تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون گھڻ پاساون مضمونن جو ڳٽڪو آهن، جنهن ۾ بغاوت، ڏاڍ مڙسي (Violence) ۽ انقلاب (Revolution) جي ٽڪنڊي کي ذهن ۾ رکندي هڪ علمي مطالعو آڏو آندو ويو آهي. اڄ جڏهن دنيا کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ عالمي اڪابر ۽ سماجي سائنس جا لکاري هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي رهيا آهن ته هن سڄي دنيا ۾ فرد ۽ پئسي کي اهميت ۽ اصليت حاصل آهي ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جي ڪنجي فقط جمهويت کي ئي ڄاڻايو وڃي ٿو. هي ڪتاب اهڙن مفروضن کي وائکو ڪري ٿو. ائين هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي شروعاتي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين احاطو ڪيل آهن. ان زماني ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي ويل هئا. ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڙئي شامل لکڻيون ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو هڪ داستان آهن.
  • 4.5/5.0
  • 1439
  • 800
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا

سڀ حق ۽ واسطا ڇپائيندڙ وٽ محفوظ


ڪتاب نمبر
387
سڀ حق ۽ واسطا ڇپائيندڙ وٽ محفوظ

پهريون ڇاپو: 2016ع
ڪتاب جو نالو : جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا
مرتب ۽ ايڊيٽر: جيمس سي ڊيويز
سنڌيڪار: امان الله شيخ
ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
قيمت : 250/- رپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com

"JADAHAN MANHOO BAGHAWAT KAN THA"
(When Men Revolt and Why)
By: James Chowning Davies
Translated by: Amanullah Shaikh
Published by: Sindhica Academy,
B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400
website: www.sindhica.org, Email:sindhica_academy@yahoo.com

اسٽاڪسٽ
سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03352233802
سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، وسيم ڪتاب گهر لکي در. سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037

لکپڙهه لاءِ
سنڌيڪا اڪيڊمي
B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
فون: 021-32737290 ، www.facebook/sindhicaacademy 

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جڏھن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا“ اوهان اڳيان پيش آهي. فرد ۽ سماج تبديلي ۽ انقلاب ڪيئن ۽ ڇالاءِ آڻين ٿا؟ انقلابن جي پس منظر ۽ تاريخ بابت اهم لکڻين تي مشتمل ھي ڪتاب جيمس سي ڊيويز جو لکيل آھي جنهن جو سنڌيڪار امان اللہ شيخ آھي.
هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون گھڻ پاساون مضمونن جو ڳٽڪو آهن، جنهن ۾ بغاوت، ڏاڍ مڙسي (Violence) ۽ انقلاب (Revolution) جي ٽڪنڊي کي ذهن ۾ رکندي هڪ علمي مطالعو آڏو آندو ويو آهي. اڄ جڏهن دنيا کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ عالمي اڪابر ۽ سماجي سائنس جا لکاري هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي رهيا آهن ته هن سڄي دنيا ۾ فرد ۽ پئسي کي اهميت ۽ اصليت حاصل آهي ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جي ڪنجي فقط جمهويت کي ئي ڄاڻايو وڃي ٿو. هي ڪتاب اهڙن مفروضن کي وائکو ڪري ٿو. ائين هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي شروعاتي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين احاطو ڪيل آهن. ان زماني ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي ويل هئا. ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڙئي شامل لکڻيون ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو هڪ داستان آهن.
ھي ڪتاب 2016ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون گهڻ پاساون مضمونن جو ڳٽڪو آهن، جنهن ۾ بغاوت، ڏاڍ مڙسي (Violence) ۽ انقلاب (Revolution) جي ٽڪنڊي کي ذهن ۾ رکندي هڪ علمي مطالعو آڏو آندو ويو آهي. اڄ جڏهن دنيا کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ عالمي اڪابر ۽ سماجي سائنس جا لکاري هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي رهيا آهن ته هن سڄي دنيا ۾ فرد ۽ پئسي کي اهميت ۽ اصليت حاصل آهي ۽ دنيا جي خوشحاليءَ جي ڪنجي فقط جمهويت کي ئي ڄاڻايو وڃي ٿو. هي ڪتاب اهڙن مفروضن کي وائکو ڪري ٿو. ائين هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي شروعاتي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين احاطو ڪيل آهن. ان زماني ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي ويل هئا. ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڙئي شامل لکڻيون ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو هڪ داستان آهن.
اڄ جڏهن دنيا جي مٿان حڪمراني ڪندڙ ٽولا، بغاوت، سياسي ڏاڍ مڙسي ۽ انقلاب کي رد ڪندي دنيا ۾ امن ۽ سلامتيءَ لاءِ فرد جي آزادي ۽ آزاد اقتصاديات کي ڇوٽڪاري جو سبب ڄاڻائي رهيا آهن ۽ عددي جمهوريت کي انساني مسئلن جي حل لاءِ ڪافي سمجهيو وڃي ٿو ته اهڙي صورتحال ۾ هڪ بنيادي سوال سامهون اچي ٿو ته ڇا دنيا جي فردن ۽ قومن واسطي نجات سياسي ڏاڍ مڙسي (Polilical Violence) بغاوت ۽ انقلابن ذريعي ڪرڻ ضروري آهي؟ ان حوالي سان اسان کي سياسي ڏاڍ مڙسي، بغاوت ۽ انقلاب جي سٽاءَ کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن ڪتاب ۾ کنيل سوال ته ”ماڻهو بغاوت ڪڏهن ۽ ڇا لاءِ ڪن ٿا؟“ سان ئي هتي هي سوال اُٿل کائي سامهون اچي ٿو ته ماڻهو سياسي بغاوت، سياسي زورآوري ۽ انقلاب سان ڇو سلهاڙجي بيهن ٿا. ان جا محرڪ فطري آهن، حالتن جي پيداوار آهن يا ڪجهه عنصرن جي پاران پيدا ڪيل آهن. اهڙن ڪيترن سوالن جا جواب هي ڪتاب ٻڌائي اسان کي انقلابن جي ڪيميسٽري سمجهڻ ۾ مددگار بڻجي ٿو.
هينئر جڏهن پاڻ ويهين صدي کان اڳتي وڌي ايڪويهين صديءَ جي ٻين ڏهاڪي ۾ وک وڌائي رهيا آهيون ته ڇا اڄ به بغاوت، انقلاب ۽ سياسي ڏاڍ مڙسيءَ جي حيثيت عمل لائق ڏسڻ ۾ اچي ٿي، هي مطالعو ان لاءِ اسان جي ذهن سازيءَ کي سهنجائي مهيا ڪري ٿو. هن ڪتاب جي چونڊ سنڌ جي لاءِ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ شخصيت نامياري ليکڪ سيد مومن علي شاهه صاحب ڪري، اسان کي ان جي ترجمي لاءِ اتساهيو. اسان سيد مومن علي شاهه ۽ ڪتاب جي سنڌيڪار محترم امان الله شيخ جا ٿورائتا آهيون.

نور احمد ميمڻ
چيئرمين
سنڌيڪا اڪيڊمي

ليکڪن جو تعارف

1) [b]ارسطو [/b]322-ق.م- 384- ق.م): يوناني فلسفي ۽ سماجيات جو استاد ۽ افلاطون جو شاگرد هو. هن جون لکڻيون سماجيات، علم مابعد الطبيعات تي دسترس رکن ٿيون.

2) [b]اليڪس ڊي ڪوئلي[/b] (1859-1805): فرينچ مدبر ۽ ليکڪ هن جي خاص لکڻين ۾ ”آمريڪا ۾ جمهوريت“ جو شمار ٿئي ٿو. ائين چئجي ته اڄ به جمهوريت بابت سندس لکڻين کي وزن ۽ وقعت حاصل آهي.

3) [b]ڪارل مارڪس [/b](1883-1818): هن تعليم بون ۽ برلن يونيورسٽين ۾ حاصل ڪئي. جرمني ۽ فرانس ۾ انقلاب لاءِ مضمون لکيا ۽ عملي طور به حصو ورتو، جنهن ڪري کيس جرمني ۽ فرانس مان نيڪالي ڏني وئي. ان کان پوءِ سڄي ڄمار لنڊن ۾ گذاري. مارڪس جي شاهڪار لکڻين مان ڪيپٽل/سرمائي کي اڄ به مهانتا حاصل آهي.

4) [b]فريڊرڪ اينگلس [/b](1895-1820): علم سماجيات جو ڄاڻو ۽ فيلسوف جنهن ڪارل مارڪس سان گڏجي ڪميونسٽ پڌرنامو تيار ڪيو. ڪميونسٽ فلسفي ۾ جڏهن به ڪارل مارڪس کي ياد ڪيو ويندو ته فريڊرڪ اينگلس کان سواءِ ان کي اڻ پورو سمجهيو ويندو.

5) [b]جوئرج سمئل[/b] (1918-1858): جرمنيءَ جو رهواسي جنهن جون سماجيات ۾ ڪيل کوجنائون ۽ اڀياس علم جو ڀنڊار سمجهيون وڃن ٿيون.

6) [b]ٿامس ميرڪ[/b] (1923-1878): چيڪوسلواڪيا ڄائو، سياستڪار ۽ سماجيات جو ڄاڻو، هڪ غلام جو پٽ هو. ٿامس ميرڪ آزاد چيڪوسلواڪيا جو پهريون صدر هو. هڪ سياست ڪار طور سدائين متحرڪ رهيو ته يورپ ۾ بادشاهتن کي ڪهڙي جمهوريت ۽ ڏانهن وٺي وڃجي.

7) [b]مارگريٽ فلپس[/b] (1987-1906): برطانيا ڄائي، پوليٽيڪل سائنس جي پروفيسر يئل يونيورسٽي ۾ رهي. هن جي ڪيترن ئي بيش بها لکڻين کي عالمي مڃتا حاصل رهي. انهن ۾ عالمي سطح جي لکڻي World Hand Book of Poliical and Social in dicator اهم ليکي وڃي ٿي.

8) [b]جولئس. ايڇ بوئڪ[/b] (1962-1884): ڊچ اڪناماسٽ جنهن غريب ملڪن جي اقتصاديات جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو ۽ خاص ڪري انڊونيشيا بابت ڪيل ريسرچ کيس عالمي سطح تي سڃاڻپ حاصل ٿي.

9) [b]ائڊگرسنو [/b](1972-1905): بنيادي طور صحافي هو. هن کي چين ۾ انقلاب کان اڳ ۽ بعد ۾ لکڻين جي نسبت سان شهرت حاصل ٿي. انهن ۾ Red Ster over chi کي اڄ به سَند جو درجو حاصل آهي. هن ڪتاب ۾ چين جي انقلاب ۽ مائوزي تنگ جي ساروڻين متعلق مضمون شامل آهن.

10) [b]جيمس سي. ڊيويز ([/b]2012-1918): آمريڪي سماجيات ۽ سياسي سائنس جو ڄاڻو، ماهر ۽ اورئن يونيورسٽي ۾ آخر تائين پروفيسر جي عهدي تي براجمان رهيو. هن ڪتاب کانسواءِ سندس لکڻين جي دائري ۾ سياست انساني سڀاءُ ۽ تحرڪ جدوجهد ۽ اڀياس شامل آهي.

11) [b]اوڪٽو مينوني[/b]: هن فرانس جو رهواسي نفسياتي سائنس جو ماهر خاص ڪري سندس مڊاگاسڪر ۾ ڪيل نفسياتي اڀياس کي مڃتا حاصل آهي. هن ڪتابي علم کان وڌيڪ عملي اڀياس تي زور ڏنو آهي.

12) [b]اسٽينلي ايم ايلڪنس[/b] (1925): سمٿ ڪاليج ۾ تواريخ جو پروفيسر رهيو. هن جون لکڻيون سماج ۽ شخصيت جو احاطو ڪن ٿيون.

13)[b] لئنارڊ برڪوئز[/b] (1926): نفسيات جو ناماچار ڪمائيندڙ پروفيسر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ڊاڪٽر برڪوئز جا اڪيچار مضمون /لکڻيون ۽ ڪتاب ذهني خلفشار ۽ ڏاڍائي جي موضوعن سان واڳيل آهن.

14) [b]جارج وڊا [/b](1927): ٻي مهاڀاري لڙائي وقت جپان ۾ ترسيل هو. اتي ٿيل دنگن فسادن جو سندس لکڻي ۾ ذڪر آهي. هن تعليم ڪيلفورنيا جي انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۽ اسٽين فورڊ يونيورسٽي ۾ حاصل ڪئي.

15)[b] بروس ايم روئس[/b] (1935): پوليٽيڪل سائنس جو يئل يونيورسٽي ۾ پروفيسر هو. هن جا ڪيترائي ڪتاب ۽ ريسرچ پيپر، عالمي تواريخ تي لکيل آهن. انهن ۾ خاص ڪري سماج ۾ اڻ برابريءَ جي موضوع تي وڌيڪ ڌيان لائق ڄاتو آهي.

16) [b]ائڊورڊ ڊبليو گوڊ[/b] (1937): تعليم لنڊن يونيورسٽي آف اڪانامڪس حاصل ڪئي. سڄي ڄمار پڙهائڻ ۽ ريسرچ جي شعبن سان لاڳاپيل رهيو.

مهاڳ

هن ڪتاب جو موضوع/عنوان ”ماڻهو بغاوت ڪڏهن ۽ ڇا لاءِ ڪن ٿا؟“ ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ مَن ۾ ٿوري ٿڪي هورا کورا يا اٿل پٿل مَچائيندڙ لڳي ٿو. هي ڪتاب ڪنهن هڪ رُخ ۾ لکڻ جي بجاءِ اڪيچار مضمونن جو ڳٽڪوآهي جنهن ۾ بغاوت،Rebellion) ) سياسي ڏاڍائي/زورآوري 1 (Political Violation) ۽ انقلاب (Revolution) جو گهڻ پاسائون بحث مباحثو سوڌڻ سموهڻ سان گڏوگڏ ذهني ۽ فڪري عرق ريزيءَ وسيلي هڪ مثبت ۽ سودمند نتيجو حاصل ڪرڻ ڏانهن اڳڀرائي ڪيل آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ويهين صديءَ جي ابتدائي دور کان وٺي ستن ڏهاڪن تائين محيط آهن، جڏهن دنيا ۾ انقلاب ۽ هٿياربند هلچل هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم بڻجي ويل هئا ۽ ڪنهن حد تائين ماضيءَ جي انقلاب ۽ اٿل پٿل جو رڪارڊ آهن. اڄ جڏهن اسان ايڪويهين صديءَ جي ٻين ڏهاڪي ۾ گهمي ڦري رهيا آهيون جتي سماجي سائنس ۽ خاص ڪري تواريخ ۽ سياست بابت ڄاڻ ۽ کوجنا ۾ ماٺار آيل آهي. ان جي برعڪس اڄ جي شتر بي مهار ٽيڪنالاجي جي ايامڪاريءَ ۾ عقل، سوچ ۽ ساڃاهه کي عالمي سطح کان وٺي سنڌ جي شهرن، وستين ۽ واهڻن ۾ محض ماضيءَ جو داستان ڄاڻائي فرد جي عظمت ۽ فرد جي بالادستيءَ جا ڳڻ ڳائي ”منهنجي پڄاءِ پير ٻين جي پٽجانءِ پاڙ“ تي هوبهو ۽ بجنسي عمل ڪيو وڃي ٿو. اڄ جڏهن آدرش، اصول ۽ نظريا محض دلپشوريءَ جو داستان ڄاڻايا وڃن ته پوءِ هي ويهين صديءَ جي پهرين اڌ تائين لکڻين جو ڪهڙو ڪارج ۽ ادراڪ ليکيو وڃي ۽ ان مان ڪهڙو لاڀ حاصل ٿيندو.
ان هوندي به هڪ ڳالهه يا نقطو ذهن ۾ لڳاتار مترڪا هڻي رهيو آهي ته هيءُ سماج خرابي ۽ برباديءَ ڏانهن ڇوهائي سان وڃي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيئن ڪاروهنوار هلي چلي رهيو آهي، ان کي هلڻ ڏنو وڃي ۽ ٿڌو ٿانهرو ٿي ويهجي يا وري هٿ پير هڻڻ جي ضرورت آهي. اها هٿ پير هڻڻ ۽ سوچ ويچار جي جبلت انسان کي وحشي پڻي کان الڳ ڪري بيهاري ٿي، جنهن ڪري انسان ۾ مزاحمت يا سينو تاڻي بيهڻ جي سگهه ۽ ساڃاهه پيدا ٿئي ٿي.
آخرڪار انسان بغاوت، انقلاب ۽ سياسي ويڙهاند لاءِ سينو تاڻي ڇو بيهي ٿو؟ ڇاڪاڻ ته اهي ٽئي اسم جڏهن گڏجي هڪ ٽڪنڊو ٺاهين ٿا ته پوءِ ردوبدل اڻٽر بڻجي پوي ٿي. عام طور ان ٽڪنڊي جي مخالفت زوال پذير قوتن جا ساٿاري پنهنجي اقتدار کي قائم دائم رکڻ لاءِ انسانيت جو قتلام ڪرڻ ۾ ڪو به حجاب هٻڪ محسوس ڪو نه ڪن ٿا. عام طور رتوڇاڻ کي غير انساني ۽ وحشي جبلت جي سڃاڻپ چيو وڃي ٿو، پر جڏهن هڪ انسان ٻئي انسان/منش جي سياسي سماجي ۽ آفاقي حقن جي لتاڙ ڪري سماج جو ڏاتار بڻجي ويهي ته اهڙي سماج ۾ مڪمل طور ٻوسٽ ۽ مونجهه اچي واسو ڪندي آهي ۽ اهو ڏاتار پنهنجي حاڪميت قائم ڪرڻ لاءِ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کي هٿيار طور ڪتب آڻي ته ان جو ردعمل يا موٽ پڻ اڻٽر بڻجيو پوي ٿي. انهيءَ ردعمل ۾ جبر ۽ ڏاڍائي جا بخيا اڊيڙڻ لاءِ طاقت ۽ سگهه جو استعمال ناگزير بڻجي وڃي ته ان کي ”بغاوت“ ۽ عمل کي مختصر لفظن ۾ سياسي زورآوري چيو وڃي ٿو. ان طرز جي زورآوري/ ڏاڍائي سماج جي بڇڙاين، بدعتن ۽ غلاظتن کي ڌوئڻ پوئڻ لاءِ چمتڪار جو ڪم ڪري ٿي. هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته زورآوري وسيلي انسان جي هن ويڙهاند جو مقصد ۽ معنيٰ ڇا هجي ٿي؟ هونئن سياسي زورآوري اڄ جو مسئلو ڪونهي، پر اهو سلسلو آڳاٽي زماني کان مختلف شڪلين ۽ شبيهن ۾ سفر ڪندو اچي پيو ۽ انساني تواريخ ۾ هڪ اڻ وسرندڙ واقعو پڻ ڏاڍائي/زورآوري جو انوکو مثال آهي. جڏهن قابيل (Cain) پنهنجي سڳي ڀاءُ هابيل (Abel) کي قتل ڪيو ۽ پوءِ سندس اندر ۾ سچ هڪ بڙڇيءَ وانگر کاٽ هڻندو رهيو. ”ڇا مان پنهنجي ڀاءُ جو رکوالو/واهرو هيس؟“
شيخ اياز (1997) پڻ سچ جي بڙڇي سان کاٽ هڻڻ جي ڪيفيت کي هيئن نروار ڪري بيهاري ٿو.
سچ وڏو ڏوهاري آ، ڳولي ڳولي ماريو ويو آ
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ
روز ازل کان پڪڙيو ويو آ
تيل ڪڙهائيءَ ۾ ڪاڙهيو ويو آ
سوليءَ تي لڙڪايو ويو آ
گهاڻي ۾ پيڙايو ويو آ
ها، پر پوءِ به ان جي ساڳي
رهندي آئي ريت اڀاڳي
جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو
تنهنجو سارو چين کڻي ٿو
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ
پوءِ به تو ڪڏهن هي سوچيو آ
ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي
سچ وڏو ڏوهاري آ.
اهو کاٽ هڻڻ جو سلسلو بغاوت، سياسي زور آوري ۽ انقلاب جو سلسلو صدين کان جاري آهي جاري رهندي اچي پيو. هونئن سياست ۽ سماج ۾ هر هڪ صديءَ جي شروعات ڪنهن نه هئڻ برابر ردوبدل سان ٿيندي آهي، پر پوءِ اڳتي هلي انقلاب جو پيش خيمو ثابت ٿيندي آهي.
ائين جيڪڏهن وچُور وار هر هڪ صديءَ جو سياسي ۽ سماجي احاطو ڪري تواريخ ۾ ليئو پائي ڏسنداسين ته هڪ ئي سُڌ يا ڄاڻ ملي ٿي ته هر هڪ صديءَ جي پيٽ مان ڪا نه ڪا ردوبدل پيدا ٿيندي آهي ۽ جيڪا اڳتي هلي ڪايا پلٽ جو وسيلو يا ذريعو بڻجي ٿي. اها ڪايا پلٽ ئي انقلاب جو اهڃاڻ بڻجندي آهي.
انهيءَ نسبت سان جيڪڏهن محض پنج صديون پوئتي وڃي سياسي اٿل پٿل جو مٿاڇرو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته رهنمائي حاصل ٿيندي.
پندرهين صديءَ جي پوياڙيءَ کي عالم ۽ ڏاها قبل از جديديت(Pre-modernism) ۽ جديديت (Modernism) جي وچ ۾ هڪ حدبندي يا سَنڌو ڄاڻائين ٿا. ڇو ته پندرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين مشرقي سلطنتن ۽ خاص ڪري اسلامي ملڪن ۾ سڪيولرزم، رواداري، سهپ ۽ علم جي کوجنا ۽ اڀياس جو راڄ هو. انهيءَ مشرق جي ورثي کان يورپ جو ڪلچر ۽ سماج کان متاثر ٿي رهيو هو. ان انسان دوست اسلامي ورثي جي ڦهلاءُ جو ذريعو واپار ۽ نوان ملڪ پنهنجي حاڪميت ۾ آڻڻ سان حاصل ٿيو. ان جا مثال ڏکڻ ايشيا، چين ۽ اسپين آهن. اهڙي ريت عثماني ترڪ اولهه کان، صفوي حڪمران ايران کان خاص ڪري اسماعيل اول (24-1500) ۽ عباس اول (1629-1587) جي زمانن کان شاهراهه ريشم تي سڌي يا اڻسڌي طرح قابض هئڻ ڪري ڪاشغر جي معرفت چين سان ڳانڍاپي ۽ اثر پذيريءَ ۾ هئا. هوڏانهن ڏکڻ ايشيا ۾ ظهيرالدين بابر (1503-1618) هندستان ۾ مغل سلطنت جو پايو 1526ع وجهي چڪو هو. اڳتي هلي مغل سلطنت به اورنگزيب (1707-1618) جي آيامڪاريءَ ۾ اندروني ويڙهاند جي گهيري ۾ اچي وئي. سندس لاڏاڻي کانپوءِ ته ويتر ڪمزور ٿيندي وئي. ائين 1757ع ۾ لارڊ ڪلائيو (1774-1725) بنگال جي حڪمران نواب سراج الدوله (1757) کي شڪست ڏئي تاج برطانيا لاءِ هندستان ۾ يونين جئڪ جي قبضاگيري لاءِ رستو هموار ڪري ڇڏيو ۽ ان جي پڄاڻي 1857ع جي بغاوت / انقلاب تائين ٿي ۽ هندستان جي مٿان يونين جيڪ ڦڙڪڻ لڳو.
مطلب ته سورهين صدي جي پڇاڙيءَ ۾ مشرقي سلطنتن ۾ زوال جا آثار نمودار ٿيڻ لڳا. حڪمرانن ۾ قبضا گيري ۽ مرڪز گيري جي آڌار تي دائمي قبضو رکڻ لاءِ هڪ عقيدي جي آڌار تي رياست ۾ مذهب جي مداخلت ۽ نسل پرستي سان گڏوگڏ هٿيارن ۽ طاقت جي آڌار تي اقتدار کي نسل به نسل منتقل ڪرڻ جو غير منطقي طريقو پير پختا ڪرڻ لڳو. مشرق مان علم، ڏاهپ، کوجنا ۽ اڀياس مغرب ڏانهن منتقل ٿيڻ جو زمانو/عَهدُ شروع ٿي ويو.
جيتريقدر سنڌ ۾ پندرهين صديءَ کان سياسي ۽ سماجي سٽاءَ جو واسطو آهي ته ان جي شروعات سما گهراڻي جو خاتمو ۽آزاد سنڌ جي ويڙهاند ڪندڙ دولهه دريا خان (1521) جي شهادت سان ٿي. ارغونن سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ڏهڪاءُ ۽ هيبت پيدا ڪيو، محب وطن مخدوم بلاول (1523-1451) کي ويڪائو عالمن طرفان فتويٰ ڏياري گهاڻي ۾ پيڙائي ڇڏيو. سنڌ تي ارغون ۽ ترخان سورهين صديءَ جي شروعات کان وٺي سترهين صدي جي آخر تائين قابض رهيا پر انهيءَ وچ ۾ اڪبر اعظم (1605-1542) سورهين صديءَ جي آخر ۾ سنڌ جي هڪ حصي تي والار ڪئي ۽ اڳتي هلي باقي حصي کي به مغل سلطنت جي ڪالوني بڻائي ڇڏيو.
تيرهين صديءَ جي آخر ۾ مغل سلطنت جون پاڙون ڪمزور ٿيڻ لڳيون ته سنڌ ۾ ڪلهوڙن ميان وال تحريڪ وسيلي گوريلا جنگ جي شروعات ڪئي، پر ساڳئي وقت دهليءَ جا ڏن ڀرو به رهندا آيا. ان ڪري جڏهن سنڌ ۾ شاهه عنايت (1701-1655) جي سربراهيءَ ۾ جهوڪ ۾ مزاحمت ٿي ته ان کي نگهوسار ڪرڻ لاءِ ٺٽي جي مغل نواب اعظم خان سان يار محمد ڪلهوڙو(1755-1698)، بلڙي شاهه ڪريم جو سجاده نشين ميان عبدالواسع ۽ مقامي وڏيرا ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي بيٺل هئا. ان زماني ۾ مجموعي طور سنڌ گهرو لڙائي، ڇڙواڳي ۽ ڀڃ ڊاهه جي طوفاني دور مان لانگهائو هئي، پر اهڙي غيريقيني صورتحال ۾ به سنڌ کي شاهه لطيف (1752-1689) جهڙو املهه ماڻڪ مليو. لاشڪ ”شاهه جو رسالو“ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ صدين تائين زنده ۽ جاويد رهندو.
سنڌ ۾ علمي ۽ فڪري اٿل پٿل جو سوال آهي ته ان ۾ به ڪا به واڌ ۽ ويجهه ڪا نه ٿي هئي. ٺٽي ۾ ان دور ۾ ٻه اهم نانءُ ملن ٿا مخدوم معين ٺٽوي (1161-1093) ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1761-1693). اول الذڪر پنهنجي ڏاهپ ۽ ڄاڻ سان وحدانيت جي فڪر ۽ حب الوطنيءَ جو نمائندو هو. جڏهن ته آخرالذڪر مذهبي قدامت پرستي ۽ وحدة الشهود جو پرچارڪ هئڻ سان گڏوگڏ وقت جي حڪمرانن جو به طرفدار هو. ڪلهوڙن سنڌ جي قبائلي سرشتي ۾ ردوبدل آڻن ڏانهن ٿورو ٿڪو ڌيان ڏنو ۽ ان کي زرعي سماج ۾ بدلائڻ جا اُپاءَ ورتا. ڪلهوڙن ۾ زيرڪ ۽ نيڪ نامي رکندڙ حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙو وفات (1772) هو جنهن سول سوسائٽي ڏانهن وک وڌائڻ لاءِ حيدرآباد جي شهر جو پايو وڌو. غلام شاهه پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني کي واپار لاءِ ڪوٺيون قائم ڪرڻ جو اجازت نامو ڏنو. پر جڏهن کيس سُڌ ملي ته انگريزن جا واپار کان به اڳڀرا سياسي ارادا آهن ته ڪوٺيون بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ساڳي وقت گمبٽ ۽ راڻي پور جي گادي نشينن کي پڻ سياسي مامرن ۾ شريڪ ٿيڻ جا ثبوت ملڻ تي پابندي لاڳو ڪئي. اڳتي هلي سازش، ويساهه گهاتي ۽ نااتفاقي هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ 1783 ۾ هالاڻي جي ميدان ۾ ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ جو باب بند ٿي ويو ۽ ٽالپر سنڌ جا حڪمران ٿيا. ٽالپر حڪمرانن سنڌ جي زرعي سماج ۾ واڌارو ۽ ترقي آڻڻ جي ابتڙ قبائلي سماج ڏانهن پوئتي وٺي وڃڻ جا اُپاءَ ورتا. سنڌ جي وحدانيت کي ختم ڪري چئن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو.
ٽالپرن جي دور ۾ نه رڳو نااتفاقي کي هٿي ملي پر سنڌي سماج ذات پرستي ۽ مذهبي فرقيواريت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو. ٽالپرن جي ڪمزور حڪمرانيءَ جو فائدو وٺندي انگريز/ ايسٽ انڊيا ڪمپني ٻيهر سنڌ ۾ داخل ٿي. ٽالپر حڪمران، انگريزن سان مختلف معاهدن ۾ سلهاڙجي مورڳو حق حاڪميت تان دستبردار ٿيڻ لڳا. انگريزن 1839ع ۾ منهوڙي جي ٻيٽ تي قبضو ڪيو. سرچارلس نيپئر ائين چئي ”ناڪام حڪمرانن (ميرن) کي سنڌ تي حڪمراني جو حق نه هئڻ گهرجي.“ 1843ع تي مياڻي جي جنگ ۾ ٽالپرن کي شڪست ڏئي آزاد سنڌ تي قبضو ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي سياست ۽ سماج جو چئن صدين جي لڳ ڀڳ پوتاميل ڪڍي سامهون رکنداسين ته ڪا به مثبت، عوام دوست ردوبدل ڪا نه آئي. ميرن علمي ۽ فڪري ترقي ۽ واڌاري ۾ ڪا به نواڻ ڪا نه آندي. انگريز حڪمرانن مورڳو سنڌ جي نالي ماتر جداگانه سڃاڻپ کي ختم ڪري 1847ع کيس بمبئي پرڳڻي جو هڪ حصو بڻائي ڇڏيو. سنڌ ۾ انگريز حڪمرانن خلاف ڪجهه ايڪڙ ٻيڪڙ بغاوتون ٿيون پر انهن ۾ وسيع تر بنيادن تي ڪا به حڪمت عملي نه هئڻ ڪري اُهي ناڪام ٿيون. انگريزن پنهنجي حڪمت عملي مطابق انتظامي سڌارا آندا پر سماج کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو ويو.
مطلب اڻويهين صديءَ جي آخر تائين مغرب پنهنجي علمي ۽ فڪري بالادستي وسيلي ملڪن تي قبضو ڪري معاشي ۽ اقتصادي ڦرلٽ کي وڌيڪ ڇوهو ڪري ڇڏيو.
ويهين صديءَ جي شروعات ۾ سڄي دنيا جي مٿان يورپي قبضه گيري/ڪالونائزيشن جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. ائين پئي لڳو ته دنيا هڪ عالمي حڪم نامي مطابق ماٺ ميٺ سان ڪنڌ ۾ غلاميءَ جو طوق پائي ڳَهي رهي هئي. اوچتو انهيءَ ڪاڪ محل ۾ پڙاڏو گونجيو ۽ 1900ڌاري چين ۾ باڪسر انقلاب (Boxer Revolution) جو چمتڪار ٿيو. 2 اڃا باڪسر انقلاب جي گونج ختم ئي ڪا نه ٿي هئي ته روس ۾ 1905ع ڌاري انقلاب جو اڀار ٿيو. 3 اهڙي ريت اپکنڊ ۾ به هٿياربند سياسي تحريڪن جي چرپر شروع ٿي. ان کان پوءِ ڏسندي وائسندي ويهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ دنيا جي مٿان دائمي عالمي حڪمراني جو تصور ڀورا ڀورا ٿيڻ لڳو. ٻن مهاڀاري لڙاين پاور جي هڪ هٽيءَ جو خاتمو آڻي ڇڏيو ۽ پاور جي راهداري/لنگهه (Corrodior) ۾ الاهي ردودبدل اچي وئي ان سان دنيا ۾ هڪ ٻئي پٺيان انقلابن جي آمد سان بيٺڪيت جو خاتمو/غلام قومن جي آزادي جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ دنيا جي اڌ آبادي ۾ حاڪميت، سماجي سرشتي جي ردوبدل خاطر زورآوري (Violence) ۽ غيرآئيني طور طريقا به ڪتب آندا ويا. اهوئي زمانو آهي جڏهن ايشيا ۾ به سامراجي بيٺڪن جو خاتمو اچڻ لڳو.
اسان اڳ ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون ته ماڻهو سدائين سياسي زورآوري بغاوت ۽ انقلاب لاءِ جدوجهد ڪندا اچن پيا ۽ اڄ به اهو سلسلو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۽ شبيهه ۾ وراڪا ڏيندي نظر اچي ٿي. ڇو ته انسان/ماڻهو سدائين همسري/برابري/مساوات (Equality) لاءِ مٿاڪٽ ڪندا اچن پيا ته جيئن سنسار ۾ ٻين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي جياپي جو پنڌ جهاڳي سگهي.
اسان ارسطو(322-384 ق-م) کان وٺي حضرت محمد وفات (632) تائين اچون ٿا ته سماج ۾ مساوي حقن جي پاس خاطر جي تنبيھ ڪيل آهي. پاڻ سڳورن آخري خطبي ۾ ننڍ وڏائي جو خاتمو ڪندي چيو ته:
”ڪنهن عربيءَ کي عجميءَ مٿان فوقيت حاصل ڪونهي ۽ نه وري ڪنهن عجمي کي عرب تي، نه ڪارو گوري کان افضل آهي نه گورو ڪاري کان.“ ائين گذريل اڍائي صدين ۾ جيڪي به انقلاب آيا جهڙوڪ فرينچ، آمريڪي، روسي انقلابن تائين ويڙهاند يا زورآوري (Violence) جو بنياد ڪارڻ ”مساوي حقن“ سان سلهاڙيل آهي ۽ جڏهن 1776 جيفرسن (1826-1743) پنهنجين لکڻين وسيلي برطانيا جي غلامي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته هڪ ئي نقطي تي زور ڏئي ٿو ته ”سڀئي انسان هڪ جهڙا/مساوي پيدا ڪيا ويا آهن.“اڻويهين صديءَ ۾ ڪارل مارڪس (1883-1818) سماج ۾ مساوي حقن جي حصول لاءِ انقلاب بابت اڳواٽ پيش بندي ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ ڏس ٻڌائي ٿو ته ”محض فرد جي سماج ۾ مفادن جي حوالي سان ايڏي اثرائتي حيثيت ڪو نه هجي ٿر پر فَردَ گڏيل مفادن جي اصولن ۽ آدرشن تي هڪ ٻئي سان سهمت ۽ سهڪار وسيلي ئي ردوبدل جا مثبت ۽ اثرائتا نتيجا حاصل ڪري سگهن ٿا. انهيءَ سهڪاري ڌرين کي ”سماجي طبقو“ چيو وڃي ٿو.“ اڃا به مارڪس وڌيڪ مونجهاري کي پاسيرو ڪندي لکي ٿو: ”ماڻهن جي سرشٽيءَ/فطرت ۾ هڪ ٻئي سان گڏجي رهڻ جي وِٿ سانڀيل آهي.“
ڏٺو وڃي ته محض انقلاب ۾ مساوي حقن لاءِ اٿي بيهڻ ئي گنج ناهي، پر اصل ۾ ماڻهن جو مسئلو پيٽ جو دوزخ به ڀرڻ اهم هجي ٿو ۽ جيڪي به انقلاب ۽ بغاوتون هن ڌرتي تي آيا انهن ۾ اهم عنصر اقتصادي هجي ٿو. جيئن سنڌي ۾ هڪ پهاڪو آهي ته ”ڍءٌ بنان ڍوليا ناهي ساڃاهه سرير کي.“
مان جيئن مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته هن ڪتاب ۾ شامل لکڻيون ستن ڏهاڪن جو احاطو ڪن ٿيون، پر ان کان پوءِ دنيا م ڇا وهيو واپريو ان کي به سرسري طور سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته انقلاب، سياسي زورآوري ۽ بغاوت بابت وڌيڪ چٽائي ٿيندي.
سٺ جي ڏهاڪي ۾ عالمي سياسي وهنوار جي تواريخ ۾ پهريون ڀيرو چٽي طرح ٻن پور وڇوٽين حدبندين سان هڪ پاسي عالمي استعماريت (Global imperialism) جو سرواڻ رياستهاءِ متحده آمريڪا ۽ ان سان ساٿ ۾ مغرب يورپ بيٺل هو. ٻئي پاسي يونين آف سوشلسٽ سويت يونين آف رشيا (USSR) جيڪو پنهنجي عمل ۽ حڪمت عملي جي حوالي سان سرمايه دارانه سماج ۽ نام نهاد جمهوريت جو مخالف ۽ غلاميءَ جي پنجوڙن سان آزاد ٿيندڙ قومن جو طرفدار هو. اهڙي ريت عالمي سطح کان وٺي مقامي سطح تائين ڪميونزم ۽ قومي تحريڪن خلاف آمريڪي حڪمت عملي جوڙي راس ڪئي وئي جنهن کي مئڪارٿزم جو نالو ڏنو ويو. هوڏانهن ٽين پاسي آزاد ٿيندڙ ملڪن گڏجي هڪ نئون بلاڪ بندونگ (انڊونيشيا) ۾ جوڙي راس ڪيو. ان کي غيرجانبدرانه تحريڪ (nonallinged movement) سڏيو ويو، پر ان کان به اڳڀرو عالمي سياست ۾ غيرجانبدارانه تحريڪ کي ٽين دنيا (Third world) جو نالو ڏنو ويو. ٽين دنيا ۾ قومي آزاديءَ جي تحريڪن ۾ هٿياربند جدوجهد کي وڌيڪ اهميت لائق ۽ وقتائتو ڄاڻايو ويو هو. انهيءَ ڏس ۾ لاطيني آمريڪا ۾ چي گويرا (1967-1928) جي سربراهيءَ ۾ گوريلا جنگ وسيلي ملڪن ۾ آمريت ۽ بادشاهت جو خاتمو ڪري ان جي جاءِ تي سوشلسٽ راڄ قائم ڪرڻ پڻ هو. ڪيوبا ۾ پڻ انقلاب آڻڻ جو هڪ شاندار تجربو فيڊل ڪاسترو (13 August-1926) جي سربراهي ۾ ڪيو، نيٺ چي گويرا، آمريڪي سي آءِ جي گهيري ۾ مارجي ويو ۽ اڄ تائين رومانوي سياست جو اهم حصو لکيو وڃي ٿو.
انهيءَ ساڳئي زماني ۾ آفريڪا جنهن کي عام طور ان زماني ۾ اونداهو کنڊ چيو ويندو هو، ان ۾ قومي آزاديءَ جي وسيلي پيٽرس لومبا به ملڪ جو سربراهه ٿيو. ان جي قومپرست ۽ سامراج مخالفت جي پڄاڻي سندس موت تي ٿي، عالمي سطح تي قومن جي آزادي ۽ سامراج مخالفن جو برک ڀرجهلو سوويت يونين هو، پر جن به آزاد ملڪن ۾ سوويت يونين جو عمل ۽ دخل هو ته انهن ۾ ليڪو لتاڙي مداخلت ڪرڻ به چڱو سنوڻ ڪو نه سمجهيو ويو. سڀ کان وڌيڪ مسئلو پيدا ٿيو ته اهي ملڪ جيڪي سوويت يونين کان اقتصادي ۽ فوجي امداد حاصل ڪندڙن هئا انهن جي پهچ ۽ رسائي ان حد تائين هئي ته سامراج مخالف هئڻ ۽ گهڻي ڀاڱي زباني جمع خرچيءَ کان مٿي ڪا نه هئي پر جن ملڪن پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي ذميواري نڀاهڻ جو ڪم ڪيو انهن ۾ ڪيوبا ۽ چين جا مثال سامهون آهن، نيٺ اڳتي هلي سوويت يونين ۽ چين جي وچ ۾ اختلاف چڙهي چوٽ ٿي ويا. انهن اختلاف سڄي دنيا جي سوشلسٽ يا قومپرست قوتن ۾ انتشار پيدا ڪيو.
آمريڪا مئڪارٿزم نظريي تي پيروي ڪندي دنيا ۾ ڪميونسٽ يا ترقي پسند قوتن کي ختم ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. انڊونيشيا ۾ صدر سوئيڪارنو (1970-1901) کي برطرف ڪرائي ۽ هزارين ڪميونسٽن جو ڪوس ڪيو ويو. 1974ع ۾ چليءَ ۾ صدر اليندي جي چونڊيل سرڪار کي سي آءِ جي مدد سان برطرف ڪرائڻ ۽ کيس مارائڻ جو مثال موجود آهي. عام طور دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آزادي حاصل ڪندڙ قومون ۽ انهن جا سربراهه نج قومپرستي جي ڪارج وسيلي سڀني مسئلن ۽ مونجهارن جو حل ڄاڻايو. جنهن ڪري نج قومپرستيءَ مان جارحانه قومپرستي (untra-Nationalism) جنم ورتو. اهڙي صروتحال جو دنيا جي مفڪر ۽ انقلابيءَ فرانز فينن (1961-1925) ڇيد ڪندي چوي ٿو: ”قوم پرستي کان پوءِ جارحانه قومپرستي (Ultra Nationalism) ۽ آخرڪار نسل پرستي ڏانهن ٿئي ٿي.“
هوڏانهن سوويت يونين 1978ع ۾ افغانستان ۾ خلق ۽ پرچم پارٽي جي دعوت تي فوجون اسهائي سردار دائود جو تختو اونڌو ڪري انقلاب آندو، پر اهو انقلاب ملڪ ۾ ڪو به خمير ۽ کستوري جي پيداوار ڪونه هو جنهن ڪري انقلاب ته ناڪام ويو پر ان سان گڏوگڏ سوويت يونين کي اندروني سياسي ۽ اقتصادي بحران لوڌي ڇڏيو. پڄاڻي سوويت جي زوال سان ٿي. رياستهاءِ متحده آمريڪا ۽ انهن جي ساٿارين وڏي واڪي چوڻ شروع ڪيو ته دنيا ۾ سرد جنگ جو خاتمو ٿي ويو. هاڻي زمانو جمهوريت ۽ آزاد اقتصاديات جو آهي.
ويهين صديءَ جي پوئين ڏهاڪي کان پوءِ جي صورتحال جو جائزو وٺنداسين ته ان جو مختصر پوتاميل هيٺين ريت بيهي ٿو ته:
1) دنيا ۾ سردجنگ جو خاتمو ۽ رياست هاءِ متحده آمريڪا جي هڪ سپر پاور طور اُڀري اچڻ جي دعويٰ.
2) ٽين دنيا جي ملڪن ۾ نالي ماتر آيل ردوبدل ۾ ماٺار ۽ جموديت جو ڪوهيڙو ڇائنجي وڃڻ.
3) لاطيني ملڪن ۾ جمهوري نموني سان سوشلزم جو نئون اُڀار.
اصل ۾ اسان کي ڏسڻ وائسڻ ۽ تڪ تور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اهي ڪهڙا ڪارڻ هئا ۽ آهن جو انقلاب ۽ انقلابي تحريڪون ماضيءَ جو داستان بڻجي ويل آهن.
ان لاءِ لازمي بڻجي ٿو ته روس ۾ آيل بالشويڪ انقلاب ۽ ان سان گڏوگڏ اهڙن عنصرن ۽ اسمن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. ان کي روسي انقلاب جي بانيڪار ولادمير لينن (1924-1870) کان ئي ڏسڻ وائسڻ جي ضرورت آهي. ڪميونسٽ پارٽي ۾ آزادانه اختلاف راءِ کي محض بورجوا باقيات جي ڪارگذاري ۽ پارٽي اندر گروهه بنديءَ کي فروغ ڏيڻ جو ذريعو ڄاڻائيندي رد ڪيو ويو. لينن جي اهڙي سوچ کي جنهن شخصيت ان ئي زماني ۾ هاڃيڪار ڄاڻايو سا روزالڪسمبرگ (1919-1871) آهي. هن انقلابڻ نظرئي جي نالي ۾ آمريت قائم ڪرڻ جي لاڙن کي رد ڪندي چيو ته ”لينن جو اهڙو قدم مورڳو سوشلزم لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو. ڇو ته جمهوريت کان سواءِ سوشلزم اڻپورو آهي.“
لينن ازم/مارڪسزم جي لکڻين تي منطقي وسيلي نظرثاني ڪري ان کي سنواري سينگاري بيهاريو سو ائنتونيوگرامچي (1937-1891) آهي. اٽليءَ جي هن مارڪسوادي مفڪر مروج سماج جو اڀياس ڪندي ڄاڻايو ته بالادستي/ غلبو (Hegmomy) ۽ سول سوسائٽي (Civil Sosiety) جو سٽاءَ اهم عنصر آهن. هن جي راءِ مطابق سول سوسائٽي جو دائرو ۽ پهچ رياست ۽ اقتصاديات کان به منفرد ۽ نرالو ٿئي ٿو. سول سوسائٽي ۾ بالادستي/غلبو ماڻڻ لاءِ سوشلسٽ ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي رياست جي خلاف به سينو ساهي بيهندا آهن.
اڄ جي ايڪويهين صديءَ ۾ اسان کي ويهين صديءَ جي پوئين اڌ کان رهنمائي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ويهين صديءَ جو سَرسري جائزو وٺنداسين ته کاٻي ڌر مڪمل محنت ۽ وابستگي سان پرولتاريه انقلاب لاءِ جاکوڙ ۾ مگن رهي. پر آمريڪا ۾ 1920 ڌاري پورهيت طبقو سوشلسٽ تحريڪن کان پير کسڪائڻ لڳو ۽ مو رڳو 1930ع جي بين الاقوامي ڪميونسٽ تحريڪ ۾ به شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. 1960 جي ڏهاڪي ۾ جنگ ويٽ نام ۾ نئين ليفٽ (New left) چڱو موچارو ناماچار ڪمايو. 1991ع ۾ سوويت يونين زوال پذير ٿيو ته هڪ نئين صورتحال جو سج اُڀريو ته ڪلاسيڪل مارڪسوادي نقطهءِ نگاهه سان انقلابي ويڙهاند جو زمانو پورو ٿي ويو ۽ سڄي دنيا ۾ کاٻي ڌر مختلف زاوين يا پاسن کان نئين سر جائزو وٺڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي.
ايڪويهين صديءَ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ انقلابن جي ديومالائي (Mythical) جادو جنتر ۾ سراپجي وڃڻ به ذهني پختگي کي اڳتي وٺي وڃڻ کان روڪي ٿو. مان سمجهان ٿو ته دنيا ۾ قومي آزادي، ڪلچرل سڃاڻپ ۽ مساوي جدوجهد جو نئين سر جائزو وٺي رٿابندي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عام ماڻهن جي ڀلائيءَ ۽ ڇوٽڪاري جو دڳ ٺاهي سگهجي.

[b]امان الله شيخ
[/b]ڪراچي سنڌ
2015-12-31
شام جا 6:30

____________
1. تشدد/ڏاڍائي/زورآوري (Violence)

2. باڪسر انقلاب بنيادي طور چين ۾ ورهين کان سامراجي قوتن جي لٽ ڦر ۽ عيسائي مشنرين جي مذهبي قبضه گيري خلاف ردعمل هو. اها اٿل پنهنجي جوهر ۾ مڪمل قومپرست ۽ سامراج مخالف هئي. ساڳي وقت مدي خارج ڪوئنگ بادشاهت جي خلاف به بغاوت هئي. انهيءَ انقلاب جي آمد سان چين ۾ مروج دقيانوسي سياسي ۽ سماجي سرشتو ڊانواڊول ٿي پيو. انهيءَ انقلاب جا اهم ڪارڻ لڳاتار ورهين کان خشڪ سالي ۽ ڌارين جي لٽ ڦر هئي. انقلاب کي چيڀاٽڻ لاءِ سامراجي قوتن جهڙوڪ: برطانيا، روس، جاپان، فرانس، آمريڪا ۽ اٽلي گڏيل حملو ڪري في الحال ٺاپر آڻي ڇڏي، اڳتي باڪسر انقلاب جي انقلاب جي گود مان چين جو هاري انقلاب نمودار ٿيو.

3. 22- جنوري 1905ع تي پيٽرز برگ ۾ زار نڪولاس دوئم جي محل ڏانهن هٿين خالي پورهيت، هاري ۽ عام ماڻهو پادرين جي سربراهي ۾ هڪ عرضداشت کڻي وڌي رهيا هئا ته ملڪ ۾ آئيني ۽ قانوني سڌارا آندا وڃن ته سياسي ۽ معاشي بحران جو خاتمو ٿئي، پر زار جي حڪم سان ماڻهن جي هجوم مٿان گولين جو مينهن وسايو ويو. اهو انقلاب به عارضي طور دٻجي ويو، پر ان انقلاب جي مهابي آڪٽوبر 1917ع جي انقلاب لاءِ راهه هموار ٿي.
ائين اپکنڊ ۾ جليانوالا باغ (امرتسر) ۾ هيٺين خالي ۽ بي گناهه شهرين جو قتلام سنڌ ۾ حر تحريڪ جو اُڀار، بنگال ۾ هٿياربند جدوجهد جو آغاز ڳڻپ ۾ آڻي سگهجن ٿا.

روس جو راهب: ٿامس ميرڪ

پيٽر اعظم کان وٺي اڄ تائين روس جي ترقي ۽ خد و خال مٿان هڪ مٿاڇري نظر ڦيرائبي ته ملڪ ٻن حصن، يعني پيٽر کان اڳ جي تهذيبي ايامڪاري ۽ جديد يورپي روس ۾ ورهايل نظر ايندو.
هڪ تيز مشاهدي جي حس رکندڙ ماڻهو روس ۾ سفر ڪندي زندگيءَسان ٽمٽار فطرت جي هڪ تيز رفتار عمل ۽ گهڻ پاسائين ڪلچر جي ارتقا ۽ اوسر کي ڏسي پسي سگهندو. جڏهن به ڪو ماڻهو روس ۾ يورپي لنگهه کان داخل ٿيندو آهي (هتي ياد رکڻ گهرجي ته روس واسي جڏهن به اولهه طرف کان اُڪرندو/ داخل ٿيندو آهي ته هو عام طور چوندو آهي ته: ”يور پ وڃي رهيو آهي.“) ته ان لاءِ سدائين هڪ غيرروسي علائقو يا حدبندي پار ڪرڻ لازمي هوندي آهي. ڇو ته پولينڊ، بالٽڪ رياستون يا وري فن لينڊ يعني اها سرزمين جيڪا يورپ ڏانهن والار ڪيل آهي، جنهن جا رهواسي ڪئٿولڪ يا پروٽسٽنٽ فرقي سان واسطو رکن ٿا ۽ انهن جو لڳ لاڳاپو يورپ جي قديم تهذيب سان آهي، انهن سڀني علائقن جو واسطو روس جي قدامت پرست ڪليسا (Orthodox) سان سطحي ۽ نالي ماتر آهي، پر جيڪڏهن اسان وڌيڪ اوڀر ڏانهن وينداسون ته پاڻ کي محض يورپ جي ويجهو پائينداسون، جتي اسان کي ريلوي سرشتو، اسٽيشنن تي کاڌي پيتي جا ڪمرا ۽ ٽڙيل پکڙيل پر سينگاريل هوٽل ۽ يورپي طرز جو انتظام ۽ طور طريقا نظر ايندا. اهو ساڳيو فرق پيٽرو گراڊ ۽ ماسڪو جي وچ ۾ نظر ايندو.
اهڙيءَ طرح ٻنهي شهرن ۾ هڪ ئي هنڌ، ڀر پاسي ۾ جديد روس جا حصا ۽ پراڻيون وسنديون نظر اينديون. ان جي ابتڙ اوڊسيا جو بندرگاه جديد يورپ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي.
جڏهن انهن ٻنهي راڄڌانين جي پاڻ ۾ ڀيٽ، خاص ڪري پيٽروگراڊ سان ڀيٽ ڪبي ته ان جا ننڍا شهر ۽ ڳوٺ روسي خد و خال جا لقاءُ ڏسڻ ۾ايندا. ائين زميندار ۽ نواب گهراڻن پنهنجن محلاتن ۾ رهائش ۽ آسائش لاءِ به يورپ جهڙا طور طريقا اختيار ڪيا آهن. ساڳيءَ ريت ملڪ جا ڪيترائي ڪارخانا پڻ يورپ جي ڪارخانن جيان سڦلائتو ڏيک ڏئي رهيا آهن. گهڻي ڀاڱي ڪار وهنوار پڻ يورپي آهي، جنهن زمري ۾ريلوي، ڪارخانا، بئنڪون، واپار (ڪنهن حد تائين گهرو واپار) بري فوج، بحري ۽ ڪجهه علائقن ۾ نوڪرشاهي جي جوڙجڪ پڻ يورپي طرز جي آهي. مطلب ته يورپي اثر رسوخ جيڪو روس ۾ پکڙجي رهيو آهي ته ٿورو ڌيان ڏيڻ سان ابتدائي اثرات ۽ گهڻ قسمين ميلاپن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ جي لائق ٿي سگهنداسون....
انت ته ڪجهه وقت کان پوءِ پاڻ به ماڻهن ۽ مسئلن جي وچ ۾ فرق کي سمجهي ۽ چٽو ڪري بيهارڻ جي ڄاڻ حاصل ڪري و ٺنداسون. يورپ ۽ روس جي سوچ ۽ شعور کي پنهنجي جوهر ۽ جمال ۾ هڪ ٻئي کان ڌارئون ڌار ڏيک ڏيندي به هڪ مخصوص انداز ۽ مختلف خد و خال رکندڙ سنگم چئي سگهجي ٿو.
ان لاءِ اسان کي گهڻي وقت کان قائل ڪرڻ لاءِ حيلا بهانا ڏنا وڃن پيا ته روس کي يورپ جو ويس پارائڻ مروج ڇڙوڇڙ خيال آرائي يا ڇڙواڳ ادارا سازيءَ وسيلي ناممڪن آهي.
آڳاٽي روس جو جيڪو گهڻوان تاريخي ۽ تهذيبي پس منظر ۽ رسم و رواج آهي، سو هوريان ڏاڍيان يورپ جي طرز حيات ۽ تهذيب جي آڏو گوڏا کوڙي رهيو آهي.
انفرادي طور روس واسي پنهنجي عادتن ۽ خصلتن جي لحاظ کان يورپي تجربي جي ور چڙهي ويل آهي ۽ اهڙو فرق واضح ڏسڻ ۾ اچي پيو. سندس شخصيت ۾ ائين چوڻ ۾ ڪوبه وهم ۽ گمان ڪونهي ته انسان ڪڏهن به پرزا پرزا بڻجي جالي نه ٿو سگهي، جنهن ڪري هو هڪ اهڙي دٻاءُ ۾ آهي جيڪو کيس مجبور ڪري ٿو ته فطري طور سندس ناتو رشتو ۽ ڳانڍاپو روس سان آهي ۽ ان کي بچائڻ سان گڏوگڏ يورپ جي حاصلات/ لاڀ کان پوءِ پاڻ کي پيڙجڻ جي عمل کان پرڀرو رکي پر اهڙي طرز جي ذميواري نڀائڻ سندس وس ۽ وت کان ٻاهر آهي. اسان جي آڏو اهڙو منظر/ عڪس هڪ اهڙي فرق کي چٽو ڪري بيهاري ٿو ته هڪ روسي هاري (جيڪو اڄ به ساڳي حالت ۾ آهي) هڪ پاسي ۽ هوڏانهن ٻي پاسي، هڪ ليکڪ، هڪ آفيسر، زميندار يا هڪ هنرمند ۽ اڃا به اهڙا ماڻهو جن تعليم ۽ تربيت پيرس، برلن ۽ زيورچ ۾ ورتي آهي ۽ انهن کي شهري حيات کان وڌيڪ آگاهي آهي. ائين مختلف الخيال ماڻهو جيڪي هڪ ٻئي جي پاسي ۾ رهائش پذير رهندا اچن پيا سي هڪ ٻئي سان ويجهو ٿيڻ لاءِ سوچ ۽ سهڪار ڏانهن لازمي طور پيش رفت ڪندا.
ان ڪري روحاني ويڇابندي/ فرق/ اختلاف روس ۽ يورپ جي وچ ۾ بذات خود روس جي خانقاهه ۾ صاف نظر اچي پيو. هتي اسان کي قديم روس جون اصلي ۽ حقيقي جهلڪيون، جلوا، احساس ۽ جذبا نظر ايندا. اهڙا نظارا پڻ پيٽرسبرگ جي مڙهين/ خانقاهن ۾ پڻ ڏسي چڪا آهيون، پر اهي لقاءُ ڏورانهن علائقن جي خانقاهن ۾وڌيڪ نمايان آهن.
روس! قديم روس، ساڳيو ئي روس ويراڳي نظر اچي رهيو آهي. مان جڏهن پهريون ڀيرو روس جي سئر سفر تي اسهيو هئس تڏهن اهڙن تجربن سان ڏيٺ ويٺ ٿي هئي. مان ماسڪو جي انهن حلقن/ دائرن ۾ چڱو چوکو گهمندي ڦرندي گذاريو هو، جتي ڏاهپ ۽ ڄاڻ پنهنجي ترقي يافته مک ۾ موجود هئي.
پر جنهن کي اڳتي هلي يورپي وايومنڊل جي آڏو جهيڻو ۽ جهڪو ٿي نيٺ الوپ ٿيڻ هو. مان تورائڪو سيگي وسڪاجا(Troicko-Sergievskaja) جي خانقاهه ڏسڻ لاءِ روانو ٿيس. اها خانقاهه پنهنجي ادارن، مال خزانن ۽ تبرڪات جي حوالي سان چوڏهين صديءَ جو ڏيک ڏئي رهي هئي پر بٿيني(Bethany) جي خانقاهه ته مورڳو اسان کي تاريخ جي وڌيڪ پراڻي دور ۾ وڃي بيهاري ڇڏيو. اها هڪ جهنگل جي وچ ۾ ۽ پاسي ۾هڪ پراسرار ديول ۾ مسيح جي مصلوب مورتي ٽنگيل هئي. مون کي پنهنجي اندر ۾ ان فرق يا اتفاق تي اچرج لڳو ته گذَيل ڏينهن مان ٽالسٽاءِ ۽ سندس دوستن سان مذهب متعلق بحث مباحثو ڪري رهيو هوس. هاڻي مان هڪ خانقاهه ۾ ويٺل هوس، جنهن جي چوڌاري قبرستان، حيران ڪندڙ تبرڪات ۽ خاڪا/ مورتيون هئا. مون کي ٽالسٽاءِ جي هڪ معتبر دوست هيڏانهن اچڻ لاءِ هڪ خط خانقاهه جي سربراهه لاءِ ڏنو هو ته جيئن هرهڪ شيءِ کي ڏسڻ وائسڻ ۾ سهولت ٿئي.
مان ان ماڻهوءَ کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس جنهن خانقاهه کي چوڌاري گهمڻ ڦرڻ ۾ ساٿ ڏنو. اهو محض پنجويهه ورهين جي ڄمار جو پادري هو. هو انهيءَ خانقاه ۾ جوان جماڻ ٿيو هو ۽ هن جي ذهن تي فقط پراڻي سوچ ويچار جو قبضو هو. هن لاءِ ٻاهر جي دنيا اوپري/ اجنبي هئي. جڏهن ته ان جي برعڪس، مان ان دنيا جو رهواسي ۽ ڪانکي/ سفير هيس، جنهن کان هن فرار حاصل ڪري هتي پناهه ورتي هئي. هاڻي، هُو گڏجي قبرستان جو سئر ڪندي سمجهاڻي ڏئي رهيو هو ته، مان ڇا ڏسي وائسي رهيو آهيان. هن جي نظر ۾ جيڪي به شيون پارسائي/ دينداريءَ سان واڳيل هيون سي هڪ غيرروسي، يورپي، لادين جي لاءِ محض اکين جو ڍئو هيون.
مان پنهنجي سونهين/ رهنما/ اڳواڻ جي منهن تي تڪليف جون ريکائون اُڀرندي محسوس ڪيون پر مڃان ٿو ته هن جي بي وسي ۽ لاچاري جهڙي حالت هڪ يورپي لاءِ چڙ يا صدمي جو باعث ڪونه هئي. هو هرهڪ تبرڪ ۽ بت اڳيان جهڪي ۽ خاص ڪري اهم هستين جي آڏو مورڳو سجدو ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي ڇاتيءَ تي سانده صليب جو نشان هٿ سان ڦيرائي، گوڏن ڀر جهڪندي مقدس جاين کي مٿو ٽيڪڻ ۽ چميون ڏيڻ جي ڪرتبن ۾ مصروف هو.
مان جيئن هن کي ويجهڙائيءَ سان ڏٺو ته سندس چمڙيءَ تي خوف وراڪا ڏئي رهيو هو جنهن ڪري هيبت جا آثار نمايان نظر اچي رهيا هئا. هو شايد محسوس ڪري رهيو ته آسماني طاقت/ ڌڻي سڳورو مون کي اهڙي بڇڙي ۽ بي اعتماد سوچ خاطر ضرور سزا ڏيندو، پر ان سزا تي ڏسندي وائسندي عمل بيهجي ويو ۽ هن کي سڌ سماءُ ئي ڪونه پيو ته سندس مَن ۾ شڪ جو پاڇولو وڌي رهيو هو. هن جي ورتاءُ مان پڌرو هو ۽ هڪ عرضداشت سانڀيل هئي ته مان ڪنهن نه ڪنهن تبر ڪ آڏو ڪنڌ جهڪايان. هاڻي صاف ۽ چٽو ڏسڻ ۾ پي آيو ته هن کي هڪ ناستڪ جي بچڻ جو اونو نه هئڻ برابر هو. ان جي برعڪس هن کي سندس فڪري رايو ته هن مهل آسمان کان ڪو قهر ۽ عذاب نازل ڇو نه ٿيو آهي؟
جڏهن، اسان، قبرستان جو سئر پورو ڪيو ته من ۾ خواهش. اُڀري هئي ته اڪيلو واپس ٿيان، پر منهنجو سونهون اڪيلو ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو. ان کان اڳ جو پادري سڳوري کي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي اڻ تڻ ظاهر ٿئي، سندس اندر ۾ مئل هورا کورا پڌري ٿي پئي، جڏهن يورپ ۽ ٻي دنيا جي لاءِ پڇاڳاڇا ڪرڻ لڳو. هن جي اکين ۾ ٻاهرين دنيا لاءِ معلومات حاصل ڪرڻ جي بک پڌري هئي پر منهنجي وس ۾ڪونه هو ته سندس چاهه/ اتساهه/ شوق جو پورائو محض ڪجهه ڳالهين ۽ وضاحتن سان ڪري سگهان.
مطلب ته هڪ روسي، هڪ غيرروسيءَ سان ماسڪو ۽ پيٽرگراڊ بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو. ائين ڳالهين ۾ محو رهندي خبر ڪانه پئي ته خانقاه کان ٻرانگهون هڻندا وڃي جهنگل جي ڪناري تي پهتاسون. منهنجو ساٿي پڇاڳاڇا ڪندي ٿڪل ۽ بيزار ڪونه پئي نظر آيو. هن مهل تائين کيس دنيا متعلق سُڌ بائبل جي روشني ۽ سنتن جي يادگار ڪارنامن وسيلي ملي هئي، پر هاڻي هُو جيڪي ڪجهه ٻُڌي رهيو هو سو هن لاءِ نئين نڪور جهان وانگر هو.
بهرحال، مان جڏهن شاهي خانقاه ڏانهن وَرڻ لاءِ پادري جي سهڪاري ورتاءُ ۽ گرمجوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪرڻ جا ورجاءِ سان ٿورا مڃي موڪلايو ته هو مون سان ٻاهرين دروازي تائين گڏيو ۽ منهنجي ذهن ۾ ٺهڪندڙ سوال گونجي رهيا هئا ته آخر هن زمين تي انسان کي ڇا ٿو گهرجي؟ ڇا هن کي ڪنهن بخشش يا دان جي گهرج آهي؟ انهيءَ طرز جي ويچارن کن پل لاءِ مَن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. مان شرمساريءَ سببان ويچار ۾ پئجي ويس، پر آخر ۾ سمجهي ويس ته ههڙي مذهبي سٽاءَ جي دنيا تي شڪ ڪرڻ اجايو ۽ فضول آهي، جنهن جو گذر سفر بخششن، دانن ۽ انعامن اڪرامن سان واڳيل آهي. منهنجي مٿي ۾ ڀنواٽيون اينديون رهيون ۽ سوچون ڦيراڪا ڏينديون رهيون. روس ۽ يورپ لاءِ يعني ويساهه ۽ عدم ويساهه جي وچ ۾ ائين شرمساري مان محسوس ڪري رهيو هيس ته ڪا شيءِ مذهبي (مهندار) پادري جي اڳتي وڌيل چنبي مان کسڪائي رهيو آهيان.
اهو مٿيون تجربو ۽ ان سان مشابهت رکندڙ ٻيا تجربا پڻ هڪ ٻي اهم خانقاه ۾ حاصل ٿيا. اتي قدامت پرستن سان بحث مباحثي، مشاهدي ۽ ڪليسائن جي رهڻي ڪهڻي کي چڱيءَ ريت ڏسڻ وائسڻ کان پوءِ پڪي پختي ڄاڻ قديم روس بابت پيٽراعظم جي زماني کان به اڳ جي حاصل ٿي. ائين يورپ ۽يورپي روس کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ماسڪو کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون، ڇو ته سندس تهذيبي مرتبو اڃا تائين روم جو هم عصر آهي.
مان درحقيقت ٽالسٽاءِ جو احسان مند آهيان، جنهن منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ان قدامت پرست دنيا سان ڪرائي. ان ڏس ۾ ماسڪو جي هڪ عجائب گهر جي عملدار جو به ٿورائتو آهيان جنهن ذاتي طور سهڪار ڪري قديم روس سان واڌاري واقفيت ڪرائي.
قديم روس ۽ يورپ جو فرق چٽو آهي ڇو ته اڃا تائين ديولن ۾ پادري، زيارت گاهون، قدامت پرستي ۽ هاري ناري موجود آهن، اهي سڀئي مون کي پنهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين ڏانهن وٺي وڃن ٿا. جڏهن منهنجي آبائي عقيدي ۾ڪوبه لوڏو ڪونه آيو هو ۽ اهو منهنجو ننڍپڻ ئي هو جو مان زيارت گاهن تي ويندو هوس.
انهيءَ ڪارج جي پوئواري ڪرڻ ۾ اڄ به ٻاراڻي ٽهي ۽ پورهيت زالون ساڳيا ڪرشما ۽ ڪرتب ڏسڻ ۾ مصروف آهن. مطلب ته اهي ساڳي طرز جا ويساهه ۽ وهنوار هلندا اچن پيا، جيڪي منهنجي امڙ جي معرفت مون تائين پهتا هئا. پر اهو ٻالڪپڻ جو دور ختم ٿي ويو ڇو ته ٻاروتڻ جي جاءِ سدائين ذهني پختگي والاريندي آهي.••••
روس، يورپ جي ٻاراڻو اوستا کي سنڀالي رکيو آهي، يعني هاري ناريءَ جو اڪثريتي انگ پنهجي خد و خال ۾ قرون وسطيٰ يا اڃا به چئي سگهجي ٿو ته بازنطيني عهد جي نمائندگي ڪري ٿو. اسان جي سامهون مکيه سوال اهو آهي ته اهو وچولو دور ڪڏهن جديد سجاڳي ڏانهن پيش رفت ڪندو ۽ تحقيق انهيءَ سجاڳي جي سراوڻي ڪرڻ جي ذميواري پيٽراعظم ۽ سندس وارثن جي ڪُلهن تي اچي ٿي.

لُوٿرن جي دکدائڪ ڪَٿا: مارگريٽ فلپس

ارسيمس ۽ لوٿر جي وچ ۾ يڪسانيت ان حد تائين هئي جو پل کن لاءِ سڀڪو اکيون ٻوٽي قبول ڪندو هو ۽ کين بنيادي فرق جو اپٽار ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي هوندي. لوٿر لڳ ڀڳ پندرهين ورهيه ارسيمس کان ڄمار ۾ ننڍو، آگسٽينن پادري هو. حالانڪ سندس خانقاه ۾ داخل ٿيڻ هڪ شديد جذباتي ردعمل جو ڪارڻ هو، جڏهن هن قانون جي تعلم حاصل ڪرڻ جي شروعات ڪئي. هُن هڪ ٺيٺ پادريءَ وانگر زندگي جي محنت طلب ڪشالن سان منهن ڏنو ۽ ارسيمس جيان هن کي به سدائين ڪتابن وسيلي آٿت ملندي رهي، پر انهن ۾ بائبل سڀني کان سرفهرست رهيو. ارسيمس وانگر آڳاٽي دور کي جذباتي نوعيت سان چنبڙي پوڻ جو قائل نه هو. ان ڪري کيس يوناني علم جي ڄاڻ ايڏي ڪا خاص ڪانه هئي پر پنهنجي هم عصرن پاران بائبل جي مواد تي ڪيل ٽيڪاٽپڻي کي هڪ ماهر ۽ ڄاڻو جي حيثيت سان پرکڻ ۾ دسترس حاصل ڪري ورتو هو. ان ۾ سندس رهنمائي ڪندڙن ۾ سڀ کان معتبر نالو خود ارسيمس جو ئي سگهجي ٿو..... جنهن پنهنجن ٻين انسان دوست هم عصرن ۾ مستقبل جي جياپي ۽ ترقيءَ لاءِ لازمي ڄاتو ته انجيل جي معنيٰ کي سمجهڻ لاءِ ڪلاسيڪل ٻولين تي عبور حاصل ڪرڻ اهم آهي.
ان جي برعڪس لوٿر جي نظر ۾ ٻوليءَ جي ڄاڻ محض مقصد يا منزل ڏانهن پيش رفت خاطر ذريعو ته هئي پر ارسيمس وانگر ٻوليءَ جي طلسمي ڪاڪ محل ۾ ڦاسي پوڻ جو حامي ڪونه هو. ان ارسيمس جي لوٿر بابت راءِ هئي ته هن صاف ۽ اثرائتي طريقه ڪار سان جرمن عوام ۾ پنهنجي سڃاڻپ کي نقش ڪيو ۽ ارسيمس جي لاطيني طرز جي آفاقيت کي ڏيٺ ويٺ ڪرائي. حاصل مطلب ته لوٿر ابتداءُ کان ئي ان ذميواريءَ کي هڪ انسان دوست جي حوالي سان نڀاهڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن کي ارسيمس وانگر ئي قرون وسطيٰ جي فلسفي ۽فڪر کان شديد ڌڪار هئي. هنن ٻنهي مٿان پڙهائيءَ جي زماني ۾ روايتي تعليم زور زبردستي مسلط ڪئي وئي ته جيئن ڊگري حاصل ڪري سگهن. ان جي نتيجي ۾ ٻنهي ڄڻن جي ذهن ۾ قرون وسطيٰ جي هيبت ۽ دهشت پڌري ٿي پئي پر لوٿر، ارسميس جي ڀيٽ ۾ دينيات جو وڌيڪ قائل هو، جنهن ڪري سندس بنيادي ردعمل به ذڪر لائق آهي. ارسيمس پئرس ۾ گرلارڊ (Gryllard)جي شاهانه انداز ۾ فصيح ۽ بليغ ليڪچرن منجهان لطف اندوز ٿيندو هو. انهن ليڪچرن ۾ رڳو هڪ نقطي تي زور ڏنو ويندو هو ته انهن کي بغير چون چران جي مڃيو وڃي. ان ڪري سندس نظر ۾ قرون وسطيٰ جا فلاسافر گهڻي ڀاڱي کل لائق هئا، جن ۾ هڪ نالو (Dunes Scotus) جو پڻ شمار ٿئي ٿو. اهي ٻئي پنهنجي لکڻي اسلوب ۽ دليلن جي لحاظ کان ڇسا ۽ بي سواد هئا ۽ لاطيني ٻولي جي لاک لاهڻ جي ڪارڻ ٻڌندڙ لاءِ مٿي جا وار پٽڻ کان سواءِ ڄڻ ٻيو ڪو چارو ڪونه هوندو هو. اهو سڀ کان اهم نقطو هو ته ڪيئن ورجل ۽ سيسرو جي ٻوليءَ جا لاهه ڪڍندا هئا.
ارسميس، قرون وسطيٰ جي فلسفي تي ايتري دسترس حاصل ڪري ورتي هئي جو امتحان وٺندڙ کي آٿت حاصل ٿيندي هئي پر ان پاسي سندس ذهن جو لاڙو يا شوق نه هئڻ برابر هو. ان جي برعڪس، هو سدائين مڪتبي دينيات (Scholastic Theology) جي مطالعي پويان آڳاٽي دور جي مهان ليکڪن کي پڙهڻ ۾ محو رهندي هڪ جداگانه طرز جي عبادت نئين رنگ ڍنگ سان تيار ڪري رهيو هو.
لوٿر جي معاملي ۾ اهڙي دُوئي مشڪل سان نظر اچي ٿي. لوٿر، تعليم جي روايتي طور طريقن کي به دل جمعيءَ سان پڙهندو هو ته جيئن سچ تائين رسائي حاصل ڪري سگهي. هو مڪتبي دينيات کي به ارسيمس جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنجيدگي ۽ اونهائيءَ سان پڙهندو هو. هن جو شديد ردعمل ان وقت نڪري نروار ٿيو جڏهن پاڻ هڪ چٽي، واضح ۽ تز نقطه نگاه کي سامهون آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هو استادن آڏو ليڪچرن وسيلي پنهنجي راءِ کي وڌيڪ مستند نموني رکڻ لڳو جنهن ڪري بدمزگي جوهڪ وايومنڊل وسيع ٿيڻ لڳو.
جيئن اڳ ڄاڻائي آيا آهيون ته هن پنهنجن استادن جي تعليمي ڏانءُ کي چڱي نموني پرکي ورتو هو ۽ هاڻي کيس پنهنجي راءِ رکڻ جو مڪمل موقعو مليو هو ته ڪيئن بنهه مختلف ۽ جداگانه طريقه ڪار کي پيش ڪري سگهي.
لوٿر، جڳ مشهور استحقاق/ ڇوٽڪاري (Indulgence) کي مسترد ڪرڻ واري فڪر کي پيش ڪرڻ کان اڳ مڪتبي دينيات سان اختلاف کي پڌري پٽ ڪري بيهاريو. اهڙي ريت لوٿر پاران بنيادي روايتي تعليم ۽ ارسطو جي بالادستيءَ کي پنهنجي شاگردن جي معرفت پيش ڪيل مقالي سان جيڪو اختلاف ۽ ڇڪتاڻ جو ڪارڻ 1516ع ۽ 1517ع ۾ پيدا ٿيو، ان جي حيثيت ۽ اهميت انهن پنجانوي نقطن کان وڌيڪ آهي. ڇوٽڪاري بابت مقالو(Theses of Indulgence) جيڪو هن ويٽن برگ (Witten berg) ۾ ڪليسا جي ديوار تي 31 آڪٽوبر 1517ع تي چنبڙايو هو. انهيءَ ڪارگذاريءَ سان بنيادي طور لوٿر جو مقصد عام راءِ جو ڌيان ڇڪائڻ هو. ان جي اهڙي واهپي ۾ ارسيمس جو پڙاڏو گونجي رهيو هو. هونئن به لوٿر، انهيءَ قافلي جو اڪيلو ماڻهو ڪونه هو، جنهن مذهبي منافع خورن جي صفن ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو جن جي نگهباني ان زماني ۾ رومي ڪليسا ڪري رهي هئي. ائين مذهب کي ميڪانيڪي انداز ۾ جاري رکڻ جي پت وائکي ڪندڙ عمل هو. ڇا ارسيمس پنهنجي هڪ لکڻيءَ (Enchiridion Militias christani) ۾ التجا ڪندي ۽ ڪرستانن کي زور ڀريندي نه چيو آهي ته محض ميڪانيڪي ڍنگ سان تلاوت ۽ عبادت ڪرڻ، تبرڪات کي اکين تي رکڻ، زيارت گاهن تي وڃڻ منجهان ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيندو، پر وس آهر مروج منافقانه روين جو خاتمو آڻي سچائيءَ کي روشناس ڪرائڻ ۾ ئي آجپو سانڀيل آهي؟
جڏهن لوٿر 1510ع ڌاري روم ۾ داخل ٿي رهيو ته ارسميس ساڳئي مقدس شهر مان روانو ٿي چڪو هو. پر سندس اثر جن شهر ۾ ٿرٿلو آڻي ڇڏيو هو، انهن کي نظر مان ڪڍڻ ضروري آهي ته جيئن لوٿر جي هلت ۽ سڀاءُ کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ٻنهي طاقتور شخصيتن جا جداگانه انداز ۾ اثر مرتب ٿيا. ارسميس جي اڳ ۾ ئي سڃاڻپ هئي سو سندس آڌرڀاءُ کليل دل سان ڪيو ويو، ان کان به وڌيڪ اهم ته ٻنهي راهبن لاءِ ڪتبخانن جا دروازا کوليا ويا ۽ هن جي ذهن ۾ روم بابت گاڏڙ يادگيريون چٽيل هيون. يعني هڪ پاسي اندر کي معطر ڪندڙ شاهانه استقبال جو ماحول ته ٻي پاسي پوپ جي درٻار ۾ بدعنواني جي غلاظت ۽ گند به نمايان هئا. هو ان نظاري کي ڪڏهن به وساري نه سگهيو، جڏهن جوليس ٻيو، بلغاريه ۾ هڪ فاتح وانگر داخل ٿيو ۽ ڦرلٽ شروع ڪئي پر ان سمي پوپ جي غيرعالمانه ۽ ڪريل انداز کيس وڌيڪ ذهني صدمو رسايو. هن جي وس ۾ هڪ ئي هٿيار هو ته طنز ۽ ٽوڪ بازي وسيلي اهڙي صورتحال جا بخيا اڊيڙي ڇڏي. نتيجي ۾ اٽليءَ جي سفر جو نچوڙ ”ڇسائپ (The Praise of Folly) جي ساراهه“ جي نالي سان پڌرو ٿيو. انهيءَ ورتاءَ کي ذهن ۾ رکندي ڏسڻ جي ضرورت آهي ته لوٿر سان روم ۾ ڇا وهيو واپريو ته جيئن ڀيٽ ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي. هو روم ۾ اهڙي منجهيل راهب وانگر هڪ ئي خواهش کڻي داخل ٿيو ته عبادتن وسيلي پنهنجي روح لاءِ آنند حاصل ڪري سگهي. ان حوالي سان پڪو پهه ڪيائين ته مقدس شهر ۾گوڏن ڀر جهڪي پرارٿنا ڪندو.
ان لاءِ هن پاڻ کي ذهني طور تيار ڪري ورتو ته حياتيءَ جي لاهن چاڙهن ۾ جيڪي خطائون ۽ گناهه سرزد ٿيا آهن، انهن جو اعتراف ڪندو ته جيئن اهي سڀئي لاڀ ماڻي سگهي، جيڪي هڪ مڪمل پاڪباز درويش انسان جا حق آهن. انهيءَ سموري روئداد دوران ڪليسا جي ڏاڪي تي پير رکڻ سان دعاگو انداز ۾ پنهنجي وڏڙن جي روحاني ڇوٽڪاري لاءِ آيتن جو ورد شروع ڪيائين پر اوچتو کيس هڪ سخت ”صدمي“ سان منهن مقابل ٿيڻو پيو، جڏهن انهن روحاني رمزن متعلق سندس ذهن ۾ هڪ نواڻ وراڪا ڏيڻ لڳي. ائين هو هڪ اهڙي الهام/ نواڻ سان واقف ٿيو جنهن هن جي ماضيءَ جي محنتن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، پر سندس شعور ۽ فڪر ۾ پختگي اچڻ ۾ ڳپل ورهيه گذري ويا، جڏهن اُهي 1517ع ۾ دنيا جي اڳيان پڌرنامي جي صورت ۾ نروار ٿيا.
اهڙيءَ ريت پاپ کان ڇوٽڪاري جو عمل نئون نڪور ڪونه هو. ائين اهو طريقه ڪار هوريان ڏاڍيان ڪليسا جي توبهه تائب ٿيڻ واري سرشتي جو هڪ اهم جزو بڻجي ويو. ساڳي وقت اعتراف(Confession) ڪرڻ، توبهه تائب ٿيڻ ۽ ڪفارو ادا ڪرڻ جي سلسلي کي به اوائلي دور کان مڃتا حاصل هئي ۽ قرون وسطيٰ واري عهد ۾ ته اهو سمورو سٽاءُ هڪ حتمي صورت اختيار ڪري ويو. ائين صليبي مجاهدن کي پڻ ڪيل گناهن ڇوٽڪاري/ نجات جي خاطري ڏني وئي ۽ مورڳو کين ڪفارو ادا ڪرڻ کان به آجو قرار ڏنو ويو جنهن ڪري ماڻهن کي گناهن کان پاڪ پوتر ٿيڻ لاءِ ڪليسائن جي اڏاوت ۽ چندي ڏيڻ سان ڇوٽڪاري جي پڪ ڏني وئي. اهو سرشتو/ رسم و رواج چوڏهين صديءَ ۾ پکڙجڻ شروع ٿيو ۽ پندرهين صديءَ ۾ ته مورڳو فوج ۽ ترڪن خلاف جنگ ۾ مالي سهائتا ڪرڻ کي به پنهنجي زمري ۾ شامل ڪري ڇڏيو. سورهين صديءَ جي اوائل ۾ ڇوٽڪاري جو سرشتو پوپ لاءِ آمدني جو هڪ بنهه اهم ذريعو بڻجي ويو. اڃا به پندرهين صدي ۾ ڇوٽڪاري جي تاثير ۾ ايترو ته واڌارو آيو جو اهو فيض روحن کي نجات ڏيارڻ جو هٿيار پڻ بڻجي ويو.
اهڙي انسانيت مخالف سرشتي جي لعنت ملامت/ نندا (Condemnation) ڪرڻ ۾ لوٿر اڪيلي سر ڪونه هو پر ٻيا به شامل هئا. جنهن ڪري 17¸1516ع ڇوٽڪاري/ نجات بابت سندس لکڻين پڌري پٽ اهڙي شرمناڪ طريقه ڪار کي اگهاڙو ڪري بيهاريو ته ڪيئن ڪليسا جي نالي ۾مايا ميڙ ٿي رهي آهي. اهو ڇوٽڪاري جي ڍونگ جو سلسلو آرچ بشپ آف مينز جي رفاقت سان هلي رهيو هو، جنهن ۾ ڏوڪڙن جي آمدنيءَ مخفي طور آرچ بشپ ۽ مقدس پوپ جي وچ ۾ ورهاست جي لحاظ کان اڌو اڌ جي حساب سان طئي ڪئي وئي هئي. انهيءَ ڪارج کي وڌيڪ ڪارائتو ۽ ونڊ ورڇ کي سولو بڻائڻ لاءِ آرچ بشپ هڪ ئي وقت ڪليسا جي ٽن مکيه عهدن تي مقرر ڪيو ويو. انهيءَ ڪڌي ڪاروبار کي وڌيڪ پُراسرار ۽ پردي جي پويان رکڻ لاءِ اعلانيه وعدو ڪيو ويو ته سينٽ پيٽر جي عمارت جي اڏاوت لاءِ جيڪو به ماڻهو مالي امداد ڪندو ته ان جي عيوض کيس اڳين پوئين گناهن جي معافي ملي ويندي. پوءِ اهي گناهه ڪيترا به خوفائتا هجن. اها معافي نه رڳو جيئرن انسانن کي، پر مئلن کي به ملي ويندي. اهو پراسرار طريقو ظاهري طور ماڻهن ۾ زبردست مڃتا حاصل ڪري ويو پر انهيءَ سلسلي جي پرچارڪن جو بنيادي مول متو گناهن کان پوتر ڪرڻ جو دم دلاسو ڏئي مال متاع گڏ ڪرڻ هو.
ان وهنوار کي سگهارو رکڻ لاءِ خاص ڪري فوتين جي پونئرن کي دوزخ جا دڙڪا ڏئي ۽ عذاب جي تصوير ڪشي ڪري کين ذهن ۾ ويهاريو ويندو هو ته خسيس قسم جي خيرات ڪرڻ سان هنن جي روحن کي ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو ۽ تحقيق اهو ڪارو وهنوار روان دوان هو ته لوٿر وِٽن برگ (Witten berg) جي ڪليسا تي پوسٽر لڳائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
انهيءَ ڪارج جو ردعمل ڊرامائي انداز ۾نروار ٿيو. اهو هڪ اپيل جي صورت ۾ هو ۽ اهو عام ماڻهن لاءِ ڄڻ هڪ منشور جي حيثيت اختيار ڪري ويو. هونئن اها لکڻي پنهنجي سٽاءُ ۾ سادي طرز جو هڪ اعلان نامو هو جيڪو مستقبل بابت سزا ۽ جزا جي عنوان تي اختلاف راءِ ۽ بحث مباحثي جي نينڍ هئي. لوٿر پنهنجي علمي بحث کي نئين عهدنامي جي روشنيءَ ۾ اڳتي وڌائي آندو. هو اڃا به ارسيمس جي سهڪار ۽ پٺڀرائيءَ سان هڪ منجهيل مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو ته ڪليسا پاران مستند(Poenitantiam agere) ڄاڻايل معنيٰ ۽ مفهوم کان جداگانه ۽ نرالا مطلب به ڪڍي سگهجن ٿا. ائين هڪ ڪرستان کي ذهن ۾ ويهارڻ ۽ دلجاءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سندس گناه يا توبهه تائب ٿيڻ جي جزا/ ڪفارو ڪنهن هدايت يا فرمان جي محتاج آهي، يعني اهڙو عمل جنهن اوهان جي اندر کي لوڏي ڇڏيو آهي، پر ظاهر ڏيک ويک ۾ ڪوبه فرق ڪونه آيو آهي ۽ جيڪا به اندر ۾ ڦيرڦار ايندي آهي سا ڌڻي سڳوري جي ڪرم نوازي چئي سگهجي ٿي. انهيءَ صورتحال جزا/ ڪفاري ادا ڪرڻ جي ظاهري آب تاب کي للڪارڻ لاءِ لوٿر سمجهيو ته ارسيمس جهڙي ماڻهوءَ جو سهڪار لازمي آهي، ڇو ته هو به لڳ ڀڳ ساڳئي طرز ۽ طريقي سان ڳالهائي رهيو هو پر ان هوندي به ٻنهي ۾ سوچ ۽ رسائي جو چڱو موچارو فرق نمايان هو. لوٿر جو سنئون سڌو ۽ تز حملو هو. جڏهن ته ارسميس حرفت سان ٻه منهين تلوار جيان چَهڪُ ڏئي بيزار ڪرڻ جو قائل هو. پر ائين چوڻ ۾ ڪوبه وهم يا گمان ڪونهي ته اهي ٻئي بنا ڪنهن هٻڪ جي مروج بدعتن ۽ اوگڻن جي خاتمي لاءِ ساڳي نموني جي جدوجهد ڪري رهيا هئا.
ائين ظاهري طور 1517ع ۾ نظر پئي آيو ته ارسيمس ۽ لوٿر ڄڻ ته سڌارا آڻڻ جي هڪ ئي رستي جا پانڌيئڙا هئا پر بنيادي طور ٻنهي جي وچ ۾ هڪ وسيع فرق موجود هو. انڪري چڱو ائين ٿيندو ته اٿندي ئي ٻنهي جي اختلافن کي اجاڳر/ نروار ڪجي، پر ان کان پهريائين هڪ ٻئي ڏانهن سندن ورتاءُ کي سمجهڻ ضروري آهي. ڇو ته ائين سندن سماجي سهڪار ۽ بنيادي اختلاف راءِ، حالتن ۽ واقعن کي تورتڪ ڪرڻ ۾ مدد حاصل ٿيندي. ائين به هروڀرو ڪونهي ته ٻنهي همراهن جي مسئلن ۽ مونجهارن ڏانهن ذهني ۽ فڪري پهچ يا رسائي منفرد انداز جو مطلب اڻ وڻندڙ نتيجن جو اظهار آهي.
لوٿر جي حياتيءَ ۾ ڪرشماتي دور ڳڻپ ۾ اچي ٿو، جڏهن 13-1512ع جي زماني ۾ وٽن برگ جي ڪليسا ۾ رومن ٻوليءَ ۾ آيل معنيٰ ۽ مفهوم کي هڪ ڌار نموني سمجهڻ جي سگهه حاصل ڪئي. اهو آهي ته ”محض ويساه وسيلي جياپو.“ ائين هڪ لوٿر جو ٻيهر جنم ٿيو، جنهن لاءِ فرض ٿي پيو ته پنهنجي زندگيءَ جي طور طريقن کي ڪنڌ ورائي ڏسي ۽ حياتيءَ جي نئين سفر ڪرڻ کان اڳ ۾ حقيقت ڄاڻ ۽ سُڌ حاصل ڪري سگهي. هن جا خانقاهه ۾ گهاريل زندگيءَ جا سال ڄڻ ته پيڙا ۽ عذاب جو دور هو پر ائين نه جيئن ارسميس فڪري ۽ ذهني ڇڪتاڻ ۾گذاريا هئا. لوٿر اصل ۾ روحاني عذاب ۾ مبتلا رهيو، ڇو ته جيڪو ويساهه ۽ عقيدو، هن قرون وسطيٰ جي دينيات منجهان حاصل ڪيو هو سو هن جي تسلي ۽ تشفي ڪرڻ ۾ ڪنهن به ڪم جو نه رهيو هو.
لوٿر جا جا هم ڪلاسي ڊن اسڪوٽس (Duns Soctus) ، اوڪيم (Occam) ۽ سندن پوئلڳ جيڪي علم دينيات جي حصول ۾ هن جا استاد چيا وڃن ٿا، انهن جي راءِ مطابق منش جي مَن ۾ هڪ آزادانه قوت ارادي سانڀيل آهي، جيڪا سندس هٿ وسيڪي پڻ آهي. انڪري بپتسما جي برڪت حاصل ڪرڻ سان هو (انسان) ڌڻي سڳوري ڏانهن رجوع ٿئي ٿو. ان برڪت جي مهابي ڇوٽڪاري ڏانهن وک وڌائي ٿو. هنن جي راءِ موجب اهو سچ آهي ته انسان جو ڇوٽڪارو ڌڻيءَ جي برڪت ۽ اختيار اعليٰ سان واڳيل آهي ۽ ماڻهو جيڪا به ”اهليت“ حاصل ڪرڻ جي لائق ٿئي ٿو ته اها به ڌڻيءَ جي مهرباني ۽ مهر کان سواءِ پراپت ٿي نه سگهندي، پر هن انسان کي هڪ آزاد قوت ارادي پڻ عطا ڪئي ۽ شعور ڏنو ته جيئن هو هڪ نئين واٽ وٺي سگهي. ان تي عمل ڪرڻ سان کيس خبر پوندي ته هڪ ڪارج مند حياتي ڪيئن بڻائي سگهجي ٿي.
ان کان سواءِ ماڻهو ان لائق به ٿي سگهي ٿو ته ڪهڙي ريت نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهڙي طرز جي آدرش جو ڳانڍاپو انسان جي پُراُميد انساني سڀاءُ ۽ سوچ سان هئڻ جي نتيجي ۾ بڇڙائي/ برائي جي طاقت ۽ گناهن ۾ گهٽتائي ايندي رهي ٿي. انهيءَ طرز جي پوئواري ڪرڻ سان انساني ذهن ۾ واسو ڪري ويٺل خفت گم ۽ غائب ٿي وڃي ٿو ته بنيادي طور محض پاپ ۽ پُڃ ئي انساني فطرت جو اهم جزو آهن، جنهن ڪري اهڙو طريقه ڪار انسان کي نجات ڏانهن رجوع ڪرڻ لاءِ زور بار وجهي ٿو ۽ نه وري معافيءَ جو طلبگار بڻجڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪري ٿو. ائين فطري طور اهڙي ڍنگ جو عمل ۽ عقيدو مذهب جي ميڪانيڪي لاڙن لاءِ بڻ بڻياد فراهم ڪري ٿو. ان جي ابتڙ فلسفيانه ڏِس ۾ مونجهه ۽ شڪن کي اُڀاري عام ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ بڻجي پوي ٿو. ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته متيون منجهائيندڙ اصولن ۽ وڌاءُ ڪري پيش ڪرڻ جي طريقن کي لوٿر ۽ ارسميس مذمت جي لائق سمجهيو.
هونئن ارسميس لاءِ سوال هو ته معاملي/ مسئلي سان ورتاءُ يا سلوڪ ڪرڻ عقيدي کان وڌيڪ اهم آهي. هن لاءِ ڪٽر عقيدو ڄڻ ته لعنت ملامت برابر هو. هو بنيادي طور علم دينيات جو گهڻو ڄاڻو ڪونه هو، جنهن جي کيس به سُڌ هئي، پر عام فهم ۽ ادراڪ جي موجودگيءَ سان هن پنهنجي لکڻي Enchiridion ۾ روحاني نظرئي ڏانهن موٽ اختيار ڪئي. اهڙيءَطرح ڪوبه ماڻهو جيڪڏهن دليل جي روشنيءَ ۾ انجيل مقدس جي تعليم کي پرکيندو ته عيان ٿي پوندو ته ڌڻي سڳوري لاءِ مذهبي جشن ملهائڻ ۽ رسم رواج جي نماءُ جي ڪابه گهرج ڪانهي، البته زندگي جي پاڪائي امن، پيار جي ضرورت آهي ته جيئن حضرت مسيح جو ڪردار هٿراڌو يا جهيڻو نظر نه اچي. اڃا به ارسميس ڪرسچن عقيدي جي محض سادگيءَ کي پرک جي ڪسوٽي ۽ اجايو سجايو اصولن جي پس منظر ۽ جهنجهٽ ۾ پوڻ کان پاڻ کي بچائي رکيو. هن جي ذهن ۾ انسان بابت هڪ ئي راءِ هئي ته منجهس هڪ روشن خياليءَ جي شڪتي سانڀيل آهي. جنهن جو واسطو ذهانت ۽ اخلاقي روش سان آهي، جيڪي هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿينديون رهن ٿيون. ان کي گهڻو تڻو ڪارٽيزن قاعدو (Cartesian Theory) به چيو وڃي ٿو. هن لاءِ آڳاٽي علم جي عيسائي تعليمي سرشتي سان ڳانڍاپي جي معنيٰ آهي، ان ۾ لڪل خوبين کي نروار ڪري بيهارڻ. حالانڪ اهي خوبيون ڪرستاني نقطه نگاه کان اوندهه جو جهان آهن، پر انهن جي اهميت ۽ پد کان پوءِ به انڪار ڪري نه ٿو سگهجي.
هاڻي هتي ان سوال کي ٿورو وائکو ڪجي ته ارسميس اصل ۽ نقل کان نٽ نٽاءُ ڪري پي سگهيو ته لاشڪ مڙني خوبين جو مرڪز بنهه ڌڻي سڳورو/ ذاتِ صفات آهي پر هن ڪامياب حڪمت عمليءَ سان انهن منجهيل مسئلن ۾ ڦاسي پوڻ کان پنهنجا پاند بچائي رکيا ۽ ان ڪري سندس اخلاقيات ۾ انتهائي دلچسپي ۽ لڳاءُ پڻ روحاني دنيا جي پُراسراريت ڏانهن هڪ مودبانه انداز کي ظاهر ظهور ڪري ٿو. هي انهن شخصيتن مان ليکي سگهجي ٿو جيڪي ”هڪ ڀيري لاءِ ڄايون“ هيون. هن اهڙو رستو اختيار ڪيو جنهن تي سڄي ڄمار ڪاربند رهيو ۽ سدائين منفرد ۽جداگانه پس منظر رکندڙ عنصرن کي پاڻ ۾ ملائي هڪ اهڙي جدت کي اڀارڻ لاءِ ڪوشان رهيو، جنهن جي معنيٰ ۽ مفهوم سندس نظر ۾ دل کي آٿت ڏيندڙ جياپي جي اصول تي پيروي ڪرڻ هو.
اهڙيءَ ريت ظاهر آهي ته جيڪڏهن ارسميس علم دينيات/ علم الاهيات کان ڪوهين ڏور هو سو ان ڪري نه ته سندس بنيادي عقيدا، محض وحشي طور طريقا ڏسڻ ۾ پي آيا. ان ڏِسِ ۾ لوٿر سان وري هڪ جداگانه حالت هئي. لوٿر پنهنجي سِر انهن مسئلن ۽ مونجهارن کي بيدار مغز بڻجي ڳوڙهي نموني تپاسي رهيو هو، جنهن جو انجام کيس ڌڻي سڳوري کان پرانهون وٺي پي ويو. ڇو ته هن خانقاه ۾ ورهين جا ورهيه هڪ عذاب ۽ پيڙا جي ماحول ۾ پڻ گذاريا هئا. هن جي جدوجهد هڪ نيڪي ڀريل زندگي گهارڻ، انهن سڀني سهولتن جو حصول جيڪي سندس ضرورت آهن، ان کان سواءِ پنهنجي اڻپوري ڄاڻ ۽ علم کي تجربي جي باه منجهان گذارڻ. هو دراصل ان معاملي ۾ سخت محتاط هو ته هن وٽ اهڙي ڪابه سگهه ڪانهي جو درست دڳ اختيار ڪري سگهي. پوءِ ان بابت مذهبي مهندار کڻي ڇا به چون.
ائين ناممڪن آهي ته سندس جُهد مورڳو روح جي مٿان چٽيل گناهه/ ڏوهه کي ڌوئي پاڪ ۽ پوتر ڪري ڇڏيندي. هن جي اندر ۾ متل هورا کورا/ آنڌ مانڌ بابت ڪنهن به مصاحب/ صحبتي کي سُڌ ڪانه ڪئي هئي. ان حد تائين جو نائب بشپ جيڪو ”اعتراف“(Confession) ڪرائڻ جو ذميوار هو سو به هن جي پيڙا کي ٿڌو ڪري نه سگهيو هو. ان جي ردعمل ۾ هن جي ذهن ۾ هڪ نيڪيءَ جي ذات صفات بابت ڊپ ۽ نفرت جا گاڏڙ اڌما وڌي وڻ ٿي ويا. انڪري بغاوت جي پيڙا ۽ گناه ۾ گهيرجي ويو، جنهن سان ڇوٽڪاري لاءِ لاشڪ ته خدا تعاليٰ جي ويجهڙائي ضروري هئي.
هاڻي لوٿر جي لاءِ، عدالتي تحقيقات وقت هڪ نقطو عالم آشڪار ٿيو ته عيسائي مذهب پيار ۽ محبت کان وانجهيل آهي. اهو مذهب مڪمل طور خوف ۽ ڏهڪاءَ جي پيداوار آهي ۽ آسمان تي اونده ۽ انڌوڪار ڇانيل آهي. جنهن ڪري ڇوٽڪاري يا نجات جي واٽ ڳولي لهڻ لاءِ شعوري طور هيڪڙائي/ وحدانيت ڏانهن الوهيت ڏانهن رجوع ٿيڻ گهرجي، جنهن جي هٿ ۾ سڀئي اختيار آهن ۽ هن ڄاڻي ورتو ته باقي سڀ ڪجهه اجايو ۽ عبث آهي.
هن، ان ڏهاڙي کان جدوجهد جي ابتدا ڪئي، جڏهن چڱي خاصي عرصي کان پوءِ سينٽ پال ۾ عبادت ۽ استغراق وسيلي اوچتو سڀ شيءِ چٽي ٿي سندس آڏو اچي بيٺي. ان هوندي به هڪ نظريو هڪ اصطلاح جي شڪل ۾ کيس صلاح ثباب ڏئي رهيو هو ته: ”ڌڻيءَ جي هيڪڙائي“ جيڪا ڄڻ ته هڪ قهار خدا جي پاران ان ماڻهو لاءِ سزا هئي جنهن جي ڪنهن به سلوڪ کي مڃتا لائق سمجهي هن جا ڏوهه گناهه معاف ڪيا وڃن. هو (لوٿر) پاڻ وڌيڪ وضاحت ڪندي چوي ٿو ته، ”جنهن وقت صورتحال روشن بڻجي سامهون آئي ته هن کي منڪشف ٿيو ته، ”خدا جي وحدانيت جو بيان جنهن نموني بائيبل ۾ ڪيل آهي.“ ان جي معنيٰ ۽ مفهوم هن فقري سان ٺهڪي سگهي ٿو ته ”ويساهه ئي جياپي جو وسيلو آهي.“ ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته انجيل ۾ خدا جي هيڪڙائي جي دليل کي قانون تي هيڪڙائي نه سمجهڻ گهرجي، يعني هڪ ڪٺورتا ڀريل تڪميل جنهن جي اڳيان ڪوبه ارواح سينو ساهي نه ٿو سگهي، ڇو ته هن جي حساب ڪتاب ۾ ڏوهاري کي سزا ئي ڏيڻ آهي. اها ڄڻ ته ڌڻي سڳوري طرفان انسان لاءِ هڪ سوغات جيان آهي.
خدا جي سچائي(Righteousness) جي مشابهت ان لباس جهڙي آهي، جيڪا جوابدار/ ڏوهيءَ جي خرابين جي اوگهڙ کي ڍڪي سگهي ٿي ۽ اڃا به ائين چئجي ته هو پنهنجو بي حساب مال ۽ خزانو بندي مٿان نڇاور ڪري ٿو. انهيءَ طرز جي تڪميليت سان انسان جي خسيس يا نه هئڻ جهڙي صفاتي حيثيت جو ڪوبه واهپو ناهي. اهي سڀئي وصفون آهستي اهستي ڌڻي سڳوري جي عظمت آڏو جهيڻيون پئجي لاوجوديت ڏانهن روانيون ٿينديون. ان ڪري پروردگار جي لامحدود اختيارن کي متبادل طور حاصل ڪرڻ ڪنهن به روح/ جوهر جي هٿ پير هڻڻ کان ٻاهر آهي. ائين لوٿر، نراسائي ۽ نااميدي جي حياتي ۾ جياپي لاءِ ڄڻ ته تڙڳي رهيو هو، پر پوءِ هن محسوس ڪيو ته سندس نئين پيدائش شڪتي جي عهد سان لاڳاپجي رهي آهي. هو ڄڻ ته هڪ ٻڏندڙ تاروءَ وانگر هو، جيڪو ڪنڌيءَ ڀيڙو ٿيڻ لاءِ هٿ پير هڻي ساڻو ٿي پيو هو ۽ جڏهن اوچتو سمونڊ جي مڇريل ڇولين کيس کڻي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو.
لوٿر کي جنهن نظرئي ذاتي مصيبت مان ٻاهر ڪڍيو ۽ ڪُلهن تان ٻوجهه کي لاهي ڦٽو ڪيو سو هو نياءَ پرستيءَ جو رستو، جيڪو هن هڻ هڻان سان نه پر ويساهه وسيلي حاصل ڪيو ۽ اهوئي بنيادي ڪارڻ هو هن جو مستقل مزاجي سان متبادل رستو اختيار ڪرڻ لاءِ متحرڪ ٿيڻ خاطر انهيءَ نئين فڪر جي روشنيءَ ۾ هن مقدس ڪتاب جو ٻيهر کليل ۽ آزاد ذهن سان مطالعو ڪيو.
اڳتي هلي هن، آهستي آهستي سچيتائيءَ سان ڄاڻي ورتو ته قرون وسطيٰ جي فلسفي ۽ فڪر ۾ ڇا سانڀيل آهي. ان کان پوءِ هن ارسطوءَ جي فلسفي ۽ علم الاهيات تي مڪمل اعتماد سان وڌيڪ مٿو کپائڻ مناسب نه سمجهيو ۽ ان جي متبادل طور پنهنجي نظرئي کي وڌيڪ دليل جي بنياد تي اجاڳر ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏنو. اهو مادي فلسفو نه پر سندس تجربي جو نچوڙ هو ته ماڻهو بذات خود پنهنجي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾هيڻو ۽ ضعيف آهي. جيستائين کيس ويساه جي روشني حاصل نه ٿي ٿئي، هو شايد درست دڳ وٺڻ لاءِ جُهد ڪري ٿو پر هن جي قوت ارادي جڪڙيل، سوچ ويچار تي ڇانيل اوندهه هن جي اندر ۾ مونجهه جون چڙهيل تاڪيون سي سڀئي سندس نيڪ ۽ گڻائتي خصلت تي ڇانورو ڪري بيٺل آهن. اها سموري ڪيفيت هڪ عجيب ۽ اجنبي صورتحال سان ڳنڍيل آهي ته انساني فطرت جي اهڙي خيال آرائيءَ جو نچوڙ هڪ نفسياتي وٿ سان واڳيل آهي. اِن وارتا جو جو جيتريقدر واسطو آهي ته اها لوٿر جهڙن سان ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهي سمجهن ٿا ته سڀني چڱاين جو لاڳاپو ڌڻي سڳوري جي ذات سان آهي ۽ انسان جي حاصلات ويساهه وسيلي ئي ممڪن آهي ۽ سڀئي انساني قدر بنيادي طور بيش بها آهن، جيڪي شڪتي ۽ خوشي حاصل ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجن ٿا.
اهڙو طريقه ڪار جيڪو ذات صفات جي ڪرم نوازيءَ سان تشڪيل نو جي عمل سان لاڳاپجي ٿو، سو اصل ۾ پاپي جي اندر ۾ ٻيهر ڄڻ مسيح جو واسو ڪرڻ چئي سگهجي ٿو. اهو ئي لوٿر جي ليڪچر ۽ ٽيڪاٽپڻي ڪرڻ جو مکيه نقطو ڌڻي سڳوري بابت هو. انهيءَ نقطي جي آڌار تي هن پنهنجي پورهئي پگهر سان 7 1 5 1 ع ۾ ناماچار حاصل ڪيو. هن ان کان بعد ئي هڪ سڌارڪ طور پنهنجي ماڳ ۽ منزل جا نشان ڳولي لڌا.هن مختصر لکڻيءَ ۾ ناممڪن آهي ته لوٿر جي دينيات بابت لکڻين تي ڳوڙهي نموني ويچار ڪجي پر پوءِ به سندس مقصد ۽ مطلب کي چڱي نموني سمجهڻ لاءِ ٻن نقطن کي ذهن ۾ رکڻ لازمي آهي: هڪ ته لوٿر جي سوچ آزادانه قوت ارادي جي صريحن نفي ڪري ٿي، جيڪا اڻ سڌي طرح نه رڳو قرون وسطائي فيلسوفن کي بِرُ ڪري ٿي پر انسان دوست فڪر رکندڙن کي پڻ ڀڙڪائي ٿي.
هونئن لوٿر ۽ ارسميس هڪ عجيب ۽ منفرد صورتحال سان هڪ ئي وقت منهن مقابل هئا. اهو هيئن ته ٻئي ڄڻا علم الاهيات مٿان زوردار نموني حملي آور ٿيا، جنهن ڪري پنهنجي دور جا پاپي ليکڻ ۾ آيا ۽ سطحي طور ائين پي نظر آيو ته ٻئي ڄڻا هٿ ۾ هٿ ڏئي گڏيل دشمن سان منهن ڏئي رهيا آهن پر حقيقت ۾ اهي ٻئي جيڪي ڪجهه ڪري رهيا هئا سو بنيادي طور جدا جدا سوچ سان لاڳاپيل هو. جڏهن ارسميس مذهب جي مڪينڪل انداز کي رد ڪري رهيو هو ته ان منجهان سندس مراد هيءَ هئي ته اُهي (مذهبي مهندار) ڪهڙي ريت اخلاقي قدرن جو ڏيوالو ڪڍي رهيا آهن. هن جي چاهنا هئي ته منش جي اندر ۾ ڇوٽڪاري لاءِ متل هورا کورا کي حياتي گهارڻ جي بهتر طور طريقن سان وابسته ٿيڻ گهرجي. ائين ٻين لفظن ۾ چئجي ته اهڙي طرز جي پيش بندي ڪرڻ سڦلائتي ۽ سودمند آهي. ڇو ته ائين ڪرڻ سان ذهني پسماندگي جي برعڪس فڪر ۽ ساڃاهه ۾ اضافو ٿئي، پر جيڪڏهن سادي سودي ذهن جي مٿان متبرڪ ۽ مقدس گنج/ مال دولت جو قبضو آهي ته اهڙي ذهن کي حضرت عيسيٰ عليه السلام جي نالي ۾ نصيحت ڀريل هدايتن جي ڄار ۾ ڦاسائي ڪنهن ڪارگر اڳرائيءَ کان روڪي سگهجي ٿو. ان جي برعڪس جڏهن ته لوٿر پاپ جي مذهبي تشريح کي تنقيد لائق سمجهندو رهيو. ان لاءِ هن مڪمل طور وابستگيءَ سان عمل ڪيو، جنهن ڪري هن نه رڳو ميڪانيڪي طور کي نئين رنگ ۽ ڍنگ سان پرکڻ جي ڪوشش ڪئي پر پنهنجي ڪيل ڪمائيءَ کي قيمتي ۽ بيش بها ڀانئڻ لڳو ۽ جيتريقدر پاپ ۽ پڃ ۾ ويساه سان تعلق آهي ته اهو سندس نظر ۾ هڪ غلط نقطه نگاه جو چلڪو يا چمتڪار آهي. ان ڪري اخلاقي قدرن جو سڀ کان مٿانهون ۽ خالص پد يعني ويساه کي پاڻ هرتو رد ڪرڻ جي عمل کي ڪُنڊائتو ڪرڻ کان پوءِ ڌڻي سڳوري جي رحمت ۾ ويساه رکڻ به ڄڻ ته ساڳي رد ڪرڻ جي زمري ۾ ليکي سگهجي ٿو ۽ لاشڪ ته آڳاٽي دور جا جيڪي به ڪارج/ ڪم آهن انهن جو ساڳيو ئي انجام ٿيڻ وارو آهي.
هڪ اهم نقطو جيڪو لوٿر جي آڳاٽين لکڻين ۾ وسارڻ نه گهرجي ته انسان جي طبيعت ۾ سانڀيل بدعنواني ۽ بي وسي جو درست ٿيڻ ضروري آهي. ان کان پوءِ هو پنهنجي پنهنجي تقدير سنوارڻ لائق ٿئي ٿو. هونئن به منطقي لحاظ کان مستحڪم مزاجيءَ جي نفي ڪرڻ ۽ ڀاڳ تي ڀاڙي ويهڻ اڃا به وڌيڪ هڪ انسان دوست ۽ سڌارڪ سوچ جي وچ ۾ وٿي پيدا ڪن ٿا. انهيءَ نقطي کي اڳتي هلي وڌيڪ سنواري سينگاري پيش ڪندڙ ڪيلون (Calvin) آهي جنهن پنهنجي لکڻيءَ (Institution de la religion chrtiene) جيڪا 1536ع ۾ لاطيني ۽ 1541ع فرينچ ٻولين ۾شايع ٿي، صاف ۽ شفاف نموني ڄاڻايو ته ڄاڻ ۽ علم جي نئين سِر بحالي ۽ سڌارا جڏهن نڪري نروار ٿين ٿا ته سندس راهون به جدا ٿي وڃن ٿيون، پر سچ پچ ته اهو سڀ ڪجهه لوٿر جي لکڻين ۾ اڳواٽ ئي پڌرو هو. ڇو ته منش جي من ۾ اڳواٽ ئي کوٽ هئڻ سبب هو پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ لاءِ چرپر ڪو نه ٿو ڪري ۽ ڪنهن به ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ کان سواءِ سمجهي ٿو ته رحم ۽ ڪرم جي مٿس پلر پالوٽ ٿيندي، هن جي گناهن جو ٻوجهه پاڻ هلڪو ٿي ويندو ته پوءِ کيس نيڪي ۽ چڱائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ لازمي بڻجي پوي ٿو. پر ان لاءِ بندش ۽ مونجهه کان آجو هئڻ ضروري آهي، نه ته ٻي حالت ۾ ڪجهه به هڙ حال ڪري نه سگهندو، هن دنيا ۾ پاپ ڏاڍو سگهارو آهي. ان ڪري ڪجهه ٿورا ماڻهو آجا بڻجي ڪنڌ مٿي کڻي روشنائيءَ ڏانهن هلڻ جي لائق بڻجي سگهن ٿا.
لوٿر لاءِ اهو سڀ ڪجهه آگسٽن جي پوئلڳ طور عيان هو ته رب هڪ راز آهي ۽ انتر يامين آهي جيڪو سڀ ڪنهن تي پنهنجي رحمت نڇاور ڪونه ٿو ڪري پر ڪجهه چونڊ بندن سان ڀلائيءَ جا ڀال ڪري ٿو. اهي ڪير آهن، هو چوي ٿو: ۽ اهي ڇالاءِ چونڊيا ويا آهن؟ اهو ماڻهوءَ جي لاءِ ضروري ناهي ته ڄاڻ حاصل ڪري ۽ لاشڪ کيس مڃتا ۽ مان تڏهن ئي ملي ٿو جڏهن پاپ کي رد ڪري ٿو ۽ موٽ ۾ ڌڻي سڳوري جي لامحدود رحمتن جو حقدار بڻجي ٿو.
بقول لوٿر: پاپن جي مٿان سرسي حاصل ڪرڻ سان انسان ۾ هڪ مستقل مزاج روش جو ذهن ۾ وسرام ٿئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾هو هميشه لاءِ آفاقي ۽ ڪئٿولڪ جهنجهٽ کان آزاد ٿي پوي ٿو. ان ڪري ته پهريون نقطو هن ۾ ڄم کان وٺي ئي انسانذات لاءِ محبت جي خوبصورتي، نيڪي ۽ عظمت کي اجاڳر ڪري ٿو ۽ ٻيو نقطو وري کيس سمجهاڻي ڏئي ٿو ته جنهن به ماڻهوءَ بپتسا حاصل ڪئي آهي، سو رحم۽ ڪرم جو حقدار آهي. ڇا اهڙي ماڻهوءَ لاءِ اهو گَنجُ آهي ته هو پنهنجي آزادانه پد کان پاسو ڪري ڇڏڇڏاءِ جي ڪيفيت ۾ ورتل رهي.

