق، مهربان ۽ سٺي طبيعت وارو ماڻهو آهي. فوجداري ڪيسن ۾ ڏاڍو نالو اٿس ۽ سندس دسترخوان به ڪشادو آهي. الله جون مٿس مهربانيون آهن، خدا کيس خوش و خرم ۽ سلامت رکي. لاڙڪاڻي ۾ ٻين مشهور وڪيلن سان واسطو رهيو جن ۾ مرحوم قاضي فضل الله، جيڪو سنڌ جو چيف منسٽر ۽ اولهه پاڪستان ۾ وزير به رهيو، مسٽر عبدالوحيد ڪٽپر جيڪو بعد ۾ سنڌ ڪابينا ۾ به وزير رهيو، مسٽر علي مراد ابڙو مرحوم، جيڪو منهنجو بهترين دوست هو. مسٽر ممتاز علي جعفري مرحوم، مسٽر فقير محمد جعفري، مسٽر غلام حيدر بلوچ مرحوم، الاهي بخش ڪيهر، مسٽر رحمت علي راجپوت، محمد بچل تنيو، گل حسن سولنگي، مرحوم الاهي بخش سيال، مرحوم غلام نبي شيخ، مسٽر موهن لال (جيڪو هن وقت انڊيا ۾ آهي) مسٽر محمد نواز چانڊيو ۽ ٻيا به منهنجا دوست هئا.
مون کي ياد ٿو اچي ته جنرل محمد ايوب جي وقت ۾ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪشمير ۽ ٻين سياسي مسئلن تي اختلافن جي ڪري ايوبي آمريت جي وزارت ڇڏي آيو تڏهن پنهنجي زمينن ۾ ٽريڪٽر هلائڻ جي ڪري، سرڪار کيس نقصان ڏيارڻ جي لاءِ مٿس ڪيس داخل ڪرايا هئا. غالباً اهو 1968ع وارو سال هو. ڀٽو صاحب وڏي معلومات، رکندڙ ذهين ۽ دورانديش شخص هو. وسيع تعلقاتن جي ڪري پنهنجي خلاف ٿيندڙ ڪارروائي ۽ ڪيسن جي خبر رکندو هيو. لاڙڪاڻي ۾ اچڻ کان پوءِ کيس خبر پئي ته ملڪ وزير محمد مرحوم ان وقت جو ASP انهن ڪيسن جي جاچ ڪري رهيو آهي. منهنجي استاد محترم عبدالرزاق سومري کي منهنجي لاءِ چيائين ته مون سان المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي ۾ ڇهين وڳي اچي ملي. مون نياپو ملڻ بعد حڪم جي بجا آوري ڪندي المرتضيٰ هائوس تي ساڻس ملاقات ڪئي. رتيديري جي رهواسي ۽ سيد وريل شاهه جو ڀائيٽو هجڻ جي ڪري ڀٽو صاحب مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه مرحوم کي گهڻو سڃاڻيندو هيو، ڇوته هو اڪثر ڪري سائين سيد وريل شاهه سان گڏ ساڻس سان ملندو رهندو هو ۽ ڀٽي صاحب ئي منهنجي پنهنجي ڀاءُ کي وليج ايڊ ۾ ڊولپمينٽ آفيسر مقرر ڪرايو هو. ڀٽي صاحب ملاقات ۾ مون کي چيو ته ”ملڪ وزير محمد ASP توهان جو دوست آهي ۽ مون تي داخل ٿيل ڪوڙن ڪيسن جي جاچ ڪري رهيو آهي، ان کي پنهنجي جڳهه (ان وقت اسان جي جڳهه شيوا منڊي محلا لاڙڪاڻو ۾ هئي) تي مسٽر عبدالوحيد ڪٽپر سان ملاقات ڪرايو ته ڪٽپر صاحب ملاقات ڪري ڪيس متعلق معلومات وٺندو. مون ڪٽپر صاحب جي ملڪ وزير سان ملاقات ڪرائي ٻنهي کي رات جو گهرايو، ٻئي آيا ۽ منهنجي گهر جي مٿئين حصي ۾ ٻنهي اڪيلائي ۾ ملاقات ڪئي. ٿوري ريفرشمينٽ ڪري ٻئي صاحب هيٺ لهي آيا ۽ مون کان موڪلائي هليا ويا. ٻئي ڏينهن تي اڳ ۾ ڪٽپر صاحب جي ڀٽي صاحب سان ملاقات ٿي هئي ۽ بعد ۾ مون به ٽائيم وٺي ڀٽي صاحب سان ملاقات ڪري کيس ٻڌايو ته ملاقات ڪرائي آهي. مون ڀٽي صاحب کي اهو عرض ڪيو ته مون پنهنجي حيثيت مطابق ملڪ وزير محمد کي چيو آهي ته ٽريڪٽر ڪيس ۾ توهان سان ناانصافي نه ڪري ۽ صحيح جاچ ڪري رپورٽ ڏئي ۽ کيس اهو به چيو اٿم ته پوليس واري حسب معمول لالچ هن ڪيس ۾ نه رکي. ڀٽو صاحب اهو ٻڌي خوش ٿيو ۽ چيائين ته اوهان جي مهرباني، الله تعاليٰ بهتر ڪندو. باقي ڪنهن تي به گهڻو ڀروسو ڪرڻ مناسب نه آهي، مهيني اڌ کان پوءِ ڀٽي صاحب سان ملاقات ٿي، جنهن مون کي چيو ته ملڪ وزير محمد پنجويهه هزار منهنجي منشيءَ کان ورتا آهن. اوهان جي چوڻ کان پوءِ به هو مڙيو نه آهي بعد ۾ ملڪ وزير محمد سان به مون اها ڳالهه ڪئي ته توهان کي ڀٽي صاحب کان پئسا نه وٺڻ گهرجن ها، جنهن تي ملڪ وزير محمد فرمايو ته، شاهه صاحب مون کي ته منشيءَ پئسا ڏنا، مون کي اها خبر ڪا نه هئي ته منشي ڀٽي صاحب سان اها ڳالهه ڪندو. مون کيس چيو ته وڏن ماڻهن جا منشي واسطيدار کي پئسا ڏيندا آهن ۽ مالڪ کي ٻڌائيندا آهن، توهان جي اها ڀل آهي جنهن جو نتيجو سٺو نه نڪرندو ۽ واقعي ايئن ئي ٿيو جنهن جو مون کي خطرو هو. ڀٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ جيڪي مارشل لا جي دور ۾ بدعنواني جي الزام هيٺ 1300 ماڻهو ڪڍيا ويا هئا، جن جو اعلان مسٽر غلام مصطفيٰ جتوئي مرحوم ريڊيو ۽ TV تي ڪيو هو، تنهن ۾ پوليس کاتي منجهان سنڌ مان ملڪ وزير محمد جو نالو سيريل نمبر ٻه تي هو؛ بري ڪم جو نتيجو بروئي ٿيندو آهي.

ذاتي زندگي

منهنجي شادي پنهنجي چاچي مرحوم سيد وريل شاهه جي خواهش تي، منهنجي مربي ڀاءُ مرحوم سيد نياز حسين شاهه، مرحوم سيد عالم شاهه ۽ منهنجي سئوٽن ۽ سائين وريل شاهه جي فرزندن سيد بچل شاهه مرحوم، سيد غضنفر علي شاهه ۽ سيد مظفر علي شاهه جي سهڪار سان پنهنجي سڳي سئوٽ اختر پروين بنت سيد وريل شاهه سان 1972-05-02 تي رتو ديرو ۾ معنقد ڪئي ويئي. مائٽن، دوستن ۽ خير خواهن جي مهرباني سان وڏي علم پاڪ تي تمام شاندار تقريب منعقد ٿي. جنهن ۾ علائقي کي برقي بجلين سان سجايو ويو هيو. تمام دلڪش نظارو ڏسڻ وٽان هيو، ويجهڙائيءَ ۾ علم پاڪ تي اهڙي تقريب منعقد ڪو نه ٿي هئي. چوڻي آهي ته زال ۽ مڙس جا جيڪڏهن ستارا ملندا آهن ته گهر ۾ خوشيون ۽ خوشحالي ايندي آهي. الله تعاليٰ جي مهرباني، جنهن پنج تن پاڪ جي صدقي ٽي فرزند هر هڪ سيد محبوب علي شاهه جيڪو پهرئين نمبر تي آهي ۽ B.A ، L.L.B پاس آهي، شروع ۾ وڪالت ڪيائين ۽ بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل جي حيثيت ۾ Enrole ٿيو ۽ ٻه، ٽي سال ٿيندا ته ان کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي لکت ۽ زباني امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ پراسيڪيوشن کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر بيسڪ گريڊ 18 ڪري مقرر ڪيو ويو آهي. ان جون ٻه شاديون ٿيل آهن ۽ ان کي الله تعاليٰ اولاد جي نعمت سان نوازيو آهي.
ٻيو فرزند سيد ظفر علي شاهه B.A پاس آهي، هن وقت پوليس ۾ سب انسپيڪٽر آهي. ظفر علي شاهه شروعات ۾ مقابلي جي امتحان ۾ ويهي ڪري A.S.I ٿي ڀرتي ٿيو هيو پوءِ وري ضروري ڪورس ڪرڻ کان بعد ۽ سٺي سروس ريڪارڊ هئڻ ڪري، ان کي سب انسپيڪٽر جي عهدي تي پنهنجي ڪم جي آڌار تي ترقي مليل آهي. ان کي به الله تعاليٰ صاحب اولاد عطا ڪيو آهي.
مٿي ذڪر ڪيل ٻن پٽن کان پوءِ الله تعاليٰ مون کي هڪڙي نياڻي جي اولاد سان نوازيو. ٽئين ٻار، نياڻيءَ جو نالو طتهير ناز آهي. جنهن سائنس ۾ انٽرميڊئيٽ ڪرڻ کان پوءِ سٺن نمبرن ۾ امتحان پاس ڪيو ۽ M.B.B.S ڪرڻ لاءِ چانڊڪا ميديڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي. اتان M.B.B.S جو امتحان پاس ڪيائين. هائوس جاب JPMC ۾ ڪرڻ بعد PTCL جي محڪمي ۾ درخواستون گهرائڻ سبب اتي امتحان پاس ڪيائين ۽ ميڊيڪل آفيسر جي طور تي ان ۾ ڀرتي ٿيس. هن وقت سينيئر ميڊيڪل آفيسر جي عهدي تي PTCL جي محڪمي ۾ فائز آهي. سندس شادي انجنيئر ڪاشف شاهه سان ٿيل آهي، جيڪو سول ايوي ايشن ۾ اعليٰ عهدي تي فائز آهي. انجنيئر ڪاشف شاهه به لکت ۽ زباني واءِ واءِ ۾ پاس ٿي محڪمي ۾ شامل ٿيو آهي. ڊاڪٽر طتهير ناز ۽ ڪاشف شاهه کي به الله تعاليٰ صاحب اولاد ڪيو آهي.
چوٿون نمبر اولاد سيد اسد علي شاهه M.A ۽ M.B.A آهي. هن جي تعليم پنجين درجي کان پوءِ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پروفيسر ڪئپٽن S.M. Yousuf جي قابل رهنمائيءَ ۾ ٿي. انٽر ميڊئيٽ پاس ڪري، ڪوشش ڪيائين ته آرميءَ ۾ سليڪٽ ٿيان پر آرميءَ ۾ سليڪٽ نه ٿي سگهيو، بعد ۾ ان بئنڪنگ ڪئريئر ۾ پنهنجي شروعات ڪئي. شروع ۾ هن کي Picic نالي هڪ مالياتي اداري ۾ نوڪري ملي. بعد ۾ Picic ڪمرشل بئنڪ ۾ MBA جو امتحان پاس ڪرڻ جي ڪري MY BANK ۾ ويو ۽ پوءِ سنڌ بئنڪ کلڻ ڪري ان ۾ اعليٰ عهدي تي فائز آهي. اسد علي به شادي شده آهي ۽ ان کي به اولاد جي نعمت سان الله سائين نوازيو آهي.
پنجون نمبر اولاد به مون کي الله تعاليٰ نياڻيءَ جي صورت ۾ ڏنو، جنهن جو نالو آمنه آهي. اها ايم اي پاس ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ليڪچرر مقرر ٿي وئي. ان جي شادي سيد عباس پاشا سان ٿيل آهي. جيڪو بئنڪ ۾ ملازم آهي. ان جوڙي کي به الله تعاليٰ اولاد جي نعمت سان نوازيو آهي. ڇهون نمبر اولاد مريم نياڻي آهي جيڪا ايم، اي ۽ بي ايڊ، ايم. بي. اي ايگزيڪٽيو پاس آهي.
انگلش ۾ ايم، اي ٿيل اٿس ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري انگلش ليڪچرر مقرر ٿي آهي ۽ ان سان گڏ ايل ايل بي به پاس ڪيل اٿس. جوڊيشريءَ جي سول جج جي مقابلي جي امتحان ۾ ويهڻ لاءِ تياري ڪري رهي آهي. الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان منهنجي اولاد نرينه يا نياڻيون تعليم يافته آهن. برسر روزگار آهن. ڪير به ڪنهن جو محتاج ڪو نه آهي. باقي رهيو دنياداريءَ سان هلڻ چلڻ. ان جي لاءِ رستا کليل آهن، نيڪ نيتي، چڱائي، بغير بغض ۽ قدورت رکڻ جي زندگيءَ جو سفر ڪاٽيندا ته الله تبارڪ وَ تعاليٰ کين سکيو ستابو رکندو.
جيئن مون اڳ ذڪر ڪيو آهي ته منهنجو مربي ڀاءَ ۽ مان يتيم هياسين. اسان جي تعليم ۽، تربيت، پرورش ۽ اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۾ اسان جي ناني مرحوم وڏيري غلام حيدر قادري ۽ اسان جي والده مرحومه امام زادي جو ناقابل فراموش ڪردار رهيو آهي. ان سان گڏ سائين سيد وريل شاهه مرحوم جو به اسان جي پرورش ۽ تعليم پرائڻ ۾ ۽ هن مقام تي پهچائڻ ۾ تمام وڏو ڪردار رهيو آهي. ان سان گڏ اسان جي ٻين عزيزن جو به گهڻو ساٿ ۽ مدد رهي آهي. وڪالت جي پيشي اختيار ڪرڻ کان پوءِ مون مسٽر عبدالرزاق سومري صاحب جو چئمبر جوائن ڪيو، جتان به مون وڪالت ۾ محنت ڪري ۽ سومري صاحب جي محنت ۽ روش کي ڏسي پاڻ به پنهنجي لاءِ مقام ٺاهيو.
منهنجي شريڪ حيات به مون سان هر ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي ساٿ ڏنو. ڇا لاءِ ته وڪالت فل ٽائيم جاب آهي ۽ ان کي سخت توجهه ۽ محنت جي ضرورت آهي. ٽائيم تي ڪورٽ ۾ پهچڻ ۽ ڪيس هلائڻ لاءِ رتيديري مان لاڙڪاڻي، شڪارپور يا سرڪٽ بئنچ سکر هاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ لاءِ سوير وڃڻو پوندو هيو، مان به سوير تياري ڪري نڪري ويندو هيس. ان باقي سڄي ڪم ڪرڻ ۾ منهنجي شريڪ حيات منهنجو گهڻو ساٿ ڏنو ۽ منهنجو اهو ڪم ڪار ڪري ان کي تمام خوشي محسوس ٿيندي هئي. ان وقت گهر ۾ ڪم ڪار ڪرڻ واريءَ جي رکڻ جو رواج به ڪو نه هيو ۽ وري وسيلا به گهٽ هيا، پر هوءَ هر ڪم صبر ۽ شڪر سان ڪندي هئي. ڪنهن ڪم ڪار يا ٻارن جي بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ مان لاڙڪاڻي ڪورٽ ۾ پهچي گاڏي واپس موڪليندو هئس ته ٻارن کي کڻي پاڻ ان وقت ڊاڪٽر ڀڳوان داس وٽ، جيڪو ريشم گليءَ ۾ ٻارن جو مشهور ڊاڪٽر هيو، ان کي ڏيکاري، دوا درمل وٺي گهر ويندي هئي. مون کي ڪنهن به قسم جو فڪر يا انتظار ڪو نه هوندو هيو ۽ دلجمعيءَ سان ڪورٽ جي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويندو هيس. ڪيسن تي گهڻي توجهه ڏيڻ جي ڪري ڪيسن ۾ نتيجا به سٺا ملندا هيا. هڪڙي ڀيري ڪنهن ماڻهوءَ وڪيل ڪيو ته ان کي محنت ڪري رليف وٺي ڏنم ۽ ان جو ڪيس کٽيم. پوءِ اهو پنهنجي حلقي احباب ۾ وڃي ٻڌائيندو رهيو. ماڻهن ۾ مشهوري ٿيندي رهي ۽ ڪيس ملندا رهيا. منهنجو پنهنجو تجربو آهي ته هڪ ڪيس کٽڻ جي ڪري ٻيا پنج ڪيس ملندا آهن، پر جي ڪڏهن ڪو ڪيس هارائجي پيو ته ڏهه ڪيس ملڻ وارا به نه ملندا. سخت مقابلي جو ميدان آهي، وڪالت صاف سٿرو ۽ عزت وارو پيشو آهي. ان ۾ وقت جي پابندي ڪورٽ ۾ فضليت سان ۽ سوچي سمجهي ڳالهائڻ، طئش ۾ نه اچڻ ۽ اصيل ( ڪلائنٽ) ۽ ٻين واسطيدار ماڻهن سان صحيح نموني ۾ ڳالهائڻ جي ڪري به ماڻهوءَ جي نيڪ نامي ٿيندي آهي. پر جيڪڏهن ڪورٽ جي يا گهرجي ڪاوڙ ڪلائنٽ تي ڪڍبي ته ان جو خراب اثر ٿيندو.
1988ع جي صوبائي اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ جيڪو ممتاز علي خان ڀٽي سان مقابلو هيو، اهو تمام ڏکيو هيو. سڄي پاڪستان جون نظرون ان سيٽ تي هيون. ڇا لاءِ ته ممتاز علي ڀٽو قد ڪاٺ ۽ سياسي اثر رسوخ ۾ مون کان تمام گهڻو مٿي هيو. پر هتي منهنجو ڪو ذاتي مسئلو ڪو نه هيو، پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ۽ پارٽيءَ جي سهڪار سان مقابلو ٿيو. ڇا لاءِ ته ڪو به ماڻهو ممتاز علي خان ڀٽي جي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هيو. مون پنهنجي سٺي نيت تي هلي، شهيد بينظير ڀٽو کي صلاح ڏني ته هوءَ ميرپور هلي ۽ نواب نبي بخش خان ڀٽي کي اها آڇ ڪري ته هو پنهنجي فرزندن، معشوق علي خان ڀٽي يا عاشق علي خان ڀٽي کي بيهاري ته پيپلز پارٽي ان سيٽ تي مقابلو نه ڪندي. سڄي ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ کان پوءِ نواب صاحب جو فرزند استعفي ڏيئي ۽ ان سيٽ تي ممتاز علي خان ڀٽو ڪامياب ٿي اچي. پر قدرت جا پنهنجا فيصلا هوندا آهن، ممتاز علي خان جي انڪار ڪرڻ ۽ محترمه کي، مائي بصران ( آباد ڀٽي جي ڳوٺ جي، ڀٽو فيمليءَ جي گهر ۾ ڪم ڪرڻ واري) خاتون جي هٿ انڪار جو نياپو موڪلڻ تي سڄو پروگرام ڊهي ويو ۽ ممتاز علي خان ڀُٽي، مون جهڙي ورڪر جي هٿان شڪست کاڌي.
جتي پيپلز پارٽيءَ جي ورڪرن، ليڊرن ۽ منهنجي عزيز دوستن دل کولي اليڪشن ۾ مدد ڪئي، اتي منهنجي شريڪ حيات تڪ جي ڳوٺن ۾ تقريرون ڪري، ڳوٺاڻين عورتن کي آمادهه ڪري پيپلز پارٽيءَ جي حق ۾ ووٽ ڏياريا. ڏينهن رات گرمي، سردي روڊ يا ڪچي ۾ هلي هن تمام گهڻو ڪم ڪيو، جنهن ڪري هت ان جي محنت جي تعريف نه ڪرڻ بخل ٿيندو. مون کي مرحوم عبدالرزاق ڀٽي نئين ديري واري پاڻ ٻڌايو هيو ته توهان اليڪشن جو ڪم ڪار ڪيو ٿا، پر توهان کان وڌيڪ ٽاڪ مجهند جو مٽيءَ ۽ دز ۾ هلي ڪري بي بي صاحبه ڳوٺن ۾ ٿي وڃي ۽ ميگافون تي سٺيون تقريرون ٿي ڪري، انشاءَ الله، ان جو نتيجو سٺو نڪرندو. اهو به ٻڌايائين ته نئين ديري کان ڪچي جي طرف هلڻ سبب مٽي ۽ دز جي ڪري اڳتي هلي توهان جي گهرواريءَ کي ڊسٽ الرجي ٿيندي ۽ واقعي ان کي اليڪشن کان پوءِ ساهه جي تڪليف شروع ٿي وئي هئي.
اليڪشن جي نتيجي کان پوءِ مون کي دوستن ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ قاضي پيٽرول پمپ تي منهنجي کٽڻ جي خوشيءَ ۾ منهنجي استاد عبدالرزاق سومري صاحب جهمر به هنئين هئي، اها ان جي مهرباني.
مون کي اهو اعتراف ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته جتي منهنجي مربي ڀاءَ سيد نياز حسين شاهه مرحوم ۽ چاچي سيد وريل شاهه مرحوم جو منهنجي ترقيءَ ۾ وڏو هٿ آهي، اتي مون کي اهو اعتراف ڪندي به خوشي ٿي رهي آهي ته 1993 جي اليڪشن ۾ شڪست بعد، محترمه شهيد بينظير ڀٽو صاحبه مون کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج ڪري رکيو، جيڪا ان جي مهرباني هئي. سياست ۾ آڻڻ به شهيد راڻيءَ جي مهرباني هئي ۽ جج جي پوزيشن ڏيارڻ ۾ به ان جو احسان آهي. باقي مون پاڻ محنت ڪري ۽ ايمانداريءَ تي هلي نيڪ نيتي سان بغير لوڀ ۽ لالچ جي سياست به ڪئي ۽ جج جا فرائض به خدا جي خوف کي مد نظر رکندي ادا ڪيا، الله تعاليٰ ان جو اجر ڏنو آهي.
محترمه جي شهادت کان پندرهن، سورهن ڏينهن اڳ منهنجي ۽ منهنجي گهرواريءَ جي محترمه سان ملاقات بلاول هائوس ۾ ٿي هئي. جتي محترمه تمام خنده پيشانيءَ ۽ عزت سان ملي هئي ۽، پاڻ اظهار فرمايائين ته ان کي خوشي ٿي آهي ته جهڙي صحت مند حالت ۾ مان توهان کي ڇڏي ٻاهر ويئي هيس، ماشاءَالله ائين ئي صحت مند آهيو ۽ سٺي ريپوٽيشن سان انصاف پسند جج جي حيثيت ۾ ريٽائر ٿيا آهيو. ٽيون ته مون انصاف جي ڀلائي جي لاءِ توهان کي ٻارنهن، تيرهن ڀيرا چورايو ۽ توهان مشڪل حالات ۾ به انصاف ڪيو. منهنجي گهرواري کيس دعائون ڪرڻ لڳي ته ان کي چيائين ته مون سان گڏ شاهه صاحب کي به دعا ڪريو ته الله ان کي صحت ۽ زندگي ڏيئي، مان هن کي ڪٿي ويهارينديس اها مون کي خبر آهي، پر اسان جي بد نصيبي يا ائين چئجي ته سڄي ملڪ ۽ قوم جي بدنصيبي جو اهڙي ذهين، هڏ ڏوکي (اورچ) گهڻي ڪم ڪرڻ واري، غريبن جو درد دل ۾ رکڻ واري، صحيح جمهوري ليڊر کي سياسي ميدان ۾ شڪست ڏيڻ جي بجاءِ، ان تي بزدلاڻو حملو ڪري، ان جي زندگيءَ جو انت آندو ويو جنهن جو اثر اهو ٿيو ته :
”چارون صوبون ڪي زنجير، بينظير بينظير“ هلي وئي.
فيڊريشن جي هاڻوڪين چونڊن ۾ ظاهر ٿيو ته بينظير صاحبه کان پوءِ چئن صوبن کي متحد رکي هلائڻ ڪنهن جي وس ۾ ڪو نه آهي.
مان دعاگو آهيان ته الله تبارڪ و تعاليٰ جون مٿس رحمتون ۽ برڪتون نازل هجن، الله پاڪ سندس درجا بلند ڪري ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي آمين.

1970ع وارين چونڊن ۾ پ پ آڏو ڪابه طاقت بيهي نه سگهي

1970ع ۾ اليڪشن جو اعلان ٿي ويو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ ڏوڪري، لاڙڪاڻي ۽ رتيديري ۾ قومي اسيمبليءَ جو اميدوار ٿي بيٺو. رتيديري جي صوبائي اسيمبليءَ تي مرحوم خان صاحب، غلام رسول ڪيهر رتيديري/ لاڙڪاڻي تي اميدار ٿي بيٺو، ڏوڪري/ لاڙڪاڻي تي مرحوم واحد بخش ٻگهيو اميدوار ٿي بيٺو ۽ قمبر، وارهه، شهدادڪوٽ ۽ ميروخان تڪ تي قومي اسيمبليءَ جو اميدوار مرحوم قاضي فضل الله ۽ مسٽر ممتاز علي ڀٽو جي وچ ۾ مقابلو ٿيو. منهنجي والد مرحوم جي سياسي وابستگي ۽ دوستي مرحوم قاضي فضل الله سان گهڻي هئي. مٿي ذڪر ڪيل تڪبنديءَ جي ڪري اسان جي چاچي پنهنجي برادري ۽ سڄڻن جي مشوري سان طئي ڪيو ته قاضي فضل الله وارهه ۽ قمبر تڪ تي بيٺو آهي ۽ هتي رتوديرو/ لاڙڪاڻو قومي اسيمبلي تي ڀٽو صاحب ۽ کهڙو صاحب مدمقابل آهن. جيئن ته اسان جو پاڙيسري ڀٽو صاحب آهي ۽ قاضي فضل الله ٻئي تڪ تي آهي، تنهن جي ڪري بهتر ايئن ٿيندو ته ڀُٽي صاحب جي اليڪشن ۾ مدد ڪئي وڃي ۽ اهڙو اظهار اسان جي چاچي سيد وريل شاهه مرحوم قاضي فضل الله سان ڪيو به، ته جيئن ته توهان ٻئي تڪ تي بيٺا آهيو ۽ هن تڪ تي ڀٽو صاحب آهي ۽ ڀٽي صاحب ايوب خان جي وزير هئڻ وقت سٺو رويو رکيو هو، اسان جي وڏن کي عزت به ڏيندو هو ته سڪ سان ملندو به هيو ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ جي نوڪري ۾ به پاڻ خاص مدد ڪئي. ان ڪري هاڻ اسان سندس مدد ڪنداسين.
1970ع جي عام چونڊن کان اڳ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو رتيديري ۾ منهنجي چاچي سيد وريل شاهه، جيڪو ان وقت بيمار هيو، جي عيادت ڪرڻ آيو هيو. ڀٽي صاحب سان گڏ محترم عبدالرزاق سومرو صاحب، مرحوم تاج محمد ابڙو وڪيل، مرحوم مولوي نذير حسين جتوئي، مرحوم خان صاحب، غلام رسول ڪيهر ۽ ٻيا به ڪي آيا هئا. ڀُٽي صاحب عيادت به ڪئي ۽ جيئن ته اسان جو چاچو مسلم ليگ ۾ هو، تنهن ڪري ڀٽي صاحب هن کي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جي درخواست به ڪئي. حقيقت اها هئي ته ڀٽي صاحب جي پيپلزپارٽي جي منشور ۾ جيڪي ڳالهيون هيون مثلاً ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان“، غريب ماڻهن جي مدد لاءِ ان منشور کي ڏسندي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ سائين وريل شاهه سن 1969ع ۾ پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو واعدو به ڪيو ۽ صدق دل سان مدد ڪرڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو. ڀٽو صاحب پاڻ سهڻي ۽ سٺي شخصيت جو مالڪ هو، الله تعاليٰ جي مهرباني به ساڻس شامل هئي. مرد توڙي عورتون، ننڍا توڙي وڏا جيئي ڀٽو جا نعرا هڻندي ڪونه ٿڪبا هئا. اها پڻ حقيقت آهي ته اهو ڀٽي صاحب جي مقبوليت ۽ پذيرائي جو طوفان هيو، جنهن ۾ وڏا وڏا بت پاش پاش ٿي ويا. منهنجي والد جي رحلت کان پوءِ ڀٽو صاحب اسان جي تڏي تي علم پاڪ وٽ اوطاق تي تعزيت ڪرڻ آيو. فاتحه خواني ڪري هليو ويو، ٻن ٽن ڪلاڪن گذرڻ کان پوءِ وري آيو، تڏي تي اسان جي برادري، سڄڻ، ساٿي ۽ واسطيدار موجود هئا. اچڻ سان منهنجي وڏي ڀاءُ کي چيائين ته نياز (ڀٽو صاحب منهنجي وڏي ڀاءُ کي نياز جي نالي سان سڏيندو هو) آئون پهريان تعزيت ڪرڻ آيو هئس، هاڻي اليڪشن لاءِ مدد گهرڻ آيو آهيان. توهان جي چاچي توهان جي روبرو اهو واعدو ڪيو هو، هاڻ اهو واعدو پاڙيو. منهنجي ڀاءُ برادري ۽ سڄڻن پاران جواب ڏنو ته اسان واعدو پاڙينداسين ۽ اليڪشن ۾ هر طرح جي مدد ظاهر ظهور توهان جي ڪبي، انشاءَالله ڪاميابي ٿيندي.
1970ع جي عام چونڊن ۾ سردار پير بخش ڀٽو مرحوم رتيديري جي اليڪشن جو انچارج هيو. منهنجو وڏو ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه جيئن ته وليج ايڊ ۽ بنيادي جمهوريت ۾ ڊولپمينٽ آفيسر ٿي رهيو هو. ان کي اليڪشن پروسيس جي گهڻي خبر هئي، سردار پير بخش ڀٽي جو مون ڏانهن نياپو آيو ته اليڪشن جو سامان، پيپر، ايجنٽ ناما، اليڪشن جون لسٽون ۽ اٿارٽي ليٽر کڻي وڃو. منهنجو وڏو ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه انهن ڏينهن ۾ نوڪري تان موڪل تي رتيديري آيو هو، ان مون کي چيو ته حسب دستور پولنگ ايجنٽن کي ضروري بندوبست، کاڌ خوراڪ، ٽرانسپورٽ ۽ پولنگ ايجنٽن جي رهائش جو بندوبست ڪرڻ لاءِ پئسا ڏنا ويندا آهن، اهي توهان نه وٺجو ۽ چئجو ته اسان پاڻ خرچ ڪنداسين. مقرر وقت تي سردار پير بخش مرحوم، جيڪو طبيعت جو نرم، سچو، سيد ۽ فقير جي عزت ڪندڙ، مهمان نواز هو، تنهن سان ڀٽي صاحب جي بنگلي تي ملاقات ٿي، سردار پير بخش ڀٽو مرحوم سڪ سان مليو ۽ چيائين ته توهان وٽ اٺ پولنگ اسٽيشنون آهن ٽي شهر ۾ ۽ پنج ٻهراڙي ۾ آهن انهن جو سامان به وٺو ۽ ٽرانسپورٽ (ڏاند گاڏين) ۽ کاڌ خوراڪ جا پئسا به وٺو. مون عرض ڪيو ته اليڪشن ۾ توهان کان ڪجهه به نه وٺبو، جيڪو به خرچ ٿيندو پاڻ ڪبو، اليڪشن جي مَدَ ۾ خرچ وٺندڙن واري لسٽ ۾ نالو داخل نه ڪرائبو. توهان دعا ڪيو ته الله تعاليٰ ڪاميابي ڏئي سرخرو ڪري. 1970ع واري اليڪشن هلندي ڀٽو صاحب پاڻ به چڪر تي آيو. ساڻس ملاقات ٿي، انتظام ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، خير سان اليڪشن ٿي ته مان، منهنجو وڏو ڀاءُ ۽ برادريءَ جا ماڻهو، جن ۾ مرحوم سيد عالم شاهه، سيد بچل شاهه مرحوم، علي محمد سيلرو مرحوم ۽ ٻيا ڀٽي صاحب سان ملڻ لاءِ وياسين ته هو المرتضيٰ هائوس جي اسٽڊي واري ڪمري ۾ ويٺو هو، اٿي بيهي مليو ۽ چيائين ته نتيجو تمام سٺو آيو آهي. توهان جي ۽ قوم جي توقعات تي پورو لهبو.
حقيقت اها آهي ته ڀٽي صاحب جي مقبوليت جي آڏو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي ڪابه پوزيشن ڪونه هئي. جيڪڏهن اسان جهڙا ننڍڙا ماڻهو مدد نه ڪن ها، تڏهن به ڀٽي صاحب جي ڪاميابيءَ تي ڪوبه اثر نه پوي ها. اهو اسان جو صحيح فيصلو هو ۽ ڀٽي صاحب تي ڪوبه احسان ڪونه هو، پر سچائي به هڪ حقيقت آهي، جيڪو سچ اڄ تائين اندر ۾ موجود آهي ۽ تا عمر رهندو.
1960ع کان وٺي پيپلزپارٽي سان دلي ۽ دماغي طرح وابستگي رهي آهي. هن مهل تائين ان پختي عزم ۽ يقين تي عمل ڪندي شهيد بينظير ڀٽو جي پروگرام ۽ سندس ٻڌايل راهه تي هلي رهيا آهيون ۽ هر وقت سکئي يا ڏکئي وقت ۾ پيپلزپارٽيءَ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ انشاءَالله صحيح اصولن تي هلي ڪري ماڻهن جي خدمت ڪرڻ واري جذبي هيٺ اڳتي به ساٿ ڏبو. پيپلزپارٽي جي نئين جوڙجڪ ۽ ان کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ لاءِ عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي. مون کي تعلقي رتيديري پيپلزپارٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۽ مرحوم خان صاحب پير بخش گهانگهري کي تعلقي جو صدر مقرر ڪيو ويو. صدر، سيڪريٽري ۽ سڄي تعلقي جي باڊيءَ صحيح نموني ڪم ڪيو؛ پيپلزپارٽيءَ جي ميمبرشپ وڌائي ويئي ۽ تمام وڏا جلسا ۽ سيمينار منعقد ڪرايا ويا. ضلعي سطح تي مسٽر غلام الله ماهوٽو وڪيل پيپلزپارٽي جي صدر طور منعقد ٿيو ۽ هن خاڪسار کي پيپلزپارٽي جي ضلعي سينيئر نائب صدر طور ڪم ڪرڻ لاءِ منتخب ڪيو ويو. ضلعي پيپلزپارٽيءَ جو سيڪريٽري مسٽر ملڪ سليم قمبر وارو منتخب ڪيو ويو، مارشل لا جي ڏاڍ ۽ جبر تحت جيئن ئي سياسي ورڪرن کي بند ڪيو ويو. تيئن ئي ماهوٽي صاحب، ملڪ سليم صاحب ۽ ٻين ورڪرن سان گڏ مون به جيل ڪاٽيا.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل هلندڙ هئي ته پاڻ سهاله جيل ۾ نظربند هئي. ان وچ ۾ گورنمينٽ آف پاڪستان ووٽن جون نيون لسٽون ٺاهڻ جو حڪم ڏنو. ٻاهرين دنيا جي دٻاءَ جي ڪري ۽ ملڪ جي اندرئين دٻاءَ جي ڪري، مارشل لا، اختياري وارن سوچيو ته ووٽرن جون سڄي ملڪ ۾ لسٽون ٺهن ته جيئن لوڪل باڊيز جون چونڊون، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جون چونڊون ڪرائي سگهجن. تعلقي سطح تي واسطيدار اسسٽنٽ ڪمشنر کي رجسٽريشن آفيسر ڪري مقرر ڪيو ويو ۽ ووٽن جي لسٽن جي روائزنگ اٿارٽي سول جج رتيديري کي ڏني وئي، جيئن ته ڀٽي صاحب جو ڳوٺ، بنگلو ۽ ملڪيت رتيديري تعلقي ۾ هئي. ساڳي طرح تعلقي لاڙڪاڻي لاءِ، جنهن ۾ لاڙڪاڻو شهر به شامل هيو، رجسٽريشن آفيسر اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ روائيزنگ اٿارٽي سول جج لاڙڪاڻو هيو.
المرتضيٰ هائوس، ڀٽي صاحب جو بنگلو لاڙڪاڻي شهر ۾ واقع آهي ۽ واسطيدار روائيزنگ اٿارٽيز کي لسٽن جي شايع ٿيڻ کان پوءِ ٽيهه ڏينهن اندر اپيل يا (Revision)داخل ڪرائڻي هئي. مون کي وڪيل هجڻ جي ناتي اسسٽنٽ ڪمشنر SDM، سول جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جي ڪورٽن ۾ لسٽن ڏسڻ ۾ ڪابه رنڊڪ ڪانه هئي. مان پنهنجي خيال ۾ اها تصديق ڪرڻ لاءِ ته ڀٽي صاحب جي خاندان جا ووٽ داخل آهن يا نه، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻي جي آفيس، جيڪا المرتضيٰ هائوس جي آمهون سامهون آهي، اتي ويس. مون SDM آفيس ۾ ووٽن جي لسٽن جي چڪاس ڪئي ۽ ڏٺم ته ڀٽي صاحب جي خاندان مان محترمه نصرت ڀٽو صاحبه، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، مير مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو ۽ صنم ڀٽو صاحبه جا ووٽ داخل ئي ڪونه هئا. رتيديري واپس اچي SDM آفيس ۾ چڪاس ڪئي ته آيا هتي ڀٽي صاحب جي خاندان جا ووٽ داخل آهن يا نه! چڪاس ڪندي ڏاڍو افسوس ٿيو ته ڀٽي صاحب جي خاندان جا ووٽ نئين ديري/ رتيديري تعلقي ۾ به داخل نه هئا. مون اهو پڙهي، تصديق ڪري، وڪيل جي حيثيت ۾ روائيزنگ اٿارٽي سول جج رتيديري کي اهڙي درخواست ڏني ته مان ڀٽي خاندان جو وڪيل آهيان، مونکي انهن جي ووٽ داخل ڪرڻ لاءِ فارم ڏنو وڃي ته جيئن فارم بينظير ڀٽو ۽ نصرت ڀٽو صاحبه ڏانهن موڪليا وڃن. سول جج مسٽر منير احمد خواجه صاحب اها درخواست وٺي مناسب حڪم ڪيو ۽ مان فارم وٺي محترم بينظير ڀٽو صاحبه کي ڪورٽ جي طرفان سپرنٽينڊنٽ سهاله جيل ڏانهن موڪلرايا. مون فارمن سان گڏ هڪ ليٽر به موڪليو جنهن ۾ اها حقيقت ذڪر ڪيل هئي ۽ وقت جي اندر فارم ڀري صحيح ڪري سپرنٽينڊنٽ جيل سهاله جي معرفت سول جج ڏانهن موڪليا وڃن، جنهن کان پوءِ ووٽن جي لسٽن ۾ ڀٽو صاحب جي خاندان جا ووٽ داخل ڪرايا ويا.

سنڌي آفيسر پاڻ کان وڌيڪ شاهه جا وفادار آهن

مان مناسب ٿو سمجهان ته اڳتي وڌڻ کان اڳ ۾ رتيديري جو ذڪر ڪجي. رتيديري شهر جي بنياد پوڻ کان اڳ اسان جو خاندان، جن کي وڏي علم پاڪ وارن سيدن طور سڃاتو ويندو آهي ۽ ٻيا رتيديري جا بنيادي رهاڪو، سيد شاهه محمد شاهه مرحوم (جيڪو ميونسپالٽي رتيديري جو منتخب ميمبر رهيو آهي) سيد علي اڪبر شاهه ۽ سيد مظفر شاهه، جن کي ڪوٽائي سيد ڪري سڏيو ويندو آهي، سومرا صاحب (کٽي) چاڪي، عباسي ۽ ڪنڀرن جو پاڙو رتيديري جي اصلي رهاڪن مان آهن، جنهن خاندان جو فرزند مسٽر عبدالرزاق سومرو هڪ ناميارو وڪيل، سٺو انسان، پارٽيءَ جو وفادار ۽ ڪيترن ئي اعليٰ عهدن تي رهيو آهي؛ ميونسپالٽي رتيديري جو منتخب ٿيل چيئرمين به رهيو آهي، ٽيون چاڪي (قريشي صاحب) جا وڏا اصل ۾ رتيديري شهر جا رهاڪو آهن، انهن جو هڪڙو فرزند شهيد بشير خان قريشي سنڌ جي قوم پرست سياست ۾ وڏي مقام وارو ماڻهو هو جنهن کي تازو شهيد ڪرايو ويو ۽ جنهن تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي ۽ ان جي جلدي مرڻ تي ڏکويل آهي، ڀٽا پاڙو، ڀٽن جي وانڊ به شهر جا اصلوڪا پاڙا آهن، جن مان وڏيرو واحد بخش ڀٽو مرحوم، جيڪو ميونسپالٽي ڪميٽي جو ميمبر به رهيو آهي، هندن جا به ڪيترائي پاڙا هئا، جن ۾ راءِ صاحب گوڪل داس جو پاڙو، ڳچلاڻي هندن جو پاڙو به اصلوڪن رهاڪن مان آهي جن مان به ڪافي هندو دوست سنڌ مان لڏي ويا ۽ باقي بچلن جو اولاد رهي ٿو، جيڪو اناج ۽ ٻين دوڪانداري پيشن سان وابسته آهي، رتيديري جي اوڀر ۾ ٻه اڍائي ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ ڀائي خان گهانگهرو آهي. خان صاحب مرحوم پير بخش گهانگهرو به رتيديري ميونسپالٽي جو پريزيڊنٽ رهيو آهي. ڳوٺ مسوديرو به رتيديري کان ٻه اڍائي ڪلوميٽر پري اتر ۾ آهي، جتي جلباڻي قوم جي سردار غلام رسول خان جو اولاد رهندو آهي جن مان سردار الله بخش جلباڻي، صوبائي اسيمبلي جو ميمبر 1985ع جي چونڊن ۾ منتخب ٿيو هو ۽ ان جو پٽ علي نواز خان نوجوان پڙهيل ڪڙهيل همٿ ڀريو هاڻي پيپلزپارٽيءَ سان هلي رهيو آهي. مان رتيديري جو رهاڪو هجڻ جي ناتي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن طور پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي 1988 ۽ 1990 ۾ منتخب ٿيو آهيان، مقابلي ۾ جناب ممتاز علي ڀٽو هيو، جيڪو ڪامياب نه ٿيو. 1993 جي چونڊن ۾ رتيديري تعلقي مان مون ممتاز علي ڀٽي کي اليڪشن ۾ شڪست ڏني ڇاڪاڻ ته محترمه نصرت ڀٽو صاحبه شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو صاحب جا ووٽ ممتاز صاحب کي رتيديري ۾ ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي ممتاز صاحب جا ووٽ لاڙڪاڻي ۾ ڏياريا هئا.
رتيديري شهر جو ٻيو رهاڪو، جنهن کي MPA ٿيڻ جو اعزاز نصيب ٿيو آهي، اهو آهي مرحوم راءِ صاحب سيٺ گوڪل داس، جنهن جي نالي سان رتيديري ۾ اڄ به گوڪل بازار مشهور آهي. اسان جي خاندان ۾ سائين سيد وريل شاهه مرحوم وڏي معزز سياسي ۽ سماجي شخصيت هو، ان جو واسطو تحريڪ پاڪستان سان تمام گهڻو هيو، اصل کان وٺي مسلم ليگ جو ميمبر رهيو. سٽي مسلم ليگ صدر سان گڏ ضلعي مسلم ليگ جو نائب صدر ۽ آل پاڪستان ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. رتيديري ميونسپالٽيءَ جو وائيس چيئرمين، چيئرمين ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو منتخب ميمبر ۽ ڊسٽرڪٽ بورڊ هيلٿ جو چيئرمين پڻ رهيو آهي. رتيديري شهر ۾ اصل کان وٺي سياسي بيداري هئي. تحريڪ آزاديءَ جي ڪري ماڻهن ۾ وڏو چوٻول ۽ چرپر هئي ۽ وڏا جلسا ٿيندا هئا. هڪ طرف ڪانگريس جي طرفان آزاد ميدان مقرر ٿيل هيو، جتي ڪانگريسي ميمبر ۽ هندو مهاسڀائي تقريرون ڪندا هئا، انهن جي مقابلي ۾ اسان جي وڏي سائين سيد وريل شاهه مرحوم، اسان جي سيد محلي ۾ جناح گرائونڊ ٺاهيو، جتي ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم، ممتاز علي ڀٽو، خان بهادر محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله مرحوم، يوسف هارون مرحوم، آغا غلام نبي پٺاڻ، عبدالستار پيرزادو مرحوم ايندا هئا ۽ پرجوش تقريرون ڪري، ماڻهن کي پنهنجو پروگرام ڏيندي، شعور بيدار ڪندا هئا. سياسي طور سائين وريل شاهه مرحوم کي چڱو مقام حاصل هيو جنهن ڪري واسطيدار توڙي سياسي مخالف به سندس عزت ڪندا هئا. سائين تقرير جو بادشاهه هو، جڏهن اسٽيج تي ايندو هو ته ماڻهن تي سحر ڇائنجي ويندو هو.
مون کي ياد آهي ته سائين وريل شاهه جي رحلت کان پوءِ مرحوم نذير حسين جتوئي، جيڪو پڻ اعليٰ پائي جو سياسي ليڊر ٿي رهيو آهي، ان مولوي درمحمد مرحوم جي دواخاني (مطب) تي ويهي ماڻهن جي روبرو وڏي آواز سان چيو هو ته افسوس آهي ته شاهه صاحب جي رحلت ڪري رتيديري جي سونهن ئي مري ويئي آهي، ڇو ته مرحوم شاهه صاحب جهڙو ڳالهائڻ ۽ هلڻ ڪنهن به ماڻهوءَ کي نه ايندو آهي، سائين وريل شاهه مرحوم کي ادب ۽ احترام جي اهڙي سکيا مليل هئي جو اهڙي سياسي مقام تي هئڻ باوجود به پنهنجي وڏن سؤٽن، مرحوم سيد جهنڊل شاهه ۽ مرحوم سيد جندل شاهه کي ٻاهران موٽڻ وقت، علم پاڪ وٽ پهچڻ کان پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ادب ۽ احترام سان پيرين پئي ملندو هو جيڪا ڳالهه ڏاڍي پسند ڪئي ويندي هئي. اهو آهي ادب ۽ احترام جو مقام! سائين جهنڊل شاهه مرحوم، جيئن مون اڳ ذڪر ڪيو آهي ته پنهنجي ننڍي سؤٽ سيد وريل شاهه کي ميمبر منتخب ڪرايو هيو. پاڻ عبادت الاهيءَ ۾ مصروف رهيو. سائين جهنڊل شاهه مرحوم ۽ اسان جو ڀاءُ، سائين جو فرزند سيد عالم شاهه مرحوم صوفي راڳ جا ڏاڍا شوقين هئا ۽ هر مهيني جي ٻئي جمعي ۽ آخري جمعي جي رات وڏي صوفي راڳ جي محفل ٿيندي هئي، جنهن ۾ مرحوم سچل فقير، مرحوم سهراب فقير، برڪت علي روهڙي وارو راڳ ڳائيندا هئا. فقير اعتبار علي نوناري ۽ اياز فقير انهن محفلن رچائڻ ۾ اڳتي هوندا هئا. اسان جي ڏاڏي مرحوم مبارڪ علي شاهه جي نالي تي رتيديري شهر جي اولهه ۾ مقام (قبرستان) مبارڪ علي شاهه آهي، جتي رتيديري شهر ۽ پسگردائيءَ جا ماڻهو مدفون آهن. اهو قبرستان به اڍائي سو ايڪڙن ۾ آهي جنهن تي اڄ تائين هر سال شاندار ميلو لڳندو آهي، جنهن جو انتظام اڳ ۾ اسان جو پڳدار سائين حاجن شاهه مرحوم ڪندو هو ۽ هاڻي ان جو اولاد ان ميلي جو انتظام ڪندو آهي.
1979ع جي لوڪل باڊيز جو اعلان ٿيو ته محترمه بينظير ڀٽو صاحبه نئين ديري آئي، اتي مسٽر عبدالرزاق سومرو، مسٽر عبدالغفور ڀرڳڙي، مسٽر نظام الدين ميمڻ مرحوم، مسٽر چاڪر علي جوڻيجو، بيگم ڊاڪر اشرف عباسي صاحبه، منور علي عباسي صاحب ۽ ٻيا گڏ هئاسين. چونڊن ۾ مقابلي ڪرڻ لاءِ رايا ورتا ويا، سڀني متفقه راءِ ڏني ته چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺجي ۽ ميدان خالي نه ڇڏجي جنهن کان بعد ۾ محترمه بينظير ڀٽو مون کان پڇيو ته توهان ڪٿي بيهندؤ؟ مون جواب ڏنو ته رتيديري شهر ۾ بيهڻ گهران ٿو، مون کي چيائين ته ”آپ میونسپالٹی کی دو گلی چھوٹے حلقے میں کھڑا ہونا چاہتے ہیں!“ مون چيو ته ”میرا ووٹ رتوڈیرو کے علاوہ کسی اور حلقہ میں داخل نہیں ہے۔“ پاڻ فرمايائين ته، ” آپ وکیل ہیں، جہاں بھی آپ کی زمین ہے وہاں پر آپ کا ووٹ داخل ہو سکتا ہے۔ آپ شہر سے ووٹ منسوخ کرواؤ اور آپشن استعمال کر کے باہر ووٹ داخل کروا سکتے ہیں اور ووٹ داخل کروا کے مجھے تین چار دن میں بتائیں کہ آپ کا ووٹ شہر سے خارج ہوکر، جہاں آپ کی زمین ہے وہاں ووٹ داخل ہوگیا ہے۔“
اسان وٽ ان وقت ۾ رجسٽريشن آفيسر اسسٽنٽ ڪمشنر خالد محمود سومرو مقرر هو، جنهن سان وڪيل ۽ شهري هئڻ جي ناتي سٺا تعلقات هئا. مون اچي خالد محمود سومري صاحب کي درخواست ڏني، ته هن مختيارڪار کان منهنجي زمين جي کاتي جي هجڻ جي پڇا ڪئي، جنهن لکت ۾ جواب ڏنو ته شاهه صاحب کي ديهه زنگيجا ڳوٺ غلام حيدر قادري يونين ڪائونسل بنگل ديرو ۽ ديهه پنجول لواڙ ۾ به زمين آهي. خالد سومري صاحب رڪارڊ جي تصديق ڪئي ۽ رتيديري جي ووٽرلسٽ مان منهنجو نالو خارج ڪري ٻهراڙيءَ جي يونين ڪائونسل بنگلديرو ديهه زنگيجا ڳوٺ غلام حيدر قادريءَ جي ووٽرلسٽ ۾ داخل ڪيو.
منهنجي وڏي ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه مرحوم جي نوڪري سدائين ڳوٺ کان ٻاهر هوندي هئي. هُو زماني جو پڙهيل، لکيل دورانديش ماڻهو هو، مون کيس اها حقيقت ٻڌائي، جنهن چيو ته جيڪي به ٿيو سٺو ٿيو پر بينظير صاحبه اڳتي هلي توکي ڪنهن وڏي مقابلي ۾ بيهاريندي.
منهنجي ٻهراڙيءَ جي ووٽ داخل ڪرڻ تي مرحوم سردار الله بخش جلباڻيءَ کي اعتراض هيو. ان صاحب ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو مسٽر رحمت الله قريشيءَ کي دانهن ڏني ته، ديدار حسين شاهه خالد محمود سومري جو دوست آهي، ان ڪري ان تي نوازش ڪري، ان جو شهر جي تڪ مان ووٽ خارج ڪري ٻهراڙي جي تڪ ۾ داخل ڪيو آهي. خالد محمد سومري ڊپٽي ڪمشنر مسٽر رحمت الله قريشي مرحوم جي پڇڻ تي کيس لکت ۾ جواب ڏنو ته ديدار حسين شاهه قانوني طور تي درخواست ڪري شهر جي تڪ مان ووٽ ڪينسل ڪرايو آهي ۽ آپشن استعمال ڪندي، جتي ان جي زمين آهي اتي داخل ڪرايو آهي، جيڪو جائز ۽ قانون موجب آهي ۽ مون ڪو به غلط ڪم نه ڪيو آهي صحيح ڪم ٿيو آهي، جنهن به ڌر کي اعتراض آهي ته لکت ۾ منهنجي آرڊر کي اپيلٽ فورم ۾ چئلينج ڪري، جنهن جو رستو به قانون ۾ موجود آهي، جيڪڏهن اپيل داخل ٿيندي ۽ منهنجو آرڊر غلط آهي ته ان کي منسوخ ڪيو ويندو. اهو ذڪر ان ڪري ڪيم جو اسان جو سنڌي ڪامورو حڪومت وقت جي دٻاءَ جي ڪري ڪيڏو پريشان ٿي، پنهنجي ماتحت آفيسرن کان غلط ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مرحوم سردار الله بخش جلباڻي، جنرل ضياءُالحق جي مجلس شوريٰ جو ميمبر هيو، ان جي ڪري جلباڻي صاحب جي شڪايت تي ان جي ننڊ حرام ٿي. حالانڪ ڊپٽي ڪمشنر جهڙي ذميدار عهدي تي هوندي ان کي خبر هئي ته جيڪو به ٿيو آهي صحيح ٿيو آهي ۽ غلط ڪم نه ٿيو آهي، پر مجلس شوريٰ جي ميمبر جي چوڻ ڪري پنهنجي ماتحت کي بي واجبي تنگ ڪيائين.
مسٽر رحمت الله قريشيءَ جي بهادريءَ جو هڪ ٻيو ڪارنامو ٻڌايان ته، محمودالرحمان ڪميشن جي رپورٽ مبينا طور هٿ ڪرڻ لاءِ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي تي، ملٽري ۽ سول انتظاميه گڏجي ڊپٽي ڪمشنر رحمت الله قريشيءَ جي سربراهيءَ ۾ رات جي وقت، بغير ٻڌائڻ ۽ ضروري قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي ڇاپو هنيو ويو. جڏهن ڪنهن به جڳهه کي سيل ڪبو آهي ته جاندار شيءِ کي ٻاهر ڪڍبو آهي ۽ قانون به ايئن ٿو چوي ته جاندار شيءِ کي ٻاهر ڪڍي جڳهه پوءِ سيل ڪجي، نه ته پاڻي خوراڪ ۽ هوا نه ملڻ ڪري جاندار شيءِ جو موت واقع ٿي سگهي ٿو. محترمه بينظير ڀٽو جا رکيل ملازم، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين آفيسرن سان مليا، پر سڀني کين کٿو جواب ڏنو ته مارشل لا جي حڪم تي بنگلو سيل ڪيو ويو آهي. بنگلي ۾ اندر جهڙوڪ پاليل طوطا، ٻليون، مور، ڪبوتر ۽ ٻيا ننڍا پکي ۽ جانور سيل ٿيا. مون ملازمن کي جواب ملڻ کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر سان ملاقات ڪئي ۽ ان کي چيو ته بنگلو سيل ڪرڻ جو عمل بلڪل غيرقانوني آهي، پر جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن ته ”نَه کي نوَ ڪوٽ“ رحمت الله قريشي مرحوم جيڪو PCSڪري نوڪريءَ ۾ شامل ٿيو هو، وڏي قدبت جو مالڪ هيو پر همٿ جو ذرو به نه هئس، جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن ته، ڀاڙ جو ترو.
ڊپٽي ڪمشنر جي جواب ملڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي جو DMLA جيڪو برگيڊيئر سليم هو، تنهن کي مون لکت ۾ درخواست ڏني، جنهن ۾ سڀ ڪجهه لکيل هو ۽ ڄاڻايل هو ته جيڪو به DC ڪيو آهي، غلط ڪم ڪيو آهي DC۽ ٻين واسطيدار آفيسرن کي محترمه بينظير ڀٽو جا قيمتي جانور ۽ پکي ڪڍي بعد ۾ بنگلو سيل ڪرڻو هئو، انهن قيمتي پکين ۽ جانورن جي قيمت لکين روپيا آهي ۽ ان جي لاءِ محترمه مون کي حڪم ڪيو آهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪريان، جنهن ۾ پکين ۽ جانورن جي مرڻ جي صورت ۾ سرڪار کان معاوضو گهريو ويندو. توهان کي اهڙو اطلاع عرض آهي. درخواست پڙهي برگيڊيئر سليم جا حواس ئي اڏامي ويا ۽ چيائين ته اسان DC کي غيرقانوني ڪم لاءِ نه چيو آهي، توهان ڪورٽ ۾ نه وڃو مان کيس هتي گهرائي توهان جي روبرو ڳالهايان ٿو. ڏهن پندرنهن منٽن کان پوءِ ٿلهو متارو DC سهڪندو اچي پهتو. ويهڻ شرط برگيڊيئر صاحب مٿس ڪڙڪي پيو ۽ چيو ته توهان هيترا سينيئر آفيسر آهيو اهو غلط ڪم ڪيئن ڪيو اٿو، جيڪڏهن محترمه جا قيمتي پکي ۽ جانور مري ٿا وڃن ته انهن جو لکين رپيا هرجاڻو ڪير ڀريندو؟ هاڻي جو هاڻي وڃي سيل ٽوڙي پکي آزاد ڪري، ڏهن منٽن ۾ مون کي ٻڌايو ته توهان پکي ۽ جانور آزاد ڪيا آهن. DC ان حڪم تي عمل ڪندي سيل ٽوڙي پکي ۽ جانور آزاد ڪري مالڪن جي حوالي ڪيا. اهو آهي سنڌي ڪاموري جو حال جيڪو وقت تي نه پنهنجن جو نه پراون جو! ان جي برعڪس مارشل لا جي دور ۾ رحمت الله قريشي کان پوءِ مسٽر شاهد عزيز صديقي DC ٿي آيو. ان وقت ڪچي جي زمين جون ممتاز علي ڀٽي ۽ سندس هارين جي نالي تي ڏنل ليز رد ڪرڻ جي لاءِ اپيلون جماعت اسلامي جي ماڻهن احمد علي جوڻيجو، مارو جوڻيجو ۽ ٻين مسٽر غلام قادر جتوئي وڪيل جي ذريعي ڪيون. مان مسٽر ممتاز علي ڀٽي ۽ ان جي ماڻهن پاران وڪيل هئس. سڏ ٿيو ته ڪورٽ ۾ اندر وياسين جتي ٻئي ڌريون ۽ انهن جا وڪيل حاضر هئا. مسٽر شاهد عزيز صديقي صحيح ۽ قانوني ڳالهه ڪئي ۽ اپيل ڪندڙن کي چيو ته هي خالص روينيو جو مسئلو آهي جنهن جو لينڊ گرانٽ پاليسي تحت فيصلو ڪرڻو آهي. بظاهر اسسٽنٽ ڪمشنر کليل ڪچهري ۽ اجلاس عام ۾ ليز گرانٽ ڪئي آهي. باقي توهان جي دٻاءَ جي ڪري آئون روينيو مسئلي ۾ ڪوبه غيرآئيني ۽ غيرقانوني قدم ڪونه کڻندس. توهان مهيني جي تاريخ وٺي وڃو ۽ اهڙو مارشل لا جو آرڊر ڪرائي اچي ڏيو ته ان تي مان عمل ڪندس، باقي ٻئي دٻاءَ ۾ اچي ڪري غلط آرڊر ڪونه ڪندس ۽ ٿيو به ايئن ته مارشل لا اختيارين ڪوبه آرڊر ڪونه ڪڍيو ۽ اپيل DC شاهد عزيز صديقي رد ڪئي، جنهن جي آرڊر کي ڪمشنر مسٽر غلام مصطفي جوکيو به بحال رکيو ۽ بورڊ آف روينيو پڻ اپيلون رد ڪيون. اتي به ڌرين جي پاران ساڳيا وڪيل هئا پر ٻنهي فورمن تي اپيلون ممتاز علي خان ڀٽي ۽ ٻين جي خلاف رد ٿي ويون ۽ انهن جي حق ۾ ليز گرانٽ ٿيل زمين بحال رکي وئي.

ضيا جي آمريت ۾ ٿيل مڪاني چونڊون!!

جيئن ته مان اڳ ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان ته ضلعي ڪائونسل 1979ع ۾ لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ حصي وٺڻ لاءِ تعلقي ليول تي پارٽيءَ جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ مون اهو اظهار ڪيو ته، مون محترمه بينظير ڀٽو جي خواهش تي شهر مان ووٽ منسوخ ڪرائي ٻهراڙي جي حلقي ۾ داخل ڪرايو آهي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي جي وارث ڏنو ماڇي يونين ڪائونسل جي حلقي تان اليڪشن وڙهندس. اجلاس ۾ موجود ماڻهن چيو ته صحيح آهي، توهان ڀلي فارم ڀرايو. ان ميٽنگ ۾ مسٽر چاڪر علي جوڻيجو، مسٽر عبدالرزاق سومرو وڪيل، حاجي منور علي عباسي، غلام مجتبيٰ اسراڻ، غلام الله ماهوٽو، ملڪ سليم، مرحوم عبدالواحد سومرو ۽ مرحوم خان صاحب پير بخش خان گهانگهرو شريڪ هئا. ٻن ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته خان صاحب پير بخش گهانگهري جي فرزند مسٽر علي نواز خان گهانگهري وڪيل، وارث ڏنو ماڇي، يونين ڪائونسل جي تڪ تان فارم ڀرايو آهي. مون کي اهو ٻڌي ڏک ٿيو ته فيصلي ٿيڻ کان پوءِ اها سيٽ جيئن ته مون گهري هئي ۽ ميٽنگ ۾ به فيصلو ڪيو ويو ته مان ان سيٽ تان بيهندس، مون اهڙي شڪايت مٿي ذڪر ڪيل پارٽي عهديدارن سان ڪئي، جن چيو ته خان صاحب پيربخش چوي ٿو ته وارث ڏنو ماڇي يونين ڪائونسل ۾ سندس زمين به آهي ۽ چانورن جو ڪارخانو به آهي، ماڻهن سان واسطو به آهي، ان ڪري گهانگهري صاحب پنهنجي فرزند مسٽر علي نواز گهانگهري کي اُتي بيهاريو آهي ۽ هو اتان هٿ نه کڻندو. مون به پارٽي عهديدارن کي چيو ته ميٽنگ ۾ طئي ٿيل آهي ته هي خاڪسار بيهندو، جنهن ڪري مون به ان يونين ڪائونسل تي فارم ڀرايو آهي. فارمن جي ڀرجڻ جي آخري تاريخ کان ٻه ڏينهن اڳ مرحوم مسٽر عبدالواحد سومري صلاح ڏني ته توهان جو سياست ۾ پهريون قدم آهي، بهتر آهي ته توهان طيب يونين ڪائونسل تي پڻ نامينيشن فارم ڀرايو، ان تڪ تي اوهان جي ڪامياب ٿيڻ جا روشن امڪان آهن. مون به مرحوم عبدالواحد سومري جي سٺي صلاح تي طيب يونين ڪائونسل جي حلقي تي اليڪشن جي وڙهڻ لاءِ فارم ڀرايو. مان سمجهان ٿو ته وڪالت جي پيشي ۾ روزگار جو مسئلو حل هجڻ سان گڏوگڏ خلق خدا جي خدمت ڪرڻ جو به موقعو ملي ٿو، مون به ان تي عمل ڪندي وڪالت تي ڀرپور توجهه ڏنو. ڪيس پڙهي، تيار ٿي، ڪورٽ ۾ وقت تي وڃڻ ۽ صحيح نموني سان ادب ۽ اخلاق جي دائري ۾ رهي ڪري پنهنجي ڪلائينٽ (مؤڪل) جو بچاءُ ڪري ۽ مخالف ڌر کي ناجائز تنگ نه ڪندي، ڪورٽ جو احترام مقدم رکيو. منهنجو روز جو معمول هيو ته سيشن ڪورٽس سنڌ، هاءِ ڪورٽ سکر توڙي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ جج صاحبان جي اچڻ کان پنج منٽ اڳ پهچندو هئس. لاڙڪاڻي ۾ مرحوم علي مراد ابڙو صاحب ڪازلسٽ ڏسي پنهنجي ڀرسان منهنجي لاءِ جڳهه رکندو هيو ۽ مان بدستور لوڪل وڪيلن ۽ جج صاحبان جي اچڻ کان اڳ پهچي ويندو هئس. عام ماڻهوءَ جي روزمره جا مسئلا جهڙوڪ روينيو، ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، محڪمهءِ پوليس SP, DSP, SHO ايريگيشن جو انجنيئر، اسسٽنٽ ڪمشنر، سپرنٽنڊنٽ، انجنيئر صاحب SDO واپڊا ۽ صحت کاتي ۾ ماڻهن جا اڪثر ڪري ڪم پوندا هئا، انهن ماڻهن جي مدد ڪري انهن جون تڪليفون دور ڪري مون کي دلي طرح خوشي محسوس ٿيندي هئي.
خير سان عشره محرم گذارڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي جي ڪورٽن ۾ ڪيسن جي سلسلي ۾ وڃڻ ٿيو. دوست وڪيلن سان ملاقات ٿي، جيڪي ملي ڏاڍا خوش ٿيا. ڪورٽ مان فارغ ٿي DMLA برگيڊيئر سليم سان ڳالهائڻ ٿيو، جنهن سان ٻن ڏينهن کان پوءِ هڪ بجي آفيس ۾ ملاقات جو ٽائيم طئي ٿيو. ٻن ڏينهن کان پوءِ مان ۽ مرحوم الاهي بخش سيال، جيڪو مون سان گڏ نظربند هيو مقرر وقت تي DMLA جي آفيس جيڪا DC جي رهائشگاهه ۽ SP آفيس جي ڀرسان هئي اتي وياسين وڃڻ سان ئي برگيڊيئر سليم اٿي بيهي مليو، سلام دعا کان پوءِ مون سان مخاطب ٿيو ۽ سوال ڪيائين ته ”شاہ صاحب سیاست چلی گی۔“ منهنجي جواب ڏيڻ کان اڳ مون کي مرحوم الاهي بخش سيال ڪن ۾ سرگوشي ڪئي ته مارشل لا جو دور آهي، پاڻ تي ضبط ڪري ٿڌائيءَ سان جواب ڏجو نه ته وري جيل حوالي ڪندا. مون سيال صاحب کي چيو ته سائين منهنجا! توهان اطمينان رکو مان اهڙو جواب ڏيندو مانس جو آئينده هو توکي ۽ اسان کي هٿ به نه لائيندا. اسان جي ان سرگوشيءَ کي ڏسندي برگيڊيئر سليم چيو ته ”شاہ صاحب میں نے آپ سے سوال کیا تھا اس کا ابھی تک آپ نے جواب نہیں دیا“ مون عرض ڪيومانس ته ”سننے کا حوصلہ رکھیں، میں جواب دے رہا ہوں۔“ ہم وکیل ہیں اور قانون کی پاسداری کرتے ہیں، کوئی غیرقانونی کام نہیں کیا ہے۔ سیاست کی ہے، سیاست کرینگے۔ برگیڈیئر صاحب میرا پختا یقین ہے کہ قائداعظم محمد علی جناح سیاست کرکے پاکستان کا وجود عمل میں لائے ہیں جس کی وجود سے آپ پاکستان میں ترقی کرتے ہوئے برگیڈیئر کے عہدے تک پہنچے ہیں، ورنہ مجھے پورا یقین ہے کہ اگر قائداعظم محمد علی جناح سیاست نہ کرکے پاکستان کا وجود عمل میں نہ لاتے تو آپ بغیر تقسیم کئے ہوئے ہندستان میں نان کمیشنڈ عہدے سےرٹائرڈ بھی ہوچکے ہوتے، ادھر تو ماشاءَاللہ آپ پاکستان میں برگیڈیئر ہیں اور سیاست کو کوس رہے ہیں۔“ منهنجي ان جواب ڏيڻ کان پوءِ مون ڏٺو ته برگيڊيئر صاحب چپ ٿي ويو ۽ نه چاهيندي به کلندي جواب ڏنائين ته ”شاہ صاحب! صحیح بات ہے اگر پاکستان نہ بنتا تو میں کسی نان کمیشنڈ عہدے سے رٹائرڈ ہو جاتا۔ ماشاءَاللہ اب تو برگیڈیئر ہوں، اوپر کے احکامات ہیں، جن پے ہم عمل کرتے ہیں، آپ سیاست ضرور کریں، میں اپنی الفاظ واپس لیتا ہوں لیکن کوئی بھی غیرقانونی کام یا مارشل لا احکامات کی انحرافی نہ کریں۔“ مون چيو ته: ”ہم وکیل ہیں قانون کی پاسداری کرتے ہیں کبھی بھی غیرقانونی کام نہ کیا ہے، نہ ہی کریں گے، باقی بے قصور، بے گناہ ہم پر آپ کو جو کچھ کرنا ہے کریں ہم سے سہنے کا وعدہ ہے۔“
اليڪشن واري رات مون کي ۽ مرحوم عبدالواحد سومري کي گهرائي رتيديري ٿاڻي تي بند ڪيو ويو. سرڪار جو مقصد هيو ته ماڻهو ڊڄي وڃن، پيپلزپارٽي کي ووٽ نه ڏين ۽ مارشل لا اختيارين کي پنهنجي پسند جو نتيجو ملي وڃي. اسان جي گرفتاريءَ کان پوءِ محترمه آپا رقيه سومرو، جيڪا پڻ پيپلزپارٽيءَ جي خواتين ونگ جي وڏي عهديدار ۽ وڏي همٿ واري عورت آهي، هڪدم ٿاڻي تي هلي آئي. پنهنجي وَر مسٽر عبدالواحد ۽ مون سان ملي، اسان جي همٿ افزائي ڪيائين ۽ چيائين ته اها هاڻي ئي وڃي محترمه نصرت ڀٽو صاحبه سان المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي ۾ ملي ان کي حوال ڏئي ته جيئن محترمه نصرت ڀٽو صاحبه مارشل لا اختياري وارن سان ڳالهائي ۽ ضرورت پئي ته مان به پريس ڪانفرنس ڪنديس. BBC ۽ ٻين غيرملڪي نشرياتي ادارن کي به ٻڌائينديس. حقيقت ۾ ٿيو به ايئن؛ محترمه نصرت ڀٽو صاحبه جي همت ڀريو ڳالهائڻ کان پوءِ، مون کي ۽ مرحوم عبدالواحد سومري کي فجر جي پهر آزاد ڪيو ويو ته وڃي اليڪشن وڙهو. الله جي مهرباني ۽ غريبن جي وفا سبب اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيس.
1979ع جي لوڪل باڊيز جي اليڪشن کٽڻ کان ٻئي ڏينهن تي محترمه شهيد بينظير ڀٽو صاحبه ۽ نصرت ڀٽو صاحبه جو سلام ڪرڻ ۽ کين مبارڪ ڏيڻ لاءِ ويس، جن اليڪشن جو حال احوال ورتو ۽ ڪاميابي تي ڏاڍو خوش ٿيون. انهيءَ رات تي مسٽر ممتاز علي خان ڀٽي کي سندس ڳوٺ مبارڪ ڏيڻ ويس، جيئن ته ممتاز علي خان به ان وقت پيپلزپارٽي ۾ شامل هيو، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مبارڪ ڏنائين، رات جي ماني به گڏ کاڌي سين. واپسيءَ ۾ دير ٿي وئي ۽ اهو ئي دير جو بهانو بڻائي ٻيهر پوليس پهتي ۽ حڪم ڏنائون ته آرڊر ٻارنهن MLO (12) جي تحت توهان کي گرفتار ڪرڻو آهي ۽ توهان کي سکر سينٽر جيل تي وٺي وڃڻو آهي، اڌ ڪلاڪ جي مختصر وقت ۾ ضروري سامان ٻڌي تيار ٿياسين. منهنجي قيد ۾ هجڻ جي ڪري ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جو وفد صدر مسٽر الاهي بخش ڪيهر جي اڳواڻي ۾ DMLA برگيڊيئر سليم سان مليو. برگيڊيئر صاحب ڪيهر صاحب کي چيو ته ديدار حسين شاهه ۽ الاهي بخش سيال منتخب ٿيل ڪائونسلر آهن، شريف ۽ قانون جا پابند آهن، ڪوبه غيرقانوني قدم ڪونه کنيو اٿن، سيد ديدار حسين شاهه نظر بند رهندو، ڇاڪاڻ ته تعلقو رتوديرو مارشل لا اٿارٽيز جي خواهش موجب نه ٿو هلي ۽ اتي سياسي سرگرميون گهڻيون آهن، البته مرحوم الاهي بخش سيال جي آزاديءَ جو پروانو جاري ڪيان ٿو. انهن ڏينهن ۾ پيپلزپارٽي جا چڱا ليڊر ۽ ورڪر سينٽرل جيل سکر ۾ بند هئا. آهستي آهستي ڪري سڀني کي آزاد ڪيو ويو، باقي مون کي ۽ مسٽر منظور حسين وساڻ صاحب، خيرپور واري کي، جيڪو سنڌ جو وزيرداخله رهي چڪو آهي ۽ اڄ به سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر آهي، ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين جي اليڪشن ٿيڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو. هتي اها ڳالهه به ٻڌائيندو هلان ته نظربنديءَ جي دوران منهنجو وڏو ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه مرحوم، خاص منهنجي فرزند سيد محبوب علي شاهه سان گڏ، جنهن جي ان وقت عمر ڇهه سال هئي، سکر ڊويزن جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ميجر جنرل فهيم حيدر رضويءَ سان مليا ۽ ان کي ٻڌايائون ته يوم عاشوره جي موقعي تي وڏي علم پاڪ تي ماتمي جلوس منعقد ٿيندو آهي، ان جي سربراهي ديدار حسين شاهه ڪندو آهي ۽ پرمٽ به ان جي نالي تي نڪرندي آهي جيڪا SP کان ملندي آهي. يوم عاشوره ۾ 10، 12 ڏينهن آهن، تنهن ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي. منهنجي وڏي ڀاءُ جيڪو صحيح معنيٰ ۾ هڪ سٺو استاد ۽ صحيح رهنمائي ڪرڻ وارو ۽ مون تي والد جهڙي شفقت ڪندڙ هيو ان جنرل فهيم حيدر رضوي کي چيو ته هڪڙي مهرباني ڪيو ته جڏهن به ديدار حسين شاهه کي آزاد ڪيو ته اسان کي ٻڌائجو ته اسان ڳوٺان ڳاڏي موڪليون، جيڪا هتان اچي کيس کڻي وڃي. جنرل فهيم حيدر منهنجي وڏي ڀاءُ جي چوڻ تي جواب ڏنو ته مارشل لا اٿارٽيز وٽ ديدار حسين شاهه جو سڄو تفصيل موجود آهي ته ڇا ڪري ٿو ۽ ڪاڏي وڃي ٿو، ڪهڙي ڪار ٿو استعمال ڪري ۽ ڪٿي تعليم حاصل ڪئي اٿس. جڏهن حڪم آيو ته شاهه صاحب کي جيل جي در جي ٻاهران آزاد ڪري چئبو ته هاڻي ڀلي گهر وڃو، ۽ حقيقت ۾ ٿيو به ايئن. مون کي شام جو پنجين بجي آزاد ڪري بيگ بسترو روڊ تي رکي خداحافظ چئي جيلر صاحب هليو ويو. اڍائي مهينا جيل ۾ رهيس، قدرت خدا جي مون کي روڊ تي بيٺي اڃان پنج منٽ ئي مس گذريا هئا ته مرحوم عبدالرزاق ڀٽو، سابق چيئرمين ميونسپل ڪميٽي نئون ديرو، خيرپور کان سکر طرف اچي رهيو هو. ان اچي گاڏي بيهاري ۽ پڇيائين ته شاهه صاحب هاڻي آزاد ڪيو اٿن ڇا؟ مون چيو ته پنج منٽ ٿيا آهن جو روڊ تي ڇڏيو اٿن چڱو ٿيو جو توهان اچي ويا. هاڻ گڏيا ٿا هلون.

عيدن خان چانڊيو ۽ ٻين ماڻهن جي فرمائش!!

جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو اجلاس ٿيو، جنهن جو منتخب چيئرمين، محترمه بينظير ڀٽو پاران غلام مجتبيٰ اسراڻ هيو. هو 1988ع جي اليڪشن ۾ قمبر جي تڪ تان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو هو. اسراڻ صاحب شريف، ايماندار ۽ هر ڪنهن جي ڪم اچڻ وارو شخص رهيو آهي جيڪو ان کان پوءِ به ٻه ٽي دفعا قمبر تعلقي مان صوبائي اسيمبليءَ جو منتخب ميمبر رهيو آهي. هن وقت به پيپلزپارٽي شهدادڪوٽ ضلعي جو صدر آهي. گريجوئيشن جي شرط سبب پاڻ چونڊون نه وڙهي سگهيو هيو، جنهن سبب سندس جاءِ تي مسٽر غلام مجدد اسراڻ منتخب ٿيل آهي. ضلعي ڪائونسل جي سب ڪميٽين جو انتخاب ٿيڻو هيو، سڀني سب ڪميٽين مان ماڻهن جي ڪم اچڻ واري سب ڪميٽي، ورڪس سب ڪميٽي هوندي آهي، جنهن جي حوالي ضلعي جي ٻهراڙيءَ ۾ ترقياتي ڪم منظور ڪرڻ ۽ انهن جي نگهباني ڪرڻ شامل آهي. سنڌ جي ٻهراڙي ۾ وڌ ۾ وڌ روڊ، رستا، ننڍيون پليون، اسڪول، ناليون ۽ اسپتالون وغيره ٺهرائڻ جي ضرورت آهي. سڀني متفقه طور تي مون کي چيئرمين ورڪس ڪميٽي منتخب ڪيو. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جي ترقياتي ڪمن جو رکيل رڪارڊ شاهد آهي ته منهنجي ورڪس ڪميٽيءَ جي چيئرمين هجڻ واري دور ۾ تمام گهڻا ڪم ڪرايا ويا، جنهن جو هڪ مثال هن وقت ياد اچي ٿو ته، ان دور ۾ عيدن خان چانڊيو ڳوٺ ڪمال چانڊيو جو زميندار ۽ اثر رسوخ وارو ماڻهو مون وٽ آيو ۽ اچي ملاقات ڪري درخواست ڏنائين ته اسان جو ڳوٺ وارث ڏنو ماڇي بئراج جي ٻئي طرف آهي، اسان چانڊين، بروهين ۽ لولاين جا چار پنج ڳوٺ آهن، جن کي رتوديرو محمد پور جي پڪي روڊ تي پهچڻ لاءِ وارث ڏنو ماڇيءَ وٽ بئراج تي پڪي پل جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته هر سال ڪاٺ جي بندن سان اها پل ٺاهي وڃي ٿي ۽ ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ اها ڪاٺ جي پل ٽٽي پئي ٿي ۽ وري نئين پل ٺاهڻي پوي ٿي، مان پنهنجي ڳوٺ جي منڍ ۾ چانورن جو وڏو ڪارخانو وجهڻ چاهيان ٿو، ان ڪارخاني لاءِ سامان به ان پل تان آڻڻو پوندو. وزندار سامان کڻي وڏيون وڏيون گاڏيون ان پل تان گذرنديون، جنهن جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي. وڌيڪ فرمايائين ته ڪارخاني مان وڏيون گاڏيون مال کڻي رتيديري ۽ ٻين شهرن لاءِ ان پل تان گذرنديون. مرحوم عيدن خان جو مون سان سياسي قسم جو ڪوبه واسطو نه هيو ۽ هن صاحب اليڪشن ۾ ووٽ به نه ڏنو هيو، جيڪو پاڻ قبول ڪيو هيائين، پر انساني همدرديءَ طور ۽ ماڻهن جي ڪم اچڻ لاءِ مون ان سان واعدو ڪيو ته هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪرائي، پاڻي جي وهي اچڻ کان اڳ ۾ توهان کي پل تيار ڪرائي ڏبي. مرحوم رئيس عيدن خان چانڊئي وٽ مختلف ڳوٺن جي ماڻهن جي صحيح ٿيل درخواست پڻ هئي جيڪا منهنجي حوالي ڪيائين. ٻئي ڏينهن تي حسب معمول مون کي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻي وڃڻو هيو. اتان ڪورٽ جو ڪم پورو ڪري چيئرمين محترم غلام مجتبيٰ اسراڻ کان آرڊر وٺي لوڪل بورڊ جي هڪ محنتي ۽ هوشيار انجنيئر کي گهرايو جيڪو هڪ ديوان هو. ان جو نالو هن وقت ياد نه ٿو اچي، ان کي چيو ته هي ڪم هنگامي بنياد تي شروع ڪري پاڻيءَ جي اچڻ کان اڳ ۾ پل تعمير ڪرايو، جنهن واعدي مطابق پل تيار ڪرائي ڏني، جيڪا ڏاڍي مضبوط ۽ ويڪري پڻ آهي ۽ هن وقت به انهيءَ حالت ۾ موجود آهي.
1980ع ۾ لوڪل بورڊ جي قانون ۾ ترميم ڪئي وئي ۽ سنڌ ۾ ضلعي سطح تي هر هڪ تعلقي ۾ تعلقي ڪائونسل جو وجود آندو ويو. رتيديري جي تعلقي ڪائونسل ۾ 6 يونين ڪائونسلون، هرهڪ پير جو ڳوٺ، بهڻ، سيدو ديرو، طيب، بنگل ديرو ۽ وارث ڏنو ماڇي هيون، يونين ڪائونسلن جا چيئرمين ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل تي انهن يونين ڪائونسلن مان هڪ هڪ منتخب ميمبر هئا. ٽوٽل ٻارنهن ميمبر هئا، پارٽيءَ جي پاران مون کي بيهاريو ويو، محترمه بينظير ڀٽو ۽ جناب ممتاز علي خان ڀٽي منهنجي مدد ڪري مون کي 1980ع کان 1983ع تائين تعليم جو چيئرمين منتخب ڪرايو.
ڀٽي صاحب جي شهادت وقت محترمه بينظير ڀٽو ۽ محترمه نصرت ڀٽو صاحبه جيل ۾ نظربند هيون. ڀٽي صاحب کي آمر ضياءُالحق ڦاسيءَ تي چاڙهيو ۽ ڀٽي صاحب جو جسد خاڪي ڳڙهي خدا بخش آندو ويو پر اسلامي حڪمن جي پاسداري نه ڪندي، ڀٽي صاحب جي بيگم صاحبه ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي آخري رسمن ۾ به شريڪ ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي. اهو هڪ وڏو ظالماڻو قدم هيو ڇاڪاڻ ته انهن کي اجازت ڏيڻ ۽ ڀٽي صاحب جو آخري ديدار ڪرائڻ ضياءُالحق جي اختيار ۾ هئو، جنهن کان هن انڪار ڪيو ۽ ٻنهي کي نظربند رکيو، انهن ٻنهي ڀٽو صاحب جو نه آخري ديدار ڪيو ۽ نه ئي کين آخري رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ ڏني وئي. الله تبارڪ وتعاليٰ جا پنهنجا فيصلا آهن ۽ مڪافات عمل به ڪا شيءِ آهي، جنهن ڏينهن ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏني وئي ته ان جي نياڻي ۽ اهليه کي آخري ديدار ڪرڻ ۽ رسومات ۾ شرڪت ڪرڻ کان روڪيو ويو ان ڏينهن ئي رب ذوالجلال والڪرام فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته ضياءُالحق جو موت به اهڙي نموني ٿيندو جو هن کي ساڙي بسم ڪيو ويندو ۽ ان جا وارث سندس آخري ديدار نه ڪري سگهندا.
حقيقت ۾ ٿيو به ايئن، اڳتي هلي 17 آگسٽ 1988ع تي بهاول پور جي ڀرسان بستي لال ڪمال ۾ C-30 جهاز اڏامندي ئي باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويو، جنهن جهاز ۾ 30 هزار ليٽر هاءِ آڪٽين تيل پيل هو، سو ته سڙي ئي ويو پر ان ۾ ويٺل سڀ مسافر، جن ۾ پاڪستاني ملٽري جا ڪيترائي جنرل، غيرملڪي فوجي، غيرملڪي سفير ۽ ٻيا وڏا وڏا آفيسر هئا سي به سڙي خاڪ ٿي ويا. اهو به چيو ٿو وڃي ته جنرل ضياءُالحق جي لاش جي سڃاڻپ صرف هڪ هوڙ (ڄاڙي) جي بنياد تي ڪئي وئي ته اها ان جي آهي. حقيقت اها آهي ته جتي هر شيءِ سڙي وئي، اتي هڪ ڄاڙيءَ جو بچڻ ناممڪن هيو. صرف خاڪ ۽ مٽي ميڙي تابوت ۾ بند ڪري ان کي حسب دستور سينگاري سنواري، گلن جي چادر چاڙهي TV تي ڏيکاريو ويو ته اهو جنرل ضياءُالحق جو جنازو آهي.
منهنجي اسلام آباد ۾ نوڪريءَ جي سلسلي ۾ رهڻ دوران اُچ شريف جي سيد رٽائرڊ ڪرنل ڪريم حيدر بخاريءَ سان ملاقات ٿي هئي، جنهن ٻڌايو ته ان ڏينهن 17 آگسٽ 1988ع تي فوج طرفان جنرل ضياءُالحق اچڻو هئو، جتي جهاز کي حادثو پيش آيو. ان کان ست اٺ ڪلوميٽر پري فوجي جوانن سان ان علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو. ڪرنل ڪريم حيدر ٻڌايو ته هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو ۽ جهاز ڪريو، چوڌاري باهه پکڙجي وئي ان باهه جي تپش ۽ گرمي اسان کي ستن اٺن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي محسوس پئي ٿي. اهو آهي مڪافات عمل ۽ الله تعاليٰ جو نظام، جنهن تحت انسان کي پنهنجي ڪيل گناهن جي سزا آخرت ۾ ته ڏئي ٿو پر هن جهان ۾ به ڏئي ٿو. جنرل ضياءُالحق جي تابوت، جنهن ۾ صرف مٽي ۽ خاڪ هئي، ان کي فيصل مسجد جي ٻاهرئين حصي ۾ دفن ڪيو ويو جيڪو اڄ به اسلام آباد ڇبڙا چوڪ جي نالي سان مشهور آهي. ان جي برعڪس شهيد ڀٽو ڳڙهي خدا بخش ۾ پنهنجي آخري آرام گاهه ۾ هوندي به سڄي ملڪ تي اڄ به ”جيئي ڀٽو“ جي نعري سان حڪومت ڪري رهيو آهي ۽ ٻاهرين دنيا ۾ به پاڪستان جي شناخت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان آهي.
هت اهو به ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ، مولوي مشتاق جي انتقال کان پوءِ، ان جو لاش جنازي نماز پڙهڻ لاءِ لاهور جي هڪ باغ ۾ کڻي پئي ويا ته زهريلي ماڪڙ جا انبار لهي پيا جنهن ماڻهن کي کائڻ شروع ڪيو، جنهن دوران جنازي ۾ شريڪ ٻه ٽي ماڻهو مري ويا. مولوي مشتاق جي جنازي کي ان زهريلي ماڪڙ کائي ڇڏيو ۽ سواءِ هڏن جي ڪجهه به نه بچيو جيڪا خبر اخبارن ۽ ٻين نشرياتي ادارن ۾ آئي هئي. اهو آهي الله تعاليٰ جو انصاف جنهن کي مڪافات عمل چئجي ٿو، ڇاڪاڻ ته مولوي مشتاق ذاتي دشمنيءَ جي ڪري شهيد ڀٽي کي ڌر ڪري ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسيءَ جي سزا ڏني هئي.

1985ع واريون چونڊون پ پ کي اقتدار ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ ڪرايون ويون هيون

شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ڀٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ ان جي ورسي چڱي نموني ملهائڻ ۽ ان جو جنم ڏينهن صحيح نموني ملهائڻ لاءِ شهيد ڀٽو مزار ڪميٽي ٺاهي هئي، جنهن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي صاحبه هئي جيڪا پيپلزپارٽيءَ جي پراڻي خلوص واري ليڊر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي به رهي چڪي هئي. مون خاڪسار کي به عزت افزائي ڪري ان ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۽ شهيد ڀٽو مزار ڪميٽي جا ٻيا ميمبر هئا مسٽر عبدالرزاق سومرو، مرحوم عبدالواحد سومرو، مرحوم چاڪر علي جوڻيجو، مرحوم حاجي نظر محمد لغاري جيڪو ڀٽي صاحب جي ملڪيت جو مئنيجر هيو، مرحوم نيڪ محمد ڀٽو، غلام مجتبيٰ اسراڻ ۽ حاجي منور علي عباسي. هتي اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ڀٽي صاحب جي شهادت کانپوءِ ان سان عقيدت جو اظهار ڪرڻ لاءِ ملڪي توڙي غيرملڪي ماڻهو لکن جي تعداد ۾ ايندا هئا. ايڏي وڏي اجتماع جو انتظام ڪرڻ، اسٽيج ٺاهڻ، شاميانا لڳائڻ، پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ورڪرن سان گڏ وڌيڪ ڄاڻ سڃاڻ وارو منهنجو وڏو سوٽ سيد بچل شاهه مرحوم، جيڪو انهن ڪمن ۾ مهارت رکندو هو، مٿيون سڄو ڪم ان جي حوالي هوندو هو. جيڪو به خرچ ٿيندو هو، ان ۾ پارٽيءَ جا عهديدار ۽ مزار ڪاميٽيءَ جا ميمبر حصو ڏيندا هئا. منجهند جي عام مانيءَ جو بندوبست هزارين ديڳين جي صورت ۾ هوندو هيو. اهو خرچ حاجي نظر محمد لغاري، بيگم نصرت ڀٽو صاحبه پاران ڪندو هيو. ٽين ۽ چوٿين اپريل جي رات جو المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي ۽ نئون ديرو هائوس ۾ محترمه بينظير ڀٽو پاران رات جو ماني جو بندوبست ڪيو ويندو هيو، ٽئين تاريخ شام جو محترمه کان تقريرون ڪندڙن جي فهرست ۽ ٽائيم جي منظور ورتي ويندي هئي، انهن جلسن کي مسٽر اعتزاز احسن، مرحوم اسحاق ظفر آزاد ڄمون ڪشمير وارو، ملڪ محمد قاسم مرحوم، شيخ محمد رفيق مرحوم، جهانگير بدر، پروفيسر اين ڊي خان، سيد قائم علي شاهه، نثار احمد کهڙو، بيگم اشرف عباسي ۽ ٻيا خطاب ڪندا هئا. آخر ۾ شهيد بينظير ڀٽو صاحبه جي ڏنل پروگرام ۽ ان کي جيل ۾ آيل تڪليفن ۽ پيپلزپارٽيءَ جي ورڪرن تي ڪيل ظلم، تشدد جو ذڪر ٿيندو هو ۽ آئينده جي لاءِ پرعزم ٿي ڪري مارشل لا جو مقابلو ڪرڻ، جمهوريت بحال ڪرائڻ جي لاءِ جوش ۽ جذبو ڏيکاريو ويندو هيو.
جيئن مون اڳ ذڪر ڪيو آهي ته ڀٽي فيمليءَ جا ووٽ هن خاڪسار سول جج جي معرفت سپرنٽينڊنٽ سهالا جيل مان داخل ڪرايا هئا، محترمه جو حافظو تمام سٺو هيو. هڪ دفعي لاڙڪاڻي جي دوري دوران ڪنهن وڪيل دوست منهنجو تعارف پئي ڪرايو ته محترمه بينظير ڀٽو کلي ڪري چيو ته ”شاہ صاحب کو میں اچھی طرح جانتی ہوں یہ میرے گاؤں کے ہیں۔ ہماری فیملی کے ووٹ دیدار حسین شاہ نے کورٹ کا آرڈر لے کر سہالا جیل کے سپرینٹنڈنٹ کے معرفت داخل کرائے تھے۔“ ان کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات جا ڪيترائي موقعا مليا ۽ محترمه نصرت ڀٽو صاحبه پڻ سيد ۽ فقه جعفريه سان واسطي هئڻ جي ڪري عزت ڪندي هئي. محترمه بينظير ڀٽو صاحبه بيماريءَ سبب ٻاهرئين ملڪ علاج ڪرائڻ لاءِ وئي هئي، جڏهن 1986ع ۾ علاج ڪرائي واپس آئي ته جنرل ضياءُالحق صدر هيو ۽ مرحوم محمد خان جوڻيجو، شريف النفس انسان وزيراعظم هيو، جنهن محترمه جي اچڻ کان پوءِ ان تي ڪنهن به قسم جي پابندي يا نظربند رکڻ کان انڪار ڪيو. لاهور ۾ محترمه جو تاريخي استقبال ٿيو، جنهن ۾ لکين ماڻهو لاهور ايئرپورٽ ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن روڊن تي جلوس جي شڪل ۾ موجود هئا. محترمه هڪ سينگاريل ٽرڪ تي پيپلزپارٽي جي ٻين ليڊرن سان گڏ هئي ۽ خوشيءَ وچان هٿ لوڏي ماڻهن جي نعرن جو جواب ڏئي رهي هئي. چيو وڃي ٿو ته اهڙو تاريخي استقبال ان کان اڳ ڪنهن به سياسي ليڊر جو ڪو نه ٿيو هو. جلوس هلندي ڪجهه جوشيلن ورڪرن جوش ۾ اچي آمريڪا جا جهنڊا ساڙيا. جيئن ته مان به سياسي شاگرد ۽ ڪارڪن آهيان سو مون کي خيال آيو ته محترمه جي پاڪستان اچڻ ۾ آمريڪا جي حڪومت جو به عمل دخل آهي نه ته ضياءُالحق اهڙو شريف ماڻهو ڪونه هو جو ايتري آسانيءَ سان محترمه بينظير ڀٽو کي پاڪستان اچڻ ڏئي ها. مون غلام مجتبيٰ اسراڻ سان گڏ محترمه کي عرض ڪيو ته جوشيلن جيالن ورڪرن کي پيار سان سمجهايو ته هو آمريڪا جي خلاف نعرا نه هڻن ۽ آمريڪا جي قومي جهنڊي جي بي حرمتي نه ڪن، ٻي صورت ۾ سفيد هاٿي (آمريڪا) ناراض ٿيندو، جنهن جي ناراضپي جي ڪري شهيد ڀٽي جي حڪومت کي سازش ڪري ختم ڪرايو ويو ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ کيس ڦاسي ڏني وئي. محترمه کي اها ڳالهه وڻي ۽ مسڪرائيندي چيائين ته ”میں ورکروں کو منع کرتی ہوں کہ امریکا کے خلاف نعرے نہ لگائیں اور نہ ہی اس کے جھنڈے کی بے حرمتی کریں۔“ محترم شهيد بينظير ڀٽو صاحبه ٻاهرين دنيا ۾ هئي ته منهنجي والده محترمه جو انتقال ٿي ويو. مون کي بيگم اشرف علي عباسي صاحبه ٻڌايو ته هن محترمه کي توهان جي والده جي انتقال جو ٻڌايو آهي، هوءَ جيئن ئي پاڪستان ايندي ته توهان وٽ تعزيت لاءِ ايندي؛ واقعي ٿيو به ايئن.
1985ع جي غيرجماعتي چونڊن جو اعلان ڪيو ويو، حڪومت جي مرضي هئي ته غيرجماعتي بنيادن تي اليڪشن ٿئي ڇاڪاڻ ته MRD سنڌ ۾ ايڏي زور ۽ شور سان هلي جو سنڌ جو ٻهراڙي وارو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. دادو، موري، سڪرنڊ، نوابشاهه، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، سکر ۽ جيڪب آباد جي علائقن ۾ فوج کي وڏو آپريشن ڪرڻو پيو، ردعمل ۾ ماڻهن فوج جو مقابلو ڪيو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿيا، پر افسوس هيءُ آهي ته ان وڏي تحريڪ، جنهن ۾ لکين ماڻهو جيل ۾ ويا ۽ هزارين ماڻهو زخمي ۽ سوين ماڻهو شهيد ٿيا، پر انگلش ۽ اردو پريس ۾ ان جي خاطر خواهه اشاعت نه ٿي ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ان کي صحيح نموني ۾ پيش نه ڪيو ويو ۽ مومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي MRD، جنهن ۾ انهن ماڻهن کي به شامل ڪيو ويو هو جن شهيد ڀٽو جي حڪومت جي خلاف تحريڪ به هلائي هئي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ ڀٽي صاحب جي حڪومت به وئي ۽ ڀٽي صاحب کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسي جي سزا به ڏني وئي ته ملڪ ۾ مارشل لا جو غلط استعمال به ڪيو ويو، ان تحريڪ ۾ محترمه جي حڪم تي مون انور ڀٽي مرحوم، عبدالرزاق سومري، حاجي منور علي عباسي، غلام الله ماهوٽي، ملڪ سليم ۽ ٻين ڀرپور حصو ورتو. جن ورڪرن پنهنجو پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪيو هو، انهن جي مالي سهائتا به ڪئي وئي. اسان جي MRD تحريڪ جو مرڪز مرحوم اسماعيل ڪلهوڙي جي سڪي تلاءَ وارو ورڪشاپ هيو، MRD دوران محترم رسول بخش پليجي جي پارٽي سرگرم هئي، انهن جا ورڪر به پڙهيل لکيل جوش ۽ جذبي وارا هئا.
1985ع جي اليڪشن جي اعلان ٿيڻ کان پوءِ، جيئن ته اهي چونڊون جيڪي ڄاڻي واڻي پيپلزپارٽيءَ کي طاقت ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ ڪرايون ويون هيون ۽ حڪومت ان وقت اهو پئي چاهيو ته پيپلزپارٽيءَ جا عهديدار جيترو گهڻو حصو وٺن ايترو بهتر آهي ته جيئن دنيا کي ٻڌائي سگهجي ته پيپلزپارٽيءَ جي ماڻهن به اليڪشن ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي. ان اليڪشن جي لاءِ PS-30 رتيديري جي صوبائي اسيمبلي اليڪشن جي لاءِ مسٽر سيرت اصغر اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ SDM ريٽرنگ آفيسر هيو، جنهن وٽ منهنجو ڪيسن جي سلسلي سبب ڪورٽ ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. هڪ ڀيري ڪورٽ جي ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ مون کي چيائين ته غيرجماعتي بنيادن تي اليڪشن ٿي رهي آهي توهان پيپلزپارٽيءَ جا تعلقي سيڪريٽري به آهيو. مان تعلقي جي ٻهراڙي ۾ سرڪاري ڪم سان ايندو ويندو آهيان ۽ مون کي خبر آهي ته اوهان اليڪشن ۾ حصو وٺو ٿا. اليڪشن آزاد ۽ غيرجانبدار ٿيندي، اهڙو مون کي اشارو مليو آهي ته ڪاميابيءَ کان پوءِ توهان کي قانون جو وزير مقرر ڪن. مون هن کي جواب ڏنو ته هيءُ پارٽيءَ جو فيصلو آهي ۽ اهو فيصلو ڪيئن ٿيو اها خبر مون کي ڪا نه آهي. حالانڪه شهيد بينظير ڀٽو صاحبه جو اهو حڪم آهي ته هر اليڪشن ۾ مقابلو ڪيو وڃي ۽ مخالفن جي لاءِ ميدان خالي نه ڇڏجي، جنهن جي ڪري لوڪل باڊيز ۾ به حصو ورتو هيو ۽ مون کي اهائي سوچ آهي ته جڏهن به بينظير صاحبه سان ملاقات ٿيندي ۽ جيڪڏهن چونڊ ۾ حصي وٺڻ کان پوءِ مان ميمبر به ٿي وڃان پر محترمه جو صرف ايترو چوڻ ئي ته ”شاه صاحب آپ نے بهي ہمارے فیصلے کا احترام نہیں کیا“ ان ٻڌڻ کان اڳ مان چوندس ته ڌرتي جاءِ ڏئي ته گهڙي وڃجي پر محترمه جي نظر ۾ نه ڪرجي.

