سيلف ڊولپمينٽ

هيرا تراشڻ جو فن

ٻارن جي تريبت جي تحريڪ پيدا ڪندڙ ھن ڪتاب جو ليکڪ قاسم علي شاھ آھي ۽ سنڌي ترجمو اظهر آدرش ڪيو آھي.
”هيرا تراشڻ جو فن“ ننڍڙو پر جامع اصلاحي ڄاڻ ڏيندڙ بهترين ڪتابچو آهي. هن ڪتاب جا باب آهن ته مختصر پر، ڏاڍا پُراثر آهن. ڪتاب جو هڪ هڪ جملو ذهن جي تبديلي جو محرڪ آهي. هڪ جملو لک لهي ٿو. هڪ جملو توهان جي زندگي سان گڏ توهان جي نسلن جي زندگي کي جوڙي ڇڏي ٿو. هن سماج کي مهذب، خوشحال ۽ پُرامن بڻائڻ لاءِ هنن ڪتابن جي ضرورت هوندي آهي. دنيا جي هر وڏي ماڻهوءَ جي ماءُ ڪهڙا تربيتي اصول اپنايا اھوئي ھي ڪتاب ٻڌائي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 987
  • 458
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book هيرا تراشڻ جو فن

حق ۽ واسطا

فاضل پبليڪيشن: ڪتاب نمبر 04

ڪتاب: هيرا تراشڻ جو فن
موضوع : دنيا جي هر وڏي ماڻهوءَ جي ماءُ ڪهڙا تربيتي اصول اپنايا
ليکڪ : قاسم علي شاھ
سنڌيڪار: اظهر آدرش
ڇاپو پهريون : 2019ع
ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
ڇپائيندڙ : فاضل سومرو پبليڪيشن-ميهڙ سنڌ
ڇپيندڙ : ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650
قيمت : =/60 روپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com


HERA TARASHAN JO FUN
(A Book for Parents to Better Trend their Child)
Translated by: Azhar Adrish
Edition First 2019. Mehar Sindh. Mobile: 0302-3278489

ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو

ارپنا

جيجل امان
۽
بابا سائين
جي نانءِ
جيڪي منهنجي مسلسل تربيت ڪري رهيا آهن.

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ھيرا تراشڻ جو فن“ اوهان اڳيان پيش آهي. ٻارن جي تريبت جي تحريڪ پيدا ڪندڙ ھن ڪتاب جو ليکڪ قاسم علي شاھ آھي ۽ سنڌي ترجمو اظهر آدرش ڪيو آھي.
”هيرا تراشڻ جو فن“ ننڍڙو پر جامع اصلاحي ڄاڻ ڏيندڙ بهترين ڪتابچو آهي. هن ڪتاب جا باب آهن ته مختصر پر، ڏاڍا پُراثر آهن. ڪتاب جو هڪ هڪ جملو ذهن جي تبديلي جو محرڪ آهي. هڪ جملو لک لهي ٿو. هڪ جملو توهان جي زندگي سان گڏ توهان جي نسلن جي زندگي کي جوڙي ڇڏي ٿو. هن سماج کي مهذب، خوشحال ۽ پُرامن بڻائڻ لاءِ هنن ڪتابن جي ضرورت هوندي آهي. دنيا جي هر وڏي ماڻهوءَ جي ماءُ ڪهڙا تربيتي اصول اپنايا اھوئي ھي ڪتاب ٻڌائي ٿو.
ھي ڪتاب 2019ع ۾ فاضل سومرو پبليڪيشن - ميهڙ پاران ساحل پرنٽر ۽ پبلشرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو . ٿورائتا آهيون اظهر آدرش جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.

ساٿ سلامت سنڌ سلامت

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ٻه اکر

اڃا ٿڪيا ناهيون ۽ نه ئي ڪڏهن ٿڪباسين. سفر جاري آهي ۽ جاري رهندو. فاضل سومرو پبليڪيشن پنهنجي خواهش ۽ مقصد مطابق معياري ڪتابن کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪم ۾ رڌل آهي. اسان پاران هن ڪتاب کان اڳ سنڌ جي چونڊ شاعرن جي شاعري جو ڪتاب ”سنڌ جاڳي پئي“ ۽ ڪهاڻيڪار طفيل مگسي جو ترجمو ٿيل ناول ”موت جي منهن ۾“ ڇپائي پڌرا ڪيا هئا. ان مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ اسان اوهان کي ڏئي رهيا آهيون هي خوبصورت ڪتابچو، جنهن جو سنڌي ترجمو اظهر آدرش ڪيو آهي.
اظهر آدرش ڪجهه سالن کان مسلسل متحرڪ ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن ڪجهه سالن کان سنڌ جي اخبارن روزاني عوامي آواز ۽ روزاني سوڀ سميت ۽ رسالن ۾ ڪرنٽ اشوز تي هفتيوار ڪالم پڻ لکندو رهيو آهي. پر سندس هي پهريون ڪتاب آهي جيڪو هن ترجمو ڪري اسان حوالي ڪيو آهي.
”هيرا تراشڻ جو فن“ ننڍڙو پر جامع اصلاحي ڄاڻ ڏيندڙ بهترين ڪتابچو آهي. هن ڪتاب جا باب آهن ته مختصر پر، ڏاڍا پُراثر آهن. ڪتاب جو هڪ هڪ جملو ذهن جي تبديلي جو محرڪ آهي. هڪ جملو لک لهي ٿو. هڪ جملو توهان جي زندگي سان گڏ توهان جي نسلن جي زندگي کي جوڙي ڇڏي ٿو. هن سماج کي مهذب، خوشحال ۽ پُرامن بڻائڻ لاءِ هنن ڪتابن جي ضرورت هوندي آهي.
اچو ته سڀ پنهنجي ذميواري کي سمجهون ۽ پنهنجي نسلن ۽ ٻارن جي تربيت کي ذمي کڻي اڳيان قدم کڻون ته جيئن هن ديس ۽ قوم کي سلامتي ۽ خوشحالي بخشون.
آخر ۾ مان انھن محبوب دوستن جو ٿورائتو آهيان جن اسان جو هر وقت ساٿ ڏنو آهي، حبيب حضوري، احمد شاڪر، ڏاڏو رجب جھتيال، محمد بخش جھتيال، عبدالوحيد جھتيال، ڊاڪٽر مشتاق مھيسر، سعيد احمد سومرو، وقار تيوڻو، روشن سومرو، راشد علي سومرو، عبدالحميد سومرو، پنھل پرديسي، نعيم پنھور، پرديسي ماجد پنھور، وقار پنھور، اسماعيل سومرو، شاھنواز سومرو، علي حيدر پتوجو ۽ منھنجا ننڍڙا فاضل سومرو، فيصل سومرو ۽ فاطمه سومرو جن جي تربيت منهنجي لاءِ اولين آهي.
اچو ته هن سونهري لفظن واري امر ڪتاب کي کولي پڙهڻ شروع ڪيون.


فاروق احمد سومرو
چيئرمين
فاضل سومرو پبليڪشن
0302-3278489
5 اپريل 2019ع

قاسم علي شاھه، هڪ تعارف

قاسم علي شاھ بنيادي طور تي هڪ استاد آهي. پاڻ 1998ع کان تدريسي شعبي سان لاڳاپيل رهيا آهن. 2001ع ۾ قاسم علي شاھ اڪيڊمي جو بنياد رکيو، جيڪا لاهور جهڙي تعليمي روشنائي واري شهر ۾ نمايان مقام رکي ٿي. قاسم علي شاھ اڪيڊمي جي خاص اهميت اها آهي ته هتي طالب علم شاگردن کي تعليم سان گڏ انهن جي اخلاقي تربيت ۽ شخصي تعمير تي خاص توجهه ڏنو وڃي ٿو. پاڻ ويزيٽنگ پروفيسر طور تي شعبه تدريس ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن.
شاھ صاحب جي شخصيت جون اڳيون پھلو ٽريننگ ۽ تربيت آهي. ڇو ته هن جو چوڻ آهي ته تعليم جو اصل مقصد تربيت ئي آهي ۽ تعليم تربيت کانسواءِ قائم نٿي رکي سگهي. جيتوڻيڪ سالن کان پاڻ کي نئين نسل جي سکيا ۽ موٽيويشن لاءِ وقف ڪري چڪا آهن. ان ضمن ۾ ملازمن کي موٽيويشن، ڪسٽمرسروس مئنيجمينٽ ۽ ڪسٽمرز سان تعلق، ذهني دٻاءُ ۽ ڪاوڙ کي قابو پائڻ، ٽائيم مئنجيمينٽ، ليڊرشپ، اخلاقي قدر، حدف حاصل ڪرڻ جون مهارتون، تنظيم سازي، منتظمين جي صلاحيتن کي اڀارڻ، ڪارڪردگي ۾ اضافو، فني مهارتون، شخصي تعمير، ڪردار سازي، گهرو ويڙهه جو حل جهڙن اهم موضوعن تي ليڪچر، ورڪشاپ، سيمينارن جو باقاعده انتظام ڪن ٿا.
سموري ملڪ جا نمايان تعليمي ادارا (اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون) شاھ صاحب جون خدمتون حاصل ڪري چڪيون آهن. ۽ اهو سلسلو اڃان به جاري ۽ ساري آهي.
تعليمي ادران کانسواءِ سرڪاري ۽ معروف غير سرڪاري ادارن ۾ هن جي ٽريننگ کي اهم سمجهيو وڃي ٿو. قاسم علي شاھ پوليس، عدالتن، فوج سميت وڏي تعداد ۾ ڪارپوريٽ ادارن کي پڻ تربيت ڏئي چڪا آهن.
پنهنجي مهارتن ۽ تجربن جي ڪري پاڻ دور حاضر جا مقبول ترين ٽرينر آهن. پاڪستان جي مرڪزي شهرن کان علاوه ڏورانهن علائقن کان ايندڙ ماڻهو شاھ صاحب جي تربيتي پروگرامن ۾ وڏي ذوق ۽ شوق سان حصو وٺن ٿا. پاڪستان کانسواءِ ٻاهرين ملڪن ۾ به هن جي پروگرامن جي طلب وڌي رهي آهي.
ورڪشاپن کان علاوه ايف ايم ريڊيو، ٽي وي چينلن جي لائيو پروگرامن جي ذريعي به علم جي پياسن جي اڃ اجهائي رهيا آهن. هن وقت پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ انٽرنيٽ تي سرچ ٿيندڙ موٽيويشنل اسپيڪر آهن.
قاسم علي شاھ صاحب جي زير سرپرستي ۾ اپريل 2017ع کان قاسم علي شاھ فائونڊيشن جو قيام ٿيو. هن فائونڊيشن وسيلي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارا ڪامياب ۽ نامور پيشه ور هڪ منفرد تعليمي مهارتن تحت پنهنجا تجربا ۽ مهارتون نوجوانن ۾ منتقل ڪري رهيا آهن.
قاسم علي شاھ جي مضمونن ۽ تحريرن کان سواءِ هيٺيان ڪتاب به شايع ٿي چڪا آهن. ”ڪاميابي ڪا پيغام“، ”ذرا نم هو“، ” آپ ڪا بچه ڪامياب هو سڪتا هي“، ”بڙي منزل ڪا مسافر“، ”اونچي اڙان“، ”سوچ ڪا همياليه“، ”اپني تلاش“ قابل ذڪر آهن.