جرمنيءَ ۾ هارين جو معرڪو: فريڊرڪ اينگلس

سڀ کان پهريائين پاڻ کي سورهين صديءَ جي اوائل واري جرمنيءَ جي صورتحال بابت مختصر طور سڌسماءُ حاصل ڪرڻ ضروري آهي.
چوڏهين ۽ پندرهين صديءَ جي دور ۾جرمني صنعتي لحاظ کان چڱي موچاري ترقي ڪئي هئي. جاگيردارن جي گهرو صنعت کي منظم صنعتڪاري (Guild orgaingation) جي معرفت پيداوار جي لحاظ کان شهرن ۾ مات اچي وئي، جنهن جي پهچ ۽ رسائي وسيع علائقن کان وٺي ڏورانهن مارڪيٽن تائين به ٿي چڪي هئي. ان کان سواءِ اوني ليلن جي صنعت به پير ڄمائي ورتا هئا. جنهن ڪري نازڪ ۽ نفيس ريشم، لِيلَن جي پيداوار آگسبرگ(Augsburg) ۾ ٿي رهي هئي. اڃا به اُڻت جي فن کان به اڳڀرو صنعتڪاري جي ٻين شعبن جهڙوڪ فائن آرٽ جنهن جي شاهڪار چٽسالي جا عڪس ڪليسائن ۽ قرون وسطيٰ جي نوابن جي سون ۽ چانديءَ جي استعمال وارين شين تي پسي سگهجن ٿا. ڪاٺ جي اڪر، مجسمه سازي ۽ هٿيار سازيءَ ۾ اضافو آيو. ساڳيءَ ريت بارود ۽ هنرسازي پڻ ترقي ڪئي.
اهڙيءَ طرح واپار ۽ صنعت به هڪ ٻئي سان قدم ملائي هلڻ لڳا. ان کان علاوه هينسيٽڪ ليگ(Hansetic Leauge) جي جهازرانيءَ تي لڳاتار هڪ صديءَ جي هڪ هٽي به اتر جرمنيءَ جي سموري علائقي کي قرون وسطيٰ جي ظالماڻي دور مان ڇڪي مٿي کڻي آئي ۽ ان حد تائين جو سورهين صديءَ جي پڄاڻيءَ ويل جڏهن هينسيٽڪ ليگ جو جوهر ۽ جمال، انگريز ۽ ڊچ واپارين سان مقابلي ۽ محازآرائي ۾ جهيڻو ٿي رهيو هو پر پوءِ به واپار جا هڙيئي شاهراه هندوستان کان اتر ڏانهن ويندي جرمنيءَ منجهان گذرندا هئا. جيتوڻيڪ واسڪوڊيگاما هڪ نئين ڳولا وسيلي گهڻو ڪجهه اڳڀرائي ڪري چڪو هو. ان صورتحال ۾ به آگسبرگ، اٽلي جي ريشم، هندستاني گرم مصالحن ۽ لٽي ڪپڙي جي منفرد ڊزائينن جو مرڪز هو. انهي ئي عهد ۾ اتر جرمنيءَ جا شهر آگسبرگ ۽ نيورنمبرگ پنهنجي شاهوڪاري ۽ امارت جي ڪري ملڪان ملڪ مشهور هئا. ڪچي مال جي پيداوار ۾ به ترقي ٿي رهي هئي. هونئن به پندرهين صدي جا جرمن کاڻين وارا پنهنجي ڄاڻ ۽ پورهئي جي ڪارڻ دنيا ۾ هڪ خاص اهميت ۽ پد جا مالڪ هئا ۽ زراعت به پنهنجي قرون وسطائي دور منجهان پاند آجا ڪرائي شهريت اختيار ڪري رهي هئي. ان لاءِ نه رڳو زمين جو ڳپل حصو/ رقبو آبادي هيٺ اچڻ لڳو پر رنگسازيءَ جا پلانٽ ۽ ڪيترائي منفرد نمونا متعارف ڪرايا ويا، جنهن جا زراعت تي لاڀائتا اثر مرتب ٿيا.
ان هوندي به جرمنيءَ جي قومي آمدني ٻين ملڪن جي اپت سان ڪلهو ڪلهي ۾ملائي هلڻ جي قابل ڪانه هئي. زراعت، اڃا تائين انگلستان ۽ هاليند جي نسبت پوئتي هئي. صنعت پڻ اٽلي ۽ انگلستان جي ڀيٽ ۾ اڳڀري ڪانه هئي ته جهازرانيءَ جي ميدان مان انگريز ته ڇڏيو پر ڊچ به جرمنيءَ کي ليڪي منجهان ٻاهر ڪڍڻ جا حيلاهلائي رهيا هئا. آدم شماري به ڇڊي هئي. جرمنيءَ جي تهذيب ۽ ثقافت جا اهڃاڻ به ٿورا ٿڪا هئا، جيڪي گهڻي ڀاڱي واپار ۽ صنعتي مرڪزن جي آسپاس هئا. انهن ۾ ٽڙيل پکڙيل اهڃاڻن ۾ به دلچسپي نالي ماتر هئي ۽ انهن جو هڪ ٻئي سان لڳ لاڳاپو به ورلي هو.
هوڏانهن ڏکڻ جرمنيءَ جا واپاري رابطي جي حوالي سان اتر جرمنيءَ کان ڄڻ ته مختلف ۽ جداگانه هئا. اوڀر ۽ اولهه ۾ ته مورڳو ويجهڙائي ئي ڪانه هئي. اهڙي وايومنڊل ۾ جرمنيءَ جو ڪوبه اهڙو شهر ڪونه هو جنهن کي ملڪ جي صنعت ۽ واپار ۾مرڪز جي حيثيت حاصل هجي جيئن لنڊن کي انگلستان ۾ آهي. جرمنيءَ ۾ اندروني آمدورفت جو ڄار گهڻي ڀاڱي سامونڊي ڪناري سان ۽جهازرانيءَ وسيلي هو ۽ ها: ڪجهه شاهي رستا جهڙوڪ: آگسبرگ کان ڪولون ۽ نيڌر لينڊ ڏانهن يا وري ايفرٽ کان اتر ڏانهن موجود هئا. مذڪوره ندين ۽ ڪجهه شاهي واپاري رستن سان اهڙا ڳپل سارا شهر هئا، جيڪي واپار جي اهم مرڪزن کان ڇڳل هئا، ڄڻ ته قرون وسطيٰ جي جادوئي دور جو ڏيک ڏئي رهيا هئا. ڪجهه غيرمقامي شين کي وپرائڻ ۽ ڪجهه روانگي واپار لاءِ پيداوار ڪرڻ کان علاوه ٻي ڪا اهم سرگرمي نظر ڪانه پئي آئي. ان ڪري ٻهراڙين منجهان معتبر طبقي جو ڪجهه نه ڪجهه واسطو ٻاهرين ٿيندڙ ردوبدل سان هو، باقي هارين نارين يا عام ماڻهن کي اهي حدبنديون اورانگهڻ جو نه حق هو ۽ نه ان سان گڏ ٻاهرين دنيا ڏانهن اک کڻي ڏسڻ جي اجازت هئي.
ان جي برعڪس انگلستان ۽ فرانس ۾ واپار ۽ صنعت ۾ ترقي اچڻ جي ڪري ملڪي ماڻهن جا مفاد هڪ ٻئي جي ويجهو اچي ويا. جڏهن ته جرمنيءَ جي سياسي مرڪزيت ۾ محض ايتري ڪارائتي ردوبدل آئي هئي جو مفادن جي صف بندي صوبن ۽ مقامي سطح تائين ٿي سگهي هئي. ان جو مطلب ته سياسي اختيارن جي ونڊ ورڇ جرمني کان علاوه ٻين واپار ۾ ترقي ماڻيندڙن ملڪن ۾ به شروع ٿي چڪي هئي. اهو هڪ مڃيل اصول آهي ته فيوڊل رياست ۾ ڏارون پوڻ شروع ٿينديون آهن ته اتحاد جون ڪڙيون به ڀڄي ڀورا ٿيڻ لڳنديون آهن ۽ اهي شاهي جاگيردارانه رياستون گهڻي ڀاڱي جاگيردارن جي لاءِ آزاد حڪومتون هونديون آهن، جنهن ڪري ڪنهن ملڪ جا وڏا شهر هڪ پاسي ته سرڪار جا نائيٽ يا رکوالا ٻي پاسي هوندا آهن. اهي هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ يا مخالفن جي ڊوڙ ڊڪ ۾ شهزادن ۽ بادشاهن سان شامل رهندا پي آيا. انهيءَ مجموعي صورتحال ۾ شهنشاهيت جي طاقت به جر تي ڦوٽي وانگر ٿي مختلف قوتن جي هٿن ۾ تماشو بڻجي پوندي آهي. سندن اختيارن جو زوال اچڻ شروع ٿيندو آهي. اهڙو چٽو مثال اسان جي آڏو لوئي سورهين جو آهي، جنهن جو جيڪو سازشن ۽ شورش سبب اقتدار محض ورثي ۾ مليل آسٽريا تائين محدود ٿي ويو. آخر ۾ سرسي حاصل ڪندڙ اهڙي منجهيل ماحول ۾ ڪوبه لاڀائتو ڪارج ڏئي نه سگهندا آهن، ويتر ان بدحواسيءَ جي صورتحال ۾هڪ اهڙي جارحانه مرڪز کي مسلط ڪرڻ جي لاءِ هٿ پير هڻندا آهن، جيڪو نااتفاقي کي وڌيڪ مسلط ڪندو آهي، جنهن ڪري صوبائي توڙي مقامي مرڪزيت جي نمائندن جي آڏو بادشاه يا شهنشاه جي حيثيت گهٽجي ماڳهين هڪ ڄامڙي واري وڃي رهندي آهي.
اهڙي ريت انهن قرون وسطائي حالتن ۾ محسوس ڪرڻ جهڙي ردوبدل اچڻ لڳي ۽ قديم طبقن جي پاسي ۾جديد طبقن جي اوسر ٿيڻ لڳي. قديم دور جي اشرافيه طبقي جي جاءِ شهزادن اچي والاري. اهي گهڻو تڻو شهنشاه جي اثر رسوخ يا دائري کان ٻاهر ۽ آزاد هئا ۽ خود مختياري جا هڙئي حق واسطا کين حاصل هئا. هو پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق امن ۽ جنگ کي برقرار رکڻ، پنهنجي فوج رکڻ، مقامي ڪائونسلون ٺاهڻ ۽ ٽئڪس مڙهڻ ۾ آزاد ۽ بااختيار هئا. انهن ڏاڍن مڙسن اڳ ۾ ئي هيٺئين طبقي جي اشرافيه کي نگهوسار ڪري، شهرن تي قبضو ڪري پنهنجي قلمرو ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. هو پنهنجن اختيارن ۽ حڪمرانيءَ جي حدبنديءَ ۾ وسعت آڻڻ لاءِ زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ نالي ماتر نوابن کي زيردست ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس ڪونه ڪندا هئا. جيتوڻيڪ اهي سڀئي هڪ شهنشاهيت جو حصو هئا. شهرن ۽ امراءُ ڏانهن سندن رويو سخت گير مرڪز جهڙو هو پر جڏهن سندن سامهون ڪو طاقتور سامراج اکيون ڦوٽاري بيهندو هو ته ان جي مخالفت ۾ وري مرڪز جي جارحيت خلاف گهوڙا گهوڙا ڪرڻ ۾ ڪمزور مرڪز جي طرفداري ڪندا هئا. هو اندروني طور اختيارن جي معاملي ۾ آپيشاهه هئڻ سبب مالدار کي مال ميڙڻ جي بنا ڪنهن هٻڪ جي ڪانڍ ڏيندا هئا. جڏهن به کين ضرورت محسوس ٿيندي هئي ته اهي محصول مڙهڻ ۽ وصول ڪرڻ ۾ ظالمانه نهج تائين خود مختيار هئا. مالدار طبقي کي محصول جي اوڳاڙي کان آجو قرار ڏيڻ جو ڪو ورلي مثال هوندو، نه ته ٻيو مڙوئي خير، بلڪ اڃا به ان ۾ اضافو ڪيو ويندو هو.
انهيءَ سموري صورتحال ۾ جنگي ويڙهاڪ/ نائيٽ يا پادري سڳورا محصول جي مامرن کان آجا ۽ خوشحال هوندا هئا، پر شاهن ۽ شهزادن جي وڌندڙ عيش و عشرت، درٻاري شان و شوڪت، فوجي خرچ پکي ۽ انتظامي سٽاءُ جي ٻوجهه ۾ ڏينهون ڏينهن اضافي جي صورت ۾ وڌيڪ محصول وصول ڪرڻ جو طريقه ڪار جارحاڻو ۽ ظالماڻو ٿيندو ويو.
اهڙين حالتن ۾ شهر واسي ته ڪنهن اٽڪل، حرفت سان واڌارو ٽيڪس ڏيڻ کان جان ڇڏائي ويندا هئا ته پوءِ سمورو بار اچي هارين جي ڪمزور ڪلهن تي ڦهڪو ڪندو هو. ڇو ته اهي هاري گهڻي ڀاڱي شهزادن جي قبضي ۾ يا وري جنگي سردارن جا ٻڌا ٻانها ۽ شهزادن جا ڏن ڀرو هئا. اڃا به ٽئڪس جي مد ۾ سنئين سڌي وصولي منجهان پورائو نه ٿيندو هو ته پوءِ اڻسڌي وصولي ڪرڻ ۾ قباحت ۽ شرم محسوس ڪونه ڪيو ويندو هو، ڇو ته سندن مالي اخراجات جي خال کي ڀرڻ لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو. ان جي باوجود به کيسا خالي ٿي پوندا هئا ته وري گروي رکڻ لاءِ هيرا جواهرات ۽ قيمتي شيون موجود هونديون هيون، يا ڪوبه آزاد شهر کين امداد ڏيڻ کان نابري واري ويهندو هو ته پوءِ سڪن وسيلي هيراڦيري ڪرڻ جو دڳ اختيارڪيو ويندو هو. اهو هيئن ته هڪ اهڙو سڪو مارڪيٽ ۾متعارف ڪرايو ويندو هو جنهن جي قدر و قيمت ۾لاٿ اچڻ جا آثار سدائين موجود رهندا هئا ۽ ٻي پاسي وري شهزادي جي اڪريل مورت سان سڪو آڻي ان لاءِ خاطري ڏني ويندي هئي ته مضبوط پت ساک سان واڳيل آهي.
پوءِ حڪمران انهن سڪن جي معرفت مارڪيٽ منجهان پنهنجي گهرج ۽ رسد جون شيون خريد ڪري وٺندا هئا پر انهن سڪن جي قدر و قيمت نه هئڻ برابر هوندي هئي. ان کان پوءِ به شهرن منجهان وڻج واپار جون شيون پنهنجو حق سمجهندي طاقت جي زور تي کڻي وٺندا هئا ته جيئن وري ضرورت وقت انهن ئي وکرن کي مارڪيٽ ۾وڪرو ڪري سگهجي ۽ ڪنهن به مخالفت جو عذر بهانو ڏئي هرهڪ نموني جو فتنو فساد ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جائز ۽ عام وهنوار هو ۽ اهو اپت جو ذريعو شهزادن جي نظر ۾، ان دور ۾ هر لحاظ کان نفعه بخش ڪاروبار ليکيو ويندو هو. عدالتي ادارن جي به شهزادن جي وهنوار اڳيان ڪابه اهميت ۽ حيثيت ڪانه هئي. ايستائين جو شهزادن ۽ معتبرن جا فرمانبردار پنهنجن آقائن جا کيسا ڀرڻ سان گڏوگڏ ماجسٽريٽن جا پيٽ ۽ پٽيوالن جا به ڀڀ ڀريندا هئا ته جيئن عدالت جي عظيم سرشتي کان پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق سهولتون حاصل ڪري سگهن.
انهيءَ قرون وسطائي جاگيردارانه درجه بنديءَ جي ڪري جنگجو سردارن جو مان۽ مرتبو جهيڻو ٿيڻ لڳو، اهي يا ته مٿي ٽپو ڏئي آزاد شهزادن جي پد کي پهچي ويا يا مورڳو هيٺين اشرافيه طبقي جي هجوم جو حصو ٿي ويا. انهن جو وڏو حصو ته مفلس ۽ ڪنگال ٿي ويو، جن وڃي شهزادن جي نوڪري اختيار ڪئي، يعني فوجي ۽ شهري آفيسرن طور ۽ ڪجهه حصو ته شهزادن جو سُنگ ڀريندڙ ٿي ويو، باقي ٿورڙو ڀاڱو سنئون سڌو شهنشاهيت جو مطيع ۽ فرمانبردار ٿي پيو. ان زماني ۾ فوجي سائنس ۾ ترقي اچڻ پيادل فوج جي وڌندڙ اهميت، موتمار هٿيارن جي ڦهلاءُ سندن گهوڙيسوار بڪتربند گاڏين جي طمطراقيءَ کي ٿڇ جهڙو غيراهم ۽ ساڳي وقت هئڻ کان سواءِ شاهي قلعن ۽ ڪوٽن جي شان مان کي به مٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏيو.
صنعت سازيءَ جي شعبي ۾ ترقي جي نتيجي ۾ جنگجو سردارن جي حيثيت اجائي ۽ فالتو ٿي وئي، ان جي برعڪس هنرمند جي مان ۽ مرتبي ۾، آيل نئين ترقي جي مهابي واڌارو اچي ويو. اهڙي ريت جنگجو سردارن جي شاهه خرچين سندن تباهي کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو. قلعن ۾ شاهاڻي آب و تاب سان زندگي گذارڻ، ميلن ملاکڙن ۾ مقابلي ۽ محاذ آرائي ۾ ڌن دولت لٽائڻ، جڏهن ته تهذيب جي هڪ نئين دور جي اوسر سبب هٿيارن پنهوارن، گهوڙن ۽ جانورن جي پالنا ۽ ٻين فضول خرچن ۾ بي حساب واڌارو اچي ويو هو. ان جي ڀيٽ ۾ نوابن ۽ سردارن جي اپت ۾ نالي ماتر اضافو ته آيو هو پر خرچن جي نسبت ۾ گهٽ.
جنگجو سردارن جي هڪ ٻئي سان اڻ کٽندڙ دشمني، طاقت جي زور تي راتاها هڻي ڦرلٽ ڪرڻ ۽ اهڙي قسم جا ٻيا عمل وقت جي وهڪري سان گڏوگڏ جيءَ لاءِ جوکو بڻجي چڪا هئا. ان صورتحال ۾ سندن مطيع ۽ فرمانبردار جيڪو به ڌن دولت آڻيندا هئا سو اڳ جي ڀيٽ ۾ نه هئڻ برابر هو. ان ڪري پنهنجين ضرورتن جي پورائي لاءِ معزز مالڪن به اپت ۾ اضافو آڻڻ لاءِ ساڳيا ئي شهزادن وارا طور طريقا اختيار ڪيا. هارين کي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ اهي مالڪ سڳورا هر سال وڌيڪ جارحاڻا ۽ چالاڪ گُر ڪتب آڻيندا هئا. غلام ان ڦرلٽ جي وهنوار ۾ وڌيڪ غلام ۽ سُڃا سکڻا ٿي پيا هئا ۽ باندي هارين وٽ انهن سڀني ڀوڳنائن ڀوڳڻ کان کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو. غلام پورهيت کان زمين جو ٽئڪس، زمين جي خريد و فروخت تي ٽئڪس، فوتي ٽئڪس ۽ تحفظ خاطر جيڪابه وصولي ڪئي ويندي هئي، ان ۾ ڪنهن به معاهدي جي ذميواري نڀائڻ کي پٺي ڀر اڇلائي اضافو ڪيو پي ويو. انصاف عدالتي سرشتو ڪنهن سهڪار ۽ سهائتا ڪرڻ جي بدران وڪري جو وکر بڻجي ويو هو. جيڪڏهن جنگ جو سردار ڪنهن به هاريءَ کان ڏوڪڙ وصول ڪري نه سگهندو هو ته ان کي قلعي ۾ کڻي وڃي ڪوٽ تي چاڙهي ڇڏيندو هو، جيستائين قيدي ڀنگ ڏئي پنهنجا بند خلاص نه ڪرائيندو هو.
ائين ٻين طبقن وانگر، هيٺين معتبر طبقي جا به هڪ ٻئي سان واسطا دوستانه ڪونه هئا، ڇو ته سُنگ ڀريندڙ جنگجو سردار جُهد ۾ هوندا هئا ته ڪنهن شهنشاهيت جا مطيع ۽ فرمانبردار ٿي رهن ۽ وري زيردست سردار آزاد ٿيڻ لاءِ هٿ پير هڻندا رهيا. اهڙيءَ صورتحال دائمي طور شهزادن ۽ انهن عنصرن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي جيئرو جاڳندو رکيو. اهي جنگجو سردار پنهنجي آب و تاب ۽ نوراني جاه و جلال جي باوجود به اهل ڪليسا ڏانهن مدد لاءِ واجهائيندا هئا، ڇو ته اهو طبقو ظاهري دٻدٻي هئڻ جي باوجود به هڪ اجايو ۽ فالتو طبقو هو. اهو ئي هڪ وسيلو هو. سندن شاهي علائقن ۽ مال خزانن کي محفوظ رکڻ جو ۽ ان سان گڏوگڏ ڪليسا جي قانون جي بالادستي برقرار رکڻ جو. هونئن، جنگجو سردار، شهرن سان هڪ ويڙهاند جي حالت ۾ هئا. هو انهن جا قرضدار هئا. سندن گذران گهڻو تڻو لٽ ڦر، علائقن ڦٻائڻ، پنهنجن واپارين کي ڦرڻ ۽ هٿ آيل قيدين عيوض ڀنگ وصول ڪرڻ هو. اڃا به اهي جنگجو سردار ۽ رياستون اڳتي هلي راڪاس بڻجڻ لڳيون، جڏهن کين سُڌ پئي ته مال متاع جو سوال سندن زندگي ۽ موت سان واڳيل آهي.
هوڏانهن اَهِل ڪليسا جيڪي پنهنجي جوڙجڪ جي حوالي سان قرون وسطيٰ جي عقيدي جي نمائندگي ڪري رهيا هئا، سي دنيا تي ٿيندڙ اثرات ۽ تاريخي منتقليءَ کان ايترو به اڻ ڄاڻ ڪونه هئا، ڇاڪاڻ ته، ڇپائيءَ جو جديد آرٽ ۽ واپار جي مد ۾ نين گهرجن ۾ اضافو نه رڳو اهل ڪليسا کي لکڻ پڙهڻ جي هڪ هٽيءَ کان محروم ڪري رهيو هو، پر ساڳي وقت اعليٰ تعليم يافته طبقي طور به کين پٺي ڀر اڇلائي رهيو هو. سوچ فڪر جي ڏس ۾ ونڊ ورڇ ۽ ڇنڊڇاڻ جو عمل شروع ٿي چڪو هو. انهيءَ ڪري اهل ڪليسا ڇسن ۽ فالتو انسانن جا ولر بڻجي رهيا هئا.
اهي جيئن جيئن اجايو ۽ فالتو بڻجي رهيا هئا تيئن تيئن انهن جي انگ ۾ چڱو خاصو اضافو اچي رهيو هو. اهو سڀ ڪجهه واڌاري جو وهنوار انهن امير ۽ مالدار ماڻهن جي صدقي هو، جن جي اپت جا ذريعا غلط يا صحيح هئا.
اهل ڪليسا چٽي طرح ٻن حصن ۾ ورهائجي ويل هئا. مذهبي جاگيردار جيڪي امير و ڪبير طبقي جي شڪل اختيار ڪري چڪا هئا، جن ۾ پادري، لاٽ پادري، خانقاهي سربراهه ۽ مذهبي پيشوا شامل هئا. اهي ڪليسائن جا اعليٰ سربراه گهڻي ڀاڱي شهزادا يا وري ٻين بادشاهن جا ڏن ڀرو هئا، جن کي زمين جي وسيع رقبي تي حڪمرانيءَ سان گڏوگڏ بي شمار ٻانها ۽ پورهيت به ورثي طور مليل هئا. انهن جو پنهنجي زيردستن سان جنگجو سردارن ۽ شهزادن جي نسبت ورتاءُ وڌيڪ جابرانه ۽ بي شرميءَ وارو هوندو هو. اهي نه رڳو پنهنجي جارحيت جو ظالمانه استعمال ڪرڻ ۾ پر مذهبي فتني ۽ فساد کي ڪم آڻڻ جا ماهر، ڏهڪاءُ پيدا ڪرڻ، فتويٰ بازي وسيلي خارج ڪرڻ يا مورڳو گناهن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ کان انڪار ڪرڻ، مطلب ته اهي اهڙن سڀني مونجهارن پيدا ڪرڻ جا ماهر بڻجي ويا هئا جو اعتراف ڪرائڻ جي بهاني پنهنجي قبضي ۾ آيل شڪار جي کيسي منجهان آخري دمڙي به ڪڍي وٺندا هئا يا ته ڪليسا جي زمين ۾ اضافو ڪندا هئا. هٿرادو دستاويز ۽ ڪاغذ پٽ ٺاهي پنهنجن مطيع ۽ فرمانبردارن جي مال ملڪيت کي ڦٻائڻ، انهن ڪليسائي رهبرن جي دلچسپ راند هئي. مختلف نمونن جا ظالمانه ٽئڪس وصول ڪرڻ کان پوءِ به هنن جي لوڀ ۽ لالچ ۾ گهٽتائي ڪانه آئي هئي. هٿراڌو ڪرشماتي ۽ طلسماتي شخصيتن جا خاڪا جوڙي انهن سان تبرڪات کي ڳنڍي ڇڏڻ، عبادت جي ادارن کي ڇوٽڪاري جو مرڪز ڄاڻائڻ، معافي ڏيارڻ جي بهاني ماڻهن کي مالي طور نپوڙي ناس ڪرڻ، اهڙو ڪار وهنوار هڪ ڊگهي عرصي کان جاري هو.
ائين لاٽَ پادري ۽ سندن راهبن جي فوج جيڪا مذهبي ۽ سياسي شڪتي ماڻڻ ۽ ڦهلاءَ جي نتيجي ۾ محض عوام ۾ نه پر امراءُ ۾ به نفرت لائق بڻجي وئي هئي، ڇو ته شهنشاهيت سان سنئين سڌي رابطي شهزادن ۽ نوابن جي حيثيت کي متاثر ڪيو هو. ڪليسائي سربراهه ۽ سندن راهبن جا ڪٽڪ جيڪي آسائشن سان ڀرپور زندگي گذارڻ سبب ٿلها متارا ٿي پيا هئا انهن خلاف ردعمل طور امير طبقي ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سان گڏوگڏ عام ماڻهن نفرت ۾ اضافو اچي ويو، جيڪي سمورو بار برادشت ڪري رهيا هئا. ائين ڌڪار جي هڪ عنصر کي چٽو ڪري بيهاريو ته اهل ڪليسا جو سلوڪ ئي سندن عبادت گذار مهانڊي تي هڪ چماٽ وانگر هو.
اهل ڪليسا جو هڪ مختصر يا عام رواجي گروه ٻهراڙي ۽ شهري علائقي جي عبادت گذارن تي مشتمل هو. اهي عبادت گذار گهڻو تڻو ڪليسا جي جاگيرداراڻي سلطنت جي سرحدن کان ٻاهر هئا ۽ ان جي ڪنهن به زمري ۾ڪونه پي آيا. سندن چرپر ۽ تحرڪ ڪنهن به قبضي ۽ دٻدٻي کان آزاد هو ۽ وري به اهي ڪليسا لاءِ اهم هئا، جيتوڻيڪ اهي راهب ايترو ته غيراهم ۽ عام رواجي هئا جو انهن جي ڀيٽ ۾ بئرڪن ۾ رهندڙ پوليس جي نوڪري به اهميت لائق هئي. انهن راهبن کي ايتري ته گهٽ اجرت ڏني ويندي هئي، جيڪا هنن لاءِ منافع بخش ليکڻ بدران اجائي هئي. ائين هڪ عام رواجي يا وچولي طبقي جا اهي سڀئي عام ماڻهو هڪ ٻئي کي وڌيڪ ويجهو هئا. ان ڪري انهن لاءِ هڪ عام رواجي يا وچولي طبقي جي پد ۽ همدردي کي برقرار رکڻ ضروري هو، نه وري اهل ڪليسا بڻجڻ. جڏهن ته راهبن جو عام وايومنڊل ۾ رَلجي وڃڻ جو تصور به ورلي هو. ان جي برعڪس عام رواجي مذهبي مهندار جيڪي پنهنجي تحريڪ کي ڪجهه نه ڪجهه نظريو ۽ سوچ ڏيڻ لائق ٿيا اهي هارين ۽ ٻين هيٺين طبقن تي اثرانداز ٿيا. ان جي سزا ۾ کين ڦاسي نصيب به ٿي. اهل ڪليسا خلاف عام ماڻهن جي نفرت ۽ ڌڪار جا ڇنڊا عوام دوست مذهبي پيشوائن تي ورلي پيا.
هونئن جيتري شهنشاهه جي شهزادن ۽ اميرن ۾ حيثيت هئي، ان کان به ٿورو سرس مرتبو پوپ جو اهل ڪليسا ۾ هو. جيئن شهنشاه عام ماڻهن کان شاهي ٽئڪس وصول ڪندو هو، ساڳي ريت پوپ کي به ڪليسا ٽئڪس ملندي هئي، جنهن منجهان ٿورو فنڊ رومي ڪورٽ جي شان و شوڪت لاءِ پڻ هوندو هو. ان ڏس ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ ماسواءِ جرمنيءَ جي، ٽئڪس جي وصولي ۾ سخت محنت ۽ مشقت ڪئي ويندي هئي، ڇو ته اتي ڪليسائي مهندار جهجهي انگ ۽ سگهه ۾ موجود هئا. ۽ ڪوبه ڪليسا ۾ اعليٰ عهدو خالي ٿيندو هو ته ان کي والارڻ لاءِ سخت جانفشائي ڪئي ويندي هئي. ائين شاهي درٻار جي خرچ پکي ۾ ڏينهون ڏينهن واڌاري جي ڪري روينيو جي وصولي لاءِ نت نوان طور طريقا ايجاد پي ڪيا ويا، جهڙوڪ: تبرڪات ۽ معافي/ ڇوٽڪاري لاءِ دلجاءِ ڏيڻ جا طريقا وغيره. انهيءَ ڏس ۾ مال متاع جو چڱو چوکو حصو جرمني منجهان روم منتقل ٿيندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي باهه جو نشانو اهل ڪليسا ٿيندا رهيا ۽ ساڳي وقت قومي حساس محروميءَ ۾ به اضافو ٿيندو رهيو، خاص ڪري امير طبقي ۾ ۽ اڳتي هلي قومي ڪلاس ۾ به اهو احساس وڌندو رهيو.
انت ته شهرن ۾ هنر ۽ واپار ۾ ترقيءَ جي ڪري قرون وسطيٰ جو سماج ٽن حصن ۾ ورهائجڻ جي ابتدا ٿيڻ لڳي.
ائين شهري ماڻهن جي سرواڻي تونگر گهراڻا (Patrician families) جي خطاب سان نام نهاد ”عزت دار“ طبقن جي خطاب سان نڪرڻ لڳا. اهي سڀئي شاهوڪار گهراڻا هئا. انهن کي ئي شهري ڪائونسل ۾ ويهڻ ۽ سڀني عهدن تي براجمان ٿيڻ جا حق حاصل هئا. اهي نه رڳو روينيو اپت جي وسيلن جا منتظم پر ان کي ڳڙڪائڻ جا ماهر پڻ هئا. اهي مال متاع جي حوالي سان سکيا ستابا ۽ قديم دور کان معتبر ۽ امير رهندا پي آيا. انهن جي اهڙي معتبري جي مڃتا شهنشاهه به ڪندا پي آيا. اهي، هر ممڪن طريقي سان شهري جاتي (Community) جو استحصال ڪرڻ ۾ پنهنجو پاڻ کي حق بجانب سمجهي رهيا هئا. ان حد تائين جو سندن حدن ۾ رهندڙ هاري به بچيل ڪونه هئا. هُو اناج کان وٺي اوڌر تي ڏنل رقم تي وياج وصول ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس ڪونه ڪندا هئا. ان حوالي سان هنن ڪيترن ئي اسمن تي هڪ هٽي اختيار ڪري ورتي هئي. جهڙوڪ: هُن شهري جاتيءَ مٿان ٻيلن ۽ چراگاهن کي استعمال ڪرڻ تي بندش لاڳو ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ذاتي منافعي لاءِ ڪتب آڻڻ لڳا. هُنن روڊن رستن، ٻيلن ۽ ٻين گذرگاهن تي ٽئڪس مڙهي، وڻج واپار ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمن جو وڪرو شروع ڪيو. ان حد تائين جو انصاف جو به واپار شروع ٿي ويو.
انهيءَ تونگر طبقي، شهري هارين سان اهل¸ ڪليسا ۽ شرفاءُ طبقي کان به وڌيڪ بدتر سلوڪ اختيارڪيو. اهو هيئن ته شهري ماجسٽريٽ ۽ بيلف گهڻي ڀاڱي تونگر طبقي جا پَٺو هئا، اهي شاهاڻي دٻدٻي ۽ ڏهڪاءُ سان گڏوگڏ مخصوص طرز جي ڪامورڪن طور طريقن سان روينيو اپت کي سخت گير نموني وڌائڻ ۾ ماهر هئا. ان ڪري شهرن ۾ روينيو اپت جو هڪ مخصوص طريقه ڪار اختيار ڪيو ويو هو ته جيئن هروڀرو حساب ڪتاب جي جهنجهٽ ۾ ڦاسي پوڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ان کي مونجهاري جو هڪ شاهڪار رڪارڊ بڻائجي. ان جي نتيجي ۾ بدعنواني، ٺڳي ۽ ناڻي جي کوٽ روز جو معمول بڻجي ويل هئا. اهو سڄو کٽراڳ هڪ پتڪڙي يا مختصر جاتي جي لاءِ ڪيڏو نه آسان هو جن جو لڳ لاڳاپو هڪ ٻئي سان مفادن جي بنيادن تي هو. انهن جو هڪ ئي مقصد هو ته ڪيئن شهري روينيو جي اپت مان پاڻ کي بي حساب سکيو ستابو بڻائي سگهن. بدعنوانين ۽ ڦرلٽ جو اهووهنوار 1848ع جي شهري ڪائونسلن ۾ وڌيڪ قبيح شڪل ۾ نمودار ٿي اچي بيٺو.
اهو تونگر طبقو، شهري جاتي جي بنيادي حقن ۽ واسطن کي اونداهيءَ ۾ اڇلائڻ جي خفت ۾ ورتل رهيو ۽ شهرين جي مالي ۽ معاشي حقن بابت جڏهن ان تونگر طبقي جي ڏاڍاين جو ڇيهه ٿيندي نظر ڪونه پي آيو ته شهري جاتي، انتظاميا کي پنهنجي هٿ وسيڪو بنائڻ لاءِ چرپر شروع ڪئي. انهن ڪيترن ئي شهرن ۾ پنهنجا حق حاصل ڪري ورتا، ائين هڪ پاسي اهو وهنوار جاري هو ته ٻي پاسي واپاري تنظيمن ۾ به جهيڙو جهٽو هلي رهيو هو. ان جي برعڪس تونگر طبقي جي تسلط کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سهڪاري شهري حڪومتن جي آمد سان اهو قبضو ٻيهر سگهارو ٿي ويو پر سورهين صديءَ جي اڳياڙيءَ ۾ سڀئي شهري جاتيون وري به مخالفت ۾ بيٺل هيون.
ائين شهري جاتي، تونگر طبقي خلاف ٻن مکيه حصن ۾ ورهائجي وئي، اهي اختلاف اڳتي هلي هارين جي معرڪي وقت چٽا ٿي اڀري آيا.
انهيءَ دور ۾ وچولي طبقي تي مشتمل مخالف ڌر (جنهن جا جانشين اڄ جا ماڊرن لبرل آهن) هڪ شاهوڪار وچولو طبقو يعني اهو طبقو جيڪو سڀاءُ ۽ سلوڪ ۾ اعتدال پسند هو، ان کان سواءِ هڪ سهپ جوڳو غريباڻو طبقو شامل هئا. مخالف ڌر جو خاص مطالبو هو ته کين شهري انتظاميا ۾ اختيار، اقتدار ۽ ان کان سواءِ ليجسليٽو ڪائونسل ۾ نمائندگي (شاهي ڪائونسل ۽ شهري ڪائونسل) پڻ ملڻ گهرجي. ان کان به وڏو مطالبو هيءُ هو ته تونگر طبقو جيڪو اختيار ۽ اقتدار تي قابض آهي ان جي طاقت ۾ گهٽتائي آندي وڃي. ڇو ته انهن اختيارن آڌار تونگر طبقو قبضاگير بڻيو ويٺو آهي. ان کان علاوه مڊل ڪلاس مخالف ڌر جوهڪ ٻيو به مطالبو هو ته ڪائونسل ۾ خالي پيل عهدن تي سندن ئي ڌر جا ماڻهو رکيا وڃن. انهيءَ پارٽيءَ ۾ شموليت ڪرڻ وارن جوهڪ چڱو موچارو انگ کيسي خالي تونگر طبقي منجهان هو جيڪي ڪائونسل ۽ واپاري تنظيمن ۾ اڪثريت رکندڙ هئا، جڏهن ته ڪائونسل ۾ مخالف ڌر جي اصلي طرفدارن جو انگ ڪو ايڏو اثرائتو ڪونه هو.
اسان ڏسنداسون ته سورهين صديءَ جي عهد ۾ ”اعتدال پسند“ ۽ قانون جي بالادستي ۾ ويساهه رکندڙ گهڻي ڀاڱي مڇي مانيءَ لائق ۽ ذهين مخالف ڌر اوتروئي اهم اثرائتو ڪردار ادا ڪيو جيڪو ان کان اڳ سندس اڳواڻن ڪيو. يعني آئيني پارٽيءَ جي 1848ع ۽ 1849ع ۾ نڀايل ذميواري. انهيءَ مڊل ڪلاس مخالف گروه جي زميواريءَ ۾ هڪ ٻيو احتجاجي سلسلو پڻ اچي ويو. اهو هو اهل ڪليسا جي شاهانه ۽ عيش پرستانه رهڻي ڪهڻي جي طور طريقن خلاف احتجاج ڪرڻ. مطلب ته مڊل ڪلاس مخالف ڌر ان طبقي جي عياشين کي نروار ڪري بيهاريو. سندن مطالبو هو ته اهل ڪليسا جي حدبندين ۽ ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جي اختيارن کي ضبط ڪيو وڃي ۽ راهبن جي تعداد ۾ پڻ گهٽتائي آندي وڃي.
ان کان سواءِ عام ماڻهن تي مشتمل مخالف طبقو پڻ هو، جنهن جي جوڙجڪ جو گهڻو تڻو واسطو تباه حال وچولي طبقي ۽ اهڙن شهري ماڻهن سان هو جن کي ڪي به شهري حق حاصل ڪونه هئا. يعني هنرمند، پورهيت طبقي جي اوسر ۽ ترقي اڃا پنهنجي ابتدائي دور منجهان گذري رهي هئي. ان ڪري پورهيت طبقو ڳالهائڻ جي لائق بڻجي سماج جي حصن ۾ نظر اچي رهيو هو. اهڙن ماڻهن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو اچي رهيو هو، جن جي ڪابه سڃاڻپ ۽ ٿاڻو ٽڪاڻو ڪونه هو. ائين اهو جاگيردارانه سماج جي زوال جا آثار نمودار ٿي رهيا هئا ڇو ته زندگيءَ جو دائرو حد کان وڌيڪ ناجائز سهولتون ۽ آسائشون حاصل ڪرڻ جي پويان ڊوڙي رهيو هو.
سورهين صديءَ جي اڌ ۾ ڪنهن به ماڊرن ملڪ ۾لوفر ۽ رولاڪ ماڻهن جو تعداد ايترو ڪونه هو جيترو جرمنيءَ ۾ هو. انهن جو هڪ حصو فوج ۾ ڀرتي ٿيو، ٻئي حصي گداءَ ڏانهن گذر سفر ڪرڻ لاءِ رخ رکيو ۽ ٽيون ننڍڙو حصو ڏهاڙيءَ جي حساب سان تنظيمن جي حدن کان ٻاهر پورهيو ڪري گذران ڪرڻ لڳو. انهن ٽنهي گروهن پنهنجي جاءِ تي هارين جي معرڪي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو:
پهريون ته شهزادن جي فوج ۾ هارين جو مارجي وڃڻ، ٻيو اندروني طور ڀڃ ڊاهه ۽ سازش جا طور طريقا (ان ڪري هارين ۾ ذهني ۽ اخلاقي پستيءَ جا آثار نمايان نظر اچڻ لڳا) ۽ ٽيون شهرن ۾ پارٽين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ. هتي اسان لاءِ ضروري آهي ته هڪ نقطو ذهن ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪيون ته ماڻهن جي اڪثريت جيڪا شهرن ۾رهائش پذير ٿي هئي، انهن جي گهڻائي فطري طور هاري مزاج جي هئي ۽ انهن ۾ اڃا تائين زرپرستيءَ جي حرص ۽ هوس ۾ اضافو ڪونه ٿيو هو. ڇو ته انهن افعالن جو نتيجو هڪ ماڊرن ۽ مهذب پر هيٺين سطح جي پورهيت طبقي جي ڪردار کي چٽو ڪري بيهاريندو آهي.
ان منجهان صاف ظاهر آهي ته عا م رواجي مخالف جو شهري سماج ۾ پيدا ٿيڻ بنيادي طور فطرت جي اصولن جو هڪ مڪسچر هو. ڇو ته ان طبقي جي معرفت تباه حال جاگيردار ۽ واپاري تنظيمون ۽ اسرندڙ پورهيت طبقي جي ميلاپ سان ماڊرن بورجوا/ پوڍائي طبقي جي جڙڻ جا آثار نمودار ٿي رهيا هئا، جنهن ۾ هڪ پاسي ڪنگلا واپاري شهر واسي جيڪي مليل سهولتن ۽ آسائشن جي ٻَل تي وچولي طبقي سان چهٽيل هئا. ٻي پاسي اهي هاري ناري جيڪي اڃا تائين پورهيت طبقي جي شڪل شبيهه اختيار ڪري نه سگهيا هئا. انهن ٻنهي گروهن جي وچ ۾ هڪ هنرمند طبقو پڻ لڏي لمي رهيو هو جيڪو وقتي طور ته پورهيت طبقي جي سڃاڻپ کان پرڀرو هو، پر جيڪڏهن صنعتڪاري ۽ منظم واپاري تنظيمون هجن ها ته شايد سندس ڪردار پورهيت طبقي جو هجي ها، پر مليل آسائشن جي زمري ۾ هنرمند طبقو ڄڻ ته وچولي طبقي جي اوسر لاءِ سرواڻ بڻجي رهيو هو. انهن ڀانت ڀانت جي ماڻهن جي يڪجا ٿي ويهڻ لازمي طور هڪ غيريقيني صورتحال کي اڀاري آندو، جيڪا مقامي حالتن مطابق ڦيرگهير منجهان لانگهائو هئي.
هارين جي معرڪي کان اڳ، عام رواجي مخالف ڌر سياسي جدوجهد ۾ هڪ پارٽيءَ طور نمودار ٿيڻ جي ابتڙ محض نعرا هڻندڙ ۽ گوڙ گهمسان ڪرڻ واري گروه جي شڪل ۾ هئي. اهڙو گروهه جيڪو دارونءَ جي دنگن جي خريد و فروخت وقت آسمان مٿي تي کڻي ڏيندو آهي، اهو اصل ۾ هارين جو ئي اڀار هو، جنهن کين هڪ پارٽيءَ ۾ تبديل ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ان کان پوءِ به هرهڪ مرحلي دوران يعني مطالبن ۽ انهن تي عمل پيرا ٿيڻ لاءِ کين هارين تي ڀاڙڻ ۽ کانئن مدد حاصل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو. ان لاءِ اهم دليل آهي ته شهرن جو جياپو ملڪ جي ٻين حصن جي پٺڀرائي ۽ سهڪار سان لاڳاپيل هو. انهيءَ صورتحال ۾جڏهن عام رواجي مخالف ڌر آزاداڻي نموني چرپر شروع ڪئي ته انهن واپاري سهولتن کي ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ به وڌائڻ جو مطالبو سڀ کان اڳتي آندو. هنن جي ذهن ۾ هو ته ٻهراڙي جي علائقن ۾واپاري سهولتون فراهم ڪرڻ سان شهرن جي مٿان ٽئڪس جو واڌارو بار هلڪو ٿي پوندو ۽ جاگيرداراڻي طرز حيات ۾ به گهٽتائي ايندي، پر جيڪڏهن انهن مطالبن کي ٿورو ڳوڙهي ۽ آزاداڻي نقطه نگاه سان پرکڻ جي ڪوشش ڪبي ته سمورو سٽاءُ رجعت پرستاڻو نظر اچي ٿو. ان سموري ڪارگذاري جو سرواڻ ساڳيو ئي وچولو طبقو هو جنهن هڪ دکدائڪ مسخري جي منظر نامي کي اڀاري مٿي آندو هو. اهو سڀ ڪجهه ٽن ورهين جي مختصر مدي ۾ جمهوريت جي عنوان سان ڪيو ويو.
ائين محض ٿرنگا (Thuringia) ۽ ڪجهه مقامي ايراضين ۾ عام رواجي گروه جي هڪ ننڍي حصي جدوجهد جي طوفان کي ايترو ته مٿي آندو جو شروعاتي جوڙجڪ جي عمل منجهان لانگهائو ٿيندڙ پورهيت طبقو ڪجهه وقت تائين ذري گهٽ ٻَڌ ڇوڙ جو مالڪ بڻجي ويو. اهو جيڪي ڪجهه وهيو واپريو سو موئنزر ۽ سندس ساٿين جي سبب ٿيو. اهو موئنزر ئي هارين جي معرڪي جو انت بڻيو ۽ لاشڪ ٿامس موئنزر (Munzer) انهيءَ مختصر دور جي اڀار جو اهم ۽ ڪارائتو عنصر هو. هاڻي اسان کي صورتحال کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي ته ايتري ٿوري عرصي ۾ سموري تحريڪ ڊهي اچي پَٽ پئي ۽ ڇو اها تحريڪ ڄڻ ته خيالي ۽ پورالي بڻجي ڪک پن ٿي وئي ۽ هنن جي مطالبن جو ڪوبه ڇيهه ٿيندي نظر ڪونه پي آيو، ڇاڪاڻ ته اهو گروهه حالتن پٽاندڙ پنهنجا پير پختا ڪري بيهڻ کان لاچار هو.
هاڻي اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته سڀني طبقن جي بڻ بڻياد ۾، باقي بچت ۾ جيڪو طبقو وڃي رهيو، جنهن کي قوم جي نالي ۾ لتاڙڻ ۾ ڪابه قباحت محسوس ڪانه پئي ڪئي وئي، اهو هو ”هاري“. اهو هاري طبقو ئي هو جيڪو سماج جي سڀني حصن جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻي بيٺل نظر پي آيو.
انهن شهزادن، آفسرشاهي، امير امراءَ، اهل ڪليسا، عام رواجي سياست ڪار ۽ وچولو طبقو، جيڪي سماج جا حصا هئا. هائو! هاري پوءِ اهو کڻي شهزادن جو مطيع هجي، هڪ شهنشاهه، هڪ بشپ، هڪ خانقاه يا شهر جو زيردست هجي، انهن سڀني عنصرن جي نظر ۾ هاري جي حيثيت هڪ وحشي جانور کان وڌيڪ ڪانه هئي. جيڪڏهن هاري ٻانهو هو ته مڪمل طور مالڪ جي هٿ وسيڪو هو پر جيڪڏهن غلام مزدور هو ته سندس حالت مروج قانون هيٺ وڌيڪ سقيم ۽ رحم جوڳي هئي. هن جو گهڻو وقت، آقا جي رياست ۾ ڪم ڪار ۾ ڳهڻ هو پر جيڪڏهن ڪجهه وقت بچائي ٻاهر ڪو پورهيو ڪندو هو ته ان مان به کيس آقا کي عشر ڏيڻ کان پوءِ زمين جو ڪرايو، جنگي ٽئڪس ۽ ٻيون چَٽيون به ڀرڻيون پونديون هيون. هو نه شادي ڪري سگهندو هو ۽ نه وري مري سگهندو هو، جيستائين آقا کي ٽئڪس نه ڏيندو هو. هو مالڪ جي روزانه ڪم ڪار ڪرڻ کان علاوه گهر جي ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون وڍڻ، شيل شڪار لاءِ تياري ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي لاءِ شيون گڏ ڪرڻ لاءِ به ذميوار هوندو هو. هاري پنهنجي پوک جي اکين آڏو ڀيل ٿيندو ڏسي چُپ رهندو هو. هاري جيڪڏهن پنهنجي رڌ پچاءَ لاءِ ڪاٺيون ميڙي گڏ ڪندو هو ته مالڪ زور زبردستيءَ سان کڻي وڃڻ کي به حق سمجهندو هو.
جهڙيءَ ريت آقا کي غلام جي ڪنهن به وٿ ۽ وکر تي مالڪاڻو حق حاصل هئا، تيئن هاريءَ جي اولاد تي به موروثي حق هو. آقا جيڪڏهن هاريءَ تي مهربان ٿيندو هو ته به کيس ڪوٽ تي چاڙهي ڇڏيندو هو ۽ هاري پنهنجي انجام جي اوسيئڙي ۾ رهندو هو، جيئن ڏوهاري مقدمي هلڻ جي لاءِ منتظر هوندو آهي. جڏهن مالڪ رحم ڀريو ورتاءُ ڪندو هو ته هاريءَ کي پنهنجي هٿن سان قتل يا سر قلم ڪري ڇڏيندو هو.
”زبان پٽي وٺڻ“، ”ڪن ڪپي ڇڏڻ“، ”اکين کان انڌو ڪرڻ“، ”آڱريون وڍڻ“، ”باهه ۾ ساڙڻ“، ”موت جي ڦيٿي تي چاڙهڻ“ يا ”ڳڀا ڳڀا ڪرڻ“ جهڙيون عقوبتون مهربان مالڪ جي مرضيءَ تي ڇڏيل هيون. ان بابت کانئس ڪوبه پڇا ڪرڻ وارو ڪونه هو. اهڙي دردناڪ صورتحال ۾ هاري جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ ڪير هو؟ ڇو ته عدالتون اڳ ۾ اميرن، اهل ڪليسا ۽ تونگرن جي قبضي ۾ هيون. عدالت جي ججن کي به سڌ هئي ته کين اجورو ڇا لاءِ ملي ٿو، جنهن ڪري حڪمران طبقا مجموعي طور هارين جي استحصال تي تڳي رهيا هئا.
ان ۾ ڪوبه وهم گمان ناهي ته هارين مٿان ظلم ۽ استبداد جي ڪري چڙ ۽ ڌڪار ۾ واڌارو آيو هو. پر ان جو مطلب ائين نه سمجهڻ گهرجي ته اُهي انقلاب آڻڻ لاءِ تيار هئا. ڇو ته اُهي زمين جي تمام گهڻي خطي تي ٽڙيل پکڙيل هئا. انهن لاءِ سخت مشڪل هو ته ڪنهن گڏيل جدوجهد تي اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهن. ان کان سواءِ پيڙهين کان وٺي هنن جي فطرت ۾ نهٺائي ۽ نماڻائي جو عنصر وڌيڪ هئڻ، هٿياربند جدوجهد کان اڻڄاڻائي ۽ مختلف جاين تي آقائن جي استحصالي سوچ ۽ فڪر ۾ فرق ۽ اِن قسم جون ٻيون حالتون هارين کي ”مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ“ واري صورتحال ۾ رهڻ تي مجبور ڪنديون رهيون. اهي ئي مکيه ڪارڻ هئا، جڏهن ته مقامي سطح تي هارين پاران اٿل پٿل آڻڻ جا ڪيترائي اهڃاڻ ۽ علامتون ملن ٿيون پر قرون وسطيٰ ۾ قومي سطح تي هارين جو ڪوبه انقلاب اڻ لڀ نظر اچي ٿو. ان ڪري ويجهڙائيءَ جو مثال فقط جرمنيءَ جي هارين جو معرڪو نظر اچي ٿو.
اهو سمجهڻ گهرجي ته هاري اڪيلي سر ڪنهن به انقلاب جا دسته اول ٿي نه ٿا سگهن، خاص ڪري اُن وقت جڏهن سندن مد مقابل شهزادا امير، ۽ شهري بابو وڌيڪ طاقتور ۽ منظم هجن. ان لاءِ ضروري آهي ته هارين سان ٻيون ڌريون به سهڪاري هجن ته پوءِ فتح مندي جا آثار چٽا ٿي سگهن ٿا. پر هتي سوال آڏو اچي ٿو ته هارين جا اتحادي ۽ ساٿي ڪير ٿي سگهن جڏهن هنن جي استحصال ۽ ڦرلٽ لاءِ سڀ ڪو سندرو ٻڌي بيٺل آهي؟
سورهين صديءَ جي اوائل ۾ شهنشاهيت جا مختلف ساٿاري جن ۾ شهزادا، امير امراء، اهل ڪليسا، وچولو ڪلاس، عام رواجي سياست ڪار ۽ هاري ناري اچي وڃن ٿا، سڀني گڏجي هڪ اهڙو منجهيل ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو جنهن ۾ هر ڪنهن گروهه پنهنجن ضرورتن مطابق هڪ ٻئي کي اورانگهڻ ۽ لتاڙڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪانه پئي ڪئي. ائين هرهڪ گروه هڪ ٻئي خلاف ظاهري يا باطني طور مصروفِ عمل هو. مطلب ته ٿلهي ليکي جرمن قوم ٻن مکيه حصن ۾ ورهائجي ويل هئي، جهڙي ريت فرانس ۾ پهرين انقلاب جي آمد کان اڳ جي صورتحال هئي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته اهڙي طرز جي سماج ۾ ونڊ ورڇ ٿيڻ وقت عام ماڻهن جي اڪثريتي طبقي کي لٽ ڦر ڪرڻ لاءِ ٻيا گڏجي لتاڙڻ ۽ ڦرڻ لُٽڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيهن ته پوءِ مفادن جي مونجهاري کي سمجهڻ جو سولو ۽ آسان طريقو هيءُ آهي ته گذريل ٻن ورهين کان سماج ۾ ٿيندڙ ردوبدل جو مطالعو ڪجي ته مورڳو ڳتيل ۽ منجهيل ڳالهه چٽي ٿي آڏو اچي ويندي. اهو هيئن ته سماج پنهنجي خدوخال ۾ جاگيردار، اميرن، پوڍائي طبقي ۽ نيم¸ پوڍائي طبقي، هارين ۽ پورهيتن تي مشتمل رهندو اچي پيو.

ڳوٺاڻي جاتي جو سرمائيداريءَ سان ٽڪراءُ: جوليس ايڇ بوئڪِ

هن وسيع ترين دنيا ۾ ڪنهن هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي جي منظرڪشي ڪرڻ ڏکيو ڪارج به چئي سگهجي ٿو، ڇو ته ڳوٺن جي بيهڪ مختلف علائقن ۾ هڪ ٻئي کان نرالي ۽ جداگانه آهي. ان حوالي سان ڪجهه علائقن ۾ 5 2 کان 0 5 گهرن تي مشتمل يونٽ کي ڳوٺ ۽ ڪٿي وري هڪ سئو جي لڳ ڀڳ گهرن کي ڳوٺ سڏيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ جي رهواسين جو تعداد هڪ هزار يا ان کان مٿي ٽپڻ لڳي ته سمجهڻ گهرجي ته اهڙي طرز جي واڌ مورڳو جاتي جي سگهاري بيهڪ کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ شروع ڪندي.
اڄوڪي دور جون حڪومتون جيڪي گهڻي ڀاڱي مغربي پاليسين جي اکيون ٻوٽي پيروي ڪن ٿيون، انهن جي نظر ۾ ڳوٺ جهڙي ننڍڙي يونٽ جو انتظام هلائڻ وس کان ٻاهر آهي. ان لاءِ هئڻ ائين گهرجي ته مختلف ننڍڙن يونٽن/ ڳوٺن کي رلائي يڪجا ڪري هڪ گڏيل انتظاميا وسيلي هلائڻ گهرجي، پر انهن جديد يونٽن کي هڪ ميونسپالٽي جي شڪل شبيهه ۾ بيهارڻ سان انهن جاتين کي نالي ماتر لاڀ حاصل ڪونه ٿيندو. پر انهن شاهي يونٽن ۾ اصلوڪن ڳوٺڙن جي حيثيت هڪ چوٿائي حصي جيتري رهندي ۽ پنهنجي وچٿري سٽاءُ جي ڪارڻ وڌيڪ سڦلائتي بڻجي سگهي ٿي. ان جو مطلب ٿيو ته انهن ئي ڌرين يعني ميونسپالٽي ۽ ڳوٺ لاءِ هڪ ٻئي سان گڏجي گهارڻ لاءِ سهڪاري دڳ اختيار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي. ان ڏس ۾ مغربي ادارا، اسڪول، ڪوآپريٽو سوسائٽي، ميونسپل بئنڪاري، ميونسپل انتظاميا، پبلڪ ورڪس تائين مغربي طرز حڪومت جي معرفت سنڀالي سگهيا.
مطلب ته خالص ڳوٺاڻي ماحول جي ضرورتن کي مغربي نموني انتظاميا جي هٿن ۾ نيست و نابود ڪرڻ لاءِ ڏنو ويندو. ائين مجموعي طور ڪَٿَ ڪنداسين ته چئي سگهجي ٿو ته سڀني جديد اقتصادي طور طريقن جو نبيرو ميونسپل انتظاميا جي هٿ وسيڪو رهندو. جڏهن ته غيراقتصادي وهنوار ۽ روايتي ڳوٺاڻو ڪاروهنوار پراڻي ڳوٺاڻي ڪائونسل جي حوالي رهندا پر حقيقت ۾ مغربي ادارن جو طريقه ڪار ڳوٺاڻي طرز حيات لاءِ اوپرو ۽ پراڻو آهي، جنهن ڪري ميونسپل جو طريقه ڪار ڪو خاص ٻوٽو ٻاري ڪونه سگهندو. ان جو اهم سبب هيءُ آهي ته هارين جي اها برادري جيڪا صدين کان گڏ رهندي اچي پئي، انهن جي واڌ ويجهه ڳوٺن ۾ ئي ٿي آهي. جڏهن ته مغربي طرز حيات جي نمائندگي ڪندڙ، انهيءَ سموري وايومنڊل ۾ ”موسمي پکي“، ”ڌاريا“ ۽ ”اجنبي“ ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا.
ان کان سواءِ ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته اهي ڌاريا هڪ ئي ڳوٺ ۾ اچي ڳاهٽ ڪندا آهن. پوءِ اهو ننڍڙو ڳوٺڙو ڄڻ ته شهري علائقي جي بيٺڪ نظر ايندو آهي. ان ننڍڙي يونٽ ۾ هڪ ميونسپل هال، اسڪول، رائيس مل، ڳوٺ جو اسٽور/ ڀنڊار خانو، قرض ڏيڻ لاءِ بئنڪ ۽ زرعي ڪوآپريٽو سوسائٽي جي نئين عمارت پڻ ڏسڻ ۾ ايندا. هتي ميئر جي رهائشگاه، اسڪول جا استاد، قرض ڏيندڙ، درزي ۽ ٻيا جديد هنرمند پڻ رهن ٿا. هتي ڳوٺ جي پراڻن طور طريقن جي پيروي ڪرڻ جي گنجائش ڪونهي. اهو هيئن ته روايتي طور هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ ۽ هٿ ونڊائڻ ته پري رهيو پر ڳوٺاڻي طرز حيات جي ميلن ۽ ملاکڙن لاءِ به مهلت ۽ واندڪائي ڪانهي. هتي ماڻهن کي مغربي ڪئلينڊر پٽاندڙ پنهنجي ڪم ڪار ۽ موڪلن جي فهرست کي ترتيب ڏيڻ لازمي هوندو آهي. هتي اقتصاديات جو سمورو محور محض ناڻي جي مٽاسٽا سان لاڳاپيل آهي. انهيءَ اقتصاديات ۾ ناڻي جي مقدار کي ليکي چوکي ۾ اهميت حاصل هوندي آهي. ان جو مثال جپان ۾ شنتو سرشتي کي لاڳو ڪرڻ آهي، جنهن کي سرڪاري پروپيگنڊا وسيلي قومي ڪارج ۾آندو ويو. انهن مرڪزن کي درگاهن جو درجو ڏنو ويو، جن کي ڏسڻ وائسڻ جي مغرب زده پنڊتن ۽ ميونسپل بورڊ جي ميمبرن کي اجازت هئي.
جڏهن ته ٻڌ ڌرم جي آشرمن کي ننڍڙن ڳوٺڙن جي اصلي صورت ۾ رهڻ ڏنو ويو. انهن آشرمن ۾ ڏينهن جو ٻارڙا رند ڪندا رهن ٿا. شام جو ساڳي هنڌ تي ڳوٺ جا ماڻهو گڏ ٿي هڪ ٻئي سان حال احوال اوريندا آهن. اتي ٻاهران آيل ماڻهن کي ترسڻ لاءِ جاءِ ملندي آهي.
ان ڪري مغرب زده حڪمرانن جي لاءِ اهڙي قبل از سرمائيداري دور جي ڳوٺڙن بابت سوچ ويچار ڪرڻ ڄڻ ته مٿي جي سور برابر آهي. خاص ڪري اهي ملڪ جن جي سماجي جوڙجڪ ۾ مغربي قاعدا ۽ قانون سنوان سڌا رڳ رڳ ۾ پيوست ٿي چڪا آهن ۽ ڳوٺن کي به پنهنجي اثر رسوخ ۾ ويڙهي رهيا آهن. اهڙن ملڪن ۾ سرڪار کي ڳوٺاڻي آباديءَ متعلق ڪا خاص ڳڻتي ۽ فڪر ڪونه هوندو آهي ته سندن اقتصادي پاليسيون ماڳهين مَٿن منفي اثر وجهي رهيون آهن. درسگاهن ۾ محض تنقيد براءِ تنقيد جو ماحول جڙي رهيو آهي. مجموعي طور اهڙين حالتن ۾ مغرب زده آفيسر پاڻ کي لاشڪ ته ڳوٺاڻي ماحول ۾ ڌاريو محسوس ڪندو جنهن جا اڳتي هلي اُگرا نتيجا ظاهر ٿيڻا آهن.
ان جي برعڪس هن جا ڳوٺ جي هنرمند سان جن کي هو سدائين حقير سمجهندو اچي ٿو، يعني هاري هڪ مضبوط حيثيت جا مالڪ آهن. هو انهن مقامي نمائندن جي آڏو مورڳو بي وس ۽ بي اثر بڻجي پوي ٿو. ان حد کان عالمي طرز جي بدعنوانيءَ واري ڪيفيت اڀرڻ لڳي ٿي ۽ ڳوٺاڻي طرز حيات کي ”هاڃيڪار جيت“ جهڙو سمجهيو وڃي ٿو. اهڙي ريت اختيارن جو طريقو پوءِ ان وسيلي پاڻي جي ورهاست، پوليس انڪوائري، فصل جي ناس ٿيڻ سببن يا ٻي ڪنهن به وٿ ۽ وکر ڏيتي ليتي وسيلي پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق حاصل ڪري سگهجي ٿو.
ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي ته بدعنوانيءَ کي جائز قرار ڏنو ويندو آهي. ان جو مثال سامهون آهي ته هالينڊ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي زماني ۾ ڇا وهيو واپريو هو. اهڙي بدعنوانيءَ جي صورتحال کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن ڪا مغرب زده سرڪار تڪڙا ۽ ترت اپاءُ وٺڻ جي ڪوشش ڪندي ته به ان کي هيٺينءَ سطح جي آفيسرن تائين محدود رکڻ جائز سمجهندي. ڇو ته انهن آفيسرن جا تعلقات سڌا سوان ڳوٺاڻي طرز حيات سان آهن.
جيتريقدر سنون سڌن لاڳاپن جو ذڪر آهي ته انهن جو تحفظ سنئون سڌو آپيشاهي سان سانڀيل آهي. مغرب زده سرڪار پنهنجي ادارن جي معرفت فرد کي اڪيلائيءَ جي عذاب ڏانهن ڌڪي ٿي.اهو پوڙهو يا جوان هجي، ان جي مٿان مغرب زده ادارن جي دٻاءُ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ايندو وڃي ٿو جنهن جي موٽ ۾ هو پاڻ کي پنهنجي ماحول ۾ به اوپرو محسوس ڪري ٿو ۽ سندس رسمون ريتون، سماجي سٽاءُ ۽ مذهبي سوچ ۽ فڪر کي مسترد ڪرڻ ڏانهن پيش رفت ٿئي ٿي. ان ڏس ۾ پوءِ فرد کي محض اقتصادي مفادن جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائي رکڻ لاءِ جتن ۽ جهد ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ سموري صورتحال جي نتيجي ۾ فرد ۾ شعوري طور مونجهارو، احساس ڪمتري ۽ بک ۾ اضافو اڻٽر بڻجي پوي ٿو.
اهڙيءَ ريت ڳوٺاڻن تي ”محتاجي“ ۽ ”فرد پرستي“ جي مسلط ٿيڻ سان انهن ۾ سماجي مفاد ۽ ذميوارين جو احساس ختم ٿيڻ لڳي ٿو. هنن لاءِ پوءِ فقط هڪ ئي رستو وڃي بچي ٿو ته وڌ ۾ وڌ ڏوڪڙ ڪيئن حاصل ڪن. انهيءَ ڪلدار حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ سهائتا ۽ جاتي ايڪتا خام خيالي ۽ يا مورڳو هڪ ڏيک ويک ۽ تماشو بڻجي پون ٿا.
ڳوٺاڻي طرز حيات جي پرزا پرزا ٿيڻ جو نتيجو اهم ۽ ڌيان لائق شڪل ۾ ظاهر ٿئي ٿو. اهو هيئن ته ڳوٺاڻي طرز حيات جا ميلا ملاکڙا جيڪي هاري جي حياتيءَ کي جاندار ۽ شاندار بڻائڻ جو اهم ذريعو رهندا پيا اچن. انهن جي جاءِ تي شهري آسائش ۽ سهولتن جي والار ٿئي ٿي ۽ ظاهري طرح غريب کي احساس ڏياريو پيو وڃي ته، هُن جيڪڏهن ڀرپاسي جي ڳوٺن سان سماجي لڳ لاڳاپن کي مضبوط بڻايو ته غربت منجهان سندس بند خلاص ٿيڻ وارا آهن، هن جي زندگيءَ کي گل و گلزار بڻائيندي سماج ۾ کيس اهم رتبو ۽ مان عطا ڪيو ويندو. اڳتي هلي کيس دنيا جي وهنوار ۾ اهم مقام حاصل ٿيندو، پر انهن سڀني لازوال خوبين اچڻ سان هڪ اهم نقصان ضرور ٿيندو ته ڳوٺاڻي طرز حيات وڌيڪ اجاڙ ۽ ويران ٿيندي. ائين سمجهڻ گهرجي ته فرد جي گذر سفر جي وسيلن کي ڇني ڌار ته ڪيو ويو پر ان جي جاءِ تي متبادل قدر ۽ ڪارج ڪونه آندا ويا آهن.
انڪري اهو واضح ٿي ويو آهي ته اقتصادي عنصرن جو هڪ جداگانه طرز ۾ هاري جي لاءِ آزمودو کيس هٿين خالي ڪرڻ برابر آهي. پر کيس هڪ نئين شعور يا ساڃاهه سان به ڏيٺ ويٺ ڪرائي آهي. ائين مجموعي طور سمجهڻ گهرجي ته اهي سڀئي اقتصادي تجربا ۽ لاڳاپيل عنصر هاريءَ لاءِ سودمند ثابت نه ٿيا آهن. ڇو ته زمين ۾ هاڻي اها زرخيزي ڪانه رهي آهي، جو وڌندڙ آدم جو پيٽ پالي سگهي، جنهن ڪري بک ۽ کاڌي جي کوٽ لاشڪ ته عالمي مسئلا بڻجي رهيا آهن، پر مشرقي سماج جي ٻهراڙين ۾ وڌندڙ انساني انگ وڌيڪ خوفائتا اثر ڇڏيا آهن. ڇو ته ڍل ۽ وصولين جو ٻوجهه گهڻي قدر هاريءَ جي ڪلهن تي وڌي رهيو آهي جڏهن ته سندس اپت ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽتائي اچي رهي آهي. هن جي زرعي اپت جو چڱو موچارو حصو ته غيرحاضر زميندار بٽئيءَ جي نالي ۾کڻي وڃي ٿو. ائين هاري زمين جي هارپ سان گڏوگڏ گهرو صنعت جي اوسر کان به محروم ٿي رهيو آهي. اهڙي حالت ۾ هاريءَ لاءِ پنهنجي پيداواري صلاحيتن کي مڪمل طور ڪتب آڻڻ جا وسيلا به ختم ٿي رهيا آهن ۽ بي روزگاري وڌي رهي آهي. مطلب ته هاري اڳواٽ کنيل قرض جي بار هيٺ سدائين ڪنجهندو ۽ ڪُرڪندو رهي ٿو ۽ وري سندس زرعي پيداوار جو ٺاهوڪو حصو ته وياج جي مد ۾ پڻ هڙپ ٿي رهيو آهي. ان کان سواءِ زمين کي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سان استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ فصلن جي اپت ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ جانورن جي پالنا لاءِ گاهه پٺي جي قلت وڌي رهي آهي. ائين محض مغربي تعليم جي حصول سان خانداني لڳ لاڳاپن تي به اثر مرتب ٿيا آهن. ٿلهي ليکي چئجي ته اهي سماجي عنصر جيڪي ڳوٺاڻي طرز حيات کي هڪٻئي سان ڳنڍي رکڻ جو وسيلو/ ذريعو هئا، انهن جي جاءِ تي ڪٺورتا ڀريل اقتصادي دٻاءُ کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي.
اهي سڀئي علامتون•••• اسان جي ڪيل تنقيد کي ڇنڊڇاڻ ڪري بيهارين ٿيون ته حد کان وڌيڪ مغرب زده پاليسي اختيار ڪرڻ سان ڳوٺاڻي طرز حيات جي غيراقتصادي طور طريقن کي مسترد ڪري ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻهراڙين ۾ وڌندڙ خوشحالي کي ٻنجو اچي وڃي ٿو••••• جيڪڏهن ڳوٺاڻي طرز حيات جو رستو، مشرقي سماج جي اڪثريت لاءِ لاڀائتو ۽ ڦلدائڪ ثابت ٿئي ٿو ته پوءِ اهڙي ڪابه حڪمت عملي جنهن وسيلي پراڻن قدرن کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي هڪ اڻ ٺهڪندڙ طريقه ڪار اختيار ڪيو وڃي ته وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿيندو.
ظاهري طور ڏسڻ ۾ ڪمزور ۽ مونجهارن جو شڪار ڳوٺاڻو طرز حيات پوءِ به مشرقي سماج ۾ جاري رهيو آهي ۽ ڳوٺاڻا ماڻهو انهيءَ سماج ۽ وايومنڊل سان ايترو ته هيراڪ ٿي ويا آهن جو کين زندگيءَ جي خوشگوار ۽ ناخوشگوار ڦل جو سواد چکڻو پوي ٿو. اهڙي حالت ۾ شهر ۽ ملڪ جي وچ ۾ جيڪا دوئي (Dualism) جي ديوار آهي، ان ۾ اڃا به واڌارو ايندو رهي ٿو. مشرقي سماج جو هاري جنهن جون پاڙون ڳوٺاڻي طرز حيات ۾ کتل آهن، ان لاءِ شهري طرز حيات ڄڻ ته اوپري ۽ هراسان ڪرڻ جو ذريعو آهي. ڇو ته شهري طرز حيات سندس سپنن جي ساڀيان ۾ ڪابه واهر ڪري نٿي سگهي. جڏهن ته سمجهه ۽ ويساهه کان وانجهيل طرز حيات هن جون متيون منجهائي ڇڏڻ جو ڪارڻ بڻجي ويندي. پر جيڪڏهن هروڀرو زور زبردستيءَ سان ڳوٺاڻي کي اوپري سماج ۾ هلڻ لاءِ مجبور ڪبو ته جڏهن به سندس موٽ پنهنجي ماحول ڏانهن ٿيندي ته لاشڪ هو فرحت ۽ آرام محسوس ڪندو.
اهو ذهني سڪون جو وايومنڊل مورڳو مغربي ملڪن جي طرزحيات کان جداگانه آهي. ائين چئجي ته ملڪ ۽ شهر جي وچ ۾ پيدا ٿيل دوئي جا نتيجا پنهنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿا. انهيءَ سموري صورتحال کي تپاسڻ لاءِ دوئي/ ٻيائي جا ڏهه مختلف پهلو سمجهڻ ضروري آهن:
1- شهري صنعت جو جيتريقدر واسطو مزدورن جي فراهميءَ سان آهي ته ان جو دارومدار شهري پورهيت تي آهي، جيڪو هميشه لاءِ پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي شهري سماج جو حصو بڻجي وڃي ٿو. پر ان هوندي به شهري صنعت جو جياپو ڳوٺاڻي مزدور کان سواءِ اڻ پورو آهي. (ان جو مثال جپان ۾ عورتون ۽ هندوستان ۾ مرد آهن) پر اهي ڳوٺاڻا پورهيت ورهين جي وٿيءَ کان پوءِ به ڳوٺن ڏانهن موٽندا آهن ڇو ته شهرن ۾ گذر سفر جا وسيلا محدود ٿيڻ جا آثار پيدا ٿيڻ لڳندا آهن.
2- صنعتي پيداوار جي کپت ۾لاها چاڙها اچڻ سان شهرن جي متاثر ٿيڻ کان وڌيڪ ٻهراڙين، خاص ڪري زرعي اپت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو آهي.
3- مشرقي طرز جي ملڪن ۾ ڪابه ”صنعتي مزدورن جي فوج“ مخصوص ڪانهي، پر ان جي برعڪس ”زرعي فوج“ لامحدود موجود آهي. جنهن ڪري ڳوٺاڻو پورهيت يا نيم پورهيت جيڪو خد وخال ۾ قبل از سرمائيدارانه سماج فطرت سان واڳيل ۽ روايتي طور طريقن سان ڳنڍيل آهن، اُهي اڃا تائين تنظيم سازيءَ جي گُرن کان ايترو واقف ڪونه آهن. هڪ صنعتي فوج جو ٺهڻ معنيٰ هاري جي من مان زمين سان انس ۽ چاهه کي ڪوري ڪپي ڇڏڻ ۽ ان جو گذرسفر محض ڪجهه ڪلدارن تي وڃي ٿئي، جيڪي سندس رهڻي ڪهڻيءَ کي اڃا به ڪينَ جهڙو بڻائي ڇڏين!
4- ابتدا ۾ ته صنعت ڪاريءَ جي سطحي نمائش و نمود مان ائين لڳندو آهي ته مرڪز گريزي جي رجحان کي وڌيڪ سگهارو ڪيو وڃي پيو، جنهن ڪري وچولي درجي جي سيڙپڪار لاءِ هڪ چڱو موچارو ماحول جُڙي راس ٿئي ٿو.
ان لاءِ وري به ضرورت ٻهراڙي جي عام ماڻهن جي محسوس ٿئي ٿي، جيڪي ٿوري ٿڪي اجوري تي به ڪم ڪرڻ لاءِ حامي ڀرين ٿا.
5- صنعتي مزدور جي اجرت ۾ گهٽتائي اچڻ جو هڪ اهم ڪارڻ اهو به آهي ته هن جي گذر سفر جو دارومدار ملندڙ پگهار تي آهي ۽ ان جي بدران ڳوٺاڻي مزدور جي لاءِ اجرت هڪ اضافو آهي.
6- اهڙا صنعتي ملڪ جيڪي يڪسانيهHomogenous) ) سرمائيدار سرشتي سان لاڳاپيل آهن، اُتي زمين جا مالڪاڻه حق رکندڙ جا مفاد صنعتي مزدورن جي بلڪل مخالفانه انداز ۾ هوندا آهن. اهڙن ملڪن ۾زمين تان مزدورن جي شهرن ڏانهن لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ ٻهراڙين ۾ اجرت ۾ اضافو ۽ اپت ۾ لاٿ اچي ٿي. جنهن جو سنئون سڌو اثر زميندار تي پوي ٿو. هوڏانهن شهرن ۾مزدور جو اضافي انگ صنعتڪار لاءِ ڪارگر ثابت ٿئي ٿو. اهڙي ٻه پاسائين طرز جي ملڪن ۾ انهن گروهن جا مفاد هڪ ٻئي سان پوروڇوٽ رهندا اچن ٿا. ڇو ته زمين جا مالڪاڻه حق رکڻ واري کي موقعو ملي ٿو ته پنهنجي زمين جي اپت منجهان وڌ ۾ وڌ حصو حاصل ڪرڻ لاءِ جتن ڪري. ڇاڪاڻ ته کيس سُڌ آهي ته هاري گهراڻي جو هڪ اڌ ڀاتي ڪارخاني ۾ڪمائي رهيو آهي جيڪو سندن ڀرجهلو پڻ آهي. ساڳي وقت صنعتڪار کي به موقعو ملي ٿو ته ٻهراڙي جي نيم پورهيت کي گهٽ اجرت ڏئي پاڻ کي سکيو ستابو رکي.
7- ٻهراڙيءَ مان ماڻهن جي لڏپلاڻ اڃان ڇوهائي اختيار ڪانه ڪئي آهي. ڇو ته ان رجحان ۾ تڏهن ئي واڌارو ايندو جڏهن زمين سان محبت ۽ چاهه ۾گهٽتائي ايندي، انهيءَ ڪري لڏپلاڻ هڪ عارضي عمل سمجهڻ گهرجي ۽ زمين تي ڌارين جي قبضي/ ڪالونائيزيشن ڪرڻ کي ڪا ايڏي وڏي هٿي ڪانه ملندي.
8- بنيادي طور پورهيت جو پيداوار جي سلسلي ۾ اهم حصو آهي، پر پوءِ به سندس ڪردار جهيڻو ۽ جهڪو آهي. اها صورتحال ٻهراڙيءَ جي هاريءَ سان به ٺهڪي اچي ٿي جيڪو ڳوٺاڻي سماج ۾ هڪ غيرمتحرڪ عنصر پڻ آهي. ان ڪري پگهار جي سلسلي ۾به هڪ غيرمساوي سرشتو لاڳو آهي، جنهن جو پورائو ڪرڻ ناممڪن آهي. ڇو ته جيڪي صنعتون ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ لڳل آهن ۽ اُتي ماڻهو ججهي انگ ۾ موجود آهن ته پوءِ لامحدود ”هٿ“ پورهئي لاءِ دستياب ٿي سگهندا. ان جي برعڪس اهڙا علائقا جتي صنعتن کي هنرمند مزدور جي گهرج آهي، جنهن جو پُوراءُ وري ايجنسين جي معرفت ڪيو وڃي ته پوءِ پورهيتن جون پگهارون به وڌيڪ ٿينديون. اهو به هڪ اهم سبب آهي جو ٻهراڙين ۾ بي روزگاري ۽ شهري علائقن ۾ هنرمند پورهيت جي کوٽ ساڳئي وقت موجود آهي.
9- ان کان سواءِ مغربي طرز جي سرمائيداري ۽ قبل از وقت سرمائيدارانه ڪٽنب جي وچ ۾ هڪ وڏي وٿي/کاهي آهي، ڇو ته گهرو مارڪيٽ منجهان خريداري وس کان ٻاهر آهي، جنهن جو لڳ لاڳاپو بين الاقوامي مارڪيٽ سان آهي، جيڪا پنهنجي خد و خال ۾ آمدني ۽ روانگيءَ جي ڏس ۾ بين الاقوامي سٽاءَ جو حصو بڻجي ويل آهن. انهيءَ هيڏي ساري وٿيءَ کي ڀرڻ لاءِ ٽياڪڙن جو وڏو تعداد موجود هئڻ لازمي آهي، جيڪو ٻنهي طبقن ۾ لڳ لاڳاپي جو وسيلو بڻجي سگهي. اڃا به هيئن چئي سگهجي ٿو ته، ناڻي جي کوٽ جي نتيجي ۾ مال جا انبار هئڻ سبب مورڳو خريد ۽ پيداوار ۾ به گهٽتائي اچي ٿي، جنهن ڪري زرعي پيداوار کي به مناسب حد تائين خريد و فروخت جي طورطريقي کان محروم رهڻو پوي ٿو.
ائين ننڍو آبادگار ۽ ننڍڙو هنرمند ان ٽياڪڙي/ دلالي جي وهنوار ۾ مشڪل سان مقابلو ڪرڻ جي لائق بڻجي ٿو. هوڏانهن واپاري پنهنجي سگهه سان واپرائيندڙ/ صارف (Consumer) ۽ نيم پيداوار ڪندڙن تي ڏيتي ليتي وسيلي اثرانداز ٿئي ٿو. لاشڪ وڻج واپار جي ننڍڙي پئماني تي ترقي ۽ ان ۾ ٽياڪڙ/ دلال جو ڪردار پڻ قوتِ خريد جي نسبت کي عام ماڻهن جي اڪثريت ۾ هيٺ ڪيرائي ڇڏي ٿو ۽ اها ترقي مورڳو بک ۽ اڻ هوند ڏانهن ڇڪي وٺي وڃي ٿي. ان زمري ۾ اسان کي جپان جي انگن اکرن کي ٿورو نظر منجهان ڪڍڻ جي ضرورت آهي. جپان جي 1920ع ۽ 1930ع جي ڪاروباري ڪرت جي رپورٽ ٻڌائي ٿي ته جيڪي پيشه ورانه طبقي سان تعلق رکندڙ آهن، انهن جي انگ ۾ ٻن اهم سببن جي ڪري گهٽتائي آئي هئي: پهريون اهي جيڪي آزادانه ڪرت سان لاڳاپيل ۽ جيڪي سرڪاري ملازمتن ۾ هئا، اهي مڪمل تعداد ۾ 5.3 کان 6.9 سيڪڙو تائين وڌيا پر ٻيون نمبر گروه جنهن جو واسطو محض واپار سان هو، انهن ۾ واڌ 11.7 کان 15.3سيڪڙو تائين آئي ۽ باقي رهيل کهيل اضافي جو سيڪڙو 3.6 جي لڳ ڀڳ وڃي بيٺو.
هاڻي هيءُ ملڪ جنهن ۾ قوتِ خريد گهٽ هجي، جنهن جي اڌ کان وڌيڪ آبادي هاريءَ تي مشتمل آهي، جيڪا اڌوگابري پنهنجن پيرن تي بيٺل آهي، اتي اسان کي هڪ واپاري جي نسبت سترهن ماڻهن سان نظر اچي ٿي. اهڙين حالتن کي ذهن ۾ رکندي هڪ ماهر اقتصاديات روائچي اِشي (Ryochi Ishi) چوي ٿو ته: ننڍڙن واپارين جي تعداد ۾ اضافو پڻ هڪ اهڙي اقتصادي مونجهاري کي اڀاري آڻي ٿو، جيڪو بي روزگاريءَ جي مسئلي کان به وڌيڪ خوفائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.
10- ٻاڙائي (Depression) ۽ ناڻي جي واڌي گهاٽيءَ (Deflation) جا منفي اثر وري به وڌ ۾ وڌ هاري تي اثرانداز ٿيندا آهن. هڪ اهڙو سماج جنهن ۾شهري پورهيت هڪ اهم جز هجي ۽ جڏهن ته هاري جو ڪارج محض کاڌ خوراڪ فراهم ڪرڻ هجي ته پوءِ ٻاڙائيءَ جو رجحان اجرت ۽ بي روزگاريءَ ۾ واڌاري جو ڪارڻ بڻجڻ سان گڏوگڏ انساني گذرسفر جي سطح کي به ڪيرائي ڇڏي ٿو پر ان صورتحال جو سڀ کان وڌيڪ نشانو هاري بڻجي ٿو. اهو هيئن ته ٻاڙائيءَ جي ڪري سندس پيداوار جي قدر و قيمت ۾ لاٿ اچڻ سان گڏ پورهئي جي اجوري ۾ به گهٽتائي اچي ٿي. انهيءَ ٻه طرفي سماج ۾ هاري جيڪو صنعتڪاريءَ لاءِ سستو پورهيت ۽ ساڳي وقت ٻهراڙيءَ جي مزدوريءَ لاءِ به ڪتب اچي ٿو، ان لاءِ اجرت ۾ گهٽتائي ۽ بيروزگاري جو عذاب نازل ٿيڻ جو مکيه ڪارڻ پيداوار جي قدر و قيمت ۾ گهٽتائي اچڻ آهي. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مشرقي ملڪن جي سماج ۾ جيترو ازل کان وٺي هاري ادائيگي ڪري ٿو، اها ٻين ملڪن ۾ ورلي نظر اچي ٿي.
هاڻي هڪ نقطو نروار ٿي بيٺو آهي ته مشرقي ڳوٺ/ ٻهراڙيون اصل ۾ صنعتي سماج لاءِ مزدور فراهم ڪرڻ جولاڀائتو ذريعو آهن. ان ڪري لازمي بڻجي ٿو ته پاڻ ان جو زرعي پيداوار ۾ به حصو ۽ ڪردار ڏسڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪيون. ان لاءِ اسان کي چين جي مثال کي سامهون رکڻ جي ضرورت آهي، جيڪو اڀرندي ايشيا جو هڪ اهم ملڪ آهي.
چين جو هڪ شاهي ڳوٺ جيڪو لڳ ڀڳ ٽي سئو گهراڻن يا ٻه هزار ماڻهن تي مشتمل هوندو آهي، جنهن کي اسان بنا ڪنهن وڌاءُ جي ڳوٺن جو جهڳٽو چئي سگهون ٿا، اهي مڱيرن جو فصل هڪ غيراهم پوک طور پوکين ٿا. اها پوکي راهي ڪجهه گهراڻا ڪن ٿا، جيڪي ان فصل کي لڻي، تيل ڪڍي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪن ٿا. ڳوٺاڻن جي پوکي راهي ۽ وڻج واپار جو دائرو هڪ ميل کان مٿي ڪونه ٿيندو پر جڏهن کين اها سڌ ملي ٿي ته ان تيل جي طلب ڀرپاسي واري ٻئي شهر ۾ وڌيڪ آهي. تيل جي قيمت پڻ گهرو مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منافع بخش آهي. اهڙي حالت ۾ ظاهر آهي ته جڏهن منافعو سولائيءَ سان ملي سگهي ته پوءِ هرهڪ هاري مڱيرن جي پوکائيءَ کي ترجيح ڏيندو ته جيئن وڌيڪ آمدني حاصل ڪري سگهي. ائين ٿورن ورهين ۾ مڱيرن جي پوکائي ڪجهه ايڪڙن کان وڌي سوين ايڪڙن تائين پهچي وئي. ان کان پوءِ ڳوٺ ۾ نون مهانڊن جي آمد شروع ٿي وئي. ڀلاوڻو جيڪو پوک جو خريدار آهي ۽ پيشيور واپاري جيڪو شهر ۽ مارڪيٽ جو نمائندو ۽ ڳانڍاپو آهي. ان کان وڌيڪ اهم اهو ته ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ اڌ زميندار گهراڻي جو ڌيان ڇڪيو ته ڪيئن مڱيرن کي ٻڌي ۾ خريد ڪري منافعو حاصل ڪجي.
هاڻي صورتحال ۾ ردوبدل اچي وئي آهي ته پيداوار اپائيندڙ مڱيرن جو تيل ڪڍڻ بجاءِ پَٽ تي ئي زميندار کي وڪري ڪري ڇڏي ٿو ۽ زميندار ان جنس جي پراڻي طور طريقي سان پيڙهائي ڪري تيل حاصل ڪري ٿو. هوڏانهن پيداوار ڪندڙ اڳواٽ ئي رقم حاصل ڪرڻ جا هيراڪ ٿي پيا، جنهن ڪري ساڳيو ئي فصل اپائڻ هنن لاءِ لازمي بڻجي پيو. ان جو مطلب ته کين پيداوار جي چڱي چوکي واڌو رقم تان به هٿ کڻڻو پيو. ان هوندي به ساڳي فصل جي پوکائيءَ منجهان هنن کي پوءِ به معقول آمدني حاصل ٿيڻ لڳي.
اهڙيءَ صورتحال ۾ ڳوٺاڻي طرز حيات ۾ پئسي جي آمد سان ڪٽنبي بيهڪ ۾ ڦيرڦار اچڻ لڳي. هوڏانهن ڳوٺ جا ٻه زميندار به ساليانو هزارين ڊالر ڪمائڻ لڳا آهن. پر اهو سلسلو سانده جٽا دار ثابت نه ٿيندو. ڇو ته تيل پيڙهڻ جو پراڻو طريقو ڪنهن به حالت ۾ مارڪيٽ جي معيار مطابق نه بيهي سگهندو. ائين ڪيترن ئي ڳوٺن منجهان ڪچي مال جي بي حساب آمدنيءَ جي ڪري جديد بنيادن تي هڪ نئين ڪارخاني لڳائڻ جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. ان ڪري ٻنهي زميندارن جي دلالن کي فئڪٽريءَ لاءِ ڪچو مال پهچائڻ کان منع ڪئي وئي. ڇو ته فئڪٽريءَ جو ايجنٽ سڌو مال ڳوٺن مان خريد ڪرڻ لڳو آهي، جنهن ڪري ڳوٺ جو تيل مارڪيٽ سان سڌو سنئون رابطو ڪَٽي ويو ۽ فصل اپائيندڙ، شهري خريدار جي پاليسي ۽ طريقه ڪار آڏو بيوس بڻجي پيو آهي. خريدار ايترو ئي فصل اپائيندڙ کي ڏيندو رهي ٿو ته جيئن هو پوکي راهي ڪري سگهي ۽ جڏهن به محسوس ڪندو ته فصل جي مارڪيٽ ۾ قيمت هيٺ کسڪي رهي آهي ته جيڪو ڪجهه نقصان ٿئي ان جو صدمو محض اپائيندڙ کي برداشت ڪرڻو پوي. اهو صدمو سهڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي. ڇو ته منافعو حاصل ڪرڻ جو دور ورلي اچي ٿو ۽ ننڍڙن هارين لاءِ هڪ واٽ آهي ته مارڪيٽ ۾ جنهن جنس جي گهرج آهي ان کي ئي اپائيندا رهن، پوءِ کڻي کين لاڀ نه هئڻ برابر حاصل ٿئي. هن مهل تائين کين جيڪي ڪجهه ملي ٿو سو معمولي منافعي کان وڌيڪ ڪونه آهي.
اهڙي حالت ۾ فصل اپائيندڙ جي مالي حالت اڃا به وڌيڪ تباهه ۽ برباد ٿيڻ جو خدشو وڌي رهيو آهي، اهو سلسلو اڳتي هلي فصل جي پوکي راهي کي وڌيڪ نيست و نابود ڪري اپائيندڙ کي ايجنٽ ۽ مارڪيٽ تي ڀاڙي ويهڻ لاءِ مجبور ڪندو، پر خوش قسمتيءَ سان اهڙي صورتحال ڇڊي پاڊي نظر اچي ٿي.
ها! پر اهڙي انداز جي ترقي جيڪڏهن بيٺڪيتي (Colonial) ملڪن ۾ ٿيندي ته هڪ جداگانه ۽ نرالو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو. اهو سرڪار جو ئي ڪردار آهي ته اها هارين جي مفاد کي ذهن ۾ رکندي مداخلت ڪري ۽ ايجنٽن/ دلالن کي سختيءَ سان منع ڪري ته اقتصادي استحصال ۽ تسلط کان پاسو ڪن. پر چين جهڙن ملڪن ۾ اختيارين لاءِ هڪ ئي دڳ هو ته دلالن ۽ هارين جي وچ ۾ هڪ گڏيل مفادن واري حڪمت عمليءَ کي عمل ۾ آڻين.
ائين ڳوٺن جو ٻاهرين مارڪيٽن سان لڳ لاڳاپي جي ڪري سندن واسطو عالمي مارڪيٽ جي لاهن چاڙهن سان ڳنڍجي ويو آهي، جنهن ڪري مٿين سطح تي قيمتن جي لاٿ جو عذاب انهن تي نازل ٿيندو، جيڪي ڪچو مال پهچائيندڙ آهن. اهڙيءَ طرح ٻن ورهين جي مختصر عرصي جي ٻاڙائيءَ جي ڪري اٽڪل روءِ 30% ڳوٺاڻا ماڻهو مقروض ٿي ويا. اها لاهن چاڙهن واري خوشحالي تڏهن ڏسڻ ۾ آئي جڏهن ڳوٺاڻن مارڪيٽ جي مزاج مطابق پوکي راهي جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن کين مورڳو بک ۽ بدحاليءَ ڏانهن ڌِڪي ڇڏيو. ڇو ته ڳوٺاڻي طرز حيات جو توازن بگڙي ويو. هاڻي اهو سولو ڪم به ڪونهي ته ساڳي طرزحيات کي ان جي اصل شڪل ۾ آڻي سگهجي.
ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته مارڪيٽي مزاج جي فصل کي ماڻهن ۾ مقبول ڪرڻ لاءِ مغربي سيڙپڪار پروپئگنڊا جو سهارو به وٺندا آهن. ان سلسلي ۾ ورجينا تماڪ ڪمپنيءَ جو مثال اسان جي اکين اڳيان آهي. اهو هيئن ته ڪمپني پاران فصل اپائيندڙن کي ٻج يا ٻوٽا انهيءَ شرط سان ڏنا ويا ته پوکڻ کان پوءِ فصل جي اپت جو کين دل گهريو معاوضو ڏنو ويندو. ان لاءِ خريدارن اڳواٽ قرض ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪئي، پر ستت ئي سيڙپڪارن ۽ آبادگارن جي وچ ۾ هن ڳالهه تان بدمزگي پيدا ٿيڻ لڳي ته فصل جي پيداوار لاءِ خرچ ٿيندڙ رقم تي هڪ ته وياج ورتو ويندو، ٻيو ته فصلن کي مرض لڳڻ جي حالت ۾ سمورو نقصان آبادگارن جي کاتي ۾ ليکيو ويندو. جڏهن فصل مقرر ٿيل معيار مطابق نه لٿو ته خريدارن، قيمت به لاهي ڇڏي پر آبادگار کي جيئن ته ڏوڪڙن جي گهرج رهندي پئي اچي، ان ڪري هو، ايجنٽن ۽ سيڙپڪارن جي هٿ ۾ ميڻ جو بوتو بڻجي پيو آهي.