بينظير ڀٽو جي دعوت جو احوال

پيپلزپارٽيءَ جي اليڪشن جي بائيڪاٽ ڪرڻ واري فيصلي کي ٻڌي ڪري جنرل ضياءُالحق ٻه رڪعتون شڪراني جون ادا ڪيون ته چڱو ٿيو، پيپلزپارٽيءَ مان جان ڇٽي پئي. پيپلزپارٽيءَ اڳتي هلي اهو اظهار ڪيو ته اليڪشن جي بائيڪاٽ جو فيصلو غلط هيو ۽ جيڪا ليڊرشپ ان وقت اُڀري آئي ۽ جنهن اليڪشن ۾ حصو ورتو MPA۽ MNA ٿيا، انهن مان ڪيترن کي پيپلزپارٽي ڀليڪار ڪيو ۽ پارٽي پاران ٽڪيٽ ڏئي انهن چونڊيل نمائندن کي ڪامياب ڪيو.
محترمه بينظير ڀٽو منهنجي والده جي تعزيت ڪرڻ کان پوءِ مرحوم پير بخش خان گهانگهري جي انتقال تي، سندس اولاد غلام رسول گهانگهري ۽ علي نواز گهانگهري سان سندن ڳوٺ ڀائي خان گهانگهري ۾ وڃي تعزيت ڪئي ۽ اتان وري ڪوٽ محبوب واري بنگلي ۾ سردار ظفر علي سانگي جي ڪنهن عزيز جي انتقال تي تعزيت ڪئي. هي سانگي پڙهيل لکيل همٿ وارو نوجوان ۽ سانگي برادريءَ جو چڱو مڙس آهي. ان کان پوءِ محترمه جي اعزاز ۾ دعوتن ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو.
مون به پنهنجي وڏي ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه مرحوم ۽ وڏن سوٽن سيد عالم شاهه مرحوم ۽ سيد بچل شاهه سان صلاح ڪئي ته محترمه بينظير ڀٽو جي هت دعوت ڪري ان جي اعزاز ۾ مانيءَ جو بندوبست ڪرڻو آهي؛ ڪم تمام وڏو آهي پر ڪرڻو پوندو، توهان کي پاڻ بندوبست ڪرڻو پوندو ڇو ته محترمه سان گڏ اڍائي ٽي سو ماڻهو هوندا ۽ سنڌ جي ٻين ليڊرن ۽ ورڪرن کي به دعوت ڏني ويندي. سائين جن چيو ته عزت جي ڳالهه آهي محترمه کي دعوت ڏئي اهڙو بندوبست ڪنداسين، جهڙو محترمه جي شان وٽان هوندو. محترمه جي خدمت ۾ مون دعوت جو عرض رکيو، جنهن رتيديري ۾ اچڻ قبول ڪيو. مون وٽ دعوت قبول ڪرڻ کان اڳ ڊاڪٽر اشرف عباسي صاحبه پنهنجي ”وليد محلي“ ۾ سندس دعوت جو بندوبست ڪيو ۽ اسان کي دعوت ڏني. مان، سائين بچل شاهه مرحوم ۽ انور ڀٽو مرحوم ان دعوت ۾ شريڪ ٿياسين. ڪافي سٺو بندوبست ٿيل هو، وڏي ڳالهه اها ته المرتضيٰ هائوس کان عباسي رهائش گاهه تائين، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ پنج ڇهه ڪلوميٽرن جو مفاصلو ٿيندو، ان سڄي رستي کي بجلي جي بلبن، راڊن ۽ مرچن سان تمام خوبصورت نموني سينگاريو ويو هو. دعوت کائي محترمه سان ملاقات ڪري، دعا سلام ڪئي سين ۽ ٿورو حال احوال ۽ ڪچهري ڪرڻ بعد موڪلائڻ لڳاسين ته محترمه بينظير ڀٽو صاحبه چيو”پانچ دن کے بعد آپ کے ہاں بھی پروگرام ہے۔“ مون چيو ”سر مجھے یاد ہے“ (مان اڪثر ڪري محترمه سان سر ڪري مخاطب ٿيندو هيس) ٻاهر نڪري سائين بچل شاهه، مرحوم انور ڀٽي ۽ مون پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ميرو خان چوڪ کان وٺي رتيديري تائين اسين به اهڙو بندوبست ڪيون ته، جيئن شهر تائين ائين لائيٽون، بلب ۽ مرچون هجن. ٻنهي صاحبن چيو ته رايو تمام سٺو آهي، اسان هاڻي هلون ٿا، ان روڊ تي جيڪي به ڳوٺ آهن، انهن جي ماڻهن سان ملي انهن کي آماده ٿا ڪيون ته هر ڳوٺ ٻئي ڳوٺ تائين روڊ سينگاري ڏئي. وليد محلي جي ٻاهران سمال انڊسٽريل اسٽيٽ آهي، جتي اسان جي مرحوم دوست عبدالغفور جو ٽريڪٽرن جو روڪشاپ، ليٿ مشين آهي ۽ ان کان ٿورو اڳڀرو اسان جي ڳوٺ جو مولانا عبدالحميد چانڊيو ۽ ان کان اڳڀرو اسان جو عزيز سيد مصري شاهه. انهن سڀني سان ملاقات ڪري انهن کي عرض ڪيوسين ته محترمه بينظير ڀٽو صاحبه رتيديري اچي ٿي، توهان دوست مهرباني ڪري شيخ زيد ڪالونيءَ کان کوسن جي ڳوٺ تائين روڊ جي ٻنهي پاسي بانس جا لڪڙا هڻي انهن تي راڊون، بلب ۽ مرچون هڻو، باقي عارضي طور بجليءَ لاءِ واپڊا وارن کان ڪنيڪشن وٺبو، اهڙي نموني کوسن جي ڳوٺ کان جاگيراڻين تائين کوسن ۽ جاگيراڻين کي عرض ڪيوسين، جن خوشيءَ سان چيو ته اسان اهو بندوبست ڪنداسين. جاگيراڻين کان فتح پور تائين ميراڻي صاحبن کي عرض ڪيوسين، انهن صاحبن به خوشيءَ سان ها ڪئي. فتح پور کان ڳوٺ پليو گوپانگ تائين گوپانگ دوستن خوشيءَ سان هائو ڪئي، پليو گوپانگ کان ڌامراهه ڳوٺ تائين جوڻيجن ۽ ڌامراهه دوستن اقرار ڪيو ته اسان روڊ جي ٻنهي پاسي جوڳو بندوبست ڪنداسين. اهڙي نموني مرحوم علي مراد ابڙي جي ڳوٺ وسند شاخ نمبر 2 جي رهائشي دوست وڪيل علي مراد خان ابڙي چيو ته مان ڌامراهه کان ڳوٺ بنگل ديري تائين جو رستو سينگاريندس. بنگل ديري کان ڳوٺ ڇڄڙن تائين مرحوم انور ڀٽي ۽ محمد يعقوب ڀٽي چيو ته اسان بندوبست ڪنداسين. ڇڄڙن کان رتيديري جي چاندني چوڪ تائين ڇڄڙن جي ڳوٺ جي ماڻهن سينگار ڪرڻ جو واعدو ڪيو. چاندني چوڪ کان اسان جي سيد محلي ۾ غيب الله هوٽل تائين واسطيدار دڪاندارن واعدو ڪيو ۽ چيو ته اها اسان جي شهر جي عزت آهي ته محترمه اسان جي شهر ۾ اچي رهي آهي. اسان توهان جي سيد محلي جي غيب الله هوٽل، جيڪو وچ شهر ۾ آهي ان تائين سينگار ڪرڻ، بتين ۽ بجليءَ جو بي مثال مظاهرو ڪنداسين. غيب الله هوٽل کان اسان جو پنهنجو بندوبست هيو جيڪو اسان پاڻ ڪيو. اسان جي محلي تائين پهچڻ لاءِ جناح ميدان ۾ وڏي الم پاڪ جو ميدان، جيڪو اسان جي اوطاق کان اڳ ۾ آهي، ان کي چار گهٽيون اچن ٿيون، انهن چئني گهٽين کي ڇهه فوٽ تائين ڀت کڻائي بند ڪيو ويو ۽ ٻه ٻه ماڻهو حفاظت لاءِ بيهاريا ويا ته جيئن ڪوبه ٻاهريون، غيرواسطيدار ماڻهو اچي بدنظمي نه ڪري سگهي. هڪ گهٽي جيڪا مسجد سان گڏ آهي ان کي ڀت سان بند ڪري دروازو وڌو ويو ته جيئن، جن مردن سان گڏ عورتون اچن سي ان رستي کان اچن. اهڙي طرح سڄي محلي کي ڪنوار وانگر سينگاريو ويو. چار سو کان مٿي ماڻهو ان دعوت ۾ مدعو ٿيل هئا. مهمانن جو هڪڙو پنڊال جناح ميدان تي هيو ۽ ٻيو الم پاڪ سان گڏ هيو، ٽيون بندوبست اندر اوطاق جي هال ۾ ڪيو ويو جيڪو محترمه ۽ ان سان گڏ ٻاهران آيل مهمانن جي لاءِ هيو. ماني تيار ڪرڻ جو بندوبست سائين عالم شاهه مرحوم جي پلاٽ ۾ ڪيوسين جيڪو اولهه ۾ سيد حويلي سان گڏ آهي. مون کي ياد ٿو اچي ته عبدالرزاق سومرو پنهنجي گهرواريءَ سان گڏ، جڏهن هن خاڪسار جي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيو ته مون سان منهنجو وڏو ڀاءُ مرحوم سيد نياز حسين شاهه مرحوم، سيد عالم شاهه مرحوم، سيد بچل شاهه ۽ ٻيا سيد موجود هئا. سومرو صاحب پاڻ به گهڻيون دعوتون ڪندو آهي ۽ دسترخوان ڪشادو اٿس! اچڻ سان ملي ڪري اسان جو اهو سڄو بهترين بندوبست ڏسي رڙ ڪري چيائين ته ”توهان سيد جن آهيو، ڀتيون کڻائي دروازا به وجهرايا اٿو. ڪمال آهي، لاڙڪاڻي کان رتيديري تائين سڄو روڊ روشنيءَ سان منور آهي! مون جواب ڏنو ته سائين منهنجا! دعوت به ته محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي مان ۾ آهي ۽ دعوت ۾ آيل ماڻهو به ته قابل احترام آهن، اهڙو بندوبست ته ٿيڻ گهرجي. ڏاڍو خوش ٿي چيائين ته تمام سٺو.

اسان جو محرم شريف

اسان جو خاندان وڏي علم پاڪ جي سيدن طور سڃاتو ويندو آهي. ساليانو محرم جو جلوس سيد محلي مان تعزين جي صورت ۾ ڪڍيو ويندو آهي ۽ ماڻهو عزاداري ڪندا، نوحا پڙهندا شهر جي مختلف حصن مان ماتم ڪندا سج لهڻ کان پوءِ واپس پهچندا آهن، جتي هزارن جي تعداد ۾ عزادارن وچ ۾ سيد وريل شاهه مرحوم شام غريبا کي خطاب ڪندو هو، جيڪو واقعي ڪربلا جو ذڪر ڪندي ٻڌائيندو هو ته مقصد ڪربلا، حق سچ جي راهه تي هلڻ، ظالم جي ظلم جو مقابلو ڪرڻ ۽ قرباني ڏيڻ سيکاري ٿو.
سائين وريل شاهه مرحوم جي رحلت بعد ان جو پٽ سيد بچل شاهه مرحوم شامِ غريبا کي خطاب ڪندو هو، هي پنهنجي والد جو دور ياد ڏياريندو هو. شام غريبا کان پوءِ حسبِ دستور نياز پاڪ پڻ ورهايو ويندو آهي. اڄ کان پندرنهن ويهه سال اڳ مذهبي رواداري ۽ برداشت، هڪٻئي جي عزت ۽ احترام گهڻو هوندو هيو. اهل سنت جا حضرات به عزاداري ۽ مجلس ۾ شريڪ ٿيندا هئا. مون کي ياد آهي ته انهيءَ ساڳئي وقت ۾ هڪڙو تعزيو ڀٽن جي وانڍ مان نڪرندو هو، جنهن کي عزادار ماتم ڪندا کڻي ايندا هئا، پر هاڻي ته اهو عالم آهي جو رتيديري شهر جي هر هڪ محلي، ڪنڊ ڪڙڇ مان پهريئن کان يارنهين محرم تائين ماتمي جلوس تعزين، ذوالجناحن ۽ الم پاڪن سان شريڪ ٿيندا آهن.
شام غريبا جي مجلس ختم ٿيڻ کان پوءِ نياز مبارڪ ورهائڻ کان اڳ ۾ سائين ڪوڙل شاهه مرحوم اٿي بيهي هٿ ٻڌي مومنن کي عرض ڪندو هو ته سڀئي مومن هتان نياز کائي منهنجي اوطاق تي به هلي نياز کائين. اڄڪلهه رتيديري جي هرهڪ گهٽي ۽ پاڙي ۾ پهريئن کان يارهينءَ تائين نياز مبارڪ ٿيندو آهي ۽ عزادارن کان علاوه ٻين شهرن مان آيل ماڻهو به نياز کائيندا آهن. عزاداري جيئن ننڍي کنڊ ۾ آئي، تئين رتيديري ۾ به عزاداري اسان جي وڏن شروع ڪئي، پر سائين زوار جهنڊل شاهه جيئن ڪربلا مولا ۽ اتي ٻين زيارتن جهڙوڪ امام رضا عليه جي مزار تي حاضري ڀري ۽ ام بيبي معصوم شريف ۾ مزار تي حاضري ڀري شام ۾ بيبي زينب الاسلام رحمت الله عليه ۽ ٻين شهيدن جي مزار تي ماتم ڪري، سلام ڀري واپس آيو ته سندس محرم ملهائڻ ۾ وڌيڪ جوش آيو. سائين زوار جهنڊل شاهه جي انتقال کان پوءِ ان جي فرزند ۽ اسان جي وڏي سوٽ مرحوم سيد عالم شاهه ۽ ٻين سيدن تڏو وڇائي يوم عاشورا جاري رکيو. ان ۾ اسان سڀني سيدن جي مذهبي عقيدي موجب اڄ تائين شرڪت ٿيندي آهي.
علم پاڪ هر سال پهرئين محرم جي رات تي هيٺ لهندو هو، ان کي رنگ روغن ڪري نئين بيرڪ وجهي مٿي چاڙهيو ويندو هو ۽ ماتم ٿيندو هو. هر سال علم پاڪ جي ڪاٺي هيٺ زمين ۾ هجڻ ڪري کاڄي ويندي هئي، ان ڪري اهو حصو شهيد ڪري ڪڍيو ويندو هو جنهن سبب علم پاڪ ڪافي ننڍو ٿي ويو. سائين عالم شاهه مرحوم تمام سوچ سمجهه وارو ماڻهو هو ۽ ڪاريگري به ڄاڻندو هو، جنهن ۾ ڪاٺ جو ڪٽرائڻ ۽ ملائڻ به شامل آهي. سائين عالم شاهه منهنجي ڀاءُ سان صلاح مشورو ڪيو، جيڪي ويجها عزيز هئڻ سان گڏوگڏ پاڻ ۾ گهرا دوست به هئا، فيصلو ڪيائون ته واپڊا جي کنڀن جيان لوهه جو علم پاڪ هڻائجي جيڪو سؤ فوٽن کان مٿي هجي ۽ اهڙو ٺهرائجي جو ان کي هوا يا طوفان جي ڪري نقصان نه ٿئي. ان جي پاسي ۾ ڏاڪڻ هجي جنهن تان ماڻهو مٿي چڙهي آخري حصي تي ويهي بيرڪ هيٺ لاهي وري ٻي تيار ٿيل بيرڪ مٿي کڻي نٽن ۽ بولٽن سان بند ڪري سگهي. ان جو بنياد سيمنٽ ۽ بجري سان ايترو ته مضبوط هجي جو سؤ فوٽ جي علم پاڪ جو وزن ۽ هوا جي دٻاءَ کي برداشت ڪري سگهي. ان علم پاڪ جي منصوبي تي عمل ڪندي سائين عالم شاهه مرحوم پنهل چاچڙ کي گهرائي ڪم ان جي حوالي ڪيو. پنهل چاچڙ سان گڏ ٻه ٽي ٻيا به ڪاريگر هئا. سائين عالم شاهه مرحوم پاڻ پنهنجي نظرداريءَ ۾ اهو سڄو ڪم ڪرايو هو. اسان جي عقيدي موجب محرم جي ڏينهن ۾ علم پاڪ تي ۽ تعزئي تي خرچ ڪرڻ ثواب دارين حاصل ڪرڻ هوندو آهي، باقي ڪم ته مالڪ پاڻ ڪندا آهن. ان علم پاڪ جي ٺهرائڻ ۾ منهنجي ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه مرحوم جو گهڻو ڪردار رهيو ۽ مالي مدد به اُن گهڻي ڪئي هئي ۽ باقي پنهنجي سيدن عزيزن سيد وريل شاهه مرحوم، سيد عالم شاهه مرحوم، مرحوم علي محمد سيلرو، مرحوم فقير شاهن خان سپڙو، مرحوم الاهي بخش سپڙو ۽ ٻيا ڪيترا مومن ان ۾ شريڪ هئا. آخرڪار تعزيو پاڪ به پراڻو ٿي ويو هو، ساڳئي طرح پراڻو تعزيو ضرورتمند مومنن کي ڏئي ڇڏيو ويو ۽ نئون تعزيو نئين ڪاٺيءَ مان ٺهرايو ويو. مٿين صاحبن ان ثواب جي ڪم ۾ به حصو ورتو، جن جو ذڪر ڪري چڪو آهيان. منهنجو ته اهو ايمان آهي ته اسان وڏي علم پاڪ وارن سيدن جي خاندان تي جيڪا ٻاجهه ۽ ڪرم آهي، اهو علم پاڪ ۽ خلوص دل سان عشره محرم ۾ ماتم ڪرڻ ۾ سمايل آهي.
محترمه هن خاڪسار جي طرفان ڏنل دعوت تي. جڏهن رتيديري پهتي ته لاڙڪاڻي کان رتيديري تائين سڄي روڊ تي پيپلزپارٽيءَ جا مٿي ذڪر ڪيل ڳوٺن جا جيالا پنهنجي پنهنجي ڳوٺ جي ٻاهران محترمه جي استقبال لاءِ بيٺا هئا ۽ ان جي جلوس تي گلن جي ورکا ڪيائون. محترمه اٽڪل اڍائي ڪلاڪ دعوت ۾ شريڪ هئي. جنهن ٽيبل تي محترمه ويٺي هئي، ان تي محترمه سان گڏ ستر کن ماڻهو ويٺا هئا، جن ۾ ناليوارا پارٽي ليڊر به هئا. انهن سان ملڪي صورتحال ۽ پارٽي مسئلن تي گفتگو ڪري رهي هئي، اتان واندي ٿي محترمه هن خاڪسار جي گهر هلي، جتي پيپلزپارٽي جي عورت عهديدارن جو ڪافي انگ موجود هيو، انهن سان به ملي. منهنجي چاچي سيد روشن علي شاهه مرحوم، جنهن آڪٽراءِ انسپيڪٽر مان رٽائرمنٽ کان پوءِ صوم ۽ صلات ڏانهن رجوع ڪيو هو ۽ پنج ئي وقت نماز شروع ڪئي هئائين ته سيد محلي ۾ مسجد به آباد ڪيائين ۽ ماڻهن کي باجماعت نماز ادا ڪرڻ جو درس به ڏنائين. جيڪا هن وقت به آباد آهي، جتي پنج وقت نماز ٿيندي آهي. مسجد ۾ سيد خاندان جا ننڍا وڏا شامل هوندا آهن. هت اهو به ظاهر ڪريان ته ان عمل ڪري اهو تاثر به غلط ثابت ٿيو ته شيعا حضرات ڏنڊي ڪونڊي ۽ ڀنگ جي حوالي هوندا آهن. محترمه کي منهنجي چاچي سيد روشن علي شاهه مٿي تي هٿ رکي ڪلام پاڪ جون ڪجهه سورتون ۽ ناد علي پڙهيو ۽ کيس دعا ڪيائين ته انشاءَ الله توهان ملڪ جا وزيراعظم ٿيندؤ. ان کان پوءِ منهنجي گهرواريءَ محترمه کي سڄي ٻانهن ۾ امام ضامن ٻڌو ۽ سڀني خواتين کيس دعا ڏني ته الله تعاليٰ توهان کي ڪاميابي ڏئي ته جيئن وزيراعظم ٿي ملڪ جي خدمت ڪريو. آخر ۾ خوش ٿي موڪلائيندي چيائين ته ”مجھے یہاں آکر بڑا سکون نصیب ہوا ہے۔ خصوصاً آپ کے چچا سید روشن علی شاہ کی پڑھی گئی سورتوں دعا نادِ علی پڑھنے سے انشاءَاللہ مجھے کامیابی نصیب ہوگی۔“ ۽ اڳتي هلي خدا تعاليٰ مهرباني ڪري ان کي وزيراعظم ڪيو.
MRD هلندي مارشل لا جي اختيارين ۽ پوليس ان شڪ جي بنياد تي ته ڳوٺ ميرپور ڀٽو ۾ ممتاز علي خان جي بنگلي ۽ ان جي محلي کي گهيرو ڪيو ته ان محلي ۾ MRD تحريڪ جا سرگرم ڪارڪن پوليس ۽ فوج سان مقابلو ڪري اچي لڪا آهن، ڳوٺ ميرپور ڀٽو کي چوڌاري ڪڙو چاڙهي فائرنگ ڪري بجلي، پاڻي ۽ گئس جو لائينون ڪٽي، ممتاز علي خان ڀٽي جي بنگلي تي فائر ڪري دهشت ڦهلائي، ٻه سؤ کن ماڻهو گرفتار ڪيا ويا. نواب نبي بخش ڀٽو گيٽ کان رتيديري طرف ويندڙ روڊ ۽ ميرپور ڀٽو طرف ويندڙ روڊ تي تتل اُس ۾ انهن کي اونڌو ڪري ليٽائي انهن تي سچو پترا هڻي تشدد ڪيائون. اهو صرف ان ڪري ڪيائون ته جيئن پسگردائيءَ ۾ ڏهڪاءُ ڦهلجي وڃي ۽ ماڻهو ڊڄن ته جيئن MRD جي تحريڪ ڪامياب نه ٿئي. مون کي جيئن ئي خبر پئي ته مان پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي نواب نبي بخش خان جي ڳوٺ وڃي ان جي بنگلي تي ساڻس روبرو مليس ۽ ملاقات لاءِ اچڻ جو مقصد ٻڌايومانس. نواب صاحب کي عرض ڪيم ته جيئن ته ممتاز علي خان ڀٽو ٻاهر ويل آهي ۽ مان پنهنجي حيثيت ۾ وڃي مارشل لا اختيارين وارن سان ملان ٿو ۽ هن ڪيل ڏاڍ ۽ ظلم تي احتجاج ڪيون ٿا. مان ٻه چار وڪيل دوست ٻيا به پاڻ سان گڏ ڪري لاڙڪاڻي وڃي مارشل لا اختيارين DC۽ SPسان مليس ۽ انهن کي ٻڌايم ته ڪوبه گهربل ڏوهي يا جوابدار ميرپور مان هٿ ڪونه ٿيو آهي، ماڻهن کي خوامخواهه تنگ ڪرڻ لاءِ بجلي، پاڻي ۽ گئس لائينون ڪٽيون ويون آهن جيڪو سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي. ان کان پوءِ اختياريءَ وارن انهن بيگناهه گرفتار ٿيل ماڻهن کي ڇڏيو ۽ بجلي، پاڻي ۽ گئس جو لائينون کوليون ويون. اتان ٿي سڌو نواب نبي بخش خان ڀٽو سان ملاقات ڪيم ۽ کيس سڄي روئداد ٻڌايم جيڪا ڀٽو صاحب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. منهنجي اچڻ کان پهرئين ئي بجلي، پاڻي ۽ گئس جون لائينون کلي چڪيون هيون.

چاچي نظر محمد لغاري جي چونڊ وڙهڻ تي منهنجا اعتراض

1987ع جي مڪاني چونڊن دوران ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چونڊن جو اعلان ٿيو. محترمه بينظير ڀٽو صاحبه چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ عوام دوست طور پارٽيءَ جي ميمبرن کي ٽڪٽ ڏيڻ لاءِ سليڪشن بورڊ ٺاهيو، جنهن جو چيئرمين چاڪر علي جوڻيجو هو ۽ مرحوم عبدالغفور ڀرڳڙي، عبدالرزاق سومرو، غلام مجتبيٰ اسراڻ، حاجي منور علي عباسي، ملڪ سليم ۽ نذير احمد ٻگهيو بورڊ جي ميمبرن ۾ شامل هيا. سليڪشن ڪميٽي جي ميٽنگ هلندي ٻڌايو ويو ته حاجي نظر محمد لغاريءَ کي يونين ڪائونسل پيرڳوٺ تي ٽڪيٽ ڏئي بيهاريو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو ڀٽي صاحب جي ملڪيت جو سنڀاليندڙ ۽ خزانچي به آهي. محترمه جو به ان تي ويساهه آهي، ان کي پيرڳوٺ يونين ڪائونسل جي ٽڪيٽ ڏني وڃي. مون اعتراض ڪيو ته حاجي نظر محمد لغاري يونين ڪائونسل پيرڳوٺ تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر ٿي ڪونه سگهندو، ڇو ته هو محترمه جو خاص ماڻهو ۽ منشي آهي، ان جي هارائڻ سان محترمه تي وڏو نفي اثر پوندو جيڪا ڳالهه سٺي نه آهي.
خير، ميٽنگ پوري ٿي ته گهر هليا وياسين. ان ميٽنگ ۾ مون اهو به عرض ڪيو ته علي نواز گهانگهرو، وارث ڏنو ماڇي تڪ تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو اميدوار ٿي بيهي، جتان اڳ به هو چونڊجي آيو هو ۽ مون کي طيب يونين ڪائونسل تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو اميدوار ٿيڻ لاءِ ٽڪيٽ ڏني وڃي، جو اتان مان اڳ به چونڊيو ويو آهيان. علي نواز گهانگهري اعتراض ڪيو ته منهنجو ڳوٺ ڀائي خان گهانگهري يونين ڪائونسل طيب ۾ آهي، شاهه صاحب غريب ماڻهو آهي، راڄ ڀاڳ به ڪونه اٿس سو جلباڻي صاحب جو مقابلو ڪري ڪونه سگهندو، ڇو ته جهيڙي ٿيڻ ۽ گولين هلڻ جا امڪان آهن، جنهن جو شاهه صاحب مقابلو ڪري نه سگهندو. مون چيو ته جيڪا گهانگهري صاحب جي مرضي، مان واقعي غريب ماڻهو آهيان ۽ مون ۾ جهيڙي ڪرڻ جي طاقت به نه آهي. محترمه ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪراچي کان هوائي جهاز ۾ چڙهي موئن جو دڙو ايئرپورٽ تي اچي لٿي، جتي سندس استقبال لاءِ چاڪر علي جوڻيجو، مرحوم عبدالغفور ڀرڳڙي، عبدالزارق سومرو ۽ ٻيا جيڪي ايئرپورٽ تي پهتل هئا، تن کان ايئرپورٽ جي VIP لائونچ ۾ ويهڻ شرط پڇيائين ته لوڪل باڊيز جي اليڪشن لاءِ ٽڪيٽن جو ڇا فيصلو ڪيو اٿو ۽ حاجي نظر محمد لغاري جو ڇا ٿيو؟ سڀني صاحبن کيس ٻڌايو ته ديدار حسين شاهه، حاجي نظر محمد لغاريءَ کي ٽڪيٽ ڏيڻ جي سخت مخالفت ڪئي آهي.
محترمه اهو ٻڌي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ديدار حسين شاهه، حاجي نظر محمد لغاريءَ تي اعتراض ڇو ڪيو آهي؟ جيڪو منهنجي ملڪيت سنڀالي ٿو ۽ خزانچي به آهي ۽ اٽارني به آهي. شام جو پنجين بجي توهان سڀ المرتضيٰ هائوس تي اچجو ۽ ديدار حسين شاهه کي به اتي اچڻ جو نياپو ڏجو. مقرر وقت تي مان المرتضيٰ هائوس تي پهتس، مٿي ذڪر ڪيل منهنجا سينيئر سڀ صاحب موجود هئا، جن مون کي پهچڻ شرط ئي چيو ته محترمه سخت ناراض ٿي آهي. هاڻي اندر وڃي پاڻ منهن ڏي. مان جيئن ئي اندر ويس ته محترمه ويٺي هئي، سندس چهري مان ڪاوڙ واضح طورتي ظاهر ٿي رهي هئي. ويهڻ سان چيائين ته
‘‘دیدار حسین شاہ آپ نے حاجی نظر محمد لغاری کی پارٹی کی طرف سے الیکشن لڑنے پے اعتراض کیا ہے، کیا آپ کو معلوم نہیں کہ حاجی نظر محمد بھٹو اسٹیٹ کی رکھوالی کرتا ہے اور ہمارا سارا اکاؤنٹ اس کے حوالے ہے اور میرے بھروسے کا آدمی ہے؟ آپ نے اس کے اوپر کیوں اعتراض کیا ہے۔’’
مون ادب سان عرض ڪيو ته:
“مجھے ان سب چیزوں کا علم ہے، لیکن سیاست میں آدمی کی اہلیت اور اس کا کامیاب ہونا مقصد ہے، یہ جتنا آپ کے بھروسے کا آدمی ہے وہ سارے پاکستان کو علم ہے۔ اس کی ناکامی پارٹی کے لئے اور آپ کے لئے کوئی اچھا پیغام نہیں ہوگا، یونین کاؤنسل سخت مقابلے والی ہے اس میں مختلف قوموں کے آدمی بستے ہیں، جیسے جروار، جیہا،بھٹا، سولنگی، چانڈیو وغیرہ اور اس حلقے میں ممتاز علی بھٹو کا خاصا اثر ہے اور اس کا ہیڈ کوارٹر بھی ولیج میرپور بھٹو میں ہے، حاجی نظر محمد کی ناکامی پارٹی اور آپ کے لئے نیک شگون نہیں ہوگا۔’’
مون وڌيڪ عرض ڪيو ته
’’آپ حاجی نظر محمد لغاری کو بلائیں میں اس سے آپ کے سامنے دو تین سوال کروں گا، جواب سن کر آپ جو بھی فیصلہ کرنا چاہیں کریں ہماری سر آنکھوں پر۔’’
محترمه گهنٽي وڄائي، حاجي نظر محمد لغاريءَ کي اندر گهرايو، حاجي صاحب جن جو هاڻي انتقال ٿي چڪو آهي. الله تعاليٰ انهن جي مغفرت فرمائي ۽ درجا بلند ڪري. ان ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي ته محترمه جو سڄو اڪائونٽ ان جي حوالي هو ۽ زمينون، باغ، پيٽرول پمپ ۽ ٻي جائيداد اهو سنڀاليندو هو. اها خدمت حاجي نظرمحمد لغاري صاحب سر شاهنواز ڀٽي مرحوم، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي مرحوم کان وٺي محترمه بينظير ڀٽو ۽ محترمه نصرت ڀٽو تائين، جيستائين حال حيات هو ڪندو رهيو. حاجي صاحب گهنٽي وڄڻ کان پوءِ اچي بيٺو، ڇاڪاڻ ته محترمه جي رکيل ملازمن جي اها خوبي هوندي هئي ته هو اچي ادب سان بيهندا هئا. ڪرسي يا صوفو خالي هوندي به نه ويهندا هئا. حاجي صاحب جي اچڻ شرط مون ان کان اردوءَ ۾ سوال پڇيا. هو اردو چڱي نموني سمجهندو هيو ۽ محترمه به سٺي نموني سمجهندي هئي. مون حاجي صاحب کان سوال ڪيو ته ”حاجی صاحب گڑھی خدا بخش بھٹو گاؤں میں جو اس حلقہ کے حصہ میں ہے اس میں بھٹا، ماچھی، چانڈیا، پتافی، سید برادریوں کے لوگ رہتے ہیں کیا وہ آپ کو ووٹ دینگے؟“ جواب ڏنائين ته ”نہیں دینگے“ وري ان کان مون پڇيو ته ”دڑا الاہی بخش میں سپڑا برادری رہتی ہے وہ لوگ آپ کو ووٹ دینگے“ ته چائين ته ”ہاں وہ ووٹ دینگے“ ان کان بعد مون پڇيو جروارن جا ڳوٺ جيهن ۽ ڀٽن جا ڳوٺ، انهن لاءِ چيائين ته اتي ووٽ ڪونه ملندا ڇو ته اهي ممتاز علي ڀٽي جي اثر ۾ آهن. سرسري طور پڇيو مانس ته ”آپ کو اس حلقہ میں کامیاب ہونے کی امید ہے؟“ جواب ڏنائين ته ”امید نہیں ہے“ مون وري سوال ڪيو ته ”گڑھی خدا بخش کے لوگ بھی آپ کو ووٹ نہیں دینگے اس کے کیا وجہ ہے؟“ ته جواب ڏنائين ته ”کیوں کے میں محترمہ کی زمینوں کی دیکھ بھال کرتا ہوں اور ہاریوں سے سختی سے زمینداری کا حصہ لیتا ہوں، اسی وجہ سے ناراض ہیں۔“
خير محترمه سوالن جوابن کان پوءِ هن کي ٻاهر موڪلي ڇڏيو ۽ مون کي کلي چيائين ته ”اچھا ہوا کہ اس کو اعتراف کرواکر آپ نے ٹکٹ نہیں دلوائی“ ان ملاقات کان پوءِ هڪ ڏينهن روزنامه جنگ ڪراچيءَ ۾ مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئي جي پريس رليز ان جي ڦوٽوءَ سان شايع ٿي، جنهن ۾ جتوئي صاحب فرمايو ته ”محترمہ بینظیر بھٹو کی مقبولیت کا راز تب ظاہر ہوجائے گا، جب اس کا منشی حاجی نظر محمد لغاری لوکل باڈیز کی الیکشن میں ناکام ہوگا اور اس سے محترمہ اور اس کی پارٹی کی مقبولیت کا اندازا ہوجائے گا۔“ مان اخبار پڙهي ڪورٽ جي ڪمن مان واندو ٿي اها اخبار کڻي محترمه سان ملاقات ڪرڻ لاءِ المرتضيٰ هائوس پهتس. محترمه سياسي ليڊرن، سان اليڪشن متعلق ڳالهائي رهي هئي. مون در تي بيٺل محترمه جي هڪ خادم کي چيو ته محترمه سان ملندس هونئن هو سڀئي مون کي سڃاڻيندا هئا ۽ عزت ڏيندا هئا، تنهن چيو ته توهان ويهو مان اطلاع ڪري توهان کي ٻڌايان ٿو. مان ٻاهر ويهي انتظار ڪري رهيو هئس ته مون کي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه گهرايو، مان اندر ويس ته دستوري حال احوال کان پوءِ مون اها جنگ اخبار کولي سندس آڏو رکي، جنهن ۾ جتوئي صاحب واري خبر ڇپيل هئي. اها خبر محترمه غور سان پڙهي خوشيءَ ۾ اهو اظهار ڪيو ته ”آپ نے اچھا مشورہ دیا ورنہ حاجی نظر محمد لغاری کی ناکامی سے میرے اور پارٹی کے سیاسی مخالفین فائدہ اٹھا کر غلط باتیں پھلاتے جن کا اثر لوگوں پر پڑتا۔“

جڏهن ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي چونڊ وڙهي سين

1987ع جي ذڪر ڪيل چونڊن کان اڳ اسان دوستن فيصلو ڪيو ته پارٽيءَ جي مفاد خاطر ڊاڪٽر عبدالله خان گهانگهرو ۽ امتياز علي خان گهانگهرو سان هلي ملجي ۽ انهن کي عرض ڪجي ته گهانگهرا صاحب! پنهنجا اختلاف پري رکي هن اليڪشن ۾ علي نواز گهانگهري کي ووٽ ڏين ۽ مدد به ڪن ته جيئن هو اليڪشن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي سيٽ يونين ڪائونسل طيب تان چونڊجي سگهي ۽ پارٽي کي هٿي ملي. اسان جون ان زماني ۾ سيد ٽرانسپورٽ جي نالي سان اٺ بسون ۽ ٻه ٽرڪون هلنديون هيون، انهن مان هڪڙي بس ڀري، جنهن ۾ مان، سيد بچل شاهه مرحوم، انور علي سومرو وڪيل، حسن علي قادري مرحوم، نيڪ محمد چنو مرحوم، مولا بخش سومرو، غلام شبير سومرو ۽ ٻيا ڳوٺ ڀائي خان گهانگهري وياسين. ڊاڪٽر عبدالله گهانگهرو، جيڪو مسٽر امتياز علي خان جو چاچو ٿئي ۽ مسٽر امتياز علي خان گهانگهرو ٻنهي کي، اسان سڄي آيل سنگت دستوري حال احوال ڏيڻ وٺڻ کان پوءِ عرض ڪيو ته توهان مهرباني ڪري هن دفعي به پارٽيءَ کي ووٽ ڏئي علي نواز گهانگهري کي ڪامياب ڪيو.
ڊاڪٽر عبدالله گهانگهري جواب ڏيڻ کان اڳ مون تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته 1979ع جي لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ يونين ڪائونسل طيب جي تڪ تي پيپلزپارٽي ٽڪيٽ تي عوام دوست هئڻ جي ڪري، توهان جي مون، مرحوم علي مراد گهانگهري ۽ مرحوم محمد رمضان خان گهانگهري دلي طرح مدد ڪري توهان کي ڪامياب ڪرايو هيو، ۽ توهان انهن چونڊن ۾ يونين ڪائونسل طيب تان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي سيٽ تي ڪامياب ٿي چيئرمين ڊسٽرڪٽ ورڪس ڪميٽي به ٿيا هئا. ان سان گڏ تعلقي ڪائونسل رتيديري جا چيئرمين به ٿيا هئا، هن اليڪشن ۾ توهان اسان کي ٻڌائڻ کان سواءِ، اسان جي صلاح مشوري کان سواءِ هي تڪ ڇو ڇڏيو، هاڻ طيب تي نه ٿا بيهو ۽ وارث ڏنو ماڇي وڃي بيٺا آهيو؟ اسان جي توهان تي هيڏي مهرباني هئي اخلاقي طور مون کي انهن ڏوراپن، ميارن ۽ ناراضپي جو ڪوبه جواب ڪونه هيو. صرف ايترو چيم ته اوهان جون لک مهربانيون جيڪي مان وساري نه ٿو سگهان. پر پارٽيءَ کي انتشار کان بچائڻ لاءِ ۽ علي نواز گهانگهري جي ضد جي ڪري مون هيءُ تڪ ڇڏيو آهي. منهنجي اعتراف کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالله ٿڌو ٿيو ۽ چيائين ته جلباڻي صاحب سان به تِرَ سوان نه آهن. نه ٿا گهرون ته هو يا هن جو ماڻهو ڪامياب ٿئي، پر جيڪڏهن علي نواز خان کي ووٽ گهرجن ته اهو اميدوار جو فرض آهي ته هو اميدوار جي حيثيت ۾ اسان جي تڏي تي اچي ووٽ ته گهري، باقي اسان جا جهيڙا ۽ ڪيس پيا هلندا. جواب بلڪل مناسب، جائز ۽ حقيقت وارو هيو، وڌيڪ ڪچهري ڪري موڪلائي آياسين.
ٻئي ڏينهن صبح جو لاڙڪاڻي ڪورٽ ۾ وڃڻو هيو. مون انور علي سومري وڪيل جي روبرو علي نواز خان گهانگهري کي اها پيرائتي ڳالهه ٻڌائي، جنهن جواب ڏنو ته مان پنهنجي وڏي ڀاءُ غلام رسول گهانگهري سان صلاح ڪندس، تنهن کان پوءِ جواب ڏيندس. ڏينهن ٻن کان پوءِ مون علي نواز گهانگهري کان پڇيو ته سائين منهنجا، ڪهڙو فيصلو ٿيو؟ ته علي نواز خان گهانگهري جواب ڏنو ته منهنجي وڏي ڀاءُ کي اها ڳالهه پسند ڪونه آهي، ته مان هنن جي تڏي تي وڃان ۽ پوءِ نتيجو حسب معمول علي نواز گهانگهري جي اليڪشن هارائڻ جي صورت ۾ نڪتو ۽ ان سيٽ تان عبدالخالق جلباڻي نمائندو ڪامياب ٿيو. نه ڪا گولي هلي نه ڪو فساد ٿيو، جنهن جو خدشو علي نواز گهانگهري ڏيکاريو هو. مون کي الله تعاليٰ وارث ڏنو ماڇي يونين ڪائونسل جي سيٽ تان ڪاميابي عطا ڪئي ۽ لاشاري يونين ڪائونسل تي مون کي غلام الله لاشاري 43 ووٽن تي شڪست ڏني. ان جو سبب اهو هو ته منهنجو اليڪشن ايجنٽ ۽ منهنجو عزيز سيد لعل شاهه وليداد گابرجي پولنگ اسٽيشن تي هلندڙ پولنگ دوران پنهنجي ناناڻي گهر مرغي پلاءُ کائڻ ويهي رهيو ۽ ڪلاڪ کن کان پوءِ واپس آيو، تيستائين ٻي ڌر غلط ووٽ هلائي پنهنجو من پسند نتيجو حاصل ڪري ورتو. خير مون کي يقين هيو ته آفيشل ڳڻپ ڪرائيندس ته نتيجو ان جي ابتڙ ايندو. رٽرننگ آفيسر محمد جمن ڄامڙو DC هيو، جنهن کي مون درخواست ڏني ته توهان سڀ ووٽ وري اميدوارن جي سامهون ڳڻيو ته صحيح نتيجو ايندو. هن اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ڌرين کي گهرائي، اليڪشن جو سامان به پنهنجي آفيس ۾ گهرايو. ڳڻپ شروع ڪئي وئي، ڳڻپ ڪندي ڪندي 43 ووٽن جو جيڪو فرق هيو، اهو 9 ووٽن تي اچي بيٺو ۽ صرف هڪ ٿيلهي پوئتي رهيل هئي، محمد جمن ڄامڙي چيو ته ڳڻپ ڪندي ڪندي رات جا ٻارهن اچي ٿيا آهن ۽ صرف هڪ ٿيلهي ووٽن جي رهي آهي، جيڪا ڳڻپ ڪرڻي آهي. مون کي چيائين ته شاهه صاحب توهان هڪڙي سيٽ تي ته ڪامياب ٿي چڪا آهيو ۽ هاڻي هن هڪڙي رهيل ووٽن جي ٿيلهي جي ڳڻپ ڪيون به ٿا ۽ توهان ڪامياب ٿيو به ٿا تڏهن به توهان کي هڪڙي سيٽ رکڻي پوندي ۽ ٻيءَ تان توهان استعيفا ڏيندؤ، تنهن جي ڪري مهرباني ڪري ضد ڇڏيو، فراخ دلي ڏيکاريو ۽ مرحوم غلام الله لاشاري کي چيائين، جيڪو اسان جو پاڙيسري هو ته ”لاشاري صاحب تون به ضد ڇڏ! شاهه صاحب کي اچي ڀاڪر پاءِ ته ڳڻپ تان هٿ کڻي سخا ڏيکاري ڇو ته هڪڙي سيٽ ايئن به شاهه صاحب کي ڇڏڻي آهي.“ غلام الله لاشاريءَ جهڪي اچي ڀاڪر پاتو ۽ عرض ڪيائين ته توهان اڳئي هڪ سيٽ تي ڪامياب ٿيا آهيو ضد ڇڏيو ۽ ڳڻپ تان هٿ کڻو ته DCصاحب منهنجي حق ۾ نتيجو ڪڍي. مسٽر محمد جمن ڄامڙي DC صاحب پڻ مون کي چيو ته، شاهه صاحب ترار مياڻ ۾ ڍڪي ڀلي، توهان هڪڙي سيٽ تي ڪامياب ٿي آيا آهيو، ٿي سگهي ٿو ته 9 ووٽن جو فرق رهي ۽ غلام الله لاشاري ڪامياب ٿي وڃي اسان به هاڻي ٿڪجي پيا آهيون ۽ توهان به مهرباني ڪريو. ان صورتحال کي ڏسي مون چيو ته ڀلي ڳڻپ بند ڪيو ۽ ڀلي لاشاري صاحب جي حق ۾ نتيجو ڪڍو، اهڙي نموني لاشاري صاحب ڪامياب ٿيو.
ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين جي چونڊن لاءِ ضلعي ۾ ٻه اميدوار ميدان ۾ آيا، هڪڙو هيو مسعود احمد کهڙو ولد خان بهادر محمد ايوب کهڙو مرحوم ۽ ٻيو هيو حاجي غلام حسين انڙ ولد وڏيرو غلام عمر انڙ مرحوم. محترمه شهيد بينظير ڀٽو ضلعي جي ڪجهه چونڊيل ميمبرن ۽ عهديدارن جو المرتضيٰ هائوس ۾ اجلاس گهرايو ته فيصلو ڪجي ته ڪهڙي اميدوار کي اليڪشن ۾ بيهارجي. مسعود احمد کهڙي جي لاءِ مگسي صاحب، ٻگهيا صاحب ۽ ڪجهه ٻيا معزز حمايت ۾ هيا. ڪافي بحث مباحثو هليو، مون محترمه کي ذهن نشين ڪرايو ته سنڌ ۽ لاڙڪاڻي ليول تي توهان جو سياسي مقابلو کهڙا خاندان سان رهيو آهي ۽ رهندو. جيڪڏهن حاجي غلام حسين انڙ ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين چونڊجي اچي ٿو ته هو صرف ڏوڪري تعلقي تائين محدود رهندو ۽ ڏوڪري تعلقي جي گهڻي اڪثريت به ان سان آهي. پيپلزپارٽي جي پاران اميدوار بيهڻ جي ڪري ان جي ڪاميابي سو سيڪڙو هئي. ڇاڪاڻ ته جنرل ضياءُالحق صدر هيو، سنڌ ۾ جسٽس غوث علي شاهه چيف منسٽر هيو ۽ DC ريٽرننگ آفيسر مسٽر محمد جمن ڄامڙو هيو. حڪومت جي حمايت هئڻ جي ڪري مسعود احمد کهڙو، DC ڄامڙي صاحب سان هر هر اٿي وڃي ڪن ۾ سرگوشي پيو ڪري. مسعود احمد جي انهيءَ روش تي حاجي غلام حسين انڙ ”انڙ هائوس“ ۾ اٿي بيهي D.C کي چيو ته کهڙي صاحب، ان وقت جي اميدوار سان اليڪشن جي هال ۾ ڪهڙي سرگوشي ڪري رهيا هئا. ان چوڻ تي DC صاحب گرم ٿي ويو، مون کي حاجي غلام حسين انڙ پنهنجي پاران اليڪشن ايجنٽ مقرر ڪيو ۽ مون مقرريءَ جو اهڙو پروانو DC صاحب جي آڏو رکيو ۽ پنهنجي سيٽ تي ويهي ايجنٽ جي حيثيت ۾ DC صاحب کي چيو ته توهان غيرجانبدار ٿي ڪري انصاف تي ٻڌل اليڪشن ڪرايو، باقي کهڙي صاحب جي چوڻ تي توهان کي هلڻ ڪو نه ڏبو. توهان بدانتظامي نه ڪريو ۽ پنهنجي جانبداري به ظاهر نه ڪيو، ان موقعي تي مون کي پنهنجي وڪيل هجڻ جو فائدو مليو، مون دليلن سان اليڪشن جا قاعدا ۽ قانون کيس پڙهي ٻڌايا چيو ته اليڪشن صحيح ڪرايو. پولنگ اسٽيشن ۾ ووٽنگ جو سلسلو شروع ٿيو، کهڙي صاحب پاڻ حڪومت جي زور تي پنهنجي ووٽرن کي اهو سمجهايو ته توهان بيلٽ پيپر وٺي چئو ته مان اڻ پڙهيل آهيان، نٿو پڙهي سگهان، تنهن ڪري اليڪشن ايجنٽ جي روبرو رٽرننگ آفيسر مهر هڻي. اهڙي قسم جي حرڪتن ڪرڻ کان پوءِ به کهڙي صاحب ڏٺو ته پاڻ هاري رهيو آهي. ٻه بيلٽ پيپر رٽرننگ آفيسر کي هٿ ۾ هيا، ان وقت کيس پٽيوالي ٻڌايو ته چيف منسٽر صاحب توهان سان فون تي ڳالهائي ٿو، اهي ٻئي بيلٽ پيپر رٽرننگ آفيسر پنهنجي چيمبر ۾ کڻي ويو ۽ اتان ٻه ووٽ ڊبل مارڪ هڻي بند ڪري اچي دٻي وڌائين. اليڪشن پوري ٿيڻ کان پوءِ نتيجو آيو ته مسعود احمد هڪڙي ووٽ تان کٽيو آهي اسان کي خبر پئي ته جيڪي ٻه بيلٽ پيپر DC کي هٿ ۾ هئا انهن کي ڊبل مارڪ ڪري اچي دٻي ۾ وڌا هئائين، جنهن سبب هڪڙي ووٽ تي مسعود احمد جي کٽڻ جو اعلان ڪيائين. بعد ۾ حاجي غلام حسين انڙ ان اليڪشن کي نورالدين سرڪي وڪيل جي معرفت چئلينج ڪيو. هاءِ ڪورٽ حاجي غلام حسين انڙ جي پٽيشن کي بحال ڪري ان کي چيئرمين مقرر ڪيو.
حاجي غلام حسين انڙ پنهنجو مدو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين جي حيثيت ۾ پورو ڪيو جنهن ۾ مون کي به ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ورڪس سب ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو. رتيديري تعلقي ڪائونسل جي چيئرمين جي اليڪشن به ٿي، الله تعاليٰ جي ڪرم ۽ مهرباني سان ۽ محترمه بينظير ڀٽو، ممتاز علي ڀٽو ۽ پارٽيءَ جي مدد سان بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويس. پنهنجي وس آهر تعلقي جي خدمت به ڪيم. ڇو ته رتوديرو ميونسپالٽي جو محترمه بينظير ڀٽو، عبدالواحد سومري کي چيئرمين ڪيو ۽ وائيس چيئرمين منهنجو سوٽ سيد بچل شاهه مرحوم ولد سيد وريل شاهه مرحوم ٿيو، محترمه بينظير ڀٽو مسٽر عبدالرزاق سومري ۽ چاڪر علي جوڻيجي کي چيو ته وائيس چيئرمين سيد ديدار حسين شاهه کان پڇي ڪجو، جنهن تي اسان جو ۽ اسان جي وڏن جو پيارو دوست حاجي محمد رمضان سرهيو سخت ناراض ٿيو ته وائس چيئرمين مون کي ڪيو ها. سائين وريل شاهه مرحوم جي دوستيءَ جي ناتي ۽ پاڙيسري هجڻ جي ناتي منهنجو به حق هيو. مون کيس عرض ڪيو ته گهر جي ڳالهه آهي، تون ۽ اسان هڪ آهيون ۽ هڪ رهنداسين. سيد بچل شاهه سيد وريل شاهه مرحوم جو وڏو پٽ آهي ۽ ان کي پيءُ جي سياست ڪرڻي آهي. محترمه بينظير ڀٽو، سيد بچل شاهه کي پيپلزپارٽي رتيديري جو صدر پڻ ڪيو هو، ڇو جو مسٽر عبدالواحد سومري بيمار هئڻ جي ڪري عهدي تان استعيفا ڏني هئي.

مارشل لا ۾ به ماڻهن اسان کي ڪامياب ڪيو

سائين وريل شاهه مرحوم جي دوستن مان مرحوم ڪريم بخش ڪنڀر، ڊاڪٽر غلام علي عباسي، محمد حيات سيلرو، محمد بچل سيلرو، محمد بچل ويسر ۽ غلام الله عباسي به ڏکئي وقت ۾ ساڻس گڏ رهيا ۽ ميمبر به چونڊيا ويا هيا. ممتاز علي ڀٽي کي اهو ڏک ۽ شڪايت هئي ته محترمه نصرت ڀٽو صاحبه ان کي سنڌ پيپلزپارٽي جي صدارت تان بنا سبب جي هٽائي غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي صدر ڪيو هيو. مون ڪيترائي دفعا ممتاز علي ڀٽو کي اهو گوش گذار ڪيو هو ته، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي توهان کي ۽ ٻين ويجهن عزيزن کي، جيڪي ان جا سڳا سؤٽ به هئا، پنهنجي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجي پهرين تقرير ۾ اهو چيو هو ته منهنجو ٻيو ڪوبه عزيز نه آهي پر توهان کي ٽيلينٽڊ ڪزن جو خطاب ڏئي دنيا کي ٻڌايو هو. ماشاءَالله توهان انگلينڊ مان بار ايٽ لا ٿيل آهيو. توهان ڀٽي صاحب سان ايوبي آمريت جي خلاف ڏکئي وقت ۾ دلي طرح ساٿ به ڏنو هيو، پر شهيد ڀٽي مرحوم توهان کي سڄي سنڌ ۾ پهرئين پوزيشن ڏئي گورنر به ڪيو، چيف منسٽر، وفاقي وزير به ڪيو ۽ انهن عهدن تي رهي ڪري توهان صحيح نموني نالو پڻ پيدا ڪيو. هاڻي ڏکيو وقت آهي، بيگم نصرت ڀٽو توهان جي بيواهه ڀاڄائي آهي ۽ محترمه بينظير ڀٽو توهان جي يتيم ڀائٽي آهي، سڀ ڳالهيون وساري انهن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکندؤ ته دنيا توهان جي تعريف ڪندي ۽ اهو چڱو عمل ليکبو، اوهان ڪنهن به ريت اهڙي ڏکئي وقت ۾ بيواهه ڀاڄائي ۽ يتيم ڀائٽيءَ جو ساٿ نه ڇڏيو.
جناب ممتاز علي ڀٽي سنڌ نيشنل فرنٽ ٺاهڻ جو ارادو به ڏيکاريو. مون کيس چيو ته عام ماڻهوءَ جو خيال آهي ته اسان ڀٽي صاحب کي ڦاسيءَ جي تختي تان ته نه بچائي سگهياسين پر پارٽيءَ کي بچائينداسين. تنهن ڪري اليڪشن ۾ پارٽي جنهن به ماڻهوءَ کي بيهاريندي عوام شهيد ڀٽي جي قرباني ۽ پيپلزپارٽي جي قرباني کي ڏسندي، ان ماڻهوءَ کي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ هجڻ جي ڪري ڪامياب ڪندا. نيشنل فرنٽ يا ڪنفيڊريشن، جيڪو توهان جو ڏنل پروگرام آهي اهو عام ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي ۽ نه ئي اهو سمجهندو، فيڊريشن کي ڏسندي ان پارٽيءَ کي ڪامياب ڪندا، جنهن ۾ پاڪستان جي ڀلائي ۽ ترقي هجي. اهوئي سبب آهي جو پيپلزپارٽي جو نعرو ”چارون صوبي ڪي زنجير- بينظير بينظير“ مقبول ٿيو ۽ ماڻهن پيپلزپارٽيءَ کي هر اليڪشن ۽ هر محاذ تي ڪامياب ڪرايو آهي.
ممتاز علي ڀٽي پنهنجي پاران فرنٽ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جتن ڪيا، جهنڊا ٺهرائي ورهايا ۽ سڄي سنڌ ۾ جلسا ڪري تقريرون ڪيون، پر سنڌ جي عوام ڪو خاطر خواهه جواب ڪو نه ڏنو. سندس پروگرام کي پذيرائي ڪو نه ملي ۽ هاڻي وري تازو ڪنفيڊريشن جي پروگرام کي منسوخ ڪندي مئي 2012ع ۾ رتيديري ۾ جلسي عام ڪري ميان نواز شريف جي مسلم ليگ (ن) ۾ پنهنجي سنڌ نيشنل فرنٽ کي ضم ڪري، پاڻ به مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو آهي. مان هڪ مڊل ڪلاس جو ماڻهو آهيان. منهنجي کيس پيپلزپارٽي کي ڇڏي سنڌ نيشنل فرنٽ جي نه ٺاهڻ واري صلاح پسند ڪو نه هئي. جيڪڏهن ممتاز علي ڀٽو سنڌ نيشنل فرنٽ نه ٺاهي ها، سندس پيپلزپارٽيءَ مان نڪرڻ به نه ٿئي ها ته اڄ پارٽي به مضبوط هجي ها ۽ سندس لاءِ به چڱائي ٿئي ها.
محترمه بينظير ڀٽو جيتوڻيڪ سياست ۾ نئين داخل ٿيل هئي، تڏهن به ڀٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ هر سختي ۽ تڪليف برداشت ڪري ماڻهن سان ميل جول رکي کين ولولو ڏياري هن پارٽيءَ کي بچايو هوءَ هر ڳالهه تي نظر رکندي هئي.
جنرل ضياءُالحق سرڪار عشر ۽ زڪوات جو سسٽم نافذ ڪري هر يونين ڪائونسل ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ليول تي چيئرمين رکڻ جو فيصلو ڪيو. محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي مئنيجر عبدالقيوم خان کي مون ڏانهن موڪليو، جنهن اچي چيو ته، محترمه چاهي ٿي ته شاهه صاحب کان پڇو ته عشر ۽ زڪوات آرڊيننس ۾ جيڪڏهن فقه جعفريه سان وابستگي هجڻ ڪري بندش نه هجي ته ڀلي اليڪشن لڙي ۽ ميدان خالي نه ڇڏي. مقرر وقت تي تعلقي مختيارڪاريءَ ۾ اليڪشن ٿي، جتي رتيديري جي 68 ديهن جي چيئرمينن ميمبر طور مون کي ووٽ ڏنا. ڳجهي نموني ووٽ وجهڻ لاءِ سهولت سرڪار ڪو نه ڏني. باقي ظاهر ظهور اليڪشن ۾ ٻه گروپ ڪري بيهاريا ويا، جنهن ۾ هڪڙو گروپ سردار الله بخش جلباڻي جو هو، جيڪو ضياءُالحق جي مجلس شوري جو ميمبر هيو ۽ ٻيو منهنجو يعني پيپلزپارٽيءَ جو گروپ هو، پر هر تعلقي جي ووٽرن کي الڳ الڳ ڪري بيهاريو ويو تنهن هوندي به ووٽرن ظاهر ٿي ڪري پيپلزپارٽيءَ کي ووٽ ڏنا ۽ مون کي ڪامياب ڪيو. اليڪشن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر نظير احمد عباسي ۽ انسپيڪٽر نظير احمد شيخ جهيڙو فساد ٿيڻ ڪونه ڏنو، جنهن جو قوي امڪان هو، جيتوڻيڪ اليڪشن ظاهر ظهور ٿي تڏهن به ماڻهن دٻاءُ کي خاطر ۾ نه آندو ۽ پارٽيءَ کي ڪامياب ڪيو. ان سڄي جهيڙي جهٽي واري ماحول ۾ خان صاحب مرحوم پير بخش خان گهانگهرو تعلقي آفيس ۾ اسان جي مدد لاءِ موجود هيو.
مارشل لا جي دور ۾ مخالفت ۽ سختين جي ڪري محترمه نصرت ڀٽو صاحبه يا بينظير ڀٽو صاحبه جي ماڻهن يا هارين تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيندا رهندا هئا. جن جي ڪورٽ ۾ پيروي ڪرڻ جي لاءِ مرحوم عبدالقيوم خان پٺاڻ حاجي علڻ خان ناريجو ۽ محمد حسن ڀٽو موجود هئا، انهن مان ڪوبه هڪڙو ماڻهو ايندو هو ۽ انهن ڪيسن جي پيروي سول جج، ايس ڊي ايم، ڊپٽي ڪمشنر ۽ سيشن جج تائين ڪندا هئا قانوني ڪارروائيءَ ۾ به مدد ڪبي هئي.
اهڙي طرح ممتاز علي خان ڀٽي جي ماڻهن ۽ واسطيدارن کي پوليس يا مارشل لا اٿارٽيز تنگ ڪنديون هيون ته انهن جي به سول جج، ايس ڊي ايم، ڊپٽي ڪمشنر ۽ سيشن ڪورٽ تائين قانوني پيروي ڪري مدد ڪبي هئي. ممتاز علي خان ڀٽو جڏهن سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ هيو ته سندس ماڻهن پنهنجي ڪيسن ۽ قانوني مسئلن لاءِ ٻين وڪيلن سان گڏ منهنجو نالو به سرڪاري طور منظور ڪرايو هو. هر پندرهين ڏينهن تي يعني مهيني ۾ ٻه ڏينهن مان رتيديري مان ايندو هئس. عبدالحفيظ پيرزادي جي روبرو يا الڳ ملاقات ڪري ضروري ڪاغذ پٽ ڏئي يا کڻي واپس ويندو هيس ۽ واسطيدار ڪورٽ ۾ وڃي پوئيواري ڪندو هئس. مارشل لا جي دور ۾ ڪافي نوٽيس يا ليٽر جواب ڏيڻ لاءِ ايندا هئا، جن جا جواب به مخفي طور سندس بنگلي ۾ ٽائيپ ڪري کين ڏبا هئا. ٽائيپ ڪرڻ لاءِ ٽائيپ رائيٽر سوڌو مرحوم گل حسن سولنگي وڪيل موجود هوندو هئو. جيڪو منهنجو گهرو دوست هو ۽ جنهن کي سٺي طرح ٽائيپ ڪرڻ ايندي هئي، ان کان ٽائيپ ڪرائي کين ڏبا هيا. ممتاز علي ڀٽو اعلي تعليم يافته آهي سٺي شخصيت ثابت ٿيو آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪابه صحيح سياسي راه قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.

محترمه بينظير ڀٽو حاجي معشوق علي خان يا عاشق علي خان کي ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ راضي هئي

مسٽر محمد خان جوڻيجي جي حڪومت برخاست ڪرڻ کان پوءِ دستوري مجبوريءَ جي ڪري جنرل ضياءُالحق نوي ڏينهن جي اندر عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. جنهن کان پوءِ جنرل ضياءُالحق هوائي جهاز جي حادثي ۾ موت جو شڪار ٿي ويو. اليڪشن جي شيڊيول اچڻ کان پوءِ محترمه مون کي مهرباني ڪري گهرايو ۽ فرمايائين ته ”مون کي وزيراعظم ٿيڻو آهي ۽ مان رتيديري واري تڪ ميرو خان شهدادڪوٽ تي قومي اسيمبليءَ جو فارم ڀريندس“ ۽ مون کي حڪم ڪيائين ته مير غلام مرتضيٰ ڀٽو جو به فارم ڀرجو ۽ پنهنجو فارم به ڀرجو. لاڙڪاڻي ۾ المرتضيٰ هائوس ۾ وٽس چهل پهل لڳل هئي. سڄي ملڪ جا ماڻهو پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پهتل هئا. المرتضيٰ هائوس جي لان ۾ وڏا شاميانا هڻي، سوين ماڻهن جي ويهڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو، جتي محترمه بذات خود پاڻ، مرحوم جنرل ٽڪا خان، جيڪو ان وقت پيپلزپارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري هيو ۽ ٻيا پيپلزپارٽي جا سرڪردا ليڊر موجود هئا. مسٽر سعيد احمد ڀٽي کي سڏيو ويو ۽ ان کي چيو ويو ته تون فارم ڀر! ان کي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ جو پروانو ڏنو ويو، ان اچي پروانو ڏيکاريو ته PS-30 تي مون کي ٽڪيٽ ملي آهي ۽ هن اتي موجود ماڻهن کي به ٽڪيٽ جو پروانو ڏيکاريو. مون کي ڪجهه دوستن ۽ عزيزن چيو ته ٽڪيٽ مسٽر سعيد احمد ڀٽي کي ملي چڪي آهي، توهان بهتر آهي ته فارم نه ڀريو. پاڙي جي ڳالهه آهي. مون انهن دوستن کي جواب ڏنو ته مون کي اليڪشن لڙڻ جو شوق ڪونه آهي ۽ پيپلزپارٽيءَ ۾ هجڻ جي ڪري مسٽر ممتاز علي ڀٽي سان ويجهو تعلق رهيو آهي. هو مهربان به رهيو آهي پر جيئن ته مون ناچيز کيس تجويز ڏني هئي ته مهرباني ڪري پيپلزپارٽي نه ڇڏيو، فرنٽ نه ٺاهيو، فرنٽ هلندو به ڪونه ۽ هليو به ڪونه. ڪافي عرصي کان پوءِ ممتاز علي خان وري به هاڻي مسلم ليگ نواز گروپ ۾ شامل ٿي پنهنجي فرنٽ ۽ جهنڊي کي ختم ڪيو. ٻيو ته منهن جي راءِ تي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه بنفس نفيس هلي نواب نبي بخش خان ڀٽي کي تجويز ڏني ته، هوءَ صاحبه قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي پاڻ بيهندي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي نواب صاحب پنهنجي ٻن فرزندن، حاجي معشوق علي خان ڀٽي ۽ عاشق علي خان ڀٽي مان ڪنهن هڪ کي بيهاري ته ان کي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ به ڏيان ۽ مدد به ڪيان. قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن کان پوءِ حاجي معشوق علي يا عاشق علي ڀٽو ڀلي سيٽ تان استعيفا ئي ڏئي، بعد ۾ مسٽر ممتاز علي ڀٽو ڀلي ان خالي ٿيل سيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿي اچي، مون کي پڻ خوشي ٿيندي پر هن وقت ممتاز علي خان ڀٽي جو جيڪو فرنٽ جو پروگرام آهي، ان جي ڪري پيپلزپارٽيءَ کي پنجاب ۾ ووٽ گهٽ ملندا ۽ مان وزيراعظم ٿي نه سگهنديس. ان ڪري مان پنهنجي پارٽيءَ کي ڄاڻي واڻي نقصان ڏيڻ نه ٿي چاهيان. جيئن ته محترمه جو مون تي گهڻو اعتبار هيو ۽ مون کان ڪڏهن ڪڏهن رايو به پڇندي هئي. جڏهن شاهنواز خان ڀٽي مرحوم جي موت کان پوءِ محترمه پنهنجي جوان ڀاءُ جي ميت کي لاڙڪاڻي ڳڙهي خدا بخش تدفين لاءِ کڻي آئي ته سڄو ملڪ پڻ سوڳوار هو. ڪراچي کان ڳڙهي خدا بخش تائين هر روڊ ۽ رستي تي ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئي رهيا هئا، جيڪو پيپلزپارٽيءَ جي مقبوليت جو وڏو منظر هيو. ٽيجهي جي چند ڏينهن کان پوءِ محترمه المرتضيٰ هائوس جي اسٽڊي واري ڪمري ۾ اڪيلائي ۾ ويٺي هئي. مان به موجود هئس، محترمه مون کان پڇيو ته، توهان فوجداري ڪيس کڻندا آهيو، توهان کي ڪافي تجربو آهي، توهان جو هن حادثي متعلق ڇا رايو آهي؟ مون ادب سان ۽ ڏک وچان عرض ڪيو ته، شاهه نواز ڀٽي صاحب جي موت ۾ ڪن ايجنسين جو هٿ آهي، پر اهو ثابت ٿي ڪونه ٿو سگهي ته اهو زهر وارو ڪيپسول ڪنهن رکيو ۽ ڪنهن ڏنو، اهو به ثابت ڪونه ٿو ٿئي ته مرحوم جي بيگم اهو ڪيپسول آندو هو، پر هڪڙي ڳالهه، مان پنهنجي ناقص عقل موجب چوان ٿو ته مرحوم شاهنواز ڀٽي جي اهليه جي هيءَ ظاهر ظهور ڪوتاهي آهي، جيئن ته هوءَ گاڏي به هلائيندي آهي ۽ گاڏيءَ هلائڻ جو لائيسنس به هيس. گاڏي بنگلي ۾ موجود به هئي، ان هوندي به شاهنواز ڀٽي کي وقت تي اسپتال نه کڻي ويئي ته جيئن ڊاڪٽر اهو زهريلو مادو ان جي جسم مان ڪڍن ۽ هو بچي سگهي. مرحوم جي اهليه ايئن نه ڪيو، اها ان جي نااهلي ظاهر ظهور آهي پر اهو توهان جي خاندان جو ذاتي مسئلو آهي. ان ڪري مان وڌيڪ راءِ نه ٿو ڏيڻ گهران. چند مهينن کان پوءِ محترمه مون کي ٻڌايو ته اوهان جو خيال بلڪل صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته فرانس پوليس خود شاهنواز جي بيگم کي ڪوتاهي ڏيکارڻ ۾ چالان ڪري ڇڏيو آهي.
محترمه جي شاديءَ جي دعوت جا ٻه پروگرام رکيل هئا. هڪڙو 70 ڪلفٽن جي ڀرسان ڪلفٽن گارڊن ۾ هيو، جنهن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي مخصوص قريبي رشتيدارن، دوستن ۽ واسطيدارن کي مدعو ڪيو ويو هو. جنهن ۾ به سڄي پاڪستان مان ماڻهو آيل هئا. ٻيو پروگرام لياريءَ جي ڪڪري گرائونڊ ۾ هيو، جتي گهوٽ ڪنوار اچڻا هئا، جنهن جي دعوت هزارن جي تعداد ۾ ڏنل هئي. منهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم نياز حسين شاهه هڪ ڀيري دوستن سان ڪچهريءَ ۾ چيو ته، ڏسڻو اهو آهي ته محترمه توهان کي شاديءَ جي دعوت ڪٿي ٿي ڏئي آيا 70 ڪلفٽن گارڊن واري مخصوص ۽ ننڍي پيماني واري دعوت ۾ سڏ ڏئي ٿي، يا ڪڪري گرائونڊ واري عام دعوت ۾ سڏ ٿي ڏئي، اها خبر ڪارڊ مان پوندي ته محترمه توهان کي ڪيتري اهميت ڏئي ٿي. اهو الله تعاليٰ جو ڪرم هيو جو محترمه مون کي 70 ڪلفٽن واري مخصوص دعوت ۾ مدعو ڪيو. حالانڪه جيئن مون ذڪر ڪيو آهي ته، مان سفيد پوش مڊل ڪلاس ماڻهو آهيان، نه ڪو وڏو زميندار آهيان، نه ڪارخانيدار يا واپاري آهيان. پر اها الله تعاليٰ جي مهرباني آهي جو هن خاڪسار کي ڪلفٽن 70 واري دعوت ۾ مدعو ڪيو ويو، جتي وڃڻ منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هيو. بحرحال مون انهن سڀني ڳالهين کي مدنظر رکندي وڌيڪ ٽيڪا ٽپڻيءَ کان سواءِ عزيزن ۽ دوستن کي ٻڌايو ته محترمه بذات خود مون کي چيو آهي ته فارم ڀريو ۽ هاڻي جيڪڏهن سعيد احمد ڀٽي صاحب کي ٽڪيٽ ملي آهي ته ان سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي، ڀلي اهو اليڪشن لڙي. اڃان ته نامينيشن فارم ڀرڻو آهي. شيڊيول موجب فارم ڀرڻ کان پوءِ ان تي اعتراض ٿيندا ۽ اپيلون ٿينديون. حتمي فهرست ته بعد ۾ ظاهر ٿيندي، ان کان پوءِ ڪنهن اميدوار کي هٿ کڻڻ جي اجازت هوندي. ان سڄي عمل کي پوري ٿيڻ ۾ پندرنهن کان ويهه ڏينهن لڳندا. مان فارم ضرور ڀريندس پوءِ به جيڪڏهن حڪم ٿيو ته فارم واپس وٺبو. پر هن وقت فارم نه ڀرڻ محترمه جي حڪم جي انحرافي ٿيندي ۽ ان جي اعتماد کي ٺيس پهچندي، جيڪا ڳالهه مان ڪرڻ نه ٿو گهران. ٿي سگهي ٿو ته محترمه اهو ڏسڻ چاهيندي هجي ته منهنجي دلي ۽ ذهني طور پيپلزپارٽي سان ڪيتري وابستگي آهي. جيئن ته منهنجو واسطو جناب ممتاز علي ڀٽي سان به آهي. ممڪن آهي ته هوءَ ايئن سمجهي ته ممتاز علي خان کي اڻ سڌي طرح مدد ڪرڻ لاءِ مون فارم نه ڀريو آهي ۽ اڃا پيپلزپارٽي سان مخلص ڪونه آهيان، جيئن ته ممتاز علي خان سان سياسي طور تعلق توڙي (هن جي فرنٽ ۾ شامل نه ٿيڻ جي ڪري ايئن سمجهو ته ٻيڙا ساڙي پيپلزپارٽيءَ جي ڪڍ لڳا آهيون ۽ پارٽي ۾ رهبو.) پيپلزپارٽي سان واسطيداري هجڻ جي ڪري ۽ تعلقي سيڪريٽري هجڻ جي ناتي پيپلزپارٽي جي پروگرام کي وڌائڻ جي لاءِ اسان رتيديري ۾ مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئي جي، چيف منسٽر جي حيثيت ۾ آجيان ڪئي. مسٽر عبدالوحيد ڪٽپر سندس ڪابينه جو سينيئر وزير ۽ مسٽر چاڪر علي جوڻيجو صدر پيپلزپارٽي لاڙڪاڻي جي حيثيت ۾ اچي رتيديري جو دورو ڪيو. ماڻهن سان مليا انهن صاحبن جو تمام سٺو استقبال ڪيو ويو. انهن جي لاءِ طعام جو بندوبست مرحوم ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ جي هاري آفيس ۾ رکيل هيو، تمام سٺو پروگرام رکيل هيو. سون جي تعداد ۾ ماڻهو مدعو ڪيل هيا، ان سان گڏوگڏ ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ جو گهرو دوست مسٽر امام الدين قريشي به ان سان گڏ ٻانهن ٻيلي هيو، جتوئي صاحب سان گڏ آيل سڀ مهمان اهڙو استقبال ۽ بندوبست ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. ممتاز علي ڀٽو جڏهن وفاقي وزير مواصلات هيو ته، ان کي به هن ناچيز دعوت ڏئي وڏو جلسو ڪرايو هيو ۽ ان جي اهتمام ۽ طعام جو بندوبست ڪيو هيو، جنهن ۾ سيد عبدالله شاهه مرحوم اڳوڻو چيف منسٽر سنڌ، سردار مرحوم نور محمد خان لنڊ، سيد قربان علي شاهه اڳوڻو ايم پي اي، سردار رضا محمد خان ڏاهري، حاجي معشوق علي خان ڀٽو، عبدالرزاق سومرو، پيربخش گهانگهرو ۽ رتيديري لاڙڪاڻي جي پيپلزپارٽيءَ جا عهديدار ۽ معزز شخصيتون شريڪ ٿيون.
ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ ۽ امام الدين قريشي سياسي طور ڏاڍا متحرڪ ۽ پيپلزپارٽي جا مخلص، وفادار ۽ اثر وارا ماڻهو رهيا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي لاڙڪاڻي ۾ جڏهن وڪالت شروع ڪئي هئي ۽ سياسي دورا شروع ڪيا هئا ته رتيديري ۾ پهريون دفعو ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ جي ان غريب خاني تي آيو هو ۽ پنهنجيءَ هٿ سان پنهنجي تصوير تي صحيح ڪري اها تصوير ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ کي ڏني، جيڪا اڄ به ان جي آفيس جي مين هال ۾ موجود آهي. ڀٽي صاحب جي وڏي فرزند مير غلام مرتضيٰ، ڀٽي صاحب جي وزيراعظم هوندي، ڀٽي صاحب جي تڪ جو دورو ڪيو هو ۽ مير مرتضيٰ به ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ ۽ امام الدين قريشي جي غريب خاني تي آيو هو. ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ هڪ شريف، سياسي سوچ رکندڙ ماڻهو هو، جنهن مرحوم عبدالواحد سومري سان ساٿ ڏئي، کيس صحيح مشورا ڏئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ويجهو ڪيو. مسٽر عبدالواحد سومرو ڪابه دعوت ڪندو هو ته هاري آفيس ۾ ماڻهن کي مدعو ڪندو هو. جڳهه اعتبار بلوچ ۽ امام الدين قريشي جي هئي ۽ خرچ پکو به اهي ٻئي دوست ڪندا هئا. جيئن سنڌي ۾ مشهور چوڻي آهي ته ”ڪڪڙ ڪوريءَ جو نالو وڏيري جو“ مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي ٿئي ته 1979ع جي لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ مسٽر عبدالواحد سومرو مميبر منتخب ٿيو هو، پر ڪن مجبورين جي ڪري ڪراچيءَ آيل هيو، جنهن ڪري چيئرمين جي لاءِ اليڪشن لڙي ڪونه سگهيو هو. عارضي طور تي مرحوم مسٽر گلاب خان سومري کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو ۽ وائس چيئرمين ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ کي ڪيو ويو هو. عبدالواحد سومرو مرحوم رتيديري آيو ته مسٽر ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ ۽ مسٽر امام الدين قريشي کيس مون وٽ وٺي آيا، ٽنهي دوستن چيو ته گلاب خان کي عارضي طور تي چيئرمين ڪيو ويو هو. توهان هاڻي مدد ڪري ان کان استعيفا وٺو ۽ عبدالواحد سومري کي مدد ڪري چيئرمين ڪرايو. حقيقت اها آهي ته رتيديري جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ عبدالواحد سومري گهڻو پاڻ پتوڙيو هو. هو ذاتي طور تي شهر کي صفائي سٿرائي، ڊرينيج کي بهتر ڪرڻ ۽ ميونسپالٽي جي گهٽين ۽ روڊن تي ناجائز قبضن جي سخت خلاف هو. عبدالواحد سومري جي زماني ۾ صفائي سٿرائي هئي، غيرقانوني اڏاوتون ڪونه هيون. روڊ پڻ ڪشادا هئا، هاڻي رتيديري شهر جي اها حالت آهي جو صفائيءَ جو مناسب انتظام ڪونه آهي. غيرقانوني قبضا ڪري گهٽيون سوڙهيون ڪيون ويون آهن جو وڏي گاڏي ته ٺهيو پر ننڍي گاڏي به هلي نه ٿي سگهي. رتيديري شهر جي حالت خراب ٿيندي پئي وڃي جيڪو حلقو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو آهي.

1988ع جي چوندن ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو به پيپلزپارٽيءَ جو اميدوار هو

1988ع جي اليڪشن ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي خواهش تي مون پنهنجو فارم به ڀرايو. مير مرتضيٰ ڀٽي جو فارم به ڀرايو جيڪو ان وقت دمشق ۾ هو. ان جي فارم تي ڀٽو اسٽيٽ جي منشي محمد حسن ڀٽي صحيح ڪئي. سعيد احمد ڀٽو پنهنجو فارم اڳ ۾ ئي داخل ڪرائي چڪو هو. فارمن جي چڪاس واري ڏينهن رٽرننگ آفيسر/ ايڊيشنل سيشن جج مسٽر عبدالمتين خان جي ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻو هو. منهنجي نامينيشن فارم وقت مون سان گڏ مسٽر عبدالرزاق سومرو وڪيل، مرحوم گل حسن سولنگي وڪيل، انور سومرو وڪيل، امام الدين قريشي، مرحوم محمد انور ڀٽو، اعتبار علي بلوچ، سيد بچل شاهه، سيد عالم شاهه، سردار علي محمد سيلرو، عبدالحئي سناڻي، شاهنواز جتوئي، غلام شبير هڪڙو ۽ ٻيا ڪافي پيپلزپارٽيءَ جا همدرد گڏ هئا.
ڪورٽ ۾ ويٺا هئاسين. جج صاحب جي اچڻ کان اڳ مسٽر ممتاز علي ڀٽو، حاجي معشوق علي خان ڀٽو، مرحوم غلام قادر ابڙو وڪيل ۽ ان سان گڏ ٻيا ان جا همدرد ۽ سڄڻ ڪورٽ روم ۾ آيا ۽ وڪيلن واري ڪرسيءَ تي، ممتاز علي ڀٽو، حاجي معشوق علي خان ڀٽو ۽ مٿي ذڪر ڪيل وڪيل صاحبان انهن سان گڏ اچي ويٺا. جيئن ئي اهي صاحب آيا ته مان انهن سان اٿي بيهي اخلاق سان مليس ۽ خوش خير عافيت ڪري گڏ ويٺاسين. ٿوري دير کان پوءِ منهنجي کاٻي ڪلهي تي هٿ هڻي ممتاز علي ڀٽي پڇيو ته، پيپلزپارٽيءَ پاران ٽن ماڻهن جا نامينيشن فارم جمع ٿيل آهن، هڪ مير مرتضيٰ ڀٽي جو ٻيو سعيد احمد ڀٽي جو ۽ ٽيون توهان جو، ڇا توهان ٽئي اميدوار اليڪشن ۾ بيهندا؟ مون چيو ته توهان ڪيئن سمجهو ته ٽئي ماڻهو اليڪشن لڙندا؟ جنهن تي چيائين ته پيپلزپارٽيءَ ۾ چيئرمين ۽ ڪو چيئرمين جا ٻه عهدا آهن، تنهنجي ڪري مون سمجهيو ته ٻه اميدوار بيهندا. وڌيڪ اهو به پڇيائين ته آخر ۾ توهان جي پارٽيءَ جو ڪهڙو اميدوار اليڪشن لڙندو؟ مون چيومانس ته هڪڙو اميدوار اليڪشن لڙندو پر اها خبر ڪانه آهي ته محترمه ڪنهن کي اميدوار ڪري بيهاريندي، اهو ان جو اختيار آهي. هڪ اميدوار جي بيهڻ جي ڪري اليڪشن ۾ سخت مقابلو ٿيندو. مون کيس وڌيڪ چيو ته ٻه ڳالهيون توهان کي عرض ڪيان ٿو، اهي ٻڌو ۽ غور ڪري پوءِ جواب ڏيو، پهريون مير مرتضيٰ ڀٽي جو فارم آهي جنهن تي ان جي صحيح نه آهي، ان تي منشي محمد حسن ڀٽي صحيح ڪئي آهي، جڏهن سڏ ٿئي ته توهان مير مرتضيٰ جي فارم تي اٿي بيهي اعتراض نه ڪجو، ڇو ته رتيديري ۽ نئين ديري جا ڪافي ماڻهو ڪورٽ ۾ موجود آهن، توهان پاڻ بيهي مير مرتضيٰ ولد ذوالفقار علي ڀٽي جي فارم تي اعتراض ڪيو ته اهو ماڻهن کي سٺو نه لڳندو. چيائين ته جيڪڏهن فارم بحال ٿئي ته؟ مون چيومانس مير مرتضيٰ جي فارم تي ان جي صحيح ڪونه آهي ۽ نه ئي هو موجود آهي، جڏهن جج صاحب سڏ ڪندو ۽ مير مرتضيٰ موجود نه هوندو ته جج صاحب پاڻ مرادو نامينيشن فارم رد ڪري ڇڏيندو. توهان جو اعتراض ماڻهو برو سمجهندا. ٻيو اهو چيومانس ته محترمه بينظير ڀٽو ڪراچي مان هلي ڪري ميرپور ڀٽو آئي هئي، مان به گڏ هيومانس اتي نواب نبي بخش ڀٽي کي سامهون چيائين ته توهان پنهنجي فرزندن حاجي معشوق علي ۽ عاشق علي ڀٽي مان ڪنهن هڪ کي بيهاريو ته پيپلزپارٽي ان کي ميمبر ڪرائي، سڄي ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي چوندن ۽ ميمبرن جي نوٽيفڪيشن کان پوءِ توهان جو ڀاءُ استعيفا ڏئي ڀلي سيٽ خالي ڪري، پوءِ توهان چونڊجي اچو ته ڳالهه تمام سولي ٿي پوندي ۽ توهان جي گهر ۾ اختلاف به ڪونه ٿيندو. ڇو ته محترمه کي توهان جي فرنٽ پروگرام جي ڪري ٻين صوبن، خاص طرح پنجاب ۾ ووٽ ڪونه ملندا ۽ محترمه جو وزيراعظم ٿيڻ مشڪل ٿي پوندو. ٻيو ته محترمه ميرپور ڀٽي ۾ اچي ڪري توهان کي آفر ڪئي ته توهان مان ڪنهن به ان کي مناسب طور جواب نه ڏنو. نه نواب نبي بخش ڀٽي ڳالهايو، نه عاشق علي خان ڀٽي يا معشوق علي ڀٽي يا توهان ان جي ڏنل آفر جو صحيح جواب ڏنو. ابتو مائي بصران جي معرفت ڏنل آفر جو انڪاري جواب ڏنو، جيڪا مناسب ڳالهه ڪونه هئي. ممتاز خان ڀٽي چيو ته بينظير ڀٽو صاحبه اهو چئي وئي ته ممتاز علي ڀٽو هن تڪ تي نه بيهي، تنهن ڪري نواب صاحب بصران جي معرفت اهو جواب موڪليو. مون چيومانس ته محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي والد صاحب جي پارٽي ۽ منشور کي کڻي ملڪي سياست ڪري رهي آهي، ان کي ان جي حساب سان ڏسو. وڌيڪ چيومانس ته هاڻي به وقت پري نه آهي، محترمه لاڙڪاڻي ۾ المرتضيٰ هائوس ۾ رهيل آهي، توهان پنهنجي فارم سان گڏ حاجي معشوق علي ڀٽي جو ڪورنگ اميدوار طور فارم ڏنو آهي، توهان حاجي معشوق علي ۽ عاشق علي خان کي اڄ يا سڀاڻي المرتضيٰ هائوس ۾ محترمه بينظير ڀٽو ڏانهن موڪليو. کيس ٻئي ڀائر چون ته معشوق علي خان کي بيهاريون ٿا، ان کي ٽڪيٽ ڏيو، جيڪو پيپلزپارٽي طرفان اليڪشن وڙهندو.
منهنجي پهرئين مشوري تي عمل ڪندي مير مرتضيٰ ڀٽي جي فارم تي اعتراض ڪونه ڪيائين. رٽرننگ آفيسر مير مرتضيٰ ڀٽي جو فارم کڻي سڏ ڪرايو جنهن تي منشي محمد حسن ڀٽو آيو ۽ ڪورٽ ۾ اچي بيٺو جج صاحب پڇيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو ڪٿي آهي ۽ هيءَ صحيح ڪنهن جي آهي؟ محمد حسن ڀٽي جواب ڏنو ته مير صاحب دمشق ۾ آهي هتي ڪونه آهي ۽ اها صحيح مون ڪئي آهي. مير مرتضيٰ ڀٽي جو فارم جج صاحب رد ڪري ڇڏيو. ممتاز علي ڀٽي منهنجي ٻي تجويز جو ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، مون سمجهيو ته ممتاز صاحب ڪابه ٺاهه جي ڳالهه ڪرڻ پسند نه ٿو ڪري ۽ مقابلو ڪرڻ چاهي ٿو. جج صاحب ٻين سڀني جا فارم بحال ڪري مير صاحب جو فارم رد ڪري ڪورٽ مان اُٿي ويو ۽ اسان سڀ ڪورٽ ڇڏي ٻاهر نڪري آياسين. حقيقت اها آهي ته محترمه بينظير ڀٽو دلي طرح سان چاهي پئي ته ڀٽو خاندان ۾ تفرقو نه پوي. مون کي ٻڌايو هيائين ته جيڪڏهن حاجي معشوق ۽ عاشق علي، جيڪي عام طرح ملندا رهندا آهن، هاڻي اليڪشن جي ڏينهن ۾ مون ڏانهن اچن ۽ چون ته حاجي معشوق علي ڀٽي کي بيهاريون ٿا مان قبول ڪنديس ته ڀلي اهو ميمبر ٿئي. مهيني کن کان پوءِ استعيفا ڏئي پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ سيٽ خالي ڪري ۽ ممتاز علي خان جيڪڏهن پنهنجي ڀاءُ جي سيٽ تي ميمبر ٿي اچي ته مون کي اعتراض ڪونه آهي. پر انسان سوچيندو ڪجهه آهي، خواهش ڪجهه ڪندو آهي، پر قدرت جا پنهنجا فيصلا هوندا آهن جيڪي ٿي رهندا آهن.

قصو رتيديري جي اباڻي سيٽ جو

رتوديرو صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ جي لاءِ عام طور تي دعويٰ ڪئي ٿي وڃي ته اها ممتاز علي ڀٽي جي اباڻي سيٽ آهي ۽ اتان بيهڻ صرف ان جو حق آهي. پر حقيقت اها آهي ته رتوديرو تعلقو ۽ ضلعو لاڙڪاڻو شهيد ڀٽي جي زير اثر رهيو آهي، اها سڄي سياسي طاقت سڀني ڀٽن جي گڏ هجڻ جو نتيجو آهي، جن ۾ مرحوم سر شاهنواز خان ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو والد صاحب، جيڪو لڳاتار تيرنهن سال ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو منتخب صدر رهيو، ان کان بعد بدقسمتيءَ سان سر شاهنواز 1937- 1936 جي عام چونڊن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، کان هارايو جيڪو تازو مسلمان ٿيو هو، ان کي مرحوم قاضي فضل الله، مرحوم خان بهادر محمد ايوب کهڙي ۽ چند ٻين ماڻهن ڪراچيءَ مان آڻي سر شاهنواز ڀٽي سان مقابلو ڪرايو، جنهن ۾ سر شاهنواز ڀٽي شڪست کاڌي ۽ دلبرداشته ٿي بمبئي اچي رهائش رکي، جتي برٽش سرڪار کيس ان وقت سنڌ بمبئي پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ڪري رکيو. اتي به مرحوم سر شاهنواز صاحب پنهنجي فهم ۽ فراست کان ڪم وٺندي، ماڻهن جي خدمت ڪئي. ان بعد برٽش سرڪار سر صاحب کي جهوناڳڙهه رياست جو وزيراعظم مقرر ڪيو. ان کانپوءِ مرحوم نواب نبي بخش ڀٽو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو يارنهن سال صدر رهيو. نواب صاحب ايوب کهڙي ۽ فضل الله جي سياست جو اڪيلي سر مقابلو ڪيو. نواب صاحب وائسراءِ جي دهلي ڪائونسل جو ميمبر رهيو. 1942-1941 ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي جيڪا اليڪشن ٿي، ان ۾ انهيءَ ساڳئي رتوديرو ميرو خان تڪ تي قاضي فضل الله جي مقابلي ۾ صوبائي اليڪشن کٽي.
نواب نبي بخش ڀٽي هڪڙي دفعي هن ناچيز کي ٻڌايو ته ڪيئن هن، ان وقت جي حالتن کي مدنظر رکي، سياسي مظاهرو ڪري کهڙي صاحب ۽ قاضي فضل الله جو مقابلو ڪيو. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي چونڊيل ميمبرن کي قاضي فضل الله جي ڪئمپ ۾ رهايو، بظاهر اهو ڏسڻ ۾ پئي آيو ته قاضي فضل الله جي ڪئمپ مان ڇهن ماڻهن تي اثر رسوخ هلائي ماٺ ۾ پنهنجي صدر ٿيڻ جي لاءِ آماده ڪيو. پر هنن ڇهن ميمبرن کي اهو چيو ويو ته اهي رهن ڀلي اُتي ۽ ڪڏهن به ظاهر نه ٿين ته جيئن قاضي فضل الله کي اهو يقين ٿئي ته هو چونڊ کٽي ٿو، ڇهه ئي ميمبر ان ڪئمپ ۾ رهن، کائن پيئن ته جيئن شڪ شبهو نه ٿئي. صرف اهو ڪن ته صدر جي اليڪشن واري ڏينهن قاضي فضل الله جي ڪئمپ جي ٻين ميمبرن سان گڏجي هال ۾ نه اچن ۽ ڪئمپ مان نڪري اڳ ۾ ئي پنهنجي منهن هليا وڃن ۽ اهو ڇهن ميمبرن جو گروپ، جن تي کٽڻ منحصر هيو، اهي بعد ۾ اچن. بقول مرحوم نواب صاحب جي ته، قاضي فضل الله شريف ماڻهو هيو ۽ محنت ڪرڻ وارو هيو، هو وڪيل ته اڳ ۾ ئي هيو، پر سياست ۾ به چڱو مقام پيدا ڪيو هئائين. اليڪشن ٿيڻ تائين لوڪل بورد ۾ ۽ ان کان ٻاهر اهو صاف ظاهر هيو ته قاضي فضل الله اليڪشن کٽي رهيو آهي. ان جا ماڻهو گلن جا هار، دهل ۽ نغارا کڻي اچي بيٺا هيا. پر مرحوم نواب صاحب جي چواڻي ته ڪئمپ مان ڇهه ماڻهو کٽل هيا ۽ اها صرف قاضي فضل الله کي خبر هئي. گڏ نه هلڻ جو مطلب ته ووٽ نه ڏيندس. جڏهن اليڪشن جو اعلان ٿيو، تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ چيو ويو ته صدر لاءِ نالو پيش ڪندڙ ۽ تائيڊ ڪندڙ اٿي بيهي ٻڌائين ته پوءِ اليڪشن ڪرايون. جيئن ته ڇهه ماڻهو قاضي فضل الله جي ڪئمپ مان هڪ ئي وقت نڪري ويا هُئا ۽ ان سمجهو ته اُهي ووٽ ڪونه ملندا ته، هن دور انديشي ڪندي، پنهنجي شڪست کي خنده پيشانيءَ سان قبوليندي پاڻ اٿي بيهي تجويز ڏني ته، هي اجلاس متفقه طور نواب نبي بخش کي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو صدر منتخب ڪري ٿو. جيئن ته ٻيو ماڻهو مقابلي ۾ ڪونه هيو، تنهن ڪري نواب صاحب صدر چونڊيو ويو. قاضي فضل الله پهريون نواب صاحب کي گل وڌا ۽ مبارڪباد پيش ڪئي ۽ اليڪشن ٿيڻ کان پوءِ اهو ڪاميابيءَ جو جلوس وٺي. قاضي فضل الله پاڻ نواب صاحب جي بنگلي تي اچي جلوس جو اختتام ڪيو. بعد ۾ بقول نواب نبي بخش خان جي ته، هن ۽ دوستن قاضي فضل الله کي ان جي بنگلي تي وڃي، مبارڪباد ڏني. اها آهي ان وقت جي رواداري ۽ فضيلت.
52-1951 جي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي صوبائي سيٽ تي خان بهادر احمد خان ڀٽو مرحوم مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي ميمبر چونڊجي آيو هو. 1947ع کان وٺي 1958ع تائين. جيستائين مارشل لا لڳي ۽ سياسي طور تي ايوب کهڙو ۽ قاضي فضل الله ضلعي ۾ سياسي طور اڳتي آيا، ان کانپوءِ جنرل ايوب جي مارشل لا لڳي ۽ بيسڪ ڊيموڪريسي جو نظام 1960 ۾ آيو. يونين ڪائونسل ۽ ٽائون ڪاميٽي جون چونڊون ٿيون ته رتيديري تعلقي ۾ هيٺين ريت چونڊيا ويا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڀٽن صاحبن جي گڏيل طاقت هئي. نئون ديرو ٽائون ڪميٽي جو خان بهادر احمد خان ڀٽو، پريزيڊنٽ ٿيو. مرحوم سڪندر علي خان ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽي جو وڏو ڀاءُ سيدو ديرو يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو. بهمڻ يونين ڪائونسل ۾ غلام مصطفيٰ ابڙو چيئرمين ٿيو. بنگل ديري يونين ڪائونسل ۾ محمد صديق ڀٽو ۽ يونين ڪائونسل پيرجو ڳوٺ ۾ مرحوم سردار پير بخش ڀٽو چيئرمين ٿيو. طيب يونين ڪائونسل تي سردار غلام رسول جلباڻي چيئرمين ٿيو. هڪ يونين ڪائونسل ته ڀٽا مخالف گروپ ۾ وئي. رتوديرو ٽائون ڪميٽي تي مسٽر عبدالرزاق سومرو وڪيل چيئرمين ٿيو. يونين ڪائونسل وارث ڏنو ماڇي ۾ مرحوم نورمحمد ڀٽو چيئرمين ٿيو. ان مان ثابت ٿيو ته تعلقي ۾ اثر رسوخ ڀٽن جو رهيو آهي.
ان عرصي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 28 سالن جي عمر ۾ وفاق اندر تجارت جو وزير ٿيو، ان بعد پيٽروليم جو وزير ۽ وزارت خارجه جو قلم دان سنڀاليائين. ڀٽي صاحب جون خدمتون بي شمار آهن. پاڪستان جي سڃاڻپ ملڪ کان ٻاهر به ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪري آهي. شهيد ڀٽي سياست کي ڊرائنگ روم مان ڪڍي عوامي ميدان ۾ آندو ۽ ماڻهن کي شعور ڏنو. هُن ضلعي لاڙڪاڻي مان قاضي فضل الله مرحوم ۽ خان بهادر ايوب کهڙي جي سياست کي ختم ڪري ڇڏيو. اها ڀُٽي صاحب جي طاقتور شخصيت ۽ اثر رسوخ هيو. سياسي طور شهيد ڀٽو سنڌ ۽ سڄي ملڪ تي ڇائنجي ويو ۽ چوطرف جيئي ڀٽو جيئي ڀٽو جو نعرو لڳي ويو. ڀٽي صاحب 1970 جي اليڪشن ۾ پاڻ رتوديرو لاڙڪاڻو ۽ ڏوڪري تعلقو چونڊيو، جتي ڪامياب ٿيو ۽ ممتاز علي خان ڀٽو قمبروارهه شهدادڪوٽ، ميرپور جي تڪ تي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي قاضي فضل الله کي شڪست ڏئي منتخب ٿي آيو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي شهيد، صدر ۽ چيف مارشل لا ايدمنسٽريٽر جو عهدو سنڀاليو ته ان خطاب ۾ چيائين ته ”منهنجو ڪوبه عزيز ڪو نه آهي، سواءِ هڪ ٽيلنٽيڊ ڪزن جي جنهن کي سماج ۾ پنهنجو مقام هوندو.“ ٿيو به ايئن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي خلوص ۽ محبت سان ممتاز علي ڀٽي کي اڳتي آندو پر پنهنجي حقيقي چاچي علي گوهر خان ڀٽي جي اولاد کي اڳتي ڪو نه آندو. ممتاز علي خان ڀٽو ٻاهران پڙهي آيو هو ۽ ڀُٽي صاحب جي رهنمائيءَ ۾ چڱو مقام حاصل ڪيائين.
1985 جي غيرجماعتي چوندن ۾ رتوديرو، ميرو خان، شهدادڪوٽ تڪ تي ميرنادر علي خان مگسي قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿي آيو ۽ رتيديري جي صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تي سردار الله بخش جلباڻي منتخب ٿي آيو. بعد ۾ باقي ٿيل چونڊن جو نتيجو ظاهر آهي. جنهن ۾ 1988 ۽ 1990 جي چونڊن ۾ هي ناچيز منتخب ٿيو، جنهن ۾ ممتاز علي ڀٽي شڪست کاڌي. 1993 ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي مدد جي ڪري ممتاز علي ڀٽو PS-30 تي ميمبر ٿيو ۽ لاڙڪاڻي جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي مير مرتضيٰ ڀٽو ڪامياب ٿيو. 1996 جي چونڊن ۾ مسٽر ممتاز علي خان ڀٽو سنڌ جو نگران وڏو وزير ٿيو، تڏهن سندس فرزند امير بخش ڀٽو ميمبر ٿيو. وري 2002 ۽ 2008 جي اليڪشن ۾ مسٽر امير بخش ڀٽي پيپلزپارٽي جي اميدوار اياز سومري کان شڪست کاڌي، هاڻ اها دعويٰ ڪرڻ ته رتيديري جي سيٽ ڪنهن جي اَباڻي سيٽ آهي، صحيح نه آهي، جيڪا پارٽي يا فرد دل سان ماڻهن جي خدمت ڪري ته ان کي موٽ ملندي، باقي صرف دعوائون ۽ هجت رکڻ تي ڪم نه هلندو.

پير علي محمد راشدي نواب نبي بخش ڀُٽي جو سيڪريٽري هو پر سندس دوست سڏائيندو هو

نواب نبي بخش ڀٽي پنهنجي فرزندن عاشق علي خان ڀٽي، حاجي معشوق علي ڀٽي ۽ ممتاز علي خان ڀٽي کي اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ موڪليو هو. بقول مرحوم سردار پير بخش خان ڀٽي جي ته، سندس والد سردار واحد بخش ڀٽي جي اوچتي انتقال ٿي وڃڻ تي مون کي نواب نبي بخش خان ڀٽو پنهنجي پٽن وانگر ڀائيندو هو. ان ولايت پڙهڻ لاءِ پنهنجي پٽن سان گڏ مون کي به موڪلڻ لاءِ پاسپورٽ ۽ ويزا ٺهرائي تياري مڪمل ڪئي هئي، پر جيئن ته هو (سردار پيربخش خان ڀٽو) پنهنجي والدين جو اڪيلو پٽاڻو اولاد هيو، سندس والد جي انتقال کان پوءِ کيس انگلينڊ وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ مجبور ٿي ڪري نواب نبي بخش ڀٽي پنهنجي ڀاڄائيءَ جي چوڻ تي سردار پير بخش ڀٽي کي ٻاهر وڃڻ کان منع ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هو اتي ئي پڙهيو. جڏهن ممتاز علي خان بار ايٽ لا ڪري آيو، حاجي معشوق علي خان ڀٽو اينيمل هسبندري جي فيلڊ ۾ ڊگري وٺي آيو. نواب صاحب جا ٽئي پٽ پنهنجي ڊگري وٺڻ کان پوءِ پنهنجي پيرن تي بيٺا. اڳتي هلي انهن ٽنهي صاحبن معاشري ۾ پنهنجو چڱو مقام حاصل ڪيو. سردار پيربخش ڀٽي کي ٻاهر وڃي تعليم نه پرائڻ جو ڏاڍو افسوس هو ۽ پاڻ کي سوٽن جي مقابلي ۾ گهٽ تعليم يافته سمجهندو هو. ڪئين دفعا هن خود مون سان اهڙو اظهار پڻ ڪيو ته نواب نبي بخش مون کي پڙهائڻ لاءِ ڏاڍو وس ڪيو، پر پنهنجي والده جي منع ڪرڻ جي ڪري ٻاهر نه وڃي سگهيس ۽ اعليٰ تعليم کان محروم رهيس.
سردار پير بخش ڀٽو، نواب نبي بخش جي والد وانگر عزت ڪندو هو. ان جي سامهون يا ان جي ڪچهريءَ ۾ سگريٽ نه پيئندو هو، ڪچهريءَ مان اٿي پري وڃي سگريٽ پيئندو هو ته جيئن نواب صاحب جي نظر نه پوي. نواب صاحب پنهنجي ڀاءُ سردار واحد بخش خان ڀٽي جي وفات کان پوءِ پير بخش خان ڀٽي جو تمام گهڻو خيال رکندو هو ۽ ان کي چيائين ته اسان ڀائرن جي گڏيل ملڪيت جي اڌ جو مالڪ تون آهين باقي اڌ جو مان ۽ منهنجو اولاد آهي. نواب صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ ان تي عمل ڪري ڏيکاريو. موجوده زماني جي ڪوڙ ۽ ڪپت کي ڏسي سردار پيربخش ڀٽو پنهنجي ڪچهريءَ ۾ اڪثر ڪري چوندو هو ته مان خوش نصيب هئس جو مون کي نواب نبي بخش جهڙو پيار ڪندڙ، همدردي رکندڙ ۽ صحيح رهنمائي ڪندڙ چاچو مليو آهي، نه ته اڄڪلهه بي ايمانيءَ جي دور ۾ اهڙا چاچا به آهن جو ملڪيت ۽ دولت جي لالچ ۾ ڀائٽين کي ختم ڪرائي ڇڏين ٿا. نواب نبي بخش ڀٽو خدا جو خوف رکندڙ همدرد ۽ انصاف پسند نه هجي ها ته مون يتيم کي ملڪيت جي لالچ ۾ ننڍي هوندي ئي ختم ڪرائي سگهي پيو، پر هن ايئن نه ڪيو ۽ منهنجو پٽن وانگر خيال رکيو ۽ پالنا ڪيائين. نواب نبي بخش ڀٽو روزي نماز جو پابند، خيرات۽ زڪوات ڏيندڙ ۽ پنهنجي وقت جو تمام ڀلو ماڻهو هيو. زندگيءَ ۾ پئسن کي هٿ نه لاتائين. پئسي جي ڏيتي ليتي سندس سيڪريٽري ۽ منشي ڪندا هئا. صدقو ۽ زڪوات پنهنجي نگرانيءَ ۾ نوڪرن جي معرفت ڏيندو هو ته وٺندڙن ماڻهن جون قطارون لڳي وينديون هيون. نواب نبي بخش ڀٽي پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي رهائش لاءِ بنگلو ۽ گهر عاليشان نموني ٺهرايو. ان سان گڏوگڏ هڪ عاليشان مدرسو ۽ مسجد به پڻ ٺهرائي. جتي طالب علم ڪلام پاڪ پڙهي ڪامياب ٿي دستاربندي ڪرائي نڪرندا هئا. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي مرحوم سنڌ جي علم ۽ ادب جو هڪ تمام وڏو نالو پڻ ميرپور ڀٽو جي مدرسي مان تعليم پرائي نڪتو ۽ حيدرآباد يونيورسٽي ۾ شامل ٿي ڪري علم جي روشني پکيڙي.
نواب نبي بخش ڀٽي مون کي پاڻ ٻڌايو هو ته، مرحوم پير علي محمد راشدي بهمڻ وارو، نواب صاحب جو ڪيترائي سال سيڪريٽري ٿي رهيو هو ۽ ڪيترائي دفعا وائسراءِ جي دهلي ڪائونسل جي اجلاس ۾ نواب صاحب سان گڏ سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندو هو. نواب صاحب کي اهو به افسوس هو ته پير صاحب پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ سيڪريٽري هجڻ جو ڪٿي به ذڪر ڪونه ڪيو آهي، پر ان جي ابتڙ لکيو اٿس ته پاڙيسري زميندار هجڻ جي ڪري ۽ نواب صاحب سان دوستيءَ هجڻ جي ڪري دهلي ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ ويندو هئس. هڪ ڀيري نواب صاحب ڪچهري ڪندي اهو به فرمايو هيو ته، پير علي محمد راشدي، خان بهادر محمد ايوب کهڙي ۽ سرعبدالله هارون جو پگهار تي رکيل سيڪريٽري رهيو آهي پر ان ڳالهه جو به هن پنهنجي ڪتاب ۾ ڪٿي ذڪر ڪونه ڪيو آهي پر الٽو اهو ڏيکاريو اٿائين ته هو انهن جو دوست هو ۽ دوستيءَ ۾ انهن جا ڪم ڪندو هو، حالانڪ هو پگهار تي رکيل سيڪريٽري هو. نواب نبي بخش ڀٽي مرحوم کي اهو به افسوس هو ته بينظير ڀٽو صاحبه ۽ ممتاز علي ڀٽو سياسي طور الڳ ٿي ويا. نواب صاحب مرحوم ٻه ٽي دفعا مون سان ۽ منهنجي ڀاءُ سان ان ڏک جو اظهار پڻ ڪيو هو ته، جيتوڻيڪ بينظير ڀٽو صاحبه ميرپور ڀٽو هلي آئي ۽ چيائين ته في الحال حاجي معشوق علي خان ڀٽي کي بيهاريو، ڀلي ملڪ ۾ چونڊون ٿي وڃن پوءِ حاجي معشوق علي استعيفا ڏئي سيٽ پنهنجي ڀاءُ کي ڏئي. پر ممتاز علي ڀٽي جي ضد جي ڪري اهو معاملو سلجهي نه سگهيو ۽ اسان هڪ ٻئي کان جدا ٿي وياسين. الله تعاليٰ سردار پير بخش خان ڀٽي ۽ نواب نبي بخش خان ڀٽي جي مغفرت فرمائي ۽ سندن درجا بلند فرمائي
خان بهادر احمد خان ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽي جو سهرو هو، هُو پنهنجي وقت جو سٺو ماڻهو هيو ۽ هن جا پنهنجي علائقي ۾ اڪبر بادشاهه وانگر شهر جي پسگردائي مان نورتن (صلاحڪار) رکيل هيا، جن کان فيصلن ۾ صلاح وٺندو هيو ۽ انصاف تي مبني فيصلا ڪندو هيو. ماڻهو چوندا هئا ته فيصلي ۾ آيل ڌر عام طور چوندي هئي ته ڏوهي جيڪڏهن خان بهادر احمد خان ڀٽي جي کٽ جي پائي تي هٿ رکي ڳالهه ڪري ته اسان اها ڳالهه قبول ڪري الزام واپس وٺنداسين، ڏوهي ماڻهو ايئن نه ڪندا هيا. خان بهادر وڏو زميندار هجڻ سان گڏوگڏ وڏو ڪاروباري به هيو، جنهن وٽ چانور صاف ڪرڻ جا ڪارخانا، ورڪشاپون، برف جا ڪارخانا ۽ ٽرانسپورٽ وغيره هوندي هئي. خان بهادر احمد خان ڀٽي جو مٺي جي مقام وارو شڪار گاهه به مشهور هوندو هيو، جنهن ۾ ڪئين سؤ ايڪڙن تي تتر پاليا ويندا هئا. انهن جي کاڌ خوراڪ جو مناسب انتظام هوندو هيو ۽ انهن جي حفاظت لاءِ چوڪيدار مقرر ٿيل هوندا هئا. ڪنهن به ماڻهوءَ کي تتر مارڻ جي اجازت نه هوندي هئي. هر سال شڪار جي مند ۾ گورنر جنرل، وزيراعظم، ڪمانڊر ان چيف آرمي ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شڪار تي ايندا هئا ۽ خان بهادر احمد خان جي مهماني کائي ويندا هيا. خان بهادر ايڏي ته پهچ وارو هيو جو 1952- 1951 ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾، قاضي فضل الله مرحوم ۽ خان بهادر محمد ايوب کهڙي جي مخالفت هوندي به مسلم ليگ جي ٽڪيٽ خواجه ناظم الدين، ان وقت پاڪستان مسلم ليگ جي صدر، خان بهادر احمد خان ڀٽي کي ڏني هئي پر وارهه تعلقي تي قاضي فضل الله مرحوم جي مخالفت جي ڪري مرحوم عبدالفتاح ميمڻ کي صوبائي اسيمبلي تي مسلم ليگ جي ٽڪيٽ نه ملي هئي. حالانڪ مرحوم مسٽر عبدالفتاح ميمڻ مسلم ليگ صوبي سنڌ جو سيڪريٽري هيو. اهو هو خان بهادر احمد خان ڀٽي جو اثر رسوخ. ان اليڪشن ۾ مرحوم حضرت پير سائين پاڳاري، سڪندر شاهه ثاني اليڪشن ۾ مدد ڪرڻ لاءِ رتيديري ۽ نئين ديري ۾ وڏا جلسا ڪيا هئا ۽ ماڻهن کي اپيل ڪئي هئي ته خان بهادر احمد خان کي ووٽ ڏين. ڀٽن جو ته تعلقي رتيديري تي هونئن به اثر رسوخ رهيو آهي. سندن مقابلي ۾ وڪيل سردار غلام رسول جلباڻي جو ننڍو ڀاءُ مرحوم علي اڪبر جلباڻي هيو پر ان کي ڪاميابي حاصل نه ٿي. حالانڪ علي اڪبر خان جلباڻي وڪيل به هيو، اثر رسوخ به هئس، پر اسان جي تعلقي ۾ مشهور آهي ته قادري واهه کان پوءِ مئا به مقامن مان اٿي ڪري ڀٽن کي ووٽ ڏيندا آهن. خان بهادر احمد خان جي انتقال وقت ان جي تجهيز ۽ تدفين تي ٻين ماڻهن کان علاوه پير صاحب پاڳارو پنهنجي اهليه سان گڏ تعزيت لاءِ آيو هو، ڇاڪاڻ ته ان جو خان بهادر احمد خان سان گهرو رستو هيو. خان بهادر احمد خان ذوالفقار علي ڀٽي جو سهرو هيو. ذوالفقار علي ڀٽو مرڪزي وزير هيو، شايد ان جي ڪري به تمام گهڻا سنڌي سياست دان ۽ ڪامورا آيا هيا. خان بهادر احمد خان مرحوم کي پٽاڻو اولاد ڪونه هيو جنهن ڪري ان جي ملڪيت ان جي ناڻين کي ملي هئي. خان بهادر احمد خان جو نئين ديري وارو بنگلو ۽ نئين ديري جي رهائش واري جڳهه به شيرين بيگم، جيڪا ان جي نياڻي هئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي اهليه هئي، ان جي حصي ۾ آيا هئا. شيرين بيگم کي به اولاد ڪونه هيو، جنهن ڪري هوءَ ڀٽي صاحب جي اولاد بينظير ڀٽو، غلام مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو ۽ صنم ڀٽو کي پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندي هئي.