مترجم پاران

قاسم علي شاھ پاڪستان جو بهترين موٽيويشنل اسپيڪر آهي. جنهن جون لکڻيون سيمينار توڙي ويڊيوز پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي ڪنهن نئين گس ۽ ڪجهه نمايان ڪرڻ لاءِ خود اراديت جو جذبو سمائي ڇڏين ٿيون. شاھ صاحب جا سڀئي ڪتاب ۽ تحريرون پڙهڻ جهڙيون آهن. پر مون سنڌي ترجمي لاءِ هي ڪتابچو ان ڪري چونڊيو آهي جو هن ڪتابچي ۾ اهي ڳالهيون شامل آهن جنهن سان اسان پنهنجي نسلن جي بهترين تربيت ڪري سگهون ٿا.
هي ڪتاب آهي. هن کي ڪتابڙو نه سمجهجو. بلڪل ائين جيئن ڪو سرجن ننڍڙا ڪيپسول ڏئي انهن جو چوٿون حصو کائڻ لاءِ چوندو آهي. اهي ڪيپسول هوندا ته ننڍا آهن پر انهن جو پاور انساني طاقت کان وڌيڪ هوندو آهي. هي ڪتاب به مشتمل ته 30 صفحن تي آهي. پر اهي 30 صفحا 3000 صفحن جو اختصار آهن. هن ڪتاب ۾ شامل هر جملي کان پوءِ ٻيو ايندڙ جملو تقدير ۽ قسمت کي بدلائڻ جي سگهه رکي ٿو. هن ڪتاب جو لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ جو مقصد صرف ۽ صرف نسلن کي ڏاهپ جي هٿن سان سنوارڻ آهي.
هي ڪتاب گس ڏئي ٿو ته ڪيئن نسلن جي تربيت ڪري ڪامياب ۽ خوشحال بڻائي سگهجي ٿو. هن ڪتاب ۾ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته دنيا جي ڪامياب ماڻهن جي ننڍپڻ ۾ ۽ اسان جي ٻارن ۾ ڪو خاص فرق نه آهي. هي ڪتاب سوين گس ڏسي ٿو ته پنهنجي ٻارن جي تربيت ڪيئن ڪجي جو هو دنيا ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي والدين جو نالو روشن ڪري وڃن. والدين جي حيثيت سان ڪهڙا اصول اپنائجن جو اسان جا ٻار دنيا جي هر شعبي ۾ ڪاميابي يقيني حاصل ڪري سگهن. آهي سڀئي گُر هن ڪتاب جو حصو آهن.
جيڪي مائٽ سمجهن ٿا ته هنن جا ٻار موڳا آهن، هو وڌيڪ پڙهي نٿا سگهن، هو ڪو وڏو ڪارنامو نٿا سرانجام ڏئي سگهن نه ئي ٻار هنن جون خواهشون ۽ اميدون پوريون ڪري ٿا سگهن ته انهن دل شڪسته مائٽن لاءِ به خوشخبري اها آهي ته اوهان جا ٻار نه اڳ موڳا هئا نه هاڻي موڳا آهن، هو هوشيار آهن. هو جينيئس آهن، توهان کي خبر ناهي ته اوهان جي ئي گهر ۾ ڪو ايڊيسن رهي ٿو، ۽ اها به شايد خبر ناهي ته اوهان سان گڏ اوهان جي ئي ٻارن جي روپ ۾ ڪو آئن اسٽائن به موجود آهي. بس رڳو فرق ايترو آهي ته هنن جي امڙين کي يقين هو ته هنن جا ٻار دنيا ۾ ڪو وڏو ڪارنامو ڏئي ويندا، جيڪو اوهان ۾ شايد ناهي. پر ڪا ڳالهه ناهي هن ڪتاب ۾ اوهان لاءِ به اهي اصول شامل ڪيا ويا آهن جيڪي آئن اسٽائن، ايڊيسن ۽ دنيا جي ڏاهن ماڻهن جي امڙين اپنايا هئا.
مان توهان کي سچ ٿو ٻڌايان ته هن ڪتاب ۾ موجود هر جملي کي پوري ڌيان سان پڙهي عمل ڪرڻ سان اوهان ۽ اسان پنهنجي قسمت تبديل ڪري ڇڏينداسين. ڳالهه آهي عمل جي. هن ڪتاب ۾ صرف عمل ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون سمايل آهن. بس رڳو پڙهي هينئن سان هنڊائجن ته ٻيڙا پار ٿي ويندا.
آخر ۾ مان گهڻو احسان مند ۽ ٿورائتو آهيون پنهنجي دوست احمد شاڪر جو جنهن نيڪ ۽ روشن صلاحون ڏيڻ سان گڏ هن ڪتاب جي اشاعت لاءِ منهنجو حوصلو وڌايو آهي . جڏهن ته هن ڪتاب جي ڇپائي ۾ منهنجي محسن مورساگر جو اهم ڪردار آهي.
ڪتاب کي اڳيان پڙهڻ لاءِ پهريان منهنجي هڪ ڳالهه ٻڌو، هن ڪتاب پڙهڻ لاءِ پنهنجي دماغ کي ٿوري تازگي بخشيو، خراب خيالن کي ٻاهر ڦٽو ڪري اچو، ذهن بلڪل فريش ڪيو، اڃا به هڪ ڪم ڪيو ٿورو اڳيان ڏسو.. هاڻي ساڄي پاسي ڏسو... پوءِ وري ٿورو وري کاٻي پاسي ڏسو، اڇا اوهان جي سامهون جي ڪير آهي ته دل ڀري ڏسي وٺو ڇو ته اوهان کي هن ڪتاب پڙهڻ دوران ڪنهن به ڊسٽربنس جي ضرورت ناهي.

اظهر آدرش
حيدرآباد

ليکڪ پاران

رسول اڪرمصه جو فرمان مبارڪ آهي، ”هر ٻار پنهنجي فطرت مطابق پيدا ٿيندو آهي، پوءِ ان جا ماءُ پيءُ هن کي يهودي، نصراني يا مجوسي بڻائيندا آهن. (صحيح بخاري)
هڪ جڳهه تي پاڻصه جو فرمان آهي ته، ” جڏهن انسان مري وڃي ٿو ته ان جا اعمال به بند ٿي ويندا آهن، پر تڏهن به ٽي اعمال جاري رهندا آهن، صدقه جارحيه، علم (جنهن مان دنيا فائدو وٺندي رهي) ۽ نيڪ اولاد جيڪو ان لاءِ دعا ڪندو رهي.“
واصف علي واصف چئي ٿو، ”ذهن پڪو ۽ پختو ٿي وڃي ته ان ۾ اصلاح جو امڪان گهٽ رهندو آهي.“
هڪ عربي چوڻي آهي ته ” ننڍپڻ جو علم پٿر تي ليڪ آهي.“
مشهور ڪالم نگار جاويد چوڌري جو چوڻ آهي ته ”هر ڪامياب ماڻهوءَ جي ڪاميابي ۽ ناڪام ماڻهوءَ جي ناڪامي جون پاڙون ته ان جي ننڍپڻ ۾ لڳايون وينديون آهن.“
محترم والدين!
توهان جي صحت ۽ سلامتي جي لاءِ کوڙ دعائون.
اولاد الله پاڪ جي ڏنل هڪ عظيم نعمت آهي. ۽ نعمت جو احساس صرف اُن کي هوندو آهي جيڪو ان نعمت کان محروم هجي. اسان جي ٻارن جي ناڪامي جو وڏو سبب والدين ۽ استادن جو تربيت کان بي خبر هجڻ آهي. جنهن جي ڪري ٻار نه ته اعليٰ ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ به نوڪري وٺي سگهن ٿا ۽ نه ئي زندگي جي اصل جنگ وڙهي سگهن ٿا. هُو پنهنجون سڀئي توانائيون محلي، پاڙي ۽ ڳوٺن جي جنگ (ننڍا ننڍا غير ضروري مسئلا) وڙهي ضايع ڪن ٿا.
جنهن معاشري ۾ نسلن جي تعليم ۽ تربيت ڪئي ويندي آهي ته ان معاشري ۾ نتيجا ڪجهه هنن صورتن ۾ سامهون ايندا آهن.