دستبرداريءَ جو دڙڪو : اوڪٽو مينوني

اسان جيڪڏهن قبضاگيرن کان پڇا ڪنداسون ته ٺهه پهه وراڻي ملندي: ”مالاگاسي واسي آزادي ڪونه گهرن ٿا، هنن کي سڌ ئي ڪانهي ته آزادي ڇا ٿيندي آهي. جيڪڏهن آزادي زوريءَ انهن تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ردعمل ۾ ارها نظر ايندا ۽ ان جو وڌيڪ منفي اثر هنن تي مرتب ٿيندو.“
ان طرز جي فتويٰ کي ڪوبه عقلمند ماڻهو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندو. ڇو ته آزاديءَ متعلق اهڙا ڇَسا ۽ بيسود دليل ڏيڻ ڄڻ ته ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جو ٺاهه آهي. اهڙيءَ ريت مالاگاسين متعلق قبضه گير نفسيات مورڳو سندس ئي اوڻاين کي اگهاڙو ڪري بيهاري ٿي، جنهن کي مان اڳتي هلي فينستائي سان ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هونئن انهن کي آڌاري/تڪيو ڪرڻ، آسرو/آڌار هئڻ جي چّڱيءَ ريت ڄاڻ آهي. ۽ قدامت پرستن جو به آواز ۽ ڏهڪاءُ جهيڻو ۽ جهڪو پئجي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته سندن سوچ وقت سان هلڻ جي لائق ڪانه رهي آهي. ائين مجموعي طرح اهڙي راحت ۽ آرام ڏيندڙ ۽ دارومدار واري فلسفي ۽ فڪر جي لاءِ ڌرتي ڏينهون ڏينهن تنگ ٿي رهي آهي جو اسان ان نئين صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪوبه معذرت ڀريو رويو کڻي اختيار ڪيون، پر ان معذرت جي به ويل وهامي وئي آهي.
ائين ٿلهي ليکي ڏسڻ ۾ اچي پيو ته آزادي حاصل ڪرڻ، سُورن جي پلصراط تان لنگهڻ برابر آهي. ڇو ته اهوئي رستو آهي جنهن تي هلڻ سان مسئلن ۽ مونجهارن جو نبيرو ٿي ويندو پر ان سان گڏوگڏ مالاگاسي ۽ يورپ واسي جنهن اونده ۾ هٿوراڙيون هڻي رهيا آهن، ان کان به ڇوٽڪارو ملي ويندو. اها ئي هڪ اهڙي دوا آهي، جنهن جي واپرائڻ سان مرض جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو، پر جيڪڏهن اها دوا هڪ لاءِ شفا ۽ ٻين لاءِ عذاب ثابت ٿئي ٿي ته پوءِ ٻنهي ڌرين لاءِ ڄڻ هڪ فريب ۽ دوکو آهي. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته پوءِ اهڙي صورتحال هڪ ڌر لاءِ فائديمند ته ٻي ڌر لاءِ سُورن جو ڀنڊار ثابت ٿيندي.
ٻئي پاسي يورپي به پنهنجي رعايا بابت هڪ وڏي غلط فهميءَ جو شڪار آهن، انهن جي سمجهه ۽ ساڃاهه مطابق جيڪڏهن بنا ڪنهن ڇڪ ڇڪان جي کين آزادي حاصل ٿي وئي ته ٿي سگهي ٿو ته هنن جي ”مفادن“ کي وڌيڪ نقصان پهچي. هونئن اهو اجايو سجايو خفت آهي ته هڪ فرد کي آزادي حاصل ٿيڻ وقت سندس سامهون اڳواٽ ئي شرطن شروطن جي ديوار اڀي ڪئي وڃي ۽ ان لاءِ دليل ڏنو وڃي ته جمهوريت ۽ نسلي برابريءَ لاءِ ائين ڪرڻ ضروري آهي، پر اهو طريقو پنهنجي جوهر ۽ جمال ۾ اڻپورو لڳي ٿو. ڇو ته سڀئي ڪالونائيزيشن ڪندڙ جمهوريت مخالف ڪونه هوندا آهن. ان ڪري اڪثريت نه پر انهن ۾ ڪجهه ماڻهن جو قدامت پرست سلوڪ چٽو نظر اچي رهيو آهي. ڇو ته اهي پنهنجي سوچ حرفت ۽ ذاتي ورتاءُ کي پنهنجن مفادن لاءِ ڪتب آڻي جياپو ماڻي رهيا آهن. هو دراصل استحصال جي غليظ طريقه ڪار کي نگهوسار ڪرڻ جي ابتڙ ان کي قائم ۽ دائم رکڻ جا اپاءَ وٺي رهيا آهن. هو ان طريقه ڪار کي اڃان به وڌيڪ مضبوط ڪرڻ خاطر پنهنجي سڀاءَ ۽ جبلت ۾ اهڙي جابراڻي روش کي جائز، حقيقي ۽ موروثي سمجهي رهيا آهن، اهڙي طرز جي تجربي ڪرڻ سان کين کوڙ سارو لاڀ حاصل ٿيو آهي.
هاڻي وقت آيو آهي ته اهڙي سوچ خلاف عملي طور ٻڙڪ ٻولي وڃي. انهيءَ ڪارگذاريءَ منجهان هڪ ئي نقطو اڀري سامهون اچي ٿو ته ڪنهن به ڦڏي فساد جهڙي وايومنڊل کان پرانهون رهڻ سان مالاگاسين کي نفسياتي طور ڄڻ ته سڪون ۽ آرام حاصل ٿئي ٿو. حالانڪ يورپي لوڪ جيڪي پاڻکي قبضه گير نه ٿا سمجهن، سي پڻ پنهنجي قدامت پرست سوچ جي حوالي سان اثر وٺي سگهن ٿا ته اهڙي ڦڏي فساد کان پرانهون رهي راحت ۽ آرام ماڻڻ ۾ ڪابه قباحت ڪانهي. ڇو ته انهن کي ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ان بهاني ۽ عذر سان ڪئي ويندي ته امن ۽ خوشحالي آڻڻ لاءِ ترقيءَ جو اهو رستو ڪارائتو ۽ ڪارگر آهي. انهيءَ حوالي سان جيتريقدر ورتاءُ يا سلوڪ جو معاملو آهي ته ان جهنجهٽ ۾ پوڻ سان متيون منجهي پونديون.
هونئن به يورپي سماج ۾ اهڙي قدامت پرست سوچ رکندڙن جو چڱو موچارو انگ موجود آهي، جيڪي پراڻي دور جي ريتن رسمن کي جيئرو جاڳندو رکڻ جا خواهشمند آهن. اهڙن ماڻهن جي بذات خود مالاگاسي ۾ به کوٽ ڪانهي. اهڙي سوچ رکندڙ مالاگاسي واسين کي فرينچ اختياريءَ وارن جي ويجهڙائيءَ ۾ به چڱي خاصي پٺڀرائي رهي آهي. پر اهي ماڻهو هاڻي هوريان ڏاڍيان الوپ ٿي رهيا آهن ۽ سندن جاءِ نئون نسل والاري رهيو آهي جيڪو وڌيڪ ڦڙت ۽ چالاڪ آهي. اهو نئون نسل مفادن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ۽ نسلي برتري جو حامي آهي. پر اهي بنيادي طور انهن سياسي سڌارن کان اڌو گابرا واقف آهن، جيڪي نفسياتي مونجهارن کي حل ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا. انڪري هو جمهوري آدرشن کي به ان لاءِ ذميوار سمجهي رهيا آهن. ان لاءِ سندن دليل آهي ته جڏهن به ڪنهن وقتائتي سوچ لاءِ عملي طور پيش رفت ڪجي ٿي ته:
هو پنهنجن دليلن جي روشنيءَ ۾ سمجهن ٿا ته ماڻهن جي اڪثريت هڪ ٻئي ڏانهن روين جي هڪ سخت گير نفسيات ۾ جڪڙيل آهي. جنهن کي آءٌ هتي مختصر طور هڪ ٻئي تي دارومدار/تڪيو ڪرڻ چوان ٿو، جيڪي پنهنجي پراڻي يا آڳاٽي بيهڪ منجهان جان ڇڏائي جديديت ڏانهن اوستائين وک وڌائي نواڻ ماڻي نه سگهندا جيستائين ٽڪراءُ جي لنگهه مان گذري نه ويندا.
پر هتي هڪ ٻي ڳالهه به ورجاءَ ڪري ظاهر ڪرڻ گهران ٿو ته، سڀئي يورپي قدامت پرست سوچ ساڃاهه سان سلهاڙيل ڪونه آهن، پر جيڪڏهن هو سڌارن جي آڏو رنڊڪ بڻجندا ته اهڙي روش کي نقصانڪار چئي سگهجي ٿي. انڪري قدامت پرستن پاران مخالفت ڪنهن به حالت ۾ ڪارائتي ثابت ڪونه ٿي سگهندي. ان جي بدران حالتن کي وڌيڪ خراب ڪرڻ ۾ هَٿي ڏيندي ۽ ظاهر آهي ته جيئن به لڳ لاڳاپن ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو ته قدامت پرستن کي درست ڄاڻايو ويندو، پر هتي هڪ ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته خراب صورتحال ڪنهن به ڌر کي حق ۽ سچ ثابت ڪرڻ لاءِ سودمند پڻ ثابت ٿي سگهي ٿي. ڇا ظاهري طور جيڪڏهن قدامت پرست ڪنهن تبديليءَ جي آڏو رنڊڪ بڻجي بيهن ٿا ته پوءِ گهوٽالي ۽ ڇڪتاڻ جي وڌڻ جا امڪان ڄڻ ته ختم ٿي ويندا؟ پر اها به حقيقت آهي ته ڇڪتاڻ کي ڏاهپ ۽ سياڻپ سان گهٽائي به سگهجي ٿو، پر ان لاءِ لازمي آهي ته تجويز ڪيل سڌارن جي پير ٻڌي مخالفت ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
تڪيو ڪندڙ شخصيت ۽ اڳرائي
جيتوڻيڪ هڪ ٻئي تي اعتماد ڪرڻ جي جبلت ملاگاسين جي نفسياتي ڪيفيت جي تز نموني تشريح ڪري سگهي ٿي پر اهي اڳ ۾ ئي تسلط هيٺ آيل آهن ۽ هاڻي ارتقا جي عمل منجهان لانگهائو آهن، پر هتي هڪ وهم ۽ گمان اڀري ٿو ته، ان ساڳي جبلت جا اهڃاڻ ۽ آثار انهن قديم جاتين ۾ به نظر اچن ٿا، جن جو اڄوڪي مهذب دور سان تِر جيترو به واسطو ڪڏهن ڪونه رهيو آهي.
ڇا اهڙي صورتحال ۾ به اسان انهن ۾ ڪنهن به لحاظ کان دارومدار/تڪيو ڪرڻ جي جبلت ڳولي سگهنداسون، پر ائين چوڻ به محال ٿيندو ته سندن هڪ ٻئي تي دارومدار/ ويساه ڪرڻ جو دائرو سڱابندي/ مٽي مائٽيءَ تائين محدود ٿيندو يا وري ان جي پهچ هڪ متبادل طور ٻه وکون اڃا به اڳتي ٽپي ويندي. مالاگاسي واسين لاءِ سڀ کان اهم عنصر موروثي طرز حيات آهي. ان حوالي سان ديومالائي اَبا ڏاڏا جن ۾جيئرا يا مئل بادشاه، قبيلو، آڳاٽي زماني جا ديوتا اچي وڃن ٿا، انهن سڀني کي مجموعي طور سنڀال لهڻ کان سواءِ امن امان، حفاظت جو ذميوار، بيروني توڙي اندروني خوف خطرن کان لاشعوري نموني نگهبان سمجهيو وڃي ٿو. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته اهي سڀئي گروهه جيڪي هڪ ٻئي تي ويساهه/ دارومدار رکن ٿا، انهن جي رهڻي ڪهڻي جو اڀياس ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي. پر مان سمجهان ٿو ته کنيل عنوان جي ڏس ۾ جنهن مطابق هڪ ٻئي تي دارومدار رکڻ واري نفسيات بابت معلومات حاصل ڪرڻ ۾ اضافو نه ٿيندو، ڇو ته اهڙيءَ طرز جي معلومات ڪٽنب ۾ فرد جي اجتماعيت جي آڏو ڪابه جداگانه ۽ منفرد حيثيت ڪانه هوندي آهي. ان هوندي به سڀئي جداگانه شعور رکندڙ به هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيندا رهن ٿا.
اهڙيءَ صورتحال ۾ تڪيو/ دارومدار پنهنجي خد و خال ۾مڪمل سگهارو، آفاقي ۽ سڃاڻپ کان وانجهيل هوندو آهي. ٻار ۽ ماءُ جي وچ ۾ انس ۽ محبت جي ڇڪ هڪ اثرائتي ۽ اڻ ٽٽ رشتي طور موجود هوندي آهي، پر اها ساڳي ڇڪ يا ڪشش سماج جي هم عمر ٻارن ۾ ڪونه ملندي، جڏهن ته سڀئي هڪ يڪسان ڪيفيت سان واڳيل آهن. جيتوڻيڪ انهن ٻارن لاءِ ڳوٺ جو چوواٽو جتي ويهي هڪ دوستاڻي ماحول ۾ روح رهاڻيون ڪندا آهن، انهن لاءِ گهر جيتري حيثيت رکندو آهي. هونئن به ٻار پنهنجي ڪٽنبي رسمن ۽ ريتن سان هروڀرو جذباتي نموني غيرمتوازن (Vertical) چنبڙيل ڪونه رهندو آهي. ڇو ته هو ستت ئي محسوس ڪرڻ لڳندو آهي ته متوازي (Horizontal) لڳ لاڳاپا پڻ اثرانداز ٿي رهيا آهن..
انهيءَ صورتحال کي محسوس ڪرڻ کان پوءِ به ٻار جيستائين ننڍپڻ جو ڏاڪو ٽپي شعوري لحاط سان انهن سڀني ڪارگذارين کي تپاسڻ جي لائق نه ٿيندو آهي، اوستائين سانت سان هلندو ۽ ڳهندو رهندو آهي. فردن جي وچ ۾ ميل جول جو ماحول به گهڻي ڀاڱي منفرد ۽ نرالي نوعيت جو هوندو آهي. جيڪڏهن اڳتي هلي مذڪوره مزاج رکندڙ ماڻهو پنهنجي ماحول کان ڇڄي ڌار ٿي پوندا آهن ته ڪنهن گروهه ڏانهن واجهائڻ جي بدران اهڙي فرد سان پاڻ کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جنهن تي ويساهه ڪري سگهن، انهن لاءِ سڀ کان وڌيڪ دلجاءِ جو عنصر هوندو آهي ته پاڻ جهڙن سان دوستي ۽ ويجهڙائيءَ ۾ رهڻ کي ترجيح ۾ شامل ڪري وهنوار هلائن.
اسان پڪ ۽ خاطري سان چئي نه ٿا سگهون ته مالاگاسي سماج جي ترقي ڪيئن ممڪن آهي. ان جو مکيه ڪارڻ هيءُ آهي ته اسان وٽ ڪي به اهڙا ذريعا ڪونه آهن، جو تاريخي ترتيب کي سيبائتي نموني بيهارڻ لاءِ سماجي اداراسازي ڪري سگهجي. انڪري پاڻ لاءِ ويساهه جوڳي قياس آرائي جي دڳ وٺڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چاڙهو نظر ڪونه ٿو اچي. ان حوالي سان جيڪڏهن ڪنڌ ورائي پوئتي ڏسجي ٿو ته مالاگاسي جو ترقي يافته دور پوءِ اهو پنهنجي خد و خال ۾صحيح يا غلط آهي، پر ابتدائي دور ۾ اڀ ڪپرو/ غيرمتوازن لڳي ٿو ۽ ان ۾ متوازن/ هموار هئڻ جا آثار مبهم نظر اچن ٿا پر اسان جي اچرج جي انتها نه ٿي رهي جڏهن محسوس ڪيون ٿا ته پاڻ هرتو هڪ متوازن هموار ڪيفيت جون سگهاريون علامتون پڻ نظر اچن ٿيون. ان جو مطلب ۽ مفهوم ائين سمجهڻ گهرجي ته تحريڪ ۾ هڪ طرز جا سڌارا/ ردوبدل اچي رهي آهي ۽ اڀ ڪپرو/ غيرهموار/ غيرمتوازن دارومدار جهيڻو ۽ جهڪو ٿي رهيو آهي.
ان جو هڪ مثال مشاهدي طور ڏيڻ ضروري آهي ته، جڏهن مالاگاسي واسين کي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ نينڍ ڏني وڃي ته موٽ مثبت طرز جي هئڻ کپي پر ان سموري وهنوار تي عمل ڪرڻ واسطي هڪ ڏور رس انتظاميا جي گهرج آهي. ڇو ته اڀ ڪپري غيرهموار جداگانه طرز حيات کي به عزت ۽ قدر جي نگاه سان ڏسڻ لازمي آهي ۽ ساڳي وقت متوازن/ هموار لڳ لاڳاپن کي سگهارو ڪرڻ ڏانهن پيش رفت پڻ جاري رهڻ گهرجي.. اهڙي پيش رفت لاءِ خاص ڪري اسڪولي ٻارن ۾هڪ ٻئي ڏانهن دوستاڻو ورتاءُ، راند روند جون ڪلبون، اسڪائوٽنگ ۽ ٻيا طور طريقا اختيار ڪرڻ سان مثبت موٽ ملي سگهي ٿي. ان کان سواءِ مالاگاسي واسين کي غيرمتوازن/ غيرهموار لاڙن ڏانهن وڃڻ کان روڪڻ لاءِ سڄاڻ ماڻهن جو هئڻ ضروري آهي.
اباڻي ورثي کي نمايان ڪرڻ ۾ قديم به مليل آهي. البت هتي ان اهم نقطي کي سمجهڻ ۾ ڪوبه مونجهارو ڪونه ٿو نظر اچي ته يورپي ڪامورا شاهي سرخ ڦيٿي (Red Tape) کي پنهنجي شان ۽ دٻدٻي کي اجاڳر واسطي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ سوچڻ جي برعڪس پنهنجي جارحانه بدنيتيءَ تي ٻڌل سوچ کي مسلط ڪندي/ احساس ڪمتريءَ جو اظهار ڪندا آهن. هوڏانهن ٻي پاسي مالاگاسي وري فضول قسم جي تقاضائن جي چڪرن ۾ ڦاسي پوندا آهن ته جيئن پاڻ کي ڪنهن به هاڃي پهچڻ کان بچائي (ڪاموراشاهي) جي وسيع تر گهراڻي جا ميمبر بڻجي سگهن. ان لاءِ ضروري آهي ته قاعدي ۽ قانون جي ذڪر ۽ فڪر مان واندو ئي نه ٿئي، ڇو ته اهو محتاط رستو اختيار سان ڪرڻ سان به جوکي ۽ مصيبت ۾ ڦاسڻ کان پاڻ کي بچائي سگهندو. پر جيڪڏهن اسان مالاگاسي جي ان سموري سوچ ۽ فڪر جي ڇنڊڇاڻ ۽ تورتڪ ڪنداسون ته سندس محتاط رهڻ واري ڀاونا جو هڪ اهم ڪارڻ هيءُ ڏسڻ ۾ ايندو ته هو پنهنجي حيثيت ۽ دٻدٻي تان ذهني طور دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ڪونهي. ان لاءِ ائين به چوڻ عبث آهي ته سندس اها روش ڄاڻي واڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سندس اهڙو سلوڪ بيشڪ عام رواجي آهي، ڇو ته سماج جي وايومنڊل جو دٻاءُ کيس مجبور ڪري ٿو ته دارومدار/ ويساهه جي زنجيرن مان پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هٿ پير هڻي جن ۾ هو گهڻي وقت کان وٺي جڪڙيل آهي.
ائين اوچتو ڪا اهڙي آپدا هن جي آڏو اچي بيهي جنهن مطابق وٽس پيشقدمي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي ته ان منجهيل سوال کي قاعدي ۽ قانون جي ڄار کان پاسيرو رکي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته پوءِ ڄڻ ته سوچ ويچار کان محروم ٿي ويندو آهي ۽ ماڳهين ڇَسو ۽ ڪورو لڳندو آهي. اهڙي حالت ۾ اهو سمجهڻ ۾ آساني ٿي پوندي ته مالاگاسي واسي ڇالاءِ هڪ ئي گس تي هلڻ ۾ راضي ۽ خوش رهي ٿو. اها ساڳي حالت ڪجهه يورپين سان به آهي جيڪي هڪ ئي پيچري تي هلڻ واري طريقيڪار کي محفوظ سمجهن ٿا. گهڻو ڪري ائين سمجهيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن اوهان طئه ٿيل راهه کي تياڳي ڀٽڪڻ جو رستو اختيار ڪندا ته توهان جي سامهون مصيبتون اچي بيهنديون، جيڪي اوهان کي مونجهه ۽ نراسائيءَ جي پاتال ڏانهن ڌڪي ڇڏينديون. هونئن ائين چوڻ ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي ته ڪو وقت هو جو طئي ڪيل رستو اختيار ڪيو ويندو هو، جيڪو زندگيءَ جي لاهن چاڙهن کان بچائڻ جي خاطري/تصديق ليکيو ويندو هو.
پر اسان اڳتي هلي ڏسنداسون ته سماجي رسمون ۽ ريتون پنهنجي جوڀن سان جيئريون جاڳنديون آڏو اچي بيهنديون ۽ ڄڻ ته هڪ تحفظ جي احساس کي اڀاري اينديون. هڪ ملاگاسي جي طرز حيات جنهن کي هروڀرو قدامت پرستي به چئي نه ٿو سگهجي. هو ذهني طور نئين راه اختيار ڪرڻ لاءِ به هڪيو تڪيو بيٺو آهي، پر پنهنجي وهمي ۽ وسواسي ريتن ۽ رسمن تان به دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ڪونهي، ڇو ته سندس لاشعور ۾ جيڪو خوف ۽ ڊپ جو عنصر ويٺل آهي. ان کان بچاءُ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن آرزو ۽ اميد جي کيس ضرورت آهي.
اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ملاگاسي طرزحيات ۾ اهڙا کوڙ سارا مسئلا ۽ مونجهارا نظر ايندا، پر پوءِ به ڪنهن ملاگاسيءَ کي ڪا اهم انتظامي ذميواري ڏني ويندي ته ان کي توڙ رسائڻ ۾ خوشي ۽ راحت محسوس ڪندو آهي ۽ ڪنهن به نمائشي ڏيک ويک کان پرانهون رهي ذميواريءَ کي نڀائڻ ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيندو آهي. بهرحال هڪ ملاگاسي ڪامورو پنهنجي ورتاءُ جي حوالي سان غيرملاگاسي ڪاموري کان منفرد ۽ نمايان ڪونهي ۽ سندس طريقيڪار لڳ ڀڳ يڪسان هوندو آهي. ڇو ته هنن جي ذهني نفسياتي روش ۾ کوڙ ساريون رنڊڪون پڻ آهن. اهي سڀئي رنڊڪون ۽ مونجهارا هڪ فرد جي حيثيت ۾ ترقي ڪرڻ جي اصول پٽاندڙ هٿ ونڊائي سگهن ٿا. اهڙي روش اختيار ڪرڻ سان ممڪن آهي ته مستقبل ۾ ڪجهه مونجهارن ۽ تڪليفن سان منهن مقابل ٿيڻو پوي ۽ ائين ٿي سگهي ٿو ته هڪ معقول طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي نتيجي ۾ فردن جي حيثيت ۽ مانَ ۾ جهڪائي پيدا ٿئي، جيڪا احساس محروميءَ جي ڪيفيت کي وڌائيندي.
ائين به سمجهڻ گهرجي ته اڃان تائين غيرمتوازن/ غيرهموار لڳ لاڳاپا ايترا ته سگهارا آهن جو انهن کي في الحال ڀڃي ڀورا ڪري نه ٿو سگهجي. ان ڪارج بابت اسان هڪ غيريقيني صورتحال جو شڪار آهيون. البته هتي اهو سوال ڪرڻ به اجايو ۽ عبث آهي ته مائٽ پنهنجي اولاد ڏانهن روين ۾ ويساه گهاتي ڏانهن وڃي رهيا آهن، پر اسان اڳ ۾ ان نقطي کي واضح ڪري آيا آهيون ته هڪ ٻار جيڪو اڳتي هلي پنهنجي تجربي آڌار آزاداڻي ماحول ۾ رهڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ٿو. اهو پنهنجي اهڙي روش کي لاشعوري طور بي وفائي/ ڏوهه تصور ڪري ٿو، ظاهري طور ٻار ۾ بي وفائي واري ڪيفيت جي اڀرڻ جو ڪارڻ هڪ معمولي عنصر به ٿي سگهي ٿو پر ان لاءِ ضروري آهي ته داخلي/ اندروني حالتون پڻ اهڙي صورتحال جي پٺڀرائيءَ لاءِ تيار هجن. ان ڪري موجوده بي آراميءَ جي زماني ۾ نفسياتي طور دارومدار/ ويساه کي لاشعوري طور قبول ڪرڻ سان انتشار جا آثار ته نمودار ٿي سگهن ٿا پر ڪنهن ردوبدل لاءِ اثرائتا سبب ڪونه ٿي سگهندا. جنهن ڪري اهي آثار عام لحاظ کان ڪٽنبي سماجي بيهڪ ۽ مدي خارج ريتن رسمن کي به هاڃو ڏئي ڪونه سگهندا. ان هوندي به ائين چوڻ ۾ ڪوبه وهم گمان ڪونهي ته قدامت پرست نسل ۽ ترقي پسند نسل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جا آثار موجود آهن، پر پوءِ به ڇڪتاڻ جا آثار ايڏا واضح ڪونه آهن. ڇو ته نوجوان نسل ۾ قدامت پرستن جي ڀيٽ ۾ ٻئي لاڙا يعني قدامت پرستي ۽ انقلاب هڪ ئي وقت موجود آهن.
ان هوندي به دارومدار/ ويساهه جو عنصر سراسري طور مالاگاسيءَ لاءِ هينئين جو ڏڍ ثابت ٿئي ٿو. خاص ڪري جڏهن هن کي ڪنهن اهم ذميواري يا اڳڀرائي ڪرڻ کان نجات ملي ٿي. ان ڪري اسان کي اهڙي صورتحال تعليمي ادارن به پڌري پٽ نظر اچي رهي آهي. اهڙا شاگرد جيڪي هوشياريءَ جي لحاظ کان منطق ۽ گرامر جي منجهيل سوالن کي نبيرڻ ۽ نکيرڻ ۾ تيزفهم ۽ ذهين آهن، اهي اوچتو ڪنهن معمولي سوال تي وات پٽي بيهي رهندا آهن. هونئن روزاني زندگي جي اٿ ويهه ۾هڪ معمولي بڻجي ويو آهي ته ڪنهن به اهم مسئلي ۽ مونجهاري تي راءِ ڏيڻ لاءِ ٺهيل ٺڪيل جواب هڪيا تڪيا ملندا، جيڪي ”پهاڪن“ جي شڪل ۾ موجود آهن ۽ آڳاٽي دور جي ڏاهپ ۽ ساڃاهه کي چٽو ڪري بيهاريندا آهن. حالانڪ اهي پهاڪا يا چوڻيون بنيادي طور غيرمنطقي، لچڪدار ۽ گهڻ پاسائين معنيٰ رکندڙ آهن، پوءِ به انهن کي ڪنهن به اختلاف ۽ تڪرار ۾ اثرائتي نموني دليل طور استعمال ڪيو ويندو آهي.
ڪنهن وقت ائين به ٿيندو آهي ته ملاگاسي بنهه عام سمجهه ۽ ساڃاهه کان به ڪورو ٿي پوندو آهي، پر انهن جي اندروني حس ۾ سوچ ۽ فڪر سانڀيل آهي ۽ اها نروار ٿيندي آهي جڏهن کين قاعدن ۽ قانون جي حدن ۾رهندي آزادانه چرپر ۽ فيصلي ڪرڻ جا اختيار حاصل هجن. هونئن پراڻي دور جا ملاگاسي وڪيل گهڻي ڀاڱي قانون جي ڄاڻ ۾ اڻ گهڙيل ۽ لاپرواهه نظر ايندا آهن. هرهڪ ملاگاسيءَ کي شاعري ڪرڻ جو خفت ۽ سوداءُ هوندو آهي، جنهن ڪري کيس لفظن کي هيٺ مٿي ڪرڻ جو ڏانءُ هين ٽيني (Hain-Teny) جيان سيبائتي نموني اچي ٿو. ان کان علاوه ملاگاسيءَ ۾ هڪ ٻي اهم خاصيت هيءَ آهي ته اکين جي ڪوملتا وسيلي ٻئي ماڻهوءَ جي ارادي ۽ مقصد کي سولائيءَ سان ڄاڻي وٺندو آهي. جڏهن ته يورپين جي نظر ۾ اکين وسيلي ڪوملتا ۽ فرمانبرداريءَ کي محض مڪر ۽ فريب سمجهيو ويندو آهي ۽ ظاهر آهي ته اهڙي قسم جي سوچ پنهنجي جاءِ تي صدمي برابر آهي.
ائين ملاگاسي واسين لاءِ به يورپين جي اهڙي روش صدمي ۽ حوصلو پست ڪرڻ برابر هوندي آهي. ڇو ته هنن جي سوچ موجب يورپين اهڙا قاعدا ۽ قانون هن ملڪ لاءِ مڙهيا آهن، جيڪي سندن نظر ۾ خسيس ۽ تڇ هوندا آهن ۽ ڪڏهن ته پاڻ ئي انهن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کي ڪابه خامي ڪونه سمجهندا آهن.
ان ڏس ۾ ڊي¸ ويسٽر مِن (D. Wester Mann) جي ڪتاب (Noris et Blancs en A Frique)جي صحفي 6 4/4 5 تي بيان ڪيل لکت کي ڄاڻائڻ ضروري سمجهان ٿو. هن جي لکڻي مطابق ملاگاسيءَ ۾ هڪ ٻئي تي دارومدار/ ويساهه ڪرڻ جي حِس ۾ ڪا به ردوبدل اچي نه سگهندي. ڇو ته ”هن جي عملي زندگيءَ ۾ ڇوهائيءَ سان ٻرانگهون نه هڻڻ جو بنيادي ڪارڻ سماجي آهي ۽ نه وري انفرادي. هو گهڻي ڀاڱي عام ماڻهن جي راءِ کان ڳوڙهي نموني متاثر ٿيندو آهي. هن جو شعور، دراصل، جاتيءَ جي سهڪار ۽ هائوڪار سان واڳيل آهي. اهڙي طور طريقي جو واسطو گهڻي قدر روزمره جي وهنوار ۾به هجوم جي شڪل ۾ هڪ ٻئي کي تحفظ ڏيڻ سان سلهاڙيل آهي ۽ نه وري ڪنهن انفرادي عمل جو اظهار چئي سگهجي ٿو، جنهن ڪري ذاتي ذميواري کي ايڏو ڌيان لائق نه ٿو سمجهيو وڃي.“
انهيءَ صورتحال مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته، ٻيا آفريڪي، گروهه، قبيلا ڪهڙي ريت ملاگاسين جي ڀيٽ ۾ هڪ ٻئي سان جڪڙيل آهن. انهن ۾ ظاهري طور هڪ ڦلهڙو لڳ لاڳاپو نظر اچي ٿو، پر پنهنجي اباڻي ورثي سان مڪمل طور چنبڙيل آهي.
ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ملاگاسيءَ۾ اطاعت گذاري سانڀيل پر ساڳئي وقت منجهن پيشه ورانه شعور جي به اڻهوند آهي، پر ان جو مطلب ائين به نه ٿو ڪڍي سگهجي ته هن ۾ يورپين سان مقابلو ڪرڻ جو حوصلو ۽ همٿ ڪانهي. هن ۾ڪجهه اوگڻ آهن ته هو پنهنجي ذاتي لڳ لاڳاپن کي فوقيت ۽ مان ڏئي ٿو. ان جي برعڪس يورپين اهڙن طور طريقن کي عام رواجي حيثيت کان مٿي سمجهڻ لاءِ تيار ڪونه آهن ۽ ظاهر آهي ته جتي روايت ۽ ماڻهوءَ جو ڪوبه مان شان ڪونهي ته پوءِ ڪجهه به نه ٿو بچي. ها! فقط فرمانبرداري اختيارڪيو ته جيئن اوهان جو مالڪ راضي ۽ خوش هجي. اهڙي حالت ۾جڏهن اخلاقي قدرن کي پٺيءَ ڀر اڇلائي ڦٽو ڪجي ته پوءِ فطري طور سوچ ۽ ساڃاه جو به خاتمو اچي ويندو. ائين مجموعي طور سچ جي لاءِ مان مريادا جي جاءِ تي ذهن ۾ هڪ ئي نقطو هوندو آهي ته سامهون جيڪو بيٺل آهي، ان کي راضي ڪيئن رکي، ان ڪري سچ ڳالهائڻ بدران وقت جي مناسبت سان وقتائتي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. اها نرالي خاصيت ڪجهه ٻولين ۾ به موجود آهي، جهڙوڪ: لفظ ”هائو“ جي معنيٰ ظاهري طور بيهي ٿي: ”مان اوهان سان سهمت آهيان.“ جڏهن ته لفظ ”نه“ جو مفهوم بيهي ٿو: ”مان اوهان سان اتفاق نه ٿو رکان.“ ان کي سواليه نوع ۾ هيئن چيو وڃي ٿو: ”ڇا وسڪارو نه ٿي رهيو آهي؟“ جواب ۾ چيو ويندو، ”نه ڪو!“ ان جي معنيٰ هيءَ ٿيندي ته، ”هائو! وسڪارو نه ٿي رهيو آهي.“ هڪ ٻئي سان هم ڪلام ٿيڻ جو اهو انداز چٽو ڪري ٿو ته هڪ ماڻهو (ڪنهن به وٿ کي عيان ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي) ورتاءَ کي ٻئي جي آڏو نروار ڪري بيهاري ٿو.
بهرحال ڳالهه کي پڄاڻيءَ تائين پهچائڻ لاءِ، مان، دارومدار/ ويساهه جي پيچيده صورتحال جيڪا بنيادي طور ملاگاسين ۾ نيم ارتقائي ڪيفيت سان جڙيل آهي ۽ ان ۾ ايمان رکندڙ آهن (ان ۾ انهن ماڻهن کي به شمار ڪرڻ گهرجي جيڪي پاڻ کي مهذب سڏائين ٿا.)
اهڙيءَ ريت هڪ عام رواجي نموني طور الهام بابت سوچ ويچار چوڏس ڇانيل آهن. (جڏهن ٻِجَ استعمال ڪيا ويا، ڌڻي سڳوري انهن جي بي ترتيبيءَ سان هڪ ڀريل مُٺ کڻي ورتي. ظاهر آهي ته مٺ ۾ کنيل ٻج پوءِ اِڪي ۽ ٻڌيءَ جي انگن ۾هئا، جن مان هن هڪ يا ٻن کي هيٺ رکي ڇڏيو ۽ پوءِ انهن کي اڀريل اکرن وانگر گروهن جي صورت ۾ بڻايو. ائين هيڪر پهرين گروهه کي هيٺاهين ڏانهن اماڻيو ويو ته ٻئي کي ڪجهه منجهيل ۽ مبهم اصولن جي بنياد تي نروار ڪري بيهاريو ۽ تت وڃي هيءُ بيٺو ته جيئن فال ڪڍڻ وارو پَتن جي مدد سان قسمت/ آئنده جو حال احوال ٻڌائيندو آهي، ساڳي ترتيب مذڪوره سٽاءَ سان پڻ لاڳاپيل نظر پي آئي.)
ائين ڄڻ ته قسمت جي ليک کي بغير ڪنهن چون چرا جي قبول ڪيو پيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ ملاگاسين جي روش سمجهه کان عام طور ٻاهر هوندي آهي، جڏهن هو پنهنجي رٿابنديءَ ۾ بنا ڪنهن دليل جي ردوبدل آڻي ڇڏيندا آهن ۽ ان وقت هو ڪنهن وڏي منافعي تان هٿ کڻي تِڇ تي گذارو ڪرڻ ۾ به هرج ڪونه سمجهندا آهن. هونئن اهي ظاهري طور قسمت جي لکئي کي بنا ڪنهن چون چرا جي تسليم ڪندا آهن، ڪنهن به يورپيءَ جي آڏو ڪو نه ڪو عذر ۽ بهانو ڏيندا آهن جيڪو ان (يورپي) جي نظر ۾ فضول ۽ بڪواس هوندو آهي. جنهن ڪري عذر ۽ بهانو يورپين جي ڪاوڙ کي ڪنين تار ڪري ڇڏيندو آهي. هو اڃا به خوابن ۾ ملندڙ اشارن کي به اکيون ٻوٽي پيروي لائق ليکيندا آهن.
جادوگر مورڳو قسمت جي لکئي ۾ ويساهه رکندڙن کان جداگانه طرز جا مالڪ آهن. اهي اڪيلائي پسند ۽ عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پرانهان هوندا آهن. انهن جي مَن ۾ جيڪو ڪجهه ايندو آهي، ان مطابق عمل ڪندي خوف ۽ هراس جو ماحول اڀاري مورڳو مروج روايتن جو ليڪو لتاڙڻ ۾ ويرم ڪونه ڪندا آهن. ان جو هڪ ننڍڙو مثال هيءُ آهي ته رات جو گهگهه اونداهيءَ ۾ قبرستان وڃي جُهوليندا ۽ جهمريون پائيندا آهن. جادوگر ڪنهن کان انتقام وٺڻ خاطر پاڻ کي جيئرو دفن ڪرائيندو آهي. ان لاءِ ڪنهن مقبري جي چونڊ نه پر هو گس جي آسپاس دفن ٿيڻ لاءِ چاهيندو آهي، جيئن لتاڙ هيٺ اچي سگهي. سندس انهيءَ عمل کي ڄڻ ته پاڻمرادو عتاب هيٺ اچڻ چئي سگهجي ٿو. ائين کڻي چئجي ته اهڙي صدقي جي ٻڪري جيڪا انساني ويس ۾هوندي به بديءَ جي قوتن جو شڪار بڻجي وئي••••• پر ڇا سندس اهڙي عمل کي مڃتا به ملي ٿي؟ اهو هڪ اوکو سوال آهي. هونئن ظاهري طور ائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته جادوگر پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ وقت دارومدار جي سڀني لڳ لاڳاپن کان آجو هوندو آهي.
هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته هو انهن سڀني پابندين منجهان پاڻ کي ڪيئن آجو ڪري ٿو؟ ڇا هو ان لائق بڻجي وڃي ٿو جو پنهنجي دارومدار/ ڀاڙي ويهڻ/ تڪيو ڪرڻ واري سوچ کي هڪ تصوراتي/ خيالي جُز ڏانهن منتقل ڪري سگهي.
اهڙيءَ سگهه اسان ۾ به سانڀيل آهي؟ هن جي ”پيشه ورانه“ زندگي ايتري ته لڪل هوندي آهي جو خبر ئي ڪانه پئجي سگهندي ته هو ڪهڙي حساب ڪتاب سان جادوگر بڻيو آهي. عام طور سمجهيو وڃي ٿو ته هڪ ”ٽوڻا ڦيڻا“ ڪندڙ ايماندار ماڻهو پنهنجي اندر جي سگهه سان ”جادوگري“ جو ڪمال حاصل ڪري سگهي ٿو پر الوهيت ۾ ويساه رکندڙ اهڙي سوچ کي رد ڪن ٿا ۽ ان کي محض هڪ آزمائش يا لاڙي کان وڌيڪ ڪونه سمجهن ٿا. بهرحال مطلب ته جادوگر جي ڪردار کي ڪنهن به ريت ”جادو“ جو ماهر ۽ ڄاڻو سمجهڻ بدران بديءَ جو واس گهر ڄاتو وڃي ٿو. هن متعلق ائين به چيو وڃي ٿو ته هو زهر جو سوداگر وڌيڪ آهي ۽ نه وري ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو وسيلو.
جيتوڻيڪ ملاگاسي ۽ اسان ڪڏهن به انهن ٻنهي عنصرن يعني زهر ۽ ڇوٽڪاري ۾ چٽي نموني فرق ڪري ڪونه سگهيا آهيون. ان هوندي به جيڪڏهن ڪنهن ويساه جوڳي اصو ل کي ذهن ۾ رکي تڪ تور ڪبي ته ملاگاسي جادوگر بابت چئي سگهجي ٿو ته هو پاڻمرادو ئي بديءَ جو پرتو ٿي اڀري ٿو ۽ اهو خيال ۽ عڪس کيس پڻ بيخود بڻائي ڇڏي ٿو. جادوگر پنهنجي سڃاڻپ جو لاڳاپو ئي تصور يا عڪس جي معرفت ڄاڻائيندو آهي ۽ سندس سماجي ڦهلاءَ (جنهن ۾ مذهبي رسمون ۽ ٻيا ٽوڻا ڦيڻا اچي وڃن ٿا) ڄڻ ته سڃاڻپ جو اهڃاڻ بڻجي جاتيءَ/ نيات ۾ پيهي وڃڻ جو وسيلو بڻجي سگهندا آهن. ان سموري ڪارگذاريءَ کي حتمي طور هڪ انومان/ قياس جي ذمري ۾به ليکي سگهجي ٿو. ملاگاسي جادوگر جي جداگانه طرز کيس گهڻي ڀاڱي ٻين ڦيڻا ٽوڻا ڪندڙ ۽ ڀوپن کان منفرد حيثيت بخشي ٿي.
مان پنهنجي بنيادي موضوع ڏانهن وران ٿو. اصل ۾ ملاگاسي پنهنجي تڪيو ڪرڻ/ ڀاڙڻ واري شخصيت طور جڏهن هڪ آزاد شخصيت سان منهن مقابل ٿئي ٿو، جهڙوڪ نوجوان يورپي سان ته پوءِ هن لاءِ اهو اجنبي رستو اختيار ڪرڻ ڪنهن حد تائين ڏکيو ۽ اڻانگو بڻجي پوي ٿو.
هونئن اٿندي ئي ملاگاسين جي نظر ۾ هڪ فرضي مهم جوئي ۽ ان سان مطابقت رکندڙ سرگرمين کي گهڻي ڀاڱي سچو ۽ تز ڄاتو ويندو آهي. ان لحاظ سان هنن جي سوچ مطابق يورپين ۾ روح نالي سان ڪا وٿ موجود ئي ڪانهي. اهو هڪ قسم جو سندن ويساهه آهي، جنهن لاءِ ڪنهن به دليل ۽ انگن اکرن جي ضرورت محسوس ڪانه ڪئي ويندي آهي. هنن جي راءِ مطابق اهو هڪ اهڙو پاڻ هرتو اعتبار آهي جيڪو روح جي اونهائي ۾ سانڀيل آهي. مطلب ته ملاگاسين جي خيال ۾ جيڪي ماڻهو روح جي طرز ۽ رمز کان محروم آهن، سي لازوال ٿيڻ جي سگهه ۽ شڪتيءَ کان وانجهيل ۽ ڪورا آهن.
اها پڻ حقيقت آهي ته ملاگاسين جي سوچ موجب روح جو ڪنهن ٻئي عنصر تي دارومدار/ تڪيو آهي. ان لاءِ ضروري مذهبي ريتن رسمن کي مڃتا ڏيڻ سان گڏوگڏ عزت ۽ مان لائق سمجهيو وڃي. ڇو ته انهن جي طفيل ئي ڪٽنب ۽ قبيلي ۾اتحاد ۽ ايڪتا قائم رهندي. اهي سڀئي ريتون رسمون ڪنهن به ماڻهوءَ جي فوت ٿيڻ پڄاڻان سندس پونئرن وٽ سپنن جي صورت ۾ نئين سر نروار ٿينديون.
ملاگاسي پنهنجي انهيءَ راءِ کي وڌيڪ وزنائتو ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏيندي چوندا آهن ته يورپين ۾ اهڙين رسمن جي اڻهوند سبب کين پنهنجي مري ويلن لاءِ ڪابه ديني سوچ ڪانه هوندي آهي، نه وري ڪنهن سفيد بدروح جي آمد جي اوسيئڙي ۾هوندا آهن. ڇو ته اڇي چمڙيءَ وارو ڪنهن به ساڃاهه کان خالي آهي. ان ڪري جيڪا مرضي پوندي اٿن سو رستو اختيار ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته اُهي روح کان محروم هوندا آهن يا وري کين اباڻي اڪير ۽ سڪ نه هئڻ برابر هوندي آهي. ان جي ابتڙ مالاگاسي واسي جي تشريح ۽ ڇنڊڇاڻ جو جداگانه انداز هوندو آهي. مان ان ڏس ۾ ڪنهن ملاگاسي کان ڪونه پڇيو آهي ته سندس سپنن ۾ اڇي چمڙيءَ وارو به ڪڏهن آيو آهي. جيتوڻيڪ ان صورتحال کي قطعي ۽ آخري چوڻ مناسب ناهي، پر پوءِ به ڪوبه ملاگاسي ڪنهن به يورپين جو خواب اچڻ جو تصور به ڪري ڪونه ٿو سگهي.
ملاگاسي گهڻو تڻو، اڇي چمڙيءَ واري جي احساس ڪمتريءَ جي ڪيفيت کان واقف آهي. ساڳي ريت اڇي چمڙيءَ وارو پڻ پنهنجي مخالف يعني ملاگاسي جي تڪيو ڪري ويهڻ واري خصلت متعلق ڀلي ڀت ڄاڻ رکي ٿو. ملاگاسي محسوس ڪري ٿو ته سفيد چمڙيءَ واري ماڻهوءَ ۾ هڪ شڪتي سانڀيل آهي، جيڪا کيس ردوبدل لاءِ اڀاريندي رهي ٿي، هو سدائين نواڻ لاءِ جاکوڙيندو رهي ٿو ۽ اڻ کٽ مطالبا ڪندو رهي ٿو ته جيئن وڌيڪ حاصلات ممڪن ٿي سگهي.
هو، اڇي چمڙيءَ واري جي احساس ڪمتريءَ واري اوگڻ کي سمجهندي به پاڻ کي تڪئي ڀاڙي ويهڻ جي ڪارج کان گهڻي ڀاڱي آجو ڪري نه سگهيو آهي ۽ ڪنهن ۾ته اها خاصيت مورڳو اٿاهه نظر ايندي آهي. اهڙي وقت سندس ٻيا ساٿي ۽ دوست چوندا آهن ته هو ان طلسم منجهان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي. ان طلسم منجهان آجو ٿيڻ جي معنيٰ ۽ مفهوم کي عام اصطلاح ۾ فوشربازي چئي سگهجي ٿو. ڇو ته ڪوبه ملاگاسي محض هٿ پير هڻڻ جي وهنوار ۾ رڌل رهي ٿو ته ڪوبه ڪارائتو ۽ دلجمعي جهڙو لاڀ حاصل ڪري نه ٿو سگهي.
ان لاءِ ضروري آهي ته ملاگاسي کي شروع ۾ ئي پنهنجي ماحول منجهان کنڀي ٻاهر کڻي وڃجي ۽ يقين سان چئي سگهجي ته جيڪڏهن هڪ ملاگاسي جو ٻاراڻي اوسٿا ۾ ئي يورپي ماحول ۾نپاڄ ڪيو وڃي ته سندس شخصيت ۾ يورپي سڀاءُ پيدا ٿيندو. هتي پوءِ به سمجهڻ گهرجي ته اهڙو ماڻهو ملاگاسي نالي ماتر هوندو، ان ۾ يورپي طرز جا سڀئي مونجهارا هوندا. ائين ظاهري طور سندس جسماني بيهڪ، ڪجهه لڇڻ ۽ رويو جوش ۽ جولان يا وري نسلي ڪردار جو جٽاءُ به ساڳيو نظر ايندو، پر ان هوندي به ويساهه ڪرڻ محال هوندو.
اهڙيءَ ريت حاضر صورتحال ٻين جي ڀيٽ ۾ مختلف هوندي آهي ۽ اهڙا کوڙ سارا مثال موجود آهن، جيڪڏهن ڪنهن ملاگاسيءَ کي ٻالڪپڻ جي بدران جوانيءَ جي اوسٿا ۾ يورپي ماحول ۾ ڇڏيو وڃي ته به سندس شخصيت جي مٿان ڇانئجي ويندو. جيڪڏهن ملاگاسي سڃاڻپ کي کڻي ترڪ ڪري ڇڏي ۽ ڏيک ويک ۾ مڪمل يورپي نظر اچي، پوءِ به سندس اصلوڪي سڃاڻپ ختم ٿي نه سگهندي ۽ اها ڪنهن نه ڪنهن ويس بدل جي صورت ۾ نظر ايندي. هو جڏهن به پنهنجن ماڻهن ڏانهن موٽ کائيندو ته سندس ترڪ ڪيل سڃاڻپ جي حس اباڻي ماحول ۾ سجاڳ ٿي پوندي.
پوءِ به ان ماحول ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ هن کي گهٽ مان ۽ عزت ملندي ۽ ان جي ردعمل ۾ منجهس شعوري لاشعوري طور نفرت ۽ ڌڪار جا سلا اڀرڻ لڳندا. ائين هڪ اهم نقطو عيان ٿي بيهي ٿو ته ديسي ملاگاسِين کي پنهنجي ديسي ماحول ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڇڪ پيدا ٿئي ٿي، جيڪي مڪمل طور يورپي وايومنڊل ۾ رڱجي ويل آهن. ان اميد ۽آسري سان ته فرينچ ۽ ملاگاسي دوستي ۽ لاڳاپي کي وڌيڪ مضبوط بڻائجي. ان حالت ۾ هو مروج سماج ۾ آسائش محسوس ڪندي به ذهني طور بيمار محسوس ٿيندا. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪي به ناڪاميون ۽ نامراديون سندن چوڌاري گڏ ٿيڻ لڳنديون سي سندن نسلي تفريق کي ڪمزور ڪنديون.
ائين جيڪڏهن يورپي رنگ ۾ رڱجي ويل مالاگاسي پنهنجي ڏيهي سڃاڻپ کي به ترڪ نه ٿو ڪري ۽ يورپي رنگ سان چنبڙيل رهي ٿو ته پوءِ هن لاءِ صرف ارادي جي پختگي ۽ قابليت ڪافي ناهي، ان لاءِ لازمي آهي ته هن جي آڏو يورپي يا ملاگاسي ماحول رنڊڪ بڻجي نه بيهن، پر هو جيڪڏهن پنهنجي فرض جي ادائگيءَ ۾ ناڪام ٿئي ٿو ته سندس يورپي سڃاڻپ محض نالي ماتر وڃي رهندي ۽ اسان جو اهو ”مهذب ماڻهو“ ته ڏسڻ ۾ ايندو پر يورپ جي اجائي ڏيک ويک جي تصوير بڻجي پوندو. اهڙو ڪٽرپڻي سان ڀرپور نماءُ ئي بنيادي طور آڪڙ ۽ وڏائيءَ جو ڪارڻ ٿئي ٿو.
اهڙيءَ حالت ۾ اُهي سچائيءَ جو مشاهدو ته درست نموني ڪري سگهندا، پر سندن تشريح/اپٽار جو طريقيڪار اڻ وڻندڙ هوندو. اهو سڀ ڪجهه آڪڙ ۽ وڏائيءَ ۾ ڀرجي وڃڻ جو سبب آهي، جنهن ڪري يورپي ڏانءُ جي احساس ڪمتريءَ ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا. ان هوندي به ملاگاسي جيڪو پاڻ هرتو ٻهروپيو/ آهي، پوءِ به وڌيڪ بهتر درجو ماڻي ٿو. ائين گهڻي ڀاڱي جيڪو ڪجهه وهي واپري رهيو آهي ان کي تڇ جهڙو سمجهي پٺيءَ پاسي اڇلائڻ غلط آهي، ڇو ته اصلي ۽ حقيقي سڃاڻپ گهڻو وقت احساس برتريءَ جي ٻهروپي پردي جي پويان لڪائي نه ٿي سگهجي.
اهڙيون عادتون يعني آڪڙ، ٻهروپ ۽ ڪاوڙ، مجموعي طور ملاگاسين سان ڪڏهن ڪڏهن چنبڙي پونديون آهن، پر سچ پچ ته اها هڪ وڏي غلطي پڻ آهي. ان جو اهم ڪارڻ هي آهي ته هو هروڀرو پاڻ کي معتبر بڻائڻ لاءِ يورپي بڻجڻ جي خفت ۽ سوداءَ ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا، پر جڏهن کين ڪجهه به پلئه ڪونه پوي ته مذڪوره عادتون کين وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي وڃن ٿيون. بدقسمتيءَ سان صورتحال هينئن ظاهر ٿي آڏو اچي بيٺي آهي ته، مڊگاسڪر ۾ يورپي بڻجڻ جو خفت ڪنهن خاص ڪاميابي ماڻڻ جي برعڪس ناڪاميءَ ڏانهن روان دوان آهي. اهو طرز حيات گهڻي ڀاڱي يورپ ۾ ئي ڪامياب آهي. ڇو ته يورپي سماج ۾ رنڊڪون ۽ مداخلت نالي ماتر آهي. جڏهن ته ملاگاسيءَ جي شخصيت اڃان تائين زور بار جي اثر کان آزاد ڪانه ٿي سگهي آهي.
اهڙو ملاگاسي، اسان لاءِ فرينچ¸ ملاگاسي سنگم لاءِ وڌيڪ سودمند ثابت ٿي سگهي ٿو، جيڪو پنهنجي ملاگاسي سڃاڻپ کي جيئرو رکڻ ۾ ڪوبه عيب ۽ عار محسوس نه ٿو ڪري ۽ نه وري پنهنجي حيثيت کي لڪائڻ لاءِ جُهد ڪري ٿو. ان لحاظ کان هڪ سچائي اسان جي آڏو نروار ٿي اچي بيهي ٿي، جيڪا پاڻ کي تعليم جي مروج طور طريقن تي نظرثاني ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي ٿي. ان لاءِ هڪ ئي طريقو آهي ته پنهنجي سوچ کي ٻين جي مٿان ٿاڦڻ جي سوداءَ کي ترڪ ڪري عام ماڻهن سان فڪر ۽ ساڃاهه کي ترقي ڏيارڻ ۾ مدد ڪيون. ڇو ته، جيڪڏهن اسان هروڀرو سندن شخصيت کي زيربار رکڻ جي ماليخوليا ۾ ورتل رهنداسون ته پوءِ اهڙي سلوڪ جي نتيجي ۾ صورتحال ۾ ڪابه ڦلدائڪ ردوبدل ڪانه ايندي.
هتي هڪ ڳالهه ڌيان طلب آهي ته جيئن ئي يورپي طرز حيات جي رنگ ۾ رڱجي ويل ملاگاسي واپس پهچڻ شروع ٿيا ته ان سان گڏوگڏ جهيڙا جهٽا عام ٿي ويا. انهن ۾هڪ ته اهي هئا جيڪي مڪمل طور يورپي ماحول ۾ جذب ٿي پنهنجي ديس واسين کان ڇڄي ڄڻ ته اوپرا ۽ اجنبي بڻجي چڪا هئا. ان جي ابتڙ اهي جيڪي اڌوگابرو يورپي اثر هيٺ هئا، انهن جي ڀڙڪائڻ سان گوڙ گهمسان ۾ واڌارو ٿيو. انهن ماڻهن جي چُرچ سان ئي يورپين لاءِ نفرت ۽ ڌڪار جا دروازا کلي پيا.
هڪ ڪيليبين چوڻيءَ مطابق:
تون مون کي ٻولي ته سيکارين پيو،
پر منهنجو حق ڏيڻ کان ڪن لاٽار ڪرين پيو،
مون کي سُڌ آهي، لعنت ملامت ڪرڻ جي•••••
جيتوڻيڪ اهي سٽون پنهنجي بيهڪ ۽ جوهر ۾ سچائي ۽ سادگيءَ جو اعليٰ نمونو آهن، پر هتي اهو به سمجهڻ گهرجي ته مالاگاسي ڪيليبين طرز جا وحشي ڪونه آهن، جيڪي غيرتعليم يافته جبلت جا مالڪ هئا ۽ نه وري اهي پاڻ ايترا غريب آهن جو سٺي ٻج جي پوکائيءَ جو شعور هوندي به فصل خراب لهي، جيئن پروسپرو (Prospero) جو خيال هو. اصل ۽ سچو پچو دليل ته پاڻ ئي چوي ٿو:
جڏهن تون پهريون ڀيرو ظاهر ٿيو هئين،
تون منهنجي دل ۾ پيهي ويو هئين،
مون کي ديوانو بنائي ڇڏيو هُيئه••••
۽ پوءِ توسان پيار ڪرڻ لڳس••••
ان کان اڳ جو مان تنهنجي همسري ڪري سگهان.
تو هٿ کسڪائي ورتو••••
ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب هيءُ بيهي ٿو ته، تو ئي مون ۾ تڪيو ڪرڻ/ڀاڙڻ جي خصلت پيدا ڪئي ۽ مان خوش و خرم رهندو آيس، پر پوءِ تو ويساه گهاتي ڪئي ۽ مون کي احساس ڪمتريءَ جي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو. انهيءَ حالت ۾ اسان جي مٿان فرض بڻجي ٿو ته اسين اهڙي ڇت ڪتائيءَ جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪيون جنهن جو اظهار ڏيهي ماڻهوءَ سانده ڪندا رهن ٿا، ڇو ته ”تهذيب يافته“ بڻجڻ جو سلسلو اڌوگابرو ۽ اڻپورو رهجي ويل آهي.
ان جي برعڪس، ملاگاسي جنهن جي شخصيت/ سڃاڻپ نه ڪنهن اثر هيٺ هئي ۽ نه وري کيس نقلي نقاب پاتل هو. مطلب ته ان پنهنجي اصليت: تڪيو ڪرڻ/ تابعدار رهڻ واري جبلت کي جيئرو جاڳندو رکيو آهي، اهو ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي ورتاءُ وسيلي يورپين خلاف دشمني ۽ حقارت جو شڪار نه ٿيو. هاڻوڪن تازن فسادن دوران اهڙا ڳپل مثال موجود آهن ته جن به ملاگاسين ٽڙيل پکڙيل يورپين کي قتل ڪيو، انهن ٻڌايو ته جيڪي ڪجهه به ڪيو ويو ان جي پوئتان اصل ڪارڻ سندن چڱا مڙس آهن، جن ان ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ کانئن حلف وفاداري ورتو هو ۽ هنن ڪنهن نفرت ۽ ڌڪار جي اثر هيٺ اها ڪارروائي نه ڪئي هئي.
ان تشدد آميز انقلاب جي ابتدا ۾ ئي جيڪي به قتل جا واقعا ٿيا انهن کي ظلم ۽ بي واجبي ڄاڻايو ويو. جيتوڻيڪ ان وقت اسان کي اڌوگابري معلومات ملي رهي هئي ته ڇا وهي واپري رهيو آهي پر اڳتي هلي جيئن ئي تفصيل وار خبرچار ملڻ لڳي ته ان منجهان محسوس ٿيڻ لڳو ته اهو سڀ ڪجهه لاشعوريءَ طور هڪ ايذاءُ پسندي جو سلسلو هو. اڃا به ٿڌائيءَ ٿهرم سان جانچ جونچ ڪرڻ سان ڄاڻ ملي ته هرهڪ واقعي کي ٽوڙي مروڙي ۽ وڌائي پيش ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي وئي، جيڪو ڪنهن به حالت ۾ ڏسي وائسي عمل ڪرڻ چئي نه ٿو سگهجي. ان حد تائين جو افواهن جي اهڙي بازار گرم ڪرڻ ۾ پوليس آفيسر به سرگرم نظر پي آيا. اهي ڪنهن به سرڪاري حڪمت عمليءَ جي پيروي ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ذهني ايذاءُ پسنديءَ جي جبلت جي پوئواري ڪري رهيا هئا. تحقيق ته انهن ظالماڻن حرڪتن کي محض ملاگاسين جي کاتي ۾ داخل ڪري هڪ طرفي راءِ ڏيڻ پڻ وڌاءَ ڪرڻ برابر آهي. ساڳي ريت يورپين پاران ڪيل ڏاڍاين کي به ساڳي ئي تناسب سان رپورٽن وسيلي چاڙهي پيش ڪرڻ ۾ وسئون ڪونه گهٽايو ويو.
هوڏانهن وڪيل/ ائڊوڪيٽ صاحبان جيڪي ملاگاسين جي بچاءُ ۾ ڪورٽن ۾ پيش ٿي رهيا هئا، اهي قيدين سان غيرانساني سلوڪ بابت واڪا ڪري رهيا هئا. ان کان علاوه پنهنجي اصيلن کي صلاح ڏيندي سمجهائي رهيا هئا ته اهي ڪنهن به حالت اوستائين ڏوهه نه باسين، جيستائين هنن جي خلاف ڪو پڪو پختو ثبوت پيش نه ڪيو وڃي. پر ٻئي پاسي ڏانهن عجيب و غريب نظارو ڏسڻ ۾ پي آيو ته اهڙن يورپين جن ڏاڍايون ڪرڻ ۾ سڌي اڻ سڌي طرح حصو ورتو هو، انهن ڊاڙن ۽ ٻٽاڪن سان آسمان مٿي تي کڻي ڏنو هو ۽ کين ڪابه سمڪ ۽ ساڃاهه ڪانه هئي ته جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهن ان جي موٽ کين سخت اثرائتي ملندي. ڇو ته کين خبر ئي ڪانه هئي ته اهڙين ٻٽاڪن کي عام رواجي ايذاءُ ڏيڻ کان وڌيڪ دهشت پيدا ڪرڻ ۽ ذهني صدمو ڏيڻ جهڙو قبيح گناه ليکيو ويندو (پر ان طرز جي فسيٽن جو ڪنهن به اثر ٿيڻ جو امڪان گهٽ هو، ڇو ته گهڻو ڪري سڀني قيدين جا بيان اڳواٽ تيار ڪري رکيا ويا هئا، محض سندن دستخطن ڪرڻ واسطي!)
هتي هڪ مَنَ ۾ ڪانڊاريندڙ ۽ نسلي امتياز واري واقعي جو ذڪر ڪرڻ ضروري لڳي ٿو. هڪ ظالمانه رتوڇاڻ جي ثبوت ملڻ کان پوءِ جانچ جي ڍونگ وسيلي اهڙي نفرت جوڳي وهنوار کي پوليس عام رواجي قرار ڏئي دٻائي ڇڏيو. انهيءَ هيڏي ساري واقعي جا ثبوت انهن ذهني مريضن جي معرفت پڌرا ٿي مٿي آيا، جيڪي مذڪوره قهري ڪارروائيءَ ۾ جانچ پڙتال جي عمل منجهان لانگهائو ٿيا هئا. اهي هونئن ته ظلم ۽ جبر جي اهڙي وارتا کي سچو ۽ حقيقي ڄاڻائڻ ۾ ويهن ننهن جو زور لڳائي رهيا هئا، جيتوڻيڪ نويڪلائيءَ ۾ ان کي معمولي ۽ تڇ جهڙو سمجهي رهيا هئا. اهڙي جبلت کي ايذاءُ پسنديءَ جي سوچ يا گمان به چئي سگهجي ٿو.
اهڙيءَ ريت دنگو فساد ڪندڙن جي کاتي ۾ جيڪڏهن جنسي ڏاڍائي، تشدد ۽ جارحيت جون ٻيون به گهڻيون ڪارروايون وڌيون وڃن ها ته به اچرج جهڙي ڳالهه نه هئي. انهيءَ حوالي سان هتي هڪ نوجوان ڪلارڪ جي دردناڪ موت جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. اهو نوجوان جيئرو ئي هو ته سندن پنهنجي هم نسل ڊاڪٽر آپريشن ميز تي کيس سوگهو ٻڌي چير ڦاڙ ڪئي. ان مظلوم انسان کي جيئرو رکڻ ۽ عذاب ڀوڳڻ لاءِ ڪافور جو تيل رڳن ۾ سُئيءَ وسيلي داخل پي ڪيو ويو.
(مان هتي وڌيڪ تفصيل بيان ڪري نه ٿو سگهان) جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه کي اجايو سجايو چوٽ تي چاڙهي پيش ڪيو ويو پر ماڻهن ۾ ايڏو ته جنون ۽ نفرت ۾ اضافو اچي ويو هو، جو اهي اکيون ٻوٽي مٿي ڄاڻايل ڪهاڻي کي سچو ۽ حقيقي سمجهي رهيا هئا پر يورپي اهڙي ڳالهه کي واهيات ۽ ڳالهه مان ڳالهوڙو بڻائڻ واري حرڪت کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه هئا. ان ڪيس بابت نيٺ ڇهن مهينن کان پوءِ انڪوائري شروع ڪئي وئي. آخرڪار پڌرو ٿيو ته ڏيهي ڊاڪٽر جيڪي ڪجهه ڪيو هو، سو پنهنجي مالڪ کي دنگو فساد ڪندڙن جي قيد مان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪيو هو. هن افواه پکيڙي ڇڏيا ته جيئن مالڪ کي ڀڄائڻ ۾ مدد ڪري سگهي. ان ڳالهه جي پڌري ٿيڻ کان پوءِ سرڪار پاران ڊاڪٽر کي انعام ڏنو ويو. ان هوندي به چئي سگهجي ٿو ته اهڙيون ڪجهه سخت گير وارتائون ٿيون هيون، جن ۾ گهڻي ڀاڱي نرم مزاجي به اختيار ڪئي وئي هئي.
اهڙيءَ حالت ۾ جيڪي به ظلم ۽ جبر جون ڪهاڻيون غيرمصدقه ذريعن سان اسان تائين پهچي رهيون هيون، انهن بابت شڪ، شبهي کي رد ڪري نه ٿو سگهجي. ها! پوءِ به مڃڻوپوندو ته فسادين ۽ سندن ڏاڍاين کي مڪمل طور پٺي پاسي اڇلائي به عبث ٿيندو، ڇو ته ان ۾ ڪجهه نه ڪجهه سچائي ضرور هوندي، پر جيڪڏهن ملاگاسين جي ظلمن جي يورپين جي پاڻ هرتو بيان ڪيل داستانن سان ڀيٽ ڪبي ته اهي نظر ايندا. هنن جي پنهنجي مخالف ڏانهن ظالماڻي روش کي ”غيرتجربيڪار قاتل“ ۽ بيوقوفيءَ جي حد تائين گناهگار ليکي سگهجي ٿو پر هنن کي هڪ ماهر ۽ خالص ايذاءَ پسند ليکڻ وڌاءُ جي زمري ۾ ايندو. اهڙي ريت گهڻي ڀاڱي فساد ۽ فتني وارين حالتن ۾ اهڙي نفسياتي ڪيفيت کي بيان ڪرڻ محال آهي ته ڪهڙا عنصر ان دهشتناڪ حالت ۾ ملوث هئا يا وري انهن افسانن کي عرش تي چاڙهي ڇڏڻ ۾ ڪير حصيدار هئا جن جو بنيادي مقصد محض انهن ڳالهين منجهان لاشعوريءَ طور راحت ۽ سڪون حاصل ڪرڻ هو. جيتوڻيڪ، قتل ڪهڙي به صورت ۾ هجي سو پنهنجي جاءِ تي هڪ ظلم جي علامت آهي، ڇو ته ان جا آئيندي تي ڳوڙها اثر مرتب ٿين ٿا•••
اسان پنهنجي اندر ۾ امين بڻجي ڪاٿو لڳائي سگهون ٿا ته ملاگاسين سان ڪيتري حد تائين ظلم ۽ جبر جون آکاڻيون منسوب ڪري سگهجن ٿيون. اسان جيڪڏهن هڪ نقطي کي پرکڻ جي ڪوشش ڪيون ته اهي ڪيئن ڪفن دفن جي رسمن وقت هڪ ڍور کي قربان ڪندا آهن. اها رسم لاشڪ ته اسان جي نظرن ۾ ڌڪار لائق هوندي آهي، پر سندن طريقي کي هروڀرو ايذاءُ پسندي به نه چوڻ گهرجي. هو اهڙي حيوان کي ڏسي بيخود ٿي ويندا آهن جيڪو ستت ئي قربانيءَ جي رسم لاءِ ٻليدان ٿيڻ وارو هوندو آهي. اُهي سڀ کان پهريائين ڍور سان راند روند ڪندا آهن، پر اڳتي هلي جڏهن اها راند وڌيڪ سنجيده صورتحال اختيار ڪري ويندي ۽ ڍور پنهنجي بچاءَ لاءِ ڦوڪارا هڻڻ ۽ اکيون ڦوٽارڻ لڳندو آهي ته پوءِ اُهي ڪاوڙ ۾ ڀرجي، ڍور کي بڇڙو ۽ بدڪار سمجهندي قتل ڪرڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندا آهن.
اهڙيءَ ڪارروائي لاءِ اهي دليل ڏيندا آهن ته اهو خوشي وچان ٺينگ ٽپا ڏيندڙ جانور ان سزا جي لائق هو. هوڏانهن اسپين ۾ سانَ سان ويڙهاند کي بهادري ۽ عزت جي راند طور ڄاتو وڃي ٿو. ڇا انهن جي اهڙي مانائتي طور سڃاپڻ واري راند کي اسپين جي ريتن ۽ رسمن جو ڳٽڪو چوڻ ۾ عيب آهي؟ ان جي برعڪس ملاگاسي ڪلچر ۾ قربانيءَ جي ڍور کي سرڪش، بڇڙو، ڏنگو ۽ نافرمان ڄاڻائي پوءِ کيس ڪُهڻ جا سانباها ڪيا ويندا آهن. اهي سڀئي علامتون بنيادي طور ان خصلت کي اڀاري مٿي آڻين ٿيون، جنهن کي تابعداريءَ جي مونجهه ۽ نراسائيءَ جو جُز سمجهڻ گهرجي. ساڳيءَ ريت هوبهو اهڙي طرز جي نفسياتي سوچ سان واڳيل ننڍڙا ٻار به هڪ ڍور جي قربانيءَ جو سانگ رچائي راند ڪندا آهن. هڪ ٻارڙو، ڍور بڻجندو آهي ۽ سندس ٻيا ساٿي پهريان ته هلڪيون ڦلڪيون شرارتون ڪندا آهن ۽ اڳتي هلي تنگ ڪندا اٿس. انهيءَ مڪمل راند جو ذڪر ڪيئلئٽ (Cailliet) پنهنجي لکڻين ۾ تفصيل سان ڪيو آهي.
ان ڏس ۾ کوڙ ساريون ڪهاڻيون يورپي ماڻهن ۾ گردش ڪري رهيون آهن، جن مطابق سندن ذهن ۾ ملاگاسي متعلق هڪ خاڪو جڙي راس ٿيو آهي ته اهي ظلم ۽ انياءُ جهڙين حرڪتن جا ذميوار آهن. (مان اڳتي هلي سندن جنسي اياڻپ جو پڻ ذڪر ڪندس) سندن انهن ڏاڍاين جي ڪنهن به ترديد ڪانه ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن ڪئي وئي آهي ته گهڻو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ انهن مسئلن ۽ مونجهارن کي اڀاري مٿي آڻڻ وارن ذهنن جو هڪ ئي مقصد آهي ته ملاگاسي ۽ يورپين جي بداعتمادي جي وڌندڙ وٿيءَ کي اڃا به وڌائجي ۽ اهي اِن مقصد ۾ لاشڪ ته ڪامياب ٿي ويندا، پر پوءِ به سچ پچ ته هو گهڻي بدگماني پيدا ڪرڻ ۾ اڃا سوڀارا ڪونه ٿيا آهن، ڇو ته هنن (ملاگاسين) جي ذهن ۾ نفرت ۽ ڌڪار وڌائڻ لاءِ محض جڙتو ڪهاڻين جو سهارو ورتو ويو آهي ته جيئن ٻڌندڙن جي ذهنن ۾ مذهبي جوش ۽ جذبي کي بيدار ڪجي جيڪو اڳ ۾ دٻيل رهندو پي آيو.
هوڏانهن يورپي سوچ ۽ ويچار جي اڏام ملاگاسي جي ڀيٽ ۾ مختلف آهي ته حالتن کي هروڀرو ايڏو ڌيان لائق نه سمجهيو وڃي. ڇو ته جڏهن به حالتون سازگار ۽ معمول مطابق رهنديون اچن پيون ته يورپي پاڻ کي پرسڪون ۽ خوشحال سمجهندو رهيو آهي. ان جو مکيه ڪارڻ هيءُ آهي ته هو پاڻ کي مروج رسم رواجن جي لڪيرن کي سگهاري نموني اورانگهڻ ۾ ڪوبه عيب ۽ گناهه ڪونه سمجهندو رهيو آهي. ان جي اهڙي روش عام ملاگاسي جي نظر ۾ هڪ آقا ۽ محافظ جي طور اڀري آئي آهي. ان هوندي به يورپي بابت مالاگاسي جي اهڙي سوچ ۾ ڪا گهڻي ڦيرڦار ڪانه آئي آهي ته کيس قربان گاه تي تي اماڻڻ جو ذميوار يورپي ئي آهي. جيتوڻيڪ يورپي پنهنجي سلوڪ ۽ ورتاءُ متعلق ملاگاسي کي ڪيترائي دم دلاسا ڏيندو رهي ٿو، پر ان جو ڪو خاص اثر ڪونه ٿئي ٿو. ان ڪري ملاگاسي جي مَن ۾ جيڪي به اڌمو اُٿي ٿو سو ڪري وڃي پار پوي ٿو ۽ مجموعي طور هن جي پيش رفت يا چرپر بابت اڳواٽ ڪابه پيشن گوئي ڪرڻ محال آهي. ان ڏس ۾ هن جا ڪي به معيار ۽ ماپا ڪونه آهن، هن جا رويا ۽ ورتاءَ به غير معمولي آهن. هو اوچتو ئي هانءُ هاري ويهندو آهي، جيڪڏهن کيس گهربل ڦل نه ملندو آهي. حالانڪ ان ڦل جي حصول لاءِ موسم سازگار ڪونه هوندي آهي. هو هروڀرو هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه تي ضد ڪري بيهندو آهي ۽ ان جي مطالبي لاءِ زور ڀريندو رهندو آهي. ائين هو هڪ غلط مثال قائم ڪرڻ جي خفت ۾ غلطان هوندو آهي ۽ جيڪي به هدايتون کيس وڏڙن کان مليل هونديون آهن، انهن کي پٺي پٺيان ڪونه اڇلائيندو آهي. ها! هو هڪ لحاظ کان خوش بخت آهي ته طاقتور ۽ سگهارو آهي، پر جيڪڏهن ڪٿي ڪمزور ۽ نستو ٿي پوندو آهي ته پوءِ ٻيا ماڻهو پڇندا اٿس ته، ”اسان لاءِ ڇا وهي واپري رهيو آهي.“
ان ڪري هو سڀني مصيبتن جو ذميوار يورپ کي ڀائيندو اچي ٿو. ان حد تائين جو اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ، عام طور طريقن کان وٺي هڪ پسونءَ وانگر گذران ڪرڻ کي به افسانوي رنگ ڏيڻ ۾ ڪابه قباحت محسوس ڪونه ڪندو آهي. اهڙي طرز جي ڄاڻ يا سوچ کي ملاگاسي ڪنهن حد تائين قيمتي وکر سمجهي ٿو. جڏهن ته جيئن مان اڳواٽ به ذڪر ڪري آيو آهيان ته يورپ اهڙي ڄاڻ ۽ سوچ کي حيواني سماج جو هڪ حصو سمجهي ٿو. ان صورتحال ۾ به يورپي جيڪو ذهني طور احساس ڪمتريءَ جي ڪيفيت ۾ مبتلا آهي، سو ڄاڻ ۽ سوچ جي تشريح يا وضاحت اهڙي نموني ڪرڻ پنهنجو حق سمجهي ٿو، جيڪا سندس مفادن سان ٺهڪي اچي ٿي. هو اڻ سڌي طرح پنهنجي احساس برتريءَ واري حيثيت جتائڻ کي اعزاز سمجهي ٿو پر اصل ۾ حقيقت هيئن آهي ته هڪ مثالي ملاگاسي، اڇي چمڙيءَ واري ۾ دلچسپي رکندو اچي ٿو. ان حد تائين جو هو لاشعوري طور ان سان ڀيٽ ڪرڻ جي خفت ۾ مصروف رهندو اچي پيو.
اصل ۾ هو ڪنهن به ڀيٽ يا مشابهت ۽ احساس ڪمتريءَ کان وانجهيل جبلت جي باوجود، ساڳي وقت مطيع/ تابعداري رهڻ جي روش سان لاڳاپيل رهندو اچي پيو. اهڙين حالتن پٽاندڙ ائين چوڻ ۾ سولائي محسوس ٿئي ٿي ته ابتدائي ”لهه وچڙ“ سلسلو ئي سڀ کان وڌيڪ ڪارائتو ثابت ٿيندو آهي. اهڙي مشاهداتي قوت رکڻ وارن منجهان ليوي¸ برهل (Levy- Bruhel) ٻڌائي ٿو ته ڏيهي ماڻهو پهريائين دارومدار رکڻ سان ڳنڍيل هوندا آهن ۽ جيڪڏهن اڳتي هلي کين پنهنجو حق نه ملي ته ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا آهن. ڇو ته اهڙي طرز جو ردعمل ڪرڻ هڪ شعوري اظهار جو جذبو ۽ جوش آهي.
اهڙي ريت محض سماجي حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان ان سچائيءَ تائين پهچڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي جيڪا تابعداري/ڀاڙي ويهڻ جي ٻه طرفي ڪيفيت کي وائکو ڪري بيهاري ٿي. جيڪڏهن مالڪ وٽ ڪوبه نوڪر آهي ته ساڳي وقت نوڪر کي به هڪ مالڪ آهي. جيتوڻيڪ هو، هن سان ساڳي ڀيٽ ۾ شمار ڪري نه ٿو سگهجي. ان جي باوجود هن کي جيڪي ڪجهه ملي ٿو رضا تي راضي رهي ٿو. انهيءَ ڏس ۾ ميڪنزي سنئون سڌو مسئلي کي مونجهاري جي ڄار منجهان ڇڏائيندي چوي ٿو: ”هاڻي تون منهنجي لاءِ ڄڻ ته، اڇي چمڙيءَ وارو آهين.“
اهو ساڳيو ئي نقطو ڪنهن حد تائين يورپيءَ جي شاهاڻي ۽ دٻدٻي واري نفسيات ۽ روش جي متعلق به درست آهي. هو (ملاگاسي) سادگيءَ جي حد تائين چالاڪ ۽ پنهنجي مالدار مربي جي نالي ۽ نشان سان ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا ۽ اهي فرمانبردار هئڻ جي حيثيت ۾ ڪابه قباحت محسوس ڪونه ڪندا آهن. ها پر جيڪڏهن سرپرست/ مربي ماڳهين کيسي خالي هجي ته پوءِ سوڙهه ۽ بيقراريءَ ۾ پريشان ٿيندا آهن. اهو ئي ”تابعداري“ جي عنصر ۾هڪ اهم نفسياتي نقطو آهي. انهيءَ ڏس ۾ پڙهندڙ حضرات ڪيترائي مثال رابرٽ ڊُيوري (Robert Dury) جي 1729ع ۾ ڇپيل جرنل منجهان حاصل ڪري سگهن ٿا. جنهن زماني ۾ رابرٽ ڊيوري مڊاگاسڪر ۾ جهاز تباه ٿيڻ کان پوءِ رهندو هو ته ملڪ جي مختلف علائقن جا اڌوگابرا/نيم بادشاه هر وقت ان خفت ۾ ورتل هوندا هئا ته اڇي چمڙي واري ماڻهوءَ کي مڪمل طور پنهنجي قبضي هيٺ ڪيئن رکي سگهجي ٿو. هو ان قسم جي قبضي کي پنهنجي لاءِ قيمتي وکر ليکيندا هئا، پر اڇي چمڙيءَ واري جي نظر ۾ اهڙي قبضه گيري کي ڪوبه عزت ۽ احترام جو درجو حاصل ڪونه هو.
انهن لڳ لاڳاپن کي سمجهڻ پڻ محال آهي، ڇو ته اسان جي سوچ سدائين ابتي طرز سان جڙيل آهي ۽ اسين ان جي تشريح يا وضاحت به پنهنجن مفادن کي ذهن ۾ رکي ڪندا آهيون. (جهڙي طرح ماڻهن کي ذهن ۾ ويٺل آهي ته نوڪر سدائين مالدار ماڻهو وٽ نوڪري ڪرڻ کي ان لاءِ ترجيح ڏيندا آهن ته کين بخشش جهجهي ملندي، پر ان جي ابتڙ کين بخشش ڏتڙيل امير وٽان وڌيڪ ملندي آهي، ڇو ته هو پنهنجي ساک بحال ڪرائڻ لاءِ سرگردان هوندو آهي پر ان جي باوجود کيس ڌڪار لائق سمجهيو ويندو آهي.)
هوڏانهن نيم بادشاهه/ حڪمران ڪنهن به اچي چمڙيءَ واري کي پاڻ وٽ رکڻ جي جستجو ڪندا آهن ته هنن جي نظر ۾ اڇي چمڙيءَ وارا صاحب علم آهن. اسان جي لاءِ وري ڊيوري جو مخزن پڙهڻ ضروري آهي، ڇو ته ان جو مطالعو هڪ ته دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي ۽ ڀُل چُڪ کي چٽو ڪري بيهاري ٿو. اهي ماڻهو جيڪي ملاگاسين بابت مذڪوره راءِ جو اظهار ڪن ٿا سي بنيادي طور وڌاءُ ڪرڻ جي سوداءُ ۾ ورتل آهن ته اهي ڇو يورپيءَ سان پيچ اٽڪائي رهيا آهن. اهي ان سموري ڪيفيت کي محض اڻ تڻ کان وڌيڪ سمجهڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته يورپ جي مينوفيڪچر ٿيل مال کي ملاگاسي تجسس ۽ حيرانيءَ جي نظر سان ڏسن ٿا، پر سندن من ۾ اهڙي ڪابه هوراکورا ڪونه ٿي ڏسڻ ۾ اچي ته ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪن ته اهو وکر جڙي راس ڪيئن ٿو ٿئي. هونئن، ڊيوري هڪ چڱي يورپيءَ وانگر ملاگاسين کان سدائين سکندو رهيو، پر ان جي برعڪس انهن کي ڪجهه سکڻ لاءِ اڻ تڻ پيدا ڪونه ٿي. البته، هو سدائين هڪ ڀلوڙ يورپي وانگر کين سيکارڻ/ سکيا ڏڻ لاءِ هر وقت تيار هوندو هو.
هڪ ٻئي تي مساوي بنيادن تي ڀاڙڻ جو رشتو ناتو، جنهن موجب ملاگاسي سدائين ان ماڻهوءَ جو قبضو حاصل ڪرڻ لاءِ اتاولا رهندا اچن پيا، جن جا هو اڳواٽ ئي تابعدار آهن. اهڙي طرز جي سوچ سندن ڪمزور ۽ اونداهي نفسياتي بڻ بڻياد جي نشاندهي ڪري ٿي. ان حالت ۾ ضروري ناهي ته انهن جي سموري جبلت کي وائکو ڪري ڇڏجي، ان جي بدران مناسب سمجهان ٿو اشارن ۾ ڪم ٽپائي ڇڏڻ. مان اڳ ۾ پڻ ڄاڻائي آيو آهيان ته حيواني خصلتون رکندڙ ٻين جاندار جي ريتن رسمن بابت ڄاڻ رکڻ جو مقصد سندن وهنوار کان واقفيت حاصل ڪرڻ آهي.
هاڻي اسان هڪ ٻي اهم نفسياتي سچائيءَ ڏانهن اچون ٿا، جنهن ۾ ڪنهن به فطرتي وٿ جي عڪس بندي/ مورتي ۾ ويساه ۽ اعتماد جو واسطو آهي. انهن مورتين جي ويساه جي پوئتان پنهنجن وڏڙن جو عڪس لِڪل آهي. اڃا به ان عڪس اندر ۾ مٽن مائٽن جا نقش هڪ معصوم ٻالڪ وانگر نظر ايندا آهن. علم نفسيات جي ماهرن جي چوڻ موجب ته عزيزن اقاربن جي عڪس جو مطلب آهي ته انساني تصور ايندو آهي جنهن جي محاذ آرائي ٻالجتي جي عڪس سان اڻ ٽر بڻجي پوي ٿي. جنهن ڪري ڪنهن نه جوان جماڻ ذهن لاءِ فرار حاصل ڪرڻ جو هڪ ئي رستو وڃي بچي ٿو ته هو پنهنجي شخصيت جي محور جو قيدي يا خود پرستي ڏانهن رجوع ٿئي ٿو ۽ ٻين جي لاءِ ذهن ۾ سدائين خدشو رهندو اچيس ٿو ته اُهي سڀئي وڌيڪ خوشحال ۽ آزاد آهن. انهيءَ اڻ ڄاڻ يا اجنبي ڪيفيت کي مجموعي طور عڪس جو محور چئي سگهجي ٿو. اهو ساڳيو خدشو سندس ذهن ۾ ٻين جي لاءِ پڻ هڪ عڪس جيان والار ڪري وڃي ٿو. اوهان ڏٺو هوندو ته ٻارڙن کي سپنن يا ڊرائنگ جي مشق ڪرڻ مهل وَر وَر ڪري جانورن جا عڪس ڇانيل نظر ايندا آهن جيڪو ”ماءُ“ جي عنصر کي چٽو ۽ واضح ڪري ٿو. ان ڪري هڪ ٻئي ۾ جذب ٿيڻ يا سمائجي وڃڻ جو امڪان ڪنهن به شڪ ۽ شبهي کان بالاتر سمجهيو وڃي ٿو. ائين اسان لاءِ عڪس/ تصور جي تشريح ايتري ته وسيع ۽ ذهن نشين ٿي پوي جو ان کي ذهن منجهان ميسارڻ جي لاءِ سوچ داخل به ڪونه ٿي سگهندي.
هونئن بنيادي طور اهڙو عڪس پرستيءَ جو تصور بنهه ميڪانيڪي اصول جو مخالف آهي. ڇو ته اهڙي علمي اصول جي تشريح ۽ سمجهاڻي هڪ فيلسوف جو ئي وڙ آهي جيڪو پنهنجي لکڻين وسيلي ماڻهن جي مسئلن ۽ مونجهارن کي اجاگر ۽ نروار ڪندو اچي پيو. هن جي عالمانه خصلت جو هڪ اهو جز آهي ته هو ظاهري ڏيک ويک کان متاثر ڪونه ٿيندو اچي پيو ۽ ان حد تائين جو شهزادي ايلزبيٿ بابت سوال ۽ آڏي پڇا به کيس وڌيڪ اتساهه بخشيندا آهن. انهن ميڪانيڪي راند جي رانديڪي ۾ به جيڪي احساس ٻرندي ۽ دليل جي چوگرد ڦيرا پائي رهيا ڇو ته ان طرز جو ورتاءُ فرد جي شخصيت کي غير موثر بڻائي ڇڏي ٿو. احساس برتريءَ جي دليل جهڙيون وصفون ماڻهن ۾ سانڀيل رهنديون اچن پيون. هتي هڪ نقطي بابت وضاحت ڪرڻ دلچسپي کان خالي ڪونهي ته ٻارڙا، عام جانورن کي مشين سمجهڻ جي بدران، مشين کي ئي هڪ جيئرو جاڳندو عنصر سمجهن ٿا ڇو ته مشين سدائين سولائي سان سندن واهپي ۾رهي ٿي. ائين ٻارڙن جي استعمال يا واهپي هيٺ ايندڙ شيون سندن نظر ۾ گهڻو تڻو مشينون آهن (جهڙوڪ: ٻاڦ جون انجڻيون، موٽر ڪارون ۽ هوائي جهاز وغيره) ساڳي طور آڳاٽي دور جا ماڻهو به ڪنهن مورتيءَ يا پتلي کي تصور يا عڪس وسيلي راند روند جو وسيلو پڻ سمجهندا هئا. ائين جيڪڏهن ٿورو ذهن تي زور ڏينداسين ته چٽو ٿي بيهندو ته انهن ٻنهي مذڪوره سوچن ۾نفسياتي پهچ هوبهو ساڳي آهي. ان ڪري تصوراتي ورتاءُ به ڄڻ ته ذهن ۾ ويٺل اهڙو عنصر آهي جنهن جي هئڻ جو ڪارڻ وري به جياپي ۽ زندگي سان لاڳاپيل آهي. ان جي پڌرائي پڻ اصلوڪي عڪس منجهان ئي نروار ٿئي ٿي. انهي عڪس جي الوپ ٿيڻ سان خود پرستي جو عنصر مغلوب ٿيڻ لڳندو.
ان حوالي سان اهو سڀ ڪجهه نفسياتي پس منظر جي حقيقت جي بلڪل ابتڙ آهي جنهن وسيلي هڪ سجاڳ ذهن جي پهچ يا رَسائي هوندي آهي. اهو هيئن ته هڪ سفيد چمڙي واري سان ڪوبه ملا گاسي پهريون گهمرو آمهون سامهون ٿيندو آهي ته ان بابت هڪ خاڪو ذهن ۾ ويهاري ڇڏيندو آهي. هاڻي اسان لاءِ ضروري آهي ته ان لڪل وٿ جي ڳولا ڪيون جيڪا اڳتي هلي (La Phsychologic du Hova) ۾ سمجهاڻي ٺاهوڪي نموني ڏني آهي. جنهن جو مان ڪجهه ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو جنهن ۾ هن سمجهائڻ لاءِ جتن ڪيو آهي ته ڪيئن سندس وڏڙن جي عڪس ۽ تصور تي ٻيااثر ۽ سوچون غالب ٿين ٿيون.
اهي سڀئي حالتون صاف ڪري بيهارين ٿيون ته هڪ ٻئي تي ڀاڙڻ/ دارومدار جي ڪيفيت جو واسطو ڪنهن به مشابهت جي عنصر يا پنهنجي ملهه ۽ ڪَٿ سان سلهاڙيل ڪونهي. اهڙي ريت اهڙو ڪوبه وسيلو/ذريعو ممڪن ڪونهي جنهن جي معرفت ڪنهن کي جاءِ ڏئي سگهجي. ها باقي خاص روش اختيار ڪرڻ جيڪا پنهنجي جوهر ۾ دارومداريت جي پڻ هڪ وصف آهي. اهڙي اوسٿا ايستائين ممڪن آهي جيستائين واسطا وڙا ۽ لڳ لاڳاپا نج ۽ خالص نوعيت جا هڪ ٻئي سان رهندا اچن ٿا. ڇو ته ائين هڪ ٻئي ڏانهن ذهني هم آهنگي ۽ تحفظ جو اڻ ٽٽندڙ ناتو قائم ٿئي ٿو. اصل ۾ اهو ئي هڪ منفرد ۽ روشن خيال طريقيڪار آهي جيڪو اڳتي هلي احساس ڪمتريءَ جي اونداهي ۾ غرق ٿيڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪارائتو ۽ ڪارگر آهي.
جڏهن هڪ يورپي ٻارڙو ”هوائي جهاز“ جي متبادل جي سمجهه ۽ سوچ کان ٻاهر نڪري ٿو ته پاڻ کي تصوراتي لحاظ کان پائلٽ سمجهڻ لڳي ٿو. هو حقيقي پائلٽن کي چلڪندڙ اکين سان ڏسي ۽ پسي ٿو پر انهن سان مشابهت ڪرڻ پاڻ لاءِ ضروري نه ٿو سمجهي ۽ ان سوچ وسيلي پاڻ کي احساس ڪمتريءَ جي پنجوڙن مان آجو ڪرائي ٿو. ان جي برعڪس هو پائلٽ جي مرتبي ماڻڻ کان اڃا به اڳڀرو ۽ اوچو سوچي ٿو. ان ڪري اڳتي هلي هُو پنهنجي سپني جي ساڀيان واسطي ابتدا ۾ هڪ پائلٽ جي پَد تائين رسائي ڪري ٿو. پر اهو دڳ هن لاءِ سندس اصل مقصد ۽ مراد ماڻڻ جو وسيلو بڻجي ٿو. هوڏانهن هڪ ملاگاسي گهڻي ڀاڱي ترت ئي پنهنجي سڃاڻپ ۽ مقصد کي ماڻي وٺي ٿو يعني ته دارومدار/ڀاڙي ويهڻ ڄڻ ڪپر تي بيٺل هڪ فرد آهي جيڪو احساس ڪمتريءَ جي پاتال ڏانهن روانگيءَ جو منتظر آهي ۽ ڪنهن به مهل الوپ ٿيڻ جي ويجهو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سندس ابتدائي ڏيک ويک جي پڄاڻي هڪ منفي ۽ ايذاءُ ڀريل نتيجي تائين پڄاڻي ڪري بيهي ٿي. ٻين لفظن ۾ چئجي ته ملاگاسي پاڻ کي هڪ سفيد چمڙي جهڙو سمجهڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ مَن جي پيڙا سڀ کان پهريان کيس پنهنجي سڃاڻپ جو احساس ڏياري ٿي ته پاڻ هڪ اهڙو انسان آهي. جيڪو اڳتي هلي ڪارن ۽ اڇن ۾ ورهايل آهي. پر جيڪڏهن ملاگاسي سان ويساهه گهاتي يا طوطا چشمي واري هلت اختيار ڪئي ويندي ته به پنهنجي سڃاڻپ تان هٿ کڻڻ کان نابري واري هُل هنگامو ڪرڻ پنهنجو حق سمجهندو. هو هڪدم مساوي حقن جي طلب ڪندو جيڪي اڳ سندس لاءِ ايڏا ڪمائتا ڪو نه هئا. هاڻي هن جي نظر ۾ مساوات ئي سڀني اهنجن ۽ ايذائن جو ترت علاج آهي. پر اڳتي هلي جڏهن هن کي محسوس ٿيندو ته مساوي طريقه ڪار به سورن ۽ عذابن ۾ جهڪائي ڪونه آڻي سگهيا آهن ۽ جيئن جيئن مساوات ڏانهن رجوع ٿيندو رهي ٿو ته اختلافن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو. ان کان پوءِ هڪ پيڙا ۽ عذاب جي حالت ۾ هٿوراڙيون هڻڻ لڳي ٿو پر نجات يا ڇوٽڪارو کائنس ڪوهين ڏور ٿيندو وڃي ٿو. اهوئي هڪ دکدائڪ رستو آهي جنهن تان هڪ ملاگاسي پنهنجي نفسياتي دارو مدار واري بار سان ڳهندو ۽ سهڪندو نفسياتي احساس ڪمتري ڏانهن هلندو رهي ٿو.
ان ڪري اسان جي مٿان ذميواري اچي ٿي ته ملاگاسي کي سمجهائڻ لاءِ جُهد ڪيون ته هن ۾ ڪهڙي ”وکر“ جي اڻ هوند آهي جنهن ڪري لاڀ حاصل ڪرڻ کان وانجهيل آهي. ان لاءِ هڪ اهم رستو آهي ته سندس گذر سفر جي وسيلن ۾ ڪهڙي طور طريقي سان واڌارو آڻي سگهجي ٿو ته جيئن پاڻ خوشحال زندگي گهاري سگهي. ان لاءِ جيڪڏهن محض سياسي، اخلاقي يا ڪجهه نفسياتي طرز جا طريقا ڪتب آڻينداسون ته ان جو اثر غير اهم معمولي ۽ فضول هوندو........ اسان جيڪڏهن ڪنهن شخصيت جي منهن مهانڊي کي نئين سر ملمعو چاڙهڻ جي ڪوشش ڪيون جيڪو ان جي لائق به نه هجي ته پوءِ پاڻ کي اچرج ۾ پوڻ جي ضرورت نه هئڻ گهرجي ته ساڳي هستي پنهنجا رنگ روپ ئي ٻيا ڏيکارڻ لڳندي. ائين ملاگاسي لاءِ به سمجهڻ گهرجي ته شروعات ۾ ته لڳ ڀڳ ساڳي مشابهت جهڙو رهي ٿو پر پوءِ اڳتي هلي تبديلي جي دور مان لنگهڻ شروع ڪري ٿو. ان سموري ڪار گذاري ۾ اسان جي هڪ اهم غلطي آهي ته شخصيت سان پنهنجو ورتاءُ ۽ هلت ڄڻ ته هڪ طفل مڪتب جهڙي روا رکون ٿا. جيتوڻيڪ انهن جو دماغ خالي هوندو آهي جيڪو ڀرجڻ لاءِ آتو هوندو آهي. اهڙا اسڪولي استاد جيڪي سمجهن ٿا ته ذهنن ۾ اڳواٽ ڪجهه به ڪونهي ۽ ڪنهن به ٻُڌ ۽ سڌ جي وسيلي داخل ٿيڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. ان جو مطلب ٿيو ته انساني ذهن جي يادگيرين ۾ ڪابه وٿ ۽ وکر مورڳو ڪونه آهي ۽ محض جيڪو ڪجهه هڪ استاد جي واتان، گوش گذار ٿيندو رهي ٿو ۽ يا وري اکين وسيلي ڪتابن منجهان حاصل ٿئي ٿو. ان تي کيس ويساهه ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي ۽ ائين جيڪي ڪجهه سندن ذهنن ۾ محفوظ ٿيندو رهي ٿو سو ڀلي ڪِنُ ڪهه ڄر ۽ نقصان ڪار هجي پر ٻوٽن وانگر پاڙون کوڙي وڃي ٿو. جنهن جي اڳتي هلي پاڙ پَٽڻ اڻ ٽر بڻجي پوي ٿي. اهڙي اسڪولي استاد جي جبلت يا سوچ يورپ جي مٿان لوهي لٺ وانگر گهمندي ڦرندي رهي ٿي جنهن يورپ جي گڻن ۽ اوگڻن کي دنيا آڏو پڌري پٽ ڪري بيهاريو. پر جيڪڏهن انهن اصولن کي ڌار ڌار شخصيتن سان لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته ان جي اثر هيٺ ڌاريائپ جو عنصر سگهارو ٿيندو ۽ يا وري ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ شخصيت جي سوچ ۽ هلت ۾ اصلاح يا ڦيرڦار نمودار ٿيندي. جنهن ڪري ڪجهه عنصر سهڪار يا جذب ٿيڻ ڏانهن رجوع ٿيندا ته ڪجهه وري دٻاءُ ۽ جبر جي زير اثر رهندا ايندا.
جيڪڏهن تعليم ڏيڻ جي سلسلي کي ان حد تائين محدود ڪيو وڃي ته بيٺڪ/ ڪالوني جي رهاڪن کي جديد طور طريقن سان ڄاڻ سڃاڻ ڪرائڻ آهي ته پوءِ اهو طريقه ڪار ڪارائتو ثابت ٿيندو ۽ انهن جي تهذيب کي نيست و نابود نه ڪندو. پر ان جي برعڪس ثقافتي بالادستي جي تعصب ۽ تنگ دلي جي غلاف ۾ ويڙهيل تعليم جو سرشتو ڪنهن به فرد/ شخص جي ذهني ۽ شعوري خدوخال کي ايترو ته بگاڙي ڇڏي ٿو جنهن جو ڪاٿو لڳائڻ محال آهي ۽ ڏٺو وڃي ته گهڻو ڪري اهڙوئي وهنوار هلي چلي رهيو آهي جنهن کان به شخص متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. ڇو ته جتي تعليم جو مقصد محض ڪتابي ۽ لڪير جي فقير تائين محدود هجي ته ان هوندي ڳانڍاپي جو باعث اهڙي سطحي تعليم ڪونه بڻجي سگهندي. ان هوندي به اسان کي ئي تعليم جو اهڙو طريقو ڳولي لهڻو آهي جيڪو انهن ٻنهي انتهائن جي وچ ۾ وک کڻڻ لازمي آهي ته ڪنهن جي به شخصيت کي غير ارادي طور/ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ زيرزبر ڪرڻ کان پاسو ڪيون.
انهي اهڙي طريقي جي پوئواري ڪرڻ سان پاڻ کي سڌ پوندي ته بذات خود ڪرستان مذهب به تابع/ ڀاڙي ويهڻ واري شخصيتن لاءِ ڪجهه ڪرڻ ۾ سودمند ثابت ٿيو آهي. ۽ ڪهڙيون ناڪاميون پڻ نروار ٿيون آهن.