محمد ايوب کهڙو پٽ کي ٺيڪا ڏيارڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽي وٽ ڪيئن آيو!

محترمه بينظير ڀٽو صاحبه 1987ع ۾ شيرين بيگم ڀٽو عرف امير بيگم ڀٽو کي اٺ لک روپيا روڪ ڏئي، اهو بنگلو ۽ گهرواري جاءِ خريد ڪري پنهنجي نالي ڪرائي هئي. 1970ع وارين چونڊن ۾ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو رتيديري لاڙڪاڻي، ڏوڪري تڪ تي قومي اسيمبلي لاءِ فارم ڀريو هو ۽ ممتاز علي خان ڀٽي قمبروارهه قومي اسيمبلي لاءِ فارم ڀريو هو. وري 5 جولاءِ 1977 تي جنرل ضياءُالحق ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت کي ختم ڪري ملڪ ۾ مارشل لا هڻي نوي ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو واعدو ڪيو. 90 ڏينهن جي اندر اليڪشن جو شيڊيول به آيو نامينِسن فارم ورتا ويا، ذوالفقار علي ڀٽي ساڳي تڪ رتوديرو لاڙڪاڻو ڏوڪري پسند ڪري فارم ڀريو، ممتاز علي ڀٽي قمبروارهه شهدادڪوٽ واري تڪ تي فارم ڀرايو، پر اهي چونڊون ڪونه ٿيون هيون. ايئن پوءِ يارنهن سال مارشل لا جو ظالم دور هليو. رتيديري جي صوبائي تڪ تي سردار پير بخش ڀٽي مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي فارم ڀريو هيو. مان ممتاز علي ڀٽي جو وارهه، قمبر، شهدادڪوٽ تڪ تي نامزد اليڪشن ايجنٽ هئس. مون فارم به ڏنو ۽ پنهنجو ايجنٽ نامو به ڏنو. فوج جو ڪرنل رٽرننگ آفيسر هيو. مقابلي ۾ حسب دستور، خان بهادر محمد ايوب کهڙي جو وڏو فرزند شاهه محمد عرف پاشا کهڙو هو، جنهن جو اليڪشن ايجنٽ مرحوم قاضي فضل الله هو. عام چوڻي آهي ته ”جيتري گهڻي دولت اوتري گهڻي بک“ اهو مثال ان ڪري ڏيان ٿو جو هڪ دفعي مان پنهنجي والد صاحب سان گڏ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي سان حسبِ دستور عيد ملڻ لاءِ ويس، ٻي مخلوق به گهڻي هئي، اتي خان بهادر محمد ايوب کهڙو پنهنجي وڏي فرزند شاهه محمد پاشا سان گڏ ويٺو هو. حال احوال اوريندي خان بهادر کهڙي مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي کي چيو ته شاهه محمد منهنجو فرزند ٺيڪيداري ٿو ڪري ۽ واپڊا ۾ سم نالي جا ٺيڪا کڻڻ چاهي ٿو، توهان مهرباني ڪري شاهه محمد پاشا جي سفارش ڪريو ته ان کي سم نالن جو ٺيڪو ملي. ڀٽي صاحب کلي چيس ته توهان بزرگ هلي آيا آهيو ته مان واسطيدار آفيسر کي چوان ٿو، پر مون کي منهنجي والد سر شاهنواز ڀٽي توهان ڏي ڪنهن جائز ڪم لاءِ موڪليو هو. توهان ان وقت 1947ع ۾ سنڌ جا چيف منسٽر (وزيراعليٰ) هئا، توهان اسان جو ڪم ڪو نه ڪيو هيو، پر مان توهان جو ڪم ڪندس.
اها ڳالهه منهنجي سامهون ٿي هئي، تنهن ڪري مون رٽرننگ آفيسر وٽ اهڙو اعتراض ڪيو ته شاهه محمد پاشا ٺيڪيدار آهي جنهن ڪري هي قومي اسيمبليءَ جو فارم نه ٿو ڀري سگهي، جنهن تي قاضي فضل الله مرحوم رٽرننگ آفيسر کي چيو ته شاهه محمد پاشا کهڙي ٽي چار سال اڳ ٺيڪيداري ڇڏي آهي، جنهن جو ليٽر ان وٽ موجود آهي، هاڻي هي ٺيڪيدار ڪونه آهي. مون رٽرننگ آفيسر کي چيو ته زباني ڳالهه ڪونه هلندي، جي اهڙو ڪو ليٽر آهي ته اهو پيش ڪيو وڃي. ڪرنل چيو ته اعتراض صحيح آهي توهان کي اڌ ڪلاڪ ڏيان ٿو ته اهو ليٽر کڻي اچو، پاشا کهڙو اڌ ڪلاڪ جي اندر گاڏي ۾ چڙهي گهران اهو ليٽر کڻي آيو. نامينيشن فارم بحال ٿيا پر افسوس جو اليڪشن ڪانه ٿي ۽ يارنهن سال مارشل لا هلي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي سياست ۾ اعليٰ تعليم يافته، تمام ذهين ۽ هوشيار ماڻهو هو. جيئن اڳ ذڪر ڪري چڪو آهيان ته هو 28 سالن جي ننڍي عمر ۾ جنرل اسڪندر مرزا ۽ جنرل ايوب خان جي دور ۾ وزير تجارت هو. وزير مقرر ٿيڻ کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽي کي جنرل اسڪندر مرزا ملڪ جي صدر ۽ سر ملڪ فيروز خان نون بين الاقوامي سامونڊي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندي طور موڪليو هو ۽ اها بين الاقوامي ڪانفرنس اقوام متحده جي رهنمائي هيٺ جنيوا ۾ منعقد ٿي هئي، جنهن ۾ سڄي دنيا جي ملڪن جا اعليٰ نمائندا ۽ وزير وفدن جي سربراهي ڪري شريڪ ٿيا هئا. جناب ذوالفقار علي ڀٽي ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي سامونڊي حدن، انهن جي جوڳي حفاظت، انهن جي نگهباني ۽ رکوالي لاءِ تمام گهڻو تحرڪ ورتو. سندس انگريزي ۾ ڪيل تقريرن دنيا جي آيل نمائندن کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ ڀُٽي صاحب جي علم، فهم، ڄاڻ ۽ انداز خطابت کان هو ڏاڍو متاثر ٿيا. سڄي دنيا جي اخبارن ۽ ليڊرن ڀٽي صاحب جي تقريرن جي ڏاڍي تعريف ڪئي، جڏهن بين الاقوامي ڪانفرنس گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو، ته ان جي جاري ٿيڻ سان ڀٽي صاحب جو مان ۽ مرتبو پاڪستان ۽ ٻاهرين دنيا ۾ اڃا به وڌي ويو. ان ڪانفرنس جي منعقد ٿيڻ کان پوءِ چند مهينن جي اندر 7 آڪٽوبر 1958 تي جنرل اسڪندر مرزا، جنرل محمد ايوب ڪمانڊر ان چيف سان ملي ڪري پاڪستان ۾ مارشل لا نافذ ڪئي. پارليامينٽ کي ختم ڪيو ويو ۽ ملڪ فيروز خان نون جي سول حڪومت کي به ختم ڪيو ويو. صوبن ۾ مغربي توڙي مشرقي پاڪستان ۾ اسيمبليون ۽ سول حڪومتون ختم ڪيون ويون. مغربي پاڪستان ۾ نواب مظفر علي قزلباش پڻ صوبي جو وزيراعليٰ هو ۽ اوڀر پاڪستان ۾ مولوي فضل الحق شير بنگال جو نمائندو مسٽر ابوالحسن وزيراعليٰ هو. جنرل اسڪندر مرزا ۽ جنرل ايوب جو ساٿ صرف چند هفتا هليو، جيئن مشهور آهي ته، ”ٻه شينهن ٻيلي ۾ رهي نه سگهندا آهن يا ٻه تلوارون هڪ مياڻ ۾ نه رهي سگهنديون آهن.“ تيئن رساڪشيءَ ۾ جنرل ايوب فوج جي حمايت جي ڪري اسڪندر مرزا تي حاوي ٿي ويو ۽ هن کان زبردستيءَ استعيفا وٺي، سندس اهليه بيگم ناهيد اسڪندر مرزا سميت، رات جي پيٽ ۾ هوائي جهاز ۾ سوار ڪري کيس ٻه ڏينهن ڪوئيٽا ۾ نظر بند رکيو ويو ۽ پوءِ ملڪ بدر ڪيو ويو. جڏهن ته سندس گهرواري کي به زبردستي ملڪ بدر ڪيو ويو، جنهن سبب اسڪندر مرزا لنڊن ۾ رهڻ لڳو ۽ پنهنجي گذرسفر لاءِ هڪ هوٽل ۾ مئنيجر طور ملازم رهي، باقي زندگي گذاري، ان جو اتي ئي انتقال ٿيو. جنرل ايوب هن کي پاڪستان ۾ دفن ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني ۽ بيگم ناهيد اسڪندر مرزا پنهنجي ايراني نسل هئڻ جي ڪري شهنشاهه ايران تي اسر رسوخ هلائي، جنرل اسڪندر مرزا جي ميت کي مشهد مقدس ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو.
خان بهادر احمد خان ڀٽي وٽ، جنرل ايوب ڪمانڊر ان چيف جي حيثيت ۾ تمام گهڻا دفعا سندس شڪار گاهه ۾ شڪار ڪيو هيو ۽ ان جي مهماني به کاڌي هئائين. جنرل ايوب سان ان جا ذاتي تعلقات هئا ۽ ڀُٽو صاحب، جيئن مان اڳ به ذڪر ڪري چڪو آهيان ته اعليٰ تعليم يافته، ذهين ۽ هوشيار هو، پر ان جا اوائلي (شروعاتي) ڏينهن هيا ۽ هن جو پورو اثر رسوخ اڃا پيدا ڪونه ٿيو هو. خان بهادر احمد خان ڀٽي اهو سمجهيو ته جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وزارت ۾ نه ايندو ته سنڌ ۽ پاڪستان کي وڏو نقصان پهچندو. هن جنرل ايوب سان ملي ان کي مطمئن ڪري، ذوالفقار علي ڀٽي مرحوم کي جنرل ايوب جي ڪابينه ۾ کڻايو. ذوالفقار علي ڀٽي بعد ۾ سياست ۾ پنهنجا جوهر ۽ ڪرشما ڏيکاريا؛ وزير ٿيو، وزيراعظم ٿيو ۽ صدر ٿيو. هت ايڏي تفصيل ڏيڻ جو مقصد صرف اهو ٻڌائڻ آهي ته رتوديرو حلقو رڳو ممتاز علي ڀٽي صاحب لاءِ مخصوص نه رهيو آهي، پر رتوديرو ڀٽن جي گڏيل اثر رسوخ وارو علائقو آهي، ڪنهن جو شخصي يا اباڻو مخصوص حلقو نه آهي.
1988 جي اليڪشن جي ميمبرن ۽ انهن جي انتخابي نشانن جي حتمي لسٽ شايع ٿي، جنهن ۾ مسٽر ممتاز علي خان ڀٽو سنڌ نيشنل فرنٽ پاران مٽڪي جي انتخابي نشان تي اميدوار ٿي بيٺو ۽ هي بندو پيپلزپارٽيءَ پاران تير جي نشان تي اميدوار ٿي بيٺو. اليڪشن جو چوٻول شروع ٿي ويو، گهر گهر وڃڻ شروع ٿيو، وڏا جلسا ۽ جلوس نڪرڻ شروع ٿي ويا، اليڪشن مهم هلندي، ڪرنل فرخ، پني عاقل ڪنٽومينٽ جي آفيسر، مون کي انسپيڪشن بنگلي رتيديري ۾ گهرايو ۽ مون کان اليڪشن بابت سوال جواب ڪيا. ويهڻ سان ئي مون کي چيائين ته توهان جو مخالف اميدوار مسٽر ممتاز علي ڀٽو سابق گورنر، وزيراعليٰ ۽ وفاقي وزير به رهي چڪو آهي ۽ تمام گهڻي اثر رسوخ وارو ماڻهو آهي.
هُو هلندي پڄندي ۽ زور بار ۾ به توهان کان گهڻو آهي. بظاهر ته ڄڻ ڪو به مقابلو نه آهي، توهان ڪهڙي آسري ۽ اميد تي اليڪشن وڙهي رهيا آهيو؟ مون کيس جواب ڏنو ته جيڪي توهان فرمايو آهي صحيح آهي، پر مان به علائقي جو ماڻهو آهيان ۽ صاف سٿري سياست ڪئي اٿم، ان کان وڌيڪ ته پيپلزپارٽي جي پاران تير جي نشان تي اليڪشن وڙهي رهيو آهيان. منهنجي ذاتي حيثيت ممتاز علي ڀٽي جي مقابلي ۾ برابر گهٽ آهي، پر جيڪڏهن توهان مون کي ڪمزور ڪرڻ يا هيسائي، دلبرداشته ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ حقيقي اختياريءَ وارن جو جيڪڏهن ممتاز علي خان کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرائڻ جو پروگرام آهي ته مان محترمه بينظير ڀٽو سان ملي ان کي ٻڌايان ٿو ته خاڪي ورديءَ وارن جو هي رويو آهي. توهان چاهيو ٿا ته مان اليڪشن تان هٿ کڻان ۽ ممتاز علي خان آسانيءَ سان ڪامياب ٿئي. هن مون کان پڇيو ته اليڪشن ٿئي ته نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ مون چيومانس ته جيڪڏهن اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي، سرڪار ضابطو نه رکيو ۽ پولنگ اسٽيشن تي قبضو ڪري، زبردستي ڪوڙا ٺپا هڻي، اليڪشن پوري ٿي ته ممتاز علي ڀٽو پنهنجي طاقت ۽ ڏاڍ سان مون کان ٽيهه هزار ووٽ وڌيڪ کڻي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن فوج ۽ پوليس امن امان رکي، صحيح نموني اليڪشن ڪرائي، ڌانڌلي نه ٿئي ۽ طاقتور اميدوار کي پنهنجي مرضيءَ تي ووٽ وجهڻ جي اجازت نه ملي، سڄو مرحلو ايمانداري، انصاف ۽ صاف سٿرائيءَ سان هليو ته مان ٽن کان چار هزار ووٽن جي فرق تي اليڪشن کٽندس. مون کي ڪرنل فرخ چيو ته مون توهان جي همٿ پي چڪاسي ته توهان ۾ همٿ ڪيتري آهي، توهان مقابلو ڪرڻ چاهيو ٿا يا نه؟ توهان محترمه بينظير ڀٽو کي شڪايت نه ڪيو، اسان اليڪشن صاف سٿري ڪرائينداسين، ڪنهن کي به مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه هوندي ۽ نتيجو توهان پاڻ ڏسندو.

سنڌ اسيمبليءَ سرڪاري ملازمن جي سگا جي ميمبر ٿيڻ تي مڙهيل پابندي ختم ڪئي

PS-30 تي 68 پولنگ اسٽيشنون هيون، جنهن ۾ رتوديرو تعلقو ۽ ميروخان تعلقي جي سجاول سرڪل هئي. حسب دستور هر اميدوار پنهنجي ورڪرن سان ۽ سڄڻن سان بذات خود پولنگ اسٽيشنون گهمندو آهي. جنهن ڏينهن پولنگ شروع ٿي ته ممتاز علي ڀٽو پنهنجي بنگلي مان نڪري پولنگ اسٽيشن ميرپور ڀٽي تي آيو ته رستي ۾ باب نواب نبي بخش ڀٽو وٽ هڪ فوجين سان ڀريل ٽرڪ ۽ هڪ جيپ, جنهن ۾ هڪ آفيسر ۽ مسلح سپاهي هيا, اهي به گڏجي ممتاز علي ڀٽي سان ميرپور ڀٽو پولنگ اسٽيشن تي آيا ۽ پهچڻ سان ئي پولنگ اسٽاف کي فوجين هڪل ڪري چيو ته اليڪشن آزاد ٿيندي، ڪابه ڌانڌلي يا بدنظمي نه ٿيندي, جيڪو خلاف ورزي ڪندو ان کي وڻ ۾ ٽنگينداسين ۽ سخت ڪارروائي ڪنداسين. هر پولنگ اسٽيشن تي جتي جتي ممتاز علي ڀٽو ويو، ان سان هڪ فوجي جيپ ۽ هڪ ٽرڪ گڏ هئي. 68 ئي پولنگ اسٽيشنن کي وائرليس ذريعي هڪ ٻئي سان ملايو ويو هو ۽ انهن سڀني جو رابطو رتوديرو هيڊڪوارٽر سان هيو. نئين ديري شهر جون حسب دستور مان به پولنگ اسٽيشنون گهميس. هڪ پولنگ اسٽيشن گهمندي هڪ ٻئي سان دعا سلام ٿي، خوش خير آفيت کان پوءِ ممتاز علي ڀٽو اڳتي وڌي ويو ۽ مان ٻئي پاسي ويس ته ممتاز صاحب جي هڪ ٻن ماڻهن اسان کي ڏسي رڙ ڪري چيو ته اليڪشن شروع ٿي وئي آهي ۽ مخالف جي منهن تان ڄڻ هاڻي ئي مٽي ٿي ڇڻي. اهو هنن طنزيه طور چيو هو. منهنجي ساٿين کين ايترو چيو ته انتظار ڪيو، اليڪشن ٿي وڃي، نتيجو اچي پوءِ ڏسنداسين ڪنهن جي منهن تان مٽي ٿي ڇڻي.
ڪرنل فرخ جي هدايت تي پولنگ اسٽيشنن تي پوليس ۽ فوجي جوانن جو انگ وڌايو ويو. ممتاز علي ڀٽي ايڏو سخت انتظام ڏٺو، جتي هڪڙو به جعلي ووٽ ڪونه هلي سگهيو. بظاهر نتيجو اکين سان ڏسي تڪ جي پوري چڪر کان اڳ ۾ ئي وڃي پنهنجي بنگلي تي آرامي ٿيو. سجاول سرڪل جو نتيجو پوءِ آيو. ڇو ته اهو پري آهي ۽ ان جو ڪجهه حصو تعلقي ڳڙهي خيرو ۽ تعلقي شهدادڪوٽ سان ملي ٿو. اهو نتيجو جڏهن رٽرننگ آفيسر وٽ پهتو ته هن رات جو ڏهين يارهين بجي غيرسرڪاري نتيجو ظاهر ڪيو. مون ٽي هزار ووٽن جي فرق تي ڪاميابي ماڻي. BBC ۽ پاڪستان جي ٻين نشرياتي ادارن پنهنجي تبصري ۾ چيو ته رتوديرو تڪ PS-30 تي، جيڪو وڏي مقابلي وارو هيو، جتي اڳوڻي گورنر ۽ چيف منسٽر کي، پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي بيٺل مڊل ڪلاس وڪيل جي هٿان شڪست ٿي آهي، اهو هڪ اهڙو مقابلو هيو جيڪو تاريخ جو هڪ باب آهي. رتيديري کان نئين ديري، نئين ديري کان لاڙڪاڻي روڊ تي پيپلزپارٽيءَ جي جيالن ۽ ورڪرن جوش ۽ خوشي ۾ ايترا ته مٽ ڀڳا جو انهن روڊن تي هر طرف مٽ ئي مٽ نظر پئي آيا. اهو ئي سبب آهي جو ممتاز علي ڀٽي سان (نه چاهيندي) به مقابلو ٿيو، ڇا لاءِ ته مون جيئن اڳ ذڪر ڪيو ته بينظير ڀٽو سان پاڻ نه ٺهيو، ضد ڪري بيٺو ۽ اليڪشن ۾ اهڙيون ته ڏکوئيندڙ تقريرون ڪيائين جو محترمه بينظير ڀٽو ۽ محترمه نصرت ڀٽو کي به نه بخشيائين.جنهن جو ماڻهن تمام برو اثر ورتو، اها حالت حقيقت ۾ ڄڻ منهنجي لاءِ ورڪ هئي. وري سون تي سهاڳ اهو ته رتيديري شهر ۾ ممتاز علي ڀٽي وڏو جلسو ڪرايو جنهن ۾ مرحوم جي ايم سيد صاحب پاڻ ممتاز علي ڀٽو ۽ مرحوم حفيظ قريشي جيڪو مرحوم سائين جي ايم جو ساٿي هيو. هن به خطاب ڪيو ۽ جوش خطابت ۾ هنن به مرحوم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، محترمه نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو تي بيجا تنقيد ڪئي ته ماڻهن جلسي ۾ ئي گوڙ شور ڪري ڏنو. جيئي ڀٽو جيئي ڀٽو جا نعرا هڻي جلسي مان اُٿي هليا ويا. اهو جلسو ڄڻ ممتاز علي خان ڀٽي جي ڪاميابيءَ جي ابتڙ ناڪاميءَ واري فضا ۾ تبديل ٿي ويو ۽ سندس ناڪاميءَ کان پوءِ نتيجو ظاهر آهي بينظير ڀٽو جي حق ۾ آيو.
اسيمبليءَ جي ميمبر جي حيثيت ۾ قسم کڻڻ کان پوءِ اجلاس شروع ٿي ويا ۽ سيد قائم علي شاهه کي محترمه بينظير ڀٽو جي خواهش مطابق وزيراعليٰ منتخب ڪيو ويو، جنهن پنهنجي ڪابينه تشڪيل ڏني ۽ MQM سان پيپلزپارٽي جو سياسي ٺاهه ٿيو، جنهن جي ڪري MQM به حڪومت ۾ شامل ٿي. الله تعاليٰ جي مهرباني سان MPAٿيڻ جي ڪري مون اهو فرض سمجهيو ته ٻه اکر پڙهيل آهيان ۽ جائز قانون سازيءَ ۾ بهرو وٺان، پرائيويٽ ميمبر ڊي تي اسيمبليءَ ۾ ميمبر صاحبن جا ريزوليشن ايندا آهن، جن تي بحث ٿيندو آهي ۽ اسيمبلي اهو ٺهراءُ پاس ڪندي آهي پوءِ ان ٺهراءَ تي عمل ٿيندو آهي. مون اڳ ۾ ئي محسوس ڪيو هو ته صوبي سنڌ ۾ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي، تنهن جي ڪري مون امداد محمد شاهه مرحوم، جيڪو ان وقت مخالف ڌر جو ليڊر هيو سان صلاح ڪئي، سائين عبدالله شاهه مرحوم، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر منتخب ٿيو هو. مون پهريون ريزوليشن سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ته آمر جنرل ضياءُالحق جي ڏينهن ۾ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (SGA)جي ميمبر ٿيڻ لاءِ سرڪاري ملازمن تي بندش وڌي وئي آهي. اهي (SGA) جا ميمبر نه ٿي سگهندا ۽ مارشل لا جي حڪم ۽ ڊپ جي ڪري سرڪاري ملازمن ميمبر ٿيڻ ڇڏي ڏنو آهي. عملي طرح سگا (SGA)، جيڪا هڪ خالص سماجي تنظيم آهي، جنهن سنڌ جي اندر روشن تارا اسڪول کولي ماڻهن جي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڏاڍي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪندي رهي ٿي، جنهن جي تعريف ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر غيرجانبدار ادارا ڪري رهيا آهن. تنهن ڪري ان تان اهڙي بندش هٽائي وڃي مون MQM جي ميمبر صاحبن سان به ڳالهايو ۽ انهن کي واضح ڪيو ته سگا (SGA) هڪ خالص سماجي تنظيم آهي جيڪا تعليم، صحت ۽ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهي آهي جنهن ڪري انهن شعبن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.
اسان جي صوبي سنڌ ۾ تعليم جو تناسب تمام گهٽ آهي، جيڪڏهن علم ۽ ادب ڄاڻندڙ سرڪاري ملازم (SGA) جا ميمبر نه ٿيندا ته اڻپڙهيل ٽولو يا عهديدار اها سماجي تنظيم نه هلائي سگهندا ۽ اها سماجي تنظيم بند ٿي ويندي، جيڪو اسان جو قومي نقصان آهي. سائين عبدالله شاهه اسپيڪر صاحب ان ٺهراءَ تي پرائيويٽ ميمبرز ڊي تي ايجنڊا ۾ آڻي بحث ڪرايو. مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اسيمبلي جي سڄي هال ۾ موجود ميمبرن بشمول MQM ۽ آزاد اميدوارن، ان جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ اسيمبلي اهو ٺهراءُ متفق طور تي پاس ڪيو ته، سرڪاري ملازمن لاءِ سگا جي ميمبر ٿيڻ تي جيڪا بندش پيل آهي، سا بنيادي انساني حقن، قانون ۽ آئين جي خلاف آهي. ان ٺهراءَ جي پاس ٿيڻ کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم جي حڪومت، اسيمبلي ۾ ٺهراءُ کي نظر ۾ رکندي ضياءُالحق جي پيل بندش به ختم ڪري ڇڏي، جنهن سبب سرڪاري ملازم جوش ۽ جذبي سان سگا (SGA) جا ميمبر ٿيا. ماشاءَالله سگا(SGA) هن وقت وڏي ترقي ڪئي آهي. تعليم، صحت ۽ سماجي ڪمن ۾ ڀرپرو حصو وٺي رهي آهي ۽ انهن شعبن ۾ خاصي ترقي به ڪئي آهي. چوندا آهن ته قوم زنده ٿي رهي، پر جي زبان زنده رهي. ريڊيو پاڪستان ۽ PTV جيڪو ان وقت صرف هڪڙو چينل هيو، انهن ٻنهي تي پنجويهه منٽ ٽائيم سنڌي ٻوليءَ لاءِ مخصوص ٿيل هو، جيڪا سراسر بي انصافي ۽ سنڌي ٻولي جي توهين جي برابر ڳالهه هئي. مون اها ڳالهه به محسوس ڪندي ٺهراءُ آندو ته پاڪستان کي ٺاهڻ ۾ پهريون ٺهراءُ سنڌ اسيمبليءَ پاس ڪيو هو، تنهن جي ڪري ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ سنڌ فراغ دلي ڪندي پنهنجون آفيسون ۽ وسيلا حڪومت پاڪستان کي ڏنا. ريڊيو پاڪستان جي ڪراچي ۾ بندر روڊ تي واقع جيڪا عمارت هن وقت قبضي ۾ آهي، اها عمارت به مرحوم سائين جي ايم سيد، سنڌ جي عظيم فرزند ۽ سپوت، جڏهن هو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو صدر هيو، ان وقت ۾ لوڪل بورڊ جي خرچ سان ٺهرائي هئي، جيڪا بعد ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي بلڊنگ طور استعمال ٿيندي پئي اچي.

مون 1989ع ۾ قائم علي شاهه کي وڏ وزارت تان هٽائڻ جي مخالفت ڪئي

مون MQM جي ميمبر صاحبان کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائي ته سنڌي ٻوليءَ جي ريڊيو ۽ TV تي ٽائيم وڌائڻ سان اردو ٻوليءَ، جيڪا اسان جي قومي ٻولي آهي، تي ڪو به اثر نه پوندو ۽ نه ئي ان جو وقت گھٽائبو، پر گھر اها ڪبي ته سنڌي ٻوليءَ کي ريڊيو ۽ ٽي وي تي پنجويهه منٽن کان وڌائي ٽائيم ڏنو وڃي ته جيئن سنڌ جا ماڻهو ٻڌي خوش ٿين ۽ انگريزي ٻوليءَ جو پروگرام، جنهن جو وقت ڪلاڪن ۾ آهي ان کي گھٽايو وڃي. سنڌي ٻوليءَ کي گھڻو وقت ڏنو وڃي. MQM جي دوستن اها راءِ مڃي، متفقه طور تي اهو ٺهراءُ پاس ٿيو ته سنڌي ٻوليءَ جو ٽائيم وڌايو وڃي ۽ ان ٺهراءَ تي عمل جي ڪري سنڌي ٻوليءَ کي ريڊيو ۽ ٽي وي تي وڌيڪ ٽائيم ڏنو ويو. ان کان سواءِ سرڪاري قانون سازيءَ ۾ وڪيل هجڻ جي ناتي تمام گھڻو اثرائتو بهرو ورتم. ان کان سواءِ سوال جواب، جيڪي مختلف کاتن کان اسيمبليءَ جي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائبا آهن ۽ اسيمبلي مان اهي سوال واسطيدار کاتن ڏي جواب لاءِ موڪليندا آهن، اُهي سوال جواب وري پريس ۾ ڇپجي اجلاس هلندي مقرر ڏينهن ۾ ميمبرن ۾ ورهائبا آهن ته ميمبر اهي پڙهن ۽ ضمني سوال واسطيدار وزيرن کان ڪن ته جيئن وزيرن جي ڪارڪردگيءَ جي خبر پوي ۽ سنڌ گورنمنٽ جي اهليت جي پريس ۽ ميڊيا جي وسيلي سنڌ صوبي جي ماڻهن کي خبر پوي ته حڪومت ڀلائيءَ جا ڪهڙا ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ اسيمبليءَ جو رڪارڊ هن ڳالهه جو شاهد آهي ته لڳ ڀڳ پنجاهه سيڪڙي کان وڌيڪ هن خاڪسار جا لکت ۾ ٺهراءَ، سوال جواب ۽ قانون سازيءَ ۾ تجويزون ۽ ترميمون هونديون هيون، جنهن لاءِ اسيمبليءَ جو رڪارڊ شاهد آهي. ترقياتي ڪمن ڪرائڻ لاءِ سنڌ گورنمينٽ جو ڊولپمنٽ ۽ پلاننگ جو الڳ کاتو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ترقياتي پروگرام شامل هوندا آهن جن جي تحت ميمبرن پاران پنهنجي تڪ جون اسڪيمون، جن ۾ روڊ، اسڪول، هيلٿ سينٽر، بجلي ۽ آبپاشي جي نظام جي بهتريءَ لاءِ تجويزون ڏنيون وينديون آهن. ڊولپمنٽ اينڊ پلاننگ جو وزير مسٽر افضال حنيف اعليٰ تعليم يافته چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ۽ بغير تعصب جي نئون وزير MQM جي پاران هيو ۽ وري ڊولپمنٽ اينڊ پلاننگ جو ايڊيشنل سيڪريٽري مسٽر فضل الله قريشي ڄاتل سڃاتل ايماندار اهل ۽ پنهنجي ڪم ۾ ماهر، صحيح قوم پرست سيڪريٽري هيو. مون گھڻي ۾ گھڻيون اسڪيمون ADP مان منظور ڪرايون ۽ مان دعويٰ سان چوان ٿو ته رتوديرو تعلقو ۽ سجاول سرڪل جون تمام گھڻيون ترقياتي اسڪيمون بحال ٿيون. ڳوٺن ۾ روڊ رستا، اسڪول، صحت جا مرڪز ۽ بجلي جون سهولتون مهيا ڪيو ويون. سائين قائم علي شاهه جي وزارت عظميٰ تيرنهن چوڏهن مهينا هلي، ان وچ ۾ پارٽي قيادت، سنڌ جي وڏي وزير کي تبديل ڪرڻ جو ذهن ٺاهي ڇڏيو. محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم، بلاول هائوس ۾ ڊويزن جي ترتيب سان صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن کي گھرايو جن ۾ قائم علي شاهه جي ڪيبينيٽ جا وزير به شامل هيا. سڀني ماڻهن ترتيبوار محترمه کي چيو ته قائم علي شاهه کي وزارتِ اعليٰ تان لاهيو. شاهه صاحب ڪمزور آهي. ڪم ڪار ڪو نه ٿا ٿين، جنهن ڪري ان کي وڏ وزارت تان لاهڻ تمام ضروري آهي. ميمبرن صاحبن کي اڳي ئي خبر پئجي چڪي هئي ته شاهه صاحب وڃڻ وارو آهي. هونئن به چوندا آهن ته ڪِرئي جو الله کان سواءِ ڪو به نه هوندو آهي. محترمه مون کان پڇيو ته توهان جو ڇا خيال آهي؟ مون چيو مانس ته پارٽيءَ جي مفاد کي ڏسي توهان کي راءِ ڏبي ۽ هروڀرو قائم علي شاهه کي هيڻو سمجھي ان تي حملا ڪو نه ڪبا. مون کيس چيو هينئر شاهه صاحب کي لاهڻ پارٽيءَ جي لاءِ سود مند نه ٿيندو، مون محترمه کي ٻڌايو ته حڪومت پاڪستان بينظير ڀٽو صاحبه جي حڪومت جسٽس سليم اختر جي سربراهيءَ ۾ هڪڙي ڪميشن جوڙي آهي، جنهن کي اهو ٻڌائڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي ته آيا سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي يا نه؟ ۽ سنڌ حڪومت امن امان رکڻ ۾ ڇو ناڪام وئي؟ دستوري حالتن ۾ قانون جي پاسداري ٿي رهي آهي يا نه؟ مون کيس اهو به ورجايو ته مخالف ڌر جو اهو پڻ الزام ۽ خواهش آهي ته سنڌ حڪومت ڊهي ۽ توهان پاڻ ان ڪميشن جي رپورٽ اچڻ کان اڳ ئي حڪومت کي ڊاهيو ٿا ته توهان انهن جي الزامن جي تصديق ڪيو ٿا. جيڪڏهن هاڻي توهان سنڌ حڪومت کي ڊاهيو ٿا ته پوءِ ڇهن مهينن جي اندر هيٺيون ۽ مٿيون سڀ حڪومتون ڊاٺيون وينديون، ڇو ته ان وچ ۾ مرحوم ڄام صادق علي لنڊن کان واپس آيو هو ۽ محترمه ان کي پنهنجو ايڊوائيزر ڪري اسلام آباد ۾ رکيو هو. اسلام آباد ۾ هيڊ ڪواٽر هجڻ جي ڪري ڄام صادق جا صدر غلام اسحاق خان ۽ اعليٰ حاڪمن (خاڪي ورديءَ وارن ) سان گھرا تعلقات هئا. حيدرآباد قلعي جي پوليس آپريشن کي به، جتان غير قانوني هٿيار هٿ ٿيڻا هئا، جنرل اسلم بيگ جي هدايت تي وزيراعظم جي پڇڻ کانسواءِ بند ڪيو ويو هو. آخر اهوئي ٿيو جنهن جو خدشو هيو. قائم علي شاهه صاحب کي هٽائي محترمه آفتاب شعبان ميراڻي کي سنڌ جو وڏو وزير ڪري رکيو جيڪو محترمه جي اعتماد وارو ماڻهو هيو، تنهن جي ڪري کيس وزيراعليٰ ڪري رکيو ويو هو پر پورن ڇهن مهينن کان پوءِ ٽوٽل ويهه مهينا محترمه جي حڪومت هلي. مرڪز ۽ صوبن ۾ حڪومتون ڊاهي ڪيئر ٽيڪر سيٽ اپ آندو ويو. مرڪز ۾ غلام مصطفي جتوئي کي وزيراعظم ڪري رکيو ويو ۽ سنڌ ۾ ڄام صادق علي کي وڏو وزير ڪري رکيو ويو.
محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي تڪ ۾ ترقياتي ڪمن ڪرائڻ جو ڏاڍو شوق هيو. ايشين ڊولپمنٽ بئنڪ کان روڊن ۽ پلين ٺاهڻ لاءِ پئسه آيا هئا، جنهن جي لاءِ مونکي حڪم ڪيائين ته اسڪيمون ڏيو ته جيئن منهنجي تڪ جي ماڻهن کي فائدو ملي. مون هيٺ ذڪر ڪيل اسڪيمون ڏنيون جيڪي پوريون ٿيون ۽ هن وقت به ماڻهو انهن اسيڪمن مان فائدو وٺي رهيا آهن.
پهرئين اسڪيم جمع اگھم کان وسايو ڀٽو وايا غلام حسين هڪڙو وارو روڊ، جيڪو پندرنهن ڪلو ميٽر آهي. ان رستي تان گاڏي يا جيپ ته ٺهيو پر پيدل هلڻ به مشڪل هيو، پر هاڻي ان تي هر قسم جي ٽريفڪ هلي رهي آهي.
ٻيو سالار ڀٽي کان لاڙڪاڻو سکر روڊ تي ڀٽا ڳوٺ تائين رستو پڪو ڪرڻ. هن رستي تي وارهه بئراج تي پل به ٺاهڻي هئي، اها به ٺهي جنهن مان ماڻهن کي تمام گھڻو سک آهي، جيڪو رستو ڏهه ڪلوميٽر هيو.
ٽيون ڳوٺ ڳڙهي خدابخش کان لاڙڪاڻو نئون ديرو روڊ لڳ ڳوٺ ڪيهر وايا سهراب ماڇي، متافي، سيدو ديرو ۽ رائس ڪينال تي وڏي پل به ٺهڻي هئي، هيءُ چوڏنهن ڪلوميٽرن جو رستو آهي؛ ان علائقي ۾ رستو ڪو نه هيو، ماڻهن کي اچڻ وڃڻ ۾ ڏکيائي هئي ۽ کين زرعي پيدائش شهر ڏانهن موڪلڻ ۾ تڪليف ٿيندي هئي.
چوٿون ميرو خان کان ڇٽو مستوئي تائين ۽ ميرو خان کان ڪوٽ لاهوري تائين ٽوٽل ڇويهه ڪلوميٽرن جو رستو آهي، جنهن تمام گھڻو فائدو ماڻهن کي پهچايو آهي. ماڻهو محترمه کي دعائون ڏيندا آهن.

قصو امداد الله انڙ کي بحال ڪرائڻ جو

مارشل لاء اختيارين محترم ذولفقار علي ڀٽي تي نه صرف نواب محمد احمد جو قتل ڪيس شروع ڪرائي ان کي جيل ۾ وڌو پر سلطاني گواهه مسعود محمود جي ڪمزور شاهدي تي کيس ڦاسيءَ جي سزا به ڏني وئي، جيڪو دنيا جي فوجداري ڪيسن ۾ هڪ بنيادي نظير (مثال) آهي ته ڪيئن عظيم ليڊر کي فوجي جنتا جي چوڻ تي ججن ڦاسيءَ چاڙهيو. اهڙي نموني ۾ ڇهن حرن جي خون جي ڪيس ۾ ضياءُالحق حڪومت ڀٽي صاحب کي ڦاسائڻ لاءِ ڪوڙيون شاهديون ڪٺيون ڪيون ۽ مرحوم امداد الله انڙ لاڙڪاڻي جي PCS پاس بهادر ۽ ايماندار آفيسر کي گرفتار ڪري، ان کي مجبور ڪيو ويو ۽ پڻ لالچائيو ويو ته مسعود محمود وانگر سلطاني گواهه ٿئي ۽ ڪوڙي شاهدي ڏئي ته اهي ڇهه حر ڀٽي صاحب جي حڪم تي مارايا ويا هئا. امداد الله انڙ انهن حرن جي مرڻ وقت سانگھڙ ۾ ڊپٽي ڪمشنر هيو ۽ اتفاق سان مرحوم ذولفقار علي ڀٽو ڪنهن سرڪاري دوري تي حيدرآباد ۾ آيل هيو.
وزيراعظم جي مومينٽ جو تفصيل FIA هٿ ڪيو ۽ امداد الله کي چيائون ته تون صرف هڪ صفحي جو بيان ڏي ته وزيراعظم ڀٽي صاحب، حيدرآباد جي دوري دوران مونکي گھرائي حڪم ڏنو هو ته انهن کي ماريو ۽ سانگھڙ ۽ حيدرآباد جي روڊ جو مفاصلو ٻه اڍائي ڪلاڪ آهي. شاهديءَ جي ڪڙي FIA وارن چيو ته اسان ملائينداسين، تون صرف هڪ صفحي جو بيان ڏي ته تو کي سلطاني گواهه ٺاهي ڪيس هڻي ڇڏيونس، توکي ترقي ڏياري ڪمشنر به ڪرايون. امداد الله انڙ بهادري ڏيکاريندي تاريخ ۾ پاڻ کي زنده رکي FIA وارن کي جواب ڏنو ته انهن خونن بابت ڀٽي صاحب کي ته خبر به ڪو نه هئي ۽ مان BA LLB ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪوڙو حلف کڻي سلطاني گواهه ٿي ڪوڙي شاهدي نه ڏيندس، ڀلي توهان مونکي سزا ڏياريو ۽ پوءِ امدادالله انڙ واقعي ٽي سال خون جي ڪيس ۾ زير سماعت هلندڙ ڪيسن ۾ قيدي ٿي رهيو. ان وقت جي سيشن جج، امداد الله انڙ ۽ غلام شبير ڪليار کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني ۽ ٻين جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ڏني. سرڪار جي پاران سرڪاري وڪيل مسٽر عزيز الله شيخ بئريسٽر پراسيڪيوٽر رهيو ۽ امداد الله انڙ جو عبدالستار شيخ مرحوم وڪيل هيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اپيل ۾ هاءِ ڪورٽ موت جي سزا ختم ڪئي PPC-201 ۾ شاهديءَ کي گھٽ وڌ ۽ ختم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٻه يا ٽي سال سزا ڏني، جنهن جي خلاف امدادالله انڙ پنهنجي خرچ سان مسٽر يحيٰ بختيار کي وڪيل ڪيو، جيڪو سپريم ڪورٽ جو وڪيل هو ۽ جيڪو ڳري في وٺڻ کان علاوه هر حاضريءَ تي هلڻ لاءِ پنج هزار وٺندو هو. سپريم ڪورٽ اپيل بحال ڪئي ۽ ٻه ٽي سال جيڪا سزا هاءِ ڪورٽ ڏني هئي اها به ختم ڪري، سڀني الزامن مان کيس باعزت بري ڪيو.
قانون آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سرڪاري ملازم کي ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيڻ تي سڀ مراعتون ملنديون آهن ۽ ڊيوٽيءَ تي بحال ٿيندو آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته امداد صاحب جي ايڏي وڏي قرباني ڏيڻ کانپوءِ به حڪومت سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه هن جي نوڪري بحال ڪرڻ جو ڪو به حڪم نامو جاري نه ڪيو. آخر مجبور ٿي مونکي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو کي امداد الله انڙ جي باري ۾ عرض ڪرڻو پيو. هڪ درخواست قائم علي شاهه متعلق، پنهنجي ميٽنگ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ مون ڪڍي محترمه کي ڏني، جنهن پڙهي ۽ پوءِ مون ان کي اها سڄي پيرائتي ڳالهه ٻڌائي. محترمه جو پاس ڪيل آرڊر مون پاڻ وٽ رکيو ۽ بلاول هائوس کان نڪري ٻاهر آيس. سائين قائم علي شاهه مليو جنهن ڪافي ماڻهن جي روبرو بلاول هائوس ۾ اهو اعتراف ڪيو ته، مون توهان جو ڪڏهن به ڪم ڪو نه ڪيو آهي، تنهن هوندي به صرف توهان ئي منهنجي وزيراعلي طور حڪومت هلائڻ جي حمايت ڪئي. مون کيس جواب ڏنو ته هي ذاتي ڪم ڪار جو مسئلو نه آهي، مون پارٽيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ اها محترمه کي صلاح ڏني هئي. توهان تي ڪو به احسان ڪو نه آهي. وڌيڪ پڇيائين ته ٻيو ڪو ڪم ڪار؟ مون مرحوم امداد الله انڙ جي درخواست تي، محترمه جو حڪم لکيل کيس ڏيندي چيو ته هاڻي ٻڌايو ته توهان سان هن درخواست بنسبت ڪڏهن ملڻ اچان، توهان کي وزيراعليٰ جي عهدي تان لهڻ ۾ پندرنهن ويهه ڏينهن آهن؟ چيائين ته ٻن ڏينهن کانپوءِ CM هائوس اچجو. مسٽر امدادالله انڙ مرحوم ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه مرحوم، ميونسپال هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اسٽنٽ ماستر ٿي رهيا هيا، مونکي ذاتي طرح انهن سڀني ڳالهين جي خبر هئي. ٻن ڏينهن کانپوءِ مقرر وقت تي مان سائين قائم علي شاهه ڏانهن ويس، ان وقت سندس (چيف منسٽر) جو سيڪريٽري مسٽر علي محمد شيخ CSP آفيسر هيو، جيڪو هن وقت رٽائرڊ ٿيل آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ عزت جي زندگي گذاري رهيو آهي. مون کي شيخ صاحب چيو ته منهنجي تجربي ۾ توهان واحد MPA آهيو، جو هن مهل تائين ڪنهن به ذاتي ڪم لاءِ CM هائوس نه آيا آهيو، نه ئي ڪا درخواست ڏني اٿو ۽ هاڻي به مسٽر امداد الله انڙ جي ڪم سان آيا آهيو. شاهه صاحب آفيس ۾ ويٺو آهي، مان انٽر ڪام تي کيس ٻڌايان ٿو، حوالدار توهانکي وٺي هلي ٿو. مان شاهه صاحب جي آفيس ۾ اندر ويس، مرحوم ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو بدين وارو پيپلزپارٽيءَ جو جيالو ڪارڪن ان وقت وزير خزانا هيو. شاهه صاحب مونکي چيو ته اسين امداد الله کي نوڪري تي بحال ڪيون ٿا، ڇاڪاڻ ته چيف سيڪريٽري ان کي وڌيڪ مراعتون ۽ سينيارٽي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي آهي. مون چيومانس ته امداد الله انڙ جيڏي قرباني ڏني آهي، توهان وزيرن ۽ وڏن وزيرن به ڪو نه ڏني آهي. سخاوت ڏيکاريو، ماڻهوءَ جي ڪردار کي نظر ۾ رکي آرڊر ڪيو. ڪرسيون اچڻيون وڃڻيون آهن. مهرباني ڪري هن سمريءَ تي لکو ته هن کي سڀ مراعتون جهڙوڪ سينيارٽي، پگهار وغيره سڀ ڏنيون وڃن ۽ مونکي ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته منهنجي هيڏي تکي مٺي ڳالهائڻ کانپوءِ، شاهه صاحب امداد الله مرحوم کي چيف سيڪريٽري جي مخالفت هوندي به سڀ مراعتون ڏنيون، جن ۾ پگھار، سينيارٽي ۽ الائونس وغيره شامل هيا. صوبي جي چيف ايگزيڪيٽو سائين قائم علي شاهه جو آرڊر ڪيو آهي. مونکي سمري پڙهڻ لاءِ ڏنائين ته مون اها سمري پڙهي جنهن ۾ سروس ڊپارٽمنٽ اهو لکيو هو ته هن کي (امداد الله) کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آڌار تي بحال ڪيو وڃي ۽ سڀ مراعتون، پگھار ۽ سينيارٽي وغيره ڏنيون وڃن. چيف سيڪريٽري مرحوم عبدالڪريم لوڌيءَ صرف اهو لکيو ته، هن کي صرف بحال ڪيو وڃي ۽ شاه صاحب به ان سان متفق ٿيو ته ان کي صرف بحال ڪيو وڃي. مون سائين قائم علي شاهه کي چيو ته سائين منهنجا! هيءَ ڪهڙي چريائپ پاڻ ۾ وڌي اٿو؟ چيائين ته ڇا آهي؟ مون چيومانس ته مرحوم ڀٽي صاحب تي ڪوڙي شاهدي نه ڏيڻ تي جنهن ماڻهوءَ ٽن سالن کان وڌيڪ جيل ڪاٽيو، سيشن ڪورٽ مان ڦاسيءَ جي سزا کانپوءِ ڪيس لڙندي لڙندي ان کي سپريم ڪورٽ ڇڏيو آهي ۽ آرڊر به اوهان کي ڪرڻو هيو، چيف سيڪريٽري کي صرف سمري موڪلڻي هئي. بهرحال، وڏي تڪرار کانپوءِ مرحوم امداد الله انڙ سڀني مراعتن سان بحال ٿيو.
1988ع واري حڪومت جي ڊهڻ کانپوءِ محترمه حسبِ دستور پنهنجي تڪ ۾ ماڻهن سان ملڻ جلڻ جو سلسلو شروع ڪيو. لاڙڪاڻي پهچڻ کانپوءِ مون کي ياد ڪيائين ته توهان المرتضيٰ هائوس اچو، ان کانپوءِ محبوب جو ڳوٺ تعلقو ميرو خان ۾ جيڪو سردار ظفر علي سانگيءَ جو ڳوٺ آهي، اتي هلي ان سان تعزيت ڪرڻي آهي. مان مقرر وقت تي لاڙڪاڻي پهتس، محترمه سان ملاقات ٿي، جنهن مون کي حڪم ڪيو ته منهنجي گاڏيءَ ۾ ويهو ته هلون. منهنجي گاڏي ۽ پنج ڇهه ٻيون گاڏيون اسان سان گڏ هليون. سردار ظفر سانگيءَ سان تعزيت ٿي، ان سان ڪچهري ڪئي سين. سياسي حال احوال ڪري جڏهن موڪلائي اٿياسين ته مون کي چيائين ته مسٽر عبدالواحد سومري وٽ اڳ ۾هلڻو آهي. سردار ظفر علي سانگي پنهنجي قوم جو سردار، اعليٰ تعليم يافته، بهادر ۽ سياسي طور مضبوط ماڻهو آهي جتي بيهندو هو ته ڄڻ پهاڙ بيهي ويو ۽ واعدو ڪندو هو ته پاڙيندو هو. سانگين جا تمام گهڻا ووٽ لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ ۾ آهن ۽ اُهي اڪثر ڪري پيپلز پارٽيءَ کي ملندا آهن. چند سيڪڙو پير سائين پاڳاري جا مريد آهن، جيڪي پير صاحب جي چوڻ تي وٽ ڏيندا آهن. مسٽر عبدالواحد سومري جي بنگلي تي پهچڻ وقت پيپلز پارٽيءَ جي ورڪرن جو تمام وڏو انگ اڳ ۾ ئي موجود هو، جن سان محترمه ملاقات ڪئي ۽ انهن جي همٿ افزائي ڪيائين. ان کانپوءِ مسٽر عبدالواحد سومري جي چوڻ تي اندر مخصوص ڪمري ۾ محترمه ميٽنگ لاءِ هلي ويئي. ان ميٽنگ ۾ عبدالواحد سومرو، حاجي اعجاز علي جلباڻي، عاشق حسين ٻوسڻ، هڪ طرف ٿي ويٺا ٻئي طرف خاڪسار ۽ بيگم شمشاد جوکيو، ان وقت جي ايم پي اي بيگم رقيه خانم سومرو ۽ ميڊم ناهيد (محترمه جي سياسي سيڪريٽري) ويٺاسين.
ميٽنگ جي حال احوال ڏيڻ کان اڳ ۾ اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته مون پارٽي جي ڀلائيءَ ۽ ان جو پروگرام ماڻهن کي ٻڌائڻ ۽ ماڻهن کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ محترمه کي هڪڙو دورو رتيديري جو ڪرايو هو، جنهن دوران محترمه، عبدالحئي سناڻي وٽ هلي هئي. اسان سڀ وري محترمه سان هلياسين، جتي هڪ شاندار استقبال ٿيو هو. محترمه ڏاڍي خوش ٿي ۽ ڪامياب دوري کانپوءِ مون کي چيائين ته اهڙا ٻيا به دورا رکو. مون سنگت سان صلاح ڪئي ۽ طئي ڪيو ته وارث ڏنو ماڇي يونين ڪائونسل ۾ محترمه کي وٺي هلجي ۽ ٻوسڻن جي ڳوٺ ۾ وڏو جلسو ڪرائجي. عاشق حسين ٻوسڻ ۽ ٻيا دوست گڏجي محترمه کي دعوت ڏيڻ وياسين. عاشق حسين ٻوسڻ محترمه کي چيو ته رتيديري مان هلندي ٻه چار ڳوٺ آهن. اتي ماڻهو توهان جو استقبال ڪندا، توهان انهن کي خطاب ڪندا. انهن ڳوٺن جا رهواسي جهڙوڪ بروهين جو ڳوٺ، رتوديرو بئراج جي ڪپ تي ان کان بعد ڳوٺ ميهر ٻرڙو جنهن ۾ ٻرڙا، ميهر، چنڙ ۽ ٻيون ذاتيون رهنديون آهن. ان سان گڏوگڏ سيد ياسين شاهه جو ڳوٺ آهي.
وري پنجن منٽن جي مفاصلي تي ڳوٺ گل بيگ ڪوڏراڻي، ان کان بعد ڳوٺ بصرالدين کوسو، ڳوٺ بلوچ خان چانڊيو، ڳوٺ ڪمال خان چانڊيو، ڳوٺ وارث ڏنو ماڇي يونين ڪائونسل جو هيڊ ڪواٽر، ڳوٺ پائڙو، ڳوٺ ننڍا ٻوسڻ ۽ وڏا ٻوسڻ (جتي جلسو منعقد ٿيل هيو) محترمه جو رتيديري کان وڏن ٻوسڻ تائين پرجوش استقبال ٿيو، ماڻهن گل نڇاور ڪيا ۽ رتيديري کان وڏن ٻوسڻن تائين جيڪو مفاصلو اٺ ڏهه ڪلو ميٽر آهي، اهو سڄو روڊ ماڻهن سان ڀريل هو، جيڪي استقباليا بينر ۽ جهنڊا کڻي بيٺا هئا. اتي موجود ماڻهن ٻڌايو ته ذوالفقار علي ڀٽي کانپوءِ اهڙو هيءَ پهريون استقبال ٿيو آهي. جلسي گاهه ۾ نه صرف ٻوسڻ پر ان جي آس پاس جي ڳوٺن جا ماڻهو به شامل هئا. سوين شاميانا هڻي هڪ وڏو عاليشان پنڊال ٺاهيو ويو هو. جنهن ۾ محمد پور اوڍو ۽ وسايو ڀٽو، دودا پور ڳوٺ ۽ ان جي پسگردائي جا هزارين ماڻهو هيا. ڇاڪاڻ ته جيڪب آباد علائقو ٻوسڻ کي ويجھو آهي ۽ انهن جو وڻج واپار ٻوسڻن سان آهي. گھٽ ۾ گھٽ چار پنج سارين ڇڙڻ جا ڪارخانا ۽ بازاريون هت آهن، جتان هر شيءِ ملندي آهي ۽ انهن جو اگھه به مناسب هوندو آهي. رتيديري تعلقي ۽ رتيديري شهر کانسواءِ نئون ديرو وڏو واپاري مرڪز آهي. ان کانپوءِ بنگل ديرو لاشاري جا به چڱا مرڪز آهن. هت مان اهو ٻڌائڻ فرض ٿو سمجھان ته اهو علائقو ممتاز علي ڀٽو جي زير اثر رهيو آهي. ان علائقي ۾ سندس همدرد ۽ سڄڻ رهندا آهن. اتي وڏو ڪامياب جلسو ڪرائي اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ محترمه کي به ڏاڍي خوشي ٿي. مون جلسي ۾ ٻه چار منٽ ڳالهايو. عاشق حسين ٻوسڻ، نثار احمد کهڙي ۽ غلام مجتبي اسراڻ به ڳالهايو. محترمه آخر ۾ تمام مدلل ۽ پر اثر تقرير ڪئي، جنهن سان ڄڻ ته پيپلز پارٽي ۾ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ٿي ويو. حقيقت ۾ ان جلسي ممتاز علي خان ڀٽي جي اثر کي چڱو ڇيهو رسايو. جلسي گاهه ۾ جلسو پوري ٿيڻ کان اڳ مونکي محترمه سڏايو ۽ چيائين ته منهنجا مهمان ٿا اچن، مونکي لاڙڪاڻي وڃڻو آهي. هت جيڪي ماڻهو گڏ آهيو، توهان عاشق حسين ٻوسڻ جي ماني کائو، مان واپس وڃان ٿي، مون کيس عرض ڪيو ته عاشق حسين جي مانيءَ جي دعوت توهان قبول ڪئي، هن ويچاري هيترو انتظام ڪيو آهي، ماني تيار لڳي پئي آهي، توهان جو ماني کائڻ بغير وڃڻ مناسب نه رهندو ۽ سياسي طور ڌڪ لڳندو. ڪم وارن ماڻهن جي دل ڀڄي پوندي جلسي گاهه جي ماڻهن جي لاءِ به مانيءَ جو بندوبست ڪيو ويو هو. آخر گھڻي بحث مباحثي کانپوءِ محترمه اها ڳالهه قبول ڪئي ته مان مانيءَ واري جاءِ تي هلان ٿي، اتي صرف پاڻي پيئندس ڇو ته مونکي دير ٿي رهي آهي، لاڙڪاڻي ۾ منهنجا مهمان پهچي چڪا هوندا. خير وري به اها محترمه جي مهرباني جو عاشق حسين ٻوسڻ جي اوطاق تي هلي، پاڻي پيتائين ۽ بيٺي بيٺي موڪلايائين. اتي سڀني ماڻهن، منهنجي محترمه کي عرض ڪرڻ واري ڳالهه جي تعريف ڪئي ته جيڪڏهن توهان ضد نه ڪيو ها ۽ محترمه جلسه گاهه مان هلي وڃي ها ته اسان جي ڇا عزت رهجي وڃي ها! هن وقت به مان محترمه جي لاءِ بارگاه الاهيءَ ۾ دعاگو آهيان ته الله تعالي کيس جوارِ رحمت ۾ جڳهه ڏئي.
اڄ هڏ ڏوکي، همدرد، ڏک سور ٻڌڻ وارو رهبر اسان وٽ نه رهيو آهي. ٻڌائڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته اسان جهڙن مڊل ڪلاس ماڻهن کي به ترجيح ڏيندي هئي، جنهن ۾ هن عظيم ليڊر جي به عزت ٿيندي هئي ته اسان جي به عزت ٿيندي هئي. منهنجو اهو اصول هوندو هو ته هر اثررسوخ واري ماڻهوءَ کي محترمه سان ملائجي ۽ محترمه ان وٽ وڃي ته ان جي به عزت ٿئي. عاشق حسين ٻوسڻ ۽ عبدالعزيز سناڻي به پيپلز پارٽي جي پروگرام ۾ گھڻو متحرڪ ٿي ويا.
هاڻي اچون ٿا مرحوم عبدالواحد سومري جي اوطاق تي ٿيل ميٽنگ جي احوال تي؛ اتي ڳالهيون ڪندي مرحوم اعجاز علي خان جلباڻيءَ محترمه بينظير ڀٽو کي شڪايت ڪئي ته ديدار حسين شاهه MPA هجڻ جي حيثيت ۾ سندس ڪو به ڪم ڪار ڪو نه ڪيو آهي. نه ڪا نوڪري وٺي ڏني آهي، نه ڪا پرمٽ، نه ڪو پلاٽ. محترمه مون ڏانهن نهاري، مون کان پڇيو ته مون کيس عرض ڪيو ته اها حقيقت آهي ته مون هنن کي نه ڪا نوڪري ڏني آهي، نه ڪا پرمٽ ۽ نه ئي وري ڪو پلاٽ ڏنو آهي. اهي شيون منظور ڪرڻ وارا توهان آهيو، توهان جيڪڏهن انهن مان ڪا هڪڙي به شيءِ ڏني هجي، جيڪا مون پاڻ وٽ رکي هجي ۽ هنن کي نه ڏني آهي ته مان ڏوهي آهيان. محترمه مسڪرائي چيو ته اها حقيقت آهي ته مون توهان کي ڪجھه به نه ڏنو آهي ته، توهان هنن کي ڇا ڏيندؤ. محترمه اعجاز علي جلباڻي کي چيو ته توهان جي شڪايت جائز آهي پر مون ئي ديدار حسين شاهه کي ڪجھه نه ڏنو آهي ته توهان کي ڇا ڏئي. اتي مرحوم مسٽر عبدالواحد سومري به اها ڳالهه ڪئي ته اسان کي به ڪجھه نه مليو آهي جيڪا ڳالهه هن کي اتي ڪرڻي نه هئي. حلانڪه محترمه کي هر شيءِ جي چڱي طرح خبر هئي ته محترم شهيد ڀٽي جون، بيگم نصرت ڀٽو جون ۽ سندس سومري صاحب تي ۽ ان جي بيگم تي تمام وڏيون مهربانيون آهن. محترمه چيس ته سومرا صاحب توهان کي سٺيون نوڪريون به مليون آهن، پلاٽ ۽ پرمٽون به مليون آهن پوءِ به توهان شڪايت ٿا ڪيو جيڪا ڪرڻ نه گھرجي. هر انسان کي عزت نفس ٿيندي آهي ۽ هرورڪر چاهيندو آهي ته هن کي مناسب عزت وارو مقام هجي.
1987 جي بلدياتي انتخاب ۾ ڪن سببن جي ڪري مسٽر غلام شبير هَڪڙي، خان بهادر اگھم ۽ شاهنواز جتوئيءَ، لاشاري يونين ڪائونسل تي لوڪل بورڊ واري سيٽ تي منهنجي مخالفت ڪئي هئي، جنهن ۾ مونکي ناڪامي ٿي هئي. ان جو واحد سبب اهو هيو ته شاهنواز جتوئي مونکي ويجھو به هيو ۽ منهنجي اليڪشن ۾ مدد به ڪندو هو ۽ مان ان جا وڪيل جي حيثيت ۾ ڪيس وڙهندو هيس. ڪنهن ڪيس ۾ في ملندي هئي ته ڪنهن ۾ ڪا نه ملندي هئي.
هڪڙي دفعي شاهنواز جتوئي مون وٽ ڪنهن ڪم سان آيو، مونکي چيائين ته مهرباني ڪري هي ڪم ڪرائي ڏيو. مون چيو مانس ته توهان بنگل ديرو يونين ڪائونسل جي پيپلزپارٽي صدر عبدالصمد ڀٽي سان ملو ۽ ان کان لکرائي اچو يا ان کي وٺي اچو، پوءِ ئي ڪم ڪندس. جنهن تي چيائين ته ڪم ٿئي نه ٿئي مان عبدالصمد ڀٽي ڏي ڪو نه ويندس، هو نه ان ڏي ويو نه ئي ڪم ٿيو. اها ڳالهه ذهن ۾ رکي هن شبير هڪڙي، چيئرمين يونين ڪائونسل بنگل ديرو ۽ خان بهادر اگھم کي پاڻ سان ملائي هڪڙو طاقتور گروپ ٺاهيو. مسٽر ممتاز علي ڀٽي لاءِ انهن ٽنهي ڪم به شروع ڪيو. اليڪشن کان ڏهه ٻارنهن ڏينهن اڳ ٽئي ڄڻا شام جي ٽائيم ۾ مسٽر ممتاز علي ڀٽي سان ملڻ ويا. مسٽر ممتاز علي ڀٽو ڪاڏي ويل هيو. ٽئي اوطاق تي ويهي انتظار ڪرڻ لڳا، جڏهن ممتاز علي ڀٽو آيو، کيس سلام ڪيائون ته هن جواب ڏنو ته سڀاڻي ملنداسين، هاڻي مان وڃان ٿو آرام ڪرڻو آهي. شاهنواز جتوئي ڳالهائڻ جو تيز ۽ هوشيار ماڻهو آهي، جنهن کي چوندا ئي ڦاٽوڙو دهل آهيون. سو انهن ٻنهي کي چيائين ته وڏي ماڻهوءَ جي ڪڍ لڳا آهيو، جيڪو پنهنجي اوطاق ۾ ملي به ڪو نه ٿو، پري کان سلام ڪري هليو ٿو وڃي. توهان ۽ اسان ڪتي وانگر لور لور ڪندي، پڇ لڙڪائيندي ان جي ڪڍ ٿا لڳا وتون. هاڻي ته اڃا اليڪشن آهي پر اليڪشن کٽڻ کانپوءِ ملندو به ڪو نه. کين چيائين ته عقل جا انڌا نه ٿيو، هلو ته هلي سيد سان ٿا ملون، جيڪو ڀاڪر پائي ملندو ته سهي ۽ گڏ ويهاري حال احوال به وٺندو. اهو به اسان وانگر مڊل ڪلاس جو ماڻهو آهي، کيس ڪا به وڏائي، غرور ۽ تڪبر ڪو نه آهي. ايئن انهن کي وٺي اچي مون سان ملايائين، هڪ ٻئي سان ڏک سور ونڊياسين، حال احوال ڪري دل جو بخار ڪڍيو سين، پوءِ واعدو ڪيائون ته اليڪشن ۾ توهان جي دل وجان سان ڀرپور مدد ڪبي ۽ اهو ڪري به ڏيکاريائون. ٻئي ڏينهن تي انهن کي وٺي لاڙڪاڻي ۾ المرتضي هائوس ۾ محترمه جي انهن سان ملاقات ڪرائي. محترمه کي ٻڌايائون ته اسان توهان جي ۽ پيپلزپارٽي جي ۽ شاهه صاحب جي دل وجان سان مدد ڪنداسين اسان کي دعا ڪيو.

امداد ڀُٽي جي چونڊ مهم بينظير ڀٽو هلائي پر هو فارم ڀرائڻ کان لنوائي ويو

مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته ٻه چيئرمين ۽ هڪ پارٽي ورڪر، اٿڻ ويهڻ وارا ماڻهو، پڙهيل ڪڙهيل، راڄن جا فيصلا ڪندڙ ۽ راڄن ۾ عزت ماڻيندڙ ماڻهو، محترمه جي ڪچهري ۾ ماڻهن جي سامهون ٽنهي مون کي پيرن تي هٿ رکي ڀاڪر پاتو ۽ 1987 جي لوڪل باڊيز اليڪشن ۾ ڪيل مخالفت تي معافي ورتي. مون کي انهن جي اهڙي نوڙت ۽ نيازمندي ڏسي خوشي ٿي ۽ محترمه کي به ڏاڍي خوشي ٿي ته سيد، عزت وارو ماڻهو آهي.
محترمه جي حڪومت ختم ڪرڻ کانپوءِ 1990ع ۾ جنرل اليڪشن ٿي. اليڪشن جو شيڊيول به اچي ويو. محترمه جي لاڙڪاڻي اچڻ کان اڳ بيگم اشرف عباسي، نثار احمد کهڙي، غلام مجتبيٰ اسراڻ، مير نادر علي خان مگسي ۽ ڪجھه ٻين پارٽي عهديدارن ۽ دوستن مون کان پڇيو ته توهان PS-30 تعلقو رتوديرو تي اليڪشن ۾ اميدوار ٿي صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جي پاران بيهندا؟ ڇا خيال آهي؟ مون انهن سڀني دوستن کي جواب ڏنو هو ته، منهنجو اڳ ۾ به اليڪشن ۾ بذات خود بيهڻ جو ارادو ڪو نه هيو ۽ مون ڪوشش به ڪئي هئي ته محترمه بينظير ڀٽو ۽ ممتاز علي ڀٽو جي وچ ۾ اختلاف نه وڌن، انهن جي وچ ۾ سياسي ٺاهه ٿئي. محترمه منهنجي مشوري ۽ عرض ڪرڻ تي اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ هوءَ نواب نبي بخش ڀٽي وٽ ڳوٺ ميرپور ڀٽو ۾ وڃي نواب صاحب کي اها تجويز ڏني هئي ته معشوق علي خان ڀٽي يا عاشق علي خان ڀٽي کي ٿوري وقت لاءِ بيهاريو، جنهن جو مان اڳ به ذڪر ڪري چڪو آهيان. ممتاز علي خان ڀٽي جي ان ضد تي بيهڻ جي ڪري محترمه کي ڏک به ٿيو هو، مونکي چيائين ته توهان مون کي اتي وٺي هليو پر انهن منهنجي عزت نه ڪئي ۽ صرف ان سبب جي ڪري ته ميرپور ڀُٽو جي ڀٽن صاحبن پاران محترمه بينظير ڀٽو جو تڏي تي هلي وڃڻ کانپوءِ به انهن قدر ڪو نه ڪيو ۽ هن جي وڃڻ کي عزت ڪو نه ڏنائون. مان اليڪشن لڙي هئي پر پارٽيءَ جي ڪاميابيءَ کانپوءِ، هيڏي وڏي ماڻهوءَ سان مقابلو ڪندڙ جو ڪو به قدر ڪو نه ٿيو هو. 20 مهينن جي حڪومت ۾ ڪو به ذاتي ڪم ڪار ڪو نه ٿيو نه ئي ڪڏهن ڪنهن ڏک سور ٻڌو، نه ئي محترمه پنهنجي تڪ جي MPA جي حيثيت ۾ مون کان پنهنجي ذاتي مشڪلات يا خانداني مشڪلات جي باري ۾ دريافت ڪيو.
مون مٿي ذڪر ڪيل صاحبن کي جواب ڏنو ته مان اليڪشن نه وڙهندس. شايد انهن دوستن کي شروعاتي طور محترمه پڇا ڳاڇا ڪرڻ جو چيو هو ته ديدار حسين شاهه جو رايو ڪهڙو آهي؟ مون انهن کي نه صرف اهو ٻڌايو ته مان اليڪشن نه وڙهندس پر پنهنجي ڪچهريءَ ۾ رتوديرو، لاڙڪاڻو، بنگل ديرو ۽ نئون ديرو، سجاول سرڪل جي دوستن کي به ٻڌايو ته مان اليڪشن ۾ بهرو نه وٺندس، ڀلي پيپلز پارٽي جو ٻيو ماڻهو مقابلو ڪري مان خوش ٿيندس. منهنجو اهو جواب يا رايو شايد محترمه بينظير ڀٽو کي به ٻڌايو ويو هجي. باقي مسٽر ممتاز علي ڀٽي کي انهن جي دوستن ۽ ورڪرن ٻڌايو هو ته ديدار حسين شاهه اليڪشن ۾ ڪو نه ٿو بيهي.
محترمه بينظير ڀٽو لاڙڪاڻي آئي. فارم ڀرڻ جي آخري تاريخ ۾ هفتو کن هيو ته مون کي گھرايائين ۽ چيائين ته ”شاہ صاحب میں PS-30 پر اپنے کزن امداد علی بھٹو ولد سکندر علی خان بھٹو کو کھڑا کر رہی ہوں۔ آپ کو چار دن کا ٹائم دے رہی ہوں۔ آپ نوڈیرو سے شروع کریں، اس کے بعد رتوڈیرو، وسایو بھٹو، بوسن، سیدو ڈیرو، بہمن، سجاول سرکل اور آخر میں رات کا پروگرام بنگل ڈیرو میں محمد یعقوب بھٹو، مرحوم محمد ابراہیم اور مرحوم انور علی بھٹو کے ہاں رکیں گے، جہاں کھانے کا انتظام ہوگا۔ اس سارے پروگرام میں آپ میرے ساتھ موجود رہیں گے اور ضلع کی ساری پیپلز پارٹی کی قیادت بھی آپ کے ساتھ ہوگی۔ میں خود ان لوگوں کو خطاب کروں گی اور امداد علی بھٹو کو ووٹ دینے کی اپیل کروں گی۔“. مون محترمه کي عرض ڪيو ته ”میں بہت خوش ہوں آپ کا چچا زاد بھائی الیکشن لڑ رہا ہے۔ پارٹی آپ کے ساتھ ہے انشاءاللہ کامیابی ہوگی“ ۽ وڌيڪ چيو مانس ته ”چشم ماہِ روشن دلِ ماشاد“. خير اليڪشن جي ورڪ شروع ٿي وئي. بهمڻ، نئون ديرو، سيدو ديرو، رتوديرو، وارث ڏنو ماڇي، ٻوسڻ، وسايو ڀٽو، جمعو اگھم، عرضي ڀٽو، ڪوٽ لال بخش مهيسر، شاهنواز ڀٽو ۽ مستوئين جي ڳوٺن ۾ ورڪ ڪري جلسن ۾ تقريرون ڪيون سين. فارم ڀرڻ جي آخري رات تي بنگل ديري ۾ محمد يعقوب ڀٽي مرحوم محمد ابراهيم ڀٽي ۽ انور علي ڀٽي وٽ هڪ وڏو جلسو ٿيو، جنهن ۾ مانيءَ جو بندوبست ٿيل هو. جلسي ختم ٿيڻ کانپوءِ هر ڪو ماڻهو ماني کائي پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن راهي ٿيو. محترمه ٻين ليڊرن سان گڏ لاڙڪاڻي وئي ۽ مان رتيديري پنهنجي گھر آيس. رات جو ساڍي ٻارهين بجي ٽيليفون جي گھنٽي وڳي، مون ٽيليفون کنئين ته آپريٽر چيو ته محترمه توهان سان ڳالهائڻ ٿي چاهي. محترمه فرمايو ته ”شاہ صاحب میں بینظیر بات کر رہی ہوں، آپ ابھی لاڑکانہ پہچیں“ مون عرض ڪيو ته ”رات کا ٹائم ہے اور آج کل بدامنی بھی بہت ہے، میں انشاءاللہ کل صبح کی آپ کے خدمت میں حاضر ہو جاؤں گا۔“ جواب ۾ چيائين ته ”بہت ضروری کام ہے، آپ وکیل بھی ہیں اور اپنی علاقے کے جانی پہچانی شخصیت ہیں، آپ کو کچھ نہیں ہوگا آپ جلدی آئیں میں انتظار کر رہی ہوں۔ پارٹی کے اور عہدیدار بھی بیٹھے ہوئے ہیں۔ “ منهنجي ڇهين حس ڪم ڪيو ته شايد امداد علي خان ڀٽو اليڪشن ۾ مقابلو ڪرڻ کان ڀڄي ويو آهي. مون پنهنجي وڏي سئوٽ سيد بچل شاهه، سيد شاهد حسين شاهه ۽ سيد عابد حسين شاهه کي گھرايو. اسان گاڏي ۾ چڙهي المرتضي هائوس لاڙڪاڻي پهتاسين. محترمه سان سلام دعا ڪري ويٺاسين. ويهڻ سان ئي محترمه چيو ته ”امداد علی بھٹو صاحب بنگل ڈیرو سے جلسے کے بعد لاڑکانہ سے حیدرآباد روانہ ہو چکا ہے اور کل فارم بھرنے کی آخری تاریخ ہے“ مون عرض ڪيو مانس ته ”امداد علی خان بھٹو آپ کے چچا زاد بھائی اور آپ کا خون ہیں، چار دن کی الیکشن مہم تو آپ نے خود چلائی ہے پھر بھی اس میں ہمت نہیں ہےاور وہ الیکشن سے بھاگ گیا۔ میں تو مڈل کلاس آدمی ہوں۔ ممتاز علی بھٹو سے ہر مرتبہ الیکشن لڑنے کا ٹھیکاہ نہیں لیا ہے۔ میرے اس سے اچھے تعلقات ہیں، چونکہ انہوں نے آپ کی تجویز کو رد کیا تھا اور آپ کے گاؤں میں آنے تک کا خیال نہ رکھا تھا۔ صرف آپ کی عزت کہ لئے میں الیکشن لڑا تھا۔ ممتاز علی بھٹو بہت بڑا آدمی ہے۔ وہ کچھ بھی کر سکتا تھا۔ میں الیکشن نہیں لڑوں گا۔“ ان گفتگو دوران بيگم اشرف عباسي، نثار احمد کهڙو، غلام مجتبي اسراڻ، مير نادر علي مگسي، عبدالرزاق سومرو، حاجي منور علي عباسي به موجود هيا. محترمه جواب ۾ چيو ته ”شاہ صاحب آپ نے جو کچھ بھی کہا ہے صحیح کہا ہے، غلطی انسان سے ہوتی ہے مجھ سے غلطی ہو گئی ہے۔ آپ الیکشن لڑیں جذبے کے ساتھ، جیسے پہلے آپ نے لڑی تھی اور مجھے احساس ہے کہ پہلی الیکشن بھی آپ نے میرے حکم پر لڑی تھی، آپ نے خود خواہش ظاہر نہیں کی تھی۔ اور اس مرتبہ تو آپ نے خود جواب دیا تھا، جو پارٹی عہدیداروں نے میرے کہنے پر آپ سے پوچھا تھا اور آپ نے انکار کیا تھا تو میں نے اپنے کزن کو کھڑا کیا، لیکن افسوس کہ وہ بھاگ گیا۔ آپ رنجشوں کو بھلائیں، کل آخری تاریخ ہے آپ فارم بھروائیں“ مون چيومانس ته ”محترمہ پہلے بھی آپ کا حکم تھا اب بھی آپ کا حکم ہے، آپ نے محسوس کیا اور اس کا اظہار کیا وہ کافی ہے۔ میں حسینی ہوں انشاءاللہ الیکشن لڑوں گا، چاہے میری جان چلی جائے۔“. محترمه اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ۽ منهنجي وڏي سؤٽ سيد بچل شاهه، سيد عابد حسين شاهه ۽ سيد شاهد حسين شاهه کي چيائين ته ”شاہ صاحب دکھی ہیں پھربھی الیکشن لڑنے کے لئے آمادہ ہو گئے ہیں۔ آپ کل شاہ صاحب کے ساتھ جا کر فارم بھروائیں“. ان کانپوءِ اسان موڪلائي گھر آياسين.
صبح ٿيڻ شرط ئي اها ڳالهه جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي. صبح جو مون فارم وڃي ڏنو. مون سان گڏ انور ڀٽو مرحوم، شبير هڪڙو، شاهنواز جتوئي، خان بهادر اگھم، عابد حسين شاهه ۽ ٻيا دوست گڏ هيا. اندر رٽرننگ آفيسر شيخ عبدالرشيد ADJ وٽ فارم ڏنوسين. اتي مان ۽ سائين بچل شاهه مرحوم ۽ انور علي ڀٽو مرحوم وياسين. رٽرننگ آفيسر صاحب فارم وٺي ڀريو. فارم ڀريندي رسيد ڏئي مون کي چيائين ته مبارڪ هجئي شاهه صاحب! تون ميمبر ٿي وئين! مون حيرانگيءَ ۽ خوشيءَ وچان رڙ ڪئي ته ممتاز علي ڀٽو هٿ کڻي ويو ڇا؟ رجسٽر تي ڏسي چيائين ته نامينيشن جو سيريل نمبر پنج وقت ۽ رسيد نمبر ٻه عددي حساب سان ٿيا ٻارنهن. تون ٻارنهن امامن سڳورن کي مڃڻ وارو آهين، ڪامياب ٿي وڃين ته مٺائي کارائجان. منهنجي فارم ڀرڻ جي خبر جڏهن ممتاز علي ڀٽي کي پئي ته مير پور ڀٽو ۾ شام جو دوستن کي چيائين ته توهان مشورو به ڏنو هو ۽ يقين سان چيو هو ته ديدار حسين شاهه مقابلي ۾ ڪو نه بيهندو، تنهنڪري مون قمبر/وارهه جي قومي اسيمبلي جي تڪ تي ۽ ڳڙهي ياسين ۾ شڪارپور جي تڪ تي به فارم ڀرايو. هاڻي مون کي توهان ٽن هنڌن تي کڻي ڦاسايو آهي. توهان مون کي چچڙ شاهه مان ڦاسائي ڇڏيو آهي. (هُو مونکي ڪاوڙ مان چچڙ شاهه سڏيندو آهي) مون کي اندازو هو ته بينظير ان کي گھرائي مٿي تي هٿ رکندي ۽ هو سڀ ڏک سُور وساري اليڪشن لڙندو ۽ چچڙ شاهه اصلي جان نه ڇڏيندو. ٿيو به ائين ته ممتاز علي ڀٽو قومي اسيمبلي جي ٻين تڪن ۽ رتوديرو PS-30 تي اليڪشن هارائي ويو.

پيپلزپارٽي ڄام صادق علي کي نظرانداز نه ڪري ها ته شايد 1990 ۾ پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ختم نه ٿئي ها

1990 جي چونڊن کان اڳ سڄي ملڪ ۾ رٿابندي اهڙي نموني ڪري اليڪشن ڪرائي وئي جو پيپلزپارٽيءَ کي قومي اسيمبليءَ ۾ صرف سترنهن سيٽون نصيب ٿيون. محترمه اپوزيشن ليڊر ٿي ۽ مرڪز ۾ ميان محمد نواز شريف وزيراعظم ٿيو. سنڌ ۾ مرحوم ڄام صادق علي صاحب وزيراعليٰ ٿيو. صدر غلام اسحاق خان ٿيو. خاڪيءَ ورديءَ وارن جي حمايت سان ڄام صادق علي سنڌ ۾ پپيلزپارٽي جي ورڪرن جي لاءِ ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي، هر چرندڙ پيپلزپارٽي جي همدرد، MPA، MNA ۽ ورڪرن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي پوليس ۽ انتظاميه ۾ اهڙا آفيسر مقرر ڪيائين، جيڪي هن جي هڪ ئي اشاري تي هر ڪڌو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هيا. ايئن جيل پيپلزپارٽيءَ جي ورڪرن سان ڀري ڇڏيائون، اسيمبليءَ جو پليٽ فارم ته اهڙو موثر هٿيار هيو، جنهن کي استعمال ڪندي هن خاڪسار، نثار احمد کهڙي، غلام مجتبيٰ اسراڻ، حاجي منور علي عباسي، سيد علي نواز شاهه، پير مظهرالحق، لال بخش ڀٽو ۽ ٻين سنڌ اسيمبلي ميمبرن پوائنٽ آف آرڊر، مهمليءَ جي رٿن، سوال جواب، ريزوليشن اسيمبليءَ جي سرڪار ڪم ڪار ۾ آڻي ڄام صاحب جي ڏاڍاين جو ڪچو چٺو پيش ڪيو ۽ ان جي حڪومت جي خلاف جائز تقريرون، ريزوليشن ۽ سوال جواب آڻي ڪنهن حد تائين ڄام صاحب کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ڄام صادق جي وزير قانون سيد مظفر حسين شاهه پنهنجي علمي لياقت (وڪيل هجڻ) ۽ پارلياماني تجربي جو فائدو وٺندي ڄام صادق جي غلط ڪمن ڪرڻ واري عمل جو اسيمبليءَ ۾ بچاءُ ڪندو رهيو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڄام صادق علي، مسٽر آصف علي زرداريءَ، شاهنواز جوڻيجي مرحوم، پير مظهرالحق ۽ ٻين پارٽي عهديدارن تي ڪوڙا ڪيس ڪرايا جن ڪوڙن ڪيسن کي پيپلزپارٽيءَ جي ليڊرن همٿ ۽ بهادريءَ سان منهن ڏنو ۽ ڪنهن به جبر ۽ ظلم جي آڏو نه جهڪيا، جيڪو پڻ رڪارڊ آهي. ڄام صاحب جي حڪم تي گهڻي تنقيد ۽ ان جي غلط ڪمن کي روڪڻ جي لاءِ اسيمبليءَ ۾ هن خاڪسار جو تمام گهڻو ڪم هو، اسيمبلي رڪارڊ تي موجود آهي ته، سيد مظفر حسين شاهه اسيمبلي فلور تي اها ڳالهه قبول ڪئي هئي ته سنڌ اسيمبليءَ جي سڄي ڪم جو پنجهتر سيڪڙو ڪم ته سيد ديدار حسين شاهه جو آهي، ان جي ريزوليشنن مهملي رٿن، سوالن ۽ جوابن مان جند ئي نه ٿي ڇٽي، سيد وڪيل مان ڦاسي ويا آهيون. ڄام صاحب جي حڪومت ۾ ان سان گڏ MQM به شريڪ هئي. ان جي وزيرن کي به تمام سٺا کاتا مليل هيا. انهن ڪوڙن ڪيسن داخل ڪرڻ جي وقت ۾ هڪ ڏينهن اجلاس هلندي، مرحوم ڄام صادق علي صاحب پنهنجي ليڊر آف هائوس جي ڪرسيءَ تي ويٺو هو. مان سندس ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ڳالهائي رهيو هئس، جڏهن مون هن ڏانهن نهاريو ته منهنجو ان جي خلاف ڳالهائڻ جو جوش وڌي ويو ۽ مون کيس مخاطب ٿيندي هي هيٺيون شعر پڙهيو.
متو آهين مڇ، ٿلها ٿو ٿونا هڻين
تو جا ڀائين اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.
منهنجي ان شعر پڙهڻ تي اسيمبليءَ ۾ زوردار تاڙين جو آواز گونجيو، پر هن ان جي جواب ۾ ڪجهه به نه چيو. حسب معمول سيد مظفر حسين شاهه، جيڪو سرڪاري طور واحد نمائندو ٿي ڪم ڪري رهيو هو، ان جواب ۾ چيو ته گهڻي قدر وڌاءُ ٻڌايو ٿو وڃي، خير ان کان پوءِ اسيمبليءَ اجلاس اڻڄاتل مدي تائين مهمل ٿي ويو.
ٻن ڏينهن کان پوءِ حسب معمول مان لاڙڪاڻي واپس وڃڻ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي آيس جتي لائونچ ۾ مرحوم مولانا جان محمد عباسي مون کي ڏسندي ئي اچي سڪ سان مليو. سلام دعا ڪري ڪچهري ڪئي سين. اتي چيائين ته توهان جي وڏن سان واسطو آهي، توهان جو والد صاحب سيد وريل شاهه منهنجو گهرو دوست هيو ۽ سياست ۾ چڱو مقام هئس، توهان به ماشاءَ الله پڙهيل لکيل ۽ وڪيل آهيو. سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي اخبار ۾ پڙهندو آهيان، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ صوبي جي ڀلائيءَ لاءِ سٺو آواز اٿاري رهيا آهيو. پارٽي ۽ پارٽيءَ جي ماڻهن جي سٺي ترجماني ڪري رهيا آهيو ۽ دعا به ڪيائين ته الله تعاليٰ توهان کي بهتر ڪم ڪرڻ جي طاقت عطا ڪري. وڌيڪ فرمايائين ته شاهه صاحب توهان کي خبر آهي ته ڄام صادق علي منهنجو دوست آهي. سياسي اختلاف ته پنهنجي جاءِ تي پر هڪ ٻئي ڏي ايندا ويندا آهيون، هڪ ٻئي جي عزت ڪندا آهيون ۽ اهو به چيائين ته منهنجي ڄام صادق علي سان ڪالهه رات چيف منسٽر هائوس ۾ ملاقات ٿي هئي، جتي هو ۽ ٻه ماڻهو ٻيا به ويٺا هيا (جن جا هن نالا ٻڌائڻ مناسب نه سمجهيا). چيائين ته توهان اسيمبليءَ ۾ ڄام صاحب ڏانهن اشارو ڪندي متو آهين مڇ وارو شعر پڙهيو هو. ڄام صاحب کي اشتعال ڏيارڻ لاءِ چيائونس ته سيد ديدار حسين شاهه گورنمنٽ جي خلاف اسيمبليءَ ۾ باهه ٻاري ڇڏي آهي. ٻيو ته ڇڏيو پر توهان جي موجودگيءَ ۾ متو آهين مڇ وارو شعر پڙهي توهان تي تنقيد ڪئي اٿائين، جيڪا ڳالهه ناقابل برداشت آهي. توهان سياسي مخالفن تي ڪيس داخل ڪري جيل ڀريا آهن، انهن جو وات بند ڪيو اٿو، هي شاهه وري ڪهڙي باغ جي موري آهي، جو ان کي هن مهل تائين سنهي چهنڊي به ڪونه پاتي اٿو... بقول مولانا جان محمد عباسيءَ جي ته ڄام صاحب کلي، پنهنجي پاتل عينڪ هيٺ ڪري انهن کي چيو ته توهان مون کي وڏيرو سمجهي بڇ ٿا ڪيو ته مان هن غريب سيد MPA کي دسيان ۽ ان کي به جيل وجهان. جيڪڏهن هو ڳالهائي ٿو ته مون کي ٿو ڳالهائي، توهان کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ وڌيڪ چيائين ته هڪڙي ڳالهه ٻڌي ڇڏيو، مان چڱي نموني رڪارڊ جي جاچ ڪئي آهي ديدار حسين شاهه تي ڪابه مهرباني يا ناجائز نوازش ٿيل ڪا نه اٿو، نه ئي وري هن کي ڪا پرمٽ يا پلاٽ وغيره مليو آهي. هو ته هڪ وڪيل ماڻهو آهي. اسيمبليءَ ۾ صوبي سنڌ جا مسئلا کڻي ٿو اچي ڳالهائي، هن جي ڳالهائڻ جي ڪري مون کي تقويت ٿي ملي ته جيئن مان اڃا گهڻو ڪم ڪري سگهان، هن ماڻهوءَ جي تنقيد کي منهنجا پڪا اتحادي به ڏسن ٿا ۽ ٻڌن ٿا. انهن جي بليڪ ميلنگ کان مان بچان ٿو، نه ته اهي واڳون مون کي کائي وڃن. ديدار حسين شاهه اسيمبلي جو ڪم لاهي وري ڪارو ڪوٽ پائي وڃي عدالت ۾ بيهندو آهي، هن جي خلاف ڪوبه رڪارڊ موجود ڪونه آهي، تنهن ڪري توهان جي بڇ تي مان ڪابه ڪارروائي ڪونه ڪندس. مون مولانا جان محمد عباسيءَ کي چيو ته سائين اها ڄام صاحب جي چڱائي آهي جو ماڻهن جي بڇ هوندي به مون تي ڪوڙا ڪيس ڪو نه ڪرايائين، پر جيڪڏهن ڪري ها ته مان به مڙس ٿي منهن ڏيان ها. جو وڪيل ته هونئن به آهيان، ڪورٽ جا چڪر لڳندا رهندا آهن، ٻين ڪيسن تي ته ويندو آهيان پوءِ پنهنجي ڪيسن تي به وڃان ها. مان نه ته منهنجا وڪيل دوست ڪيس وڙهن ها، ڪو فرق نه پوي ها. سياسي اختلافن کان سواءِ اها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي ته ڄام صاحب پنهنجي وقت ۾ قلم جو سخي چيف منسٽر هو ۽ سندس واقف ماڻهو جڏهن به ان وٽ ويو ته اهو ڄام صاحب وٽان خالي هٿين ڪو نه موٽيو. منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن سياسي طور پيپلزپارٽي ڄام صادق عليءَ کي نظرانداز نه ڪري ها ته، شايد 1990 ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ختم نه ٿئي ها. ڇاڪاڻ ته ان حڪومت جي ختم ڪرائڻ ۾ ڄام صادق علي جو وڏو ڪردار رهيو.
چوندا آهن ته محبت ۽ جنگ ۾ هر ڳالهه جائز هوندي آهي. ڄام صاحب تي نڪته چيني ڪرڻ جي ڪري، پاڻ ته خير ڪنهن به سبب جي ڪري مون تي ڪارروائي نه ڪيائين، پر مون کي ياد اچي ٿو ته مرحوم فتح محمد سومرو لاڙڪاڻي ۾ SPمقرر ٿيو ته ڄام صاحب جي اشاري تي هر سياسي مخالف تي ڪوڙا ڪيس ڪري، رڪارڊ ٺاهي، ماڻهن کي گرفتار ڪري، تنگ ڪرڻ پنهنجو اولين فرض سمجهندو هو. ايئن ڪندي ان ڪجهه پيپلزپارٽي جا ورڪر ٿاڻن ۾ بند ڪرايا. مون سان انهن ورڪرن جا مائٽ مليا، مون کي ٻڌايائون ته مان SP فتح محمد سومري سان ملڻ لاءِ ان جي آفيس ۾، کانئس ٽائيم وٺي ويس. مان اندر آفيس ۾ داخل ٿيس، سلام دعا ڪئي ته پاڻ اُٿي ملڻ جي بجاءِ ويٺي پئي هٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين ته مون هٿ نه ملايومانس ۽ ڪرسيءَ تي ويهي رهيس، مون کي چيائين ته شاهه صاحب هٿ نه ٿا ملايو ڇو؟ مون چيومانس ته توهان ۾ اخلاق جو فقدان آهي، توهان جي آفيس ۾ هڪ سيد، وڪيل ۽ MPA جي حيثيت سان آيو آهيان، پر آهيان پيپلزپارٽي جو، ان جي ڪري ويهي هٿ ڏيڻ واري سان هٿ نه ملائيندو آهيان. باقي توهان پيپلزپارٽي جا ماڻهو بيگناهه ٿاڻي تي ويهاريا آهن، انهن کي آزاد ڪيو، نه ته ناحق بند ڪرڻ جي پٽيشن وس واري ڪورٽ ۾ داخل ڪبي ۽ توهان کي ناليوار ۽ عهدي سان مدعاليه بڻائبو. خير پاڻ ۾ تکا مٺا ٿياسين، پوءِ مان نڪري هليو آيس. منهنجي وڃڻ شرط ئي فون ڪري SHO رتوديرو محمد هاشم ميمڻ کي چيائين ته، هاڻي جو هاڻي ديدار حسين شاهه جو بستا الف جو رڪارڊ ٺاهيو. ۽ بلاننڊ FIR ۾ هن تي ڪوڙي شاهدي ڏياري گرفتار ڪيوس. مان جڏهن ڳوٺ پهتس ته منهنجي هڪ دوست جي معرفت محمد هاشم ميمڻ اهو سڄو احوال ڏياري موڪليو. مون محسوس ڪيو ته اڄ SP سان جهڙپ ٿي آهي. نمڪ حلالي ڪندي ڄام صادق کي خوش ڪرڻ جي لاءِ هو ڪلاڪ ٻن ۾ ڪارروائي ڪندي، مون کي گرفتار ڪرائيندو. مان تڙتڪڙ ۾ ٻه ٽي وڳا ڪپڙن جا ۽ ٻيو ضروري سامان کڻي انهن ئي پيرن تي ڪنهن کي ٻڌائڻ کان سواءِ سکر ويس. شام جو مسٽر عبدالفتاح ملڪ وڪيل وٽ ويس، جيڪو منهنجو دوست آهي، ان سان ملي کيس سڄي روداد ٻڌائي، مان کيس چيو ته هڪ پٽيشن تيار ڪيو ته سڀاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ داخل ڪيون، صبح جو پٽيشن داخل ڪئي سين، جيڪا پٽيشن جسٽس مختيار احمد جوڻيجو ۽ جسٽس صلاح الدين مرزا جي بينچ ۾ لڳي، ٻئي بهادر، ڄاڻو ۽ همٿ وارا جج هيا، جن منهنجي وڪيل جي دليلن ۽ مون کي ٻڌڻ کان پوءِ پٽيشن ايڊمٽ ڪئي ۽ هڪ عارضي آرڊر ڏنو، جنهن ۾ گرفتار نه ڪرڻ ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ SP کي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنل هو ۽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي به نوٽيس ڏنو ويو هو.
ٻن ڏينهن کانپوءِ مليل تاريخ تي ڪورٽ ۾ حاضر ٿياسين، ان وقت ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل مسٽر زوار حسين جعفري هيو. جيڪو خود ايماندار، ڄاڻو ۽ اهل ماڻهو هئو، جيڪو بعد ۾ هاءِ ڪورٽ جو جج ۽ سپريم ڪورٽ جو جج به ٿيو. جڏهن ڪيس ۾ سڏ ٿيو ته ٻئي ڌريون پيش ٿياسين. جج صاحبان SP صاحب کان پڇيو ته ديدار حسين شاهه هڪ ته هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي، اسان وٽ ڪيسن جي سلسلي ۾ حاضر ٿيندو آهي MPA به آهي ۽ معزز ماڻهو به آهي. توهان وٽ هن جي خلاف جيڪو فوجداري رڪارڊ آهي اهو پيش ڪيو. الله تعالي جي مهربانيءَ سان منهنجي خلاف ڪو به رڪارڊ هن وٽ موجود ڪو نه هيو، صرف ايترو لکي ڏنائين ته هيءُ وڪيل، MPA ۽ پيپلز پارٽيءَ جو عهديدار به آهي. جج صاحبان کيس ٻڌايو ته هن جي پٽيشن ۾ به اهو ئي سڀ ڪجھه ذڪر ڪيل آهي، پر نئون فوجداري رڪارڊ پيش ڪيو، جنهن جي بنياد تي توهان ديدار حسين شاهه جو بستا الف، بدمعاشن جي لسٽ ۾ نالو داخل ڪري، مٿس ڪوڙا ڪيس ڪري، کيس گرفتار ڪرڻ ٿا چاهيو. SP صاحب کي وڌيڪ چيائون ته هيڏو سارو ٿلهو متارو ماڻهو آهين، قائدي قانون جي ڄاڻ رک، شريف ماڻهن جي خلاف ڪوڙو رڪارڊ نه ٺاهه. هاڻي تو تي رحم ڪري، وڌيڪ ڪاروائي ڪو نه ٿا ڪريون، نه ته پٽو لهرائي توکي جيل حوالي ڪيون ها، پٽيشن بحال ٿا ڪيون. شاهه صاحب جي خلاف ڪو به ڪوڙو رڪارڊ ٺاهي، بستاالف جي لسٽ ۾ نالو نه وجھو. جيڪا غير قانوني ڪاروائي ڪيو ٿا، ان کي بند ڪيو نه ته توهان کي تڪليف ٿيندي.
ڄام صادق علي جي ڏاڍاين، ظلم ۽ جبر جا قصا ته تمام گھڻا آهن، پر مان هتي صرف ٽي واقعا ٻڌائڻ مناسب ٿو سمجھان.
(1) نمبر هڪ ته پيلز پارٽي جي تنظيم، پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي ونگ تمام اهم ۽ بهادر ماڻهن سان ڀريل هئي، جيڪي پارٽيءَ جي ڪري هر تڪليف سهڻ لاءِ تيار هوندا هئا. خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادو جو هڪ چانڊيو ڇوڪرو جيڪو پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ وڌيڪ تحرڪ وٺندڙ ۽ شاگردن جي همٿ افزائي ڪري پيپلز پارٽي جي پروگرام تي هلڻ لاءِ ريليون به ڪڍندو هيو، جلسا به ڪرائيندو هيو ۽ هر ڪم ۾ اڳتي هوندو هيو. ڄام صاحب جي انتظاميه ان جي ڪاررواين کان بخوبي واقف هئي. ڄام صاحب جي اشاري تي شاگردن جي وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، ان جھيڙي ۾ اهو چانڊيو ڇوڪرو موجود به ڪو نه هو پر سپاف جي ليڊر جي حيثيت ۾ ان تي FIR ڪٽرائي وئي، ان وقت اهو ڇوڪرو ڪراچيءَ ۾ هيو. محترمه بينظير ڀٽو کي دانهن ڏنائين، ان چيس ته لاڙڪاڻي وڃي ديدار حسين شاهه سان مل، اهو تنهنجو ڪيس وڙهندو. اهو چانڊيو ڇوڪرو مون سان مليو ۽ حال احوال ڏنائين. ان جا پنهنجي خرچ تي ڪاغذ پٽ ڪڍرائي، سيشن ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ ان جي ضمانت جي درخواست وڌم، ان سان گڏ امتحان جي شيڊيول جي ڪاپي به ان سان گڏ داخل ڪيم، جنهن ۾ مون اهو عرض ڪيو ته امتحان هلي رهيا آهن ۽ هن شاگرد جوابدر کي امتحان ۾ ويهڻو آهي. مرحوم علي نواز ٻڍاڻي صاحب لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هيو، جيڪو هڪ هوشيار، بهادر ۽ ايماندار جج هيو ۽ بعد ۾ هاءِ ڪورٽ جو به جج ٿي رٽائرڊ ٿيو. ان صاحب قانوني دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪچي ضمانت جي درخواست بحال ڪري، سرڪار کي نوٽيس موڪليو ته پوليس ڪاغذ به آندا وڃن ۽ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر به ڪورٽ ۾ حاضر ٿئي. ان کان پوءِ اهو چانڊيو ڇوڪرو امتحان ۾ پاس ٿيو، بعد ۾ ان کي پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ ميڊيڪل آفيسر ڪري رکيو ويو. ان کان پوءِ مون سان ٻه ٽي دفعا ملاقات ڪيائين ۽ شڪريو به ادا ڪيائين ته، محترمه جي ڪري توهان ڏکئي وقت ۾ ڪم آيا، ڪيس مان به جان ڇٽي ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ نوڪري به ملي، هاڻي منهنجي پوسٽنگ ميهڙ ۾ ميڊيڪل آفيسر طور آهي.
(2) ٻيو قصو ياد اچي ٿو ته، ان ڏاڍ ۽ جبر جي زماني ۾ ڪشمور جو هڪ دستي ڇوڪرو، جيڪو سپاف سنڌ جو صدر هيو، ان کي به پارٽي جي پروگرام کي اڳتي کڻي هلڻ واري بهادري ڏيکارڻ جي ڏوهه ۾ ڪلاشنڪوف جي ڪوڙي ڪيس ۾ پوليس چالان ڪري ڇڏيو. چار پنج مهينا اهو ڇوڪرو جيل ۾ بند رهيو. ان جو ڪيس به پيپلز پارٽيءَ سان لاڳاپيل ڪن وڪيل صاحبن کي ڏنل هيو، هونئن به انسدادِ دهشتگردي جي ڪيسن ۾ ضمانت ڪو نه ٿيندي آهي ۽ جوابدار جيل ۾ ئي پيل هوندو آهي. انهن ڏينهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ آيل هئي. مان حسبِ معمول ڪم پورو ڪري هڪ بجي ڌاري کيس سلام ڪرڻ ويس. المرتضيٰ هائوس تي پهتس ته ٻاهر سپاف جي ڇوڪرن جو انبوهه بيٺل نظر آيو. انهن سان دعا سلام ڪري، اندر محترمه ڏي ويس. محترمه سان دعا سلام ڪري ڪچهري شروع ڪئي ته انهن ڇوڪرن جا سرگرم اڳواڻ اندر اچي ويا ۽ محترمه کي چيائون ته سائين ديدار حسين شاهه کي چئو ته سپاف سنڌ جي صدر جو ڪيس پنهنجي هٿ ۾ کڻي. محترمه مونکي چيو ته هن جو ڪيس کڻو. مون محترمه کي انهن شاگردن جي سامهون چيو ته، مان توهان جي حڪم تي ڪيس کڻندس، پر مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪيس ۾ ضمانت ڪو نه ٿيندي، ان جي ڪري تڪڙ نه ڪن، باقي ڪيس هلائڻ دوران مون سان هي اچي ڪورٽ ۾ يا ڪورٽ کان ٻاهر ملن ته گوڙ نه ڪن.
انسدادِ دهشتگردي ڪورٽ جو ان وقت لاڙڪاڻي جو جج مرحوم ڌڻي بخش دايو صاحب هو، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ ايڊيشنل سيشن جج ۽ ڊسٽرڪٽ جج، ٿي رهيو هيو. تمام اهل ۽ ايماندار ماڻهو هيو، ان وٽ حاضريءَ تي اهو دستي ڇوڪرو پوليس وٺي آئي. پوليس چالاڪي ڪري، هڪڙو مشير ۽ هڪ ڪلاشنڪوف ڪورٽ ۾ پيش ڪئي. انسدادِ دهشتگردي ڪورٽ ۾ ڪيس مهمل ڪو نه ٿيندو هو، اتي روزانو ڪيس هلندا هيا. ڪيس ۾ سڏ ٿيو ته ٻئي ڌريون حاضر ٿياسين. جج صاحب چيو ته ڪيس هلايون، مون چيومانس ته ڀلي هلايو پر ڪيس ۾ مڪمل انصاف ڪرڻ لاءِ هڪڙي گذارش آهي ته، هن مشير جي مک پڇا (Examination in Chief) وٺو ۽ آڏي پڇا (Cross-Examination) مهمل ڪيو، ڇو ته پراسيڪيوٽر باقي هڪڙو شاهد I.O کان پڇا ڳاڇا ڪندو. جيڪڏهن هاڻي مان ان مشير جي آڏي پڇا ڪندس ته ٻي تاريخ تي آڏي پڇا ۾ به ساڳيا جواب I.O ڏيندو، ڇو ته اها رڪارڊ جي ڳالهه هوندي، ان سان ڪو به قانوني فائدو نه ٿيندو ۽ هن ڇوڪري جي بيگناهي ثابت نه ٿي سگھندي. جج صاحب اها منهنجي جائز ڳالهه مڃي ۽ مشير جي مک پڇا وٺي، آڏي پڇا مهمل ڪري هڪ هفتي جي تاريخ ڏني ۽ I.O کي گھرائڻ لاءِ پراسيڪيوٽر کي پابند ڪيائين. هفتي کانپوءِ ٻنهي شاهدن جي شاهدي ۽ آڏي پڇا پوري ڪرڻ کانپوءِ ڪيس تقرير (آرگيومنٽس) لاءِ رکي، ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ جي تاريخ ڏني وئي. ڪيس ۾ آرگيومنٽس ٻڌي مرحوم ڌڻي بخش دائي صاحب، ان جوابدار ڇوڪري کي باعزت بري ڪيو. بعد ۾ مونکي ڇوڪرن ٻڌايو ته، لاڙڪاڻي جيل مان جڏهن اهو دستي ڇوڪرو ۽ ٻيا آزاد ٿيڻ کانپوءِ جلوس جي شڪل ۾ گاڏين تي چڙهي نعرا هڻندا محترمه وٽ پهتا ۽ ان کي ٻڌايائون ته ڪيس مان جان ڇٽي وئي آهي ته محترمه ڏاڍي خوش ٿي. ان کان پوءِ جڏهن منهنجي محترمه سان ملاقات ٿي ته دستي ڇوڪري جي آزاد ٿيڻ تي ڏاڍي خوش هئي. مان سمجھان ٿو ته اهو دستي ڇوڪرو هن وقت چڱي پوزيشن ۾ هوندو، ڇو ته هُو ته بهادر ۽ پارٽيءَ سان مخلص هيو.
(3) ٽيون قصو هيءُ آهي ته، لينڊ گرانٽ پاليسيءَ تحت ڪالونلائزيشن آفيسر سکر بئراج، مسٽر محمد اسحاق لاشاري رتيديري تعلقي جي سرڪاري زمين کي نيڪال ڪرڻ لاءِ رتيديري تعلقي ۾ عام ڪچهري ڪئي. ان کليل ڪچهريءَ ۾ ماڻهن کي ميرٽ تي زمينون ڏنائين. محمد اسحاق لاشاري سنڌ گورنمنٽ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. تعلقي آفيس رتيديري سان لڳو لڳ سول ڪورٽ آهي. مان اتي ڪيسن جي پيروي ڪرڻ لاءِ آيو هئس. ڪيسن مان فارغ ٿي جڏهن ٻاهر نڪتس ته خبر پئي ته محمد اسحاق لاشاري صاحب، روينيو آفيسر تعلقي آفيس ۾ ويٺو آهي. اسان جي شهر ۾ آيو هو، مان پنهنجي ثقافت مطابق مناسب سمجھيو ته ان سان ملجي، سو ان کي اطلاع ڪري وڃي ساڻس مليس. پندرنهن ويهه منٽ ڪچهري ڪري اتان فارغ ٿي لاڙڪاڻي ڪيسن لاءِ هليو ويس. لاشاري صاحب شام جو پنجين ڇهين بجي تائين عام کليل ڪچهري هلائي، هارين ۽ مهاڳدارن کي رتيديري تعلقي ۾ ديهه وائيز زمينون ڏنيون. ان زماني ۾ مرحوم سردار الله بخش جلباڻي، ڄام صادق علي جي انتظاميه ۾ اسپيشل اسسٽنٽ هيو. ان وڃي ڄام صاحب کي غلط نموني دانهن ڏني ته، ديدار حسين شاهه ڪالونلائيزيشن آفيسر صاحب سان ويهي ڪري، پنهنجن ماڻهن کي زمينون ڏياريون آهن. مرحوم ڄام حسبِ معمول نادري حڪم ڪندو هو. هُن جلباڻي صاحب جي زباني شڪايت تي، بغير ڪنهن ثبوت وغيره جي، زباني حڪم ڪيو ته محمد اسحاق لاشاريءَ جي ٿيل ڪچهري ڪينسل آهي. مون اسيمبليءَ ۾ هڪ دم مهمل جي رٿ پيش ڪئي ته ڪالونلائيزيشن آفيسر صاحب جي ڪچهري ڪرڻ جو مهينو ڏيڍ اڳ اخبار ۾ اشتهار ڏنو ويو هو. ريڊيو تي به عام اعلان ڪيو ويو هو ۽ اخبارن ۾ به عام اشتهار شايع ڪيو ويو هيو ته ڪچهري ٿيندي، ان کان علاوه تعلقي رتيديري ۾ به اعلان ڪري ٻڌايو ويو ته زمينن ڏيڻ بنسبت ڪالونلائيزيشن آفيسر صاحب کليل ڪچهري ڪندو، اهڙي طرح جڏهن مهمل رٿ تي بحث ڪرڻ لاءِ بورڊ آف روينيو کان لينڊ يوٽيلائيزيشن ۽ ڪالونلائيزيشن آفيسر کان ڪمينٽس ۽ رڪارڊ گھرايو ويو ته ان ۾ ثابت ٿي ويو ته ڪچهري بلڪل جائز آهي، ڇو جو ان جو ريڊيو تي عام اعلان ڪيو ويو هو ۽ اخبار ۾ به عام اشتهار شايع ڪيو ويو ۽ ماڻهو ديهه وائيز مقابلو ڪرڻ لاءِ آيا هيا. اهو سڄو رڪارڊ موجود هيو، جڏهن اسيمبليءَ ۾ معاملو اٿاريو ويو ته، هن خاڪسار، نثار احمد کهڙي، حاجي منور علي عباسي، پير مظهرالحق، علي نواز شاهه ۽ غلام مجتبي اسراڻ انهيءَ تي وڏيون زوردار تقريرون ڪيون ۽ ڄام صادق علي جي غير قانوني، زباني حڪم کي غلط سڏيو. جنهن تحت ڪچهري کي رد ڪيو ويو هو، جڏهن رڪارڊ آيو ۽ سرڪاري ڌر کي ڪچهريءَ ۾ ڪا به ناجائز ڳالهه نظر نه آئي، ته ڄام صاحب جو لائق ۽ فائق وزير قانون سيد مظفر علي شاهه به ان جو بچاءُ نه ڪري سگھيو ۽ سيد صبغت الله راشدي جيڪو لينڊ يوٽيلائيزيشن جو منسٽر هيو، ان به اسيمبلي فورم کي ٻڌايو ته غلط فهمي ڦهلائي وئي آهي، ڄام صاحب جو ڪو لکت ۾ حڪم ڪو نه آهي ته ڪچهري ڪينسل آهي، تنهن ڪري ڪچهري بحال ئي آهي. واسطيدار ماڻهو ڪالونلائيزيشن آفيسر جي آفيس ۾ حيدرآباد وڃي قسطن جا پئسا جمع ڪرائي، وڃي آرڊر کڻن. اها خبر جڏهن واسطيدار ماڻهن کي پئي ته ڏاڍا خوش ٿيا.