 ڪامياب ماڻهو
 فرمانبردار ٻار
 سچ ڳالهائيندڙ
 محب وطن
 سٺا شهري ، پيدا ٿيندا آهن.

پر ڇا اسان کي مٿيان نتيجا مليا آهن؟ يقينن جواب نه ۾ آهي!
بُرائي تڏهن وڌندي آهي جڏهن سٺن ماڻهن جي کوٽ هوندي آهي، ڇو ته ”اوندهه روشني نه هجڻ جو نالو آهي.“
قاسم علي شاھ صاحب ٻارن جي رهنمائي ۽ شخصي تشڪيل جي غرض سان هي ڪتابڙو شايع ڪرايو آهي. ان دعا سان ته هي ڪاوش والدين ۽ ٻارن جي لاءِ دين دنيا ۾ خير برڪت جو سبب بڻجي!

دعا جو طالب
قاسم علي شاھ

ڇا توهان به گھرو ٿا ؟

ته توهان جو ٻار ڪنهن جو محتاج نه رهي، هو خود اعتماد ۽ پُر يقين هجي، هُو زندگيءَ کي ٻوجهه نه بلڪه زندگي کي چئلينج سمجهي ان مان مزو ماڻيندو رهي. ٻين سان رَلي مِلي زندگي جي دلچسپين ۾ شريڪ ٿئي. هو نه صرف اسڪول پر زندگي جي هر شعبي ۾ نمايان هجي. توهان جو ٻار توهان لاءِ فخر جو سبب بڻجي. هو انسانيت جي خدمت ڪري، دنيا ان جي تعريف ڪري، هو پنهنجي شعبي ۾ بي تاج بادشاھ هجي. ان وٽ دولت هجي، شهرت، طاقت ۽ آزادي!- ملطب ته سڀ ڪجهه هجي.
توهان يقين ڪريو- هر والدين جي اها ئي خواهش هوندي آهي، پوءِ چاهي هُن جو ٻار جهوپڙي ۾ اک کولي يا هڪ وڏي محل ۾! سڀئي والدين اهوئي چاهيندا آهن ته هنن جو ٻارڙو اکين جو تارو- آسمان جو تارو بڻجي وڃي ۽ پنهنجو ۽ والدين جو نالو روشن ڪري. پر ڇا سڀني والدين جون اهي نيڪ تمنائون پوريون ٿين ٿيون؟ بلڪل نه!
اسان منجهان هر شخص پنجاھ، سٺ، ستر سالن جي عمر ۾ هي دنيا ڇڏي وڃي ٿو. جنهن کانپوءِ ماڻهو ان جي شڪل ته ڇا- نالو به ڀُلجي وڃن ٿا. پر اهو ته سڀئي ڄاڻن ٿا ته اسان منجهان ڪجهه اهڙا شخص به هوندا آهن جيڪي دنيا ڇڏي به ويندا آهن، پر تڏهن به هو زندهه رهجي ويندا آهن. اهو شخص جيڪو ڪوئي اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏئي ٿو، جنهن سان تاريخ جي اکين ۾ حيرانگي اچي وڃي ٿي ته ان شخص جو نالو هزارن سالن تائين ياد رکيو ويندو آهي. رڳو محمد علي جناح، اقبال، کي ڏسو، هي ڪير ماڻهو هئا؟ ڀلا، آئن اسٽائن، نيوٽن ، ايڊيسن ۽ توهان جي ٻار ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ هي ماڻهو پنهنجي ٻاروتڻ ۾ آخري حد تائين احمق ۽ بي وقوف طور سڃاتا ويندا هئا. پر اها ڪهڙي طاقت آهي جنهن انهن کي طاقتور ۽ نامور ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇاڪاڻ ته هُو وقت جي ديوارن کي ٽوڙي انساني ذهنن جو حصو بڻجي ويا.
”ڇا سبب آهي جو هُو هيرو ۽ اسان جا ٻار زيرو آهن؟“
اسان وٽ هڪ هي به ڳالهه عام آهي ته ٻين جي ڪاميابي ۽ پنهنجي ناڪامي جي صرف هڪ وجهه سمجهندا آهيون ۽ اها وجهه هوندي آهي ”قسمت!“
جڏهن توهان صرف هڪ سبب کي آخري مڃي وٺو ٿا ته ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته، توهان ڪڏهن به حقيقت پسند نه ٿا ٿي سگهو، ۽ ڪيئن اهو ممڪن آهي ته ”صوف ۽ ڪيلي“ تي ليڪچر ٻُڌي، يا ان موضوع تي ڪتاب پڙهي، انهن جي ذائقي جي خبرپئجي وڃي؟ صوف ۽ ڪيلي تي ڇهه ڪلاڪن جو ليڪچر ٻڌڻ، پنج ڪلاڪ بحث ڪرڻ ۽ چار سئو صفحن جو ڪتاب پڙهڻ کان بهتر اهو آهي ته توهان صرف پنجين روپين جا صوف ۽ ڪيلا خريد ڪري، چَکي ڏسو ته حقيقت جي خبر پاڻ ئي پئجي ويندي. هر ڳالهه جي وجهه قسمت نه هوندي آهي، اهو ته قسمت تي صرف الزام هڻي، اسان غير ذميداري وارو رويو روا رکندا آهيون.
جارج واشنگٽن چيو ته: ”99 فيصد ناڪام ماڻهن جي پهرين ۽ نمايان بُري عادت غير ذميداري آهي“
ياد رکو ته دولت مند هجڻ هڪ نتيجو آهي، غريب هجڻ نتيجو آهي، صحتمند هجڻ نتيجو آهي، بيماري به نتيجو آهي، شهرت، بدنامي نتيجو آهي، ڪاميابي، ناڪامي نتيجو آهي، طاقت ۽ ڪمزوري به نتيجو آهي، ڇو ته اسين جنهن دنيا ۾ رهون ٿا، اها سبب ۽ اثر (Caused and Effect) جي دنيا آهي. هن نظام ۾ هڪ ائٽم (ذرو) جي ٻي ائٽم سان ملڻ جي ڪا وڏي وجهه موجود هوندي آهي، ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي، ته انسان جي واڌ ويجهه ترقي، خوشحالي ۽ ڪاميابيءَ جا ڪي به سبب نه هجن!
ڇا توهان چاهيو ٿا ته توهان به انهن اصولن ۽ سببن کان باخبر هجو جن جي ڪري ڪو ٻار ڪامياب ۽ ڪو ٻار وري ناڪام بڻجي وڃي ٿو. اچو ته توهان کي اهو پهريون راز ٻڌايون، جنهن جي ڄاڻ کانپوءِ توهان دنيا جا ڪامياب ترين مائٽ/ والدين بڻجي ويندا.

پهريون ڪم

هر بي وس ماڻهو پنهنجي بي وسيءَ جو اظهار شڪايت ۽ گِلا سان ڪري ٿو، ۽ شڪايت يا گلا هڪ اهڙو تير آهي، جيڪو ڪمان مان ته تڪڙو ئي نڪري ويندو آهي، پر ڪڏهن به نشاني تي نه لڳندو آهي. اصل ۾ گِلا يا شڪايت ڪرڻ وارو هر ماڻهو غير ذميدار ئي هوندو آهي. هُو ڪنهن ڳالهه تي عمل نه ڪندو آهي، هُو بي عمل ماڻهو هوندو آهي. هُو ڪوشش ته ڪندو آهي، پر ڪنهن شئي جي حاصلات جي لاءِ گهربل محنت نه ڪندو آهي. صرف شڪايت ئي ڪندو رهندو آهي. انهيءَ ڪري ان جي زندگي ۾ ڪجهه به تبديل ٿي نه سگهندو آهي. هُو جيڪو به ڪجهه نه ڪري سگهڻ جي قابليت رکندو آهي، ان کي ان ڪم ڪري سگهڻ جي ڄاڻ نه هوندي آهي. ياد رکو ته توهان زماني جي حالتن کي نٿا بدلائي سگهو. توهان موسمن جي تبديلي کي تبديل نٿا ڪري سگهو. توهان پنهنجي رنگ روپ، قد ڪاٺ کي نٿا بدلائي سگهو. ها جي بدلائي سگهو ٿا ته ”پنهنجو پاڻ“ کي بدلائي سگهو ٿا. پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪيو.
”جيڪڏهن توهان کي ڪنهن وڻ جو ميوو بدلائڻو آهي ته توهان کي وڻ جو ٻج بدلائڻو پوندو. اِن کان وڏي حماقت ڪابه نه ٿيندي، ته ڪڻڪ جو ٻج پوکي چانورن جي فصل جي اميد رکجي“ (سقراط)
پنهنجي نسل ۾ انقلابي تبديلي آڻڻ کان پهريان پنهنجي اندر انقلاب آڻيو. ياد رکو هي توهان جا ٻار آهن. هي اهو فصل آهي جيڪو توهان جي زمين تي ڦٽو آهي، زمين جي زرخيزي ئي فصلن کي شاداب ڪري سگهي ٿي. جڏهن ٻارن جي تربيت لاءِ والدين کي سکيا ڏني ويندي آهي ته ان وقت والدين لاءِ حيرانگي جي ڳالهه هيءَ هوندي آهي ته ٻارن ۾ خوشگوار ۽ مثبت تبديلي آڻڻ جي لاءِ والدين کي گهڻ طرفا ذهني رويه اپنائڻا پوندا آهن. هنن کي پاڻ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي آهي. اها ڳالهه مڃڻي پوندي آهي ته پنهنجي گهر ۾ هلندڙ ڦرندڙ ڪتاب جيڪي شرارتون ڪري رهيا آهن، اُهي اسان لکيا آهن.
ٻار جي قسمت، تقدير ۽ مستقبل جو دارومدار انهن واقعن تي ناهي هوندو، جيڪي ان سان پيش اچن ٿا. پر ضرور ان رد عمل تي هوندو آهي جيڪو ڪنهن واقعي تي ظاهر ڪيو هجي! هر رد عمل اڪثر والدين کان ئي سکيو ويندو آهي. مثلاً: هيءَ ڳالهه ته اڪثر نفسيات ۾ شامل آهي، جيڪڏهن ٻار کي گار ڏني وڃي، ته هو به ڪاوڙ ۾ اچي ويندو ۽ جوابي طور گاريون ئي ڏيندو. پر جي ان ٻار، ننڍپڻ ۾ هيئن ڏٺو هجي ته ان جي والدين سان ڪڏهن ان طرح جو واقعو ٿيو هجي ۽ انهن گار جي جواب ۾ هڪٻئي کي معاف ڪري ڇڏيو هجي ته اها حقيقت آهي، ته ”اهو ڪئين ٿو ٿي سگهي ته ڪنهن جي چوڻ سان مان جانور جو نسل ٿي وڃان؟ مان ته ازل کان انسان ۽ انسان جو ٻچو آهيان ته يقينًا اهو ٻار به انهيءَ واقعي جي رد ۾ ڪاوڙ ڪرڻ جي بجاءِ معاف ڪري ڇڏيندو. ان مثال جو فارمولو هن ريت به ٿئي ٿو ته،
”زندگي ۾ ٿيندڙ واقعا، ۽ انهن واقعن تي ردعمل جا، جيڪي نتيجا اسان کي حاصل ٿين ٿا.“
ٻارن جي زندگي ۾ ٿيڻ وارن واقعن کي تبديل ڪرڻ بجاءِ انهن واقعن جي رد عمل کي تبديل ڪرڻ جو سبق ڏيو ته، نتيجا خود بخود بدلجي ويندا.
”اهي سڀئي رڳو الزام آهن . پنهنجي مرضيءَ سان جيترو ٻين کي خراب چئو، ڪيتريون ڀي خراب حالتون ڇو نه هجن. ڪجهه نه بدلبو جيڪڏهن پاڻ نٿا بدلايو ته.“ (وائن ڊبليو ڊائر)
ڇا توهان کي ڄاڻ آهي ته دنيا جي سڀني غير معمولي ماڻهن ۾ هڪ خوبي ڏٺي وڃي ٿي، اها خوبي ڪوبه شخص ماءُ جي پيٽ مان سکي نه ايندو آهي، پر اها خوبي هر ٻار ۾ پيدا ڪئي ويندي آهي. اها خوبي آهي...