[b]تابعداري جي دڙڪي هيٺ
[/b]هتي ماڻهو گهڻو ڪري ائين چوندا آهن ته کين اوستائين ڪابه ڄاڻ ڪانه هوندي آهي ته هُو پنهنجي سِر ڪا راءِ رکڻ جا حقدار آهن جيستائين کين غلط ڪار گذاري جو احساس نه ٿيندو آهي ساڳي ريت تابعداري جا لڳ لاڳاپا ته نشانبر ٿي اُڀري آيا آهن ڇو ته انهن جي نقصان ۽ بربادي جو احساس به وڌي وڻ ٿيو آهي. اهڙا فرد جيڪي ٻين تهذيبن جي نمائندن سان لهه وچڙ ۾آيا آهن ته انهن جا اثر به ٻنهي ڌرين تي پيا آهن. جنهن ڪري مذڪوره تهذيبون ڳوڙهي نموني اثر انداز ٿيڻ سان گڏوگڏ دوبدو حيثيت ۾ پڻ بيٺل آهن.
مان ائين چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس ڪونه ٿو ڪيان ته بيٺڪيت/ ڪالونائيزيشن جي جياپي لاءِ ضروري آهي ته ان سان تابعداري يا فرمانبرداري جو سلسلو لاڳاپيل حاصل هجي. پر هتي اهو به سمجهڻ گهرجي ته سڀني ماڻهن کي بيٺڪي/ ڪالونائيز ڪري نه ٿو سگهجي. جنهن جي اڳتي هلي پيرائتي نموني چٽائي ڪندس. ڇو ته اهڙي طرز جي رغبت يا لاڙي لاءِ خاص ڪردار يا روش جو هئڻ پڻ لازمي آهي. هونئن به ڪنهن کي فتح ڪرڻ لاءِ ڪالونائزيشن جي طريقي کان سواءِ ٻيا به زور بار دٻاءُ هيٺ رکڻ جا نمونا آهن جهڙوڪ: ميساري ڇڏڻ/ جذب ڪرڻ، گروهي اثر رسوخ، اقتصادي ڦرلٽ ڪرڻ . ان جي نتيجي ۾ هڪ جي ستياناس ٿيڻ جي ابتدا ٿيندي ته ٻي ڌر لاءِ فتح مندي جا آثار نمودار ٿيندا.
يورپين جتي به بيٺڪي راڄ قائم ڪيا ته ان لاءِ هڪ ئي بهانو هڪيو تڪيو ڏيندا آيا آهن ته سندن آمد هڪ لاشعوري مداخلت سان واڳيل آهي. پر جيڪڏهن شعوري طور به بيٺڪيت قائم ڪئي آهي ته ماڻهن جي دعوت ۽ رضامندي سان ٿي آهي. ان ڪري گهڻي ڀاڱي ڪجهه يادگار روايتون يا آکاڻيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ته انهن ڌارين ماڻهن جي آمد سمنڊن منجهان ٿي جيڪي اچرج ۾ وجهندڙ سوکڙيون پاکڙيون کڻي آيا هئا. سترهين صدي يا ان کان اڳتي ڪوبه بحري جهاز تباهه و برباد ٿيندو هو ته ان جي خلاصين جي آجيان دل کولي ڪئي ويندي هئي ۽ سردار انهن جي مالڪيءَ تي دنگو فساد ڪرڻ ۾ به هڪ ٻئي مان ڪونه مُڙندا هئا ۽ ائين به ٿيندو هو ته ان ڇڪتاڻ ۾ مورڳو يورپين کي قتل ڪري جهڳڙي ۽ فساد کي ٽاريو ويندو هو. پر هتي اهو ٻڌائڻ مشڪل آهي ته ٻاهران آيل ڪيتري حد تائين مقامي ماڻهن کان لنوائيندا هئا يا انهن جي غير ضروري مطالبن سان ڪيئن منهن ڏئي سگهندا هئا. لاشڪ ته ابتدا ۾ نسلي ڌڪار جا اهڃاڻ ئي موجود ڪونه هئا. پر اهو سڀ ڪجهه ا ن وقت اُڀري آيو جڏهن سفيد چمڙي واري پنهنجي هم نسل کي هروڀرو ملاگاسين مٿان فوقيت ڏيڻ جو سلوڪ اختيار ڪيو.
جڏهن قابض/ ڪالونائز/ قبضو ڪندڙ، پهريون ڀيرو نمودار ٿيو ته انهن کي دشمن سمجهڻ جي بجاءِ ڌاريو ۽ مهمان طور ليکيو ويو. ان کي مئڊاگاسڪريو جي اصطلاح ۾ وِزَهار (VAZAHAR) ڪوٺيو ويو. جنهن جي سنئين سڌي معنيٰ آهي ته ”مانائتو ڌاريو“ پر اڳتي هلي اهو آيل اجنبي پنهنجي مزاج ۽ سخت گير روش سان اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن مطالبن ۾ واڌارو ڪرڻ لڳو. ان ڪري ڏيهي ماڻهو کيس لوڀي ۽ لالچي سڀاءَ جو سمجهڻ لڳا. هن همراهه پنهنجي زور ۽ جبر کي ايترو ته وسيع ڪرڻ شروع ڪيو جو موٽ ۾ ڏيهي آبادي جو ڪجهه حصو اُڀو ٿي بيٺو ۽ بچاءُ لاءِ تدبيرون سوچڻ لڳو. اسين اهڙي طريقيڪار کي مختصر لفظن ۾ ڌرتي جي والار يا ڪالونائيزيشن چئي سگهون ٿا. پر پوءِ به گهڻي ڀاڱي سولن لفظن ۾ ته حقيقتن کي هيٺ مٿي ڪرڻ جي نتيجي ۾ اڳواٽ راءِ قائم ڪرڻ لاءِ رستو صاف ڪيو وڃي ٿو. ان جو مکيه ڪارڻ آهي ته جيئن هٿياربند ماڻهن کي سچائي جي سڌ ملي نه سگهي. ڇا لاشعوري طور مطيع/فرمانبردار ماڻهن جو اهڙي ڪُڌي ڪاروبار يا ڏوهه ۾ شريڪ ٿيڻ کي رد ڪري سگهجي ٿو.
سال 1947ع جي ابتدا ۾ آيل انقلاب جي حڪمراني کان پوءِ به ڪجهه قبيلا جيڪي غلاميءَ جي اهڙي صورتحال منجهان بيزار ٿي پيا انهن وٽ به ويڙهاند لاءِ محض ڀالا ۽ کُڙدم موجود هئا. جڏهن ته سندن مخالفن وٽ جديد رائيفلون ۽ دستي بم موجود هئا جنهن زماني ۾ مڊاگاسڪر کي فتح ڪيو پي ويو ته ملاگاسين وٽ ڪوبه مقابلي ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ ڄاڻ موجود ڪانه هئي. ان ڪري جيئن ئي قبضو ڪندڙن جي آتشي هٿيار جو پهريون ٺڪاءَ ٿيو ته انهن پيرن تي زور رکيو. هتي هڪ اهم صورتحال جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته مڊاگاسڪر کي فتح ڪرڻ لاءِ محض طاقت ۽ جديد هٿيارن جو ڪارڻ نه هو ۽ ڪنهن به حالت ۾ مڊاگاسڪر واسي تابعداري قبول ڪونه ها. پر اسان جي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي حالتون ڪالونائر/ بيٺڪيتي ڪندڙن جي فائدي ۾ بڻجي ويون هيون.
اڃا به ائين چئجي ته يورپي پنهنجي اندروني خوف ۽ جبلت جي ڪري فوج يا طاقت استعمال ڪرڻ کي لازمي سمجهي رهيا هئا. ڇو ته کين خبر هئي ته ملاگاسين جي ڀيٽ ۾ انهن ۾ ڪجهه خاميون ۽ عيب آهن. انهن کي اها سڌ چڱي ريت ڪانه هئي ته سندن تسلط قائم ٿيڻ جو هڪ اهم ڪارڻ آهي ته سندن چوڌاري وايومنڊل ۾ تابعداري فرمانبرداري ۽ ڀاڙي ويهڻ جي خصلت/ اوگڻ هر ده پرستي جي حد تائين موجود آهي. ان هوندي به کين ڄاڻ هئي ته نفسياتي وايومنڊل/ حالتون سندن فائدي ۾ آهن ۽ انهن کي اها به خبر هئي ته رڳو طاقت جي وسيلي دائمي طور ڪنهن کي به زير بار رکي نه ٿو رکي سگهجي. ۽ حالتون ڪنهن به وقت پلٽو کائي سگهن ٿيون. ان جو چٽو ثبوت اکين آڏو آهي ته ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو لقاءَ جيڪو ڏيهي ماڻهن جي اکين منجهان ليئا پائي رهيو آهي سو ڄاڻائي ٿو ته اُهي ڪيتري حد تائين آزادي ۽ ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ بيتاب آهن. پر اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪرڻ وارو دليل به اڻ پورو ۽ اڻ ٺهڪندڙ چئي سگهجي ٿو. ڇو ته ا هڙي حالت ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا يورپي آهن جيڪي طاقت جي استعمال ڪرڻ جي وبائي مرض کان بچيل آهن انهن کي ڄاڻ آهي ته ڪنهن جي به ڌرتي تي قبضي ڪرڻ جي موٽ يا ردعمل ۾ اٻهرائپ ۽ ڪاوڙ جو اڀرڻ لازمي آهي جيڪا اڳتي هلي تشدد ۽ غير معمولي نقصان جو پيش خيمو بڻجي سگهي ٿي. ان ڪري ايندڙ باب ۾ پڙهندڙ مذڪوره نفسياتي سلوڪ ورتاءَ جي سببن کي وڌيڪ سولائي سان سمجهي سگهندا.
جڏهن مارچ 1947ع ۾ اڃا بغاوت جي ابتدا ٿي هئي ته مڊاگاسڪر جي يورپين جو ردعمل سچ پچ ته قياس آرائي يا سمجهه جي دائري کان ٻاهر هو. اهو هيئن ته جيڪي به بغاوت جي علائقي ۾ ذميواري نڀائي رهيا هئا انهن دلير ۽ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. ان ۾ اٿندي ٿورو گهڻو نقصان ٿيو پر ڪوبه جاني قتلام ڪونه ٿيو. انهن قابض ڌر جي ماڻهن ٻڌايو ته جيستائين کين ٻاهران مدد وسيلي بچائڻ جو سوال آهي ته ان جي پهچڻ کان اڳ ۾ انهن هڪ شاٽ گن ۽ ويهن گولين سان ڏهن ڏينهن تائين ٽي سو حمله آورن جو مقابلو ڪيو.
اهي علائقا جيڪي دنگي ۽ فساد جي مرڪز کان پرڀرو هئا انهن ۾ هڪ خوف ۽ جنون جو گڏيل اظهار ڏسڻ ۾ پي آيو ته ڪيئن يورپين کان قبضو حاصل ڪيو وڃي جيتوڻيڪ راڄڌاني وارا به خوف ۽ خطري جي گهيري ۾ هئڻ جي باوجود بچاءَ ڪرڻ يا منهن ڏيڻ جي مڪمل پوزيشن ۾ هئا. انهن کي اها به سڌ هئي ته ملڪ جا ٻيا حصا آهستي آهستي سندن قبضي منجهان نڪري رهيا آهن ۽ اتي پڻ مدد جي سخت ضرورت آهي. پوءِ به هينئون هاري ڪونه ويٺل هئا.
هونئن ظاهري طور جيڪي جوش ۽ جذبي جو اظهار ڪيو پي ويو. ان جو اصلي ۽ حقيقي خوف ۽ خطري سان تر جيترو به واسطو ڪونه هو. ڇو ته جيڪي ٿورا گهڻا آثار نمودار ٿي رهيا، اُهي صورتحال کي واضح ۽ چٽو ڪري رهيا هئا. ان جو هڪ اکين ڏٺو مثال آهي ته باغي/ انقلابي جڏهن به ڪنهن کي ڌڪ هڻي ڪيرائي وجهندا هئا ته هروڀرو زخمي جي مٿان مرڻ تائين ڪو مٿو ٻڌي ڪونه ويهندو هو ۽ ڀڻ ڀڻ ڪري بيهي چوندو ته هو ”مون کي اميد آهي ته نئين سِر اٿي ڪونه سگهندو.“ اهڙو طور طريقو به ڄڻ ته اڳلي جو هيانءُ کائڻ جي برابر هو. هونئن انقلاب پنهنجي روءِ سوءِ ۾ هڪ طلسمي انداز ۾ پکڙجي رهيو هو. ان جي ابتڙ يورپي جيڪي به هٿ پير هڻي رهيا هئا سي محض بچاءِ خاطر جنهن ڪري هو مزاحمت، سرڪشي ۽ ڪاوڙ جي اڀريل جذبن جي اهميت کي سمجهڻ کان قاصر هئا. انهن جو گهڻي ڀاڱي ورتاءَ هڪ اسڪول ماستر وانگر هو. اهو به ڪاوڙ ۽ قهر ۾ ڀريل ماستر جيان جيڪو پنهنجي جاري فرمان جي ڀڃڪڙي ٿيندو ڏسي آپي کان ٻاهر ٿي ويل هجي، پر نفسياتي طور پاڻ کي تسلي ڏيڻ خاطر تشدد جي صورتحال کي تفريح جو به ذريعو سمجهي رهيو هجي، پر تشدد به پنهنجي جاءِ تي هڪ نرالي انداز سان اڀرندو آهي ان کي محض هڪ ناٽڪي نماءَ ڄاڻائي نظر انداز ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪرڻ ۽ اهڙي اڀار کي پنهنجي محدود سوچ وسيلي وهم ۽ مدي خارج سمجهي من کي دلجاءِ ڏيڻ به حقيقت کان لنوائڻ برابر آهي. اهڙي ريت اهي هٿياربند انهن پُورن ۽ وهمن ۾ ورتل شام جو پنهنجي گهر ڏانهن ورندا ۽ مزي سان ننڊ ڪندا هئا. انهن کي پڪو پختو ويساهه هو ته ملاگاسين کي خوف ۽ ڌمڪائڻ لاءِ اهڙي پيش قدمي ڪرڻ ضروري ۽ لازمي آهي. جيتوڻيڪ هنن کي سڌ هئي ته ملاگاسين جي اڪثريت پنهنجي حقن تان ڪنهن به حالت ۾ هٿ ڪانه کڻندي. ان کان علاوه يورپين کي اها به ڄاڻ هئي ته سندن سخت گير روش جي ڪري امن پسند ملاگاسي به مجبوري جي حالت ۾ ويڙهاڪن سان ساٿ ڏئي رهيا هئا. پر پوءِ غير منطقي ۽ ڇسائپ جي حوالي سان پنهنجي تسلي خاطر جوکو کڻي رهيا هئا.
هتي اسان کي نفسياتي نقطه نظر کان ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ٻين فروعي مسئلن ۽ مونجهارن کي ڪنڊائتو ڪري هڪ نقطي جي حوالي سان سمجهڻ جي ضرورت آهي ته ڇا طاقت جي استعمال سان مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. اسان کي چڱي ريت ڄاڻ آهي ته جڏهن سپاهي ويڙهاند جي وايو منڊل منجهان تنگ ٿي پوندو آهي ته پوءِ هو امن ڏانهن رجوع ٿيندو آهي. ان لاءِ سڀ کان پهريائين سپاهي ذهني طور پاڻ کي امن لاءِ تيار ڪند وآهي جڏهن دشمن سان امن جو رشتو جوڙيندو آهي ته ان لاءِ لازمي آهي ته دشمن به سندس حيثيت کي قبول ڪري ته جيئن هو سندس خوف خطرن، مصيبتن، مونجهارن ۽ دليراڻي سوچ سان ڀاڱي ڀائيواري ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪانه ڪري. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته هو پنهنجي دشمن آڏو هيڻو ۽ ضعيف نه پر هڪ جنگجو وانگر ويڙهه لاءِ پڻ هڪيو تڪيو نظر اچي. پر جتي ڌرتي جي قبضي/ ڪالونائيزشن جو معاملو هوندو آهي ته اتي اهڙي طرز جي پيش رفت گهڻي ڀاڱي ناممڪن هوندي آهي ڇاڪاڻ ته محض ڪاوڙ، ڪروڌ، ڌڙڪا دهمان، سرڪشي جا عنصر کين ڪنهن به گڏيل ڇوٽڪاري ڏانهن ڪونه وٺي وڃي سگهندا آهن پر کين اهڙي سمجهه ۽ ساڃاهه گهڻو دير سان آئي جنهن ڪري هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي نماءَ کي اهڙي نموني پيش ڪيو پي ويو ڄڻ ته ٻنهي مد مقابل قوتن جي وچ ۾ صلح ۽ سرچاءَ لاءِ گڏجاڻي ٿي رهي آهي. بدقسمتي سان ڪابه ڌر اهڙي ظاهري ڏيک کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪانه هئي جيتوڻيڪ جنگ جي مد ۾ به ڪي اصول ۽ قاعدا هوندا آهن. جنهن کي لتاڙڻ محال ۽ مشڪل آهي.
حاصل مطلب ته يورپين متعلق چئي سگهجي ٿو ته سندن روش جو طور طريقو محض مفادن جي بنيادن تي ڪونه هو يا وري پاڻ کي خوف ۽ خطري ۾ گهيريل ڏسي وايون بتال ٿي وڃن، ان جي برعڪس ائين ته وضاحت يا تشريح ڪئي وڃي ته انهن ۾ قبضي گيري جذبا ڇانيل هئا. مان ايندڙ باب ۾ ڪوشش ڪري انهن جذبن جي وضاحت ۽ ڇنڊڇاڻ ڪندس.

قومي آزادي : اوڪٽو مينوني

ملاگاسين جي من ۾ متل مانڌاڻ ان ڳالهه جو اهم ثبوت آهي ته کين پنهنجي خطا جو احساس ٿيندو رهي ٿو، جيڪو بنيادي طور خوف ۽ عدم تحفظ جو ڪارڻ آهي، جنهن ڪري اهي پنهنجي تحفظ ۽ بچاءُ جو هڪ وسيلو هل هنگامي کي سمجهن ٿا. ان عمل منجهان سندن مراد هوندي آهي ته ڪنهن به فرد کي رنجائڻ سان ان جي موٽ اهڙي شخص ڏانهن لازمي ٿئي ٿي، جيڪو ڪنهن به گناهه جو مرتڪب ٿئي ٿو. اهڙي ريت هل هنگامي/ گوڙ گهمسان جي عمل جون پاڙون اتي ئي کتل آهن، جنهن جو جواب يا موٽ به ساڳي انداز ۾ ٿئي ٿي. ائين يڪ طرفو ويساه يا عقيدا (بنان ڪنهن وهم گمان جي) مختلف ملڪن ۾ موجود آهن. ”بدروحن“ لاءِ ٽوڻو ۽ ڦيڻو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي ته جيئن ذاتي طور نجات يا ڇوٽڪارو حاصل ٿئي.
جيڪڏهن ان طريقي يا عمل کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ اهڙي سزا جو سلسلو ”ڪيل گناهن“ جي مد ۾ اڻ ٽر ٿي پوندو، پر ”بدروح“ محض ٽوڻي ڦيڻي سان سدائين زير اثر ڪونه ٿيندا آهن، ان لاءِ جادوئي طور طريقن جي اشد ضرورت آهي. مطلب ته نجات يا نياءُ جي سوچ اهڙن ماڻهن جي دلجاءِ جو ڪارڻ بڻجي ٿي، جيڪي سنئون سڌو انياءُ جو شڪار بڻجي رهيا آهن. جڏهن ته هل هنگامو ڪندڙ کي اها به چڱي ريت خبر آهي ته بدنيتيءَ تي ٻڌل سوچ جو انت پنهنجي لاءِ ئي کڏ کوٽڻ برابر آهي. ائين به ممڪن آهي ته اهڙي بدنيتيءَ جو ردعمل وڌيڪ خوفائتي نموني ٿي سگهي ٿو، جيڪو سندس وهم ۽گمان ۾ به ڪونه هوندو آهي. اهو احساس ڄڻ ته لاشعوري طور گناه جي نشاندهي ڪندو آهي ۽ ان طرز جو احساس بنيادي طور اوائلي دور جي حوالي سان ضمير ۽ اندر جي ملامت يا پڇتاءُ به چئي سگهجي ٿو.
ضمير جي ملامت جو متبادل ذريعو يا اظهار ڪاوڙ ۽ چڙ آهي، جنهن جا ساٿي ۽ دوست نفرت ۽ هنسا/تشدد آهن. اهي هٺ، وڏائي ۽ مغروريءَ سان ڪنين تار اهي اڳوڻا سپاهي به هئا، جيڪي يورپ کان موٽي آيا هئا. آءٌ ان بابت اڳ ۾ وضاحت ڪيان ته يورپ ڪهڙي طريقي سان اثراندز ٿيو هو. هتي پوءِ به هڪ اهم جز ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لازمي سمجهان ٿو ته اهي جيڪي فوج ۾ رهيا هئا، انهن جي گهڻائي فوج جي رائج ڊسيپلن ۾ رهندي هڪ ٻئي سان تابعداريءَ جي رشتن ۾ به جڪڙيل رهيا. ان نتيجي ۾ ڪٽنبي ۽ سماجي لڳ لاڳاپا ڪمزور ٿيندا ويا. پر جيئن ئي اهي ماڻهو لام بندي جي عمل کان آجا ٿيا ۽ يورپين سان رهي جيڪي به اپاءُ ۽ بچاءَ جا طور طريقا پرايا هئا، کين ڪنهن به خوف خطري جي صورتحال سان منهن ڏيڻ جو ڏانءُ حاصل ٿي چڪو هو. پوءِ به هوجذباتي روءِ ۾ ڇڙواڳي ۽ لاتعلقيءَ جي وهڪري ۾ پاڻ کي لڙهندو محسوس ڪري رهيا هئا. ان کان علاوه سندن چوڌاري نفسياتي حالتون به اهڙي سوچ کي هٿي ڏيڻ لاءِ گَنجُ هيون، جنهن جي موٽ ۾ بيزاري ۽ ڌڪار جا عنصر مٿن غالب پئجي ويا. پر اڃا به هتي هڪ نقطو غور طلب آهي ته هو سوچ ويچار جو ڪهڙي نموني اپٽار ڪرڻ لائق بڻجي پي سگهيا؟ ۽ خاص ڪري هو ڇا لاءِ تز ۽ مختصر لفظن ۾ قومي آزاديءَ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. هنن کي هڪ ٻئي تي تڪيو ڪري ويهڻ بابت به هڪ مبهم سوچ هئي، پر کين هڪ نقطي متعلق چٽائي هئي ته ڪهڙي رنگ ۽ ڍنگ جا رهبر سندن رهنمائي ڪري سگهندا. ڇو ته هو اهڙن اڳواڻن کي نه رڳو ذاتي طور سڃاڻندا هئا پر انهن جي حسب نسب کان به ڀليءَ ريت واقف هئا. انهن جي نظر ۾ سياسي سرشتو ۽ آئين ڄڻ ته غير اهم ۽ ثانوي درجو رکندڙ هئا. ان جي برعڪس کين اهڙن مخصوص اڳواڻن جي شديد ضرورت هئي جيڪي تڪيو ڪرڻ/ ڀاڙي ويهڻ وارين ٽٽل ڪڙين کي ٻيهر جوڙي سگهن، جن بابت کين ڄاڻ هئي ته يورپين سان ڳنڍجڻ ناممڪن آهي. انهن جي خواهش هئي ته سندن سڃاڻپ ۽ لڳ لاڳاپو يورپين جي حوالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي. انت ته انهن (يورپين) جي ڪلهن تان لهي پاڻ کي آجو ڪري ڇڏين، پر نفرت ۽ ڌڪار جي ذريعي نه، جيڪو هڪ چُڀندڙ سُور وانگر کين گناه جو احساس ڏياري رهيو هو. پر اهڙو سڀاءَ رکندڙ رهنمائن کي اٿندي ئي گرفتار ڪيو ويو ۽ خاص ڪري انهن ملاگاسين کي سوگهو ڪيو ويو جن ڪنهن به اٿل پٿل ۾عملي حصو ڪونه ورتو هو پر ان جي برعڪس هو پاڻ کي ان خطا جو به ذميوار سمجهي رهيا هئا ته انهن لاشعوري طور پنهنجي مَن ۾ اِن آس ۽ اميد کي اسرڻ ڏنو هو ته قوم پرستن کي سوڀارو ٿيڻ گهرجي، پر پوءِ انهن اوچتو ئي قلابازي کائي مطالبا شروع ڪيا ته اهڙن ماڻهن کي مثالي سزا ڏني وڃي جيڪي اِن کان اڳ سندن لاءِ هڪ مثالي هيرو يا سورمي کان گهٽ ڪونه هئا. ان حد تائين جو انهن مثالي سورمن کي اڃان سندن ڪيل خطا يا گناه کان به واقف ڪونه ڪيو ويو هو. هنن پنهنجي ئي ديوتائن کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي، پنهنجن سورمن کي ٻليدان بڻايو، پنهنجن کي ئي شهيد ڪيو، اهو سڀ وهنوار سندن ڪلاسيڪل نفسياتي ڪيفيت جو اظهار هو.
ڇا اهڙي ڪڌي هلت جو ذميوار فرينچ اختياريءَ وارن کي ڄاڻائي سگهجي ٿو؟ ڇا انهن ئي ملاگاسين جي ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو هو ته پنهنجن رهبرن جي لتاڙ ۽ ڀيل ڪن؟ (جڏهن ته ظاهري طور ان تي عمل پذير ڪونه ٿيا هئا.) ان ڏس ۾ اسان جيڪڏهن ٿورو به ڪنڌ ورائي پوئتي ڏسنداسون ته اهڙو ساڳيو جنوني ۽ ظالماڻو وهنوار ويهارو کن صديون پوئتي پڻ اهڙي ئي هڪ ڪالونيءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچي پيو ته ڪيئن نه ماڻهو پنهنجن ئي شريف ۽ حليم سڀاءُ رکندڙ ماڻهن جي رت ۾ هٿ ڌوئي پاڻ کي گناهن ۽ پاپن کان آجو سمجهي رهيا هئا.
هونئن ملاگاسي باغين جي ذهن جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ قربان گاهه تي چاڙهڻ جو فتنو ۽ فتور موجود ڪونه هو. اهي دراصل پنهنجي اندر ۾ سانڀيل خطا يا گناه کان پنهنجا پاند آجا ڪرائڻ لاءِ تابعداري، تڪيو ڪرڻ يا ڀاڙي ويهڻ جي سلسلي کي روايتي طرز سان نئين سر جوڙڻ جا قائل هئا.
مان سمجهان ٿو ته، اهو اهم ۽ تز نقطو آهي، جيڪو هڪ رهنما جي سڃاڻپ ۽ حيثيت کي غير معمولي نموني نروار ڪري بيهاري ٿو. ڇو ته مطيع يا فرمانبردارنه جبلت رکندڙ سدائين لاشعوري طور پنهنجي سڃاڻپ جو ڳانڍاپو هڪ هُش ۾ خوش رهنما سان رکڻ کي اعزاز سمجهندو آهي. اهڙي ملڪ ۾ ڪوبه رهنما ايستائين مڃتا يا حيثيت ماڻي نه ٿو سگهي جيستائين عام ماڻهو هڪ فريب ۽ خيالي تصور ورتل نه هجي. جنهن منجهان ڪابه هڙ حاصل نه ٿئي، پر هن جو هڪ معمولي اڳڪٿي ڪرڻ جي لائق هجي ته جيڪي ڪجهه وهي واپري پيو سو درست آهي. ڇو ته اهڙي صورتحال ۾ پاڻ به ان رهنما جي پيروي ۾ ڇوٽڪارو سمجهندو. اهڙي سرڪار جيڪا چڱين چوکين خصلتن ۽ خوبين جو ڀنڊار هجي ته پوءِ آبادي جي ان مختصر حصي لاءِ ڪارگر ۽ ڪارائتي ثابت ٿي سگهندي آهي. جنهن ۾ پڻ ساڳيون خوبيون موجود هجن، ها! ساڳي سرڪار ان وقت شهرت ماڻي سگهندي آهي، جڏهن عام ماڻهو لاشعوري طور ان سان پنهنجي سڃاڻپ ۽ سهڪار جوڙيندو آهي. ان ماڻهوءَ ۾ اهڙو احساس جاءِ ولاريندو آهي ته سندس عمل ۽ حرڪت جو نتيجو مثبت ۽ لاڀائتو اچڻو آهي.
جيتوڻيڪ سڃاڻپ حاصل ڪرڻ سولو ۽ آسان طريقو آهي، پر فرض ڪيو ته هو ان کان به محروم ٿئي ٿو ته پوءِ اهڙي حالت ۾ بدخواهي، بي اعتمادي، مطلب پرستي، عقيدي پرستيءَ جي هيٺين سطح تائين ڪرڻ ۾ ڪوبه حجاب محسوس ڪونه ڪندو. اهڙيءَ طرز جو وهنوار يورپ ۾ ممڪن آهي، جتي حاڪم ۽ محڪوم هڪ ئي قوم سان واڳيل ۽ مساوي حيثيت رکندڙ هجن ته پوءِ بيٺڪي وايومنڊل ۾ اهڙي وايومنڊل جي اوسر ۾ ڪهڙي رنڊڪ ۽ رڪاوٽ آهي. تحقيق! بيٺڪي ملڪن جا اصلوڪا رهواسي مذڪوره سڃاڻپ جي خد و خال ۽ بيهڪ کان وانجهيل آهن. هو، ان حد تائين جو پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي محض حاڪم ۽ منتظم جي نظر سان ڏسندا اچن پيا پر سدائين کين ساڳي عزت ۽ مان ڪونه ملندو آهي، ڇو ته جيڪي ماڻهو تابعداري يا فرمانبرداريءَ جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل آهن، سي پنهنجي رهبر يا رهنما جي نالي نشان سان ڄاڻائي آيو آهيان ته انهن مٿان يورپ جو ڪهڙو اثر ٿيو هو.
اهڙي عمل بابت کين خبر به هوندي آهي ته غلط آهي، پوءِ به اکيون ڦيرائڻ ۾ دير نه ڪندا آهن. انهن کي اسان جي آڇن ۾ ڪابه ڪارگر وٿ نظر ڪونه پي آئي، جيڪا سندن تابعداريءَ جي زنجيرن کي هلڪو ڪري سگهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ مروج حالتن کي نظر ۾ رکندي تور تڪ ڪرڻ ضروري هئي ته انهن آڇن منجهان کين ڪيترو لاڀ حاصل ٿي پي سگهيو، پر ان قبوليت کان انڪار ڪرڻ جو اهم سبب هيءُ هو ته جنگ جي خاتمي کان پوءِ به اڳوڻن حڪمرانن جي جابراڻي روش ذهن تان ميساري ڪونه سگهيا هئا. جنهن ڪري گهرو پاليسين ۾ اختلاف راءِ ۽ شدت جو پيدا ٿيڻ اڻ ٽر بڻجي ويو هو. انهيءَ ڇڪتاڻ جو هڪ ٻيو به اهم ڪارڻ هو محڪومن ۽ قبضه گير سياسي ماڻهن جي وچ ۾ بدگماني جو وڌي وڻ ٿيڻ. ڇو ته هُو جڏهن به آزاديءَ جي زباني طور واکاڻ ڪندا هئا ته ان سان ذهني لحاظ کان ڳنڍيل ڪونه هئا، ۽ انهن جو ڪنهن به نفعي يا نقصان سان ڄڻ ته ڪو واسطو ئي ڪونه هو، جنهن ڪري هو ڄڻ ته ملاگاسين کان ذهني طور ڪوهين ڏور هئا. ايستائين جو ظالم ۽ جابر يورپين جا ڪارناما به کانئن وسري ويا هئا.
جڏهن پنجاه ورهيه اڳ يورپي هتي پهتا هئا ته ملاگاسين سندن آڌرڀاءُ چڙ ۽ شڪ ڀريل نظر سان ڪونه ڪيو هو. هنن آيلن کي روزگار جو وسيلو يا امن ۽ سلامتيءَ جو ضامن ڄاتو هو. سندن جذبو ۽ روش گرمجوشيءَ جو اعليٰ نمونو هو. هوڏانهن موٽ ۾ فرينچن جو سلوڪ ڄڻ ته غفلت ۽ اڻ ڄاڻائي جو ڀنڊار هو پوءِ به هڪ معقول ماحول کي اسرڻ ۾ هٿي ملي، جڏهن ته هڪ ٻئي سان ذهني هم آهنگي ۽ ويساهه ۾ نالي ماتر پيش رفت پڻ ٿي هئي. ان کان پوءِ لڳاتار ڪيتريون ئي تبديليون اينديون رهيون.
اڄ اها صورتحال بڻجي وئي آهي ته هُو پنهنجين خامين ۽ ڪوتاهين کي منفي ورتاءُ وسيلي مسلط ڪرڻ گهري ٿو. هو اهڙن رهبرن جي ڳولا ۾ آهي جن جي سڃاڻپ سان پاڻ کي ڳنڍي سگهي. اهڙي صورتحال ۾ اسان به پاڻ کي سڪون ۽ آرام جي ڪيفيت ۾ ڪونه ٿا سمجهون. جڏهن اسان ذهن نشين ڪرڻ شروع ڪيون ته پنهنجي بيٺڪي رعايا جي سارسنڀال جا ذميوار آهيون ته هو اڳتي هلي هوريان يا ڏاڍيان ترقي ۽ خوشحاليءَ جو اهڙو دڳ اختيار ڪرڻ ۾ ڪامران ٿيندا، جنهن وسيلي هڪ مهذب معاشري جي اڏاوت، هڪ ٻئي سان ويجهو ٿيڻ ۽ آزاديءَ ڏانهن وک وڌائڻ ۾ مدد ملندي.... پر ان حوالي سان ملاگاسين جو چوڻ آهي ته اهي اهو ساڳيو رستو پنهنجي رهبرن جي رهنمائيءَ هيٺ اختيارڪري چڪا آهن، ڪابه ضرورت ڪانهي. هو، ان ڳالهه کي قطعي طور برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهن ته، مهذب بڻائڻ جي نالي ۾ تسلط قائم ڪيو وڃي. هو، ٿلهي ليکي سڀني قباحتن ۽ غلاظتن جو اسان کي ذميوار سمجهي رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ڪنهن به صلاح مشوري کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهن، اهڙي سڀاءَ کي لاشڪ ته سياسي ردوبدل چئي سگهجي ٿو پر اهڙي طريقه ڪار کي آسان لفظن ۾ نفسياتي ردوبدل جو عڪس به چيو وڃي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو. جيڪڏهن ٿورو به اونهائيءَ ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسون ته نظر پيو اچي ته ملاگاسي جيڪي ڪجهه ڪرڻ گهرن ٿا، ان جي بڻ بڻياد ۾ اسان جي تهذيب جا داڻا پڻ شامل آهن پر هو اسان جي معرفت ساڳي تهذيب کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.
انهن جي اندر ۾ سانڀيل اڪثر لاڀائتي ”قوم پرستي“ يا حب الوطنيءَ جي رٿابندي يا سٽاءُ ڄڻ ته قومي آزاديءَ جي لاءِ ڪرنگهو ثابت ٿيا آهن. انهيءَ رٿابنديءَ جو ڪوبه منهن ۽ سر ڪونه پي ڏسڻ ۾آيو ته ڪٿان ورتو ويو آهي، جنهن ڪري نظرياتي فڪر مبهم ۽ منجهيل ڏسڻ ۾ آيو پئي. انڪري سندن پروگرام/ رٿابندي ۽ نظرئي جي ڪابه سگهاري پٺڀرائي ڪونه ٿي سگهي. جڏهن به رهنمائن ۽ عوام ”آزادي“ جي مطالبي کي فرينچ حدبندي ۾ رهندي حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هنيا ته سياسي معاملا فهمي رکندڙن ۽ پوليس کاتي وري ميڪاوَلي طريقيڪار اختيار ڪندي ڪنهن ٻي پارٽيءَ کي هشي ڏئي اڳتي آندو، جيڪا بنا ڪنهن شرط شروط جي مڪمل ۽ ترت آزاديءَ جو نعرو ڏئي اڳتي وڌڻ لڳي. جيتوڻيڪ اهڙي پارٽيءَ جي نعري ۾ ڪشش هئڻ سان گڏوگڏ اخباري دنيا ۽ سڌ سماءُ جي ٻين ادارن جو به مڪمل سهڪار رهيو. ان هوندي به اهڙي پارٽيءَ کي عام ۾ ڪا پذيرائي حاصل نه ٿي. ڇو ته اهڙي پارٽيءَ جا ليڊر عوام جي سوچ ۽ فڪر کي سمجهڻ کان عاري هئا، جيڪي سندن ذهن کي ڌونڌاڙي وجهڻ جي شڪتي رکندا هجن. هونئن به ملاگاسين کي پارٽيءَ جي پروگرام ۽ رٿابنديءَ سان نالي ماتر دلچسپي هئي، ڇو ته هو پاڻ کي آزاديءَ جو شير ميربحر ڪونه سمجهي رهيا هئا.
(ان هوندي به ملاگاسين ۾ اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جيڪي فرد کان وڌيڪ اسان وانگر سياسي سٽاءَ کي وڌيڪ ڪارگر سمجهن ٿا) پر هڪ نالي چڙهيل رهبر جو پوئلڳ سمجهڻ ۾ فخر محسوس ڪري رهيا هئا. اهي پوئلڳ ”باغي“ يا ”انقلابي“ ڪونه هئا، محض ”قوم پرست“ جن جي نظر ۾ هٿياربند جدوجهد جو سلسلو ۽ رٿابندي شامل ڪانه هئي. جيتريقدر باغين يا انقلابين جو تعلق آهي ته انهن جو واسطو پوئتي پيل علائقن سان هو ۽ اهي ئي رهبر ۽ رهنما هئا. ان ڪري ائين سمجهڻ به اجايو آهي ته اهي ليدر صاحب انقلاب لاءِ ڪو دونهون دکائڻ جو وسيلو هئا پر اهي ڄڻ رابطي جو هڪ اهڙو ذريعو هئا، جيڪي اهڙي اڀار کي تير تڪلي تي گذر سفر ڪرڻ جي فائدي ۾ هئا ۽ ڪنهن به تفصيل، وضاحت ۽ تشريح ۾ اونهائيءَ تائين وڃڻ لاءِ تيار ڪونه پي ڏسڻ ۾ آيا.
جڏهن ابتدا ۾ دنگافساد شروع ٿيا، ان زماني ۾ ڪنهن کي سياسي مول ۽ مقصدن بابت چٽائي ڪانه هئي ته قابض حڪمران پنهنجي حرفت ۽ سياڻپ سان بنا ڪنهن رک رکاءُ هڪ ئي مطالبي تي زور ڏئي رهيا هئا ته، ملاگاسين جي چڱن مڙسن کي سندن سان سڃاتو وڃي. اڳتي هلي انهن جي گرفتاريءَ کان پوءِ کين ڦاهي ڏيڻ جا مطالبا شروع ٿي ويندا هئا. (بنا ڪنهن عدالتي ڪارروائيءَ جي) پر هڪ ننڍڙي حرفت يا سازش کڻي چئجي ته فوج کي مڪمل اختيار حاصل ڪونه هئا ته ڏوهارين کي مارشل لائي ڪورٽن وسيلي ڦاسي ڏين. (ان ننڍڙي سازش منجهان هڪ عجيب و غريب صورتحال اڀري آئي ته ليڊرن کي موتمار ”سزا“ نه اچي سگهي. ان وچ ۾ عوام جي جذبات ۾ ايترو ته اڀار ۽ شدت پيدا ٿي جو محسوس ٿيڻ لڳو ته ڪا سازش يا ڊوهه ڪونهي، پر سچي ۽ حقيقي هلچل روان دوان آهي).
هونئن به بيٺڪي حڪمران حقيقي ذميواري نڀائڻ کان لاتعلق ۽ پنهنجي خطا کي سمجهڻ لاءِ تيار ڪونه هئا، جيڪا سندن اندر ۾ چڪ هڻي رهي هئي. هوڏانهن جبلت ۽ جبر جي لحاظ کان ملاگاسين جي ذهن ۾ آزادي ۽ ڇوٽڪاري بابت ڪابه ٺهڪندڙ اڻ تڻ موجود ڪانه هئي، پر انهن جي ذهنن تي رهبر ۽ رهنما سوار هئا. ان ڏس ۾ کين پڪو پختو ويساه هو ته انهن رهنمائن وٽ انقلاب آڻڻ جي خاص ڪيميا ۽ ڪاريگري موجود آهي.
اسان وري به انهن حقيقتن کي سمجهڻ ۽ جانچڻ لاءِ پوئتي هلنداسون ته جيئن نفسياتي ڪيفيت کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. ان ڪري کن پل لاءِ سمجهڻ گهرجي ته عام ماڻهن جي اندر ۾ ”قوم پرستيءَ“ جي معنيٰ ۽ مفهوم هيءُ آهي ته اوائلي دور جي آزادي حاصل ڪرڻ ۽ يورپين جي چوڌاري جيڪا به اُڻت ڪيل آهي، ان کي حالتن پٽاندڙ مزاحمت ڪرڻ جي شڪتيءَ سان يڪجا ڪري ردوبدل آڻڻ ڏانهن پيش رفت ڪرڻ گهرجي.

فساد ۽ فسادي: جارج وڊا ۽ جيمس سي- ڊيويز

فسادي لفظ جي مختصر معنيٰ هيئن بيهي ٿي ته ماڻهن جو اهڙو ڇڊو پاڊو گروهه جيڪو اڌوگابري پر منظم نموني پنهنجي احساس ۽ اڌمن جو اظهار طاقت وسيلي ڪري سگهي. اهو گروهه پنهنجي خد و خال ۾ غيرقانوني سوچ ۽ ڇڙواڳي جو مظهر هوندو آهي. اهو، اڻڄاڻائيءَ جو انبوهه وقت جي لحاظ کان غيردائمي ۽ نيم رضاڪارانه روش سان لاڳاپيل هوندو آهي. ان تحريڪ سان وابسته ماڻهن لاءِ ضروري ڪونهي ته کين سڌ هجي ته اهي ڪهڙي مقصد لاءِ پتوڙي رهيا آهن، بس هو ان ڪري تحريڪ ۾ حصو وٺي رهيا آهن ته جنهن حالت ۾ رهن پيا ان ۾رهڻ ڪونه ٿا گهرن.
ٿلهي ليکي فسادين بابت ڪابه تز ۽ ڪارائتي ڇنڊڇاڻ ۽ تورتڪ ڪرڻ محال ۽ عبث آهي. ڇو ته ان لاءِ وقت ۽ مڪان جي ظهور ٿيڻ بابت اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل ۽ انهن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪرڻ سوچ ۽ ساڃاهه کان ٻاهر آهي ته ڪهڙا ماڻهو آهن، جيڪي ان تحريڪ سان اوندهه جي غلاف مان اوچتو نمودار ٿي اچي حصو وٺندا ۽ ائين چوڻ ته اڃا به اڻ مندائتو ٿيندو ته اهي فسادي يڪراءُ ٿي ڪنهن به ڦيرڦار لاءِ دائمي ڪردار ادا ڪري سگهندا.
ان هوندي به فسادين جو فڪري۽ علمي مطالعو ڪرڻ ضروري آهي. ڇو ته فساد جڏهن سماج ۾ بي آراميءَ جي نتيجي ۾ ليڪا لتاڙي چوڌاري ڦهلبا آهن ته بغاوت يا انقلاب جي شڪل ۾ نمودار ٿيڻ لڳندا آهن. اهڙي اڀار کي عام رواجي يا آئيني جدوجهد جو نالو ڏئي پٺيءَ ڀر اڇلائي نه ٿو سگهجي. ان لاءِ ابتدائي طور اسان کي فسادين ۽ غيرفسادين جي وچ ۾ ان سڳ يا سراغ کي سمجهڻ اشد ضروري آهي، ڇو ته ليڪا لتاڙڻ جي سگهه، تيز رفتاري ۽ عام سياسي ردوبدل جي سرواڻي هميشه ٿورائي يا اقليت وارا گروه ڪندا آهن ۽ اِهي چتاءُ ڏيندا آهن ته اهي عام ماڻهن جي مسئلن ۽ مونجهارن جو علاج ضرور ڪري سگهندا. ان ڏس ۾ رڳو هڪ نقطي کي ذهن ۾ رکي کوجنا ڪرڻ سان سڦلائتو نتيجو حاصل ٿيڻ محال آهي ته ڪجهه ماڻهو مڪمل طور جوش ۽ جذبي سان مزاحمت ۾ حصو وٺي رهيا آهن ته ٻيا پري کان سمورو لقاءُ ڏسندي دل ئي دل ۾ ان سياسي هلچل لاءِ دعاگو بڻجي بيٺل آهن.
فسادن جي تواريخ، جاگرافي ۽ ان جا ڪارڻ بحث هيٺ آڻڻ کان اڳ انهن گروهن جي سمجهه ۽ ساڃاهه جو ڪاٿو لڳائڻ ضروري آهي ته اهو هجوم ڪيئن ڦهلجي پنهنجي عمل سان ڳالهه کي حقيقت ۾ بدلائي ٿو، جيڪو عمل ٻين جي وس کان ٻاهر آهي. هڪ فرد گهڻو ڪري هجوم يا انبوهه ۾ پنهنجي ذاتي شناخت ۽ انفراديت کان محروم ٿي ويندو آهي. انهيءَ هجوم يا انبوهه گردي جي هلچل ۾ فرد جي منهن تي هڪ اهڙو محفوظ نقاب چڙيل هوندو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين آجو به هوندو آهي.
مطلب ته اهڙو ڪردار جيڪو پنهنجن دوستن ۽ ڄاڻ سڃاڻ رکندڙ جي آڏو آزاداڻي نموني ادا ڪرڻ کان ڪيٻائيندو آهي. تحقيق! هجوم يا انبوه ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سان فرد پنهنجي ذاتي حيثيت کان محروم ٿي ويندو آهي، پر ان سان گڏوگڏ سندس ڪلهن تي انفرادي ذميواريءَ جو پيل بار به جهڪو ٿي پوندو آهي پر ساڳي وقت ان جي سمجهه ۽ سچيتائيءَ جي سگهه ۾ اضافو ٿيندو آهي. ان کان سواءِ هو پنهنجن جذبن جو اظهار ۽ ٻين سان حصيداريءَ جو ڪارج بنان ڪنهن هٻڪ جي ڪري سگهندو، جيڪو اڳ ۾ هن لاءِ محال هو.
اهڙي مشاهدي جي قوت جيڪا ذهني پيڙا ۽ عذاب ۾ جهڪائي آڻي آزاديءَ جي سوچ ۽ فڪر ڏانهن رجوع ڪري ٿي اُها ساڳئي وقت انفراديت کي ناس ۽ نابود ڪري ٿي. اها مشاهدي جي قوت هڪ اهم عنصر کي نروار ڪري بيهاري ٿي ته گڏيل جدوجهد ۽ انفرادي جدوجهد ۾ڪهڙو فرق آهي ۽ دلجمي يا ذهني تسلي لاشڪ ته گذيل جدوجهد منجهان حاصل ٿئي ٿي. اهڙي ئي هڪ دنگي فساد ۾ حصو وٺندڙ فساديءَ کان سوال پڇيم ته: ”توکي هن جهيڙي ۽ فساد ۾ حصو وٺي ڪهڙو مزو اچي ٿو؟“ ان ماڻهوءَ هڪدم وراڻيو: ”تمام سٺو لڳي ٿو، ڇو ته ڪنهن ڪارج کي اڳڀرو ڪرڻ ۾ ٻين سان گڏجي هٿ ونڊائي رهيو آهيان!“
ٿامس مينس (Thomas Manns) جو نالو ۽ سندس لکڻيءَ بعنوان "Mario and Magician" جو خاڪو اٽليءَ ۾ فسطائي تجربي جو تجزياتي نچوڙ آهي. ان ناول ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سائنسي ۽ منطقي لحاظ سان گروه ڪهڙي ريت مڪمل قابض بڻجڻ جي سگهاري حيثيت حاصل ڪن ٿا. ان ڏس ۾ آر¸ سي¸ مائرس (R.C. (Myers) جي هڪ رپورٽ به مددگار ثابت ٿي آهي.
ان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 1947ع ۾ ڪميونسٽ مخالف قوتون انفرادي هل هنگامي سان ڪوبه اثرائتو ڪردار ادا ڪري نه سگهيون، پر جڏهن انهن گڏجي گروهه جي شڪل ۾ دنگوفساد ڪيو ته ان جا اثرائتا نتيجا حاصل ٿيا.
II
جڏهن 7 ڊسمبر 1941ع تي پرل هاربر مٿان بمباري ڪئي وئي ته ان سان گڏوگڏ حادثن ۽ اتفاقن جو هڪ اڻکٽ سلسلو شروع ٿي ويو. اهو اسان جي کنيل موضوع ۾ مدد ڪري ٿو ته ڪيئن ترتيب ۽ سٽاءُ سان فساد شروع ٿي ويا. ان کان پوءِ ستت ئي هڪ فيصلو اچي ويو ته انهن سڀني جپاني نسل جي ماڻهن کي هڪدم اولهندي ڪناري کان منتقل ڪيو وڃي.
اڳتي هلي 1942ع ۾ بهار جي موسم وقت انهن جي لڏپلاڻ ڏورانهن علائقن ڏانهن شروع ڪئي وئي. آڪٽوبر 1942ع ۾ منتقلي جو سلسلو پڄاڻيءَ تي پهچي ويو. انهيءَ صورتحال جو زهريلو ردعمل جپانين ۾ ايترو ته اڀري آيو جو ڪيترن ئي نوڪريون ۽ روزگار تياڳي ڇڏيو پر انهن جپانين ۾ هڪ همراهه جيڪو اڳ ۾ آمريڪي بحري فوج ۾ملازم رهي چڪو هو، سو پنهنجي گهر کي ڇڏڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهيو. انت ته کيس زبردستيءَ منتقل ڪيو ويو.
اهڙي هڪ ڪئمپ منزار نالي سان ڪيليفورنيا جي اڀرندي لاهينءَ وٽ لڳل هئي. ان ڪئمپ ۾ پرل هاربر جي پهرين ورسيءَ تي مظاهرا ڪيا ويا. ان ڪاوڙ جو اصل ڪارڻ هو ته منتقل ڪيل ڪجهه ماڻهن کي جيل اماڻيو ويو هو. ان لاءِ ڪئمپ انتظاميا جو چوڻ هو ته، جيل اماڻيل ماڻهن گڏجي ڪجهه ٻين منتقل ٿيلن کي مارڪٽ ڪئي هئي. جيڪي مخفي طور انتظاميا جا خابرو هئا. بهرحال پهرين مظاهري ۾ خابرو ماڻهن جي لسٽ پڙهي وئي. ان جي نتيجي ۾ انهن مان ڪجهه خابرن تي سخت تشدد ڪيو يو. ان کان پوءِ ڪئمپ جي اڳواڻن، انتظاميا وٽ پهچي گرفتار ٿيلن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو.
اڳتي هلي ٻي گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گهٽ ۾ گهٽ ڏهن خابرن کي برغمال بڻايو وڃي. جڏهن هجوم ان فيصلي کي وڌيڪ عملي جامو پهرائڻ لاءِ تحرڪ ۾ آيو ۽ ڪئمپ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين سرڪاري خابرن جي ڳولا دوران جوش ۽ ڪاوڙ ۾ آپي کان ٻاهر ٿي ويو هو، ڪاوڙ ۾ ڀريل هجوم کي پوليس اسٽيشن کان پرڀرو رکڻ لاءِ، پوليس پاران ڳوڙها گئس استعمال ڪئي وئي. اهڙي حالت ۾ ماڻهن جو انبوه ڇڙوڇڙ ٿي وري يڪجا ٿيڻ لڳو. هوڏانهن سپاهين بنان ڪنهن اختيار حاصل ڪرڻ جي ميڙاڪي تي فائرنگ شروع ڪئي جنهن ڪري ٻه ماڻهو ٿڏي تي مارجي ويا ۽ ڪيترا زخمي ٿي پيا. ائين ڪئمپ جو سمورو ڪار وهنوار ٺَپ ٿي ويو. ڇو ته ڪئمپ واسين جي اڪثريت ڏک ۽ غم ۾ ٻُڏل هئي. لڳ ڀڳ مهيني کن کان پوءِ ڪئمپ ۾ سڻائتي صورتحال موٽي آئي. انهيءَ واقعي کي تيرهن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ڪئمپ انتظاميا جي هڪ آفيسر ساروڻيون ونڊيندي چيو هو ته ان فساد جي وقت ڄڻ ته ماڻهن جي ذهن ۽ عمل ۾ بجليءَ جا وراڪا نظر اچي رهيا هئا.
اسان ان فساد جي حوالي سان ڪئمپن ۾ رهندڙن لاڏائن کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ کي ئي وڌيڪ مناسب سمجهيو. ڇو ته انهن جي اڪثريت منزار جي ڪئمپن ۾رهي چڪي هئي، جن کي پنهنجي اصلي پَڊن يعني لاس اينجلس ۾جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ موٽي اچڻ نصيب ٿيو هو. اسان ان علائقي ۾ اهڙن ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه کي 1954ع تائين وڌيڪ ترجيح ڏني، جيڪي فسادن جي وقت منزار جي ڪئمپ ۾موجود هئا. انهن جو انگ تقريبن 98 هو. انهن 98 ڄڻن منجهان 26 ڄڻا اهي هئا جن هڪ کان وڌيڪ مظاهرن ۾ حصو ورتو هو. ان طريقيڪار اختيار ڪرڻ سان مظاهرن ۾ شرڪت ڪندڙ 26 ڄڻن ۽ هُل هنگامي کان دور رهندڙ 72 ڄڻن جي سوچ ۽ رسائيءَ ۾ ڀيٽ ڪرڻ سولائي ٿي پئي. منزار جي ڪئمپ ۾ فسادن وقت رهواسين جو انگ اٽڪل روءِ ڏهه هزار هو. جيڪڏهن اسان مظاهرن ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جي متناسب حوالي سان ڇيد ڪريون ته شرڪت ڪندڙن جو انگ 2500 چئي سگهجي ٿو.
هتي هونئن شرڪت ڪندڙ ماڻهن جي هجوم يا انبوهه جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي، ڇو ته اهڙو ڪوبه اکين ڏٺو شاهد ڪونه پي مليو جيڪو خاطريءَ سان ٻڌائي سگهي ته، ڪيترا ماڻهو مظاهرن ۾ شريڪ ٿيندا هئا، پر پڪي ليکي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ڪاٿو بيهي ٿو ته چئن ڄڻن منجهان هڪ ڄڻي جي شرڪت ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
ان هوندي به خوش قسمتيءَ سان ڪجهه پتڪڙا ثبوت ڳولڻ سان ملي سگهن ٿا، جيڪي مظاهرن ۾ شرڪت جي دعويٰ لاءِ پڪي پختي دليل جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا. اسان جي ڏنل مثالن ۾ اهي گهراڻا جيڪي ان کان اڳ ۾ وڻج واپار ۾محو هئا، انهن جي زباني اهميت کي معلومات ٿي. ان ڏس ۾ سماجي ۽ اقتصادي هڪ رپورٽ ۾ اثر جيڪي لڏپلاڻ جي نتيجي ۾مرتب ٿيا، ان جي رپورٽ بلوم ۽ رائمر (Bloom and Riemer) جي نالي سان پڌري ٿي. ان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 72.6 سيڪڙو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن گهرو ڌنڌي ڌاڙيءَ سان واڳيل هئا ۽ باقي 38.2 سيڪڙو نوڪرين ۾ هئا، جن جي گذر سفر جو ذريعو پگهار هئي. ان جي برعڪس اسان جي تيار ڪيل رپورٽ ۾ پڌرو ٿيو ته 98 ڄڻن منجهان 70 ماڻهن جو گذران گهرو ڪاروبار سان ڳنڍيل هو ۽ 30 ڄڻن کي ڪٽنبي جوڙجڪ جي دائري ۾ڪوبه ڌنڌو ڌاڙي ڪونه هو.
هونئن بلوم ۽ رائمر رپورٽ 1947ع ۾ تيار ڪئي وئي هئي. جڏهن ته اسان جي رپورٽ جون 1954ع کان وٺي فيبروري 1955ع جي وچ ۾ تيار ڪئي وئي هئي. هاڻي اسان جيڪڏهن انهن رپورٽن کي آڏو رکي ڇنڊڇاڻ ڪنداسين ته ڏسڻ ۾ اچي پيو ته 68.6 سيڪڙو اهي گهراڻا هئا جن جو گذران گهرو وڻج واپار تي ۽ 10 سيڪڙو جي گذر جو ذريعو نوڪريون هيون. اهي سڀئي انگ اکر سرڪار پاران ئي ميسر ڪيا ويا هئا. ان ڪري اهي ٽئي نمونا رپورٽن جا جيڪي 1942ع، 1947ع ۽ 1954ع ۾ ترتيبوار تيار ڪيا ويا آهن، انهن ۾ هڪ ٺهڪندڙ مشابهت نظر اچي ٿي ۽ اسان جي پيش ڪيل رپورٽ جي زوردار نموني پٺڀرائي ٿئي ٿي.
ائين چوڻ ۾ ڪوبه هرج ڪونهي ته ٻارهن ورهين جي وٿيءَ کان پوءِ ڪنهن به رپورٽ تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ماڻهن کان ڪيل سوالن جوابن ۾ ڪجهه حقيقتون چٽيون ٿيڻ کان رهجي ويون آهن. اسان اڳتي هلي محسوس ڪيو ته 1954ع جي نسبت جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ اهڙا موقعا وڌيڪ هئا جن اصل حقيقتن کي نروار ڪري بيهاريو. ڇو ته ان زماني ۾ ذهن تي زهريلا ۽ نفرت انگيز جذبا وڌيڪ موجود هئا ته ڪيئن اڇيءَ چمڙيءَ وارن جو عتاب نازل ٿيو هو. پر ساڳي وقت هڪ ٻيو نقطو به رد ڪري نه ٿو سگهجي ته فسادن جي خاتمي کان پوءِ جانچ ڪرڻ ناممڪن. ان ڪري ڪوبه ثبوت لکت ۽ڇپائيءَ جي صورت ۾ مهيا ڪرڻ وس کان ٻاهر هو.
ان ڪري اسان جي ڪيل ڳالهين ۽ ان جي سهڪاري موٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ کي ڪنهن حد تائين سودمند پورهيو چئي سگهجي ٿو. ڇو ته اهي سڀئي سوال جواب هڪ آزاداڻي ۽ وڻندڙ ماحول ۾ ڪيا ويا هئا.
اهي ٽي ڄڻا جن سان انٽرويو ڪيوسين، انهن منجهان ٻه ڄڻا ته اهي آمريڪي شهريت رکندڙ هئا، جن جا وڏڙا هجرت ڪري آيا هئا، يعني کين ڏيهي آمريڪي/ جپاني چئجي. انهن مان هڪ ته مٽاسٽا جي وسيلي آمريڪا ۾ رهائش پذير ٿيو هو. ان همراهه انهن جپانين سان رلي ملي وڃڻ ۾ ڪابه قباحت محسوس ڪانه ڪئي، جيڪي آمريڪا ڏانهن لڏپلاڻ ڪري آيا هئا. اهي گهڻو ڪري هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ به پنهنجي ڌيمي ٻوليءَ ۾ ڪرڻ مناسب سمجهندا هئا. ان هوندي به اسان فساد ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن ۽ فساد کان پرانهون رهڻ وارن جي وچ ۾هڪ غلطي يا اختلاف راءِ چڱي ريت محسوس ڪيو. اهو هيئن ته جيڪي دنگي فساد ۾ شامل هئا انهن جي يادگيرين ۾ اهي زهريلا منظر ڇانيل هئا ۽ سندن بيان ڪرڻ جي ڏانءَ ۾ ٿوري هيٺ مٿاهين ڏسڻ ۾ پي آئي. ان جي ڪري اسان جي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ غلطين کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي.
البته جيڪو ڪجهه پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي، ان جي ڦهلاءُ کي هڪ دائري تائين رکيو ويو آهي، جنهن ڪري انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي ترتيب ڏيڻ ۾ ڪجهه ڪوتاهيون يا لاپرواهي به شامل ٿي وئي آهي. ان لاءِ سمجهڻ گهرجي ته هڪ خطرناڪ ۽ جوکائتي علائقي ۾ درست ۽ تز انگ اکر حاصل ڪرڻ تمام مشڪل ڪم آهن. ڇو ته حادثن ۾ اتفاقن سان ڀرپور وايومنڊل ۾ خالص حقيقتون معلوم ڪرڻ ۾ دشواريءَ کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي.
ان هوندي به ڊسمبر 1942ع جي حادثي ۾ مظاهرن جي نمودار ٿيڻ جواهم سبب هيءُ آهي ته ماڻهن جي اندر ۾ نسلي امتياز جي باهه ٻري رهي هئي. ڇو ته انهن کي خاردار تارن اندر واڙي، چوڪيدار بيهاري، اهڙي آبهوا ۾ گذارو ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هو، جتي سخت گرمي، سخت سردي، مٽيءَ جا طوفان ۽ تيز هوائون لڳي رهيون هيون. اها مجموعي صورتحال هوبهو اوڻويهين صديءَ جي انهن هارين جي مصيبتن جو هڪ لقاءُ هو، جن اڳتي هلي بغاوت ڪئي هئي. اها حالت 1929ع ۾ ان منديءَ سان به ٺهڪي آئي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ کي 1933ع ۾ اقتدار کان محروم ٿيڻو پيو هو. سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي ڪري ڄڻ ته فرينچ انقلاب يا روسي انقلاب جي اسرڻ جا آثار پيدا ٿي رهيا هئا.
اسان جيئن مٿي به ذڪر ڪري آيا آهيون ته اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جي موٽ ۾ جيڪا تلخي ۽ نفرت منزار ۾ قيد ٿيل ماڻهن ۾ نمودار ٿي ان جي ردعمل ۾ اهڙن جپانين کي به مارڪٽ ڪئي وئي جيڪي سفيد چمڙيءَ واري انتظاميا سان سهڪار ڪري رهيا هئا.
ان مان ظاهر آهي ته ماڻهن پاران حاصل ڪل ثبوتن جي موٽ ۾ پاڻ هرتو اهڙي صورتحال اڀري آئي جنهن ڪري دنگا ۽ فساد ممڪن ٿي سگهيا. انهن حالتن ۽ سببن ئي دنگي فساد جي وايومنڊل لاءِ سازگار ماحول جوڙيو، پر ائين به ڪونهي ته سموري ڪئمپ جا ماڻهو ذري گهٽ انهن فسادن جي ٻرندڙ باهه ۾ ڪاهي پيا هئا. آخرڪار اهو ڪهڙو جوش ۽ جنون هو، جنهن انهن ماڻهن کي يڪجا ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو، جيڪي وک وڌائي سگهيا. انهن ماڻهن کي به نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي، جيڪي اهڙي غيرمساوي سلوڪ، نسلي مت ڀيد ۽ ٻين عقوبتن جي باوجود به خاموش ۽ لاتعلق رهيا ۽ ڪنهن به سنئين سڌي قدم کڻڻ کان دور رهيا؟
هونئن اهڙو ڪوبه مضبوط ۽ سگهارو دليل ڪونه ٿو هٿ اچي، جنهن مطابق ڀيٽ ڪري سگهجي ته فساد ۾ حصو وٺندڙ ۽ پرڀرو رهندڙن ۾ ڪهڙو اهم فرق هو. ڇو ته اهڙا ڳپل عنصر آهن جيڪي ٻنهي ڌرين ۾ ساڳي وقت پنهنجي حيثيت ۽ سگهه جي باوجود به نظرانداز ٿيندي نظر اچن ٿا. ان ڪري جيڪو ان حوالي سان سلسلو نظر اچي ٿو اهو ڪنهن وزنائتي اهميت کي نشانبر ڪري ڪونه ٿو بيهاري.
انهن دنگوفساد ڪرڻ وارن جي هڪ عجيب و غريب ۽ منفرد خصلت ڏسڻ ۾ آئي آهي، اها آهي درگذر ڪري ڇڏڻ. هو ڄڻ ته قديم ۽ جديد روايتن جي سنگم تي بيٺل هئا. يعني جپان جي ماضي ۽ آمريڪا جي حال سان واڳيل هئا. جڏهن ته انهن جپانين ۾ 3/1 حصي کان ٿورو گهٽ انگ انهن فساد ڪرڻ وارن جو هو، جيڪي ڄاوا ئي جپان ۾ هئا. جڏهن ته فساد کان پاسيرو رهڻ وارن جو انگ اڌ تائين اهڙن جو هو جن جي پيدائش جپان ۾ ٿي هئي پر دنگي فساد ۾ حصو وٺندڙن ۾ 3/2 حصو انهن جپانين جو هو جيڪي هڪ يا ٻه ڀيرا جپان گهمڻ ڦرڻ ويا هئا ۽ پوءِ موٽي آيا. انهن گهمڻ ڦرڻ وارن منجهان اڌ حصو اهڙن جو هو جيڪي ٻن ورهين کان گهٽ ٽِڪيا هئا. ٻيو اڌ ترسڻ وارن جو مُدو ٻن ورهين کان وٺي سترهن ورهين تي پکڙيل هو. انهن جو جپاني ڪلچر کان نئين سِر متاثر ٿيڻ اوس هو. هوڏانهن دنگي فساد کان پرانهون رهندڙن منجهان اڌ انگ کان به گهٽ جپان سئر سفر لاءِ ويا، پر ستت ئي موٽي آيا ۽ 3/1 حصي کان گهٽ انهن جو انگ هو، جيڪي جپان ويا پر ٻن ورهين کان به گهٽ عرصي ۾ موٽي آيا.
ان مجموعي صورتحال جي حوالي سان ڏسڻ ۾ آيو ته آمريڪي سماج ۾ دنگوفساد ڪندڙ عنصرن ۾ دنگي فساد کان دور رهندڙ عنصرن جي ڀيٽ ۾ ويجهڙائي ۽ ايڪتا وڌيڪ هئي. انهن دنگي فساد ڪرڻ وارن ۾ جنگ کان اڳ ووٽ ڏيڻ جو انگ به غيرفسادين جي نسبت ۾ وڌيڪ ۽ چڱو موچارو هو. ان کان علاوه فساد ۾ ويساه رکندڙ ڌرين جو چوڻ هو ته جنگ کان اڳ پاڙي ۽ آسپاس جي لحاظ کان آباديءَ جو مليل جليل سٽاءُ هو يا وري اڇي چمڙيءَ وارن جي اڪثريت ڇانيل هئي، ان جو به ردعمل اڻٽر هو. انهن فسادين ۾ چڱو خاصو انگ عبادتگاهن يعني پروٽيسٽنٽ ۽ ڪئٿولڪ گرجا گهرن ۾ (جتي عبادتي رسمون جپاني پادري ادا ڪندا هئا) ويندا هئا. ان جي برعڪس غيرفسادين جو گهٽ انگ چرچ ڏانهن ويندو هو. جيتوڻيڪ ظاهري طور ائين ڏسڻ ۾ پي آيو ته چرچ کان پرانهون رهندڙن جو انگ ئي دنگي ۽ فساد سان واڳيل آهي، پر ائين ڪونه هو. جڏهن ته دنگي فساد ڪرڻ جو انگ 3/1 کان به گهٽ هو ۽ ان جي ڀيٽ ۾ دنگي فساد مخالف اڌ کان به وڌيڪ هئا، جن ۾ سفيد چمڙي وارن جو چڱو موچارو انگ به موجود هو.
ائين دنگو فساد ڪندڙ هڪ ئي وقت آمريڪي ۽ جپاني ڪلچرن جي وچ ۾ ڦاٿل هئا. هو سدائين جپان ڏانهن اچ وڃ ۾ مصروف هئڻ سان گڏوگڏ ڊگهو عرصو گذارڻ کي ترجيحات ۾ شامل رکندا هئا. ان کان سواءِ جپاني آمريڪا جي ڪلبن ۾ وڃڻ وڌيڪ پسند ڪندا هئا. پوءِ به اهي گرجن ۾ وڃڻ،چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ گهڻي ڀاڱي نسلي لحاظ کان مليل جليل علائقن ۾ رهڻ پسند ڪندا هئا. ان جي برعڪس غيرفسادي عنصر ڪنڊائتو رهڻ کي ترجيح ڏيندڙ هئا. ڇو ته اهي غير فسادي ماڻهو ذهني طور اصل آمريڪي رهواسين جي ڀيٽ ۾ شعوري طور پاڻ کي جپاني سمجهندا هئا. جهڙيءَ ريت آئرش ماڻهو هلندڙ صديءَ جي منڍ تائين نيويارڪ ۾ پاڻ کي منفرد يا جداگانه ليکيندا هئا يا وري ڪوريا واسي به جپان ۾ پاڻ کي هڪ ڌار سڃاڻپ سان برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اهو سلسلو ڪنهن حد تائين ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ به هلندو رهيو.
دنگو فساد ڪندڙن ۾ هڪ ٻي جداگانه خاصيت هيءَ ڏسڻ ۾ آئي ته اُهي سماجي طور ايترو ته متحرڪ هئا جو ٻين گروهن سان ملڻ جلڻ ۽ واسطا قائم ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ جا ماهر هئا. انهن مان لڳ ڀڳ 3 /2 حصو اهڙن متحرڪن جو هو جيڪي ٻين غيرمذهبي تنظيمن جا سرگرم ميمبر هئا. هوڏانهن غيرفسادي ان ڏس ۾ دنگي فساد ڪرڻ وارن جي پنجن منجهان چار ڄڻا ٻڌمندر يا وري گرجا گهر ۾ ويندڙ هئا. جڏهن ته عبادت گهرن ۾ ويندڙ غيرفسادين جو انگ چئن مان ٽن ڄڻن تائين محدود هو.
اسان اڳ ۾ به ٻڌائي آيا آهيون ته هنساوادين ۾ ووٽ ڏيڻ وارن جو انگ هنساوادين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هو. هو جنهن زماني ۾ منزار جي ڪئمپ ۾هوندا هئا ته عبادت گاهن ۾ وڃڻ وقت جيڪڏهن کانئن ڪو پڇا ڳاڇا ڪندو هو ته پاڻ کي هنساوادي سڏائڻ ۾ به حجاب محسوس ڪونه ڪندا هئا. ان کان سواءِ ڪئمپ ۾ رهندي به سفيد چمڙيءَ وارن سان لڳ لاڳاپا رکڻ ۾ پڻ متحرڪ رهندا پي آيا.
هونئن جيتريقدر هنساوادين جي اقتصادي صورتحال جو ذڪر آهي ته ان ڏس ۾ اهي آمريڪي سماج اندر هڪ چڱي موچاري حيثيت رکندڙ هئا. انهن جي ڏهن گهراڻن منجهان ڇهن ڪٽنبن کي جنگ کان اڳ واپار وسيلي ٺاهوڪي حيثيت حاصل هئي، جنهن ۾ زرعي فارم، باغات، هوٽل اچي وڃن ٿا. ائين اهنساوادين کي چئن جي ڀيٽ ۾ ٽن جي سرسي حاصل هئي. ها، پر ساليانو اهنساوادين جي اپت هنساوادين جي ڀيٽ ۾ ٻه هزار ۽ پنج هزار ڊالرن جي نسبت سان هئي.
اسان کي هڪ اهم ۽ وزنائتي معلومات ملي ته دنگوفساد ڪرڻ وارن جي اڪثريت انهن منجهان هئي، جيڪي گهرو ذميوارين کان آجا هئا. انهن هنساوادين جو لڳ ڀڳ اڌ حصو غير شادي شده هو. جڏهن ته اهنساوادي 3 /1 حصي تائين مس هئا. هوڏانهن وري پرڻيل 3 /2 حصو هنساوادين کي اولاد به هڪ يا ٻن تائين محدود هو. ان جي برعڪس اهنساوادين کي چئن کان پنجن تائين ٻار هئا. محض 3/1 حصو شادي شده هنساوادين کي ٻن کان وڌيڪ ٻار هئا ۽ جڏهن ته 3/2 ڀاڱي اهنساوادين جي ٻارن جو به ساڳيو انگ هو. هونئن هنساوادين جي اولاد جوان جماڻ ٿيڻ کان پوءِ مائٽن تي تڪيو ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، بنسبت اهنساوادين جي اولاد جي.
جيتريقدر ڄمار جي لحاظ کان ڪاٿو لڳائڻ جو سوال آهي ته اهو طريقو لاشڪ ته مبهم ۽ ڦرندڙ گهرندڙ ڏسڻ ۾ پي آيو. ان حساب سان پوءِ به 26 هنساوادين جي ڄمار جو وچٿرو ڪاٿو 32.6 ورهيه مليو ۽ 72 اهنساوادين جو ليکو چوکو 34.7 جي لڳ ڀڳ ڏسڻ ۾ آيو. ان کان سواءِ ڄمار جي عنصر کي ذهن ۾ رکي ڪنهن به قسم جي وڌيڪ ڀيٽ ڪرڻ ڏکيو ڪارج هو. ڇو ته انهيءَ ڳولا ڦولها جي آڏو نسلي ساڙ، بغض ۽ بين الاقوامي حڪمت عملي رنڊڪ بڻجي بيٺل هئا. ان ڪري ممڪن ئي ڪونه هو ته جپانين بابت آمريڪا ۾ تز ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي. ان جو هڪ مثال هيءُ آهي ته: 1907ع ۾ هڪ ٺاهه جپانين ۾ وڌيل شدت ۽ ناراضگيءَ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ آندو ويو. اهو هيئن ته نسلي گهٽ وڌائي طور، سان فرانسسڪو جي درسگاهن ۾غيرامتيازي سلوڪ اختيار ڪيو ويو هو. ان وڌندڙ بي آراميءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٿيوڊور روزويلٽ کي آرڊيننس ختم ڪرڻو پيو. ان جي موٽ ۾ جپان سرڪار کي واعدو ڪرڻو پيو ته آئنده آمريڪا ڏانهن مرد جپانين کي لڏپلاڻ کي روڪيو ويندو. ان حوالي سان منزار جي ڪئمپ ۾ 1942ع ڌاري ڏسڻ ۾ آيو ته 46 جپانين منجهان محض ٻه ڄڻا مليا، جيڪي جپان ۾ ڄاوا هئا.
ان ڪري هتي ائين چوڻ يا پڌرو ڪرڻ به ڏکيو لڳي ٿو ته تناسب جي لحاظ کان ٻيڻ تي اهي ماڻهو هئا جن جا وڏا ا جپان منجهان لڏپلاڻ ڪري آيا هئا. هنسا کان پرڀرو رهيا. بهرحال هڪ اڻپورو نتيجو هڪ ثبوت وسيلي مليو ته اهڙا اٺ جپان واسي جيڪي لڏپلاڻ ڪري آيل هئا ۽ هنسا ۾ شامل هئا ته سندن ڄمار سراسري طور 48.9 جي لڳ ڀڳ هئي. ٻئي پاسي اهنساوادي لاڏائو جپانين جي سراسري عمر 46.5 ڏسڻ آئي. اها ساڳي صورتحال اهنسا ۽ هنساوادي نوجوانن ۾ پڻ موجود هئي.ان کان علاوه اهڙا به انگ اکر مليا ته 34 ورهين کان وڏي ڄمار جا ماڻهو جن جي ڄم ۽ لڏپلاڻ متعلق ڪوبه وزنائتو ثبوت موجود ڪونه هو، انهن بابت ڪابه ڄاڻ ڪونه هئي ته اهي هنسا يا اهنسا ۾ شامل هئا.
جيتوڻيڪ ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته هنساوادي گهڻي ڀاڱي ننڍي ڄمار جا هئا. انهن مان 4/3 حصو ته 35 کان به گهٽ عمر وارن ۽ اڌ کان وڌيڪ 30 کان گهٽ ڄمار وارن تي مشتمل هو. هوڏانهن 2/1 حصو اهنساوادي به 30 ۽ 35 ورهين جي دائري ۾ شامل هئا. انهن ۾ نوجوانن جي اڪثريت ته غيرشادي شده هئي ۽ جيڪڏهن شادي شده هئا ته به مختصر ٻار هئن ۽ گهڻو تڻو اپت جو ذريعو به پورو سارو هو. پر مجموعي طور ائين چئي سگجي ٿو ته هنساوادي ۽ اهنساوادي ڄمار جي لحاظ کان مختلف انگن اکرن سان ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا. ان هوندي به اهنساوادين ۾اهڙن ماڻهن جو انگ نه هئڻ برابر هو، جيڪي شادي شده، آل اولاد وارا ۽ اهڙن گهراڻن سان تعلق رکندڙ هئا جن کي جنگ کان اڳ يا پوءِ گذر سفر جو وسيلو موجود هو ۽ مليل جليل ماحول ۾ رهڻ جا عادي هئا.
ائين به معلوم ٿيو ته هنساوادي ووٽ/ راءِ ڏيڻ جي معاملي ۾اهنساوادين کان اڳڀرا هئا. جيڪڏهن اهڙا پوڙها جيڪي راءِ ڏسڻ جي لائق ڪونه هئا ته به منزار ڪئمپ کان ٻاهر سفيد چمڙيءَ وارن جي معرفت خبرچار لهڻ لاءِ اتاولا هوندا هئا. انهن جي دلي خواهش هوندي هئي ته جنگ ۾ جپان کي سرسي حاصل ٿئي. هنسائي فطري لحاظ کان رلڻا ملڻا ۽ هر ڪنهن ڄمار واري سان ٺهڪي ويهڻ ۾ دير ڪونه ڪندا هئا. پر جيڪي انگ اکر جنگ جي زماني کان اڳ جا مليا آهن، جنهن ۾ گرجا گهر ۾ عبادت لاءِ ويندڙ ۽ غيرحاضر رهندڙن جو تعداد ان نقطي کي رد ڪرڻ يا مڃتا لائق ڪونه سمجهي ٿو ته انهن ٻنهي ڌرين تي ڪو اڃا به ٻيو گڏيل اثر ڇانئجي رهيو هو!
اسان اڳ ۾ به ٻڌائي آيا آهيون ته، هڪ مبهم مثبت طرز جي ويجهڙائي مزڪوره گروهن ۾ اڀري رهي هئي. ائين مجموعي طور هنسائي ۽ اهنسائي گروهن جي وچ ۾ ڀيٽ ڪئي ويئي ته پڌرو ڏسڻ ۾ آيو ته هنسائي فڪر رکندڙن ۾ وڌيڪ ڪشش جو مادو هو.

هنسائي فڪر وارا اهنساوادين کان هڪ ٻي نسبت سان به منفرد ۽ يگانه هئا ته ڪنهن به موضوع يا نقطي تي پنهنجي جنگي آزمودي سان ردعمل ظاهر ڪرڻ ۾ نٽ نٽاءُ ڪونه ڪندا هئا. اهو ردعمل پنهنجي شدت ۽ سگهه سان ان زماني ۾ به نظر آيو، جڏهن سفيد چمڙيءَ وارا کين تڏا پٽي لڏپلاڻ لاءِ زور زبردستيءَ کان ڪم وٺي رهيا هئا. انهيءَ ڪارج جي خلاف شدت سان مزاحمت ڪندڙ ۾ اهي صف اول ۾ بيٺل هئا، جن جو آمريڪي معاشري ۾ سماجي لحاظ کان ڪوبه ڪارائتو اثر رسوخ ڪونه هو. جڏهن ته معاشي لحاظ کان خوشحال طبقو ان کٽراڳ کان پرڀرو هو. جڏهن سوال پڇيو ويندو هو ته جپانين کي سامونڊي ڪنارن کان هٽايو ڇو پيو وڃي ته، 3/1 اهنساوادي هيءُ دليل ڏيندا هئا ته اهڙو قدم نسلي لحاظ کان ڪيليفورنيا جي علائقي جي رهندڙ جپانين ڏانهن دوستاڻو عمل چئي سگهجي ٿو ته جيئن ڪنهن به ”ڀڃ ڊاهه“ جي ڪارروائيءَ کي اڳواٽ روڪڻ لاءِ اُپاءُ وٺي سگهجن. ان قدم سان نه رڳو جپانين جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي ٿو، پر اڃان به جپانين کي نام نهاد دهشت گرديءَ جي نشاني کان بچائي سگهجي ٿو. ان جي برعڪس فوجي نقطه نگاه کان چيو پي ويو ته جپانين کي بچاءَ لاءِ اُپاءَ ضرور وٺڻ گهرجن.
هوڏانهن وري آمريڪي سرڪار جو بيان هو ته آمريڪي عام راءِ جو جپانين ڏانهن مخالفاڻو ۽ جنوني رويو پڻ خوف ۽ ڊپ جي علامت آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سندن وفاداريءَ جي ڪسوٽي ڪئمپن ۾ رهڻ سان لاڳاپيل آهي. اهڙي طرز جي بيان بازي ڪرڻ جا محض ٻه مثال ملي سگهيا آهن. جيتوڻيڪ اڌ کان به مٿي اهنساوادي پڻ پنهنجن بيانن معرفت پڌرو ڪري چڪا هئا ته سفيد چمڙيءَ وارن جو جپانين ڏانهن مخالفاڻو رويو لڪائي ڪونه ٿو سگهجي. ان ورتاءُ جي لاءِ دليل ڏيڻ خاطر هنساوادي به هڪيا تڪيا بيٺل هئا.
جنگ کان اڳ آگاهي ڏيڻ جي حوالي سان انهن ٻنهي گروهن ۾ ٿورو ٿڪو فرق هو. پر هنسائي هڪ نقطي کي پڌري پٽ ظاهر ڪرڻ ۾ نٽ نٽاءُ کان ڪم ڪونه وٺي رهيا هئا ته پرل هاربر جي واقعي کان پوءِ آمريڪين جي سلوڪ ۽ ورتاءَ ۾ ڏينهن رات جو فرق اچي ويو آهي. هنساوادين کي ڪئمپن جي اندر رهندڙ سرڪاري چغلخورن بابت ڪچي ڦڪي معلومات هئي. ان ڪري جڏهن انهن سان 1954ع ۾ ميل ملاقات ٿي ته ان زماني ۾ اهي مستقل مزاجيءَ سان اهنساوادين جي مقابلي ۾ پختن پيرن تي بيٺل هئا ته چغلخورن ۽ جاسوسن بابت سندن روش درست ۽ جائز هئي.
ان کان علاوه اسان کي جنگ بابت جپان ڏانهن سندن هڪ تز ۽ ٺهڪندڙ راءِ به ڏسڻ ۾ آئي. اها هيئن ته اهنساوادين جا جيڪڏهن ٻه ماڻهو جپان جي فائدي ۾هئا ته واري هنساودي ٽن جي انگ کان به سوايا ڏسڻ ۾ پي آيا. (اهو تعداد في سيڪڙو جي حساب سان 2 6 ۽ 2 4 بيهي ٿو). جڏهن هڪ سال بعد جهيڙا جهٽا ٿيا ته اميدن آسرن ۾ به لاٿِ آئي، پر پوءِ به هنساوادين ۽ اهنساوادين جي سوچ ۽ فڪر جو تناسب ساڳيو رهندو آيو. جنهن مطابق هنساوادين جي اڪثريت سدائين جپانين جي سوڀ جي آرزومند رهندي آئي.
هڪ اهڙو ڌيان لائق واقعو ڪئمپ ۾ ٿيو، لي بون (Le Bon) ان جي نشاندهي ڪندي ان کي هجوم جي راءِ ۽ فتويٰ سان منسوب ڪري ٿو. منزار جي ڪئمپ ۾ مظاهرن ٿيڻ کان ٽي هفتا اڳ هڪ ٻئي مرڪز پوسٽن ۾ هڙتال ٿي. ان هڙتال جي خبر ظاهر آهي ته، اڏامندي مرڪزن تائين به پهتي، جنهن کي روڪڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي، پر هنساوادين جا ڪن سرلا هئا، جنهن ڪري ڊسمبر جو مظاهرو وڌيڪ طاقتور ثابت ٿيو. جڏهن ته هنساوادين تي ڪو خاص اثر ڏسڻ ۾ ڪونه آيو.

III
اسان کي هاڻي هنساوادين ۽ اهنساوادين جي وچ ۾ مختصر نموني ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ ڏسڻ ۾ اچي پيو ته ڪهڙي ريت هنساوادين گس گساءُ کان ڪم ورتو، جنهن ڪري ڪنهن به ڪلچرل گروپ سان ڳانڍاپو رکڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيا، انهن جو سماج ۾ مضبوط معاشرتي ڏيک ويک به نه هئڻ برابر هو، انهن جون ٻاراڻيون حرڪتون ۽ ڪنهن به ذميواري نڀائڻ کان پاڻ کي آجو سمجهڻ ۽ ڪٽنبي رس رساءَ کان لاپرواه ٿيڻ سبب ڪي مثبت نتيجا حاصل ڪونه ٿي سگهيا.
اهڙي طرز فڪر رکندڙ ماڻهن ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ بي آرامي، ماڻهن کان بيزاري، سماج ڏانهن بنا ڪنهن رک رکاءُ جي سخت گير ردعمل جو مظاهرو هو. اهڙيءَ ريت جيئن مينهن جو وسڪارو امير يا غريب، جوان توڙي پوڙهي، پڙهيل يا اڻپڙهيل مٿان بنا ڪنهن ڀيد ڀاوَ جي ٿيندو آهي. ايئن مجموعي طور سمجهڻ گهرجي ته جيڪي ڪجهه هن مهل تائين وهيو واپريو آهي، ان جو بنيادي ڪارڻ ”حالتون“ نه پر ”حالتن جي خلاف ردعمل“ آهي، جنهن هنسا ۽ اهنسا کي چٽو ۽ نروار ڪري بيهاريو. ڇو ته هنساوادي عملي طور متحرڪ ماڻهو هئا، جيڪي سماجي محرومين جو اظهار هئا. ان جي ابتڙ اهنساوادي ان سموري عمل ۾ محض تماشائي بڻيل هئا.
ها! پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪجهه ماڻهو عملي دنيا منجهان پير کسڪائي به ويندا آهن، اهي ماڻهو جيڪي ان هلچل دوران جيل ۾ هئا، سي ڪنهن به ڳڻپ کان ٻاهر آهن. ڇو ته اهي بنديخاني ۾ واڙيل هئا، پر انهن کي هنساوادين آزاد ڪرايو ته پوءِ ڳاڻيٽي ۾ اچڻ لڳا پر جڏهن آزاد ٿيندڙن کان پڇيو ويو ته اهي ڪهڙي تهمت تحت جيل ۾ واڙيل هئا ته، انهن مان اڪثريت جو چوڻ هو ته، اهي تاش راند ۾ محو هئا، جڏهن فساد ٿيا ته کين گرفتار ڪيو ويو.
اهڙن عنصرن جي حيثيت کي به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي جيڪي سماجي ڇڪتاڻ جي وايومنڊل ۾ گهرو ذميوارين کان آجا هجن ۽ سندن شموليت کي اتفاقي ڄاتو وڃي. جيڪڏهن ڪو فرد، اقليتي گروهه ۾ ڄائو نپنو هجي ۽ سندس ڪوبه واسطو وسيع تر دوستاڻي سماج سان ڪونه رهيو هجي. ان فرد جو پنهنجي وڏڙن جي ڌرتيءَ تي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ چڱو چوکو وقت گذريو هجي ۽ پوءِ اوچتو پنهنجي جنم ڀوميءَ ڏانهن موٽي اچي ۽ اتان جي وسيع تر سماج جو حصو بڻجڻ لاءِ ڪوشش به ڪري، پر اندر ۾ سانڀيل شعور سندس پيرن ۾ زنجير بڻجي پوندا. هو جيڪڏهن ڪنهن گهٽيءَ منجهان لانگهائو ٿيندو ۽ کيس مظاهري ۾ شرڪت لاءِ سڏ ڏنو ويندو ته في الحال منجهي پوندو ته شامل ٿئي يا نه؟ ته ان مهل سندس ذهن ۾ ڪٽنبي پس منظر، ڌن دولت، (مجبوري، مفاد) حيثيت ۽ امارت ڦرڻ لڳندي.
اسان کي پڻ جانچ دوران اهڙوئي هڪ ڊرامائي مثال ڏسڻ ۾ نصيب ٿيو. هڪ زال زائفان اهڙي هڪ مظاهري ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويجهو وڃي پهتي پر اوچتو موٽ کاڌي، ڇو ته هوءَ ڳورهاري هئي.
اسان هيل تائين سمورن تفصيلن سان واضح ڪري ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته، هڪ وچولي درجي جي ماڻهن جي صف بنديءَ کان سواءِ هو هڪ اهڙي متحرڪ اقليت آهي، جنهن جي هڪ پاسي اڪثريتي ڌر، جيڪا جامد ۽ ساڪن آهي ته ٻئي پاسي متحرڪ ليڊرشپ بيٺل آهي. جيڪڏهن هتي اهو سوال پڇيو وڃي ته انهن سڀني جو مظاهرن ۽ تحرڪ واري زماني ۾ ڪهڙو ڪردار هو، جڏهن ڪجهه هنسا طرفدار هئڻ جي باوجود ماٺ ميٺ ۾ تماشو ڏسڻ ۾مصروف هئا. اسان کي لاشڪ ته اهڙي طرز جا تماشائي به گڏيا جن کان پڇاڳاڇا ڪرڻ لاءِ حيلا هلاياسين، پر اُهي نابري واري بيهي رهيا. ان معاملي ۾ مذڪوره وچولو طبقو پنهنجي حيثيت ۽ عمل جي روءِ سوءِ سان وڌيڪ نشانبر ٿي سامهون آيو، جنهن کان سواءِ هلچل جو متحرڪ ٿيڻ ممڪن ڪونه هو. انهن جي حيثيت پنهنجي جاءِ تي اهڙن رهبرن ۽ رهنمائن کان به سرس هئي. ڇو ته، اهي اُن اڀار ۽ انقلاب جا نقيب هئا ۽ ائين به چئجي ته پنهنجي پُرامن طريقي سان چونڊن جي طور طريقي تي پڻ اثرنداز ۽ اقتدار جي جوڙجڪ ۾ ردوبدل آڻڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهيا.
اسان جي اپٽار ۽ وستار هر اسم کي صاف ڪري الڳ الڳ تجويز جي شڪل ۾ آندو آهي. جڏهن ڪوبه سماج ٻڙڪا کائڻ جي ويجهو هوندو آهي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ سمورو سماج اٿل پٿل آڻڻ لاءِ تحرڪ ڪونه وٺندو آهي، پر ان سماج ۾ هڪ اهڙي اقليت هر اول جوڪم ڏيندي آهي، جيڪا بي انصافي ۽ قدامت پرستيءَ کي شدت سان محسوس ڪندي آهي ۽ هڪ اثرائتي ردعمل جو ذريعو ٿيندي آهي. ائين به ڪونهي ته شدت جو مقصد فردن جي ساڙ ٻاڙ، تباهي جي شڪل ۾ نمودار ٿئي. ان روش منجهان اڳتي هلي فائدو ٿيندو آهي ته اڪثريت جيڪا لاتعلق ٿي بيٺي هوندي آهي سا اقليت جي پٺڀرائي ۽ سهڪار ڏانهن وک وڌائڻ شروع ڪندي آهي، پر اهي پهريائين ته انهن نعرن کان به ونئون ويندا آهن، جن ۾ ”شهنشاهه مرده آباد!“ جو اڀ ڏاريندڙ نعرو به شامل هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو سڀ وهنوار محض سهپ کان ٻاهر سماجي حالتن جو نتيجو ڪونه هوندو آهي، جنهن ڪري ماڻهو احتجاج ڏانهن مائل ٿيندا آهن، پر ان جي جوهر ۾ وري به فرد جو جيئرو جاڳندو هئڻ ضروري آهي ڇو ته ان ۾ اها سگهه سمايل آهي ته هو برداشت يا سهپ جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي رد ڪري سگهي.