پير علي محمد راشديءَ محمد ايوب کهڙي کان غلط ڪم ڪرايا

انسان جو اهو فرض آهي ته اختيار ملي ته ان اختيار کي خدا کي حاضر ناظر سمجهي انصاف سان استعمال ڪري. ڪنهن جي جائز ڪم اچي ۽ ڪنهن کي خواهه مخواهه ذاتي پسند ناپسند جو نشان نه بنائي. هن کان اڳ مان ذڪر ڪري چڪو آهيان ته رتيديري شهر جي وانڍ ڀٽا جو معزز ماڻهو وڏيرو واحد بخش ڀٽو چڱو هلندي پڄنديءَ وارو ماڻهو هو. ميونسپالٽي جو منتخب ميمبر به ٿي رهيو. ان دوران ئي سندس انتقال ٿي ويو. مرحوم واحد بخش ڪجھه عرصو بيمار هيو ۽ ٻين ڪِنِ مشڪلاتن جي ڪري، ان ديهه مياڻي نور ملاح، تعلقو رتوديرو ۾ بئراج کاتي کان زمين ڪچهريءَ ۾ کنئين هئي. ٻه ٽي سال گذري ويا هئا، مرحوم قسطون جمع نه ڪرائي سگھيو ته بئراج کاتي وارن ان جي زمين رد ڪئي. ان دوران مرحوم واحد بخش ڀُٽي جو انتقال ٿي ويو. مرحوم واحد بخش جو وڏو پٽ غلام مرتضي خان ڀُٽو، الله تعالي کيس وڏي ڄمار ڏئي، هن وقت حال حيات آهي. مان اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي آيل هيس ته اتي مون سان اچي مليو ۽ چيائين ته بابو وفات ڪري ويو آهي، مان يتيم آهيان، منهنجو ڪل سرمايو اها زمين آهي، جيڪا رد ڪئي ٿي وڃي، مهرباني ڪري مون کي زمين بحال ڪرائي ڏيو ته توهان جو احسان ٿيندو. مون پڇيو مانس ته اهو ڪم ڪنهن کي ڪرڻو آهي؟ جواب ڏنائين ته سائين پير صبغت الله شاهه وزير آهي، ان جي اختيار ۾ آهي. مان غلام مرتضيٰ ڀٽي کي وٺي، سائين صبغت الله شاه جي آفيس ۾ ويس ۽ سائين کي عرض ڪيم ته، هي غلام مرتضيٰ ڀٽو رتيديري جو آهي، ووٽ ته مون کي ڪو نه ڏنو اٿس ۽ اڳ ۾ به ڪو نه ڏيندو هو، پر جيئن ته يتيم آهي، اهو توهان جي اختيار ۾ آهي ته توهان ٿورو ڏنڊ رکي، قسطون وٺي، سندس زمين بحال ڪيو.
سائين صبغت الله راشديءَ، مسٽر خان محمد مهر، جيڪو ان وقت سائين جو پرسنل سيڪريٽري هو، ان کي گھرائي چيو ته، شاهه صاحب آيو آهي، هيءَ درخواست وٺو، لينڊ يوٽيلائيزيشن ۽ ڪالونلائيزيشن آفيسر سکر بئراج کان ڪاغذ گھرايو ته ڏسون ته ڇا ٿو ڪري سگھجي. ٻن ڏينهن کانپوءِ جو ٽائيم ڏنائين. ٻه ڏينهن رکي مان ۽ غلام مرتضيٰ ڀٽو سائين وٽ وياسين. لينڊ يوٽيلائيزيشن ۽ ڪالونلائيزيشن وارن راءِ ڏني ته وڌ ۾ وڌ 500 روپيا في ايڪڙ، في سال جي حساب سان ڏنڊ ۽ قسطون ان کان علاوه آهن. مون ڪاغذ پڙهيا ۽ ڏسي ڪري سائين کي ٻڌايو ته هي ته وڌ ۾ وڌ ڏنڊ آهي، پر گھٽ ۾ گھٽ ڏنڊ جو ڪو ذڪر ئي ڪونه آهي، اهو توهان جو اختيار آهي ته ڪيترو به رکو. پير صاحب کي ۽ اتي ويٺل ٻين آفيسرن کي به اها ڳالهه وڻي ۽ چيائون ته سائين ديدار حسين شاهه صحيح ڳالهه ڪري رهيو آهي. هاڻي اهو توهان جو اختيار آهي ته توهان گھٽ ۾ گھٽ ڪيترو ٿا ڏنڊ رکو. مون چيومانس ته درخواستگذار يتيم آهي، مالي حالت به ٺيڪ نه اٿس، هن تي رحم ڪيو ته خدا توهان تي رحم ڪندو. شاهه صاحب اها ڳالهه مڃي ۽ 50 روپيه في ايڪڙ، في سال جي حساب ڏنڊ رکيو، ڏنڊ ۽ قسطون ڏيڻ جي صورت ۾ ان جي زمين بحال ڪئي.
1990 جي چونڊن کانپوءِ طاقتور ڌرين جي خواهش تي نواز شريف کي قومي اسيمبليءَ ۾ اڪثريت ڏياري، کيس وزير اعظم ڪيو ويو ۽ مرحوم ڄام صاد علي کي، مرحوم غلام اسحاق خان، صدر پاڪستان ۽ طاقتور ڌر جي مدد سان، سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو. ڄام صادق علي سان MQM به گڏ ٿي. ان کان علاوه پير سائين پاڳاري به ان جي حمايت ڪئي. صدر غلام اسحاق خان جي نياڻي عرفان الله مروت کي سنڌ جو گهرو معاملن جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. ڄام صادق علي ۽ عرفان الله مروت پنهنجي صلاح مشوري سان پيپلز پارٽي جي ليڊرن ۽ ورڪرن کي تنگ ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ لاءِ پنهنجي پسند جا پوليس آفيسر مقرر ڪيا ۽ ايگزيڪيوٽو سائيڊ تي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪيا ته جيئن انهن کي پنهنجي پسند جا نتيجا ملن. سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو SPs ۽ DCs کي نيون ٽويوٽا، لينڊ ڪروزر ۽ ٻيون گاڏيون ڏنيون ويون ته جيئن ڪامورا خوش رهن ۽ انهن جا هر جائز ناجائز ڪم ڪن. آصف علي زرداريءَ کان وٺي شاهنواز جوڻيجو، علي نواز شاهه، پير مظهرالحق، غلام حسين انڙ، نبن خان لنڊ، عبدالغفور نظاماڻي، منظور وساڻ ۽ ٻين تي ڪوڙا ڪيس ڪري، کين جيل ۾ وڌو ويو. پيپلز پارٽي جي ورڪرن، نظريي سان وابستگيءَ جي ڪري، هر ڏکئي وقت ۾ خنده پيشانيءَ سان هر تڪليف کي منهن ڏنو پر ڄام صادق علي ۽ ٻين مٿين حاڪمن جي ڏاڍ ۽ جبر جي آڏو نه جھڪيا. ڄام صادق علي جو دور جبر ۽ تشدد جو دور هيو ۽ ٻڌ ڇوڙ جو دور هيو. جيئن خان بهادر محمد ايوب کهڙي 55-1954 ۾ سنڌ صوبي جي وڏي وزير هئڻ جي حيثيت ۾، سنڌ جي ماڻهن سان ظلم ۽ تشدد ڪيو. MPAs کي جيل ۾ وجھي ڏاڍ ڪيو ۽ مير غلام علي ٽالپر (اسپيڪر سنڌ اسيمبلي) کي ڪوڙي ڪيس ۾ اٺ تي چاڙهي مٺيءَ موڪليو ويو ته جيئن هو سنڌ اسيمبلي جي سڏايل اجلاس جي صدارت نه ڪري ۽ سنڌ اسيمبليءَ پاران ون يونٽ جي حق ۾ قرارداد پاس ٿئي، سنڌ جو وجود ختم ٿي وڃي، ٻين صوبن سان گڏجي وڃي ۽ سنڌ جو وجود نقشي تان ئي مٽجي وڃي. اهڙن ڪڌن ڪمن ڪرائڻ ۾ مرحوم پير علي محمد راشدي، محمد ايوب کهڙي جو سڄو هٿ رهيو ۽ سڀ ڪڌا ڪم ان کان ڪرايائين. اها رڪارڊ جي ڳالهه آهي ته علي محمد راشديءَ ون يونٽ جي قرارداد جي حق ۾ سنڌ اسيمبلي کي اهو به ٻڌايو ته، اسان جي مرضي هجي يا نه هجي پر حاڪمن جي خوا هش تي ون يونٽ ڪنهن به حالت ۾ ٺهندو. اهڙو ون يونٽ ٺهرائڻ وارو لعنت جو طوق خان بهادر ايوب کهڙي جي ڳچيءَ ۾ پير علي محمد راشديءَ وڌو. عام طور تي مشهور آهي ته خان بهادر محمد ايوب کهڙو ايڊمنسٽريٽر ڀلو هيو ۽ تحريڪِ آزاديءَ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو هئائين. سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان الڳ ڪرائڻ ۾ مرحوم خان بهادر کهڙي جو ڪردار واکاڻ جوڳو هيو.
آزاديءَ کانپوءِ 1947 ۾ سنڌ جو وڏي وزير هجڻ جي حيثيت ۾ سندس ٽي ڪارناما قابلِ تعريف آهن.
پهريون مرڪز جي مرضيءَ جي خلاف ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪيائين ۽ چيائين ته ڪراچي اسان جي گادي ۽ سنڌ جو سر آهي. اسان سر ڌڙ کان جدا ٿيڻ نه ڏينداسين.
ٻيو ته هندستان مان هجرت ڪري آيل ماڻهن کي، سنڌ ۾ گھڻي تعداد ۾ آباد ڪرڻ جي ڀرپور مخالفت ڪيائين.
ٽيون ته هندن کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ دنگا فساد ڪرائي لوڌي ڪڍڻ جي سخت مخالفت ڪيائين ۽ ڪراچيءَ جي علائقي ۾ جيڪي دنگا فساد سازش طور ڪرايا ويا هئا اتي پاڻ هٿ ۾ پستول کڻي پوليس فورس سان گڏ هندن کي بچايائين. پر جيئن ته اهي دنگا فساد مرڪز جي شرارت تي ٿيا هئا، تنهن جي ڪري اهي بند ٿي ڪو نه سگھيا ۽ هندو ويچارا لڏي ويا ۽ کهڙي صاحب کي مرڪز سان مهاڏي اٽڪائڻ ۾ پنهنجي وزارتِ اعليٰ تان هٿ کڻڻو پيو. سکر شهر ۾ مسجد منزل گاهه جي ڪري جيڪو فساد ٿيو هئو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. ان ۾ مسلمانن تي ڪافي ڪوڙا ڪيس ٿيا. انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، انهن جي جان ڇڏايائين. اهي ته هيون کهڙي صاحب جون ڪجھه چڱايون، جن جي ڪري کيس سنڌ جو فولادي ماڻهو ڪري لکيو ويندو هو، پر ون يونٽ جهڙي ڪُڌي ڪم ڪرڻ جي ڪري، سندس نالو تاريخ ۾ سٺن لفظن سان نه ٿو لکيو وڃي. نه صرف سنڌ جو وجود ختم ڪرايائين پر سنڌ صوبو، جيڪو ٻين سڀني صوبن کان وڌيڪ خوشحال هيو. ان جي بجيٽ سرپلس هئي ۽ ٻيا ٽئي صوبا کوٽ ۾ هيا، سنڌ جي بجيٽ جا پنجٽيهه ڪروڙ سنڌ کان ون يونٽ حڪومت کي مليا ۽ صوبائي انتظام هليو. وڌيڪ ٻيو جيڪو کهڙي صاحب غلط ڪم هيو اهو هيءُ ته، ڪنهن به سرڪاري ملازم کي، ڪم ڪندڙ ڪيڊر ۾ ڪنفرم نه ڪيائين. جيڪڏهن ڊپٽي ڪمشنر يا SP آفيشيٽنگ هيو ته انهن کي ڪنفرم ڪو نه ڪيائين، اهي ويچارا انهيءَ گريڊ ۾ بغير ڪنفرميشن جي رٽائر ٿي ويا. ان جي برعڪس خيرپورميرس اسٽيٽ ۾، مرحوم ممتاز حسين قزلباش وڏي وزير جي حيثيت ۾ هر ملازم کي پنهنجي پنهنجي ڪيڊر ۾ ڪنفرم ڪيو. مثال طور مسٽر عبدالوهاب شيخ خيرپور ۾ مختيارڪار هيو. ون يونٽ ٿيڻ سان ڪنفرم هجڻ جي ڪري لاڙڪاڻي ۾ اسٽنٽ ڪمشنر ٿي آيو، ٽن سالن جي اندر ان جو پروموشن ٿيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿيو.
مشهور پوليس آفيسر محمد پڃيل جوڻيجو، خيرپور اسٽيٽ ۾ ڪنفرم SI هيو. ون يونٽ ٿيڻ کانپوءِ جلدي انسپيڪٽر ٿي لاڙڪاڻي ۾ آيو. مرحوم خان بهادر احمد خان ڀٽي جي علائقي نئين ديري ۽ رتيديري ۾ پوليس انسپيڪٽر هيو. امن امان قائم ڪيائين. ڀٽن صاحبن جي به ان تي مهرباني هئي. چور چڪار سندس نالو ٻڌڻ سان ڏڪي ويندا هئا. محمد پڃيل انسپڪيٽر مان SP ٿيو. ان کان بعد DIG ٿيو. مارشل لاء اختيارين جي ڌٻاءَ وجھڻ ۽ جيل ۾ وجھڻ باوجود، ڀٽي صاحب تي مارشل لاء اختيارين کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪوڙي شاهدي ڪونه ڏنائين ۽ مڙس ماڻهو ٿي تڪليفون برداشت ڪيائين. ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته ماڻهوءَ جون چڱايون ياد رهنديون آهن ۽ ڳايون وينديون آهن. خان بهادر ايوب کهڙي جو، جيئن مون پهرئين ذڪر ڪيو آهي ته، زندگيءَ جو ڪجھه حصو ماڻهن جي خدمت ۾ گذريو ۽ ماڻهن به کيس چڱي موٽ ڏني، جنهن جي ڪري وزير، وزيرِاعليٰ ۽ مرڪز جو وزير به رهيو. پر سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ڀولڙي اڳئي نچڻي، رهندو ٻڌوس گهنڊڻي، ته تماشو ئي ٿيندو. مرحوم علي محمد راشدي اڳئي فتني انگيزيءَ جو ماهر هيو، تنهن خان بهادر کهڙي کان غلط ڪم ڪرايا، جنهن جي ڪري ان جو نالو تاريخ ۾ چڱن لفظن سان نٿو ورتو وڃي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ڪنهن به عام چونڊ ۾ پارٽي بنياد تي اليڪشن ٿيندي ته سندس پونئيرکي ووٽ ڪو نه ملندا ۽ ڪاميابي ماڻي ڪو نه سگھندا. مسٽر نثار احمد کهڙو سندس ڀائٽيو آهي. جنهن جي پرورش ۽ پالنا خان بهادر کهڙي ڪئي، پر نثار کهڙو سياسي سوچ وارو ماڻهو آهي. پيلپز پارٽيءَ ۾ سٺي وقت تي آيو ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ سٺو ڪم ٿو ڪري، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته پاڻ وزير رهيو آهي. سنڌ صوبي جو صدر به رهيو آهي. ماشاالله سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر به رهيو ته هن وقت سينيئر وزير به آهي.

جي ايم سيد جي حمايت باوجود پير علي محمد راشدي، سيد عبدالله شاهه کان اليڪشن هارائي ويو

1990 جي چونڊن کانپوءِ مرڪز ۾ نواز شريف جي حڪومت قائم ٿي. نواز شريف به بي واجبي ٻڌ ڇوڙ جو سلسلو شروع ڪيو ۽ سيف الرحمن جي سربراهيءَ هيٺ احتساب بيورو قائم ڪيائين. محترمه بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي ٻين ڪيترن ئي ليڊرن تي احتساب آرڊيننس جا ڪيس داخل ڪرايائين، جن ۾ پير مظهرالحق، مير منور ٽالپور، آغا سراج دراني، نادر علي خان مگسي، سردار محمد مقيم کوسو ۽ ٻيا شامل آهن. جيئن ته ميان نواز شريف جي طبيعت جھڳڙالو هئي، تنهن ڪري حڪومت هلندي صدر غلام اسحاق خان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جناب آصف نواز جنجوعا سان سندس اختلاف پيدا ٿي پيا. محترمه بينظير ڀٽو به نواز شريف حڪومت جي خلاف سياسي تحرڪ پيدا ڪيو. لانگ مارچ جو سڏ ڏنائين. گھڻي سياسي ڇڪتاڻ کانپوءِ صدر غلام اسحاق خان نواز شريف جي حڪومت کي دستور جي آرٽيڪل 58-2B تحت برخاست ڪري اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون. نواز شريف سپريم ڪورٽ ۾ (3)184 ۾ سڌي پٽيشن داخل ڪئي، جيڪا چيف جسٽس نسيم حسن شاهه جي سربراهيءَ ۾ هلي ۽ نواز شريف جي حڪومت بحال ڪئي وئي. جسٽس سجاد علي شاهه جيڪو ان وقت سپريم ڪورٽ ۾ جج هيو، تنهن انهيءَ فيصلي سان اختلاف ڪندي اها درخواست رد ڪئي ۽ ان ۾ ذڪر ڪيائين ته هت پاڪستان ۾، سپريم ڪورٽ جي آڏو انصاف جا ٻه معيار آهن. جيڪڏهن لاڙڪاڻي جو وزيراعظم آهي ته ان جي درخواست (3)184 ۾ ساڳين الزامن هوندي رد ڪئي وڃي ٿي، 1990 ۾ محترمه پنهنجي حڪومت جي ڊاهڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست وڌي ته اها رد ڪئي وئي. پر جيئن ته نواز شريف لاهور جو رهاڪو هيو، ان ڪري اها درخواست چيف جسٽس نسيم حسن شاهه جي سربراهيءَ ۾ بحال ڪئي وئي. جسٽس نسيم حسن شاهه اهو جج آهي جنهن شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ڏنل ڦاسيءَ جي سزا بحال رکي هئي. هُن ڪجھه سالن کانپوءِ جيو چينل جي هڪ پروگرام جوابدهه ۾ اهو تسليم ڪيو هئو ته سرڪار جو ڪيس ڪمزور هيو. مرحوم ڀٽي کي ڇڏڻ گھرجي ها، پر جيئن ته مارشل لاء اختياريءَ وارن جو دٻاءُ هيو، تنهن ڪري اسان ڦاسيءَ جي سزا بحال رکي. سزا بحال ڪندڙ ججن ۾ چار جج پنجاب جا هئا. ڀٽي مرحوم جي اپيل بحال ڪرڻ ۽ ڇڏڻ جي حق ۾ ٽي جج هيا. هڪ مرحوم جسٽس عبدالحليم ٻيون جسٽس دوراب پٽيل سنڌ صوبي جا هئا ۽ ٽيون جسٽس غلام صفدر شاهه سرحد صوبي جو هيو. پر نواز شريف جي حڪومت بحال ٿيڻ کانپوءِ مهيني ڏيڍ جي اندر حالتون ايڏيون ته خراب ٿي ويون جو فوج کي مداخلت ڪرڻي پئي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف عبدالوحيد ڪاڪڙ نواز شريف کان استعيفا ورتي ۽ ان کانئس اهو به لکرايو ته قومي اسيمبلي ٽوڙي نيون چونڊون ڪرايو وڃن. صدر غلام اسحاق خان کان به استعيفا ورتي وئي، ان جي جاءِ تي سينيٽ جو چيئرمين وسيم سجاد قائم مقام صدر ٿيو ۽ معين قريشي کي آمريڪا مان گھرائي نگران وزيراعظم ڪيو ويو. صوبائي اسيمبليون به ٽوڙيون ويون ۽ اتي به نگران حڪومتون ٺاهيون ويون. سنڌ ۾ مرحوم جسٽس علي مدد شاهه کي نگران وزيراعلي ڪيو ويو.
صوبائي ۽ قومي سطح تي چونڊون ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو ٿي ۽ سنڌ ۾ سيد عبدالله شاهه وزيراعليٰ منتخب ٿيو. سيد عبدالله شاهه صاحب مرحوم کي سنڌ جو سٺو وزيراعليٰ ڪري ياد ڪيو وڃي ٿو. شاهه صاحب مرحوم پنهنجو سياسي ڪيريئر 1960 ۾ يونين ڪائونسل بوبڪ جي چيئرمين جي حيثيت ۾ شروع ڪيو. پاڻ ماشاء الله پڙهيل لکيل، هاءِ ڪورٽ جو وڪيل هيو. سندس آفيس بندر روڊ تي هئي. 1970 جي اليڪشن ۾ شاهه صاحب پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪٽ تي، سنڌ جي جھوني سياستدان مرحوم پير علي محمد شاهه راشديءَ کي، سيوهڻ جي صوبائي حلقي ۾ وڏي اڪثريت سان شڪست ڏني، جڏهن ته مرحوم علي محمد راشديءَ کي مرحوم جي ايم سيد جي ڀرپور حمايت حاصل هئي، پر شاهه صاحب سٺي اسر رسوخ وارو ۽ علائقي جو ماڻهو هيو. سون تي سهاڳ اهو ٿيو ته پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ هئس، ان ڪري شاندار ڪاميابي حاصل ڪيائين. پهرئين دفعي ئي سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر منتخب ٿيو. ٿوري عرصي کانپوءِ سنڌ ۾ ممتاز علي ڀٽي صاحب، شهيد ذولفقار علي ڀٽي جي اجازت سان، سنڌ جو فوڊ ۽ ايگريڪلچر ڪوآپريٽو جو وزير ڪري رکيس، جتي سائينءَ سٺو ڪم ڪيو.
1985 جي نان پارٽي اليڪشن ۾ جيڪي چونڊون پيپلز پارٽي جي بائيڪاٽ ۾ ٿيون هيون، ان ۾ بهرو ورتائين ۽ سيد ڪوڙل شاهه مرحوم جي مقابلي ۾ هار کاڌائين. بعد ۾ سيد ڪوڙل شاهه محڪمه جيل جو وزير ٿيو. انوقت چيف منسٽر سيد غوث علي شاهه هيو. 1988 جي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪٽ تي بهرو ورتائين ۽ صوبائي اسيمبلي تي سيوهڻ جي حلقي مان منتخب ٿي آيو. سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر به ٿيو. 1990 جي چونڊن ۾ سائين عبدالله شاهه صوبائي اسيمبلي جي سيٽ هارائي هئي ته، محترمه سندس عزت افزائي ڪري، کيس سينيٽ جو ميمبر چونڊرايو. 1993 جي اليڪشن ۾ سيوهڻ جي تڪ تان چونڊجي آيو ۽ سنڌ جو وڏو وزير ٿيو.
عبدالله شاهه صاحب جي لاءِ اهو مشهور آهي ته ڪم ڪرڻ جو تڪڙو، فائل پڙهڻ ۽ آرڊر ڪرڻ ۾ ڀڙ هيو. هڪ بهادر انسان، يارن جو يار، پارٽيءَ جو وفادار، سندس دور کي چڱي نموني ۾ ياد ڪيو ٿو وڃي، خاص ڪري امن امان بهتر رکيائين. ڪراچي شهر ۾ آپريشن به ان جي ڏينهن ۾ ٿيو هيو، جنهن ڪري ڪراچيءَ مان ٻوري بند لاش ملڻ جو سلسلو بند ٿيو ۽ سنڌ ۾ ڪافي ترقياتي ڪم ٿيا، جن ۾ حيدرآباد کان سيوهڻ روڊ اڄ به زندهه مثال آهي. هٿن جي ڪنگڻن کي آئينو ڪهڙو ڏيکارجي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته سيوهڻ کان لاڙڪاڻي تائين 250 ڪلوميٽر انڊس هاءِ وي اڃان تائين ٺهي ڪو نه سگھيو آهي ۽ رستو هلڻ جھڙو ڪو نه آهي، ماڻهن جون دانهون ڪو به ٻڌڻ وارو ڪو نهي. نوڪريون به ان جي زماني ۾ بغير ڪنهن متڀيد جي، معيار تي مليون ۽ ڪنهن به طرف کان ڪابه شڪايت ڪا نه ملي. عبدالله شاهه مرحوم جنهن کي حضرت پير سائين پاڳارو سڪندر شاهه ثاني پيار مان لڪياري لال ڪري سڏيندو هيو. شاهه عبدالطيف ڀٽائي صاحب اهڙن ماڻهن لاءِ چيو آهي ته
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
شاهه صاحب سٺو دوست، سٺي ايڊمنسٽريٽر طور ڪم ڪندڙ ۽ چڱو نالو ڇڏي ويندڙن مان هڪ آهي. الله تعالي سندس مغفرت فرمائي، سندس درجا بلند ڪري ۽ جوارِ رحمت ۾ جڳهه ڏئي. ان جي وڃڻ جي ڪري جيڪو سياسي خال پيدا ٿيو آهي سو نه ڀرجي سگھيو آهي، جيتوڻيڪ سندس فرزند سيد مراد علي شاهه پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر مرحوم عبدالله شاهه جهڙو سنهڙو سيپڪڙو ماڻهو، جنهن هيڏو نالو ڇڏيو آهي، ان جو نعمل بدل ملڻ مشڪل آهي.
1993 جي اليڪشن ۾ مون محترمه کي سائين قائم علي شاهه جي روبرو ٻڌايو هيو ته، مير مرتضيٰ ڀٽي جي لاڙڪاڻي جي اليڪشن ۾ بيهڻ ڪري، محترمه بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ان جي مدد ڪندي ۽ مسٽر ممتاز علي ڀٽي سان ان جو، اليڪشن جو جوڙ توڙ ٿيندو ۽ محترمه بيگم نصرت ڀٽو جي اثر رسوخ وارا ماڻهو رتيديري ۾ کيس ووٽ ڏيندا ۽ لاڙڪاڻي ۾ ممتاز علي ڀٽي جا ماڻهو مير مرتضي ڀٽي کي ووٽ ڏيندا. بيگم نصرت ڀٽو جي مداخلت جي ڪري پيپلز پارٽي جي ووٽن ۾ گھٽتائي ايندي ۽ مان سڄو وقت مخالف بئنچ تي ويهي، حڪومت وقت جي مخالفت ڪندي ماڻهن جا ذاتي ڪم ڪار ڪري ڪو نه سگھيو آهيان، تنهن هوندي به محترمه چيو ته توهان اليڪشن وڙهو، ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ڪو نه بيهارينديس، الله ڀلي ڪندو. محترمه بيگم نصرت ڀٽو کي طاقتور ڌرين اهو اطمينان ڏياريو هو ته، اُهي مير مرتضي ڀٽي کي سنڌ جو چيف منسٽر ڪرائيندا، جنهن جي ڪري ان کي دمشق مان گھرائي اليڪشن ۾ بيهاريو ويو هيو. اليڪشن ٿيڻ کان بعد ٿيو اهو، جنهن جو مونکي خدشو هيو. بيگم نصرت ڀٽو جي چوڻ تي سومرن ۽ گهانگھرن صاحبن ووٽ ڪو نه ڏنا ۽ نئين ديري ۽ ان جي پس گردائيءَ ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي چوڻ جي ڪري ووٽ نه مليا ڇو ته مير مرتضي، ممتاز علي ڀٽي کي اثر وارا ووٽ ڏياريا.

پيپلز پارٽيءَ ۾ سزا ۽ جزا جو عمل ڪو نه آهي

لاڙڪاڻي مان مير مرتضي ڀٽو ۽ رتيديري مان ممتاز علي خان ڀٽو منتخب ٿيا. رزلٽ اچڻ بعد محترمه لاهور مان ڏيڍ ڪلاڪ فون تي ڳالهايو ۽ هر هڪ پولنگ اسٽيشن جي رزلٽ پڇيائين. مون ان کي صحيح حقيقت ڪري ٻڌائي. نئون ديرو شهر لاءِ پڇا ڪيائين ته سيد قطب شاهه ووٽ ڏيارايا يا نه؟ مون چيو مانس ته ان صاحب ووٽ نه ڏيارايا آهن. محترمه چيو ته ان کي جسٽس سيد سجاد علي شاهه جهليو هوندو، ڇو ته جسٽس سيد سجاد علي شاهه جي ڀاءُ امير علي شاهه جي نياڻي جي شادي سيد قطب شاهه جي پٽ سان ٿيل آهي ۽ رتيديري جي سومرن صاحبن ۽ گهاگھرن صاحبن به ووٽ ڪو نه ڏنا، حالانڪ گھانگھرن صاحبن اليڪشن جي رات پولنگ جي خرچ لاءِ پئسه به گھرائي ورتا هيا. مونکي هي چوندي ڪو به افسوس ڪو نه آهي ته پيپلز پارٽي ۾ سزا ۽ جزا جو عمل ڪو نه آهي. جنهن جي گھرن ته مدد ڪن، جنهن لاءِ وڻين ته مدد نه ڪن. هر ڪو پنهنجي خانيءَ خان آهي. سومرا صاحب پيپلز پارٽيءَ جي 2008 جي اليڪشن کٽڻ کان پوءِ رتيديري ۽ لاڙڪاڻي جا، خاص طرح سان اياز سومرو، ڊاڪٽر شفقت حسين سومرو ۽ بابو نصرت حسين سومرو ولد مرحوم عبدالواحد سومرو سياح ۽ سفيد جا مالڪ ۽ ڪرتا ڌرتا رهيا آهن. هر ڪم انهن جي اشاري تي يا انهن جي حڪم تي پيو ٿئي.
محترمه شهيد بينظير ڀٽو اليڪشن جي رزلٽ جي 25 ڏينهن کان پوءِ، باءِ ايئر ڪراچي پهتي. بقول جسٽس آغا رفيق احمد جي، جيڪو ان وقت سنڌ سرڪار ۾ لا سيڪريٽري هيو ته، محترمه حسبِ معمول استقبال ڪندڙ ماڻهن سان سلام ڪري تڪڙو تڪڙو اڳتي وڌي وئي ۽ پوءِ پوئتي نظر ڦيرائيندي کيس (جسٽس آغا رفيق احمد کي) استقبال ڪندڙ ماڻهن جي سامهون چيائين ته ”جسٽس سيد سجاد علي شاهه کي مبارڪ ڏيو، جو ان جي مدد سان ممتاز علي خان ڀٽو ڪامياب ٿيو آهي ۽ منهنجو اميدوار سيد ديدار حسين شاهه ڪامياب نه ٿيو آهي.“ محترمه تمام باخبر ۽ هر معاملي جو فهم ۽ ادراڪ رکندڙ هئي. ان کي اها به خبر هئي ته سيد سجاد علي شاهه، قطب شاهه تي زور وجھي ووٽ ڦيرائيندو ۽ ان جي ڳوٺ ۾ جج صاحب ٿي ڪري، دخل اندازي ڪرائي، ممتاز صاحب کي ڪامياب ڪرائيندو. آغا رفيق جي نياپي ڏيڻ بعد بقول آغا صاحب جي ته، جسٽس سجا علي شاهه پريشان ٿي ويو، کيس خبر هئي ته محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿيندي ۽ صوبن ۾ به ان جي اشاري تي حڪومتون ٺهنديون.
1993 جي اليڪشن ۾ پنهنجي ناڪاميابي کان پوءِ مون پارٽيءَ کي سينيٽر ٿيڻ لاءِ درخواست ڏني ۽ پارٽيءَ جي دستوري فيس ٽيهه هزار به جمع ڪرائي ڇڏي. 3 ۽ 4 اپريل 1993 جي رات تي، ڀٽي صاحب جي ورسي واري رات، محترمه حسبِ معمول ورسي ملهائڻ لاءِ آيل معزز مهمانن لاءِ رات جي مانيءَ جو بندوبست ڪيو هو، جنهن ۾ مان به شريڪ هيس. مهمانن جي آمد شروع ٿي وئي، آهستي آهستي مهمان ايندا رهيا. مرحوم الطاف حسين ڀيو MNAشڪارپور ڳڙهي ياسين وارو به آيو. پاڙيسري هجڻ جي ناتي منهنجو ساڻس سٺو واسطو هيو. MNA ٿيڻ کان اڳ به تمام سٺو واسطو هيو ڇو ته ڀيو صاحب ان کان اڳ رتيديري ۾ ڪميشن پاس ڪري اسسٽنٽ انجنيئر ٿي آيو هو، بعد ۾ نوڪري تان استعيفي ڏئي سياست ۾ شامل ٿيو. پاڪستان مان پيپلز پارٽي جا سرڪرده اڳواڻ آيل هئا. ڀيو صاحب به آيو ۽ سڪ ادب سان اچي مليو. حال احوال ڪندي، ڀيي صاحب چيو ته محترمه توهان لاءِ هڪ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، منهنجي پڇڻ تي چيائين ته، جيئن ته توهان سنڌ هاءِ ڪورٽ جا وڪيل آهيو ۽ هاءِ ڪورٽ جي جج ٿيڻ جا اهل آهيو، تنهن جي ڪري محترمه توهان کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪندي. مون چيو مانس ته جيڪي خدا بهتر ڪري، جتي عزت جو مقام ملي، اتي مان خوش آهيان. مون کي هروڀرو سينيٽر ٿيڻ جي خواهش ڪو نه آهي. ٿيو به ائين، ٽن مهينن کانپوءِ مون کي 6 جون 1994 ۾ ٻين دوستن سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل جج ڪري کنيو ويو. مون سان گڏ مسٽر جسٽس راڻا ڀڳوان داس، مسٽر جسٽس علي محمد بلوچ، ميڊم ماجده رضوي، مسٽر جسٽس عبدالمجيد خانزادو، مسٽر جسٽس شفيع محمدي ۽ مسٽر جسٽس غلام حيدر لاکو کنيا ويا. حلف کڻڻ کانپوءِ پهرين روسٽر ۾ مون کي جسٽس مامون قاضي صاحب سان ويهاريو ويو، ڇو ته نون ججن کي مهينو ٻه ڪنهن سينئر جج صاحب سان ڪم ڪرڻ لاءِ رکيو ويندو آهي. جسٽس مامون قاضي تمام قابل، اهل، ايماندار، خدا جو خوف رکندڙ ۽ ڪنهن کان به نه ڊڄڻ وارو جج هيو. هن وقت رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي. جسٽس قاضي مامون سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس به رهي چڪو آهي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ به نالي ۽ عزت وارو جج ٿي رهيو آهي.
1999 ۾ مشرف جي ملٽري انقلاب کان پوءِ هُن PCO جي تحت حلف نه کنيو ۽ رٽائرڊ ٿي ويو. قاضي صاحب جي بئنچ ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري، مون ڪافي ڪم سکيو ۽ هئين سان هنڊايو. محترم قاضي صاحب اها به نصيحت ڪئي ته ”شاهه صاحب جج جي حيثيت سان ڪنهن به قسم جو آرڊر، ٻي ڌر کي نوٽيس ڏيڻ کان سواءِ ڪڏهن به نه ڪجو، ان ۾ ئي انصاف جي بهتري آهي. ٻنهي ڌرين کي ٻڌڻ کان بعد ڪو به آرڊر ڏيڻ انصاف جي عين مطابق آهي.“ مون قاضي صاحب جي ان سٺي صلاح تي سڄي زندگي عمل ڪيو ۽ ڪڏهن به، ڪنهن به وڪيل کي، ڪنهن به ڪيس ۾ نوٽيس ڏيڻ کانسواءِ، ڪو به آرڊر ڪو نه ڏنو. ٻن مهينن کان پوءِ نئين روسٽر ۾ مونکي اوريجنل سائيڊ تي جج مقرر ڪيو ويو، جتي تمام وڏا ڪيس هلندا آهن. مونکي ياد آهي ته پهرئين ڏينهن ئي ٻه ٽي ڪيس لڳل هئا، جن ۾ اسٽي آرڊر جي درخواست لڳل هئي ۽ وڪيل محترم خالد انور، عبدالحفيظ پيرزادو، مرحوم خالد اسحاق ۽ شريف الدين پيرزادو صاحب هيا. مون سڀني وڪيلن صاحبن کي گذارش ڪئي ته انصاف جي تقاضا اها آهي ته نوٽيس ڏئي، ٻنهي ڌرين کي ٻڌي پوءِ آرڊر ڪبو، اهو ٻڌي وڪيلن صاحبن چيو ته بهتر آهي. اهڙن ناليوارن وڪيلن کي همٿ ڪري، جواب ڏئي مون هاءِ ڪورٽ بار کي پيغام موڪليو ته جسٽس ديدار حسين شاهه کان بغير نوٽيس جي رليف ڪو نه ملندو، سڀئي وڪيل صاحب ڏاڍا خوش ٿيا. اسان الله کي سنڀالي جنهن عهدي جو قسم کنيو هيو، ان تي هلندي، بغير مت ڀيت جي ڪيسن ۾ رليف ڏنو ۽ جيئن ته جج جو اهو فرض آهي ته هو بغير خوف خطري، حرص ۽ لالچ جي، انصاف جي تقاضا کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪري. منهنجي ان روِش (رويي) جي ڪري اوريجنل سائيڊ جو روسٽر به رهيو، ان سان گڏ فوجداري اپيلن ۾ به ڪو جونيئر جج وهاري ڊويزن بئنچ ۾ چڱا فيصلا ڪياسين.
مونکي ياد اچي ٿو ته 1994 جي آخر ۾ SAGA (سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن) جو ساليانو ڪنوينشن آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيو، جنهن ۾ سگا وارن مون کان صدارت ڪرائي ۽ مهمانِ خصوصي سائين عبدالله شاهه چيف منسٽر سنڌ هيو. ان ڪنوينشن ۾ سائين عبدالله شاهه ۽ آءُ گڏ ويٺا هياسين. مونکي ڊاڪٽر سليمان شيخ، جيڪو پڻ منهنجي ڀرسان ويٺو هيو، چيو ته سگا کي پئسن جي سخت ضرورت آهي. توهان پنهنجي تقرير ۾ سائين عبدالله شاهه کي گذارش ڪيو ته، سٺ لک پنهنجي چيف منسٽر جي گرانٽ مان ڏئي. ڇاڪاڻ ته توهان سان سائين عبدالله شاهه انڪار ڪو نه ڪندو. سائين عبدالله شاهه توهان سان گڏ MPA به رهيو آهي ۽ توهان جي رٿ تي ئي سنڌ اسيمبلي ۾ ريزوليشن آيو هو، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ منظور ڪيو هو. مون تقرير ڪندي سائين عبدالله شاهه کي گذارش ڪئي ته، الله تعالي توهان کي سنڌ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي. سنڌ جي خدمت ڪيو، ان سان گڏوگڏ سگا جي به مالي سهائتا ڪيو ۽ سٺ لک روپيه انهن کي هڪ دم ڏيو ته جيئن انهن جو ڪم ڪار هلي سگھي. سائين عبدالله شاهه پنهنجي واري تي مهمانِ خصوصي جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي چيو ته، ٻن ذاتين وارا ماڻهو سخت ٿيندا آهن ۽ انهن کي جواب ڏيڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي، اهو منهنجو ذاتي مشاهدو آهي. هڪڙا آهن سيد سڳورا ۽ ٻيا ٻروچ ڏاڍا مڙس، تنهنڪري مان جسٽس سيد ديدار حسين شاهه جي گذارش تي، سنڌ صوبي جي مالي حالت خراب هوندي به سگا کي سٺ لک ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو. سگا جي ڪنوينشن هال ۾ ويٺل ماڻهن جي تاڙين جو آواز گونجي ويو ۽ سگا وارا ڏاڍا خوش ٿيا. مون اٿي بيهي سائين عبدالله شاهه کي عرض ڪيو ته، قبله صرف اعلان نه گھرجي، توهان فنانس سيڪريٽري کي حڪم ڪيو ته پئسا رليز ڪري. تقرير ڪرڻ بعد سائين جڏهن مون سان اچي ويٺو ته ڪچهري ڪندي ٻڌايائين ته جڏهن هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جي کڻڻ جو مرحلو آيو ته وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو وٽ اهي سمريون آيون، جن ۾ مختلف ايجنسين جهڙوڪ اسپيشل پوليس I.S.I، انٽيليجنس بيورو I.B وغيره جون رپورٽون هر هڪ فائيل سان گڏ لڳل هيون، توهان جي فائيل ڏسڻ کان پوءِ محترمه مسڪرايو، سبب پڇڻ تي محترمه ٻڌايو ته ايجنسين وارا ڪجھه نه ڪجھه اوڻايون ۽ ڪميون پيشيون لکندا آهن، پر مونکي خوشي ٿي آهي ته سيد ديدار حسين شاهه جي فائيل ۾ ڪجھه به مخالفت ۾ ڪو نه آهي ۽ مان ذاتي طور سڃاڻان ٿي ته هو تمام شريف، ايماندار، قابلِ ۽ ڀروسي وارو ماڻهو آهي ۽ سڀني ايجنسين به پنهنجي رپورٽن ۾ Neat & Clean (صاف سٿرو) لکيو آهي.
اوريجنل سائيڊ تي سوٽ هلائيندي هڪڙو واقعو ياد اچي رهيو آهي ته سعودي عرب جي ڪنهن شيخ جي ايجنسي سان PIA پاڪستان مان ۽ سعودي عرب جي ايئرپورٽ تان، ٽريول ايجنسي جو ٽن سالن جي مدي جو معاهدو ٿيل هيو. جڏهن PIA ڏٺو ته ماڻهن جو تعداد ۽ آمدو رفت سعودي عرب لاءِ حج ۽ عمرو ڪرڻ سبب تمام وڌي وئي آهي ۽ PIA جو سعودي عرب ٽريول ايجنسي کي ٺيڪو ڏيڻ ۾ نقصان ٿي رهيو آهي ته ٽن سالن جو مدو ختم ٿيڻ کان مهينو اڳ، ان کي نوٽيس ڏنو ويو ته ٽن سالن کان پوءِ توهان سان ايگريمنٽ يا معاهدو ڪو نه ٿيندو ۽ اسان ٽڪيٽ پاڻ ڏينداسين. ايگريمنٽ ۾ هڪ شِڪَ اهڙي به هئي ته ٻنهي ڌرين جي نا اتفاقيءَ جي ڪري مسئلو آربيٽريٽر (امين) ڏي موڪلي سگھجي ٿو پر جيئن ته سعودي عرب ايئر لائينز جو PIA کي ڪاروبار واپس ڏيڻ جو ارادو ڪو نه هيو، جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”انهن جي گوڏ ۾ پٿر هيا“.
سعودي عرب جي ٽريول ايجنسيءَ ڪراچي جي ناليواري مسٽر شريف الدين پيرزادي کي وڪيل ڪيو، جنهن سول سوٽ داخل ڪري، ڪنهن هاءِ ڪورٽ جي جج صاحب کان نوٽيس ۽ بعد ۾Status-quo Order (جنهن حالت ۾ آهي ان حالت ۾ هجي وارو آرڊر) ڪرائي ڇڏيو. اهو اسٽي آرڊر PIA جي خلاف ڇهن مهينن تائين هليو. جڏهن اهو ڪيس مون وٽ روسٽر ۾ آيو، تڏهن سعودي عرب جي ٽريول ايجنسيءَ جي وڪيل مهملي جي درخواست ڏئي ٽي دفعا تاريخ ورتي. جنهن تي PIA جي وڪيل مسٽر خالد اسحاق مرحوم اعتراض ڪو نه واريو. آخرڪار نون مهينن کانپوءِ ڪيس هليو. ٻنهي ڌرين کي ٻڌي ڪري مون اسٽي آرڊر خارج ڪيو ته PIA وڃي پنهنجي ايجنسي پاڻ هلائي. سعودي عرب جي ان ٽريول ايجنسيءَ منهنجي ان فيصلي جي خلاف اپيل ڪئي جيڪا پڻ رد ٿي.

اردشير ڪائوسجي جو منهنجي خلاف لکيل ڪالم ۽ ان کانپوءِ جو تاثر

هن کان اڳ مان پي آءِ اي ۽ سعودي عرب جي هڪ ٽريول ايجنسيءَ جي سول سوٽ جو ذڪر ڪري چڪو آهيان، سعودي عرب جي ٽريول ايجنسي جيڪا ڪنهن اثر رسوخ واري شيخ صاحب جي هئي، جيئن ته قانون ۽ انصاف کي نظر ۾ رکندي، مون اسٽي آرڊر جج جي حيثيت ۾ واپس ورتو هو، ان جي ڪري ٽريول ايجنسي جي اثر رسوخ وارن مالڪن ۽ ٻين واسطيدارن جي چوڻ تي اخبارن ۾ غلط رپورٽون ڪرايون ويون. حقيقت اها آهي ته جون 1994ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سنڌ جي آباديءَ کي مد نظر رکندي صحيح ۽ واجب سمجهي لوڪل ماڻهن کي سٺي نمائندگي ڏيئي ڪري جج طور مقرر ڪيو هو، جنهن ۾ عورتن کي پڻ نمائندگي ڏني وئي هئي ۽ محترمه ماجده رضويءَ کي مهاجر هوندي به پوري اهليت هجڻ جي ڪري ميرٽ تي ٻين ججن وانگر منتخب ڪيو ويو.
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”رٺي اڳي ئي ويٺي هئي، ويتر آيس پيءُ ماءُ جو نياپو ته هڪدم برقعو پائي گهران نڪتي“ اهڙي طرح محترمه جي پاران مقرر ڪيل ججن جي خلاف اردو توڙي انگريزي اخبارن ۾ طوفان بدتميزي برپا ڪيو ويو.
جج صاحبن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ڏسڻ ۽ سندن پاران صحيح نموني ڌرين کي انصاف مهيا ڪرڻ جي جذبي کي ڏسڻ کانسواءِ، تعصب کي اڳيان رکي اهو مشهور ڪيو ويو ته، سڀ جيالا جج ڀرتي ڪيا ويا آهن، ماحول کي خراب ڪرڻ لاءِ ڀرپور پروپيگنڊا ڪئي وئي. انهيءَ هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ سعودي عرب جي ٽريول ايجنسيءَ خلاف مون فتويٰ ڏني هئي، جنهن تي سپريم ڪورٽ تائين به اپيل وئي، اتي به منهنجو آرڊر بحال رکيو ويو، پر مخالفت ۾ لکندڙن کي ڪير پئي روڪي سگهيو. روزاني ڊان ڪراچيءَ جي انگريزي اخبار، جنهن کي سڄي پاڪستان توڙي ٻاهر عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي ۽ ان ۾ لکندڙ ڪالم نگار به تمام سٺا ۽ تجربيڪار آهن. مسٽر اردشير ڪائوسجي به هر آچر تي هڪڙو ڪالم لکندو هو، هاڻي ڪائوسجي صاحب لاڏاڻو ڪري ويو آهي، مان سندس تدفين ۾ پڻ شريڪ ٿيو هيس.
بيماريءَ دوران به مان سندس عيادت ڪرڻ ويو هئس. اردشيرڪائوسجي جا وڃي ڪنهن ماڻهوءَ ڪن ڀريا ته جسٽس ديدار حسين شاهه پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت پاران جج مقرر ٿي آيو آهي، ٻين ججن وانگر هيءُ به جيالو جج آهي ۽ بي انصافي ڪري سعودي عرب جي ٽريول ايجنسيءَ جي خلاف فتويٰ ڏني اٿس، انهن سان وڏي بي انصافي ٿي آهي. مرحوم اردشير ڪائوسجي بغير ڪيس ڏسڻ، پڙهڻ ۽ غور فڪر ڪرڻ جي، ڊان اخبار جي آچر واري پرچي ۾ پنهنجو سڄو ڪالم منهنجي خلاف لکي ڇڏيو، جنهن جي هيڊنگ ڏنائين ته ”جسٽس آف اي جيالا جج“ Justice of a Jiala Judge مون ۽ منهنجي دوستن آرٽيڪل پڙهيو، ڏاڍو ڏک ٿيو، ته هن جهان ۾ صحيح ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي، سواءِ صبر ڪرڻ جي ٻيو چارو ڪو نه هو.
مون وٽ جيئن ته اوريجنل سائڊ جو روسٽر هيو ۽ سول سائيڊ جا ڏکيا ۽ وڏا ڪيس هلندڙ هيا. ڪيسن هلائڻ ۾ ۽ وڪيلن کي ٻڌڻ ۾ وقت لڳندو هو، پر صبر ۽ اخلاق جي دائري ۾ رهي ڪري ڪيس هلايم، ڪيسن کي مڪمل ڪرڻ وارين درخواستن کي پيار ۽ سڪ سان رد ڪري، وڪيل صاحبن کي آماده ڪيم ته ڊيوٽي حق ۽ حلال سان ادا ڪجي، توهان پنهنجو فرض ادا ڪيو، وڌيڪ اسان پنهنجو فرض ادا ڪنداسين. مان ڪوشش ڪندو هوس ته ڪنهن سان به بي انصافي نه ٿئي، اهڙي سٺي ماحول ۾ هلندي ۽ پنهنجي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ڪم آڻيندي فيصلا ڏنا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اهو مشهور ٿي ويو ته جسٽس ديدار حسين شاهه ڪيس هلائي ٿو ۽ نبيرو ڪري فتوائون به ڏئي ٿو، جنهن ڪري ماڻهو انصاف جي حصول لاءِ پريشانين کان بچن ٿا.
ٿيو ائين ته ڊان ۾ آرٽيڪل لکڻ جي ڇهن ستن مهينن کان پوءِ مرحوم اردشير ڪائوسجي جو ذاتي ڪيس مون وٽ آيو، جنهن ۾ هو پاڻ مدعي هيو ۽ سنڌ سرڪار ٻي ڌر هئي، ڪيس اهو هيو ته اردشير ڪائوسجي جي زمين، شاهراهه فيصل تي ريجنٽ پلازه هوٽل جي ويجهو هئي ۽ سنڌ سرڪار لينڊ ايڪيوزيشن ايڪٽ تحت اها زمين کنئي هئي ته جيئن اتي سرڪار جي پاران اهڙو ادارو ٺاهجي جيڪو عوام جي خدمت لاءِ ڪم ۾ اچي.
زمين به سرڪار کنئي ۽ لينڊ ايڪيوزيشن آفيسر جيڪو اسسٽنٽ ڪمشنر يا ڊپٽي ڪمشنر ٿيندو آهي، ان کان زمين جو ايوارڊ به پنهنجي مرضيءَ تي تيار ڪرائي تمام ٿورا پيسا اردشير ڪائوسجي کي ڏنا ويا. ڪائوسجي تمام پڙهيل لکيل، تجربيڪار ۽ واپاري قسم جو ماڻهو هيو ۽ اها به حقيقت آهي ته پارسي ڪميونٽيءَ ڪيترا سٺا اسڪول، ميٽرنٽي هوم، اسپتالون ۽ ڪاليجَ ٺهرايا آهن، جيڪي اڄ به اونچو ڳاٽ ڪري ڪراچيءَ جو مان مٿانهون ڪري رهيا آهن.
اردشير ڪائوسجي به ڪراچيءَ جي لينڊ مافيا، لينڊ گريبرز ۽ ماحوليات جي آلودگيءَ خلاف ۽ ڪراچيءَ جي پلي گرائونڊز ۽ باغن کي بچائڻ لاءِ وس ڪيو، اخبارن ۾ لکيائين ۽ ڪورٽن ۾ به ويو، جتان ان ڪراچيءَ جي هر ٻرندڙ مسئلي کي کڻي ڪورٽن مان رليف ورتو، جنهن جو مثال ڪلفٽن ۾ جڳ مشهور گلاس ٽاور آهي جيڪو ڪلفٽن روڊ جي ڪافي ايراضي قبضي هيٺ آڻي ٺهرايو ويو هيو، پنهنجي پاران وڪيل مقرر ڪري ۽ بلڊر مافيا جي وڏي زور بار کي نظر انداز ڪندي، سپريم ڪورٽ مان ان کي ڊاهڻ جو آرڊر وٺي آيو ۽ سڄي ڪراچيءَ ڏٺو ته اهو روڊ طرف وڌايل حصو جيڪو حقيقت ۾ گلاس ٽاور جو منهن هيو ان کي ڊاهيو ويو.
هڪ ڏينهن ڪيس هلائيندي ڏٺم مرحوم اردشير ڪائوسجي فل سوٽ ۽ ميچنگ جي وڏي ناٽ واري ٽائي هڻي، پنهنجي مشهور اسٽڪ جيڪا عمر جي لحاظ کان هميشه ساڻ کڻندو هو، ڪورٽ جي آداب کي لحاظ ۾ رکندي اچي ڪورٽ ۾ ويٺو. ريڊر واري تي اردشير ڪائوسجيءَ جو ڪيس به منهنجي آڏو رکيو، جيئن مون اڳ ذڪر ڪيو آهي ته اوريجنل سائيڊ جي ڪيسن هجڻ جي ڪري تمام نالي وارا وڪيل ۽ واسطيدار ڌريون شاهدن سميت موجود هونديون هيون ته جيئن سڏ ٿئي ته ڌريون موجود هجن ته ڪيس هلن.
ڪائوسجي صاحب جي ڪيس سڏڻ سان ڪائوسجي صاحب ويهڻ واري جاءِ تان اٿي اچي ڪورٽ جي آڏو بيٺو. مون ڪائوسجي صاحب کي ڏسي کليل ڪورٽ ۾ وڪيل صاحبن ۽ تمام گهڻن ماڻهن جي روبرو چيو ته ڪائوسجي صاحب توهان هڪڙي جيالي جج جي آڏو ڪيئن پنهنجو ڪيس هلائڻ لاءِ کڻي آيا آهيو! توهان منهنجي خلاف ڊان اخبار ۾ هيڏو سارو ڪالم لکيو، جيڪو حقيقت جي بلڪل برعڪس هيو پر صبر ڪندي مون اهو صدمو برداشت ڪيو ۽ توهان کي ڪجهه به نه چيو نه چورايو ۽ نه ئي وري ڪا شڪايت ڪئي ته توهان ان جي ڪا ترديد شايع ڪريو. توهان جي نظرن ۾ مان انصاف ڪو نه پيو ڪريان ۽ جيالو جج آهيان، ته پوءِ توهان مون مان ڪهڙي انصاف جي اميد رکو ٿا؟
مان توهان جو ڪيس ڪو نه هلائيندس ۽ مان Not Before Me لکي ٿو ڇڏيان، توهان وڃي ڪنهن ٻئي هنڌان انصاف جي گهر ڪريو، توهان جي لکيل آرٽيڪل کي مون نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي پر خدا تعاليٰ انصاف ڪندو.
چوندا آهن ته نادر به نادر آهي پر قادر به قادر آهي. مرحوم ڪائوسجي صاحب کليل ڪورٽ ۾ وڪيلن ۽ سڀني ماڻهن جي روبرو اهو اعتراف ڪيو ته، منهنجو ڪالم غلط فهميءَ ۽ بغير تحقيق جي لکيل هيو، مون کي ان لکڻيءَ تي افسوس آهي ۽ مون کي هاڻي هاءِ ڪورٽ جي ڪيسن ۾ اچڻ وڃڻ ۽ ٻڌڻ کان پوءِ محسوس ٿيو آهي ته توهان ڪيس به هلايو ٿا ۽ بغير پسند ناپسند جي قانون کي نظر ۾ رکندي انصاف به ڪيو ٿا. مون کي توهان تي مڪمل اعتماد آهي، توهان منهنجي ان ڪالم کي نظر انداز ڪيو، جنهن تي مان نادم ۽ شرمسار آهيان. مون کي معاف ڪيو، Not Before Me نه لکو ۽ ڪيس هلايو. مون ڪائوسجي صاحب جي ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ اهو محسوس ڪيو ته انصاف ڪرڻو آهي، پنهنجي پسند ۽ ناپسند جو مسئلو نه آهي، سو مون ڪيس کڻي ايڊووڪيٽ جنرل بورڊ آف روينيو اينڊ لينڊ ايڪيوزيشن آفيسر کي نوٽيس ڏنو ته هو حاضر به ٿين ۽ سول سوٽ ۾ جواب دعويٰ، ڪمينٽس ۽ ڊاڪيومينٽس به جمع ڪرائين. مهيني کان پوءِ ڪيس هلڻ لاءِ پيش ٿيو، مون کي ياد اچي ٿو ته ان وقت ايڊووڪيٽ جنرل مرحوم مسٽر عبدالغفور منگي صاحب هيو جنهن سان گڏ سرڪاري ڪارندا، لينڊ ايڪيوزيشن آفيسر ۽ ٻيا حاضر ٿيا، اچڻ سان عبدالغفور منگي کليل ڪورٽ ۾ اعتراف ڪيو ته معاوضو زمين جو ڪراچيءَ جي حساب سان برابر گهٽ مليل آهي ۽ جيڪڏهن اردشير ڪائوسجي قبول ڪري ته ڪو بي رياءُ، ايماندار آرڪيٽيڪٽ ۽ سرويئر مقرر ڪجي جيڪو سروي ڪري، زمين جي پسگردائي جي صورتحال ڏسي ۽ گذريل سالن ۾ جيڪو وڪرو ٿيو آهي اهو به نظر ۾ رکي، ان جي جامع رپورٽ ٺاهي وڃي، جنهن جي اچڻ کان پوءِ ڪورٽ وس واري آهي، جيڪو آرڊر هجي اهو ڪري. مون ڪائوسجي صاحب کان پڇا ڪئي، جنهن به ان تجويز جي تائيد ڪئي ته مون کي اها ڳالهه پسند آئي.
مسٽر عبدالغفور منگي ايڊووڪيٽ جنرل، مسٽر پي ڪي شاهاڻي جيڪو مشهور آرڪيٽيڪٽ ۽ سرويئر هيو، ان کي اردشير ڪائوسجيءَ قبول ڪيو.
ٻنهي ڌرين جي رضامنديءَ سان ان کي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو ته ڌرين کي نوٽيس ڏئي، سائيڊ تي وڃي ڪري، سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي، انصاف ۽ حقيقت تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪري. ڪمشنر جي في ان وقت 50،000 رپيا مقرر ڪئي وئي، جيڪا سنڌ سرڪار ۽ اردشير ڪائوسجيءَ ڀري، مقرر وقت جي اندر مرحوم مسٽر پي ڪي شاهاڻي سچائي ۽ ايمانداريءَ تي ٻڌل رپورٽ ڏني، جيڪا ڪورٽ ۾ پيش ٿي ۽ مسٽر عبدالغفور منگي مرحوم فراغ دليءَ سان ان رپورٽ کي قبول ڪيو، بائي ڪنسينٽ By Consent رڪارڊ تي آئي ۽ مون ڊگري جاري ڪرڻ جو آرڊر ڪيو. مرحوم ڪائوسجي کي ٻڌايم ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ تو کي انصاف به هڪ جيالي جج ڏنو آهي
مسٽر اردشير ڪائوسجي فيصلي ٻڌڻ کان پوءِ کليل ڪورٽ ۾ اهو اعتراف ڪيو ته منهنجو ڪالم ڊان اخبار ۾ توهان جي خلاف لکيل ڪنهن غلط فهمي تي ٻڌل هيو. مون کي ان تي نهايت افسوس آهي، ان کان پوءِ مون به اردشير ڪائوسجي جي مخالفت تي ٻڌل ڪالم کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي فرض جي ادائيگي ۽ ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ اڳ کان وڌيڪ تحرڪ ورتو ۽ پراڻن پينڊنگ پيل ڪيسن جي نبيري لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا.
اوريجنل سائيڊ تي تمام پراڻا ڪيس لڳل هئا، جن کي به هلائڻو هو ۽ ڌرين کي ٻڌي ڪري فتوائون به ڏيڻيون هيون. جج جي لاءِ ڪورٽ جو صحيح نموني ۾ وقت کي ورهائي هلائڻ تمام ضروري هوندو آهي، سو مون وڪيل صاحبن کي عرض ڪيو ته مهرباني ڪري تعاون ڪريو. ضروري درخواستون اڳ ۾ لڳرائي انهن جو فيصلو ڪرايو. ان کان بعد اسٽي آرڊر منظور ڪرائڻ لاءِ درخواستون لڳرايو. اهو سڄو ڪم 8:15 کان 10:30 چانهه جي وقفي تائين پورو ڪرايو. ان کان پوءِ پراڻا ريگيولر ديواني مقدما مهرباني ڪري هلايو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رولز موجب سول مقدمن ۾ ڪورٽ ڪمشنر مقرر ڪري سگهي ٿي. ڌرين جي منظوريءَ سان جيڪي ڪمشنر، تجربيڪار ۽ رٽائرڊ سيشن جج يا آفيشل اسائني يا وري سينئر وڪيل سول دعوائن ۾ شاهدن جون شاهديون رڪارڊ ڪندا آهن، جن ۾ مک پڇا ۽ آڏي پڇا به هوندي آهي. اهي شاهديون رڪارڊ تي اچي وينديون آهن ۽ رڪارڊ جو حصو هونديون آهن.
اوريجنل سائيڊ تي پينڊنگ (رهيل) ڪيس به تمام گهڻا پراڻا لڳل هوندا آهن، مون جج جي حيثيت ۾ وڪيل صاحبن کي عرض ڪيو ته جن ڪيسن ۾ مدعي ۽ مدعا عليه ٺهي ويا آهن، انهن جا ڪيس تڪڙي درخواست ڏئي مون کان منظور ڪرائي، روسٽر برانچ ۾ ڏئي، ڪيسن جي تاريخ واسطيدار وڪيل صاحب پنهنجي مرضيءَ تي وٺن. مان اهي ڪيس به هلائيندس ته جيئن ڪيسن جو نبيرو ٿئي.
حقيقت هيءَ آهي ته ڪورٽ جي ڊگهي پروسيس جي ڪري ڌريون ڪورٽ ۾ حاضريون کائي کائي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري ٺهي وڃڻ کي بهتر سمجهن ٿيون. مون وڪيل صاحبن کي عرض ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي ريگيولر ڪيس ضررو هلايو ۽ باقي ڪيسن ۾ پنهنجي مرضيءَ تي تاريخ وٺو.
ڌرين ۾ ٺهي وڃڻ وارا ڪيس به گهٽ ۾ گهٽ ٽن کان چئن تائين ضرور لڳندا هئا. 2:30 وڳي کان 4:00 وڳي تائين اهي ڪيس هلندا هئا ۽ ماڻهن کي ڪيسن ۾ ترت ۽ جلد انصاف ملندو هيو. ان جو اهو اثر ٿيو ته مون وٽ اوريجنل سائيڊ جو روسٽر (ڪم) 1994ع کان فيبروري 2000ع تائين رهيو. چار فيبروري 2000ع تي مون کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ڪري مقرر ڪيو ويو، ان لاءِ 3 فيبروري 2000 تائين مون وٽ مسلسل اوريجنل سائيڊ جو روسٽر رهيو.
ڪم ڪرڻ ۽ ان ۾ دلچسپي وٺڻ جي ڪري مونکي به ڪم سکڻ جي ۽ صحيح ڪم ڪرڻ جي خبر پئي، مون ۾ پاڻ ڪم ڪرڻ جو اعتماد وڌيو. مون کي ياد ٿو اچي ته پاڪستان جي وڪالت جي شعبي ۾ وڏو نالو مرحوم خالد اسحاق صاحب جو هو، جيڪو هڪ ايماندار، اهل ۽ ڄاڻو وڪيل ٿي رهيو آهي. اهو صاحب هڪڙو سول سوٽ ڊڪلريشن ۽ دائمي اسٽي آرڊر جي لاءِ کڻي آيو، ان ۾ مدعي هئي ”ٽپال ٽي داڻي دار پرائيويٽ لميٽيڊ“ ۽ ٻي ڌر هئي ”لپٽن ييلو ليبل، داڻي دار ٽي ڪمپني لميٽيڊ.“ ڪورٽ ۾ جناب خالد اسحاق صاحب اهو دليل ڏنو ته داڻي دار لفظ کي جنم ۽ مشهوري ٽپال ٽي ڪمپنيءَ ڏني آهي. ٽپال ٽي ”داڻي دار“ جي ڪاميابي ۽ گهڻو وڪرو ڏسي، لپٽن ييلو ليبل وارن ”داڻي دار“ چانهه جي نالي سان هڪ برانڊ متعارف ڪرائي آهي، ان جي خلاف عارضي منع نامو ڏنو وڃي، نه ته ٽپال داڻي دار چانهه کي تمام گهڻو نقصان رسندو. مون مسٽر خالد اسحاق کي عرض ڪيو ته داڻي يا داني دار لفظ ڊڪشنريءَ جو آهي، ان تي توهان جي اها دعويٰ ته اسان ان لفظ کي ايجاد ڪيو آهي، سا غلط آهي، جي توهان داڻي دار لفظ جي پبلسٽي ڪرائي آهي ته توهان ايترو ڪمايو به آهي، مون کيس چيو ته مون کي توهان جي لاءِ عزت ۽ احترام آهي پر هت ڌرين جي وچ ۾ انصاف ڪرڻو آهي، توهان کي خبر آهي ته مان نوٽيس کان سواءِ ڪڏهن به ۽ ڪو به اسٽي آرڊر (عارضي منع نامو) جاري ڪو نه ڪيو آهي، ٻي ڌر لپٽن ييلو ليبل داڻي دار ٽي ڪمپنيءَ کي نوٽيس ڪڍون ٿا، تاريخ توهان پنهنجي مرضيءَ جي وٺو، ٽن ڏينهن کان پوءِ جي تاريخ خالد اسحاق صاحب ورتي ۽ مقرر وقت تي لپٽن ييلو ليبل داڻي دار چانهه وارن پاران به هڪ نالي وارو وڪيل مرحوم فتح علي ويلاڻي، جيڪو ٽريڊ مارڪ ايڪٽ ۾ ايڪسپرٽ تسليم ڪيو ويندو هو، ان وڪالت نامو لپٽن ييلو ليبل پاران پيش ڪيو. ڪيس ڏاڍو اهميت جوڳو هو، وڪيل به تمام اهل ۽ نالي وارا هئا، هڪ ڏينهن سڄو مسٽر خالد اسحاق مرحوم دليل ڏنا ۽ مختلف ڪورٽن جي ڪيسن کي بطور Precedent جي طور تي پيش ڪيو. ٻئي ڏينهن تي مسٽر فتح علي ويلاڻي پنهنجي ڪمپنيءَ پاران دليل ڏنا ۽ ان به ورجايو ته داني دار يا داڻي دار لفظ اردو ۽ سنڌي ڊڪشنريءَ ۾ استعمال ٿيل آهي، ان کي ايجاد ٽپال ڪمپنيءَ وارن ڪو نه ڪيو آهي ۽ مارڪيٽ کليل آهي، ٻئي ڪمپنيون پنهنجون شيون مارڪيٽ ۾ پيش ڪن، جنهن ڪمپنيءَ جي چانهه سٺي هوندي! ان کي عام پبلڪ پسند ڪندي ۽ وٺندي، باقي هڪڙي ڪمپنيءَ جي حق ۾ آرڊر پاس ڪرڻ ٻي ڌر جو گلو ڪٽڻ جي برابر آهي. ٻنهي ڌرين جي دليلن ٻڌڻ کان پوءِ مون خالد اسحاق صاحب جي عارضي منع نامي جاري ڪرڻ واري درخواست رد ڪئي. ٽپال داڻي دار ڪمپني ان آرڊر جي خلاف انٽر ڪورٽ اپيل DBA ۾ ڪئي. اتي به اها اپيل رد ٿي، ان کان پوءِ خالد اسحاق صاحب مرحوم سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ اپيل دائر ڪئي ۽ اها اتي به رد ٿي ۽ منهنجو آرڊر بحال رهيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لاءِ اهو عام مشهور آهي ته ان جو دهلي هاءِ ڪورٽ وارو ورتاءُ ۽ نمونو آهي، جتي پاڪستان مان لڏي آيلن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. سنڌي وڪيل، جج بطور جيڪڏهن کنيو وڃي ٿو ته اهو تمام وڏي عمر جو، جنهن کي 62 سال پورا ڪرڻ ۾ ٽي يا چار سال هوندا ته ان کي جج ڪري کڻندا ته جيئن جلد ئي رٽائر ٿي وڃي ۽ جيڪڏهن ڊسٽرڪٽ جج مان هاءِ ڪورٽ جج کڻڻو آهي ته، ميرٽ ۾ جيڪڏهن ڪو سنڌي اڳتي آهي ته ان کي پٺتي ڪري، پنهنجي پسند تي پنهنجي لڏي آيل ماڻهوءَ کي جج ڪرائيندا. نوجوان سنڌي وڪيلن کي ٿوري عرصي جي اندر گهر ڀيڙو ڪيو ويندو ته متان گهڻي سروس کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا چيف جج يا پاڪستان ۾ چيف جج ٿين.
انهن کي پوري ملازمت ڪرڻ جو موقعو نٿو ڏنو وڃي، جنهن جو زندهه مثال مسٽر جسٽس رٽائرڊ عبدالقادر هاليپوٽو، مسٽر جسٽس رٽائرڊ مشتاق ميمڻ، مسٽر جسٽس رٽائرڊ راجا قريشي (مرحوم) ۽ مسٽر جسٽس رٽائرڊ ايم ايل شاهاڻي قابل ذڪر آهن. محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ به، هاءِ ڪورٽ جي ججز جي مقرري ڪرڻ ۾ لوڪل سنڌي ماڻهن سان ناروا سلوڪ رکيو وڃي ٿو ۽ انهن کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. انهن ڳالهين کي مد نظر رکندي محترمه شهيد بينظير ڀٽو صاحبه جون 1994ع ۾ ڇهه جج صاحب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کنيا هئا، جنهن ۾ سنڌ ۾ رهندڙ هر آباديءَ کي نمائندگي ڏني وئي هئي ۽ وري محترمه اپريل 1995ع ۾ هيٺ ذڪر ڪيل وڌيڪ جج صاحب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ڪيا.
مسٽر جسٽس حامد علي مرزا، مسٽر جسٽس آغا رفيق احمد، مسٽر جسٽس رشيد اي رضوي، مسٽر جسٽس عبدالحميد ڊوگر، مسٽر جسٽس عبداللطيف قريشي ۽ مسٽر جسٽس شاهنواز اعواڻ. انهن صاحبن جي حلف کڻڻ کان پوءِ ڄڻ ته ڪراچي ۾ باهه ٻري وئي ۽ اردو پريس ۽ مهاجر وڪيلن زور شور سان اخبارن ۾ آرٽيڪل لکڻ شروع ڪيا ته جونيئر سيشن جج ۽ ٻيا نامناسب ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن. حقيقت اها آهي ته ”حب علي نه پر بغض معاويه“ واري پهاڪي تحت اهو سڀ ڪجه ٿي رهيو هو. جيئن ته محترمه جي پاران کنيل ججن ۾ لوڪل ماڻهن جي اڪثريت هئي، تنهن ڪري انهن جي تقرري اسان جي دوستن کان هضم نه ٿي سگهي، جنهن ڪري بي واجبي وڏو طوفان کڙو ڪيو ويو.
هاءِ ڪورٽ جي جج جي مقرريءَ لاءِ صرف اهو شرط آهي ته هن جو وڪيل جي حيثيت سان هاءِ ڪورٽ ۾ ڏهن سالن جي وڪالت جو تجربو هجي. ڊسٽرڪٽ جج جي ايليوسيشن لاءِ اهو شرط آهي ته اهو ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ 3 سال ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٿي رهيو هجي. وزيراعظم واسطي دار هاءِ ڪورٽ جي چيف جج سان Consultation کان پوءِ ججن کي مقرر ڪري سگهي ٿو، سياسي وابستگي رکڻ يا نه رکڻ ڪو مسئلو ڪو نه رهيو آهي، مسلم ليگ سان واسطي دار ماڻهو هاءِ ڪورٽ جا جج ۽ چيف جج ٿي رهيا آهن ۽ انهن جي بائيو ڊيٽا ۾ اهو لکيل آهي ته هو مسلم ليگ جا عهديدار به رهيا آهن، جن ۾ قابل ذڪر نالا مسٽر جسٽس وحيدالدين احمد، مسٽر جسٽس نواب قدير الدين احمد، مسٽر جسٽس زيڊ ايڇ لاري، مسٽر جسٽس محمد ظهور الحق، مسٽر جسٽس غوث علي شاهه، مسٽر جسٽس عبدالرزاق ٿهيم ۽ ٻيا ڪيترائي نالا آهن، ڪنهن جا کڻي ڪنهن جا کڻان.
جسٽس سجاد علي شاهه سينيارٽي جي حساب سان چوٿين نمبر تي هيو، پر ان کي پنهنجو سمجهندي محترمه ٽن ججن کان سپرسيڊ ڪرائي. کيس چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪيو. شاهه صاحب آغا رفيق احمد جي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج ٿيڻ تي خوش ڪو نه هو. الجهاد ٽرسٽ وارن ججن جي مقرريءَ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بينچ اها پٽيشن غير مناسب سمجهي رد ڪئي ۽ وري جناب حاذق الخيري، وڪيل الجهاد ٽرسٽ جي چيئرمين کان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ اپيل داخل ڪرائي، جيڪا تمام جلدي مقرر ڪرڻ لاءِ رکي وئي ۽ ڪراچيءَ ۾ اهو الجهاد ٽرسٽ ڪيس هليو. ججن صاحبن جا ريمارڪس اخبارن ۾ ايندا رهيا. محسوس اهو ٿي رهيو هو ته محترمه جي پاران مقرر ڪيل ججن کي گهڻو ڪري فارغ ڪيو ويندو ۽ ٿيو به ائين ته سڄي پاڪستان مان هاءِ ڪورٽ جا 23 جج ڪڍيا ويا، جن کي ٻڌو به ڪو نه ويو ۽ اهي ان ڪيس ۾ ڌر به ڪو نه هيا. فيڊريشن آف پاڪستان ڌر هئي، جنهن کي حڪم ڪيو ويو ته صحيح مقرري ڪو نه ٿي آهي، تنهن ڪري 23 ماڻهن کي فارغ ڪيو وڃي ۽ اهي فارغ ڪيا ويا. ڪراچيءَ ۾ ڪيس هلندي جيڪي ججن صاحبن ريمارڪس پئي ڏنا، انهن مان اهو محسوس ٿي رهيو هو ته ڪافي ماڻهن جي مٿان تلوار هلندي. مون هڪ دفعي ٽِي روم ۾ چانهه پيئڻ کان واپس ايندي مسٽر جسٽس حامد علي مرزا کي ٻانهن کان وٺي پاسي ۾ بيهاري چيو ته، سائين جسٽس سجاد علي شاهه تمام تڪڙو وڃي رهيو آهي، ڪافي جج صاحب نڪرندا ۽ منهنجي اها پيشن گوئي آهي ته سينيارٽي جي معاملي کي کڙو ڪري 19 يا 20 مهينن کان پوءِ سائين سجاد علي شاهه کي نوڙ ڳچيءَ ۾ وجهي، پنهنجا ئي جج لاهيندس ۽ ٿيو به ائين جيڪا هڪ تاريخي حقيقت آهي.
مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته جيئن قاضي مامون صاحب 1996ع ۾ ججز ڪيس اچڻ کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيو ته، ان منهنجي فيصلي ٿيل ڪيسن جو رڪارڊ ڏسي ۽ بار جي سٺن عهديدارن کان راءِ وٺڻ کان پوءِ منهنجو ڪيس Confirmation لاءِ مٿي موڪليو.
سائين سجاد علي شاهه به پنهنجي حساب ڪتاب سان وڪيلن ۽ ٻين ماڻهن کان منهنجي متعلق پڇيو، پر ڪنهن به طرف کان منهنجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ايمانداراڻي روش تي آڱر ڪو نه کنئي وئي. الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ججز ڪيس جي وڪڙ کان به نڪري Confirm جج جي حيثيت سان حلف کنيم، اهو صلو مليو ايمانداري، محنت ۽ بي ريائي سان ڪم ڪرڻ جو!

عبدالله شاهه جي ضمانت کڻڻ سبب مون کان به انتقام ورتو ويو

1996ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مسٽر فاروق احمد خان لغاريءَ، جنهن کي پارٽيءَ صدر مملڪت ڪرايو، اقتداري ڌرين سان ملي محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ڪوڙن الزامن ۽ بي بنياد ڳالهين جي بنياد تي برخاست ڪيو. پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين کي فوراَ ختم ڪيو ويو. پاڪستان ۽ ان جي صوبن ۾ نگران سيٽ اپ آيو. فاروق احمد خان لغاري، جيڪو صدر مملڪت هيو، ان جي مدد سان ممتاز علي خان ڀٽو نگران چيف منسٽر ٿيو. ٻڌ ڇوڙ جو سلسلو شروع ٿي ويو. اڳئين چيف منسٽر، مسٽر عبدالله شاهه کي احتساب بيورو جي قانون تحت گرفتار ڪيو ويو ته، شاهه صاحب جي ضمانت جي درخواست مون کي هلائڻ لاءِ موڪلي وئي. درخواست ۾ سرڪاري وڪيل ۽ سرڪاري آفيسرن کي نوٽيس اڳ ۾ ئي ٿيل هو. منهنجو طريقيڪار اهو هيو ته چانهه جي وقفي کان پوءِ فوجداري ڪيس، ڪسٽم ايپليٽ ٽربيونل جا ڪيس هلڻ لاءِ فڪس ٿيندا هئا.
عبدالله شاهه مرحوم سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير، جنهن جو وڪيل پاڪستان جو مڃيل فوجداري ڪيسن جو ماهر بئريسٽر عزيز الله شيخ صاحب هيو، ڪورٽ 8:30 وڳي شروع ٿيڻ سان ئي شيخ صاحب عرض ڪيو ته منهنجو ڪيس هاڻي کڻو. مون کيس چيو ته منهنجي ڪورٽ جو اهو مڃيل طريقيڪار آهي ته ٻي ڌر کي نوٽيس به ڏبو آهي، هن ڪيس ۾ نوٽيس اڳ ۾ ئي ڪورٽ جي پاران ٿيل آهي ۽ تاريخ به توهان جي مرضيءَ سان ڏنل آهي، جيڪڏهن توهان کي ڪيس هلائڻو آهي ته انتظار ڪريو. 11:30 وڳي تائين اچو. ڊپٽي اٽارني جنرل به اچي ۽ ڪيس جو واسطيدار جاچ ڪندڙ آفيسر (Investigation Officer) به اچي، پوءِ جيڪڏهن ڪيس هليو ته ڪيس هلائبو، پر جيڪڏهن توهان کي پاڻ تاريخ وٺڻي آهي ۽ ڪيس نه هلائڻو آهي ته پوءِ تاريخ هاڻي جو هاڻي وٺو.
مرحوم شيخ صاحب چيو ته مان انتظار ڪريان ٿو، توهان جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته ڀلي ڊپٽي اٽارني جنرل، واسطيدار جاچ ڪندڙ آفيسر ۽ پوليس پيپرز به اچن. 11:30 وڳي معمول موجب ڪيس هليو، شيخ صاحب پنهنجا نقطا بيان ڪيا ته جيئن ضمانت جي درخواست منظور ٿئي، سرڪاري وڪيل ڊپٽي اٽارني جنرل مرحوم مبارڪ حسين صديقي هيو ۽ ڪيس ۾ مون کي ياد ٿو پوي ته غلام سبحاني FIA جو انسپيڪٽر به موجود هيو. مبارڪ حسين صديقي جيڪڏهن چاهي ها ته تاريخ وٺي پئي سگهيو، پر جيئن ته هن ڪيس پڙهيو هيو ۽ پوليس پيپرز به ان وٽ هيا، ان به تقرير ڪئي ۽ ضمانت جي درخواست بحال ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. مون پوليس پيپرز به ڏٺا. جاچ ڪندڙ آفيسر چيو ته جاچ مڪمل آهي، بيان وغيره ٿي ويا آهن، صرف ڪورٽ ۾ چالان پيش ڪرڻو آهي ۽ سيد عبدالله شاهه (مرحوم) جوابدار جي حيثيت ۾ اسان اڳ ۾ ئي جوڊيشل ڪسٽڊيءَ ۾ موڪلي ڇڏيو آهي، شاهه صاحب جي ڪسٽڊي اسان کي گهربل ڪو نه آهي.
مون وڪيلن جا دليل ٻڌي، پيش ڪيل ڪورٽن جا Precedents ڏسي، غور ويچار ڪري فيصلو ڪيو ته جوابدار عبدالله شاهه پوليس کي گهربل ڪو نه آهي، جاچ مڪمل آهي ۽ جيل ڪسٽڊيءَ ۾ آهي. مون پاڻ وڪيل جي حيثيت ۾ سڄي زندگي ماڻهن کي جيل مان قانوني طور جنگ ڪري ڇڏائيندي ۽ آزادي ڏياريندي گذاري آهي ۽ مون کي ذهن ۾ اهو به آيو ته مسٽر ممتاز علي خان ڀٽو، جيئن ته چيف منسٽر آهي، سو سيد عبدالله شاهه جي حق ۾ فيصلي اچڻ کان پوءِ به وسان ڪو نه گهٽائيندو، منهنجي ڀاءُ ۽ عزيزن تي، جيڪي سرڪاري ملازم آهن، ڪوڙا ڪيس ڪرائيندو، پر انصاف کي نظر ۾ رکندي ايمان جي مضبوطيءَ سان مون ڪورٽ ۾ فيصلو لکرائڻ شروع ڪيو، جنهن تحت مون شاهه صاحب جي درخواست منظور ڪندي هن کي آزاد ڪيو. عبدالله شاهه ته خير سان آزاد ٿي ويو، پر سرڪار جي ناراضگي ظاهر ٿي پئي. منهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم سيد نياز حسين شاهه تي ڪوڙا اينٽي ڪرپشن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا، مون پنهنجي ڀاءُ جي ضمانت هاءِ ڪورٽ مان ڪرائي، عبدالله شاهه جي ضامن ٿيڻ جي ٻن ڏينهن کان پوءِ منهنجي س‍ؤٽ سيد مظفر علي شاهه کي، جيڪو ان وقت اسسٽنٽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيسر هيو، مرحوم علي گوهر مٺياڻي ايس پي، سي آءِ اي کي چئي، آفيس مان ٻڌرائي ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ رجوع ڪرايو، جنهن جي قانوني پوئواري ڪندي ڪورٽن مان جان ڇڏائي سين.
حڪومت جي تبديليءَ کان پوءِ منهنجي ڀاءُ جا ڪيس، جاچ بعد اينٽي ڪرپشن ڪاميٽي نمبر 1 ۾، جنهن جو سربراهه صوبي جو چيف سيڪريٽري هوندو آهي، پيش ٿيا. جيئن ته ڪيس ڪوڙا هئا، تنهن ڪري انهن ڪيسن کي ڪوڙو سمجهي ڪينسل ڪلاس ۾ خارج ڪيو ويو. عام طرح سان چوڻي آهي ته ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جا سؤ ڪم ڪريو پر جيڪڏهن ڪنهن مجبوريءَ ۾ هڪڙي ڪم ۾ انڪار ڪيو ته اهي سؤ ڪم ئي لڙهي ويا.
جناب ممتاز علي خان ڀٽو چيف منسٽر جي حيثيت ۾ لاڙڪاڻي جي دوري تي آيو، ان وقت لاڙڪاڻي جو ڊي سي، جنهن کي پاڻ مقرر ڪيو هيائين، ڊاڪٽر بدر اڄڻ سي ايس پي آفيسر، پڙهيل لکيل علمي ۽ ادبي دنيا ۾ چڱي نيڪ نامي رکندڙ ۽ ڀلي نالي وارو آفيسر هئو. هاڻي عزت سان رٽائر ٿي بز ٽيڪ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ ڪنهن اعليٰ عهدي تي آهي. ڊاڪٽر بدر اڄڻ جي ملاقات ڪرڻ سان، ان کي چيائين ته مسٽر امير بخش ڀٽو منهنجو فرزند ارجمند اوهان سان ملندو، ان جو ڪم ضرور ڪجو. 15، 20 ڏينهن کان پوءِ نگران وڏو وزير وري لاڙڪاڻي آيو ۽ حسب دستور ڊي سي ڊاڪٽر بدر اڄڻ ملاقات ڪيس ته ان کان پڇا ڪيائين ته، امير بخش ڀٽي (سندس فرزند) جي چيل ڪم بابت ڇا ٿيو. ڊاڪٽر بدر اڄڻ هڪ صاف گو، همٿ وارو ۽ تمام سمجهدار آفيسر هئو، هُن کيس چيو ته اهو ڪم ڪو نه ٿو ٿي سگهي، ڇو ته اهي پلاٽ سيد ديدار حسين شاهه جي محلي ۾ آهن ۽ سؤ سالن جي عرصي کان اتي سواءِ علم پاڪ ۽ عزاداريءَ جي ٻيو ڪو به ڪم ڪو نه ٿيندو آهي. مان علم پاڪ پٽرائي قبضو خالي ڪرايان، اهو ناممڪن آهي، ڇو ته مذهبي ڇڪتاڻ وڌندي ۽ امن و امان جو مسئلو پيدا ٿيندو. ان ڪري اخلاقي ۽ ايمانداريءَ جي راءِ اها آهي ته اهو ڪم ڪو به ڪري ڪو نه سگهندو ۽ ٿيڻ به نه گهرجي. اهو ٻڌڻ کان پوءِ ڊاڪٽر بدر اڄڻ کي حڪم ڪيائين ته صبح جو سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾ آمد ڪرايو.
ان بعد مسٽر عبدالقادر منگي ڊي سي ٿي آيو. ان کي به اشارو ڏنو ويو ته، ڊاڪٽر بدر اڄڻ کي انڪار ڪرڻ جي ڪري ڪڍيو ويو آهي. هيءُ ڪم توهان کي ڪرڻو آهي. منگي صاحب کين چيو ته رتو ديرو منهنجو ڳوٺ آهي، مان ڄائو به رتيديري ۾ آهيان ۽ تعليم به اتي ئي پرائي آهي. منهنجو والد رئيس علي شير منگي به رتيديري ۾ روينيو سپروائيزر ٿي رٽائر ٿيو آهي. منهنجا عزيز به رتيديري ۾ گهڻي عرصي کان رهندڙ آهن. مان سائيٽ ڏسي، جاچ ڪري ۽ ڪاغذ پٽ ڏسي توهان کي ٻڌائيندس. مسٽر عبدالقادر منگي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران کنيل فاريسٽ آفيسر هيو ۽ پشاور مان ٽريننگ ورتل هيس، وري جڏهن اسسٽنٽ ڪمشنر جون جايون خالي ٿيون ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن درخواستون گهرايون ته ان امتحان ۾ ويهي ڪامياب ٿي PCS آفيسر ٿي اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو. منگي صاحب به طبعيتن شريف النفس ۽ علم و ادب سان واسطو رکندڙ ماڻهو آهي، خوف خدا رکندڙ ۽ صحيح نموني ڪم ڪرڻ وارو آفيسر آهي. ان صاحب به، ممتاز علي خان ڀٽي جي پڇا ڪرڻ تي کيس ٻڌايو ته مان ننڍو ٿي وڏو رتيديري ۾ ٿيو آهيان، مون کي ذاتي طرح خبر آهي ته علم پاڪ واري جاءِ تي، جڏهن کان وٺي انڊوپاڪ ۾ عزاداري رائج ٿي آهي، اتي ماتم ٿيندو آهي. اهڙي نازڪ ۽ حساس مذهبي معاملي ۾ هٿ نه وجهو. ان کان بعد ممتاز علي خان ڀٽي کي شايد اهو ياد پيو هجي ته، پاڻ به وزارت کان ٻاهر ۽ وزير هوندي اتي آيو هيو ۽ سندس به سٺو استقبال ٿيو هيو، ٻي صورت ۾ ڪيئر ٽيڪر حڪومت به پوري ٿي ۽ خير سان ممتاز علي ڀٽو به اچي گهر ويٺو.
مون وٽ سيپٽمبر 1996ع کان وٺي اسپيشل ايپليٽ ڪورٽ ڪسٽم ۽ ٽيڪسيشن جي جيوريزڊڪشن Jurisdiction به هئي، جيڪا چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن ٻئي جج صاحب کي، انهن ڪيسن هلائڻ جي Jurisdiction ملي، مون کي هڪڙو ڪيس ذهن ۾ اچي ٿو جو شايد ميان فرحان رئوف جو هيو. ان صاحب تي الزام هيو ته هن لاهور جي نيشنل بينڪ مان هڪ ڪروڙ ۽ ستر لک رپيا ڪيش ورتا آهن، ان کي دبئي وڃڻو هيو ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي لهندي دبئيءَ جي وڃڻ لاءِ چيڪنگ ڪندي ڪسٽم اٿارٽيز Custom Authorities ان کان اهي پئسا هٿ ڪيا.
ڪسٽم اٿارٽيز ڪيس چالان ڪري موڪليو، ڪسٽم ڪورٽ جوابدار جي ضمانت جي درخواست رد ڪئي ۽ هن هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ درخواست وڌي. سندس وڪيل ڏاڍا نالي وارا ۽ سينيئر، هر هڪ مسٽر جسٽس عبدالقادر هاليپوٽو ۽ مسٽر شريف الدين پيرزادو هيا. ميان فرحان رؤف جي ڪيس ۾ بچاءُ اهو هيو ته، هو نولمٽ ڪنٽريڪٽر آهي، انڪم سيلز ٽئڪس ڀريندڙ آهي ۽ هو ڪيش کڻي لاهور مان ڪراچي پهتو، دبئي وڃڻ لاءِ، ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ دبئيءَ ۾ بين الاقوامي مارڪيٽ لڳندو آهي، جنهن مان کيس مشينري خريد ڪرڻي هئي. هو ڪيش بيگ کڻي مني چينجر وٽ پاڪستاني ڪرنسي تبديل ڪرائڻ لاءِ ويو پئي ته ڪسٽمز اٿارٽيز ان کي روڪيو. ڪيس هلندي مون جناب هاليپوٽي ۽ پيرزادي صاحب کي ٻڌايو ته مني چينجر ايئرپورٽ تي ڪنهن اتفاقي خرچ پکي لاءِ وڌ ۾ وڌ 50 هزار يا لک تائين، پيسا لاڳاپيل ڪرنسيءَ سان مٽائي سگهي ٿو، جنهن تي چيائون ته ڪيس ايڊجرنڊ ڪيو ته اسان اهڙو سرٽيفڪيٽ اسٽيٽ بينڪ کان آڻينداسين ته هر مني چينجر ايئرپورٽ تي ڪيترو به ۽ ڪيڏو به وڏو امائونٽ تبديل ڪرائي سگهي ٿو، جنهن جي ڪا به حد نه آهي. مون وڪيل صاحبن کي چيو ته ڀلي توهان تاريخ وٺي ۽ اهڙو سرٽيفڪيٽ اشو ڪرائي اچو. مقرر تاريخ تي وڪيل صاحب ۽ سرڪاري وڪيل ڊپٽي اٽارني جنرل پيش ٿيا. مون وڪيل صاحبن کي عرض ڪيو ته گهربل سرٽيفڪيٽ مليو. چيائون ته نه پر جيڪڏهن مني چينجر وٽ ڪيش نه هجي ها ته اسان سٽي سينٽر تبديل ڪرائڻ لاءِ وڃون ها. مون کين چيو ته ان صورت ۾ فلائيٽ توهان جي لاءِ ته ڪو نه ترسي ها ۽ هلي وڃي ها. بهرحال مون تقريرون ٻڌڻ کان پوءِ ضامن جي درخواست رد ڪئي. جوابدار چڱي اثر رسوخ ۽ وسيلن وارو هيو، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان تائين ويو، پر ان کي رليف نه مليو ۽ سپريم ڪورٽ به ميان فرحان رؤف جي درخواست رد ڪئي. ٻن ٽن مهينن کان پوءِ مسٽر عبدالقادر هاليپوٽو ڪنهن شاديءَ جي تقريب ۾ مليو. ماني گڏ کائي رهيا هياسين. کلندي چيائين ته ضامن ڏيو ها ته آسمان ڪو نه ڪري ها! مون کيس عرض ڪيو ته توهان بزرگ ڄاڻو ۽ پيرزادو صاحب تمام اهل ۽ ڄاڻو ماڻهو آهي. توهان ته گهرندؤ ته توهان جي اصيل جو ڪم ٿئي، پر ڪو قانوني نقطو به ته هجي. مون هاليپوٽي صاحب کي عرض ڪيو ته توهان ايمانداريءَ سان ٻڌايو ته جج جي حيثيت ۾ اهو ڪيس ضامن ڏيڻ جهڙو هيو؟ کلي ۽ فراغ دليءَ سان چيائين ته بلڪل ڏيڻ جهڙو ڪو نه هيو ۽ شايد توهان کي خبر ڪو نه آهي ته نواز شريف گورنمينٽ انهن ٻن آفيسرن کي پنج پنج لک رپيا ڪيش پرائز ڏنو هو، ته هنن وڏو مني اسڪينڊل وارو ڪيس هٿ ڪيو هو.
مون الله تعاليٰ جا شڪرانا ادا ڪيا ته چڱو ٿيو جو مون ضامن جي درخواست رد ڪئي، پر جيڪڏهن وڏن وڪيلن کي نظر ۾ رکندي ضامن جي درخواست منظور ڪيان ها ته ايڏي وڏي ڪيس ۾ ماڻهن کي تهمت ۽ ڪوڙا الزام هڻندي دير ئي نه ٿئي ها ته، پڪ چڱا پيسا شاهه صاحب کي مليا هوندا. جيئن چوڻي آهي ته ”جنهن کي الله رکي تنهن کي ڪير چکي.“ انهيءَ جو اثر اهو ٿيو جو 1998ع ۾ مون کي سکر هاءِ ڪورٽ بينچ ۾ سينيارٽي جي لحاظ تي هڪ سال لاءِ موڪليو ويو ۽ مون سان ٻيو جج مسٽر جسٽس انور ظهير جمالي هيو، جيڪو هن وقت سپريم ڪورٽ جو جج آهي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، فيڊرل گورنمينٽ کي لکي موڪليو ته جسٽس ديدار حسين شاهه جو هڪ سال جي لاءِ بينچ ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ تقرر ڪيو ويو آهي. انهيءَ جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي هاءِ ڪورٽ جي جج کي ڪسٽم ايپليٽ ٽربيونل جي جيوريزڊ ڪشن ڏيو. اها جيوريزڊ ڪشن لامنسٽري جي معرفت پرائم منسٽر ڏيندو آهي، ان وقت پرائم منسٽر ميان نواز شريف هيو. شايد ان کي ميان فرحان رؤف لاهور واري جو ڪيس ياد پئجي ويو سو لا منسٽري کي حڪم ڪيائين ته، ديدار حسين شاهه ڪسٽم ايپليٽ ٽربيونل جو سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، اهو ئي ڪم ڪري ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي گذارش ڪيائين ته مهيني ۾ ٻه ڏينهن يعني هر پندرنهن ڏينهن کان پوءِ ڪسٽم ٽربيونل ڪيس جي هلائڻ لاءِ جيوريزڊ ڪشن ڏيڻ لاءِ ان تي عمل ٿيو ۽ منهنجي سپريم ڪورٽ جي جج 28 اپريل 2000 ٿيڻ تائين اهو روسٽر هليو. نواز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ احتساب بيورو سيف الرحمان جي سربراهيءَ ۾ وٺ پڪڙ شروع ڪئي. سنڌ مان پير مظهر الحق، مير منور علي ٽالپر، آغا سراج دراني، جيڪي پيپلز پارٽيءَ جي وقت ۾ وزير هئا انهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيس چالان ڪيا ويا.
محترمه بينظير ڀٽو جي ان وقت جي پرنسپل سيڪريٽري احمد صادق کي به گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هُو ڀڄي اچي منهنجي ڪورٽ ۾ ويٺو، مون ان جي وڪيل عزيز الله شيخ کي چيو ته ايف آءِ آر فيڪس ذريعي گهرائي وٺو ۽ ضامن جي درخواست باقاعدي داخل ڪري، روسٽر معرفت کڻائي اچو ته نوٽيس ڏئي، ٻيءَ ڌُر کي ٻڌي ڪري انصاف ڪبو، باقي احمد صادق ڪورٽ ۾ڀلي ويٺو رهي. ڪورٽ مان ايف آءِ اي ان کي ڪو نه ٻڌندي ۽ ٿيو به ائين ئي. باقاعدي درخواست داخل ڪري ايف آءِ آر ان سان شامل ڪري داخل ڪئي وئي. ڌرين کي ٻڌي، انصاف ڪري ضامن جي درخواست قبول ڪئي وئي، پر بدقسمتيءَ سان ساڳيو احمد صادق محترمه بينظير ڀٽو تي ڪوڙو سلطاني گواهه ٿي بيٺو.
احتساب عدالت جي هڪڙي هفتي جو روسٽر مون وٽ هيو. مون کي ياد ٿو پئي ته ميڊم ناهيد خان پوليٽيڪل سيڪريٽري محترمه بينظير ڀٽو، جي درخواست داخل ٿي ته، هن جو نالو ECL مان خارج ڪيو وڃي ته جيئن هوءَ ٻاهر وڃي سگهي. مون نوٽيس ڪري سرڪاري وڪيل کي گهرايو ۽ ڪاغذ پٽ به گهرايا، سرڪاري وڪيل ڊپٽي اٽارني جنرل مسٽر مبارڪ حسين صديقيءَ اچي ڪورٽ ۾ ٻڌايو ته پنج ڏينهن اڳ، ميڊم ناهيد اهڙي ساڳي درخواست ٻاهر وڃڻ جي لاءِ ڊويزن بينچ، جنهن جو سربراهه جسٽس مامون قاضي، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ جسٽس محترمه ماجده رضوي بينچ جا ميمبر هيا تِنِ جي آڏو پڻ ڏني آهي، اهڙي آرڊر جي ڪاپي ڪورٽ ۾ به پيش ڪئي وئي ۽ ميڊم ناهيد جي وڪيل کي به ڪاپي ڏنائون. مون اها پڙهي ۽ ڊويزن بينچ جو آرڊر ڏسي کين ٻڌايو ته مان سنگل جج جي حيثيت ۾ ڊويزن بينچ جي فيصلي کي باءِ پاس نٿو ڪري سگهان. توهان مهرباني ڪري سپريم ڪورٽ ۾ وڃو. مون درخواست رد ڪئي. منهنجي خلاف پاڻ پيپلز پارٽيءَ وارن به هاءِ گهوڙا ڪئي ته پنهنجو مقرر ڪيل جج اسان جا ڪم ڪو نه ٿو ڪري. آخر شڪايت محترمه تائين پهتي، محترمه نياپو ڪيو، مون محترمه کي ميڊم ناهيد جي ڊويزن بينچ واري درخواست جيڪا رد ٿي هئي، ان جي ڪاپي ۽ پنهنجي آرڊر جي ڪاپي فاروق ايڇ نائيڪ جي هٿان موڪلي ڏني ته جيئن، محترمه پڙهي ۽ پوءِ فيصلو ڪري ته مان صحيح آهيان يا ناهيد جي ڪوڙي هاءِ گهوڙا صحيح آهي.
محترمه سڀ ڪاغذ پڙهي مون کي نياپو ڪيو ته ناهيد ڳالهه وڌائي ڪئي آهي ۽ خوامخواهه گوڙ گمسان پيدا ڪيو اٿس. توهان جو آرڊر قانون، قاعدي ۽ عدالتي روايتن مطابق آهي. توهان دل لڳائي ڪم ڪريو ۽ ڪنهن جو به فڪر نه ڪيو.
مون کي اهو ٻڌائيندي به تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته مسٽر جسٽس راڻا ڀڳوان داس، جيڪو اسان جي لاڙڪاڻي ضلعي جو آهي، سول جج کان وٺي سپريم ڪورٽ تائين سندس ڪيريئر تمام سٺو ۽ بي داغ رهيو آهي. ان جون نيڪ صلاحون ۽ مشورا به مون کي جج جي حيثيت ۾ تمام گهڻو ڪم آيا آهن جنهن ڪري سٺو ڪم ڪري سگهيو آهيان. مسٽر جسٽس حامد علي مرزا، سينيئر سول جج جي حيثيت سان ڪيريئر شروع ڪيو ۽ سٺي ڪارڪردگيءَ، ايمانداريءَ ۽ بهادريءَ جي ڪري سپريم ڪورٽ تائين پهتو. ان جي به سنگت ۽ صلاح مون کي پنهنجي ڪيريئر بڻائڻ ۾ تمام گهڻي ڪم آئي آهي. مسٽر علي محمد بلوچ نواب شاهه جو آهي، ان جي ۽ اسان جي ايليويشن Elevation گڏ ٿي هئي، جيئن ته مون اڳ ۾ به ذڪر ڪيو آهي ته ان جي سنگت، صحبت، هڪ ٻئي جا پاڙيسري ۽ هڏ ڏوکي هجڻ جي ڪري گهڻي رهي آهي.