پنهنجو پاڻ تي يقين

شيڪسپيئر جو قول آهي ته:
”مون دنيا جا خوبصورت نظارا ڏسي ورتا پر انهن نظارن کان وڌيڪ حسين ڪوبه نظارو نه آهي جڏهن ڪنهن خود اعتماد ٻار کي ڏسندو آهيان“
زندگي هڪ جنگ آهي ۽ ان جنگ ۾ فتح ان جي ٿيندي آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ تي يقين رکندو آهي. جيئن پنهنجي صلاحيتن تي يقين يا جنهن ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ پاڻ مڃائڻ جي صلاحيت هجي.
خوداعتمادي ڪاميابي جي لاءِ هڪ زبردست هٿيار آهي. اسان جي ملڪ ۾ نوجوانن جو وڏو تعداد خوداعتمادي جي فقدان جو شڪار آهي. دنيا جو بهترين نفسياتي ماهر اهو ثابت ڪري چڪو آهي ته ”ٻار ۾ خوداعتمادي جي کوٽ ننڍپڻ ۾ والدين جي تربيت جي گهٽتائي جي ڪري پيدا ٿيندي آهي.“
جيڪي هميشه کٽيندا آهن انهن کي يقين هوندو آهي ته هُو ضرور کٽيندا. ”توهان ڪجهه ڀي حاصل ڪري سگهو ٿا پر جيڪڏهن توهان کي يقين هجي ته توهان ان جا حقدار آهيو.“ پنهنجو پاڻ تي يقين ڪرڻ هڪ ذهني رويو آهي جيڪو ڪنهن به ٻار ۾ پيدا ڪري سگهجي ٿو. ٻارن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ لاءِ هي وکون کڻي سگهجن ٿيون.

• پنهنجن ڪمن ۾ انهن کان مدد وٺو.
• هن کي به پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو.

”جيڪي مائٽن/ والدين پنهنجي ٻارن جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪن ٿا، انهن جا ٻار انهن لاءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهن“ (واصف علي واصف)

• ٻارن کي غلطيون ڪرڻ ڏيو. غلطين کان ئي ٻار سکي ٿو.
• انهن کي پنهنجا فيصلا ڪرڻ ڏيو ته جيئن انهن جي اندر ۾ فيصلي ڪرڻ جي طاقت اڀري.
• انهن ۾ رٿابندي ڪرڻ جي عادت وجهو.
• ٻارن جي نفسيات جو غور سان مطالعو ڪيو ۽ ان کي اُن جي خوبين کان خبروار ڪرڻ ۾ مدد ڪريو.
• انهن کي، روپئي، پئسي جو حساب ڪتاب رکڻ جو عادي بڻايو.

ٻارن کي پوليس واري، ٽپاليءَ يا ٻين شعبن جي ماڻهن سان گفتگو ڪرائيندا رهو. افسوس صرف انهن موتين تي ٿئي ٿو، جيڪي زماني کي پنهنجو آب تاب نه ڏيکاري سگهيا. ڪيڏي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي، جڏهن گل پنهنجي خوشبوءِ کان ڪنهن جي دماغ کي معطر ڪرڻ بغير ئي مٽي ۾ ملي وڃي ٿو. ان کان به وڌيڪ قابل رحم ۽ افسوس ناڪ حالت انهن ٻارن جي آهي جيڪي سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا، پر انهن کي پنهنجي ذات تي يقين نه آهي. ان ڪري هو پنهنجي قابليت مان نه پاڻ فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي انسان ذات جي ڪا خدمت ڪري سگهن.
”جيڪڏهن ٻار کي پنهنجي ذهانت ۽ قابليت تي يقين نه آهي ته هُو اهو سج آهي جنهن جي روشني ڏيئي جيتري آهي.“
”انسان صحيح مقصد تي جيئڻ ان وقت شروع ڪندو آهي، جڏهن ان جو پنهنجو پاڻ تي اعتماد بحال ٿي ويندو.“
(ڊاڪٽر نورمن پيل)

موقعا روز- روز ناهن ملندا قسمت جي ديوي هرروز مهربان ناهي هوندي. پر ڇا توهان کي خبر آهي ته توهان جي ٻارکي بهترين موقعو ڪڏهن ملندو آهي ۽ قسمت جي ديوي توهان تي ڪڏهن مهربان ٿئي ٿي؟ ناهي خبر! ٺيڪ ته پوءِ اسان ئي توهان کي ٻڌايون ٿا.

هي موقعو نه وڃائجو

مون وٽ ڪيترائي والدين ٻارن جي رهنمائي جي لاءِ ايندا آهن. جڏهن مان انهن کان مسئلو پڇندو آهيان ته هو پنهنجي ٻارن جي خامين متعلق هڪ وڏي فهرست بيان ڪندا آهن. هنن کان منهنجو هميشه هڪ ئي سوال رهيو آهي ته: ”ڇا توهان جي ٻارن ۾ ڪا خوبي به آهي“ يقين ڪريو اڪثر والدين ان سوال جو جواب ڏيڻ کان قاصر هوندا آهن، يا وري هڪ اڌ خوبي ٻڌائي خاموش ٿي ويندا آهن. ان جو ڇا سبب آهي؟ ڇا توهان کي خبر آهي ته ڪهڙي وجهه آهي؟ هر انسان کي عام طور پنهنجون خاميون نظر نه اينديون آهن ۽ ٻين جون خوبيون نظر نه اينديون آهن. تنقيد ڪرڻ بلڪل ايئن آهي، جيئن هڪ ماڻهو ڊوڙڻ جي سکيا ڏئي رهيو هجي ۽ ان کي ٽنگون نه هجن. اهو ته هرڪو ٻڌائي ٿو ته: ايئن نه هجڻ گهرجي، پر اهو ناهي ٻڌائيندو ته هجڻ ڪيئن گهرجي!
”جيڪو ماڻهو غلطي نٿو ڪري، حقيقت ۾ اهو ڪو ڪم به نٿو ڪري سگهي.“(ايڊورڊ جي فلپس)

اهو انسان ئي ناهي جيڪو غلطي نه ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته خالقِ ڪائنات انسان کي اهڙي صفت ڏني آهي. جيڪا ڪنهن ٻي مخلوق ۾ ناهي. اها صفت ’سکڻ‘ جي آهي ۽ انسان سکي ئي تڏهن ٿو، جڏهن هو غلطي ڪري ٿو. توهان پنهنجي ٻارن ۾ غلطيون ڳولهڻ ڇڏي ڏيو ۽ ان موقعي جي تلاش ۾ هجو ته هو ڪڏهن ٿو سٺو ڪم ڪري . جڏهن به هو ڪو سٺو ڪم ڪري وٺي ته ان جو، هن کي انعام ڏيو ۽ بهترين انعام ته سچي تعريف کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.