هڪ ساميه واد ڪميونسٽ جو حسب نسب: ائڊگر سِنو

[b]ننڍپڻ[/b]
مون، مائوزي تنگ جي آڏو پنج يا 6 سوال ترتيبوار ڌار ڌار مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ رکيا. هو سوالن تي راتين جون راتيون ڳالهائيندو رهيو پر اِها ڳالهه محسوس ڪيم ته کيس ڪٿي به پنهنجي ڪردار ۽ جدوجهد کي مٿڀرو ۽ منفرد نموني پيش ڪرڻ جي هورا کورا ڪونه هئي. ان ڪري مون کي ابتدا ۾ ئي محسوس ٿيو ته سندس جِندُ بابت ڪا مفصل معلومات حاصل ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. ڇو ته هُن جي نظر ۾ فرد جي حيثيت ۽ پد مختصر آهي. جنهن ڪري اڃا به ٻين سُرخن (Reds) کان جڏهن به حال احوال وٺڻ شروع ڪندو هيس ته اهي سدائين ڪاميٽين، تنظيمن، فوج، مقصد، جنگ و جدل، حرفت، اپائن ۽ اهڙن ٻين لاڳاپيل اسمن تي ڳالهائڻ لاءِ اڳ کان اڳرا هئا پر ذاتي تجربن جو ذڪر ورلي ڪندا هئا. اها ساڳي روش مائوزي تنگ جي پڻ هئي.
مان ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به سوچيندو رهندو هيس ته اُهي اهڙن سوالن تي کلئي دل سان ڳالهائڻ لاءِ ان ڪري ذهني طور تيار ڪونه آهن، جو متان سندن ساٿين جي پردي پويان لڪل سترپوشي ظاهر ٿي پوي ۽ انهن جي انفرادي حيثيت جو وڌيڪ اجاڳر ٿيڻ تحريڪ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿئي. اڃا به انهن جي ذهن ۾ ويٺل خوف کي رد ڪري نه ٿو سگهجي ته سندن ڪيترن ئي ساٿين جي سِرن مٿان انعام رکيل هئا، انهن جو نمودار ٿيڻ جوکو کڻڻ جي برابر هو پر ٿورو ويجهو ٿيڻ کان پوءِ منهنجا سڀئي قياس ۽ انومان رد ٿي پيا. ڇو ته مون ڏٺو ته انهن مان ڪيترن کي پنهنجي زندگيءَ جا لاها چاڙها ۽ ذاتي تجربا ياد ئي ڪونه هئا. اهو هيئن ته جڏهن، مان، انهن منجهان ڪجهه ڪميونسٽن جون سوانح عمريون گڏ ڪرڻ شرع ڪيون ته، هڪ اهم نقطو پڌرو ٿي سامهون آيو ته ڪميونسٽ کي ان حد تائين پنهنجي حياتي بابت يادگيريون آهن، جيستائين اهو هڪ فرد طور ليکيو ۽ ڄاتو ويندو هو پر جيئن ئي اهو فرد سرخ فوج جو حصو بڻجي ويو ته کانئس پنهنجي جداگانه حياتي بابت سڀ ڪجهه وسري ويو.
ها! فقط هن جي ذهن تي فوجي جدوجهد، ڪميون/برادري، پارٽيءَجي ذميواري ڇانئجي ويل هئي. اهي ماڻهو ڪنهن به لڙائي، حادثن ۽ تحريڪن بابت تز تاريخ ۽ نتيجن بابت بنا ڪنهن هٻڪ جي آگاهي ڏئي سگهندا هئا. ان حد تائين جو اهڙن واقعن بابت ڄاڻ ڏيڻ جي پوزيشن ۾ به هوندا هئا جن ۾ ڪڏهن به حصو ڪونه ورتو هئائون پر اها ڄاڻ به ڪنهن فرد جي ساراهه ۽ ثناخوانيءَ بدران مجموعي ڪارڪردگيءَ بابت هوندي هئي. ڇو ته، سندن نظرن ۾ تاريخ جي جوڙجڪ ۾ فرد کان وڌيڪ سرخ فوج جو ڪردار مٿانهون آهي. ان جي پويان هڪ مڪمل نظريو ڪارفرما آهي، جنهن لاءِ سِر جون سٽون ڏئي رهيا آهن، اها منهنجي لاءِ هڪ نواڻ هئي، جيڪا اکرن ۾ بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.
هڪ رات، جڏهن منهنجا سڀئي پڇيل سوال پورا ٿيا ته مائو پنهنجي آڏو رکيل فهرست تي مٿاڇري نظر وڌي، جنهن ۾هڪ ڪنڊائتو سوال به ٽنبي ڇڏيل هو: ”ذاتي تواريخ؟“ ان سوال کي پڙهندي سندس منهن تي مُرڪ اچي وئي. مان امالڪ کانئس سوال ڪيو: ”توهان ڪيترا ڀيرا شاديون ڪيون آهن؟“ پر سوال جو افواهن جي بازار ۾ وري هڪ ٻيو مطلب ورتو ويو. مون مائو کان پڇيو آهي ته، کيس گهڻيون زالون آهن؟ هونئن به هن کي پنهنجي جيون ڪٿا جي باري ۾ گهڻي ڊيگهه پٽاڙ ڪرڻ ۾ دلچسپي نه هئڻ برابر هئي، پر مون پنهنجي دليل کي اڳڀرو ڪندي چيو ته، ماڻهن کي ذاتي زندگيءَ بابت سڌ سماءُ حاصل ڪرڻ ۾ ڪشش رهي ٿي. ”ماڻهو ڄاڻڻ گهرن ٿا ته، تون شخصي طور ڇا ۽ ڪيئن آهين؟“ مون کيس ٻڌايو: ”انهن کي جڏهن تو بابت ڄاڻ ملندي ته ان جي موٽ ۾ توکي موقعو ملندو ته غلط افواهن کي رد ڪري سگهين.“
مون کيس يادگيري ڏياري ته ڪيئن ماڻهن ۾ اوچتو سندس وفات متعلق خبر پکڙجي وئي. ڪيترائي ماڻهو چون ٿا ته پرڏيهي ٻولين منجهان فرينچ ڳالهائڻ تي توکي عبور حاصل آهي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهو وري توهان کي هڪ اڻ گهڙيو ڪاٺ ۽ محض هاري سمجهن ٿا. جڏهن ته ڪيترن جو خيال آهي ته، تون تپ دق ۾ ورتل مريض آهين ۽ ڪي سائينءَ سنواريا ته مورڳو توکي جنوني ۽ اڌ مغزي ليکين ٿا. هو اهڙن احوالن ٻڌڻ کان پوءِ تپرس ۾ پئجي ويو ۽ چوڻ لڳو ته، ڇا ماڻهن وٽ ايترو وقت ۽ فرصت آهي جو منهنجي باري ۾ اهڙا ڳپوڙا ۽ ڌڪا هڻندا وتندا آهن. ان کان پوءِ هو مون سان سهمت ٿيو ته اهڙن افواهن بابت ڪجهه نه ڪجهه درستگي ٿيڻ گهرجي. ائين مائو ٻيهر کليل سوالن کي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳو، جيڪي سندس اڳيان رکيل هئا.
آخرڪار ڊگهي ماٺ کي ٽوڙيندي چوڻ لڳو: ”فرض ڪيو ته توهان جي ٽڙيل پکڙيل سوالن کي پاسيرو ڪري محض پنهنجي زندگيءَ جو عام رواجي خاڪو پيش ڪيان ته ان ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ مان سمجهان ٿو ته اهو طريقو سڀ کان وڌيڪ ڪارگر ثابت ٿيندو ۽ آخر ۾ توکي خودبخود خبر پئجي ويندي ته تنهنجي سڀني پڇيل سوالن جا جواب ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ملي ويندا.“
اهڙيءَ طرح طويل راتين ۾ ڪيل ڳالهين ٻولهين ۾اسان جي هڪ ٻئي لاءِ راءِ هڪ آڏي پڇا ڪندڙ ۽ اندر ۾ لڪل ڪيفيتن کي نروار ڪري بيهارڻ جهڙي رهندي آئي. اسان هڪ غار جي اندر رکيل ميز جنهن جي مٿان سرخ پوش رکيل هو، ان جي چوڌاري ميڻ بتين جي جهڪي روشنيءَ ۾ ڳالهين ۾ ايترو ته محو ٿي ويندا هئاسين جو ڪل ئي ڪانه پوندي هئي. مان اوستائين پيو لکندو رهندو هيس، جيستائين ٿڪجي سمهي نه پوندو هئس. هونئن منهنجي پاسي وُوُ ليانگ پنگ هڪ ترجمان طور ويهندو هو، جيڪو مائوءَ جي ڏاکڻي علائقي ۾ ڳالهائيندڙ نازڪ ۽ نفيس ٻوليءَ کي آسان جملن ۾ منتقل ڪندو رهندو هو. مائو جيڪي ڪجهه ڳالهائيندو رهيو ،ان جو وسيلو سندس يادگيرين سان لاڳاپيل هو. مان انهن يادگيرين کي تڙ تڪڙ ۾ ڪاغذ تي اتاريندو ويندو هئس.
مان اڳ به ذڪر ڪري آيو آهيان ته، انهن لکڻين کي ٻيهر ترجمو ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيڻ جو ڪم به ڪندو رهندو هيس. ان جي ڪري منهنجي لکڻين ۾ ڪٿي به اوهان کي ادبي ذوق جو پاڇولو به نظر ڪونه ايندو. ان ۾ ٿورو ٿڪو مسٽر وُوُ جي صلاح ۽ معمولي درستگيءَ جو عمل دخل رهندو آيو.
”منهنجو جنم 3 9 8 1 ع ۾ هُونان صوبي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ شائوشان (Shao Shan) ۾ ٿيو. منهنجي والد جو نالو مائو جين¸ شنگ (Mao Jen- Sheng) ۽ امڙ جو نالو وين چي مي (Wenchi-Mei) هو.
منهنجو پيءُ هڪ غريب هاري هو. غربت جي ڪري جوانيءَ ۾ مقروض بڻجي فوج ۾ وڃي شامل ٿيو. هو، فوج ۾ ڪيترائي ورهيه نوڪري ڪندو رهيو. پر جيئن ئي فوج منجهان فارغ ٿي ڳوٺ پهتو ته آءٌ پيدا ٿيس. ان ڳوٺ ۾ معمولي طرز جي وڻج واپار ۽ ٻين وسيلن سان ڪجهه ساه پٽڻ جي لائق ٿيو. هُن بچايل رقم منجهان گروي ٿيل زمين آزاد ڪرائي. ائين منهنجي گهراڻي وٽ اڍائي ايڪڙ زمين اچي وئي ۽ بابا خوشحال هاريءَ جي زمري ۾ليکجڻ لڳو. ان ٻنيءَ منجهان ساليانو لڳ ڀڳ 8000 هزار (اَٺ هزار) پائونڊ چانورن جي پيداوار ٿيندي هئي. ان مجموعي اناج منجهان اڌ کان ٿورو ڪسيرو بچت ٿيندي هئي. ان بچت مان جڏهن چڱيرڙي رقم گڏ ٿي ته ابي وڌيڪ سوا ايڪڙ ٻني خريد ڪئي. ان کان پوءِ اسان جو گهراڻو اميرن جي صف ۾ شمار ٿيڻ لڳو. اسان جي پيداوار ۾ به ڏهه هزار پائونڊ چانورن تائين واڌارو ٿي ويو.
مان جڏهن ڏهن ورهين جو هوس ته اسان جي گهراڻي وٽ اڍائي ايڪڙ ٻني هئي. اسان جو ڪٽنب پنجن ڀاتين تي مشتمل هو، جن ۾ بابو امڙ، ڏاڏو، ننڍڙو ڀاءُ ۽ مان شامل هئاسون. اسان جڏهن وڌيڪ ٻني خريدڪئي ته انهن ڏينهن ۾ منهنجو ڏاڏو گذاري ويو. پر ستت ئي مون کي هڪ ٻيو ڀاءُ ڄائو. ان هوندي به اسان جي اناج جي اپت ۽ بچت جو تناسب ساڳيو رهندو آيو، نتيجي ۾ وڌيڪ خوشحالي آئي.
جنهن زماني ۾ منهنجو پيءُ وچٿري هاري طبقي ۾ شمار ٿيڻ لڳو ته، هن اناج جي خريداري ۽ وڪري جي ڪاروبار کي ٿورو وسيع ڪيو، جنهن مان سندس آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ائين ڪجهه وقت کان پوءِ هو امير هارين ۾ شمار ٿيڻ لڳو جنهن ڪري واپار کي وڌيڪ وقت ڏيڻ لڳو. انهيءَ زماني ۾ منهنجي پيءُ زمين جي ڪڙمت لاءِ کيت مزدور آندا ۽ گهر ڀاتين يعني امڙ سوڌو سڀني کي پڻ ٻنيءَ تي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ موڪلڻ شروع ڪيو. آءٌ ٻنيءَ تي محض ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ ڪڙمت جو ڪم ڪرڻ لڳس. منهنجي پيءُ کي ڌنڌي لاءِ ڪابه بيٺڪ ۽ دوڪان ڪونه هو. ان ڪري هو غريب هارين کان اناج خريد ڪري شهر ڏانهن کڻي ويندو هو. اتي اناج وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪري چڱو چوکو منافعو ڪمائيندو هو.
جڏهن سياري جي آمد وقت لاباري جو وقت ويجهو پوندو هو ته ابو وڌيڪ مزدور آڻي لاب کي اڪلائي وٺندو هو ته جيئن اناج جا انبار موجود رهن. هونئن به منهنجي خاندان ۾ ڪفايت شعاريءَ جي سختيءَ سان پيروي ڪئي ويندي هئي. انڪري اناج جون گُنديون سدائين ڀريل هونديون هيون.
مون تعليم جي شروعات ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ اٺن ورهين جي ڄمار ۾ شروع ڪئي. ان اسڪول ۾ تيرنهن ورهين تائين پڙهندو رهيس. ڀنڀرڪي مهل اسڪول ۽ شام جو ٻنيءَ تي ڪم ڪار ڪرڻ ويندو هيس. باقي ڏينهن جو ڪنفيوشس جو فلسفو ۽ چار آڳاٽي دور جا ڪتاب پڙهندو هيس. منهنجو چيني استاد مزاج جو سخت ۽ ڪٺور دل هو. استاد صاحب ايترو ته ظالم ۽ بي رحم هو جو معمولي غلطيءَ تي به مارڪٽ ڪرڻ ۾ دير ڪونه ڪندو هو، اهڙي دهشتگرد وايومنڊل ۾ منهنجي لاءِ جالڻ سخت مشڪل ٿي پيو ۽ اسڪول منجهان ڀڄي ويس.
ان زماني ۾ منهنجي عمر لڳ ڀڳ ڏهه سال هئي. مان، ڊپ ۽ هراس ۾ ايترو ته ڀرجي ويس جو گهر ڏانهن منهن ڪرڻ به مناسب نه سمجهو. ڇو ته اتي به منهنجي لاءِ مارڪٽ ملڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه هو. ائين پنهنجي روءِ سوءِ ۾ ڄڻ ته شهر ڏانهن رخ رکيم، جيڪو منهنجي خيال ۾ ڪنهن ماٿريءَ ۾ هو. مان سانده ٽي ڏهاڙا هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو رهيس. نيٺ گهر وارن ڳولي اچي لڌو. اڳتي هلي مون کي خبر پئي ته جيترو به گهر کان ٻاهر رلندو ۽ ڀٽڪندو رهيس سو محض ميل جي 4/3 حصي ۾ ڦيرا پائيندو رهيو هيس.
آءٌ جڏهن گهر ۾ موٽي آيس ته هڪ اچرج ۾ وجهندڙ لقاءُ ڏسڻ ۾ آيو ته حالتن ۽ روين ۾ چڱو خاصو ڦيرو اچي چڪو هو. منهنجي پيءُ جي مزاج ۾ به ٿوري ٿڪي لچڪ ۽ نرم مزاجي ڏسڻ ۾ پي آئي. ان کان علاوه ماستر به ڪجهه معتدل مزاج بڻجي پيش اچي رهيو هو. مون کي وهم گمان ۾ به ڪونه هو ته اهڙي احتجاج ڪرڻ جو ڦل ائين به ملندو آهي. اها سچ پچ ته هڪ ڪامياب ”هڙتال“ هئي.
منهنجي پيءُ جو خيال هو ته مان ستت ئي ايترو ڪجهه سکي وٺان جو لکپڙهه يا حساب ڪتاب جو ڪم اڪلائڻ جي قابل ٿي پوان. ان ڏس ۾ سدائين سندس زور هوندو هو ته انگي حساب ۽ کوڙا سکي وٺان. ان ڪري رات جو دير تائين انگي حساب ۽ کوڙن سان مغز ماري ڪندو هيس. منهنجو پيءُ لاشڪ ته هڪ سخت گير طبيعت جو مشقت وٺندڙ منش هو. هو جڏهن به مون کي واندو ڏسندو هو ته مٺيان لڳندي هيس ۽ بيٺي پير ٻنيءَ ڏانهن ڪڙمت لاءِ اماڻيندو هو. هو سدائين آپي کان ٻاهر رهندڙ شخص هو، جنهن ڪري مون کي ۽ منهنجن ڀائرن کي مار ڪٽ ڪرڻ لاءِ سدائين هڪيو تڪيو رهندو هو. هو اسان کي خرچ پکي لاءِ پئسو پائي به ڪونه ته ندارد کاڌ خوراڪ به اڻ پوري ڏيندو هو. هرهڪ مهيني جي پندرهين تاريخ تي کيت مزدورن کي چانور ۽ بيضا رعايت ۽ مهربانيءَ طور کاڌ خوراڪ ۾ ڏنا ويندا هئا. پر مان ته ان ڪرم نوازيءَ کان به محروم رهندو هيس.
منهنجي جيجل امڙ هڪ نرم سڀاءُ جي همدرد ۽ هٿ جي ڪشادي عورت هئي ۽ سندس وس ۽ پهچ ۾ جيڪي به ڪجهه هوندو هو ته ٻين سان ڀاڱي ڀائيواري يا ونڊ ورڇ ڪرڻ ۾ خوش ٿيندي هئي. ان کي خاص ڪري غريبن جي حالت ڏسي ڏاڍي ڪهل ايندي هئي. جنهن ڪري ڏڪار جي زماني ۾ ڪوبه گُهرجائو ايندو هو ته ان کي چانور ڏيڻ مهل سخاوت کان ڪم وٺندي هئي پر اهو سڀ وهنوار ابي جي غيرموجودگيءَ ۾ هلندو هو. ڇو ته هو خيرات يا سخاوت کي سخت ناپسند ڪندو هو. ان ڪري اسان جي گهر ۾ ٻارهوئي ڪهرام متل هوندو هو.
اسان جو گهر واضح طور ٻن ڌرين ۾ورهايل هو: هڪ پاسي منهنجو پيءُ يعني صاحبِ اقتدار هو، ته ٻئي پاسي امڙ، ڀائر ۽ ڪڏهن ته کيت مزدور به اسان سان شامل ٿيندا هئا. پر مخالف ڌر جي ”گڏيل محاذ“ ۾ اختلاف راءِ به موجود هوندي هئي. منهنجي امڙ جي پاليسي هئي ته حملو سدائين اڻسڌيءَ طرح ڪرڻ گهرجي. هوءَ سدائين هوش ۽ حواس کان ٻاهر نڪري صاحب اقتدار کي للڪار ڪرڻ ۽ کلم کلا بغاوت جي عمل کي اجايو ۽ بيسود سمجهندي هئي. امڙ جو چوڻ هو ته اهو عمل مورڳو چيني رسم و رواج جي ابتڙ آهي.
جڏهن پندرهن ورهين جي پيٽي ۾ پهتس ته هڪ سگهارو ۽ اثرائتو طريقو ڳولي ڪڍيم. جنهن مطابق اَبي سان سندس سوالن جي روشنيءَ ۽ دليلن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۾ وسئون ڪونه گهٽائيندو هيس. ان لاءِ غيرمعمولي دليل ڏيڻ ۾ به گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندو هيس. منهنجي پيءُ جي مون تي هڪ دلچسپ تهمت ۽ الزام تراشي هوندي هئي ته بي مروت ۽ ڪاهليءَ جو ڀنڊار آهيان. مان وري موٽ ۾ پڙهيل ڪتابن منجهان پنهنجي بچاءَ طور حوالا ڏيندو هيس ته وڏي کي مهربان ۽ درياءُ دل هئڻ گهرجي. جيتريقدر سست ۽ ڪاهل هئڻ جو الزام آهي ته وراڻيءَ ۾ ان کي رد ڪندي چوندو هيس ته وڏي عمر جي ماڻهن کي ٻارن جي ڀيٽ ۾ ڪم وڌيڪ ڪرڻ گهرجي. هونئن به عمر جي لحاظ کان ٽيڻ تي وڏا آهيو، ان ڪري جڏهن مان سندس عمر جو ٿيندس ته تحقيق وڌيڪ سگهه ۽ ساڃاهه سان ڪم ڪندس.
اسان جو پيءُ مايا جي موهه ۾ايترو ته ڦاسي چڪو هو جو کيس ٻيو ڪوبه ڌيان ۽ پرواه ڪانه هئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڳوٺ جي امير ماڻهن جي فهرست ۾ سڀ کان مٿانهون شمار ٿيڻ لڳو. هُن هاڻي سنئون سڌو زمين خريد ڪرڻ جو وهنوار ترڪ ڪري ڇڏيو. البته هو ماڻهن جون زمينون گروي رکڻ جو ڪاروبار ڪرڻ لڳو. ائين سندس پونجيءَ ۾ ٻن کان ٽن هزارن ڊالرن جو اضافو ٿي ويو.
اهڙين حالتن، منهنجي مَن ۾ متل آنڌ مانڌ ۾ ويتر واڌارو ڪري ڇڏيو. ان ڪري اسان جي ڪٽنب ۾ منطقي ۽ عقلي لحاظ کان جدوجهد ڪرڻ جو رجحان وڌيڪ پڪو پختو ٿيڻ لڳو. اهڙي ئي هڪ حادثي جي ياد منهنجي مَن تان اڄ تائين ميسارجي ڪونه سگهي آهي. مان جڏهن تيرهن ورهين جو هيس ته هڪ لڱا پيءُ ڪجهه مهمانن جي گهر ۾ دعوت ڪئي. مهمانن جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن معمولي ڳالهه تان اسان ٻنهي جي وچ ۾ تڪرار تيز ٿي ويو. منهنجي پيءُ، مهمانن جي موجودگيءَ کي نظرانداز ڪندي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۾ ليڪا لتاڙي مون کي ڪاهل، بيڪار ۽ بي همٿ جي لقبن سان نوازيو. مان به آپي کان ٻاهر ٿي ويس ۽ موٽ ۾ کيس گارگند ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي ۽ گهر منجهان نڪري هليو آيس.
منهنجي امڙ پوئتان ڊوڙندي آئي ۽ منٿ ميڙ ڪري مون کي واپس وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، پوءِ ته منهنجو پيءُ به ڀَڄندو آيو ۽ لعنت ملامت ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪم ڏيڻ لڳو ته، آءٌ گهر موٽي هلان. مان به هلندو هڪ تلاءَ جي ڪناري تي پهچي ويس ۽ دڙڪو ڏنم ته، ڪوبه ويجهو ايندو ته پاڻ کي تلاءَ ۾ اڇلائيندس. ان حالت ۾ مطالبا ۽ تکيون مٺيون ڳالهيون به ٿينديون رهيون ته جيئن گهرو لڙائيءَ جي وڌندڙ امڪان کي روڪي سگهجي، پر منهنجي پيءُ جو سڀ کان اڳ ۾ پرزور مطالبو هو ته مان پهريائين چيني انداز ۾ گوڏا کوڙي معافيءَ جو طلبگار ٿيان ته پوءِ صلح سانت بابت ڳالهيون ٿي سگهنديون. آءٌ ان حد تائين رضامند ٿيس ته هڪ گوڏو کوڙي معافي وٺندس، ته هو اڳتي لاءِ مار ڪُٽ ۽ گند گار نه ڪندو. ائين هڪ جنگاڻ جي پڄاڻي ٿي. ان صورتحال منجهان، مون اهو پرايو ته جڏهن پنهنجن حقن جي حصول لاءِ باغيانه طريقو اختيار ڪيم ته مورڳو ابي جا ڍڍر ئي ڍرا ٿي ويا. پر مان جيستائين ٿڌو ٿانهرو ۽ فرمانبردار رهندو آيس ته هو سدائين مارڪٽ ۽ گارگند ڪرڻ ۾ اُڀو ٿي بيهندو هو.
ائين اڳتي هلي بابي جي سخت مزاج ۽ ڪٺورتا ڀريل ورتاءُ سندس ئي شڪست جا ڪارڻ بڻيا. مان، کانئس حد کان به وڌيڪ نفرت ڪرڻ لڳس ۽ اسان سچ پچ ته گهر ۾ سندس خلاف محاذ جوڙي ورتو هو. ساڳي اها صورتحال منهنجي لاءِ ڪارائتي ۽ لاڀائتي ثابت ٿي، ڇو ته مان وڌيڪ محنتي ۽ اورچ بڻجي ويس، جنهن ڪري پنهنجن ڪتابن ۽ ٻين شين کي ترتيب سان رکڻ لڳس ته جيئن ڪو طعنو تنڪو نه ڏئي.
منهنجي پيءُ جي تعليم محض ٻن ورهين تائين حاصل ڪيل هئي. هو ان حد تائين ڄاڻ رکندو هو ته ڪچو ڦڪو حساب ڪتاب سنئون سڌو رکي سگهي. منهنجي امڙ ته نپٽ اڻ پڙهيل هئي. ٻنهي جو واسطو هاري گهراڻي سان هو. مان ئي اڪيلو سڄي ڪٽنب ۾ ”ودوان“ هيس ۽ آڳاٽي دور جي علم ۽ تاريخ بابت چڱي موچاري ڄاڻ رکندڙ هيس. پر ان ۾ منهنجي دلچسپي ۽ چاهت نه هئڻ برابر هئي. مان آڳاٽي چين جي رومانوي قصن ۽ ڪهاڻين کي وڌيڪ پسند ڪندو هيس ۽ خاص ڪري اهڙا داستان جن ۾بغاوت ۽ ويڙهه جا ڪارناما شامل هوندا هئا.
منهنجي مطالعي هيٺ رهندڙ خاص ڪتابن ۾: ”يوفئي جو اتهاس (The Yo Fei Chronicles) پاڻيءَ جو ڪَپر، (The Water Margin) تانگ خلاف بغاوت (Revolt Against the Tang) ٽي بادشاهتون (The Three Kingdoms) ۽ اولهه ڏانهن سفر (Travles in the West) شامل هئا. انهن ۾ پويون ڪتاب ستين صدي عيسويءَ جي سياح هوسئن زانگ جي هندوستان بابت سفرنامي جو نيم افسانوي داستان آهي. آءٌ جيئن جيئن سرت ڀريو ٿيڻ لڳس ته اهڙن ڪتابن پڙهڻ ۾ چاهه وڌڻ لڳو. ان جي ابتڙ ڪلاس ماستر اهڙن ڪتابن کي غير قانوني ۽ مدي خارج سمجهي مطالعي کان منع ڪندو هو. مان به انهن ڪتابن کي پوشن ۾ ويڙهي اسڪول ۾ ئي پڙهندو هوس.
اها ساڳي ڪرت، منهنجا ٻيا هم ڪلاسي به ڪندا هئا. اسان کي اڳتي هلي ڪيتريون ڪهاڻيون برزبان ياد ٿي ويون، جنهن ڪري هم ڪلاسي هڪ ٻئي سان وندر ۽ ورونهن خاطر ڪهاڻيون بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ بحث مباحثو به ڪندا هئاسين. اسان داستان گوئيءَ ۾ ڳوٺ جي پوڙهن کان به گوءِ کڻي وياسين جو اهي پڻ سڪ ۽ پيار سان ڀر ۾ اچي ويهندا هئا، پر آءٌ محسوس ڪرڻ لڳس ته انهن داستانن ۽ بحث مباحثن جا ڪجهه دائمي عڪس ذهن تي اثرانداز ٿي رهي هئا.
انت ته تيرهن ورهين جي عمر ۾ اسڪول کي الوداع ڪيم ۽ پنهنجو گهڻو وقت ٻنيءَ تي کيت مزدورن سان گڏجي پورهيو ڪرڻ ۾ مصروف گذارڻ لڳس ۽ باقي وقت ۾ پيءُ جي حساب ڪتاب کي به سنڀاليندو رهيس. جيتوڻيڪ، مون مطالعي جي عادت ۾ ڪوبه فرق ڪونه وڌو هو ۽ سواءِ روايتي ڪتابن جي، باقي ڪتابن کي ڄڻ ته چَٽي ڇڏيو هئم پر منهنجي ان عادت کي بابو مورڳو حقارت سان ڏسندو هو. هن جي راءِ هئي ته روايتي يا مروج ڪتابي مطالعو ڪريان ته جيئن مروج معاملن ۾ مونجهارن کي منهن ڏيڻ ۾ سولائي ٿئي، خاص ڪري هڪ مقدمي ۾ هار کان پوءِ روايتي مطالعي جي حمايت ۾ سندس روش وڌيڪ جارحانه بڻجي وئي هئي.
مون ان صورتحال جو علاج هيئن ڳولي لڌو ته، رات جو مطالعي وقت در دريون بند ڪري ڇڏيندو هيس ته جيئن بابو روشني ڏسي نه سگهي. انهيءَ دور ۾مون هڪ ڪتاب بعنوان ”چتاءُ جا لفظ“(Words of Warning) پڙهيو، جيڪو سدائين پسنديده ڪتابن منجهان رهندو آيو. ان ڪتاب جو ليکڪ بنيادي طور اصلاح پسند تحريڪ جو طرفدار هو. ان جي راءِ مطابق چين جو اگهور ننڊ ۾ غلطان هئڻ جو اهم ڪارڻ هيءُ آهي ته اسين مغرب جي برڪتن کان فيضياب ٿي نه سگهيا آهيون. انهن برڪتن ۾ ريلوي، ٽيليگراف، آگبوٽ به اچن ٿيون.جن جي هن ملڪ کي سخت ضرورت آهي. منهنجي پيءُ جي سوچ مطابق اهڙن ڪتابن جو مطالعو بيڪار ۽ وقت جو زيان آهي. ڇو ته روايتي ۽ مروج ڪتابي علمن مان نفعي حاصل ٿيڻ جو امڪان چٽو آهي، خاص ڪري عدالتن ۾ سودمند ثابت ٿيندو.
آءٌ لڳاتار روماني ادب ۽ چيني لوڪ ڪهاڻيون پڙهندو رهيس. مون کي پڙهائيءَ دوران هڪ ڏهاڙي محسوس ٿيو ته انهن سڀني ڪهاڻين ۽ داستانن ۾ هڪ مخصوص طرز جي يڪسانيت آهي ۽ انهن ۾ ڪٿي به هر ڪاهيندڙ هاري سورمي جي حيثيت ۾ موجودگي ڪونهي. ائين گهڻي ڀاڱي سڀئي ڪردار جنگي ويڙهاڪ، آفيسر، يا ڏاها ماڻهو ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ ڪنهن به هاريءَ جو ان صف بنديءَ ۾ پتو کُرو ڪونه ٿو ملي. مان ان سوچ، فڪر ۾ حيرانگيءَ جي حد تائين سانده ٻه ورهيه غوطا کائيندو رهيس ته آخر هاري سورمو ڇو نه ٿو بڻجي سگهي ۽ نيٺ مان انهن ڪهاڻين جي تاڃي پيٽي کي حل ڪرڻ لاءِ تهه تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. مان انت، ان نتيجي تي پهچي ويس ته انهن ڪهاڻين ۽ داستانن جي طمطراق ۽ ڀڀڪيدار سورمن جو آب و تاب سان ان لاءِ ذڪر آهي ته اهي ماڻهن جي مٿان حڪمراني ڪندڙ هئا، انهن منجهان ڪنهن به پوکي راهي ڪانه ڪئي هئي، ڇو ته اُهي جاگيرن جا مالڪ هئا ۽ هارين کي سندن زمينن تي پورهئي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو.
منهنجو پيءَ اوائلي دور کان وٺي ڪرڙوڍ ڄمار تائين مذهبي لحاظ کان تشڪيڪ پرست (Sceptical) هو. جڏهن ته اسان جي امڙ مڪمل مذهبي خيالن جي هئي. هُن پنهنجي سڀني ٻارن کي به مذهبي دڳ سان لڳائي ڇڏيو هو. اسان کي مذهب متعلق بابي جي ورتاءُ تي سخت افسوس ۽ ارمان رهندو هو ته هو دهريو آهي. آءٌ جيئن ئي نَوَن ورهين جو ٿيس ته امڙ سان سنجيده نموني ويهي پيءُ جي لامذهبي طريقه ڪار بابت بحث مباحثو ڪندو هيس. اسان ڪيترائي ڀيرا کيس اِن هوڏ تان لاهڻ لاءِ جتن ڪيا، پر سڀئي بيڪار ثابت ٿيا. اڃا به وڌيڪ زور ڀرڻ تي هو سڀني تي اهڙي ته جارحانه لعنت ملامت ڪندو هو، جو وايون ولڙيون ٿي وينديون هيون. اسان وري ڪنهن نئين ترتيب سان ابي کي سنئين راهه تي آڻڻ لاءِ رٿون رٿيندا هئاسون، پر هو ڪنهن به نموني سان ديوتائن جي آڏو سيس نوائڻ لاءِ تيار ڪونه هو.
منهنجو مطالعو، نيٺ، مون تي اثرانداز ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري مان مورڳو اڳتي هلي وڌيڪ تشڪيڪ پرست بڻجي ويس. منهنجي سوچ ۽ فڪر ۾ ايندڙ نواڻ جي اظهار امڙ کي وڌيڪ ڏکڻهارڪو ڪري ڇڏيو. هو ويچاري حيلا هلائڻ لڳي ته، مان ڪيئن به ڪري اهڙي سوچ ۽ فڪر تان هٿ کڻي وڃان ۽ ايمان جي راهه اختيار ڪيان، پر منهنجو پيءُ اهو لقاءُ پري کان ڏسندو ۽ ماٺ ۾ رهندو هو. ان کان پوءِ ڇا ٿيو جو هڪ ڏهاڙي منهنجو بابو رقم جي اوڳاڙي لاءِ ٻاهر ويل هو ۽ رستي تي اوچتو شينهن جي منهن پئجي ويو، شينهن، ائين اوچتو ماڻهوءَ کي بيٺل ڏٺو ته حيران ٿي پوئين پير کسڪي ويو، پر منهنجو بابو وڌيڪ اچرج ۾ پئجي ويو ۽ جان بچي وڃڻ جي اهڙي ڪارج کي ڪنهن ڪرشمي کان گهٽ سمجهڻ لاءِ تيار ڪونه هو. پوءِ هُن دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته ديوتائن بابت آئنده لاءِ اڍنگي گفتگو کان پاسو ڪندو. ان ڪري اڳتي هلي هُن مهاتما ٻڌ لاءِ عزت ۽ احترام واري هلت اختيار ڪئي ۽ چڙ ۽ بيزاري جي طريقه ڪار کان ڪنڊائتو ٿيڻ لڳو. پر ان هوندي به پوڙهي مڙس، منهنجي من ۾ وڌندڙ انحراف واري سوچ ويچار کي لتاڙڻ جو حيلو بهانو ڪڏهن به اختيار ڪونه ڪيو. هو اڪثر ڪري ديوتائن جي آڏو آزي نيزاري به ان وقت ڪندو هو جڏهن ڪا مصيبت اچي ڪڙڪندي هئس.
منهنجي من ۾ چتاءُ ڀريل لفظ (Words of Warning) پڙهڻ کان پوءِ ته ڄڻ مانڌاڻ متل هو ته وڌيڪ مطالعو ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏيان. مان ٻنيءَ پورهئي جي ڪرت منجهان به ڄڻ ته بيزار ٿي چڪو هيس. منهنجي پيءُ کي ته لازمي طور اهڙي روش جي مخالفت ڪرڻي هئي. اسان جي وچ ۾ نيٺ دنگو فساد ٿي پيو ۽ مان گهر کان ڪوچ ڪيو. مان هڪ بيروزگار پر قانون جي تعليم حاصل ڪندڙ دوست وٽ وڃي پهتس ۽ اتي مان اڌ ورهيه کن قانون جو مطالعو ڪندو رهيس. ان کان پوءِ چين جي آڳاٽي ادب، چين جي فيلسوفن کي پڙهڻ سان گڏوگڏ همعصر ۽ ڪجهه لاڳاپيل ڪتابن کي به نظر منجهان ڪڍي ورتم. انهيءَ زماني ۾ هن يان پرڳڻي ۾ هڪ اهڙو واقعو ٿيو جنهن منهنجي زندگيءَ تي دائمي نقش چٽي ڇڏيا. ان اسڪول جي ٻاهران جنهن ۾ اسان پڙهندا هئاسون، ٿڪل ۽ دلگير واپارين جا ٽولاچانگ شا کان موٽي رهيا هئا، اسان کانئن پڇا ڪئي ته ڇا وهيو واپريو جو اُهي واپس ٿي رهيا آهن؟ هُنن ٻڌايو ته شهر ۾ اٿاهه اٿل پٿل ۽ هاءِ دُوس متل آهي.
”اتي قهر جو ڏڪار آيل هو ۽ چانگ شا ۾ هزارين ماڻهو کاڌ خوراڪ کان محروم هئا. نيٺ اهي بکايل هڪ وفد جي شڪل ۾ شهر جي گورنر سان وڃي مليا. ان جي آڏو خوراڪ ڏيڻ لاءِ ٻاڏائڻ لڳا، پر گورنر تڪبر ۾ وراڻيو:
”شهر ۾ جهجهو اناج موجود آهي، توهان هروڀرو بک•••• بک جون دانهون ڪري سرڪاري عملداريءَ ۾ مداخلت ڪري رهيا آهيو.“ جڏهن عام ماڻهن تائين گورنر جي راءِ پهتي ته اهي صبر جا ليڪا لتاڙي مظاهرا ڪرڻ لڳا. انهن ڪاوڙ ۽ غصي ۾ اچي گورنر جي رهائش گاه کي گهيري ۾ آڻي، سرڪاري جهنڊو لاهي ليڙون ليڙون ڪري گورنر کي پڻ نيڪالي ڏئي ڇڏي. اهڙي صورتحال کي ڏسندي اندروني/ گهرو معاملن جو ڪمشنر چانگ نمودار ٿيو، جنهن مڇريل ماڻهن سان واعدو ڪيو ته سندن مطالبن کي پورو ڪرڻ لاءِ هنگامي اپاءَ ورتا ويندا پر ڪجهه ڌيرج اختيار ڪيو. ڪمشنر چانگ پنهنجي واعدي کي پاڻي ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ شروع ڪيا پر شهنشاهه کي ڪمشنر جي اهڙي روش جي ڪري مٺيان لڳي ۽ مٿس تهمت هنئي وئي ته سندس واسطو اندروني طور ”هنگامو“ ڪندڙن سان آهي. اهو الزام هڻي کيس هڪدم برطرف ڪيو ويو. نئين گورنر اچڻ سان، وڳوڙين جي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو. انهن منجهان ڪيترن جا سِر قلم ڪري چوواٽن تي ٽنگيا ويا ته جيئن سڀ ڪو عبرت حاصل ڪري ۽ آئنده لاءِ بغاوت جي همٿ ساري نه سگهي.
انهيءَ دکدائڪ واقعي بابت لڳاتار ڪيترا ئي ڏهاڙا، اسان جي اسڪول ۾ چوٻول هلندو رهيو. ان واقعي جو مون تي ذهني طور سخت اثر ٿيو. جڏهن ته ٻين شاگردن ”بغاوت“ يا اٿل پٿل جو همدرداڻو نوعيت جهڙو اثر ورتو ۽ محض تماشائي بڻجي جانچ جونچ ڪندا رهيا. انهن جي گهڻائيءَ کي اها به سڌ ۽ سمڪ ڪانه هئي ته اهڙي واقعي سان هنن جي زندگيءَ جو به ڪو سٻنڌ آهي. اهي ان هيڏي ساري حادثي کي مورڳو هڪ جذباتي نقطه نگاه سان ڏسي ۽ پرکي رهيا هئا. مان ته ذهن تان ميساري ڪونه پي سگهيس. منهنجي ذهن ۾ هڪ نقطو نروار ٿي بيٺو. هو ته بغاوت ڪندڙ عام رواجي ماڻهو هئا ۽ انهن جو ذهني ۽ شعوري طور مون سان ڄڻ ته رت ۽ ست جو ڳانڍاپو هو. ان ڪري انهن سان ٿيل انياءُ جي ڪري اندر ۾ وٽ سٽ کائيندو رهيس.
مذڪوره حادثي کي اڃا ٿوروئي عرصو گذريو هو ته شائو شين ۾ زير زمين تنظيم ڪي لائو هُو (Ki Lao Houi) ۽ هڪ مقامي زميندار جي وچ ۾ تڪرار چوٽ چڙهي ويو. ان زميندار نه ڪئي هم نه تم، وڃي ڪورٽ ۾ مقدمو داخل ڪيو. هو جيئن ته هڪ طاقتور زميندار هو سو اثر رسوخ استعمال ڪري ڪورٽ کان فتويٰ پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق حاصل ڪري آيو. ائين ظاهري طور ته ڪي لائو هي وارن کي مات ملي وئي، پر ان خلاف ردعمل ٻرندڙ باهه تي گاسليٽ جو ڪم ڪيو. انهيءَ تنظيم زميندار ۽ سرڪار جي خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو ۽ ويجهو ئي هڪ جابلو علائقي لُو شان (Liu Shan) ۾ مضبوط پناه گاه ٺاهي محاذ آرائيءَ لاءِ سندرو ٻڌي شروعات ڪئي. انهن باغين جي خلاف لشڪر ڪشي ڪئي وئي، پر ان سان گڏوگڏ تڪ جي زميندارن عام ماڻهن ۾ افواه پکيڙي ڇڏيا ته باغين جنهن مهل بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو هو ته ان کي ڳاڙهي رنگ سان ريٽو ڪرڻ لاءِ هڪ معصوم ٻار کي قتل ڪري ان جو رت ڪتب آندو ويو هو. ان بغاوت جو سرواڻ پيانگ چي نالي سان اٽي جي چڪيءَ جو مستري هو. بهرحال باغي گهڻو وقت سينو ساهي نه سگهيا ۽ پيانگ مجبوريءَ جي حالت ۾ فرار ٿي ويو. نيٺ ڪجهه وقت کان پوءِ کيس گرفتار ڪري سِر قلم ڪيو ويو. هونئن مجموعي طور پيانگ، اسان سڀني شاگردن جي نظر ۾ هڪ سورمو ۽ ساراهه لائق مرد مجاهد هو.
ٻئي سال جڏهن اڃا سارين جي پوکي راهي ڪانه ٿي هئي ۽ اونهاري جو فصل اڳواٽ ناس ٿي ويو هو، جنهن ڪري اسان جي ضلعي ۾ اناج جي سخت قلت ٿي پئي پيٽ بکايل هاري آسودن هارين آڏو اَن لپ لاءِ ٻاڏائڻ لڳا. پر ڪوبه کڙ تيل ڪونه نڪتو. ان جي موٽ ۾ ”چانور کائو بنا معاوضي“ جي نالي سان هڪ تحريڪ جنم ورتو. منهنجو پيءُ جيئن ته چانورن جو سکيو ستابو واپاري هو ۽ ضلعي کان ٻاهران اماڻيندو پي رهيو جڏهن ته ضلعي ۾اڳواٽ ئي اناج جي کوٽ هئي. ائين هڪ ڏهاڙي منهنجي پيءُ شهر ڏانهن اناج وڪري لاءِ اماڻيو. ان کي واٽ تي غريب ڳوٺاڻن روڪي هٿ جي صفائي ڪئي. مون کي پيءُ جي عمل ۽ حرڪت سان همدردي ڪانه هئي پر ساڳي وقت ڳوٺاڻن جي حرڪت کي به درست ڪونه سمجهي رهيو هوس.
جيئن ته مذڪوره واقعو ويجهڙائيءَ ۾ ٿيو هو، سو ان ڄڻ ته منهنجي اڳواٽ باغي ذهن لاءِ چڻنگ ڏيکارڻ جو ڪم ڪيو. انهيءَ زماني ۾ هڪ سياسي پمفليٽ منهنجي نظر منجهان گذريو، جنهن سندم شعور ۾ ڪجهه نواڻ آندي، خاص ڪري ان پمفليٽ ۾ چين جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ جو احوال اثرائتي نموني بيان ڪيل هو.
مون کي اڄ به ياد آهي ته، پمفليٽ جي ابتدا هن جملي سان ٿيل هئي: ”افسوس ته چين پنهنجي آزادي ستت ئي وڃائي ويهڻ وارو آهي!“ جپان جيڪو اڳ ۾ ئي ڪوريا، تائيوان، انڊو چائنا کان وٺي برما تائين قابض بڻجي ويو آهي. مان ان پمفليٽ پڙهڻ شرط پنهنجي ملڪ جي مستقبل بابت ڏاڍو ملول ۽ غمگين ٿي ويس. اندر ئي اندر ۾ ويچار ڪرڻ لڳس ته پنهنجي ملڪ کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو؟
هوڏانهن منهنجي پيءُ فرمان جاري ڪيو ته، هسيانگ تن (Hsiang T’an) ۾ چانورن جي ڪاروبار لاءِ دوڪان کولڻ گهرجي، جنهن جي سار سنڀال مون کي لهڻي پوندي. مون پهريائين ته مذڪوره فيصلي جي مخالفت ڪانه ڪئي، جو ڄاتم ته شايد ڪجهه وڌيڪ دلچسپي جو وسيلو پيدا ٿي پوي پر ان وچ ۾ هڪ اسڪول بابت خبر اڏامندي آئي ۽ دل ۾ پڪو پهه ڪيم ته اوڏانهن ويندس. منهنجي پيءُ روڪڻ لاءِ گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو. اهو اسڪول هسيانگ هِيسن (Hsiang hesien) ۾ هو، جتي منهنجا ناناڻا پڻ رهندا هئا. منهنجو ئي هڪ ماروٽ، ساڳي اسڪول ۾ شاگرد هو، جنهن مون کي نه رڳو ان نئين اسڪول بابت چڱي موچاري ڄاڻ ڏني، پر ساڳي وقت تعليم جي جديد سرشتي کان پڻ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته، مذڪوره اسڪول ۾ آڳاٽي تعليمي سرشتي جي پيروي ڪرڻ بدران مغربي طريقه ڪار مطابق پڙهائي ڪئي وڃي ٿي ۽ تعليمي سرشتو ڪنهن حد تائين جديديت سان سلهاڙيل هو.
مان پنهنجي ماروٽ سان گڏجي وڃي اسڪول ۾ داخلا ورتي هئي. هاڻي آءٌ اسڪول جي ناتي رشتي سان هيسيانگ جي رهواسي طور سڃاپجڻ لڳس. مون هتي اڳواٽ 1400 جي لڳ ڀڳ ٽامي جا سڪا، بورڊنگ، کاڌي پيتي ۽ ٻين طلبن جي مد ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. نيٺ اڳتي هلي منهنجو پيءُ به اضافي تعليم حاصل ڪرائڻ لاءِ راضي ٿيو. ڇو ته ڪجهه خيرخواهن کيس سمجهائي ورتو ته ڇوڪرو جيئن وڌيڪ تعليم حاصل ڪندو ته سندس طاقت، شهرت ۽ اثررسوخ ۾ واڌارو ٿيندو. اهو منهنجي حياتيءَ جو پهريون تجربو هو جو 6 1 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي گهر کان پري ٿيو هيس. ان جديد اسڪول ۾مان، نيچرل سائنس سان گڏ ٻين ڪيترن ئي مغربي علمن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جهڙو ٿي پيس. ان کان علاوه خاص ڳالهه ته هڪ استاد تازو ئي جپان منجهان تعليم پرائي موٽيو هو ۽ ڊاڙن، ٻٽاڪن ۽ ڪوڙ هڻڻ جو ماهر هو. اهو استاد جڏهن به ڪا ڳالهه ڪندو هو ته سڀڪو ڪوڙ ليکيندو هو. هرهڪ ان تي کلندو هو ۽ کيس ”ڪوڙو شيطان“ ڪوٺيو ويندو هو.
مان ايترا شاگرد ڪڏهن به يڪجا ڪونه ڏٺا هئا. انهن ۾ گهڻائي ته زميندار طبقي جي ٻارن جي هئي، جيڪي کائڻ، پيئڻ ۽ پهرڻ ۾ خوشحال هئا ۽ ڪي نالي ماتر هارين جا ٻار پڻ هئا، جيڪي ان اسڪول جو خرچ برداشت ڪري پئي سگهيا، نه ته مڙوئي خير هو. مان ته لباس يا پوشاڪ جي معاملي ۾ سڀني کان پوئتي هيس، مون وٽ هڪ ٺاهوڪو سوٽ ڪوٽ هو. ان کان علاوه چوغا/ گائون فقط استاد پائيندا هئا. انهن ۾ وري ”ڪوڙا شيطان“ ته ولايتي گائون پائي ايندا هئا. مون کي شاهوڪار ويجهو ٿيڻ کان پري ڀڄندا هئا، ڇو ته گهڻي ڀاڱي اڌوراڻو ڪوٽ ۽ سوٽ پائيندو هيس. ان هوندي به ڪجهه دوست بڻجي ويا هئا. انهن منجهان ٻه ڄڻا ته يار وفادار بڻجي ويا. انهن دوستن مان هڪ نامور ليکڪ ٿي ويو آهي ۽ سوويت يونين ۾ رهي ٿو.
مون کي ڪي ماڻهو سخت ناپسند به ڪندا هئا، ڇو ته مقامي رهواسي ڪونه هيس. هيسانگ علائقي سان وابستگي به ڄڻ عزت ۽ مان ۾ اضافو هئڻ جو هڪ عنصر ليکي ويندي هئي. اهو هيسانگ جو ضلعو به مٿانهين، هيٺين ۽ وچولي ضلعي جي حدبندين ۾ ورهايل هو، جنهن ۾ مٿئين ۽ هيٺين طبقي جا ماڻهو مقامي حوالي سان هڪ ٻئي جي ڄُنڊا پٽ ۾ پورا هوندا هئا. ڪوبه هڪ ٻئي کي جيئرو جاڳندو رهي سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هوندو هو. آءٌ ان ويڙهاند ۾ اڻ لاڳاپيل رهندو آيس ڇو ته غيرمقامي به هيس. نتيجي ۾ ٽئي گروه مون کان بڇان ڪرڻ لڳا. مان اندر ئي اندر ۾ پاڻ کي اداس ۽ موڳو محسوس ڪندو رهندو هيس.
مان اسڪول جي پڙهائي ۾ چڱي چوکي ترقي ڪئي. ان ڪري استاد مون کي ڀائيندا هئا. خاص ڪري اهي استاد وڌيڪ ويجهو رکندا هئا، جيڪي آڳاٽو ادب پاڙهيندا هئا. آءٌ وري آڳاٽي ادب ۽ مضمون نويسيءَ ۾ ڀڙ ٿي ويو هيس. ماروٽ پاران اماڻيل ٻه ڪتاب، جيڪي ڪئنگ يُو، وئي جي اصلاح پسند تحريڪ بابت هئا، انهن منجهان هڪ ته پيپلز مخزن جي ايڊيٽر ليانگ چي چائو جو ترتيب ڏنل هو. مون ايترو ته پڙهيا جو دل تي اُڪري ويا.
مان پنهنجي ماروٽ جو ٿورائتو بڻجي پيس، جو اهڙا ڪارائتا ڪتاب مطالعي لاءِ موڪليا هئائين، ڇو ته ابتدائي دور ۾ انهن ڪتابن منهنجي شعوري اوسر ۾ ٺاهوڪو واڌارو ڪيو، پر اڳتي هلي هو همراه عملي طور، انقلاب مخالف ڌر جو ساٿي بڻجي پيو. هڪ اهڙي معتبر طبقي جو ڳيجهو ۽ وفادار ٿي ايترو ته رجعت پرست ٿي پيو جو 7 2/5 2 9 1 جي انقلاب جو پير کوڙي مخالف ٿي بيٺو.
اسان جا ڪيترائي شاگرد ”ڪوڙن شيطانن“ کي گهڻي ڀاڱي ڌڪاريندا هئا، پر پوءِ به مان انهن جون جپان بابت ڳالهيون ڌيان سان سُڻندو هوس. انهن منجهان هڪ ته موسيقي ۽ انگريزي سيکارڻ ۾ مدد ڪئي. ڄاڻايل راڳن منجهان هڪ جپاني راڳ جو سِرو ”پيلي سمنڊ تي ويڙهاند“ هو. مون کي اڄ تائين ڪجهه پُرڪشش سٽون ياد آهن:
جهرڪيون چِر چِر ڪري رهيون آهن،
بلبليون نچي ٽپي رهيون آهن،
بهار جي موسم ۾ ساوا چهچ ميدان،
من کي لُڀائي رهيا آهن،
قرمزي رنگ جا گُل ڏاڙهن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن،
بيد مشڪ جا وڻ ساوڪ سان ڍڪيل آهن،
اهو ڄڻ ته هڪ انوکو ۽ عجيب نظارو آهي.
ان زماني ۾ مون جپان جي سونهن ۽ سوڀيا کي اندر ئي اندر ۾ محسوس ڪيو. ان راڳ ۾ بيان ڪيل فخر ۽ وڏائيءَ کي پڻ جيڪا شايد روس تي سوڀ حال ڪرڻ جي اظهار طور هئي. منهنجي ذهن جي ڪنهن به ڪنڊ ۾وهم ۽ گمان ڪونه هو ته جپان به ڪو وحشي ۽ جارح ٿي سگهي ٿو، جنهن نالي سان اڄ جي جپان کي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
مون اهو سڀ ان ”ڪوڙي شيطان“ کان ئي پرايو هو.
مون کي جيتريقدر ياد پوي ٿو ته، انهيءَ زماني ۾ معلوم ٿيو ته شهنشاه زائو هسي ۽ مهاراڻي ڊوئگر فوت ٿي چڪا آهن ۽ نئين شهنشاه هوسيان تانگ کي به راڄ ڪندي ٻه ورهيه لنگهي ويا آهن. مان اڃا تائين بادشاهت مخالف ذهن جو ڪونه بڻيو هيس. منهنجي نظر ۾ تاج شاهي ۽ افسرشاهي معصوم، ايماندار ۽ نيڪ خصلتن جا هوشيار ماڻهو هئا. انهن لاءِ محض ايتري ضرورت هئي ته اهي ڪئنگ يوي وئي جي سڌارن منجهان ڪجهه حاصل ڪري ان کي لاڳو ڪري ڇڏين.
مان چين جي اوائلي حڪمرانن جي دٻدٻي بابت ڪتابن ۾ گهڻو ڪجهه پڙهيو هو، جن ۾ ياو، شِن، چن شي هوانگ تِي ۽ هَان ووتي اچي وڃن ٿا. مون ان زماني ۾ ٿورو گهڻو پرڏيهي تواريخ ۽ جاگرافيءَ کان به واقفيت حاصل ڪئي. مون پهريون گهمرو آمريڪا بابت هڪ مضمون پڙهيو، جنهن ۾ آمريڪي انقلاب جو ذڪر آيل هو. هڪ جملو ته دل تي اڪري ويو هو، ”اٺَن ورهين جي سخت ويڙهاند کان پوءِ واشنگٽن سوڀ حاصل ڪئي ۽ هڪ قوم کي جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان کان علاوه هڪ ڪتاب بعنوان ”دنيا جا عظيم سُورما“ پڻ پڙهيو. مون ان کان علاوه نيپولن، روس جي مهاراڻي ڪيٿرائن، گليڊاسٽون، روسو، مونٽسيڪو، پيٽر اعظم، ولنگٽن ۽ لنڪن کي به پڙهيو ۽ پرايو.

شانگ شا جا ڏهاڙا: ائڊگرسنو

(مائوزي تنگ هلندڙ)

آءٌ، گهڻي وقت کان شانگ شا ڏانهن وڃڻ لاءِ پَر سوئي رهيو هوس. اهو عظيم شهر جيڪو صوبي جي راڄڌاني هئڻ جي ناتي منهنجي گهر کان اٽڪل 34 ميلن جي مفاصلي تي هو. ان لاءِ چيو ويندو هو ته وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ انبوهه ماڻهن جا رهن ٿا، بيشمار اسڪول ۽ گورنر جو تخت گاه پڻ آهي. منهنجي دل سٽون ڏئي رهي هئي ته ڪيئن به ڪري ان شهر ۾ پهچي هسيانگ وارن لاءِ مخصوص ٿيل اسڪول ۾ داخل ٿيان. ان ئي اونهاري ۾ اعليٰ پرائمري تعليم جي هڪ استاد منهنجي چاهت کي مڃتا ڏيندي ٻانهن کان وٺي هلي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي. اتان جي استاد هائوڪار ڪئي ۽ شانگ شا ڏانهن روانو ٿيس. آءٌ، واٽ تي اتساهه ۽ شوق ۾ پور پچائيندو، نيم خوفزده ٿي وڃي رهيو هيس ته متان داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪيو وڃي ۽ پاڻ کي همٿ ۽ جرئت سان ڏڍ ڏيڻ اوکو پئي لڳو ته اهڙي عاليشان اسڪول ۾ داخلا ملي چڪي آهي. مون کي خوشي محسوس ٿي، جڏهن بنا ڪنهن رنڊڪ جي داخلا ملي وئي، پر سياسي حالتن ۾ ايڏو ته ڇوهائيءَ سان ردوبدل اچڻ لڳي جو مان، اڌ ورهيه کن ئي ان اسڪول ۾ رهي سگهيس.
مان، شانگ شا ۾ پهرين اخبار عوامي طاقت People's Power) ) پڙهي هئي. اها اخبار قوم پرست انقلابي خيالن جي هئي، جنهن وسيلي ڄاڻ ملي ته ڪينٽون ۾ مانچو گهراڻي خلاف ڪيئن بغاوت پيدا ٿي. ان کان علاوه انهن 72 سورمن جي قتلام بابت آگاهي ملي ته، هُنن ڪهڙيءَ ريت هُينان جي رهواسي وانگ هيسنگ جي اڳواڻيءَ ۾ سِرن جون قربانيون ڏئي اَمرتا ماڻي ورتي. مان سموري دکدائڪ ڪهاڻيءَ کان نه رڳو متاثر ٿيس پر هڪ حوصلو ۽ همٿ پيدا ٿي. ان سموري مواد جي مرتب جو نالو يو¸ يوجن (Yu-Yu Jen) ) هو، جيڪو اڳتي هلي ڪومنٽانگ جو ناليرو اڳواڻ ٿيو. مان ان ساڳي عهد ۾ سن يات سن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ تونگ مسنگ هوئي جي نالي سان خفيه سوسائٽي جي پروگرام ۽ رٿابنديءَ متعلق به معلومات ورتي.
هونئن مجموعي طور ماحول انقلاب جي ابتدائي دور جي ڪنڌي تي بيٺل هو. مان ايترو ته جذباتي ٿي ويو هوس جو ترنگ ۾ اچي هڪ مضمون لکي اسڪول جي ديوار تي چنبڙائي ڇڏيم. اها منهنجي پهرين سياسي لکڻي هئي، جيڪا گهڻي واضح نه پر مبهم ۽ منجهيل هئي. ڇو ته مان اڃان تائين ڪئنگ يو وئي (Kiang Yu wei) ۽ ليانگ چي چائو (Lian Chi- Chao) جي پرڪشش سحر منجهان ٻاهر ڪونه نڪتو هوس. مان انهن جي وچ ۾ اختلافن کي سمجهي ڪونه سگهيو هيس. ان ڪري منهنجي مضمون جو تت هيءُ هو ته، سن يات سن کي جپان منجهان واپس آڻي صدارت جي عهدي تي فائز ڪيو وڃي. جڏهن ته ڪانگ يو وئي کي وزير اعظم ۽ ليانگ چي چائو کي وزير خارجه مقرر ڪيو وڃي.
پر ڏيهي قابضن جي خلاف، ان زماني ۾ تحريڪ جو اهم مرڪز شزهوان¸ هينڪو(Szechuan-Hanko) جي ريلوائي عمارت هئي. اتان ئي هڪ آزاد پارليامينٽ جي مطالبي جو نعرو گونجيو هو. ان جي موٽ ۾ شهنشاهه محض هڪ صلاحڪار ڪائونسل جوڙڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي هئي. اسان جي اسڪول جا شاگرد ته مذڪوره تحريڪ جا جوش ۽ جنون جي حد تائين طرفدار بڻجي ويا هئا. انهن شاگردن مانچو گهراڻي خلاف ايڏو ته سخت مظاهرو ڪيو جو ڊگهين چوٽين رکڻ واري روحاني عقيدي جي به مٽي پليد ڪري هراس جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هئائون.
مان ۽ هڪ ٻئي دوست ته هڪدم چوٽيون ڪترائي ڇڏيون، پر ٻيا دوست جن اڳواٽ زبان به ڏني هئي ته چوٽيون لهرائي ڇڏيندا سي اوچتو اٺ پير ڊاهي کسڪي ويا. ان جي ردعمل ۾ اچي مان ۽ منهنجن ساٿين اهڙن همراهن کي مار ڪٽ ڪري سندن چوٽيون ڪپي ڇڏيون. اسان جي ان مهم جو لڳ ڀڳ ڏهه ڄڻا شڪار ٿيا. ائين ٿوري ئي وقت ۾ اهڙو ته ماحول جڙي راس ٿيو جو چوٽي رکندڙن تي ٺٺوليون ۽ چٿرون ٿيڻ لڳيون. ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته سياسي نظريو مورڳو عقيده پرستيءَ ۾ ڪيئن ڦيرڦار آڻڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿو.
مان، چوٽي ڪپرائڻ جي مهم ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويو هوس جو هڪ ڏهاڙي، قانون جي تعليم حاصل ڪندڙ هڪ دوست سان ان مسئلي تي تون ڇا تون ڇا ٿيندي ويرم ئي ڪانه ٿي. ڇو ته قانون گَرُ دوست جو چوڻ هو ته، جسم، چمڙي، وار ۽ ننهن ورثي طور مليل آهن، انهن کي نيست نابود ڪرڻ نه گهرجي. ان راءِ جي پٺڀرائيءَ ۾ آڳاٽي دور جي لکڻين جا حوالا ڏئي چنبڙي پيو. ان جي برعڪس مون ۽ منهنجن دوستن اهڙي خيال آرائيءَ کي رد ڪندي ان کي مورڳو مانچو حڪمرانن خلاف سياسي محاذ آرائيءَ طور استعمال ڪرڻ جو اظهار ڄاڻايو ۽ پوءِ ڇا ٿيو جو، سڀني جا وات بند ٿي ويا.
جڏهن لي يوان هنگ (Li Yuan- Hung) جي سربراهيءَ ۾ بغاوت ٿي ته هونان ۾ مارشل لا هنئي وئي. ائين سياسي جوڙجڪ ۾ ڇوهائيءَ سان تبديلي اچڻ لڳي. هڪ ڏهاڙي اسڪول ۾ هڪ انقلابي اچي پهتو ۽ پرنسپال جي اجازت سان وار ڪانڊاريندڙ تقرير ڪيائين. ست يا اٺ شاگرد اٿي بيٺا ۽ انقلابيءَ جي تقرير جي مڪمل پٺڀرائي ڪندي مطالبو ڪيو ته، مانچو حڪمرانن کي برطرف ڪري هڪ جمهوري سرڪار جو قيام عمل ۾ آندو وڃي. اتي ويٺلن منجهان ڪجهه وَري بت بڻجي تقريرون ۽ مطالبا ٻڌي رهيا هئا ۽ موت جهڙي ماٺ ڇانيل هئي، ڇو ته انقلابيءَ جي سحر انگيز تقرير ماحو ل کي پنهنجي گرفت ۾ قابو ڪري ڇڏيو هو.
مون اها تقرير ٻڌڻ شرط چار يا پنج ڏهاڙا گذرڻ کان پوءِ پڪو پهه ڪيو ته لي يوان هنگ جي انقلابي فوج ۾ شامل ٿيندس. مون ان فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻين دوستن سان گڏ هينڪو ڏانهن اسهڻ کان ا ڳ ڪجهه پئسو پنجڙ هم ڪلاسين کان گڏ ڪري ورتو. ائين به ٻڌڻ ۾ آيو پي ته، هينڪو جون گهٽيون پوسل سان ڀريل آهن. ان لاءِ مينهوڳيءَ وارا بوٽ پائي وڃڻ لازم هو. مان اهڙو بوٽ اڌارو حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي هڪ فوجي دوست ڏانهن شهر کان ٻاهران ويو هيس. مون کي فوجي ڇانوڻي جي گارڊن ٻاهر ئي بيهاري ڇڏيو. اتي مون کي هڪ عجيب و غريب چرپر نظر آئي ۽ فوجين کي گولين سان سٿيل ٿيلها ڏئي گهٽين ڏانهن اماڻيو پئي ويو.
باغين جا ٽولا، ڪينٽون¸ هينڪو ريلوائيءَ ڏانهن پيش قدمي ڪري رهيا هئا ۽ ويڙهه جي شروعات ٿي وئي هئي. هڪ چڱي موچاري جنگ، شهر جي ڀتين ٻاهران ٿي رهي هئي. ان کان سواءِ شهر جي اندر به بغاوت جا آثار نمودار ٿي رهيا هئا. ائين ڏسندي ئي ڏسندي چيني پورهيت مکيه دروازن ڏانهن ڌوڪي آيا ۽ قبضو ڪري ورتو. مان انهيءَ هڪ مکيه دروازي منجهان شهر ۾ ٻيهر داخل ٿي هڪ مٿانهين پوٺي تي بيهي جنگ جو لقاءُ ڏسڻ لڳس. آخرڪار جنگ جي پڄاڻي ٿي ۽ هُوان جو جهنڊو جهولڻ لڳو. اهو هڪ سفيد رنگ جو جهنڊو هو جنهن ۾ هوان جو نشانيون نقش ٿيل هيون. آءٌ پنهنجي اسڪول ڏانهن موٽي آيس، جتي اڳواٽ ئي فوجي محافظن جو گهيرو ٿيل هو.
اڳلي ڏهاڙي هڪ ڦلهڙي طرز جي حڪومت جوڙي وئي. ان ۾ چڱن مڙسن جي تنظيم (Elder Brother’s Society) جا ٻه اهم نمائندا صدر ۽ نائب صدر طور نامزد ڪيا ويا. انهن جا نالا چيائوتا فينگ ۽ چن زائو هسنگ هئا. نئين سرڪار جوهيڊ ڪوارٽر سابقه صوبائي صلاحڪار ڪائونسل جي عمارت ۾ قائم ڪيو ويو، جنهن جي سربراه تان ين ڪائيءَ کي اڳ ۾ ئي برطرف ۽ ڪائونسل کي پڻ تحليل ڪيو ويو هو. اتي ڳولا ڦولها سان اهڙا ثبوت هٿ آيا، جن ۾ مانچو سرڪار کي پارليامينٽ قائم ڪرڻ لاءِ عرضداشتون اماڻيل هيون. اصل دستاويز ته هڪ انقلابي لي هيسو ٿي جي رت سان لکيل هو، جيڪو هاڻي سوويت سرڪار ۾ تعليمي ڪمشنر جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. هيسو پنهنجي آڱر کي چهڪ ڏئي، هڪ وفادار ۽ مستقل مزاج انسان جيان عرضداشت لکي هئي. ان جي شروعات ۾ ئي آزي ۽ نيزاريءَ سان لکيل هو ته، ترت پارليامينٽ جو اجلاس سڏايو وڃي. مان پنهنجي رت سان هيءَ لکت وفاداري ثابت ڪرڻ لاءِ لکي رهيو آهيان.
نوان چونڊيل صدر ۽ نائب صدر گهڻو وقت هلي نه سگهيا. اُهي پنهنجي روءِ سوءِ ۾ خراب ماڻهو ڪونه هئا پر اهي ڪنهن حد تائين انقلابي هئڻ جي ڪري غريبن لاءِ دل ۾ درد رکندا هئا، جنهن ڪري انهن جي چال چلت منجهان زميندار ۽ واپاري مطمئن ڪونه ٿيا هئا. ٿورا ئي ڏهاڙا گذرڻ کانپوءِ مان ڪنهن دوست جي ڪانڍ تي اوڏانهن وڃي رهيو هيس ته ٻنهي غريبن جي طرفدارن جا لاش گهٽيءَ ۾ پيل هئا. شان ين ڪائي وارن کي زميندارن ۽ فوج جي پٺڀرائيءَ سان ڪارروائي وسيلي قتل ڪيو ويو هو.
ڪيترائي شاگرد فوج ۾ شامل ٿيڻ لڳا. شاگردن جي فوج کي منظم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، شامل ٿيندڙ شاگردن جي فوج ۾ تانگ شينگ چي پڻ هو. آءٌ ذاتي طور شاگرد فوجي جٿا ٺاهڻ جي حق ۾ ڪونه هيس. ڇو ته ان جوڙجڪ منجهان ئي اڳتي هلي مونجهارا پيدا ٿيڻ جو قوي امڪان هو. ان ڪري مون ريگيولر فوج ۾ شامل ٿيڻ جو پڪو پهه ڪيو ته، جيئن انقلاب لاءِ وڌيڪ سودمند ثابت ٿي سگهان. هن مهل تائين شهنشاه چنگ تخت تان دستبردار ڪونه ٿيو هو ۽ اهو ئي جدوجهد جو ڪارائتو ۽ ڪارگر دور هو.
منهنجي ماهوار پگهار ست يون هئي. هاڻي جيڪا پگهار سرخ فوج ۾ کڻان ٿو ان کان وڌيڪ هئي. بهرحال مان کاڌ خوراڪ تي ماهوار ٻه يون خرچ ڪندو هيس. سپاهين کي پيئڻ لاءِ پاڻي ٻاهران خريد ڪري آڻڻو پوندو هو. پر مان شاگرد هئڻ جي ناتي ايترو پرڀرو وڃي ڪونه سگهندو هيس ۽ اتان ئي ڪنهن پخاليءَ کان ڳنهي وٺندو هيس. منهنجي بقايا پگهار اخبارن ۽ رسالن خريدڻ جي مَد ۾ خرچ ٿي ويندي هئي. انهن اخبارن ۾ رزاني ”هيسانگ“ جيڪا انقلاب کي اجاڳر ڪرڻ جو ڪم ڪندي هئي، سا مستقل طور مطالعي هيٺ رهندي هئي، ان اخبار ۾ سوشلزم متعلق اڪيچار بحث مباحثا شايع ٿيندا هئا. اُتان ئي آءٌ سوشلزم بابت لفظي سٽاءُ ۽ بيهڪ کي سمجهڻ ۽ سوچڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ لڳس. مان ان کان پوءِ ئي سوشلزم ۽ اصلاحات جي باري ۾ دوستن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ جي لائق بڻيس. مان ڪجهه اهڙا به پمفليٽ پڙهيا جيڪي ڪيانگ ڪئانگ هُو جا سوشلزم لاءِ لکيل هئا. مون مڪمل جوش ۽جذبي سان سوشلزم بابت پنهنجن دوستن ڏانهن لکپڙهه جو سلسلو شروع ڪيو، پر مون سان سهمت ٿيندڙن ۾ هڪ ئي دوست هو.
منهنجي فوجي جٿي ۾ هُونان جو هڪ کاڻ مزدور ۽ لوهار پڻ شامل هئا، جن سان وڌيڪ ويجهڙائي ۽ چاهت هئي. باقي ته عقل جا اياڻا يا وري شرير سڀاءُ جا مالڪ هئا. مون اڳتي هلي ڪجهه ٻين شاگرد دوستن کي رضامند ڪري ورتو ته، اُهي فوج ۾ شامل ٿيندا. ٿوري وقت ۾ پلاٽون ڪمانڊر ۽ ٻين سپاهين سان دوستاڻا تعلقات قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. لکپڙهه ڄاڻڻ جي ڪري آءٌ گهڻو ڪري سڀني جي نظر ۾ عزت ۽ احترام لائق ليکيو ويندو هوس. مان انهن کي خطن لکڻ ۽ لکپڙهه جي ٻين ڪم ۾ سندن مددگار بڻجي پوندو هيس.
اڃا تائين انقلاب جي آمد ۽ نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابه تز ۽ ڪارائتي رٿابندي ڪانه ڪئي وئي هئي. ڇو ته چنگ، اڃا تائين مڪمل طور اقتدار تان هٿ ڪونه کنيو هو. ان کان سواءِ ڪومنٽانگ جي وچ ۾ به سربراهيءَ تان ڇڪتاڻ وڌي رهي هئي. ان ڪري هونان ۾ افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. ڪيترائي ننڍا فوجي جٿا مانچوز ۽ يوان شهي ڪائي خلاف منظم ٿي رهيا هئا، پر هونان واسي متحرڪ ٿيڻ لاءِ تياريءَ ۾ مصروف هئا ته سن يات سن ۽ يوان شهي ڪائي وارن جي وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو، جنهن مطابق جنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان ڪر ي”اتر“ ۽ ”ڏکڻ“ وارا هڪ ٿي ويا ۽ نانڪنگ سرڪار تحليل ڪئي وئي. ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته انقلاب جي پڄاڻي ٿي وئي. مان به فوج منجهان مستعفي ٿي ڪتابن ۾ وڃي منهن وڌو. مان هڪ سپاهيءَ طور فوج ۾لڳ ڀڳ 6 مهينا رهيس.
مون اخبارن ۾ اشتهار پڙهڻ شروع ڪيا. ڪيترائي اسڪول نئين سِر کلي رهيا هئا ۽ انهن جي معلومات جو ذريعو اخبارون هيون ته جيئن شاگردن کي متوجه ڪري سگهجي. مون کي خاص اسڪولن بابت ڪا گهڻي ڄاڻ ڪانه هئي. مان پنهنجي سِر به گومگو ۾ ورتل هيس ۽ خبر ڪانه هئي ته مستقبل ۾ ڇا ڪرڻو آهي. اوچتو نظر منهنجي هڪ پوليس اسڪول بابت اخبار ۾ آيل اشتهار تي پئجي وئي. مان ان ۾ داخلا وٺڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي. ان کان اڳ جو داخلا ٽيسٽ لاءِ تياري ڪيان، هڪ اهڙو اشتهار ڏٺم جيڪو ”صابڻ سازي“ جو فن سيکارڻ بابت اسڪول جو هو. ان ۾ وڌيڪ سهولت هئي ته ڪابه اضافي في وغيره ڪانه هئي. رهائش لاءِ به چڱي چوکي سهولت سان گڏ ڪجهه پگهار ڏيڻ جي به ڪشش شامل هئي.
لاشڪ ته اهو اشتهار، منهنجي لاءِ اتساهه ۽ ڇڪ جو ڪارڻ هو، ان ۾ ائين به ڄاڻايل هو ته صابڻ سازيءَ جي فن سکڻ سان سماج ۾ هنرمند طور عزت ۽ خوشحاليءَ ۾ اضافو آڻي سکيو ستابو ۽ امير بڻجي سگهجي ٿو. آءٌ پوليس اسڪول ۾ داخلا وٺڻ جو ارادو ملتوي ڪري صابڻ سازيءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيس. ان لاءِ نالي ماتر رجسٽريشن في به جمع ڪرائي ڇڏيم.
انهيءَ عرصي دوران قانون جي تعليم حاصل ڪندڙ هڪ دوست آيو ۽ زور بار ڪرڻ لڳو ته سندس اسڪول ۾ داخلا وٺان. مان هونئن به ان اسڪول متعلق ڪيترائي اشتهار پڙهيا هئا، جنهن ۾ ڪيتريون ئي آسائشون ۽ وعدا به ڪيل هئا. ان کان سواءِ شاگردن کي خاطري ڏنل هئي ته قانون جي تعليم ٽن ورهين جي مدي پوري ڪرڻ کان پوءِ کين اعليٰ عهدي تي پڻ فائز ڪيو ويندو. منهنجو دوست سانده اسڪول ۾ داخل ٿيڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪندو رهيو. نيٺ لاچار ٿي پنهنجي گهروارن ڏانهن عريضي لکي موڪلي ۽ اشتهار ۾ ڄاڻايل وعدن ۽ خاطرين جو تفصيلي ذڪر ڪندي في موڪلڻ جي گذارش ڪئي. مون پنهنجي لکت ۾ شاندار مستقبل ۽ اعليٰ عهدي ماڻڻ جو ذڪر به شد و مد سان ڪيو هو. ان کان پوءِ مقرر ڪيل هڪ ڊالر في پنهنجي هَڙئون اسڪول ۾ جمع ڪرائي، مائٽن کان ڪنهن مثبت موٽ جو انتظار ڪرڻ لڳس.
اوچتو منهنجو ڀاڳ وري هڪ ٻيو ڀيڙو ڏنو. اهو هيئن ته ڪمرشل اسڪول جو اشتهار آيو.مون کي هڪ دوست قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته، ملڪ ۾ هن وقت اقتصادي جنگ عروج تي پهتل آهي. هن وقت اهڙن اقتصادي ماهرن جي سخت ضرورت آهي، جيڪي ڀورا ڀورا ٿيندڙ معاشري جي نئين سر اڏاوت ڪري سگهن. مون کي دوست جي دليل بازيءَ ۾ وزن نظر آيو، سو هڪ ٻيو ڊالر داءُ تي هڻي ڪمرشل اسڪول ۾ داخلا فارم جمع ڪرائي ڇڏيم. مون جيئن فارم جمع ڪرايو ته، بيٺي پير منظور ڪري داخلا ڏني وئي. ان هوندي به اشتهارن کي لڳاتار نظر مان ڪڍندو رهيس.
هڪ ڏهاڙي هڪ اڃا به وڌيڪ اعليٰ قسم جي ڪمرشل اسڪول بابت اشتهار آيو. ان اداري جو انتظام سرڪاري هٿن ۾ هو. ان ۾ اعليٰ تعليم ڏيڻ جو اعلان ۽ تجربيڪار استادن جي موجودگي ڄاڻايل هئي. مون دل ۾فيصلو ڪيو ته هڪ اعليٰ اقتصادي اداري ۾ تعليم حاصل ڪري تجربو ۽ آزمودو حاصل ڪرڻ سڀ کان اهم آهي ۽ ڊالر في ڀري پوءِ پنهنجي پيءُ کي فيصلي کان آگاهي ڏني. هو ته ان فيصلي تي گلاب جي گل وانگر ٽڙي پيو. منهنجو ابو هونءَ به ڪمرشل ترقيءَ جو اهم طرفدار هو. مان پوءِ به ان اسڪول ۾ هڪ مهيني کان وڌيڪ جالي نه سگهيس.
منهنجي لاءِ نئين اسڪول ۾ سڀ کان وڌيڪ مصيبت ۽ مسئلو هيءُ هو ته تعليم جو ذريعو انگريزي هئي، جنهن تي مون کي نالي ماتر عبور حاصل هو ۽ اڃا به اهم رنڊڪ هئي ته اسڪول ۾ انگريزي ٻوليءَ جو مورڳو استاد به ڪونه هو، جيڪو رهنمائي ڪري سگهي. اهڙي دلشڪسته صورتحال جي ڪري اسڪول کي ڇڏڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو ۽ وري به اشتهارن کي پڙهڻ جي خفت ۽ سوداءُ کي لڳي ويس.
منهنجو ٻيو تعليمي طالع آزمائيءَ جو طريقو صوبائي مڊل اسڪول بڻيو. مون معمول مطابق هڪ ڊالر في جمع ڪرائي ۽ دخلا ٽيسٽ ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو. اهو اسڪول ڪشادو ۽ عاليشان هو. جنهن ۾ شاگردن جو تعداد به چڱو خاصو هو. اتان گريجوئيشن ڪرڻ وارن لاءِ عزت ۽ احترام هوندو هو. اتي هڪ چيني استاد، مون کي پڙهائيءَ ۾ مدد پڻ ڪندو هو. ان جو خاص ڪارڻ منهنجو ادبي ذوق هو. ان استاد مون کي هڪ ڪتاب مطالعي لاءِ ڏنو، جنهن جو عنوان هو: ”اتهاس ۽ شهنشاهيت شناسائي.“ جنهن ۾ پيرائتي نموني بادشاهت جي عادتن ۽ افعالن جا وکا پڌرا ڪيل هئا.
لڳ ڀڳ ان ساڳي دور ۾ هٿيارن جي هڪ سرڪاري ڊپو آفيس شانگ شا ۾زوردار ڌماڪو ٿيو. اتي ڀڙڪندڙ باهه جا الُا آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ اسان شاگرد ان لقاءُ کي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيا هئاسون. اتي مَٽن جي انداز ۾ گوليون ۽ گولا ڦاٽي رهيا هئا ۽ بارود کي باهه وڪوڙي وئي هئي. اسان کي ڄڻ ته ڦٽاڪن جي راند جهڙو مزو پي آيو. هڪ مهيني جي مدي ۾ تان يون ڪائي وارن، يوان شهي ڪائي وارن کي علائقي منجهان ئي نيڪالي ڏئي ڇڏي. هنن آسپاس جي سياسي انتظاميا تي پڻ مڪمل قبضو ڪري ورتو. انهيءَ ويڙهاند ۽ ڄنڊا پٽ جو نتيجو ائين نمودار ٿيو جو بادشاهت جا پير پختا ٿيڻ لڳا (پر تاج شاهي به ڇوهائيءَ سان ڌرتي داخل ٿيڻ لڳو.)
آءٌ مڊل اسڪول جي پڙهائي واري نظام منجهان ستت ئي بيزار ٿي پيس. ڇو ته پڙهائيءَ جو سرشتو ٻُسو ۽ اعتراض جوڳو هئڻ سان گڏوگڏ سخت قاعدا ۽ قانون پڻ مسلط هئا. مون پڪو پهه ڪيو ته نويڪلائيءَ ۾ پنهنجي منهن مطالعو ڪندس. ان ڪري ڇهن مهينن کان پوءِ اسڪول کي ئي الوداع ڪيم ۽ پڙهائيءَ جو پنهنجو ٽائيم ٽيبل ٺاهي ان مطابق هينويان جي ڪتاب گهر ۾مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو. آءٌ بنا ڪنهن وقفي جي محنت ۽ ڌيان سان لڳاتار پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڪم ڪندو رهيس، جنهن منهنجي ڄاڻ ۽ شعور ۾ چڱو واڌارو ڪيو. آءٌ ڪتب خاني ۾ صبح جو ساجهر ويندو هيس. منجهند جو پيٽ پوڄا ڪرڻ لاءِ چانورن جي ماني کائي ڇڏيندو هيس. مطلب ته لئبريري جا دروازا بند ٿيڻ تائين مطالعي ۾ محو رهندو هيس.
پاڻمرادو تعليم پرائڻ واري ان دور ۾ ڪيترائي ڪتاب جن ۾ عالمي جاگرافي ۽ تاريخ اهم آهن. اُهي مطالعي هيٺ رهيا. ان ڪري پهريون ڀيرو دنيا جي نقشي جو غور سان مطالعو ڪيم. مان آدم سمٿ جي ڪتاب ”قومن جي دولت“
(The Wealth of Nations)، ڊارون جي ارتقاءِ حيات (Origin of Species) جان اسٽورٽ مل جي ”اخلاقيات“ (Ethics) ) جو ڳوڙهي نموني سان مطالعو ڪيو. مون روسو جي ڪتابن، اسپنسر جي منطق ۽ مونتسيڪو جي قانون بابت لکڻين کي به سنجيدگيءَ سان ويهي پڙهيو. مان سنجيده قسم جي ڪتابن جي زمري ۾ روس، آمريڪا، انگلستان، فرانس ۽ ٻين ملڪن جي تواريخن کي پڙهڻ سان گڏوگڏ آڳاٽي دور جي يوناني ادب ۽ شاعري جو به ڌيان سان مطالعو ڪيو.
مان اڳتي لاءِ پنهنجي رهائش هيسناگ ضلعي جي ماڻهن لاءِ مخصوص ڪيل هڪ عمارت ۾ اختيار ڪئي. اتي رهندڙن ۾ گهڻي ڀاڱي رٽائرڊ فوجي يا اهڙا ماڻهو هئا، جن جي آمدنيءَ جو ذريعو نه هئڻ برابر هو. ان عمارت ۾ شاگردن ۽ سپاهين جي وچ ۾ سدائين ٻڙڌڪ متل هوندو هو. هڪ رات اهو تڪرار ايترو ته چوٽ چڙهي ويو جو مارڪٽ تي وڃي انت ٿيو. جيئن ئي ڪجهه سپاهي اڃا به ڪجهه شاگردن کي خون ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇتا ٿي بيٺا ته مان وڃي حمام خاني ۾ لڪي پيس ۽ رات اُتي ئي رهيس.
منهنجا کيسا به خالي ٿي ويا هئا، مالڪن به رقم موڪلڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ۽ عمارت ۾ وڌيڪ رهڻ جيءُ جو جوکو بڻجي پيو ته مٿو لڪائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن واجهائڻ شروع ڪيم. مان هاڻي ”مستقبل“ بابت سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار ڪرڻ لڳس. مون کي سمجهه ۾ آيو ته پڙهائيءَ جو پيشو اختيار ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ مناسب ۽ مانائتو آهي. مون ان لاءِ وري به اشتهارن پڙهڻ جو وهنوار شروع ڪيو. هڪ اخبار ۾ هُنيان جي ”نارمل اسڪول“ جو شايع ٿيل اشتهار وڌيڪ سودمند لڳو ۽ سمجهه ۾ آيو. اتي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ مناسب رقم تي دستياب هئا. مون کي روايتي طور صلاح ثباب لاءِ ٻه دوست مذڪوره اداري ۾ اچڻ لاءِ زور بار ڪرڻ لڳا ته جيئن سندن مضمون نويسيءَ جي ڪم ۾مدد پڻ ڪري سگهان.
مان پنهنجي گهروارن ڏانهن لکت اماڻي ته جيئن انهن جي رضامندي به شامل هجي. مان پنهنجن مضمونن کي لکڻ ۽ سنوارڻ جي ڪم کان سواءِ ٻنهي دوستن لاءِ به مضمون لکي وٺندو هوس. اهي ٽئي مضمون طمطراق سان منظور ڪيا ويا هئا. ان جو مطلب ته مان ٽي ڀيرا مڃتا لائق بڻجي ويس. هونئن مون کي ڪڏهن به ذهن ۾ وهم گمان ڪونه آيو ته پنهنجن دوستن جي اهڙي مدد ڪري هڪ غير اخلاقي جرم جو مرتڪب ٿي رهيو آهيان، منهنجي لاءِ اهو عمل ڄڻ ته دوستن لاءِ ونگار وهڻ برابر هو.
انت ته آءٌ نارمل اسڪول ۾ لڳاتار پنج ورهيه پڙهندو رهيس ۽ ڪڏهن به پُرڪشش اشتهارن کي اکيون کڻي ڪونه ڏٺم. نيٺ ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس. مون کي هونان جي انهيءَ اسڪول ۾ ڪيترائي تجربا حاصل ٿيا ۽ منهنجي سياسي سوچ ويچار به شڪل شبيهه اختيار ڪرڻ شروع ڪئي. مان ان ئي اسڪول ۾ سڌ سماءُ حاصل ڪيو.
ان نئين اسڪول جي قائدن ضابطن جي ڪنهن حد تائين پوئواري ڪرڻ درست سمجهڻ لڳس، پر هڪ اهم رنڊڪ اها هئي ته نيچرل سائنس کي مزاحمت ۽ مخالفت لائق سمجهڻ شروع ڪيم. آئون سماجي سائنس تي عبور حاصل ڪرڻ جي خفت ۾ مبتلا رهندو آيس. ان ڪري نيچرل سائنس ۾ دلچسپي نالي ماتر رهي ۽ محض پاس ٿيڻ جيتريون مارڪون به ڳيتون ڏئي کڻندو هيس. ان کان سواءِ ڊرائنگ جي لازمي مضمونن کي ذهني طور بار ۽ ٻوجهه ڀائيندو هيس. آءٌ اهڙي طريقه ڪار کي بيڪار ۽ واهيات ليکيندو هيس. آءٌ سدائين سادي ۽ آسان پڙهائيءَ سان انس رکندو آيس ته جيئن سولائيءَ سان ڪم پورو ڪري ماڻهو ڪلاس جي ٻوسٽ منجهان نڪري ٻاهر هليو وڃي.
مون کي ياد آهي ته، هڪ لڱا اڌ سج ۽ اڌ ٽڪريءَ جي ڊرائنگ ڪئي، جنهن کي هڪ سڌي لڪير ۽ ان جي مٿان اڌ گول ڪڍي جان ڇڏائي هئي. ٻيو ڀيرو امتحان جي زماني ۾ بيدي سان مورڳو هڪ اڻ ٺهڪندڙ شڪل ڊرائنگ پيپر تي ٺاهي ان جي هيٺان ”آنو“ لکي ڇڏيم. مان ڊرائنگ ۾ محض 0 4 مارڪون حاصل ڪري ناپاس ٿيس، پر خوش قسمتيءَ سان سماجي سائنس ۾ ايتريون ته سٺيون مارڪون مليون جو گهٽ حاصل ڪيل مارڪن واري ڪسر نڪري وئي.
اتي هڪ چيني استاد به هوندو هو، جنهن کي عرف عام ”يوان ڊگهه ڏاڙهيو“ سڏيندا هئا. اهو صاحب، منهنجي لکڻين تي ٽوڪزني ڪندي انهن کي اخباري بيان بازي چوندو هو. هو ليانگ چي چائو کي مورڳو ڌڪار جي نظر سان ڏسندي کيس اڌ پڙهيل ڄاڻائيندو هو. مان پنهنجن لکڻين ۾ سڌارو آڻڻ جو پڪو پهه ڪيو. ان سلسلي ۾ هين يو جي لکڻين جو وڌيڪ ڳوڙهي نموني اڀياس ڪرڻ شروع ڪيو ۽ آڳاٽي دور جي محاوراتي انداز بيان تي چڱو چوکو دسترس حاصل ڪري ورتو. مان سچ پچ ته استاد يوان جو ٿورائتو آهيان جو اڄ به ڪلاسيڪل مضمون نويسيءَ ۾ پاڻ کي ڀَڙ سمجهندو آهيان.
منهنجي حياتيءَ تي جنهن استاد دائمي عڪس نقش ڪيا ان جو نالو يانگ شانگ چي هو ۽ تازو انگلستان منجهان موٽيو هو. ان سان ناتا ۽ رشتا سڄي ڄمار تائين هلندا آيا. هو علم اخلاق پاڙهيندو هو. هڪ مهذب ۽ صاحبِ ڪردار ماڻهو هو. هو اخلاقيات ۾ مڪمل ويساهه رکندڙ ۽ سدائين ڪوشش ۾رهندو هو ته سندس هرهڪ شاگرد اخلاق جو نمونو بڻجي سماج لاءِ ڪارائتو ثابت ٿئي. مان ان ئي استاد جي اثر هيٺ رهندي ”علم اخلاقيات“ جو ڳوڙهي نموني مطالعو ڪيو. ان کان پوءِ مان هڪ مضمون پروفيسر يانگ چانگ چي جي اثر هيٺ ”اخلاقيات متعلق نظريو“ لکيو. انهيءَ مضمون ۾ هُن صاحب 0 0 1 مارڪون ڏئي سڀني کي تپرس ۾ وجهي ڇڏيو.
هڪ ٻيو استاد تانگ جي نالي سان هو. هن مون کي عوامي مخزن (People’s Journal) جا پراڻا رسالا پڻ ڏنا، جن جو مطالعو ڳوڙهي نموني ڪيم. انهن رسالن جي معرفت ئي تونگ منگ جي متعلق ڄاڻ ۽ سڌسماءُ حاصل ٿيو. هڪ ڏهاڙي عوامي مخزن جي هڪ ڪاپي پڙهي رهيو هوس جنهن ۾ دلچسپ نموني ٻن چيني شاگردن جي سفر جو داستان ڏنل هو ته اهي ٻئي ڄڻا ڪيئن مصيبتن ۽ مامرن کان اڪرندا وڃي تبت جي آخري ڇيڙي تائين پهتا هئا. مون کي به اهڙوئي مثال قائم ڪرڻ لاءِ من ۾ اڻ تڻ ۽ هورا کورا مَچڻ لڳي. پر پئسو ندارد¸ ۽ خيال ڪيم ته پهريائين هونان جو ته مڪمل سفر ڪري وٺان.
ايندڙ اونهاري ۾پيدل ئي پيدل پرڳڻي جي سفر تي نڪري پيس ۽ لڳ ڀڳ پنج ضلعا لتاڙي ويس. مون سان سفر ۾ ساڻ دوست جو نالو هيسائو يُو هو. اسان انهن پنجن ضلعن ۾ سفر ڪرڻ دوران ٽڪو پئسو به خرچ ڪونه ڪيو. اسان کي اجهو ۽ اٽو هارين وٽ آسانيءَ سان ملي ويندو هو. اسان جو آڌرڀاءُ پڻ گرمجوشيءَ سان ڪيو ويندو هو. اهو دوست يعني هيسائو يو جيڪو هم سفر رهيو سو اڳتي هلي ڪومنٽانگ جي هڪ يِي پَئي چِي جي زيردستيءَ ۾ نارمل اسڪول جو اهم آفيسر بڻجي ويو. اڃا به اڳتي هلي هيسائو يو بيجنگ جي عجائب گهر جو ڪسٽوڊين آفيسر بڻجي ويو. اُتان 4 3 9 1ع ۾ همراهه ڪجهه قيمتي نوادرات وڪرو ڪري رقم ساڻ کڻي ڀڄي ويو.
آءٌ پاڻ کي اڪيلو ۽ اداس محسوس ڪرڻ لڳس، ان لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏنم ته اهڙن دوستن ۽ ساٿين جي ضرورت آهي، جيڪي وطن جي ڀلائيءَ لاءِ ساٿ ڏئي سگهن ته رابطي ۾ اچن. مون خاص ڪري اشتهار ۾ ڄاڻايو هو ته اهڙن محنتي کاهوڙي نوجوانن جي ضرورت آهي، جيڪي قرباني ڏيڻ جو جوش ۽ جذبو رکندڙ هجن. ان جي موٽ ۾ ٽي مڪمل ۽ هڪ اڌ جواب وصول ٿيا. انهن منجهان هڪ جو نالو لُوچيانگ¸ لِنگ هو، جيڪو ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، پر اڳتي هلي غداري ڪيائين. باقي نوجوان ثابت قدم ثابت ٿيا. اڌوگابرو جواب ڏيندڙ جو نالو لي سان هو. هن منهنجي ڳالهين کي غور ۽ ڌيان سان ٻڌو. ڪنهن به وعدي ۽ خاطري ڏيڻ کان سواءِ روانو ٿيو ته وري موٽي ڪونه آيو.
ان هوندي به مون ٿوري وقت ۾ پنهنجي چوڌاري شاگرد دوستن جو دائرو ٺاهي ورتو. ان ننڍڙي تنظيم ٺاهڻ جو بنيادي مقصد هو ته اسان جي منزل ۽ ماڳ ڇا آهي ۽ چين جي سماج تي ڪيئن اثرانداز ٿي سگهون ٿا. اهو ڄڻ ته سنجيده ماڻهن جوهڪ اهڙو پتڪڙو گروهه هو جيڪو ڳالهين جي وروڪڙن ۾ ذهني طور ڦاسڻ لاءِ تيار ڪونه هو. اهي جيڪو به ڪم يا چرپر ڪندا هئا ته ان ۾ مقصد ۽ معنيٰ سانڀيل هوندي هئي. وٽن ”پيار“ يا رومان پرستيءَ لاءِ وقت ڄڻ ته ڪونه هو.
هو ڪنهن به عورت يا ذاتي مسئلن تي هڪ ٻئي سان ويچار ونڊڻ کان پاسو ڪندا هئا. مان به عورت ۾ ايتري ڪشش محسوس ڪونه ڪندو هوس. هونئن به چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ مائٽن ويهن ورهين جي عورت سان پرڻو ڪرائي ڇڏيو هو. مان ان عورت سان ڪڏهن به گڏ ڪونه گهاريو. مان ان کي ذهني طور پنهنجي زال سمجهڻ لاءِ تيار ئي ڪونه هيس. هونئن گهڻو ڪري ان عمر ۾ نوجوان ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان عورت ذات بابت ٽيڪا ٽپڻي ۽ دلچسپي ڏيکارڻ ۾ شوق جو اظهار ڪندا هئا پر منهنجا ساٿي ته زندگيءَ جي عام رواجي معاملن تي راءِ زني ڪرڻ به وقت جو زيان سمجهندا هئا. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري هڪ نوجوان مون سان گوشت خريد ڪرڻ جي موضوع تي ڳالهائي رهيو هو. مان اهڙي خسيس معاملي تي بحث ڪرڻ کان بيزاريءَ جو اظهار ڪيو. مون کي تپرس ٿو لڳي ته اهو ماڻهو وري ڏسڻ ۾ ئي ڪونه آيو. منهنجا ساٿي سدائين بحث مباحثي ۾ اهم معاملن جهڙوڪ: انساني فطرت، چيني سماج، دنيا ۽ سنسار بابت بحث ڪندا هئا.
اسان پنهنجي سڀاءُ ۾ سخت ڪلچر پرست ٿي پيا هئاسين. ان ڪري موڪلن ۾ سئر ڪرڻ لاءِ ٻنين، جبلن جي لاهن چاڙهن، شهرن جي آسپاس، قدرتي چشمن جي سونهن ڏسڻ لاءِ سئر ۽ سفر ڪندا هئاسين. جيڪڏهن ڪنهن هنڌ وسڪارو شروع ٿيندو هو ته قميصون لاهي مزو وٺندا هئاسون پر مورڳو گرميءَ ۾ شدت ايندي هئي ته به قميصون سرڪائي سج جو سنان ڪندا هئاسين. اڃان به بهار ۾ ته مزو ئي ٻيڻو ٿي ويندو هو. گهلندڙ ٿڌين هوائن جو لطف وٺندي، ان کي ”بهار جو سنان“ سڏبو هو. اسان سخت سرديءَ ۾ به کليل آسمان هيٺ سمهڻ ۽ يخ نديءَ ۾ترڻ جو مزو وٺندا هئاسون. انهن سڀني ڪرتبن کي ”جسماني سکيا“ ليکيندا هئاسون. لاشڪ ته اها جفاڪشي اڳتي هلي لانگ مارچ جي جدوجهد ۾ جيڪا ڏکڻ کان اتر چين تائين ۽ ڪيانگسيءَ تائين ڪئي وئي، مددگار ثابت ٿي.
مان ڪيترن ئي شاگردن ۽ دوستن سان ٻين شهرن ۾ پنهنجن رشتن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو. مون ستت ئي محسوس ڪيو ته ترتيب سان تنظيم سازي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ڪري 1917ع ۾ ٻين دوستن سان گڏجي هِسن¸ مِن جي نالي سان تنظيم جو بنياد وڌوسين. ان تنظيم ۾ ابتدائي طور 70 کان 80 ميمبر شامل هئا. جن مان اڳتي هلي ڪيترائي ميمبر چيني ڪميونسٽ پارٽي ۽ چيني انقلاب لاءِ ناميارا اڳواڻ ثابت ٿيا. انهن منجهان لُومن هن وقت پارٽي جي تنظيمي شعبي جو سيڪريٽري آهي ۽ هُوشو هينگ جيڪو سينٽرل سوويت اداري ۾ سپريم ڪورٽ جو جج ٿيو ۽ 1935ع ڌاري کيس چيانگ ڪائي شيڪ وارن قتل ڪرائي ڇڏيو. هي ساٿي، هاڻي سرخ فوج جي دسته اول جو اڳواڻ آهي. ڪُوليانگ، مشهور مزدور اڳواڻ جنهن کي جنرل هُو چيئن 1939ع ۾ مارائي ڇڏيو. هسائوچُو چانگ، مشهور ليکڪ جيڪو هاڻي سوويت يونين ۾ قيام پذير آهي. زائي هُو¸ سِنِ، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر، جنهن کي 1927ع ۾ چيانگ ڪائي شيڪ قتل ڪرائي ڇڏيو. يي لي¸ يون سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر جيڪو ڪجهه وقت کان پوءِ دغا ڪري ڪومنٽانگ ۾ شامل ٿيو ۽ سرمائيدارانه مزدور تنظيم جو اهم اڳواڻ ثابت ٿيو. هيسائو چن جيڪو پارٽيءَ جي انهن اهم ميمبرن منجهان هڪ هو، جن اوائلي دور ۾ پارٽي دستاويز تي صحيون ڪيون هيون. هو بيمار رهڻ جي ڪري گهڻو وقت جيئرو رهي نه سگهيو. منهنجي حساب موجب ته هسن من ٺاهيندڙن جي اڪثريت 1927ع جي رد انقلاب ۾ مارجي وئي.
انهيءَ زماني ۾هڪ ٻي پارٽي ”سماج سڌار سوسائٽي“ پڻ ٺاهي وئي هئي، جيڪا گهڻي قدر هِسن مِن سان مشابهت رکندڙ هئي. ان سوسائٽيءَ جا به ميمبر ٿوري وقت کان پوءِ ڪميونسٽ بڻجي ويا. انهن منجهان هڪ ين تائي يِنگ هو، اهو به رد انقلاب جي دور ۾چيانگ ڪائي شيڪ جي فوج هٿان مارجي ويو. لن پيائو، جيڪو هاڻي سرخ فوج جي يونيورسٽيءَ جو صدر آهي سو به ميمبر هو. ان کان سواءِ چيانگ هَائُو، هاڻي گرفتار ٿيل قيدين جي اداري جو سربراه آهي. بيجنگ ۾ سوسائٽي هُون شيش جي نالي سان سڏي ويندي هئي، ان جا به ڪيترائي ميمبر سُرخا بڻجي ويا. ان کان علاوءُ چين جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾جهڙوڪ شنگهائي، هينگ چائو، هينڪوِ ۽ ٻين شهرن ۾ به انقلابي گروهه مقامي سطح تي منظم ٿي ويا. اهي پڻ چيني سياست تي ٺاهوڪي نموني اثرنداز ٿيا.
هونئن ان نموني جي تنظيمن، نوجوان ٽهيءَ جي ڪوششن ۽ هڪ مخزن ”نوجوان نسل“ جي لکڻين پڻ سجاڳيءَ لاءِ ڀڀڙ ڀڙڪايو، جنهن جو مرتب چن تُو هسو هو. آءٌ ان مخزن کي ان زماني کان پڙهندو هيس، جڏهن نارمل اسڪول ۾ زير تعليم رهيس. انهن مضمونن منهنجي ذهن ۾ نواڻ ۽ جوش پيدا ڪيو، جو اڳ ۾ ماڊل طور جيڪي به لکڻيون ذهن تي ڇانيل هيون سي ڌوپجي صاف ٿي ويون جنهن ۾ سوشلزم جو عڪس چٽيل هو. ائين کڻي چئجي ته منهنجي ذهن تي اوڻويهين صديءَ جي جمهوري جدوجهد، خيال پرستي ۽ قدامت پرست لبرل ازم واسو ڪري ويٺل هئا جنهن ڪري فوج ۽ سامراج مخالف فڪر جو حامي هيس.
مان نارمل اسڪول ۾ 1912ع ۾ داخل ٿيس ۽ 1918ع ۾ گريجوئيٽ ٿي ويس.