الجهاد ٽرسٽ ڪيس وسيلي اعليٰ عدليه جا سنڌين لاءِ دروازا بند ڪيا ويا

مشهور الجهاد ٽرسٽ ججز ڪيس جي ڪري، سٺن دوستن، ڄاڻو ۽ اهل ماڻهن کي ججن جي عهدن تان لاٿو ويو، جنهن جو ڏاڍو ڏک آهي پر چوندا آهن ته ”هٿ جي وڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب“ سائين جسٽس سجاد علي شاهه جي چيف جسٽس آف پاڪستان جي وقت ۾ هيٺ ذڪر ڪيل صحيح ۽ سٺا جج صاحب نوڪريءَ مان برخاست ڪيا ويا، جن ۾ مسٽر جسٽس عبدالحميد خانزادو، مسٽر جسٽس شفيع محمدي، مسٽر جسٽس غلام حيدر لاکو، مسٽر جسٽس عبداللطيف قريشي مرحوم، جيڪو نوڪريءَ تان نڪرڻ جو صدمو برداشت نه ڪري سگهيو ۽ مهيني ڏيڍ اندر انتقال ڪري ويو، مسٽر شاهه نواز اعواڻ، مسٽر جسٽس آغا رفيق احمد، جيڪو بعد ۾ وري سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو ۽ گذريل ٽن سالن کان فيڊرل شريعت ڪورٽ جو چيف جج آهي. آغا صاحب ڏاڍو ملنسار، خوش اخلاق، ايماندار ۽ ڪم اچڻ جهڙو ڄاڻو ماڻهو آهي.
ميان نوازشريف جي وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ حسب معمول محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي دور ۾ نوڪريءَ ۾ رکيل هزارين ماڻهن کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ جا سانڀاها ٿيا، جن ۾ سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادارا، جهڙوڪ پي ٽي سي ايل، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن، سوئي سدرن گئس ڪمپني، پي آءِ اي، ڪي اي ايس سي، اسٽيل مل، ڪي پي ٽي ۽ ٻيا مختلف مالي ادارا شامل هئا. اسان وٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خوشقسمتي سان چيف جسٽس مسٽر جسٽس مامون قاضي هيو. هيءُ صاحب، بهادر، بي خوف، ايماندار ۽ قاعدي قانون جو ڄاڻو جج مشهور رهيو آهي. ان صاحب پنهنجي سمجهه موجب هڪڙي ڊويزن بئنچ ٺاهي، جنهن جو مون کي سينيارٽي جي لحاظ کان سربراهه بڻايائين. مون سان گڏ ٻيو جج جسٽس صبيح الدين مرحوم هيو، جو خود هيومن رائيٽس جو پرچار ڪندڙ ۽ وڪيل جي حيثيت ۾ انصاف ڏيارڻ جي لاءِ ڪورٽن ۾ ڀڄ ڊڪ ڪندو هيو، مرحوم جو انتقال ٿي چڪو آهي، الله تعاليٰ ان جا درجا بلند ڪري. پهرئين ڏينهن نواب کوکر ۽ ان سان پنج، ڇهه ڄڻا ٻيا پٽيشنر گڏ هئا، جيڪي نيشنل بئنڪ ۾ ملازم هيا. انهن جي پٽيشن آئي. پٽيشنز ڏسي، مون ريڊر کي چيو ته هي اسپيشل ڊويزن بئنچ ٺهي آهي جنهن ۾ سروس ميٽرس هلندا، جنهن جي لاءِ چيف جسٽس صاحب جو لکت ۾ آرڊر کپي، اهو کڻي اچو ته پوءِ ڪيس ٻڌنداسين. مان ۽ جسٽس صبيح الدين احمد مرحوم چيمبر ۾ لهي ويٺاسين، چيمبر ۾ ويهندي قانوني نقطن تي ٻنهي طرفن کان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي سين. مون مرحوم صبيح الدين احمد صاحب کي چيو ته، هيءَ وڏي ناانصافي آهي ته هڪڙي حڪومت جي وڃڻ ساڻ ٻي حڪومت اچي ۽ اڳين حڪومت جا رکيل ماڻهو ڪڍي. اسان جي معاشي، اقتصادي روايت اهڙي آهي ته هڪڙو ماڻهو ڪمائيندو آهي ۽ ان جي پويان ڏهه، ٻارنهن ڀاتي کائڻ وارا هوندا آهن، جن جي پالنا ٿيندي آهي. مون جسٽس صبيح الدين احمد کي گذارش ڪئي ته منهنجي نظر ۾ هي بلڪل انصاف ٿيندو ته، پٽيشنز جي رسپانڊنٽس کي ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ واسطيدار سرڪاري ڪامورن کي نوٽيس ڏجي، اسٽيٽس ڪو بحال رکڻ جو حڪم ڪجي ۽ واسطيدارن کان ڪمنٽس ۽ ڊاڪيومنٽس گهرائجن. اسٽيٽسڪو جي آرڊر جي ڪري موجود سرڪاري ملازم، ملازمت مان نڪرڻ کان بچي ويندا. مسٽر جسٽس صبيح الدين احمد بلڪل اها ڳالهه تسليم ڪئي ۽ اسان متفق ٿي، جيئن جيئن ڪيس ايندا ويا، تيئن تيئن انهن ۾ نوٽيس ۽ اسٽيٽس ڪو جا آرڊر ڪندا وياسين. ايئن هزارين سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ملازم بيروزگاريءَ کان بچي ويا، ڪيترائي ماڻهو اڃا نوڪرين ۾ آهن ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي رهيا آهن.
بدنام زمانه الجهاد ٽرسٽ ڪيس جي ڪري عدليه ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو. ٻاويهه، ٽيويهه جج مختلف هاءِ ڪورٽن مان گهر ڀيڙا ڪيا ويا. سنڌ جي جج صاحبان جو ذڪر ته مان اڳ ڪري چڪو آهيان، باقي جج صاحب لاهور ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جا هئا. ججز ڪيس جو بنياد به صرف آغا رفيق احمد خان کي فارغ ڪرڻو هيو، جنهن کي جناب جسٽس سجاد علي شاهه پسند نه پيو ڪري. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ڪري ڪير لوڙي ڪير“، آغا رفيق احمد خان جي ڪري، ججن جي مقرريءَ جو اختيار چيف جسٽس سجاد علي شاهه صاحب پاڻ وٽ رکيو، ڄڻ قبلو تاحيات چيف جسٽس هجي ها. دستور جي لفظ ”صلاح مشوري“ کي ايڏو ته وسيع ڪيو ويو جو ڄڻ اها سفارش ايگزيڪٽو جي مٿان بائنڊنگ هجي ۽ هو ان کان ٻاهر نه نڪري سگهندو هجي. ان جو نتيجو اهو ٿيو ته ننڍي عمر وارا سنڌي جج فارغ ڪيا ويا ۽ سڄو اختيار حڪومت کان کسجي واسطيدار هاءِ ڪورٽ ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي حوالي ٿي ويو. ان جا نتيجا 1996ع کان ويندي 2013 تائين ظاهر ٿي رهيا آهن، جو حڪومت ۽ اعليٰ عدليه جو، ججن جي مقرريءَ تي اختلاف هلندو پيو اچي پر ڪو به فيصلو واضح ڪو نه ٿيو آهي. هاڻي ته هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان بار ڪائونسل وڏي آواز ۾ اهي اعتراض اٿاري رهيا آهن ته، ججن صاحبن جي مقرري اهليت تي نه پر پنهنجي پسند ۽ ناپسند تي ڪئي ٿي وڃي، ان ۾ ميرٽ جو خيال نٿو ڪيو وڃي. اهو بحث اڄڪلهه ٽي وي ٽاڪ شوز ۽ اخبارن جي ڪالمن جي زينت بڻيل آهي. سنڌيءَ جو پهاڪو آهي ته ”اٺ تڏهن پئي رڙيا جڏهن ٻورا پئي سبيا“ سنڌ جي اصلي رهاڪن جو اعليٰ عدليه ۾ پهچڻ ڪو سولو نظر ڪو نه ٿو اچي، ڇو ته ڪجهه عرصو اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي موجوده چيف جسٽس جو اهو بيان اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ آيو هيو ته، سنڌ جي ٻهراڙيءَ جا وڪيل جج ٿيڻ جا اهل ڪو نه آهن، انهن ۾ جج ٿيڻ جي صلاحيت ڪو نه آهي. چيف جسٽس جي ان بيان تي سنڌ جي بار ايسوسيئيشن وڏو ردعمل ڏيکاريو. مظاهرا ڪيا، هڙتالون ڪيون، ٺهراءُ پاس ڪيائون ۽ سڄي سنڌ ٻري پئي. مان ذاتي طور تي سنڌ جي بار ايسوسيئيشن کي سلام ٿو ڪريان ته انهن جائز مطالبا، مظاهرا ۽ ٺهراءُ پاس ڪري، چيف جسٽس کي مجبور ڪيو ته سنڌي ماڻهن کي به ڪجهه نه ڪجهه حق ملن. ان جو اثر اهو ٿيو جو گذريل ٻن سالن ۾ ست، اٺ ماڻهو سنڌ جا سيشن جج ۽ وڪيل کنيا اٿئون. ان جي برعڪس پنهنجي پسند جا جيڪي وڪيل کنيا اٿئون، اهي سڀ نوجوان آهن ۽ انهن جي رٽائرڊ ٿيڻ ۾ قريب قريب 15 کان 20 سال لڳندا، تيستائين سنڌ جو ڪو به باشندو چيف جسٽس ٿي ڪو نه سگهندو. هونءَ به صحيح چوڻي آهي ته سنڌ ڄمڻ وارن جي لاءِ نه آهي پر لڏي آيلن جي لاءِ خلقي ويئي آهي. جيڪڏهن اسان جي صوبي ۾ سجاڳي ۽ ٻڌي نه ايندي ته اسان جو حشر به ريڊ انڊينز جهڙو ٿي ويندو، جيئن آمريڪا ۾ ٿيو هيو.
مون اڳ به ذڪر ڪيو آهي ته محترم جسٽس حامد علي مرزا کي چانهه پيئڻ کان پوءِ واپس ايندي اهو عرض ڪيو هيو ته، چسف جسٽس سيد سجاد علي شاهه صاحب تمام تڪڙو وڃي رهيو آهي، ان کي توهان پاڻ ملي چئو ته اهڙو قدم نه کڻي جو محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت غير مستحڪم ٿئي يا حڪومت هلي وڃي. جيڪڏهن حڪومت ويئي ته چيف جسٽس سجاد علي شاهه کي 19- 20 مهينن کان پوءِ نوڙ ڳچيءَ ۾ وجهي حڪومت وارا ئي ڪڍندا. جناب مرزا صاحب جواب ڏنو ته شاهه صاحب پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهي ۽ ڪنهن جي به نه ٻڌندو آهي. توهان جو اهو چوڻ ته چيف جسٽس آف پاڪستان 3 سالن کان وڌيڪ عرصو چيف جج ٿي گذاريو آهي، ان کي ڪيئن ڪڍندا؟ توهان خواهه مخواهه ويٺا پريشان ٿيو.

محترمه بينظير ڀٽو سيد سجاد علي شاهه کي چيف جسٽس ڪيو هو

ڪن آفيسرن کي نوازشريف پاران هٿ ڪڙيون هڻائي، گرفتار ڪرائي، ٽي ويءَ تي ڏيکاريو ويو. جنهن جو نوٽيس چيف جسٽس آف پاڪستان ورتو ۽ تڪڙ ڪري انهن گرفتار ٿيل آفيسرن جي ضمانت به پاڻ کنيائين ۽ وزيراعظم جي حڪم تي گرفتار ڪندڙ آفيسرن کي به نوٽيس ڏيئي گهرايائين. ان معاملي تان چيف جسٽس ۽ وزيراعظم جا پاڻ ۾ اختلاف ويا وڌندا. وزيراعظم پارليامينٽ کان ڪجهه آئيني ترميمون پاس ڪرايون. وزيراعظم ۽ ان جي حمايت ڪندڙ وزيرن ۽ ميمبرن جوش ۾ اچي پريس ڪانفرنسون ڪيون، جيڪي به جلد بازيءَ جو مظهر هيون انهن ۾ عدليه جي خلاف به ڪجهه نازيبا الفاظ ڪڍيا ويا هئا، جن جو به چيف جسٽس نوٽيس ورتو ۽ انهن کي توهين عدالت جي زمري ۾ جواب ڏيڻ لاءِ ڪورٽ ۾ طلب ڪيو. ان کان اڳ چيف جسٽس سجاد علي شاهه صاحب، سپريم ڪورٽ جي جج صاحبن کي تمام گهڻي ٿڌي سياري ۾ ڪوئيٽا رجسٽريءَ ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ موڪليو ۽ ٽن جج صاحبن کي پشاور رجسٽريءَ ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ موڪليو. ان ڪري جج صاحبان چيف جسٽس جي ان رويي تي سخت ناراض ٿيا ۽ وچ ۾ ڪن واسطيدار مخالفن، جج صاحبان کي اها خاطري ڪرائي ته توهان ڪو به قدم نه کڻو، حڪومت توهان جي مدد ڪندي ۽ توهان جي پٺڀرائي ڪندي. جيئن ته ججز ڪيس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هيو ته سينيئر جج کي چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ ڪيو ويندو ۽ سينيئر ماڻهوءَ کي اها اميد ۽ آسرو هجي ته هو به چيف جسٽس ٿي سگهي ٿو.
شاهه صاحب سيد سجاد علي شاهه جي چيف جسٽس آف پاڪستان جي طور تي مقرري، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جو مٿس هڪ وڏو احسان ۽ سٺو ڪم هيو، ڇا لاءِ ته شاهه صاحب سينيارٽيءَ ۾ چوٿين نمبر تي هيو. پر پوءِ به محترمه شاهه صاحب کي پنهنجو سمجهي چيف جسٽس مقرر ڪيو. جيڪا ڳالهه سينيئر ججن کي ڪو نه وڻي، اندر ۾ ڪڙهندا رهيا ۽ موقعي ملڻ تي مختلف رجسٽريز ۾، جيئن ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ دستور جي آرٽيڪل (3) 184 تحت شاهه صاحب جي مقرري بطور چيف جسٽس، چيلينج ڪئي ويئي. ان بنياد تي ته شاهه صاحب سينيارٽي ۾ هيٺ ڄاڻايو ويو ۽ چيو ويو ته چيف جسٽس ٿيڻ جو حق سينيئر ماڻهو جو آهي. ڪيس هلڻ کان اڳ ۾ ئي هڪڙو سينيئر جج مرحوم سعد سعود جان ۽ جسٽس چوڌري قدير احمد رٽائر ٿي چڪا هيا، باقي شاهه صاحب کان سينيئر جج جسٽس اجمل ميان هيو، جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ ڪم ڪري رهيو هيو. ڪوئٽا رجسٽري، جنهن ۾ مسٽر ناصر اسلم زاهد، جسٽس ارشاد حسن خان، جسٽس خليل الرحمان خان بئنچ ۾ هيا، هڪ شخص اسد علي جي نالي سان پٽيشن داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ وڪالت ڪرڻ جو شرف مسٽر شريف الدين پيرزادي صاحب کي هيو، جنهن ڪيس هلايو ۽ ججن صاحبن عارضي طور تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس سيد سجاد علي شاهه کي عارضي حڪم نامو موڪليو ته بحيثيت چيف جسٽس هو جوڊيشل ورڪ (ڪم) نه ڪري. ساڳيو آرڊر مسٽر جسٽس سعيدالزمان صديقيءَ جي بئنچ پشاور ۾ پاس ڪيو ۽ شاهه صاحب کي جوڊيشل ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو. اهو آرڊر ٽي وي تي به نشر ٿيو. هڪ ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چانهه پيئڻ کان پوءِ جڏهن واپس وڃي رهيا هياسين ته، مسٽر جسٽس حامد علي مرزا مون کي ٻانهن کان وٺي پڇيو ته، مون کي توهان جا 19-20 مهينا ياد ٿا اچن، سجاد علي شاهه صاحب جي خلاف آرڊر پاس ٿي ويو آهي. توهان کي ڪو غيبي علم آهي ڇا؟ مون سائينءَ کي چيو ته، سيد سجاد علي شاهه، صاحب منهنجو بهترين دوست آهي ۽ هڪ ٻئي سان حجت به آهي. مون مرزا صاحب کي چيو ته سائين مان گناهگار ماڻهو آهيان پر ٿورڙو تجربو به آهي. مون سمجهيو هيو ته جسٽس سجاد علي شاهه محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي مهربانيءَ سان چيف جج ٿيو آهي ۽ جيئن ته محترمه جي حڪومت، صدر، طاقتور ڌرين ۽ جوڊيشريءَ جي چُرچ سان بي واجبي طور تي ختم ڪئي وئي هئي ۽ ان جي جاءِ تي ميان محمد نوازشريف 3/2 جي اڪثريت کڻي آيو آهي ۽ وڏي صوبي سان تعلق رکي ٿو، تنهن جي ڪري جنهن ٽاريءَ تي شاهه صاحب بيٺو هيو (محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي حمايت تي،) ان ٽاريءَ کي ڪهاڙو کڻي پاڻ ئي ڪٽائين ته پوءِ پاڻ سلامت ڪيئن رهندو؟ مون مرزا صاحب کي ٻڌايو ته نه صرف هن منع نامي جو آرڊر ٿيو آهي، پر جلد ئي ان پٽيشن کي منظور ڪيو ويندو، شاهه صاحب کي فارغ ڪيو ويندو پر جسٽس اجمل ميان کي چيف جسٽس آف پاڪستان ڪيو ويندو. توهين عدالت جي ڪيس هلندي ميان محمد نوازشريف ٻه دفعا ڪورٽ ۾ ايس ايم ظفر جي معرفت حاضر ٿيو هيو. هڪ ڏينهن 3 ڪلاڪ ۽ ٻئي ڏينهن به 2-3 ڪلاڪ حاضر ٿيو هيو، پر توهين عدالت جو فيصلو ڪو نه ٿي سگهيو هيو. ڪيس مهمل ٿيو ته ميان محمد نوازشريف کي موٽر وي جو افتتاح ڪرڻو آهي، جنهن ڪري ان جي لاءِ ڪيس کي 15 يا 20 ڏينهن جي لاءِ مهمل ڪيو وڃي ۽ ڪيس مهمل ٿي ويو. باقي جيڪي داستان آهن، انهن لاءِ ته تاريخ شاهد آهي ته ڪهڙي نموني سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو ويو ۽ ڪيئن ججن جي توهين ڪئي ويئي، ڪيئن انهن جون نالن واريون تختيون پيرن ۾ لتاڙيون ويون. چيف جسٽس سجاد علي شاهه ۽ ان جي ٻين حامي ججن ڪورٽ مان ڪيئن ڀڄي پنهنجي جان بچائي. شاهه صاحب کي 1998-02-16 تي سرڪاري طور عمر جي مدي پوري ٿيڻ تي رٽائر ٿيڻو هيو، پر مڪافات عمل به ڪا شئي ٿيندي آهي.
شاهه صاحب به چيف جسٽس هوندي 23 جج ڪراچي، لاهور ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ مان ڪڍيا هئا، جيڪو عمل به پسند ڪو نه ڪيو ويو هو. شاهه صاحب خير سان اسلام آباد کان ڪراچي آيو. سندس بنگلو پنجاب هائوس جي پاسي ۾ پلي گرائونڊ سان لڳ آهي. مان ٽيليفون ڪري سندس مزاج پرسي ڪرڻ ويس، ڇو ته انهن ڏينهن ۾ شاهه صاحب کي ننڍو دل جو دورو پيو هيو. مان مقرر وقت تي ويس. سائين سجاد علي شاهه صاحب تمام عزت ۽ احترام سان مليو. سندس فرزند، علي به موجود هيو. دستوري مزاج پرسي ۽ چانهه پيئڻ کان پوءِ مون سائين کي عرض ڪيو ته، ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪجي. چيائين ته بلاشڪ! مون چيومانس ته توهان ڳالهه دل ۾ ته ڪو نه ڪندو؟ پاڻ وراڻيائين ته بلڪل کلي دل سان ڳالهايو. مون عرضو ڪيومانس ته توهان تي محترمه جي مهرباني ۽ نوازش هئي، جنهن سينيئر ججن کي پوئتي ڪري توهان کي چيف جج ڪيو پر توهان وري الٽو بينظير صاحبه جي حڪومت جي ڪڍ پئجي ويا؟ توهان جو اختلاف جيڪڏهن آغا رفيق احمد خان جي هاءِ ڪورٽ جي جج ٿيڻ تي هيو، ته اهو به حل ٿي پئي سگهيو. توهان اڳتي وڌي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي لاءِ مشڪلات پيدا ڪئي، جيڪا اوهان کي نه ڪرڻ گهربي هئي. شاهه صاحب جواب ۾ فرمايو ته آصف علي زرداري، وزيراعظم هائوس ۾ مون سان سٺو ورتاءُ ڪو نه ڪيو هو ۽ ائين چيو هيائين ته ”توهان به ته جونيئر جج هيا پوءِ توهان کي محترمه ڇو چيف جسٽس ڪيو هو؟“ جيڪا ڳالهه مون کي ناگوار لڳي. مون عرض ڪيومانس ته اوهين اعليٰ ظرف رکندڙ سيد آهيو ۽ مومن به آيو ۽ حضرت علي عه جو قول آهي ته، ”هر ان ماڻهوءَ جي شر کان بچو، جنهن تي توهان ڪو احسان يا چڱائي ڪئي هجي.“ قبله توهان ته بلڪل حضرت علي عه جي قول جي برعڪس ڪم ڪيو. خير جيڪو ٿيو سو گذريو، هاڻي عرض آهي ته توهان کان 3 عظيم غلطيون ٿيون آهن.
1-توهان آغا رفيق احمد خان جي مقرريءَ جي معاملي تي ايڏو طوفان کڙو ڪيو، جو ججن جي مقرريءَ جا اختيار چيف ايگزيڪيوٽو کان وٺي چيف جسٽس حوالي ڪري ڇڏيا ۽ سينيارٽي جو لحاظ نه رکندي، آغا رفيق احمد خان جي مقرري کي قبول نه ڪيو، پر پنهنجي مقرريءَ لاءِ توهان سينيارٽي جي اصول کي پوئتي رکي عهدو قبوليو. جيڪڏهن ججز ڪيس کي نظر ۾ رکندي توهان پاڻ به رضا خوشيءَ سان چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي تان پنهنجي ججمينٽ جو مان رکندي هليا وڃو ها ته اوهان جو تاريخ ۾ نالو رهجي وڃي ها.
2-توهان کي جذباتي طور تي پرائم منسٽر ميان محمد نواز شريف تي توهين عدالت جو نوٽيس ڪڍڻ نه گهربو هيو، اوهان درگذر ڪري ڇڏيو ها، ڇو ته هُو طاقتور صوبي جو ماڻهو هو ۽ ان وقت محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سنڌ جي رهواسڻ اقتدار ۾ نه هئي.
3-جڏهن توهان وٽ پرائم منسٽر ٻه ڏينهن مسلسل حاضر ٿيو هيو ته، فراغ دلي ڏيکاريندي، پرائم منسٽر جي، ڪورٽ سڳوري جي آڏو پيش ٿيڻ جي ڪري نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو ها، پر جيڪڏهن نوٽيس واپس نه پئي وٺي سگهيا ته، کيس مارچ 1998ع جي تاريخ ڏيئي مڪمل پري ڪري ڇڏيو ها، تڏهن به ڳالهه رهجي وڃي ها. توهان جي خلاف پنهنجا جج، جن فتوائون ڏنيون، اهي به نه اچن ها ۽ توهان جي فراغ دليءَ جو مظاهرو به ٿي وڃي ها، سپريم ڪورٽ تي حملي جو جواز به پيدا نه ٿئي ها ته عدليه جي بيعزتي به نه ٿئي ها. عدليه ۾ ماڻهو تمام پڙهيل، سلجهيل ۽ قاعدي قانون کي ڄاڻيندڙ هوندا آهن پر انساني فطرت، ذاتي پسند ۽ ناپسند جو عنصر نڪري ڪونه سگهيو آهي. هونئن به اهو مڃيل اصول آهي ته جيڪڏهن هيٺين عدالتن مان هاءِ ڪورٽ ۾ جج کڻندا آهن ته ان جج جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي عهدي ۾ جيڪا سينيارٽي هوندي آهي، ان جي آڌار تي هاءِ ڪورٽ ۾ سينيارٽي ملندي. مسٽر جسٽس راڻا ڀڳوانداس ۽ مسٽر جسٽس ناظم حسين صديقي سول جج جو امتحان اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن ۾ 1967ع ۾ پاس ڪيو هيو ۽ جسٽس راڻا ڀڳوانداس ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي حيثيت ۾ جسٽس ناظم حسين صديقيءَ کان سينيئر هيو. جسٽس سعيدالزمان صديقي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جج هيو، ان پنهنجي پسند جي ڪري مسٽر ناظم حسين صديقيءَ کي سفارش ڪرائي، هُو ٻين ججن سان گڏ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو هيو، پر جيئن ته اهي جج مستقل ڪو نه ٿيا هيا ۽ گهر موڪليا ويا هئا. ٻيهر محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي پرائم منسٽر ٿيڻ جي ڪري جسٽس راڻا ڀڳوان داس ۽ اسان سان گڏ ناظم حسين صديقي به هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو، پر ناظم حسين صديقيءَ پنهنجو نوٽيفڪيشن قانون واري وزارت کان الڳ ڪڍرايو هيو. جڏهن اها ڳالهه ثابت ٿي ته سينيارٽي، هيٺين عدالتن جي سينيئر هجڻ جي ڪري ملندي آهي ۽ گهڻا جج هوندا آهن ته پوءِ عمر جي لحاظ تي سينيارٽي ملندي آهي. جسٽس راڻا ڀڳوان داس ۽ اسان اهڙي درخواست چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جسٽس مامون قاضيءَ کي ڪئي. جنهن اها درخواست قبول ڪندي، مقرر ڪيل پاليسيءَ تي سينيارٽي ڏني، پر ان آرڊر جي هڪ ڏينهن کان پوءِ جسٽس وجيهه الدين احمد چيف جسٽس ٿيو، جنهن ان آرڊر کي واپس وٺي، مسٽر ناظم حسين صديقي کي سينيارٽي ڏني، جيڪا ڳالهه جسٽس ناظم حسين صديقيءَ کي ناگوار گذري. اڳ ۾ ئي جسٽس راڻا ڀڳوانداس کي پوئتي ڪري جسٽس سعيدالزمان صديقيءَ جسٽس ناظم حسين صديقيءَ کي هاءِ ڪورٽ جو جج ڪرايو هو. جسٽس راڻا ڀڳوان داس جي سينيارٽي، اهليت ۽ ايمانداريءَ کي مدنظر نه رکيو ويو. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ڌاريا ئي ڌاريا، مٽ مُئي جا نه ٿيا،“ خير!
جنرل پرويز مشرف جي ملٽري ٽيڪ اوور کان پوءِ چند ڏينهن ۾ ظفر علي شاهه ملٽري ايڪشن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ (3) 184 جي پٽيشن داخل ڪئي. چيف جسٽس آف پاڪستان سعيدالزمان صديقي صاحب، جنهن جسٽس سجاد علي شاهه کي سپريم ڪورٽ مان ڪڍرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هيو، ان ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي. جنرل پرويز مشرف کي ڪا کڙڪ پئجي وئي ته متان هو ميان نواز شريف جي حق ۾ فيصلو ڏيئي، جيئن جسٽس نسيم حسن شاهه سپريم ڪورٽ جي چيف جج جي حيثيت ۾ صدر جي آرڊر جي خلاف ڏنو هئو، جنهن تحت نواز شريف جي حڪومت ختم ڪئي وئي هئي، ان کي مهيني ڏيڍ جي اندر وري بحال ڪيو ويو هيو ۽ نواز شريف وڏي مانَ شان سان وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو. جنرل پرويز مشرف به دهليءَ جو ڄاول هو ۽ پاڪستان ۾ هجرت ڪري آيل هو. ميان نواز شريف کي اها پڪ هئي ته پرويز مشرف کي فوج ۾ ڪا ٻي حمايت حاصل ڪونهي، تنهن ڪري هن جنرل علي خان کي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪونه ڪيو، جيڪو جنرل پرويز مشرف کان سينيئر هيو.
جنرل پرويز مشرف تمام سياڻو ۽ خاموش طبيعت ماڻهو هجڻ ڪري، ميان نواز شريف کان پنهنجي چيف آف آرمي اسٽاف طور مقرري ڪرائي. ڪيس هلندي اوچتو ئي اوچتو مشرف پي سي او نافذ ڪيو، جنهن تحت ڪجهه ججن کي حلف نه ڏنو ويو ۽ ڪجهه ججن پنهنجي مرضيِءَ تي پي سي او جو حلف نه کنيو. ايئن سپريم ڪورٽ مان 5 جج فارغ ٿي ويا. جيئن ئي جايون خالي ٿيون ته مسٽر ناظم حسين صديقي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حلف کنيو ۽ ٻن ٽن مهينن کان پوءِ هڪ رٿ پٽيشن هڪڙي ڪراچي جي واپاري صديقيءَ کان داخل ڪرائي ويئي ته، جيئن ته راڻا ڀڳوانداس هندو آهي، ان ڪري اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿي ڪونه ٿو سگهي، تنهن ڪري ان جي مقرري منسوخ ڪئي وڃي.
مسٽر ناظم حسين صديقي اڳ ۾ ئي ناراض هيو. پٽيشن کي هڪ دم ئي ٻڌڻ لاءِ مقرر ڪري، فل ڪورٽ بئنچ ٺاهي، جنهن ۾ جسٽس عبدالحميد ڊوگر، جسٽس ڊاڪٽر غوث محمد ۽ جسٽس روشن علي عيساڻي مقرر ٿيا. اخبارن ۾ پبلسٽيءَ لاءِ خبر هلائي ويئي ته اسلام جي ڳڙهه ۾ هڪ هندوءَ کي اهو عهدو ڏيڻ سراسر غيراسلامي ۽ غيرآئيني آهي. دستور پاڪستان جي مطابق اهڙي ڪابه شق ڪونه آهي ته ڪو هندو، عيسائي يا پارسي جج ٿي ڪونه ٿو سگهي، ڇو ته پاڪستان ۾ جسٽس اي آر ڪارنيلس (عيسائي)، جسٽس دوراب پٽيل (پارسي) ۽ جسٽس سڌوا پڻ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا نالي وارا جج رهيا آهن. جسٽس راڻا ڀڳونداس، جنهن جو ذڪر مان اڳ به ڪري چڪو آهيان ته، هو صاحب ايم اي اسلاميات ۽ ايم اي مسلم ڪلچر جون ڊگريون رکندڙ به آهي ۽ خدا جي ذات ۾ پختو يقين رکندڙ ايماندار ماڻهو آهي. جسٽس راڻا ڀڳوانداس جي ڪيس هلندي، مسٽر عبدالحفيظ پيرزادو، سينيئر وڪيل ۽ پاڪستان جي وڪلا برادريءَ ۾ وڏو نالو رکندڙ، جنهن ڀٽي صاحب جي زماني ۾ 1973ع جو دستور ٺاهيو ۽ جوانيءَ ۾ يا هاڻي تائين به ڏاڍو حسين و جميل، سروقد، سهڻي رنگت ۽ سهڻا نقش نگار رکندڙ ۽ قانون تي پوري طرح دسترس رکندڙ، پنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان، بغير فيس وٺڻ جي راڻا ڀڳوان داس جي وڪيل جي حيثيت ۾ پنهنجون خدمات پيش ڪيائين. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ زوردار قانوني نقطن تي ٻڌل تقريرون ڪيائين ته هيءَ پٽيشن ٻڌڻ لائق ئي ڪونه آهي ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي.
ڪيس هلندي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه مون کان پچا ڪرائي ته جسٽس راڻا ڀڳوان داس جي معاملي ۾ ناانصافي ٿي رهي آهي، توهان راڻا صاحب کان پڇيو ته سندس جي ڪهڙي قانوني مدد ڪري سگهجي ٿي. اهو هيو ظرف ۽ دورانديشي، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي. هوءَ هر هڪ چرندڙ پرندڙ شيءِ تي نظر رکندي هئي. مون راڻا صاحب کي اها ڳالهه ٻڌائي، راڻا صاحب ڏاڍو خوش ٿيو، ڇو ته راڻا صاحب جي تقرري به محترمه صاحبه پاڻ ڪئي هئي. راڻا صاحب فرمايو ته محترمه کي شڪريي جو نياپو موڪليو، جو ان ڏکئي وقت ۾ منهنجي پڇا ڪئي. باقي ايترو ضرور چوندس ته ججن صاحبن کي، خاص طور جسٽس ڊوگر ۽ جسٽس عيساڻيءَ کي چيو وڃي ته هو بي انصافي نه ڪن ۽ چيف جج جي چوڻ تي ڪا غلط فتويٰ نه ڏين، اها ئي سندس مهرباني ٿيندي.
مون کي ياد پئي ٿو ته اهو نياپو مون آفتاب شعبان ميراڻي کي ڏنو هيو، ڇو ته مون کي محترمه جلاوطنيءَ دوران چيو هيو ته فاروق نائڪ يا آفتاب شعبان ميراڻي، ڪنهن جائز قانوني ڪم سان منهنجي حوالي سان ملن ته اهو سمجهجو ته اهو مون چيو آهي ۽ واقعي ٿيو به ايئن ئي جو چيف جسٽس ناظم حسين صديقي جو، جسٽس ڊاڪٽر غوث محمد تي زوربار ۽ چوڻ هوندي به، جسٽس عبدالحميد ڊوگر ۽ محمد روشن عيساڻي اهڙي آرڊر ڪرڻ کان باز رهيا ۽ اها پٽيشن پنهنجي موت پاڻ مري وئي.

قصو هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻي جي قيام جو

4 فيبروري 2002 تي مون کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. ان وقت جي گورنر ايئر مارشل محمد عظيم دائودپوٽي مون کان حلف ورتو. حلف جي رسم پوري ٿيڻ کان پوءِ مون فل ڪورٽ جي ميٽنگ ڪئي ۽ معزز جج صاحبان کان گهربل اختيار ورتا ته جيئن وڌيڪ ڪم ڪار ڪري سگهجي، ڇو ته جج صاحب ماسواءِ سينيارٽيءَ جي، سڀ هڪ جهڙا اختيار رکندا آهن ۽ جوڊيشل معاملن ۾ به ججن کي چيف جج جيترو ئي اختيار آهي، باقي چيف جج صاحب کي جج صاحبان روز مره جو ڪم ڪار ۽ انتظامي معاملا هلائڻ لاءِ اختيار ڏيندا آهن، ڇو ته ڪو به آرڊر جيڪو نڪرندو آهي، ان ۾ لکيو ويندو آهي ته آنريبل ججز ۽ چيف جسٽس صاحب جي حڪم تي آرڊر جاري ڪجي ٿو، جنهن تي واسطيدار رجسٽرار صحيح ڪندو آهي ۽ ان کان پوءِ اهو عمل ۾ ايندو آهي.
جج صاحبان يا چيف جج صاحب، ماسواءِ ججمينٽ جي ڪو به ڪاغذ صحيح ڪو نه ڪندا آهن ۽ هاءِ ڪورٽ جي پاران خط و ڪتابت ۽ A-G سنڌ جي آفيس مان پئسا ڪڍرائڻ جي لاءِ به رجسٽرار جي صحيح گهربل هوندي آهي.
مون فل ڪورٽ جي اختياري ملڻ کان پوءِ پهريون آرڊر بحيثيت چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي، ڪيو جنهن ۾ لاڙڪاڻي سرڪٽ بينچ کي سڄي لاڙڪاڻي ڊويزن جي جيوريزڊڪشن (دائره اختيار) لاڙڪاڻو ضلعو، شڪارپور ضلعو، جيڪب آباد ضلعو ۽ دادو ضلعي جي ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي تعلقن جي جيوريزڊڪشن ڏني. ڇو ته مون کي ڪراچيءَ ۾ ڪيترن سالن کان ڪم ڪندي، جج صاحبن سان گفتگو ڪندي ۽ وڪيلن سان ملندي اهو تاثر مليو هو ته لاڙڪاڻي سرڪٽ بينچ جو هجڻ غير ضروري آهي ۽ ان کي ختم ڪيو وڃي، ڇو ته سکر هاءِ ڪورٽ بينچ اڳي ئي ڪم ڪري رهي آهي. مون کي اهو به اندازو ٿيو ته ڪنهن به وقت ۽ موقعي ملڻ تي ڪراچي بار ۽ ڪراچيءَ جا جج صاحبان سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻي کي ختم ڪرائي ڇڏيندا. ڇو ته حيدرآباد هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ۽ سکر هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ اتان جي وڪيلن ۽ عوام جي پرزور مطالبي تي کوليون ويون هيون ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي گهر جي ويجهو انصاف ملي ۽ گهڻو پنڌ ۽ ڀاڙا خرچ ڪري ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڪيسن جي لاءِ نه اچڻو پوي ۽ ڪراچي جي وڪيلن صاحبن جي ڪراچيءَ ۾ هجڻ جي هڪ هٽي ختم ٿئي، ڇا لاءِ ته سنڌ جي ٻين ضلعن مان آيل ماڻهن کي مجبور ٿي ڪراچي ۾ ڪيس هلائڻ ڪري، ڪراچيءَ جا وڪيل رکڻا پوندا آهن، جنهن جي فيس اڳ ۾ به گهڻي هئي ۽ هاڻي به تمام گهڻي آهي. ان جي مقابلي ۾ حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ لوڪل وڪيلن کي ڪم به ملي ٿو، انهن جو روزگار به وڌي ٿو ۽ ماڻهن جو ڪيس وڙهڻ ۾ ۽ اچڻ وڃڻ ۾ خرچ به گهٽ ٿو ٿئي، اهو سڄو ڪم سنڌ جي وڪيلن جي وڏي آواز اٿارڻ کان پوءِ ڪرايو هيو. محترمه کان به هڪ ٻه دفعو ڊسٽرڪٽ بار لاڙڪاڻي ۾ خطاب ڪرڻ وقت اها گهر ڪئي وئي هئي ته، لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بينچ قائم ڪئي وڃي. محترمه جيئن ته سڄي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ جي ماڻهن جي ترقيءَ جي لاءِ خاص دلچسپي رکندي هئي، انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي، جيئن ٻيهر 1993ع جي عام چونڊن کان پوءِ اقتدار ۾ آئي ته فيڊرل گورنمينٽ پاران پنج ڪروڙ رپين جي ابتدائي گرانٽ ڏني ته جيئن سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڪم شروع ٿئي ۽ سنڌ گورنمينٽ کي هدايت ڪئي ته اهي سرڪاري زمين هاءِ ڪورٽ جي لاءِ ڏين. اڳ ۾ جتي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جو دفتر ۽ آفيسرن جون رهائشگاهون هيون، اها جڳهه ڊي سي آفيس، ايس پي آفيس، ڊي آءِ جي آفيس ۽ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي ويجهو ۽ سهولت ۾ هئي، تنهن ڪري اها جڳهه ڏني وئي. جج صاحبن جي رهائش لاءِ سنڌ گورنمينٽ جو لاڙڪاڻي وارو سرڪٽ هائوس مخصوص ڪيو ويو هيو. جج صاحب هن وقت تائين اتي هاءِ ڪورٽ جي قائم ڪيل لاج (Lodge) ۾ رهندا آهن. لاڙڪاڻي سرڪٽ بينچ جو نقشو بلڪل سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي بلڊنگ وارو آهي، جنهن کي هوبهو (Replica) چئبو آهي. مون چيف جج جي حيثيت ۾ لاڙڪاڻي جو دورو ڪيو. پاڻ وٽ واسطيدار آفيسرن کي گهرايو ۽ پڇا ڪئي ته ڪم ڪيترو ٿيو آهي؟ مون ڏٺو ته صرف گرائونڊ ليول ڪئي وئي آهي ۽ نشان ڏنل آهن، بنيادن جي کوٽائي ٿيل هئي، جنهن تي عمارت جي تعمير ڪرڻي هئي. مون بلڊنگ ڊپارٽمينٽ جي چيف انجنيئر، اسسٽنٽ چيف انجنيئر کي ۽ واسطيدار ڊسٽرڪٽ جج سيد ارشاد علي شاهه صاحب کي چيو ته ڪم جي رفتار بلڪل سست آهي، ڍڳو پير پيران وارو قصو آهي، اهڙي رفتار سان اندازو آهي ته ڪم پورو ٿي ڪو نه سگهندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته سرڪٽ بينچ جي قائم ٿيڻ جا مخالف ان طاق ۾ هجن ته خدانخواسته محترمه جي حڪومت وڃي ته جيئن اهو منصوبو ختم ڪري سگهون.
مون ڪم شروع ڪرايو، ٺيڪيدار کي تنبيهه ڪيم ته توهان ڪم شروع ڪرايو، توهان کي پئسا ملندا، توهان جو پئسو ضايع ڪو نه ٿيندو. ڪم تمام تيز رفتاريءَ سان هليو، وچ ۾ مون کي ٻڌايو ويو ته برماٽيڪ جي ڪاٺي کي گهرائڻ لاءِ پئسا درڪار آهن. مون ٽيڪ وڊ گهرائڻ جي لاءِ جسٽس زاهد قربان علويءَ کي اٿارٽي ڏني ته هو ٽيڪ وڊ جي ڪاٺي وٺي ته جيئن ڪم ۾ رنڊڪ نه پئي.
مون کي اهو ٻڌائيندي به ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي ته منهنجي چوڻ جي ڪري سنڌ P.W.D جي اسٽاف، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اسٽاف ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج صاحبان جي تعاون ۽ سهڪار سان، منهنجي اڍائي، ٽن مهينن واري عرصي ۾ عمارت فرسٽ فلور تائين پهچي وئي. ايڏي ساري ڪم ٿيڻ کان پوءِ، ٻي سرڪار جي اچڻ وقت به هن تي ڪم جاري رهيو. منصوبو هيو ته محترمه بينظير ڀٽو جو، پر وقت جي مجبورين ۽ خراب حالتن جي ڪري، محترمه ملڪ کان ٻاهر هلي وئي ۽ ان سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻي جو افتتاح جنرل پرويز مشرف ڪيو، جنهن تقريب ۾ موجوده چيف جسٽس آف پاڪستان مسٽر افتخار محمد چوڌري به هيو. حقيقت ۾ محترمه کي لاڙڪاڻي سرڪٽ بينچ قائم ڪرڻ وقت اهو ارادو هيو ته ماڻهن کي پنهنجي در تي فوري ۽ سستو انصاف ملي ۽ ان کان علاوه سرڪٽ بينچ کلڻ جي ڪري ٻن سون کان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار به ملندو، ماڻهو مقرر ٿيندا جن ۾ آفيسر، ڪلارڪ، ريڊر، اڪائونٽنٽ، ڊرائيور، نائب قاصد، ويٽر، ڪيئرٽيڪر ۽ فراش وغيره. انهن کي روزگار ملندو ته لاڙڪاڻي جي انهن ماڻهن جي گهرن جو چلهو به ٻرندو ته بيروزگاري به گهٽبي. انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي، مون هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ بلڊنگ جو ڪم تمام تيز رفتاريءَ سان هلرايو ته جيئن جلد تڪميل تي پهچي. مون سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻي کي پورو دائره اختيار ڏنو ته جيئن لاڙڪاڻي جي ماڻهن، وڪيل صاحبان ۽ مقدمي ۾ آيل ڌرين کي فائدو ملي، ان بلڊنگ جي ٺهڻ کان اڳ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻي جي پراڻي بلڊنگ جي گرائونڊ ۽ فرسٽ فلور تي ڪورٽون، ججن صاحبن جا چيمبر هئا ۽ اسٽاف جي ويهڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جو ڪجهه حصو خالي ڪرايو ويو هيو، جتي هو ڪم ڪندا هيا.

نواز شريف دانهيو ته مون سان غير انساني ورتاءُ ڪيو ٿو وڃي

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ججن صاحبن پاران مليل اختياري کان پوءِ Annual Confidential reports لکڻ جو اختيار هوندو آهي. مون رڪارڊ ڏٺو ته سنيئر سيشنز ججز، جن کي هاءِ ڪورٽ ۾ Elevation جي اميد هئي، انهن جا اي سي آرز لکيل ڪو نه هيا. جن ۾ جناب آغا رفيق احمد خان، جسٽس شمس الدين هيسباڻي، مسٽر رحمت حسين جعفري، مسٽر عبدالحميد ابڙو مرحوم، مسٽر تحسين احمد ڀٽي، محترمه ياسمين عباسي ۽ ٻيا، جن جا اي، سي. آرز لکيل ڪو نه هيا. اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته انهن جا اي سي آرز ڇو ڪو نه لکيا ويا هئا. مون محسوس ڪيو ته ڪنهن خاص سبب جي ڪري انهن جا اي سي آرز نه لکيا ويا آهن ته جيئن موقعي ملڻ تي انهن تي ابتي ڇري وهائجي ۽ جيئن انهن جي Elevation هاءِ ڪورٽ ۾ نه ٿي سگهي. مون پهرئين فرصت ۾ انهن جا اي سي آرز تمام سٺا لکيا، جنهن جا هو حقدار به هيا. پوءِ اڳتي هلي خدا تعاليٰ جي فضل ڪرم سان مسٽر عبدالحميد ابڙي کان سواءِ، جيڪو جلد انتقال ڪري ويو، ٻيا مٿي ذڪر ڪيل ڊسٽرڪٽ جج، هاءِ ڪورٽ جا جج صاحبان مقرر ٿيا.
مون هيٺئين اسٽاف جي لاءِ اهو جنرل آرڊر ڪيو هو ته جن جي نوڪري ٽن سالن کان مٿي آهي، انهن کي مستقل ڪيو وڃي ۽ هيٺئين اسٽاف کي ميڊيڪل الائونس به وڌائي ڏنو وڃي. گڏوگڏ اهو به جنرل آرڊر ڪيو ته ڊسٽرڪٽ جج، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج، سينيئر سول جج، جن کي ڪا به شڪايت هجي ته هو هڪدم اطلاع ڏيئي ملاقات ڪن ۽ رجسٽرار جي آفيس جو طواف نه ڪن، ڇا لاءِ ته واسطي دار رجسٽرار ڄڻ ته چيف جج جو ڪن ۽ اکيون هوندا آهن. مون اهو به آرڊر ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جا جج سينيئر يا جونيئر، هر هڪ عزت ۽ احترام جي لائق آهي، جنهن ڪري پروٽوڪول وارا صرف چيف جج ۽ سينيئر ججن جي اڳيان پٺيان نه هلن پر ٻين ججن کي به ايتري عزت ڏين جيتري چيف جج ۽ سينيئر ججن کي ڏني وڃي ٿي. مون عيد ملن پارٽيءَ جو رواج شروع ڪرايو، جيڪو ڪجهه عرصي کان وٺي بند ٿي ويو هيو. اهي عيد ملن پارٽيون، عيد الفطر جي ۽ عيد الضحيٰ جي هفتي کن کان پوءِ منعقد ڪيون وينديون هيون. مون سڄي سنڌ جي ڊسٽرڪٽ ججز، ايڊيشنل ۽ سول ججز جي پوسٽنگ جو چارٽ گهرايو. جنهن مان محسوس ڪيم ته ڪيترن ئي جج صاحبن کي گهر کان تمام پري رکيو ويو آهي، جنهن ڪري انهن کي ڪنهن به ايمرجنسيءَ وقت ڳوٺ پهچڻ ۾ ڪافي دقت محسوس ٿي رهي هئي. مون آرڊر ڪيو ته ڳوٺ کان واسطي دار جج کي اهڙي هنڌ رکيو وڃي، جتان هو ٻن اڍائي ڪلاڪن جي اندر پنهنجي پوسٽنگ کان پنهنجي گهر پهچي سگهي. ان جو ڏاڍو خاطر خواهه اثر ٿيو. جج صاحبن وڌيڪ همت ۽ جانفشانيءَ سان ڪم ڪيو ۽ ڊسپوزل تمام گهڻو ٿيو.
منهنجي چيف جسٽس جي هوندي، ميان محمد نواز شريف جي اپيل A-T-C ڪورٽ جي فتويٰ خلاف آئي، جنهن ۾ ان کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ويئي هئي. اها اپيل As a Right ٻڌڻي هئي. ان کي Admit سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيو ۽ ٻي تاريخ تي اپيل ڪندڙن محمد نواز شريف ۽ ٻين کي عدالت ۾ گهرايو ويو. ميان صاحب عدالت ۾ آيو، ڪافي مايوس ۽ پريشان هيو، هُن ڪورٽ ۾ دانهون ڪيون ته مون سان غيرانساني ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو. مون کي اسلام آباد کان ڪراچيءَ جهاز ۾ آڻيندي ٻنهي هٿن ۾ هٿ ڪڙيون هڻي سيٽن تي ويهاريو ويو، منهنجي توهين ڪئي وئي ۽ هاڻي به قيدين وانگر بند گاڏيءَ ۾ وجهي وٺي آيا آهن، جيل وارن جو ورتاءُ به صحيح ڪو نه آهي، ڊاڪٽرن جي وزٽ به ڪو نه ٿي ٿئي ۽ مون کي قيد تنهائيءَ ۾ رکيو وڃي ٿو. مان سابق وزير اعظم آهيان ۽ گريجوئيٽ به آهيان، مون کي قانون ۽ جيل مينوئل موجب سهولتون ملڻ گهرجن ۽ مون سان مهذب طريقو اختيار ڪيو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ماڻهن سان کچاکچ ڀريل هئي. وڪيل صاحب به گهڻا هيا جيڪي ميان صاحب کي ڏسڻ ۽ ڪيس ٻڌڻ آيا هيا. ان بعد قيدين کي، جن ۾ ميان محمد نواز شريف ۽ سيد غوث علي شاهه صاحب هيو، انهن کي وٺي ويا. جنهن کان پوءِ سندن وڪيل مسٽر عزيز الله شيخ، اهڙي درخواست آفيس ۾ داخل ڪئي، جيڪا روسٽر وارن ڪورٽ ۾ هلائڻ لاءِ لڳائي. مقرر تاريخ تي مسٽر عزيز الله شيخ مرحوم ۽ ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ شايد مرحوم راجا قريشي صاحب هيو ۽ ان سان گڏ اسپيشل پراسيڪيوٽر ظهورالحق پشاور وارو به هيو. ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ آرڊر ڪيو ته سابق وزير اعظم کي Under trail قيدي جي حيثيت ۾ هر سهولت ڏني وڃي ۽ ٻين اختيارين وارن جي زباني حڪم کي نه مڃيو وڃي. بعد ۾ ڪورٽ جي حڪم تي ميان محمد نواز شريف کي جيل ۾ هر سهولت ملي، گهر جي ماني، ڊاڪٽرن جي وزٽ، اخبارون ۽ ٽوئيوٽا ڪرولا گاڏي کيس آڻڻ ۽ وٺي وڃڻ لاءِ . واسطي دار حاڪم شايد ان آرڊر مان خوش ڪو نه هيا ڇو جو ان وقت مان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جج هيس. جنهن سبب مون کي 28 اپريل 2002ع تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج مقرر ڪري موڪليو ويو. پوڻن ٽن مهينن ۾ مون کي سپريم ڪورٽ موڪليو ويو ۽ منهنجي جاءِ تي مسٽر سيد سعيد ارشد کي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيو ويو. سعيد ارشد صاحب جو سڳو سئوٽ مسٽر ليفٽيننٽ جنرل شاهد پرويز ڪورڪمانڊر بهاولپور رهيو هيو، جنهن سبب سعيد ارشد صاحب پنجن سالن کان مٿي چيف جج ٿي رهيو.

نيب (N A B) ۾ چيئرمين جي حيثيت ۾ مقرري

پاڪستان جي پريزيڊنٽ پاران 18 آڪٽوبر 2010ع تي مسنٽري آف لاجسٽس ۽ پارليماني افيئرس گورنمينٽ آف پاڪستان جي نوٽيفڪيشن نمبر A1-2010 (17) 080F موجب، مان چيئرمين نيب مقرر ٿيس.
چيئرمين نيب جي مقرريءَ لاءِ هيٺ ذڪر ڪيل ڪواليفڪيشنز ڄاڻايل آهن. ڪنهن به ماڻهوءَ کي نيب جو چيئرمين مقرر تڏهن ڪري سگهجي ٿو جڏهن هو
• ريٽائر چيف جسٽس يا ريٽائر جج آف سپريم ڪورٽ يا ريٽائر چيف جسٽس آف هاءِ ڪورٽ هجي.
• آرمڊ فورسز جو ريٽائر آفيسر هجي، جنهن جو عهدو گهٽ ۾ گهٽ ليفٽيننٽ جنرل هجي.
يا
• ريٽائر فيڊرل گورنمينٽ آفيسر گريڊ 22، B.P.S هجي.
منهنجي اپائنٽمنٽ کان اڳ مسٽر مختيار احمد جوڻيجو، سپريم ڪورٽ جو عزت ڀريو ريٽائر جج، جنهن جي ڪافي نيڪ نامي آهي، ان جو نالو قومي اسيبمليءَ ۾ ليڊر آف اپوزيشن جي صلاح مشوري لاءِ موڪليو ويو هيو. ان تي به مخالف ڌر جي ليڊر اهو اعتراض ڪيو هيو ته مختيار احمد جوڻيجي ايڪٽنگ چيف اليڪشن ڪميشنر جي حيثيت ۾ ريٽائر جسٽس محمد رفيق تارڙ جي صدارتي نامينيشن فارم کي رد ڪيو هيو. ڇو ته ان هڪ انٽرويو ۾، جيڪو هڪ اخبار يا رسالي ۾ شايع ٿي چڪو هيو، جو ڊيشري ۽ ججز لاءِ گهٽ وڌ ڳالهايو هيو ۽ اهو ڳالهائڻ رفيق تارڙ جي صدارتي نامنيشن بحال ڪرڻ ۾ رڪاوٽ هيو. جسٽس مختيار احمد جوڻيجي چيف اليڪشن ڪميشن جي حيثيت ۾ ڌرين کي يعنيٰ اعتراض ڪندڙ ۽ جسٽس محمد رفيق تارڙ جي وڪيل کي چيو ته، جيئن ته تارڙ صاحب جو بيان اخبار ۽ رسالي ۾ اچي چڪو آهي ۽ ان جي ڪاپي اعتراض ڪندڙ ماڻهوءَ چيف اليڪشن ڪميشن کي پيش ڪئي آهي، تنهن جي ڪري بهتر اهو آهي ته محمد رفيق تارڙ صاحب اهڙو قسم نامو ڏيئي ته هن اهو بيان ڪو نه ڏنو آهي، ته پوءِ سندس صدارت جي نامزدگيءَ لاءِ ڏنل فارم تي غور ڪبو. جيڪڏهن تارڙ صاحب قسم نامو داخل ڪري ٿو ته پوءِ اخبار ۽ رسالي جي ڳالهه کي نظرانداز ڪبو ۽ فارم بحال ڪبو.
۽ جيڪڏهن قسم نامو داخل نٿو ٿئي ته فارم رد ڪبو، ايئن مختيار احمد جوڻيجي، قانون کي نظر ۾ رکندي، پنهنجي خيال کي درست سمجهي محمد رفيق تارڙ جو صدارتي نامزدگيءَ جو فارم رد ڪيو. بعد ۾ مسلم ليگ (ن) جي وڪيلن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن داخل ڪئي ۽ جسٽس ملڪ عبدالقيوم، جج لاهور هاءِ ڪورٽ کان چيف اليڪشن ڪمشنر جو آرڊر رد ڪرايو ۽ محمد رفيق تارڙ کي صدارتي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ملي.
ملڪ عبدالقيوم اهو جج آهي، جنهن محترمه بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري صاحب کي Accountability ڪيس ۾ سيف الرحمٰن ۽ شهباز شريف جي چوڻ تي بي واجبي، غيرقانوني ۽ غير آئيني سزا ڏني هئي. بعد ۾ اهي ٽيپ ريڪارڊ ٿيل ڳالهيون سپريم ڪورٽ جي ججن کي ٻڌرايون ويون هيون. جنهن ٽيپ رڪارڊ جي بنياد تي سپريم ڪورٽ اهي سزائون ختم ڪري، ڪيس کي ٻيهر ٻڌڻ جي لاءِ ٽرائل ڪورٽ ۾ موڪليو هيو. ان گفتگوءَ ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو به ذڪر هيو ۽ ميڊيا جي پريشر، بار ايسوسي ايشن ۽ بار ڪائونسل جي گوڙڪرڻ تي ٻنهي ججن راشد عزيز خان ۽ ملڪ عبدالقيوم کي جج جي عهدي تان استعفائون ڏيڻيون پيون هيون، نيب جي وجود ۾ اچڻ سان ٽي ليفٽيننٽ جنرل، هر هڪ ليفٽيننٽ جنرل امجد نقوي، ليفٽيننٽ جنرل مقبول ۽ ليفٽيننٽ جنرل حفيظ، چيئرمين نيب ٿي رهيا هيا. سول سروس جو ريٽائر 22 گريڊ جو آفيسر نويد احسن پڻ چيئرمين نيب مقرر ٿيو هيو. پر ان تي به ڪافي دٻاءُ پيو ۽ هو به استعفيٰ ڏيئي هليو ويو. ان کان پوءِ مون کي چيئرمين نيب ڪري مقرر ڪيو ويو.
مان جو ڊيشريءَ جو پهريون فرد هوس، جيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جج به رهيو هجي ۽ ان سان گڏ سپريم ڪورٽ مان به جج جي حيثيت ۾ عزت سان ۽ نيڪ ناميءَ سان ريٽائر ٿيو هجي. فل ڪورٽ ريفرنس منهنجي اعزاز ۾ ٿيو هيو، جنهن ۾ بئنچ ۽ بار منهنجي خدمتن جي واکاڻ ڪئي هئي. مون چيف جسٽس افتخار احمد چوڌريءَ سان لڳ ڀڳ پوڻا پنج سال سپريم ڪورٽ ۾ گڏ ڪم ڪيو. مون جوڊيشنل ڪم ڪار، آزاد، بي خوف ۽ بهادر جج جي حيثيت ۾ ڪيو ۽ الله تعاليٰ جي ذات بابرڪات ڪنهن به اسڪينڊل يا بدناميءِ کان بچايو.
افتخار محمد چوڌريءَ کي منهنجي نشت و برخاست، ڪم ڪارڪرڻ جو طريقو ۽ ڪيسن جي بي رعائيءَ سان نيڪال ڪرڻ جي خبر هئي، ذاتي حيثيت ۾ به هن سان چڱي دعا سلام رهي، پر نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته 08 آڪٽوبر 2010ع جي تاريخ تي منهنجو نيب چيئرمين جي لاءِ نوٽيفڪيشن نڪتو، ان ئي تاريخ تي مون چارج به ورتي ۽ اها ڳالهه اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پريس ۾ به اچي وئي. 09 آڪٽوبر 2010ع تي محترم چيف جسٽس افتخارمحمد چوڌري صاحب ڪورٽ نمبر پهرين ۾ بغير ڪنهن سبب ۽ بغير ڪنهن پٽيشن يا ڪيس هجڻ جي، اها ڪورٽ ۾ وڏي آواز سان Observation ڏني ته ”لڳي ٿو ته چيئرمين نيب جي مقرري غير آئيني ۽ غير قانوني آهي.“ ان Observation کان پوءِ مخالف ڌر پاران پنهنجي پٽيشن کي دستوري آرٽيڪل3/184 جي تحت پٽيشن وڌي وئي، جنهن ۾ منهنجي مقرريءَ کي چوڌري نثار علي خان چئلينج ڪيو. وري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ منهنجي مقرريءَ کي چئلينج ڪيو ويو جتي چيف جج صاحب جو رويو ۽ رخ ڏسي هاءِڪورٽس رٽ پٽيشن کي، جيڪي دستور جي آرٽيڪل 199 جي تحت داخل ڪيون ويون هيون، اهي تڙ تڪڙ ۾ بغير نوٽيس ڏيڻ جي ايڊمٽ ڪيون ويون.
سپريم ڪورٽ ۾ فيڊريشن آف پاڪستان پاران مسٽر عبدالحفيظ پيرزادو، سينيئر ايڊوڪيٽ سپريم ڪورٽ ۽ ان جي ٽيم ۽ چوڌري نثار علي خان پاران محمد اڪرم شيخ ۽ شاهد اورڪزئي پٽيشنز (پاڻ پيش ٿيا) ڪورٽ نوٽيس تي، مولوي انوارالحق اٽارني جنرل ۽ ڊاڪٽر خالد رانجها سينيئر ايڊوڪيٽ، سپريم ڪورٽ ۾ منهنجي پاران پيش ٿيا. نيب جي پاران محمد اڪبر تارڙ ۽ ان جي ٽيم پيش ٿي. سپريم ڪورٽ ۾ اڳي ئي پراڻن ڪيسن جي ڀرمار لڳل هئي، پٽيشنون جنهن جو نمبر61 – 60 آف 2010 هيو، انهن کي تمام جلدي ۽ تڪڙ ۾ هلائي پورو ڪيو ويو.
پٽيشنز جي ٻڌڻ جون تاريخون ججمنٽ موجب هيٺيون آهن: پهرين تاريخ 2011-02-01، ٻي تاريخ 2011-02-02، ٽين تاريخ 2011-02-03 چوٿين تاريخ جيڪا آخري تاريخ پڻ هئي اها 2011-03-10، جنهن ۾ منهنجي مقرريءَ کي شارٽ آرڊر جي ذريعي منسوخ قرار ڏنو ويو ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو ته هڪدم چارج ڇڏي ڏيان ۽ مون چارج ڇڏي ڏني.
پنهنجي پڙهندڙن کي ۽ دوستن کي، ٻڌائيندي اها خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته چئني تاريخن ۾ ئي اهڙي اهم ۽ هاءِ پروفائل ڪيس کي پورو ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ پراڻا هزارين ڪيس پيا آهن، جيڪي ڪو نه ٿا هلن پر نيب چيئرمين جي مقرريءَ کي چئن تاريخن ۾ ئي اڪلائي، ڪيس جو نبيرو ڪيو ويو. محترم عبدالحفيظ پيرزادي ۽ منهنجي وڪيل ڊاڪٽر خالد رانجها ڪورٽ سڳوريءَ کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائي، ته هيءَ ڪيس3/184 جو ڪو نه آهي، هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل رٽ پٽيشن ۾ نيب چيئرمين جي مقرري چئلينج ڪئي وئي آهي، تنهن جي ڪري انصاف جي بهتري انهيءَ ۾ آهي ته هاءِ ڪورٽ جي آرڊر جو انتظار ڪيو وڃي پوءِ جيڪا به ڌر ان آرڊر مان مطمئن نه هجي، اها ڌر اپيل ۾ اچي ته پوءِ سپريم ڪورٽ آخري عدالت آهي ۽ ان جو فيصلو هاءِ ڪورٽ جي ججمنٽ کان اپيل جي صورت ۾ بهتر لڳندو. پر جج صاحبان کي تمام گهڻي تڪڙ هئي، جن انهن جي اُها معقول ۽ جائز قانوني حجت رد ڪئي ۽ چئن تاريخن ۾ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ ڊٽيل ججمنٽ Reason سان گڏ ٽن يا چئن هفتن کان پوءِ ڪڍي وئي.
مون کي اهو به ٻڌائيندي تمام خوشي ٿي رهي آهي ته منهنجي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ هوندي، ميان محمد نواز شريف ۽ ان جي ٻين ساٿين کي، انهن جي درخواست تي جائز ۽ قانوني پوئواري ڪندي، مون جائز جيل مينوئل تحت سهولتون مليون هيون ۽ وقت جي حڪومت جي ناراضگي پرائي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته مون کي ٻن اڍائي مهينن جي اندر سپريم ڪورٽ جو جج ڪري موڪليو ويو ۽ مسٽر سيد سعيد اشهد کي چيف جج ڪري مقرر ڪيو ويو.
ميان محمد نواز شريف منهنجي وڃڻ کان پوءِ چيف جج سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ان جي ٺاهيل بينچ جي خلاف، ڪرمنل پٽيشن 2000/172 سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي ۽ ان ۾ منهنجي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حيثيت ۾ پٽيشن جي پيرا IV ۾ لکيو ته
Paragraph IV page # 10
It is respectfully submitted when appeals No: 43/2000, Acquittal Appeals No: 46/2000, 50/2000 were filed in High Court of Sindh, at that time Mr. Justice Deedar Hussain Shah was Chief Justice of Sindh High Court, but he did not find any necessity or reason to compose Full Bench and to preside over it himself, therefore now in absence of “Speaking Order” of Present Chief Justice, Petitioners has many apprehensions, for sudden creation of present Full Bench.
Page # 15 Clause (b)
When earlier hearings of instant appeal were taking place, Mr. Justice Deedar Hussain Shah was Chief Justice Sindh and at that time no such problem existed though the Court Room was full to the brim. It was so because Honourable Chief Justice had told in advance to Advocates of parties and he ordered the Registrar to issue warning to Public through media to maintain discipline and behave properly otherwise entry for attending the hearing of Appeal would be restricted. After these warnings every hearing had then passed smoothly, orderly and peacefully.
ميان محمد نواز شريف جي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل پٽيشنز مان صاف ظاهر ٿيو ته هو منهنجي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حيثيت ۾ کنيل قدمن ۽ آرڊر مان بلڪل مطمئن هيو، جنهن پٽيشن ۾ هن وڌيڪ گهر ڪئي هئي ته
Page # 22-23 Clause ( b,c,d)
(B) Restrain Special Full Bench presided over by Chief Justice Sindh from hearing Petitioner’s Appeal No: 43/2000 as the Full Bench is illegally and improperly constituted.
(C) Transfer Petitioner Appeal No: 43/2000 for hearing from Full Bench to Regular Division Bench hearing Anti – Terrorism Appeals in High Court of Sindh.
(D) Appeal of Petitioner be ordered to be heared according to its turn and as per roaster before concerned Division Bench.
پهريان مختيار احمد جوڻيجي جي مقرريءَ تي خواهه مخواهه اعتراض ڪيو ويو ته هو چيئرمين نيب نٿو ٿي سگهي، ڇو ته هو رفيق تارڙ جي خلاف فتويٰ ڏيئي چڪو آهي. مختيار احمد جوڻيجي جو تعلق به بدنصيب سنڌ صوبي سان آهي ۽ وري سون تي سهاڳ ته منهنجو تعلق به سنڌ صوبي سان آهي. منهنجي لاءِ اعتراض اهوڪيو ويو ته 1988ع ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي M P A ٿيو هيس M P A ، M N A يا Senator ڪنهن به پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ٿيڻ Disqualification ڪو نه آهي. پاڪستان جي هاءِ ڪورٽ ۾ ۽ سپريم ڪورٽ ۾، سياسي پارٽين سان وابسته ماڻهو مقرر ٿيندا رهيا آهن ۽ بعد ۾ اهي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا جج به ٿيا آهن.
ججن جي قسم کڻڻ کان پوءِ انهن جي اڳين وابستگي ختم ٿي ويندي آهي. انهن کي دل سان جج جي طور تي قبول ڪيو ويندو آهي. منهنجي ڪنهن به جوڊيشنل آرڊر کي تنقيد جو نشانو ڪو نه بڻايو ويو آهي ۽ منهنجي جج جي حيثيت ۾ کنيل قدمن ۽ آرڊرن بابت ميان محمد نوازشريف جي مٿين ذڪر ڪيل پٽيشن 2000/172 ۾ صاف ظاهر آهي ته منهنجي حڪمن جو هن دلي طرح سان خير مقدم ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ کي پڻ لکت ۾ ٻڌايو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته
”ڌاريا ئي ڌاريا، مٽ مئيءَ جا نه ٿيا“
سنڌي ماڻهو آفيسر هجي يا جج هجي، ڀلي هو ڪيترو به ايماندار، انصاف پسند ۽ سٺو منتظم هجي، پر ان جي تعريف ڪو نه ٿيندي. منهنجي ڪنهن به جوڊيشنل آرڊر کي مثال ڪري ڪو نه پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪا به ۽ ڪنهن سان به ڪا بي واجبي ٿيل هجي، يا ڪنهن جو پاسو کنيو ويو هجي يا ڪنهن سان بيواجبي ٿي هجي. منهنجي چيئرمين نيب جي منسوخيءَ واري آرڊر کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ، خيبر پختون خواهه اسيمبلي، بلوچستان اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبليءَ Resolutions پاس ڪيا ته مون سان سٺو ورتاءُ ڪو نه ڪيو ويو آهي. ڇو جو منهنجو ننڍي صوبي سان تعلق آهي. ڪافي شهرن ۽ ملڪ جي الڳ الڳ حصن ۾ مظاهرا ڪيا ويا ۽ منسوخيءَ جي آرڊر کي ناپسند ڪيو ويو.
مون کي اهو ٻڌائيندي به تمام گهڻي سرهائي ٿي رهي آهي ته عاصمه جهانگير، دلير وڪيل ليڊر، بابرستار وڪيل، رئوف ڪلاسرا صحافي، نذير لغاري صحافي ۽ ثنه بچه ٽي وي اينڪر منهنجي حق ۾ ڊان، جنگ، اخبار جهان ۽ ٽي وي جي ” دنيا“ نيوز چينل تي طاهر القادريءَ جي ڪيس کي نظر ۾ رکندي اهو چيو ته جيڪڏهن طاهر القادريءَ جو ڪيس 3/184 تي پورو نٿو لهي ته پوءِ جسٽس ديدار حسين شاهه جو ڪيس3/184 تي ڪيئن پورو لهي سگهي ٿو.
عاصمه جهانگير ٻن ڪالمن ۾ ڊان ۾ لکيو، سپريم ڪورٽ جي آرڊر کي نا پسند ڪيو ۽ ان تي قانوني نقطه چيني ڪئي. بابرستار ايڊوڪيٽ دي نيوز ۾ آرٽيڪل لکيا ۽ سپريم ڪورٽ جي آرڊر تي ادب جي دائري ۾ رهي نڪته چيني ڪئي. رئوف ڪلاسرا پنهنجي بادبان ڪالم ۾ اخبار جهان ۾ لکيو ته، جنهن نواز شريف کي جسٽس ديدار حسين شاهه جائز قانوني رليف ڏنو هيو، ان جي خلاف بي واجبي محاذ کڙو ڪيو ويو. صحافي نذير لغاريءَ جنگ ۾ عرض حال ڪالم ۾ لکيو ته ديدار حسين شاهه انصاف پسند جج آهي. مون تي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي دور ۾ حڪومت پاران ڪوڙي خون جي ڪيس ۾ گرفتاريءَ جا وارنٽ ڪڍيا ويا هيا ۽ ان جو ڪيس ڪو به جج ٻڌڻ لاءِ تيار ڪو نه هيو، پوءِ مرحوم خالد اسحاق وڪيل جي مشوري تي ته، ديدار حسين شاهه جيئن ته مقرر پيپلز پارٽي طرفان ڪيو ويو آهي، پر انصاف پسند آهي ۽ توکي انصاف ضرور ڏيندو. بقول نذير لغاريءَ جي مون جائز قانوني قدم کڻي ان جي ضمانت منظور ڪئي هئي.
مون کي اهو ٻڌائيندي فخر ٿي رهيو آهي ته منهنجي خلاف يا منهنجي اولاد جي خلاف ڪو به ڏيتي ليتيءَ جو اسڪينڊل ڪو نه ٺهيو آهي ۽ انشاءَ الله اڳتي به دعا آهي ته ڪو نه ٺهندو.
پاڪستان جي عوام ۽ ٻاهرين دنيا ارسلان افتخار ۽ ملڪ رياض جي ڪيس جو پڙاڏو ڪافي ٻڌو آهي ۽ ڏٺو به آهي.
مون کي هت مرحوم فيض احمد فيض جو هيءُ شعر ٻڌائيندي سرهائي ٿي رهي آهي:
سزا جزا سب یہیں پر ہوگی، یہیں عذاب و ثواب ہوگا
یہیں سے اٹھے گا شور محشر، یہیں پر یومِ حساب ہوگا۔
بحيثيت چيئرمين نيب جي، انصاف ۽ قانون کي مد نظر رکندي، مون ڪيترا ڪيس چالان ٿيڻ لاءِ موڪليا ۽ ڪيتريون ڪوڙيون انڪوائريون، جيڪي ڪيترن سالن کان پينڊنگ ۾ پيون هيون، انهن جو اڪلاءُ ڪيو، جنهن ڪري ماڻهن جي جان آزاد ٿي. ڪيس ۾ شاهدن کي مد نظر رکندي، مون مير باز خان کيتران، بلوچستان جي پيپلز پارٽي جي ليڊر کي چالان ڪرڻ جو آرڊر ڪيو ۽ ساڳئي وقت ذوالفقار علي مگسي ۽ مير نادر علي مگسيءَ جي ڀائٽي جي ڪيس کي اڪائوئنٽيبلٽي ڪورٽ ۾ موڪلڻ جو آرڊر ڪيو ۽ پنجاب Double shah اسڪينڊل ۾ واسطيدار ماڻهن کي نيب جي معرفت ڪروڙين روپيا ڏياريا، جيڪي پيسا نيب Recover ڪيا هئا ۽ واسطيدار effecties کي ڏيڻا هئا. پر فائل دستوري ڊيگهه جي ڪري ڪورٽ اسٽوريج ۾ پيا هيا. مون انهن کي ٻه دفعا لاهور ۾ وڃي ڪروڙين روپين جي پئمنٽ ڪئي. سنڌ ۾ مهراڻ ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي، جيڪا سپر هاءِ وي تي آهي، ان جي الاٽيز کي ويهه، ٻاويهه سالن کان پوءِ لڳ ڀڳ 150 ماڻهن کي فائنل الاٽمنٽ آرڊر ڏنا. واسطيدار ماڻهن، جيڪي هن وقت تائين پوڙها ٿي چڪا هيا، انهن کي جڏهن مون الاٽمنٽ آرڊر ڏنا ته انهن جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها هيا. حيدرآباد ۾ به شهباز هائوسنگ اسڪيم ۽ ٻين اسڪيمن جي ماڻهن کي يا ته سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ الاٽمنٽ آرڊر ڏنا يا انهن کي ورتل پيسا سود سميت واپس ڪرايا.
لاهور ۾ ان وقت جو ڊي جي نيب، ريٽائر جسٽس راڻا زاهد حسين، حسنين ڊائريڪٽر نيب، ڪراچي، حيدرآباد ۾ ڊي جي نيب مسٽر علي نواز پيرزادو، ڊائريڪٽر نيب ميجر بشير ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر عطا محمد قريشي ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا ۽ هن ڪم ۾ پوري مدد ڪئي. مان اهو به ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مختصر، تقريبًا پنجن مهينن جي عرصي ۾ بحيثيت چيئرمين نيب جي مون ڪافي ڪم ڪيو، ماڻهن کي رليف ڏنو ۽ نيب جي Pleabargain جي تحت ڪروڙين روپيا وصول ڪري گورنمينٽ جي خزاني ۾ جمع ڪرايا.
حقيقت ۾ نيب جي چيئر مين جو عهدو ڪنهن قانون جي ڄاڻو ماڻهوءَ جي حوالي هجي ته بهتر آهي، ٻي صورت ۾ چيئر مين نيب کي، هيٺ واسطيدار ماڻهن جي راءِ تي هلڻو پوندو، ڇو ته هن کي قانون قاعدي جي نه تعليم مليل آهي ۽ نه ئي وري تجربو آهي. مون کان پوءِ هڪ ريٽائر فوجي ايڊمرل فصيح بخاري کي 2010ع ۾ چيئرمين نيب مقرر ڪيو ويو. ان جي مقرريءَ خلاف به چوڌري نثار علي خان سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي. اها درخواست ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي گذرڻ کان پوءِ به سپريم ڪورٽ ۾ فيصلي لاءِ داخل آهي. جڏهن ته منهنجي خلاف دائر پٽيشن، لڳاتار هلائي، چئن تاريخن ۾ ئي ان کي منظور ڪيو ويو ۽ مون کي تقريبًا پنجن مهينن ۾ ئي گهر موڪليو ويو. تنهن جي لاءِ ته سياڻن سچ چيو آهي ته !

جسے پِيا چاہے وہی سہا گن!

ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جا موقعا ۽ خدمت خلق جي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جا موقعا

مان چڱو عرصو اڳ مرحوم سيد عبدالله شاهه، ان وقت جي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جي سربراهي ۾ 1989ع ۾ اتر ڪوريا پارليامينت جي اسپيڪر جي دعوت تي، دوري تي ويس جنهن جو ذڪر مان هن کان اڳ به ڪري چڪو آهيان.
آغا خان يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ آف ڊائريڪٽرز تي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو موسٽ سينيئر جج ميمبر ٿي ڪري ڪم ڪندو آهي ۽ آغا خان يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جي ميٽنگ پرنس ڪريم آغا خان، چيئرمين هجڻ جي حيثيت ۾ پنهنجي سهولت مطابق، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گهرائيندو آهي. يونيورسٽيءَ جي ترقي ۽ فلاح و بهبود لاءِ ماهرن سان ملي صلاح مصلحت ڪري، آئنده جو لائحه عمل منظور ڪندا آهن. مون کي سينيئر جج جي حيثيت ۾ آغا خان يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ مون ڏٺو ته، جيتوڻيڪ پرنس ڪريم آغا خان يونيورسٽيءَ جو مالڪ آهي، پر ان جو روز مره جي ڪم ڪار ۾ يا يونيورسٽي جي اسٽاف جي مقرريءَ ۾ ڪو به عمل دخل ڪونهي. واسطيدار آفيسر ميرٽ کي نظر ۾ رکندي مقرريون ڪندا آهن ۽ اسٽاف، ميڊيڪل توڙي نان ميڊيڪل رکندا آهن، جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ آغا خان هاسپيٽل ۽ يونيورسٽيءَ جو نالو سونهري اکرن ۾ لکيو وڃي ٿو.
يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ جي ميٽنگ پرنس ڪريم آغا خان پنهنجي سهولت تي، عام ڀلائيءَ جي ڪمن ڪارين کي نظر ۾ رکندي ۽ انهن جي ورڪنگ کي چڪاس ڪرڻ لاءِ رکندو آهي، ڪڏهن ڪئنيڊا، ڪڏهن آمريڪا، ڪڏهن يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾، ڪڏهن مڊل ايسٽ ۾، ڪڏهن سائوٿ ايسٽ ۾ ته ڪڏهن ايشيا ۾ رکندو آهي. اها سينڊيڪيٽ جي ميٽنگ چار ڏينهن هلندي آهي. سينڊي ڪيٽ جي ميمبرن ۽ انهن جي بيگمات جو اوٽ موٽ جو جهاز جو ڀاڙو، هوٽل جي رهائش ۽ هوٽل کان مقرر ڪيل جڳهه تي وڃڻ لاءِ گاڏيون، پرنس ڪريم آغا خان جي پاران مهيا ڪيون وينديون آهن. سڀ کان اڳ ۾ ٿيل ميٽنگز جي پوئواري ۽ وڌيڪ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو آهي. سينڊيڪيٽ جي ميمبرن سان گڏ ماهر به ميٽنگز ۾ ويهندا آهن، جيڪي صاحب پڻ اعليٰ تعليم يافتا ۽ واسطيدار شعبن ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري رکندڙ هوندا آهن. تمام گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ فيصلا ٿيندا آهن جيڪي منٽس طور لکيا ويندا آهن
پرنس ڪريم آغا خان جي پروگرامن کي صحيح نموني ۾ هلائڻ ۽ انهن تي نظر رکڻ لاءِ سندس نياڻي شهزادي زهرا پڻ وڏو ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ هر ميٽنگ ۾ شرڪت ڪندي آهي. مون کي محسوس ٿيو ته شهزادي تمام گهڻو پڙهيل، انساني همدرديءَ جو جذبو رکندڙ ۽ انهن جي ڀلائي جي ڪمن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ساڻس ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪندي آهي.
آغا خان يونيورسٽي سينڊيڪيٽ جي هيءَ ميٽنگ آغا خان جي ذاتي محل، جيڪو پئرس کان ڪجهه فاصلي تي آهي اتي رکيل هئي. ٻين ميمبرن جي سندس محل جي ويجهو ڏهه، يارنهن ڪلوميٽرن تي هڪ هوٽل ۾ رهائش هئي. اسان ميٽنگ اٽينڊ ڪئي، آخري ميٽنگ جي پڄاڻيءَ تي پرنس ڪريم آغا خان پنهنجي پاران ذاتي حيثيت ۾ پر تڪلف مانجهاندو کارائيندو آهي. آغا خان جا عام ڀلائي وارا پروجيڪٽس تمام گهڻا آهن، جن جي صحيح نموني پرگهور لڌي ويندي آهي. الله تعاليٰ جون آغا خان فيمليءَ تي سندس مالي حالات سٺي رکڻ جون نعمتون آهن ۽ هو انهن کي صحيح استعمال به ڪندا آهن.
قديم اسلامي تهذيب ۾ ثقافت جو پهلو نمايان هوندو هئو، انهي لاءِ به اسلامي آرڪيٽيڪچرل ايوارڊ ڏنو ويندو آهي، پاڪستان جي صادق آباد تعلقي ۽ ضلعي رحيم يار خان جي ڳوٺ ڀونگ شريف ۾ هڪڙي مسجد آهي، جيڪا رئيس غازي خان انڍڙ پنهنجي خرچ تي ٺهرائي هئي، جيڪا به اسلامي تعميرات جو هڪ نادر نمونو آهي ۽ مون کي به هڪ ٻه ڀيرا ان مسجد جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو آهي، اها مسجد رئيس غازي خان انڍڙ هڪ ٻه ڀيرا شهيد ڪرائي هئي، ڇو ته مسجد شريف جا مينار، هن جي سامهون واري رهائش گاهه، جو خود هڪ قسم جو محل آهي. کان هيٺ پئي نظر آيا، تنهن جي ڪري هن اهو بهتر سمجهيو ته انهن کي شهيد ڪري ٻيهر ٺهرائجن ته جيئن ان جي ذاتي محل کان مسجد مٿي نظر اچي ۽ اهو هن ڪري ڏيکاريو.
مسجد ۾ سٺي اڏاوت کان سواءِ هڪ عاليشان پارڪ به آهي. ان کان علاوه مسجد ۾ لاڳيتو ديني تعليم لاءِ پنهنجي خرچ تي هو هڪ مدرسو به هلائيندو آهي.
آغا خان جي آرڪيٽيڪچرل ايوارڊ جي ٽيم سڄي دنيا جي دوري ڪرڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهتي ته ڀونگ شريف جي مسجد اسلامي تعميرات جو هڪ نادر نمونو آهي، ان کي ايوارڊ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ان کي ايوارڊ به مليو.
انڊو پاڪ ۾ مغل شهنشاهن جو وڏو چرچو آهي ته انهن لاهور جي شاهي مسجد، دهليءَ جي جامع مسجد ۽ ٻيون ڪيتريون ئي عاليشان عمارتون جوڙايون، جن ۾ دنيا جو هڪ عجوبو تاج محل به شامل آهي پر اهي سڀ تعميرات مغل شهنشاهن سرڪاري خزاني مان پئسا کڻي، خرچ ڪري ٺهرايون، ذاتي پئسو خرچ نه ڪيو. ان جي برعڪس رئيس غازي خان انڍڙ ڀونگ شريف جي مسجد ٺهرائي اهو ثابت ڪيو ته انڊو پاڪ ۾ اهڙا به مرد مجاهد آهن جيڪي پنهنجي خرچ سان عاليشان مسجد، مدرسو ۽ باغ ٺهرائي سگهن ٿا، جن کي بين الاقوامي آغا خان ايوارڊ به ملي ٿو.
سينڊيڪيٽ جي ميٽنگ کان پوءِ اسان کي پئرس گهمڻ جو به موقعو مليو ۽ اتان جون مشهور جڳهون ڏسڻ جو سبب ٿيو. شانزليزي جنهن کي پرئس جي دل چيو وڃي ٿو، ان کي سڄي دنيا ڏسڻ ۽ گهمڻ ايندي آهي، شانزليزي به هڪ عجوبو آهي، اتي هر قسم جي خريداري به ٿيندي آهي. ماڻهو دنيا مان ڪهي اچي اتي خريداري به ڪندا آهن ۽ سٺا کاڌا به واپرائيندا آهن.
شانزليزي ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي کاڌي جا تمام گهڻا ريسٽورنٽس آهن جتي ماڻهو شوق سان اچي کائيندا آهن ، پئرس جو نيشنل ميوزيم ۽ لائبريري به ڏسڻ وٽان آهي. پئرس جا رستا به تمام سٺا ٺهيل ۽ صفائي سٿرائي به لاجواب آهي، جنهن جي ڪري سياح تمام گهڻو پئرس ۾ ايندا آهن. ان کان علاوه مشهور ايفل ٽاور به اڏاوت جو هڪ شاهڪار آهي. سڄي دنيا جا سياح انهي کي ڏسڻ لاءِ ايندا آهن، ان جي پاسي ۾ هڪ ندي آهي، جنهن ۾ ٻيڙيون هلنديون آهن، ماڻهو پنهنجي ٻارن سان انهن ۾ چڙهي لطف اندوز ٿيندا آهن، عاليشان نظاري واري جڳهه آهي. ٻي مهاڀاري لڙائي ۾، جتي جرمن فورسز بمباري ڪري فرانس کي تباهه برباد ڪيو هو، ان کي نئين نموني تي تيار ڪري روڊ، رستا، ريلوي، ميوزيم ٺاهي پنهنجي محنت ۽ عظمت جو ثبوت ڏنائون. آغا خان سينڊيڪيٽ جي ميمبر جي حيثيت ۾ مسلمان ميمبرن کي اها سهولت هوندي آهي اُهي ته واپسيءَ وقت انهيءَ ٽڪيٽ ۾ عمري جي سعادت حاصل ڪن. مون هاءِ ڪورٽ جي اسٽاف ۽ آغا خان يونيورسٽي وارن کي ٻڌايو ته مون کين چيو مان عمري جي سعادت ضرور ماڻيندس، جنهن جي سهولت به آهي پر بهتر ائين ٿيندو ته مون کي واپسيءَ ۾ پئرس کان شام آندو وڃي ته جيئن اتي مقدس مقامات جي زيارت ڪجي ۽ ام المصائب شريڪت الحسين بي بي زينب سلام عليها ۽ ٻين ڪربلا جي شهيدن جي مزارن جي سلامي ڀرجي ۽ فاتحه پڙهجي. آغا خان يونيورسٽي وارن مٿي پنهنجي آفيسرن کي ٻڌايو ۽ انهن اها ڳالهه قبول ڪئي. واپسيءَ ۾ مون کي ۽ منهنجي بيگم کي پئرس مان شام جي هوائي ڪمپني (سيرئن ايئر لائن) ۾ کڻي ٻن ڪلاڪن ۾ شام پهچايائون، جتي وري پاڪستاني سفارتخاني جي ماڻهن منهنجو استقبال ڪيو. بعد ۾ مون کي بي بي زينب سلام عليها ۽ ٻين مقدس مقامات جي زيارت ڪرايائون. مون انهن کي پهچڻ کان اڳ چيو هيو ته منهنجي رهائش جو بندوبست بي بي صاحبه جي روضي جي ڀرسان هجي ته جيئن صبح شام اچڻ وڃڻ ۽ زيارت ڪرڻ ۾ سهوليت ٿئي. پاڪستان ايمبيسيءَ جي ملڪ نور، اتي هڪڙي فور اسٽار هوٽل ۾ رهائش جو بندوبست ڪيو، جنهن جون چارجز بلڪل نارمل هيون ۽ اهو هوٽل ڪويت جي هڪ امير مومن پنهنجي خرچ تي زيارت ڪرڻ وارن جي سهوليت لاءِ ٺهرايو هو، جنهن جي آمدني به ان هوٽل کي مينٽين ڪرڻ ۾ صرف ٿيندي هئي. مالڪ پاڻ ڇهين مهيني اچي ڏسندو هيو، آمدني ۽ خرچ جو تفصيل ڏسي هليو ويندو هيو. ان آمدنيءَ مان هو ڪجهه به نه کڻندو هيو، جيڪا به آمدني ٿيندي هئي اها ان هوٽل/مسافر خاني تي خرچ ٿيندي هئي.
رهائش وارن ڪمرن سان گڏ اٽيچ باٿ سان هڪڙو ننڍو ڪچن به هيو، جتي ماڻهو پنهنجي کاڌ خوراڪ تيار ڪري سگهي ته ڀلي ڪري، ان سان گڏ ڪپڙن جي ڌوئڻ جي لاءِ ڪمرو جنهن ۾ واشنگ مشين، فٽ ٿيل هئي ته جيئن رهائش وارا زائرين پنهنجا ڪپڙا وغيره ڌوئي سگهن.
بي بي صاحبه جي روضي تي هر وقت تمام گهڻي رش رهي ٿي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو زيارت لاءِ اچن ٿا، دعا گهرن ۽ فيض حاصل ڪن ٿا. جمعي جي رات تمام گهڻا قافلا اردن، لبنان، شام ۽ عراق مان ايندا آهن. جمعي جي رات اتي تمام وڏو ماتم ٿيندو آهي.
بي بي صاحبه زينب سلام عليها پنهنجي ڀاءُ امام حسينؑ سان گڏ ڪربلا پهتي هئي، جيڪي سختيون امام حسين سٺيون هيون اهي هن به سَٺيون، پنهنجا فرزند به شهيد ڪرايا ۽ قيدي ٿي ڪربلا کان ڪوفي ۽ پوءِ شام پهتي، هُن ڪربلا جي لٽيل قافلي جي رهنمائي ڪئي. هن امام حسين ؑ جي پيغام کي گهر گهر پهچايو ۽ امام حسين عه جي قربانيءَ کي زنده ۽ جاويد رکيو. مون کي ياد اچي ٿو ته صدر صدام حسين جي زماني ۾ جڏهن بني صدر جيڪو شيعا عالم هيو ۽ هن وقت به بغداد شهر ۾ موجود آهي، انهي جي پيءُ کي جڏهن صدر صدام حسين موت جي سزا ڏيارائي ته ان سان گڏ ان عالم سڳوري جي ڀيڻ به ان جرم ۾ شريڪ ڄاڻائي وئي ۽ ان کي به موت جي سزا ٻڌائي وئي. صدام حسين جي ڪن ويجهن ماڻهن ان کي چيو ته جيئن ته اها هڪ عورت آهي، تنهن جي ڪري ان کي معاف ڪيو وڃي پر بني صدر جي والد کي بلڪل سزا ڏني وڃي. صدر صدام کين ٻڌايو ته مون تاريخ پڙهي آهي ۽ مان ان نظريي جو حامي آهيان ته جيڪڏهن يزيد حضرت امام حسين ؑ جي 71 ساٿين کي شهيد ڪرائي پئي سگهيو ته حضرت زينب سلام عليها کي به شهيد ڪرائي ختم ڪرائي پئي سگهيو، ان سان هيڏو سارو ڪربلا جو واقعو دنيا جي آڏو ظاهر به ڪو نه ٿئي ها ۽ امام حسين عه جي قرباني به منظر عام تي نه اچي ها. ڇو ته بي بي زينب سلام عليها جنهن جنهن هنڌ تي پهتي اتي فصاحت ۽ بلاغت سان قرآني تعليمات کي ٻڌائيندي اهو ثابت ڪيو ته رسولﷺ جي آل سان، يزيد جو رويو ناروا، غير انساني ۽ وحشي هيو. ڪوفي کان شام تائين پهچندي پهچندي بي بي صاحبه ڪافي انقلاب آڻي چڪي هئي. هُن اُنهن تقريرن ذريعي درٻار شام ۾ يزيد جي آڏو بهادري ۽ دليري سان يزيد کي چئلينج ڪيو ۽ اهو ثابت ڪيو ته امام حسين جو قتل عظيم ظلم آهي ۽ ان جو حساب ڪتاب يزيد ۽ ان جي اهلڪارن کي ڏيڻو پوندو. تنهن جي ڪري سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي بني صدر جي پُڦيءَ کي پيءُ کي ڦاهيءَ جي سزا ڏياري ختم ڪيو ويو.
شام جي دوري ۾ تاريخي بنواميه مسجد ۽ بازار حميديه ڏسڻ جهڙي آهي، جتي سيدن ۽ سيد زادين کي هٿ ڪڙيون هڻي، پيرين پنڌ درٻار ۾ آندو ويو هيو، اهو مقام ڏسڻ جو به شرف مليو، جتي امام حسين جو سرمبارڪ رکيو ويو هو. امام حسين جي ننڍي صاحب زادي بي بي سڪينه جي روضي جي زيارت به نصيب ٿي جيڪا جيل ۾ ئي وفات ڪري وئي هئي. دمشق جي ٻاهران وڏو تاريخي قبرستان آهي، جتي ڪربلا جي شهيدن جي ٻارهن سرن کي ظاهر ڪيو ويو آهي، انهن جا نشان آهن.
بوهرا ڪميونٽيءَ انهن تاريخي مقامن ۽ روضن جي ڏاڍي پوئواري ڪئي آهي ۽ سٺي نموني ۾ انهن جي مينٽيننس جو ذمو کنيو اٿن، ڪم ڪار ڪن پيا ۽ سال به سال انهن جي رپيئر به بوهرا ڪميونٽي ڪرائيندي آهي. الله تعاليٰ انهن کي ان نيڪ ڪم جو اجر ڏيندو. ان سان گڏ حضرت بلال حبشي ؐ، رسول اللهﷺ جي زوجه ام سلمه ؒ ۽ ڪافي ٻين صحابن جي روضن تي وڃي زيارت ڪرڻ ۽ دعا گهرڻ جو شرف به حاصل ٿيو.
زيارتن کان علاوه، دمشق ۽ ان جي پسگردائيءَ سان گڏ نئين اسٽائيل ۾ ٺهيل ريسٽورنٽس ۾ کاڌي کائڻ لاءِ وڃڻ جو موقعو به مليو. ان وقت حافظ الاسد صدر هيو ۽ امن و امان مثالي هيو. ڪا به مذهبي ڇڪتاڻ نظر نه آئي. ڇو ته شام ۾ عيسائين جو به ڪافي تعداد رهي ٿو. انهن جون ڪافي ڪليسائون آهن، انهن کي به ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ محسوس ٿيو ته هر مذهب ۽ فرقي کي پنهنجي عقيدي تي هلڻ جي مڪمل آزاد آهي. ڪا به روڪ ٽوڪ ڪو نه آهي. شام جي زرعي پيداوار، صنعتي پيداوار سان گڏ زائرين جو به تمام گهڻو انداز زيارت ڪرڻ اچي ٿو، انهن مان به انهن جي معيشت تي سٺا اثر پون ٿا ۽ سٺي آمدني ٿئي ٿي.
ملڪ شام قديم تهذيب جو مالڪ آهي. ان کي دنيا جي تاريخ ۾ وڏو مقام حاصل آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته بين الاقوامي سازش جي ڪري مسلمان ملڪن ۾ شيعه، سني فساد ڪرائي، انهن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. پنج ڏينهن شام ۾ رهڻ کان پوءِ سيرئن ايئرلائين جي ذريعي مدينه منوره ۾ آمد ٿي، جتي پڻ پاڪستان جي سفارت خاني جا ماڻهو وٺڻ آيا ۽ پاڪستان هائوس ۾ رهائش جو بندوبست ڪيائون. اها رهائش به مسجد نبويءَ جي بلڪل ويجهو آهي.
نبيﷺ جي روضي پاڪ جي زيارت به ٿي ۽ مسجد نبويءَ ۾ مون کي ۽ منهنجي گهر واريءَ کي نماز پڙهڻ جو موقعو ۽ شرف به مليو. اتان کان پوءِ وري مڪه مڪرم وڃڻ ٿيو، جتي عمرو ادا ڪيوسين، جيڪو خدا نصيب ڪيو. جتي چار ڏينهن رهڻ کان پوءِ سلامتيءَ سان اچي ڪراچي پهتاسين.
2001ع ۾ چيف جسٽس ارشاد حسن خان جي سربراهيءَ هيٺ سپريم ڪورٽ جي ججز کي چيف جج چائنا جي دعوت تي وڃڻ جو موقعو مليو. ان وفد ۾ چيف جج آف پاڪستان ارشاد حسن خان کان سواءِ جسٽس شيخ رياض احمد، جسٽس افتخار محمد چوڌري، جسٽس قاضي محمد فاروق، جسٽس فقير محمد کوکر ۽ ڊاڪٽر فقير حسين ان وقت لا ڪميشن جو سيڪريٽري به گڏ هيو.
چائنا جي گاديءَ جي هنڌ بيجنگ ۾ ماؤزي تنگ جو مقبرو آهي، جتي ان جو جنازو انهيءَ ساڳيءَ حالت ۾ موجود آهي. چائنيز اسڪوائر، گريٽ وال ۽ انهن جي قديمي شهنشاهن جي قبرستان وڃڻ جو به موقعو مليو. چائنا جو ڪيپيٽل حب شنگهائي ڏسڻ جو موقعو به مليو، جيڪو خود هڪ عجوبو آهي ۽ ان جي اڏاوت اهڙي آهي، جو ڄڻ توهان نيويارڪ گهمي رهيا آهيو. شنگهائي جي وچ مان هڪ ندي گذري ٿي جنهن ۾ نيوي گيشن ٿيندي آهي. رات جي وقت ان جو نظارو مختلف روشنين جي ڪري تمام سهڻو لڳندو آهي. بيجنگ جا ناٽڪ گهر، جتي چائنا جو روايتي رقص به ڪيو ويندو آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ به لکين ماڻهو ايندا آهن ۽ جنهن مان چائنا کي ڪافي آمدني ٿيندي آهي. 1989ع ۾ پهريون دفعو بيجنگ ڏسڻ کان پوءِ 12 سالن بعد چائنا ۾ وڏي تبديلي نظر آئي. چائنا ايڏي ته ترقي ڪئي آهي جو دنيا جي اڪانامي ۾ ٽئين نمبر تي آهي. دنيا جو اهو خطو نه آهي جتي چائنا جون پروڊڪٽس نه هجن. سڄي دنيا چائنا جي مال سان ڀريل آهي. چائنا جي ترقيءَ جي رفتار جيڪڏهن اها ئي رهي ته ڪجهه سالن ۾ چائنا، آمريڪا ۽ جاپان جي اڪانامي کي پوئتي ڌڪي ويندو.
2011ع ۾ انٽرنيشنل اولمپڪ گيمز، جيڪا بيجنگ ۾ ٿي هئي، ان ۾ ڪيپيٽل بيجنگ جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو هو. ويڪريون پليون ٺهي ويون هيون، ان کان سواءِ روشنين جو ۽ آتش بازيءَ جو اهڙو ته مظاهرو ڪيو ويو هو جو آسمان جو رنگ ئي تبديل ٿي ويو هو.
دنيا جي تقريبن هڪ ارب ماڻهن اهو آتش بازي جو عظيم الشان مظاهرو ٽي وي چئنلز تي ڏٺو. دنيا جا مفڪر ۽ دانشور اهو محسوس ڪن ٿا ته، جيڪڏهن چائنا جي ترقيءَ جي رفتار اها ئي رهي ته چائنا جي معيشت دنيا جي پهرين نمبر تي مڃيل معيشت ٿي ويندي.
چائنا هر هڪ شعبي ۾ محنت، وقت جي پابندي، اصول پرستي ۽ ملڪ جي مفاد کي سڀ کان اڳتي رکندي اڄ دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ ٽئين نمبر تي پهتل آهي.
1989ع ۾ چائنا جي دوري کان پوءِ 2011ع ۾ تمام وڏي تبديلي نظر آئي. هاڻ چائنا کي بين الاقوامي سطح تي آمريڪا ۽ روس کان پوءِ اثرائتو ملڪ سمجهيو وڃي ٿو.
چين جو اهو هڪ وڏو ڪمال آهي ته هن بغير جنگ و جدل ۽ گولي هلائڻ جي، هانگ ڪانگ جو جزيرو برطانيا کان، ڳالهين ذريعي واپس ورتو ۽ اتي اهو ئي اقتصادي نظام جاري رکيو جيڪو چين جي قبضي ۾ وٺڻ کان اڳ هيو. جيتوڻيڪ چين ۾ ڪميونسٽ راڄ آهي، پر اقتصادي ترقيءَ لاءِ هنن چين ۾ سرماياڪاريءَ لاءِ سڀني ملڪن لاءِ دروازه کولي ڇڏيا آهن. ڪافي ترقي يافته ملڪن، تمام وڏيون صنعتون ۽ ڪاروبار چائنا ۾ کوليا آهن، جنهن جي ڪري چين ۾ اقتصادي ترقي بي مثال نظر اچي رهي آهي.
ان کان علاوه مڪاؤ جزيرو جنهن تي پورچوگيزن جو قبضو هيو، ڪجهه سال اڳ اتي مڪامي انڊر ورلڊ ايڏي طاقتور ٿي جو مڪاؤ جزيري ۾ پورچوگيزن کي حڪومت ڪرڻ مشڪل ٿي وئي. عملي طور مڪاؤ جزيري جي وارڊ لارڊز ان جزيري تي حڪومت ڪرڻ شروع ڪئي. اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته مڪاؤ جزيري ۾ سڄي دنيا جا جواري، جوا کيڏڻ ايندا آهن. ان حالت کي ڏسي انهن جي لاءِ جوا خانا ٺهرايا ويا آهن ۽ عاليشان ريسٽورينٽس به ٺهيل آهن. ماڻهو تفريح لاءِ ۽ جوا کيڏڻ لاءِ ايندا آهن. انهيءَ ڪري انڊر ورلڊ جي قبضي کي ختم ڪرڻ جي مقصد خاطر پورچوگيز حڪومت مڪاؤ جزيرو چين جي حوالي ڪيو ته جيئن اتي ڪاروبار، جوا جا اڏا ريسٽورينٽس يا عشرت لاءِ مخصوص جڳهين کي هو پاڻ سنڀالي ۽ انتظام رکي. چين هڪدم ان آڇ کي قبول ڪيو، پنهنجي پراڻي مڪاؤ جزيري کي قبضي ۾ ورتو ۽ اتان جي وارڊ لارڊز کي تختي دار تي چاڙهيو.
25-20 ماڻهن جي ڦاهي ڏيڻ کان پوءِ جزيري ۾ امن ٿيو. هانگ ڪانگ کي مڪاؤ جزيري جي ملڻ کان پوءِ 12 سالن ۾ چائنا ۾ وڏي ترقي نظر آئي. رهائش جو ساڳيو سسٽم رائج آهي. چائنا پنهنجي ترقيءَ ۽ فلاح بهبود لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي نظام کي اصلي چين تائين محدود رکيو آهي. سونا آنا ڏيندڙ هانگ ڪانگ ۽ مڪاؤ جزيري کي ساڳي پوزيشن ۾ هلڻ ڏنو وڃي ٿو، جنهن سان چائنا جي اقتصادي حالت تمام بهتر ٿي آهي. سياح ۽ جواري گهربل ٽئڪس خوشيءَ سان چائنا جي سرڪار کي ڏيئي رهيا آهن.
ڊسمبر 2010ع ۾ سرڪاري طور تي آمريڪا وڃڻ ٿيو، جتي آءِ ايم ايف جي توسط سان انٽرنيشنل اينٽي ڪرپشن ڪانفرنس منعقد ٿيل هئي، جنهن ۾ سڄي دنيا مان اينٽي ڪرپشن سان واسطو رکندڙ آفيسر ۽ تنظيمون آيل هيون. رهائش ۽ اچڻ وڃڻ جو خرچ آءِ ايم ايف ڀريو هو. اسان جي رهائش هلٽن هوٽل ۾ هئي، جتان سڀني شرڪت ڪندڙن کي ننڍن اي سي ڪوچز ۾ کڻي وڃي آءِ ايم ايف جي صدر دفتر ۾ پهچائيندا هئا. صبح کان شام تائين اجلاس هلندا هيا، جن ۾ شرڪت ڪبي هئي، پنهنجي پاران ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏنيونسين. سياري جي موسم هئي تنهن ڪري ڏاڍي ٿڌ هئي، جنهن سبب واشنگٽن ڊي سي کان ٻاهر وڃڻ ڪو نه ٿيو. باقي صدارتي محل (وائيٽ هائوس) آمريڪي پارليامينٽ ايف بي آءِ هيڊ ڪوارٽر، سٺا شاپنگ سينٽر، فيڊرل ڪورٽ جي عمارت، ميوزيم ۽ جارج واشنگٽن جو مقبرو وغيره ڏسڻ جو موقعو مليو.
پاڪستان ايمبيسي به ڏٺيسين ۽ مسٽر حسين حقاني، سفير سان به ملاقات ٿي، جيڪو ڏاڍو پڙهيل لکيل ۽ ذهين ماڻهو آهي ۽ پاڪستان جي پنهنجي وس آهر خدمت ڪري رهيو آهي. انهيءَ جي طفيلي شام جي ويزا ملي جو وري ٻيهر شام جي زيارتن ڪرڻ جو موقعو مليو.
شام ۾ ان وقت سفير مسٽر امين رئيساڻي هيو، جيڪو ڏاڍو سلجهيل، پڙهيل ۽ ڪافي ناليج رکندڙ ماڻهو هو، جيڪو نواب رئيساڻي جو ننڍو ڀاءُ هئو، هيءُ طبيعتن پڙهيل لکيل هجڻ جي ڪري ڪافي بهتر نظر آيو. ان سفارتخانو به گهمايو، پوءِ پنهنجي بيگم صاحبه سان گڏجي منهنجي ۽ منهنجي بيگم جي هڪ سٺي ريسٽورينٽ ۾ منجهند جي ماني به ڪيائين ايئن سٺي مهمان نواز هجڻ جو ثبوت ڏنائين. سندس مهمان نوازيءَ جو اڃا تائين منهنجي ياداشتن ۾ سٺو اثر آهي.