”ٻار جي تقدير ان وقت ٺهندي آهي، جڏهن ڪو ان جي سچي تعريف ڪندو آهي.“ (ڪين بلنچرڊ)

هرٻار باربار اهو ڪم ڪندو رهي ٿو جنهن ۾ ان کي مزو ايندو آهي ۽ تعريف ۾ ڪنهن کي مزو ناهي ايندو؟ جڏهن ٻار سٺو ڪم ڪري ته ان جي بدلي فوراً ان کي تعريف جي اعزاز سان نوازيو وڃي، ته هُو سٺن ڪمن کي پنهنجي عادتن ۾ شامل ڪري وٺندو آهي. اهڙي طرح ڪجهه سٺيون عادتون ان جي شخصيت کي مؤثر بڻائي ڇڏينديون آهن. جيڪڏهن مناسب سمجهو ته ٻارن کي ڪجهه ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ هڪ قسم جي ذميواري ڏئي ڇڏيو. جڏهن هو ان ڪم کي پورو ڪندو رهي ته اوهان ان جي تعريف ڪندا رهو ، اهڙي طرح ٻارن ۾ سٺو ڪم ڪرڻ جي عادت پئجي ويندي.

• ٻارن لاءِ تعريف ڪرڻ جا موقعا ڪڏهن به ضايع نه ڪيو:
• جڏهن توهان جي خدمت ۾ پاڻي کڻي اچي.
• جڏهن اوهان سان گڏ سامان سهيڙڻ ۾ مدد ڪري.
• جڏهن ڪا سُٺي ڳالهه ٻڌائي.
• جڏهن هو پنهنجا بوٽ پالش ڪري.
• اخلاق واري ڳالهه ڪندو هجي.
• جڏهن چوڻ مڃي.
• جڏهن هو اسڪول جو ڪم ياد ڪري ٻڌائي يا آيت يا ڪلمو ٻڌائي.

والدين جو سوال آهي ته جڏهن ٻارغلطي ڪري ته پوءِ ڇا ڪريون؟ ان جو جواب اهو آهي ته:

• پنهنجي چهري جو تاثر اهڙو بڻايو ڄڻ توهان کي هن جو ڪم سٺو نه لڳو آهي.
• زبان سان منع ڪريو.
• عارضي ڪاوڙ ڏيکاريو، اصلي ڪاوڙ نه (نفرت سان نه ڏسڻ گهرجي)
• ٻار جي تذليل يا بيعزتي نه ڪيو، اهڙي رويي سان هن جي سموري شخصيت تباهه ٿي ويندي.
• غلطي جي حوالي سان منع ڪرڻ کانپوءِ به ٻيهر غلطي ڪري ٿو ته بار بار ان کي ڪجهه نه چئجي، بلڪه ان جي شرارتن کي نظر انداز ڪرڻ شروع ڪيو يا توجهه ئي نه ڏيو. ٻار هرهر ساڳيون غلطيون ۽ شرارتون ان ڪري ڪندو آهي، جو ان تي اسان توجهه ڏيندا آهيون توجهه هٽائي ڇڏيو ٻار شرارتون ڪرڻ ڇڏي ڏيندو.
• مار هڪ اهڙو حل آهي، جنهن سان تمام ٿورا ٻار ٺيڪ ٿي ويندا آهن نه ته اڪثر ٻار وڌيڪ ضديرا ۽ گھپيرا ٿي ويندا آهن. ڪوشش ڪيو ته ٻار کي نه ماريو.

”هٿ جو استعمال اهي ماڻهو گهڻو ڪندا آهن، جن کي دماغ استعمال ڪرڻ جي عادت نه هوندي آهي.“

الله تعاليٰ هن دنيا کي هلائڻ لاءِ ڪجهه قانون ۽ ضابطه ٺاهيا آهن، اهي قانون هر هڪ تي هڪ جهڙا لاڳو هجن ٿا. الله تعاليٰ جا ٺهيل اصول ناهن بدلبا بس انهن اصولن ۽ قاعدن کي سمجهي ان تي عمل ڪرڻو آهي انهن اصولن منجهان هڪ اهم اصول توقع جو اصول به آهي.
اچو ته ان اصول کي سمجهون.

توقع جو قانون

دنيا جي سڀني عظيم شخصيتن وانگر محمد علي جناح جي عظمت جي ڪهاڻي به ان جي امڙ محترمه جي توقع جي مرهون منت آهي. اميدون ۽ نيڪ تمنائون بظاهر ڪُند ذهن بلور ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ واري هڪ ننڍي عمر واري ٻار جي دماغ ۾ هيءَ ڳالهه ويهاري ڇڏي ته هن کي مڙس مٿير ٿي عظيم ڪارنامو سرانجام ڏيڻو آهي. هن کي وڏو ماڻهو بڻجڻو آهي پنهنجو ۽ پنهنجي مائٽن جو نالو روشن ڪرڻو آهي اهو خيال ذهن ۾ ويهارڻ قائد اعظم جي والده کي اهو يقين هو ته هن جو پٽ عام ٻار نه آهي پر هي وڏو ٿي هندستان جو بي تاج بادشاهه ٿيندو قائد اعظم پنهنجي ماءُ جي خواب کي تعبير ڏني ۽ مسلمانن جي لاءِ هڪ الڳ وطن جي تصور کي عملي جامو ڏئي نمايان سرانجام ڏنو.
محترم والدين، اهو ٻڌو توهان حيران ٿيندو ته اسان جون سوچون ۽ اميدون نه صرف پنهنجو پاڻ کي پراسان جي پاڙيسرين، گڏ رهڻ وارن جي زندگيءَ کي به گهڻو متاثر ڪن ٿيون. اسان جي زندگي ۾ هر اچڻ واري شئي ان ڪري ايندي آهي. جو اسان ۽ توهان ان ڏانهن ڪشش ڪندا آهيون ۽ پوءِ اها شئي به پنهنجي طرف ڪشش ڪندي آهي. ان ڪري ڇِڪ ڪندي آهي، جو ان جي خيالي تصوير اسان جي ذهن ۾ هوندي آهي. جيڪو ڪجهه اسان ٻين لاءِ سوچيندا آهيون، بالخصوص اهو پنهنجي ٻارن جي طرف ڇڪجي ايندو آهي.
حديث شريف آهي ته ”نيڪ گمان رکڻ به عبادت حسنه مان آهي“
سٺو سوچڻ کي عبادت جو درجو مليل آهي، ڇو ان ڪري جو سٺي سوچ سٺو گمان ۽ سٺي اميد ٻين کي سٺو بڻائي ڇڏي ٿي. دنيا جي مڙني سٺن انسانن کي پنهنجي متعلق يا ٻين کي ان متعلق هڪ سٺو خيال هوندو آهي ته هُوتمام سٺو ڪم ڪندو. هي گمان سڀاڻي جي يقين جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿو ۽ يقين پهاڙکي پنهنجي جڳهه تان هٽائي سگهي ٿو.
قائداعظم محمد علي جناح جي والده جيان توهان به پنهنجي ٻارن منجهان سٺي توقع رکو ان توقعات جو پنهنجي ٻارن سان بار بار ذڪر ڪيو پوءِ ڏسو هو ڪيترو غير معمولي ٿئي ٿو ، ڪٽنب جي سمورن ڀاتين کي گهرجي ته ٻار جو تاثر، خيال ۽ رويا بهتر رکو ڇو ته هر شخص آئيني جيان هوندو آهي. جڏهن ٻار سڀني سان ملندو ۽ ان لاءِ سڀني وٽ بهترين خيال هوندا ته هُو انهن تصويرن کي پنهنجي ذهن ۾ ويهاري ڇڏيندو پوءِ ان جي تو جهه پنهنجي شاندار مستقبل ۽ خوبصورت تصور ڏانهن هلي ويندي آهي ۽ جيڪا شئي ذري ذري توجهه جو مرڪز هجي اها شئي حاصل به ٿي ويندي آهي. اڪثر والدين جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي ٻچن جي لاءِ خواب ڏسن ٿا ته هو ناڪام نه ٿين، اهي بدتميزي نه ڪن، شرارتون نه ڪن، پر ٻار تڏهن به هو جيڪو نٿا چاهين اهو ٿي وڃي ٿو. ان ڳالهه جو آسان جواب اهو آهي ته: توهان پنهنجي ذهن ۾ ناڪام شرارتي بدتميزي وارو ڀؤ ويهاري ڇڏيو آهي ۽ ذهن لاشعوري طور اهو ڪري ڇڏيندو آهي جيڪو توهان ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو آهي، توهان ذهن ۾ اها ڳالهه ويهاريو جيڪا توهان جو خواب هجي، جيڪا توهان چاهيندا هجو:

”منفي حالتون ۽ مستقل طور منفي سوچون توهان جي زندگي ۾ منفي اثرات آڻين ٿيون فيصلو ڪريو ته توهان صرف مثبت خيالن کي ئي ذهن ۾ ويهاريندو.“
(مائيڪل برنارڊ بيڪ ود)

دنيا ۾ هڪ اهڙي طاقت موجود آهي جيڪا انسان جي مشڪل کان مشڪل ڪمن کي آسان ڪري ڇڏي ٿي. جيڪڏهن اها طاقت نه هجي ها ته دنيا ۾ ڪا به قرباني ۽ بي لوث هجڻ جو جذبو نه رکي ها. آسمان واري جي وڏين طاقتن ۾ ان طاقت جو شمار صف اول ۾ آهي ۽ اها طاقت آهي.