انقلاب جو آلاپ: ائڊگرسنو

مان جنهن زماني ۾ مائوزي تنگ جون يادگيريون قلمبند ڪري رهيو هوس ته سندس گهرواري هُوزو چن پڻ انهن ڳالهين کي ڌيان سان ٻڌڻ ۽ نوڪ پلڪ سنوارڻ ۾ مددگار بڻجندي هئي. ايترو ڌيان سان ٻڌڻ جو هڪ اهم ڪارڻ اهو به هو ته اهڙيون ڪيتريون ڪهاڻيون ڪميونسٽ تحريڪ متعلق هيون جيڪي اڳ ۾ مائو ڪنهن سان به تفصيلي نموني واريون ڪونه هيون. اڳتي هلي جڏهن مون، ٻين اڳواڻن جي ساروڻين کي يڪجا ڪرڻ شروع ڪيو ته اتي به ڪيترائي ڪامريڊ گڏ اچي ٿيندا هئا جيئن انهن دَز پيل ڳالهين کي ٻڌي ۽ سکي سگهن. جيتوڻيڪ اهي سڀئي ڪلهي ۾ ڪلهو ڏئي ورهين کان جدوجهد ڪندا پي آيا پر انهن کي ڪميونسٽ جدوجهد کان اڳ جي تاريخ ۽ اٿل پٿل بابت پورو پنو سڌ سماءُ هو. مطلب ته اهو دور انهن جي نظر ۾ ڄڻ اونده جي پردي پويان لڪل زمانو هو. جنهن لاءِ ڄڻ ته ڪميونسٽ جدوجهد هڪ نئين دو ر جي شروعات هئي.
مائو، اهڙي ئي هڪ ٻي رات ڄنگهون هڪ ٻئي سان اٽڪائي هڪ پيتي مٿان جهڪيل هو. هن سگريٽ کي ٻرندڙ ميڻ بتيءَ مان دکائيندي اتان ڳالهه جي اڌ ۾ ڇڏيل ڌاڳي کي سورڻ شروع ڪيو، جتان گذريل شام جو ڇڏيو ويو هو:
”مان نارمل اسڪول ۾ جيترو به عرصو تعليم حاصل ڪئي ته اتي گڏيل مَد ۾خرچ 160 ڊالر ٿيو هو. انهن منجهان به 3/1 حصو اخبارن ۽ رسالن جي مد ۾ خرچ ٿيندو هو. ڇو ته مون اخبارن ۽ ڪتابن جي مطالعي لاءِ مهيني ۾ هڪ ڊالر وقف ڪري ڇڏيو هو. منهنجو ابو اهڙي خرچ کي پئسي جو زيان ڄاڻندي سدائين گهپي ۽ ڪر ڪر ڪندو رهندو هو. هو قيمتي ڏوڪڙن جي ردي ڪاغذن تي خرچ کي ننديندو رهندو هو پر مون کي ته اخبار بينيءَ جو شوق وڻ ويڙهي وانگر ورائي ويو، اهو سلسلو بنا ڪنهن وٿيءَ جي 1911ع کان 1927ع تائين هلندو رهيو. مان جيتوڻيڪ چنگ ڪانگ شا ڏانهن هليو آيس، پوءِ به شنگهائي، بيجنگ ۽ هونان جون اخبارون پڙهندو رهيس.
اسڪول جي آخري سال ۾ هيس ته امڙ گذاري وئي. پوءِ ته ڄڻ گهر ڏانهن وڃڻ جي سڪ ۽ چاهه ويتر گهٽجي ويو. مون ساڳئي اونهاري ۾ بيجنگ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. منهنجي هوناني دوستن منجهان ڪجهه ڄڻن فرانس اسهڻ جو پهه ڪيو ته جيئن اُتي ”ڪمائڻ ۽ پڙهڻ“ جي اسڪيم هيٺ تعليم حاصل ڪري سگهن. ڇو ته مهاڀاري لڙائيءَ جي ڪري فرانس ۾ مذڪوره اسڪيم جي اجازت ڏني وئي هئي ته جيئن ملڪ کي اڻسڌيءَ طرح سهائتا حاصل ٿي سگهي. انهن شاگردن فرانس روانو ٿيڻ کان اڳ بيجنگ ۾ فرينچ سکڻ لازمي سمجهي. مان ان سٽاءُ ۾ پنهنجي وت ۽ وس آهر کين هٿ ونڊايو ته جيئن هونان ۽ نارمل اسڪول جي شاگردن جو فرانس ڏانهن جٿو خير خوبيءَ سان روانو ٿئي. انهيءَ جٿي منجهان ڪجهه ته اڳتي هلي انقلابي ثابت ٿيا. ان تحريڪ کان هُوٿهه لي ايترو ته متاثر ٿيو ته جو چاليهن ورهين جي ڄمار ۾ پروفيسري جي عهدي تان نارمل اسڪول منجهان استعفيٰ ڏئي فرانس روانو ٿي ويو پر 1927ع تائين ڪميونسٽ هلچل جي ويجهو اچي نه سگهيو.
مان وري ڪجهه ٻين هوناني شاگردن سان بيجنگ ڏانهن هليو ويس. جيتوڻيڪ شاگردن جي اهڙي منظم روانگي تحريڪ لاءِ حد کان وڌيڪ ڪارائتي ثابت ٿي پر منهنجي من ۾ ڪڏهن به يورپ وڃڻ جو خيال به ڪونه آيو. مون محسوس ڪيو ته پنهنجي متعلق ئي اڌوگابري ڄاڻ به ڪانهي. ان لاءِ منهنجو وقت پاڻ بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ وڌيڪ سودمند ثابت ٿيندو. اهي شاگرد جيڪي فرانس ڏانهن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسهيا هئا، انهن منجهان لي شش زينگ به هڪ هو، جيڪو هاڻي چين ۾ فرينچ يونيورسٽيءَ جو صدر آهي، پر مان ڪجهه نه ڪري سگهيس. ڇو ته منهنجي من ۾ ڪجهه ٻيا خيال پچي ۽ ٽهڪي رهيا هئا.
مون کي بيجنگ رهائش جي لحاظ کان مهانگو ڏسڻ ۾ آيو. مان هيڏانهن رخ ڪرڻ لاءِ هڪ دوست کان رقم اوڌر طور کڻي آيو هيس، پر بيجنگ ۾ پهچڻ سان چوٽ مهانگائيءَ کي ڏسندي نوڪري لاءِ هٿوراڙيون هڻڻ شروع ڪيون. يانگ چيانگ چي جيڪو نارمل اسڪول ۾ منهنجو علم اخلاقيات جو استاد رهي چڪو هو سو هاڻي بيجنگ نيشنل يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هو. مون کيس روزگار ڏيارڻ لاءِ وينتي ڪئي ۽ هُن مون کي يونيورسٽيءَ جي لئبررين ڏانهن اماڻي ڇڏيو. ان جو نالو لي تاچائو هو جيڪو پوءِ چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جو بنيادي ميمبر ٿيو ۽ نيٺ جدوجهد جي صلي ۾ کيس اڳتي هلي ڦاسي ڏني وئي. بهرحال لي تاچائو مون کي نائب لئبررين جي نوڪري ڏني، جنهن ۾ اٺن ڊالرن جهڙي چڱي موچاري پگهار ملڻ لڳي.
منهنجي آفيس اهڙي هنڌ هيٺاهينءَ ۾ هئي جو ڪوبه اچڻ جي سگهه ساري ڪونه سگهندو هو. منهنجي ذميواري هوندي هئي ته جيڪي ماڻهو اخبارن ۽ رسالن جو مطالعو ڪرڻ اچن ته انهن جا نالا درج ڪيان پر مطالعو ڪرڻ لاءِ ايندڙن ۾ اڪثر اهڙا ماڻهو هئا، جيڪي ڄڻ ته اوپرا، جداگانه ۽ منفرد لڳندا هئا، پر پوءِ انهن ۾ سجاڳي/ بيداريءَ جي تحريڪ طور ناليرا ماڻهو جهڙوڪ: فُوسُو¸ نِئنَ، لوچيا¸ لُن ۽ ٻين جانالا ذهن تي تري اچن ٿا. آءٌ انهن منجهان ڪنهن سان به سياسي خيالن جي ڏي وٺ جي ڪوشش ڪندو هوس ته اهي لنوائي ويندا هئا، ڇو ته اهي گهڻو مصروف ماڻهو هئا. انهن وٽ ايترو وقت ئي ڪونه هو جو هڪ ننڍڙي ملازم سان ويهي مغز ماري ڪن، جنهن جي ڳالهائڻ جو لهجو ئي لاڙي طرز جو هو.
پوءِ به مون دل نه لاٿي، ان ڪري فلسفي ۽ صحافت جي انجمن ۾ شامل ٿيس ته جيئن يونيورسٽيءَ جي ڪلاسن ۾ وڃڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آساني ٿئي. مان صحافتي سوسائٽيءَ ۾ڪيترن چڱن همعصرن سان واقفيت حاصل ڪئي. انهن ۾ هڪ شاگرد چِن ڪُنگ پُو جو نالو ياد پوي ٿو، جيڪو نانڪنگ ۾ اعليٰ عهدي تي فائز آهي. تان پنگ شان جيڪو بعد ۾ ڪميونسٽ ٿيو ۽ هاڻي به گهڻو ڪري نام نهاد ٿرڊ پارٽيءَ جو ميمبر آهي ۽ ٻئي هڪ همراهه جو نالو شائو پيائو¸ پنگ هو، جيڪو مون لاءِ ڏاڍو مددگار ثابت ٿيو. هوصحافتي انجمن ۾ استاد هو ۽ گهڻي قدر لبرل ۽ آئيڊلسٽ هئڻ سان گڏوگڏ صاحبِ ڪردار پڻ هو. ان کي به 1926ع ۾ چانگ زائو لِن وارن قتل ڪري ڇڏيو.
مان جنهن زماني ۾ لئبرري ۾ملازمت ڪندو هئس ته اتي چانگ ڪُوا تائو سان به ڏيٺ ويٺ ٿي هئي، جيڪو هاڻي سوويت سرڪار ۾ نائب صدر آهي. ان کان علاوه ڪيانگ پنگ شائو جيڪو ڪيليفورنيا ۾ ڪُوڪلس ڪلان ۾ شامل وڃي ٿيو هو. ها! هڪ ٻيو معتبر ماڻهو تُوئان¸ سي¸ پينگ پڻ هو. هاڻي هو نانه ڪنگ ۾ نائب وزير تعليم آهي. مان اتي ئي هڪ عورت يانگ ڪائي هوئي سان مليس ۽ ان سان پيار جو پيچ اٽڪي پيو. هوءَ منهنجي علم اخلاقيات جي اڳوڻي استاد يانگ چانگ چي جي ڌيءُ هئي. ان استاد صاحب جو هونئن به منهنجي ذهن تي صحتمند اثر ڇانيل هو ۽ بيجنگ ۾ ته استاد ۽ شاگرد جو ليڪو لتاڙي هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو اچي وياسون.
منهنجي سياست ۾دلچسپي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي هئي ۽ منهنجو ذهن وڌيڪ انقلابي ۽ ريڊيڪل ٿيڻ لڳو. مان ان جو پس منظر اڳ ۾ ئي ٻڌائي آيو آهيان، پر آءٌ پوءِ به مونجهه ۾ ورتل هيس يعني جنهن کي اسان ٻوليءَ ۾ دڳ چئجي، ان لاءِ واجهائي رهيو هيس. مان ڇڙواڳي (Anarchism) تي به ڪجهه چڱيرڙو مواد پڙهي ورتو ۽ ان جو اثر به حاصل ڪيو هو. اهڙو ئي هڪ شاگرد نالي چُوهِسن¸ پي هو، جنهن سان انارڪزم ۽ ان جي چين ۾ اثر رسوخ بابت بحث ٿيندو هو. ان جي نتيجي ۾ مان انارڪزم/ ڇڙواڳيءَ جي ڪجهه نقطن سان سهمت هئڻ جو اظهار ڪرڻ لڳس.
منهنجو بيجنگ ۾ گذر سفر تنگ دستيءَ جي حالت ۾ هو، پر ان هوندي به هن قديم شهر جي سونهن منهنجي پيرن ۾ زنجير بڻجي پيل هئي. مان هڪ ننڍڙي گهر جي اهڙي ڪمري ۾رهندو هيس، جنهن ۾ اڳواٽ ئي 6 ساهوارا رهندڙ هئا. اسان اتفاقي طور جڏهن هڪ وقت ڪمري ۾ موجود هوندا هئاسون ته ساهه کڻڻ ۾به ڏکيائي ٿيندي هئي. مان جيڪڏهن ننڊ ۾ پاسو ورائيندو هيس ته پاسي ۾ ستل کي اڳواٽ خبردار ڪندو هيس، پر مان ننڍڙن باغيچن ڏانهن نڪري ويندو هيس ته جيئن تازي هوا جا جهوٽا ڳيهي سگهان. انهن باغيچن ۾ اڇن اجرن گلن جون قطارون ڏسي گد گد ٿيندو هيس، جيتوڻيڪ اترائين سمونڊ ۾ برف ڄميل هئي. مان سمنڊ ڪناري بيدمشڪ جي لامن ۾بلوري برف لڙڪيل ڏسندو هوس ته دل تي شاعر چن چانگ جا بيت تري ايندا هئا، جنهن سمونڊ تي بيٺل وڻن کي موتين سان تشبيهه ڏيندي هزارين بادام جي وڻن وانگر جهولندي ڏيکاريندو هو. بيجنگ سان منهنجي سٻنڌ جو ڪارڻ اهي اخروٽ جا هزارين وڻ پڻ هئا.
مان 1919ع جي اوائل ۾ هڪ شاگرد سان جنهن کي فرانس ڏانهن اسهڻو هو، شنگهائيءَ تائين گڏجي ويس. مان وٽ ٽڪيٽ محض ٽئنسن تائين هئي ۽ مونجهه ۾ پئجي ويس ته باقي سفر ڪيئن اختتام پذير ٿيندو پر جيئن هڪ جڳ مشهور چيني پهاڪو آهي: ”ڌڻي سڳورو مسافر کي روهه ۾ ڪونه روليندو آهي!“ خوش قسمتيءَ سان مون کي هڪ شاگرد دوست کان ڏهه يوان اڌارا ملي ويا. مون نانڪنگ ڏانهن ويندي واٽ تي چُوفو ۾ ڊاٻو ڪيو ۽ ڪنفيوشس جي تربت تي حاضري ڀرائي. اُتي هڪ چشمو وهندو ڏٺو، جنهن مان ڪنفيوشس جا پيروڪار پير ڌوئيندا هئا ۽ هڪ ننڍڙو شهر پڻ جنهن ۾ اها بزرگ هستي ٻاروتڻ ۾ رهندي هئي. اتي ئي سندس نالي سان منسوب ٿيل مندر جي پاسي ۾ٻوٽو پوکيل آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو ڪنفيوشس پنهنجي هٿن سان پوکيو هو. مان واٽ تي ئي هڪ نديءَ جي ڀر ۾ ترسيس جتي ين هوءِ نالي ڪنفيوشس جو پوئلڳ رهندو هو. ان کان علاوه مون مينيڪس جو جنم آسٿان پڻ ڏٺو. انهيءَ سفر ۾ آءٌ تائي شان جا پوتر پهاڙ به اڪري ويو هيس. اتي ڪنهن زماني ۾ جنرل فينگ يو سرانگ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ حب الوطنيءَ بابت شاهڪار مواد لکيو ۽ مرتب ڪيو هو.
جڏهن مان پوڪائو پهتس ته کيسي ۾ ٽڪو به ڪونه هو ۽ نه وري ٽڪيٽ هئي، اتي ڪوبه اهڙو واقفڪار به اڻ لڀ هو جيڪو مالي سهائتا ڪري ته جيئن اڳتي روانو ٿي سگهان، پر اڃان به هڪ ظلم ٿيو جو ڪو شاهينگ منهنجو سڪيلڌو جُوتن جو جوڙو چورائي ويو. ابول! هاڻي ڇا ٿيندو؟ ائين ئي وري رحم جي سهائتا نمودار ٿي ڄڻ ته ڀاڳ جو دروازو کلي پيو. اهو هيئن ته اسٽيشن جي ٻاهران هونان جي هڪ دوست سان ملاقات ٿي وئي. هُو، منهنجي لاءِ فرشتو ثابت ٿيو. هُن مهربان نه رڳو بوٽ خريد ڪرڻ لاءِ ڏوڪڙ ڏنا پر شنگهائيءَ لاءِ ٽڪيٽ به وٺي ڏني. اهڙي ريت مان سک ۽ سلامتيءَ سان سفر پورو ڪيو، پر منهنجي نظر سدائين نون بوٽن ۾ کُتل هوندي هئي. شنگهائيءَ ۾ فرانس ويندڙن کي چڱي خاصي مالي سهائتا ڪئي وئي پر مون کي پوئتي ورڻ لاءِ مالي امداد ڏني وئي. مان پنهنجن دوستن کي آگبوٽ تي الوداع ڪيو ۽ شانگ شا ڏانهن موٽي آيس.
مون کي جيتريقدر ياد آهي ته، اتر ڏانهن سفرڪرڻ جي نتيجي ۾ گهڻو ئي ڪجهه حاصل ڪيو، اکين مشاهدو ڪيو.
مون، تونگ تنگ ڍنڍ ۽ آسپاس جي نظارن جو ڍءُ ڪري مزو ماڻيو، مون پيءَ هيتاءَ نار جي مٿاڇري تي ڄميل برف تي پسار ڪري جيڪا خوشي محسوس ڪئي سا اڄ به وساري ڪونه سگهيو آهيان. مون جڳ مشهور هوشچو ديوار جاڦيرا لڳايا ۽ نانڪنگ ۾ اهڙي ئي تاريخي ديوار کي وڃي ڏٺو. مان پڇاڙيءَ ۾ تائي شان پار پئي ڪنفيوشس جي تربت کي به ڏسندو آيس. اهي سئر، سفر ۽ حاصلات ڄڻ ته منهنجي مهم جوئيءَ ۾ هڪ اڻوسرندڙ باب جو درجو ماڻي ويا.
آءٌجڏهن شانگ شا موٽي آيس ته سنئون سڌو سياسي هلچل ۾ حصو وٺڻ لڳس. مون 4 مئي جي تحريڪ کان پوءِ ته شاگرد سياست لاءِ پاڻ کي مڪمل طور ارپي ڇڏيو. آءٌ ان سلسلي ۾ ”هيسيانگ رويو“ جو ايڊيٽر بڻجي ويس. اهو رسالو شاگرد سياست جو ترجمان ليکيو ويندو هو، جنهن جا ڏکڻ چين جي سياست تي ڳنڀير اثر مرتب ٿيا. مون شانگ شا ۾ ”ڪلچرل ڪتاب سوسائٽي“ جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪرڻ ۾ حصو ورتو، جنهن جو بنيادي مقصد هو جديد ثقافتي لاڙن ۽ سياسي سڀاءُ متعلق ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ. ان سوسائٽي ۽ هڪ اڌ ٻين تنظيمن مدي خارج سياسي لاڙن جي پير کوڙي مخالفت جو عمل مطالعي وسيلي شروع ڪيو. اسان نيٺ هڪ اهم هڙتال ۽ مظاهري جو سڏ ڏنو، جنهن ۾مطالبو ڪيو ويو ته، قدامت پرستيءَ جي نمائندگي ڪندڙ چانگ چنگ يائوءَ کي برطرف ڪيو وڃي. گڏوگڏ اسان بيجنگ ۽ ڏاکڻين علائقي ڏانهن وفد اماڻيا، جتي سن يات سين اڳواٽ ئي مخالفت جوجهنڊو جهولائي رهيو هو ته جيئن انهن سان رابطو ڪري سگهجي، ان مطالبي جي موٽ ۾ چانگ چنگ وارن شاگرد مخزن ”هيسيانگ رويو“ تي سختي شروع ڪئي.
آءٌ ان کان پوءِ ستت ئي بيجنگ هليو ويس ته جيئن جديد پيپلز اسٽڊي سوسائٽي/ ”جديد عوامي مطالعاتي سوسائٽي“ نالي تنظيم ۾ نمائندگي ڪرڻ سان گڏوگڏ ماده پرستي مخالف هلچل ۾ حصو وٺي سگهان. سوسائٽي وڌيڪ منظم طور چانگ چنگ يائو جي خلاف وسيع پئماني تي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي هئي. ان ڪم کي وڌيڪ مضبوط ۽ سگهارن بنيادن تي بيهارڻ ڪرڻ لاءِ هڪ خابرو اداري/ نيوز ايجنسيءَ جو قيام پڻ عمل ۾ آندو ويو. تحريڪ ڪجهه نه ڪجهه هونان ۾ پير پختا ڪيا. ان جي ڪري چيانگ چنگ يائو وارن جي ذري گهٽ تڏا ويڙهه ٿي وئي ۽ تان ين ڪائي جي نالي سان نئين تنظيم جڙي راس ٿي. انهيءَ زماني ۾ سماجي بيهڪ چٽي نموني ٻن حصن ۾ ورهائجڻ شروع ٿي يعني کاٻي ڌر ۽ ساڄي ڌر. هڪ ڏور رس سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ردوبدل آڻڻ کاٻي ڌر جو مطالبو هو.
مان شنگهائي ٻيو ڀيرو 1919ع ۾ ويو هيس. منهنجي اتي ئي ٻيهر ملاقات چن تُوسُو سان پڻ ٿي. اُن سان پهرين ملاقات نيشنل يونيورسٽي بيجنگ ۾ ٿي هئي. مان ورجايان ٿو ته ان شخصيت منهنجي دل ۽ دماغ تي ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ دائمي اثر چٽي ڇڏيا.
مان، هُوشَهه سان به ان زماني ۾ مليو هوس ته جيئن هنوائي جي شاگر تحريڪ لاءِ پٺڀرائي حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿي سگهان. ان معاملي متعلق شنگهائي ۾ چن تُوسو سان پڻ بحث مباحثو ڪيو ته ڪيئن نئين سر ليگ جي اڏاوت هنوان ۾ ڪري سگهجي ٿي. ان کان پوءِ شانگ شا موٽي آيس ۽ تنظيم سازي شروع ڪئي. مون اتي هڪ استاد طور اچي شروع ڪم ڪيو. گڏوگڏ عوامي مطالعاتي سوسائٽيءَ ۾ متحرڪ ٿيڻ لڳس. ڇو ته سوسائٽيءَ وٽ حقيقت ۾ هنان جي آزادي يعني مڪمل ”خودمختياري“ جو پروگرام هو. هونئن به عام ماڻهن ۾ بيزاريءَ سان گڏوگڏ اهڙي سوچ به وڌي وڻ ٿي وئي هئي ته هنان ايستائين جديد ۽ خوشحال ٿي ڪونه سگهندو جيستائين شنگهائي جي گرفت مان آزاد نه ٿيندو. اسان جي تنظيم ان مقصد لاءِ مظاهرا شروع ڪيا. مان پنهنجي سِر به ان دور ۾ آمريڪا جي آزاديءَ واري دستاويز جو طرفدار هوندو هيس.
تان ين ڪائي کي هنان منجهان هڪ فوجي چائو هينگ ٽي نيڪالي ڏئي ڇڏي. ان فوجي ”هُنان جي آزادي“ لاءِ اڀرندڙ احتجاج کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو. هو ظاهري طور ته آزاديءَ جي منصوبي جي پٺڀرائي ڪري رهيو هو ۽ ان جي جاءِ تي رياست هاءِ متحده چائنا جو خاڪو پيش ڪري رهيو هو. پر جيئن ئي هن همراه اقتدار تي گرفت مضبوط ڪئي ته سڀ کان اڳ ۾ جمهوري تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ اُگرا طور طريقا آزمائڻ شروع ڪيائين. اسان جي تنظيم جو منڍ کان وٺي مطالبو هو ته عورت ۽ مرد کي مساوي/برابر حق ڏنا وڃن. ان لاءِ سرڪاري ادارن ۾ نمائندگيءَ کان وٺي بورجوا جمهوريت ۾ به حق ملڻ گهرجن. اسان پنهنجي خبرنامي ”نيو هُنان“ ۾ مذڪوره مطالبن جي حق ۾شدت سان لکڻ شروع ڪيو. اسان عملي طور پنهنجن مطالبن مڃرائڻ لاءِ صوبائي اسيمبليءَ جي اڳيان مظاهرو ڪيو. ڇو ته ان نام نهاد پارليامينٽ جا ميمبر وڏيرا ۽ زميندار هئا، جيڪي فوجي پٺڀرائيءَ سان ٿاڦيل هئا. ان جدوجهد ۾ شهر جي اندر اهڙا عوام مخالف بئنر پڻ لاهي ۽ ڦاڙي ڦٽا ڪيا ويا جيڪي سرڪاري ساراه ۽ ثناخوانيءَ متعلق لکيل هئا.
هُنان ۾ پارليامينٽ آڏو مظاهرو ڪرڻ هڪ خطرناڪ قدم هو. حڪمرانن جي رڌڻي ۾ رولو پئجي ويو، بهرحال چائو هنگ¸ تي اقتدار تي قبضو ڪري ويساهه گهاتي ڪرڻ ۽ ماڻهن جي جمهوري مطالبن کي نيست و نابود ڪرڻ لاءِ طاقت جي استعمال ڪرڻ ۾ ڪابه شرمندگي محسوس ڪانه ڪئي. ان ڪري اسان جي سوسائٽي پنهنجي جدوجهد جو سنئون سڌو رخ انهيءَ فوجي آمر ڏانهن ڪيو. مون کي ان سلسلي ۾ 1920ع ۾ دکدائڪ حادثو ياد اچي ٿو، هِسن¸ مِن وارا روس جي آڪٽوبر انقلاب جي سالگره ملهائڻ جون تياريون ڪري رهيا هئا، پر جشن کي روڪڻ لاءِ پوليس اماڻي وئي. ماڻهن منجهان هڪ شخص ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي به سختيءَ سان روڪيو يو. ان جشن ۾ شريڪ ٿيندڙن جو چوڻ هو ته آئين جي فقري نمبر2 1 مطابق ماڻهن کي حق حاصل آهن ته اهي گڏ ٿي پنهنجا حق گهري سگهن ٿا پر پوليس ان کي مڃڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهي. ان جي برعڪس پوليس جو چوڻ هو ته لازمي ناهي ته آئين جي پيروي ڪئي وڃي، پر اُهي گورنر چائو هِنگ ٽي جي فرمان کي مڃڻ جا پابند آهن. اهڙي ظالمانه لقاءُ ڏسڻ کان پوءِ منهنجو ان خيال ۾ وڌيڪ پختو ويساهه ٿي ويو ته عوامي سياسي پاور کي عوام جي عمل سان ئي مضبوط ۽ محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. ڇو ته انهيءَ طريقي سان متحرڪ طرز جا سڌارا آڻي سگهجن ٿا.
1920ع جي سياري ۾ ورڪرن کي منظم ڪيو ويو. انهن کي مارڪسواد ۽ روسي انقلاب جي اثر سان آيل ردوبدل کان آگاهي ڏني وئي. مان جڏهن ٻيو ڀيرو بيجنگ ويس ته روس بابت چڱي خاصي نئين معلومات حاصل ٿي. ڪيئن به ڪري هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون هڻي چين ۾ دستياب ٿيندڙ ڪميونسٽ مواد هٿ ڪيم. ان منجهان ٽي ڪتاب مطالعي دوران مون تي وڌيڪ اثرانداز ٿيا. ڇو ته، انهن ڪتابن جي طفيل مارڪسزم ۾ ويساه وڌيڪ پڪو ۽ پختو ٿيو. ائين تاريخ جي نئين طرز سان سمجهاڻي ۽ ڄاڻ ملي. اهي ڪتاب هئا: ڪميونسٽ پڌرنامو، جيڪو چيني ٻوليءَ ۾ چن ونگ تائو ترجمو ڪيو هو. چيني ٻوليءَ ۾ ”طبقاتي جدوجهد“ بابت ڪاٽسڪي جو ڪتاب ۽ ”سوشلزم جي تاريخ“ ڪِرپڪ جا لکيل هئا.
اهڙيءَ ريت 1920ع جي اونهاري ۾ پاڻ کي فڪري ۽ ڪنهن حد تائين عملي طور مارڪسواد سمجهڻ لڳس ۽ ٿوري وقت کان پوءِ مڪمل طور مارڪسوادي هئڻ تي فخر محسوس ڪرڻ لڳس. ان ساڳئي سال ۾ مون، يانگ ڪائي هُوئيءَ سان وهانءُ ڪيو.

قديم ۽ جديد سياست جو جائزو: ارسطو

[b]جذبن جو احساس
[/b]انقلاب جي آمد جو مکيه ڪارڻ جنهن جو اظهار ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ شهر واسي ڪندا اچن پيا، اهو طريقه ڪار اڄ جو نه پر صدين کان جاري آهي. اهي ماڻهو جيڪي مساوات جا قائل آهن، سي لازمي طور تڪرار ۽ چٽاڀيٽي جي محور ۾ داخل ٿيڻ گهرندا، ڇو ته انهن جي ذهن ۾ ويهجي ويندو آهي ته جيڪي ڪجهه کين حق ملڻ گهرجي، سو ٻين جي ڀيٽ ۾ نه هئڻ برابر آهي. ان جي برعڪس جيڪي عدم مساوات يا پنهنجي برتريءَ کي قائم دائم رکڻ جا حامي آهن، انهن جي سمجهه مطابق: اهي پاڻ ئي مصيبتن ۾ ورتل آهن ۽ جيڪي ڪجهه حاصل ٿي رهيو آهي، سو سندن حق ۽ مان مرتبي جي هروڀرو لائق ڪونهي پر ڪنهن قدر گهٽ آهي. (اهڙي قسم جي خواهشن جو اظهار جائز به ڄاتو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ان کي ناجائز به ليکيو ويندو آهي) هونئن به جڏهن مصيبتن جا ماريل ويڙهاند جي دائري ۾ داخل ٿيندا آهن ته ان جو مطلب هيءُ هوندو آهي ته اُهي به مساوي حق رکن ٿا. جڏهن يڪسان مرتبي جا مالڪ آهن ته پوءِ اهي به اوترائي مٿانهان ۽ معتبر آهن. ان ڪري ئي هتي ان نقطي جو وستار ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته اهي ڪهڙا احساس ۽ اڌما آهن، جيڪي ماڻهن کي جدوجهد لاءِ اتساه ڏين ٿا:

[b]مقصد[/b]
انهيءَ سموري چٽاڀيٽيءَ جو مکيه مقصد هيءُ آهي ته اُهي هڪ جهڙو مانُ حاصل ڪري سگهن ۽ سندن مخالفن کي جرئت ۽ همٿ ٿي نه سگهي ته سندن مانَ ۽ شان ۾ گستاخيءَ جي لاءِ سينو ساهي سگهن. مطلب ته اهي مخالف يا سندن حامي ڪنهن کي به نقصان ۽ ڇيهو رسائڻ جي طاقت کان وانجهيل هجن.

[b]سبب ۽ حالتون
[/b]هتي انهن سببن ۽ حالتن جي اپٽار ڪرڻ لازمي آهي جن ۾ جوش، جذبو ۽ جولان ڪنهن هڪ دڳ ڏانهن رخ اختيار ڪري ٿو. ان جي ڪري اهڙي اظهار جي ڪيفيت کي ڪجهه پتڪڙو ۽ غيرڌيان طلب به ڄاڻائين ٿا ته ٻيا وري ان کي چوٽ تي چاڙهي بيهارين ٿا. هونئن ظاهري طور ٻئي ڌريون هڪ ئي زبان منجهان ڳالهائين ٿيون، پر سندن طرز بيان جداگانه آهي، ڇو ته مقصد ۽ ان جي حصول جو جذبو ماڻهن جي جولان ۽ جنون کي هڪ ٻئي خلاف مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ اُڀاريندو آهي. اهو سڀ وهنوار محض ان لاءِ نه هوندو آهي ته اُهي صرف پنهنجي لاءِ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي خفت ۾ ورتل هوندا آهن، جيئن سدائين چوندا ايندا آهن، پر هو مخالف ڌر جي ڪنهن مطالبي کي حقيقي ۽ ڪنهن کي مورڳو بي واجبي سمجهندي وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ تڪرار کي اڀاري مٿي آڻيندا آهن. ان کان سواءِ ٻيا به سبب به ٿي سگهن ٿا، جهڙوڪ: ڊپ، بي ادبي، جارحاڻو تسلط، اختيارن جو ليڪو لتاڙڻ، سازش، لاپرواهي، لاتعلقي ۽اکيون ٻوٽي واردات ڪرڻ پڻ ان زمري ۾ اچي وڃن ٿا.

[b]اقتدار جي منشا ۽ مراد کي هٿ وسيڪو رکڻ لاءِ بي مروت ۽ طاقتور بڻجڻ جو سوداءُ
[/b]اقتدار ۽ اختيارن جي استعمال لاءِ جڏهن ماڻهو اکيون ٻوٽي حرص جي گهوڙي تي سوار ٿي ويندا آهن ته پوءِ ماڻهن ۾ چرپر ۽ هڪ ٻئي خلاف زور آزمائيءَ جو رجحان ان حد تائين سِر تي سوار ٿي ويندو آهي جو آئين ۽ اصولن جي خلاف به صف بندي ٿيندي نظر ايندي آهي.
هتي سمجهڻ گهرجي تي خسيس طرز جي املاڪ تي هٻڇ به ڪو ممڻ مچائي وجهندي آهي. هيستائين ان نقطي جي ذري گهٽ وضاحت ٿي وئي ته عزت ۽ اقتدار لاءِ طاقت جو حصول ڪيئن ڇڙوڇڙ ڪرڻ جو هڪ اهم ڪارڻ بڻجي ٿو. ڇو ته ماڻهو جيڪي منتشر هئڻ جي ڪيفيت منجهان لانگهائو هوندا آهن، سي هڪ ٻئي جي پڳ لاهڻ ۾ دير ئي ڪونه ڪندا آهن، ۽ ڌارين جي آڏو گوڏن ڀر جهڪيل هوندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ عزت ۽ مان جو حصول فضول ۽ بيڪار هوندو آهي. جڏهن ماڻهن جي اندر ۾ هڪ ٻئي لاءِ بي وفائي ۽ دغا ڏيڻ جا کورا ٻرندا هجن، اهو سمورو وهنوار هڪ ٻئي کي مسترد ۽ ميسارڻ جي عمل سان واڳيل هجي.
ڊپ ۽ خوف جي ڪيفيت ۾ اهو گروه مبتلا هوندو آهي، جيڪو غلط ۽ ناجائز طور طريقن سان مسلط ٿيل هوندو آهي ۽ اهي به ماڻهو جزا ۽ سزا جي خوف کان ڪڏهن به آجا ڪونه ٿي سگهندا آهن، بلڪ غلط طريقن جي ڪري مصيبتن ۾ ورتل هوندا آهن. ردعمل ۾ اهڙيون حرڪتون ڪندا آهن، جنهن منجهان محسوس ٿيندو آهي ته اهي ايندڙ مصيبتن ۽ عذاب کان بچڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن. ان جو مثال هيءُ آهي ته ڪيئن روڊس Rhodes) ) جا چڱا مڙس پنهنجي ئي عوام خلاف گڏ ٿي بيٺا هئا، ڇو ته مروج قانون جيڪو سندن مفادن جو تحفظ ڪري رهيو هو ان جي حمايت ۾ پير کوڙي بيٺا هئا.
گروه بنديءَ جو هڪ ڪارڻ توهين يا هتڪ ڪرڻ پڻ آهي، ڇو ته اهو عمل سنئون سڌو سرڪار تي هلان/ حملو ڪرڻ ليکيو ويندو آهي. اهو هيئن ته امراءُ شاهيءَ جي سرشتي ۾ اهي ماڻهو جن جو حڪومتي وهنوار ۾ حصو پتي نه هئڻ برابر هوندو آهي، سي وڌيڪ منفرد نظر ايندا آهن. ڇو ته اهي پنهنجي سوچ ۽ ساڃاه مطابق پاڻ کي هڪ سگهاري ڌر سمجهندا آهن. هوڏانهن جمهوريت طرفدار قوتون ڀڃ ڊاهه ۽ ڇڙواڳيءَ جي وايومنڊل کي پنهنجي هتڪ ۽ بي عزتي سمجهڻ لڳنديون آهن. اهڙو ئي مثال آهي ته جڏهن ٿيبس ۾جنگ جي نتيجي ۾ جمهوريت کي تهس نهس ڪيو ويو ته ان جي جاءِ هڪ خراب ۽ بدڪار سرڪار اچي والاري. ائين ساڳي ريت جڏهن ميگرائنس (Megarians) کي شڪست ڏئي نيست و نابود ڪيو ويو ته ان جو ڀراءُ لاقانونيت ۽ ڇڙواڳي اچي ڪيو. ساڳي نموني ساريڪس (Syracuse) ۾ گيلو جي ظلم ۽ بربريت جي ڪري ۽ روڊس جي عام ماڻهن ۾ ظلم ۽ جبر جي احساس بعد سينو ساهي اٿي بيهڻ.
آئين ۽ قانون ٻڌائين ٿا ته انقلاب ان ويل اڻٽر بڻجي ويندا آهن، جڏهن غير مساوي اوسر ۽ واڌ ٿيڻ لڳندي آهي. جهڙيءَ ريت انساني جسم مختلف عنصرن جو هڪ مجموعو آهي. انساني جسم جي سڀني حصن لاءِ ضروري آهي ته ترتيب سان انهن جي واڌ ويجهه ٿيندي رهي ته جيئن بيهڪ برقرار رهي سگهي، پر جيڪڏهن بيهڪ ۾ اڻ برابري ٿيندي ته سمورو سٽاءُ برباد ٿي ويندو. جيڪڏهن جسم ۾ پيرن جي جاءِ ٻانهون اچي والارين ۽ باقي جسم ٻن حصن ۾ ورهايل هجي ۽ ڪڏهن ته مورڳو سمورو جسم هڪ جانور جي شڪل اختيار ڪري وڃي ۽ اهو جسم صفاتي طور قدڪاٺ ۾ اڻ گهڙيو مادو بڻجي پوي. انهيءَ حوالي سان رياست جي جوڙجڪ به مختلف عضون جو ڳٽڪو آهي. انهن منجهان ڪوبه اڍنگي نموني پکڙجڻ شروع ڪري، جيئن ڪنهن آئيني ۽ جمهوري رياست ۾ غريب ۽ مفلوڪ الحال ماڻهن جو انگ وڌڻ لڳي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙا اتفاق ۽ حادثا نمودار ٿيندا آهن، جيڪو وهم ۽ گمان ۾ ئي ڪونه هوندا آهن.
اهڙوئي هڪ حادثو تيرنتم (Tarentum) ۾ ظهور پذير ٿيو، جڏهن ايراني جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ ستت ئي هڪ آئيني ۽ جمهوري سرڪار جو قيام عمل ۾ آيو. پر اوچتو ئي ليپي گيانس (Laphygians) وارن معتبرن ۽ عالمن کي قتل ڪري جمهوري سرڪار جو ڍينگو ئي ڍير ڪري ڇڏيو ۽ ساڳي ريت آرگوس Argos) ) ۾ نالي قبيلي کي اسپارٽن ملياميٽ ڪري ڇڏيو. ڪليمونس (Cleomoenes) جي شهرين کي دٻاءُ وجهي ڌارين جي رهائش لاءِ کين مجبور ڪيو ويو ۽ اڃا به اٿينس جو مثال آهي ته جڏهن انهن لاءِ زمين جي تنگي جو تباه ڪندڙ مسئلو پيدا ٿيو ته انهن وٽ معتبرن ۽ عالمن جو انگ نالي ماتر وڃي رهيو، جيڪو رهواسين کي ايندڙ آپدائن ۽ مصيبتن بابت ڄاڻ ڏيئي ڪنهن گڏيل عمل لاءِ يڪجا ڪري سگهي.
ان کان پوءِ جيئن ئي اسپارٽا وارن سان جنگاڻ ٿي ته منهن ڏيڻ لاءِ ڪابه معقول ۽ مضبوط رٿابندي ڪيل ڪانه هئي ۽ اهڙي طرز جو وهنوار جمهوري رياستن ۾ٿيندو رهندو آهي، پر محدود پئماني تي. ڇو ته جڏهن امير وڌيڪ امير ٿيڻ لڳندا آهن ۽ سندن مال ملڪيت ۾ بي تحاشا اضافو ٿيندو آهي ته سرڪار تي امراءُ شاهي ۽ سياسي وارث قبضو ڪري ويندا آهن.
آئيني زمري ۾ ته ڪڏهن وري تڪرار جي غيرموجودگي ۾ به انقلاب نمودار ٿيندا آهن، مورڳو چونڊن جي نالي ۾ پڻ سازشون جنم وٺنديون آهن. ان جو مثال هيرئا آهي، (اتي ماجسٽريٽن جي چونڊ لاءِ ووٽ ڏيڻ بدران نامزدگيءَ جي عمل کي هٿي ڏني وئي، ڇو ته ماڻهن چوند عمل کي اجايو سجايو ۽ کٽراڳ ڄاڻايو هو). اهو سڀ ڪجهه لاپرواهي ۽ لاتعلقيءَ جو اظهار هو. ائين ماڻهو انهن صاحبن کي اڳتي وڌڻ لاءِ رستو ڏئي ڇڏين ٿا، جيڪي آئين جا پاسبان ۽ پاسخاطري ڪندڙ نه هجن، پر اقتدار تي قابض ٿي ويهي رهن. جڏهن ته هڪ چونڊيل ماجسٽريٽ هيري ڪلوڊورس جو مثال آهي ته ان اوريس ۾ماڳهين امرا شاهيءَ جو انت آڻي جمهوري راڄ جي قيام لاءِ راه هموار ڪئي ۽ آئين جي بالادستيءَ کي مٿانهون ڄاڻايو.
هتي ٻئي سبب جو به ذڪر ڪرڻ ضروري آهي تي ڪيئن محدود دائري ۾ ردوبدل اچي ٿي. ان منجهان منهنجي مراد هيءَ آهي ته جڏهن ماڻهو ادارن ۾ ايندڙ هڪ اهم ردوبدل کي معمولي ۽ تڇ جهڙو سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏين ٿا، جنهن جو مثال اهو آهي ته آمبريشيا (Ambracia) ۾ امارت/ مال ملڪيت جي صنعت کي محدد ڪيو ويو. جنهن ڪري ماڻهو جڏهن سرڪار وهنوار هلائڻ لاءِ ڪرسيءَ تي براجمان ٿيو ته سندس خزانو ئي خالي هو ته پوءِ عمل ڪرڻ لاءِ به متحرڪ ٿيڻ جي رفتار ٻڙيءَ برابر هئي.
ان کان سواءِ ڌارا ڌار نسلي ٽولن جي وچ ۾ چٽاڀيٽي به گروه بندي جو هڪ اهم ڪارڻ آهي، ڇو ته جوهر ۽ جمال ۾ يڪسانيت جو هئڻ اهم آهي ۽ محض ماڻهن جو انبوه ڪنهن به رياست جي سگهاري جوڙجڪ جو ڪارڻ نه ٿا بڻجي سگهن پر جيڪڏهن اهڙي رياست وجود ۾ اچي وڃي ٿي ته به گهڻو وقت جالي ڪونه سگهندي. ان ڪري جيڪڏهن ڪي رياستون وري هيڏانهن هوڏانهن هٿ پير هڻي ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرائي هڪ بوتو ٺاهڻ جو ڪم ڪن ٿيون ته انهن ۾ ويڇابندي ٿيڻ اڻٽر آهي. مثال طور: آڪيئنس (Achaeans) کي توريزينوس (Troezniaous) سان سائبرس (Sybaris) ۾ آباد ڪيو ويو ۽ اڳتي هلي مورڳو صورتحال اهڙي پيدا ٿي جو آڪيئنس ايترا ته طاقتور بڻجي پيا جو اتان توريزيئنس کي هڪالي ڪڍي ڇڏيائون. اهو ئي هڪ مکيه ڪارڻ هو جيڪو سائبرس جي زوال جو بنيادي سبب بڻيو.

قديم ۽ جديد اخلاقيات جو جائزو: ارسطو

ڪنهن لاءِ انس، چاهه ۽ ڪشش کي هڪ جذبو ۽ ولولو چئي سگجي ٿو. پر دوستيءَ جو دارومدار سڀاءُ ۽ مزاج جي هم آهنگيءَ سان لاڳاپيل هوندو آهي. ان هوندي به اظهار ڪرڻ جو انداز پسنديدگيءَ جي دائري ۾ اچي ٿو ۽ اهو لاڙو هڪ مڪمل وابستگيءَ سان جڙيل هوندو آهي، هونئن به جڏهن ماڻهو اهڙن انسانن سان ويجهو ٿيڻ يا قرب ونڊڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جيڪي محض پنهنجن مفادن جي دنيا ۾ مگن ۽ مست هوندا آهن ته انهن سان محبتي مزاج جي ماڻهوءَ جو لڳاءُ ڪنهن جذباتي ڪيفيت جو اظهار نه پر پنهنجي سڀاءُ جو اظهار هوندو آهي پر جيڪڏهن دوستن سان محبت ۽ انس جو اظهار ڪري ٿو ته اهو ڄڻ پنهنجو پاڻ سان پيار ڪرڻ برابر آهي. اهڙي سڀاءَ جو ماڻهو گهڻو ڪري دوستن جي مَن ۾ پيهي ويندو آهي ۽ سندس دل جي دفتر ۾ به دوستن جو واسو هوندو آهي. ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته جيڪا به ڌر پيار ۽ محبت جا ٿڌا گهڙا ڀري ٿي سا موٽ ۾ به ساڳئي ورتاءُ جي خواهشمند هوندي آهي. اهڙي خوش مزاج سڀاءُ رکندڙن جي لاءِ هڪ چوڻي آهي: ”دوستيءَ جو بنياد يڪسوئيءَ تي رکيل آهي.“ اهي سڀئي خصلتون خوبيون دوستيءَ جي محبتي دائري ۾ جرڪنديون نظر اينديون آهن.

[b]دوستي ۽ حدبندي
[/b]چيڙاڪ ۽ وڏي عمر وارا ماڻهو دوستيءَ جي معاملي ۾ گهڻا پرجوش نه هوندا آهن. ان ڪري سماج منجهان خوشيءَ ۽ محبت حاصل ڪرڻ ۾ پوئتي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. دراصل سٺي سڀاءُ ۽ سماج جي سٽاءَ کي سمجهي ۽ ان سان ٺهڪي بيهڻ سان ئي دوستاڻن لڳ لاڳاپن ۾ سنگم پيدا ٿيندو آهي. انهيءَ ڪري نوجوان ماڻهو ڪنهن سان به دوستيءَ جو پيچ اٽڪائڻ جا ماهر هوندا آهن پر پوڙها مڙس پوئتي پيل هوندا آهن، ڇو ته اهي پنهنجي ڄمار ۽ مزاج ۾ خوش مزاجيءَ جي بنيادي عنصر کان لڳ ڀڳ خالي هوندا آهن. اهي هڪ ٻئي سان پرجوش انداز ۾ خوشيون ۽ محبتون ونڊي نه سگهندا آهن. اهو ساڳيو حال چيڙاڪ ۽ بدمزاج ماڻهن جو پڻ هوندو آهي. ها! پر هڪ ڳالهه حقيقت آهي ته پوڙها ۽ بخيل مزاج ماڻهو هڪ ٻئي لاءِ دل ۾ٿورو گهڻو نرم گوشو رکندا آهن. اهي هڪ ٻئي سان گهرج آهر هٿ به ونڊائيندا آهن.پوءِ به کين دوستاڻي سڀاءُ جو مالڪ نه ٿو سگهجي. ڇو ته انهن ۾ هڪ ٻئي سان سماجي هم آهنگي ۽ خوشيءَ جو عنصر اڻ لڀ هوندو آهي. اهي ٻئي عنصر اصل ۾ دوستيءَ جو بڻ بڻياد هوندا آهن.

[b]دائمي دوستي ورلي هوندي آهي:
[/b]اهو ناممڪن آهي ته دوستيءَ جي لفظ جي جيڪا وضاحت ۽ تشريح ڪيل آهي، انهيءَ حوالي سان دوستن جو انبوهه ملي سگهندو آهي. ها، ائين ممڪن آهي ته هڪ ئي وقت ماڻهو ٻين ڪيترن ئي ماڻهن سان چاهت جو اظهار ڪري سگهي ٿو، (ڇو ته محبت ۽ ڪشش محسوس ڪرڻ جو واسطو به جذبات سان آهي، جيڪو فطري طور ڪنهن هڪ فرد لاءِ به ٿي سگهي ٿو.) ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ لاءِ مشڪل آهي ته هڪ ئي وقت کوڙ سارن ماڻهن سان ويجهو هئڻ جي هام هڻي سگهي ۽ ائين چوڻ به درست نه آهي ته سٺا ماڻهو ڪنهن هڪ هنڌ ججهي تعداد ۾ موجود هوندا آهن. هڪ ڪامل دوستيءَ جي لاءِ لازمي آهي ته ان ماڻهوءَ بابت پيرائتي ڄاڻ حاصل هجي. ان سان ويجهڙائي پيدا ڪرڻ به هڪ ڏکيو ڏاڪو آهي ۽ ان ۾ رنڊڪون به اچي سگهن ٿيون پر ائين به هوندو آهي ته ماڻهن جو اهڙو سٿ، جيڪر ٻين جي سهائتا ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي، اهڙن خوش مزاج ماڻهن جي هروڀرو اڻ هوند به ڪانه هوندي آهي ۽ اهڙي طبيعت جي ماڻهن کان بيٺي پير مدد حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي ڪانه ٿيندي آهي.

[b]دلي دوستيءَ جي هام هڻڻ ۽ زباني لٻاڙ ۾ فرق آهي:
[/b]اهي دوستيءَ جا ٻئي نمونا هڪ ٻئي کان جداگانه طرز جا آهن، انهن منجهان هڪ طريقي ۾ دوستيءَ جي بيهڪ ۽ مشابهت خوش مزاجيءَ سان وابسته هوندي آهي. جنهن مان ٻئي ڌريون هڪ ئي وقت لاڀ حاصل ڪري سگهنديون آهن. اهي هڪ ٻئي سان سنگت ۽ ساٿ ڏيڻ ۾ راحت محسوس ڪنديون آهن ۽ اڃا به چئجي ته سندن سوچ جو طريقو به يڪسان هوندو آهي. اهڙي طرز جي دوستي ۽ سنگت جو لقاءُ يا نظارو نوجوانن ۾ گهڻو تڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اهڙن ماڻهن جي مزاج ۾ ڪشاده دلي ۽ سخاوت جا عنصر غالب هوندا آهن.
جڏهن ته زباني دوستيءَ جي مزاج ۾گندگي ۽ واهيات پڻي جا ڍير سانڀيل هوندا آهن. اهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي روش ۾ خوش مزاجي ۽ خوشحالي جو ڀنڊار آهن، اهي هروڀرو ڪم ٽپائو دوستن جي ڳولا ۾ پريشان ڪونه رهندا آهن پر سدائين خوش مزاجيءَ برقرار رکندا آهن. ائين به ٿي سگهي ٿو ته اوهان ڪڏهن ڪڏهن چڱائيءَ جي خصلت تي ثابت قدم رهي نه سگهندا. ڇو ته يڪسانيت به ماڻهوءَ کي ٿڪائي وجهندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ به ڀَلن دوستن جي سنگت ئي بيزاري ۽ ٿڪ جي ڪيفيت منجهان اوهان کي ٻاهر ڪڍي سگهندي. اسان جيئن ذڪر ڪري آيا آهيون ته نيڪ خصلت ماڻهو سدائين خوش خلق ۽ ٻين لاءِ ڏڍ ثابت ٿيندو آهي پر ساڳي وقت هو اهڙن دوستن جي سنگت کان به پرڀرو رهندو آهي جيڪي مٿانئس بالادست بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيستائين هو ان ڳالهه کي محسوس ڪري نه وٺندو ته مٿس بالادست بڻجڻ واري ۾ ڪجهه وڌيڪ خوبيون ۽ گڻ آهن. ان ڪري ٻي حالت ۾ نيڪ ماڻهو ۽ گهٽ درجي واري ڌر هڪ ٻئي سان مساوي بنيادن تي سهڪار ڪري نه سگهندا آهن، ڇو ته تيز فهمي ۽ ڪنهن کي آماده ڪرڻ جا گڻ به ڪنهن ۾ ورلي ملندا آهن.
پر اهڙن دوستن جي لڳ لاڳاپن کي نئين سر بحال ڪرڻ سان، جنهن کي اسين مساوي بنيادن جي دوستي چئي سگهون ٿا، ٻنهي ڌرين کي لاڀ حاصل ٿيندو آهي ۽ هڪٻئي لاءِ سندن سوچ ۽ فڪر نيڪ نيتيءَ سان لاڳاپيل هوندو آهي يا وري ائين ٿي سگهي ٿو ته اهي هڪٻئي لاءِ مختلف پاسن کان سودمند ثابت ٿي سگهن. مثال طور خوشي ۽ لاڀ، (اهڙي دوستيءَ کي هروڀرو سچائيءَ جي علامت به چئي نه ٿو سگهجي ۽ اها گهٽ دائمي هوندي آهي، جيئن اڳ ۾ بيان ڪري آيا آهيون. ڇو ته جڏهن راءِ ۽ رسائيءَ ۾ فرق نمايان ٿي بيهي ته پوءِ دوستيءَ جي آڏو به هڪ سواليه نشان اڀري بيهي ٿو ۽ انهن جا ڪنهن به ساڳي وٿ بابت پسند ۽ ناپسند جا مختلف رايا اڀري بيهن ٿا.)
انهيءَ پسند ۽ ناپسند جي بنيادن تي دوستيءَ ۾ هڪٻئي کي برداشت به ڪري سگهجي ٿو ڇو ته ان جي جوهر ۾ سک ۽ آسائش جو واهپو پڻ حاصل ٿي سگهي ٿو. اهڙا عنصر به دوستيءَ جي لاءِ ڳانڍاپي جو ڪارڻ بڻجڻ ٿا، پر دوستيءَ ۾ مڪمل طور مستقل مزاجي ۽ ثابت قدميءَ سان رهڻ جو عمل بهتان بازي ۽ گلا غيبت کي رد ڪندو آهي. اهڙي دوستيءَ ۾ دائميت هوندي، جڏهن ته ٻيون دوستيون بدلبيون رهنديون آهن. ان جي برعڪس دوستيءَ جي اهڙي سڀاءُ ۽ سلوڪ کي حقيقي به چئي نه ٿو سگهجي، جنهن ۾ناپسنديدگيءَ جو عنصر وڌيڪ شامل هجي.

[b]غيرمساوي/ اڻ ٺهڪندڙ دوستي:
[/b]پر پوءِ به جداگانه طرز جي دوستي به هوندي آهي، جنهن ۾ هڪ ڌر کي ٻي ڌر جي مٿان لازمي فوقيت/ مٿڀرائپ/ برتري حاصل هوندي آهي. مثال طور پُٽ ۽ پيءُ جي دوستي عام طور پوڙهي ۽ جوان ۽ ساڳي ريت زال ۽ مڙس جو لاڳاپو يا وري حاڪم ۽ محڪوم جي دوستي. انهن مذڪوره جوڙن جي هڪ ٻئي سان دوستي به ليکي ۾ اچي سگهي ٿي، پر دوستيءَ جو جيڪو معيار مائٽن ۽ ٻار جي وچ ۾ هوندو آهي، ساڳيو حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ نه هوندو آهي. نه وري پيءُ پٽ جي وچ ۾ دوستيءَ جو ساڳيو لڳ لاڳاپو هوندو آهي. ساڳيءَ ريت زال ۽ مڙس جي وچ ۾ به جداگانه طريقه ڪار هوندو آهي. مذڪوره هرهڪ فرد جي دوستيءَ جي معيار ۽ طريقه ڪار جو جداگانه لاڙو ۽ ڪارج هوندا آهن ۽ سندن سوچ ۽ سڀاءُ جو انداز مختلف هوندو آهي. ان ڪري هڪ ٻئي ڏانهن دوستيءَ جي ڪشش به مختلف زواين سان ليکي ويندي آهي.
هاڻي اهڙين غيرمساوي يا اڻ ٺهڪندڙ دوستين ۾جيڪو به لاڀ هڪ ڌر کي حاصل ٿيندو آهي، ساڳي موٽ ٻي ڌر کي ملڻ محال هوندي آهي. ها! پر ان هوندي به ٻارن مائٽن جي وچ ۾ دوستيءَ جي مساوي معيار کي برقرار رکي سگهجي ٿو. اهو هيئن ته ٻار پنهنجي مائٽن جي عزت احترام کي هڪ فرض ادائگي جي دائري ۾ ليکي ٿو، ڇو ته انهن کي اڳ ۾ ساڳي حيثيت حاصل رهندي آئي آهي. اهو مساوي طرز جو وهنوار نسل درنسل منتقل ٿيندو رهي ٿو. جڏهن ڇڪ ۽ چاهت جي فرض ادائگيءَ ۾ ٿڌائي جي ڀاونا شامل ٿئي ٿي ته پوءِ وري هيڪڙائيءَ جو احساس ڌرين ۾ اُڀاري ٿو ۽ بنيادي طور مساوات ئي دوستيءَ جو اهم بنيادي عنصر آهي.
هونئن دوستيءَ جو مساوي رويو ”انصاف ۽ حق“ جي زمري ۾ ڪنهن به حالت ۾ قابل قبول نه هوندو آهي. ڇو ته انصاف جي دائري ۾ ”هڪ جهڙائي/ برابري (درست) جي طور طريقن سان ابتدا ۾ ”دوستيءَ جي اثر رسوخ کي تياڳ ڏئي مناسب ۽ معقول دڳ اختيار ڪرڻ هجي ٿو. جڏهن ته ”برابريءَ جو مقدار“ پڻ هڪ ثانوي اسم آهي. دوستيءَ جو جوهر ۽ جمال ”برابريءَجي مقدار “ سان وابسته آهي. اهڙي حالت ۾ تياڳڻ يا ترڪ ڪرڻ ڄڻ ته ثانوي درجو بڻجي پوي ٿو. اهو فرق ان وقت دوستيءَ جي سڳي ۾ پويل ڌرين جي وچ ۾ چٽو ٿي بيهي ٿو، جڏهن سندن گڻ ۽ اوگڻ پڌرا ٿي بيهن ٿا يا وري اميري ۽ غريبيءَ جو معيار ۽ ٻيا ڪجهه اهڙا ئي اسم آڏو اچن ٿا. اهي گهڻو وقت هڪ ٻئي جا دوست رهي نه سگهندا ۽ نه وري دلي طرح هڪ ٻئي جي ويجهو اچي سگهندا.
اهڙي طرز جو لقاءُ اميرن ۽ شهزادن ۾ نمايان نظر اچي ٿو. ڇو ته جيڪو به ماڻهو سندن شاهي مان مرتبي برابر نه هوندو آهي ان کي اُهي ماڻهو پنهنجي دوستيءَ لائق ڪونه سمجهندا آهن. وري تعجب جهڙي ڳالهه اها به آهي ته مختلف راءِ رکندڙ ذهين ۽عاقل ماڻهو به هڪ ٻئي سان ورلي ٺهڪي سگهندا آهن. ائين برابر آهي ته اهڙي دوستي بابت ڪابه مستند راءِ ڏئي نه ٿي سگهجي جڏهن ٻن دوستن جي وچ ۾ اختلاف راءِ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو رهي، پوءِ به اهي دوستيءَ جو دم ڀريندا رهن. جيڪڏهن اهي ٻئي هڪ ٻئي کان ڏور رهندا هجن ته پوءِ دوستي جو دم جهيڻو ٿيڻ لڳندو آهي. جهڙيءَ ريت ديوتا، انسان کان پري آهن، ان ڪري سندن وچ ۾ آخرڪار واسطا وڙا گهڻو وقت رهي نه سگهندا آهن.

[b]اڻ برابر کي چاهت وسيلي برقرار رکڻ:
[/b]انسانذات جي اڪثريت عزت ۽ احترام جي جذبن لاءِ سدائين چاهت رکندي آئي آهي ۽ اهڙي طرز جي ورتاءُ جي اميد ۽ آسري جي ڳولائو رهندي اچي پئي. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته انسان جي سڀاءَ ۾ خوشامد يا چاپلوسيءَ کي به پسند ڪيو ويندو آهي. جڏهن چاپلوس دوستيءَ جي دائري ۾ نيچ طبيعت جومالڪ هوندو آهي يا محتاط نموني طور رياڪار ۽ ٻچاپڙائپ جو شاهڪار هوندو آهي ته اوهان سان محبت ۽ دلي لڳاءُ جو اظهار ڪرڻ ۾ وسئون ڪونه گهٽائيندو آهي. اهڙو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته جيتري اوهان هن سان محبت ڪيو ٿا ان کان وڌيڪ هو محبت ڪندڙ ۽ تابعدار آهي، پر ان طرز جي پيار ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان ونڊڻ جو بڻ بڻياد محض لوڀ ۽ حرص تي رکيل هوندو آهي. اهڙن ماڻهن جي نظر ۾ عزت ۽ احترام ڪابه اهميت ڪونه رکندا آهن. هو پنهنجي مطلب سان ئي واسطو رکندڙ آهن. ان ڪري انساني قدرن کي مورڳو اتفاق ۽ حادثو ليکيندا آهن. هونئن به ماڻهن جي گهڻائي اعليٰ مرتبو ۽ مان رکندڙ سان ان لاءِ به گُگُر وانگر چنبڙيل رهڻ گهرندي آهي ته مٿانهين پد جي ماڻهن سان تعلقات رکڻ سان ڪجهه نه ڪجهه حاصل ضرور ٿيندو. ان کان آس پاس ماڻهن تي رعب تاب پيدا ٿيندو ته سندس واسطا وڏن ماڻهن سان آهن.
هوڏانهن ٻي پاسي اهڙا منش جيڪي فطري طور لالچي مزاج هوندا آهن ۽ انهن کي معتبر ماڻهو عزت ۽ احترام ڏيڻ شروع ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو لوڀي طبع رکندڙن کي چڱي ريت سڃاڻندا آهن، اهي پنهنجي راءِ ۽ اظهار کي چٽي نموني پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته معاملو کير وانگر اڇو اجرو ٿي بيهي ۽ انهن جي خُواهش به هوندي آهي ته پاڻ معتبر ماڻهن تائين رسائي حاصل ڪري اعتماد جوڳا بڻجي سگهن. ان کان سواءِ اهڙا ماڻهو جيڪي چاهت ۽ محبت جو اظهار پنهنجي مطلب ۽ مقصد خاطر ڪندا آهن، ظاهري طور اهڙي سلوڪ، عزت ۽ احترام کان اڳڀرا هوندا آهن. اهڙي طرز جي دوستيءَ ۾ نمائش ۽ نمود ئي معنيٰ رکندڙ آهي.
پر دوستيءَ جي جوهر ۽ جمال ۾ چاهت ۽ محبت جهڙا وڌيڪ سگهارا عنصر شامل هوندا آهن، ان لاءِ هتي ماءُ جو مثال آهي ته ان جي ٻارن ۾ موه کان وڌيڪ ڪشش ۽ ڇڪ سانڀيل هوندي آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه مائرون اهڙيون به آهن، جيڪي ٻارڙن کي آيا/نرس جي نگرانيءَ ۾ ڏئي ڇڏينديون آهن. اهي پنهنجن ٻارڙن سان پيار به ڪنديون آهن پر ٻارڙو موٽ ۾ کين محبت جي وراڻي ڏئي ڪونه سگهندو آهي. پوءِ به مائرون ٻارڙن جي موهه کان وانجهيل ڪونه هونديون آهن. کين اها به پڌري ڄاڻ هوندي ته موٽ ۾ ساڳي محبت ملڻ محال ۽ مشڪل آهي. ڇو ته دوستيءَ جو بنيادي مقصد ته محبت ۽ چاهت جي هڪ ٻئي مٿان ورکا ڪرڻ آهي. انهيءَ چاهت جي زمري ۾ دوستن جي دوستن سان به ساڳيو ورتاءُ ڪيون ٿا ته اهڙو سلوڪ مورڳو سون تي سهاڳو ثابت ٿيندو آهي. حاصل مطلب ته اهي دوست ئي آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان دوستيءَ جي ڌاڳي کي سوريندا رهندا آهن. اهڙي دوستي لازوال هوندي آهي.

لوڪن ۾ انقلاب جو جوهر ۽ اڳڀرائي ڪيئن ٿي؟ _ اليڪس ڊي ڪوئِلي

گذريل چار سئو چالهين ورهين کان فرينچ سماج جو سياسي کيتر ۾ ڪوبه ڪارگر ڪردار ڪونه پيو رهندو اچي. ان ڪري عام طور هڪ راءِ اڀري آئي آهي ته هاڻي ماڻهو ڪنهن ڪردار ادا ڪرڻ کان محروم ٿي ويل آهن. ائين مجموعي طور پورهيت طبقي جي لاءِ به هڪ راءِ جڙي آهي ته اُهو هاڻي نه رڳو گونگو پر ٻوڙو به بڻجي چڪو آهي. ان کان پوءِ ٿيو ائين جو ڪجهه بااختيار ماڻهن عام ماڻهن جي طرفداريءَ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندي انهن جي روبرو ڳالهائڻ شروع ڪيو پر محسوس ائين ٿيڻ لڳو ڄڻ عام ماڻهو موجود ئي ڪونه آهن. لاشڪ اهڙي صورتحال ۾ نتيجو هيءُ ڪڍيو ويو ته ان ٻوڙي ۽ گونگي طبقي جي نمائندگي ڪرڻ جو حق مٿين طبقي کي آهي، ڇو ته پورهيت طبقو پنهنجي اصلي خاصيتن کان محروم ٿي خطري جي دائري ۾ اچي ويو آهي.
اهي ماڻهو جن کي سدائين عوام جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو خوف ۽ ڊپ رهندو آيو آهي، انهن کي ضمير جي چهنڊڙي ايترو به مجبور نه ٿي ڪري ته اهي برسرعام اهڙي بي انصافيءَ خلاف آواز بلند ڪن. انهن جي مٿان فرض بڻجي ٿو ته ادارن جي ظالماڻي وهنوار کي نشانبر ڪري بيهارن، جنهن جي دٻاءُ هيٺ عام ماڻهو ڪنجهي ۽ ڪُرڪي رهيو آهي ۽ معمولي اجرت جي ڪري بک ۽ بدحاليءَ جي گهيري ۾ آهي. ائين فقط زباني طور غيرمراعات يافته/ محروم طبقن جي پاسخاطري ڪرڻ جو مطلب رڳو پنهنجن ڏوهن تي پردو وجهڻ برابر آهي. آءٌ هتي انهن ماڻهن کي پڻ مخاطب آهيان ۽ چتاءُ ٿو ڏيان ته اهي اسان جي صفن جا ماڻهو ئي ڪونه آهن. سندن واسطو سرڪار ۽ مراعات يافته طبقن سان واڳيل آهي.
جڏهن تيرهن ورهيه اڳ بادشاه سلامت جبري پورهئي کي رد ڪرڻ جو فرمان جاري ڪري رهيو ته ان جي ورتل اپائن جي هيٺين ريت تشريح ڪيل هئي:
”ڪجهه پرڳڻن کي ڇڏي باقي سموري ملڪ جا روڊ رستا عام غريب پورهيتن لاءِ ڪنهن به ٽئڪس جي اوڳاڙيءَ کان آجا رهندا. ان جو مطلب ته سمورو بار وڃي ڪڙمي ۽ ڪاسبي طبقي جي ڪلهن تي ڪريو، جيڪي آمدرفت لاءِ شاهراهن کي ٿورو گهڻو استعمال هيٺ آڻيندا هئا. انهن مراعات يافته طبقن ۾ زميندار ئي هڪ اهڙو طبقو آهي جيڪو زمينن جي قدر و قيمت ۾ اضافو ٿيڻ سان خوشحال ٿيو، ڇو ته انهن اجهاڳ زمينن منجهان ئي اهي رستا گذري رهيا هئا. غريب ماڻهو جيڪي لاچاريءَ ۽ بي وسيءَ جي حالت ۾ انهيءَ سموري بار کي برادشت ڪري نه سگهندا هئا ته انهن کان، رستن جي حالت سڌارڻ لاءِ بنا ڪنهن معاوضي جي جبري پورهيو ورتو ويندو هو. اهڙي بک ۽ بدحالي جو مڪمل لاڀ محض امير ماڻهوءَ کي ملندو هو.
بهرحال جڏهن اهڙي بي انصافيءَ خلاف قدم کڻڻ جو فيصلو ڪندي مورڳو گلڊ سسٽم کي ئي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته بادشاه سلامت هڪدم فرمان جاري ڪيو ته: هرهڪ ماڻهوءَ لاءِ ڪم ڪرڻ جو حق اعليٰ ۽ مقدس حيثيت رکي ٿو ۽ اهڙو ڪوبه قانون جيڪي مذڪوره فرمان جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ان کي قانونِ فطرت خلاف بغاوت تصور ڪيو ويندو. ان ڪري موجوده واپار جو طريقه ڪار مڪمل طور غيرفطري هئڻ سان گڏوگڏ، جابرانه ادراسازي، پنهنجن مفادن جي حوالي سان لوڀ، لالچ ۽ تسلط جو سلسلو ليکيو ويندو.“ اهڙن لفظن جي اظهار کي ناداني/ ڇسائپ چيو ويو پر مثبت نقطه نگاه کان ائين چوڻ اجايو ۽ بيسود ثابت ٿيو. ڇو ته ڪجهه مهينا گذرڻ کان پوءِ گلڊ سسٽم ۽ جبري پورهئي کي ٻيهر بحال ڪيو ويو.
اسان کي جيتريقدر ڄاڻ ملي آهي ته تُرگوت ئي هو جنهن بادشاه سلامت جا ڪن ڀريا هئا. ترگوت جي سڀني هم خيال ۽ پوئلڳن اهڙي عمل جي مڪمل پٺڀرائي ڪئي. جڏهن 1780ع ۾ بادشاه سلامت پاران هڪ ڇپيل نوٽس رجسٽريشن آفيس ڏانهن اماڻيو ويو ته ٽئڪس جي مد ۾ سڌارا آڻي وصوليءَ ۾ واڌارو ڪيو وڃي ته صورتحال هيئن واضح ٿي ته ان جو ٻوجهه وري به غريبن جي مٿان وڃي ڪرندو.
”اهي جيڪي اڳ ۾ ئي ٽئڪس جي ظالماڻي طريقي سان وصوليءَ جي ڪري ٻيڻا ٿي پيا هئا ۽ هاڻي وري اوچتو ٽئڪس جي واڌاري ته اڃا به اسان جي رعايا جي مصيبتن ۾ اضافو ۽ کين دلگير پڻ ڪري ڇڏيو آهي.“ جيتوڻيڪ بادشاه سلامت ٽئڪس جي نئين سرشتي لاڳو ڪرڻ جو جوکم کڻي نه پئي سگهيو ته سڀني کان ساڳي طريقي سان وصولي ڪئي وڃي. ”بادشاه سلامت جن محسوس ڪيو آهي ته جيڪڏهن ٽئڪس ساڳي/ مساوي سرشتي مطابق اميرن کان به وصولي ڪئي ويندي ته ڪوبه حرج ڪونه ٿيندو. پر ان سرشتي لاڳو ڪرڻ سان سٺو سنوڻ اهو ٿيندو ته امير به ڪجهه نه ڪجهه بار جهڪو ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائي سگهندو، جيڪو غريبن جي ڪُٻڙن ڪُلهن تي سوار آهي.“
پر ڏٺو ويو آهي ته خاص ڪري کوٽ يا اڻهوند جي دور ۾ اعليٰ اختيارين جي ذهن ۾ هڪ ئي نقطو ڀوانٽيون کائيندو آهي ته غريب کي گهٽ ۾ گهٽ فائدو ٿئي، پر اپت جيئن انهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪبو رهي. سندن خواهش هوندي ته اوکيءَ ويل اميرن کي درياهه دليءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. پر زميندارن ۾ انساني جذبن ۽ قدرن جو ڏڪار هئڻ ڪري انهن منجهان ڪنهن به معنيٰ ۽ مقصد جي اميد رکڻ بيسود آهي. ”انهن وٽ ته هونئن سڀ ڪجهه جهجهو ۽ جام موجود آهي، جيڪو بنيادي طور غريبن جي پگهر جي پورهئي جي پيداوار آهي. اهي بيدرد، غريبن جي بک ۽ سورن جو تماشو اکين سان ڏسندا آهن، پر کين ڪابه ڪهل ڪانه ايندي آهي. سندن خيال ۾ غريب پيدا ئي پورهيو ڪرڻ لاءِ ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن مري پوي ته ڪهڙو آسمان ڪري پوندو. ان محڪوم جي بس اها ئي ذميواري آهي ته اپت ۾ اضافو ڪندو رهي.“
بادشا سلامت ساڳي موقعي تي وڌيڪ ڳالهائيندي چيو: ”عالم پناه جي خواهش آهي ته پورهيت کي وڌ ۾ وڌ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن سکر ۽ ستابو ماڻهو سندس پورهئي کي معمولي اجرت تي ڪتب آڻي نه سگهي. اسان ڪنهن به حالت ۾ هڪ طبقي جي هٿئون ٻي طبقي جي استحصال کي برداشت ڪري نه سگهنداسين.
پر جيئن تاج ۽ تخت جو اثر رسوخ محدود ٿي ويو ته انهن استحصال ڪندڙ ڌرين ۾ تڪرار ايڏو ته شديد ٿي ويو جو سڀ ڪو پنهنجي کل بچائڻ لاءِ غريبن جي ڦرلٽ جو ذميوار مخالف ڌر کي ڄاڻائي رهيو هو. ان بابت هتي وقتائتو ۽ تز مثال ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو. جڏهن 2 7 7 1 ع ۾ تولوز جي پارليامينٽ ۽ بادشاهه جي وچ ۾ ڇڪتاڻ عروج تي پهچي وئي ان ۾ پهرين ڌر جي تهمت هئي ته اسان جا غريب ماڻهو بک ۾ پاهه ٿي رهيا آهن، ان جو ذميوار بادشاه سلامت آهي. ان جي برعڪس بادشاهه جو چوڻ هو ته:
”تولوز جي پارليامينٽ جي هٺ ۽ هوڏ جي ڪري اميرن جي حرص ۽ هٻڇ جو ڪارڻ ئي غريبن جي بدبختي آهي. هتي هڪ نقطو ذهن نشين ڪرڻ لائق آهي ته ٻئي ڌريون عوام کي هيءُ سمجهائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيون هيون ته سندن مٿان دٻدٻو ۽ رعب برقرار رکڻ لاءِ مصيبتن ۽ عذابن جو باعث شيطاني قوتون آهن ۽ هو پاڻ کي آجو رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون.

خوشحاليءَ جو دور ۽ انقلاب جي آمد؟ _ اليڪس ڊي ڪوئِلي

اسين جيڪڏهن پنهنجي قومي خوشحاليءَ جو تقابلي جائزو وٺنداسون ته انقلاب کان پوءِ جي ڏهاڪن ۾ اهڙو ڪوبه مثال ڪونه ٿو ملي جيترو هاڻي ويجهڙائيءَ ۾ ڏسڻ آيو آهي. اهو خوشحاليءَ جو سلسلو 5 3 ورهين کان لڳاتار وڌي رهيو آهي. جڏهن ته ملڪ جي مٿان هڪ آئيني فرمانروائي پڻ قائم آهي. هي عهد لاشڪ اسان لاءِ امن ۽ خوشحاليءَ جو اهڙو دور آهي، جنهن جي ڀيٽ لوئي XIV دلوئي چوڏهين جي نالي سان ڪري سگهجي ٿي.
ائين سرسري طور ڏسڻ سان دولت جي واڌاري جو ڪوبه مضبوط ۽ سگهارو ڪارڻ نظر ڪونه ٿو اچي. ڇو ته نيست ۽ نابود ٿي ويل انتظاميا جي ڪري صنعتي ترقي جي آڏو بي شمار رنڊڪون بڻيل آهن. ان ڪري اهڙي منجهيل صورتحال جي وضاحت، تشريح ۽ ان جي تدارڪ لاءِ ڏس پتو ڏيڻ سياسي ڏاهن جي وس کان به ٻاهر آهي. اهو اهڙو ئي مثال آهي جيئن ڊاڪٽر موئلر ڄاڻايو هو ته ڪوبه ماڻهو دوا درمل جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کان پوءِ جيئرو رهي نه ٿو سگهي. محض ائين چوڻ ته جيئرو نه ٿو رهي سگهجي، اهو هڪ اڻ پورو جواب آهي.
ساڳيءَ ريت فرانس ۾ به اڻ پوري خوشحاليءَ جي زمري ۾ ٽئڪس جي عدم مساواتي طريقيڪار، مقامي طور ڳچيءَ ۾ ڳٽ بڻيل قاعدا قانون، واپاري ۽ ٻيا کوڙ سارا ادارا آهن، جن جي پت ساک نه هئڻ برابر آهي. ان هوندي به ائين چوڻ ۾ وڌاءُ ڪونهي ته ملڪ جي خوشحالي، ترقي ۽ ماڻهن جي گذرِ اوقات ۾ ڪنهن حد تائين سهنجهائي نمودار ٿي آهي. اڃا به تعجب جي ڳالهه ته سرڪاري مشينري ڊهي ڍير ٿي پئي آهي. انتشار ۽ نالائقي عروج تي آهي ته ان جو مطلب هيءُ بيهي ٿو ته سماجي ترقيءَ ۾ اضافو اچڻ جي بدران زوال اچڻ گهرجي. ان ترقي ۽ خوشحالي جا ٻه اهم ڪارڻ ڏسڻ ۾ اچن پيا، جنهن جي ڪري قومي خوشحاليءَ ۾ ترقي نمايان نظر اچي رهي آهي.
پهريون: جيتوڻيڪ سرڪار جارحانه ۽ جابرانه طرز جي ڪانه رهي آهي، پر ان هوندي به ايتري بااختيار آهي جو پنهنجن فرمانن کي پڌرو ڪرڻ ۽ عمل ڪرائڻ جي سگهه رکندي پئي آئي.
ٻيون: قومي بيهڪ يا جوڙجڪ ۾ هڪ اهڙو مٿاهون طبقو اڀري آيو، جيڪو ذهني طور آزاد ۽ روشن خيال هو. ان ڪري اهڙي هر هڪ ماڻهوءَ کي امير ۽ سکر ٿيڻ جو موقعو ملي پي سگهيو، جيڪو پنهنجي ذهن کي استعمال ڪندي خوشحاليءَ ۾ واڌارو آڻي سگهي.
ظاهري طور بادشاه سلامت پنهنجي زبان جو استعمال هڪ مالڪ جي حيثيت ۾ ڪندو هو پر عملي طور صورتحال مختلف هئي. هو عوام جي راءِ سان اختلاف به رکندڙ هو. ان هوندي به صلاح مصلحت کان سواءِ کيس ڪنهن به اٻهري قدم کڻڻ جي همٿ ڪانه ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ ته سندس ذهن تي عام ماڻهن جو خوف به ڇانيل هوندو هو، جنهن ڪري انهن جي راءِ آڏو ڪنڌ جهڪائڻ ۾ آناڪاني نه ڪندو هو. بهرحال فرمان روا کي ايتري به سگهه هروڀرو ڪانه هئي ته پنهنجي جاري ڪيل فرمان تي عمل ڪرائي سگهي.
انهيءَ ڏس ۾ 1784ع ۾ نيڪر(Necker) کُليءَ دل سان اعتراف ڪيو ۽ سرڪاري طور بيان جاري ڪندي چيو ته: ”ڪجهه پرڏيهي ماڻهن کي وهم ۽ گمان آهي ته اڄوڪي فرانس ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري رهيو آهي، اهو سڀ عام راءِ جو نتيجو آهي. ڇو ته انهن کي اها اڻ ڏٺل طاقت نظر ڪانه ٿي اچي، جيڪا تخت جي پويان ويٺل آهي، لاشڪ ته اها جيئري جاڳندي موجود آهي.“
هونئن گهڻي ڀاڱي ائين سمجهيو وڃي ٿو ته قوم جي عظمت ۽ اقتدار جو اهم ٿنڀو انتظاميا آهي. اها سوچ ڪنهن حد تائين درست آهي. پر ان انتظامي ڍانچي کي هلائڻ لاءِ جيڪا طاقت موجود آهي، ان کي به نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. ان کي رڳو ٿورو پرانهون انگلستان ڏانهن نظر اڇلائڻ جي ضرورت آهي. اُتي آئيني سرشتي ۾ وروڪڙ ۽ پيچرا ايڏا ته منجهائيندڙ آهن جو انهن جو ڪاٿو اڄوڪي فرانس ۾ لڳائڻ مشڪل آهي، پر ان هوندي به يورپ جو ڪوبه اهڙو ملڪ نه آهي جيڪو قومي ڌن ۽ دولت جي معاملي ۾ انگلستان سان ڪلهو ملائڻ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو. انگلستان اندر خانگي شعبي ۾ بي تحاشا اضافو آيو آهي. ان جي تحفظ لاءِ ڪيترائي سگهارا اپاءَ ورتا ويا آهن. اتي فرد جي خوشحالي ۽ سماجي سرشتو ايترو هڪ ٻئي سان ڳتيل ڇو آهي؟ اهو سڀ ڪجهه ڪنهن خاص قانون جي ڪري وجود ۾ ڪونه آيو آهي، پر اهو نتيجو انگلستان جي آئين ۾ سمايل روح ۽ وابستگيءَ عنصر جو آهي. ائين به ٿيندو آهي ته، جيڪڏهن سياسي هيئت وڌيڪ سگهاري ٿيندي آهي ته سرشتي جي متاثر ٿيڻ کي به نظراندز ڪري نه ٿو سگهجي.
اهو ئي مکيه ڪارڻ آهي جنهن جي طفيل تمام ڇوهائيءَ سان خوشحالي آئي آهي. ائين ڪونهي ته عوام کي شيشي سنگهائي نستو ڪري ڇڏجي، پر هنڌ تحرڪ ۽ چرپر کي وڌائڻ لاءِ اپاءُ ورتا ويا. عام ماڻهن جي اڪثريت مدي خارج ادارن کان لاتعلق بڻجي منهن موڙي چڪي هئي، جنهن ڪري ماڻهن ۾ محروميءَ جو احساس وڌي رهيو هو. لاشڪ! هاڻي صورتحال چٽي ٿي اڀري آئي ته قوم هڪ انقلاب ڏانهن پيش رفت ڪري رهي آهي.
ان کان به وڌيڪ، فرانس جا اهي حصا جن ۾ ٻين علائقن جي نسبت وڌيڪ خوشحالي آئي هئي. اهي ئي علائقا انقلاب جا اثرائتا مرڪز بڻجي ويا. ان ڪري ئي فرانس جي فرمان روائيءَ جو رڪارڊ شاهد آهي ته اهي علائقا جيڪي ضلعي پئرس جي آسپاس موجود هئا جتي پراڻي نظام جي جاءِ جدت والاري رهي هئي، انهن آزاد علائقن جي هارين جي معاشي حالت پڻ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر هئي. ان حد تائين جو 9 8 7 1 ع جي آمدِ انقلاب کان اڳ ۾ ئي جبري پورهئي جو تصور به انهيءَ علائقي منجهان موڪلائي ويو هو. ان کان سواءِ محصول جي مد ۾ ٻين جي برعڪس چڱا چوکا سڌارا آندا ويا هئا.
محصول جي مد ۾ جيڪي سڌارا آندا پي ويا انهن کي نظر مان ڪڍڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اسان جي خواهش آهي ته ردوبدل جي عمل کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ته بيڪار حالتن ۾ به ڪم ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته، ٽئڪس جي ردوبدل جو سرشتو مروج طريقيڪار کان مورڳو جداگانه هو. ان لاءِ ٽئڪس ڪمشنرن کي سرڪار پاران ساليانو منزل انداز ٿيڻ لاءِ اماڻيو ويندو ۽ عام ماڻهن کي گڏ ٿيڻ لاءِ سنيهو موڪليو ويندو هو. اتي ئي کليل عدالت ۾ ماڻهن جي مال ملڪيت جو ڪاٿو ۽ قيمت لڳائي ٽئڪس مڙهيو ويندو هو. ان طريقيڪار مطابق ٻنهي ڌرين کي ٻُڌڻ کان پوءِ گڏيل صلاح مصلحت سان آخري فيصلو ڪيو ويندو هو. انهيءَ سموري ڪارگذاري سان ٽياڪڙي جو مدي خارج طريقو مڪمل طور ختم ڪيو ويو هو.
محصول جو پراڻو سرشتو هڪ ڌڪ سان ختم ڪرڻ جي صورتحال به موجود ڪانه هئي، پر ان هوندي به سڌارن آڻڻ جي گنجائش موجود هئي ته ڪنهن به هڪ طبقي جي مٿان ٽئڪسن جو اضافي بار وجهي ان کي ترقي ۽ خوشحاليءَ کان محروم ڪيو وڃي. انهيءَ حوالي سان ٽئڪس گڏ ڪرڻ لاءِ جيڪي به سڌارا آندا ويا، انهن ۾ هڪ طبقو يعني صنعت ڪار ڪنهن حد تائين متاثر ٿيو. جيتوڻيڪ پراڻي ٽئڪس نظام جي جاءِ تي روينيو ٽئڪس جو سرشتو وڌيڪ ڪارگر بڻجي رهيو هو. ان ڪري مختلف علائقن جهڙوڪ لوائر (Loire) پوائيٽو(Poituo) ۽ برٽني جي وسيع جاگيرن ۾ محصول جو پراڻو سرشتو بحال رکيو ويو. ان ڪري آمدِ انقلاب جي وقت انهن علائقن ۾ گهرو لڙائي شروع ٿي وئي ۽ رهواسين سخت جوش ۽ جذبي سان مزاحمت ڪئي.
اهي بگڙجندڙ حالتون فرانس جي اهڙن حصن ۾ نمودار ٿي رهيون هيون جتي ڪجهه نه ڪجهه سڌارا آيا هئا، پر عام ماڻهو ناخوش ۽ بيزار هئا. هونئن منطقي لحاظ کان اهو حساب ڪتاب ڪجهه عجيب و غريب لڳي ٿو، پر تواريخ ۾ اهڙا کوڙ سارا تضاد نظر اچن ٿا. ان ڪري ائين ضروري ناهي ته حالتون جڏهن بد کان بدتر ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيون هجن ته انقلاب اڻ ٽر ٿي وڃي. پر ان جي برعڪس ائين پڻ ٿيندو آهي ته جڏهن محڪوم محسوس ڪندا آهن ته حڪمرانن جي ڏاڍ ۽ جبر جي گرفت ڍري ٿي رهي آهي ته هڪدم هٿيار کڻي اڀا ٿي پوندا آهن. هونئن سماجي ردوبدل جي مد ۾ ايندڙ انقلاب وڌيڪ ڪارائتو ۽ ڪارگر ثابت ٿيندو آهي. تجربو پڻ ٻڌائي ٿو ته ڪنهن به سرڪار لاءِ اهڙو وقت سخت هاڃيڪار ثابت ٿيندو آهي جڏهن اها سڀني رستن ۽ گذرگاهن کي بند ڪرڻ جي سوداءُ ۾ مبتلا ٿيندي آهي. اهڙين بگڙجندڙ حالتن ۾ ڪنهن به بادشاه لاءِ پنهنجو تاج ۽ تخت بچائڻ محال ٿي پوندو آهي، ان لاءِ سندس ذهانت ۽ عوام ڏانهن نرم روش ئي ڪنهن حد تائين بچاءُ جي ضمانت بڻجي سگهي ٿي.
هونئن به جڏهن عوام جي ذهن مان قوت برداشت جو مادو ختم ٿي وڃي ته پوءِ ان کي ڏاڍ ۽ جبر سان دٻائڻ جي برعڪس بردباري ۽ عقلمنديءَ سان منهن ڏيڻ وڌيڪ سڦلائتو ڪارج ثابت ٿيندو آهي. اها به حقيقت آهي ته منڍ ۾ ڪجهه بي واجبيون ماڻهن جو ڌيان ڇڪائينديون آهن، پر اهي هڪ چڙ ڀرئي ردعمل کي ظاهر ڪرڻ لڳنديون آهن. ان ۾ ظاهري طور ماڻهن کي ڪنهن به جوکي رسڻ جو امڪان ڪونه هوندو آهي، پر انهن جي حس ۽ ساڃاهه ۾ اضافو اچڻ لڳندو آهي. هونئن به جاگيرداري نظام پنهنجي ڦوه جوانيءَ ۾ ظاهري طور قباحتن کان پاڪ نظر ايندو آهي ۽ ان جي خلاف ڪابه ڌڪار موجود ڪانه هوندي آهي، پر جيئن سندس بدبوءِ پکڙجڻ لڳندي آهي ته ڌڪار ۽ نفرت ۾ واڌارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اها ساڳي صورتحال لوئي سورهين جي فرمانروائي سان لاڳو ٿي سگهي ٿي، جڏهن ظلم ۽ جبر جي سخت گير حاڪميت جي برعڪس مختصر طرز جي بي واجبين ۽ چهنڊڙين جي ڪري وڌيڪ ردعمل نظر آيو. ان جو ننڍڙو مثال اهو آهي ته بيومارشس (Beau Marchais) جي نظربندي سموري پيرس کي ڌونڌاڙي ڇڏيو.
1780ع ۾ ڪوبه ماڻهو، فرانس ۾ آيل ڀونچال ۾ ٺاپر اچڻ بابت ڪابه پيشنگوئي ڪرڻ کان معذور هو. ان جي برعڪس ائين پي نظر آيو ته اها اٿل سڀئي بند ڀڃي ۽ ليڪا لتاڙي ويندي. هاڻي ته انسان جي ترقي ۽ واڌاري بابت جيڪي ڪجهه وهي واپري رهيو آهي ان هڪ اڻٽر حقيقت ۽ سچائيءَ طور مڃتا ماڻي ورتي آهي. هتي اهو به ذڪر ڪرڻ مناسب آهي ته ويهه ورهيه اڳ ڪوبه مستقبل بابت اڳ ڪٿي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ڪونه هو پر 0 8 7 1 ع ۾ هڪ جوش ۽ جذبي جو اَجهل اظهار اڀري آيو. اهو واقعو هڪ ڪرشمي جي برابر هو جنهن ماڻهن ۾ سرهائي پيدا ڪري ڇڏي ۽ اهي خواب جيڪي فقط خواب هئا، انهن حقيقت جو روپ ڌاري ورتو. ماڻهو سڌاري يا ردوبدل جو حيران ڪندڙ لقاءُ بڻجي پيا.

انقلاب جي پڄاڻي ڪيئن ٿي؟ _ اليڪس ڊي ڪوئِلي

حقيقت ۾ هڪ وقتائتو موقعو هارين جي فائدي ۾ اسري آيو، جنهن سندن اندر ۾ ستل خوبين ۽ جوش کي جاڳائي ڇڏيو. ان جو بنيادي ڪارڻ آزادانه ماحول ۾ رهڻ ۽ زمين جي ڪجهه حصي تي سندس حق هئڻ هو. فرينچ هاري ۾ اهو عنصر وڌيڪ پختو ۽ غالب پئجي ويو. جنهن جي نتيجي ۾ منجهس جاندار جذبي ۽ ساڃاهه جي واڌ اچي وئي. هو منڍ کان وٺي زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان منهن ڏئي رهيو هو ۽ ڪنهن آرام ۽ آسائش جي گهڻي ڄاڻ سڃاڻ ڪانه هئس. خطري ۽ خوف کان بي ڊپو ٿي منهن ڏيڻ ۽ مصيبتن سان مڙسان مڙسي مقابلو ڪرڻ جي لائق بڻجي ويو هو. انهيءَ بي خوف ۽ مردانگيءَ جي ڪيفيت رکندڙ نسل منجهان ئي اڳتي هڪ اهڙي طاقتور فوج وجود ۾ آئي جيڪا يورپ جي نقشي تي ڇانيل رهي پر سندن اهڙي روش اڳتي هلي هڪ طاقتور ۽ جابر آقا جي شڪل ۾ تبديل ٿي وئي.
ائين ڪيترين صدين تائين اهي سگهارا ۽ جابر ماڻهو قومن جي لتاڙ ڪندا رهيا ۽ هڪ منفرد طبقي جي شڪل اختيار ڪري ويا پر ان کان وڌيڪ اهي پنهجي عمل کي اندر ۾ سانڍڻ، بغض ۽ ڪينو به سکي ويا ۽ ڪنهن کي ملياميٽ ڪرڻ ۾ دير ڪونه ڪندا هئا.
ائين طاقت ۽ سگهه جي بدمست هاٿيءَ تي سوار اهڙن حڪمرانن کي فرينچ عوام انقلاب جي وسيلي لتاڙ ڪرڻ کان روڪڻ جو پڪو پهه ڪيو. انهن کي ڪتابي شڪل ۾ ايترو ته مواد پڙهڻ لاءِ ملي ويو هو جيڪو سندن سوچ ۽ سمجهه تي نئين نموني اثرانداز ٿيو. هاڻي اهي ور کنجي تياري ڪري رهيا هئا ته عملي طور پاڻ کي ڪيئن ملهائين. انهن جي اندر ۾ مچ ٻري رهيا هئا ته پنهنجي حاصل ڪيل ڄاڻ جي روشنيءَ ۾ انتقا م ڪيئن حاصل ڪري سگهندا.
مان هتي پنهنجي لائق پڙهندڙن آڏو هڪ گذارش ڪرڻ پڻ ضروري سمجهان ٿو ته، 18 صديءَ جي فرانس ۾ جوش جذبي جي ڌارا ٻن جداگانه حصن ۾ ورهائجي رهي هئي، ڇو ته انهن ڌرين جا مول مقصد هڪ ٻئي کان مختلف هئا. منجهانئن هڪ ڌر جي راءِ هئي ته ڊگهي رٿابندي، اورچائپ ۽ حوصله منديءَ سان ئي عدم مساوات کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ان عدم مساوات جي خلاف آواز بلند ڪرڻ ئي عوام جي ڌيان ڇڪائڻ جو سبب ٿيندو. انهن کي هڪ ئي نقطو ذهن ۾ ويهارڻ ضروري آهي ته فرينچ عوام لاءِ صدين کان هلندڙ جابراڻو نظام قائم دائم ڇو آهي. ان جي ردعمل ۾ اهي جوش ۽ جذبي سان سرشار ٿي انهن سڀني ادارن کي ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيندا جيڪي صدين کان ڳچيءَ ۾ ڳٽ بڻجي پيل آهن. جڏهن ميدان صاف ٿي ويندو ته نئين عمارت سازيءَ لاءِ راهه هموار ٿي ويندي ۽ انهن جي وچ ۾ جيڪا عدم مساوات آهي، اها مساوات ۾ بدلجي ويندي. ان جي برعڪس ٻي ڌر جيڪا پنهنجي حاڪميت قائم ڪرڻ جي خفت ۾مبتلا هئي، سان سوچڻ جي قائل ڪونه هئي. مساوات جي معنيٰ خيز تشريح ۽ محض انساني آزاديءَ جي وڪالت ڪري رهي هئي.
بهرحال پراڻي دور جي پڄاڻيءَ کان پوءِ مذڪوره ٻئي ڌريون پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آهر ايمانداريءَ سان مساويانه طريقه ڪار کي عمل لائق بڻائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيون هيون. جڏهن انقلاب جي ابتدا ٿي ته اهي ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو اچي ويون. ٻنهي هڪ گڏيل قوت جي شڪل اختيار ڪئي ۽ هڪ ٻئي سان هٿ ۾ هٿ ڏئي انقلاب جي دکندڙ دونهين کي آڳ جا اُلا بڻائڻ ۾ عملي طور حصو وٺڻ شروع ڪيو. اهو ”89“ جو سڀاڳو سال هو، جنهن ۾ هڪ جوش، جنون ۽ ولولي جو بهادراڻي نموني اظهار ڪيو ويو. ائين کڻي چئجي ته اهو هڪ اعليٰ ۽ اتم آدرشن جي سوڀ جو سال هو جنهن ۾ هڪ خواب کي حقيقت جو روپ مليو.
تواريخ جي ورقن ۾ هڪ اهڙي لکڻي ملي ٿي، جنهن ۾ انساني ويساهه ۽ عظمت جي ايڏي ته شاهڪار عڪاسي ٿي جنهن جا اسان پنهنجي سر به گواه آهيون. انهيءَ دور ۾ ديس واسين ۾ هڪ اتساهه، اميد، فخر، وڏائي ۽ خوداعتماديءَ جو ايڏو ته ڀريو جذبو اڀري آيو جو انهن پنهنجي مٿان فرض ڪري ورتو ته منتشر جمهوريت ۽ ادارن جي مضبوطيءَ لاءِ کين پنهنجو ڪردار پڻ ادا ڪرڻو آهي. ڇو ته انهن نه رڳو هڪ اهڙي مدي خارج سرشتي کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو، جيڪو انسان ذات لاءِ وبال بڻجي پيو هو. ان بدبودار سرشتي مورڳو کين طبقن ۽ حصن ۾ ورهائي، ذات پرستي ۽ ڪارپوريشن ڪلچر جي گرفت ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو. انهن جي مٿان ڄڻ اڻبرابريءَ جي هڪ ڇپ رکي وئي هئي. ان حد تائين جو قانون سازي وسيلي جيڪي ٿوريون گهڻيون آسائشون ميسر هيون، انهن کي به فرمانروائي جي هڪ ئي فرمان سان ختم ڪري، هرهڪ فرينچ جي مٿان سرڪار پاران نظر رکڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. ائين پي ڏسڻ ۾ آيو ته ماڻهن جي مٿان هڪ جابرانه طريقو مسلط ڪيو پئي ويو. انهيءَ قسم جو سخت گير مرڪزي جبر هڪ جابر حڪومت جو ورثو هو.
پوءِ جڏهن جوڌن ۽ جنگ جوانن جو نسل اٿي پيو ۽ انقلاب جو عمل اڳتي وڌيو ته ان سموري ٽڪساٽ کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. ائين پي ڏسڻ ۾ آيو ته انهيءَ ڀڃ ڊاهه کان پوءِ ڇڙواڳي، آمريت ۽ هڪ خام خيالي جي آزاديءَ جا ڏاڪا اڪرڻ کان پوءِ قوم جي ويساهه ۾ ڄڻ ته هڪ لوڏو اچي ويو هو، جيڪا هيڏانهن هوڏانهن ڪنهن هڪ مسيحا جي لاءِ واجهائي رهي هئي. انهن اڻ وڻندڙ حالتن ۾ هڪ ماڻهوءَ جي حڪمرانيءَ لاءِ رستو صاف ٿي رهيو هو. لاشڪ ته ان کان اڳ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ حالتون ايتريون سازگار ڪونه هيون. وقت ڄڻ ته هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي آمد لاءِ مقرر ٿي چڪو هو، جيڪو انقلاب کي نگهوسار ڪري پنهنجي بالادستي قائم ڪري سگهي.
درحقيقت ماضيءَ جي سرڪار جو ڪار وهنوار هلائيندڙ نالي ماتر جديديت کان واقف هئا، نئين نظام جي مساوي طريقه ڪار سان هلڻ چلڻ کان لاچار ۽ معذور هئا. ان ڪري انهن سڀني ادارن نئين سماجي آرڊر کي قبول ڪرڻ بدران آمريت سان ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. انهن ادارن پنهنجي تسلط قائم رکڻ لاءِ نام نهاد روايت پرستيءَ ۽ عقيدن جو پڙهو گهمائيندي ماڻهن کي پرانهون رکڻ لاءِ جتن شروع ڪيا. انهن ادارن پنهنجي نئين سر رٿابنديءَ ڪندي وڌيڪ جارحانه طرز جي مرڪزي تسلط/ استحصال کي ڪتب آڻيندي ڪابه قباحت محسوس ڪونه ڪئي. هڪ اهڙي قوم جنهن تازو بادشاهت جي غلاميءَ منجهان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هو، ان جي مٿان هڪ اهڙن جارحانه مرڪزي ادارن اچي قبضو ڪيو جو وايون ولڙيون ٿي ويون.
اهڙي جوکي ڀري واردات ڪرڻ جي جرئت اهڙن ادارن کي ان ڪري ٿي هئي ته، ماڻهن سموري ردوبدل کي ته پنهنجي اکين سان ٿيندي ڏٺو هو پر جيڪي ڪجهه اڳ انهن سان عقوبتون ٿيون هيون، سي وساري ويٺا هئا ۽ نيپولين جو زوال ٿيو. ان سان گڏوگڏ سندس ڪارناما به دفن ٿي ويا. پر سندس قائم ڪيل انتظاميه جيئري رهندي اچي پئي. انهيءَ حالت ۾ جڏهن به انتظاميه کي اقتدار کان محروم ڪرڻ جا آثار نمودار ٿيندا ته اُها پنهنجي عاقبت ۽ اختيارن جي جياپي لاءِ ڪنهن به ڪِريل قدم کڻڻ کان ڪونه ڪيٻائيندي.