اسان شاهه لطيف ۽ مخدوم بلاول کي زندهه رکيو آهي

[b]سماجي ڪمن ۾ بهرو وٺڻ
[/b]ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ شاهه عبداللطيف ايجوڪيشن ٽرسٽ 1954-04-01 ۾ وجود ۾ آيو، جنهن جو مقصد اهو هيو ته ڪراچيءَ جي اصلي رهاڪن کي تعليم جون سهولتون سٺي انداز ۾ مهيا ڪري ڏجن ۽ اتي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون تعيلم پرائين. ان ٽرسٽ کي ٺاهڻ ۾ مرحوم غلام علي ميمڻ وڪيل، مرحوم ثناءُ الله مغل، مرحوم غلام مرتضيٰ عيساڻي، مرحوم محمد يوسف خيراتي، عبدالرحمان آخوند، سليمان گهانچي، مسٽر سوداگرايم درويش مرحوم، غلام مصطفيٰ بروهي ۽ عبدالڪريم لوڌي مرحوم جو وڏو ڪردار آهي، جن جي جيتري واکاڻ ڪجي اوتري ٿوري آهي. انهن صاحبن گلستان شاهه عبداللطيف جي نالي تي نرسري، پرائمري، گرلز ۽ بوائز سيڪنڊري اسڪول کوليا، جتان ماڻهن تعليم پرائي، پنهنجي لاءِ دنيا ۾ چڱو مقام پيدا ڪيو. تعليم جو معيار ايڏو ته سٺو رهيو آهي جو ڪيترا ڇوڪرا سي ايس ايس ڪري وڏن عهدن تي ڪسٽم، سول سروسز، پوليس، آڊٽ اڪائونٽس ۾ مقابلي جو امتحان پاس ڪري سٺي مقام تي پهتا آهن. اسڪولن جون عمارتون تمام سٺيون ٺهيل آهن. ڪشادا ڪمرا، اي سي ليبارٽري رومز، لائبريري رومز، ڪمپيوٽرليب، ڪامن رومز، ڊاڪٽرز روم جتي مستقل ڊاڪٽرز ٻارن جي روزاني بيناد تي چڪاس به ڪندا آهن ۽ ضرورت آهر ابتدائي طبي امداد به ڏيندا آهن. ان کان علاوه سٺا ۽ ڪشادا ورانڊا، علامه آءِ آءِ قاضي هال ۽ ننڍا باغ به موجود آهن. مان دعويٰ سان چوان ٿو ته گلستان شاهه عبداللطيف اسڪولن جي مقابلي ۾ گهٽ اسڪول هوندا. فرنيچر، صفائي سٿرائي، اليڪٽريڪل ۽ پاڻيءَ جو سٺو نظام رکيل آهي، جنهن جي پورائي صرف ڇوڪرن جي ماهانا وصول ٿيندڙ فيس مان ٿيندي آهي. 25 سيڪڙو ضرورتمند ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي فري شپ (Concession) به ڏيندا آهن.
نان ٽيچنگ ۽ ٽيچنگ اسٽاف کي پگهارون تمام معقول ۽ مناسب آهن. اسٽاف جي مقرري يا موقوفي ايڊمنسٽريٽو ڪاميٽي ۽ بورڊ جي معرفت ٿيندي آهي. ان کان علاوه فنانس ڪاميٽي، ڊولپمينٽ ڪاميٽي Fee Concession ڪاميٽيون ڪم ڪنديون آهن. جتي هر مسئلي کي ويچار هيٺ آڻي فيصلا ڪيا ويندا آهن. اسٽاف جي لاءِ سروس رولز آهن جن تي عمل ڪيو ويندو آهي. جي پي فنڊ جي سهولت به آهي، جيترو حصو ملازم ڏيندو ايترو ئي حصو مئنيجمينٽ به ڏيندي آهي رٽائرمينٽ کان پوءِ لڳ ڀڳ ڏهه ٻارنهن لک رپيا سروس جي مدي جي حساب سان ملندو آهي.
گلستان اسڪولز ۾ بوائز ۽ گرلز جا ايگزامنيشن سينٽرز ٿيندا آهن، جتي بورڊ پاران ماڻهو وزٽ ڪندا آهن. خدا تعاليٰ جي فضل سان ايڏو ته بهتر انتظام موجود آهي جو ڪنهن کي به شڪايت ڪو نه ٿيندي آهي. اسان جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ٻين سينٽرز ۾ امتحان ڏيندا آهن. جن مان گهڻو ڪري اي-ون ۽ اي گريڊ ۾ پاس ڪندا آهن. ٽيچنگ اسٽاف ۽ ٽرسٽ جو اسٽاف تمام محنتي، جفاڪش ۽ ايماندار آهي. ٽرسٽي صاحبان به پنهنجي وس آهر ٽرسٽ جي خدمت ڪندا آهن ۽ وقت ڪڍي ميٽنگز ۽ ٻين سرگرمين ۾ شريڪ ٿيندا آهن. سڀ فيصلا ٽرسٽ جي لکيل شرطن موجب ڪيا ويندا آهن.
اڳئين سال کان وٺي هائر سيڪنڊري ڪلاسز شروع ڪيا ويا آهن ۽ هن سال لاءِ ٻارنهين ڪلاس جي داخلائن بابت ايڊورٽائزمينٽ (بل بورڊ پمفليٽس، پينافليڪس) ٺاهي تيار ڪيا ويا آهن. ٽرسٽ ۾ مان آنريري سيڪريٽري طور 2005-04-30 کان وٺي، ٽرسٽي دوستن جي مدد ۽ مهربانيءَ سان ڪم ڪري رهيو آهيان. ٽرسٽ جو آنريري چيئرمين مسٽر جسٽس حامد علي مرزا، مون کان اڳ ڪم ڪري رهيو آهي. باقي ٽرسٽين ۾ مسٽر اقبال جمع هيسباڻي اعزازي خزانچي، مسٽر مشتاق، اي ميمڻ ٽرسٽي، مسٽر جسٽس خلجي عارف حسين ٽرسٽي، مسٽر جسٽس علي محمد بلوچ ٽرسٽي، مسٽر جسٽس شوڪت علي ميمڻ ٽرسٽي، مسٽر يونس هاشم ٽرسٽي، مسٽر عبدالوهاب ولي ٽرسٽي، مسٽر انجنيئر نعيم الرحمان آخوند ٽرسٽي، ڊاڪٽر مشهور عالم شاهه ٽرسٽي، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سهاڳ ٽرسٽي، ڊاڪٽر مشتاق علي عباسي ٽرسٽي ۽ انجنيئر سميع الله مغل صاحب ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اسڪولن جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن.
الله تعاليٰ جي در دست به دعا آهيون ته اسان جي اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن کي وڌيڪ تعليم پرائڻ جو شوق ڏئي ۽ ان جا سٺا نتيجا ملن.

[b]مخدوم بلاول ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي لميٽيڊ
[/b]مخدوم بلاول شهيد سنڌ ڌرتي ماتا جي حفاظت ڪندي، ارغونن جي غير آئيني، غير اخلاقي جبر ۽ ڏاڍ جي حڪمرانيءَ کي بهادريءَ سان چئلينج ڪيو. حڪمرانن ٻي واٽ نه ڏسي ڪوڙ ڪري، ڌوڪي سان مخدوم بلاول جي جتيءَ ۾ قرآني آيت مڙهائي، موچيءَ کي لالچ ڏئي ڪڌو ڪم ڪرايو، ارغونن جي باهه اڳي ڀڙڪي رهي هئي، تنهن جي ڪري انهن ڪوڙي تهمت ڏئي، ڪوڙا شاهد بيهاري، ان عظيم هستيءَ کي گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪيو. الله تعاليٰ جون مٿس رحمتون نازل هجن ۽ سندس درجا بلند ڪري.
مخدوم بلاول شهيد جي نالي تي مخدوم بلاول ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي سنڌ جي سڄڻن ٺاهي، ان مقصد سان ته سنڌ جي اصلي باشندن ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي مٿي جي ڇانوَ هجي.
هن سوسائٽيءَ کي ٺاهڻ ۾ مسٽر جسٽس حامد علي مرزا، مسٽر بشير احمد ميمڻ، ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ، عبدالعزيز ميمڻ ۽ حاجي محمد صديق ميمڻ، پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ٻيا به ڪيترائي سوين ماڻهو سوسائٽيءَ جا ميمبر ٿيا. سوسائٽي رجسٽر ٿي ۽ مٿين ذڪر ڪيل صاحبن جي ڪوششن سان مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئيءَ ان وقت جي چيف منسٽر 50 ايڪڙ زمين ديهه تپو حيدري ۾ الاٽ ڪئي. اهو زمين جو ٽڪرو ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي لاڳيتو ۽ روڊن جي وسيع نيٽ ورڪ جي ڪري ڊفينس، شاهراهه فيصل ايئرپورٽ ۽ ٻين ايراضين کي ويجهو آهي.
هن سوسائٽيءَ ۾ ڏيپلي جي ميمڻ صاحبن ۽ ڀرياسٽيءَ جي ميمڻ صاحبن جي ٿوري اختلاف جي ڪري، ڪم ڪافي عرصو بند هيو. ڪجهه عرصو ٿيو آهي ته مسٽر جسٽس حامد علي مرزا، مسٽر بشير احمد ميمڻ، ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ ۽ راقم الحروف جي ڪوشش سان ترقياتي ڪم ڪافي ڪرايو ويو آهي. هن سوسائٽيءَ جو پريزيڊنٽ جسٽس حامد علي مرزا آهي، جڏهن ته چيئرمين جا فرائض مان پاڻ انجام ڏئي رهيو آهيان ۽ سيڪريٽري مسٽر محمد اسحاق ميمڻ صاحب آهي جيڪو رٽائر جج آهي. مسٽر جسٽس حامد علي مرزا پاڪستان جو ٽن سالن لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر ٿي رهيو آهي جتي به هن پنهنجون خدمتون سچائي ۽ ايمانداري سان پوريون ڪيون. سائين هڪ پڙهيل ڪڙهيل خاندان سان تعلق رکندڙ آهي. سندن والد محترم جناب مرحوم عبدالرحمٰن مرزا هاءِ ڪورٽ جو وڪيل هيو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ مرحوم ارشد علي مرزا ڊسٽرڪٽ جج رهيو آهي. ڪافي ترقياتي ڪم ٿيو آهي، جنهن ۾ روڊ، پاڻيءَ جي لائن، سيوريج، بجلي ۽ گيس اچي چڪا آهن ۽ 30 کن بنگلا جڙيا آهن جن ۾ اسان جا اصلي رهاڪو رهائش پذير آهن.
پلاٽ ٻن ڪيٽيگريز ۾ آهن، هڪ ڪيٽيگري 240 اسڪوائر يارڊ ۽ ٻي 120 اسڪوائر يارڊ تي مشتمل آهي. هاڻي به ترقياتي ڪم زور شور سان ٿي رهيو آهي، ماڻهو هن ڪوشش ۾ آهن ته جلد ئي پنهنجا گهر ٺهرائي اچي ويهن. سوسائٽي جا عهديدار هر طرح جو تعاون ڪري رهيا آهن. هڪڙي پاسي جي ڀت ٺاهڻ تي ٿورو تنازعو آهي. اميد آهي ته موجوده حالتن ۾ اهو تنازعو حل ٿي ويندو ۽ ميمبر صاحب رهيل بقايائون ڏئي، سوسائٽي جي به همٿ افزائي ڪندا ۽ پنهنجي گهرن ۾ به آباد ٿيندا.
الله تعاليٰ کان دعا ٿا گهرون ته جنهن عظيم شهيد جي نالي سان هيءَ آبادي آهي، انهيءَ کي به اهڙي ئي ڪاميابي، ڪامراني ۽ نيڪي عطا ڪري، آمين.

جيون گهاريم جن سان

---

قاضي فضل الله سنڌ جي سياست جو وسريل اهم ڪردار

قاضي فضل الله ولد عبيدالله مرحوم سنڌ جو سابق وزيراعليٰ، اولهه پاڪستان جو سابق وزير ۽ سنڌ جي سياست جو هڪ وسري ويل ڪردار آهي.
قاضي فضل الله مرحوم اصل ۾ ضلعي نوشهري فيروز جو رهائشي هيو. سندس پيءُ پيشي جي اعتبار کان هڪ استاد هيو. وچولي طبقي جو ماڻهو هيو. هُن پنهنجي نماڻي طبيعت ۽ وڪالت جي پيشي سان تمام گهري وابستگي هجڻ سبب سياست کي عام ماڻهوءَ جي خدمت ڪرڻ واري اصول کي عبادت سمجهي، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پنهنجو سياسي بنياد رکي اڳتي وڌيو ۽ ڪافي وڏا عهدا ماڻي چڱي نيڪ، نامي ڪمائي.
قاضي فضل الله صاحب 1930ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪري حيدرآباد سنڌ ۾ وڪالت شروع ڪئي. سندس ٻيو ڪاليج جو ساٿي (ڪوليگ) مسٽر محمد حنيف صديقي مرحوم هو، جنهن لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي. صديقي صاحب جو اصل گهر شڪارپور آهي. صديقي صاحب، قاضي فضل الله مرحوم کي آمادهه ڪيو ته هو حيدرآباد ضلعي کي خيرآباد چئي لاڙڪاڻي ۾ اچي ساڻس گڏ وڪالت ڪري، ڇو ته لاڙڪاڻي ۾ وڪالت جي لحاظ کان ڪم به گهڻو هيو ۽ سياسي ميدان ۾ به هڪ محنتي ۽ ڄاڻو ماڻهوءَ جي گهرج هئي. قاضي فضل الله مرحوم جيئن ته شاگرديءَ جي زماني کان وٺي مولانا محمد علي جوهر جي خلافت تحريڪ ۾ ڪم ڪيو هيو، جنهن ڪري سندس سياست ڏانهن لاڙو به گهڻو هيو.
قاضي فضل الله مرحوم شروعاتي دور ۾ محمد حنيف صديقيءَ صاحب سان گڏجي وڪالت شروع ڪئي ۽ هن وقت جيڪا جڳهه محترم عبدالرزاق سومري جي ملڪيت هيٺ آهي. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سڪ پل جي ڀرسان، اتان هنن وڪالت اتان شروع ڪئي. ٻه ٽي سال اتي رهيا ۽ ان کان پوءِ رئيس مرحوم عبدالحميد جتوئي ٻيٽي، ضلعي دادو واري، پنهنجو بنگلو گهنٽي ڦاٽڪ وٽ قاضي فضل الله مرحوم جي حوالي ڪيو ته، توهان هت رهو اوهان دوست آهيو. بنگلو تمام وڏو هئو، ۽ تزئين و آرائش به تمام سٺي هُئَس. شهر جي بندر روڊ جي بلڪل ڪناري تي هيو. پاسي ۾ جناح باغ اڳوڻو (تجرباغ) هيس. رئيس عبدالحميد جتوئي، مرحوم قاضي فضل الله صاحب کان ڪرايو به ڪو نه وٺندو هيو، باقي دستوري سالياني مرمت قاضي فضل الله صاحب پاڻ ڪرائيندو هيو.
جڏهن دادو ۽ لاڙڪاڻو ضلعو گڏ هيا تڏهن جتوئي صاحب کي ان بنگلي جي ضرورت هئي، ڇو ته دسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر هجڻ جي ڪري ان کي لاڙڪاڻي ۾ اچڻو ۽ رهائش اختيار ڪرڻي پوندي هئي. دادو ضلعي جي الڳ ٺهڻ کان پوءِ کين دادو شهر ۾ به ڪافي جائيداد هئي جيڪا انهن پنهنجي استعمال ۾ آندي.
قاضي فضل الله مرحوم پنهنجي سياسي زندگيءَ جي ابتدا 35- 1934ع ۾ لاڙڪاڻي ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ميمبر جي اليڪشن وڙهي ڪئي. ان زماني ۾ اهو رواج هيو ته لاڙڪاڻي ميونسپل جي ميمبرن لاءِ، جنهن کي نواب امير علي لاهوري پسند ڪندو هو ۽ جنهن کي نواب صاحب بيهاريندو هو، اهو ماڻهو ئي منتخب ٿي ويندو هيو. ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي مقابلي ڪرڻ جي طاقت ۽ وصيت نه هوندي هئي. جيئن ته قاضي فضل الله مرحوم پڙهيل لکيل ۽ عام ماڻهن سان ملڻ جلڻ جي ڪري سڃاتو ويندو هئو. لاڙڪاڻي جي ميونسپل ڪاميٽي جي ميمبر جي حد تائين، سمجهيائين ته بيهندس ته کٽي ويندس، ايئن هو نواب امير علي لاهوريءَ جي مخالفت هوندي به ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي جو ميمبر منتخب ٿيو.
قاضي فضل الله مرحوم جي رهائش گاهه کي وسيع اڱڻ به هيو جتي شام جو وڪالت جي آفيس ٽائيم کان پوءِ عام ڪچهري لڳندي هئي، جتي عام ماڻهو به ڪچهري ڪرڻ ايندا هئا. ان بنگلي جي مين گيٽ سان لاڳيتو اولهه ۾ هڪ ننڍڙي مسجد به ٺهيل هئي جا چوويهه ڪلاڪ کليل رهندي هئي، جتي بنگلي جا رهائشي ۽ عام ماڻهو به نماز ادا ڪندا هئا. نواب امير علي لاهوري، ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي جو منتخب صدر تقريبن 13-12 سال رهيو ۽ وري ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو، مرحوم سر شاهه نواز ڀٽو به تقريبن 12 سال صدر رهيو. ان کان پوءِ نواب نبي بخش خان ڀٽو به لوڪل بورڊ جو 10 سالن تائين صدر رهيو.
قاضي فضل الله جي سياسي مشهوري سنڌ ۾ ان جي ڪري ٿي، جو مرحوم محمد ايوب کهڙي ۽ قاضي فضل الله مرحوم، شيخ عبدالمجيد سنڌي جيڪو تازو هندوءَ مان مسلمان ٿيو هيو کي ساڻ ڪري سياست ڪئي. هڪ ان جي مسلمان ٿيڻ جي جذبي جي ڪري ٻيو قاضي صاحب ۽ کهڙي صاحب جي گڏيل مخالفت جي ڪري، بدقسمتيءَ سان سرشاهه نواز ڀٽو 37-1936ع واري صوبائي اسيمبليءَ جي اليڪشن، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي هٿان هارائي ويو. سر شاهه نواز ڀٽو ڪافي دورانديش ۽ سمجهدار ماڻهو هيو، جيڪو ان شڪست کان پوءِ سياست کان بيزار ٿي بمبئي هليو ويو. ان وقت جي هندوستان جي حڪومت سرشاهنواز ڀٽي کي بمبئي ۽ سنڌ جي پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبرمقرر ڪيو، ڇو ته سنڌ ۾ ڪافي عرصي کان پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو وجود آيو هو. سر شاهنواز ڀٽو بعد ۾ رياست جهوناڳڙهه جو وڏو وزير به ٿيو هيو. سرشاهنواز ڀٽي ۽ نواب امير علي لاهوريءَ جي دوستي به تمام گهري هئي. جڏهن جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي لاڙڪاڻي ۾ ولادت ٿي هئي ته اُن جي ڪن ۾ آذان به نواب امير علي لاهوريءَ ڏني ۽ نالو ذوالفقار علي به نواب امير علي لاهوري صاحب تجويز ڪيو هيو، ڇو ته نواب امير علي لاهوري فقه جعفريه سان تعلق رکندو هيو.
قاضي فضل الله مرحوم، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ خان صاحب عبدالحق ڀٽي (عرضي ڀٽي وارو) کي سجاول سرڪل جي تڪ ۾ شڪست ڏني، اهڙي طرح سان قاضي فضل الله لاڙڪاڻي شهر ۾ ميونسپلٽي ۽ لوڪل بورڊ ۾ ميمبر ٿي، اتي پنهنجو سياسي اثر رسوخ وڌايو ۽ سياسي طور اهڙا دوست پيدا ڪيا، جن ان جي مدد ڪئي. ڇو ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڀٽا سردار، کهڙا سردار، چانڊيا سردار، مگسي سردار، ابڙا سردار، ٻگهيا سردار، انڙ سردار، جتوئي سردار، کهاوڙ سردار، تنيا سردار، جلباڻي سردار ۽ گهانگهرا سردار هيا. اهڙي ماحول ۾ قاضي صاحب پنهنجو اثر رسوخ پيدا ڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جي سياست تي اثرانداز ٿي، پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿيو ۽ پنهنجي پاران لاڙڪاڻي ميونسپل ڪاميٽيءَ تي مسٽر عبدالغفور ڀرڳڙيءَ صاحب، جيڪو وڪيل هيو، ان کي ٻه دفعا صدر منتخب ڪرايو. ڀرڳري صاحب سٺو وڪيل، سياسي ورڪر، صوم و صلات جو پابند ۽ ايماندار شخص آهي. جنهن پنهنجي صدارت جي زماني ۾ ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايا، جن جا اهڃاڻ اڄ به ملن ٿا.
قاضي فضل الله مرحوم پنهنجي دوستن، هر هڪ مرحوم فقير محمد انڙ ۽ مرحوم قربان علي خان کهاوڙ کي هڪڙو هڪڙو ٽرمُ لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ڪرايو.
قاضي فضل الله مرحوم جا ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ويجها دوست، جيڪي هن کي سياست ۽ سماجي حيثيت ۾ ويجها رهيا ۽ ڪم آيا ۽ قاضي صاحب به انهن کي تمام عزت ۽ تڪريم جي نگاهه سان ڏسندو هيو، تن ۾ مسٽر عبدالغفور ڀرڳڙي وڪيل، مرحوم خان صاحب فقير محمد انڙ، مرحوم وڏيرو غلام محمد خان انڙ، رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي، محراب پور وارو، مرحوم غلام عباس خان قادري، مرحوم عتيق الزمان ولد چوڌري خليق الزمان لاهوري محلي وارو، مسٽر مظفر حسين لاهوري، رضا محمد خان ڀٽو لاهوري محلو، مرحوم جمال الدين بخاري، مولوي جان محمد عباسي، مرحوم سيد وريل شاهه صاحب، مرحوم حاجي پيرزادو درزي، سردار غلام رسول خان جلباڻي، پير بخش خان گهانگهرو، مولوي غلام يحيٰ، علي حسن منگي خيروديرو وارو، حاجي محمد خان تنيو ميرو خان، سردار عالم خان گوپانگ ميرو خان، محمود خان ڀٽو ميرو خان، رئيس ڀنڀو خان چانڊيو، سردار غلام مصطفيٰ جروار، نواب سيف الله مگسي، احمد نواز کهاوڙ، ميجر دوست محمد هڪڙو، حاجي خان ڪلهوڙو، رئيس قربان علي خان کهاوڙ، خدا بخش خان کهاوڙ، الله رکيو خان چولياڻي، سيٺ ڪيول رام ۽ ڪيترائي ٻيا به گهڻا.
مولوي نظير حسين جتوئي مرحوم هڪ سياسي ورڪر هئڻ سان گڏ ڏاڍو مزاح پسند ماڻهو به هيو، هُو وڻندڙ ڀوڳ ۽ چرچا به ڪندو هيو ۽ قاضي فضل الله مرحوم جي ڪچهريءَ ۾ جڏهن ڪا کل ڀوڳ يا چرچي جي مهل ٿيندي هئي ته مزي ۾ اچي، کلي قاضي صاحب کي اڪثر ڪري پنهنجو ٺهيل شعر ٻڌائيندو هيو ته
”محمود آهي تنهنجو ماضي
مظفر آهي تنهنجو مستقبل
رضا تي رهين راضي
يا ايوءَ قاضي.“
۽ پوءِ محفل زعفران بڻجي ويندي هئي.
قاضي فضل الله مرحوم جو تعلقو ميرو خان ۽ تعلقي وارهه تي چڱو اثر هيو. پنهنجي پروڊا جي پابنديءَ کان پوءِ هُن پنهنجي ڀاڻيجي مرحوم عبدالمنان قاضيءَ کي ميرو خان مان اسيمبلي ميمبر به منتخب ڪرايو هيو جيڪو 1953ع ۾ پيرزادي عبدالستار جي وڏ وزارت ۾ وزير آبپاشي به ٿيو هيو.
بي ڊي، جي ميمبرن کي جڏهن اسيمبلي ميمبر منتخب ڪرڻا هيا ته قاضي فضل الله مرحوم، محمد حنيف صديقي مرحوم کي وارهه جي تڪ مان اسيمبلي ميمبر ڪرايو هيو. 1954ع ۾ جڏهن سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن کي اولهه پاڪستان جي اسيمبلي ميمبرن لاءِ چونڊ ڪرڻي هئي ته ان ۾ مرحوم عبدالمنان قاضيءَ ٿورڙي ناراضگي ڏيکاري ۽ رضاڪاراڻي طور تي سيٽ ڇڏڻ لاءِ آماده نه پئي ٿيو. ان ڳالهه کي مدنظر رکندي قاضي فضل الله مرحوم، حاجي صادق علي ميمڻ ٺٽي واري کان سيٽ گهري ته جيئن هو اتان به اولهه پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر ٿئي ڇو ته هن سمجهيو پئي ته ممڪن آهي ته عبدالمنان قاضي رضاڪاراڻي طور تي سيٽ خالي نه ڪري ۽ لاڙڪاڻي ضلعي مان منتخب ٿي نه سگهي. پر جلد ئي عبدالمنان قاضيءَ کي عقل ۽ دانش آيو هو ۽ هو رضاڪاراڻي طور تي سيٽ تان هٿ کڻي ويو ۽ قاضي فضل الله مرحوم لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي ٻنهي تڪن مان اولهه پاڪستان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو.
اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ان وقت صرف ٻه ميمبر ٻن تڪن مان منتخب ٿيا هيا. هڪڙو قاضي فضل الله مرحوم صاحب لاڙڪاڻو ۽ ٺٽو ۽ ٻيو ڊاڪٽر خان صاحب مرحوم جيڪو پشاور مان به اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو هيو ۽ ڪوئيٽا مان به اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو هيو. ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته اولهه پاڪستان، جيڪو هاڻي سڄو پاڪستان آهي ان ۾ ٻن صوبائي حلقن مان منتخب ٿيڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪو نه هئي. قاضي فضل الله مرحوم سنڌ ۾ وزير رهيو. 1951ع ۾ هڪ سال لاءِ سنڌ جو چيف منسٽر رهيو ۽ 55-1954ع ۾ اولهه پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ان ۾ آبپاشي ۽ بجليءَ جو وزير به رهيو. ان وقت واپڊا جهڙو ادارو به ايريگيشن پاور منسٽر جي ماتحت هيو ۽ واپڊا جو پهريون چيئرمين غلام اسحاق خان وڏو بيورو ڪريٽ هيو جو بعد ۾ هلي صدر مملڪت به ٿيو.
قاضي فضل الله پنهنجي ايمانداري، جانفشاني، خلوص نيت ۽ خدمت ڪرڻ جي جذبي سان ڪم ڪيو. سندس مخالف به ان جي ايمانداري ۽ اهليت کي چئلينج ڪري ڪو نه سگهندا. انتقام وارو ماڻهو به ڪو نه هيو ۽ اهو به مشهور هيو ته، قاضي فضل الله معاف ڪرڻ وارو ماڻهو آهي ۽ ڪنهن جي به ڪم اچڻ وارو ماڻهو آهي. جيتوڻيڪ پاڻ وچولي طبقي جو ماڻهو هيو پر سندس دوستي، صحبت ۽ لاڳاپا تمام وڏن ماڻهن سان هيا، جيڪي هُن جو تمام گهڻو خيال رکندا هئا.
مرحوم سردار علي گوهر خان مهر چوندو هيو ته قاضي صاحب ايماندار دوست آهي. وچولي طبقي جو ماڻهو آهي، تنهن جي ڪري قاضي فضل الله جڏهن به وزير ٿيندو هيو ته ان جي بنگلي جي بورچي خاني لاءِ، سردار علي گوهر خان مهر جا منشي هر مهيني اچي سيڌو سامان وٺي بنگلي ۾ رکي ويندا هئا. اها قاضي صاحب کي به خبر هئي، ته دلي دوست آهي مدد ڪري ٿو ان جي مهرباني. اهڙي نموني جڏهن قاضي صاحب اولهه پاڪستان جو بجلي ۽ پاڻيءَ جو وزير ٿيو ۽ سيون ڪلب روڊ تي رهندو هيو ته اتي به حسب دستور سردار علي گوهر خان مرحوم جي پاران بورچي خاني جو خرچ هلندو هيو.
هڪ ڳالهه جنهن مان قاضي فضل الله جي ايمانداري ۽ انتقام نه وٺڻ واري ڳالهه جي صداقت ظاهر ٿئي ٿي، قاضي فضل الله مرحوم، مون کي خود پاڻ ٻڌايو هيو ته اولهه پاڪستان جي ايريگيشن پاور منسٽر جي هئڻ ڪري مرحوم نواب امير محمد ڪالاباغ، جيڪو ان وقت اولهه پاڪستان جي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر به هيو ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به هيو. نواب صاحب جيتوڻيڪ تمام وڏو ماڻهو هيو پر ان زماني ۾ سندس سياسي اهميت گهٽ هئي ۽ صرف اسيمبليءَ جي ميمبر هئڻ تائين محدود رهيو ۽ پوين بئنچن تي ويهڻ وارن مان هڪ هيو. نواب ڪالاباغ مرحوم بعد ۾ جنرل ايوب جي ڪري پي آءِ ڊي سي جو چيئرمين به ٿيو ۽ اولهه پاڪستان جو تمام نالي وارو گورنر به ٿي رهيو آهي. جنهن جا مثال ۽ ڪارناما امن و امان بحال رکڻ جي معاملي ۾ سخت گير ايڊمنسٽريٽر جي حوالي سان مشهور آهن. هڪ دفعي ميمبر جي حيثيت ۾ قاضي فضل الله مرحوم وٽ آيو ته کيس پنهنجي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ننڍڙو واٽر ڪورس (واهه) گهرجي، پر هن مهل تائين اهو ڪم ڪرائي ڪو نه سگهيو آهي، ڇو ته مرحوم ممتاز محمد خان دولتانه ۽ سرگوڌا جا قريشي صاحبان ملڪ امير محمد نواب آف ڪالاباغ جا مخالف آهن، هيءَ گهر جائز آهي، ان جي ڪري زمين آباد ٿيندي، زرعي پيداوار وڌندي ۽ سرڪار کي لينڊ ريوينيو به گهڻو ملندو. اها منظوري ان وقت ڪئبنيٽ ڏيندي هئي. قاضي فضل الله واسطيدار آفيسرن کان ڪاغذ پٽ تيار ڪرائي، ڪئبينيٽ ميٽنگ ۾ وجهرايا، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر خان صاحب چيف منسٽر ڪري رهيو هيو. قاضي جنهن ان کان واٽر ڪورس بحال ڪرايو ۽ نواب امير محمد ڪالاباغ کي واٽر ڪورس منظور ٿي مليو.
واهَه جي منظوريءَ کان پوءِ نواب ڪالا باغ مشينري لڳرائي، واهه جي پنهنجي ذاتي خرچ تي کاٽي به کڻائي ۽ پاڻي به زمينن ۾ ڇڏيو. بقول قاضي صاحب جي، هڪ دفعي سيون ڪلب روڊ تي ملاقات جو ٽائيم وٺي نواب ڪالا باغ مرحوم، قاضي فضل الله صاحب سان ملڻ آيو. چانهه وغيره پي ٿورو ادا ڪندي قاضي صاحب جي آڏو بريف ڪيس کولي رکيائين، جنهن ۾ ست لک روپيا ان وقت جا هيا. پئسا ڏسي قاضي صاحب مرحوم نواب ڪالاباغ کي چيو ته، اوهان منهنجي منهن تي ڪارنهن ٿڦي رهيا آهيو، مون زندگي ۾ ڪڏهن به رشوت ڪونه ورتي آهي، توهان ڪهڙي حساب سان هيءَ پئسا کڻي آيا آهيو، ايئن ته نه آهي جو منهنجي ڪنهن واسطي دار ماڻهو يا اسٽاف جي ڪنهن ميمبر اڻ سڌي طرح توهان کي چيو هجي ته پئسا کڻي اچو، جواب ۾ نواب ڪالاباغ مرحوم قاضي فضل الله مرحوم کي ٻڌايو ته مون کي ڪنهن به توهان سان واسطي رکندڙ ماڻهو ۽ نه ئي وري اسٽاف جي ڪنهن ميمبر اڻ سڌي طرح ڪاگھر ڪئي آهي. اهي پئسا مان پاڻ کڻي آيو آهيان مٺائي طور، ڇو ته پنجاب ۾ وزير صاحبان مٺائي و‎ٺندا آهن. قاضي صاحب جي انڪار تي نواب صاحب خود شرمسار ٿيو ۽ پئسا کڻي شڪريو ادا ڪندي هليو ويو.
قاضي فضل الله مرحوم ون يونٽ ٺهڻ جي سخت خلاف هيو. هن مرحوم عبدالستار پيرزادي ۽ مرحوم مير غلام علي خان ٽالپر جي گروپن سان ملي ون يونٽ جي سخت مخالفت ڪئي، ان جي پاداش ۾ مرحوم عبدالستار پيرزادي جي وزارت کي برطرف ڪيو ويو، جنهن وزارت ۾ مرحوم قاضي فضل الله جو ڀاڻيجو مرحوم قاضي عبدالمنان به وزير هيو.
ون يونٽ جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرائڻ لاءِ، خان بهادر محمد ايوب کهڙي، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ان جي دست راست پير علي محمد راشدي مرحوم، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي ڊيڄارڻ، هيسائڻ ۽ ون يونٽ جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرائڻ جي لاءِ غير معمولي طور تي سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ڪراچي ۾ گهرائڻ جي بجاءِ، جتي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ موجود آهي، هنن پنهنجي من ماني کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس حيدرآباد ۾ گهرايو.
ون يونٽ جي مخالفت ڪندڙن، مک ليڊرن جهڙوڪ، مير غلام علي خان ٽالپر مرحوم کي گرفتار ڪرائي، اٺ جي پٺيءَ تي چاڙهي مٺيءَ موڪليو ويو. ون يونٽ اسڪيم جي ٻئي وڏي مخالف قاضي فضل الله مرحوم، سنڌ جي سابق وزير ۽ وزيراعليٰ ۽ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر وڪيل تي ڇوڪري بازي ڪرڻ جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي ۽ اجلاس جي شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ قاضي فضل الله مرحوم کي لاڙڪاڻي کان روڊ وسيلي ايندي ڪوٽڙي جي پل تي مرحوم غضنفر علي عيساڻي، ايس ايس پي حيدرآباد، فضيلت سان حراست ۾ وٺي حيدرآباد جي ريسٽ هائوس ۾ ٽن ڏينهن تائين نظر بند رکيو ۽ اسيمبلي جي اجلاس، جنهن ۾ ون يونٽ جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي وئي هئي، پوري ٿيڻ جي ٽن ڏينهن کانپوءِ، جبري حراست مان آزاد ڪيو ويو ۽ هُو واپس لاڙڪاڻي اچي پنهنجي وڪالت جي پيشي سان لڳي ويو. مرحوم کهڙي ۽ مرحوم راشديءَ نه صرف اسيمبلي ميمبرن ۽ ليڊرن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرايو، پر ان وقت جي سنڌ جي آواز سنڌي اخبار ”الوحيد“ کي به بند ڪرايو، جنهن ڪري ان جون لکڻيون ۽ ڪالم وغيره پڙهڻ کان ماڻهو محروم رهيا، ڇو ته الوحيد اخبار ڪراچي مان نڪرندي هئي جنهن ون يونٽ جي خلاف تمام سخت لکيو ۽ ڪارٽون ڇاپي کهڙي ۽ راشديءَ کي ناراض ڪيو هو. شاهه ڀٽائي رحمت الله عليه اهڙي صورتحال بابت ڇا نه خوب فرمايو آهي ته:
” ههڙا هاڃا ٿين، ڀينر هن ڀنڀور ۾“
ون يونٽ جي ٺهڻ کان پوءِ، ون يونٽ جي مخالفت ڪندڙ، جنهن ۾ قاضي فضل الله، عبدالستار پيرزادو، آغا غلام نبي پٺاڻ ۽ مرحوم علي احمد خان ٽالپر، حڪومت ۾ شامل ٿيا ۽ ۽ وري جڏهن اينٽي ون يونٽ فرنٽ ٺاهيو ويو ته ان فرنٽ تان ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هلايائون. مرحوم سائين جي ايم سيد ون يونٽ کي ٽوڙڻ جي لاءِ قرارداد پاس ڪئي هئي، جنهن کي ڪاميابيءَ سان هم ڪنار ڪرائڻ ۾ قاضي فضل الله ۽ سندس مٿي ذڪر ڪيل دوستن جو وڏو هٿ هيو.
قاضي فضل الله جي اولهه پاڪستان جي وزير ٿيڻ جي ڪري، مٿانئس ڇوڪري بازيءَ جو ڪوڙو ڪيس به واپس وٺي ڇڏيو ويو. سنڌ کي ون يونٽ جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ ۾ جتي سنڌ جي اديبن، شاعرن، سول سوسائٽي ۽ شاگردن تمام جافشانيءَ سان ڪم ڪيو هيو ۽ ون يونٽ جون پاڙون ڌُڏي ويون هيون اُتي اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ۾ مرحوم جي ايم سيد جي ون يونٽ ٽوڙڻ واري متفقه راءِ کي بنياد بڻائيندي، جنرل آغا محمد يحيٰ خان صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ون يونٽ ختم ڪيو. ايئن سنڌ ۽ ٻيا صوبا پنهنجي اصلي صورت ۾ دنيا جي نقشي تي نروار ٿيا. ون يونٽ ٽوڙڻ واري سڄي تحريڪ ۾ مرحوم حيدر بخش جتوئي جو مشهور گيت ”جيئي سنڌ سدا جيئي“ ۽ شيخ اياز جو نظم ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“ جهنگ جهر ۾ مشهور ٿيا. ماڻهو اهي گيت ڳائڻ ۽ جهومڻ ۾ مشغول ٿي ويا ۽ ون يونٽ جا قهري ڪوٽ ٽٽي پيا.
لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ ۾ اثر رسوخ وڌي وڃڻ جي ڪري قاضي فضل الله مرحوم ٻه ٽرم پنج، پنج سالن جا، هر هڪ خان صاحب فقير محمد انڙ (ڏوڪري) ۽ سرائي قربان علي کهاوڙ (وارهه) ترتيب وار ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جا پريزيڊنٽ چونڊرايا. ان جي ڪري تعليم جي واڌاري لاءِ وارهه، ڏوڪري، ميرو خان، ڌامراهه ۾، ڊسٽرڪٽ لوڪلو بورڊ پاران هاءِ اسڪول کوليا ويا. بنگل ديرو تعلقو رتو ديرو ۾ قاضي فضل الله A.V اسڪول، مرحوم مولوي غلام يحيٰ لاکو جي ڪوششن سان ٻارن جي تعليم لاءِ کوليو ويو، جنهن ۾ ڪيترن ئي غريب ۽ ضرورتمند ڇوڪرن کي پڙهڻ لاءِ اسڪالر شپ پڻ ڏنيون ويون. سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ قاضي فضل الله لاڙڪاڻي کان ميرو خان، لاڙڪاڻي کان وارهه ۽ لاڙڪاڻي کان ڏوڪري روڊ ٺهرايا. لاڙڪاڻي ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوبه مناسب تعليمي ادارو ڪو نه هيو. جنهن جي پورائي لاءِ مرحوم عبدالفتاح ميمڻ وڪيل ۽ ان جي ساٿين لاڙڪاڻو ڪوآپريٽو ايجوڪيشن سوسائٽي ٺاهي ۽ بي اي (آرٽس) ۽ بي ڪام جا ڪلاس جناح باغ ۾ هڪ ننڍڙي چئن، پنجن ڪمرن جي عمارت ۾ شروع ڪرايا. اعليٰ تعليم کي لاڙڪاڻي ۾ جاري ڪرڻ ۾ پهريون مثبت قدم مرحوم عبدالفتاح ميمڻ جو هيو.
قاضي فضل الله جو گروپ جڏهن سنڌ وزارت ۾ آيو، ان جي هلندي پچندي شروع ٿي جنهن وزارت ۾ سندس ڀاڻيجو مرحوم عبدالمنان قاضي به وزير هيو ته، قاضي فضل الله مرحوم 1953ع ۾ سيد غلام حيدر شاهه مرحوم (والد سيد مظفر حسين شاهه سابق وزيراعليٰ) کان لاڙڪاڻي ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج منظور ڪرائي چالو ڪرايو. نئين عمارت ٺهڻ تائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جا ڪلاس گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي بلڊنگ ۾ ورتا ويندا هئا. پهريون پرنسپل مرحوم پروفيسر نقوي ۽ ٻيو پروفيسر ڊاڪٽر جيلاني هيو. ان شام وارن ڪلاسن ۾ منهنجي وڏي ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه به تعليم پرائي ۽ آرٽس ۾ گريجوئيشن ٻين دوستن سان گڏ ڪيائين. ان کان پوءِ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي موجوده ڊگري ڪاليج ٺهرايو ۽ ان کي توسيع ڏني، جنهن ڪري آرٽس، سائنس، ڪامرس ۽ گريجوئيشن سان گڏ هاڻ ماسٽرز جي ڊگري تائين به تعليم ڏني وڃي ٿي.
قاضي فضل الله وزيراعليٰ سنڌ جي حيثيت ۾ ٺٽو، لاڙڪاڻو، دادو، سکر، جيڪب اباد جون سول اسپتالون ٺهرايون بعد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي انهن اسپتالن کي اپ گريڊ ڪيو ۽ انهن کي وڌائي وسيع ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪوششن سان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج وجود ۾ آيو. جتان ڪيترائي غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو ڊاڪٽريءَ جي سند وٺي پنهنجو روزگار به ڪن ٿا ۽ پنهنجي خطي جو نالو به روشن ڪن ٿا.
قاضي فضل الله غريب طبقي جو ماڻهو ٿي ڪري پنهنجي محنتن ۽ ڪوششن سان وڏن عهدن تي پهتو ۽ ٿوري وقت ۾ محدود اختيارن هوندي به سنڌ صوبي جي چڱي خدمت ڪيائين.
مون کي ياد اچي ٿو، قاضي صاحب پاڻ ٻڌايو هو ته جڏهن هو آبپاشي کاتي جو اولهه پاڪستان ۾ وزير هيو، ان وقت سکر بئراج تي مسٽر الاهي بخش سومرو، جيڪو بعد ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر به ٿيو ۽ ضياءَ الحق جي دور ۾ وزير به هيو، ان جي پوسٽنگ سکر بئراج جي ايگزيڪٽيو انجنيئر جي حيثيت ۾ هئي، قاضي فضل الله مرحوم لاڙڪاڻي اچڻ جي لاءِ ٽرين مان روهڙي اسٽيشن تي لهندو هيو. ان جو دستوري سرڪاري طور آڌر ڀاءُ مسٽر الاهي بخش سومرو صاحب ڪندو هيو، واپسيءَ ۾ ان کي روهڙي اسٽيشن تي ڇڏڻ به ايندو هيو. ڪارڪردگي به الاهي بخش سومري صاحب جي بحيثيت ايگزيڪٽيو انجنيئر جي تمام سٺي هئي، پر جيئن ته الاهي بخش سومرو، حاجي مولا بخش سومري جو فرزند هو. سومرن ۽ مهرن جي رقابت مشهور هئي، ڇو ته ان وقت تائين شڪارپور الڳ ضلعو ڪونه ٿيو هيو ۽ سکر سان ڳنڍيل هيو ۽ الاهي بخش سومرو صاحب نوجوان انجنيئر، پڙهيل، ڪڙهيل سکر جيم خاني ۾ اچڻ وڃڻ وارو ۽ ضلعي ۾ به چڱو اثرو رسوخ رکڻ وارو آفيسر هيو.
سردار علي گوهر خان مهر تي اثر هيو ته الاهي بخش سومرو صاحب، ڊي سي ۽ ايس پي تي اثر انداز ٿي، سومرن جا ڪم ڪاريون ڪرائي رهيو آهي ۽ مهرن جا ڪم ڪاريون ڪونه ٿا ٿين، سو سردار علي گوهر مهر صاحب قاضي فضل الله وٽ لاهور ويو ۽ ان کي وڃي. چيائين ته، تنهنجي وزير هئڻ مان ڪهڙو فائدو، جو الاهي بخش سومرو صاحب آفيسرن تي اثر انداز ٿي اسان جا ڪم ڪاريون روڪرائي ٿو پر سومرن جو هر ڪم ٿئي ٿو. سو مهرباني ڪري الاهي بخش سومري کي سکر بئراج ڊويزن مان ڪڍي لاهور يا پشاور واري حصي ۾ رکو ته اسان تان آزار لهي.
بقول قاضي فضل الله مرحوم ته ”هڪ طرف هڪڙي دلي دوست جو زور بار ۽ ٻئي طرف هڪ آفيسر، جيڪو صحيح ڪم ڪار ڪري پيو، ان کي ڪڍڻ به بي واجبي پئي لڳو، تنهن ڪري سردار صاحب کان پيار ۾ ٽائيم گهريم ته هڪ مهيني ۾ سندس بدلي ڪندس، توهان دل جاءِ ڪريو ۽ رنج نه ٿيو.“ آخر مهينو به گذريو پر الاهي بخش سومري صاحب جي بدلي ڪونه ٿي، مهيني کان پوءِ سردار مهر سخت ڪاوڙ ڪري کيس وٽ آيو ۽ چيائين ته ”هڪ بدلي به اسان جي چوڻ تي نه ٿي ٿئي، باقي توهان جي وزارت ڪهڙي ڪم جي؟!“ قاضي صاحب مرحوم هٿ ٻڌي سردار مهر کان ٽائيم ورتو ۽ چيائينس ته ”صوبو تمام وڏو آهي، هڪڙي انجنيئر جي بدلي ڪرڻي نه آهي پر ڪم از ڪم 7-6 انجنيئرن کي ردو بدل ڪرڻو پوندو، مان واسطي دار چيف انجنيئر کان رپورٽ گهرايان ٿو. هڪ ريجن مان بدلي جي ڪري سيڪريٽري ايريگيشن کي چوڻو پوندو، تنهن جي ڪري مهرباني ڪريو، ناراض نه ٿيو، باقي هڪ مهيني جو ٽائيم ڏيو ته انشاءَ الله الاهي بخش سومري جي بدلي ڪندس، ۽ جيئن توهان چوندا ايئن ئي ٿيندو.“
قاضي صاحب چيو ته مون الله تعاليٰ کي ٻاڏايو ته ڪو سولو طريقو مالڪ ڪڍي، جنهن جي ڪري دوست به راضي ٿئي، ۽ ڪنهن ٻئي آفيسر کي به تڪليف نه پهچي. ان وچ ۾ فيڊرل گورنمينٽ کان اولهه پاڪستان جي حڪومت کي هڪ ليٽر پهتو ته آبپاشي کاتي جا ٽي انجنيئر گهرجن، جيڪي سکيا جي لاءِ ڪئناڊا وڃن 6 مهينن لاءِ سرڪاري خرچ تي.
شايد اهو (ڪولمبو پلين) جي تحت ڪو پروگرام هيو، قاضي صاحب ليٽر کي پڙهي ڪري الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو ته مشڪل حل ٿي ويئي. ٽيلي فون ڪري مسٽر الاهي بخش سومري کي چيائين ته سرڪاري خرچ تي ڪئناڊا 6 مهينن جي ٽريننگ تي وڃڻ پسند ڪندئو.
الهي بخش سومري تمام خوشيءَ وچان چيو ته سائين توهان جي مهرباني جو توهان مون کي ٻاهر موڪليو ٿا ته جيئن ٽريننگ ڪري اچان ۽ گهمي به اچان ۽ سکيا کان پوءِ مون کي PROMOTION به جلد ملندو.
قاضي صاحب لسٽ تيار ڪرائي، جنهن ۾ پهرين نمبر تي الاهي بخش سومري کي رکي باقي ٻيا ٻه نالا ڏياري موڪليائين. 20-15 ڏينهن جي اندر فيڊرل گورنمينٽ کان آرڊر آيو ته هي انجنيئر ڪئنادا وڃن. حڪم جي بجاآوري ڪندي الاهي بخش سومرو صاحب مقرر ڪيل انجنيئر کي چارج ڏيئي ڪئناڊا روانو ٿي ويو.
ان کان پوءِ سردار علي گوهر خان مهر وڏي خوشي سان قاضي فضل الله وٽ آيو ۽ چيائينس ته مڙس ماڻهو آهين! واعدي کي پورو ڪيئي ۽ الاهي بخش سومري کي پرڏيهه موڪلي ڇڏيئي.
خير وقت ويو گذرندو ۽ ايوب صاحب جي مارشل لا 1958 ۾ اچي ويئي ۽ قاضي فضل الله به واپس اچي لاڙڪاڻي پنهنجي وڪالت جي ڌنڌي سان لڳي ويو، ڇو ته هُو جڏهن به وزارت تان لهندو هيو ته سڌو لاڙڪاڻي اچي وڪالت جي پيشي سان منسلڪ ٿي ويندو هيو. قاضي صاحب مرحوم وڏي قد وارو، سهڻو، جسم ۾ پورو پنو ۽ هر پوشاڪ، جيڪا پائي سا ان تي ٺهي. بنيادي طور وچولي طبقي جو ماڻهو جنهن وڪالت مان سياست ۾ قدم رکي ايڏي ترقي ڪئي، جنهن جو ويجھڙائي ۾ يا ان کان اڳ مثال ڪونه آهي.
فوجداري قانون ۾ آڏي پڇاءَ ڪرڻ جو ڏاڍو ماهر ۽ UPPER سنڌ جي مشهور فوجداري وڪيلن مان هڪ هيو. وڪالت ۾ به سندس ڏاڍو نالو هيو. لاڙڪاڻي واري جڳهه تي پنهنجي وقت ۾ ماني به جام کارائيندو هيو. هڪ ئي وقت ڪڏهن ڪڏهن 30-20 ماڻهو به هوندا هيا، جن کي ماني کارائيندو هيو. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مشهور هيو ته قاضي فضل الله ڪم به ڪندو آهي، عزت سان سڃاڻيندو ۽ ملندو به آهي ۽ وقت آهر چانهه ۽ ماني وغيرهه به کارائيندو آهي،
هڪ ڀيري قاضي صاحب مرحوم ڊسٽرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻي مان نڪتو، جيئن ته سندس بنگلو ويجھو هيو ۽ سندس گاڏي ڪنهن پاسي ڪم سان ويل هئي، ٽانگي تي پويان ويهي پنهنجي بنگلي تي اچڻ جي لاءِ سوار ٿيو. رستي ۾ ايندي اتفاق سان قاضي صاحب ٽانگي تان ڪري پيو ۽ سندس ڄنگهه کي سخت ڌڪ رسيا، قاضي صاحب علاج لاءِ JPMS ڪراچيءَ ۾ آيو جنهن به دوست، عزيز يا مٽ مائٽن کي خبر پئي، سي سڀ سندس مزاج پرسي لاءِ آيا.
ان زماني ۾ مسٽر الاهي بخش سومرو KDA جو ڊائريڪٽر جنرل هيو. بقول قاضي صاحب جي ته، هڪ دفعي الاهي بخش سومرو صاحب گلن جو گلدستو کڻي آيو، ٻئي دفعي مٺائيءَ جو ٽوڪرو ۽ گل کڻي آيو. مون الاهي بخش سومري صاحب کي چيو ته، توهان ايڏي تڪليف ڇو ٿا ڪريو؟ الاهي بخش سومري جواب ۾ چيو ته، قاضي صاحب! توهان تمام شريف ماڻهو آهيو، رواداري ۽ انصاف پسندي توهان وٽ آهي، مون کي خبر آهي ته سردار علي گوهر خان مهر توهان جو بهترين دوست، توهان وٽ ٻه، ٽي دفعا ڪاوڙ ڪري آيو هيو ته منهنجي بدلي ٿئي پر توهان منهنجي بدلي ڪونه ڪئي ۽ وقت جو انتظار ڪندي، مون کي سرڪاري خرچ تي سکيا لاءِ ٻاهر ڏياري موڪليو. ان ڪورس جي پوري ڪرڻ جي ڪري مون کي پروموشن به مليو. مان هاڻي KDA جو ڊائريڪٽر جنرل آهيان. مون کي توهان سان ملندي ۽ توهان جي مزاج پرسي ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.
قاضي صاحب جي ايمانداري جو مثال مرحوم چوڌري نظير احمد، جيڪو سنڌ ۾ روينيو ڪمشنر ٿي رهيو آهي ۽ سندس سنڌ جي ڪافي سياسي گهراڻن سان دوستي هئي، قاضي فضل الله سان به سندس دوستي هئي، اهو ٻڌائيندو هلان ته ان چوڌري نظير احمد خان جي پٽ سالڪ نظير احمد جيڪو CSP آفيسر رهي چڪو آهي، جي شادي پنڊي مان، ان وقت جي ڪمشنر مسٽر MA شاهه جي نياڻي سان طئي ٿيل هئي. ان ۾ قاضي صاحب کي به دعوت هئي. قاضي صاحب منهنجي روبرو PS کي گهرايو ۽ چيائين ته پنڊيءَ اچڻ ۽ وڃڻ واري ٽڪيٽ اشو ڪرايو، پئسا منهنجي ذاتي اڪائونٽ مان ادا ڪريو ته جيئن مان پنهنجي عزيز دوست جي پٽ جي شادي ۾ شرڪت ڪري اچان. PS چيڪ بڪ وٺي قاضي صاحب جي آفيس مان نڪري ويو، بعد ۾ مون قاضي صاحب کي عرض ڪيو ته پنڊي توهان جي دائره اختيار ۾ آهي، توهان اولهه پاڪستان جا وزير آهيو، هڪڙي ڏينهن جو سرڪاري ٽوئر رکي شادي ۾ شرڪت ڪري اچو ها، توهان پنهنجي کيسي مان خرچ ڇو ٿا ڪريو، جواب ڏنائين ته مان هڪ دوست جي پٽ جي شادي ۾ شرڪت لاءِ ٿو وڃان سو اهو مناسب نه ٿو لڳي ته سرڪاري خرچ تي وڃي چوڌري نظير احمد جي پٽ جي شادي ۾ شريڪ ٿيان.
هڪ دفعي مسٽر عبدالواحد سومري (رتي ديري) واري تي ڦُر جو ڪوڙو ڪيس داخل ٿيو، قاضي صاحب ان وقت وزير هيو. ايس پي صاحب ٻڌايو ته عبدالواحد سومري تي ڪيس ڪوڙو آهي، توهان جو ڇا حڪم آهي. گرفتار ڪري چالان ڪيونس يا نه؟ عبدالواحد سومرو مرحوم سياسي طور قاضي فضل الله سان ڪونه ٺهندو هيو پر ايس پي کي چيائين ته سياسي انتقام نه آهي وٺڻو، مون کي به ذاتي خبر آهي ته عبدالواحد سومرو بذات خود ڦُر جھڙو ڏوهه ڪري ڪونه ٿو سگهي. ڪيس ڪوڙو آهي، ڀلي خارج ڪري ڇڏيو جيئن سومري صاحب کي ڪابه تڪليف نه اچي.
قاضي صاحب مرحوم جيئن ته غير شادي شدهه هيو، کيس ڪو اولاد ڪونه هيو. تنهن هوندي به هن ماڻهوءَ جي اها عادت هئي ته سڏ تي خوشي ۾ شريڪ ٿي مبارڪ به ڏيندو هيو ۽ غمي ۾ به شريڪ ٿي غم جو اظهار ڪندو هيو.
سڄي زندگي سٺا ڪم ڪندي، دوستن جو لحاظ رکندي گذاري ڇڏيائين. سردار علي گوهر خان مهر جي انتقال تي اوڇنگارون ڏيئي رُنو ۽ ان جي آخري رسمن ۾ خان ڳڙهه ويو. منهنجو والد مرحوم سيد وريل شاهه ساڻس گڏ هيو. ان جو دوست هيو، جنهن ڪري اسان کي پنهنجي اولاد وانگر سمجھندو هيو ۽ اسان به ساڻس آخري وقت تائين هڏ ڏوکي رهياسين ۽ ساٿ نڀايوسين.
قاضي مرحوم منهنجي والد صاحب کي ٻڌايو ته سردار علي گوهر خان جي اثر سوخ جي ڪري مارشل لا اختياريءَ وارن ايبڊو جو نوٽيس ڪونه ڏنو هو، پرهاڻي سردار صاحب جي مرڻ جي ڪري مون کي يقين آهي ته نوٽيس ملندو ۽ مان پنهنجو وڪالت جو پيشو ڇڏي لاهور وڃي ڪو ڪيس وڙهندس ۽ رضا ڪاراڻي طور ڇهن سالن لاءِ سياست مان دست برادري اختيار ڪبي.
چڱي هلڻ جو نتيجو چڱو ئي ملندو آهي. قاضي صاحب مرحوم جيئن ته نواب ڪالاباغ مرحوم کي واٽرڪورس ڏيارڻ ۾ وڏي مدد ڪئي هئي، سو به بغير ڪنهن لالچ، لوڀ يا حرص جي. ان ڪري نواب ڪالاباغ مرحوم قاضي صاحب جي وڏي عزت ڪندو هيو، سندس گورنر ٿيڻ بعد ڪمشنر، ڊي آءِ جي، آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري کي چيل هوندو هيو ته قاضي فضل الله ايماندار ۽ سٺو ماڻهو آهي ۽ وڏي عزت وارو ماڻهو آهي، جڏهن به ڪنهن جائز ڪم سان توهان وٽ اچي ته ان کي شان مان سان ملو ته جيئن ان جي دل آزاري نه ٿئي ۽ هو نه ڏکوئجي. سرڪاري ڪامورن نواب ڪالاباغ جي حڪم جي باقاعدي بجا آوري ڪئي.
ان جو مثال ان ڳالهه مان ملي ٿو ته، هڪ دفعي نواب ڪالاباغ گورنر جي حيثيت ۾ ڪراچي کان بولان ميل ۾ ڪوئٽا روانو ٿيو. بولان ميل لاڙڪاڻي اسٽيشن تي اڌ ڪلاڪ بيهندي هئي، ڇو ته پاڻي وغيره ڀريو ويندو هو ۽ گاڏين جي ڪمپارٽمنٽس جي چڪاس به ٿيندي هئي.
رٿيل پروگرام بابت نواب صاحب آفيسرن کي ٻڌايو ته اڌ ڪلاڪ گاڏي بيهندي ۽ اهو اڌ ڪلاڪ هو قاضي فضل الله جي بنگلي تي ويندو، جيڪو ريلوي اسٽيشن سان بلڪل لاڳاپيل آهي. گورنر صاحب رٿيل پروگرام موجب قاضي فضل الله مرحوم جي بنگلي تي ويو، ان وٽ چانهه پيتائين. نواب ڪالاباغ جو قاضي صاحب جي بنگلي تي وڃڻ جو به آفيسرن تي وڏو اثر پيو.
مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو به قاضي صاحب جي گهڻي عزت ڪندو هيو. ڇو ته هن کي خبر هئي ته مڊل ڪلاس جو ماڻهو هوندي به هن ماڻهو سياست ۾ وڏو مقام پيدا ڪيو آهي ۽ سڄي زندگي ايمانداري سان گذاري اٿس. ان وقت ۾ قاضي صاحب وٽ پنهنجي ذاتي گاڏي به ڪونه هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن حجت ڪري، ننڍو سمجهي اسان کان گاڏي گهرائيندو هيو. اسان کي به سندس خدمت ڪري خوشي محسوس ٿيندي هئي.
مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي کي شايد خالد احمد کرل DC ٻڌايو هيو ته، قاضي فضل الله وٽ ذاتي گاڏي ڪو نه آهي، ان کي تڪليف آهي.خالد احمد کرل به نالي وارو آفيسر ٿي رهيو آهي، هُو ڀٽي مرحوم سان به سچو هيو ۽ ڪافي سختيون به سٺائين. نوڪري وڃايائين جيڪا ڪمشنر جي مٿين گريڊ جي هئي، ڇو ته CSP آفيسر هيو پر ڀٽي صاحب تي ڪابه ڪوڙي شاهدي ڪونه ڏنائين.
بقول قاضي فضل الله جي ته ڀٽي مرحوم مون کي لاڙڪاڻي المرتضيٰ هائوس تي گهرايو ۽ ويهي ڪچهري ڪيائين، حال احوال وٺندي ۽ ڏيندي مونکي چيائين ته توهان زندگي تمام سٺي گذاري آهي جنهن جو مون کي دلي طور قدر آهي.
هاڻي مون توهان جي لاءِ گاڏي گهرائي ٻاهر بيهاري آهي، چاٻي آڏو رکي چيائين ته اها توهان جي آهي، چڙهي گهر وڃو، ان جي مون کي خوشي ٿيندي.
قاضي صاحب عرض ڪيُس ته سائين منهنجا! اها مهرباني توهان ڪهڙي حساب تي ڪري رهيا آهيو؟ جواب ۾ ڀٽي صاحب مرحوم چيس ته مان توهان کي پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجهندو آهيان. ان ڪري، منهنجي اها گفٽ قبول ڪريو. قاضي صاحب کيس جواب ڏنو ته سائين منهنجا! دستور آهي ته وڏو ننڍي کي ڏيندو آهي پر جيئن ته توهان کي الله پاڪ نوازيو آهي ۽ اوهان اهڙي حيثيت ۾ آهيو جو مان توهان کي ڪجهه ڏيئي ڪونه ٿو سگهان. ٻانهون ٻڌي معافي ورتائين ۽ چاٻي وٺڻ کان انڪار ڪيائين. اڄ ڪالهه جي زماني ۾ جتي پئسي جي لوڀ، حرص، لالچ تمام وڌي ويئي آهي ۽ ماڻهو هڪ رپئي کي به ڇڏڻ جي لاءِ بلڪل تيار ڪونه آهي اتي اهڙن ماڻهن جو هجڻ غنيمت آهي،
ڪار جي تحفي تي انڪار ڪرڻ کان اڳ، اقتدار ۾ هوندي وزير اعظم جي حيثيت ۾ ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم، قاضي فضل الله سان سٺو هليو هو ۽ سندس عزت به گهڻي ڪندو هيو، ڇو ته ڀٽي صاحب کي خبر هئي ته قاضي صاحب پنهنجي سياسي ڪئريئر ۾ تمام ايماندار سياستدان رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ ان جو چڱو اثر رسوخ آهي.ان جي ڪري اسلامي سربراهه ڪانفرنس، جيڪا لاهور ۾ منعقد ٿي هئي، ان ۾ سڄي پاڪستان جا سٺا سياستدان دعوت ڏيئي ڀٽي صاحب گهرايا هئا. جن دعوتين ۾ قاضي فضل الله به هڪ هيو، جيڪو سرڪاري طور ڀٽي صاحب جي دعوت تي لاهور ويو هو ۽ اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي سڀني پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي هيائين. ان عزت افزائي جي ڪري قاضي صاحب ڀٽي صاحب جو مشڪور هيو.
جيئن ته قاضي صاحب شادي شدهه ڪونه هيو پر پنهنجي عزيز دوست مسٽر مظفر علي لاهوري محلي واري جي نياڻي ثريا ڌيءُ ڪري پالي هئائين، ان کي پڙهايو به هئائين ۽ ان جي شادي به پاڻ ڪرائي هيائين. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي به سندس نياڻي جي شادي ۾ شرڪت ڪئي هئي، جيڪا ڪراچي جي ان وقت جي مشهور هوٽل ميٽرو پول ۾ منعقد ڪئي ويئي هئي. ڀٽي صاحب ۽ ٻين اعليٰ شخصيتن جي شرڪت ڪري شادي جي تقريب کي چار چنڊ لڳي ويا هئا.
بي بي ثريا شادي کان پوءِ پنهنجي مڙس سان گڏ آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي ۽ اتي سٺي زندگي گذاري رهي آهي. مسٽر مظفر علي جي فرزند اعجاز علي خان پڙهي ڪري CSS جو امتحان پاس ڪيو ۽ هن وقت وڏي عهدي تي سنڌ گورنمينٽ ۾ حڪومت جو سيڪريٽري آهي ۽ چڱي نيڪ نامي پيدا ڪئي اٿائين. قاضي فضل الله مرحوم جون ڪجهه سياسي غلطيون به آهن، انهن جو ذڪر به ضروري آهي. قاضي صاحب مرحوم کي جنرل ايوب هوم منسٽر ڪري رکيو هيو، جڏهن جنرل موسيٰ گورنر هيو، قاضي صاحب سياسي ماڻهو هيو. ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ميمبر کان وٺي لوڪل بورڊ، صوبائي اسيمبلي، اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو ۽ ساڳي وقت بهترين فوجداري وڪيل به رهيو. ان کي اهو ذهن ۾ رکڻ گهربو هو ته وزارت جي لالچ تي ۽ ڀٽي مرحوم جي مخالفت ڪرڻ ڪري هوم منسٽر نه ٿئي ها ته اهو چوڻ ۾ نه اچي ها ته ڀٽي صاحب تي ڪوڙن ڪيسن ڪرائڻ ۾ قاضي فضل الله جو هٿ به هيو.
قاضي فضل الله جي وزير ٿيڻ جي ڪري ماڻهن ۾ سندس اها مقبوليت ڪونه رهي هئي. پنهنجو سياسي قد ڪاٺ گهٽ ڪرايائين، جنهن سبب کيس سخت نقصان پهتو. 1970ع جي چونڊن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، قاضي صاحب کي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آڇ ڪئي هئي، ڇو ته سندس ڪافي دوست پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي چڪا هيا، جن ۾ آغا غلام نبي خان پٺاڻ سلطان ڪوٽ وارو، حاجي صادق علي ميمڻ ٺٽي وارو، رئيس عبدالحميد جتوئي دادو وارو، غلام مصطفيٰ جتوئي نواب شاهه وارو، پر قاضي فضل الله، ايوب کهڙي صاحب مرحوم جي دوستيءَ جي ڪري پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو ۽ ممتاز علي ڀٽي جي هٿان شڪست کاڌائين.
اسان خدا تعاليٰ جي حضور ۾ دعاگو آهيون ته الله تعاليٰ مرحوم قاضي صاحب جا درجا بلند ڪري ۽ ان کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي. آمين.

حضرت پير سائين پاڳارو مرحوم

سيد سڪندر علي شاهه ثاني المعروف پير صاحب پاڳارو نه صرف سنڌ بلڪه پوري پاڪستان جو هڪ مٿاهون سياستدان، سماج سڌارڪ ۽ سخي انسان هو. مرحوم پير صاحب پاڳاري سان منهنجي دوستيءَ جي دعويٰ ته ڪو نه آهي پر منهنجي سيد هجڻ ۽ پاڻ کان ننڍي هجڻ جي ڪري ڪافي عزت ۽ پيار سان ڏسندو هو. سياست کي ڇڏي ڪري پير صاحب مرحوم سان سماجي تعلقات سندس آخري دَم تائين قائم رهيا ۽ شاديءَ غميءَ ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ٻين سوشل ڪمن ۾ مونکي ڪو نه وساريندو هو.
پير سائين پاڳاري کي هڪڙو خاص فون نمبر هيو، جن به ماڻهن کي اهو نمبر مليل هوندو هو ان نمبر تي گهنٽي وڄڻ کان بعد فون پاڻ کڻندو هيو ۽ ان وچ ۾ٽيليفون آپريٽر جو ڪو به عمل دخل نه هوندو هيو.
مون کي ته ازراهه ڪرم عزت ڏيڻ جي خيال سان مائٽ ڪري سڏيندو هيو ۽ جڏهن به سائين مرحوم وٽ ملاقات لاءِ وڃبو هيو ته وڏي پاٻوهه، عزت ۽ سِڪ سان ملندو هيو. سائينءَ جو والد صاحب مرحوم سيد صبغت الله شاهه پاڳارو جنهن انگريزن جي تسلط ۽ راڄ کي ختم ڪرڻ لاءِ زبردست سياسي تحريڪ هلائي ۽ بعد ۾ انگريزن جي جبر ۽ ڏاڍ جي خلاف تنگ ٿي ڪري مسلح جدوجهد به ڪئي ۽ سنڌ ۾ انگريزن جي راڄ کي ٽوٽا چٻايا ۽ انهن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا ۽ مجبور ٿي انگريز سرڪار ”حرن“ جي آزاديءَ جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ مارشل لا لڳائي ۽ پير صاحب پاڳاري مرحوم کي ختم ڪرڻ لاءِ اسپيشل ٽريبونل قائم ڪيو ۽ ان ۾ ڪيس هلائي کيس موت جي سزا ٻڌائي.
پير صاحب پاڳارو ايڏو ته مضبوط اعصاب جو مالڪ هيو جو ڦاسي ڏيڻ واري رات سپرنٽنڊنٽ جيل جيڪو هڪ انگريز هيو تنهن شاهه صاحب جي مضبوط ارادي کي چڪاس ڪرڻ لاءِ ساڻس شطرنج راند ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ کيڏي، ايڏي سخت سزا جي ٻڌڻ کان بعد به پير سائين پاڳاري انگريز جيل سرنٽنڊنٽ کي شطرنج جي راند ۾ شڪست ڏني.
پير سائين پاڳاري مرحوم ڪچهري ڪندي اهو ٻڌايو هيو ته پاڻ ٻارنهن تيرنهن سالن جي عمر جو نوجوان صاحب زادو هيو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ مرحوم نادر علي شاهه کانئن ٻه، ٽي سال ننڍو هيو. ان ننڍي عمر ۾ کين ايڏو وڏو حادثو پيش آيو جو سندن والد کي سازش ڪري ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي. بقول پير سائين پاڳاري سيد سڪندر علي شاهه مرحوم جي ته سندس والد صاحب تي ان وقت جي سياستدانن ڪوڙا شاهد بيهاريا ۽ مرحوم پير پاڳاري سيد صبغت الله شاهه جي چُرپُر تي نظر رکندي جاسوسي ڪري انگريز حاڪمن کي ٻڌايو ۽ پير صاحب کي گرفتار ڪرايو. اهڙي طرح ڪيس هلندي سرڪاري عام شاهدن ڪيس جي پوئواري ڪرڻ ۾ سرڪار جي مدد ڪئي، ان جي عيوض ۾ انگريز سرڪار انهن سياستدانن کي ڪيترا هزار ايڪڙ ٻني انعام ۾ بخشش طور ڏني جيڪا درياهه سنڌ جي کٻي ۽ سڄي پاسي وارن ضلعن نوابشاهه ۽ دادوءَ ۾ هئي.
انگرير سرڪار ”حر تحريڪ“ کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قانون نافذ ڪيا ۽ ڪيترن سرگرم ۽ بهادر ڪارڪنن کي سخت سزائون ڏنيون. انوقت ”حرن“ جي آمدو رفت کي محدود ڪرڻ لاءِ ”حر لوڙها ايڪٽ“ نافذ ڪيو ويو. حرن کي انهن علائقن مان ٻاهر ضروري ڪم ڪار سان وڃڻ جي وقت واسطيدار ايس پي ۽ ڊي سيءَ کان اجازت وٺڻي پوندي هئي ۽ حرن کي وڌيڪ تنگ ڪرڻ جي لاءِ مَکي ڍنڍ ۽ مَکي ٻيلي جي ڀرسان ڪيترا هزار ايڪڙ ٻني جاسوسي ڪندڙ ڌارين ۽ لوڪل هارين کي الاٽ ڪئي ويئي.
ان کان وڌيڪ هي به ڪيو ويو جو نواب اڪبر خان بگٽي جي والد کي سانگهڙ ضلعي ۾ ڪيترا هزار ايڪڙ ٻني الاٽ ڪئي ويئي. بگٽي ٻروچ جيڪي هُئين ئي جهيڙن جهٽن ۾ مشهور رهيا آهن، انهن کي بلوچستان مان اسلحو ڏيئي آندو ويو ته جيئن هو حرن سان جهيڙو ڪري کين تنگ ڪن، هڪ طرف بگٽي ٻروچ ۽ ٻئي طرف ٽرينڊ ٿيل سابق فوجين کي پنجاب مان آندو ويو ته جيئن حرن جي حياتِ زندگيءَ کي زهر ڪري ڇڏجي پر حر مجاهد به ارڏا ۽ سکيا ورتل بهادر پٽ هئا، جن آزاديءَ جي راهه تي هلندي انهن جو مقابلو ڪيو ۽ وڏي حد تائين مقابلي ۾ دشمن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا ۽ دشمن اڳتي وڌي نه سگهيا. اهڙي نموني ۾ حر مجاهد پنهنجي پنهنجي زمينن ۽ جائدادن تي بهادريءَ سان قابض رهيا ۽ پنهنجي مقصد ۽ صحيح راهه تي هلندي ڪامياب ويا.
پير سائين سڪندر شاهه ثانيءَ جي 1952ع ۾ گادي بحال ٿي ۽ ان کي پير پاڳاري جي پڳ ٻڌائي ويئي. حڪومت هندستان پنڊت جواهر لال نهرو جي دور ۾ اها ڪوشش ڪئي ته پير پاڳاري جي گادي هندستان ۾ بحال ڪجي ڇو ته جيسلمير ”جئپور، راجستان، الهه آباد ۽ هندستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سندس لکين مريد هيا. جيڪڏهن پير سائين پاڳاري جي تاج پوشي هندستان ۾ ٿئي ها ته پاڪستان واري حصي ۾ بارڊر سان لاڳيتو حرن جي آبادي پاڪستان سان گهڻو مخلص نه رهي ها، پر پير سائين پاڳاري پنهنجي عقل ۽ دانش کان ڪم وٺندي گادي پير جو ڳوٺ سنڌ ۽ پاڪستان ۾ بحال ڪرائي.
سنڌ جي سياست ۾ پير صاحب جو تمام گهڻو اثر رسوخ هميشه رهيو آهي. 53-1952ع جي سنڌ جي جنرل اليڪشن ۾ پير سائين پاڳاري جي پارٽيءَ جا ماڻهو ايم پي اي ٿيا هيا. مرحوم عبدالستار پيرزادي جي وزيراعليٰ هوندي مرحوم پير علي محمد راشدي، مرحوم خان صاحب غلام رسول ڪيهر ۽ سردار محمد علي شاهه ڄاموٽ مرحوم وزير جي طور سنڌ ڪابينا ۾ شامل ٿيا هيا ۽ ون يونٽ جي ٺهڻ کانپوءِ اولهه پاڪستان جي اسيمبليءَ ۾ به پير صاحب پاڳاري جو اسيمبلي ميمبرن جو هڪ طاقتور گروپ هيو ۽ پير صاحب جي پاران اولهه پاڪستان جي وزارت ۾ مرحوم محمد خان جوڻيجو ۽ عبدالقادر سنجراڻي سندس نمائندي طور اولهه پاڪستان ۾ وزير ٿي رهيا.
1965ع جي جنگ ۾ پير سائين پاڳاري جا حر پاڪ فوج سان شانه بشانه هندستان جي فوج سان وڙهيا. اها هڪڙي مڃيل حقيقت آهي جنهن کان ڪو به ماڻهو انڪار ڪري نه ٿو سگهي. عام طور سان پير سائين پاڳارو مرحوم پاڪستان ۾ ڪنگ ميڪر مشهور ٿي گذريو آهي، ڇو ته 1985ع جي غير جماعتي بنيادن تي ڪرايل اليڪشن کانپوءِ جنرل ضياءَالحق جي اها خواهش هئي ته الاهي بخش سومرو پاڪستان جو وزيراعظم ٿئي. اهڙو اطلاع ان کي ڪيو به ويو هيو، ان جي عهدي جي حلف کڻڻ ۾ اڃا ٽي ڏينهن هيا ته پير سائين پاڳاري الاهي بخش سومري جي وزيراعظم ٿيڻ جي مخالفت ڪئي ۽ سندس سفارش تي مرحوم محمد خان جوڻيجي کي وزيراعظم طور مقرر ڪيو ويو. پير صاحب کي علم جفر (علم الاعداد) جي به گهڻي ڄاڻ هئي.
سائين پير صاحب پاڳارو مرحوم دوست نواز، سيد نواز ۽ هر غريب توڙي امير جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار هوندو هو. تمام ٿورن ماڻهن کي اها خبر هوندي ته پير صاحب پاڳاري وٽ ضرورتمند ماڻهن، بيواهه عورتن، يتيم ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي لسٽ هوندي هئي جن کي هرمهيني جي ڏهين تاريخ تائين سندن گهرج جي حساب سان پئسا ملي ويندا هئا ۽ ان ڳالهه جي تشهير ڪو نه ٿيندي هئي. هونئن به حڪم ايئن ئي آهي ته: ”هڪ هٿ سخا ڪري ته ٻئي هٿ کي خبر نه پئي“ پير صاحب جو ان ڳالهه تي عمل هو.
جن حرن پير صاحب پاڳاري کي ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو، هن انهن جي اولاد کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري، انهن کي وڏن وڏن عهدن تي پهچرايو. ڪي وزير ٿيا ڪي سفير ٿيا، ڪي ڪمشنر ٿيا ۽ ڪي وري آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي ٿيا.
پير سائين پاڳارو هر سال پنهنجي دوستن ۽ واقفڪارن کي انبن جي موسم ۾ پنهنجي فروٽ فارم تان انبن جا کوکا تيار ڪرائي بغير تعريف جي سڄي پاڪستان توڙي پرڏيهه به سوکڙي ڪري موڪليندو هيو. سياست جي ميدان ۾ به پنهنجي ويجهن ماڻهن ۽ دوستن کي نوازيندو هيو سندس ئي حڪم تي ان گروپ جا ميمبر سينيٽر چونڊرائيندا هيا. مثال طور مسٽر بوستان علي هوتي ڪراچي، مسٽر اصغر زيدي خيرپور، مرحوم جسٽس عبدالرزاق ٿهيم جيڪب آباد جيڪو پوءِ پير صاحب پاڳاري جي نمائندي طور مرڪز ۾ پڻ وزير رهيو. سنڌ حڪومت ۾ به سندس فرزند سيد صبغت الله شاهه راشدي موجوده پيرپاڳارو ڪيترا دفعا نمائندي طور سنڌ حڪومت ۾ وزير رهيو آهي. صدرالدين شاهه راشدي سندس ٻيو فرزند پڻ سنڌ حڪومت ۾ سندس پارٽيءَ جي نمائندي طور وزير ٿي رهيو آهي.
پير صاحب جي سخاوت جو هڪڙو واقعو ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو. پير صاحب هندو اقليت جو به تمام گهڻو خيال رکندو هيو ۽ انهن جي ڏک، سک ۾ مدد ڪندو هيو.
منهنجي دوست سيٺ جيٺانند ڪوهستانيءَ ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته ٽنڊي آدم شهر جي هڪڙي يتيم ڇوڪري جيڪا ڍورو ذات جي هئي، ان جا چار دڪان ٽنڊي آدم جي شاهي بازار ۾ هئا ۽ ان سان گڏ ٻه اڍائي هزار ايڪڙ زمين به هئي جن تي پير صاحب سان لاڳاپيل ماڻهن زبردستي قبضو ڪيو. ان يتيم ڇوڪريءَ چونڊڪي جي مُکيءَ کي دانهن ڏني جنهن پير صاحب وٽ اچي سڄي ماجرا بيان ڪئي. پير صاحب پاڳاري مرحوم ان يتيم ڇوڪريءَ جي داد رسي ڪندي پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڪيو ته دڪان ۽ زمينن جو قبصو خالي ڪري، ان يتيم ڍورو قوم جي ڇوڪريءَ کي واپس ڪن. اهو قبضو دڪان ۽ زمين جو ڇوڪريءَ کي واپس مليو ۽ ان ڇوڪريءَ بعد ۾ دڪان ۽ زمينون اتي وڪرو ڪري پنهنجي پسند تي پئسا وٺي اچي ڀريا روڊ ۾ دڪان ۽ زمينون ورتيون آهن ۽ اتي خوشحال زندگي گذاري رهي آهي.
بقول سيٺ جيٺانند جي ته: چونڊڪي ڳوٺ جو ديوان بدل مل، جو وڏو واپاري ۽ صاحب حيثيت هيو. ان جا قرض وارا پئسا ڪي مسلمان کائي ويا ۽ قرض واپس ڪو نه ڪيائون. مجبور ٿي ديوان بدل مل ڏيوالو ڪڍيو ۽ ڦاٽل ڪپڙا پائي نيم ديواني حالت ۾ هلندو رهيو.
مرحوم پير صاحب پاڳار کي جڏهن ان حال جي خبر پئي ته ديوان بدل مل کي گهرايائين ۽ ان کان احوال ورتائين، ان ٻڌايس ته سوا ٻه ڪروڙ رپيا منهنجي اوڌر مسلمان کائي ويا آهن، مان لک پتيءَ مان ڪک پتي ٿي ويو آهيان ۽ ڏاڍي بري حالت آهي مون تي رحم ڪريو، اوڌر جا پئسا وصول ڪرائي ڏيو.
بدل مل جي اهڙي رحم جوڳي حالت ڏسي پير صاحب پاڳاري بروقت پنهنجي منشيءَ کي گهرائي سوا ٻه ڪروڙ رپيا بدل مل کي ڏنا ته تون وڃي ڪاروبار ڪر ۽ خوشحال ٿيءُ ۽ توکي دعا ٿو ڪريانءِ ۽ جن ماڻهن ڏي قرض اٿئي ا نهن جي لسٽ ڏي انهن کان قرض مان پاڻ اوڳاڙيندس.
بدل مل ايئن ڪيو ۽ سندس مالي حيثيت بحال ٿي. هو هاڻي به چونڊڪي شهر ۾ وڏو ڪاروبار ڪري رهيو آهي ۽ پير صاحب پاڳاري کي دعائون ڏيئي رهيو آهي. سيٺ جيٺانند ٽيون واقعو ٻڌايو ته: 2004ع ۾ هو پاڪستان ڪاٽن جنرس ايسوسيئيشن جو سڄي پاڪستان جو صدر منتخب ٿيو هيو. سيٺ جيٺانند هڪ ته اقليت جو ماڻهو ٻيو صوبي سنڌ جو رهاڪو، جيڪو 1952ع کان 2003ع تائين صدر رهيو. انوقت تائين ڪو به سنڌي ڪاٽن جنرس ايسوسيئيشن جو صدر ڪو نه ٿيو هيو. ان ڪري اها ڳالهه پير صاحب پاڳاري کي ڏاڍي وڻي ۽ خوش ٿي جيٺانند کي همت افزائي جي شيلڊ به ڏني ۽ ڪاٽن جنرس ايسوسيئيشن جي ميمبرن کي گهرائي هڪ پرتڪلف عشائيو به ڏنو.
انهن ڳالهين ڪرڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته پير سائين پاڳارو مرحوم نه صرف حرن مريدن مومنن، مسلمانن تي مهربان هيو پر اقليت جي ماڻهن کي پنهنجو سمجهي انهن کي عزت احترام ڏيندو هيو ۽ ڏک، سک ۾ انهن جي مدد ڪندو هيو.
پير صاحب جو حلقو ۽ اثر تمام گهڻو هيو. ان کي سٺي ۽ سهڻي نموني سانڍيندو آيو ۽ ڪنهن به پنهنجي ماڻهوءَ سان پويون پير نه ڏنائين. 1988ع جي اليڪشن کان پوءِ مرحوم سائين عبدالله شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر منتخب ٿيو ۽ مان به اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو هيس. سائين عبدالله شاهه مرحوم ان وقت سنڌ سيد ايسوسيئيشن جو منتخب صدر هيو. سائين عبدالله شاهه، مان ۽ سيد شهاب الدين شاهه حسيني موجوده سنڌ سيد ايسوسيئيشن جو صدر حيدرآباد ۾ گڏ هئاسين. اتي خبر پئي ته مرحوم پير صاحب پاڳارو سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ جي بنگلي سول لائنز ۾ ترسيل آهي.
پير سائين اڪثر ڪري جيڪڏهن حيدرآباد ۾ کيس ترسڻو پوندو هيو ته مرحوم سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ جي بنگلي تي ترسندو هيو جيڪو سندس بهترين ۽ وفادار دوست به هيو. پاڻ هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ ڳالهائيندي اهو اعتراف ڪيو هئائين ته ”منهنجو هڪڙو ئي دلي دوست آهي جيڪو سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ آهي.“ عبدالله شاهه، سيد شهاب الدين شاهه حسيني ۽ مان رابطو ڪري ٽائيم وٺي پير صاحب پاڳاري سان ملڻ وياسين. مطلب هيو ته سائين پاڳاري کي سنڌ سيد ايسوسيئيشن جو مربي ميمبر ٿيڻ جي لاءِ عرض ڪجي. ملاقات ٿي حال احوال وٺندي پير صاحب سيد عبدالله شاهه کان ملاقات ڪرڻ جو سبب پڇيو. عبدالله شاهه صاحب کيس ٻڌايو ته توهان مهرباني ڪري سنڌ سيد ايسوسيئيشن جا مربي ميمبر ٿيو. پير صاحب ميمبر ٿيڻ قبول ڪيو ۽ چيائين ته ”ايسوسيئيشن جي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ پئسن جي ضرورت هوندي، ان سلسلي ۾ منهنجي لاءِ ڇا حڪم آهي؟“ عبدالله شاهه صاحب وراڻيو ته سائين منهنجا پنجاهه هزار ڏيو. ان ٻڌڻ کانپوءِ پير صاحب ٽيبل جي خاني مان پنجاهه هزار رپيا ڪڍي سائين عبدالله شاهه جي حوالي ڪيا. پئسا وٺي عبدالله شاهه صاحب مونکي ڪن ۾ سرگوشي ڪئي ته صلاح نه ڪيم ۽ هڪدم پنجاهه هزار گهريم جيڪي سائين ڏنا پر جيڪڏهن پنج لک گهرؤن ها ته به ڏيئي ها. خير جيڪو ٿيو سو گذريو اسان ڪچهري ڪري ۽ لائيٽ ريفريشمينٽ وٺي کانئس موڪلائي آياسين.
حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن پير صاحب کي عرض ڪجي ها ته، پنج ته ڇا پر ڏهه لک به ڏيئي ها. سيد شهاب الدين شاهه حسينيءَ تازو ٻڌايو ته سندس انتقال کان سال کن اڳ ضلعي دادوءَ جي علائقي ۾ سيدن ۽ چانڊين جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو هيو. چانڊين پنهنجي عددي طاقت ۽ اسلحي جي زور تي سيدن جا ٻه ماڻهو ماري وڌا، انهن جي زمين تي به قبضا ڪيا ۽ انهن کي پنهنجي گهرن مان به ڪڍيو ويو. سيد شهاب الدين شاهه حسيني، سيد ايسوسيئيشن جو تاحيات صدر آهي. 1985ع جي اليڪشن ۾ ايم اين اي به رهي چڪو آهي ۽ هاڻي به سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به ڪنهن سيد گهراڻي کي تڪليف پهچندي آهي ته هڪ دم پنهنجي ٻن چئن عهديدارن سان گڏ مدد لاءِ پهچندو آهي. گاڏي ۽ پئٽرول به پنهنجو استعمال ڪندو آهي، ايسوسيئيشن جو هڪ پئسو به استعمال ڪو نه ڪندو آهي.
شهاب الدين شاهه هڪ وفد وٺي پيپلز پارٽيءَ جي مقامي ليڊرن هر هڪ پير مظهرالحق، سيد مراد علي شاهه ۽ دادوءَ جي ٻين چند سرڪردن وٽ دانهين ٿيو ته سيدن سڳورن سان چانڊين وڏو ظلم ڪيو آهي ۽ نه جوابدار ٿا گرفتار ٿين نه ئي وري سيدن جي زمينن ۽ گهرن تان قبضا خالي ڪيا ٿا وڃن. سيد مظلوم سخت پريشاني جي حالت ۾ آهن، انهن جي انصاف خاطر مدد ڪيو. پر پيپلز پارٽيءَ جي ليڊرن کيس چيو ته چانڊيا ڏاڍا مڙس آهن ۽ پيپلز پارٽيءَ جا ورڪر به آهن تنهن ڪري خاطرخواهه مدد ڪو نه ڪري سگهبي. اهو ٻڌي شهاب الدين شاهه حسيني ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ پنهنجي عهديدارن سان گڏجي پير صاحب پاڳاري مرحوم کان وقت وٺي ملاقات ڪيائين ۽ ان کي سيدن صاحبن سان ٿيل ظلم ۽ زيادتيءَ جو سڄو احوال ٻڌايائين. پير صاحب اهو احوال وٺي، شهاب الدين شاهه حسينيءَ وارن جي روبرو سيد يوسف رضا گيلانيءَ کي ٽيليفون ڪري سڄو احوال ٻڌايو ۽ ان کي اهو به چيائين ته امن امان رکڻ ۽ ماڻهوءَ جي سلامتي ۽ ان جي مال ملڪيت جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جو اولين فرض آهي. دادوءَ ۾ هيڏو ڪيس ۽ قهر ٿيو آهي، جوابدار به گرفتار ڪو نه ٿا ٿين ۽ انهن جي جائدادن، گهرن ۽ زمينن تان قبضو به نٿو ڇڏايو وڃي. پيپلز پارٽيءَ جا ليڊر مظلوم سيدن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه آهن. وزيراعظم کي چيائين ته پندرهن ڏينهن جي اندر جوابدار به گرفتار ڪرايو ۽ سيدن جي جائدادن ۽ زمينن تان قبضو به خالي ڪرايو، جيڪي سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن. انهن سيدن جي بحاليءَ لاءِ هڪ خطير رقم سيد شهاب الدين شاهه حسينيءَ جي حوالي ڪيائين ته سيد سڳورن جي وڃي پرگهور لهو، مدد ڪريو ۽ کيس چيائين ته منهنجي فون جو اثر ٿيندو توهان ٽن هفتن کان پوءِ اچي مونکي ٻڌائجو ته ڇا ٿيو؟
وزيراعظم يوسف رضا گيلاني اهو درد جو داستان ٻڌڻ کانپوءِ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي حڪم ڪيو ته گهربل جوابدار هڪ دم ٻَڌو ۽ سيدن کي گهر، جائداد ۽ زمينون واپس وٺرائي ڏيو. حقيقت ۾ ٿيو به ايئن. سرڪار جي دٻ جو پئي ته سڀ معاملا سڌا ٿي ويا ۽ جوابدار به گرفتار ٿيا. تڏهن ته سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته: ”ڄٽ ۽ ڦٽ ٻڌو ڀلو“
جوابدار گرفتار ٿيا، انهن کي محسوس ٿيو ته ڪيس به هلندو ۽ حڪومت به سختي ڪئي آهي سو الائي ڇا ٿيندو؟ ان ڪري نه ڪيائون هم نه تم. پاڙي جا چار چڱا، نياڻيون ۽ قرآن پاڪ کڻي سيدن وٽ آيا ته اسان کان غلطي ٿي آهي، هاڻي مهرباني ڪري فيصلو ڪرايو، توهان رنج به ڪڍو، جيڪو به ڏنڊ ڏوهه اسان تي پيو اهو ڀرينداسين. فيصلو ٿيو، پير صاحب پاڳاري جي زور ۽ اثر بار جي ڪري سيدن کي حق انصاف مليو.
پير سائين پاڳاري جو سياسي اثر رسوخ، قدڪاٺ تمام وڏو هيو. چونڊن جي منصوبابندي ڪري وڙهڻ جي به مهارت هيس ان جي ڪري سنڌ مان صوبائي توڙي قومي چڱيون سيٽون کڻندو هيو ۽ سينيٽ ۾ به ان جا منتخب ماڻهو ميمبر ٿيندا هئا. مطلب ته پاڪستان جي سياست ۾ سندس نالو عزت احترام سان ورتو ويندو هيو.
پير صاحب جي وفات کانپوءِ سندس فرزند هر هڪ سيد صبغت الله شاهه راشدي موجوده پير پاڳارو ۽ پير سيد صدرالدين شاهه سياست ۾ سرگرم آهن. سندس ٽيون فرزند پير علي گوهر شاهه پيپلز پارٽيءَ سان منسلڪ آهي.
پير صاحب مرحوم هر سال ربيع الاول جي مهيني ۾ پير جي ڳوٺ ۾ لکين آيل مريدن کي زيارت به ڪرائيندو هيو ۽ اجتماعي دعا به ٿيندي هئي، جنهن ۾ پير صاحب پنهنجي مريدن کي تلقين ڪندو آهي ته پنهنجي اولاد پٽن ۽ ڌيئن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو ۽ امن امان سان رهو، ڪنهن سان به ظلم ۽ زيادتي نه ڪيو ۽ ڪنهن جو به حق نه کائو. سندس مريد ”حر“ دعا گهرڻ وقت يا خوشيءَ ۾ اڪثر ڪري نعره هڻندا آهن. ”ڀيڄ پاڳارا“
پير صاحب جي رحلت کانپوءِ سنڌ جي سياست ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو ڀرجي نه سگهيو آهي. سندس اولاد ڪوشش ڪري رهيو آهي ته سياست ۾ ڪو چڱو ڪردار ادا ڪجي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته گذريل عام اليڪشن ۾ ۽ ان کانپوءِ ضمني ٿيل چونڊن ۾ ضلعي سانگهڙ مان قومي اسيمبليءَ جي هڪڙي سيٽ جيڪا گذريل ٽيهن، پنجٽيهن سالن کان پير سائين پاڳاري جي پاران بيهاريل اميدوار کٽندا هئا اُها هاڻي حال ۾ ٿيل ضمني چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ پاران بيهاريل اميدوار ميڊم شازيه عطا مريءَ کٽي آهي، جا هڪ حيرت انگيز ڳالهه آهي.
پير صاحب پاڳاري جون جتي هيتريون ساريون خوبيون ۽ چڱايون بيان ڪيون ويون آهن اتي ڪجهه سندس سياسي ڪمزورين جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. پاڪستان ۽ سنڌ جي سياسي حالتن کي ڏسندي مان اهو يقين سان چئي سگهان ٿو ته جيڪڏهن مرحوم ڀٽي، مرحوم جي ايم سيد ۽ مرحوم پير پاڳاري جي وچ ۾ جيڪي سنڌ اندر اهم سياسي حيثيت ۽ تحريڪن جا روح روان هئا، ڪا هم آهنگي ۽ سياسي مفاهمت پيدا ٿي پوي ها ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪافي چڱو ٿي پوي ها. پر بدقسمتيءَ سان ايئن ٿي نه سگهيو.
M.R.D جي تحريڪ ۾ سڄي سنڌ سراپا احتجاج هئي، ماڻهن قانون نافذ ڪندڙ ادارن سان دوبدو ويڙهه ڪئي هئي، جنهن ۾ ڪافي ماڻهو شهيد ٿيا هيا ۽ ٻئي پاسي جو به نقصان ٿيو هيو. ان حالات جي سنگينيءَ کي ڏسندي جنرل ضياءَالحق پير صاحب پاڳاري تي زوربار رکي ”حر“ فورس کي استعمال ڪيو ۽ اهڙي طرح طاقت جو مظاهرو ڪري M.R.D تحريڪ کي نقصان رسايو.
هُن سنڌ جي خاص مسئلن جهڙوڪ ڪالاباغ ڊيم، سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جي قبضي خلاف ڪو به خاص ۽ واضح موقف نه رکيو، جنهن جي ڪري کيس ڪافي سياسي نقصان پهتو. ان هوندي به الله تعاليٰ جي در دست به دعا آهيون ته الله تعاليٰ سندس مغفرت فرمائي آمين.