مُحبت

جيئن وڻن ۽ ٻوٽن کي نشو نما لاءِ پاڻي ۽ اُس جي ضرورت هوندي آهي. اهڙي طرح ٻارن جي ذهني نشونما جي لاءِ محبت ۽ توجهه جي ضرورت هوندي آهي. اهي ٻار تڪڙا سمجهدار ٿي ويندا آهن، جن کي والدين جي توجهه ۽ محبت ملي ٿي. اڪثر والدين اهو سمجھن ٿا ته کارائڻ، پيارڻ رانديڪا ۽ سٺا ڪپڙا وٺي ڏيڻ ئي انهن جي محبت جو اظهار آهي. اصل ۾ محبت ڪرڻ جو مطلب گهر ۾ خلوص ۽ پيار وارو ماحول مهيا ڪرڻ ئي اسان جي محبت جو اظهار هوندو آهي. محبت ۽ توجھه ڏيڻ سان ٻار جي شخصيت ۾ ڪو به خدو خال پيدا نه ٿيندو آهي. جيستائين ٻار کي پنهنجي قريب هجڻ جو احساس نه هوندو، ان ۾ خود اعتمادي پيدا نه ٿيندي. ان ڪري غذا ۽ ڪپڙن جي گهرج کان وڌيڪ محبت ۽ پيار جي ضرورت هوندي آهي. ٻارن کي جذباتي تحفط ۽ ملڪيت جي احساس جي ضرورت هوندي آهي. اهي ٻئي احساس اُن جي پختگي جي لاءِ بنياد ثابت ٿيندي آهي.
”محبت ايتري طاقتور آهي جو ڪنهن وحشيءَ کي به هڪ لمحي ۾ انسان ڪري ڇڏيندي آهي. محبت هر شئي کي فتح ڪري وٺي ٿي، اچو ته اسان به هن (محبت) اڳيان شڪست قبوليون“ (شيڪسپيئر)
جيڪڏهن ڪو ٻارن سان محبت نه ڪري، ڪوئي انهن جي تعريف نه ڪري ته هو ذهني نشونما جي لاءِ ايندڙ قدم نٿو کڻي سگهي. هو پنهنجا فيصلا پاڻ نٿو ڪري سگهي. مستقبل جو ڪو منصوبو نٿو ٺاهي ۽ نه ئي ننڍي مان ننڍي ذميواري کڻي سگهي ٿو. جيڪو ٻار محبت ۽ پيار کان محروم هوندو آهي، اهو اڪثر ڊيڄو، شرميلو، ۽ ٻڏتر جو شڪار هوندو آهي. يا محبت جي محرومي کي لڪائي بهادري جو مظاهرو ڪندو آهي. پيار ۽ محبت ڀرئي گهر ۾ ٻار گڏجي ڪم ڪرڻ جو پهريون سبق سکي ٿو. ٻين جي مدد ڪري ٿو ۽ ٻين کان مدد گهري ٿو.
تحقيق ۽ منهنجي ذاتي راءِ مطابق ٻار جي شخصيت تي ماءُ، پيءُ جي تعلق جو گهرو اثر ٿئي ٿو. جي ڪڏهن ٻار گهر ۾ ڏسي ٿو ته ماءُ، پيءُ سچي ۽ بي لوث محبت ڪن ٿا ته هن جي ذهن ۽ مَن ۾ به محبت هڪ مکيه قدر طور جڳهه ٺاهي ٿي، ۽ هو سڄي زندگي ڏک ۽ غم کي پنهنجي ذات مٿان غالب ٿيڻ نه ڏيندو آهي. هو محبت ۽ پيار ورهائيندو ۽ محبت ئي حاصل ڪندو. ماهرن مطابق هر ڇھه سئو مان هڪ ٻار قدرتي طور تي ذهني معذوري جو شڪار هوندو آهي. پر مائٽن جي پاڻ ۾ جهيڙي جهٽي جي ڪري هر ڏهن مان هڪ ٻار ذهني معذوري يا نفسياتي بيماري جو شڪار بڻجي وڃي ٿو.
ٻارن ۾ ڏوهاري ذهنيت پوڻ جي وڏي وجهه والدين جي پاڻ ۾ ناچاڪي آهي. نفسياتي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته ٻار جي ذهني نشونما جي لاءِ ڏاڏو، ڏاڏي، نانو، ناني، چاچو، مامو ۽ خاندان جي ٻين فردن جي بي لوث محبت وڏي اهميت رکي ٿي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته جيڪي مڙس زالن تي تشدد ڪن ٿا، انهن ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد کي تشدد ڪندي ڏٺو هوندو، ان ڪري انهيءَ جي شخصيت ۾ اهو خال ايندڙ وقت ۾ نفسياتي بيماري طور ظاهر ٿيندو آهي.

”زال مڙس پنهنجي ٻارن مٿان بهترين احسان ڪري سگهن ٿا ته هو پاڻ ۾ محبت ڪن.“ (پروفيسر ارشد جاويد)

دوستو! انساني شخصيت کي تباھ برباد ڪرڻ واري ۽ ڪاميابي جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ جو نالو آهي.

خوف

دنيا ۾ هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن خوف ۾ ضرور مبتلا آهي پر سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه هيءَ آهي ته اڪثر ماڻهو حقيقي خوف بجاءِ فرضي خوف ۾ مبتلا هوندا آهن. ماهرن جي چوڻ مطابق اسان جا 99 فيصد خدشا بي معنيٰ ٿين ٿا، ۽ 2 فيصد خدشا حقيقي هجن ٿا. پر اهي نقصان ڏيندڙ نه هوندا آهن. انسان دنيا ۾ پاڻ سان قدرتي طور صرف 2 خوف کڻي ايندو آهي.
1. وڏي آواز جو خوف 2. اورچائي تان ڪرڻ جو خوف.
پر وقت گذرڻ سان هو هزارين خوف پالي ٿو وٺي، خوف زده ٻار جون سڀئي صلاحيتون ختم ٿي وينديون آهن. هن جون سموريون ذهني توانائيون خوف تي ختم ٿي وڃن ٿيون ان ڪري هن جي سوچ پُر اميد ۽ مثبت ناهي هوندي.
عام طور ٻارن ۾ خوف جي وڏي وجهه ننڍپڻ ۾ جِنن، ڀوتن کان ڊيڄاريو ويندو آهي ۽ پوءِ اهو ڊپ سڄي زندگي ان جي شخصيت جو حصو ٿي ويندو آهي. هي اصول ڪڏهن به نه وسارجو ته ٻار جي اندر غير ضروري خوف ان جي نفسيات کي تباھ ڪري ڇڏي ٿو.

”عقلمند اهو آهي جيڪو ماڻهن جي خوف بجاءِ محض خوف خدا جي ڪري گناهه کان پاسيرو رهي ۽ دلي خواهش سان عبادت ڪري.“ (بو علي سينا)

اسان کي الله تعاليٰ کان ئي اميد رکڻ گهرجي ڇو ته الله تعاليٰ ئي بهترين سهارو آهي. ٻارن کي هيءَ ڳالهه سمجهائڻ لاءِ عملي مثال پيش ڪجي. هنن جي دل ۾ خدا جو خوف پيدا ڪرڻ سان ته باقي سڀ خوف ختم ٿي ويندا. ٻارن کي رحمتِ خدا وندي جو درس ڏيڻ گهرجي.
ڪجهه والدين سمجهن ٿا ته ڊڄندڙ ٻارن سان ڪو مسئلو آهي. يا هو پاڻ ٻارن جي تربيت به نه ڪري سگهيا، پر حقيقت هيءَ آهي ته ٻارن جي عمر جي مختلف حصن ۾ خوف مخصوص هوندو آهي. جيڪڏهن ٻار وڌندڙ عمر سان گڏ گڏ مختلف مرحلن جي خوف مان گذرندو رهي ٿو ته اهڙي قسم جي حالتن ۾ پريشاني جي بجاءِ اطمينان جو اظهار ڪرڻ گهرجي ڇو ته اهي فطري مرحلا آهن. پر اسان وٽ اهڙي قسم جي ڳالهين تي عجيب رد عمل هوندا آهن. والدين چوندا آهن هِن کي ته جِنُ ٿي ويو آهي. اهي سڀ ڳالهيون ايمان جي ڪمزوري ۽ لاشعوريت جي علامت آهي. اهڙي طرح ٻار کي خدا ۽ پنهنجو پاڻ تي به يقين نه رهندو آهي ۽ ان کانپوءِ ٻار لاتعداد خوف جو شڪار ٿي ويندو آهي.
مشهور نفسياتي ماهر ”پال هاڪ“ مطابق خوف مان جان ڇڏائڻ لاءِ هيٺين ڳالهين کي مد نظر رکجي ته بهتر ٿيندو.

• ٻار کي ڪڏهن به مذاق جو نشانو نه ڪجي ۽ ان کي بزدل يا ڊڄڻو نه چئجي اهڙي ريت ٻار جو پنهنجو پاڻ تان يقين کڄي ويندو آهي، پوءِ هو سڄي زندگي ڊڄندي ڊڄندي گذاريندو آهي.
• ٻار کي خوف لڪائڻ لاءِ مجبور نه ڪيو، جيڪڏهن توهان خوفزده ٻار تي طنز ۽ ٽوڪ ڪندا ته هو پنهنجو خوف لڪائيندو. ۽ خوف لڪائڻ جو ٻيو مطلب ذاتي يقين کي ختم ڪرڻ آهي.
• ٻار کي جنهن ڪم کان خوف هجي اهو لاڳيتو هڪٻئي پٺيان نه ڪرايو، ايئن ڪرڻ سان ٻار تي دٻاءُ وڌندو ۽ خوف به ختم نه ٿيندو. هر ڪم سکندي سکندي ئي ڪبو آهي. ان ڪري ٻار کي بهادري واري عمل لاءِ جلدي نه ڪرايو.
• ياد رکو ٻارن کي مدد جي ضرورت تڏهن پوندي آهي جڏهن هو خوفزده هجي، يا ناڪام ٿيو هجي. خوف سان منهان منهن مقابلي لاءِ ٻارن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو انهن جي حوصله افزائي ڪيو.
• ٻارن کي انهن ماڻهن جون ڪهاڻيون ٻڌايو جن پنهنجي خوف ۽ ناڪامين تي قابض ٿي نالو ڪمايو آهي. اهڙي طرح ٻار کي يقين پيدا ٿيندو آهي ته ناڪامي سان ڪا قيامت ڪا نه ايندي.
• جيڪا شئي سکي سگهجي ٿي اها وساري به سگهجي ٿي. اهڙي طرح خوفزده ٿيڻ به ٻار سکيو آهي جي ان کي حقيقت ٻڌائي وڃي ۽ مضبوط دليل ڏنا وڃن ته هن جو خوف ختم ٿي ويندو.
• ٻار جنهن ڪمن کان ڊڄي ٿو، ان کان پرهيز ڪرڻ بجاءِ هن کي ان جو مقابلو ڪرڻ ڏيو. خوف پاڻ ئي ختم ٿي ويندو.