پوءِ ڍاوا ۽ پورهيت : ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلس

تواريخ جي حوالي سان جيڪو به متحرڪ سماج آهي، ان جو واسطو طبقاتي جدوجهد سان لاڳاپيل آهي.
آزاد انسان ۽ غلام، امير ۽ مسڪين، نواب ۽ نوڪر، هنرمند ۽ آڙهتي/ ڀلاڻو، جن کي مختصر لفظن ۾ پيڙيندڙ ۽ پيڙهجندڙ چئي سگهجي ٿو، سي هڪ ٻئي سان منهن مقابل بيٺل نظر اچن ٿا. انهن جي هڪ مبهم ۽ لڪل ويڙهاند هلندي پئي اچي. جڏهن اها ويڙهه ظاهر ٿي مٿي ايندي آهي ته ان جي سدائين، پڄاڻي يا ته انقلاب وسيلي سماج جي نئين سر صف بنديءَ جي صورت ۾ يا مورڳو هڪ ٻئي جي ڄنڊاپٽ ڪندڙ طبقن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جي شڪل ۾ نمودار ٿيندي آهي.
اسان تواريخ جو قديم دور کان پيرو کڻنداسين ته پڌري پَٽ ڏسڻ ۾ ايندو ته سماج جي بيهڪ ۽ جوڙجڪ منجهيل ۽ هڪ ٻئي سان درجه بنديءَ جي تهن ۾ ويڙهيل رهندي پئي اچي. انهيءَ احاطي ۾ قديم رومي سلطنت ۾ پڻ رئيس، فوجي جوڌا ۽ ڏتڙيل/غلام نظر اچن ٿا. ان جي برعڪس وچولي دور ۾ مها جاگيردار، ٻانها، واپاري مفادپرست، ماهر، ڪاريگر، سيکڙاٽ، کيت غلام پڻ اهڙي فرمانبردارانه درجه بنديءَ جو هڪ مثال نظر اچن ٿا.
جڏهن ته جديد پوڍائو (Bouregeois) سماج جيڪو جاگيرداري جي تباه ڪاريءَ کان پوءِ وجود ۾ آيو آهي، ان ۾ ايتري سگهه ۽ قوت ڪانه هئي، جو طبقاتي تڪرار ۽ وڇوٽين جو خاتمو آڻي سگهي. ان سماج پنهنجي ردوبدل جي عمل وسيلي طبقاتي جوڙجڪ جو هڪ نئون رنگ ۽ روپ اختيار ڪيو. استحصال جا نوان طور طريقا ايجاد ڪيا. پوڍائي سماج پنهنجي جياپي لاءِ جدوجهد جي پراڻن گُرن کي ميساري نوان نمونا اختيارڪيا.
ها، ائين برابر ٿيو ته پوڍائي سماج جي عهد ۾ سندس خدوخال ۾هڪ صاف ۽ چٽي ڦيرڦار اُڀري آئي. اهو هيئن ته تڪرار، نفرت ۽ ڇڪتاڻ جي طور طريقن کي وڌيڪ آسان ۽ سولو بڻائي ڇڏيو. مجموعي طور سماج ٻن جداگانه ۽ مخالفانه ڪئمپن ۾ورهائجي ويو، يعني ٻن اهم طبقن جي سڃاڻپ اڀري آئي، جيڪي هڪ ٻئي سان مهاڏو اٽڪائڻ جو سانباهو پڻ ڪري رهيا هئا. انهن مان مراد آهي: پوڍائو ۽ پورهيت.
وچولي دور ۾ کيت غلاميءَ جي طبقي منجهان ئي ابتدا ۾ شهرن اندر آزاد شهريءَ جي تصور جو سگهارو اڀار ٿيو. انهن آزاد شهرين جي ڪک منجهان ئي پوڍائي طبقي جي اوسر ٿي.
هوڏانهن آمريڪا جي دريافت ۽ راسِ اميد (Cpe of good hope) جي چوڌاري چڪر هڻڻ جي نتيجي ۾ پوڍائي طبقي جي خوشحالي ۽ شاهوڪاري جا کوڙ سارا رستا کلي ويا. جهڙيءَ ريت ايسٽ انڊيا ڪمپني، چين جي مارڪيٽ، آمريڪا جي بيٺڪيت، بيٺڪن سان واپار/ ڏيتي ليتي جي وهنوار ۾ ترقي ۽ جنس جي خريد و فروخت عالمي واپار ۽ جهاز رانيءَ جي وسيع تر ڦهلاءَ، صنعت ڪاري/ ڪارخانيداري جو بڻياد بڻجي وئي. لاشڪ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته، اهو پنهنجي دور جوهڪ اهڙو انقلاب هو، جنهن جي آمد سان جاگيردارانه سماج جا پير اکڙجڻ لڳا ۽ هڪ نئين ترقي لاءِ راه هموار ٿيڻ لڳي.
اڃا هڪ ٻي اڳڀرائي نمودار ٿي ته جاگيردارانه طرز جي ڪارخانيداري جنهن ۾ پيدوار جي ذريعن تي هڪ مخصوص واپاري طبقي جي هڪ هٽي قائم هئي، اتي محدود طرز جي حدبنديءَ کي لتاڙي نَون مارڪيٽن/ منڊين جي ڳولا شروع ٿي وئي، ڇو ته پيداوار يا اپت جي طور طريقن ۾به ردوبدل اچي رهي هئي. ان جي نتيجي ۾ هڪ هٽي قائم ڪيل طبقي کي جديد طرز جي اپت جا طرفدار برطرف ڪري رهيا هئا. اهڙي ريت پورهئي جي شڪل شبيهه ۾ پڻ مختلف صنعتي ادارن ۾ هڪ نئين ردوبدل اچي رهي هئي.
انهيءَ وچ ۾ مارڪيٽ سازيءَ جو عمل طلب ۽ گهرج جي موٽ ۾ ترقي ڪرڻ لڳو. ان ڪري ڪوبه ڪارخانيدار پنهنجي پيداوار جي عمل منجهان مطمئن ڪونه هو پر ان سموري عمل ۾ روح ڦوڪڻ جو ذريعو ٻاڦ مشين بڻجي آئي، جنهن مورڳو صنعتڪاريءَ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پيداوار جي پراڻي طريقي جي جاءِ اجگر جهڙين ٻاڦ انجڻينSteam Engine) ) والاري، جديد صنعت سازيءَ کي فروغ حاصل ٿيو ۽ هڪ صنعتي وچولو طبقو پيدا ٿيو، جيڪو ڪروڙين رپين سان پنهنجي مرضيءَ ۽ منشا مطابق راند ڪرڻ لڳو. اهو وچولو طبقو آرماڙ صنعت سازيءَ جو سردار ۽ سرواڻ هئڻ سان گڏوگڏ جديد طرز جو پوڍائو ڪلاس بڻجي ويو.
جديد صنعت سازيءَ هڪ عالمي مارڪيٽ کي جنم ڏنو. ان جي لاءِ ابتدائي طور پيڙهه پٿر جو ڪم آمريڪا جي ڳولا هئي. انهيءَ نئين مارڪيٽ ڳولي لهڻ سان واپار ۾ بي حساب اضافو آيو. مطلب ته سمنڊ وسيلي جهازراني ۽ مواصلاتي ڏس ۾ رستن جو استعمال وڌيو.
اها ترقي سنئون سڌو صنعت جي واڌاري تي به ساڳي نسبت سان اثرانداز ٿيندي وئي، جيئن جيئن مواصلات، جهاز راني ۽ واپار جو ڦهلاءُ وڌڻ لڳو، انهيءَ ساڳي حساب ڪتاب سان پوڍائي طبقي جي خوشحالي ۽ سرمائي/ پونجيءَ ۾ به واڌارو ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري انهيءَ طبقي پنهنجي معاشي سگهه سان وچولي دور جي محدود واپاري طبقي کي ڌڪي پوئتي اڇلائي ڇڏيو.
اسان کي هتي هڪ صورتحال اکين آڏو چٽي نظر اچي ٿي ته ڪيئن جديد پوڍائو طبقو ترقي جي مختلف مرحلن منجهان لانگهائو ٿيندو ۽ انقلاب جا سلسليوار ڏاڪا اُڪرندو اپت ۽ مٽاسٽا جي ذريعن تي اثرانداز ٿيو هو.
ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته پوڍائي طبقي جي ترقيءَ ڏانهن پيش قدميءَ جو مقصد محض اقتصادي خوشحالي نه پر پنهنجو سياسي اثر رسوخ وڌائڻ به هو. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ اهو ساڳيو طبقو جاگيردار جي استحصال ۽ جبر جو شڪار بڻبو رهيو هو، جيڪو اڳتي هلي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۽ واڻيو وڪال بڻجي خوشحال ۽ منظم ٿيڻ جو عقل سکي ويو. پر جيئن ئي شهري سماج سان سندس لڳ لاڳاپو ٿيو ته آزادانه جمهوري ماحول کان واقف ٿيو (جيئن جرمني ۽ اٽليءَ ۾). ان کان سواءِ فرانس ۾ عام ماڻهن جو ساڃاهه وند طبقو وجود ۾ آيو، جيڪو فرمانروا کي ٽئڪس ڏيڻ سان گڏوگڏ ان جي ڪتب ۽ ڪارج بابت به پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳو. ان کان پوءِ ته قدم به قدم پوڍائي طبقي جي سگهه ۽ ساڃاهه ۾ ايتري پيش رفت ٿيندي رهي جو هو اڌوگابري جاگيردارانه نظام يا مڪمل بادشاهت ۽ ان سان ٻانهن ٻيلي بڻيل نواب ۽ رئيس طبقن کي پنهنجي ٻل ۽ شعور سان ڪنڊائتو ڪندو ويو. اڃا به جديد صنعت ۽ جديد مارڪيٽ سازيءَ ۾ جيئن ڦهلاءَ ٿيڻ لڳو ته پوڍائو طبقو وڌيڪ پير پختا ڪرڻ لڳو. جديد رياست جي سٽاءُ ۾ سندس ڪردار واضح ٿيڻ لڳو. ان هوندي به سياست جي سگهه سندس دسترس کان ٻاهر هئي. پوءِ به اها هڪ ڪمزور اداري طور جوڙجڪ جي ابتدائي عمل منجهان لانگهائو هئي، جيڪا ڪنهن حد تائين پوڍائي طبقي جي مفادن جي نگران هئي.
ائين چوڻ ۾ ڪوبه وهم گمان نه هئڻ گهرجي ته پوڍائي طبقي تاريخ ۾ پنهنجو انقلابي ڪردار نڀايو آهي. اهو هيئن ته پوڍائي طبقي کي جيئن ئي لڱن ۾ ساهه پيو ۽ ساڃاه حاصل ٿي ته ان جاگيردار طبقي کي ملياميٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ سردارن ۽ تونگرن جي پٽڪا ڊاهه ڪري ڇڏي. انهيءَ طبقي پنهنجي وت وس کان ٻه قدم اڳتي وڌي جارحاڻي نموني جاگيردارن چواڻيءَ: کين مليل فطري آسائشن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي.
اهڙي ڪنهن به ربط کي ٽوڙي ڇڏيو، جنهن جي وسيلي ماڻهو جي ٻئي ماڻهو مٿان برتري ۽ بالادستي رهندي پئي آئي. اهڙي برتري رکندڙ ذهنيت جا ماڻهو ٻين کي ظالمانه نموني گولو غلام ۽ اپت جو ذريعو سمجهندا هئا. انهيءَ اٿل پٿل جي ڪري مذهبي بدعت پرستي ۽ ظاهري شان شوڪت به ٻوڏ آيل وهڪري ۾ لڙهي ويا. ان طبقي پنهنجي همٿ ۽ مرادنگيءَ سان انساني ذهن جي مٿان چڙهيل زنگ کي لاهي خود غرضي ۽ مطلب پرستيءَ جي دنيا منجهان ٻاهر آندو. انهن ذاتي مال خزاني کي مٽاسٽا جي شڪل ۾ آڻي روان دوان ڪيو. ان کان جيڪي بي شمار مونجهارا شعوري آزاديءَ جي آڏو رنڊڪ بڻجي بيٺل هئا، انهن کي ڪنڊائتو ڪندي لاشعوري آزادي جو احساس ڏياريو، اها آهي آزاد تجارت.
انهيءَ سموري ڪارگذاريءَ کي هڪ لفظ ۾ سهيڙيندي ائين کڻي چئجي مذهبي ۽ سياسي نقابن جي پوئتان جيڪي ڪجهه وهي واپري رهيو هو، ان کي نشانبر ڪري بيهاريو. ان جي متبادل طور حياءُ حجاب کان وانجهيل طريقو يعني جارحانه طرز جو استحصال آندو ويو.
مطلب ته پوڍائو طبقو پاڻ کي شريفانه دائري ۾ بيهارڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو ۽ ڏيک ويک ۾دٻدٻي، عزت ۽ احترام جو اهڃاڻ نظر اچي رهيو هو. ان صورتحال ڊاڪٽر، وڪيل، پادري ۽ شاعر کان وٺي سائنسدان تائين سڀني کي اجورو حاصل ڪندڙ پورهيت جي شڪل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
انهيءَ پوڍائي طبقي پنهنجي مطلب ۽ منشا لاءِ ڪٽنبي لڳ لاڳاپن کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو ۽ ان حد تائين جو گهرو انس ۽ محبت کي محض ڏوڪڙ ۽ پئسي پنجڙ جي رشتن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
انهيءَ پوڍائي طبقي پنهنجي سگهه ۽ ساڃاهه سان آڳاٽي دور جي رنڊڪن کي لتاڙي اڳتي وڌڻ جو گر حاصل ڪيو ۽ هڪ سست ۽ ڪاهل سماج ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ جي لائق ٿيو. ان طبقي پهريائين ته عملي طور ڪري ڏيکاريو ته ماڻهو جو متحرڪ ٿيڻ کيس بلندين تي ڪيئن پهچائي ٿو. ان هڪ اهڙو اچرج ۾ وجهندڙ لقاءُ ڪري ڏيکاريو جو ان اڳيان مصر جا اهرام، رومن شان شوڪت ۽ گوئٿڪ گرجا گهرن جي سونهن ۽ سوڀيا تڇ بڻجي ويا. انهن پنهنجي چڙهائي ۽ فتح مندي ماڻڻ ۾ ماضيءَ جي قومن ۽ مذهبي جنون کي مات ڏئي ڇڏي.
هونئن ته پوڍائي طبقي جو جياپو جدوجهد ۽ ردوبدل سان ئي ڳنڍيل آهي. انڪري سدائين پيداوار جي ذريعن کي نت نڪور طور طريقن سان وڌائڻ ۽ لڳ لاڳاپن کي سموري سماج تي اثرانداز ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ ۾ مصروف رهيو. ان لاءِ پيداوار جي پراڻن ۽ مدي خارج طور طريقن کي متروڪ ڪري جدت پيدا ڪرڻ صنعت ڪار طبقي لاءِ مرڪزي نقطي جي حيثيت حاصل ڪري ورتي هئي. ائين بنان ڪنهن رنڊڪ جي پيداوار جي جديد طريقن جو استعمال سماج ۾ ڪنهن به مداخلتي قوت کي پرانهون رکڻ، دائمي طور غيريقيني صورتحال جو خاتمو ۽ احتجاج جي حالتن کي قبضي هيٺ رکڻ جي مد ۾پوڍائو طبقو آڳاٽي دور جي حالتن کان هڪ جداگانه ۽ نرالي حيثيت اختيارڪري بيٺو هو. آڳاٽي دور کان هڪ ٻئي سان لڳ لاڳاپا ڄڻ ته جموديت جو ڪارڻ بڻجي پيا هئا ۽ انهن جي جاءِ تي جيڪي نوان واسطا قائم ٿي رهيا، اهي به ڄڻ ته پهچ ۽ رسائيءَ جي مد ۾ مدي خارج بڻجي رهيا هئا.
مطلب ته جيڪي لاڳاپا مضبوط ۽ سگهارن بنيادن تي بيٺل هئا سي به وکرجي رهيا هئا ۽ جن کي تقدس ۽ احترام جو غلاف ويڙهيل هئا سي مورڳو ناستڪي فڪر ۽ سوچ کي اڳڀرو ڪري رهيا هئا. حضرت انسان هڪ نواڻ سان ڏيٺ ويٺ ڪري رهيو هو ته زندگيءَ جي گهارڻ لاءِ ڪهڙا اتم ۽ اعليٰ اصول وجود ۾ اچي رهيا آهن.
پوڍائو طبقو پنهنجي پيداوار جي کپت لاءِ لڳاتار دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مارڪيٽ/ منڊيءَ جي ڳولا ۾ سرگردان هو. ان ڪري هو سڀ ڪنهن جاءِ تي ڊاٻو هڻي ويهڻ جو قائل بڻجي ويو ته جيئن پنهنجن واسطن کي وڌيڪ ڪارائتو ۽ ڪارج مند بڻائي سگهي.
ان ڪري پوڍائي طبقي پنهنجي استحصال کي مارڪيٽ جي شڪل ۾ قائم رکڻ لاءِ ۽ عالمي سماج تائين پيداوار کي پهچائڻ سان گڏوگڏ سوچ ۽ فڪر کي به عالمگير سطح سان لاڳاپي ڇڏيو. ان سان گڏوگڏ پوڍائي طبقي ۾ رجعت پرست فڪر ۽ سوچ به سانڀيل هئي. ڇو ته جنهن صنعت ڪاريءَ جي بنياد تي سندس پير کُتل هئا ان جي اندر ۾ قومي تعصب ۽ ساڙ به موجود هو. اڳتي هلي مورڳو قومي بنيادن تي صنعت ڪاري جي ديوار ۾ ڏارون پوڻ لڳيون، ان جي جاءِ تي صنعت ڪاريءَ جو هڪ نئون نظام والار ڪري رهيو هو. اهو نئون نظام ڄڻ ته مهذب قومن لاءِ زندگيءَ ۽ موت جو سوال بڻجي پيو. ڇو ته هاڻي ڪارخانن ۾ڪچي مال جي استعمال لاءِ ڏيهي وسيلن تي تڪيو ڪرڻ جي بجاءِ پرڏيهين کان سستو مال آڻڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس ٿيڻ ڪانه لڳي. ڇو ته هاڻي ڪارخانن جي پيداوار مقامي سطح کان وڌي وڃي عالمي سطح تائين پهتي هئي. ان ڪري قدامت پرست صنعت ڪار پيداوار کي مقامي سطح تائين محدود رکڻ جو حامي هو. ان جي برعڪس نئون صنعت ڪار پيداوار کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رسائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو.
ساڳي ريت قدامت پرست قوم پرستي مقامي زمري ۾ ايڪانت جي صورت ۾ هڪ محدوديت جي قائل هئي، پر اسان ڏٺوسين ته قومي فڪر سوچ جو دارومدار ليڪا لتاڙي عالمي سطح تائين قومي ڦهلاءَ جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳو. جهڙيءَ ريت مادي طور طريقن ۾ ڦيرڦار اچي رهي هئي، ساڳي صورت دانشوري ۽ ڏاهپ جي ڏِس ۾ به ظهور پذير ٿي رهي هئي. ڇو ته اڳ ۾ ڏاهپ ۽ دانشوري ڪنهن هڪ مخصوص گروهه جو ورثو ۽ ميراث سمجهي ويندي هئي، سا هاڻي پنهنجي جوهر ۾ گڏيل ميراث جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳي. ائين ٿلهي ليکي هڪ طرفي قومي بالادستي ۽ ساڙ جي سوچ لاءِ ميدان محدود ٿيڻ لڳو. ان جي نتيجي ۾مقامي سطح جي ادب منجهان عالمي سطح جو ادب نڪري نراور ٿيو.
مطلب ته پوڍائي طبقي تيزيءَ سان پکڙجندڙ آمدورفت جي وسيلن ۽ پيداوار جي جديد نمونن سان نه رڳو قومن جي وچ ۾ رابطي جي ويجهڙائپ کي وڌيڪ ممڪن بڻائي ڇڏيو پر ڪنهن حد تائين وحشي جيوت گذاريندڙن کي به مهذب بڻائڻ ۾ هٿ ونڊايو.
هتي چين جو ئي مثال وٺو جن کان انهن مال جي خسيس اگهن تي خريداريءَ لاءِ هٿيارن پنهوارن جي ظالمانه طريقن سان استعمال ڪرڻ ۾ ڪابه لڄ محسوس ڪانه ڪئي. ان لاءِ ڪاهه ڪندڙن جي دعويٰ هئي ته اهي غيرمهذب ۽ وحشي ماڻهن کي مهذب بڻائڻ گهرن ٿا. جڏهن ته چين واسي اهڙي عمل کي ڌڪار ۽ نفرت لائق سمجهڻ لڳا.
ان ڪري گهڻي ڀاڱي سڀني قومن جي مٿان هڪ دٻاءُ ۾ واڌارو اچي ويو ته اهي به پاڻ کي فنا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پوڍائي طبقي جي پيداواري اصولن جي پيروي ڪن. انهن کي دٻاءُ ۽ طاقت وسيلي سمجهائڻ لاءِ اپاءُ ورتا ويا ته پوڍائي طبقي جو طريقه اقتصاديات ئي نجات جو رستو آهي. ها ايترو ممڪن آهي ته صنعت ڪاري انهن اصولن جي روشنيءَ ۾ ٿورو گهڻو مقامي سطح تي رودوبدل آڻي سگهي.
پوڍائي طبقي پنهنجي حڪمرانيءَ کي جارحاڻي انداز ۾ شهرن تائين محدود ڪيو هو. ان حوالي سان ڪيترائي نوان شهر جوڙي راس ڪيا ويا جنهن ڪري آباديءَ جي لحاظ کان ڳوٺن جي نسبت شهرن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ائين ٻهراڙيءَ جي آباديءَ جو هڪ چڱو موچارو انگ شهرن ۾ لڏپلاڻ ڪري آيو ته ملڪ جو ڪار وهنوار ۽ دارومدار شهرن تائين محدود ٿي ويو. ڄڻ ته نيم مهذب معاشري جا ماڻهو مهذب معاشري ۾ داخل ٿي رهيا هئا. مختصر لفظن ۾ ته پورهيت ۽ پوڍائي جي نالن سان ٻه جداگانه قومون هڪ ئي ڇت هيٺان اُسري ۽ نسري رهيون آهن، يعني مشرق ۽ مغرب!
هاڻي پوڍائو طبقو پنهنجي حرفت ۽ هنر جي وسيلي ماڻهن جي آباديءَ کي يڪجا ڪرڻ ۽ پيداوار جي ذريعن ۾ ردوبدل آڻڻ سان دولت جي انبارن ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. ان ڪري انسانن جي هجوم کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ، پيداواري ذريعن ۾ مرڪزي طريقه ڪار اختيار ڪرڻ ۽ دولت کي ڪجهه هٿن ۾ محدود ڪرڻ جا طريقا اختيار ڪيا آهن. ان جي نتيجي ۾ هڪ جارحانه طرز جي سياسي مرڪزيت وجود ۾ آئي آهي. ڪنهن حد تائين آزاد يا وري ڦلهڙي طرز جي صوبائي خودمختياري پر انهن جي جداگانه مفادن، قانونن، حڪومتن، ٽئڪس جو آزاد طريقه ڪار هوندي به کين زور زبردستيءَ هڪ قوم جي شڪل ۾آندو. ان لاءِ هڪ مضبوط سرڪار، هڪ قانوني ضابطو، هڪ قومي مفاد، هڪ سرحد ۽ هڪ ٽئڪس وصوليءَ جو طريقه ڪار مڙهيو ويو.
ائين چوڻ ۾ ڪوبه وهم گمان ڪونهي ته گذريل سئو سالن کان پوڍائي طبقي پنهنجي حاڪميت جي وسيلي اهڙيون ته آرماڙ ۽ پربت جهڙيون تبديليون پيداوار جي طور طريقن ۾ آنديون آهن، جيڪي اڳ ۾ محض هڪ طلسماتي ڪرشمو ليکيون وينديون هيون. فطرت جي اجهاڳ قوتن کي ماڻهن جي هٿ وسيڪو بڻائڻ، ديوقامت مشيني ايجادون، ڪارخانا، علم ڪيميا، زراعت، آگبوٽ جي ايجاد، ريلوائي، برقي تار جو ذريعو، وسيع/ وشال کنڊن جي زمين کي پوکي راهيءَ لاءِ سنوارڻ ۽ سڌارڻ، آبپاشيءَ جو سرشتو سڌارڻ، ماڻهن جي انبوهن کي هڪ جادو جي طلسمي چڪر منجهان ٻاهر ڪڍي اچڻ (جيڪي صدين کان هڪ اگهور ننڊ ۾ غلطان هئا،) کي آئنده سماج جي اڏاوت جو هڪ اهم پرزو بڻجڻو آهي.
اسان کي چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته پيداوار ۽ ڏيتي ليتيءَ جا ذريعا جيڪي اڳتي هلي پوڍائي طبقي جي اوسر لاءِ بڻياد بڻيا سي سڀئي جاگيردارانه سماج جي هنج ۾ پلجي جوان ٿيا. اهو هيئن ته پوڍائو طبقو، پيداوار ۽ مٽاسٽا جي ذريعن ۾ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو هڪ اهڙي جاءِ تي پهتو جتي جاگيردارانه سماج جا مروج پيداوار جا ذريعا، جهڙوڪ زرعي پيداوار، زمين جي مٿان جاگيردار جي حاڪميت سندس پيش رفت آڏو رنڊڪ ۽ رڪاوٽ بڻجي بيٺا. انت ته انهن هڪ زوردار ردعمل ڪري ڏيکاريو. ان کان سواءِ پوڍائي طبقي وٽ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه بچيو هو.
اهڙيءَ طرح انهن آزادانه چٽاڀيٽي مروج ڪرڻ سان گڏوگڏ سياسي ۽ سماجي ردوبدل لاءِ آئيني ذريعا اختيار ڪرڻ جو ڏس پتو به ڳولي ڪڍيو. ائين سياسي ۽ اقتصادي طور هڪ طاقتور پوڍائو طبقو وجود ۾ اچي ويو.
انهيءَ سموري تحريڪ کي اسان پنهنجي اکين آڏو پير کوڙيندي ڏٺو آهي. جديد پوڍائو سماج جنهن جو پيداوار جي مد ۾ سنئون سڌو ڳانڍاپو مٽاسٽا ۽ ملڪيت مال جي اصولن تي رکيل آهي، ان سماج پنهنجي طلسم ۽ مانڊاڻ وسيلي مٽاسٽا جو هڪ وسيع طريقه ڪار وجود ۾ آندو آهي. هاڻي ائين به پيو محسوس ٿئي ته جنهن جادوگر پنهنجي هنر ۽ حرفت وسيلي سماج لاءِ هڪ اجگر اُپايو آهي، اهو سندس ئي سحر ۽ جادو جنتر جي اثر منجهان نڪري هڪ ڀوائتي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. ائين چوڻ درست آهي ته ڪجهه ڏهاڪا پوئتي صنعت ۽ واپار جا ادارا تواريخي پس منظر ۾ اڀري آيا هئا. پيداوار جي طور طريقن ۾ به تواريخي حوالي سان جديديت اچي وئي آهي، جيڪا مروج پوڍائي سماج جي لاءِ سنئين سڌي للڪار بڻجي رهي آهي.
هتي ايترو ٻڌائڻ ئي مناسب ٿيندو ته تجارتي بحران جنهن انداز سان نمودار ٿي رهيو آهي، ان مورڳو پوڍائي سماج کي ٽياس تي ٽنگي ڇڏيو آهي ۽ مورڳو خوفائتي صورتحال جنم وٺي رهي آهي. انهيءَ مجموعي بحراني صورتحال نه رڳو مروج پيداواري طور طريقن کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي، پر ان کان اڳ جي قائم ڪيل پيداواري طريقن کي به تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. انهيءَ بحران منجهان جيئن آڳاٽي زماني کان وٺي دستور رهندو اچي پيو ته هڪ اهڙي وچڙندڙ بيماري نمودار ٿيندي جنهن ڪري واڌو پيداوار يعني کپت جي نسبت ۾ اپت وڌيڪ جنم وٺندي. ائين اوچتو محسوس ٿيندو ته سماج پوئتي ڀاڄ کائي ماضيءَ جي وحشي دور ڏانهن وڃي رهيو آهي. اهي سڀئي بڇڙايون، برايون ڏُڪار ۽ عالمگير لڙائيءَ جي شڪل ۾ نمودار ٿينديون رهيون آهن، جنهن ڪري خريد و فروخت ۾ زوال ايندو آهي ۽ نتيجي ۾ صنعت ۽ واپار شڪست و ريخت جو شڪار ٿيندا آيا آهن.
اهو سڀ ڪجهه ائين ڇو ٿيندو؟ ڇاڪاڻ ته تهذيب پنهنجي عروج جي اڌ نقطي تائين پهچي چڪي آهي، جنهن ۾ صنعت ۽ واپار جا طريقا به اوج ماڻي ويٺا آهن. ان حوالي سان جيتريقدر پيداواري قوتن جو تعلق آهي ته حالتون انهن جي وس ۽ وت کان ٻاهر وڃي رهيون ۽ اُهي پوڍائي سماج جي ترقيءَ ۽ خوشحالي ۾ ڪوبه ڪارائتو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ عاجز بڻجي پيون آهن. ڇو ته اهو طبقو پنهنجي جاءِ تي ايترو ته سگهارو ۽ طاقتور بڻجي رهيو آهي، جو حالتن جون زنجيرون جيڪي سندن پيرن ۾ جڪڙيل آهن، انهن کي جيڪڏهن ستت ئي لاهي ڦٽو نه ڪيو ته پوءِ پوڍائي سماج ۾ اهڙي خوفائتي بي يقني ۽ عدم تحفظ جي فضا پيدا ٿيندي، جيڪا مورڳو پوڍائي سماج جي وجود ۽ ڌن دولت جي انبارن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندي. ائين به ڏسڻ ۾ اچي پيو ته پوڍائي سماج پنهنجي ڌن دولت جي مڳي مستيءَ ۾ اچي جيڪي حالتون پيدا ڪيون آهن، ان ڪري ڌرتي پڻ انهن لاءِ تنگ/ سوڙهي بڻجي رهي آهي.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوڍائي سماج ۾ اهڙي اهليت يا قابليت آهي جو بحراني ڪيفيت کي قابو ڪري سگهندي؟ ڇو ته هڪ پاسي اهو طبقو پنهنجي ڏاڍ ۽ جبر وسيلي پيداواري قوتن جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ لاءِ وسئون نه پيو گهٽائي. هوڏانهن اضافي مارڪيٽ قبضي ڪرڻ لاءِ اصلوڪن رهواسين جي ڦرلٽ ۽ لتاڙ ڪرڻ ۾ پڻ اڳ اڳرا بڻجي رهيا آهن. انهيءَ مجموعي صورتحال ۾ چئي سگهجي ٿو ته تباهي ۽ برباديءَ جي لاءِ رند ۽ رستا هموار ٿي ٿي رهيا آهن ۽ اميد جو اهڙو ڪرڻو ڏينهون ڏينهن الوپ ٿي رهيو آهي، جيڪو ايندڙ تباهيءَ کي روڪي سگهي.
مختصر لفظن ۾ ته پوڍائي طبقي جيڪي هٿيار پنهوار، جاگيردارانه سماج کي نيست ۽ نابود ڪرڻ لاءِ ڪتب آندا هئا، اهي ئي هٿيار نئين رنگ روپ سان سندس خلاف استعمال ٿيڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. ان ڪري پوڍائو طبقو پنهنجي حماقتن جي ڪري به انهن زنگجي ويل هٿيارن جي يڪجا ٿيڻ کي پنهنجي لاءِ موت جو پروانو سمجهي ٿو. اهي قوتون ڪنڌ کڻڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيون آهن، ڇو ته هو انهن قوتن کي صف بندي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو آهي، جن کي سندس جياپي لاءِ موت جو سنيهو بڻجڻو آهي. ان منجهان منهنجي مراد آهي: جديد پورهيت طبقو!
اسان وٽ جنهن نسبت سان پوڍائي طبقي جي سرمائي/پونجي ۾ واڌارو ٿيو آهي، ساڳي نسبت سان پورهيت طبقي جي قوت ۽ ترقي ۾ به اضافو ٿيو آهي. ائين کڻي چئجي ته جديد پورهيت طبقي جو اڀرڻ. يعني اهڙو طبقو جنهن جي جياپي جو دارومدار پورهئي تي ئي آهي ۽ ٻيو طبقو جيڪو اهڙي پورهيت جي ڳولا ۾ سرگردان آهي، جيڪو سندس سرمائي ۾ اضافو ڪري سگهي. اهي پورهيت جيڪي پاڻ کي هڪ جنس طور واپار جي شڪل ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن، اهي چٽاڀيٽيءَ جي لاهن چاڙهن کي اگهاڙو ڪرڻ سان گڏوگڏ مارڪيٽ جي بحران جي به پت وائکي ڪري رهيا آهن.
مشين جي وڌندڙ ڪارج ۽ پورهئي جي ونڊ ورڇ مورڳو پورهيت جي انفرادي ڪردار کي متاثر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري پورهئي لاءِ ڇڪ يا ڪشش ۾ پڻ گهٽتائي آئي آهي. ائين پورهيت ڄڻ ته مشين جو هڪ پرزو بڻجي ويو آهي ۽ سولائيءَ سان پنهنجي ڌن ۾ مست ۽ مگن بڻجي ڳَهي رهيو آهي. اهڙيءَ ريت پيداوار جي خرچ ۾ ماڻهو جو حصو يا پورهيو محدود ٿي رهيو آهي. ان جي نتيجي ۾ پورهيت جي پورهئي/ اجرت ۾ لاٿ اچڻ جي سبب گذر سفر جا وسيلا محدود ۽ تنگ ٿي رهيا آهن. پر جنس جي قدر و قيمت ۽ ان تي خرچ ڪيل پونجيءَ جو مقدار ۽ پيداوار ساڳيا ئي آهن. ان حالت ۾پورهئي/ محنت ۾ ته ڪراهت ڏيندڙ حد تائين واڌارو ايندو پر ٻي پاسي اجرت ۾ لاٿ ايندي.
بهرحال جيئن جيئن مشين جي ڪتب ۾ اضافو ايندو ويندو ته ساڳي نسبت سان پورهيت جي مٿان مزدوريءَ جو بار چڙهندو رهندو. مطلب ته پيڙجندو رهندو.
جديد صنعتڪاري، موروثي طور مليل ننڍڙن ورڪشاپن کي سرمائيدارانه نظام جي پٺڀرائيءَ سان اجگر جهڙن ڪارخانن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ان ڪري ڪارخاني ۾ مزدورن جو چڱو موچارو انگ گڏ ٿيڻ لڳو ۽ اهي سپاهين وانگر منظم ٿيڻ لڳا. اهي ڄڻ ته هڪ خانگي ڪارخاني جي اهڙي فوج بڻجي ويا آهن، جن جي نگهباني ۽ نظرداري ڪرڻ جو ڪم مقرر ٿيل آفيسر ۽ معتبر ڪري رهيا آهن. اهي مزدور نه رڳو پوڍائي طبقي جا گولا غلام بڻجي ويا آهن، پر پوڍائي رياست جا به مطيع ۽ فرمانبردار پڻ. اُهي ڪلاڪن ۽ منٽن جي حساب سان مشين جا پرزا، نگهبانن ۽ نظرداري ڪندڙن جي نظرن جو شڪار ۽ انفرادي طور به پوڍائي طبقي جي پيڙا ۽ عذاب جو کاڄ بڻجي رهيا آهن. اهو جبر ۽ ڏاڍ جو سلسلو جيئن جيئن وڌندو ويندو ته موٽ ۾ وڌيڪ نفرت انگيز ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيندو رهندو.
ان کان سواءِ اڳتي هلي جديد صنعت وڌيڪ ترقي يافته ٿيندي ته سخت پورهئي جي گهرج ۾به لاٿ اچڻ شروع ٿيندي ۽ نئين پورهيت طور عورت جاءِ والارڻ لڳندي پر پورهيت طبقي ۾ جنس ۽ ڄمار جي لحاظ سان ڪابه سماجي ردوبدل ڪانه ايندي. انهن سڀني کي عمر جنس جي تفريق کي پاسيرو رکي پورهيت طور استعمال ڪيو ويندو.
آخرڪار اهڙو وقت به ايندو جو پورهيت کي جيڪا اجرت رقم جي شڪل ۾ ملي رهي آهي ۽ عارضي طور کيس استحصالي هٿن کان بچائيندي اچي پئي، سا به بند ٿي ويندي. ان ڪري کيس پوڍائي طبقي جي طفيلي عنصرن جهڙوڪ: زميندار، دوڪاندار ۽ وياج خور جو به محتاج ٿيڻو پوندو.
اهڙيءَ طرح وچولي طبقي جو سهڪاري يا ساٿي جهڙوڪ: ننڍڙو واپاري، دوڪاندار، هنرمند ۽ هاري آهستي آهستي پورهيت طبقي جو حصو بڻجي ويندا. ڇو ته سندن معمولي سرمايو ڪنهن به حالت ۾ اٿاهه صنعت جي مقابلي ۽ محاذ آرائيءَ جي سگهه ڪونه ٿو رکي. ائين پکڙجندڙ سرمائيداريءَ جي گپ چڪ منجهان کين پاند آجا ڪرائڻ محال ۽ مشڪل ٿي پوندا. ان ان پوءِ سگهارو بڻجي ويل پوڍائو طبقو/ سرمائيدار ماڻهن جي ڪنهن به طبقي کان پنهنجي مرضيءَ ۽ منشا مطابق ڪم وٺي يا ڀرتي ڪري سگهندو.
ساڳئي وقت پورهيت طبقو به ترقيءَ جي مختلف مرحلن منجهان گذرندو. ڇو ته سندس پهرين اوسر ۾مقابلو پوڍائي طبقي سان ٿيو هو. اهو هيئن ته پهريائين ته سندس سڃاڻپ هڪ انفرادي مزدور طور ٿي، پوءِ وري ڪارخاني جي مزدور طور، بعد ۾ واپاري طبقي سان جيڪو هڪ علائقي تائين محدود هو ۽ اهو به لڳ ڀڳ سندس استحصال جو ڪارڻ بڻجي رهيو هو. پر انهن پنهنجي حملي جي ابتدا مروج پوڍائي سماج ۽ پيداوار جي حالتن خلاف ڪرڻ جي برعڪس پيداوار جي اوزارن خلاف ڪئي. انهن پيداوار جي اوزارن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو، جيڪي سندن خيال موجب مقابلي جو ڪارڻ هئا، انهن ڪارخانن کي تيلي ڏئي ڇڏي. اهي پنهنجي سگهه ۽ ڌڪار جي وسيلي پورهئي جي پراڻي دور کي ٻيهر بحال ڪرائڻ جي خفت ۾مبتلا ٿي ويل هئا.
هونئن، هاڻي ۽ آئنده لاءِ پورهيتن جي فتحمنديءَ جو باب کلي ويو، پر في الحال ان فتح کي عارضي سمجهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سندس حقيقي سوڀ ماڻڻ جو سواد ترت نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ سانڀيل ڪونهي پر يونين سازيءَ جي وسيع ڄار ڦهلائڻ سان وابسته آهي. انهيءَ يونين سازيءَ جي مهابي سندن هڪ ٻئي سان ويجهڙائي ۽ رابطو پيدا ٿيندو، جيڪو جديد صنعت ڪاريءَ جي ڪري کين لازمي طور ورثي ۾مليو آهي.
ائين مختلف علائقن جا ورڪر هڪ ٻئي سان وڌيڪ لاڳاپي ۾ ايندا. اهو ئي هڪ ٻئي سان ويجهو ٿيڻ جو ڪارج جنهن جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي، کين مقامي سماج کان مٿي آڻي هڪ تسبيح ۾ پوئي ڇڏيندو. ڄاڻايل سڀني طبقن کي هڪ قومي جدوجهد جي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ ڏانهن پيش رفت جو ڪارڻ ٿيندو. پر هتي سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن به طبقاتي جدوجهد جو بنيادي مقصد سياسي جدوجهد هوندو آهي. يونين سازيءَ جي برڪت ماڻڻ سان گڏ وچولي/قرون وسطيٰ جا شهري آزادي ماڻڻ لاءِ ڀڳل ٽٽل رستن ۽ رابطن سان حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻندا هئا. پر اڄ جي جديد پورهيت کي ريلوائي سرشتي جو احسانمندي مڃڻ گهرجي، جنهن کيس هڪ جدت سان ڏيٺ ويٺ ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
ان هوندي به هڪ ٻي پيچيده صورتحال به نمودار ٿي رهي آهي. اها هيئن ته پورهيت طبقي جي تنظيم سازي، جنهن کي اڳتي هلي هڪ سياسي پارٽيءَ جي شڪل اختيار ڪرڻي آهي، اها انهن جي ورڪرن جي وچ ۾هڪ ٻئي خلاف چٽاڀيٽي ۽ تڪرار ۾ واڌارو آڻي رهي آهي. پوءِ به ان تحريڪ کي اهڙن لوڏن منجهان نڪري هڪ سگهاري ۽ طاقتور حيثيت حاصل ڪرڻي آهي. ڇو ته وقت ۽ حالتون ورڪرن کي مجبور ڪنديون ته اهي پوڍائي طبقي جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ انتشار منجهان فائدو وٺي پاڻ کي سگهارو بڻائين. ان جو مثال هيءُ آهي ته انگلستان ۾ پوڍائي طبقي کي ڇڙوڇڙ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پارليامينٽ ۾بل پيش ڪيو ويو آهي.
بهرحال، مجموعي طور پراڻي سماج جي بيهڪ ۾ ذميوار طبقن جي وچ ۾ ٽڪراءُ ۽ تڪرار کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. اها صورتحال پورهيت طبقي لاءِ وڌيڪ ترقي ماڻڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو باعث ٿيندي. ان ڪري ئي پوڍائو طبقو پاڻ کي هڪ جنگ جي ميدان ۾ ڦاٿل عنصر جيان سمجهي رهيو آهي. اهو هيئن ته سندس پهرين محاذآرائي نواب ۽ تونگر طبقي سان ٿي، پوءِ وري پنهنجي ئي طبقي سان ٿي، جيڪو مفادن جي لحاظ کان سندس صنعت ڪاريءَ جي آڏو رنڊڪ ٿي بيٺو. انهن رنڊڪن کي هٽائڻ لاءِ پنهنجي ملڪ کان ٻاهران به پوڍائي طبقي مدد حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس ڪانه ڪئي. انهن سڀني جنگين ۾ پوڍائي طبقي لاءِ ٻيو ڪوبه رستو آخر ۾ ڪونه بچندو ته پنهنجي بقاءُ لاءِ پورهيت طبقي کان مدد طلب ڪري. ان جو مطلب ٿيو ته پورهيت کي سياسي ميدان ۾ آڻي بيهارڻ. انهيءَ لحاظ کان پوڍائو طبقو ايترو ته مجبور ٿيندو جو پنهنجي هٿن سان پورهيت طبقي کي سياسي ۽ تعليمي شعور ڏيندو. انجو مطلب ٿيو ته پوڍائو طبقو، پورهيت طبقي کي انهن هٿيارن سان مسلح ڪندو، جيڪي اڳتي هلي سندس پڄاڻيءَ جو ڪارڻ ٿيندا.
اسان اڳ ۾ ئي ڄاڻائي آيا آهيون ته حڪمران طبقا، صنعتڪاريءَ ۾ ترقي اچڻ سان گڏوگڏ پورهيت طبقي کي به شڪ وارين نظرن سان گهوري رهيا آهن ۽ کيس پنهنجي جياپي لاءِ ٿورو ٿڪو دڙڪو به سمجهي رهيا آهن. اهي سڀئي حالتون لازمي طور پورهيت طبقي کي وڌيڪ روشن خيال ۽ ترقي پسندانه سوچ ڏانهن وٺي وينديون.
انت ته جڏهن طبقاتي جدوجهد پنهنجي فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿيندي ته ساڳي وقت حڪمران طبقي ۾ به ڦڙڦوٽ جو عمل شروع ٿي ويندو، جيڪو سموري مدي خارج سماج تي اثرانداز ٿيندو ۽ هڪ پرتشدد تحريڪ جا آثار به نمودار ٿيڻ لڳندا. انهيءَ زماني ۾ حڪمران طبقي جوهڪ پتڪڙو حصو مورڳو پنهنجي طبقي کان ڌار ٿي انقلابي طبقي جو ساٿ ڏيندو. مطلب ته ان طبقي سان سهڪار ڪندو جيڪو مستقبل جو نقيب بڻجندو. اهو ساڳيو ئي لقاءُ جو ورجاءُ ڪندو، جيئن اڳ ۾ امير ۽ تونگر طبقي جي هڪ مختصر حصي ڌار ٿي پوڍائي طبقي سان ساٿ ڏنو هو. ائين ساڳيءَ طرح پوڍائي طبقي جو هڪ جُز جدا ٿي پورهيت طبقي سان ساٿ ڏيندو، خاص ڪري پوڍائي طبقي جو نظرياتي حصو ڌار ٿيڻ کي ترجيح ۾ شامل ڪندو، جيڪو پنهنجي سمجهه ۽ ڏاهپ وسيلي ايندڙ اٿل پٿل کان ڀليءَ ڀت واقف ٿي چڪو آهي.
هونئن اهي هڙئي طبقا جيڪي پوڍائي طبقي سان مهاڏو اٽڪائڻ جي دعويٰ ڪري ر هيا آهن، انهن ۾ سچو ۽ کرو انقلابي طبقو پورهيتن جو آهي. ان ڪري اڳتي هلي مهاڏو اٽڪائڻ جي هام هڻندڙ طبقا زوال جو شڪار ٿي جديد صنعت ڪاريءَ جي ڪاراڻ ۾ گم ۽ غائب ٿي ويندا، ڇو ته رڳو پورهيت طبقو ئي انهيءَ اٿل پٿل مان سرفراز ٿيڻ جي اهليت رکي ٿو.
ان ڪري هيٺيون وچولو طبقو، ننڍڙو پيداواري طبقو، دوڪاندار، هنرمند، هاري، سڀئي پنهنجي جياپي لاءِ پوڍائي طبقي جي خلاف جدوجهد ۾ شامل ٿيندا ته جيئن وچولي طبقي جو بچ بچاءُ ڪري سگهجي.انهن جدوجهد ڪندڙن کي انقلابي چوڻ بجاءِ قدامت پرست چوڻ درست ٿيندو. بلڪ کين رجعت پرست چوڻ ۾ به ڪو هرج ڪونهي، ڇو ته اُهي تاريخ جي اڳتي وڌندڙ ڦيٿي کي پوئتي هلائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن، پر جيڪڏهن ان طبقي منجهان ڪوبه ڇاتيءَ تي هٿ هڻي انقلابي هئڻ جي دعويٰ ڪندو ته ان جو مکيه ڪارڻ هيءُ هوندو ته اهو پورهيت طبقي کي فتحمنديءَ جي ويجهو ۽ اثرائتو ڏسي پسي رهيو هوندو. انڪري اهي نه رڳو پنهنجي مفادن جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻندا پر مستقبل جي مفادن جو بچاءُ به ڳوليندا پر انهن لاءِ هڪ ئي رستو بچندو ته پنهنجي مفادپرستانه سوچ ۽ فڪر کي تياڳ ڏئي پورهيت طبقي جا ساٿاري بڻجي وڃن.
هوڏانهن انهيءَ مجموعي صورتحال ۾ جيڪو ”خطرناڪ طبقو“ اڀري رهيو آهي، ان کي ”سماجي ڄار“ (Lumpen Proletarian) جو اهڙوطبقو چئي سگهجي ٿو، جيڪو پراڻي سماج جي پکڙيل ڄار کي هيڏانهن هوڏانهن ڪري انقلابي ويس پائي جاءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ جڏهن به حالتون پنهنجي لاءِ سازگار سمجهندو ته اکيون ڦيرائي وڃي رجعت پرستن جو سهڪاري ٿيندو.
جيتريقدر سماجي صورتحال جو سوال آهي ته پراڻو ۽ مدي خارج سماج، پورهيت طبقي جي سامهون گهڻو وقت سينو ساهي نه سگهندو. ڇو ته پورهيتن وٽ ڪوبه مال ۽ ملڪيت ڪونهي. ان جا پنهنجي ڪٽنب سان اهي ڳانڍاپا به ڪونه رهندا، جيڪي پوڍائي طبقي جا پنهنجي گهر ۽ خاندان سان چهٽيل/ چنبڙيل آهن. ڇو ته جديد صنعتي پورهيت لاءِ سرمائي جي پيهه ۽ بار لڳ ڀڳ انگلستان، فرانس، جرمني ۽ آمريڪا ۾ يڪسان آهن، جيڪو کين هڪ مخصوص قومي ڪردار جي چوغي لاهڻ لاءِ مجبور ڪندو. ان ڪري قانون، اخلاقيات ۽ دين ڌرم يا پوڍائي طبقي جون ڪٽر روايتون جن جي پويان لڪي راتاها هڻي پنهنجو طبقاتي بچاءُ ڪري ٿو، سي سڀئي ثانوي حيثيت اختيارڪري وينديون.
اسان جي آڏو ڪيترائي مثال موجود آهن ته سماج ۾ اهڙا طبقا جيڪي مٿاهون پد رکندڙ آهن، سي پنهنجن مفادن خاطرن سماج کي زير زبر ڪري سڀ ڪجهه پنهنجي هٿ وسيڪو ڪندا آيا آهن. اهڙي صورتحال ۾پورهيت طبقو ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لائق ٿي نه سگهندو، جيستائين پنهنجن اڳوڻن طور طريقن ۽ واهپي ۾ ايندڙ طريقه ڪار کان دستبردار نه ٿيندو. ڇو ته انهن وٽ اهڙي ڪابه وٿ ۽ وکر ڪونهي جو اهي پاڻ کي ڪنهن هڪ جاءِ تي محدود ڪري ڇڏين. ان ڪري سندن ذميواريءَ ۾ شامل آهي ته گذشته بچ بچاءَ جي طريقن کي نگهوسار ڪري ڦٽو ڪن. ان لاءِ ڪنهن به دل جمعي طرح انفرادي ملڪيت جي تصور جو خاتمو ضروري آهي.
هتي هڪ اهم نقطو ڌيان طلب آهي ته اڳوڻيون تحريڪون پنهنجي تواريخي پس منظر ۾ اقليتن جون تحريڪون هيون يا ائين کڻي چئجي ته اقليتن جي مفادن سان ٺهڪندڙ هيون. ان جي برعڪس پورهيتن جي هلچل شعوري طور آزاداڻي ۽ اڪثريت جي تحريڪ آهي، جنهن کي ٻين لفظن ۾ اڪثريت جي مفادن جي هلچل چئي سگهجي ٿو.
هونئن به پورهيت طبقي کي اسان جي سماجي بيهڪ ۾ مورڳو هيٺين طبقي طور ڄاتو وڃي ٿو. ان صورتحال ۾ پورهيت طبقي لاءِ مٿي اچي پنهنجي حاڪميت ڪرڻ لاءِ هڪ ئي دڳ آهي ته ان طبقاتي سماج ۾ ٿرٿلو مچائي ته جيئن سندس اڀري اچڻ جا آثار نمودار ٿين.
ابتدائي طور بيهڪ جي لحاظ کان پورهيت طبقي جي پوڍائي طبقي خلاف هلچل قومي تحريڪ جو هڪ حصو هوندي آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته پورهيت طبقو پنهنجي ملڪ اندر رهندڙ پوڍائي طبقي سان حساب ڪتاب کي چڪتو ڪري.
پورهيت طبقو پنهنجي اوسر ۽ ترقيءَ جي مختلف مرحلن مان جيئن گذرڻ شروع ڪندو آهي ته مروج سماج ۾ پردي پويان گهرو لڙائيءَ جا آثار به نمودار ٿيڻ لڳندا. ان حد تائين جو مذڪوره گهرو لڙائي اڳتي هلي انقلاب جو سنيهو بڻجي ويندي ۽ پورهيت پنهنجي سگهه سان پوڍائي طبقي کي برطرف ڪري هڪ نواڻ جو پيڙهه پٿر رکندو.
جيتوڻيڪ، اسان اڳ ۾ به ڄاڻائيندا آيا آهيون ته هرهڪ سماج جو بڻ بڻياد محڪوم ۽ حاڪم طبقن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تي رکيل هوندو آهي، پر ڪنهن به طبقي کي محڪوم بڻائڻ لاءِ ڪجهه معروضي حالتن جو هئڻ ضروري آهي ته جيئن انهن کي مجموعي طور محڪوم بڻائڻ جو جواز موجود هجي. مثال طور غلاماڻي دور ۾ غلام محڪوم رهندو آيو، پر ان اڳتي هلي پاڻ کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو. ساڳي ريت پوڍائي طبقي پڻ جاگيردارانه سماج جي خلاف پاڻ کي صف بند ڪيو ۽ اڳتي هلي هڪ طاقتور طبقي جي صورت اختيار ڪئي پر ان جي برعڪس موجوده جديد مزدور طبقو، پاڻ کي جديد صنعتڪاريءَ جي لحاظ کان منظم ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ مورڳو ٻڏتر جي گهيري ۾ آهي. ان حد تائين جو سندس جياپو به هڪ سواليه نشان بڻجي پيو آهي.
مطلب ته پورهيت طبقو محتاجي ۽ ڪنگال پڻي جي ڪيفيت مان گذري رهيو آهي. ان ۾ محتاجي جاجيوڙا دولت جي اوسر ۽ ماڻهن جي وڌندڙ انگ جي مقابلي ۾ گهٽجي رهيا آهن. جڏهن ته هڪ ٻي صورتحال به چٽي ٿي سامهون آئي آهي ته پوڍائي طبقي جي وس ۾ ڪونهي ته دائمي طور هن سماج ۾ جيئرو رهي سگهي ۽ نه وري پنهنجا شرط شروط مڙهي سماج کي پنهنجو هٿ وسيڪو ڪري سگهندو. ڇو ته هڪ اصول مطابق غلام جڏهن آقا جي پالڻ ۽ بار ڍوئڻ کان تنگ ٿي پوندو آهي ته پوءِ ان لاءِ هڪ ٻيو دڳ اختيارڪرڻ کان سواءِ چارو ڪونه رهندو آهي. ساڳيءَ ريت مروج سماج به پوڍائي طبقي جي هٿن منجهان کسڪي رهيو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته سماج ۾ سندس جياپي جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن.
پوڍائي طبقي جي جياپي ۽ اثر رسوخ لاءِ هڪ ئي رستو وڃي بچيو آهي ته پنهنجي ڌن دولت ۾ اضافو ڪندو رهي. ان لاءِ سندس ضرورت آهي ڏهاڙي اجرت تي مزدور جو پورهيو خريد ڪرڻ! ڏهاڙي اجرت جي ڪري مورڳو مزدورن جي وچ ۾ چٽاڀيٽي اڻ ٽر بڻجي ويندي. صنعتڪاريءَ جي ترقيءَ ۾ لاشعوري طور پوڍائي طبقي جو ڪردار بڻجي ٿو پر ساڳي وقت پورهيت طبقي ۾ ويڳاڻپ جي تصور جو خاتمو ايندو. ان ڪري پورهيتن ۾ منظم ٿيڻ ۽ انقلاب لاءِ صفبندي ڪرڻ جو موقعو مهل ويجهو اچي پوندو. جديد صنعتڪاريءَ جي ترقيءَ سبب پوڍائي طبقي جا جيڪي پير کتل آهن، انهن ۾ ڏڪڻي پيدا ٿيندي. اهڙي ريت پوڍائو طبقو پنهنجن هٿن سان پاڻ لاءِ کڏ کوٽيندو. مطلب ته ان جو زوال ۽ پورهيت طبقي جي فتح ۽ ڪامراني اڻ ٽر آهن.

شهري وڳوڙن جو اڀياس : لئنارڊ برڪوئز

سماج ۾ دنگي فساد يا وڳوڙ جي تشريح مختصر لفظن ۾ مايوسي. اڳرائيءَ جي خيال ۽ قياس آرائيءَ سان واڳيل سمجهي ويندي آهي. ان کان پوءِ سياسي گوڙ گهمسان هجي يا دنگي فساد جو عروج، لاقانونيت هجي يا وري ڦرلٽ ۽ فرض جي ڪوتاهي ليکيا وڃن ٿا. اسان سماج ۾ اهڙي صورتحال بابت آگاهي اڳ ۾ ئي رکندا اچون پيا. ان لاءِ هتي ضروري ناهي ته اقتصادي لاهن چاڙهن ۽ نفسياتي نراسائيءَ جو ورجاءُ ڪري وضاحت ڪجي. ڇو ته اسان کي چڱيءَ ريت سڌ آهي ته انهن ٻنهي اسمن جي ڪري ئي سماج ۾ اڻبرابري ۽ مقامي حد تائين عدم استحڪام موجود آهي. انهيءَ سموري صورتحال کي اڃا به ڪنهن حد تائين سياسي نقطه نگاه ۽ اقتصادي لحاظ کان لبرل سوچ ۽ فڪر رکندڙن جي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن جي راءِ مطابق سماج ۾ جيڪي رنڊڪون ۽ رڪاوٽون موجود آهن، انهن کي پاسيرو ڪرڻ گهرجي، جيئن انساني طلب ۽ خواهش جو پورائو ٿي سگهي. لاشڪ ته ان طرز جي سادي نموني وضاحت يا تشريح گهڻن ئي لاءِ ڌيا ن طلب بڻجي ٿي. ان جو مثال مسٽر ڊولارڊ ۽ سندن ساٿي آهن، جيڪي 1939ع يل ۾ (Yale) موجود هئا. انهن جي راءِ مطابق اڳرائي هميشه نراسائي ۽ نااميديءَ جي گود منجهان جنم وٺندي آهي.
جيتوڻيڪ وسيع پئماني تي مايوسيءَ جي نتيجي ۾ اڳرائيءَجي قياس آرائي کي سهڪار حاصل آهي. پر ان هوندي به اهو فارمولا تنقيد کان مٿڀرو ڪونهي. جيئن ته هتي اسان جي عنوان ۾ شامل آهي ته تشدد جا ڪارڻ ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪيون. ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي ته نراسائي ۽ اڳرائيءَ جي وچ ۾ ڳانڍاپي کي سڃاڻڻ لاءِ جهد ڪريون ۽ ان بابت جيڪي به اعتراض ۽ سوال سامهون اچن ٿا انهن کي به حل ڪرڻ ڏانهن پيش رفت ڪيون.
سمجهڻ گهرجي ته تنقيد جا جيڪي ماڻ ماپا هوندا آهن، سي ڇڙوڇڙ ۽ اڻ ٺهڪندڙ لڳندا آهن ۽ سماج ۾ هڪ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ پڻ رنڊڪ بڻجي بيهندا آهن. اسان پنهنجي بحث کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ ٻن اهم نقطن جي نشاندهي ڪرڻ لازمي سمجهون ٿا. هڪ ته مان پنهنجي سوچ مطابق نااميدي ۽ اڳرائيءَ جي قياس آرائيءَ کي اهم جز ليکيان ٿو، پر ان هوندي به حالتن پٽاندڙ ردوبدل اچڻ کي رد ڪري نه ٿو سگهجي.
ٻيو ته، يل (Yale) جي ماهر نفسيات جي راءِ مطابق ته ”نراسائي“ کي هڪ رستي جي رنڊڪ ۽ ان کي محض کي هڪ هڪ جذباتي شوشو سمجهڻ واري سوچ کي مسترد ڪيان ٿو.
اڄوڪي دور ۾ تنقيد جو هڪ طريقه ڪار چٽيءَ ريت علم نسانيات جي ماهر ڪونارڊ لورينز جون تحقيقون ۽ تخليقون آهن. هن صاحب جي راءِ مطابق عضون جو سلوڪ/ ورتاءُ، پوءِ اهي عضوا انساني آهن يا ٻين جانورن جهڙوڪ: مڇيون، پکين پکڻن جا انهن جي اندروني تحرڪ جو نتيجو آهن. ان تحرڪ جو سنئون سڌو واسطو سندن سلوڪ/ ورتاءُ سان آهي. هُن جي چوڻ مطابق ”ورتاءُ“ جو اظهار هڪ پاڻمرادي اعصابي تحرڪ جو نتيجو آهي. ان جي ٻاهرين نموني اظهار جو وسيلو پڻ هڪ اڀار ۽ ترغيب سان لاڳاپيل آهي. ائين به سمجهڻ گهرجي ته ورتاءُ يا سلوڪ جو ردعمل هروڀرو اظهار سان به هئڻ ضروري نه آهي. ڇو ته ورتاءُ جي ردعمل کي ڪڏهن ڪڏهن اندروني اظهار روڪي وجهندو آهي، جيڪڏهن چڱي چوکي مقدار ۾ اندروني جوش ۽ جذبي جو اظهار ٿئي ٿو ته پوءِ ڪنهن به حالت ۾ ان کي روڪڻ جا اگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا.
ان مانواري ليکڪ پنهنجي ڪتاب بعنوان ”اڳرائي“ جي هيئن به تشريح ڪئي آهي ته: ”اصل ۾ تحرڪ (اڳرائي) هڪ پاڻمرادو جبلت سان ڳنڍيل آهي.“ اڃان به وڌيڪ چٽو ڪندي چوي ٿو ته: ”اها جبلت لاشڪ ته خطرناڪ ردعمل جو اظهار آهي.“ ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته ورتاءُ ڪنهن به وقت ڦاٽ کائي سگهي ٿو. پوءِ ان لاءِ موقعي ۽ مهل جو هئڻ به ضروري ناهي. لورنز جي خيال مطابق اڄوڪي مهذب دنيا جي ماڻهوءَ کي اڳرائيءَ جي اظهار لاءِ جهجهي انداز ۾ مهل موقعا ميسر ڪونهن. ان ڪري بنيادي نراسائي ۽ نااميدي ئي اهڙو عنصر آهي، جيڪو ”اڳرائيءَ“ جي اظهار جو مکيه ڪارڻ ليکي سگهجي ٿو.
اسان جي لاءِ هتي ضروري ڪونهي ته لورينز جي اونهائيءَ ۾ ڪيل بحث مباحثي کي بڻياد بڻائي ورتاءُ بابت اجائي ڊيگهه پٽاڙ ۾ پئجي وڃون، ڇو ته مان ان نقطي کان به ڀليءَ ڀت واقف آهيان ته لورينز جي ”ورتاءَ“ بابت تشريح ۽ وضاحت سان ڪيترائي علم حياتيات ۽ نفسيات جا ماهر شديد ٽيڪا ٽپڻي ڪري چڪا آهن. ان ڪري ڪيترين ئي ٻين شين کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ سان گڏوگڏ نقاد حضرات سندس مبهم ۽ منجهيل طريقي سان نفسيات جي تشريح کي رد ڪن ٿا.
ان هوندي به لورينز جون لکڻيون ڪيترن ئي سڄاڻ هستين لاءِ ڪشش جو ڪارڻ پڻ بڻيون آهن. انهن لکڻين جو لورينز جي ٻين لکڻين تي پڻ چٽو اثر نظر اچي ٿو، پر رابرٽ آرڊري جي لکڻي بعنوان "Territorial imperative" ۾ پڻ نظر اچي ٿو. اهڙي حالت ۾ سڀ کان اول انهن شهادتن کي اک مان ڪڍڻ ضروري آهي، جن وسيلي هو انساني ورتاءُ جي وضاحت ۽ وصف بيان ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ هڪ مثال ثبوت طور پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ هُو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي چوي ٿو ته: سندس سوچ ۽ مشاهدي جي پٺڀرائي مروج ناڪام آمريڪي تعليمي سرشتو پڻ ڪري ٿو، جنهن مطابق ٻارڙن ۾ اڳرائي ڪرڻ جي جبلت نه هئڻ برابر آهي. جيتوڻيڪ ٻار ڪيترين ئي محرومين کي پنهنجي آڏو ٿيندو ڏسن ٿا ۽ پوءِ به خوشي حاصل ڪرڻ جي تمنا رکن ٿا. ان ڪري جيڪي ٻار خوشي ۽ دادلائپ جي ماحول ۾ پلجن ٿا، سي سدائين ساڳئي ماحول جي خواهش رکن ٿا.
ان ڪري اوچتو ڪابه آپدا، مصيبت يا نراسائي سندن مٿان ظاهر ٿئي ٿي ته انهن ۾برداشت ڪرڻ جي قوت نه هئڻ برابر هوندي آهي. اها ڄڻ ته انهن جي اڳيان هڪ رنڊڪ ۽ رڪاوٽ بڻجي بيهندي آهي، پر لورينز جي اڳرائي، نراسائي بابت قياس آرائي ڪنهن به نقصان کان آجي ۽ سک سلامتي سان ڏيکارڻ ۾ اچي پئي. ڇو ته سندس علم الانسان متعلق راءِ به اڻ گهڙيل ۽ اڻپوري نظر اچي ٿي.
علم نفسيات جو ماهر جيڪڏهن ثابت ڪري وڃي ٿو ته اتر آمريڪا جي ريڊ انڊين ۾حد کان وڌيڪ اعصابي بيماريءَ جا آثار نمودار ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ نسلي لحاظ کان اڳرائي ڪرڻ جا عنصر جيڪي جهجهي انداز ۾ هوندا آهن پر کين جنگي زماني ۾ پڻ ٻاڦ ٻاهر ڪڍڻ جي اجازت نه هوندي هئي. پر ڪوبه سندن موجوده اقتصادي ۽ سماجي محرومين ڏانهن اشارو ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. اسان کي وري علم نفسيات جو ماهر ٻڌائي ته قديم بور نين قبيلي جو جياپو خطري ۾ پئجي ويو آهي، ڇو ته انهن کي دشمن جي سِسي لڻي محفوظ ڪرڻ جي موڪل ڪانهي. ان ڏس ۾ علم الانسان جو هڪ ماهر ائڊمنڊ ليچ ٽيڪا ٽپڻي ڪندي لورينز جي راءِ کي اجايو سمجهي چوي ٿو ته. اصل ۾ بورنين قبيلن ۾ انسانن جي انگ ۾ گهڻو واڌارو اچڻ آهي.
اڃا به هتي ٻيو حوالو چٽو ٿي بيهي ٿو جيڪو لورينز جي اڳرائيءَ واري ورتاءُ کي بنهه نروار ڪري بيهاري ٿو. ان ۾ هو ڄاڻائي ٿو ته ماڻهن ۾ ويڙهاند ۽ وڳوڙ پڻ هڪ اهڙو عنصر آهي جيڪو ڌرين کي ڌار ڪرڻ ۾ ڇڙوڇڙ گروهن ۾ اڪيلائيءَ جي غار ڏي ڌڪي ڇڏي ٿو. انهن ماڻهن بابت لورينز وضاحت ڪندي چوي ٿو ته: ”انهن اڪيلائيءَ ۾ ورتل ماڻهن ۾ اڳرائي ڪرڻ جو رجحان خطرناڪ حد تائين وڌندو رهي ٿو. منجهن هڪ ردعمل پيدا ٿئي ٿو ته، موقعو ملڻ تي اهي اوپرن ۽ ڌارين کي اڳرائيءَ جو نشانو بڻائيندي دير ئي نٿا ڪن.“
اهڙي صورتحال ۾ لورينز جي چوڻ مطابق جيڪو به ماڻهو ڪجهه فهم ۽ ادراڪ رکندڙ هوندو آهي، سو اهڙي خوفائتي ماحول منجهان کسڪي پيرن تي زور رکندو آهي ته ڪنهن معقول جاءِ تي وڃي وسرام ڪري. انهيءَ فارمولي تي جيڪڏهن عمل ڪجي ته پوءِ ان جو مطلب ٿيو ته سڀ کان وڌيڪ ڪارائتو دڳ اهو آهي ته ماڻهن کي ويڙهاند کان منع ڪري سک سلامتيءَ ڏانهن مائل ڪجي يا وري انهن کي اڳرائي ڪرڻ جو اهڙو طريقه ڪار ٻڌايو وڃي، جنهن مان ٻئي کي نقصان رسڻ جو انديشو گهٽ هجي. پر جيڪڏهن لاهي پاهي رڳو اهڙا اُپاءَ وٺجن جو نراسائي ۽ نااميديءَ کي ختم ڪري سگهجي ته ان جو ڪو خاص اثر ڪونه ٿيندو.
هاڻي جيتريقدر منهنجي راءِ جو تعلق آهي ته مان لورينز پاران تڪرار جي نبيري لاءِ ڏنل تجويزن سان سخت اختلاف رکان ٿو. ڇو ته نالي ماتر مشاهدي يا پيرائتي ڇنڊڇاڻ سان هڪ ئي نقطو نروار ٿي بيهي ٿو ته ڳڻ ڳوت سان به اڳرائي ڪرڻ جي نتيجي ۾ ردعمل گهٽ نه پر اڃا به وڌيڪ سگهه سان نروار ٿئي ٿو. اسان کي خبر آهي ته ڪجهه ماڻهن کي ٻين جي لاءِ اندر ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سانڀيل آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو کانئن مختلف ۽ جداگانه نوعيت جا آهن. اندر ۾ اهڙو تعصب ۽ ڪٽرپڻو رکندڙ هستيون لازمي طور ٻين ڌرين منجهان به دوستانه روش جي اميد ۽ آسرو رکي نه سگهنديون. هونئن ڪاوڙ ۽ نفرت جو جذبو رکندڙ ڪنهن حد تائين پاڻ کي مطمئن ڀائيندا آهن ته مخالف کي چيڀاٽي رهيا آهن، پر پوءِ به سندن اڳرائي يا ارهه زورائيءَ جي روش ۾ گهٽتائي نه ايندي آهي. زار جي زماني ۾ سندس خفيه پوليس يهودي اقليت جي قتلام لاءِ ڀڙڪائڻ جو ڪم ڪيو هو. ان جي باوجود به روسي انقلاب، جپان ۽ روس يا جرمني جنگيون رُڪجي ڪونه سگهيون.
مطلب ته اقليتن ۽ ٻاهرين ماڻهن تي حملا ڪرائڻ جي نتيجي ۾ ماڻهن جي اندر ۾ مرڪزي سرڪار خلاف ڌڪار ۽ نفرت ۾ جهڪائي ڪونه آئي. ڇو ته، اڳرائيءَ جي موٽ ۾ وڌيڪ جارحاڻي اڳرائي اڀرندي آهي، جيستائين زور آزمائيءَ سان چيڀاٽڻ جو عمل تشدد جي شڪل اختيار نه ٿو ڪري. ان کان پوءِ ماٺار ڇانئجڻ جي برعڪس ابتدائي طور ڀڃ ڊاهه، ساڙ ٻار، ڦرلٽ ۽ وڳوڙ شروع ٿي ويندا آهن، جيڪي وڌيڪ تشدد جي صورتحال کي چٽو ڪري بيهاريندا آهن. انهيءَ ڏس ۾ هڪ تجربو به سامهون آيو آهي ته ٻارن کي ننڍپڻ ۾ راندين جي آڌار اڳرائيءَ جو هيراڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ کين ٿڌو ٿانهرو ڪرڻ يا عدم تشدد ۽ درگذر ڪرڻ جو درس ڏنو وڃي ٿو، جنهن کي سهڪار ڪرڻ لاءِ ٻاراڻو ذهن مشڪل سان تيار ٿئي ٿو.
هينئر هڪ نقطو پڌرو ٿي سامهون آيو آهي ته، محض وهم، خوف ۽ شڪ جي بنيادن تي انسان جي اڳرائيءَ جو پيدا ٿيڻ سڀاويڪ ۽ فطري آهي. جيتوڻيڪ اڳرائي، نراسائي ۽ گمان جي سڀاءَ تي تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته نراسائي ۽ ارهه زورائي/ اڳرائي جي وچ ۾ ڪوبه رشتو ناتو نظر ڪونه ٿو اچي پر ان جي برعڪس اڄوڪي دور ۾ انساني سڀاءَ ۾ سماجي/ تنظيمي طور ويجهڙائپ نظر اچي ٿي. مطلب ته اسان جي لاءِ لازم ڪونهي ته انهن مذڪوره عنصرن کي پيدائشي طور يا فطري لحاظ کان انساني جبلت جو هڪ اڻ ٽٽندڙ حصو سمجهون. ان ڪري هلندڙ دور ۾ کوجنا ڪندڙ مامرن جو چوڻ آهي ته پيدائشي يا فطري لحاظ کان ڪجهه اڻ مٽجندڙ حقيقتن جو هڪ ٻئي سان ڳانڍاپو هڪ تار تنتي سرشتي وانگر آهي ۽نه وري تيز ڇهاءُ جيان. ڇو ته تنتي سرشتو/ اعصابي ڳانڍاپو ڪجهه عملن/ تحرڪن کي آسانيءَ سان پڌرو ڪري بيهاري ٿو، پر ان لاءِ به ضروري آهي ته هڪ خاص جوش ۽ جنون جهڙي موٽ هجي. هونئن فطري/ پيدائشي عنصرن جو جوش/ هيجان ۽ موٽ/ وراڻيءَ جي وچ ۾هڪ ڳانڍاپي جو ڪردار ٿئي ٿو. ان ڪري هڪ ٺهڪندڙ هيجان يا جوش جي ڪيفيت پاڻمرادو نڪري نروار ٿئي ٿي، شرط اهو آهي ته سڀاءَ/ سلوڪ/ ورتاءُ به چٽو ٿي بيهي.
جيتري قدر مايوسيءَ جو تعلق آهي ته ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ورثي طور سندس اوسر جو ڳانڍاپو پڻ زورآوريءَ سان ليکي سگهجي ٿو. مجموعي طور ماڻهوءَ جي سڀاءُ ۾ سماجي رغبت/ ڪشش سانڀيل رهي ٿي، جيڪا کيس ارهه زورائي ڪرڻ تي اڪسائي ٿي، جڏهن سندس آڏو ڪابه رنڊڪ اچي بيهي ٿي. مطلب ته ٻيا عنصر جهڙوڪ: سزا جو خوف يا زورآوريءَ جي رستي کي ترڪ ڪرڻ سان به مايوسيءَ جي حقيقي ۽ چٽي شڪل سامهون اچي ڪانه ٿي بيهي.
ائين ٿلهي ليکي زورآوري کي مايوسي بابت قياس آرائيءَ جي تشريح کي ڄڻ ته ذهني طور قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، جيڪڏهن اسين مايوسيءَ کي جذباتي طرح هڪ اڻ لاڳاپيل عنصر طور مڃتا ڏيڻ کان انڪار ڪيون ٿا. لاشڪ، انسان ۽ حيوان جي اسرندڙ جسماني ترڪيب تي کوجنا ڪرڻ کان پوءِ نتيجو سامهون آيو آهي ته، سخت گير قسم جي رنڊڪ جي ردعمل ۾ هوبهو ساڳيون علامتون ظاهر ٿين ٿيون، جيڪي ڪنهن سزا ۽ سختيءَ جي صورت ۾ نروار ٿين ٿيون.
اڃا به هڪ نفسيات دان جي زباني هيئن چئي سگهجي ٿو ته، مايوسيءَ جو بڻ بڻياد نفرت ۽ ڌڪار جي اوسر ۽ اڀار سان جڙيل آهي. جڏهن ته نفرت ۽ ڌڪار جو لڳ لاڳاپو يا اڀار مورڳو زورآوري/ اڳرائيءَ سان جڪڙيل آهي پر جيڪڏهن گهڙي کن لاءِ جذباتي طرز جي مايوسي ۽ نراسائي پاسيرو ڪري ڇڏجي ته پوءِ اسان کي انسان يا حيوان جي اندر ۾ مايوسي ۽ زورآوريءَ جي هڪ ٻئي سان لڳ لاڳاپن کي جهاتي پائڻ سان حاصلات ۾ وڌيڪ ڪاميابي حاصل ٿيندي.
هتي هڪ نقطو ڌيان لائق آهي ته، ويجهڙائيءَ جو حياتيءَ/ زندگيءَ تي گهڻ پاسائون اثر نظر اچي ٿو. اسان هڪ ڪبوتر جو مثال وٺون ٿا ته جيڪڏهن ان جي آڏو به سندس مرضي ۽ منشا خلاف رنڊڪ پيدا ٿئي ٿي ته هو ٻارن ۽ مردن وانگر ساڳيو ئي ردعمل ڪري ٿو. ان حوالي سان تازو هڪ تجربي وسيلي ٻن ناميارن ماهرن ايزرن ۽ هيڪ پڻ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. سندن راءِ مطابق ڪبوترن کي سکيا ڏني وئي ته هڪ مخصوص هنڌ تي اڏامي پهچڻ ۽ ٺونگو هڻڻ سان کين کاڌ خوراڪ دستياب ٿيندي. ڪبوتر ان عمل کي ورجائيندا رهيا. اوچتو ان مخصوص هنڌ تان ڪبوتر کي خوراڪ ملڻ بند ڪئي ويئي ته، سندن ردعمل يا سلوڪ ڏسڻ وٽان هو.
اهو هيئن ته ڪبوتر پنهنجي چهنب سان ٺونگا هڻي ان رنڊڪ کي هٽائڻ لاءِ ٽاڪوڙو وجهي ڇڏيو. ان کان پرڀرو ڪبوتر جيڪو ان سموري صورتحال کان بيخبر هو ۽ ان اهڙي رنڊڪ کي هٽائڻ بدران ٽاڪوڙو وجهندڙ ڪبوتر کي رنڊڪ سمجهي مٿانئس حملو ڪرڻ ۾ به ويرم ڪانه ڪئي. ائين سمجهڻ گهرجي ته مايوسي ۽ نااميدي ڄڻ ته اره زورائيءَ جي شڪل ۾ تبديل ٿي وئي، پر ان لاءِ لازمي آهي ته موافق ۽ پسنديده نشانو پڻ هجي. اهڙي ريت اهو آخري ڄاڻايل عنصر يعني نشانو/ ٽارگيٽ/ مقصد به پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿو.
ان کان اڳ ۾ جو اسين مقصد/ ٽارگيٽ جي تحرڪ کي وڌيڪ وضاحت سان بيان ڪيون، پهريائين مايوسي يا نراسائيءَ جي ڪيفيت کي چٽو ۽ نروار ڪري بيهاريون. ان لحاظ کان اهي صاحب جيڪي نراسائي، زورآوريءَ جي قياس آرائيءَ کي رد ڪري رهيا آهن، انهن جو چوڻ آهي ته هڪ ماڻهوءَ ۾ نراسائي ان وقت واسو اچي ڪري ٿي، جڏهن کيس زندگيءَ جي خسيس يا تڇ جهڙن سماجي ضرورتن کان ڊگهي عرصي تائين محروم رکيو وڃي ٿو. بهرحال ان طرز جو گمان ڪنهن به حالت ۾نراسائيءَ جي تشريح سان ڪونه ٿو ٺهڪي اچي.
مان هن مضمون جي ابتدا ۾ ئي ان ڪيفيت بابت مختلف حوالن سان وضاحت ڪري آيو آهيان. ان ڪري روايتي طرز جي سببن ۽ ڪارڻن جي برعڪس يا وري فرائڊ ۽ لورينز جي قياس آرائيءَ جي ابتڙ ڪجهه نفسيات دان وري ان راءِ جا آهن ته، احساس محرومي کي ڪنهن به ورتاءُ يا روش لاءِ محض ڪارڻ نه ٿو ليکي سگهجي. نئين نظرئي تحت محروميءَ جي مقابلي ۾ وڌيڪ اهميت مقصد جي آرزو ۽ اميد کي ڏيڻ گهرجي. ڇو ته تحرڪ يا هلچل جي ڪيفيت اميد ۽ آروزوءَ جي پيداوار هوندي آهي، جيڪا مقصديت سان واڳيل آهي. ان ڪري مقصديت جي ثابت قدمي ئي اميد يا آرزوءَ کي ماڳ تي رسائيندي آهي.
ائين ساڳي ريت هڪ نفسيات دان (Mowrer) انهيءَ منجهيل سُٽَ کي هيئن ٿو سلجهائي ته اسان اوستائين مقصد ماڻي ڪونه سگهنداسين جيستائين اميد ۽ آرزو جي هلچل سيني ۾ متل نه هوندي. ان زمري ۾ ڪنهن هڪ فرد جي مقصديت کي مثال طور وٺو ته ان جي مقصديت ۾ کاڌ خوراڪ، جنسي خواهش جو پورائو ۽ هڪ رنگين ٽي وي شامل آهن، هو ان مقصديت کي تڏهن ئي ماڻي سگهي ٿو، جڏهن سندس ذهن ۾ انهن اسمن جي حصول لاءِ آرزو ۽ اميد جي جوت جلندڙ هوندي. جيڪڏهن فرد جي اندر ۾ آروزو ۽ اميد پنهنجي منزل ۽ ماڳ نه ٿا حاصل ڪري سگهن ته پوءِ سندس نراسائي ۽ مايوسيءَ ۾ واڌارو اچڻ کي رد ڪري نه ٿو سگهجي.
انهيءَ ڏس ۾ سياسي¸ سماجي سٽاءُ يا جوڙجڪ جو نظريو يا قياس آرائي به پنهنجي پد ۾ چٽو ۽ نشانبر ٿي بيهي ٿي. ڇو ته هڪ اصطلاح آهي: ”انقلاب سدائين اميد منجهان ڦٽي نڪرندو آهي.“ مذڪوره اصطلاح ئي نروار ٿيندڙ نراسائي جي نشاندهي ڪري ٿو. بک ۽ تنگ دستي جا ماريل گروه جن ڪڏهن پنهنجي خواب خيال ۾ به آٽوموبائل، واشنگ مشين يا وري جديد گهرن لاءِ سوچ ويچار ڪونه ڪيو هوندو ته انهن جو پڻ نراسائيءَ جي گهير ۾ اچڻ ناممڪن هوندو آهي. ڇو ته انهن کي محروميت جي سڌ ڪا نه هوندي آهي. ها! پر انهن ۾ ان وقت نراسائيءَ جو وڌڻ اوس ۽ اڻٽر بڻجي پوندو آهي. جڏهن کين شين جي حصول لاءِ اميد ۽ آسرو پيدا ٿي پوندو آهي.
هاڻي جيڪڏهن انهن گروهن ۾ همٿ ۽ اميد جو عنصر پختو ٿي پوندو آهي ته ڪنهن شيءِ کي حاصل ڪري سگهن ته انهن ۾ تسلي ۽ دلجاءِ پيدا ٿيندي آهي. ان جي برعڪس اميد جو ٻوٽو ڪومائجڻ لڳندو آهي ته نراسائي ۽ نااميدي ورائڻ لڳندي آهي. اهو محروميت جو عنصر هروڀرو اٿندي ئي تشدد جي اهڙي ڪيفيت به بيدار ڪري ڪونه وجهندو آهي جو مورڳو اميد جي اسم کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏي!
جيمس ڊيوس پڻ ان ساڳي اصول يا ”انقلابي نظرئي“ جي نشاندهي پنهنجي لکڻين ۾ ڪئي آهي. هن جي چوڻ مطابق آمريڪي، فرينچ ۽ روسي انقلابن جو سلسلو ان ڪري اڀري مٿي ڪونه آيو هو ته ماڻهو گهڻي وقت کان وٺي دٻيل ۽ هيسيل يا مصيبتن ۾ پيڙجي رهيا هئا. مذڪوره انقلابن جي آمد جو مکيه ڪارڻ هيءُ هو ته نالي ماتر اميد ۽ آس جو ترورو ماڻهن جي گذرِ حيات ۾ ردوبدل آڻڻ سبب بڻجي رهيو ۽ ان جي اڳيان هڪ رنڊڪ سندن ڀڙڪي اٿڻ ۽ ردعمل ثابت ٿيو.
انهيءَ زمري ۾ ويجهڙائيءَ ۾ ليکڪن آءِ¸ ڪي فيئرابئنڊ ۽ آر¸ ڪي فيئرابئنڊ (Fierabend and Fierabend) پاران به هوبهو ساڳيا انگ اکر پڌرا ڪيا آهن. انهن ٻنهي ڄڻن به زورآوري مايوسي جي خيال آرائيءَ جي، سياسي پس منظر جي حيثيت ۾ پيدا ٿيندڙ عدم استحڪام کي اثرائتي نموني مخالفت جو هڪ جز ڄاڻائيندي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. ان کان سواءِ سندن اڳڀري راءِ آهي ته جيئن ڇوهائيءَ سان سماج جي اندر جديديت پيدا ٿيندي رهي ٿي ۽ عام ماڻهن کي پرائمري تعليم جي ملڻ ۽ ٿوري ٿڪي کاڌ خوراڪ ۾ به چڱڀرائي اچڻ سان سياسي عدم استحڪام جو اڀري اچڻ به لازمي بڻجي پوي ٿو. ڇو ته تيزيءَ سان ايندڙ سماجي ۽ اقتصادي سڌارن جي نتيجي ۾ اميد ۽ آسرو به وڌيڪ مستحڪم ٿئي ٿو ۽ ان جي حصول لاءِ خواهش به وڌڻ لڳي ٿي. اميد جو عنصر سچائيءَ کي نروار ڪري بيهاري ٿو. جيتوڻيڪ سماج ۾ ردوبدل به تيزيءَ سان ايندي رهي ٿي، پوءِ به ماڻهن ۾ نراسائيءَ به ساڳي تناسب سان وڌندي رهي ٿي. اهي ساڳيون حالتون (يعني اميد ۽ نراسائي) موجوده نيگرو انقلاب ۾ به درپيش اچي رهيون آهن.
مان هاڻي ٿورو تحرڪ/ اڀار جي اصليت سان لاڳاپيل مسئلن بابت خيال آرائي ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو ته اهو ڪيئن زورآوريءَ کي نشانو بڻائي ٿو. مان اڳ ۾ به ٻڌائي آيو آهيان ته تجرباتي طور اوستائين ڪنهن به ڪبوتر ۾ زورآوريءَ جا اهڃاڻ پيدا ڪونه ٿا ٿين. جيستائين ڀرپاسي ٻيو ڪبوتر رنڊڪ يا مداخلت نه ٿو ڪري. ان ڪري جانورن ۾ هڪ غضبناڪ زورآوريءَ جي اڀري اچڻ جو بنيادي ڪارڻ ڀرپاسي جا ٻيا جانورن ئي بڻجن ٿا. ساڳي طرز جا نتيجا ڪوئن تي بجلي جي شاڪ ڏيڻ سان موٽ ۾ پڻ حاصل ٿيا آهن.
ائين جانورن ۾ مجموعي طور تحرڪ/ اڀار جو مکيه ڪارڻ ئي مخالف تي حملو ڪرڻ ڄاتو وڃي ٿو، پر جڏهن ڪوئن جي مٿان بجليءَ جو شاڪ ڏيندي سندن آڏو ڪابه متحرڪ يا غيرمتحرڪ گُڏي رکي وئي ته اها سندن نشانو ڪانه بڻجي سگهي. ان حد تائين جو ڪو مئل ڪوئو به پڃري ۾ رکيو ويو ته ان ڏانهن به سندن ڌيان ڪو نه هو پر جيڪڏهن مئل ڪوئي جي ڪابه چرپر ڪرائي پئي ويئي ته هڪدم حملو ڪري ٿي ڏنائون. ٿلهي ليکي انهن تجربن جي موٽ ۾ڪوئن جي تحرڪ منجهان حاصل ڪيل نتيجو مغزي تنتي سرشتي ۾ ٿرٿلو مچائڻ جي برابر ڏسڻ ۾ پي آيو. جيتريقدر ڪنهن وٿ يا وکر کي حملي جو نشانو بڻائڻ جو ڪارڻ ڏسڻ ۾ آيو ته ان وٿ جي حيثيت ۽ پد سان لاڳاپيل هڪ مقصد ۽ موضوع هو.
اهڙي نموني لورينز جي راءِ موجب: جانورن ۾ پنهنجي نشاني تي حملي ڪرڻ جو رجحان ان وقت ممڪن بڻجي سگهي ٿو، جڏهن انهن ۾ متحرڪ هئڻ جي ڪيفيت کي اڀاريو وڃي. انهيءَ ڏس ۾ ته پنهنجي مقرر ڪيل نتيجي جي حصول لاءِ متحرڪ ۽ جاندار ڪيفيت ئي جانورن ۾ زورآوريءَ کي اڀارڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي. ان ڪري پوءِ ڪبوتر، ڪوئو ۽ ٻلي هجن. اسان ائين چئي سگهون ٿا ته جوش جذبي يا هيجان کي اٿاري آڻڻ ۾مايوسيءَ جو اهم ڪردار آهي. ڇو ته ان جي وسيلي ئي سُور ۽ عذاب جو احساس مغزي سرشتي ۾ ڀوانٽيون ڏيڻ شروع ڪري ٿو. جنهن لاءِ مقصد جو حصول ئي تحرڪ کي اڀارڻ جو اهم عنصر بڻجي ٿو.
اهو ساڳيو ئي طريقيڪار انساني جبلت ۾ پڻ سانڀيل آهي، ڇو ته گهڻي ڀاڱي مفيد قسم جي ارهه زورائيءَ به فطري طور محرڪ/ تحرڪ جو ڪارڻ آهي. ان ڪري سخت جذباتي اڀار پڻ زورآوريءَ جي جارحاڻن لاڙن کي نروار ڪري بيهاري ٿو ۽ تشدد آميز ورتاءُ يا سلوڪ به نڪري نروار ان حالت ۾ ٿئي ٿو، جڏهن ان جي سامهون شديد زورآوري رنڊڪ بڻجي بيهي ٿي. ان حوالي سان ويسڪان ليبارٽري ۾ ڪيترائي تجربا ڪيا ويا آهن ته انساني جبلت جي مذڪوره لاڙي يا روش کي سچو ثابت ڪري سگهجي.
اسان جي ئي بيان ڪيل قياس آرائيءَ کي ڌيان ۾ رکندي ۾ پڌرائي ڪئي وئي ته ظاهري جوش ۽ ڪاوڙ جو لڳ لاڳاپو ارهه زورائيءَ جي حيثيت سان ڳنڍيل آهي، جنهن مطابق اهڙا ماڻهو هر وقت ڏاڍائي ڪرڻ لاءِ هڪ نه ٻي موقعي جي انتظار ۾ هوندا آهن. انهيءَ طرز جي جارحاڻي ارهه زورائي لاءِ ٺهڪندڙ مثال هٿيار جو استعمال ڪرڻ آهي. اسان جي کوڙ سارن ڪيل تجربن منجهان هڪ تجربي تز نموني ثابت ڪيو آهي ته هڪ ڪاليج جا مڇريل شاگرد جن کي موقعو ڏنو ويو ته کين عذاب ڏيندڙ جي مٿان حملو ڪري سگهن ٿا ته، انهن زورآوري ڪرڻ لاءِ ليڪو لتاڙڻ ۾ڪابه هٻڪ محسوس ڪانه ڪئي. ان حد تائين جو پنهنجي هدف کي نشانو بڻائڻ لاءِ هٿيار ڪتب آڻڻ ۾ به ڪونه ڪيٻايو. اڃا به جيڪڏهن سندن هٿ ۾ رائفل وغيره هجي ۽ ”مقصد“ ڪمزور ۽ هيڻو هئڻ سان گڏوگڏ کين جهل پل ڪرڻ وارو به نه هجي ته وڌيڪ زور آوري ڪرڻ ۾ پوئتي پير ڪونه ڪن ٿا. ائين کڻي چئجي ته هٿيار جو هئڻ حملي ڪرڻ جي شدت ۾ وڌيڪ اڀار جو ڪارڻ بڻجي ٿو.
ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو مثال هيءُ آهي ته ٻارڙن جي هٿ ۾ جيڪڏهن راند روند ڪرڻ جو رانديڪو به زور آوري يا ويڙهاند جو نمونو آهي ته ان جو به اثر ٻار جي سوچ ۽ رجحان تي نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ائين مجموعي طور کوجنا وسيلي صورتحال سامهون آئي ته ارهه زورائيءَ جو ذريعو (بندوق) ان ويل پنهنجي جوش ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري سگهي ٿو جڏهن اهو ڪنهن جي هٿ ۾ استعمال ٿي رهيو هجي. ڇو ته جوش ۽ ڪاوڙ جو اظهار زورآوريءَ جي قدر ۽ قيمت سان سلهاڙيل هو. ائين اسان جي کوڙ سارن تجربن جو نچوڙ هيئن وڃي بيٺو ته ماڻهن جو اهڙو انگ جن کي تشدد سان ڀرپور فلمون ڏيکاريون ويون ته انهن جو ردعمل به وڌيڪ جارحاڻي انداز ۾ نمودار ٿي بيٺو.
انهيءَ طرز جون کوجنائون ڪرڻ ۾ وڌيڪ آسانيون هم عصر آمريڪي سماج ۾چٽي نموني ڏسڻ ۾ آيون. ان ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي نه هٿيار ڪلچر کي روڪڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي پئي پر ان هوندي به گذريل اونهاري ۾ جيڪي وڳوڙ اسان جي شهرن ۾ ٿيا انهن جي اثرن کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. اسان جي ڪجهه سياسي رهنمائن ان جو ڪارڻ جنهن نقطي کي ڄاڻايو ان مطابق اقتصادي ۽ سماجي مايوسيءَ جي تاريخي پس منظر کي رد ڪري نه ٿو سگهجي. ان ڪري اونهاري ۾ ٿيل فسادن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾ مذڪوره عنصرن کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهي. ڇو ته سياه فام آمريڪين جي وڌندڙ مايوسيءَ پڻ هڪ اهم عنصر آهي. جيتوڻيڪ وڳوڙن جو وڌندڙ رجحان جيڪو وبائي مرض وانگرن شهرن ۾ پکڙجي چڪو هو، ان جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي عمل کي گهڻ پاساوَن ڪارڻن جي پس منظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي.
انهن ڪارڻن منجهان ڪي ته وڌيڪ ٺهڪندڙ آهن: جهڙوڪ: سياه فام وڳوڙين انتقام وٺڻ خاطر عمل ڪيو ۽ يا انهن پنهنجي سگهه ۽ طاقت جو اظهار ڪيو. ان صورتحال کي اڃا به آسان نموني ڏسبو ته انهن فسادن ۾ ڪجهه ماڻهن جي شموليت محض لٽ ڦر ڪرڻ جي مقصد سان سلهاڙيل هئي پر ائين چوڻ به عبث ۽ اجايو ٿيندو ته سڀئي وڳوڙ/فساد رڳو ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ هئا. انهن فسادن جي لاءِ هيئن به چئي سگهجي ٿو ته پاڻمرادو زورآوري جي اڀري اچڻ جو هڪ ڪارڻ جذباتي ۽ جنوني ماحول به سمجهڻ گهرجي.
هونئن ڇڙوڇڙ ماڻهن جي تشدد آميز روش کي هروڀرو اڇي چمڙي وارن جي خلاف ڪنهن مڪمل رٿابنديءَ جي حساب ڪتاب سان سمجهڻ نه گهرجي. ان جي برعڪس جيڪڏهن ڄاڻي واڻي سفيد فامن جي علائقن ۾ ڪنهن به محاذ آرائي شروع ڪرڻ منجهان نتيجو ڪارن جي ملڪيتن کي نقصان رسائڻ جي شڪل ۾ نمودار ٿيو. ان هوندي به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ارهه زورائيءَ کي وڌيڪ ڇوهو ڪرڻ ۾ جوش ۽ جنون جو اهم ڪردار رهيو هو.
ائين ظالماڻي طرز جي مايوسيءَ جو ڦهلاءُ مورڳو زورآوريءَ جي ڪارج کي بنيادي مواد فراهم ڪري ٿو ته، اهڙي فراهميءَ جي سلسلي کي ٻنجو ڏيڻ جي لاءِ اپاءَ وٺڻ سان متحرڪ عنصرن کي هٿ وسيڪو ڪري سگهجي ٿو. هونئن به مختلف طرز جا اره زورائيءَ جا جنوني لاڙا اخباري رپورٽن، تصويرن ۽ فلمن وسيلي به اڀرن ٿا. ان ڏس ۾ هن ملڪ توڙي ڪئناڊا ۾ کوجنا وسيلي ثابت ٿيو آهي ته اره زورائيءَ پنهنجي جوهر ۽ جمال ۾ پڻ جارحانه لاڙن کي وڌيڪ اجاڳر ڪري ٿي. جيتريقدر ميڊيا وسيلي ارهه زورائيءَ جي پکڙجڻ جو تعلق آهي ته اها هڪدم پڌري ڪانه ٿئي ٿي، پر اره زورائيءَ جاڪجهه ورجاءُ يا موٽ جا عمل اندروني طور تحرڪ ۾ رهندي جارحيت ۽ تشدد جي سوچ ۽ فڪر کي سگهه بخشيندا رهن ٿيا. پر اڳتي هلي اهڙيون سوچون عملي طور اره زورائيءَ جي شڪل نمودار ٿين ٿا. ان حالت ۾به ڪجهه اهڙيون اخباري رپورٽون به ملنديون آهن، جيڪي اره زورائيءَ جي ٻرندڙ باهه تي ٿڌا ڇنڊا وجهڻ جو ڪم ڪنديون آهن. اهڙو ماڻهو جيڪو لٽ ڦر، ڀڃ ڊاهه جي عمل کي منجهيل ۽ شڪي نظرن سان چڱيرڙو سمجهي ٿو ته ان سان هڪ بهتر سلوڪ پڻ کيس مونجهه ۽ شڪ منجهان ٻاهر آڻڻ جو وسيلو بڻجي ٿو. ان طرز جي پٺڀرائي ڪرڻ کي هروڀرو عزت ۽ معتبريءَ جو ليکو به سمجهڻ نه گهرجي. ڇو ته ان قسم جو سلوڪ يا ورتا وڌيڪ ڪارگر نتيجا ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿو. پر ساڳي وقت اره زورائيءَ جي وڌندڙ امڪان کي به رد ڪري نه ٿو سگهجي.
ان کان پوءِ اڇي چمڙيءَ وارن جي محلن ۾ڇوهائيءَ سان واقعا نمودار ٿيا: اهو هيئن ته جنون ۽ جوش کي سفيد فامن پاران سياه فامن جي خلاف اڀارڻ ۾، هڪ رپورٽ مطابق ته پوليس به وسئون ڪونه گهٽايو. يا وري ائين به ٿي سگهي ٿو ته زورآوريءَ کي شديد ڪرڻ ۾ ۾ هٿيار به هڪ اهم عنصر جي حيثيت رکي ٿو ۽ ساڳي وقت پوليس جو ورتاءُ! ڇو ته پوليس جي اهڙي ذومعنيٰ ڪردار جو ردعمل يا موٽ به سياه فامن پاران ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ اڀو ٿي بيهڻ ليکي سگهجي ٿو. اصل ۾ اهي طاقت جي ڌڌڪي ۽ ڏهڪاءُ سان استعمال ڪرڻ جو اهڙو ذريعو آهن، جيڪي قانون جي نالي ۾ سياه فامن جي مٿان اڻ ڄاتل اختيارن کي به ڪتب آڻڻ ۾ قباحت محسوس ڪونه ٿا ڪن.
ڊيٽرائٽ جي ميئر ڪيوانگ پنهنجي شاهديءَ ۾ پڻ پڌري پٽ اهڙي جارحاڻي طريقه ڪار يا ورتاءُ جي نشاندهي ڪئي آهي. ان صاحب پنهنجي بيان ۾ کوڙ سارين حقيقتن کي اجاڳر ڪندي چيو آهي ته: وڳوڙن جي وڌي وڃڻ جو هڪ اهم ڪارڻ اهو به آهي ته ڇڪتاڻ يا تڪراري جاين تي پوليس فورس جي پهچڻ ۾ سستي ۽ لاپرواهيءَ جي ڪري مکيه شهرن ۾ وڳوڙن ۾ ڪنهن حد تائين پاڻمرادو جهڪائي اچي وئي آهي. (پريس ڪانفرنس جولاءِ 30 1967ع) لاشڪ ته وري ٻئي پاسي مل ووڪي جي علائقي ۾ ننڍي پئماني تي ٿيل فسادن ۾ ڪيوانگ مطابق: ترت فوج ۽ قومي رضاڪارن کي اماڻڻ سان وڳوڙن تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي.
مطلب ته پوليس کي ترت اماڻڻ جي نتيجي ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي وايومنڊل کي ٿڌو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي ڇو ته گهٽين ۽ رستن تان ماڻهن جو نڪري وڃڻ به زورآوريءَجي جوش ۽ جذبي کي ماٺيڻو ڪري سگهيو. هونئن ماڻهن جا هشام جڏهن ٻين کي لٽ ڦر ۽ تشدد جي ڪاررواين ۾ مصروف ڏسندا آهن ته اهڙو وايومنڊل سندن جذبن کي ڀڙڪائڻ جو ڪارڻ ٿيندو آهي پر انهن گهربل نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ فرض ٿو بڻجي ته قانون لاڳو ڪندڙ آفيسر ڦڙتيءَ سان اپاءُ وٺڻ شروع ڪن. ڇو ته پوليس جو ذميوارانه نموني جاءِ واردات تي فرض نڀائڻ کان ڪن لاٽار ڪرڻ جا نتيجا پوليس جي عدم موجودگيءَ واري صورتحال کان به وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. ائين به ممڪن آهي ته اهڙن وڳوڙن ۾ ٻاهران آيل سياه فام به شامل ٿي وڃن ته پوءِ عام رواجي پوليس کي اهڙي انبوه کي منتشر ڪرڻ ۾ پڻ ڏکيائي محسوس ٿيندي.
اهڙيءَ حالت ۾ هاڃيڪار صورتحال پيدا ٿيڻ جي امڪان کي به پٺيءَ ڀر اڇلائي نه ٿو سگهجي ڇو ته پوليس جي اضافي اَنگَ کي استعمال ڪرڻ جي حالت ۾ اختيارن جي استعمال ۾ مونجهارو ۽ لاتعلقي پيدا ٿيڻ جي عمل کي رد ڪري نه ٿو سگهجي، پوءِ به هڪ حقيقي فائدو پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو هيءُ ته غيرواضح طرز جو، تَڪبندي وارو قانون به هروڀرو زورآوريءَ کي اڀارڻ ۾ يا وري مايوسيءَ کي پکيڙڻ ۾ ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جو ڪم نٿو ڪري ۽ مورڳو مڇريل ماڻهن کي ماٺيڻو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.
اسان جي شهرن ۾ پکڙجندڙ فسادن ۽ وڳوڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل ڪارج آهي. اسان کي انهن فسادن جا سبب سمجهڻ ۾ ٿوري ڏکيائي ٿي، جيڪا اسان جي ذهانت، سوچ ۽ مشاهدي لاءِ هڪ للڪار آهي. ان هوندي به مان مڪمل خاطريءَ سان محسوس ڪيان ٿو ته، اهڙي طرز جي فسادن جون پاڙون هروڀرو ڪنهن مبهم زورآوريءَ جي جبلت ۾ڪونه کُتل آهن. پوءِ به پاڻ مرادو زورآوريءَ کي ماٺيڻو ڪرڻ ۽ سک سلامتيءَ حاصل ڪرڻ سولو ڪارج ڪونهي. ان ڪري هڪ ئي رستو آهي ته ڏاهپ ۽ سچيتائيءَ سان ترتيب وار کوجنا وسيلي اڀياس ڪري ماضيءَ جي ڪارگذارين کي ذهن ۾ رکندي پيش قدمي ڪرڻ سان گهربل ۽ مثبت نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا.

اڻبڻت/ڇڪتاڻ/محاذ آرائي ۽ گروهي وابستگيءَ جو تاڃي پيٽو : جوئرج سمئل

[b]عداوت/دشمني جي ابتدائي جوڙجڪ:
[/b] ناستڪي/تشڪيڪي اخلاقيات جا پرچارڪ سدائين ماڻهن جي وچ ۾ عداوت/دشمني جو ذڪر ڪندا اچن ٿا. انهن جي نظر ۾ ماڻهو هڪ ٻئي لاءِ وحشي لاڙا رکن ٿا ۽ ”ان مد ۾ اسان جي دوستن جو اهو به نڀاڳ چئي سگهجي ٿو جيڪو انهن کان اسان کي هروڀرو بيزار به ڪو نه ڪري ٿو.“ پر مورڳو ان جي ابتڙ اخلاقيات جو فلسفو جنهن جو دارومدار اسان جي سڀاءُ ۾ سانڀيل بي لوث، مبهم ۽ تخيلاتي هجي ٿو ان جبلت جو به گهڻو تڻو لاڳاپو مايوسي ۽ نراسائي جي ساڳي وٿ کان گهڻو پرانهون ڪو نه ليکي سگهجي ٿو، پر ساڳي وقت اهو به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته تو ۾ وابستگي ۽ اتساهه جو جيڪو جذبو سانڀيل آهي سو اسان جي مشاهدي ۽ تجربي آڏو ڪا به حيثيت ڪا نه رکي ٿو. هونئن به تجرباتي توڙي منطقي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته انسان پاڻ ٻڌائڻ جو مڪمل مجسمو هجي ٿو ۽ جيڪڏهن ان جبلت ۾ ڪا به ڦيرڦار پيدا ٿئي ٿي ته اهو هڪ فطرتي سڀاءُ نه پر مابعدالطبياتي/آتم وديائي اڌمن جو اظهار چئي سگهجي ٿو. ان ڪري عداوت جو فطري سڀاءُ هڪ اهڙي صفت آهي جنهن جي ڀرپاسي ۾ رحم ۽ ٻاجهه جا عنصر به سامائجن ٿا. ان جو هڪ مثال هجي ٿو ته ماڻهو جڏهن ٻين جا ڏک ڏاکڙا ڏسي ردعمل ڪن ٿا ته اهڙي ڪيفيت جي اپٽار به مٿي ڄاڻايل ٻنهي جبلتن جي زمري ۾ اچي ٿي. انهيءَ لحاظ کان پيڙهين کان وير ۽ ڪروڌ جو رويو به انساني جبلت ۾ اڻبڻت جو به جُز هُجي ٿو. اهڙا لاڙا نه رڳو ناڪاري جبلت رکندڙ ۾ هجن ٿا، پر اصولي طور اهڙن ماڻهن ۾ به جيڪي پنهنجن دوستن ڪٽنبن جي جاتين ۽ عوامي زندگيءَ ۾ به نراسائي ۽ اناميدي جي گهيري ۾ رهندا اچن ٿا. اهڙي جبلت سياست جي ڪارزار ۾ ڪا به اڳڀرائي ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر اهڙا ماڻهو جيڪي ميڪاولي جي طرز فڪر سان سهمت رکندڙ هجن ٿا. انهن لاءِ به رابرٽ فرگوسن جي چواڻي ”انهيءَ طرز جي بيزاري يا مونجهه جو مقصد پاپائيت، تاج شاهي جي تمنا يا ڪنهن چونڊيل سرڪار ۾ اهو عهدو ماڻڻ يا دارالامراء يا دارالعوام ۾ اهم رتبو ماڻن يا جيڪي ڪجهه وقت آهر پلئه پوي.“ انهيءَ طرز جا جيڪي به عنصر هجن ٿا. انهن ۾ مخالفت براءِ مخالفت سانڀيل رهي ٿي، انهن لاءِ به لازمي ناهي ته پاڻ کي ”حقن“ جي تحفظ جو علمبردار سمجهن، يا هڪ درست وٿ جي بچاءَ لاءِ ٻانهون کنجي بيهن يا وري اقليتن جي حق جو نگهبان سمجهندا هُجن.
ايئن منهنجي سمجهه آهر تصوراتي/خيالي جوش جولان مخالف مد تي ايترو اثرانداز ڪو نه بڻجي ٿو، خاص ڪري ڪنهن ماٺار ۾ ڦاٿل ماحول ۾ ڦڏي فساد کي اُڀاري مٿي آڻڻ ۽ اختلاف راءِ نروار ڪري بيهارڻ جو ڪارج هجي. هونئن مخالفت ڪرڻ جي جبلت لاشعوري طور تحرڪ سان لاڳاپيل رهي ٿو، پوءِ ان ۾ هڪ ٻئي سان ويجهڙائي يا سرچاءَ جهڙا رويا به ڇو نه موجود هجن. اهو سمورو ڪارج هڪ ٻئي سان سلهاڙجي چڱو موچارو سگهارو ته بڻجي سگهي ٿو پر سموري وايو منڊل تي شايد اثر پذير ڪو نه ٿئي ٿو. هونئن اهڙي جهيڙاڪ جبلت کي گهڻي ڀاڱي پاڻ بچاءَ جو نالو ڏنو وڃي ٿو جيڪا حيوانن ۾ به موجود هجي پر اها سموري ڪارڪردگي پاڻمرادو بچاءَ بندي زورآوري يا اڳرائي کي به هٿي ڏئي سگهي ٿي، پر انهيءَ سموري وصف کي ابتدائي مهاڏو اٽڪائڻ جو بنيادي ڪرڻو به چئي سگهجي ٿو. ان جو مطلب ٿيو ته فرد کي جيڪڏهن احساس هجي ٿو ته سندس مٿان ڪا به ارهه زورائي/اڳرائي ڪا نه هجي ٿي پر هو ٻين جي ڀلائيءَ خاطر مهاڏو اٽڪائڻ ذميواري به شمار ڪري ٿو ته به پنهنجي جياپي لاءِ مخالفت سان منهن ڏيڻ کان سواءِ ڪو به چارو ڪو نه بچي ٿو. ان جو مطلب ٿيو ته فرد ۾ جيڪا سڀ کان سگهاري جبلت لڪل آهي ته هُو ٻئي جي حيثيت کان انڪار ڪري.
اها پڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه چئبي ته ڪنهن ۾ به بالادستي ماڻڻ لاءِ ويڙهاڪ جبلت نه هئڻ برابر هجي ٿي، خاص ڪري ماڻهو جي ذهن ۾ ويهجي وڃي ته سامهون مد مخالف تڇ جهڙو ۽ خسيس آهي. پوءِ اختلاف راءِ رکندڙ ڪيڏو به طاقتور ڇو نه هجي. هڪ انگريز تواريخدان جو چوڻ آهي ته آئرش ڌريون جن جي وچ ۾ ڳئون جي رنگ تي اختلاف دشمني کي چوٽ تي چاڙهي ڇڏيو ۽ اهو اختلاف ويڙهاند جي شڪل ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ سڄي صديءَ تائين هلندو رهيو. ڪجهه ڏهاڙا اڳ جي ڳالهه آهي ته هندستان ۾ ٻن ڌرين جي وچ ۾ خونريز دنگا فساد ٿيا جن بابت کين ڪا به بنيادي ڄاڻ ڪو نه هئي. پر اهي محض ”کاٻي ڌر“ ۽ ”ساڄي ڌر“ طور ڄاتا سڃاتا پئي ويا. هونئن اهڙا فرسوده ۽ مدي خارج اختلاف راءِ ٻاراڻي ويڙهاند کان وڌيڪ مُلهه ئي ڪو نه لهن. انت ته اختلاف به ختم ٿي ويندا آهن. هندستان ۾ ئي هندو ۽ مسلمان جو ڪپڙا پهرڻ جو طريقو هڪ ٻئي کان جداگانه ۽ مخالفانه ڏسڻ ۾ ايندو، کائڻ، پيئڻ ۾ به هڪ ٻئي کان جداگانه نظر ايندا، پر ان جي ابتڙ غريب مسلمان ۽ هندو کائڻ پيئڻ ۾ هڪ ئي ٿالهي ۾ آمهون سامهون ويٺل نظر ايندا آهن. انساني جبلت ۾ ارهه زورآوري ۾ ڪارڻ ۽ اثر ايترا ته گهڻ پاساوان ۽ اڻ ٺهڪندڙ هجن ٿا جو سولائيءَ سان سُڌ ئي نه هو پئجي سگهندي ته هڪ ٻئي تي تهمت بازي/الزام تراشي جا ڪجهه سبب به آهن يا مورڳو هڪ ٻئي جا لاهه ڪڍڻ جو پراڻو سلسلو هلندو اچي پيو. انهيءَ حالت ۾ ڪنهن به عقلمندانه راهه جي امڪان کي رد ڪرڻ مورڳو اهڙي غيريقيني ماحول کي هٿي ڏئي ڇڪتاڻ ڏانهن وٺي ويندو، جيئن يونانين ۽ رومين ۾ ويڙهاند، هڪ مادو ۽ هڪ مادو نه جي وچ ۾ اختلاف ۽ گلابن جي Guibetinesy and Gulefs ٿلهي راءِ بڻجي ٿي ته انسان ذات هڪ ٻئي سان جيڪا ويجهڙائي ۽ محبت هڪ ٻئي سان رکي ٿي، اهو پتڪڙو اثر کين نفرت جي آڙاهه ڏانهن به اماڻي سگهي ٿو.
ارهه زورآوري/عداوت جو اثر:
حاصل مطلب ته اهو به ادراڪ/مشاهدي جو اهڙو طريقيڪار هجي ٿو جيڪو ارهه زورائي جي ابتدا ۾ ضرورت جي نشاندهي ڪري ٿو. ائين اها پنهنجي جاءِ تي تعصب ۾ وجهندڙ ماجرا چئي سگهجي ٿي، جنهن جي پٺڀرائي زورآوري جو عنصر ڪري ٿو. هونئن ان طرز جي ڪيفيت هڪ عام رواجي ماڻهوءَ لاءِ سولو ڪارج هجي ٿو جيڪو ڪنهن ٻئي فرد جي ذهن ۾ ٽين فرد لاءِ شڪ ۽ شبهو پيدا ڪري ٿو ۽ جنهن جو هاڻي رويوبدليل محسوس ٿئي ٿو. ان ۾ ڪو به وهم گمان ڪونهي ته ان طرز جو اختلاف پوءِ اهو مثبت يا منفي نوعيت ۽ تعصب جي ابتدا جو هجي ته ابتدا ۾ ايڏو وڏو اثر نمايان ڪو نه ٿئي ٿو، پر وڏي پيماني تي ظاهر ٿيندڙ اثرن کي به عملي طور ايڏو سهڪار ڪو به (جيڪو پنهنجي بيهڪ ۾ بنيادي ڪارج سان ڊوهه ڪرڻ جي دائري ۾ اچي ٿو،) ملي پر ان جي برعڪس وڌيڪ ويچار ڏانهن راغب ڪري ٿو. اها ساڳئي بنيادي حقيقت هڪ ٻئي نقطئه نظر جي طرداري ڪري ٿي، ان جو دارومدار حالتن تي پڻ هجي ٿو جنهن ۾ ٿوري ٿڪي متعصبانه مورڳو آپيشاهي يا جذباتي ڪيفيت کي فرد اُڀاري مورڳو ان تعصب يا ڪٽرپڻ کي پنهنجي فائدي ۾ به ڪتب آڻي ٿو.
ائين هڪ عام رواجي ماڻهو تمام آساني يا غيرذميوارانه ڪيفيت ۾ مورڳو غير سودمند صلاح ثباب کي وڌيڪ ڪارگر (سماجي، جموديت) سمجهي ٿو جيڪو ڪنهن به حالت ۾ سڦلائتو ڪو نه هجي ٿو. انهيءَ مَد ۾ ڪجهه نفرت، ڌڪار، گروهه بندي، سازشن جو جائزو وٺبو ته سنئون سڌو ٽڪراءَ ۾ اچڻ جو واسطو ابتدائي دور ۾ انساني سگهه کي عداوت اُڀارڻ ۾ سندن ظاهري ڏيک ويک يا مول مقصد تي اثرانداز نه به ٿيندو هجي پر ان طرز جو لاڙو کين پنهنجي سوچ ۽ فڪر کان به پرانهون ڪري ڇڏي ٿو. ان ڪري گهڻو تڻو چيو ويندو آهي ته ماڻهو جو ڪنهن خاص مذهب سان واسطو نه هجي ٿو. جڏهن سندس ويساهه خدا ۾ هوندو آهي، پر هو خدا ۾ ويساهه به ان لاءِ ڪري ٿو ته کيس ڪنهن نه ڪنهن مذهب سان سٻنڌ هجي ٿو ۽ ان ڪيفيت جو واسطو سندس روح سان جڙيل هجي ٿو. اهڙي ريت گهڻي ڀاڱي پيار متعلق، خاص ڪري نئين ٽهي ۾ محض ردعمل ناهي جيڪو کيس اُڀاري ٿو (جيئن رنگ جو اسان جي نظر سان ڳوڙهو ڳانڍاپو آهي) پر ان جي برعڪس اسان پنهنجي شخصيت سان پيار ڪرڻ جي ڪيفيت کي وڌيڪ اهميت لائق سمجهون ٿا ۽ ان جي نتيجي ۾ مقصد جي وڌيڪ ويجهو ٿيون ٿا پر ان جو بنيادي ڪارڻ وَري به پيار هجي ٿو جيڪو اسان ۾ اتساهه پيدا ڪري ٿو.