مسٽر عبدالغفور ڀرڳڙي

مسٽر عبدالغفور ڀرڳڙي منهنجي وڏن جو دوست، سياست ۽ وڪالت ۾ وڏو نالو، خاص طور سول ڪيسن جو ماهر، صوم و صلات جو پابند، اسان جو وڏو، دوستيءَ جي ها مَ نه ٿو هڻي سگهان پر وڏن واري شفقت ۽ پيار اڃا تائين ڏيندو آهي، سندس فرزند عبدالحامد ڀرڳڙي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل آهي. جيڪو هينئر ڀرڳڙي صاحب جي خدمت ڪري رهيو آهي.
ڀرڳڙي صاحب نه صرف هڪ ڪامياب وڪيل آهي پر سياست ۾ به سندس چڱو مقام رهيو آهي. ڀرڳڙي صاحب بحيثيت چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻو، تمام سٺا ڪم ڪرايا ۽ هن جي سڀاءَ توڻي ايمانداريءَ جي سندس سياسي مخالف به تعريف ڪندا آهن.
ڀرڳڙي صاحب علم ادب ۽ سماجي ڪمن ۾ به سٺو بهرو وٺندو رهيو آهي. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به رهيو آهي ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي حياتي تي هڪ يادگار ڪتاب ”ساٿ ڌڻي سرواڻ“ ڪتاب لکيو اٿائين. اهڙي طرح شاهه لطيف، اقبال ۽ روميءَ جي تشبيهن تي پڻ سندس لکيل ڪتاب پڙهڻ جهڙو آهي. ان کان علاوه محترم شهيد بينظير ڀٽو جي خواهش تي، قائدِعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حياتي ۽ ڪارنامن تي وڏي تحقيق ڪري ڪتاب لکي، پاڪستان ۽ سنڌ جي ماڻهن جي هُن خدمت ڪئي آهي.
ڀرڳڙي صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي به ”گذري جي ويا سي زمانا ياد پيا“ جي عنوان سان لکي آهي، جنهن ۾ به سنڌ جي سياسي سماجي ۽ ادبي حالتن جو صحيح مطالعو ڪيو ويو آهي. انهن سڀني ڪمن لاءِ ڀرڳڙي صاحب کيرون لهڻيون. ڀرڳڙي صاحب جيئن ته هاڻي عمر جي تقاضا ڪري وڪالت ۾ گهڻو متحرڪ ڪو نه آهي پوءِ به ڪن خاص ڪيسن ۾ پاڻ ڪورٽن ۾ حاضر ٿيندو آهي ۽ پنهنجي تجربي ۽ قانوني دسترس جا جوهر ڏيکاريندو آهي.
مسٽر جسٽس راڻا ڀڳوان داس، مسٽر موهن لال ۽ مسٽر محمد بچل تنيو به سندس جونيئرٿي رهيا آهن. انهن به پنهنجي پنهنجي مقام تي سٺو نالو پيدا ڪيو آهي. مسٽر ڀرڳڙيءَ جي اخلاقي مدد ۽ اثر رسوخ جي ڪري مسٽر محمد بچل تنيو ٻه دفعا ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي ۽ سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو هيو.
ڀرڳڙي صاحب کي پيپلزپارٽي جي قيادت پاران صوبي سنڌ جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو هيو، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته: پارٽي قيادت جو کيس ڀرپور اعتماد حاصل هيو. فوجي دور آيو ۽ مجلس شوري ٺهڻ لڳي ته ڀرڳڙي صاحب ان جو ميمبر بڻيو. منهنجي ناقص راءِ موجب جناب عبدالغفور ڀرڳڙي صاحب کي جنرل ضياءُالحق جي پاران قائم ٿيل ان مجلس شوريٰ جو ميمبر نه ٿيڻ گهربو هيو. ٻيو ته 1985 جي غير جماعتي بنيادن تي ٿيل جنرل اليڪشن ۾، لاڙڪاڻي ڏوڪري تعلقي تي مشتمل حلقي تي کيس اليڪشن وڙهڻ نه گهربي هئي. جيڪڏهن ڀرڳڙي صاحب لاڙڪاڻو تعلقو ٻهراڙي ۽ لاڙڪاڻو شهر واري صوبائي سيٽ تي مقابلو ڪري ها ته مسٽر مسعود احمد کهڙي کي ڪيترن ئي هزار ووٽن جي برتريءَ تي شڪست ڏيئي سگهي ها. ڇا لاءِ ته قومي اسيمبليءَ جي نتيجي مان ظاهر ٿي رهيو هيو ته ڀرڳڙي صاحب مرحوم شاهه محمد پاشا کهڙي مرحوم مسعود احمد کهڙي جي وڏي ڀاءُ لاڙڪاڻي تعلقي ۽ سٽيءَ ۾ ڪيترا هزار ووٽ ڀرڳڙي صاحب کان گهٽ کنيا هئا. ڏوڪري تعلقي ۾ ٿيو ايئن جو اتان جي چند وڏيرن رخ ڦيريو ۽ ووٽ مرحوم شاهه محمد پاشا کهڙي کي ڏنا ويا، نتيجي ۾ لاڙڪاڻي تعلقي ۽ سٽيءَ ۾ ڀرڳڙي صاحب جي برتري به ختم ٿي ويئي. ان ئي مسئلي تي ڀرڳڙي صاحب جا Revenue منسٽر گورنمينٽ آف سنڌ هوندي، مرحوم هاشم ميمڻ ڊي ـ سي لاڙڪاڻي سان به ٿورا اختلاف ٿيا، جنهن ڪري به ڪجهه ڪامورن ڀرڳڙي صاحب جي خلاف نتيجي ٺاهڻ ۾ حسب معمول حرفت ڏيکاري ۽ ڀرڳڙي صاحب ڪامياب نه ٿي سگهيو. مونکي پورو يقين آهي ته جيڪڏهن ڀرڳڙي صاحب لاڙڪاڻي تعلقي ۽ سٽيءَ جي سيٽ تي بيهي ها ته شايد سندس مقابلو به اهڙي جوڙ جو ڪو نه ٿئي ها ۽ ڀرڳڙي صاحب کان پنهنجي حلقي ۾ اثر رسوخ هئڻ جي ڪري اڄ ڏينهن تائين لاڙڪاڻي تعلقي ۽ شهر واري سيٽ ڪو به کٽي ڪو نه سگهي ها ۽ ان کان پوءِ به جيڪي اليڪشن ٿيون انهن ۾ ڀرڳڙي صاحب ڪامياب ٿئي ها.
ڀرڳڙي صاحب جي فئملي پڙهيل لکيل آهي. سندس هڪڙو ننڍو ڀاءُ مسٽر عنايت الله ڀرڳڙي آبپاشي کاتي ۾ انجنيئر رهي چڪو آهي ان جي سندس ڪافي نيڪ نامي ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. سندس ٻيو وڏو ڀاءُ مرحوم محمد صديق ڀرڳڙي محڪمه تعليم ۾ اعليٰ عهدي ٿي تي فائز رهيو آهي. ڀرڳڙي صاحب جو وڏو فرزند مسٽر عبدالماجد ڀرڳڙي CSS ڪري انڪم ٽئڪس جي محڪمي ۾ اعليٰ عهدي تي فائز رهيو ۽ هاڻ پاڪستان جي موجوده حالتن کي ڏسي ڪري آمريڪا شفٽ ٿي ويو آهي.
ڀرڳڙي صاحب جهڙا صاف سٿرا ۽ ايماندار ماڻهو سياست جي ميدان ۾ ملڻ مشڪل آهن. الله تعاليٰ کيس تندرستي، صحت ۽ عمردراز عطا ڪري، آمين.

محترم عبدالرزاق سومرو

عبدالرزاق سومرو صاحب منهنجو ڳوٺائي، رتيديري جو ۽ وڪالت جي پيشي ۾ منهنجو استاد آهي جنهن وٽان مون گهڻو ڪجهه پرايو ۽ انهيءَ پرائڻ جي طفيل، الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو جج ٿي ريٽائر ڪيو اٿم.
سومرو صاحب سٺو فوجداري وڪيل هئڻ سان گڏوگڏ سٺو دوست، همدرد ۽ هر ڪنهن جي ڪم اچڻ وارو ماڻهو آهي. مهمان نواز به ڏاڍو آهي. ڪنهن به ماڻهوءَ جي خلاف ڪدورت ۽ نفرت رکندڙ ڪونه آهي. الله تعاليٰ کيس ان مزاج ۽ طبيعت جي ڪري تمام گهڻو نوازيو آهي. سندس حلقهءِ احباب تمام وسيع آهي. هر هنڌ کيس عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو آهي.
عبدالرزاق سومرو صاحب ٽائون ڪاميٽي رتيديري جو منتخب چيئرمين به رهيو آهي. جتي ان ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايا. سومرو صاحب اقوام متحده United Nations جي سالياني اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي، هڪ سرگرم ميمبر به ٿي رهيو آهي.
سومرو صاحب پيپلز پارٽيءَ جي پهرئين دور حڪومت ۾ سلطنت امان ۽ مسقط ۾ سفير طور رهيو ۽ ساڳيءَ ريت پيپلز پارٽيءَ جي ٻئين دور حڪومت ۾ سعودي عرب (يو اي اِي) ۾ سفير پڻ رهيو. ان وقت سعودي عرب ۾ پاڪستان جي ماڻهن جي وڏي خدمت ڪيائين. پنهنجي ملڪ پاڪستان جو نالو روشن ڪيائين. سومرو صاحب تمام گهڻو سوشل ماڻهو آهي. هن وقت وڏي عمر هئڻ ڪري به پاڻ شاديءَ، غميءَ ۾ شريڪ ٿيندو آهي. جيڪڏهن پاڻ ڪنهن مجبوريءَ تحت نه هوندو آهي ته سندس وڏو فرزند آصف علي سومرو صاحب، جيڪو سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهي، سو ايندو آهي. عبدالرزاق سومرو صاحب هن وقت ڪورٽن ۾ گهٽ ويندو آهي. سندس وڪالت جو بار مسٽر آصف علي سومرو کنيو ويٺو آهي جيڪو پاڻ سٺو وڪيل، انتها درجي جو فضيلت ۽ محبت ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. سومري صاحب جي دوستن کي جتي به ملندو، ادب ۽ احترام جي ڪري، انهن کي وڏو سمجهي جهڪي ملندو ۽ ادب ڪندو. اها سکيا کيس محترم استاد عبدالرزاق سومري صاحب کان مليل آهي.
سومري صاحب جو ٻيو فرزند ارجمند عامر علي آمريڪا مان پڙهي آيل انجنيئر آهي ۽ ڪنهن ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ ۾ اعليٰ عهدي تي آهي. سومري صاحب به پيپلز پارٽيءَ جي نالي تي جيل ياترائون ڪيون آهن. سندس پارٽيءَ سان ۽ ڀُٽي صاحب سان وفاداري به ضرب المثل آهي. سومري صاحب پاڻ محنت ڪري اهو مقام حاصل ڪيو آهي.
مونکي هڪڙو واقعو ياد اچي ٿو. سومري صاحب وٽ سندس چيمبر ۾ جونيئر جي حيثيت ۾ ڪم سکندي، منهنجي سيد عزيزن ۽ داين صاحبن جي ڇوڪرن جي وچ ۾ ڪو جهيڙو ٿي پيو هو. ٻنهي ڌرين کي ڌڪ لڳا ۽ اتفاق سان داين صاحبن جو نذير حسين نالي ڇوڪرو اسپتال ۾ زير علاج هوندي انتقال ڪري ويو. ڪيس ۾ منهنجا سئوٽ ڦاسي پيا هيا. ٻه ڪائونٽر ڪيس ٿي پيا، رتيديري جي داين صاحبن جو پاڙيسري هجڻ جي ڪري ۽ مرحوم جڙئي خان دائي جي ڪري، عبدالرزاق سومري صاحب اهو ڪيس ورتو ۽ هڪ ٻن تاريخن تي ڪورٽ ۾ حاضر به ٿيو. عبدالرزاق سومري صاحب جو مُنشي احسان الله سومرو مومن ماڻهو هيو ۽ سيد هجڻ جي ڪري منهنجي گهڻي عزت ڪندو هيو. مان آفيس ۾ ڪم سکڻ جي ڪري، سومري صاحب جي اچڻ کان ڪلاڪ کن اڳ ۾ ويندو هيس. ڪيس پڙهبا به هيا ۽ ڪيسن لاءِ نذير Precedents به ڪڍڻا پوندا هيا. سيدن ۽ داين جي جهيڙي وارو ڪيس به لڳل هيو. سومرو صاحب ڪورٽ جي ڪم سان سکر ويل هيو، واپسيءَ ۾ اچڻو هيو، پر ڪنهن مجبوريءَ جي ڪري شام جو آفيس ۾ اچي ويهي ڪونه سگهيو. ان وچ ۾ مرحوم عبدالواحد سومرو ۽ مرحوم جڙيو خان دايو صاحب آيا ۽ اچي احسان الله سومري منشيءَ کان پڇيائون ته عبدالرزاق سومرو صاحب ڪٿي آهي؟ احسان سومري کين جواب ڏنو ته صاحب سکر ويل آهي ۽ پهچڻ وارو آهي. خير سان پهچندو ۽ سڀاڻي توهان جي ڪيس ۾ ڪورٽ ۾ حاضر ٿيندو. اهو واقعو 69-1968ع جو آهي. عبدالواحد سومري مرحوم، جڙئي خان دائي کي چيو ته ڪيس جا ڪاغذ احسان منشيءَ کان وٺ ته هلي ٿا ڪٽپر صاحب کي وڪيل ڪيون. جڙئي خان دائي مرحوم عبدالواحد سومري جي چوڻ تي سختيءَ سان ڪاغذ احسان الله منشي کان ورتا ۽ وڃي عبدالوحيد ڪٽپر کي وڪيل ڪيائون.
ڪٽپر صاحب ڪيس هلايو. سيدن جي پاران مرحوم ممتاز علي جعفري وڪيل هيو. ڪيس هلڻ کان اڳ ۾ سائين سيد وريل شاهه مرحوم منهنجي والد صاحب ۽ ٻي سنگت اهو فيصلو ڪيو ته جيئن ته اتفاقي حادثو ٿي پيو آهي، تنهن جي ڪري زماني جي دستور موجب ميڙ منٿ کڻي داين صاحبن جي گهر هلجي ته فيصلو ڪن. مونکي ياد اچي ٿو ته مرحوم سردار علي نواز جلباڻي، گهانگهرن صاحبن جو پير بخش گهانگهرو، قادري داين جو وڏو مرحوم محمد اسماعيل قادري ريٽائرڊ ڊپٽي ڪلڪٽر، مرحوم وڏيرو محمد حيات خان سيلرو، سردار علي محمد خان سيلرو، مرحوم واحد بخش خان ڀٽو، وڏيرو حاجي محمد صالح ويسر، وڏيرو حاجي محمد صديق ويسر، مير جان محمد خان بُليدي، رئيس مومن خان لولائي، مولوي غلام يحيٰ، نيڪ محمد ڪُنڀر، وڏيرو صاحب ڏنو خان کوکر، قاضي عبدالحئي قائل، شهر جا ميمبر مرحوم علي اڪبر شاهه، حاجي رمضان سرهيو مرحوم، مولوي عبدالخالق مير بحر مرحوم، سيٺ گوپال داس مرحوم هندن جو مُکي ۽ ٻيا جيڪي پنهنجي تر ۽ قبيلن جا چڱا مڙس ليکيا ويندا هئا، اهي سڀ ميڙ ۾ هليا اندازن ٻه سئو کن ماڻهو هيا.
ڳالهين ڪندي محمد اسماعيل قادري مرحوم، جڙئي دائي مرحوم کي چيو ته فيصلو ڪيو، جيڪو ڏنڊ ڏوهه پيو اهو به سيد ڀريندا ۽ جيڪڏهن ڪو سڱ چٽي پيو ته مان پنهنجي نياڻي چٽيءَ ۾ ڏيندس.
پر جيئن ته مرحوم جڙئي خان کي، عبدالواحد سومري جون ٽيڪرون ۽ پٻيون هيون ته فيصلو نه ڪر، ان ڪري جڙئي مرحوم پهريائين ته فيصلي کان انڪار ڪيو، پر بعد ۾ چيائين ته ذوالفقار علي ڀُٽو، جيڪو ان وقت وزير خارجه هيو اهو فيصلو ڪري.
ميڙ جي معززين جڙئي خان کي چيو ته، ذوالفقار علي ڀٽو وڏو ماڻهو آهي ۽ تمام مصروف آهي، هو ٽائيم ڪڍي ڪونه سگهندو، توهان ڪوئي به ٻيو امين مقرر ڪرائي فيصلو ڪرايو، جيڪا بهتر ڳالهه آهي. پر چوندا آهن ته ”نه کي نَوَ ڪوٽ“ هُو عبدالواحد سومري جو پڙهايل هيو، تنهن جي ڪري بظاهر ڪوڙو بهانو ڏئي ميڙ کي جواب ڏنائين ۽ ڪا چڱي موٽ نه ڏنائين.
جڙئي خان جي جواب کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سان ملاقات ٿي، جنهن منهنجي والد صاحب کي چيو ته عبدالواحد سومري جي ڪري جڙئي دائي توهان کي جواب ڏنو آهي، مان هن کي ڪونه جهيلو آهي. مونکي خوشي ٿيندي ته منهنجي تڪ جا ماڻهو پاڻ ۾ ٺهي وڃن. پر الله تعاليٰ جڙئي مرحوم جا درجا بلند ڪري هُو مرحوم عبدالواحد سومري جي چوڻ تي لڳي فيصلي تي آمادهه نه ٿيو.
ان کان پوءِ ڌرين به ڪيس هلايا ۽ سيشن ڪورٽ مان ڪائونٽر ڪيس هجڻ جي ڪري ٻئي ڌريون ڇٽي ويون ۽ ڪيس مان آزاد به ٿي ويون. ان وچ ۾ منهنجو عبدالرزاق سومري صاحب سان داين جي ڪيس وٺڻ ۽ انهن جي ڪيس واپس کڻي وڃڻ متعلق ڪوبه ذڪر ڪونه ٿيو. پر هڪڙي دفعي پنهنجي آفيس ۾ ويهندي مون سان اعتراف ڪيائين ته عبدالواحد سومرو جيتوڻيڪ منهنجو دوست آهي، پر ان تڪڙ ڪري جڙئي دائي کان ڪيس واپس وٺرايو. توهان ته ڪجهه به نه چيو، توهان کي شاباش آهي. پر حقيقت ۾ مونکي ڪيس وٺڻ نه گهربو هيو، ڇو ته توهان سان ۽ توهان جي گهراڻي سان به سٺا تعلقات رهيا آهن. مون کيس چيو ته سائين توهان دل جاءِ ڪريو، منهنجي دل ۾ڪابه ڳالهه ڪونه آهي. الله توهان کي سلامت رکي اسان جي سنڌيءَ ۾ عام طرح پهاڪو آهي:
”جنهن به ماڻهوءَ دلي طرح سان کنيل ميڙ منٿ کي آڌر ڀاءُ نه ڏنو آهي ته قدرت ميڙ منٿ ڪرڻ واري ماڻهوءَ جي مدد ڪندي آهي.“
۽ ٿيو به ايئن ئي، ميڙ موٽائڻ جي ڪري سيد ڪيس مان ڇٽي ويا.
ڇٽڻ کان پوءِ به اسان جي ڪوشش رهي ته فيصلو ٿئي، ٻه سال کن ٿيندا ته مسٽر علي نواز گهانگهري فيصلو ڪيو ۽ ڌريون پاڻ ۾ ٺهي ويون. فيصلي ۾ سيدن تي ڏنڊ پيو جيڪو انهن ڏنو.

علي مراد ابڙو مرحوم

هن دوست نئين ٽهيءَ جي وڪيلن ۾ پنهنجي محنت، نيڪ نيتي ۽ شرافت سان ڏاڍو نالو ڪمايو. هُو تمام سخي مرد هيو. ڪنهن جو ڪم ڪري هن کي دلي راحت ۽ سڪون ٿيندو هيو. سندس ڳوٺ اگهم نمبر 2 وسندو شاخ تي آهي. پاڻ اوائل ۾ يونين ڪائونسل جو سيڪريٽري ٿي ڀرتي ٿيو هيو ۽ بعد ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ڌامراهه ۾ اسسٽنٽ ماستر ٿيو ۽ B.A جو امتحان پاس ڪرڻ بعد ايل . ايل . بي ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويو. ايل . ايل. بي پاس ڪري سال ٻه ڪراچيءَ ۾ پريڪٽس ڪري اچي لاڙڪاڻي ۾ ديرو ڄمايائين. سندس پهرين آفيس سنڌ فوٽو اسٽوڊيو جي مٿان ٻن ڪمرن واري جاءِ ۾ هئي، جيڪا مسواڙ تي وٺي اتي وڪالت شروع ڪيائين. محنت ۽ سٺي طبعيت جي ڪري ٿوري عرصي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سٺو وڪيل ليکجڻ ۾ آيو. ۽ ريشم گليءَ جي منڍ ۾ جاءِ ٺهرايائين. ريشم گلي، علي مراد خان جي رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ ڏاڍي وڌي وئي. ماڻهن گهرن جا اڳيان حصا ڊهرائي دڪان ٺهرايا ۽ پوين حصن ۾ گهر ڪيائون. لاڙڪاڻي جي بندر روڊ جي پکن واري هوٽل جي سامهون ريشم گلي شروع ٿئي ٿي. جيڪا فقير غلام سرور قادري جي آستاني کان ڦرندي، جعفري امام بارگاهه تائين پهچي ٿي. ان علائقي ۾ علي مراد خان پنهنجي جڳهه جي ڀرسان ڪافي جڳهيون خريد ڪيون ۽ دڪان وغيرهه ٺهرايا. خير سان آمدني سٺي هجڻ جي ڪري، هر ٻن سالن کان پوءِ نئين گاڏي وٺندو هيو. 1979ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر به ٿيو. هن سيدو ديرو يونين ڪائونسل تي پنهنجي عزيز رحمت علي ابڙي کي چيئرمين به ڪرايو. 1980ع ۾ تعلقي ڪائونسل جي چيئرمين جي اليڪشن ۾ علي مراد خان مرحوم منهنجي وڏي مدد ڪئي. ان جي مدد سان مان چيئرمين طور منتخب ٿيس. حالانڪ پيپلز پارٽيءَ به منهنجي مدد ڪئي هئي، پر علي مراد خان جي صاف گوئي اڃان تائين ياد آهي. مرحوم پير بخش خان گهانگهرو رتيديري جو معزز زميندار هيو. پنهنجي فرزند علي نواز خان گهانگهري وڪيل جي لاءِ کانئس ووٽ جي گهر ڪيائين. بار روم لاڙڪاڻي ۾ مرحوم علي مراد خان ابڙي، گهانگهري صاحب کي عرض ڪيو ته سيد ديدار حسين شاهه منهنجو دوست آهي، ووٽ ان کي ڏبا توهان دل ۾ نه ڪيو. بعد ۾ بقول علي مراد خان جي ته پير بخش خان گهانگهري ان کي پسند نه ڪيو ۽ ڳالهه ٻولهه به علي مراد خان سان بند ڪري ڇڏيائين.
منهنجو گهر کان لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ وڃڻ ٿيندو هيو. علي مراد خان مرحوم پنهنجي ڪرسيءَ جي ڀرسان منهنجي لاءَ جڳهه مخصوص ڪندو هيو. ته سائين ديدار حسين شاهه صاحب ايندو، اهو هت ويهندو. اسان گڏ ويهي ڪيسن جي پوئواري به ڪنداسين ته ڪچهري به ڪنداسين.
نيت جو صاف ۽ سچو ماڻهو هيو. مون کي ياد اچي ٿو ته 1987ع جي لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ مون علي مراد صاحب کي چيو ته، اوهان جو دوست ۽ مائٽ محترم عبدالوهاب اگهم ابڙو ريٽائر سب انسپيڪٽر آهي، جيڪو اوهان جو احسان مند به آهي. توهان ان کي چئو ته هٿ کڻي ته جئين مان بنا مقابلي ميمبر ٿي اچان. علي مراد خان ابڙو مرحوم، جيئن مون اڳ ذڪر ڪيو آهي، ته سخي مرد ۽ ڪم اچڻ وارو دوست رهيو آهي. ان عبدالوهاب اگهم جي پونئرن کي پنجاهه هزار روپيه مدد طور ڏنا هيا ته جيئن عبدالوهاب جا پويان ڀنگ ڀري عبدالوهاب کي موٽائين. ڇو ته ڄاڻي واڻي ڌاڙيلن ان کي اغوا ڪيو هيو، ڇا لاءِ ته هو ريٽائر سب انسپيڪٽر هيو. هُو علي مراد خان جي چوڻ تي رتيديري ۾ ڪامريڊ اعتبار علي بلوچ ۽ امام الدين قريشي جي اوطاق (هاري آفيس) ۾ آيو، جتي عبدالوهاب اگهم، مکي گوپال داس، گووردن داس، غلام محمد سومرو، چوڌري محمد رمضان، گل حسن سولنگي وڪيل ۽ ٻيا چند دوست پتي (تاش) راند ڪري رهيا هئا. اتي انهن جي چوڪڙي لڳندي هئي ۽ ڪچهري به ٿيندي هئي. مقرر وقت تي علي مراد خان ابڙو رتيديري پهتو ۽ ڪامريڊ اعتبار علي جي جڳهه تي، مٿي ذڪر ڪيل ماڻهن جي روبرو عبدالوهاب کي عرض ڪيائين ته سائين ديدار حسين شاهه منهنجو ۽ تنهنجو دوست آهي، نوجوان آهي ان کي اڳتي وڌڻ لاءِ ميدان گهرجي، تون مهرباني ڪري هٿ کڻ ته جيئن سائين بنا مقابلي چونڊجي اچي. منهنجي ٽوپيءَ جي عزت رک ۽ وعدو ڪر، ته هٿ کڻندين. ڪچهريءَ ۾ هن وعدو ڪيو ته هو سڀاڻي ريٽرنگ آفيسر وٽ وڃي، جيڪو ڊي، سي هيو، ان کي لکي ڏيندو ته مان هٿ کڻان ٿو. بعد ۾ هو پنهنجي وعدي تان ڦري ويو ۽ پنهنجي پٽ محمد يوسف جي معرفت علي مراد خان ابڙي کي ٽيلي فون ڪرائي ته، کيس چئو ته ابي عبدالوهاب کي سردار جلباڻيءَ ناحق بند ڪري مسو ديري ۾ رکيو آهي، جتان هو نڪري ڪو نه ٿو سگهي، جنهن ڪري سڀاڻي ڊي سيءَ وٽ هو حاضر ڪو نه ٿيندو. علي مراد خان ابڙي، يوسف کي جواب ڏنو ته ڪوڙ ٿا هڻو. مون کي خبر آهي ته عبدالوهاب هاڻي پنهنجي وعدي تان ڦري ويو آهي ۽ ڊي، سي وٽ اچڻ ڪو نه ٿو گهري. پر يقين ڪريو ته عبدالوهاب الڪيشن ۾ ڪِرندو ۽ سائين ديدار حسين شاهه انشاءَ الله کٽي ويندو، توهان دل جاءِ ڪريو.
ان تڪ تي ٻيو اميدوار سرائي خادم حسين ٻوسڻ هيو. جنهن اسان سيدن، سيد عالم شاهه مرحوم، سيد بچل شاهه مرحوم، سيد حاجي شاهه مرحوم ۽ رئيس مير جان محمد بليديءَ جي چوڻ تي مهرباني ڪري هٿ کنيو هو ۽ مان اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيو هيس. اليڪشن گذرڻ کان ٻه اڍائي مهينا پوءِ محترم علي محمد سيلرو، جيڪو سيلرا قوم جو سردار به هيو ته ان سان گڏ اسان جو سٺو دوست ۽ پاڙيسري به هيو، ان صبح جو اچي مون کي ٻڌايو ته عبدالوهاب اگهم ڏاڍو بيمار آهي! شايد بچي، توهان جو رنج اٿس پر هلو ته هلي پڇا ڪيونس، اها سنت نبوي به آهي. مون هائو ڪئي ۽ رنج ڪڍي، علي محمد سيلرو سان گڏجي، عبدالوهاب جي وڃي مزاج پرسي ڪئي. هو پنهنجي هٿ نه کڻڻ واري عمل تي شرمسار هيو. مون کيس چيو ته اسان ڳالهه وساري، الله توکي صحت ڏيئي.
ٽئين ڏينهن تي مان لاڙڪاڻي ڪورٽ ۾ ويس ۽ حسب دستور علي مراد خان ابڙي جي ڀرسان ويٺس، کيس ٻڌايم ته عبدالوهاب اگهم ڏاڍو بيمار آهي. ان کان ته پڇا ڪر.! مون کي جواب ڏنائين ته سيد تون شريف آهين. تون پڇا ڪري آيو آهين، مون کي خبر پيئي آهي. هن ماڻهوءَ ڪچهري ۾ منهنجي ٽوپيءَ جي عزت ڪو نه ڪئي ۽ واعدو ڪري ڦري ويو. هاڻي مري وڃي ته به مان سندس منهن ڪو نه ڏسندس، پڇا ڪرڻ ته پري جا ڳالهه آهي. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ علي مراد خان جيڪي به اسڪيمون ڏيندو هيو، اهي مان ورڪ سب ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جي حيثيت ۾ بحال ڪري هائوس مان پاس ڪرائي عمل ۾ آڻيندو هيس.
1988 جي صوبائي اسيمبلي جي اليڪشن هلندي مرحوم علي مراد خان ابڙو، ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ رتوديرو ڪورٽ ۾ آيو هو ۽ منهنجي چوڻ يا گهرڻ کان سواءِ، منهنجي منشي گيان چند کي 50،000 روپيا ڏئي ويو ۽ اهو به چئي ويو ته، توکي هيءُ ڏيان ٿو، اهي پئٽرول پمپ واري وٽ جمع ڪرائي ڇڏ، پر سائين ديدار حسين شاهه کي هن وقت نه ٻڌائجانءِ! ڇو ته ممڪن آهي ته هو نه وٺي. واقعي گيان چند ائين ئي ڪيو ۽ آخر ۾ اليڪشن جي خرچ جي حساب ڪتاب ٺاهڻ وقت ٻڌايائين ته علي مراد خان ابڙي 50 هزار روپيا ڏنا هيا، جيڪي پئٽرول پمپ واري وٽ جمع آهن، جيڪي هن پئٽرول جي مد ۾ پاڻ وٽ ورتل ڏيکاريا هئا. منهنجي هاءِ ڪورٽ جي جج ٿيڻ کان پوءِ اتفاق سان جڏهن به لاڙڪاڻي ڪجهه گهڙين لاءِ وڃڻ ٿيندو هيو ته ان وٽ ملاقات لاءِ ضرور وڃبو هيو.
علي مراد خان ابڙو جگر جي ڪئنسر جي مرض ۾ مبتلا هئڻ ڪري ٻه، ٽي سال ٿيا آهن جو انتقال ڪري ويو آهي. سندس انتقال جي ڪري لاڙڪاڻي جي سماجي ۽ سياسي ميدان ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي. جنهن جي ڀرجڻ جو امڪان تمام گهٽ آهي. اهو به سندس معمول هيو ته هر عيد تي پنهنجي دوستن سان گڏ اسان وٽ عيد مبارڪ ڏيڻ ايندو هيو ۽ اڃان تائين به ان جا پويان مسٽر منور علي ابڙو سندس وڏو فرزند جيڪو سيدو ديرو يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو آهي. ان روايت کي قائم رکندا اچن. الله تعاليٰ مرحوم علي مراد خان ابڙي جا درجا بلند ڪري ۽ کيس جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.

سيد شاهه محمد شاد مرحوم

سيد شاهه محمد شاد اصل هڱورو ضلعي سکر جو رهائش پذير هئو. سائين جن جو شروع کان وٺي تعليم سان دلچسپي هئي ۽ ان دلچسپيءَ کي بار آور ڪرڻ لاءِ هن B.A.B.T، M.A گولڊ ميڊلسٽ جو ڊگريون ورتيون ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي مختلف اسڪولن ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو.
54-1953 ۾ پاڻ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ڳڙهي ياسين جو هيڊ ماستر هئو. ان سال منهنجي مربي ڀاءُ مرحوم سيد نياز حسين شاهه ۽ مرحوم عبدالواحد سومري جي سؤٽ مرحوم واحد بخش سومري به ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ڳڙهي ياسين ۾ تعليم پرائي ۽ ٻنهي ڄڻن اتان فرسٽ ڪلاس ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. سائين شاهه محمد شاد جا سيد حسن شاهه مرحوم ۽ سيد ڏتل شاهه مرحوم عزيز هئا، انهن سان به اسان جي مٽي مائٽي هئي ۽ آهي.
سائين شاهه محمد شاد سان منهنجي مربي ڀاءُ ۽ منهنجي نياز مندي گهڻي رهي. سندس اسان جي وڏن سيد وريل شاهه مرحوم ۽ سيد عالم شاهه مرحوم سان به اچڻ وڃڻ جو رستو رهيو. سائين شاهه محمد شاد کي هنڱورا ڳوٺ ۾ پنهنجي عاليشان لائبريري به هئي، جا سندس انتقال کان پوءِ سندس ننڍو فرزند ڊاڪٽر نگار احمد شاهه سنڀالي رهيو آهي. هيءَ لائبريري سنڌ جي تمام سٺين ۽ وڏين لائبريرين مان هڪ آهي.
سائين شاهه محمد شاد جي دلي دوستي مرحوم آغا بدرالدين عالم دراني سان به هئي، جو هر هفتي آچر جي ڏينهن سائين شاهه محمد شاد آغا بدرالدين عالم صاحب وٽ ايندو هو. ڪچهري ۽ علم ادب تي بحث مباحثي لاءِ ته وري ٻئي هفتي آغا صاحب پاڻ سائين شاهه محمد شاد وٽ هنڱوري ان جي ڳوٺ ويندو هيو.
آغا بدر عالم دراني سياست جو وڏو نالو آهي، پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿي رهيو. آغا صاحب جو واسطو مسلم ليگي هجڻ جي ڪري مرحوم محمد ايوب کهڙي ۽ مرحوم قاضي فضل الله سان به رهيو.
سائين شاهه محمد شاد جي دوستي مرحوم مير علي احمد ٽالپر سان به خاڪسار تحريڪ جي زماني کان هئي جيڪا علامه مشرقي جي ٺاهيل هئي. ٻئي خاڪسار تحريڪ جا ٻين ماڻهن وانگر سرگرم رڪن هيا.
علي احمد ٽالپر کي به پنهنجي سٺي لائبريري هئي، مرحوم آغا بدرالدين عالم درانيءَ کي به سٺي لائبريري ڪوٽ دراني، ڳڙهي ياسين ۾ ”آشانئه ادب“ نالي هئي.
سائين شاهه محمد شاد سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به رهيو، جنهن جو ڪنهن وقت ۾ مخدوم صاحب طالب الموليٰ چيئرمين هيو ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي هيڊ آفيس هئي، سائين شاهه محمد شاد اتي ڪم ڪندو هيو.
سائين شاهه محمد شاد مرحوم سنڌ مدرسته الاسلام جو ٻه ٽي سال پرنسپل به ٿي رهيو. کين علم سان گهري دلچسپي هئي، ان جي ڪري پاڻ پنهنجي اولاد کي به علم جي زيور سان آراسته ڪيو. سندس وڏو فرزند نور احمد شاهه پبلڪ سروس ڪميشن جو P.C.S امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو ۽ سٺي ڪم ڪرڻ جي ڪري سيڪريٽري گورنمينٽ آف سنڌ جي عهدي تان ريٽائر ٿيو.
ٻه سال نور احمد شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر به رهيو. هن وقت شاهه صاحب ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي. پاڻ طبيعتاً خشڪ مزاج آهي پر والد صاحب وانگر سوشل ڪو نه آهي.
شاهه محمد شاهه صاحب جو ننڍو فرزند ڊاڪٽر نگار احمد شاهه سوشل سڪيورٽيءَ ۾ سينئر ميڊيڪل آفيسر آهي. سندس رهائش سکر ۾ يحييٰ هاسپيٽل جي ڀرسان آهي. ڊاڪٽر نگار احمد شاهه جن کي ڳوٺ هنڱورو ۾ به رهائش لاءِ بنگلو آهي ۽ سائين شاهه محمد شاد جي بيش بها قيمتي لائبريري سڀاليندو آهي.
سائين شاهه محمد شاد کي پنهنجي نالي چڱي زمين به هئي، جا ان جي انتقال کان پوءِ سندس وارثن ۾ وراهجي وئي آهي.
نگار احمد شاهه صاحب پنهنجي والد صاحب وانگر ڏاڍو سوشل آهي. شاديءَ غميءَ ۾ پنهنجي والد صاحب وانگر شريڪ ٿيندو آهي ۽ پنهنجي والد صاحب واريون خصلتون اٿس.
سائين شاهه محمد شاد جو سڳو سؤٽ مرحوم شمس الدين شاهه سکر جو نالي وارو وڪيل ٿي گذريو آهي. سندس ٻيو ننڍو سؤٽ سيد امين الدين شاهه سردار مهرن جي گروپ ۾ هئڻ ڪري ڪيترا سال ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر جو وائيس چيئرمين به رهيو آهي. سائين شاهه محمد شاد جو ٻيو سؤٽ مرحوم سيد معيز الدين شاهه ڪنڌڪوٽ ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ ڪنڌڪوٽ جي ميونسپالٽيءَ جو منتخب صدر پڻ رهيو.
سائين شاهه محمد شاد سٻاجهڙو، مٺو، قرب وارو ۽ رشتي نڀائڻ وارو انسان هيو. الله تعاليٰ جون مٿس رحمتون هجن.

مسٽر عبدالوحيد ڪٽپر مرحوم

مرحوم مسٽر عبدالوحيد ڪٽپر صاحب تعلقي ڏوڪريءَ جو رهاڪو، کاڌل پيتل گهراڻي جو ماڻهو، جنهن پنهنجي وڪالت جي پيشي جي شروعات لاڙڪاڻي مان ڪئي ۽ ان شعبي ۾ وڏو نالو ڪمايائين. مسٽر عبدالوحيد ڪٽپر صاحب فوجداري ڪيسن جو وڏو ماهر تسليم ڪيو ويندو هو.
شروع شروع ۾ ڪٽپر صاحب جو وڪالت ۽ سماجي ڪمن جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي مخالف گروپ، جهڙوڪ قاضي فضل الله ۽ ٻين سان واسطو هيو. محترمه فاطمه جناح ۽ جنرل ايوب جي زماني ۾ جڏهن بي ڊي جي ميمبرن وسيلي صدر کي منتخب ٿيڻو هيو، ان اليڪشن ۾ مرحوم عبدالوحيد ڪٽپر ڏوڪري تعلقي تي جنرل ايوب جو اليڪشن ايجنٽ ٿي ويٺو هو ۽ قاضي فضل الله مرحوم، محترمه فاطمه جناح جو اليڪشن ايجنٽ ٿي وارهه تعلقي ۾ ويٺو هيو، ٻنهي تعلقن ۾ جنرل ايوب جي خلاف محترمه فاطمه جناح اڪثريت حاصل ڪئي هئي ۽ باقي تعلقن ۾ مرحوم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪري جنرل ايوب کي اڪثريت حاصل ٿي هئي.
جڏهن جنرل ايوب، ذوالفقار علي ڀُٽي مرحوم کي تڪليف ڏيڻ جي لاءِ مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا، جنهن ۾ هڪڙو ڪيس تمام مشهور ايگريڪلچر انجنيئرنگ کاتي جي ٽريڪٽرن جي ناجائز استعمال جي الزام جو به هيو، ڀُٽي صاحب مرحوم جي ماڻهن کي ڀُٽي صاحب سان گڏ ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو، ان وقت ذوالفقار علي ڀُٽي مرحوم جي زمينن جي سار سنڀال جي لاءِ مرحوم قادر بخش ڀُٽي مقرر هيو، جنهن تي ڀُٽي صاحب جو تمام گهڻو اعتماد ۽ ويساهه هيو، ان کي به ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو. مرحوم قادر بخش ڀٽي ۽ مرحوم عبدالوحيد ڪٽپر هڪ ٻئي جا هم زلف هيا. پاڻ ۾ وڌيڪ ويجهڙائپ ۽ هڪ ٻئي تي اعتماد هين.
قادر بخش مرحوم ڪيس جا ڪاغذ کڻي عبدالوحيد ڪٽپر وٽ ويو ۽ اُن کي وڪيل مقرر ڪيائين. ڀٽو صاحب جيئن ته ڪيسن ۾ مک جوابدار هيو، ان سان گڏ قادر بخش ڀَٽي به جوابدار هيو، ان ڪري ڀَٽي صاحب جي عزيز هئڻ ڪري عبدالوحيد ڪٽپر صاحب، ڪيس جي في نه ورتي ۽ سڄو ڪيس کڻڻ قبول ڪيائين. مون کي ياد ٿو پوي ته ان وقت اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جو، مرحوم الله بخش خان صوبي سرحد جو رهاڪو هيو. ڪيس ان وٽ هليو هيو. ڪٽپر صاحب هر حاضريءَ تي لاڙڪاڻي مان پنهنجي گاڏي کڻي ڪيسن جي پيروي ڪرڻ ويندو هيو. ڪيس هليو، ميرٽ تي ڪيس جج صاحب ڪوڙو سمجهي، خارج ڪري، سڀني جوابدارن کي ڇڏي ڏنو. ڪٽپر صاحب جي ان عمل جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽي مرحوم جي نظرن ۾ ان جي عزت ۽ توقير وڌي وئي. ڀٽي صاحب اهو بهتر سمجهيو ته منهنجي چوڻ کان سواءِ، منهنجي منشيءَ جي چوڻ تي، جيڪو هن جو عزيز هيو، پر ان کي تڪليف به منهنجي منشي هئڻ جي ڪري ٿي هئي، تنهن جي ڪري ڀُٽي صاحب پاڻ ڪَهي وڃي ڪٽپر صاحب جي بنگلي تي، ان جو شڪريو ادا ڪيو. اهڙيءَ طرح سان ڪٽپر مرحوم ڀُٽي صاحب کي ويجهو پئجي ويو.
مرحوم عبدالوحيد ڪٽپر صاحب پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر به رهيو ۽ چڱي محنت ڪيائين. ايوبي آمريت جو ٻين پيپلز پارٽي جي پراڻن دوستن سان گڏجي چڱو مقابلو ڪيائين ۽ ان ڪڙي دور ۾ پارٽيءَ جو پرچم بلند رکيائين.
ڪٽپر صاحب سنڌ صوبي جو صدر به رهيو. ڀُٽي صاحب کيس سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ڪرائي، منسٽر به ڪيو هو. ضياءُ الحق جي 5 جولاءِ 1977ع جي مارشل لا لڳڻ تائين هُو وزير رهيو. وزير به طاقت وارو ۽ ڀُٽي صاحب جي ويجهو پڻ هو. صحت جي کاتي ۾ ماڻهن کي نوڪري ڏيارڻ ۾ هن چڱو پاڻ ملهايو. مارشل لا لڳڻ کان پوءِ جيئن ٻين پيپلز پارٽيءَ جي ليڊرن کي گرفتار ڪيو ويو، اهڙي طرح ڪٽپر صاحب کي به گرفتار ڪري مارشل لا ڪورٽ ۾ پيش ڪري سزا ڏيارائي وئي هئي. سزا کان پوءِ کيس C ڪلاس قيديءَ جي حيثيت ۾ رکيو ويو ۽ قيدين وارا ڪپڙا پارايا ويا. هن جي ملڪيت به سرڪار پاران ضبط ڪئي وئي، جنهن ۾ سندس نئون ٺهرايل ڊاڪٽرس ڪالونيءَ وارو بنگلو به هو. ان تي به قبضو ڪيو ويو ۽ سرڪار ان کي پنهنجي حوالي ڪيو.
سزا ملڻ کان پوءِ ڪٽپر صاحب جو وڪالت ڪرڻ جو لائسنس به معطل ڪيو ويو. پيٽ گذران لاءِ ڪٽپر صاحب ڪراچي جي پراڻي لياري واري علائقي ۾ هڪڙو ميڊيڪل ۽ جنرل اسٽور کوليو جيڪو سندس روزگار جو ذريعو هو.
ڪٽپر صاحب جا فرزند پڙهي هاڻ چڱن عهدن تي پهتل آهن. ٻه ته شايد ڊاڪٽر آهن، جن جي رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي ۽ ٻه شايد آمريڪا ۾ رهائش پذير آهن. سندس نياڻيءَ جي شادي سانگهڙ جي معزز زميندار حسن علي چانهيو سان ٿيل آهي.
ڪٽپر صاحب جيل جي سزا پوري ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو وڪالت جو لائسنس بحال ڪرايو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل سائيڊ تي سيشن ڪورٽس ۽ اَي ٽي سي ڪورٽس ۾ ڪيس هلايائين.
ڪٽپر صاحب کي ميڊيڪل جيوريز پروڊنس ۽ قانون شهادت پي پي سي ۽ سي آر پي سي تي چڱو عبور حاصل هيو، ٿوري عرصي ۾ تمام گهڻا ڪيس اوريجنل سائيڊ تي سيشن ڪورٽ مان ۽ اپيلڊ سائيڊ تي هاءِ ڪورٽ مان فيصل ڪرايائين. انهن مان هڪ ڪيس آمريڪي صحافي ڊينئل پرل جي مشهور مقدمي قتل جي جوابدارن وارو به هو جنهن ۾ ڪٽپر صاحب وڪيل هيو.
محترمه بينظير ڀٽو 1988 جي اليڪشن کٽڻ بعد جڏهن پاڪستان جي وزيراعظم ٿي، ته ڪٽپر صاحب کيس پنهنجي تڪليف جو داستان ٻڌايو ۽ جيڪي تڪليفون مارشل لا جي دور ۾ برداشت ڪيائين، ان جو احوال به ڪيائين. محترمه جا خُدا درجا بلند ڪري، ڏاڍي همدرد، رحم کائڻ واري ۽ ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪم اچڻ واري شخصت هئي. جيتوڻيڪ ان وقت ۾ ڪٽپر صاحب سياست ۾ سرگرم ڪو نه هيو، پر پراڻيون خدمتون مدنظر رکندي سندس سزا به چيف ايگزيڪيوٽو جي حيثيت ۾ معاف ڪيائين، سندس ملڪيت به واپس ڪيائين ۽ جيترو عرصو اهو بنگلو سرڪاري حوالي هيو، ان جو معاوضو به کيس محترمه ڏنو. اها هئي محترمه جي پنهنجي خلوص طور ڪم ڪرڻ وارن ماڻهن جي همت افزائي ڪرڻ.
ڪٽپر صاحب سالن کان وٺي روزاني عوامي آواز، سنڌي اخبار ۾ هفتي ۾ سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن تي ڪالم لکندو هو ۽ ماڻهو سندس ڪالم تمام گهڻي دلچسپي ۽ شوق سان پڙهندا هيا.
ڪٽپر صاحب ڀلوڙ وڪيل، سٺو ماڻهو، پر گفتگو ڪندي جيڪڏهن چڙندو هيو ته آپي کان ٻاهر نڪري ويندو هيو ۽ ماڻهوءَ جو پٽڪو لاهڻ ۾ دير ڪو نه ڪندو هو. اهوئي سبب آهي جو حڪومت وڃڻ کان پوءِ پاڻ رضاڪاراڻي طور ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين ۽ لڙي، لاڙڪاڻي ڏي منهن به نه ڪيائين. جنهن لاڙڪاڻي جي رهواسي هجڻ جي ڪري قدرت کيس ايڏو مرتبو ۽ مقام ڏنو، لاڙڪاڻي جو به ان تي حق هيو.
ڪٽپر صاحب جي وفات تي، ان جي نماز جنازه سلطان مسجد ۾ ادا ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ مون سميت لاڙڪاڻي ضلعي جا تمام گهڻا ماڻهو شريڪ ٿيا هئا، پر ڪراچيءَ جا ماڻهو گهٽ هيا. الله تعاليٰ جي در دست به دعا آهيون ته اُهو سندس درجا بلند ڪري. ڪٽپر صاحب جو جسد خاڪي ڊفينس جي گذري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

اختر علي جي. قاضي مرحوم

مرحوم اختر علي جي قاضي اصل ۾ پاٽ ضلعي دادو جي مردم خيز، سرزمين ۾ جنم ورتو. سندس والد مرحوم غلام مصطفيٰ قاضي هو جيڪو Revenue ۾ ڊپٽي ڪشمنر ۽ ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. پاٽ جي ڳوٺ جا ماڻهو سٺي تعليم هئڻ جي ڪري روينيو، عدالت، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ وڏن عهدن تي فائز ٿيا ۽ رٽائر ٿيا. مرحوم قاضي اختر عليءَ جو ڀاءُ جسٽس امداد علي قاضي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عهدي تان پنهنجو دستوري مدو پورو ڪري چڱي نيڪ ناميءَ سان ريٽائر ٿيو هو.
قاضي اختر علي مرحوم .M.A ۽ B.L.L پاس ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ دادو، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ضلعن ۾ نالي واري فوجداري ڪيسن جي وڪيل طور مشهور ٿيو. قاضي صاحب مرحومA-P-P طور به ڪيترا سال ڪم ڪيو ۽ سرڪاري ڪيسن کي پيرائتو سمجهي، انهن جي صحيح نموني ۾ پوئواري ڪئي.
قاضي صاحب هڪڙو سوشل ماڻهو هيو ۽ سوشل سروس ڪندي کيس خوشي محسوس ٿيندي هئي. پاڻ لاڙڪاڻي آفيسرز ڪلب جو ڪيترائي سال سيڪريٽري طور ڪم ڪيائين. ان حيثيت ڪيترائي فنڪشن ڪرايائين ۽ آفيسرن سان به سٺي لهه وچڙ هوندي هيس.
اختر علي قاضي 1985 جي Non party اليڪشن ۾ بهرو ورتو ۽ وارهه تعلقي تان سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. ميمبر ٿيڻ بعد، سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ٿي رهيو ۽ سال کن جي اندر وري سنڌ صوبائي ڪابينه ۾ تعليم، قانون ۽ خزاني جو وزير مقرر ٿيو.
مرحوم اختر علي جي قاضي پنهنجي وزير تعليم جي حيثيت ۾ سنڌ اندر وڌندڙ ڪاپي ڪلچر کي، سخت اپاءَ وٺندي بند ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ وڏي حد تائين ڪامياب به ٿيو.
مرحوم اختر علي جي قاضي، غوث علي شاهه صاحب جي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جو وڏو وزير به ٿيو ۽ 1988 جي عام انتخابات جي وقت سنڌ جو ڪيئرٽيڪر چيف منسٽر به رهيو. مسٽر نثار احمد کهڙي پيپلز پارٽي جي اميدوار جي مقابلي ۾ شڪست کاڌائين ۽ اها شڪست خنده پيشانيءَ سان قبول ڪيائين پر چونڊن کي صاف ۽ شفاف رکڻ جي لاءِ سرڪاري مشينريءَ کي پنهنجي حق ۾ استعمال نه ڪيائين. جيڪا ڳالهه تاريخ جي سونهري اکرن ۾ لکڻ لائق آهي. تنهن جي ڪري ان کي اڄ ڏينهن تائين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو. اختر علي جي قاضي سٺو منتظم، اهل ۽ ايماندار ماڻهو هيو. پاڻ ٻه سال سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج به رهيو ۽ پرتگال ۾ پاڪستان جي سفير جي حيثيت ۾ پنهنجون خدمتون به سرانجام ڏنائين.
اوچتو اسٽروڪ ٿيڻ جي ڪري سخت بيمار ٿي پيو. ٻه ٽي سال بيمار رهڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ انتقال ڪيائين ۽ اتي ئي مدفون آهي. الله تعاليٰ سندس درجا بلند ڪري.

سرائي خدا بخش کُهاوڙ مرحوم

واره شهر جي هر هڪ ماڻهو کان، صوم صلاة جو پابند، غريبن جي ڪڍ اچڻ وارو سچو ۽ سپتيو ڳڻن وارو ماڻهو پڇبو ته هو هڪدم سرائي خدا بخش کهاوڙ جو نالو کڻندو. سندس اها ئي مشهور خوبي هئي ته هو هڪ ايماندار، خدا ترس ۽ ڏکي وقت ۾ خلق خدا جي خدمت ۽ مدد ڪرڻ وارو ماڻهو هيو. سائين کهاوڙ صاحب پاڻ ڪو وڏو زميندار ڪو نه هيو. پر وارهه تعلقي ۾ وڏو اثر رسوخ رکندڙ هيو. سرائي مرحوم منهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم سيد نياز حسين شاهه جو گهرو دوست هيو. ڇو ته منهنجي ڀاءُ مرحوم جي سروس جو ڪافي عرصو وارهه تعلقي ۾ گذريو، ان جي ڪري ان جي دوستي مرحوم سرائي خدا بخش کهاوڙ، مرحوم عبدالله خان ٻگهيو، مشهور سياسي ورڪر مرحوم رئيس قربان علي خان کهاوڙ، سندس فرزند رئيس گل محمد کهاوڙ ۽ نوجوان سياسي ورڪر شير محمد بروهي، مسٽر نجم الدين ابڙو جيڪو ان وقت هاءِ اسڪول وارهه ۾ ماستر هيو ۽ ان جو ڀاءُ بدرالدين ابڙو جيڪو ان وقت هاءِ اسڪول وارهه ۾ ماستر هيو تن سان به سندس دوستي ۽ ڀائپي جا تعلقات هيا.
مرحوم سرائي خدا بخش کهاوڙ زندگيءَ ۾ ڪافي لاها چاڙها ڏٺا، سياسي ميدان ۾ سرگرم رهيو ۽ قاضي فضل الله کي ڪافي ويجهو ٿي ويو هو. قاضي صاحب ۾ اها خوبي هئي ته غريب ۽ امير جي فرق رکڻ کان سواءِ هر ڪنهن سان هڪ جهڙو هلندو هيو ۽ دوستن جون تکيون مٺيون ڳالهيون برداشت ڪندو هيو.
1970ع جي عام انتخابات ۾ مرحوم ڀٽي صاحب جي پيپلز پارٽي جي اڀرندڙ طوفان کي ڏسندي به مرحوم سرائي خدا بخش کهاوڙ، مرحوم قاضي فضل الله جو ساٿ ڪو نه ڇڏيو. ۽ اليڪشن مهم هلندي مسٽر ممتاز علي خان ڀٽي کي آمون سامهون چيائين ته: سائين منهنجي قاضي فضل الله سان دوستي آهي، اها دوستي ڇڏي نٿو سگهان. توهان سان ڪوڙو واعدو ڪو نه ڪندس معاف به ڪجو ۽ دل ۾ به نه ڪجو، ڇو ته مان سچ ڳالهائيندو آهيان ۽ سمجهان به ٿو ته هن پيپلز پارٽيءَ جي ايڏي وڏي طوفان ۾ قاضي صاحب کٽي ڪو نه سگهندو پر جيئن چوڻي آهي ته:
”تون پنهنجو توڙ نڀاءِ ڀلي اڳلو ڄاڻي”،
نتيجو صاف ظاهر هو ته قاضي صاحب اليڪشن ۾ هارائجي ويو. اليڪشن کٽڻ کان پوءِ به سچ ڳالهائڻ جي ڪري ممتاز علي خان ڀٽي کيس ڪا به تڪليف ڪو نه ڏني.
مسٽر ممتاز علي خان ڀٽي کي ڪن سببن جي ڪري پارٽي هاءِ ڪمانڊ صوبي سنڌ جي وزارت اعليٰ جي عهدي تان فارغ ڪيو ۽ ممتاز علي خان ڀٽو ڪنهن عهدي کان سواءِ ڪجهه عرصو واندو رهيو.
منهنجو ساڻس سياسي تعلق هيو، مون اهو محسوس ڪيو ته ممتاز علي خان ڀٽي جهڙي ماڻهوءَ کي واندو نه ويهڻ گهرجي ۽ سندس سياسي هلچل جاري رهڻ گهرجي، ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي مون کيس عرض ڪيو ته ٽائيم ڏيو ۽ رتي ديري منهنجي غريب خاني تي اچو، پوءِ اتان وري محمود خان ڀٽي جي ڳوٺ تعلقي ميرو خان هلون ۽ اتان وري شام جي وقت وارهه پهچي وڏو جلسو ڪجي ۽ رات جي ماني سرائي خدا بخش کهاوڙ وٽ کائجي.
پروگرام طئي ٿيڻ کان پوءِ مرحوم محمود خان ڀٽو، سرائي خدا بخش کهاوڙ ۽ مان گڏ اچي ممتاز علي خان ڀٽي وٽ وياسين ۽ دستوري دعوت عرض رکيوسين. ڀٽي صاحب دعوت ۽ پروگرام قبول ڪيو. هفتي کن کان پوءِ ممتاز علي خان ڀٽي کي وڏي جلوس ۾ رتيديري آندو سين، اتي ناشتو ڪري ماڻهن سان ملاقات ڪري ۽ خطاب ڪري جلوس جي صورت ۾ ڳوٺ محمود آباد تعلقو ميرو خان وياسين جتي مرحوم محمود خان ڀٽي وڏو اهتمام ڪيو هيو. ۽ وڏو جلسو منعقد ڪرايائين جتي ممتاز علي خان ڀٽي ۽ ٻين به تقريرون ڪيون، اتان فارغ ٿي وري مرحوم رئيس خدا بخش کهاوڙ وٽ وڏي جلوس جي شڪل ۾ پهتاسين. ممتاز علي خان جو سڀني هنڌ سٺو استقبال ٿيو، ان وقت ممتاز علي خان ڀٽو پيپلز پارٽي ءَ ۾ هيو ۽ وزير اعليٰ جي حيثيت ۾ سٺي نظم و ضبط ۽ امن و امان جي ڪري چڱو نالو ڇڏيو هئائين. ممتاز علي خان ڀٽو دعوت ۾ شريڪ ٿيو ۽ جلسي کي خطاب به ڪيائين، ان ڪامياب پروگرام کان پوءِ واپس ڳوٺ پير بخش ڀٽي آياسين، اتي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيائين ته پروگرام تمام سٺو رهيو ۽ اهڙا پروگرام ٿيڻ گهرجن. مهيني ڏيڍ کان پوءِ منهنجي دعوت تي رتيديري آيو هيو ۽ اتي به سندس وڏو استقبال ٿيو هيو. ان موقعي تي دعوت جو سٺو اهتمام ڪيو ويو هيو ۽ سنڌ جا M.P.A - M.N.A ۽ ٻيا پارٽي عهديدار به شريڪ ٿيا هيا. وڏي دعوت هئي، دعوت کان پوءِ پنهنجي سر گرمين ۽ آڌر ڀاءُ تي بيحد سرهو هو. ٻن ڏينهن کان پوءِ ڳوٺ پير بخش ڀٽي ۾ ساڻس ملاقات ٿي ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيائين ته وراهه وارو جلسو ۽ دعوت، ميرو خان وارو جلسو ۽ دعوت ۽ توهان جي دعوت جو پڙاڏو اسلام آباد تائين پهچي چڪو آهي ۽ مختلف حلقن ۾ تبصرا ٿي رهيا آهن.
ذڪر ٿي هليو سرائي خدا بخش کهاوڙ مرحوم جو، مرحوم رمضان شريف جي مهيني ۾ پاڻ پنهنجي گهران کاڌو تيار ڪرائي شهر ۾ اچي ضرورتمند ماڻهن کي سحري و افطاري ڪرائيندو هيو ۽ اهو ڪم مذهبي فرض سمجهي ادا ڪندو هو. جنهن ڪري کيس ڏاڍو سڪون محسوس ٿيندو هيو.
وارهه جي پس گردائيءَ ۾ سندس زمينون هيون، جن ۾ گهڻو ڪري سبزي ٿيندي هئي ۽ اها سبزي موسم آهر سڀني دوستن کي لاڙڪاڻي رتيديري، قمبر شهداد ڪوٽ موڪليندو هيو. وڏو سخي ماڻهو هيو، سندس انتقال کي ڪجهه عرصو ٿيو آهي، سندس فرزند عبدالفتاح کهاوڙ وارهه ۾ ميلو مچايون ويٺو آهي ۽ پنهنهجي والد مرحوم جي نشان کي زندهه رکيو اچي باقي سندس وڏي فرزند عبدالوهاب کهاوڙ سڀ تعلقات ختم ڪري اچي ڪراچي وسائي آهي.
الله تعاليٰ کان دعا آهي ته مرحوم سرائي خدا بخش کهاوڙ جي روح تي پنهنجون رحمتون نڇاور ڪري ۽ سندس مغفرت فرمائي آمين.

جسٽس عبدالحميد ڊوگر

جسٽس ڊوگر صاحب وڪالت جو پيشو تڏهن شروع ڪيو جڏهن سيد قائم علي شاهه چيف منسٽر سنڌ، ان وقت خيرپور ۾ وڪالت ڪندو هو. وڪالت سان گڏ ڊوگر صاحب پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان سياست ۾ به بهرو ورتو. جنرل ايوب جي زماني ۾ ڊوگر صاحب وائيس چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل مقابلي کان پوءِ منتخب ٿيو. ڊوگر صاحب ڪيترا ڀيرا ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور جو صدر به رهي چڪو آهي ۽ سٺو وڪيل، چڱو سوشل ماڻهو، پنج وقت نماز پڙهندڙ آهي. پاڻ ۽ فيملي کي حج جي سعادت به نصيب ٿي اٿن.
اپريل 1995ع ۾ محترمه جي حڪومت جيڪي ٻيون مقرريون ڪيو هيون، انهن ۾ ڊوگر صاحب به سر فهرست هيو. اسان هاءِ ڪورٽ جي جج هجڻ سان گڏ ججز بنگلوز ۾ هڪ ٻئي جا پاڙيسري به ٿي رهيا آهيون، اتي جسٽس علي محمد بلوچ ججز بنگلي نمبر 3 ۾ رهندو هيو، منهنجي رهائش ججز بنگلي نمبر 4 ۾ هئي ۽ ڊوگر صاحب ججز بنگلي نمبر 5 ۾ رهندو هيو.
نواز شريف کي هاءِ جيڪنگ ڪيس ۾ سزا ملڻ کان پوءِ حڪومت وقت مون کي ۽ مون کان بعد سينئر جج جسٽس حامد علي مرزا ۽ ان کان بعد سينئر جج جسٽس عبدالحميد ڊوگر، ٽنهي کي هڪڙي ئي آرڊر ۾ ترقي ڏيئي سپريم ڪورٽ موڪليو. اها به رڪارڊ جي ڳالهه آهي ته چيف جسٽس کان سينئر، پويان ٻه جج به ترقي ڏيئي سپريم ڪورٽ موڪليا وڃن. ڇا لاءِ ته حڪومت وقت کي جسٽس سيد سعيد اشهد کي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرڻو هيو ۽ ان کي چيف جج ڪري مقرر ڪيو ويو. جسٽس سيد سعيد اشهد جو سڳو سؤٽ ۽ سالو ان وقت ليفٽينٽ جنرل هيو ۽ بهاولپور جو ڪور ڪمانڊر رهيو.
جسٽس عبدالحميد ڊوگر کي ايڏو جلدي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو افسوس هيو. سندس خواهش هئي ته هو واري اچڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جج ٿئي ها پر افسوس جو ايئن نه ٿي سگهيو.
ايڏا وڏا فيصلا زندگيءَ ۾ قادر مطلق پاران ٿيندا آهن. ڊوگر صاحب کي اها بلڪل خبر ڪو نه هئي ته هو چيف جسٽس آف پاڪستان به ٿيندو. وقت پلٽو کاڌو جنرل مشرف چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ کي Disfunctional ڪيو ۽ جسٽس ڊوگر صاحب چيف جج آف پاڪستان ٿيو.
جسٽس ڊوگر صاحب انصاف کي نظر ۾ رکندي ڪافي لائق، اهل ۽ سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن کي سفارش ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج ڪرايو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ به جسٽس محمد موسيٰ لغاري، جسٽس زوار حسين جعفري ۽ جسٽس ضياءُ پرويز کي سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ترقي ڏيارائي جج ڪرايو. انهن سپريم ڪورٽ ۾ بهتر ڪم پئي ڪيو پر افسوس ته چيف جج افتخار محمد چوڌريءَ جي بحاليءَ کان پوءِ سنڌ ته ڇا پر سڄي پاڪستان مان اعليٰ عدليه جا 104 جج فارغ ڪيا ويا. صرف ان سبب جي ڪري ته انهن جي سفارش جسٽس عبدالحميد ڊوگر ڪئي هئي ۽ هو صحيح ۽ قانوني طور چيف جسٽس آف پاڪستان ڪو نه هيو. هت اهو ٻڌائيندي ۽ واضح ڪندي تعجب به ٿئي ٿو ته ڪيڏي نه ڪمزور ۽ ناپسنديده سبب جي ڪري ڪافي اهل ماڻهن کي اعليٰ عدليه مان بي عزتو ڪري ڪڍيو ويو ۽ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ڪمزوري ڏيکاريندي انهن جي جائز مدد ڪو نه ڪئي.
محترم جسٽس عبدالحميد ڊوگر جا هيٺ ذڪر ڪيل حڪم (آرڊر) سپريم ڪورٽ Validate ڪيا.
(الف) جسٽس عبدالحميد ڊوگر جو چيف جسٽس آف پاڪستان جي حيثيت ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ کي عهدي جو قسم ڏيڻ بحال رکيو ويو.
(ب) جسٽس عبدالحميد ڊوگر جا انتظامي آرڊر جيڪي هن چيف جج جي حيثيت ۾ ڪيا ۽ جسٽس عبدالحميد ڊوگر جون ڪيسن ۽ اپيلن ۾ ڏنل فتوائون به بحال رکيو ويون.
(ج) جيڪو به خرچ بجيٽ مان سپريم ڪورٽ، ان جي ججن ۽ اسٽاف ڪيو، اهو به سڀ بحال ٿيو.
جسٽس عبدالحميد ڊوگر قريب قريب 2 سال چيف جسٽس رهيو، پر ان جا چيف جج آف پاڪستان جي حيثيت ۾ رکيل جج ڪڍيا ويا. ڪيڏي نه بي انصافي روا رکي ويئي آهي ۽ ماڻهن اها ايڏي بي انصافي برداشت پئي ڪئي آهي. ڊوگر صاحب سپريم ڪورٽ جي لوئر اسٽاف ۾ جيڪي به مقرريون ڪيون، اهي به ڪوٽا جي بنيادن تي هيون ۽ سنڌ جي ٻهراڙيءَ کي پورو پورو حق ڏنو ويو.
جسٽس عبدالحميد ڊوگر کي جيڪو دلي افسوس هيو ته مون کي جلد ئي سپريم ڪورٽ ۾ موڪليو ويو ۽ سنڌ جي چيف جج ٿيڻ جو موقعو نه مليو. خدا تعاليٰ سندس اها تمنا به پوري ڪئي ۽ پاڻ چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي تي ٻن سالن تائين رهيو. پاڻ بهتر علاج جون سهولتون ماڻڻ ۽ ٻارن جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مستقل طور اسلام آباد ۾ رهائش پذير آهي. ضروري ڪم ڪار سان خيرپور ۽ ڳوٺ ويندو آهي.

جسٽس عبدالمجيد خانزادو

پاڻ حيدرآباد ضلعي جو آهي. وڪالت جو پيشو مرحوم الله بچائي آخوند جي چئمبر جوائن ڪرڻ سان اختيار ڪيائين. مرحوم الله بچائي آخوند جي اولهه پاڪستان جو وزير قانون ٿيڻ کان پوءِ وڪالت جو سڄو بار خانزادي صاحب جي ڪلهن تي آيو ۽ ان کي وڏي دانشمندي ۽ عقل سان نڀايائين.
خانزادو صاحب ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جو صدر به رهيو آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي پهرئين 1988 واري دور اقتدار ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي وزير اعظم ٿيڻ کان پوءِ کيس ليبيا ۾ پاڪستان جو سفير ڪري مقرر ڪيو ويو هيو، جتي هن صحيح طريقي تي خدمتون انجام ڏيئي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، بعد ۾ محترمه جي ٻئين دور ۾ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ جيئن محترمه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جون مقرريون ڪيون. ان ۾ عبدالمجيد خانزادي کي به جج مقرر ڪيو ويو.
محترمه بينظير ڀٽو قانون ۽ آئين کي نظر ۾ رکندي اصلي سنڌ جي باشندن، لڏي آيل نون سنڌين، اقليتن ۽ عورتن کي نظر ۾ رکندي انهن کي جائز حصو ڏنو.
عورتن جي نمائندگيءَ لاءِ جسٽس ماجده رضويءَ کي ۽ اقليتن جي نمائندگيءَ لاءِ جسٽس راڻا ڀڳوان داس ۽ نون سنڌي ڀائرن جي نمائندگيءَ لاءِ جسٽس رشيد اي رضويءَ کي جج ڪري کنيو ويو. اهو آهي معاشرو انصاف وارو، ڇو ته ان کان اڳ نه ڪو اقليتن جو جج مقرر ٿيو هيو ۽ نه ئي وري عورتن کي نمائندگي ملي هئي. جسٽس عبدالمجيد خانزادو ٽي سال سنڌ سروس ٽربيونل جو چيئرمين به ٿي رهيو هيو ۽ اتي به هن صاحب قانون ۽ انصاف جي رکوالي ڪندي فيصلا ڏنا. اهي فيصلا قانوني طور اپيل ۾ سپريم ڪورٽ کي ٻڌڻا هوندا آهن. مون کي ياد ٿو اچي ته هڪڙي دعوت ۾ رٽائرڊ ججز کي مدعو ڪيو ويو هيو، اتي خانزادو صاحب به مدعو ٿيل هيو. ان دعوت ۾ جسٽس مامون قاضي صاحب جيڪو مشرف جي P.C.O جو حلف نه کڻي ان کي رد ڪري واپس ڪراچيءَ ۾ اچي رهائش پذير ٿيو آهي. ان دعوت ۾ ڪيترن ئي ججن صاحبن جي روبرو جسٽس خانزادي سان ملي ان جي تعريف ڪئي ته توهان تمام سٺي ججمينٽس ڏيو ٿا جيڪي قانون آئين ۽ انصاف تي مبني آهن، توهان کي شاباش هجي. خانزادي صاحب سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ کيس ٻڌايائين ته مشهور ججز ڪيس جي ڪري هن کي به نا انصافي ڪري ڪڍيو ويو هيو. هن وقت خانزادو صاحب ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ هر جمعو، ڇنڇر، آچر حيدرآباد هوندو آهي، جتي پنهنجي ٻني ٻاري جي نگهباني به ڪندو آهي ۽ ماڻهن سان ميل جول به رکندو آهي. الله تعاليٰ کيس صحت صالح عطا ڪري، آمين.

جسٽس (ر) سيد زوار حسين جعفري

جعفري صاحب هڱورجا ڊسٽرڪٽ خيرپور جو رهواسي آهي. قانون جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ جعفري صاحب سيد غوث علي شاهه، سابق جج، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ چيف منسٽر آف سنڌ، جڏهن خيرپور جو نالي وار وڪيل هيو تڏهن جعفري صاحب ان سان گڏ وڪالت شروع ڪئي ۽ وڪالت ۾ چڱو نالو پيدا ڪيائين. ٿوري ئي وقت ۾ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ مقرر ٿيو ۽ ڪيسن هلڻ لاءِ کيس سرڪٽ بئنچ سکر ۾ مقرر ڪيو ويو. منهنجو به ڪيسن جي سلسلي ۾ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر وڃڻ ٿيندو هو. سائينءَ سان اتي ئي پهرين ملاقات ٿي. ان کان بعد سکر هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيسن جي هلڻ لاءِ جعفري صاحب سان گهڻو واسطو رهيو.
جعفري صاحب قانون جو ڄاڻو ايماندار، ڪورٽ ۽ وڪيلن جو احترام ڪرڻ وارو ۽ ڪورٽ ۾ صحيح راءِ، قانون جي پوئواري ۽ انصاف جي بهتريءَ لاءِ ڏيندو هيو.
پاڻ جلد ئي سٺي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ٿيو ۽ ان حيثيت ۾ به پاڻ کي مڃرايو. سٺي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ سبب کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو.
سٺي ڪم ڪار ڪرڻ جي ڪري کيس پنجن سالن کان پوءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج مقرر ڪيو ويو. جتي به تمام سٺو ۽ قابل تعريف ڪم ڪيائين پر جيئن ته مان ٻه، ٽي دفعا ذڪر ڪري چڪو آهيان ته سنڌ ڌرتيءَ جي فرزندن کي ڪڏهن به ڪو نه سٺو ويو آهي. هڪ وڏي بي انصافي ڪري اعليٰ عدليه جا 104 ماڻهو بي واجبي ڪڍيا ويا هئا، جن کي صفائيءَ جو موقعو به ڏنو ڪو نه ويو هيو ۽ اهي سپريم ڪورٽ واري ڪيس ۾ ڌر به نه هئا. ٿيڻ ته ائين گهربو هيو ته انهن 104 ماڻهن کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ کان اڳ، انهن جج صاحبن جا ڪيس دستور جي آرٽيڪل 209 جي تحت سپريم جوڊيشنل ڪائونسل ڏي موڪليا وڃن ها. ان کانپوءِ جيڪڏهن انهن ججن کي ڪڍڻ جو آرڊر ڪڍيو وڃي ها ته اهو آرڊر بلڪل آئين ۽ قانون مطابق هجي ها. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي پٽيشن آرٽيڪل (3) 184 سپريم ڪورٽ بحال ڪئي هئي ۽ چيف جج کي واپس ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي هئي، ڇو ته چيف جج افتخار محمد چوڌريءَ جو ڪيس دستور جي آرٽيڪل 209 تحت سپريم جوڊيشنل ڪائونسل کي موڪلڻ کان اڳ چوڌري صاحب کي Disfunctional ڪيو ويو هيو ۽ سپريم ڪورٽ ان ئي بنياد تي چيف جج کي ان ڪري بحال ڪيو ته، ان جو ڪيس سپريم جوڊيشنل ڪاؤنسل ۾ موڪليو ڪو نه ويو هيو. پر هتي ته الٽي گنگا پئي وهي جو سپريم جوڊيشنل ڪائونسل جي فيصلي کان سواءِ ئي غير آئيني ۽ غير قانوني طور تي ججن کي نوڪرين مان خارج ڪيو ويو. پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت صرف چيف جسٽس کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪمزوريءَ جو مظاهرو ڪندي ججن کي ڪڍيو، ان جو نتيجو اهو نڪتو ته چيف جج صاحب مختيار ڪل ٿي ويٺو ۽ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي رِٽ کي صفا لوڙهي ڇڏيو، ڄڻ ته حڪومت ڪو نه هئي، سياهه سفيد جو مالڪ چيف جسٽس هيو.
جعفري صاحب سپريم ڪورٽ جي برطرفيءَ کان پوءِ ڪراچي ۾ گلشن اقبال ۾ رهائش پذير آهي. سندس عقيدو فقهه جعفريه سان منسلڪ آهي، هو هر سال زيارتن تي ايران، عراق، شام ۽ مڪي مديني ويندو آهي.
ظاهر ظهور شيعو هجڻ ڪري، سندس زندگيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ مٿس حملو به ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ سائين پاڻ ته خدا تعاليٰ جي فضل سان بچي ويو، پر سندس گن مين جام شهادت نوش ڪئي.
الله تعاليٰ کيس عمر دراز عطا ڪري. آمين.

محمد رمضان کوکر مرحوم

کوکر صاحب اصل ۾ رتيديري جو ڄايل نپايل هيو، کوکرن جي معزز گهراڻي ۾ سندس ولادت ٿي. پاڻ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ۾ ملازم ڀرتي ٿيو ۽ پنهنجو تعليم جو سلسلو به جاري رکيائين. B.A ۽ M.A جو ڊگريون به حاصل ڪيائين. شارٽ هينڊ ۽ ٽائيپنگ ۾ به کيس چڱي مهارت حاصل هئي.
نوڪريءَ ۾ ترقي ڪندي چيف آفيسر ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ سکر ٿيو.
آڪٽوبر 1958ع ۾ سڀ منتخب ادارا جهڙوڪ قومي اسيمبلي، صوبائي اسيمبليون، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊز، ميونسپالٽيز، ٽائون ڪاميٽيز کي برخاست ڪيو ويو هيو ۽ منتخب صدرن جي جاءِ تي سرڪاري ڪامورن کي چارجون حوالي ڪيون ويون. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊز واسطيدار D-C جي حوالي ۽ ميونسپالٽيز اسسٽنٽ ڪمشنرز جي حوالي ۽ ٽاؤن ڪاميٽيز مختيار ڪارن جي حوالي ڪيون ويون. هت کوکر صاحب جو ذڪر ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته هو انهن ادارن ۾ رهيو. هو ايماندار، وفادار ۽ ڏکئي وقت ۾ ڪم اچڻ وارو هيو، جيڪي تمام گهٽ ماڻهو هوندا آهن.
سرڪاري ملازمت مان ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ مرحوم کوکر صاحب جيئن ته سڄو وقت ايمانداريءَ سان گذاريو، تنهن جي ڪري پئنشن، G.P fund ۽ Gratuity ۽ ڪجهه بچت مان ڪچا پڪا پر ڪشادا اٺ دڪان ٺهرايا. کوکر صاحب جو سهرو وڏو رازو هيو جنهن ٿوري خرچ تي هي دڪان ٺهرايا ۽ انهن دڪانن مان هڪڙو دڪان پنهنجي لاءِ رکيائين ته جيئن درخواستون لکي، ٽائپ ڪري ضرورت مند ماڻهن کي ڏيان ۽ پنهنجو روزگار به ڪيان.
شاپنگ سينٽر جو نالو پنهنجي فرزند ڊاڪٽر فقير محمد کوکر جي نالي تي رکيائين. جيڪو ڊاڪٽر صاحب هن وقت به تعلقي هاسپيٽل رتي ديري جو ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ آهي.
مرحوم محمد رمضان کوکر کي مون تڪليف ڏيئي پنهنجي آفيس ۾ وڪالت جي ڪمن لاءِ جهڙوڪ Apeals, bail applications Revisions وغيره لاءِ، چاهي اهي سب آرڊنيٽ ڪورٽ لاءِ هجن، ڊسٽرڪٽ ڪورٽ لاءِ يا هاءِ ڪورٽ لاءِ هجن، انهن کي تيار ڪرڻ لاءِ مان پنهنجي آفيس ۾ گهرائي Dictation ڏيندو هيس.
کوکر صاحب جو ڪم تمام صاف سٿرو، ٽائيپنگ ڀلي، ليجر پنو ڀلو جنهن ۾ ڪريڪشن جي ضرورت به ڪا نه پوندي هئي تيار ڪري ڏيندو هو. پئسا ڪلائنٽ کان وٺي ان کي ڏبا هئا. کوکر صاحب جو گذر سفر سٺو ٿيندو هو ۽ مون کي به سهولت ڏاڍي هئي.
هڪ ٻئي سان ڪم ڪار ڪرڻ جي ڪري گهرائپ به ٿئي ويئي ۽ هڪ ٻئي سان تجربا به شيئر ڪندا هياسين.
کوکر صاحب مرحوم جو ذڪر ڪرڻ ان ڪري ضروري آهي ته مارشل لا لڳڻ وقت هو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ سکر جو چيف آفيسر هيو ۽ مرحوم سردار علي گوهر مهر، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ سکر جو منتخب صدر هيو. جيئن مارشل لا لڳي ان وقت سکر ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر مرحوم محمد يوسف يوسفاڻي هيو، جنهن چارج وٺڻ کان اڳ روينيو آفيسر وارو روب تاب ڪندي کيس چيو ته مون کي ٻڌايو ته سردار علي گوهر مهر جا ڪهڙا غلط ڪم ٿيل آهن ۽ سردار علي گوهر مهر ڪٿي رهي ٿو، ڇو ته ان کي گرفتار ڪرڻو آهي. مرحوم کوکر صاحب اهڙا دٻ نامه ٻڌي پريشان ٿي ويو ۽ D-C کي چيائين ته ڪو به غلط ڪم ٿيل ڪو نه آهي، رڪارڊ حاضر آهي، ڪنهن به پنهنجي پسنديده روينيو يا اڪائونٽ آفيسر کان چڪاس ڪرايو، باقي مون کي سردار مهر جي رهائش بابت ڪا خبر ڪو نه آهي. D.C يوسفاڻي صاحب سخت ڪاوڙيو ۽ چيائين ته مهيني جي اندر جيڪڏهن توهان سردار مهر جي رهائش جو پتو نه ٻڌايو ته توکي جيل ۾ وجهندس تيار ٿي ويهه توکي ڇڏڻو نه آهي.
مارشل لاءَ جو زمانو،D.C صاحب آپي کان نڪتل، بقول کوکر صاحب جي ته ان جي پريشاني وڌي ويئي. هفتي کن کان پوءِ اخبار ۾ آيو ته:
چيف مارشل لا ايڊ منسٽريٽر جنرل ايوب خان سول سيڪريٽريٽ لاهور ۾ صوبي جي سول آفيسرن کي خطاب ڪندو. هو اها اخبار هٿ ڪري بيماريءَ جو بهانو ڪري موڪل لکي لاهور روانو ٿي ويو، جتي سردار علي گوهر مهر رهيل هيو.
ان سان وڃي ملاقات ڪيائين کيس يوسفاڻي صاحب جي رويي ۽ دٻاءُ جي ڳالهه ٻڌايائين ۽ کيس عرض ڪيائين ته توهان ڪچهري ڪندي چوندا هيو ته جنرل محمد ايوب ڪمانڊر ان چيف هوندي، توهان وٽ دعوتن تي ايندو هيو ۽ توهان سان گڏ شڪار به ڪندو هيو ۽ توهان ان سان پنهنجي ويجهڙائي به بيان ڪندا هيا. هاڻي امتحان جو وقت آهي، پنهنجي ايوب صاحب کي آزمايو ته هو هاڻي توهان جي هن مارشل لا جي زماني ۾، ڏکين ڪامورن هوندي ڪهڙي مدد ڪري سگهي ٿو. جهڙو رويو D-C جو آهي ان مان پڪ آهي ته مون غريب کي ته جيل جي هوا کارائيندو. توهان وڏا ماڻهو آهيو، هت لاهور ۾ رهيل آهيو، توهان کي ڪهڙي تڪليف. هت ته توهان کي بنگلا ۽ نوڪر، سکر ۾ به بنگلا ۽ نوڪر، اهڙي طرح ڪراچي ۽ مريءَ ۾ به توهان کي بنگلا ۽ نوڪر موجود، مري ته اسان وياسين.
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
”کٽيو کائي فقير، لٺيون جهلي ڀولڙو“
سردار مهر اهو ٻڌي سخت پريشان ٿي ويو ۽ چيائين ته ٻڌاءِ ته هن ماحول ۾ مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟
مون کين عرض ڪيو ته توهان ٻيو ڪجهه به نه ڪيو، صرف ايترو ڪيو ته واسطيدار آفيسرن کان پنهنجي نالي پرمٽ اشو ڪرائي صرف توهان فرنٽ رو ۾ ويهو، جيئن جنرل ايوب توهان کي ڏسي بس پوءِ ڪم ٿي ويندو.
سردار مهر چيو ته اهو تمام سولو ڪم آهي، مان پاس وٺي سگهان ٿو ۽ وڃي ويهندس. بقول مرحوم محمد رمضان کوکر جي ته سردار علي گوهر مهر فرنٽ رو ۾ ويٺو ۽ جيئن ئي جنرل ايوب آفيسرن کي خطاب ڪرڻ لاءِ فوجي ورديءَ C.N.C جي اسٽڪ سان پهتو ته سڄو حال جنرل ايوب جي استقبال لاءِ اٿي بيهي رهيو پر جيئن ئي نظر جنرل ايوب جي سردار مهر تي پئي ته ويهڻ کان اڳ وڌي اچي سردار مهر سان مليو ۽ ان کان خوش خيرعافيت جو حال پڇائين.
اهو نظارو مرحوم محمد يوسف يوسفاڻي ڏٺو، ان جون وايون بتال ٿي ويون.
ان ملاقات ۾ جنرل ايوب جي سردار مهر سان سٺي رويي بعد D.C صاحب سان سکر واپسيءَ تي منهنجي چيف آفيسر جي حيثيت ۾ ملاقات ٿي. هن دفعي ته ڄڻ اهو D-C لڳي ئي ڪو نه پيو. عزت ۽ پيار سان ڪاغذ پٽ صحيح ڪري فارغ ڪيائين.
موڪلائيندي مون يوسفاڻي صاحب کان پڇيو ته سائين منهنجا، مون کي ته سردار مهر جي رهائش جو پتو ڪو نه ٿو پوي ته ڪٿي آهي، مان غريب ماڻهو آهيان مون تان ڏمر لاهيو.
جواب ۾ D.C صاحب وراڻيو ته ڇڏ ان ڳالهه کي هاڻي ڪاغذ پٽ کڻي ايندا ڪريو، صحيح ڪري توکي ڏينداسين ۽ ڪا به چڪاس يا آڊٽ وغيرهه ڪو نه ٿيندي. توهان وڃي آرام ڪريو.
اهو آهي اسان جي ڪاموري جو حال. عام چوڻي آهي ته:
”غريب تان ڪاوڙ لهي ڪو نه ۽ وڏي ماڻهوءَ تي ڪاوڙ چڙهي ئي ڪو نه!“

مسٽر عبدالفتاح ملڪ

ملڪ صاحب ڪنهن به تعارف جو محتاج ڪو نه آهي. پاڻ سٺو اديب، بهترين شاعر ۽ اعليٰ قانون دان آهي. مون سان سندس واقفيت سکر هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيسن جي سلسلي ۾ وڃڻ ڪري ٿي ۽ پوءِ وڌي دوستيءَ ۾ تبديل ٿي.
پاڻ سٺو دوست، همدرد، هڏ ڏوکي ۽ ڪم اچڻ وارو آهي. مون سان به ڏکئي وقت ۾ ساٿ نڀايو اٿائين. پاڻ ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ سرگرم حصو ورتائين، جيڪو هڪڙو تاريخي رڪارڊ آهي.
ملڪ صاحب سماجي ڪم ڪار به ڪندو آهي. هاءِ اسڪول ليول تائين پني عاقل ۾، جيڪا سندس جنم ڀومي آهي، تعليم جي سهولت لاءِ اسڪول هلائي رهيو آهي.
ملڪ صاحب ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سکر جو ٻه دفعا صدر به ٿي رهيو آهي. سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن وڙهڻ لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي اثرائتن وڪيلن کيس چيو ته اليڪشن وڙهو اسان توهان جي مدد ۽ حمايت ڪنداسين. بعد ۾ اُهي وڏي نالي وارا صاحب ڦري ويا. مون سان ذڪر ڪيائين، ڏاڍو پريشان هيو. مون کيس عرض ڪيو ته پريشان نه ٿيو، توهان اخلاقي طور تمام صاف سٿرا ۽ وڪالت ۾ به ايمانداري ۽ سچائيءَ سان پيا هلو، وڪيلن صاحبن سان به توهان جو رويو تمام سٺو آهي. توهان وقت ڪڍي ڏهه، ٻارنهن ڏينهن هر هڪ ووٽر وڪيل صاحب وٽ پاڻ وڃو ۽ ووٽ گهرو. انشاءَالله توهان ڪامياب ٿيندا. باقي چند دوستن توهان کي ڌوڪو ڏنو آهي، انهن جي منهن مان نتيجي اچڻ کان پوءِ مٽي ڇڻندي.
ملڪ صاحب منهنجي مشوري تي عمل ڪيو ۽ پنهنجي اسسٽنٽ نور حسين ملڪ وڪيل کي ڪيسن جا ڪاغذ حوالي ڪري ڇڏيا جيڪو هئين به سندس ڪيس هلائيندو هيو.
ملڪ صاحب ڏينهن رات هڪ ڪري وڪيل صاحبن جي ڳوٺ يا سندن رهائش واري جاءِ تي وڃي ڪري، ووٽ گهريا ائين ملڪ صاحب وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو.
ڪاميابيءَ کان پوءِ مون کي مبارڪباد ڏنائين ۽ چيائين ته توهان چڱو ڪاميابيءَ جو نسخو ٻڌايو.
مون کيس جواب ۾ چيو ته مون کي ذاتي تجربو هيو ته تمام وڏن مقابلن ۾ گهڻي زور بار کان پوءِ به ماڻهن در تي وڃي ووٽ گهرڻ کي پسند ڪيو ۽ الله تعاليٰ ڪاميابي ڏني.
ملڪ صاحب پنهنجي اهليت ۽ قابليت تي ڊپٽي اٽارني جنرل، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ۽ سنڌ صوبي جو وڏي ۾ وڏو لاءَ آفيسر ۽ ايڊووڪيٽ جنرل جو عهدو به ماڻيو آهي ۽ ڪن جائز اصولن تي حڪومت وقت کي جواب ڏيئي عزت سان گهر هليو آيو آهي.
منهنجي جڏهن هڪ سال لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ بطور سينئر جج مقرري ٿي هئي، ته ان وقت مون سان ٻيو جج جسٽس انور ظهير جمالي بئنچ ۾ هيو. اها به الله تعاليٰ جي عنايت هئي ته جنهن ڪورٽ ۾ وڪيل جي حيثيت ۾ انصاف طلبيءَ لاءِ وڃبو هيو، اتي الله تعاليٰ مون کي انصاف جي ڪرسيءَ تي ويهاريو. مان مطمئن آهيان ته اسان حتي القدور انصاف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جيڪڏهن قانون ۽ انصاف تي مبني ڪو آرڊر ملڪ صاحب جي ڪيس ۾ ان جي ڪلائنٽ (اصيل) جي خلاف ڪيوسين ته اهو به کلندي قبول ڪيائين ۽ ڪڏهن به منهن تي گهنج نه وڌائين. هن وقت ملڪ صاحب ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي. علم، ادب ۽ شعرو شاعري ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي.

سيد اميد علي شاهه (عرف ڏاڏا شاهه) مرحوم

شاهه صاحب مرحوم اصل سکر جو رهاڪو هئو، سندن ڏاڏو سيد اميد علي شاهه مرحوم جيلاني سيدن جي هڪڙي شاخ جو تمام معتبر نالو هو، جنهن جي نسبت سان کيس ڏاڏا شاهه سڏيو وڃي ٿو.
سائينءَ جو ڏاڏو ورهاڱي کان اڳ سکر ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ۽ مکيه عهديدار رهيو.
سندس خانداني جڳهيون ۽ جائيداد اڃا تائين سيد معصوم شاهه جي ميناري جي پوئين پاسي موجود آهن. سائين اميد علي شاهه جي نالي تي اڃا تائين ”باغ اميد علي شاهه“ ۽ ٻيون جائدادون آهن، جيڪي شاليمار سئنيما جي پاسي ۾ آهن.
ڏاڏا شاهه مرحوم جنهن جو ذڪر هت ٿي رهيو آهي، ان جي شادي خانه آبادي سيد قائم علي شاهه جيلاني، موجودهه وزير اعليٰ سنڌ جي هميشيرهه سان ٿي هئي. ان جي ڪري سائين ڏاڏا شاهه پنهنجي رهائش خيرپور ۾ رکي ۽ اتي ئي دوستي پيدا ڪري مشهور ٿيو. ڪنهن وقت خيرپور شهر جو بي تاج بادشاهه ڪري ليکيو ويندو هيو. سائينءَ جي هاڪي کڻي هلڻ ۽ گهمڻ واري انداز کي خيرپور جا ماڻهو اڃا تائين نه وساري سگهيا آهن. سندس اٿڻ ويهڻ جو تعلق جهڙو سياستدانن سان هيو، تهڙو فن جي دنيا سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان به هيو.
اسان جي وڏن سان به سندس ۽ سندس وڏي ڀاءُ مرحوم تراب علي شاهه جو تعلق رهيو، ڇو ته سندن همشيرائون ڳوٺ حيدر چانڊئي، لڳ رتوديرو ۾ ڊاڪٽر مدد علي شاهه مرحوم ۽ سيد صالح شاهه جي گهر ۾ ڏنل هيون.
ڏاڏا شاهه مرحوم هر سال واسطيدار ماڻهن ڏي خيرپور جي سوغات ڪتل ۽ ڏوڪا پهچائيندو هيو، چاهي اهي وڏا سياستدان هجن يا وچولي طبقي جا دوست، انهن ۾ مشهور اداڪار جهڙوڪ مرحوم سنتوش ڪمار، درپن، صبيحه، ميڊم نورجهان ۽ ڪيترا ٻيا شامل آهن.
سياستدانن ۾ مرحوم قاضي فضل الله، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم، سيد وريل مرحوم، وڪيلن ۾ عبدالرزاق سومرو، علي اسلم جعفري، سيد غوث علي شاهه ۽ ڪيترائي ٻيا شامل آهن.
مون کي اهو ٻڌائيندي تمام خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته سيد قائم علي شاهه موجودهه چيف منسٽر، جنرل ايوب جي زماني ۾ بي ـ ڊيز جي وقت ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جو وائيس چيئرمين، سيد ڏاڏا شاهه مرحوم جي اثر رسوخ جي ڪري ٿيو هيو ۽ سياست ۾ به سائين قائم علي شاهه کي هن آندو هيو.
1970ع جي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ به سائين قائم علي شاهه صاحب کي سائين ڏاڏا شاهه جي ڪري ملي هئي ۽ ان جي ئي طفيلي سائين سنڌ جو وزير، مرڪزي وزير ٿيو.
سائين اميد علي شاهه مرحوم، فلمي دنيا جي ماڻهن سان واسطو هئڻ ڪري هڪ سنڌي فلم پڻ ٺاهي، جنهن جو نالو ”مومل راڻو“ هيو، پر افسوس ته اها فلم تڪميل جي حدن تائين نه پهتي. پر هيرو ظهور افغان ۽ هيروئن خورشيد شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا.
بدقسمتي سان فلم رليز ٿي نه سگهي، پر ان فلم جو گيت جو ميڊم نورجهان ڳائيو هيو ڏاڍو مشهور ٿيو.
”آءٌ توتان گهوري راڻا
شال جئين تون“
گيت اڄ به ماڻهن ۾ اوترو ئي مقبول آهي. فلمي دنيا سان واسطي هئڻ جي ڪري سائين اميد علي، عرف ڏاڏا شاهه پنهنجي فرزند سيد جاويد علي شاهه جي نالي خيرپور ۾ پهرين سئنيما ”جاويد ٽاڪيز“ جي نالي سان ٺهرائي.
مون کي منهنجي چاچي مرحوم سيد وريل شاهه صاحب سان ان سئنيما ۾ فلم ڏسڻ جو موقعو مليو آهي ۽ شاهه صاحب جي مهمان ٿيڻ جو شرف به مليو آهي. شاهه صاحب جي بهادري ۽ بي خوفيءَ جو هڪڙو واقعو پيش ڪيان ٿو .
ڏاڏا شاهه صاحب ڊپٽي ڪمشنر خيرپور وٽ ڪنهن ڪم سان ويو. ان وقت خيرپور جو D-C پرويز بٽ C-S-P آفيسر هيو ۽ C-S-P آفيسر اڪثر ڪري جنرل ايوب جا دادلا هوندا هئا. ان جي ڪري هن ڏاڏا شاهه سان آفيس ۾ سٺو ورتاءُ ڪو نه ڪيو ۽ سائين ڏاڏا شاهه سان الجهي پيو، ڀريل آفيس ۾ ماڻهن جي روبرو ڏاڏا شاهه کيس (پرويز بٽ کي) سنهي بُهه مان ڪڍي ڇڏيو. هي آهي سائين ڏاڏا شاهه صاحب جي بهادري ان جي برعڪس مرحوم شمس الدين گيلاني اچ شريف جي M.P.A، اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي دانهن ڏني هئي ته اسيمبلي لابي ۾ ملڪ غلام يزداني CSP آفيسر ان کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي پر وريو ڪجهه به ڪو نه. ماڻهو نه ماڻهو جو فرق به ظاهر ٿي پيو.
مرحوم ڏاڏا شاهه جا ٻه فرزند هر هڪ پرويز علي شاهه جيلاني پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهيو ۽ حضرت جناب پير صاحب پاڳاري جهڙي شخصيت کي اليڪشن ۾ شڪست ڏني ۽ پوءِ وزير به ٿيو. مرڪز ۾ صوبي سنڌ ۾ به وزير ٿيو. بعد ۾ شخصي پسند ناپسند جي ڪري منظور حسين وساڻ سنڌ جي صوبائي وزير سان اختلافن جي ڪري پيپلز پارٽي ڇڏي ٻي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي بيٺو ته سندس ڊپازٽ به رد ٿي وئي.
منظور وساڻ هڪ هنڌ بيٺو رهيو، سختيون به سٺائين ۽ هر دفعي پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ وزير به رهندو اچي. سندس ٻيو فرزند سيد جاويد علي شاهه لوڪل باڊيز ۾ وڏو آفيسر ٿي رهيو آهي. اتان ريٽائرڊ ٿيڻ بعد ڪجهه وقت پيپلز پارٽيءَ منجهه هيو. وري پيپلز پارٽيءَ مان ناراض ٿي مرحوم پير صاحب پاڳاري جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ M.N.A ٿيو.
ڪجهه عرصو ٿيو ته سائين جاويد علي شاهه پيپلز پارٽيءَ ۾ واپس آيو آهي، پيپلز پارٽيءَ ۾ سرگرم ٿي ويو آهي ۽ پيپلز جي ٽڪيٽ تي اليڪشن 2013ع ۾ وڙهائين پر سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري جي مقابلي ۾ شڪست کاڌائين.
جاويد علي شاهه ملڻ جلڻ ۽ ادب، احترام ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. منجهس پنهنجي والد مرحوم سيد اميد علي شاهه واريون خوبيون آهن. خدا تعاليٰ کيس ڪامياب ڪري. آمين.

مسٽر منظور حسين وساڻ

پاڻ خيرپور جي وساڻ خاندان سان تعلق رکي ٿو. مون سان سندس پهرين ملاقات لوڪل باڊيز جي اليڪشن 1979ع جي نتيجي اچڻ کان پوءِ ٿي، جنهن وقت ڪافي ماڻهو مارشل لا اختياري وارن ٻڌا هيا، جن جو انگ سون جي تعداد ۾ هيو. مان به انهن ماڻهن ۾ شامل هيس ۽ منظور وساڻ به ٻين ليڊرن سان گڏ جيل ۾ هيو.
منظور وساڻ ۽ مون کي چيئرمينن جي چونڊ ٿيڻ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو هيو، ڇوته عام امڪان ۽ هُل اهو هيو ته منظور وساڻ کي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين ٿيڻ لاءِ محترمه نامزد ڪندي ۽ لاڙڪاڻي لاءِ ممڪن انتخاب منهنجي حق ۾ چيئرمين جي حيثيت ۾ ٿئي.
منظور وساڻ صاحب پنهنجي ڳوٺ ڪيتريون دعوتون ڪيون، هڪ دعوت ۾ بيگم نصرت ڀٽو صاحبه چيف گيسٽ ٿي هلي هئي ۽ وساڻ صاحب جي دعوت ڏيڻ وقت هُن جي روبرو چيو هيوته ديدار شاهه صاحب: ‘‘میں زیابطیس کی مریضہ ہوں اور رات کا کھانا 8 بجے ہر حالت میں تیار ملنا چاہیے’’ ڳوٺ دعوت تي پهتاسين. سون جي تعداد ۾ ليڊر ۽ ورڪر هئا. ٺيڪ 8 ۾ 5 منٽ هيا ته بيگم صاحبه مون کي گهرائي چيو ته: ‘‘8 بجے کا وقت یاد ہے’’ مون چيو ته: ‘‘بلکل یاد ہے کھانا تیار ہے اور لگ رہا ہے آپ کو 8 بجے کھانے کے ٹیبل پر لے چلیں گے۔’’ منظور حسين وساڻ جي تربيت ۽ ان کي سياست ۾ اڳتي آڻڻ ۽ پاڻ کي پوئتي رکڻ ۾ سندس وڏي ڀاءُ مرحوم رحيم بخش وساڻ جو وڏو هٿ ۽ ساٿ هيو. جيڪڏهن مرحوم رحيم بخش وساڻ جو منظور وساڻ صاحب کي اڳتي آڻڻ جو قدم نه کڻي ها ته شايد موجوده پوزيشن منظور وساڻ کي نه ملي ها.
منظور وساڻ M.N.A به رهيو آهي ۽ مرڪز ۾ منسٽر آف اسٽيٽ به رهيو آهي. سنڌ جي صوبائي حڪومت ۾ به وزير رهيو آهي، سندس ماڻهن سان ملڻ جو طريقيڪار تمام سٺو آهي. تين تلوار جي سڄي پاسي سنڌ گورنمينٽ جو ريسٽ هائوس آهي، ان جو اڌ حصو منظور وساڻ الاٽ ڪرائي رکيو آهي، جتي سندس حلقي ۽ سنڌ جا سندس واقف ماڻهو ويهندا آهن. منظور وساڻ صبح جو اسيمبلي وڃڻ يا پنهنجي آفيس وڃڻ کان اڳ فردن فردن انهن سان ملندو آهي. ڏک سور ٻڌي فضيلت سان انهن جي دادرسي ڪندو آهي.
ماڻهو ٻڌائيندا آهن ته ڪم ڪرڻ جوڳو هوندو آهي ته هائو به ڪندو ۽ ڪرائيندو به ۽ جي ٿيڻ جهڙو نه هوندو ته بروقت جواب ڏيندو، ڪوڙا ڏٽا يا دلاسا ڪو نه ڏيندو. موتي فوتيءَ ۾ پنهنجي واقف ڪارن کي ڪو نه وساريندو آهي ۽ ان ۾ شريڪ ٿيندو آهي. همت ڀريو آهي ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو به آهي. ڪجهه وقت ٿيو ته ٽي ويءَ وارن سان ڳالهائيندي چوندي ٻڌو ويو ته خواب ڏٺو اٿم ۽ ان جي تعبير هيءَ آهي. انهن خوابن ڏسڻ واري اها خبر ٽي ويءَ تي نشر ٿيڻ بعد منهنجي ساڻس ڪنهن دعوت ۾ ملاقات ٿي، کيس عرض ڪيم ته خواب ڏسڻ ۽ ان جي تعبير ڪرڻ ٽي ويءَ تي نه ٻڌايو ته بهتر آهي. اها ڳالهه ضرور ڪبي ته ان ڳالهه چوڻ کان بعد سندس منهن تي ڪو گنجهه ڪو نه آيو.
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
”ٻه ترارون هڪ مياڻ ۾ رهي نه سگهنديون آهن.“
اهڙي طرح سان منظور وساڻ خيرپور ضلعي جو ۽ قبلا سائين قائم علي شاهه به خيرپور ضلعي جو، ان جي ڪري منظور وساڻ اثرائتو وزير ڪو نه آهي.
پيپلز پارٽيءَ منظور وساڻ کي ڏکيءَ وقت ۾ ساٿ نڀائڻ جي ڪري هميشه ياد رکيو آهي. عوامي ماڻهو آهي الله کيس حفظ و امان ۾ رکي.