ٻار اسان جو چوڻ نه ٿو مڃي، جيڪو چئون ٿا يا سمجهايون ٿا ته اهو نٿو سمجهي. ائين ڇو آهي؟ ان به جي وجهه آهي.

توهان جا ٻار منفرد آهن

”وڏي عمر واري ماڻهو کي خبر هوندي آهي ته سڀ انسان مون جيان منفرد هوندا آهن. تنهن ڪري هو انهن ماڻهن جي عزت ڪرڻ گهرندو آهي، جيڪي سندس قابليت ۾، خوبين ۾، نظرين ۾، عادتن، رنگ ۽ مذهب ۾ به مختلف هوندا آهن.“ (ايلس وٽزمن)

مان جڏهن به ڪنهن ٽن، چئن سالن جي ٻار کي روئندي اسڪول ۾ دروازي منجهان داخل ٿيندو ڏسندو آهيان ته مون کي البرٽ آئن اسٽائن ياد اچي ويندو آهي. آئن اسٽائن به اسڪول وڃڻ پسند نه ڪندو هو. هو سمجهندو هو ته اسڪول هڪ فوجي جاءِ آهي. هن جو خيال هو ته اسڪول ۾ آزادي سان نٿو رهي سگهجي، البرٽ جي خيال ۾ آزادي، خصوصاً سوچ جي آزادي اهميت واري هئي. هو ڪابه ڳالهه ان وقت تائين نه ڪندو هو، جيستائين هو ان کي مڪمل طور سمجهي نه سگهندو هو. اڪثر اهڙي حرڪتن تي استادن کي ڪاوڙ ايندي هئي. هو ڏينهن جو خواب ڏسندو يا پنهنجو پاڻ سان پيو کيڏندو هو. آخر ڪار سڀني استادن هن کي بي وقوف ۽ نالائق قرار ڏئي ڇڏيو. پر ايندڙ وقت ۾ آئن اسٽائن دنيا جي تاريخ کي بدلائي ڇڏيو.
هن پنهنجي زندگي ۾ 1093 ايجادون ڪيون ۽ اهو ڪنهن هڪ شخص ڏانهن منسوب ٿيندڙ ايجادن جو ريڪارڊ هو. سڄي زندگي ۾ هو صرف ٽي مهينا اسڪول ويو هو. باقاعده تعليم نه هجڻ باوجود هن جديد سائنس ۾ هڪ انقلاب آڻي ڇڏيو هو، ۽ هن جي نالي کان اڄ زمانو واقف آهي. اهڙي طرح ٿامس ايڊيسن، ڇا توهان کي خبر آهي ته ٿامس ايڊيسن جي ايجادن جتي دنيا کي بهترين تحفا ڏنا، اتي آمريڪا کي سپر پاور ٺاهڻ جو بنياد فراهم پڻ ڪيو. هن کي شروع کان وٺي ”ڇو“ ۽ ”ڇالاءِ“ ڄاڻڻ جو شوق هو. هو هڪ ڏينهن ڪڪڙين جي کُڏيءَ ۾ انڊن جي مٿان ٿي ويهي رهيو. جيسين سندس گهر وارن کي خبر پئي ته موصوف انڊن تي آرو ڪرڻ لاءِ ويٺو آهي، جڏهن کيس اٿاريو ويو ان وقت تائين سڀ انڊا ڀڄي سندس ٽنگن سان چمبڙي ويا هئا.

”مونکي خبر ناهي ته دنيا منهنجي ڪم کي ڪيئن ڏسي ٿي، منهنجي پنهنجي خيال ۾ ته، منهنجو مثال ان ڇوڪري وانگر آهي جيڪو سمنڊ جي ڪناري راند ئي راند ۾ سِپين جي ڍڳ مان ڪجهه ڳولهي رهيو هجي. اهو ڇوڪرو سمجهي ٿو ته ان جي اڳيان سچ جو وسيع سمنڊ لهرون هڻي رهيو آهي. جنهن جي تھه ۾ ان کي وڃڻو آهي“ (آئزڪ نيوٽن)

جڏهن هو پيدا ٿيو هو ته ايترو ته ڪمزور ۽ نٻل هو، جو هن کي هڪ پيالي ۾ رکي پئي سگهيا. ان ٻار جي هڪ ڏينهن به زندهه رهڻ جو امڪان نه هو پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته صدين تائين ان ٻار جو نالو زندهه رهندو. ان جو نالو آئزڪ نيوٽن هو. هن کي اسڪولي ڪتابن ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي. هُو اڪثر پنهنجي ڪلاس ۾ آخري پوزيشن کڻندڙ شاگرد هو- پر جڏهن 1978ع ۾ مائيڪل هارٽ دنيا جي مؤثر عظيم ترين شخصيتن جي لسٽ ٺاهي ته ان ۾ نيوٽن جو ٻيون نمبر هو.
هي سڀ ڪهاڻيون ياد ڏيارينديون ته ڪيئن هڪ معمولي، ڊيڄو، ضديرو، هٺ ڌرم، بدتميز ۽ ويڙهاڪ قسم جو انسان محنت، جدوجهد ۽ جستجو سان هڪ عظيم انسان ۽ سائنسدان بڻجي ويو. اهڙيون صلاحيتون توهان جي ٻارن ۾ به آهن ۽ ايتريون ئي آهن جيئن آئن اسٽائن، ايڊيسن، وليم هارولي، جوزف لسٽر، لوئين پاسچر، نيوٽن ۽ رائٽ برادرز ۾ هيون. فرق صرف هڪ ڳالهه جو آهي، ته هنن جي والدين کي يقين هو ته هنن جي گود ۾ هڪ اهڙو فرد پرورش وٺي رهيو آهي جنهن کي ايندڙ وقت ۾ زماني جو مقابلو ڪرڻو آهي. توهان جو ٻار منفرد ۽ الڳ ٿلڳ (بي نظير) قسم جو ٻار آهي. ان ڳالهه ۾ جي توهان کي ٿورو به شڪ آهي ته ڀلا پوري دنيا ۾ صرف هڪ ٻار پنهنجي ٻار جهڙو ڳولي ته ڏيکاريو.

ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟

هي ڳالهه ذهين نشين ڪري ڇڏيو

[b]ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟
[/b]
هڪ ذهين ٻار شروع کان ئي پنهنجي ذهانت جو مظاهرو ڪرڻ شروع ٿو ڪري، پر اڪثر والدين ان کي سمجهي ناهن سگهندا، ذهانت کي جيڪڏهن عام لفظن ۾ بيان ڪجي ته هيئن چئي سگهجي ٿو ته ”اک ڇنڀ ۾ سکڻ وارو“ ذهين ٻار هميشه پنهنجي عمر کان وڌيڪ اڳتي نڪري ويندا آهن. ان ڳالهه جو اندازو استاد آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. سڄي ڪلاس ۾ ڪجهه اهڙا ٻار به هوندا آهن جيڪي پهريون دفعي سان چيل ڳالهه سمجهي ويندا آهن. جيڪڏهن ايئن آهي ته سمجهي وڃو ته انهن ٻارن ۾ ڪو وڏو دانشور، ڪو ڊاڪٽر، ڪو وڪيل يا ڪو سائنسدان لڪل آهي. والدين جو هڪ سوال هوندو آهي ته ٻار جي ڪارڪردگي ۾ انهن جي وسيلن، حالتن ۽ مسئلن جو ڪيترو عمل دخل هوندو آهي؟
عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته ذهين ٻار وڏن گهراڻن ۾ ئي پيدا ٿيندا آهن. تاريخ کڻي ڏسندؤ ته خبر پوندي ته ڪيترائي دنيا جا عظيم دانشور، اڳواڻ توڙي سائنسدان جن مختلف علمن ۾ تاريخ جو رخ موڙي ڇڏيو، اُهي غريب خاندانن ۾ پيد ٿيا هئا. ذهانت تي ڪنهن مخصوص طبقي جي اُجاراداري ٿورئي آهي، اها خدا جي نعمت آهي ۽ ڪنهن کي به ملي سگهي ٿي. حالتن ۽ وسيلن جو ٻارن جي شخصيت تي ان وقت اثر پوندو آهي، جڏهن والدين ۽ استاد پنهنجو ڪردار ادا نه ڪن. ڇاڪاڻ ته محرومي تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن ساٿ ڏيندڙ سچو نه هجي. ياد رکو ته اوهان پنهنجي ٻارن کي سڀ ڪجهه مهيا نٿا ڪري سگهو ۽ اهو ضروري به ناهي.
ماهرن جي تحقيق مطابق ”ڪنهن شئي جي کوٽ يا ڪمي جو احساس ئي اڳتي وڌڻ جو احساس ڏيندو آهي. جنهن بُک ناهي ڏٺي ان کي بُک جي درد جي ڪا به خبر ناهي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته غريب گهراڻن جا ٻار محنت ڪرڻ جو جذبو وڌيڪ رکن ٿا. ڇو ته هڪ غريب ۽ محروميت جي شڪار ٻار وٽ ڪجهه ڪري وٺڻ جا ڪيئي سبب هوندا آهن. (جيئن سنڌ جا ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ هن وقت جذبي سان تعليمي ميدان ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هو ماضيءَ ۾ هر حق کان محروم هئا، جيڪي هن وقت هُو حاصل ڪري رهيا آهن. مترجم) ان ڪري حالتن جو روئڻ پٽڻ نه گهرجي ۽ ٻار کي ڪڏهن به حالتن جي تابع نه ڇڏيو، اهڙي طرح حالتون هن کي بگاڙي ڇڏين ٿيون.