سيد خادم علي شاهه

سائين پاڻ ضلعي ميرپورخاص جو رهاڪو آهي، سندس خاندان کي چڱي زمينداري آهي، پر شاهه صاحب جي اٿڻ ويهڻ، سوشل تعلقاتن رکڻ ۾ عام وڏيري واري وڏائي، غرور يا تڪبر ڪو نه آهي.
هر ماڻهو، پوءِ چاهي ننڍو هجي يا وڏو، ان سان پيار محبت ۽ قرب سان ملندو. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات 1975ع ۾ ميرپورخاص ۾ ٿي هئي، جتي منهنجو مربي ڀاءُ مرحوم سيد نياز حسين شاهه ڊسٽرڪٽ مئنيجر سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن هيو ۽ ان جو شاهه صاحب مرحوم سان اٿڻ ويهڻ جو ڀلو رستو هيو. منهنجي ميرپورخاص ڀاءُ سان وڃي ملڻ جي ڪري سائين خادم علي شاهه اتي مليو ۽ منهنجي اعزاز ۾ پنهنجي بنگلي ۾ دعوت جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ سندس دوست ۽ آفيسر شريڪ ٿيا. سائين خادم علي شاهه جي سياسي وابستگي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪري پيپلز پارٽيءَ سان رهي.
ڀٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ سندس ادب ۽ احترام وارو تعلق ۽ سياسي وفاداري مرحوم بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ۽ شهيد بينظير ڀٽو صاحبه سان به رهي. مرحوم ڀٽي صاحب کيس ميرپورخاص ضلعي جي پيپلز پارٽيءَ جو پاڻ صدر به مقرر ڪيو هيو، جيڪو عهدو به شاهه صاحب خوش اسلوبيءَ سان نڀايو.
شاهه صاحب پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي M.N.A ۽ سينيٽر به رهيو آهي. محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جو به مٿس پورو پورو اعتماد هيو. ان مان ظاهر آهي ۽ تاريخي رڪارڊ جو حصو آهي ته محترمه تڪليف ۾ هئي، هُن مخالف پارٽي ليڊر هئڻ جي ڪري اهو بهتر سمجهيو ته ٻاهرين دنيا ۾ اهو وائکو ڪجي. ان لاءِ هن سارڪ جي ملڪن ۾ آواز اٿارڻ چاهيو ته وقت حڪومت، اپوزيشن سان اڍنگو ورتاءُ ڪري رهي آهي ۽ سندن ماڻهن (ورڪرن) کي تنگ ڪري رهي آهي.
محترمه گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ته سارڪ جي ميمبر ملڪن جي، حڪومت جي مخالف ڌر جي ليڊرن کي ڪراچيءَ ۾ دعوت ڏيئي گهرائجي ۽ انهن جو هڪ اهم اجلاس ڪراچيءَ ۾ ڪرائجي، جنهن ۾ سارڪ ملڪن جي حڪومت جي ليڊر آف اپوزيشن کي دعوت نامه ڏيڻ جي لاءِ محترمه جي نظر انتخاب سيد خادم علي شاهه تي پئي، جنهن محترمه جو خاص نمائندو ٿي، دعوت نامه کڻي انهن جي ملڪن جي درالحڪومتن ۾ وڃي پهچايا.
مون کي ياد اچي ٿو ته هندستان جو ان وقت مخالف ڌر جو اڳواڻ مسٽر وي پي سنگهه هيو ۽ بنگلاديش ۾ اپوزيشن جي ليڊر شيخ حسينه واجد، ڌيءُ شيخ مجيب الرحمان، جيڪا هن وقت بنگلاديش جي وزيراعظم آهي، سريلنڪا ۾ مسز چندرا (مسز بندرانائيڪي) جي ڌيءُ ۽ نيپال ۽ ڀوٽان جا ليڊر آف اپوزيشن به شريڪ ٿيا.
سارڪ ملڪن جي ميڊيا ۽ ٻاهرين دنيا جي نشرياتي ادارن جهڙوڪ B.B.C، C.N.N Fox ۽ ٻين نالي وارن ادارن جي عيوضين (نمائندن) شرڪت ڪئي. ٻه ڏينهن معنيٰ خيز اجلاس هليو، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه انهن آيل مهمانن لاءِ پرتڪلف دعوتون منعقد ڪيون ۽ آخري اجلاس کان بعد هڪڙو تمام اثرائتو ڊڪلريشن ليڊرن صحيح ڪيو ۽ حڪومت وقت کان پرزور مطالبو ڪري مخالف ڌر جي ماڻهن تان حڪومت جو جبر ۽ ڏاڍ گهٽ ڪرايو. انهن سمورن انتظامن ۾ سيد خادم علي شاهه محترمه سان پيش پيش رهيو ۽ پيپلز پارٽيءَ جا ٻيا ليڊر به زور ۽ شور سان شريڪ ٿيا. ٻن ڏينهن جي تمام وڏي اجلاس کي ۽ دعوتن کي سارڪ ملڪن جي ۽ ٻي دنيا جي پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڏاڍو ساراهيو ۽ ان جي واکاڻ ٿي.
خادم علي شاهه صاحب جو خاندان ۽ ويجها عزيز هر هڪ سائين علي نواز شاهه پيپلزپارٽيءَ جو بهادر ۽ مٿي ڦريو ليڊر آهي، جنهن ڀٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ محترمه نصرت ڀٽو صاحبه ۽ شهيد بينظير ڀٽو صاحبه سان ڀرپور ساٿ ڏنو. شهيد بينظير ڀٽو صاحبه سدائين هيٺين سنڌ ۾ پارٽيءَ جي ڪم ڪار ۽ جلسن جلوسن ۾ شرڪت کان کانپوءِ سائين علي نواز شاهه جي بنگلي تي رهندي هئي، هُو پاڻ به دل جي حضور سان محترمه جي خدمت ڪندو هيو ۽ هڪ ڀاءُ جي حيثيت ۾ پيش پيش هوندو هيو. شاهه صاحب مرڪز ۾ محترمه جي وزيراعظم هوندي مرڪزي وزير هيو ۽ 1990ع جي اليڪشن ۾ سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو اثرائتو ۽ ڪارائتو ميمبر رهيو آهي ۽ ڄام صادق عليءَ جي جبر جي خلاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڳالهائڻ وارن ميمبرن مان هڪ هيو.
2008ع جي اليڪشن کان پوءِ سنڌ جي صوبائي ايگريڪلچر کاتي جو وزير رهيو آهي. سندس رڪارڊ صاف سٿرو آهي. هاڻي به 2013ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو آهي. سائين خادم علي شاهه محترمه کي ويجهو ۽ اعتماد وارو رهيو، پر سائين زرداري صاحب جي ساڻس سٺي رويي نه هئڻ جي ڪري سڀني قربانين ۽ پيپلز پارٽيءَ سان زندگيءَ جي هيڏي عرصي ساٿ رهڻ کان پوءِ به پارٽي ڇڏي ويو ۽ ٻي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين.
منهنجي ساڻس پارٽي مٽائڻ کان بعد جلد ملاقات ٿي. مون کيس چيو ته سياست ۾ صبر ۽ برداشت ضروري آهي، ٿورين ٿورين ڳالهين ۽ شڪايتن تي پارٽي ڪو نه ڇڏبي آهي، پاڻيءَ جي وهڪري ۾ هلندو رهي ۽ نااميد نه ٿئي ته ٿوري وقت کان پوءِ صحيح مقام ملي ويندو.
شاهه صاحب بضد رهيو ته مون صحيح فيصلو ڪيو آهي، ڇو ته ڪو به سيد سڳورو آسانيءَ سان پنهنجي غلطي مڃڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. ٻن سالن کان پوءِ سيد خادم علي شاهه صحيح مقام ۽ عزت نه ملڻ جي ڪري ان پارٽيءَ کي به الوداع ڪيو. منهنجي ساڻس پوءِ جلد ملاقات ٿي، ڇو ته پاڻ ۾ ملندا رهندا آهيون، مون سان اها ڳالهه قبول ڪيائين ته پيپلز پارٽيءَ سان هيڏي وڏي وابستگي ۽ واسطيداريءَ کي ٿوري ڳالهه جي ڪري ڇڏڻ نه گهربو هو پاڻ هاڻي سياست کان ڪوهين ڏور آرام جي زندگي گذاري رهيو آهي. سندس رهائش ڊفينس فيز II ۾ آهي، جتي دوستن کي گهرائيندو آهي ۽ دعوتون کارائيندو آهي، ڇو ته دسترخوان جو ڪشادو آهي.
سائين خادم علي شاهه سنڌ فٽبال ايسوسيئيشن جو صدر به آهي ۽ هڪ اڌي ٻي N.G.O سان پڻ واسطو اٿس ۽ ٻاهرين دنيا جا به ڪافي دورا ڪيا اٿس.

غلام مجتبيٰ اسراڻ

اسراڻ صاحب لاڙڪاڻي ضلعي جي مشهور اسراڻ خاندان جو چشم و چراغ آهي. پاڻ حاجي غلام مصطفيٰ اسراڻ جو فرزند ۽ مرحوم خان بهادر غلام محمد اسراڻ جو پوٽو آهي. اسراڻ صاحب سان منهنجي ذاتي ويجهڙائپ 1979ع جي لوڪل باڊيز جي اليڪشن کان پوءِ ٿي، جو پاڻ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جو، محترمه بينظير ڀٽو پاران نامزد ڪرڻ جي ڪري چيئرمين ٿيو ۽ مان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ورڪس سبب ڪاميٽيءَ جو چيئرمين چونڊيو ويو هيس. ترقياتي ڪمن ڪرائڻ جي ڪري، مختلف مخالف طاقتور گروپن کي گڏ کڻي، هر هڪ تعلقي جا ڊسٽرڪٽ ڪائونسل پاران ترقياتي ڪم حق ۽ جائز بنيادن تي ڪرائبا هئا ۽ اسراڻ صاحب جو ڪائونسل جي اجلاس ۾ مٿي جو سور گهٽ هوندو هيو. هڪ ٻئي جي ساٿ جي ڪري ضلعي ۾ ڏاڍا ترقياتي ڪم ڪراياسين، جنهن جو شاهد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو رڪارڊ آهي.
1988ع ۽ 1990ع ۾ جيئن مان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ميمبر منتخب ٿيو هيس تيئن مجتبيٰ اسراڻ صاحب به قمبر تعلقي تان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو هيو.
اسراڻ صاحب ۽ مان لاڙڪاڻي مان پنهنجي گاڏين ۾ سفر ڪندا ڪراچي اجلاس ۾ ايندا هياسين ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ به اسان ٻنهي جي ويهڻ جون نشتون گڏ هيون. ڪم ڪار سان سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ واسطيدار سيڪريٽرين ڏي وڃڻ به گڏ ٿيندو هيو ۽ گهڻو ڪري اجلاس ۽ ان کان پوءِ پارٽي ميٽنگز ۾ به گڏ شرڪت ڪبي هئي.
اسراڻ صاحب انتهائي شريف، صاف ۽ ڪم گو ماڻهو آهي، سندس ڪنهن به فعل مان ڪنهن کي به تڪليف ڪو نه پهچندي آهي. شهيد بينظير ڀٽو صاحبه جي جيل مان آزاد ٿيڻ بعد ٻه، ٽي سال لاڳيتا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو جنم ڏينهن 5 جنوريءَ تي وڏي اهتمام سان سندس ڳوٺ خيرپور جو سي به ملهايو ويندو هيو، جنهن ۾ پاڪستان بشمول سنڌ جا پيپلز پارٽيءَ جا ليڊر شريڪ ٿيندا هئا.
ان سڄي انتظام ۾سندس سؤٽ ۽ سالو سرفراز الدين احمد اسراڻ ولد مرحوم رئيس روشن علي اسراڻ به ٻانهن ٻيلي هوندا هئا. غلام مجتبيٰ اسراڻ صاحب جو ننڍو ڀاءُ مسٽر غلام مجدد اسراڻ، جيڪو وڪيل به رهيو آهي، ان صاحب کي محترم ذوالفقار علي ڀٽي ليٽرل انٽريءَ ۾، جيڪي پڙهيل ۽ وڪيل ڊپٽي سيڪريٽري ڪري حڪومت پاڪستان جي ملازمت ۾ کنيا هئا، انهن ۾ مسٽر مجدد اسراڻ به شامل هيو، جيڪو ترقي ڪري سنڌ گورنمينٽ ۾ سيڪريٽري ٿي رٽائرڊ ٿيو.
مشرف پنهنجي دور ۾ صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر هجڻ لاءِ گريجوئيٽ هجڻ جو شرط وڌو هيو. ان جي ڪري 2000ع ۽ 2008ع واري اليڪشن ۾ مسٽر مجدد اسراڻ قمبر جي حلقي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هيو.
2013ع جي اليڪشن ۾ وري غلام مجتبيٰ اسراڻ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ميمبر صوبائي اسيمبلي منتخب ٿيو آهي.
غلام مجتبيٰ اسراڻ جو ڏاڏو خان بهادر غلام محمد خان اسراڻ مرحوم پنهنجي وقت جو انصاف پسند ماڻهو ۽ چڱي نيڪي رکندڙ هيو. پاڻ بمبئيءَ ڪائونسل (جڏهن سنڌ بمبئيءَ پريزيڊنسي ۾ شامل هئي) جو منتخب ميمبر هُيو. سندس سياسي وابستگي مرحوم سر شاهه نواز ڀٽي سان هئي.
محترم مجتبيٰ اسراڻ محترمه شهيد بينظير ڀٽو صاحبه جو اعتماد وارو ماڻهو رهيو آهي، منهنجو به سڄڻ ۽ دوست آهي. 1988ع جي اليڪشن کان پوءِ محترمه سان ڪچهري ڪندي کيس چيو هيائين ته: دیدار حسین شاہ صاحب ایڈووکیٹ اور شریف آدمی ہے۔ آپ نے اس کا مقابلہ بہت بڑے آدمی سے کروایا ہے۔ وہ اتنا طاقتور آدمی ہے کہ وہ کچھ بھی کر گذر سکتا ہے اور شاہ صاحب ہمیشہ خطرے میں رہیں گے۔ محترمه کيس جواب ڏنو ته: ‘‘اسران صاحب مجھے علم ہے اور میں انشاءَاللہ دیدار حسین شاہ کو اسی جگہ پر بٹھاؤں گی جو ممتاز بھٹو صاحب ان کا بال بھی بیکا نہیں کر سکے گا۔’’
حقيقت اها آهي ته محترمه جيڪي ذهن ۾ سوچيو، اهو ڪري ڏيکاريو ۽ مون کي عزت واري مقام يعني هاءِ ڪورٽ جو جج ڪري رکيو، اها سندس مهرباني هئي. الله تعاليٰ سندس درجا بلند ڪري، آمين.

مسٽر ڪنور ادريس، ريٽائر ڪامورو

مسٽر ڪنور ادريس سي ايس پي امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو ۽ پنهنجي ايمانداري، فرض شناسي ۽ قاعدي قانون تي عمل ڪندي سول سروس جي تمام مٿئين 22 گريڊ ۾ پهتو، ڪراچيءَ جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي ايم به رهيو.
حڪومت سنڌ ۾ مختلف محڪمن جو سيڪريٽري به رهيو، خاص طور سان جنرل ضياءُالحق جي مارشل لا ۾ هوم سيڪريٽري هيو ته اتي به پنهنجا فرض نهايت ايمانداريءَ ۽ بي خوفيءَ سان ادا ڪيائين ۽ قاعدي قانون ۾ رهندي آرڊر پاس ڪيائين. هتي فقط ٻن واقعن جو ذڪر ڪرڻ گهران ٿو:
پهريون واقعو: ضياءُالحق جي مارشل لا جي زماني ۾ جيئن ته پيپلزپارٽيءَ جي ليڊرن کي جيل ۾ وڌو ويو هيو ۽ مارشل لا جي دٻاءَ جي ڪري، محترم ممتاز علي خان ڀٽي کي جيل مينوئل جي تحت جيڪي سهولتون ڏيڻ گهربيون هيون، اهي ته کيس نه ڏنائون، الٽو ان کي تڪليف ڏيڻ لاءِ پنج سو واٽ جو بلب ڪمري جي ڇت ۾ هڻائي ڇڏيائون. جنهن جي آن، آف ڪرڻ جو بٽڻ ڪمري ۾ ڪونه هيو 24 ڪلاڪ بلب جي روشنيءَ ڪري کيس صحيح نموني ۾ ننڊ نه ايندي هئي ۽ بي آرامي ٿيندي هيس. مسٽر ممتاز علي ڀٽي منهنجو نالو وڪيل جي حيثيت ۾ مارشل لا ۽ جيل اٿارٽيز کي ڏنو هيو جنهن ڪري منهنجي ساڻس ملاقات هر پندرنهين ڏينهن دستور موجب سپرنٽنڊنٽ جي آفيس ۾ ٿيندي هئي. مون کي ممتاز علي خان چيو ته هوم سيڪريٽري مسٽر ڪنور ادريس آهي. قاعدي قانون جي پوئواري ڪندڙ ۽ بي خوف ماڻهو آهي، مارشل لا اٿارٽيز کان ڪونه ڊڄندو، ان سان ملو ۽ ان کي حقيقت ٻڌائي اهڙي درخواست ڏيو ته هو ضروري ڪارروائي ڪندو.
مون مسٽر ڪنور ادريس سان ملاقات ڪري درخواست ڏني ۽ مٿي ذڪر ڪيل تڪليفن جو بيان ڪيو، درخواست وٺي مسٽر ڪنور ادريس آئي جي جيل ۽ سپرنٽنڊنٽ سان سينٽرل جيل ڪراچيءَ جو دورو ڪيو، بنفس نفيس ان ڪمري جو به معائنو ڪيو ۽ محسوس ڪيائين ته واقعي جيل مينوئل تحت ملڻ واريون سهولتون ناپيد آهن . 500 واٽ جو بلب ڇت ۾ لڳل، 24 ڪلاڪ ٻرندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ آهي. ان وزٽ کان پوءِ هوم سيڪريٽري جي حڪم تي بلب به هٽايو ويو ۽ جيل مينوئل تحت ملندڙ سهولتون به مسٽر ممتاز علي خان ڀٽي کي مليون.
مارشل لا اٿارٽيز وارن ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو، پر کين ٻڌايائين ته جيئن ته ممتاز علي ڀٽو جيل ڪسٽڊيءَ ۾ آهي ۽ ان کي جيل مينوئل تحت سهولتون ڏيڻيون آهن، جيڪي نه ڏيڻ جي لاءِ ڪو به قانوني، توڙي اخلاقي جواز ڪونه آهي؛ مارشل لا اٿارٽيز کي جيڪڏهن اعتراض آهي ته منهنجي آرڊر جي خلاف واسطيدار اداري کي اپيل ڪن، باقي مان آرڊر واپس ڪونه وٺندس.
ٻيو واقعو هيءُ هو ته محترمه شهيد بينظير ڀٽو 70 ڪلفٽن ۾ ضياءُالحق جي مارشل جي زماني ۾ نظربند هئي ۽ ان گهر کي سب جيل قرار ڏنو ويو هيو. سب جيل هجڻ جي ڪري 70 ڪلفٽن جو سڄو نظام فوج ۽ پوليس جي حوالي هيو.
محترمه جي 70 ڪلفٽن ۾ نظربند هئڻ جي ڪري ان جي سهيلين کي ۽ ٻين واسطيدار ماڻهن کي ملاقات ڪرڻ ۾ سخت تڪليف ٿيندي هئي يا ته ملاقات جي اجازت ئي ڪونه ملندي هئي.
محترمه بينظير ڀٽو جي دوست، مشهور صحافي مس ڪرسچن ليپ ٻاهرين دنيا مان محترمه بينظير ڀٽو سان ملڻ لاءِ آئي هئي ۽ محترمه قيد تنهائيءَ ۾ هئي. ڪرسچن ليپ محترمه سان ملڻ لاءِ درخواست هوم ڊپارٽمنٽ ۾ جمع ڪرائي. هوم سيڪريٽري مسٽر ڪنور ادريس هيو، مارشل لا جي زماني هجڻ جي ڪري ان اهو بهتر سمجهيو ته ٻاهرين آيل صحافيءَ کي ملاقات جي اجازت ڏجي. ان درخواست تي مسٽر ڪنور ادريس سمري تيار ڪري ملاقات ڏيڻ جي منظوري وٺڻ لاءِ ان وقت جي گورنر ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ليفٽيننٽ جنرل محمد اقبال ڏانهن موڪلي ساڳي طرح سهڻي نموني سمري تيار ڪري، قاعدي قانون کي نظر ۾ رکندي ۽ جيل مينوئل جي تحت گورنر ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر اجازت ڏني. ڪرسچن ليپ ملاقات ڪري واپس وڃي انگلينڊ ۽ U.S.A ۽ ٻين اولهه جي ملڪن جي اخبارن ۾ وڏا مضمون لکيا ۽ ٻاهرين دنيا ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي مظلوميت ۽ جيل مينوئل تحت سهولتون نه ملڻ جو ذڪر ڪيو.
ڪرسچن ليپ جي مضمونن کان پوءِ طوفان کڙو ٿي ويو. مارشل لا اٿارٽيز وارا ڏاڍا پريشان ٿيا، هنن پنهنجي بدناميءَ کي لڪائڻ لاءِ وس ڪيا، پر وريو ڪجهه ڪونه ۽ ٻاهرين دنيا جي دٻاءَ جي ڪري محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي جيل مينوئل تحت سهولتون مليون. پر جنرل ضياءُالحق سخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ۽ گهريائين پئي ته مسٽر ڪنور ادريس کي نوڪري مان برخواست ڪري، پر ان وقت جو گورنر ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ليفٽيننٽ جنرل محمد اقبال، ڪنور ادريس جي مدد لاءِ اڳيان آيو ۽ ضياءُالحق کي لکي موڪليائين ته حقيقت ۾ آرڊر گورنر ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ڪيو آهي، ڪنور ادريس ته صرف حقيقتون لکي سمري موڪلي آهي. منهنجي اجازت کان سواءِ ڪرسچن ليپ ملاقات نه پئي ڪري سگهي.
انساني همدردي ۽ جيل مينوئل کي ڏسندي مون اهڙو آرڊر ڪيو آهي، جيڪڏهن ڪاروائي ڪرڻي آهي ته مون تي ڪاروائي ڪئي وڃي، اهڙي نموني گورنر ۽ مارشل لا ايدمنسٽريٽر جي بهادريءَ جي ڪري ڪنور ادريس مارشل لا جي ڏمر کان بچي ويو.
مسٽر ڪنور ادريس سنڌ جو چيف سيڪريٽري به رهيو ۽ ان کان پوءِ مرڪز ۾ پئٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جو سيڪريٽري به رهيو. محترمه مون کي پنهنجي نمائندي طور رتوديرو، نئون ديرو ۽ ٻين علائقن کي سوئي گيس ڏيارڻ بابت ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻ لاءِ اسلام آباد موڪليو هيو. چوڌري نثار علي خان ان وقت پئٽروليم جو وزير هيو ۽ مسٽر ڪنور ادريس سيڪريٽري هيو. اها ميٽنگ وزارت پئٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ جي هئي. جنهن ۾ ٻيا به ايم اين اي ۽ سينيٽر شريڪ ٿيا هيا. ايئن محترمه جي حلقي جي شهرن ۽ ڳوٺن لاءِ سوئي گيس منظور ٿي هئي.
مسٽر ڪنور ادريس ريٽائرمينٽ کان پوءِ پنهنجي ايمانداري، سٺي سوچ ۽ ڄاڻ جي ڪري، حڪومت جاپان پاران، ڪراچيءَ ۾ هينو پاڪ بسُن ۽ ٽرڪن جي ٺهڻ واري ڪارخاني جو چيئرمين آهي. ڪنور ادريس صاحب ڪيترا سال هر آچر تي ارد شيرڪاوسجيءَ وانگر ڊان انگريزي اخبار ۾ آچر جي ڏينهن ڪالم لکندو هيو، هاڻي ڪجهه عرصو ٿيو آهي ته وڏي عمر جي ڪري ريگيولر ڪالم ڪونه ٿو لکي، پر مهيني ۾ هڪ اڌ دفعو ڪالم يا ليٽر ضرور لکندو آهي.
ڪنور ادريس صاحب جهڙا ايماندار، صاف سٿرا ۽ بي خوف ماڻهو ملڪ جو سرمايو آهن. الله تعاليٰ سندس عمر دراز عطا ڪري ۽ خوش آباد رکي.

مسٽر ادريس راجپوت

ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ جي خلاف سنڌ اسيمبليءَ، دانشورن، اديبن ۽ پرنٽ ميڊيا لکيو ۽ ٻڌايو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ سان سنڌ جي زراعت ۽ معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو. پاڻيءَ جي گهٽ هجڻ جي ڪري ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي جو وهڪرو بلڪل ڪونه آهي جنهن جي ڪري انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي ۽ سمنڊ مٺي پاڻيءَ جي روڪ ٽوڪ کان سواءِ ٺٽي، بدين ۽ ٻين علائقن جون ذرخيز زمينون ڳڙڪائي ويو آهي. ان مسئلي کي وڌ کان وڌ اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪتاب لکڻ، اخبارن ۾ مضمون ۽ مقالا شايع ڪري ۽ ٽي وي ٽاڪ شوز تي شرڪت ڪري سنڌ جو صحيح نموني ۾ موقف پيش ڪرڻ ۾ مسٽر ادريس راجپوت، جيڪو سيڪريٽري اريگيشن سنڌ به رهي چڪو آهي، ۽ کيس ڪافي تجربو آهي، تنهن انگن اکرن سان ثابت ڪيو آهي ته پاڻي ايترو آهي ئي ڪونه جو ڪالاباغ ڊيم ٺهي، پر جيڪڏهن ٺهي ۽ ان جي کٻي ۽ سڄي پاڻي کڻندڙ ڪئنال ڪڍيا ويا ته پوءِ سنڌ ۾ پاڻي پوک ڪرڻ ته پري، پر پيئڻ لاءِ به نه ملندو.
مسٽر ادريس راجپوت ٻه، ٽي ڪتاب به لکيا آهن ۽ روزاني ڪاوش ۾ به ڪافي ڪالم لکيا اٿئين، اها به سنڌ صوبي ۽ ان جي رهاڪن جي وڏي خدمت آهي.

مسٽر عبدالرزاق قريشي

هيءَ صاحب نواب شاه ضلعي جي مردم خيز زمين ۾ پيدا ٿيو آهي. پاڻ گريجوئيٽ ٿيڻ کان پوءِ نيشنل سيونگز ڊپارٽمنٽ ۾ آفيسر ٿي ڀرتي ٿيو. ان نوڪريءَ ڪندي M.A ڪيائين ۽ زندگيءَ ۾ ڪنهن اوچي ۽ اعليٰ مقام تي پهچڻ جي تمنا ڪندي، محنت ڪندي پڙهڻ کي پنهنجو پيشو سمجهي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ ويٺو ۽ پنهنجي اهليت ۽ صلاحيت تي C.S.P ڪيڊر ۾ پاس ٿي ويو. ضروري دستوري سکيا وٺڻ کان پوءِ سنڌ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايس ڊي ايم ٿي مقرر ٿيو.
1987ع ۾ رتوديرو ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايس ڊي ايم ٿي آيو. لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ رتوديرو ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو ٽائون ڪاميٽي ۽ تعلقي جي ڇهن يونين ڪائونسلن جو ريٽرنگ آفيسر ٿيو. اهو دور جنرل ضياءُالحق جو آمريت وارو دور هيو ۽ پيپلزپارٽيءَ لاءِ تمام ڏکيو وقت هيو. اليڪشنز ٿي ويون، رتيديري شهر جي هڪڙي تڪ ۾ مرحوم الاهي بخش سپڙو پيپلزپارٽي جو اميدوار هو. ٻئي پاسي حڪومتي پارٽي جو اميدوار مرحوم غوث بخش اوڍاڻي هو. ٻنهي جا ووٽ ڳڻپ ۾ هڪ جيترا ٿيا، ڇالاءِ ته مرحوم سردار الله بخش جلباڻي حڪومتِ وقت جو دل گهريو ماڻهو هيو ۽ سون تي سهاڳو ته جلباڻي قوم جي پڳ به ان تي رکيل هئي ۽ ان جو به زور بار گهڻو هيو.
هڪ جيترن ووٽن کڻڻ جي ڪري ٻيهر سرڪاري ڳڻپ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ريٽرنگ آفيسر وٽ رکي ويئي. عام خيال اهو هيو ته حڪومت وقت ۽ سردار الله بخش جلباڻي جي اثر رسوخ جي ڪري ڪنهن اڻ سڌي طريقي سان عبدالرزاق قريشي صاحب تي زور رکيو ويو آهي ته هو ڳڻپ ۾ هڪ ٻه ووٽ وڌائي سرڪاري اميدوار رکي ڏئي يا جيڪو ڪڻو نڪري ان ۾ مرحوم غوث بخش اوڍاڻي کي سرڪاري طور منتخب ٿيڻ جو اعلان ڪري.
A.C صاحب جي آفيس جي ٻاهران هن تي اثر رسوخ ۽ دٻاءَ وجهرائڻ جي لاءِ ڪافي ماڻهو بيهاريا ويا هيا ۽ انهن کي چيو ويو هيو ته غوث بخش اوڍاڻي جي حق ۾ نعرا هڻو، ڇو ته انهن ماڻهن کي سرڪاري ڌر جي حمايت حاصل هئي. پر مسٽر عبدالرزاق قريشي صاحب آفيس ۾ اچڻ ساڻ ئي اها نعري بازي حڪم ڪري بند ڪرائي ۽ پوليس جي معرفت غيرواسطيدار ماڻهن کي تعلقي آفيس جي حدن مان زبردستي ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيو، جنهن جي ڪري انهن کي تمام ڪوفت ٿي ۽ انهن جا منهن لهي ويا ۽ بظاهر ڄڻ انهن اليڪشن هارائي.
عبدالرزاق قريشي بنا ڪنهن دٻ ۽ ڌونس جي ووٽ ڳڻيا ۽ ان سان گڏ ڳڻپ جي مرحلي ۾ پيپلزپارٽيءَ جي دوستن پاران، جهڙوڪ مرحوم عبدالواحد سومرو، حاجي محمد رمضان سرهيو، سيد بچل شاهه، محمد مراد ڀٽو نئون ديرو، عبدالرزاق ڀٽو نئون ديرو ۽ ٻيا موجود هئا، جن چيو ته پيپلزپارٽيءَ جي نمائندگي سيد ديدار حسين شاهه ڪري، ڇو ته اهو پارٽيءَ جو عهديدار آهي ۽ وڪالت جي پيشي سان منسلڪ آهي ۽ عبدالرزاق قريشي به کيس سڃاڻي جو اڪثر ڪري ڪيسن ۾ ان وٽ حاضر ٿيندو آهي. سرڪار جي سپورٽ ميسر هوندي مرحوم غوث بخش اوڍاڻي پاران مرحوم سردار الله بخش جلباڻي ڳڻپ ۽ ڪڻي لاءِ ويٺو، سردار جي مقابلي ۾ ويهڻ جي لاءِ به همت جي ضرورت آهي. ڳڻپ ٿي ووٽ ٻنهي اميدوارن جا هڪ جيترا ٿيا ۽ ڪڻو انصاف سان وجهي عبدالرزاق قريشيءَ الاهي بخش سپڙي جي ڪاميابيءَ جو اعلان ڪيو.
سندس ٻيو بهادريءَ ۽ همت وارو واقعو به ٻڌائڻ گهران ٿو ته، ميونسپل ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جي اليڪشن جي لاءِ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاران مرحوم عبدالواحد سومري کي نامزد ڪيو ويو هيو ۽ وائس چيئرمين جي لاءِ منهنجي سؤٽ مرحوم سيد بچل شاهه کي نامزد ڪيو ويو هيو. ٻئي طرف کان سردار الله بخش جلباڻي مرحوم جو سڳو ڀاءُ مرحوم لياقت علي خان جلباڻي چيئرمين جي اليڪشن لاءِ اميدوار هيو ۽ وائس چيئرمين جي عهدي جي لاءِ ان جو هڪڙو نمائندو جنهن جو نالو هن وقت ذهن ۾ ڪونه ٿو اچي اهو به اميدوار هيو.
حڪومت جي حمايت جي ڪري جلباڻي صاحبن جو پروگرام جهيڙي ڪرڻ جو هيو، پر ريٽرنگ آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالرزاق قريشيءَ جي اثرائتن ۽ سخت قدمن جي ڪري جهيڙو ڪرائي ڪونه سگهيا ۽ قريشي صاحب آزادانه ۽ منصفانه اليڪشن ڪرائي پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي سرڪاري طور چيئرمين ۽ وائس چيئرمين منتخب ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ نوٽيفڪيشن ڪڍيو.
قريشي صاحب پنهنجي اهڙي دلبر روش ۽ انصاف کي زنده ۽ قائم رکندي پنهنجي سرڪاري ملازمت ڪئي ۽ ڪمشنر ۽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي پهتو ۽ هاڻي ريٽائر ڪري ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.
قريشي صاحب جي هڪڙي فرزند ۽ نياڻي پنهنجي والد محترم جي نقش قدم تي هلندي C.S.S جي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ڪرايل امتحان ۾ ويهي ڪاميابي ماڻي آهي. سندس فرزند ۽ نياڻي سول سروسز اڪيڊميءَ مان امتحان پاس ڪري ڪنهن اعليٰ عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. الله تبارڪ و تعاليٰ چڱي ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ جي ڪري انسان تي ته مهربان ٿئي ٿو پر اولاد کي به ان جو اجورو ملي ٿو.

ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي (سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن)

محترم ڊاڪٽر سيد اديب الحسن رضوي جيڪو هن وقت S.I.U.T جو روح روان آهي. ان سان گڏ ڊاڪٽر نقوي، ڊاڪٽر مرلي ڌر، ڊاڪٽر نقي مرزا، انجنيئر گوهر حسين ۽ ٻي هيڏي ساري ٽيم ڪم ڪري رهي آهي. جتي گردن سان لاڳاپيل مريضن جو علاج ۽ ٽرانسپلانٽيشن به ڪئي وڃي ٿي، اهڙي عظيم الشان اداري ۾ دوا درمل، ٽيسٽ وغيره ۽ مريضن جو کاڌو مفت ڏنو وڃي ٿو ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ کان خواهه امير هجي توڙي غريب ڪوبه حساب ڪتاب ورتو ڪو نه ٿو وڃي.
ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب شروع ۾ ٻن ڪمرن ۾ سوٽ کي چالو ڪيو هيو. 1988ع ۾ هن سوٽ جي قائم ڪرائڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايڪٽ آندو، ان وقت مان سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊيل ميمبر هيس. مون S.I.U.T بابت سرڪار جي آندل بل ۾ پنهنجي پاران ترميمون تجويز ڪيون جنهن ۾ مون چيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپلز کي S.I.U.T جي بورڊ آف گورنر تي رکيو وڃي. مون اهڙي ترميم اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ڏياري موڪلي. جيئن ئي ترميم سيڪريٽريٽ ۾ پهتي تيئن ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب جا ڪن کڙا ٿي ويا ته جنهن مقصد لاءِ مان S.I.U.T کي عام ڀلائي جي فائدي وارو هڪ خودمختيار ادارو ٺاهڻ گهران ٿو ان ۾ مون کي رڪاوٽ ٿيندي ۽ گهڻن ماڻهن جي لاڳاپيل هئڻ ڪري صحيح نموني ۾ ڪم ڪري ڪونه سگهندس.
منهنجي ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب سان اڳ ۾ ملاقات ڪو نه هئي، ان جي ڪري ڊاڪٽر صاحب جسٽس سجاد علي شاهه صاحب سان رابطو ڪيو ۽ ان کي ٻڌايائين ته سيد ديدار حسين شاهه صاحب سوٽ جي ايڪٽ ۾ ترميمون ڪرائڻ گهري ٿو. ترميمن سان منهنجو ادارو ڪم ڪري ڪو نه سگهندو ۽ چون چون جو مربو ٺهي ويندو. سجاد علي شاهه صاحب کي چيائين ته اوهان سيد ديدار حسين شاهه صاحب سان ڳالهايو ۽ هو مونکي ٽائيم ڏئي ته مان ملي ڪري سائينءَ کي حقيقت حال کان آگاهه ڪيان.
مان 1988ع ۾ اسيمبلي ميمبر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي مربي ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه صاحب جي گهر ۾ رهندو هيس، ٽائيم وٺي ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب آيو ۽ مليو. حال احوال ڪندي ٻڌايائين ته منهنجي S.I.U.T ۾ 70 کان وٺي 80 سيڪڙو مريض سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن مان اچن ٿا، ڇو ته اتي پاڻي صاف ۽ سٺو نٿو ملي ۽ ان جي ڪري گردن جون بيماريون گهڻيون ٿين ٿيون. S.I.U.T به ان جي ڪري ئي کولي آهي ۽ بل اسيمبليءَ ۾ آندو آهي. جيڪڏهن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج يا لياقت ميڊيڪل ڪاليج جا پرنسپلز بورڊ آف گورنر تي ايندا ته پوءِ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٻين ميڊيڪل ڪالجز جا پرنسپلز به چوندا ته اسان به S.I.U.T جي بورڊ آف گورنر جا ميمبر ٿيون ۽ نتيجو اهو نڪرندو ته سياست S.I.U.T ۾ ڪاهي پوندي، ڪم جي لاءِ مرڪزيت ختم ٿي ويندي ۽ صحيح نموني ۾ ادارو ڪم ڪري ڪو نه سگهندو. توهان جي گهرو ٿا ته ادارو ڪم ڪري ته ڪنهن به ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل کي ان ۾ دخل اندازي ڏيڻ نه ڏيو. مونکي ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب جي ڳالهه ڏاڍي وڻي ڇو ته اسان جي مٺڙي مادري ٻوليءَ ۾ چوڻ آهي ته: ”گهڻي زائفين گهر نه هلي ۽ گهڻين مردين هر نه هلي.“
انهيءَ ڳالهين کي نظر ۾ رکندي مون ترميم واپس وٺي ڇڏي ۽ ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب جي نيڪ منشاءَ مطابق ايڪٽ پاس ٿي ويو. هاڻ اداري جو سربراهه ڊاڪٽر اديب رضوي پاڻ آهي ۽ ان جي خلوص نيتي سان، ايمانداريءَ سان ۽ گهڻي سٺي ڪم ڪرڻ جي ڪري S.I.U.T جو نالو پاڪستان ته ڇا پر ٻاهرين دنيا ۾ به وڏي عزت ۽ توقير سان ورتو وڃي ٿو. ٻاهرين دنيا جا نالي وارا ڊاڪٽر اتي اچي ڊاڪٽر اديب رضويءَ جا ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪندا آهن ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسون به منعقد ٿينديون آهن.
سرڪار جي محدود مدد کانسواءِ سائين اديب رضوي جي ايمانداري اورچائي سان ڪم ڪرڻ جي ڪري صاحب حيثيت ماڻهو تمام گهڻو فطرو زڪواة ۽ چندو وغيره ڏيندا آهن. S.I.U.T جي عمارت نئين ٺهرائي وئي آهي، جن ۾ مرحوم آغا حسن عابدي، ديوان فيملي ۽ ٻين ماڻهن تمام گهڻو خرچ ڪري سڄي سينٽرلي ايئرڪنڊيشن عمارت ٺهرائي آهي. جتي گردن جي بيماري جو علاج مفت ۾ ڪيو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب ٻهراڙي جي هڪڙي ڳوٺ ڪاٺوڙ ۾ به S.I.U.T جي هڪ برانچ کولي آهي. ان کان علاوه سکر شهر ۾ به ڊاڪٽر صاحب برانچ کولي آهي، جيڪا مرحومه ڊاڪٽر ڇاٻلاڻي زوجه مرحوم عبدالستار پيرزادو، جو ڪنهن وقت سنڌ جو چيف منسٽر ۽ مرڪزي وزير رهيو آهي، ان پاران ڏنل عمارت کي ٺاهي تيار ڪري عاليشان S.I.U.T جي حوالي ڪيو ويو آهي، جتي ڊاڪٽر اديب رضوي هر خميس تي پاڻ ويهندو آهي ۽ ٻيا ڊاڪٽر به اتي مستقل ڪم ڪندا آهن، اتي به علاج ٽيسٽ وغيره مفت ۾ ڪئي ويندي آهي.
الله تعاليِٰ اديب رضويءَ کي وڏي عمر ۽ تندرستي عطا ڪري ته جيئن هو سنڌ جي ماڻهن ۽ انسان ذات جي گهڻي کان گهڻي خدمت ڪري سگهي. اهڙن ماڻهن جي لاءِ ئي شاهه صاحب ؓ فرمايو آهي ته:
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

ڊاڪٽر الاهي بخش سومرو

ڊاڪٽر صاحب پاڻ هنڱورجن جو آهي، محنت ڪري ايم بي بي ايس پاس ڪرڻ کانپوءِ ٻاهرين ملڪن جهڙوڪ انگلينڊ، آسٽريليا، ڪئنڊا. مان ڊگريون وٺي هن پاڻ مڃايو آهي. صلاحيتون ۽ فارين ڪواليفائيڊ هئڻ ڪري سائين ميڊيڪل آفيسر کان ترقي ڪئي آهي ۽ جائز پروموشن وٺندي سپريٽنڊنٽ سول اسپتال ڪراچي بڻيو. سول اسپتال ڪراچي پبلڪ جي شعبي ۾، انڊوپاڪ ۾ تمام وڏي اسپتال آهي ۽ سٺي ڪم ڪار جي ڪري ان جي سٺي شهرت آهي. ان سان گڏ ڊاڪٽر الاهي بخش سومرو صاحب ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جو به پرنسپل رهيو آهي، جتي به سائين پنهنجي اهليت ۽ قابليت جو چڱو نالو ڇڏيو آهي ۽ ڪافي ڊاڪٽر سندس شاگرد پڻ آهن.
مون سان ڊاڪٽر صاحب جي دعا سلام 2011ع ۾ ٿي، جڏهن منهنجو مربي ڀاءُ مرحوم سيد نياز حسين شاهه بيمار ٿيو. آغا خان هاسپيٽل ۾ علاج ڪرايوسين، پر خاص فائدو ڪو نه ٿيو، بعد ۾ مون ڊاڪٽر الاهي بخش سومري صاحب کي پنهنجي ڀاءُ مرحوم جو سڄو ڪيس کڻي وڃي ڏيکاريو. ڪيس پڙهي ڪري چيائين ته مان علاج ڪندس ۽ انشاءَالله تعاليٰ شاهه صاحب خوش ٿي ويندو.
مونکي ڊاڪٽر الاهي بخش سومري صاحب جو نالو ذهن ۾ ان ڪري آيو جو منهنجو دوست نادر خان ڊکڻ، جيڪو منهنجو پاڙيسري به آهي، ان کي اوچتو فاليج جو حملو ٿي پيو. جڏهن مان ان جي عيادت ڪرڻ لاءِ سنڌ ڪلب ۾ کيس ڏسڻ ويس ته ان جي حالت ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک به ٿيو ۽ الله جي در دعا به گهريم ته الله سائين کيس صحت ڏيئي. ڊاڪٽر الاهي بخش سومري صاحب جي علاج مان ان کي صحت ملي ۽ جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي نيڪي آهي. ڇو ته نادر خان ايڏو ته ڪمزور ٿي ويو هو جو ڪنهن سهاري کانسواءِ اٿي ويهي به ڪو نه پئي سگهيو. الله تبارڪ و تعاليٰ جو فضل و ڪرم ٿيو، نادر خان ڊکڻ خوش ۽ تازو توانو صحتمند ٿي ڪراچيءَ مان ئي عمري جي سعادت لاءِ ويو.
ڊاڪٽر الاهي بخش سومرو منهنجي ذاتي مشاهدي ۾ ڏاڍو شريف، ڄاڻو، لحاظ مروت وارو ۽ سيد صاحبان جي عزت ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. مون کي ڪچهري ڪندي اهو ٻڌايائين ته، مان جڏهن انٽرميڊيٽ سائنس ۾ پاس ڪري ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا جي لاءِ ڪراچيءَ ۾ انٽري ٽيسٽ ڏيڻ آيو هيس، تڏهن ٽيسٽ ڏنم ته اندر ۾ هرکر هئي ته رزلٽ ۾ الائي ڇا ٿيندو. شاگرد داخلا جا خواهشمند ڪافي هلندي پڄندي وارا به هيا. ٽيسٽ ڏيڻ بعد واپس ايندي بندر روڊ تي امام بارگاهه ۾ مجلس عزا ٿي رهي هئي، مان به مجلس عزا ٻڌڻ بيٺس. انٽري ٽيسٽ جو ۽ ان ۾ کڄڻ جو کٽڪو ۽ پريشاني هئي. منهنجي مايوسي ڏسي اتي بيٺل هڪڙي ماڻهو صلاح ڏني ته آيا آهيو ته مجلس ٻڌو ۽ مجلس جي پوري ٿيڻ بعد دعا گهرندا، توهان به ان دعا ۾ پنهنجي جيڪا جائز گُهر/طلب آهي، اها رب کان گهرو، ڪرڻ وارو رب آهي، انشاءَالله توهان جي دعا قبول ڪندو. بقول ڊاڪٽر صاحب جي دعا قبول ته خداوند تعاليٰ ڪندو آهي، پر ڪنهن وقت ۽ محل جي ضرورت هوندي آهي. مجلس عزا کان پوءِ مون جيڪا دعا گهري اها مالڪ قبول ڪئي ۽ مونکي داخلا ملي وئي. ايم بي بي ايس ڪري ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ميڊيڪل آفيسر ٿيس ۽ ٻاهرين دنيا مان به پڙهي آيس ۽ وقت تي پروموشن به ملندو رهيو. سٺي عزت سان رٽائر ڪيم.
هاڻي پاڻ ڪلفٽن ۾ خانگي اسپتال (ڪلينڪ) تي ويهندو آهي ۽ مريضن کي ڏسي ڪري دوائون وغيره تجويز ڪندو آهي. اسپتال جي هڪڙي حصي ۾ سندس گهر واري ڊاڪٽر نرگس صاحبه جيڪا گائني جي اسپيشلسٽ آهي، اها عورتن جو علاج ڪندي آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگيءَ مان تمام خوش آهي. سندس اولاد به ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. اسان جي سيد هجڻ جي ڪري ڊاڪٽر صاحب تمام گهڻي عزت ڪندو آهي، خدا ڪري اسان سيد ٿي روز محشر ۾ اٿون.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي گهران، پنهنجي گاڏيءَ ۾ آچر جي ڏينهن منهنجي ڀاءُ کي P.E.C.H.S ۾ ڏسڻ ويندو هيو ۽ مون کان ڪا به في چارج نه ڪندو هيو، اها ان جي مهرباني آهي. ان جي برعڪس ڊاڪٽر صاحب جڏهن پنهنجي نياڻي جي گريجوئيشن سيرمني (ceremony) ۾ شرڪت لاءِ انگلينڊ ويل هيو ته هڪڙي هفتي لاءِ ڊاڪٽر محمد اسلم آرائين کي منهنجي ڀاءُ جي چيڪ اپ لاءِ وٺي آياسين، جيڪو جمعيت هاسپيٽل دهلي ڪالونيءَ ۾ ڪم ڪندو هيو. ان منهنجي ڀاءُ جو چيڪ اپ ڪيو، دوائون لکي ڏنائين ۽ گهر جي مين گيٽ تي پهچي بيهي رهيو. گاڏيءَ ۾ نه پيو ويهي، ڊرائيور کان پئسا گهريائين ته في ڏيو ته پوءِ مان گاڏيءَ ۾ ويهان. ٻڌائڻ جو مقصد آهي ”ماڻهو نه ماڻهوءَ جو فرق“.
الله تعاليِٰ ڊاڪٽر الاهي بخش سومري کي ۽ ان جي فيمليءَ کي صحتمند ۽ خوشحال رکي آمين.

حاجي منور علي عباسي

حاجي صاحب ۽ سندس والده ڊاڪٽر اشر ف عباسي ۽ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر صفدر عباسي پيپلز پارٽيءَ جا سچا ۽ وفادار ڪارڪن ڪري ليکيا ويندا آهن.
حاجي منور علي عباسي صاحب جي شخصيت بيحد نماڻي ۽ سهڻي سڀاءَ واري آهي، هُو هر عام توڻي خاص خاص لاءِ محترم رهيا آهن. ڊسٽرڪٽ وائس پريزيڊنٽ پ پ پ ضلعو لاڙڪاڻو، جو چونڊ لاءَ حاجي صاحب منهنجي تمام گهڻي مدد ۽ سهائتا ڪئي هئي ۽ مان هميشھ سندن ممنون رهيس. حاجي منر علي عباسي، عباسي ڪلهوڙا تنظيم جو سنڌ سطح تي سرواڻ آهي ۽ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي ڪيئي ڀيرا وزير پڻ رهيو آهي.
حاجي صاحب سياست سان گڏ سماجي ڪم ڪار ۾ به اڳتي آهي، سٺا سماجي ۽ انساني ڀلائيءَ جا ڪم پيو ڪري. هر سال اکين جي مريضن جي لاءِ فري ڪئمپ به هلرائيندو آهي جتي علاج معالجو، دوا درمل، چشمو ۽ کاڌ خوراڪ ۽ رهائش وغيرهه مفت ۾ ڏيندا آهن. اهڙي نموني ضرورتمندن ۽ غريب شاگردن کي سال ۾ هڪڙو ميڙاڪو ڪري اسڪول جا درسي ڪتاب ۽ پوشاڪ وغيرهه به مهيا ڪرڻ حاجي صاحب جي سرگرمين جومعمول رهيو آهي. ايامن کان ڀٽي صاحب شهيد جو هر سال پنهنجي ڳوٺ ۾ جنم ڏينهن ۽ شهادت جو ڏهاڙو ملهائيندا آهن ۽ قرآن خواني ڪرائيندا آهن.
حاجي صاحب جي اٿي ويٺي به ڏاڍي سوشل آهي. ماڻهن جي شادي توڙي غمي ۾ شرڪت، سنڀالي ۽ ڳڻ ڳوت سان ڪندو آهي. اڄ ڪالهه قبائلي ۽ ذاتين جي جهڳڙن کي نبيرڻ ۾ مصروف آهي، هن ميدان ۾ پنهنجن سچين ڪوششن سان ماڻهن جي صحيح نموني ۾ خدمت ڪري رهيو آهي.
حاجي صاحب هر سال 12 ريبع الاول جو ڏهاڙو ملهائيندو آهي ۽ وڏي پئماني تي عيد ميلاد النبي صلي الله عليھ وسلم جو پروگرام پڻ ڪرائيندو آهي، جنهن ۾ وڏي پئماني تي ماڻهن کي شرڪت جي دعوت ڏيئي گهرائيندو آهي. الله تعاليٰ کيس ان جو اجر عطا ڪري.

ڊاڪٽر سيد محبوب علي شاهه

ڊاڪٽر صاحب مرحوم سيد جهان شاهه ريٽائرڊ سپرٽينڊنٽ آف پوليس جو فرزند ارجمنڊ آهي. سائين مرحوم جهان شاهه به پنهنجي وقت جو سٺو پوليس آفيسر ۽ يارن جو سٺو يار ٿي گذريو آهي.
پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلڻ سبب ڊاڪٽر محبوب علي شاهه ۾ به سٺي ڊاڪٽر، سٺي دوست ۽ واعدي وفا ڪرڻ جا ڳڻ موجود آهن.
شاهه صاحب جن جو اصل ڳوٽ سيد نبي شاهه آهي جيڪوتعلقو ميرو خان ۽ شهدادڪوٽ جي سنگم تي آهي.
ڊاڪٽر محبوب علي شاهه ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ به ماڻهن جي خدمت ته ڪندو ئي آهي پر ان کان علاوهه پنهنجي تر ۾ سماجي ڪم ڪار ۾ به اڳتي آهي. منجهيل، تڪليف ۾ آيل ۽ ڏکايل ماڻهن جي هر ممڪن مدد ڪندو آهي. جيئن سندس اثر سياسي ۽ سماجي طور تعلقي ميرو خان، شهدادڪوت ۾ تمام گهڻو آهي تنهن ڪري حلقي وار سندن معتقد به اتي تمام گهڻا آهن ۽ هو انهن جي هر ڏکيء وقت ۾ مدد ڪندو رهندو آهي.
هر آچر تي ڊاڪٽر محبب علي شاهه جو ڳوٺ نبي شاهه ۾ موجود هئڻ معمول هوندو آهي. اهو سڄو ڏينهن هو پنهنجي واسطيدار ماڻهن سان ميل جول رکندو آهي ۽ راڄوڻا فيصلا به ڪندو آهي، اهڙي طرح اوڙي پاڙي ۾ ماڻهن جي خوشيءَ، غميءَ ۾ شريڪ پڻ ٿيندوآهي.
1988ع جي صوبائي اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ شاهه صاحب منهنجي وڌ ۾ وڌ مدد ڪئي هئي ۽ شاهه صاحب پاران مدد ۽ دريا دليءَ سان کلي حمايت ڪرڻ جي ڪري تمام گهڻا ووٽ مليا هيا.
مستوئي قوم جا ماڻهو سندن معتقد آهن. مرحوم سردار روشن علي مستوئي جيڪو مستوئي قوم جو سرادر هيو، تنهن اليڪشن مهم جي دوران پنهنجي ڳوٺ مستوئي ۾ وڏي دعوت جو اهتمام ڪيو هيو جنهن ۾ نه صرف مستوئي قوم جا ماڻهو شريڪ ٿيا هيا پر پاڙي اوڙي جي ٻين قومن جا ماڻهو به وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا هيا.
الله جي فضل سان ميمبر ٿيڻ کان پوءِ مستوئين جي چند ڳوٺن ۾ مون ڪجهه اسڪيمون ڏيئي بجلي به پهچائي ۽ لنڪ روڊ به ٺهرايا. ۽ا ن کان علاوهه ميرو خان کان ڇٽو مستوئي ڳوٺ، جيڪو تقريباً ڏهه، يارهن ڪلو ميٽر آهي ان لاءِ به محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي حڪم تي ايشيئن ڊولپمينٽ بنئڪ پاران رستو ٺهرائي ڏنوسين. اهو رستو ميرو خان مان نڪري مستوئين جي ڳوٺن مان ٿيندو، ڪوٽ لاهوريءَ کان نڪري وڃي لاڙڪاڻي شهدادڪوٽ روڊ ۾ پوي ٿو. ان روڊ جي ڪري ان وچين علائقي ۾ جيڪو ميرو خان تعلقي جي پڇڙي آهي بيحد گهڻي سهوليت ٿي.
1993ع جي اليڪشن ۾ ڪن سببن جي ڪري سائين محبوب علي شاهه مون کي ووٽ ڪو نه ڏياريا ۽ ممتاز علي خان ڀٽي جي مدد ڪيائين. پر اليڪشن کانپوءِ به منهنجا ساڻس ذاتي ۽ سماجي تعلقات قائم رهيا ۽ هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيدا آهيون ۽ ڪا به رنجش وغيرهه ڪو نه آهي.
ڊاڪٽر محبوب علي شاهه ٻه دفعا سول اسپتال لاڙڪاڻي جو ميڊيڪل سپرٽينڊنٽ ٿي رهيو آهي، اتي به سندس ڪار ڪردگي وڏي هاڪ واري رهي آهي.

عبدالفتاح ميمڻ مرحوم ۽ مسٽر محمد اقبال ميمڻ

اقبال ميمڻ صاحب پاڻ مسٽر مرحوم نظام الدين ميمڻ وڪيل جو فرزند ۽ مرحوم عبدالفتاح ميمڻ وڪيل جو ڀائٽيو آهي.
عبدالفتاح ميمڻ وڪيل مرحوم، لاڙڪاڻي جي سياسي ۽ سماجي ڄاتل سڃاتل شخصيت هيو. مرحوم عبدالفتاح ميمڻ سنڌ اسيمبليءَ جو وارهه تعلقي مان 53-1952 جي اليڪشن ۾ ميمبر به ٿيو هيو. مسٽر عبدالفتاح ميمڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سامهون 65-1964 جي B-D ميمبر چونڊائڻ واري حلقي ۾ فارم ڀريو هيو. مرحوم خان بهادر محمد ايوب کهڙي ان جي مدد پئي ڪئي، پر مرحوم قاضي فضل الله ڪن سببن جي ڪري عبدالفتاح ميمڻ جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ميمڻ صاحب دل شڪسته ٿي پيو ۽ ان جي دوستن مرحوم حاجي غلام مصطفيٰ اسراڻ، والد غلام مجتبيٰ M.P.A ۽ سيد وريل شاهه مرحوم منهنجي چاچي ۽ مرحوم علي مراد ابڙو (بقاپور) واري وچ ۾ پئي ڪري عبدالفتاح ميمڻ کان اليڪشن وڙهڻ تان دستبرداري ڪرائي هئي ۽ ڀُٽي مرحوم کيس پاڪستان حڪومت پاران سعودي عرب ۾ سفير ڪري موڪليو هيو. سفارت جي مدي پوري ڪرڻ بعد عبدالفتاح صاحب مرحوم ڪراچيءَ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ ڪاٽن ايڪسچينج بلڊنگ ۾ آفيس کوليائين، ڪڏهن ڪڏهن سندس لاڙڪاڻي اچڻ ٿيندو هيو. پوءِ پنهنجي سياسي وابستگي نظام الدين ميمڻ مرحوم جي حوالي ڪري ويو.
عبدالفتاح ميمڻ مرحوم، لاڙڪاڻي ضلعي کي تعليم سان روشناس ڪرائڻ لاءِ لاڙڪاڻه ڪو آپريٽو ايجوڪيشن سوسائٽي ٺاهي هئي ۽ B.A B.com ۽ LLB ڊگرين حاصل ڪرڻ لاءِ جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ قاضي فضل الله مرحوم جي بنگلي پٺيان ڪلاس هلندا هئا. قاضيءَ فضل الله اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ B. com، B.A ۽ B.S.C جا ڪلاسز شام جو گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ شروع ڪرايا هئا.
محمد اقبال ميمڻ پنهنجي والد صاحب نظام الدين ميمڻ مرحوم وانگر پيپلز پارٽيءَ سان وابسطه رهيو آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي 2002 ۾ قمبر ۽ وارهه تعلقن تان M.N.A به منتخب ٿي رهيو آهي هُن M.N.A ٿيڻ جي ڪري پنهنجي حلقي ۾ ڪافي ترقياتي ڪم به ڪرايا ۽ عام ماڻهن سان تعلق به سٺو رکيو. پر 2008 جي عام اليڪشن ۾ مڊل ڪلاس ماڻهو هجڻ جي ڪري پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ ملڻ کان محروم رهيو. هن وقت پنهنجي وڪالت جي پيشي سان منسلڪ آهي .

مسٽر امان الله شيخ

موهن جي دڙي جي مردم خيز مٽيءَ تمام وڏا سياستدان، سماجي ورڪر، شاعر، اديب ۽ دانشور پيدا ڪيا آهن. امان الله شيخ وڪيل به سنڌ ڌرتي ماتا جو ۽ ان جي اصلي رهاڪن جو ڄڻ ته عاشق آهي. پاڻ ذهني طرح سيڪيولر، سوشلسٽ ۽ عام ماڻهوءَ جي ڀلائي ۽ بهتري سوچيندڙن مان هڪ آهي. سندس سياسي واسطو مرحوم سائين جي ايم سيد، مرحوم مير غوث بخش بزنجو، سردار عطاءُالله مينگل ۽ اجمل خٽڪ وارن سان رهيو آهي. سندس لکڻيون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن، جي علم ۽ دانش سان ڀرپور هونديون آهن.
لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين، ان کان اڳ شاگرد جي حيثيت ۾ نوجوان هوندي ون يونٽ ٽوڙڻ جي تحريڪ ۾ وڏو بهرو ورتائين ۽ مرحوم حيدر بخش جتوئي جي لکڻين ۽ نظمن مان گهڻو فائدو وٺي جلسن کي تقريرن سان گرم ڪيائين. جنهن ۾ باباءِ سنڌ مرحوم حيدر بخش جتوئيءَ جو مشهور نظم ”جيئي سنڌ، سدا جيئي“. مرحوم شيخ اياز جو مشهور نظم ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار او يار“ ۽ ڪافي ٻين ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن جي مواد کي، جلسن ۽ ڪچهرين ۾ ٻڌائي داد حاصل ڪيائين. کيس سجاول سرڪل تعلقو ميرو خان جي علائقي ۾ چڱي زمين آهي ۽ ان علائقي ۾ ڪافي سماجي ڪم ڪيا اٿائين. ماڻهن جي صحت لاءِ ننڍيون ڊسپينسريون قائم ڪرايون اٿائين، انهن سماجي ڪمن ڪرڻ جي ڪري سندس اثر رسوخ ان علائقي ۾ تمام گهڻو آهي.
1988ع جي اليڪشن ۾ مسٽر ممتاز علي خان ڀٽي جي مقابلي ۾ هُن منهنجي تمام گهڻي ۽ کُلي طرح مدد ڪئي هئي.
مسٽر امان شيخ چند سالن کان ڪراچيءَ ۾ آفيس کولي وڪالت جي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو آهي. ان سان گڏ سندس سماجي، علمي ۽ ادبي سرگرميون به جاري آهن انهن ۾ خوشيءَ سان شريڪ ٿيندو آهي ۽ پنهنجي نيڪ خيالن جو اظهار ڪندو آهي.

مرحوم ممتاز علي جعفري

ممتاز علي جعفري اصلي لاڙڪاڻي جو رهواسي هو، سندن وڏو مرحوم نواز علي نياز جعفري، سنڌ جو ان وقت جو وڏو شاعر ۽ اديب، جنهن جو مرحوم پير حسام الدين راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ تمام سٺي پيرائي ۾ ذڪر ڪيو آهي، ته ابتدائي دور ۾ لاڙڪاڻي ۾ شعرو شاعريءَ کي فروغ ڏيڻ ۾ مرحوم نواز علي نياز جو وڏو ڪردار رهيو آهي.
مرحوم ممتاز علي جعفري جي دلچسپي پنهنجي وڪالت جي پيشي ۽ گهر ۾ هڪ وسيع ۽ وڏي رکيل باغ ۽ گل ٻوٽن کي سنوارڻ ۽ ٺاهڻ ۾هئي. سواءِ ان شغل جي ان جو ڪنهن به شيءِ سان ڪوبه واسطو ڪونه هيو.
وڪالت ۾ فوجداري ڪيسن جو تمام وڏو وڪيل ڪري ليکيو ويندو هو. جعفري صاحب کي آڏي پڇا ڪرڻ جي ڏاڍي مهارت حاصل هئي. ماڻهو هُن جي ڪم کي ڏسي کيس وڪيل ڪندا هئا. سندس عزت جج صاحبان به ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته نيڪ ۽ صاف سٿرو وڪيل آهي. جعفري صاحب پنهنجي لاهوري محلي، لاڙڪاڻي واري گهر مان ٽانگي تي چڙهي اچي سيشن ڪورٽ ۾ لهندو هيو. جيڪڏهن کيس اچڻ ۾ دير ٿي ويندي هئي ته جج صاحب سندس انتظار ڪندا هئا ۽ تڪڙ ڪري ڪيس ڪونه هلائيندا هئا. پنهنجو ڪورٽ جو ڪم پورو ڪري، بار روم ۾ پنهنجي چند دوستن سان ڪچهري ڪري، چانهه جو ڪوپ پي ۽ پياري واپس گهر هليو ويندو هيو. سندس اها روش تمام گهڻي پسند ڪئي ويندي هئي. مرحوم جي انتقال کي ٻه ٽي سال ٿيا آهن. سندس هڪڙو ڀاءُ اعجاز علي جعفري، شيعه تنظيمن جي ڪم ڪار ۾ اڳتي آهي. سندس ٻيو ڀاءُ آبپاشي جي محڪمي ۾ سپرينٽنڊنٽ جي عهدي تان رٽائر ڪيو آهي. جعفري صاحب مرحوم جا ٻه ڀاڻيجا، جعفري امام بارگاهه جي ڀرسان رهندڙ آهن ۽ اها امام بارگاهه به جعفري صاحبن جي آهي. الله تعاليٰ سندس درجا بلند ڪري ۽ مٿس رحمتون نازل ڪري.

ننڍپڻ جا ذاتي دوست

هينئر ڪجهه ننڍپڻ جي ذاتي دوستن جو تزڪرو ڪيان. جيڪي سڄي زندگي روح ۾ اوطاقون ڪري رهيا. پهرئين درجي کان وٺي مئٽرڪ تائين هيٺ ذڪر ڪيل دوست، ڪلاس ميٽ هياسين ۽ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ هر هڪ دوست پنهنجي پنهنجي حيثيت آهر ملازمتن ۾ شريڪ ٿيو، سڀ کان پهريون دوست هئو، ارباب علي دينداري مرحوم، جيڪو روينيو ۾ ملازم ٿيو ۽ پوءِ وڌي اسٽنٽ ڪمشنر جي عهدي تي پهتو.

اياز علي جوکيو

جيڪو هاءِ وي ۾ اڪائوٽنٽ ٿيو ۽ بعد ۾ GCP ڪارپوريشن ۾ شامل ٿيو ۽ وڏي عهدي تان ريٽائر ڪيائين ۽ پوءِ خان گيهه ڪمپنيءَ ۾ به ملازم ٿيو. اتان ريٽائر ڪري اڄ ڪلهه حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.

عبدالخالق جلباڻي مرحوم

ميٽرڪ کان پوءِ لوڪل گورنمنٽ ۾ ملازم ٿيو ۽ ڪنهن بيماريءَ سبب هن جو وقت کان اڳ موت واقع ٿيو.
مرحوم غلام عمر چنو به ڪلاس ميٽ رهيو. عبدالخالق جلباڻي وانگر ڏاڍو ڀوڳائي هو، پوليس ۾ ڀرتي ٿيو. سندس والد کي پنهنجي ڪجهه زمين هئي، جيڪا ريٽائرمنٽ کان پوءِ سنڀاليندو هيو. ٻه ٽي سال ٿيا آهن ته هن جو به انتقال ٿي ويو آهي.

مسٽر روشن علي ابڙو

هاءِ وي ۾ آفيس سپرينٽنڊنٽ جي عهدي تي پهتو. ايل ايل بي پاس ڪرڻ لاءِ جڏهن حيدرآباد ڪاليج ۾ ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ جي لاءِ اچڻ وڃڻ ٿيندو هيو ته منهنجي رهائش روشن علي ابڙي مرحوم جي وحدت ڪالونيءَ واري سرڪاري ڪوارٽر ۾ ٿيندي هئي.
ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ روشن علي ابڙو، اياز علي جوکيو ۽ ٻه، ٽي ٻيا دوست ڪچهري به ڪنداهياسين ۽ حيدرآباد جي صدر جي علائقي ۾ مشهور ڪراچي هوٽل ۾ گڏجي رات جي ماني به کائيندا هياسين. واپسيءَ ۾ ٽانگي تي چڙهي اقبال پئٽرول پمپ، جيڪو وحدت ڪالوني جي سامهون ۽ ريلوي پل جي لاڳيتو آهي، اتي ويهي SOFT DRINKS به پيئندا هياسين. تڏهن ٿڌي سڙڪ ڪشادي هئي، ٻنهي پاسي وڏا وڻ هيس، جنهن جي ڪري آب و هوا ڏاڍي سٺي هوندي هئي ۽ قريب قريب حيدآباد جي پراڻي يونيورسٽيءَ، ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۽ فردوس سينيما کان ماڻهو گهڻو ڪري پنڌ واڪ ڪندا هيا ۽ هوائن جو مزو وٺندا اقبال پيئٽرول پمپ تي پهچي سافٽ ڊرنڪ پيئندا هيا. ڇا ته ان زماني جي ٿڌي سڙڪ هئي، ڇا ته ان جا خوبصورت وڻ ۽ ڇا ته انهن جو خوبصورت نظارو هيو: جنهن کي ياد ڪري، هن وقت اکين مان پاڻي اچي رهيو آهي. موجودهه وقت ۾ ٿڌي سڙڪ جو نالو نشان ئي ڪو نه آهي، چئو طرف هاءِ رائز بلڊنگز آهن. انڊر پاس ٺاهي وڻن کي ختم ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ٿڌي سڙڪ جي سونهن، سوڀيا ۽ ٿڌيون هوائون ختم ٿي ويون آهن. اهڙي حال جي ڪنهن کي به خبر ڪو نه هئي ته ائين به ٿيندو.

گل حسن سولنگي مرحوم

منهنجي وڏي ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه جو ڪلاس ميٽ هيو ۽ ڪرمنل سائيڊ تي چڱي معلومات اچڻ کان پوءِ استعفيٰ ڏيئي وڪالت جي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. ٿوري وقت اندر فوجداري ۽ سول ڪيسن ۾ چڱو نالو ڪڍيائين. منهنجو لوڪل بورڊ جي اليڪشن 1979،1987 ۽ صوبائي اسيمبلي جي اليڪشن1988، 1990، 1993 ۾ چيف اليڪشن ايجنٽ ٿي رهيو. پنهنجو فرض تمام سٺي نموني ۾ قاعدي قانون تي عمل ڪندي بجا آندائين، سندس ڪوشش ۽ محنت سان اليڪشن ۾ ڪاميابيون نصيب ٿيون. الله تعاليٰ سندس درجات بلند ڪري آمين.

مسٽر الهيٰ بخش ڪيهر

جنهن کي عمومًا استاد ڪيهر سڏيو ويندو آهي، ان کان مون سول ڪيسن ۾ رهنمائي ورتي. هن وقت وڏي عمر جي ڪري سرگرم وڪالت نٿو ڪري سگهي، چيمبر ورڪ ڪري رهيو آهي. طبعيت جو سٺو، ملنسار ۽ سدائين کل مک، ڪاوڙ جو اظهار ڪڏهن به سندس چهري تي ظاهر نه ٿيو آهي.

مرحوم فقير محمد جعفري

سابق ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر D.P.P لاڙڪاڻو، ڏاڍو محنتي وڪيل هيو، مان اڪثر ڪري ڪنهن معاملي ۾ مجهندو هيس ته سندس آفيس ۾ وڃي، جيڪا جعفري امام بارگاهه جي ڀرسان آهي، صلاح مشورو وٺندو هيس ۽ هو سيد ۽ اهل تشيع هئڻ جي ڪري مون کي ڏاڍي عزت، محبت ۽ دعائون ڏيندو هيو. سندس فرزند مسٽر رحمت حسين جعفري اسان سان گڏ ڪم ڪندو هيو، جيڪو بعد ۾ سول جج جو امتحان ڏيئي سول جج ٿيو. هاءِ ڪورٽ جج ۽ سپريم ڪورٽ جي جج تائين پهتو ۽ نيڪ ناميءَ سان اتان عمر پوري ٿيڻ جي ڪري ريٽائر ڪيو اٿس.

محمد بچل تنيو

پڙهيل ڪڙهيل ۽ سلجهيل ماڻهو، وڪالت جو پيشو مسٽر عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي چيمبر ۾ شامل ٿيڻ کان شروع ڪيائين، بعد ۾ پنهنجي آفيس الڳ کوليائين. سٺو اديب، سنڌي خواهه انگريزي جو تمام منفرد ليکڪ آهي. وڪيل به سٺو آهي، هن وقت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جا فرائض انجام ڏيئي رهيو آهي.

مرحوم محمد عرس چنو

اصل ۾ رهاڪو نئين ديري جو، ميٽرڪ پاس ڪري ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ۾ ڪلارڪ ڀرتي ٿيو ۽ وڃي ريڊر جي عهدي تائين پهتو. چنو مرحوم تمام شريف، دوستن جو دوست، فرض جي ادائيگيءَ ۾ سڀ کان اڳتي ۽ صحيح ڪم ڪرڻ ۾ کيس مزو ايندو هيو. لاڙڪاڻي ضلعي جي وڪيلن، عام پبلڪ ۽ جن ججن صاحبن وٽ ڪم ڪيائين، سي سندس فرض شناسيءَ جي گهڻي عزت افزائي ڪندا هيا. شارٽ هينڊ ۽ ٽائپسٽ مقرر ڪرڻ جو رواج تمام دير سان رائج ٿيو. اسان ڏٺو ته سيشن جج صاحب کليل ڪورٽ ۾ آرڊر ڊڪٽيٽ ڪرائيندو هيو ته مرحوم محمد عرس چنو ڊائرڪٽ ٽائپنگ مشين تي ٽائيپ ڪندو هيو. غلطي يا درستگي تمام ٿوري ٿيندي هئي. مرحوم محمد عرس چنو وڪيلن صاحبن ۽ ججن صاحبن جي وچ تي ڄڻ هڪ رابطي جو وسيلو هيو. هو ڪڏهن به ڪا ڳالهه غلط يا وڌائي سڌائي نه وڪيل صاحبن کي نه ٻڌائيندو هيو ۽ نه ئي وري ججن صاحبن جا ڪن ڀريندو هيو. اهو ئي سبب هيو جو ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي عهدي تي رهندڙ ماڻهن کي پوري اعتماد ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪري ڏيکاريائين ۽ لڳ ڀڳ سترهن، ارڙهن سال ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جو ريڊر ٿي رهيو. ايتري عرصي ۾ ڪيترائي سيشن جج آيا ۽ بدلي ٿي ويا پر ڪنهن کي به مرحوم محمد عرس مان شڪايت ڪو نه هئي.
پاڻ نئون ديرو طرف، چنا قوم جي چڱن مڙسن مان هيو ۽ پنهنجي چڱي موچاري، زمينداري به رکندو هيو.آفيسن ۾ ۽ عام ماڻهن ۾ وڏي عزت ماڻيندڙ هيو. سندس وڏو فرزند مرحوم اختر حسين چنو بلدياتي محڪمي ۾ آفيسر هيو. اهو به ڏاڍو مروت کائيندڙ، سٺي مزاج ۽ سنگت ۾ صحيح نموني ۾ هلڻ وارو انسان هيو. ان جو پنجاهه، ٻاونجاهه سالن جي عمر ۾ هارٽ اٽيڪ جي ڪري انتقال ٿي ويو هيو. هاڻي سندس ٻيو فرزند سجاد حسين چنو آهي، جيڪو سوشل ڪم ڪار ۾ اڳتي آهي ۽ پنهنجي زمينداري به پيو سنڀالي.
مرحوم محمد عرس جي سياسي وابستگي دلي طرح شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سان هئي، جيڪي ٻئي هستيون هن کي چڱي طرح سڃاڻينديون هيون ۽ سندس عزت به ڪنديون هيون ته نئين ديري جي حالتن تي کانئُس مشورا به وٺنديون هيون.

مسٽرغلام دستگير شاهاڻي

شاهاڻي صاحب روينيو محڪمي جي نوڪري ڇڏي، مرحوم اختر علي جي قاضيءَ سان وڪالت شروع ڪئي ۽ سال کن پوءِ پنهنجي الڳ آفيس کوليائين. ٻن ٽن سالن جي اندر وڪالت ۾ سٺو نالو پيدا ڪيائين، سول سائيڊ تي وڌيڪ توجهه ڏيئي نالو ڪڍيائين. شاهاڻي صاحب حڪومت سنڌ پاران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ٿي رهيو ۽ ٻن ٽن سالن کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل جج به ٿيو. ان سان گڏ جج جي حيثيت ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ميمبر طور به سنڌ صوبي طرفان ڪم ڪيائين.
پاڻ ڏاڍو مروّت وارو، ڄاڻو، سٺي رتبي ۽ لحاظ تي هلڻ وارو ماڻهو آهي. پر جيئن ته عدليه ۽ انتظاميه جو خواهه مخواهه جهيڙو ٿي پيو ۽ چيف جسٽس پاڪستان افتخار محمد چوڌري پنهنجي سرسي ڏيکارڻ لاءِ، جيئن ٻيا اعليٰ عدليه جا 104 ماڻهو ڪڍيا هئا، ايئن هن صاحب تي به ڪڍڻ جو قلم وهي ويو ۽ هاءِ ڪورٽ جي جج جي عهدي تان برخواست ڪيو ويو.
شاهاڻي صاحب نوڪري جي وڃڻ کان پوءِ به وري وڪالت جي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو، هن وقت پڻ لاڙڪاڻي جي سٺن وڪيلن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو.

مسٽر صفدر علي ڀٽو

پاڻ اصل ۾ ڳوٺ بنگل ديرو جو آهي، سندس والد مرحوم غلام مصطفيٰ ڀٽو به بنگل ديري ۾ رهائش پذير هيو، پر ٻارن جي تعليم جي ڪري لاڙڪاڻي شفٽ ٿي ويو. جتي سندس ٻارن تعليم پرائي ۽ ڪنهن مقام تي پهتا . مسٽر صفدر علي ڀٽو وڪالت جي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو، وڪالت ۾ چڱي نالي پيدا ڪرڻ کان بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميرٽ تي elevate ٿيو، پر چيف جسٽس آف پاڪستان چوڌري افتخار محمد جي پيپلز پارٽيءَ سان جهيڙي جي ڪري مسٽر صفدر ڀٽي کي به هاءِ ڪورٽ جي جج جي نوڪريءَ مان فارغ ڪيو ويو. هن وقت هُو به لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي. صوم صلواة جو پابند آهي.
سندس ٻيو ڀاءُ افسر علي ڀٽو، محڪمي صحت ۾ ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ جي عهدي تي رهيو آهي. اميد آهي ته ٻئي ڀائر چڱي رستي تي هلي ڪري نيڪ نامي پيدا ڪندا. خداتعاليٰ کين ڪاميابي عطا ڪري. آمين.

مسٽر فضل الله قريشي

مسٽر فضل الله قريشي سنڌ جو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پلاننگ ۽ ڊولپمنٽ رهيو آهي ۽ مشهور قوم پرست ڪامورو، ايماندار، سنڌ جو گهڻ گهرو ۽ خيرخواهه آهي، هن صاحب پنهنجي لکڻين ۽ مختلف ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي خلاف انگن اکرن ۽ دليلن سان ثابت ڪيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ جي مفاد جي خلاف آهي ۽ ان جي ٺهڻ جي ڪري سنڌ، جيڪا اڳئي گهڻين مصيبتن ۾ آهي، اها هن مصيبت، ڪاري نانگ جي ٺهڻ ڪري بنجر ٿي ويندي.

مسٽر اي اين جي عباسي

مسٽر عباسي صاحب به بنيادي طور انجنيئر آهي، سيڪريٽري اريگيشن به رهيو آهي. ڪيئرٽيڪر زماني ۾ اريگيشن جو وزير به رهيو آهي. جنرل پرويز مشرف ڪالاباغ ڊيم جي ٺهڻ يا نه ٺهڻ جي لاءِ هڪ ڪميشن جوڙي هئي جنهن ۾ ٻين صوبن جا نمائندا به هيا.
پنجاب جي نمائندن ڪابالاغ ڊيم جي حق ۾ لکيو، پر عباسي صاحب سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي آباديءَ جا انگ اکر ٻڌائيندي ۽ پاڻيءَ جي موجود هجڻ جا ذريعا ٻڌائيندي مفصل رپورٽ لکي جنهن ۾ هن ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ جي سخت مخالفت ڪئي، جيڪا ڳالهه جنرل پرويز مشرف کي ڪونه وڻي ۽ ان بعد عباسي صاحب جي رپورٽ به منظور ڪونه ڪيائين ۽ عباسي صاحب کان به پاسيرو ٿي ويو.

مرحوم محمود خان ڀٽو

مرحوم محمود خان ڀٽي جو سياسي تعلق مرحوم قاضي فضل الله سان گهڻو رهيو ۽ قاضي صاحب به ان تي ڏاڍو مهربان هيو.
محمود خان ڀٽي کي بئراج کاتي مان زمين کڻڻ مدد ڪيائين جنهن بعد هُو ميرو خان جو چڱو ڀلو زميندار ليکجڻ ۾ آيو. محمود خان ڀٽي جي فرزندن کي قاضي فضل الله مرحوم ڪسٽم کاتي ۾ نوڪريون وٺي ڏنيون، ۽ انهن جي ذريعي ميرو خان تعلقي ۾ چڱو اثر رسوخ پيدا ڪيائين. مرحوم محمود خان ڀٽي ياريءَ جو نينهن نڀائيندي 1970ع ۾ جي اليڪشن ۾ به قاضي فضل الله مرحوم جو ساٿ ڏنو ۽ ممتاز علي خان ڀٽي کي ووٽ ڪو نه ڏيارائين.
منهنجي مرحوم ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه جو نوڪريءَ جي ڪري ميرو خان ۾ چڱو وقت گذريو جنهن سان اُن جا سٺا تعلقات قائم ٿيا ۽ دوستي ٿي وين، ان دوستيءَ جي نالي تي انهيءَ خواهش جو اظهار ڪيائين ته ڀٽن صاحبن جي مخالفت ڪئي آهي پر هاڻي انهن سان ٺاهه ڪجي ته بهتر آهي. انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي مون محمود خان ڀٽي کي وٺي وڃي ممتاز علي خان ڀٽي جي بنگلي تي ملاقات ڪرائي. ان موقعي تي هڪ ٻئي سان ڳالهائي ڏک سور دور ڪيائون ۽ ممتاز علي خان ڀٽي جي آئندهه مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيائين، اهو واعدو اهڙو سگهارو ٿيو جو 1983ع جي اليڪشن ۾ منهنجي دعا سلام ۽ منهنجي ڀاءُ جي دوستي کي به نظر انداز ڪري ممتاز علي خان ڀٽي جي مدد ڪيائين، جنهن جو مون کي ارمان ڪو نه رهيو. نتيجي ۾ اليڪشن کان پوءِ به اسان جا پاڻ ۾ سماجي تعلقات ۽ خوشي غمي ۾ اچڻ وڃڻ وارا ساڳيا رهيا.
خدا تعالي سندس جا درجات بلند ڪري ۽ کيس بهشت نصيب فرمائي آمين.

ڊاڪٽر اياز حسين تُنيو

ڊاڪٽر صاحب اصل ميرو خان شهر جو رهاڪو آهي. نهايت سُٺي سڀاءُ وارو نوجوان آهي، همت ڀريو ۽ اثر رسوخ رکندڙ آهي. سندس والد مرحوم حاجي محمد پناهه تُنيو روينيو ۾ سپر وائزنگ تپي دار ٿي رهيو، چڱو نالو ۽ شهرت ڪمايائين.
1983ع ۾ ڊاڪٽر اياز حسين تنئي، سيڪريٽري پيپلز پارٽي روينيو تعلقي ميرو خان جي حيثيت ۾ منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي. ساڻس گڏ سندس چاچو مرحوم نياز حسين تُنيو به هيو. تُنين صاحبن جو ميرو خان شهر توڙي ٻهراڙيءَ ۾ سٺو اثر رسوخ آهي. مروت ۽ مريادا وارا ماڻهو انهن کي چڱي موٽ ڏيندا آهن. وچ شهر ۾ سندن رهائش به آهي ۽ اوطاق به اٿن، جتي ماڻهن سان ملي ڪري انهن جا ڏک سور ٻڌي انهن جي مدد به ڪندا آهن.
ڊاڪٽر اياز حسين جي پيپلز پارٽي سان وفاداري، سر گرميءَ ۽ خدمتن جو اعتراف ڪندي قبمر، شهداد ـ ڪوٽ الڳ ضلعو قائم ٿيڻ کان پوءِ، پارٽي هاءَ ڪمانڊ کيس ضلعي قمبر، شهدادڪوٽ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي. هيءُ پيپلز پارٽي جا چڳ وڍيا ڪارڪن آهن ۽ بلدياتي توڙي عام انتخابات ۾ پارٽي جي اميدوارن جي هڙئون وڙئون مدد ڪري انهن کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪندا آهن.

دوست محمد ساريو مرحوم

پاڻ ڳوٺ بخشو ساريو جا زميندار آهن ۽ ديهه ساريو ۽ ان جي پسرگردائي ۾ سندن زمينداري آهي. سياسي ۽ سماجي خدمتون ماڻهوءَ جي تعلق کي سگهارو ڪنديون آهن. 1988ع جي اليڪشن ۾ دوستن ۽ مهربانن جو هڪ حلقو جڙيو. ان اليڪشن ۾ دوست محمد سارئي مرحوم ۽ سندس برادريءَ سان به لاڳاپو ٿيو. انهن سڄڻن اليڪشن ۾ به دل کولي منهنجي مدد ڪئي. مون به انهن سڄڻن کي هرگز نه وساريو ۽ اليڪشن ۾ ڪاميابيءَ لاءِ کان پوءِ ڳوٺ بخشي خان سارئي ۾ بوائز پرائمري اسڪول ۽ گرلز پرائمري اسڪول، ڳوٺ بخشو ساريو کان عرضي ڀٽي تائين ميٽل روڊ ۾ ڳوٺ بخشو ساريو کي بجلي جي سهولت پهچائي ڏني جيڪا نه صرف انهن جي ضرورت هئي پر انهن جو بنيادي حق به هيو.
دوست محمد سارئي جي انتقال کان پوءِ به سندس اولاد ۽ مائٽ پيپلز پارٽيءَ جي دل ۽ جان سان کلي ڪري مدد ڪندا آيا آهن. رتيديري شهر ۾ به سارين صاحبن جا ڪافي ووٽ داخل آهن. اهي به پيپلز پارٽيءَ کي ئي ملندا آهن ۽ اهڙن سڀني راڄن جي ڀٽي خاندان سان عشق جي ڪري ئي پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي.
ساريا خاندان ۾ ڪافي پڙهيل ۽ محنتي ماڻهو آهن، جن پنهنجي اهليت ثابت ڪئي ۽ نوڪرين ۾ پهتا آهن ۽ اتي به پنهجي محنت ۽ اورچائيءَ سان پيا خدمت ڪن.
ڌڻيءَ جي در دعا آهي ته ڌڻي مرحوم دوست محمد ساريو کي اجر غظيم عطا فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي آمين.

عبدالستار ڀٽو مرحوم (عرضي ڀٽو)

مرحوم عبدالستار ڀٽو، ڳوٺ عرضي ڀٽي جا نيڪ مرد، سپتيا، مومن ۽ غريب طبيعت وارا ماڻهو ڪري ليکيا ويندا آهن.
1988ع جي اليڪشن ۾ پارٽيءَ جي ڪري منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي هيائون. اليڪشن کان سواءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ جلسا به ڪرايا هيائون. عرضي ڀٽي جا ماڻهو پيپلز پارٽيءَ جا شيدائي رهيا آهن ۽ هر دفعي پيپلز پارٽي جي نامزد ڪيل اميدوار کي ئي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪيو اٿائون.
سرائي عبدالستار ڀٽي کي، رهائش کان علاوهه ڳوٺ عرضي ڀٽي ۾ اوطاق به آهي، جتي ماڻهن سان ميل جول رکڻ، ڏک سک ۾ انهن جو حال احوال ۽ انهن جي جائز مدد ڪرڻ سندن مشغلو رهيو آهي. اهڙي ماڻهوءَ جي جدائي ڏکوئيندڙ آهي سندس پويان پنهنجي والد صاحب مرحوم جي روايتن کي قائم ڪيو ٿا اچن.
الله تعاليٰ سندس مغفرت فرمائي ۽ جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي آمين.

مرحوم آڍو خان مگسي

مرحوم مگسي صاحب ۽ ان جا وڏا مرحوم سر شاهنواز ڀٽي جا هاري رهيا آهن ۽ ڳوٺ شاهنواز ڀٽو تعلقو ميرو خان جا رهواسي اهن ڀٽن صاحبن جون زمينون جيڪي انهن پنهنجي دور جي زرعي سڌارن ۾ ڇڏيون هيون اهي انهن هارين هجڻ جي ڪري، کنيو ۽ الله جي فضل و ڪرم سان زميندار ٿيا،
آڍو خان مگسي سچو، ايماندا ۽ بهادر ماڻهو ٿي گذريو آهي. کين زمينداري کان علاوهه سجاول شهر ۾ سارين ڇڙڻ جا سيلر به آهن اليڪشن جي مهم ۾ وڏا جلسا پڻ اتي ئي ٿيندا آهن. مرحوم آڍي خان مگسي کي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، جي لاءِ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي لائي تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت رهي آهي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو مرحومه صاحبه به سندس گهڻي عزت ڪندي هئي. محترمه ذاتي طور تي به سندس وڏو لحاظ ڪندي هئي. مگسي صاحب جي ڪنهن به چوڻ ۽ عرض کي رد نه ڪندي هئي.
چند سال ٿيا آهن جو حاجي آڍي خان مگسي جو انتقال ٿي چڪو آهي الله تعاليٰ کيس پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي. ان کان بعد سندس جو فرزند منظور حسين مگسي صاحب تعلقي جو ناظم مقرر ٿيو هيو، ان به ڪافي ترقياتي ڪم ڪري پنهنجي اهليت ثابت ڪئي. نوابزادهه مير نادر علي خان مگسي جي راڄ جا ماڻهو آهن ۽ ان جي به تمام گهڻي عز ت ۽ احترام ڪندا آهن. مير نادر علي خان پاڻ پيپلز پارٽيءَ ۾ آهي ۽ ٻه، ٽي ڀيرا ميمبر ۽ صوبائي وزير پڻ ٿي رهيو آهي.

ڌڱاڻو خان مهيسر

مهيسر صاحب تعلقي ميرو خان جو پيپلز پارٽيءَ جو 1988ع ۾ صدر به رهيو. يونين ڪاؤنسل ڌڱاڻو به سندس ڏاڏي جي نالي تي آهي. پاڻ علائقي جا چڱا چوکا زميندار آهن. ۽ سندن اثر رسوخ پنهنجي علائقي ۾ ڏاڍو ساکائتو آهي. 1988ع جي اليڪشن ۾ پارٽيءَ جي ڪري منهنجي وڏي مدد ڪئي هيائون اليڪشن مهم هلندي.
ميرو خان جي حد ۾ پهچندي ئي مهيسر صاحبن جو راڄ ڀاڳ شروع ٿي ويندو آهي، ڌڱاڻي خان مهيسر ڊاڪٽر اياز حسين تني ۽ مرحوم عبدالستار ڀٽي (عرضي ڀٽي وارو) ۽ برڪت علي کجڙ وڏو استقبال ڪيو هيو ۽ جلوس جي شڪل ۾ مهيسرن جي ڳوٺ وٺي اچي وچ شهر جي چوڪ ۾ هڪ عاليشان ۽ وڏو جلسو ڪرايو هيو. اهو جلسو مرحوم سڪندر علي خان مهيسر جي بنگلي جي آڏو ٿيو هيو، ڇو ته مرحوم سڪندر علي خان مهيسر ممتاز علي ڀٽي جي مدد ڪري رهيو هيو.
ان جلسي ۽ جلوس جو تڪ جي ماڻهن تي تمام گهڻو اثر پيو هيو ۽ اليڪشن ۾ کٽڻ جو سبب پڻ بڻيو هو.

عبدالستار ڀٽو

هيءُ صاحب به اصل ۾ بنگل ديري جو آهي ۽ L. L. B پاس ڪرڻ کان پوءِ هُن منهنجي س‍ؤٽ سيد غضنفر علي راجا شاهه جي معرفت منهنجو چئمبر جوائن ڪيو ۽ مون سان گڏ منهنجي هاءِ ڪورٽ جي جج ٿيڻ تائين ڪم ڪيو.
پاڻ هاءِ ڪورٽ جو Enroll ٿيل وڪيل آهي. سندس فرزند عبدالوهاب ڀٽو به وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل آهي.
مسٽر عبدالستار ڀٽو ۽ سندس فرزند سياسي طور محترم ممتاز علي ڀٽي سان واسطو رکندڙ آهن ۽ مون سان به اچڻ وڃڻ جو رستو ڏک، سک ۾ قائم رکيو اچي. مون به کيس اها صلاح ڏني هئي ته کيس، جيڪي صحيح لڳي، ان تي عمل ڪري ۽ هروڀرو سياست جي ڪري سماجي تعلقات خراب نه ڪبا آهن. ان تي عمل ڪندي مون سان جڏهن به، منهنجو ڳوٺ وڃڻ ٿيندو آهي ته ملڻ ايندو آهي. تازو مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اچڻ جي ڪري مسٽر ممتاز علي خان ڀٽي هن کي D. A. G ڊپٽي اٽارني جنرل سکر ۾ مقرر ڪرايو آهي.

محمد اسماعيل ڀٽو

اصل ۾ سائين بنگل ديري جو آهي. سندس والد مرحوم محمد ابراهيم ڀٽو محڪمي زراعت ۾ آفيسر هيو. محترمه بنظير ڀٽو کي ڪافي ويجهو هيو ۽ محترمه به سندس عزت ڪندي هئي. سندس چاچو محمد يعقوب ڀٽو صاحب ريٽائر انجنيئر آهي ۽ ٻيو چاچو محمد عمر ڀٽو اڪائونٽ آفيسر جي عهدي تان ريٽائر ٿيو آهي.
محمد اسماعيل ڀٽو پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ D.A.G به مقرر ٿيو هيو ۽ ان عهدي تي به ڪم ڪار ڪيو. بعد ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل هاءِ ڪورٽ جج جي حيثيت ۾ قسم کنيو هو ۽ ان کانپوءِ، جيئن مون اڳ ذڪر ڪيو آهي ته، پيپلز پارٽيءَ سان تڪرار جي ڪري چيف جج افتخار محمد چوڌري 104 جج فارغ ڪيا هئا، جو پڻ هڪ تاريخي رڪارڊ آهي، ان جهيڙي جو اثر محمد اسماعيل ڀٽي، صفدر علي ڀٽي، مسٽر مقبول اعواڻ ۽ مسٽر شفقت حسين شاهه معصومي وڪيلن تي پڻ پيو. ڇو ته اهي به هاءِ ڪورٽ جا جج ٿيا هئا، پر 104 ماڻهن واري لپيٽ ۾ اچڻ ڪري انهن کي به گهر ڀيڙو ڪيو ويو.
مسٽر محمد اسماعيل هن وقت لاڙڪاڻي ۾ وڪالت پيو ڪري، خدا سندس لاءِ چڱائي ڪندو.

مسٽر محمد نواز چانڊيو

چانڊيو صاحب منهنجي مربي ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه جو دوست رهيو آهي. ڇو ته ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ ماستر هوندي چانڊئي صاحب سان ان جا دوستاڻا تعلقات ٿيا. چانڊيو صاحب وڪالت ڪرڻ کان اڳ، ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز هيو. ان بعد اتان استعيفيٰ ڏيئي وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين، وڪالت ۾ چڱو نالو پيدا ڪيائين ۽ هاءِ ڪورٽ تائين ڪيس کڻندو آهي. بهادر، دلير ۽ منهن تي سچ چوڻ وارو آهي. ڪم مان واندڪائيءَ کان پوءِ چانڊئي صاحب جو بار روم ۾ ويهڻ سٺو لڳندو آهي ۽ ان سان گڏ چند ٻيا دوست وڪيل موجود هوندا ته ڀوڳ چرچي جي محفل رنگ وٺندي جي چانڊيو صاحب نه هوندو ته بار روم ۾ ڄڻ خاموشي ڇانيل هوندي. پاڻ دوستن سان شادي غميءَ ۾ شرڪت ڪرڻ وارو آهي.
چانڊئي صاحب ڪوشش ڪري پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو آهي. سندس فرزند ٻاهر جي ملڪن؛ جهڙوڪ انگلينڊ جا پڙهيل آهن. سندس هڪ فرزند ته انگلينڊ ۾ رهائش پذير آهي ۽ ٻيو فرزند مسٽر دلي جان چانڊيو سڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز آهي.

مرحوم ڪليم الله ميمڻ

ميمڻ صاحب ڳڙهي ياسين جو اصل رهاڪو هيو. وڪالت به اتي ئي شروع ڪيائين. ڪرمنل سائيڊ جو تمام سٺو وڪيل هيو. پر جنم ڀومي ۽ ننڍي هوندي جا دوست احباب انهن جي ڪچهري جو اهو عزم آهي ته ڳڙهي ياسين شهر جي لاءِ ڪجهه ڪجي.
مسٽر ڪليم الله هڪ سٺي وڪيل هجڻ سان گڏ سٺو دوست ۽ ڏاڍو مهمان نواز پڻ آهي. سندس وڪالت جي ڪرمنل سائيڊ تي مهارت ان مان ظاهر آهي ته جڏهن مرحوم شيخ اياز کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڪري رکيو هيو ته، شيخ اياز جي پنهنجي فوجداري ڪيسن هلائڻ لاءِ نظر انتخاب ڪليم الله ميمڻ تي پئي هئي ۽ ميمڻ صاحب اها ذميداري خوش اسلوبيءَ سان نڀائي. شيخ اياز جا سڀئي ڪيس هُن هلايا ۽ انهن تي ڪامياب نتيجا انهن جي اصيلن کي ڏنا.
مرحوم ڪليم الله ميمڻ جي مهمان نوازيءَ جو ذڪر نه ڪرڻ به هڪڙو بخل ٿيندو. مان ڪيسن جي سلسلي ۾ ڳڙهي ياسين ويندو هيس، ان وقت ڪمٽل پروسيڊنگز هلنديون هيون. خون، ڌاڙي، اقدام قتل زنا باالجبر جا ڪيس فرسٽ ڪلاس مجسٽريٽ وٽ هلندا هئا ۽ پري پري کان وڪيل ڳڙهي ياسين ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ ايندا هئا. بغير تفريق جي ڪليم الله ميمڻ صاحب جو پنهنجي منشي غلام محمد اوڍاڻي کي اهو حڪم هيو ته چانهه جي وقفي ۾ گهران چانهه ٺهرائي، بسڪٽ کڻائي پاڻيءَ جا جڳ گلاسن سوڌا کڻائي سڀني آيل وڪيلن صاحبن کي چانهه ۽ بسڪيٽ هر روز بغير ناغي جي پهچائي. ڪليم الله ميمڻ جي غير حاضريءَ ۾ به سندس منشي وڪيل صاحبن جي خاطر توازه ڪندو هيو.
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
”مڙس مري ويندا آهن پر سندن ڳالهيون ڳائبيون آهن.“
مسٽر ڪليم الله مرحوم بحيثيت چيئرمين ميونسپالٽي ڳڙهي ياسين، شهر جي رستن، ڊرينيج جي نالين ۽ بجليءَ جي نظام کي بهتر بڻايو.
ميمڻ صاحب مرحوم سٺي لائبريري به شهرين لاءِ ٺهرائي، جنهن مان پڙهيل لکيل طبقو مستفيد ٿي رهيو آهي.
الله تعاليٰ ميمڻ صاحب جا درجا بلند ڪري آمين.

محمد انور ڀٽو مرحوم

محمد انور ڀٽو وڪيل مرحوم پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ضلعي جو اڳوڻو سيڪريٽري ۽ محترمه بينظير ڀٽي جو اعتماد وارو ورڪر هو.
محترم محمد انور ڀٽو مرحوم کي 2002 جي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ ڏيئي، محترمه نصرت ڀٽو صاحبه جي سيٽ تي M.N.A ڪرايو ويو هيو.
محمد انور ڀٽي مرحوم پيپلز پارٽيءَ جي پروگرام ۽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ کي نظر ۾ رکيو ۽ آخري وقت تائين خدمت ڪندو رهيو. محمد انور ڀٽي جو موت به پيپلز پارٽي جي خدمت ڪندي ٿيو، ڇا لاءِ ته محترمه فريال ٽالپر صاحبه جي حڪم تي بنگل ديري ڳوٺ مان ڪار ۾ چڙهي نئين ديري ويو ۽ اتان فريال ٽالپر صاحبه جي پروگرام جي ڪري ان جي پويان ويندي ڊرائيور کان گاڏي ڪنٽرول مان نڪري ويئي ۽ وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ناگهاني حادثي جي ڪري محمد انور ڀٽي مرحوم جو موت واقع ٿي ويو. ان سان گڏ عبدالحئي سناڻي به سخت زخمي ٿيو، جنهن کي علاج لاءِ صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري صاحب جي حڪم تي ترت جهاز ۾ کڻي آغا خان هاسپيٽل ڪراچي آندو ويو، جتي علاج کان پوءِ هو صحتياب ٿي ويو. محمد انور ڀٽو پيپلز پارٽي رتي ديري جو به سيڪريٽري رهيو. خلوص وارو ۽ نڊر ورڪر هيو ۽ محترمه کي سچ چوندو هيو ۽ سٺيون صلاحون ڏيندو هيو.
1988ع جي اليڪشن ۾ انور ڀٽو صاحب پارٽي ۽ شخصي تعلقاتن جي ڪري منهنجو سڄو هٿ هيو ۽ سڀني پروگرامن ۾ شامل رهيو. ان جي ناگهاني انتقال جي ڪري وڏو خال پيدا ٿي پيو جنهن جو اڃا تائين ازالو ٿي ڪو نه سگهيو آهي.
بنگل ديرو شهر ۽ يونين ڪائونسل ۾ انور ڀٽي مرحوم جي خاندان، ان جو اولاد، جنهن ۾ سندس چاچو محمد يعقوب ڀٽو انجنيئر، حاجي عبدالله ڀٽو، سندس اولاد ۽ پروفيسر محمد صديق ڀٽو ۽ ان جو اولاد پيپلز پارٽيءَ جا سچا هڏ ڏوکي، همدرد ۽ ظاهر ظهور اليڪشن ۾ مدد ڪرڻ وارا آهن. انهن جي اثر رسوخ جي ڪري بنگل ديري ۽ ان جي پسگردائيءَ جي پولنگ اسٽيشنز تان گهڻا ووٽ کڻي پيپلز پارٽيءَ جو جهنڊو اوچو ڪندا آهن. مان الله جي در دست به دعاگو آهيان ته الله تعاليٰ مرحوم انور ڀٽي جا درجا بلند ڪري ۽ ان جي عزيزن کي پيپلز پارٽيءَ سان ساٿ نڀائڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.

مسٽر گلاب راءِ

سائين پاڻ اصل نصيرآباد جو ويٺل آهي پر وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل هجڻ سبب لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي. پاڻ سول سائيڊ جو سٺو وڪيل آهي. ايماندار ۽ غيرجانبدار انسان هئڻ جي ڪري ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن لاڙڪاڻي جي جيڪا اليڪشن ٿيندي آهي، ان ۾ لاڙڪاڻي بار جي مختلف گروپن پاران کيس اعتماد حاصل ٿيندو آهي جنهن ڪري گذريل چند سالن کان ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن جي اليڪشن ۾ ريٽرنگ آفيسر ٿيندو آهي. سندس بي ريائي ۽ ايمانداري کي ڏسي ڪري اليڪشن پر امن ۽ خير خوبي سان ٿيندي آهي ۽ ڌريون اليڪشن جو نتيجو دل و جان سان قبول ڪنديون آهن.
اليڪشن ڪرائڻ جو بار ڏاڍو ڏکيو آهي، ڪنهن همٿ واري ۽ ايماندار ماڻهوءَ جو ڪم آهي ته اهو بار کڻي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
”بار کڻندا باري نه آهي ڪم ڪچن جو“
گلاب راءِ صاحب اقليت جو ماڻهو ٿي ڪري، گذريل ڪيترن ئي سالن کان بار جي صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائي تاريخ ۾ نالو درج ڪرايو آهي.
ٿورو عرصو ٿيندو ته پنهنجي وڪالت جي آفيس ڪراچيءَ ۾ به کولي اٿائين، پاڻ سپريم ڪورٽ جي رول تي چڙهيل آهي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ به ڪيس کڻندو آهي. سندس فرزند لاڙڪاڻي ۾ ڪم ڪار سنڀالي ويٺو جيڪو پڻ وڪيل آهي.

سيد سراج راشدي

سائين سيد سراج راشدي پيشي جي اعتبار سان هاءِ ڪورٽ جو هڪ ڪامياب ترين وڪيل ليکيو ويندو آهي. پنهنجي پيشي ورانه صلاحيتن کي استعمال ڪري سٺو نالو ڪمايواٿائين ان کانسواءِ سائين زمينداري جي پيشي سان وابسته آهي. ان ڏس ۾ قديم ۽ روايتي زرعي اصولن بدران نئين ٽئڪنالوجي کي استعمال ۾ آڻي، زراعت جي شعبي ۾ نه صرف سٺو ڪم ڪري رهيو آهي پر ٻين لاءِ هڪ مثال به قائم ڪيو اٿائين.
سائين سراج راشديءَ جا سائين پير صاحب پاڳاري مرحوم سان به تمام سٺا تعلقات هيا ۽ سائين پاڳارو صاحب مرحوم به سندس تمام گهڻي عزت ڪندو هيو. سائين سيد سراج راشدي سنڌ سيد ايسوسيئيشن جو سرگرم رهنما پڻ آهي.
1988ع ۾ منهنجي M.P.A ٿيڻ کان پوءِ سائين جي درخواست تي مون راقم الحروف نئون ديرو ڀرسان راشدي صاحب جي زرعي فارم تي بجليءَ جو ٽرانسفارم لڳرائي ڏنو، جيڪا نه صرف ان جي ضرورت پرحق به هيو. جيتوڻيڪ 1988ع جي اليڪشن ۾ راشدي صاحب منهنجي مدد ڪو نه ڪئي هئي. پر ان جي ڪري تعلقات ۾ ذرو به ڦيرو نه آيو. رتيديري ڀرسان سائين سيد سراج راشدي جا زيتونن ۽ انبن جا باغ به آهن. هو هر سال پنهنجي پنهنجي موسم ۾ اهي زيتون ۽ انب تحفي طور پنهنجي دوستن جي وسيع حلي کي موڪليندو آهي. ڏکئي وقت ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي نه صرف ڪم اچڻ وارو پر هر رنگ ۽ نسل سان تعلق رکندڙ انسان ذات جي مدد ڪرڻ پنهنجو اولين فرض سمجهندو آهي. الله سائين سيد صاحب کي خوش ۽ آباد رکي آمين.