”حالتون ڪمزور ماڻهن کي پيدا ڪنديون آهن، جڏهن ته طاقتور ماڻهو پاڻ حالتن کي پيدا ڪندا آهن، اهي حالتن جي پيداوار ناهن هوندا، ڇو ته انهن حالتن کي بدلائڻ جو فيصلو ڪيو هوندو آهي.“ (اينٿني رابنز)

سمجهداري جي هڪ نشاني اها به هوندي آهي، ته هڪ ٻار ٺيڪ وقت تي درست فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي، اسان وٽ ٻارن جي بدبختي اها به آهي، ته زندگي هن جي پنهنجي هوندي آهي، ۽ ان جي زندگيءَ جا فيصلا ٻيا ماڻهو ڪندا رهن ٿا، جنهن ڪري ٻار وڏو ٿي بي پختگي واري شخصيت جو مالڪ ٿي ويندو آهي، هن ۾ فيصلي ڪرڻ ۽ حالتن سان منهن ڏيڻ جي طاقت يا صلاحيت موجود ناهي رهندي.

”جنهن کي جواني ۾ پنهنجي مستقبل جو اونو آهي، ان جي پيريءَ ۾ حسرتن جو شمار گهٽ ئي هوندو آهي“
(واصف علي واصف)

توهان جي ٻارن جي شخصيت تي حالتن ۽ ماحول جو ايترو اثر ناهي پوندو جيترو توهان جي عادتن جو اثر پوندو آهي، ۽ انهن عادتن ۾ هڪ اهڙي عادت آهي، جيڪا توهانجي ٻارن جي شخصيت کي تباهه ۽ خراب ڪري ڇڏيندي آهي، اها عادت آهي...

پريشان رهڻ

جيڏانهن ڪيڏانهن مسئلن جا انبار لڳل آهن، چهرن جون رونقون ڌيميون ڌيميون ٿي چڪيون آهن، ۽ زندگي گذارڻ تمام مشڪل بڻجي وئي آهي، آفيس، دڪان، ڪاروبار، ملڪي صورتحال، خرچ ۽ ذميواريون سڀ پريشاني جو سبب بڻيل آهن. ڪو به ماڻهو نه خوش آ ۽ نه ڪنهن شئي تي راضي آ، آفيس جي پريشان کڻي گهر اچي ٿو ۽ گهر جي مشڪلاتن جي ڳنڍڙي کڻي آفيس ۾ کڻي وڃي ٿي، هر ڪوئي پنهنجي پريشانين جو ذميوار ٻين کي سمجهي ٿو. اسان اهو ته ڀلجي وڃون ٿا، ته گهڻين ئي پريشانين کي”مسڪراهٽ“ سان ٽاري سگهجي ٿو، اسان پنهنجو پاڻ کي انهن ڪمن ۾ به جوابده سمجهون ٿا، جن جي باري ۾ اسان کان پڇيو به نه ويندو آهي، اسان روزمره جي ڇڪتاڻ جو ذميوار حالتن کي به قرار ڏيون ٿا.
”پريشاني حالتن سان نه پر خيالن سان پيدا ٿيندي آهي“ (واصف علي واصف)
اسان جا ٻار، اسان جو مستقبل آهن ۽ پريشان رهڻ سان پنهنجو مستقبل تباهه ٿي وڃي ٿو. اڪثريت ۾ والدين جي اها راءِ آهي، ته اسان جي پريشاني اسان مٿان ئي اثر انداز آهي، پر حقيقت بلڪل ابتڙ آهي، جڏهن اسان پريشان هوندا آهيون ته ان جو اثر غير ارادي طور اسان سان ملڻ جلڻ وارن، خاص ڪري گهر وارن تي اثر انداز ٿيندو آهي، ٻار نفيس گل جي مکڙيءَ جيان هوندا آهن، توهان جي پريشان چهري کي ڏسي اهي معصوم ۽ نفيس مُکڙيون مرجهائجي وينديون آهن. ياد رکو اوهان جنهن پريشاني کي اهميت جو درجو ڏيو ٿا، اها پريشاني ختم ٿيڻ جي ناهي هوندي. توهان پنهنجي سمورين ذميوارين کي قبول ڪري صرف پنهنجي ڪم ۽ ڪاروبار سان محبت ڪيو، پريشانيون خود بخود ڀَڄِي وينديون.
صرف هڪ ماڻهو مثبت سوچ رکڻ وارو، گهر جي سموري ماحول کي بهتر ۽ مثبت بڻائي سگهي ٿو، ماحول ڪڏهن ڪڏهن اعليٰ کان اعليٰ دماغي صفتون ضايع ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جيڪڏهن محبت ڀريو ماحول ملي وڃي ته ٻار ترقيءَ جي معراج تائين پهچي وڃن ٿا. ٻارن جي ڪردار جي اصلاح جي لاءِ ضروري آهي، ته گهر جي ماحول جي اصلاح ڪجي. خوشيون بازار مان ناهن ملنديون، خوشين کي ته گهر ۾ خود پيدا ڪيو ويندو آهي.
مسڪرائيندڙ چهرا زنده دليءَ جي علامت هوندا آهن، پريشانيون اتي ڊوڙي وينديون آهن، جتي انهن جو آڌ رڀاءُ ڪيو ويندو آهي، هر پريشان ماڻهو کي پنهنجو پاڻ تي ترس کائڻ جي عادت پئجي ويئي آهي، ۽ ياد رکو ته صرف ڪمزور ماڻهو ئي مدد ۽ همدردي جو متلاشي هوندوآهي.
آفيس ۽ دڪان جي پريشانين کي ئي ڇڏي ڏيو ڇو ته مرڻ وقت ڪنهن انسان کي ڪارو بار ياد ناهي ايندو، بلڪ ان وقت اهائي خواهش هوندي آهي، ته ”ڪاش! مان پنهنجي گهر واري ۽ ٻارن سان گهڻو وقت گذاريان هان. گهر اچو ته مسڪراهٽ جي سوکڙي کنيو اچو. والدين مونکي چوندا آهن ته ڪهڙي ڳالهه جي ڪري مسڪرائين، مان صرف اهو چوندو آهيان ته مون وٽ مسڪرائڻ جي صرف هڪ وجهه آهي ته ”مسڪرائيندو رهڻ منهنجي نبي جي سنت آهي.“

ٻڌو! توهان جو ٻار توهان کي ڪجهه چئي ٿو

 جڏهن ڪو سٺو ڪم ڪيان، منهنجي حوصلا افزائي ڪيو، مونکي ڪو انعام ڏيو.
 مون سان جيڪو واعدو ڪيو ٿا. اهو ضرور پورو ڪيو.
 مونکي منهنجي دوستن عزت ڀريو بڻايو. ڪا شئي پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ آڻيو ته جيئن مان اها شئي هنن سان گڏ ويهي کاوان، يا استعمال ڪريان.
 جڏهن مون کان ڪا غلطي ٿي ته مهرباني ڪري، مونکي ڇڙٻيو نه. ضروري داٻو دهمان ڪيو، پر مون کي منهنجي غلطي نرمي سان ٻڌايو.
 موڪل جي ڏينهن مونکي ڀائرن، ڀيڻن سان گڏ سير تفريح لاءِ وٺي هلو.
 سزا ڀلي ڏيو، پر ڏيو ڇو ٿا اهو ضرور ٻڌايو.
 مونکي، هڏ ڀڳو، ٽوٽي، گڏهه، بيوقوف جهڙن لفظن سان نه سڏيو.
 مونکان شيون لڪائي نه رکو، نه ته مان چوري جي طرف اچي سگهان ٿو.
 مونکي سٺيون آکاڻيون ٻڌائڻ لاءِ ضرور وقت ڪڍو.
 پنهنجن دوستن سان ملڻ وڃو ته جي ممڪن هجي ته مونکي ساڻ وٺيون هلو.
 سٺا ۽ معلوماتي ڪتاب، سي ڊيون، وڊيو فلمون مونکي به وٺي ڏيو.
 منهنجا سوال ڀلي ڪيئن ۽ ڪهڙا به هجن، پر انهن جا جواب ڪاوڙ نه نرمي منجهان ڏيو.
 مونکي سڀني جي سامهون بُرو ڀلو نه چئو، اڪيلائي ۾ سمجهايو.
 توهان ٻئي (زال مڙس) پاڻ ۾ منهنجي سامهون نه وڙهو.
 ٻين سان منهان منهن ٿي مونکي نه ٻڌايو ته فلاڻو هيئن آ. هو ته هونئن آ.
 مون تي تنقيد ننڍي آواز، پر منهنجي تعريف وڏي آواز ۾ ڪيو.
 منهنجي مٿي تي توهان جي چُمي مونکي فخر سان ڀري ڇڏي ٿي.
 توهان اهو ڇو ٿا وساري ويهو ته توهان به ڪڏهن ٻار هئا.

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/OsOPJTy.jpg[/img]