[b]ارهه زوراوري کي محدود ڪرڻ:
[/b] اهڙي ڪا به صلاح ثباب في الحال موجود ڪانهي جو نشاندهي ڪجي ته ان سان مخالف جي جذبات کي (مناسب حد تائين) زيربار ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ ڏس ۾ جيتريقدر روح/جوهر جو سوال آهي ته ان بابت به چئي نٿو سگهجي ته ان ۾ ڄائي ڄر کان ڌڪار ۽ پيار جا جُز موجود آهن ۽ ان لاءِ ائين سمجهڻ گهرجي ته ان طرز جو مطلب ڪنهن به عنصر ۾ چڙيا نفرت کي پاڻمرادو اُڀارڻ جو به ڪارڻ بڻجي ٿو. ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته ڌڪار/نفرت جي تشريح/وضاحت پيار جي مقابلي ۾ چٽي ۽ نروار ڪا نه هجي ٿي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به چئي سگهجي ٿو ته ذهني لحاظ کان پيار جي ڪشش نوجوانن ۾ اٿاهه ۽ پاڻمرادو پيار ڪندڙ ۾ محبوبه جي نسبت وڌيڪ هجي ٿي، ان جي مقابلي ۾ نفرت/ڌڪار جا جذبا اسان کي ايڏو محتاط ڪو نه ڪن ٿا جو اهو ڪنهن به شخص جي ڪردار ۾ تابع هجي ٿو.
فرض ڪيو وڃي ته عام رواجي طور ارهه زوراوري ڪنهن حد تائين همدردي حاصل ڪرڻ جو وسيلو به بڻجي ٿي، اهو لاڙو منهنجي نظر ۾ تواريخي پسمنظر جي حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته ان جي واڌ ويجهه/اوسر جو بنيادي جوهر انهن اندروني انفرادي تحريڪن سان لاڳاپيل هجي ٿو، جيڪي پنهنجي بيهڪ ۾ انهن سڀني آزادانه طور طريقن جو عام جو ڦوڳ هجن ٿيون جيڪو عام طور ڏسڻ پسڻ ۾ اچي ٿو. هونئن به مفادن جا جيڪي به قسم آهن اهي ڪنهن نه ڪنهن ريت هڪ خاص اسر/مفاد تي ڇڪتاڻ جو ڪارڻ بڻجن ٿا يا وري ماڻهن جي هڪ ٻئي خلاف محاذ به ذهن ۾ سانڀيل ڦوڳ/ڪدورت به چئي سگهجي، ۽ اهڙي حالت ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جنهن جو بڻ بڻياد دشمني هجي ٿو جيڪو ورثي طور نسل درنسل يادداشت جو چٺو پڻ ليکي سگهجي ٿو. اها به هڪ سج وانگر چٽي حقيقت آهي (ان جا دليل گهڻو ڪري ٻڌائي آيا آهيون) ته آڳاٽي دور جي مختلف قبيلن/گروهن جا هڪ ٻئي سان لڳ لاڳاپا پڻ هڪ قسم جي ارهه زوراوري جو ڪارڻ هوندا هئا. انهيءَ ڏس سڀ کان سگهارو مثال آمريڪي انڊين/ڳاڙهن هندستانين جو ڏئي سگهجي ٿو جنهن ۾ هر قبيلو پاڻ کي سدائين ٻئي قبيلي خلاف جنگاڻ جي ماحول ۾ رُڌل سمجهندو هو ۽ انهن جي وچ ۾ صلح سانت لاءِ اڳڀرائي نه هئڻ برابر هوندي هئي. بهرحال ان ڳالهه کي به نه وسارڻ گهرجي ته آڳاٽي زماني ۾ ڪلچر جي واڌ ويجهه لاءِ جنگاڻ ئي هڪ اهڙو سلسلو هوندو هو جنهن سان هڪ ٻئي لاءِ ڌاريا گروهه ويجهو ايندا هئا. جيتريقدر اندروني سرحدي حدبندين جي اندر وڻج ۽ واپار ڪرڻ جو واسطو آهي ته اها هڪ ٻئي لاءِ اوپري/اجنبي هوندي هئي، انفرادي سفر جو ڪو به حيلو بهانو ڪو نه هو ۽ ڏاهن دانشورن جا گروهه به گهڻو ڪري مقرر ڪيل حدبندين کي اورانگهي ڪو نه سگهندا هئا، ۽ جنگ هڪ ٻئي سان ويجهڙائي جو ذريعو هوندي هئي. اهڙي صورتحال ۾ گروهه جي ميمبرن جا هڪ ٻئي سان به واسطا ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اڻبڻت/تضاد ڀريل هوندا هئا. اڃان به تمام ويجهڙائي ۾ هڪ ٻئي سان ڇڪتاڻ/اڻبڻت ۾ رهڻ ۽ ارهه زوراوري اختيار ڪرڻ جو مقد تعلقاتن کي ختم ڪرڻ برابر، هڪ ٻئي سان ويجهڙائپ ختم ڪرڻ، يا هڪ ٻئي جو ويجهو اچڻ کان پرهيز ڪرڻ ۽ اهڙن منفي لاڙن جي پڄاڻي دوبدو جنگاڻ تي وڃي ٿيندي هي. ائين مجموعي اهي گروهه منفي لاڙن کي ڪنڊ پاسي کان به جيئرو جاڳندو رکڻ لاءِ جُهد ڪندا هئا، جيستائين اسان لاءِ ڪا اڳڀرائي ٿئي جيستائين ٻي طرفي جنگاڻ ۾ حيثيت/پد جي مڃتا ڪا نه ٿيندي هئي. اهوئي بنيادي ڪارڻ چئي سگهجي ٿو جنهن وسيلي عملي طور اڳڀرائي جنهن جو مقصد گروهن جي وچ ۾ امن امان، هڪٻئي سان ويجهو ٿيڻ جو بڻ بڻياد مفاد هئڻ سان به نظر اچي ٿو ته ان لاءِ ٻاهرين/ڌارين سان جنگاڻ جي وايو منڊل ۾ رهڻ.
ائين چوڻ ۾ به ڪو حرج ڪونهي ته ڪو به ماڻهو نفسياتي نقطئه نگاهه کان دشمني جي ڪارج کي اڳڀرو ڪرڻ لاءِ ڪيترو پاڻ کي بااختيار سمجهي ٿو ۽ اهڙو بااختيار هئڻ جي سگهه ڪيتري حد تائين ارهه زوراوري کي هٿي ڏئي ٿي. ان مد ۾ سڀ کان پهريائين ته ڪيڏي به پاڻمرادو زور ۽ جبر کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته به اهو سڀني شين/مقصدن تي اثرانداز ڪو نه ٿيندو پر انهن تي جيڪي سندس مفادن جي ويجهو هوندا آهن. جيتريقدر بک جو تعلق آهي سا ظاهري طور ته گهرج جي محتاج ڏسڻ ۾ اچي پئي حقيقت ۾ ان جو واسطو هڪ مقصد ۽ مفهوم سان واڳيل آهي، ڇو ته ان جو لاڳاپو محض ڪجهه پٿرن ۽ ڪاٺ جي ذرن سان نه پر کائڻ جي ڪارج سان سلهاڙيل هجي ٿو. ساڳئي ريت پيار ۽ نفرت بيروني جذبن جواظهار چيو وڃي ٿو پر ان جو ڳانڍاپو اندروني آنڌ مانڌ سان واڳيل آهي، پر انهيءَ مقصد ۽ مراد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن مضبوط اپيل/عرضداشت جو هئڻ لازمي آهي جيڪا سندس نانءُ ۽ ناموس کي اڀارڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي.
هوڏانهن مون کي ٻئي پاسي ائين ممڪن ٿيندو نظر اچي ٿو ته ارهه زورائي پنهنجي سٽاءَ ۽ اثر جي لحاظ کان جيتوڻيڪ عام رواجي محسوس ٿئي ٿي ڇو ته اها محض ڏيک ويک ۾ ڄڻ ته سگهه/هشي ڏيڻ جو ڪم ڪري ٿي (جيئن پياني کي وڄائڻ پيرڪنجي هجي ٿي) ۽ اختلافن جي ڀڙڪندڙ باهه تي گاسليٽ هارڻ جو ڪم ڏئي ٿي ۽ ڪنهن هنڌ اختلافن جي چوٽ چڙهڻ جو ڪارڻ لوڀ ۽ لالچ جي بنيادن تي ويڙهاند ڪرڻ ته اهڙِي ڪيفيت مورڳو ذاتي ۽ شخصي دائري ۾ اچي وڃي ٿي ۽ ان سان ڪو به مجموعي لاڀ حاصل ٿيڻ ناممڪن پر مورڳو دشمن ڏانهن مخالفاڻي روش ۾ به ڌڪار ۽ نفرت ڪنهن حد تائين ذاتي ۽ انفرادي بڻجي ٿي ۽ جيڪڏهن اڳتي هلي ڪنهن به فتح مندي ۽ سوڀ جا آثار نظر اچن ٿا ته ان جو بڻ بڻياد به اختلافن جو وڌي وڻ ٿيڻ هجي ٿو، ڇو ته ان طرز جا جوش ۽ جولان پڻ نفسياتي سوچ کي سگهه بخشين ٿا. اها به هڪ خودغرضي چئبي جڏهن مخالف جنهن سان نفرت ڪيون ٿا ان سان (ڪنهن به سبب) ٻيو ڪو مهاڏو اٽڪائي رهيو آهي، ساڳي ريت اها به خودغرضي هجي ٿي. جڏهن ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ سان محبت جا پيچ اٽڪائڻ جي ڪوشش جيڪو اڳ ۾ ئي ڪنهن ٻئي سان پيار ڪري ٿو. اهڙي سچائي جي نشاندهي هڪ مشهور برلن راڳ ۾ پڻ ڪيل آهي: ان ماڻهوءَ لاءِ ڇا ٿو چئي سگهجي جيڪو پيار جي ڪٿا مان ٻه ڀيرا لانگهائو ٿيل هجي، ساڳي ريت ان لاءِ به چوڻ محال آهي جيڪو نفرت جي آڙاهه مان ٻاهر نڪري اچي ٿو. ائين ماڻهن جي وچ ۾ باهمي/گڏيل ورتاءُ کي به سمجهڻ لاءِ لازمي هجي ٿو ته اندروني احساس آهن جيڪي هڪ موافق صورتحال کي اُڀارين ٿا، پوءِ اهي احساس اشتعال يا مورڳو صورتحال کي زير زبر ڪرڻ، يا برداشت ڪرڻ يا وري مورڳو خاتمو ڪرڻ تائين هجن. ان ڏس ۾ نفسياتي ڳانڍاپن جو مقصد چئجي ته اهي احساس/جذبا اهڙي سگهه کي اُڀارين ٿا جنهن جي معرفت اندروني اٿل پٿل کي ماٺيڻو ڪري ڇڏين ٿا. ان ڪري ڳنڀيرتا ڀريل ٽڪراءَ گهڻو تڻو نفسياتي مونجهارن ۽ جولان کي ڪو نه اُڀارين ٿا، جيتوڻيڪ مونجهاري جو عمل آهستي آهستي اپڙاسو ڪندو هجي. اها پنهنجي جاءِ تي سماجي نقطئه نگاهه کان ڌيان لائق عمل هجي ٿي، يعني اختلاف محض اختلاف مورڳو مقصد ۽ مفادن کي به ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏي ٿو ۽ ڪجهه حد تائين جوش ۽ جولان کي به هٿي ڏئي ٿو، جنهن جو بنياد ويڙهاند تي بڻجي ٿو ۽ اهو سمورو ڪارج عملي طور اختلاف جي وچ ۾ ڳانڍاپي جو ڪم يا وري ٻي حالت ۾ باهمي عمل جو نتيجو بڻجي ٿو.

[b]عداوت تي مبني رانديون:
[/b] منهنجي آڏو سچ پچ ته هڪ ئي واقعو ياد رکڻ لائق هجي ٿو جنهن ۾ ويڙهاند ۽ سوڀ جا ٻئي عنصر نه رڳو پُرڪشش/من ۾ مانڌاڻ مچائيندڙ پر ڄڻ ته عداوت جي بنياد تي راند جو نماءَ هڪ خاص نقطئه نگاهه کان محسوس ٿئي ٿو ۽ اهڙي ورتاءَ کي مجموعي طور هُشي/ترغيب ڏيڻ به چئي سگهجي ٿو، اڃا به مختصر طور تي اهڙي راند جنهن ۾ ڪنهن به انعام اڪرام جي اميد ۽ آسرو نه هئڻ برابر ڏسڻ ۾ اچي. ان ۾ هڪ ئي سماجي ڇڪتاڻ هجي ٿي ته ڪيئن مخالف مٿان دٻدٻو ۽ وحشت قائم رکي سگهجي ۽ ان جي مٿان راند جي وسيلي پنهنجي ذهني بالادستي کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ سڄي ڪارگذاري ۾ انفرادي خوشي ۽ راحت حاصل ڪرڻ لاءِ حدون اورانگهي وڃڻ ۾ ڪا به قباحت محسوس نه ٿئي ۽ ان فتح يا سوڀ کي محض قسمت جي ڀلائي ۽ انساني وس ۽ وت کان ٻاهر جو طريقيڪار ڄاڻايو وڃي ۽ ٿلهي ليکي ڄڻ ته سگهه ۽ سماج جي وچ ۾ سٻنڌ کي به ڪنهن هستيءَ جي تابع ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. بهرحال عداوتي راند پنهنجي سماجي تحرڪ ۾ سواءِ ويڙهاند جي ٻيو ڪو به جُز يا عنصر ڪو نه رکي ٿي. مثال طور سون جي هڪ سير جو ڌڻي سگهجي ٿو جنهن تي ڌرين جي ويڙهاند ۽ دشمني جو بنيادي ڪارڻ ان قيمتي ڌاتوءَ جو قدر ۽ قيمت پڻ ليکي سگهجي ٿو.
پر ان هوندي به هڪ اهم وٿ کي رد ڪري نه ٿو سگهجي ته سماجي سٽاءَ بندي ۾ ٻه طرفو ڪارج هجي ٿو جنهن کي اسان پختگي سان ايڪتا/ٻڌي/اتحاد چئون ٿا. جيئن ڪو به ماڻهو ويڙهاند ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ايڪتا جي نسبت سان ذهني طور تيار ڪري ٿو پر ان لاءِ بس ڪجهه اصولن ۽ قدرن جي پاس خاطر ڪرڻ لازمي هجي ٿي. انهن اصولن کي تياڳ ڏيڻ سان ڪڏهن به پنهنجي مقصد ۽ مطلب ۾ سڦلتا حاصل ڪو نه ٿيندي. ڇو ته انهن وسيلي ئي نتيجو حاصل ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن طور طريقن سان ئي گهڻ پاسائن تڪراري ۽ مخالفانه سوچ ۽ فڪر کي جهيڻو ڪرڻ کان سواءِ مقصد حاصل ڪرڻ محال ۽ اڻ ٿيڻي ڪَٿا آهي. پوءِ ان کان اڳڀرو ڇا هجي ٿو ته جڏهن عداوتي/مخالفانه ڇڪتاڻ جي باوجود به ٻئي ڌريون جيڪڏهن ڪنهن طئه ٿيل اصولن کان ڪن لاٽار ڪن ٿيون ته پوءِ هڪ ٻئي سان سهڪار پڻ نه هئڻ برابر رهي ٿو.

[b]قانوني تڪرار/اڻبڻت:
[/b]هونئن تڪراري ۽ اقراري اصول جيڪي هڪ ئي جاءِ تي ڪاربند ڏسڻ ۾ اچن ٿا، سي ظاهري طور تي هڪ مونجهه ۽ تجسس جو ڪارڻ به بڻجن ٿا. ان جو مطلب ٿيو ته هو هڪ وٿ/اصول سماجي سٽاءَ ۾ پنهنجو اثر رسوخ به ڪنهن ٻي جي معرفت ئي پڌرو ڪري ٿو. ڇو ته ساڳئي طرز سان جيڪڏهن عداوت ۽ مخالفت کي پٺڀرائي ڪري سگهجي ٿي ته ان جي وسيلي قانوني نقطئه نگاهه کان به تڪرار کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي، حالانڪ ڏٺو وڃي ته ان سموري تحرڪ ۽ اڳڀرائي ۾ لازمي نه هجي ٿو. ان لاءِ ته ٻنهي ساڳيا اصول ۽ قاعدا نج ۽ خالص نموني ڪتب آندا وڃن ٿا. ڇو ته قانوني لحاظ کان تڪرار کي اڳتي وڌائڻ سان هڪ مقصد ۽ مطلب به شامل هجي ٿو ۽ ان جي وسيلي جدوجهد ڪرڻ ۾ هڪ پاڻمرادو عمل به حصول جي ويجهو اچي بيهاري ٿو. ان طريقيڪار ۾ هروڀرو ويڙهاند براءِ ويڙهاند جوعنصر اثرانداز ڪو نه ٿئي ٿو. ايئن گهڻي ڀاڱي ٻيا طور طريقا جن ۾ حرس ۽ هٻڇ سان گڏوگڏ قانوني ويڙهاند مورڳو جداگانه حيثيت رکن ٿا، جهڙوڪ انصاف جي حصول لاءِ پڪو پختو ويساهه ۽ ڪنهن به ٻي مداخلت کي عبث ۽ اجايوسمجهڻ جنهن وسيلي ضد ۽ هَٺ جي بالادستي جو هئڻ. ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته جيڪي به ڌريون پنهنجي ذاتي انا ۽ تڪبر کي جيئرو جاڳندو رکڻ لاءِ تڪرار کي هٿي ڏين ٿيون ته ان جي پڄاڻي رتوڇاڻ تائين انت ڪري ٿي ۽ اها نوبت ايستائين دنگ ڪري ٿي. بچاءَ ڪندڙ ڌريون ڄڻ ته پاڻ کي بچائڻ ۾ حيران ۽ پريشان رهن ٿيون. انهي طرز جو پاڻ بچائڻ جو لاڙو فرد جو فطري حق هجي ٿو ته جيئن تباهي ۽ بربادي کان بچاءَ ڪري سگهي. اهڙي هڻ هڻان طاقت جو استعمال پڻ سندس جياپي لاءِ لازمي عنصر بڻجي پوي ٿو. انهيءَ سموري ڪارڪردگي کي فرد جو پاڻ بچاءَ جو ڪارج هجي ٿو، جنهن کي سماجي اپٽار وسيلي قانوني چاره جوئي سان ڪو به لاڳاپو نه هئڻ برابر هجي ٿو.
هونئن عام رواجي تڪرار يا قانوني ويڙهاند کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هئڻ برابر ڄاتو وڃي ٿو. ڇو ته ٻنهي پاسن کان هر هڪ ڌر پنهنجي دعويٰ کي سچ ثابت ڪرڻ ويهن ننهن جو زور ڏئي ٿي. سندس تڪرار ۾ ڪا به ٻاهرين هٿچراند جو واسطو ڪونهي ۽ ان ۾ ڪو به ذاتي ساڙ ۽ بغض شامل ڪو نه آهي. هونئن به قانوني چاره جوئي ۾ ڪنهن به ٻاهرين عنصر جو عمل دخل نه هئڻ برابر هجي ڇو ته ايئن ئي مقصد ۽ مطلب حاصل ڪري سگهجي ٿو. ان کانسواءِ جيڪڏهن تمام وسيع بنيادن تي هڻ هڻان جو سرسري طور به جائزو ورتو وڃي ته ان ۾ به معروضي حالتن جي مطابق ڪنهن ٻي ڌر جي ڄنگهه اڙائڻ جو عمل به رد ڪري نه ٿو سگهجي. ان ڪري لازمي بڻجي ٿو ته اهڙي طور طريقي کي وڌيڪ سگهارو بنائجي ته جنهن ۾ مڪمل طور قانون جي بالادستي ڏسڻ ۾ اچي.
ايئن جيڪڏهن تڪراري عنصرن کي ميسارڻ جو ذڪر ڪجي ته به اهو محض ظاهري طور جو ڏيکاءُ هجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي اسان جي سامهون قانون جو ڍانچو/بوتو بيٺل آهي ته ان جو مطلب ائين نه سمجهڻ گهرجي ته سڀ ڪجهه وهنوار تابع ۽ زيردست هئڻ گهرجي ۽ ان جو نتيجو محض منجهيل ۽ مبهم حاصل ٿيندو. اهڙي ريت جيڪڏهن تڪرار ۽ اختلاف جو هٿيار اهڙن ماڻهن جي هٿ ۾ اچي وڃي ٿو جن جو ان مامري سان پرانهون به واسطو وڙو نه هئڻ برابر هجي ٿو. ان ڪري ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته قانوني نموني ڪنهن به تڪرار کي نبيرڻ ۽ نڇيرڻ جو ڪم اهڙن قانوني ماهرن ۽ آزمودگارن جي ذميواري هجي ٿي جيڪي ذاتي اختلاف کان ڌار ڪڻ ۽ ڇنڊ ڦوڪ ڪري بيهارڻ جو ڏانءُ رکندڙ آهن، پر ان جي ابتڙ جيڪڏهن ڪو اوتو اعظم جو سڀاءُ رکندڙ مورڳو نه قانوني تڪرار کي به ڏاڍ ۽ جبر وسيلي حل هجي ٿو ته پوءِ هارائڻ ۽ کٽڻ جو طريقيڪار به سموري ڪارج جو مطلب ٿيو ته ڪنهن به اختلاف جي ترت حاصلات لاءِ ڏاڍ جو ڏنڊو کڻي بيهڻ جي برئي ڇوٽڪارو هجي ٿو.
اهڙي ڦٽڪار جهڙي اجائي سجائي ڳالهه مان ڳالهوڙوبڻائڻ جو وايو منڊل قانون جي آڏو رنڊڪ بڻجي مورڳو ويڙهاند کي هٿي ڏئي ٿو. اهڙي بي رحمانه ڪيفيت گهڻي ڀاڱي اصولن ۽ آدرشن کي ننگهو ساري ڪري مورڳو رحمدلي ۽ سنگدلي جي وچ ۾ ويڇو ئي ختم ڪري ڇڏي ٿي پر ان جو نج منطقي يا معروضي حالتن سان جائزو وٺڻ ڪنهن نه ڪنهن نسبت سان ڌرين جي وچ ۾ ويڇا بندي کي سوڙهو ڪري ٿي ۽ ان قسم جي اڳڀرائي اهڙي حالت ۾ لازمي ۽ اڻ ٽر بڻجي پوي ٿي. قانوني تڪرار وسيلي مخالف ڌرين لاءِ هڪ اتحاد ۽ ايڪتا جو وسيع تر بنياد فراهم ڪري ٿو. ان جو اهم ڪارڻ ته ٻئي ڌريون قانون جي تابع هجن ٿيون ۽ اهي ڌريون مڪمل فيصلي سان اتفاق راءِ رکن ٿيون، اهي سمجهن ٿيون ته ان جي ڀڃڪڙي يا لتاڙ ڪرڻ هاڃيڪار بڻجي سگهي ٿي ۽ اهي سمجهن ٿيون ته فيصلي/فتويٰ تي پيروي ڪرائڻ لاءِ سماجي ۽ بااختيار ادارو به هجي ٿو جيڪو کين پابند ڪري ٿو. ائين اهي سڀئي ڌريون جيڪي ڪنهن به قانوني ٺاهه تي پاڻمرادو رضامندي جو اظهار ڪن ٿيون يا وري وڻج واپار بابت به هاڪاري رويا رکن ٿيون حالانڪه اهي سڀئي ڌريون ابتدائي طور پنهنجي مفادن جي زير بار رهندي مورڳو هڪ ٻئي جي مخالفت تي سندرو ساهي بيٺل نظر اچن ٿيون. هتي اهو به هيئن سان هنڊائڻ لازمي هجي ٿو ته ڌرين جي هڪ ٻئي سان تڪراري ۽ اختلافي ورتاءَ جو اهم ڪارڻ هروڀرو ڳالهه کي ڊيگهارو ڪرڻ سان پڻ لاڳاپيل هجي ٿو. ان جي برعڪس قانوني چارو جوئي هڪ اهڙو ڪارائتو دڳ آهي جيڪو سماجي لڳ لاڳاپن ۽ ٻچاپڙائپ کي ختم ڪري ٿو ۽ ويجهڙائپ ان ڪري چوٽ چڙهي ويل اختلافن کي به لاهي هيٺ آڻي ڪو نه ڪو وچٿرو رستو وٺي ايڪتا ۽ بهتر صورتحال ڏانهن وک وڌائي سگهي ٿي.

[b]تڪرار جا ڪارڻ
[/b] اهڙيون علامتون ان وقت ڪَرَ مٿي ڪنديون آهن جڏهن ٻنهي ڌرين جا مقصد ۽ مول تڪراري بڻجن ٿا. اهڙي صورتحال اختلاف راءِ جو وڌي وڻ ٿيڻ سان ڪنهن به فرد جو قد ڪاٺ به ڪا حيثيت ڪو نه رکي ٿو. ان لاءِ ٻه رستا ئي نظر اچن ٿا. هڪ ته تڪراري ڪيفيت ۾ پنهنجي مول ۽ مقصد کي مٿانهون ۽ اعليٰ سمجهندي ٻين جي حقن کي تلف ۽ تاراج ڪرڻ ۽ امن امان کي به داءَ تي چاڙهي ڇڏڻ. ان جي ابتڙ انصاف روءِ پنهنجي مَن ۾ تور تڪ ڪري وک وڌائڻ پوءِ ڇو نه اهڙي روش ٻنهي ڌرين جي مفادن کي ڇيهو رسڻ جا امڪان وڌي وڃن يا وري ٻنهي لاءِ گڏيل سهڪار جو اتفاق راءِ پيدا ٿئي. هونئن ان پوئين طرز جي طريقيڪار لاءِ ليبٽز Leibiaitz جي چوڻي به وقتائتي لڳي ٿي ته هو مئل دشمن سان به ڪلهو ڏئي هلڻ لاءِ تيار هجي ٿو مبادا ان سان به ڪا هڙ حاصل ٿئي. اهڙي ورتاءَ/سلوڪ سان جارحيت ۾ جهڪائي اچي سگهي ٿي، پر ساڳي وقت ڏاڍ مڙسي ۾ واڌارو اچڻ کي به رد ڪري نه ٿو سگهجي. ڏاڍائي پنهنجي جوش ۽ جولان وسيلي ايڪتا ۽ هڪ ٻئي سان ويجهڙائي جي روش سان گڏوگڏ هلڻ سان مول ۽ مقصڊ بابت وڌيڪ چٽائي کي نروار ڪرڻ نياءَ پرستي ڏانهن رجوع ڪري ٿي پر ان طرز جي سچيتائي اسان کي ذاتي دشمني ۽ بغض کان پاسو ڪرڻ جي به تلقين ڪري ٿي، پر ساڳي وقت اها مثبت سچيتائي مورڳو ويڇابندي ۾ واڌارو ڪري ڇڪتاڻ ۽ ڌڪار کي زور وٺرائي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ ڏٺو وڃي ته ارهه زوراوري يا ڏاڍ مڙسي درست دڳ ڏانهن وڃڻ جي آڏو رنڊڪ بڻجي بيهي ٿي ۽ ڪنهن حد تائين فرد جي شخصي اڳڀرائي ڪرڻ جي سوچ جي مٿان هڪ اڻ وڻندڙ تهه چاڙهي ڇڏي ٿي ۽ پوءِ مورڳو اسان جي مَن اُڇل ۽ ويچار ڌارا جو خاتمو اچڻ جا آثار نمودار ٿين ٿا ۽ ان جي جاءِ بغض، ڪينو ۽ ساڙ اچي والار ڪن ٿا جيڪي چڱائي کي بيسود بڻائي ڇڏين ٿا.
اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اختلاف راءِ مخالفت جي اصولن کي وڌيڪ ڀڙڪائي ٿي ته پوءِ مفادن کي به ڪنهن هنڌ ٽڪاءِ اچڻ محال بڻجي پوي ٿو. ان حالت ۾ ٻه ئي رستا سامهون اچي بيهن ٿا. هڪ پاسي ته بيسود زهر سال ڀريل عداوت ۽ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ جيڪا اسان شخصي لالچ ۽ لوڀ جي نتيجي ۾ ڀوڳي رهيا آهيون. ٻئي پاسي مختلف ڌريون جيڪي شخصي مفاد لاءِ ويڙهاند ڪو نه ڪري رهيون آهن پر هڪ مول ۽ مقصد تي ثابت قدميءَ سان بيٺل انهن جي ڇڪتاڻ ڪنهن مثبت ردوبدل ڏانهن پيش قدميءَ ۾ رُڌل آهن، جنهن ۾ ڪنهن رک رکاءَ جي گنجائش نه هئڻ برابر هجي ٿي ۽ لاشڪ ته انهن جي نظرياتي قياس آرائي ماڻهن جي سوچ ۽ ويچار تي اثرانداز ٿئي ٿي. ڇو ته انهن ۾ پنهنجا ذاتي مفاد ۽ لالچ جو عنصر گم ۽ غائب ٿيڻ ۽ ٻين سان به ڪا به ذاتي رقابت نه هجي ٿي ۽ انهن جي ذهن ۾ هڪ ڳالهه وهجي وڃي ٿي ته اهي جنهن مقصد لاءِ ويڙهاند ڪري رهيا آهن، ان نظرئي لاءِ ٻين کي پاڻ سان سلهاڙڻ جائز ۽ حقيقي آهي. اهڙي طرز جي اڻبڻت/ڇڪتاڻ ۾ جيتري به سگهه ۽ ساڃاهه سان ويڙهاند ڪئي وڃي ٿي. ان ۾ ڪنهن فرد کي ان جو ڦَل حاصل ڪو نه ٿئي ٿو پر مول ۽ مقصد جي مڙسي چئي سگهجي ٿي. ها ڪڏهن ڪڏهن ائين به هجي ٿو ته فرد هڪ بهتر مقصد سان پاڻ کي سلهاڙي ڇڏيندو آهي پر ڪيستائين پنهنجي شخصي مفاد کي لغام ڏئي سگهندو. ڇو ته ان ڪري مول ۽ مقصد اسان کي سڀ کان وڌيڪ نرالو ۽ منفرد نظر اچي ٿو پر اهو به سمجهڻ گهرجي ته هڪ ڀيرو اهو مقصد جي حاصلات بابت ذهني چٽائي ۽ اختلافن متعلق تز ڄاڻ ملي ٿي ته پوءِ فرد کي هڪ اهم نقطو سمجهه ۾ اچي ٿو ته هُو محض پنهنجي مفادن لاءِ ويڙهاند ۾ رُڌل نه آهي پر ڪنهن اعليٰ مقصد ۽ آدرش لاءِ جدوجهد ۾ شامل آهي.
ان روئداد جو اڻ وسرندڙ مثال آهي ته 1894ع ۾ برلن جي شراب بٺي/ڪارخاني جي مالڪن ۽ پورهيتن ۾ تڪرار چوٽ چڙهي ويو. ان ۾ تشدد کي به ٻنهي ڌرين پاران آزمائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان ۾ ڪنهن به شخصي ۽ ذاتي ڌڪار کان پاسو ڪيو ويو. انهيءَ ڇڪتاڻ هلندي ٻنهي ڌرين پنهنجي جدوجهد کي اخبارن ۽ رسالن وسيلي به عوام آڏو آندو. انهن جي راين کي هڪ ئي اخبار يا رسالي ۾ جاءِ ڏني وئي ته جيئن عام ماڻهو هڪ ئي وقت سندن مقصد ۽ جدوجهد بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. اهڙي ريت پنهنجي جدوجهد ۾ ڪنهن به گارگند کان پاسو ڪندي حقيقتن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان جي نتيجي ۾ ٿوري وقت اندر تڪرار ۾ ٻڌاڻ جا آثار نمودار ٿيڻ لڳا ۽ ان جي جاءِ تي ٿڌائي ۽ ٿهرم سان ٻئي ڌريون مسئلن ۽ مونجهارن کي سمجهي نبيرڻ ۽ نڇيرڻ لاءِ تيار ٿي ويون. ايئن ڏٺو وڃي جنهن ضد، هوڏ ۽ هيبت جو ماحول پيدا ٿيو هو ان ۾ جهڪائي اچي وئي.
ان ۾ ڏٺو وڃي ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ هڪ نقطو ئي هو ته تڪرار ۽ ڇڪتاڻ جنهن کي مانائتي نموني بحث مباحثي سان اُڪلائڻ جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. اهو ان ڪري به درست نظر اچي ٿو ته جنهن مقصد لاءِ ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي هئي سو عام رواجي ڪو نه هو پر ان سان ٻنهي ڌرين ۾ هروڀرو شد ۽ هوڏ جي ڪيفيت به ڪو نه موجود هئي، پر انهن ۾ پنهنجي ڳالهه تي پير پختا ڪري بيهڻ جي باوجود مسئلن کي هڪٻئي سان ويهي نبيرڻ ۽ نڇيرڻ جو اتساهه ۽ اڻ تڻ هئي. اهو ساڳيو سڀاءُ ارڙهين صدي جي انگلستان ۾ ٻن سياسي پارٽين ۾ پڻ هو. انهن پارٽين جي وچ ۾ پنهنجي مول ۽ مقصد سان وابستگي ۾ ڪو به شڪ شبهو ڪو نه هو، پر انهن ۾ هڪ ئي خواهش موجود هئي ته پنهنجي معتبري ۽ ٺٺ ٺانگر ڪيئن برقرار رکجي. انهن ٻنهي پارٽين اڻسڌي طرح اتفاق راءِ موجود هو ته هڪ ٻئي خلاف سياسي جدوجهد ڪرڻ جي باوجود عقل ۽ فهم جي ليڪا لتاڙ کان پرهيز ڪرڻ يعني ته هڪ ماٺيڻي نموني جو سهڪار پڻ ڏسڻ ۾ آيو پئي. جيتوڻيڪ تواريخ دان ان دور کي هڪ بدعنوان ۽ رشوت خوري جو عروج ڄاڻائين ٿا پوءِ به ويڙهاند ۾ ليڪو لتاڙڻ کان لنوائڻ جو عمل موجود هو. ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ ڪا به پارٽي پنهنجن اصولن ۽ آدرشن سان وابستگي کي تينوال ڪرڻ لاءِ تيار ڪا نه هئي. جيتوڻيڪ انهن ۾ ڄنڊا پٽ جو عمل جيئن جو تيئن موجود هو. ائين پڻ چئي سگهجي ٿو ته بدعنواني ۽ رشوت خوريءَ کي به ذاتي پلاند طور وٺڻ کان پاسو ڪيو ويندو هو. ان لاءِ ڪوشش ڪري تڪرار ۽ اختلاف کي مقصد تائين محدود ڪيو ويندو هو. ان جي برعڪس ته اهڙو وايو منڊل به سماج جي پيشاني تي ڪارو داغ هئڻ جي برابر هجي ٿو ۽ حالتن کي وڌيڪ بدتر بڻائي ٿو.
اڃا به ٿورو اڳڀرو نظر ڪنداسين ته نج ۽ خالص حالتن ۾ جڏهن اتفاق راءِ جي ڏس ۾ هڪٻئي کان وٿيرڪو ٿيڻ ۽ ماڳهين تڪرار جو ڀڙڪو کائي اُڀري اچڻ ”اتفاق راءِ“ لفظ سان واڳيل هجي ته هڪ ٻئي سان ويجهڙائي ۽ ميلاپ جا رستابند ٿي دشمني ۽ ڪروڌ کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. هونئن ان طرز جو تڪرار پنهنجي جاءِ تي جذباتي ۽ اٻهرو هجي ٿو ته جڏهن اهڙِي طور طريقي سان ڪجهه به هڙ حاصل ڪو نه ٿئي ٿي. قديم زماني جي عبراني قانون ۾ ٻن زالن يا مڙسن رکڻ جي اجازت هئي پران ۾ هڪ ئي وقت ٻن ڀينرن سان شادي ڪرڻ جي پابندي (جيتوڻيڪ هڪ زال جي مرتئ کان پوءِ ٻي سان شاديءَ جي موڪل هوندي هئي) پر ان رسم ۽ رواج هئڻ سان ساڙ ۽ ڌڪار ۾ چڙهائي ايندي رهي. ان جو مطلب ٿيو ته اهڙي قانوني هئڻ جي نتيجي ۾ ويجهي مٽي مائٽي به دشمني ۽ ڌڪار ۾ تبديل ٿيندي رهي. انهيءَ طرز جي دشمني پاڙيسري رياستن ۾ به هلندي رهي جيتوڻيڪ انهن جا مقامي طور لڳ لاڳاپا ۽ مفاد به هڪٻئي سان ٺهڪندڙ هئا، پر ان هوندي به سهپ ۽ رواداري جي کوٽ هئي.
انهيءَ جو مثال اکين آڏو گريڪن/يونانين جو زوال يا وري رومن جي خاتمي کانپوءِ جي اٽليءَ جو آهي ۽ اڃا به نارمن جو مثال ڏسڻ وٽان آهي جن انگلستان کي فتح ڪيو پر اڳتي هلي مورڳو جذب ٿي ويا. هونئن اهي هڪ سرحد اندر رهندي وسيع تر مفادن خاطر ويجهڙائي ۾ رهڻ لاءِ مجبور ٿيڻ لڳا ۽ انت ته هڪ قومي نظرئي جي دائري ۾ سوڙها ٿيڻ لڳا. پوءِ به جڏهن انهن جي وچ ۾ مفادن ۽ اقتدار بابت ڇڪتاڻ ٿيندي هئي ته هڪٻئي تي اکيون ڦوٽارڻ ۾ دير ڪو نه ڪندا هئا. اهڙي جوابي نفرت ۽ بڇان جي ڪارڻ وڌيڪ زهريلو ۽ ڌڪار لائق وايو منڊل پيدا ٿيندو هو.
انهن جا ڪيترائي مثال موجود آهن پر انهن ۾ ڪليسائي ڪروڌ ۽ نفرت جو ذڪر ڪرڻ ضروري لڳي ٿو. ڇو ته انهن ۾ عقيدا پرستيءَ جو سخت گير سلوڪ ۽ نالي ماتر به اڻبڻت مورڳو وڌيڪ عدم سهپ کي چوٽ چاڙهي ڇڏيندي هئي. ان جو هم اهم عنصر هجي ٿو ته ڪيئن سترهين صديءَ ۾ ڪليسائن جي وچ ۾ خسيس مسئلن تي اختلاف راءِ موجود هو. ان حد تائين جو اهي معمولي مونجهارا کين پاپاءِ روم سان ته صلح سانت ۾ رهڻ لاءِ زوربار ڪندا هئا پر ان جي نيست پروٽيسٽنٽن سان وير ۽ دشمني کي اڳتي وڌائڻ ۾ پير پوئتي ڪو نه ڪندا هئا پر ان هوندي به هڪ مثال آهي ته 1875ع ۾ پاپاءِ روم هڪ ئي چرچ ڪليسا ۾ پراڻن ۽ نون ڪئٿولڪن کي گڏجي عبادت ڪرڻ تي بندش لاڳو ڪري ڇڏي ته جيئن جديديت کي ٻنجو ڏئي سگهجي.

[b]عام رواجي خاصيتون بمقابل وسيع تر بنيادن تي سماجي سٽاءَ ۽ تڪراري ڪيفيت:
[/b] گهڻي ڀاڱي ٻه گڏيل خاصيتون به محاذ آرائي جو ڪارڻ هجن ٿيون، يعني عام رواجي خاصيتون ۽ وسيع تر بنيادن تي سماجي سٽاءَ بندي پهرين خاصيت مطابق ائين سمجهيو ويندو اهي ته اسان کي ويڇابندي جو کاڄ بڻايو وڃي پيو. ڇو ته تڪرار ۽ ارهه زوراوري مورڳو اندر ۾ سانڀيل اڻ تڻ ۽ جبر جي عنصرن کي وڌيڪ سگهارو بڻائي ٿي ۽ نتيجي ۾ اڻبڻت ۾ واڌارو اچي ٿو. ان جي ابتڙ جنهن جاءِ تي هڪ ٻئي ڏانهن ورتاءُ وڌيڪ دوستانه يا پيار پاٻوهه سان واڳيل هوندو ته هڪٻئي جي مفادن کي وڌيڪ ڪارگر ۽ اثرائتو بڻائيندي سورن ۾ جهڪائي آڻي ٿو. هوڏانهن ٻئي پاسي حد کان وڌيڪ سچيتائي وسيلي ليڪو لتاڙي بيهڻ سان ڌرين کي تنبيهه ڪئي وڃي ته اختلاف جو انت آندو وڃي ته اهڙي سوچ ماڳهين لاڳاپن ۽ ويجهڙائي کي به خطري ۾ وجهي ڇڏي ٿي پر اڃا به جيڪڏهن مروج حالتن پٽاندڙ ڪا به ڪارائتي اڳڀرائي نه هجي ٿي ته پوءِ سچيتائي ۽ ساڃاهه جو وايو منڊل دشمني ۽ ڌڪار ۾ بدلجي سگهي ٿو. ماڻهن ۾ جيڪڏهن يڪسان خصلتون يا خوبيون هجن ٿيون ته به هڪ ٻئي غلط ۽ اڻ وڻندڙ روين جي اوسر کي رد ڪري نه ٿو سگهجي ۽ هڪ ڌاريائپ جو احساس وڌي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڌرين جي وچ ۾ سهڪار ۽ پنهنجائپ جا ڪارڻ واڌاري هئڻ سان جيڪڏهن ڪجهه تڇ جهڙا اختلاف هجن ٿا ته به انهن جي گڏيل سوچ کي اُڀارڻ جو عمل هلندو رهي ٿو. انهيءَ وهنوار جي هلڻ ۽ اڳڀرو ٿيڻ جي مد ۾ اهم ڪارڻ اختلاف کي پاسيرو ڪرڻ سان لاڳاپيل هجي ٿو. ان ڪري ڪٽنبي تڪرار جي اُڀري اچڻ سان پنهنجائپ جي وايومنڊل کي سنڌائتو ڌڪ لڳي ٿو. ان لاءِ هڪ ئي عذر يا بهانو ڏنو وڃي ٿو ته هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ جي روين ۾ ماٺار اچي ويل هئي. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته اختلاف جي اُڀري اچڻ ۾ يڪسانيت جو هئڻ ۽ معمولي مسئلن تي مُنهن موڙ جي نتيجي ۾ سهپ ۽ رواداري جو خاتمو اچي وڃي ٿو.
هونئن ڏٺو وڃي ته ڌارئي يا اوپري منش سان اختلاف ايڏي ڇوهائي سان چوٽ ڪو نه چڙهن ٿا ڇو ته ان سان ڪي به گڏيل مفاد نه هجن ٿا جنهن ڪري پنهنجي مَن ۽ سوچ کي هٿ وسيڪو رکون ٿا. ان جي برعڪس جيڪڏهن پنهنجي ڏيٺ ويٺ اهڙي فرد سان ٿئي ٿي جنهن سان ڪجهه خسيس اختلاف هجي ٿو يا مفاد ايترو ٺهڪي ڪو نه بيهن ٿا ته پوءِ اختلاف به واڌارو نه ٿين ٿا، پر جيڪڏهن وڌيڪ ويجهڙائي ۽ سهڪار جي صورتحال اُڀري ٿي ته پوءِ اسان جي مڪمل شخصيت جو ان سان سٻنڌ وڌيڪ گهاٽو بڻجي ٿو. ايئن اڻ ٺهڪندڙ تشدد جو اُڀار جنهن کي زير بار ڪرڻ ۾ ڪا به ڏُکيائي نه هجي ٿي ته پوءِ هڪٻئي سان ويجهڙائي ڪرڻ ڊپ ڪو نه ڪن ٿا. ائين لاڳاپي جي مد ۾ خوشي ۽ ويجهڙائي اچڻ سان ڳالهه ٻولهه وسيلي هڪ نقطو نشانبر ٿي سامهون اچي ٿو ته هڪ ڀيرو ويجهڙائي ۽ هڪ لفظ ڳالهائڻ کانسواءِ، نه وري عام رواجي تحرڪ يا سُور ۽ ايذاءَ ڇانورو ڪري بيهن ٿا پر سڄي روح کي هڪ غلاف ۾ ويڙهڻ جو ڪم اُڪلائين ٿا. ائين جيڪڏهن دنگو فساد انهن ڌرين جي وچ ۾ ڀڙڪي پوي ٿو جيڪي اڳ ۾ ئي هڪٻئي سان ويجهو هجن ٿيون ته پوءِ هڪ موتمار ۽ خطرناڪ ڪيفيت جو قابض ٿيڻ اڻ ٽر بڻجي پوي ٿو. اهو محض اوهان لاءِ نه هجي ٿو. اهي ماڻهو جيڪي روايتي طور هڪٻئي سان وڌيڪ ڳنڍيل هجن ٿا ۽ پنهنجن جذبي ۽ جولان کي پڌرو ڪري بيهارڻ جو حس رکن ٿا ائين اهي تڪراري جذبن کي به پاڻي ڏيڻ ۾ رک رکاءَ ڪو نه ڪن ٿا ۽ هڪ گهران هئڻ جي باوجود به پنهنجي شخصيت ۽ ورتاءَ کي هڪ دائري ۾ ڦيرا پائڻ کان ٻاهر آڻي ڪو نه سگهن ٿا.

[b]گهاٽا سٻنڌ ۽ تڪرار/ اڻبڻت
[/b] روحانيت جي اعليٰ پد تي پهچڻ کان پوءِ ڪنهن به تڪراري ڪيفيت سان آجپو حاصل ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته ان جي منفرد وصف ۾ مڪمل طور پاڻ کي ارپڻ پيش ڪرڻ جي ڀاونا ۾ ڪنهن به اختلاف راءِ جي جاءِ نه هجي ٿي. هوڏانهن وري جيڪڏهن اختلاف جي ڪيفيت نه هئڻ برابر ٿئي ٿي ته اهڙي حالت ۾ فرد جي جوش ۽ جولان کي وڌيڪ هٿي ملي ٿي ته پوءِ اهڙو سڀاءُ رکندڙ سڀ کان سرسي حاصل ڪرڻ ۾ ڪنهن به ليڪا لتاڙ تائين وڃي سگهي ٿو. انڪري سمجهڻ گهرجي ته هڪ ڪارگر ماڻهو ۾ هڪ ڪارگر ورتاءَ اُڀري ٿو، جيڪو کين اختلاف يا تڪرار جي حالت ۾ خسيس ۽ تڇ جهڙن عنصرن کي ننگهو سار ڪري اهڙين قوتن کي وڌيڪ اڳڀرو آڻي جيڪي ايڪتا جو ڪارڻ بڻجن ٿيون.
اڃا ان کان به اڳڀرو ته هڪ واضح ۽ چٽو اختلاف يا اڻبڻت رکندڙ ذهن جنهن ۾ حس سانڀيل هجي اهو مورڳو وڌيڪ شدت سان اُڀاري ٿو جنهن جو ماضيءَ سان وڌيڪ چنبڙي پوڻ جو عنصر هجي ٿو. اهڙي ڪيفيت ۾ اڃا به وڌيڪ شدت هئڻ سان نه وسارڻ جهڙا ڪارج ته روزانو جي وهنوار کي به زير زبر ڪري ڪنهن به اتفاق راءِ جي آڏو رنڊڪ بڻجي بيهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته مرد ۽ عورت جي وچ ۾ به بنيادي بيزاري ۽ بڇان وڌي وڻ ٿئي ٿي پر اڳتي هلي اها ڪيفيت ڊهي پٽ ٿي پوي ته ان جي جاءِ پيار والاري ٿو. اڃا به مورڳو تضاد/تڪرار جي نسبت سان فرد ۾ شڪ ۽ گمان جو واڌارو ٿئي ٿو ۽ ان جو اثر ويجهن لاڳاپن تي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جيڪو گهڻ پاسائون هئڻ جي حالت ۾ هڪ نتيجو سامهون اچي ٿو ته ڇا اهو سمورو ڪارج مورڳو ماضيءَ جي مخالفت کي زور وٺائڻ سان حاصل ٿيو آهي.
ائين مخالفانه طرز سان مشاهدي يا اصولن تي ڪاربند رهڻ جو سلسلو به نفرت ۽ ڌڪار جي ڪيفيت کي وڌيڪ سگهارو ڪري ماڳهين پيار جي ساڃاهه کي پرزا پرزا ڪري ڇڏي ٿو. ان نسبت سان ويڇابنديءَ يا تقريق جو عمل ۽ دخل پنهنجي ماضيءَ کان ڪن لاٽار ڪرڻ ۽ ردوبدل جي جوش ۽ ولولي کان به انڪار ڪرڻ جو طريقيڪار سمجهڻ گهرجي. اهڙي طرح جڏهن ماڻهو ۾ احساس پيدا ٿئي ٿو ته شدت سان پيار ڪرڻ وڌيڪ ۽ جنسي ويجهڙائپ به غلطي ۽ بدگماني ۾ واڌارو آڻي ڪنهن حد تائين انساني ادراڪ کي ڀڃي ڀورا ڪري ٿي ۽ پوءِ اسان کي پنهنجي اڳيان گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ اهڙي حالت ۾ ذهني تحفظ ۽ ويڇا يا خيال آرائي ۾ به ڏارون پيدا ٿين ٿيون ۽ ائين کڻي چئجي ته بنا ڪنهن رک رکاءَ جي اهڙي اڀريل احساس جو معاوضو به ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪو نه بچي ٿو. ائين اسان جي من ۾ جيڪا به ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وسرام ڪري ويٺل آهي ان جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻڻ جي برعڪس ٻين جي مٿان اڇلايون ٿا.
اهڙِي ريت ڪنهن خاص طرز جي نفرت ۽ ڌڪار جيڪا لڳ لاڳاپن تي اثرانداز ٿئي ٿي جيڪا سڀاويڪ طور پشت به پشت هلندي اچي ٿي سا به اڳتي هلي هڪ مثبت سوچ کي اڳڀرو ڪرڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿئي ٿي ۽ ان احساس کي اُڀاري ٿي ته تڪرار/اختلاف هاڻي اجايا سجايا خسيس آهن. تڪرار ۽ اختلاف کي پٺيءَ ڀر اڇلائڻ جا به مثال ورلي ملن ٿا. انهيءَ سموري ڪيفيت جو ذهني اوسر جو واسطو اسان جي ورتاءَ ۽ ساڃاهه سان سلهاڙيل هوندو آهي. ڇو ته سماج ۾ ردوبدل جو واسطو اوهان جي سلوڪ ۽ ثابت قدميءَ جو اظهار ۽ اقرار هجي ٿو. ان جو مثال ڪئٿولڪن جو برين (Berne) ۾ ورتاءُ ليکي سگهجي ٿو، جنهن جي پوئتي نشاندهي به ڪري آيا آهيون. ڇو ته رومن چرچ کي ڪنهن به طرف کان دڙڪو ۽ داٻو ڪو نه هو. ان جي برعڪس سڌارن جي طرفدار چرچ سدائين چئلينج سان منهن مقابل رهندي پئي آئي ۽ ڄڻ ته قدامت پرست به ساڳي صورتحال سان سلهاڙيل هئا.

[b]تڪرار هڪ ڌر لاءِ للڪار:
[/b] تڪرار جي ههڙي ڪيفيت بابت اڳ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪري آيا آهيون پر ان هوندي به هن طرز جو تڪرار يا ڇڪتاڻ وسيلي ٻي ڌر کي وڌيڪ سوڙهو ۽ بيزاريءَ جي حد تائين پهچائڻ جو طريقو چئي سگهجي ٿو. آخر اسان ڇا لاءِ اهڙي ڪيفيت يا سوچ کي منفرد ڄاڻائڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهيون. ڇو ته ان سان هڪ جداگانه نوعيت جي سماج ۾ هڪ ٻئي کان ڌڪار ۽ نفرت کي اُڀار ملي ٿو. اها نفرت ۽ ڌڪار هڪ ڌر لاءِ ٻي ڌر خلاف هجي ٿي ۽ ڪنهن به فرد لاءِ نه پر مجموعي طور هڪ ڌر جي خلاف هئڻ سبب وڌيڪ موتمار ۽ خوفاعتي بڻجي پوي ٿي ۽ محض معمولي بغض ۽ ڌڪار کان وڌي مورڳو سماج جي سٽاءَ ۽ بيهڪ لاءِ للڪار بڻجي ٿي. ائين ڏٺو وڃي ته هن طرف جي ڌڪار مجموعي مفادن کي ڇيهو رسائڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي ته پوءِ ڌرين جي هڪ ٻئي خلاف دشمنيءَ جي روين ۾ به واڌارو ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻئي ڌريون ساڳئي سماج ۾ رهندڙ آهن.
ائين پڻ ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن به ڌر ۾ ظاهري طور ڀڃ ڊاهه جو عمل ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو آهي، پر جيئن ئي اهڙو ڪا به ڌر ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳندي آهي ته پوءِ ڪجهه اختلافن ۾ جهڪائي اچڻ جا آثار نمودار ٿيندا آهن ۽ وڌيڪ باهه کي ڦوڪون ڏيڻ جو سلسلو ختم ٿي ويندو آهي، پر ڌرين جي اندروني سٽاءَ ۾ هڪ ٻئي جا ترا ڪڍڻ جو سلسلو هلندو رهي ٿو. پوءِ اندروني ڇڪتاڻ ۾ جهڪائي ڪا نه ايندي آهي. ان ڪري اڳتي هلي انهيءَ اندروني گروهي ڇڪتاڻ مان ڪو به ڌار ٿيڻ جي لاءِ هٿ پر هڻي ٿو ته مورڳو وڌيڪ خطرو اڻٽر بڻجي پوندو آهي ۽ ان کي مجبوريءَ جي حالت ۾ ويڙهاند ۽ نفرت جي گهيري ۾ رهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ڪو نه بچي ٿو. اهڙي طرح اهو تڪرار ۽ ويڙهاند جو سياسي گروهن، مزدور يونين ۽ ڪٽنبن ۾ به هجي ٿو.

[b]ساڙ/بغض/ڪينو:
[/b] آخر ۾ اها پڻ حقيقت آهي ته ڏاڍ، جبر ۽ تشدد کي چوٽ چاڙهڻ ۾ بغض يا ساڙ جو تمام ويجهو ڳانڍاپو چئي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ بغض يا ساڙ کي انفرادي نقطئه نگاهه سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو پر ان جا سماج جي بيهڪ ۽ سٽاءَ تي سنڌائتا اثر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن ۾ زبان جي استعمال کي پڻ مبهم طرز جي حيثيت حاصل هجي ٿي پر انهن ٻنهي عنصرن يعني بغض ۽ زبان جو استعمال انساني سڀاءُ يا روش کي چٽو ڪري بيهاري ٿو. اهڙي حالت ۾ انساني قدر ۽ سوچ پڻ اثرانداز ٿئي ٿي ۽ ڪا ٽين ڌر اهڙي ڪارج کان روڪڻ ۾ هٿ ونڊائي سگهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿئي ٿو ته جڏهن ڪنهن جي گڻ/خاصيت جو اپٽار ڪرڻ لازمي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اسان مورڳو ساڙ ۽ حسد جي گهيري ۾ اچي وڃون ٿا پر انهن خاصيتن جي حيثيت ان وقت اجايو سجايو بڻجي پوي ٿي، جڏهن اڳواٽ ئي نفسياتي ۽ سماجي پيش بندي به ڪنهن ڪم جي ڪا نه رهي ٿي. اهڙي حالت ان فرد کي بيماري وانگر وچڙي وڃي ٿي جيڪو پنهنجي دعويٰ کي هروڀرو مڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ حالانڪه ان جي دعويٰ ۾ ڪو به دَمُ ۽ دليل نه هئڻ برابر بڻجي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ لازمي بڻجي ٿو ته علم ۽ عقل جي ڪسوٽي ۽ بردباري ٿڌائي سان ڪوڙ، ڪَچ ۽ سچ ۾ سنڌو/تفريق چٽي ڪري بيهارجي. جيتوڻيڪ ساڙ ۽ بغض مَن ۾ ڪوريئڙي جي ڄار وانگر تاڃي پيٽو ٺاهي ڇڏي ٿو، جنهن ڪري بغض/ساڙ پنهنجي ڌڪار يا نفرت جي سگهه سان پيار ۽ سچ کي به وڻ ويڙهي وانگر ورائي وڃي ۽ نتيجي ۾ هڪٻئي سان تڪرار رکندڙ ڌريون ته تباهي ۽ بربادي طرف وڃن ٿيون، پر جيڪڏهن فرد جو تڪرار پنهنجي ئي ڀاڱي ڀائيواري سان ٿئي ٿو ته پوءِ ساڙ/بغض جي باهه ان کي به نيست ۽ نابود ڪري ڇڏي ٿي. ها ايئن به ٿي سگهي ٿو ته ساڙ/بغض جي سماجي ورتاءَ به مخالف ڌرين کي ايڪتا ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ سوڀارو ٿئي ٿو ته ان جي موٽ يا ورائي ڪنهن نئين ردوبدل جي علامت ۽ حقيقت پڻ بڻجي سگهي ٿي.

عدم مساوات ۽ عدم استحڪام _ زميني ملڪيت تي قبضي جو سياست سان پيچ : بــُروس ايم. روئس

قديم يونان جي ڪيترن ئي مفڪرن وٽ دولت جي وسيع گوناگونيت آهي، جن جي ڀيٽ هڪ مستحڪم حڪومت سان به نٿي ڪري سگهجي. يـُورِيپائـِيڊس (Euripides) چواڻي:
هڪ قوم منجهه ٽن قسمن جا دستور هوندا؛
ناڪاره امير، جن کي سدائين اڃا گهڻو هجڻ جي تانگهه هوندي آهي
مفلس، ايترا جو رزق کان به لاچار
هڪ خطرناڪ خلق، ساڙ سان ٽمٽار
جا افسرده ڪارگذارين سان ايڏي ته هڪ هڪاڻي ڪري ٿي، جيتري پاڻ آهي
سندن سورما، باطل قوتن جي ڳالهين سان دوکي ۾ اچي ويا
پر انهن ٽنهي جي بنهه وچ ۾ سيوٿ (Saveth) رياستون:
رياست جا جيڪي به فرمان آهن، هو انهي کي دستور سمجهي قائم رکن ٿيون.
اَيلـِڪسز دا ٽـَوڪُوئـَي وِلـَي (Alexis de Tocqueville) جي ليک کي ڳچ صديون پوءِ تسليم ڪيو ويو: “ٻئين دور جي ڪارڻن کي هٽائي ڇڏيو، جن دنيا ۾ وڏي پئماني تي اٿل ڦٿل کي جنم ڏنو آهي ۽ توهان جو بڻ بڻياد تي ئي اڻبرابري جي اصولن سان تقريبا سدائين پلئه پوندو. يا ته غريب امير کي تاراج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، يا وري امير غريب کي غلام بڻائڻ جي. ان کانپوءِ جيڪڏهن معاشري جي هڪ حالت ڪڏهن به نظر اچي سگهي، جنهن ۾ هر ماڻهو وٽ ڪانه ڪا شئي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ ۽ ٻئي کان وٺڻ لاءِ هوندي، اها دنيا جي امن ۽ آشتي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪندي هوندي. ڪيترائي جديد ليکاري انهي ساڳئي قسم جي تخيل جو راڳ آلاپين ٿا. مثال طور، ميرلي ڪلنگ (Merle Kling) لاطيني امريڪا ۾ طاقت جي اقتصادي بنيادن جي انتهائي گهاٽ يا شديد ارتڪاز جو الزام سياسي عدم استحڪام مٿان مڙهي ٿو، جنهن لاءِ هو “بيٺڪيتي معيشتون” جو اصطلاع استعمال ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته زمين تي حق تي زبرست قسم جو ڌيان مرڪوز ٿيل آهي ته پهرين زمين جي وسيع ايراضي تي مالڪي نه رکندڙ ڪوبه شخص معقول طريقي سان پوکي ذريعي دولت حاصل ڪرڻ جي اميد نٿو ڪري سگهي. قدرتي وسيلن تي ڌارين جي استحصال سُچيت مقامي ماڻهن لاءِ دولت جي وسيلن جا سمورا در بند ڪن ٿا. صنعت اڃا تائين اڻپوري صورت ۾ موجود آهي، رڳو سرڪار ئي امير ٿيڻ يا واڌاري جي سمورن ممڪن وسيلن لاءِ چٽاڀيٽي ۾ حصو وٺندي آهي. سياسي ادارا اهڙي قسم جا بي مثال وسيلا حاصلات لاءِ فراهم ڪندا آهن جو “آبادي جو وڏو حصو بغاوت يا سرڪشي ۾، اقتدار تي ناجائز قبضي ۾، لاطيني امريڪا جي سياست – تمام پراڻي سياسي عدم استحڪام جي مخصوص خدوخال کي دوام بخشڻ لاءِ زندگي جو حتمي خطرو کڻڻ لاءِ تيار هوندو آهي”.
افلاطون ۽ ڪارل مارڪس، ٻئي دولت جي ناس ڪندڙ اثرن مان بنهه مايوس هئا، ڇو جو انهن ڏٺو ته نجي ملڪيت کي ختم ڪرڻ کانسواءِ باطل يا برائي کي ختم ڪرڻ جو ٻيو ڪوبه دڳ نه آهي. ٻئي پاسي ٽـَوڪُوئـَي وِلـَي جو خيال هو ته ”هن آمريڪا ۾ هڪ اهڙو معاشرو ڳولي لڌو آهي، جيڪو هڪٻئي حل تائين پهچ حاصل ڪرڻ جي قابل آهي: “ جمهوري معاشرن جون اهڙيون ٻئي انتهائون (تمام ٿورن امير ۽ تمام ٿورن غريب ماڻهن) لڳ ڀڳ هڪجهڙن ماڻهن جي هڪ بيشمار ڳاهٽ تي بيٺل آهن، جيڪي، بنهه امير يا غريب ٿيڻ کانسواءِ به نظام کي برقرار رکڻ جي شوق ۾ مناسب ملڪيت رکن ٿا، اڃا به ڪافي حد تائين ساڙ سڙيا نه آهن. اهڙا ماڻهو پرتشدد عوامي احتجاجن جا فطري دشمن آهن. منجهن شورش يا اندولن جي کوٽ هر شئي کي سندن هيٺان ۽ کين مٿي رکيو آهي ۽ سماجي تاڃي پيٽي جي توازن کي اڃا تائين محفوظ رکيو پيو اچي.
اڃا به جيڪڏهن اسان معاملي جو اڄڪلهه جي سياست سان مشاهداتي جائزو وٺنداسين ته جواب بلڪل واضح ملندو. هر پاسي دولت جي اڻبرابري سان ورڇ ڪئي وئي آهي، ايتري قدر جو وڌ کان وڌ همه گير مساوات پسند سماجن ۾ به امير جي آمدني غريب کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هجي ٿي، ۽ ڪوبه ماڻهو هڪدم اهڙن انيڪ مثالن جي نشاندهي ڪري سگهي ٿو. جهڙوڪر اسپين – جتي هڪ تاثريت پسند راءِ يا فيصلي جي باوجود شين جي وڏي پئماني تي اڻبرابري طريقي سان ورڇ ٿيل آهي، ظاهري طور منظم معاشرو هڪ آمر جي راڄ هيٺ مستحڪم آهي. مشڪلات يا پريشاني وارو پاسو هڪ ذهن نشين ٿيل مسئلي ۽ اهڙي هڪ ڌنڌلي وضاحت ته آزاد تبديل پذيري ڇا آهي؟ ان مان ڦٽي نڪري ٿو. ڇا معاشي عدم مساوات مستحڪم حڪومت، يا رڳو جمهوري ۽ سٺي سرڪار سان ڀيٽ جوڳي آهي؟ جيڪڏهن اسان جو مطلب مستحڪم حڪومت آهي، ته ڇا اسان جو مطلب اهڙي ايامڪاري آهي؟ جنهن ۾ حڪمران ڊگهي عرصي کان تشدد جي ڪر کڻڻ باوجود طاقت وسيلي پنهنجو پاڻ کي ڊگهي عرصي تائين قائم رهندا آهن (ڪولمبيا ۽ ڏکڻ ويٽنام)، يا هر سال حڪومتون ڪِرڻ جي خدشي باوجود تشدد جي اهميت کي سادگي سان نظرانداز ڪندڙ (فرانس ۾ مسلسل ٽيون ۽ چوٿون ڀيرو لوڪ راڄ (repbulic) ختم ٿيو) يا “مستحڪم” حڪومت لازمي طور پرامن ۽ معقول طريقي سان ڊگهي عرصي لاءِ هوندي؟ ڇا اسان جو مطلب اهڙي حڪومت آهي؟ بــِنهه شخصي (اسپين) هڪ خاص جماعتي (يُـوروگـَوئـي) خاص اتحاد جو بنيادي دوام (“ٻيهر ليپو ڪرڻ” واري نظام هيٺ فرانس) يا خاص سماجي طبقي جو مسلسل غلبو (اردن).؟
مسئلي جو هڪ ٻيو پاسو تقابلي ڇنڊڇاڻ جي عدم موجودگيءَ مان جنم وٺندو آهي، انيڪ ليکارين مخصوص ملڪن ۽ علائقن ۾ زرعي زمين جي ورڇ ۽ مخصوص سياسي صورتحال ۾ ان جي ڪردار جو ڳوڙهو جائزو ورتو آهي.کوڙ سارن ڪتابن گڏيل اڀياس وسيلي ڪيترين مختلف قومن تي ڌيان ڇڪايو . پر منجهانئن هڪ به ساڳئي سوچ تي مشتمل نه آهي، يا سچي تقابلي جائزي لاءِ لازمي طريقيڪار ۾ ساڳئي قسم جون تبديلي پذيريون پيش نه ڪيون آهن. اونهائي ۽ گهري نظر لاءِ اڀياسي رڪارڊ بنيادي هجي ٿو، پر ڪيترن ئي معاملن تي عمومي نظريي يا اصول (generalization) واقعتاً غور طلب هوندا آهن.
تقابلي جائزو ڀيٽ جوڳي معلومات (Data) لاءِ انتظام جي حوالي سان آزاد هجي ٿو. مثال، ڪو شخص ڄاڻيندو هوندو ته موجود انگلستان ۾ آمدني جي پنج سيڪڙو کان مٿي ڪمائيندڙ ٽيڪسن کانپوءِ به مجموعي آمدني جو رڳو 50 سيڪڙو وصول ڪن ٿا. ڇا هي ٻين قومن سان گهٽ يا وڌ ڀيٽ ٿيل نه آهي؟ اڪثر ڪري اهو سڄو گهربل رڪارڊ روايتي طور به موجود نه آهي، پر جيڪڏهن هجن به، ته ڀيٽ ڪرڻ جوڳي صورت ۾ نه آهن. هڪ ماڻهو ٻئي ملڪ لاءِ جهڙوڪر، آمدني جي 10 سيڪڙو تائين ۽ ڪمائيندڙ جي هڪ سيڪڙو جي تناسب جـِي پروڙ ڪري سگهندو. پر انگلينڊ جيان اعليٰ ترين 5 سيڪڙو جي حوالي سان نه ڄاڻي سگهندو. هن ليک ۾ پهريون دفعو خيالي طور پيش ڪيل ورڇ وارن انگ اکرن جي ڍانچي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ۽ معاشي عدم مساوات ۽ سياست وچ ۾ ڳانڍاپي جي باري ۾ڪجهه نظرين ڪجهه خيالن جي پرک ڪئي ويندي. سڀ کان پهرين رڪارڊ انگ اکر: اسان جي دلچسپي ان درجي جي معلومات سان هوندي، جنهن ۾ زرعي زمين ڪجهه وڏن زميندارن جي پنجوڙ ۾ جڪڙيل آهي. زمين تي قبضي بابت معلومات موجود آهي، ۽ تقابل وڌيڪ ڀاڙي ٿي، بعد ۾ عمومي آمدني ۽ ڪُل دولت جيان ٻين معاشي اثاثن جي ونڊ ورڇ بابت انگ اکر اچن ٿا. ان سان گڏ فطري طور مُک يا وڏو مقصد زمين جي ورڇ ٿئي ٿي. ڪلِنگ (Kling) جو لاطيني امريڪا جي سياسي عدم استحڪام بابت نظرئي جو بنياد وڏي پئماني تي زمينن جي حوالي سان عدم مساوات هيو. امريڪا غريب ملڪن ۾ زميني ملڪيتن جي سڌارن بابت پنهنجي اتحادي ملڪن کي سختي سان خبردار ڪيو آهي. امريڪي فوجي حڪومت جاپان ۽ ٿوري حد تائين ڏکڻ ڪوريا ۾ سياسي جمهوريت لاءِ گهربل بنياد فراهم ڪرڻ واري ارادري سان زميني ملڪيتن جي وڏي پئماني تي ونڊ ورڇ ۾ پاڻ سرِ به حصو ورتو هو.

II
آئون ٻئي هنڌ ورڇ ۾ عدم مساوات جي درجي جو اشارو ڏيڻ لاءِ تيار ڪيل مختلف قسمن جي مختصر شمارياتي اپائن جي استعمال بابت ڳالهايو آهي. هتي اسان 3 مختلف اشارين کي ڪتب آڻينداسين، جن مان هر هڪ زميني ملڪيتن جي ورڇ بابت مختلف رخن جو ڪجهه ماپو ڪندو. پهريون اهي، جيڪي ٻني ٻاري جي سلهاڙيل ايراضي سان سڌا مالڪ بڻايا ويا آهن، آخر ۾ زمينن تي قبضيداري آهي.
زميندارن جي شرح، جيڪي گڏجي سموري زرعي زمين جي اڌ حصي تي قبضو ڪن ٿا (هارين سان گڏ زمين جي تمام ننڍڙي حصي کان شروع ڪندي وڏي حصي تائين ڪم ڪرڻ تائين.)

قبضي ۾ آندل يا گڏ ڪيل زمين جي جُملي فهرست:
اسان ٻي ڦانڊڻي ورڇ يا پهرين واري گڏ ڪيل ورڇ (Cumulative Distribution) ۾ ڏنل نقطن کي جوڙيندي لورينز ڪَروَ(Lorenz Curve) سان شروعات ڪنداسين. (هارين جي ڏهه سيڪڙو شرح يا ڏهين حصي طرفان زمين رکڻ جو تناسب). ننڍي کان وٺي وڏي تائين سمورن فصلن جي ترتيبوار درجي بند ڪيل آهي، تنهن ڪري ڪوبه ماڻهو چئي سگهي ٿو ته زرعي زمين جي جُملي ايراضي لاءِ ڏنل هڪ تناسب جي ڪري فصلن جي ڪُل تعداد جو تناسب ڇا آهي؟ نقشي نمبر (1) ۾ اُفقي لڪير سان گڏ فصلن جي جمع ڪيل شرح ڏنل آهي، ۽ ايراضي جي گڏ ڪيل شرح عمودي لڪير سان گڏ ڏنل آهي. 45 ڪنڊ جي لڪير درست برابري جي حالت بيان ڪري ٿي، جنهن ۾ هاري جو هر صديو (Percentile) گڏ ڪيل زرعي زمين ۾ پنهنجي برابر جو حصو شامل ڪندو. اهڙي ريت مڪمل برابري هيٺ آبادي جي هر ڏهين سيڪڙي وٽ زمين جو ٺيڪ 10 سيڪڙو حصو هوندو. آبادي جي ٻه ڀاڱي ٽئين حصي وٽ يقيني طور زمين جو به 2 ڀاڱي 3 حصو هوندو. هڪ مخصوص ورڇ لاءِ گراف تي مُڙيل لڪير يا قوس ڪمان برابري واري لڪير کان جيترو به پري وڃي ٿي، اها اسان کي اڻبرابري جي شامل هجڻ واري ماپي کي چٽو ڪري ڏيکاري ٿي.
لورينز ڪـَروَ ورڇ جو پورو طريقيڪار ڏيکاريندي هڪ انتهائي ڪارائتو دڳ فراهم ڪري ٿي، پر اهو مختلف ملڪن جي ٺوس يا مفيد تعداد لاءِ جُلمي لورينز
ڪـَروَ کي ڀيٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ ناقابلِ عمل آهي.پر جيڪڏهن اسان گڏ ڪيل ورڇ ۽ عدم مساوات واري لڪير وچ ۾ ايراضي جي ماپ ڪنداسين ته ان لاءِ اسان وٽ گيني فهرست (Gini index) موجود آهي.
جيتوڻيڪ زمين جي ڏيڍوڻي حصي (one half) سان هارين جي شرح سهنجي ۽ ڪارائتي هجي ٿي، سربستي ورڇ جو جائزو وٺندي وڌيڪ جامع گِني فهرست ڪيترن طريقن سان عُمدي آهي. ٻن ملڪن لاءِ ڄاڻايل فگر نمبر 1 جي ونگ ۾ ٻئي ملڪ درحقيقت زمين جي اڌ حصي سان هارين جي ساڳي شرح ڏيکاري ٿو. پر 50 سيڪڙو واري لڪير کان هيٺ آسٽريا کان وڌيڪ لاطيني امريڪي ملڪ بوليويا جي ونڊ ورڇ وڌيڪ عدم مساوت تي ٻڌل هجي ٿي. بوليويا ۾ ڪُل هارين مان مٿانهين درجي جي 10 سيڪڙو هارين زمينن جو لڳ ڀڳ 95 سيڪڙو پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي، جڏهن ته آسٽريا ۾ مٿانهين درجي جي 10 سيڪڙو هارين 65 سيڪڙو زمينن جو حصو پنهنجي نالي ڪيو آهي. سياسي عدم استحڪام بابت هڪ نظرئي جا مفهوم يا اشارا واضح آهن. (بوليو جا انگ اکر سچ پچ ته 1950 کان لاڳو ٿين ٿا، جڏهن کان بوليويا سماجي انقلاب جو مشاهدو ڪيو.)
کيتن جي لاڳاپيل ڪاٿي کان گهڻي قدر گهٽ اهم، پر مالڪي جو سوال اڃا به واجب آهي. جيڪڏهن هڪ هاري زمين جو قابلِ قدر حصو کيڙي ٿو، تڌهن به اُپت جو ڳچ حصو زميندار کي ادا ڪندو، انهي جو اثر ساڳيو ٿي سگهي ٿو، ڄڻ ته هو وڌيڪ ننڍي زمين جي ٽڪڙي جو مالڪ هيو. کيتي ٻاڙي جي مالڪ فصل جي مجموعي تعداد جي شرح جي حساب سان پنهنجي زمين مقاطعي تي ڏيندا آهن.
عدم استحڪام جي اطمينان جوڳو اثر رکندڙ تشريح ملڻ ۽ پوءِ عدم مساوات جي ڪٿ ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل آهي. هتي “عدم استحڪام” جي مختلف رخن جي وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ۾، اسان بنهه مختلف اشاريا استعمال ڪنداسين.

سرڪاري عملي يا انساني وسيلن جو عدم استحڪام:
پائيداري جو هڪ تمام سادو ڪاٿو چيف ايگزيڪيوٽو جي عهدي جو مدو هوندو آهي. اسان پنهنجي فهرست جا ڳڻيندڙ هجڻ جي حيثيت سان 1945-1961 واري عرصي جي وچ ۾ ڪيترن ئي سالن جو استعمال ڪيو آهي. جنهن ۾ هڪ ملڪ آزاد هو. ۽ ڪيترن ئي فردن جي انگ جو ڇيد ڪيو، جن ساڳئي دور ۾ چيف ايگزيڪيوٽو يعني سربراهي واري عهدي جون ذميواريون سنڀاليون هيون. انگ اکرن جي 17 مان (ساڳئي عرصي ۾ سالن جو تعداد) ڪٽ ڪندي اسان جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو، انهي کي “سرڪاري عملي يا انساني وسيلن جي عدم استحڪام” جي فهرست جي صورت ڏينداسين. اها ٻڙي کان 17 تائين متناسب هوندي، اصل ۾ اسان جي نموني/نذير ۾ فرانس لاءِ سڀ کان مٿانهون انگ 16.32 آهي.
گروپ جو اندروني تشدد: رڊولف رُميل (Rudolph Rummel) قومن جي آڪاريت يا جسامت (Dimensionality of Nations) واري پنهنجي منصوبي ۾ انهن ڪيترن ئي ماڻهن جا انگ اکر گڏ ڪيا، جيڪي 1955-1957 جي سالن دوران گهرو ويڙهه، انقلابن ۽ وڳوڙن ۾ گروپن جي اندروني رتوڇاڻ جي نتيجي ۾ مارجي ويا هئا. اسان انهي عرصي کي وڌائي 1950- 1962 تائين ڪيو، ۽ جُملي آبادي جي وسعت لاءِ 10 لک ماڻهن جي موت جي حساب سان فهرست تيار ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ جزوي اصلاح ڪئي آهي.
اندروني جنگ: پرتشدد موت جي مواد لاءِ متبادل طور اسان هيري ايڪسٽائين (harry Eckstein) جي 1946-1961 تائين اندروني جنگ بابت انگ اکرن کي استعمال ڪنداسين. اهي انگ اکر زمين جي ٽڪرن کان وٺي ڊگهي گوريلا ويڙهه تائين پرتشدد ۽ رتوڇاڻ جي سمورن واقعن کي شامل ڪيو ويو آهي.
جمهوري استحڪام بنهه مختلف مسئلو آهي. اسان ڪجهه مطابقتن سان گڏ سيموئر مارٽن لپسيٽ (seymour Martin Lipset) طرفان ڪتب آندل تفاوتن کي استعمال ڪنداسين. “مستحڪم جمهوريتن” کي اهڙين رياستن طور واضح ڪيو ويندو، جيڪي پهرين مهاڀاري لڙائي کان وٺي سياسي جمهوريت جي بنا ڪنهن روڪ رنڊڪ جي تسلسل ۽ 30 سالن تائين ڪنهن به قسم جي مطلق العنان تحريڪن جي گمنام هجڻ سبب نمايان رهيون آهن. پوءِ ڀلي فاشسٽ هجي يا ڪميونسٽ، انهي ڪنهن به نقطي تي وڌ کان وڌ 20 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا هئا. وري لپسيٽ جي مطابق “غير مستحڪم جمهوريتون” اهي ملڪ آهن، جيڪي جيتوڻيڪ بنيادي معيار ماڻڻ جي قابِل نه آهن، تڏهن به “پهرين مهاڀاري جنگ کانپوءِ واري ڳچ عرصي ۾ گهٽ يا وڌ آزاد ۽ شفاف چونڊن جي تاريخ” رکن ٿا. ”آمريتون” انهن ملڪن ۾ هجن ٿيون، جتي شايد ڪجهه جمهوري وِٿيون هجڻ باوجود شفاف چونڊون عام طور تي غائب رهيون آهن. اهي رايا تاثريت پسند آهن ۽ ڪنهن به ريت وڌيڪ يا گهٽ جمهوري هجڻ جي حوالي سان درجي بندي ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏين؛ تنهن هوندي به اهي گهڻو ڪري ٻين ماهرن توڙي دانشورن ۽ وڏي پئماني تي تسليم ڪيل معيارن سان متفق آهن.
اسان جا تبديلي پذير سياسي ڪاڻيارا جبلتي طور مختلف رخن جو ماپو ڪندا آهن – انتظامي عملدار جو استحڪام، پرتشدد واقعو ۽ “جمهوريت”. حالانڪه ڪوبه پنهنجي طرفان به جُملي حالتن جي ڪٿ نه هوندو آهي، جنهن سان زمين جي ونڊ ورڇ واري سوچ سلهاڙيل آهي.
ٽيبل نمبر پهريون 47 ملڪن جي ( اهي سمورا ملڪن، جن لاءِ ورهاست وارا انگ اکر موجود آهن) سندن شروعاتي 6 ترتيبن تي درجابندي جو اشارو ڪري ٿي. اها امريڪي ڊالرز ۾ 1955 واري في فرد جي حساب سان مجموعي قومي پيداوار بابت پڻ معلومات ۽ اسان وٽ موجود انگ اکرن پٽاندڙ ويجهڙ وارن سالن دوران زرعي شعبي ۾ جبري پورهئي جو ريشو فراهم ڪري ٿي.

III
هر پاسي زمينن جي ورڇ عدم مساوات سان ٿيل آهي. ايستائين جو همه گير مساوات پسند رياستن ۾ به هارين مان چوٿين پنجين جو فقط زمين جي اڌ حصي کي ڪٺي ڪرڻ جو ڌيان آهي. عدم مساوات يا اڻبرابري جي سطح رياست کان رياست تائين وسيع پئماني تي ڦيرگهير رکي ٿي.
ٽيبل 2 زميني ورڇ جي هر ٽئين ماپي وچ ۾ سهڪار ۽ عدم استحڪام جي هر شروعاتي ٽن ماپن وچ ۾ سهڪار جي سطح جو اشارو ڪندي باهمي ربط وا را جُز (r) پيش ڪري ٿي.
اڻبرابري جي ٽن ترتيبن لاءِ هر صورتحال ۾ عدم استحڪام سان هڪ هاڪاري قسم جو لاڳاپو آهي، جيتوڻيڪ ٻن نظيرن ۾ باهمي ربط بنهه معمولي هجي ٿو، جڏهن ته گني فهرست ۾ رتوڇاڻ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ موتن وچ ۾ انتها درجي جي نسبت آهي. گهڻو تڻو سماجياتي سائنس جي معيارن طرفان 001. جي اهميت جوڳي سطح سان طئه ڪيل نمايان درجي جو باهمي ربط هجي ٿو. )جيڪڏهن يقينا زميني ونڊ ورڇ ۽ عدم استحڪام وچ ۾ مثبت ڳانڍاپو نه هو، هي انتها درجي جو باهمي ربط هزارن ۾ به بنهه ورلي ڪو هڪ وقت ٿئي ها). تڏهن به اهي نسبتون اشارو ڪن ٿيون ته اڃا به گهڻو ڪجهه آهي، جيڪو واضح ناهي ٿيو. ايستائين جو انتهائي مٿانهون درجو (46.) هڪ (r2) جو رڳو 21. فراهم ڪن ٿيون. (شروعاتي اپت وارو سهڪاري لمحو – r2 - هڪ فهرست اندر جُملي ڦيرگهير طور تفصيلي بيان ٿي سگهي ٿو، ان جي ڪنهن ٻئي ذريعي تشريح ٿي سگهندي.) زميني ورڇ جي عدم مساوات لازمي طور سياسي عدم استحڪام سان واسطو رکي ٿي، پر اهو لاڳاپو ڪنهن به طريقي سان مضبوط نه آهي ۽ تشريح لاءِ ڪيل ڪنهن به ڪوششن ۾ ڪيترن ئي اثرن تي غور ڪرڻو پوندو. جنهن سطح تي کيتي ٻاڙي واري زمين مقاطعي تي ڏني وئي آهي، اها وسيع وضاحت ڪندڙ طاقت جو عنصر نه آهي، ۽ سمورن استحڪامي ترتيبن سان مقاطعي جي نسبت جي هيٺياهين سطح فراهم ڪيل آهي.
ڪلنگ جي تجزئي سان ويجهو ويجهو گهڻو پريشان ڪندڙ انومان آهي، ته زميني ونڊ ورڇ ۾ انتهائي درجي جي عدم مساوات فقط انهن غريب، سرسي مان زرعي معاشرن ۾ سياسي عدم استحڪام تائين پهچي ويندي آهي، جتي زمين جي ننڍي حصي لاءِ پابنديون لڳ ڀڳ لازمي طور غربت سان سلهاڙيل شخص سان لازمي طور ناپسنديدگي جو اظهار ڪن ٿيون. هڪ امير ملڪ ۾ هڪ هاري پــَٽي تي ورتل زمين جي ننڍڙي ٽڪري مان معمولي آمدني پيدا ڪري سگهي ٿو، جيڪا سندس لاءِ مطمئن ڪندڙ هوندي. يا جيڪڏهن اهڙي صورتحال نه آهي ته گهٽ ۾ گهٽ دولتمند ملڪن ۾ زراعت کان علاوه به ناڻي ڪمائڻ ڪيترائي متبادل وسيلا موجود آهن. نيٺ ته هڪ ماڻهو زور ڏيندو هوندو ته عدم مساوات ۽ هارپي جي اونچن اگهن وچ ۾ ڳانڍاپو عدم استحڪام جا ڪارڻ پيدا ڪندو. جڏهن ته اهو پنهنجي سر نه ته تشدد ۽ نه ئي وري لڳاتار حڪومت جي تبديلي ڏانهن وڌندو، اهو ميلاپ لڳ ڀڳ لازمي طور تي ٿيندو.
انهن انومانن جي پرک ڪندي ساڳئي وقت اسان في فرد جي حساب سان مجموعي قومي پيداوار، هارپي ۽ زراعت ۾ جبري پورهئي جي ريشو ۽ سياسي استحڪام بابت پنهنجي ڪيترن ئي اشارين (indices) جو جائزو ورتو. اهڙين شائستگين ڪجهه معاملن ۾ وڌيڪ اثرائتي نموني اسان جي تشريح ۾ اضافو ڪيو. گني فهرست ۽ پرتشدد موتن وچ ۾ مضبوط سٻنڌ هو: r2 50. تائين وڌي ويو هو. عدم استحڪام بابت اڳڪٿي لاءِ مساواتن ۾ گهڻي قدر انتهائي اهم ڦيرگهيريون پهرين گني فهرست ۽ پوءِ زراعت ۾ آبادي جو ريشو هيون، جيئن اسان جي پهرئين انومان وسيلي بيان ڪيو ويو. ٻني جو ريشو ٻيهر مڙيو ئي وضاحت ڪندڙ قوتن سان ڳنڍيو ويو. اهڙي قسم جون قابليتون زرعي زمين جي وڏي پئماني تي اڻبرابر ورڇ باوجود آسٽريليا جهڙي ملڪ جي استحڪام کي بيان ڪرڻ لاءِ مدد فراهم ڪن ٿيون. وينزويلا جي به زمينن جي ورڇ تمام گهڻي غيرمساوي آهي (پر آسٽريليا کان وڌيڪ غيرمساوي نه آهي)، اڃا تائين وينزويلا ڪنهن حد تائين غريب ملڪ آهي ۽ ٽيڻ تي ماڻهو (غير موزون طريقي سان) زرعي شعبي ۾ مقرر ڪيل آهن. وينزويلا لاءِ عدم استحڪام جون مڙئي ترتيبون بنهه اوچيون آهن. تنهن باوجود نيم نااتفاقي تي باقي رهندڙ ڦيرگهيرين وچ ۾ مضبوط ڳانڍاپو نظر آيو آهي، جهڙي ريت سياست جو باذوق شاگرد توقع ڪندو هوندو.
هتي اڃا به هڪٻئي امڪان کي ڦلهوڙڻو پوندو، ته مساوات جو واسطو هڪ جمهوري حڪومت جي استحڪام سان هوندو، اهو آهي ته اتي ايڪڙ ٻيڪڙ تشدد يا رتوڇاڻ جا وقعا ٿيندا هوندا يا نه ٿيندا هوندا، اتي لڳاتار مٿانهين سطح تي عملدارن جي مسلسل تبديلي ٿيندي هوندي يا نه ٿيندي هوندي، پر عين ممڪن آهي ته دولت جي مک وسيلي (جهڙوڪ زرعي زمين) جي ورڇ واري هيٺين سطح تائين غيرمساوي طريقي سان هڪ قوم وٽ پائيدار جمهوري سرڪار هوندي. ٽيل نمبر 3 لپسيٽ (Lipset) کانپوءِ اسان جي نموني طور درجي بند ٿيل ملڪن مان هر هڪ ملڪ کي “مستحڪم جمهوريت”، “غيرمستحڪم جمهوريت”، يا هڪ “آمريت” طور ڇهوڻي ٽيبل ڏيکاري ٿي. ۽ زمينن بابت عدم مساوات جي گني فهرست لاءِ مڌياني طور (medain) هيٺ يا مٿي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي.
نتيجا وري به متاثر ڪندڙ هجن ٿا. ٽيويهه رياستن جا زمين جي ونڊ ورڇ جي وڌيڪ مساوي طريقيڪار سان، 13 رياستون مستحڪم جمهوريتون آهن، جڏهن ته وڌيڪ 24 مان فقط 3 غيرمساوي ملڪن جي مستحڪم جمهوريتن طور درجي بندي ٿي سگهي ٿي، ۽ انهن ٽنهي مان هر هڪ چڱي خاص دولت مند رياست آهي، جتي زراعت هاڻ ناڻي جو بنيادي وسيلي واري حيثيت نٿي رکي. ٽـَوڪُوئـَي وِلـَي جي بنيادي ٽيڪاٽپڻي بهرحال درست ظاهر ٿيندي: جيڪڏهن معاشي محصولات جا مُک وسيلا شهرين ۾ بــِنهه غيرمساوي طريقي سان ورڇيل آهن، ته ڪابه رياست حڪومت لاءِ هڪ جمهوري طرزِ عمل گهڻي عرصي تائين قائم نه رکي سگهندي. اسرندڙ قومن جي حڪومتن مٿان وڏي پئماني تي زرعي سڌارن وارن پروگرامن جي نگراني ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ واري امريڪي پاليسي لازمي طور ٺهڪندڙ نظر اچي رهي آهي. هڪ “جانٺن يا مضبوط هارين جو طبقو” (Sturdy yeomanry) زميني ملڪيت جي ترقي ۾ جمهوري حڪومتن لاءِ لازم ملزوم آهي. تڏهن به اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا، جتي زميني ملڪيت تي قبضي يا حق سان سلهاڙيل مساوات مستحڪم جمهوريت سان سهڪاري آهي: پر اها جمهوري ترقي لاءِ ڪنهن به قسم جي ضمانت نٿي هجي. زرعي ملڪيتن جي حوالي سان سڌارا (land reformr) ڌرتيءَ کي واڌ ويجهه ڪرڻ لاءِ آزاد ادارا فراهم ڪري سگهي ٿي، پر ان لاءِ لازمي طور پهرين ٻِج ڇٽڻا پوندا.

وينزويلا ۾ سياسي رتوڇاڻ: 1964-1958: ايڊورڊ ڊبليو گـُوڊَ

سياسي رتوڇاڻ هونئن ته نسبتا ورلي ۽ هڪ سبب ڪارڻ ٿئي ٿي، يا ڪنهن ٻئي طرفان نسبتا سماجي سائنس ۾ تمام ٿورا آداب حاصل ڪيا هجن، اها ڳالهه خصوصي طور لڳ ڀڳ 1960 تائين بلڪل سچ هئي. ان کانپوءِ شهري حقن واري تحريڪ ۽ بيروني خطرن (Adventures)، جهڙوڪر 1961ع ۾ ڪيوبا جي ساحل تي ڪاسترو جي حڪومت خلاف امريڪي صدر جون ايف ڪينيڊي پاران ناڪام فوجي اڳرائي ڪرڻ (Bay of pigs)، ڊومڪينڪ ملڪ جي مداخلت، ۽ ويٽنامي جنگ ۾ شدت اهڙن قديم مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي: هڪ ماڻهو وڏي پئماني تي رتوڇاڻ کانسواءِ معاشرتي ڇڪتاڻ کي ڪئين سنڀالي سگهي ٿو ۽ تشدد هلندڙ سياسي نظامن جي حصي طور ڪيئن ڪم ڪري ٿو؟...
قابلِ فهم نظريو قائم ڪرڻ واري مقصد خاطر، هن کي ياد رکڻ اهميت جوڳو يا وقتائتو هوندو ته، ڪلاسيڪي ادب ۾ تشدد کي مفصل انداز ۾ پيش ڪيو ويو، يوناني فيلسوف ارسطو سندس ڪتاب V سياست کي سموري نظام جي تبديلي جي ڪارڻ کي انقلاب طور صرف ڪري ڇڏيو. يقينا سڄو اصرار سياسي تشدد تي هو، جنهن روايتي طور ڇڪتاڻ جي انتظامي اٽڪلن/مهارتن کان وڌيڪ مُک تبديليون آشڪار ڪيون، جڏهن ته هن تشدد ڏانهن وٺي ويندڙ عام ۽ خاص ٻنهي ڪارڻن جي پروڙ ڪري ورتي هئي. سندس عام طور انتهائي اهم تجزيو آهي ته “ هي جيڪو مساوات لاءِ جذبو هوندو آهي، اهو ئي فتني يا فسات جي بنيادن ۾ موجود هجي ٿو.”
بعد ۾ ارسطو انهي کي نفسياتي پهلو ۾ تبديل ڪيو، هتي سندس چوڻ آهي ته:
“سوچ جي رويي/رجحان جو هڪ بنيادي ۽ عام مقصد، جيڪو ماڻهو کي تبديليءَ ڏانهن راغب ڪري ٿو، اهڙو ڪارڻ هجي ٿو، جنهن بابت اسين فقط ڳالهايو آهي. ڪجهه اهڙا به مقصد آهن، جيڪي فتني ۽ فساد کي اڀاريندا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن ذهن مساوات جي جذبي سان ڀرپور هوندا آهن، جيڪو جذبو سندن اهڙي سوچ سان پيدا ٿئي ٿو ته وٽن برابر هجڻ جي بدران وٽن سوديبازي جي هڪ بدترين شڪل موجود رهي ٿي، جن مان هنن فائدو ورتو آهي. ساڳئي هنڌ ٻيا اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جيڪي اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪن ٿا جو سندن ذهن وري عدم مساوات (يعني بالادستي) واري جذبي سان ڀريل هوندا آهن، اهو سندن انهي خيال مان پيدا ٿئي ٿو ته کين ٻين مان ڪوبه فائدو نه مليو آهي (پر هڪ برابر يا وري تمام ٿورو مقدار)، توڙي جو اهي واقعي به ٻين سان وڌيڪ برابري واري هجن ٿا.”
هن ابتدا کان ڪارڻن جي ڪيتريون ئي صنفيات (Typology) اوسر ٿيل آهي، جيڪي نمايان طور انهن شڪايتن ۽ دانهن جو ڳاڻيٽو ڪن ٿيون، جن کي عام ماڻهو توڙي حڪومتون محسوس ڪنديون آهن. ارسطو جي مطالعي مان هي به واضح آهي ته انقلاب کي روڪڻ لاءِ فقط جوابي حملو ڪافي ناهي هوندو. معمولي قسم جي لاقانونيت کي ته روڪي سگهبو پر روڪٿام جا بنياد “هر آئين سان ٺهڪندڙ مخصوص صورت ۾ ڀلائي ۽ انصاف جي خاصيت” ۾ موجود رهن ٿا.
اهڙو ڇيد مقصدن/ڪارڻن (Causes) تي گهري نظر فراهم ڪرڻ ۾ ڪارائتو آهي، جيڪو سياسي تشدد کي اڀارڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو پر حرڪي قوتن بابت پڻ ٿورو گهڻو ٻڌائي ٿو. بهرحال، ارسطو حڪومتي سطح تي تشدد ۾ احتياط سان فرق ناهي ڪيو، جتان “ٿوري لاقانونيت” کي مهرباني/شفقت جي پهلوئن طرفان تشدد کي بيجا طور ظاهر ڪرڻ واري صورتحال کي ڌنڌلو ڪندي ڪنٽرول ڪيو ويو. پوليس جي ظلم جا ڪهڙا اثر آهن؟ ماڻهو سرڪشن جي حمايت ڇو ڪن ٿا؟ ڪهڙين حالتن ۾ سرڪشي وڌندڙ رڪنيت سازي کي منظم ڪري سگهي ٿي؟
ڪلاسيڪي نظريا ڏيندڙن منجهان ميڪاولي (Machiavelli) بادشاهن ۽ حڪومتن لاءِ ڇڪتاڻ جي انتظامي ڪاريگري ۽ ان جي سگهه توڙي ڪمزورين ٻنهي کي تسليم ڪرڻ طور سياسي رتوڇاڻ جو هڪ فعال نظريو پيش ڪرڻ لاءِ بنهه ويجهو اچي ٿو. تشدد کي هلندڙ سياسي مرحلي جي هڪ حصي جيان اهڙي شئي طور خيال ڪيو ويو، جنهن کي حڪومتون نظرانداز نه ڪري سگهنديون. جڏهن ته ميڪاولي حڪومتن کي ڪجهه نظرياتي ۽ عملي رهنمائي فراهم ڪري ٿو، هي ان کانپوءِ تائين نه هو ته ساڳيا مقالا سرڪشن ۽ انقلابين لاءِ جهجهي مقدار ۾ موجود هئا. اينگلس، لينن، بلينڪوئي، بيڪونن، نـَيڪائيوَ، سـَورَيل ۽ ٻين هلندڙ 19هين صديءَ جي وچولي دور واري مواد جي وهڪري سان وڌيا. انهي بعد واري مواد/ادب (litrature) ذري گهٽ خصوصي طور انقلابي تشدد، ارسطو طرفان فصيح نموني بيان ڪيل حڪومتن جي ڪمزورين کي سرمائي ۾ تبديل ڪرڻ جا دڳ بيان ڪيا. وري نام نهاد سياسي نظامن ۾ تشدد جي ڪردار تي هلڪي نظر ڊوڙائي وئي.
ميڪس ويبر (Max Weber) اهڙو مطالعو آڇي ٿو، جيڪو انقلاب، تشدد ۽ ٻين ڇڪتاڻ جي انتظامي ڪاريگرين وچ ۾ هڪ ڳانڍاپو فراهم ڪري ٿو. ويبير پنهنجي مضمون “سياست: هڪ ڌنڌو” ۾ سياست ۽ تشدد وچ ۾ فطري سٻنڌ تي زور ڏنو آهي، هن سڀ کان پهرين اهڙي حالت، ٻين لفظن ۾ تشدد جي واجب استعمال لاءِ هڪ هٽي ۽ ٻيو هيٺين ريت ڄاڻايل سياستدان جي ڪردار کي واضح ڪري ڏيکاريو.
“اهو قانوني معيار پٽاندڙ تشدد (Legitimate Violance) جو، جهڙوڪ انساني سڀا جي هٿن ۾ رهندڙ ذريعو سياست جي سمورن بنيادي مسئلن توڙي مونجهارن جي نرالپڻي جو تعين ڪري ٿو. ڪير به تشدد واري وسيلي/اوزار جو حصيدار ٿئي ٿو، پوءِ ڀلي انت ڇا به ٿئي - ۽ هر سياستدان ائين ڪري ٿو، اهو خاص نتيجن جو ظهور هوندو آهي.”
هي مطالعو تشدد کي سياسي عمل جي مرڪز واري دنگ تي چٽي نموني آڻي بيهاري ٿو، جيڪو زور نٿو ڀري ته تشدد فقط هڪ يا بنهه غالب/مسلط ٿيندڙ ذريعو آهي، پر رڳو ذريعن يا اوزارن جو هڪ حصو هجي ٿو.
بهرحال، تشدد کي پنهنجون ڪجهه نمايان خاصيتون هجن ٿيون، تشدد ئي سياسي نظام ۾ هڪ ذريعي طور، خاص ڪري ان جي مثالي وصفون هجي ٿو، جيڪا اسان لاءِ مُک ڳڻتي واري ڳالهه آهي.
تشدد جو اڀياس ڪرڻ لاءِ مخصوص قالب جي اوسر ڏانهن رخ ڪرڻ کان اڳ، ڪجهه لکڻين کي بيان ڪرڻ وڌيڪ مناسب لڳي ٿو، جيڪي تشدد تي هڪ پڄاڻي سان گڏوگڏ ذريعي طور ٽيڪاٽپڻي ڪن ٿيون، خصوصــا سَورَيل ۽ فـَينـَون جون لکڻيون ذهن ۾ تري آيون. اهي مقالا سياسي تشدد ۾ نه رڳو گهُرجن جي تحفظ يا طاقت سلب ڪرڻ لاءِ، پر سڃاڻپ ۽ لامبندي جا ذريعا فراهم ڪرڻ بابت نفسياتي فائدن تي به نظر وجهن ٿا. سوريل پٽاندڙ، مشترڪ اثر تدبير ۽ پڄاڻي هو، ۽ فينون جي نظر ۾ اهو تشدد آهي. انهن تشريحن لاءِ انگ اکر حاصل ڪرڻ بنهه ڏکيو آهي ۽ پيشڪاري لاءِ نظرياتي توڙي گڏيل ڪيل معلومات جي اڀياس مان گذاريو نه ويندو. انهن جوڙجڪن لاءِ ڪانه ڪا شئي موجود هجي ٿي، جنهن کي غور طلب ورونهنڪي/دلچسپ حڪايت وارين ثابتين جي پٺڀرائي حاصل آهي. ويجهڙ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿيل تجربو امريڪي شهرن ۾ وڳوڙين سان مسلسل ٽيليويزن تي ڪيل ڳالهيون آهي، منجهانئن هر هڪ چيو “آئون هر وقت مشڪان ٿو ۽ انهي کي هر وقت گورو ٿيندي ڏسان ٿو.” هتي هڪ احساس آهي، جنهن ۾ وڳوڙ وارو عمل انهن جي طرفان هڪ ڏي وٺ وارو تجربو ٿئي ٿو، جيڪي امريڪا سان واڳيل تجربي کي ٻاهر رکندا آيا آهن. فينون (Fanon) پنهنجي عمل ذريعي طبي/يا بي تعلق (Clinical) فطرت جي ثابتي ڏسي ٿو، جنهن ۾ تشدد جو استعمال سخت گير يا ظالماڻي طاقت جي ڪسرت جي سياق و سباق ۾ شخصي خدوخال ۽ هڪ مستحڪم نظام جو حصو ٿئي ٿو.
سياسي عملن جي مطالعي ۾ تشدد جي ڪردار جو تعين ڪندڙ انتهائي اهم عنصر تعريف جو ڪردار آهي. تشدد ۽ طاقت جي ساندهه خيالي صورتگري قانونيت، جائزيت ۽ مخصوص عملن وچ ۾ فرق تي ڍڪ رکڻ جي نيت سان آهي. گهڻو ڪري طاقت جو مطلب قانوني، رياست جي تحفظ لاءِ جائز جواز حڪومتي تشدد جي استعمال طور ورتو ويو آهي. تشدد کي غير سرڪاري فردن طرفان کنيل قانوني ۽ حقي واجبي قدمن جي مقصد طور ورتو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ان کانپوءِ عمل جي هڪ مخصوص صورت يعني تشدد سان تشدد غيرقانوني ۽ ناجائز سوچ سان ڳنڍيل هوندو آهي، اهڙين حالتن ۾ حساس ٿيڻ مشڪل هجي ٿو، جتي طاقت کي معاشري جي اهم طبقن طرفان بي واجبي ناهي سمجهيو ويو. اسان تشدد جي تصور کي عمل جي هڪ مخصوص قسم، بي پرواهه عمل ڪندڙ يا اداڪار (Actor)کي نمايان طور بيان ڪرڻ کي ترجيح ڏيون ٿا. انڪري اسان تشدد کي هڪ فرد يا فردن طرفان ٻئي فرد يا فردن خلاف يا ملڪيت طرفان ماڻهن کي زخمي ڪرڻ يا مارڻ جي مقصد سان ۽/يا ملڪيت کي تباهه ۽ نيست و نابود ڪرڻ جي مقصد سان ڪيل هڪ طبعي عمل طور بيان ڪريون ٿا. تشدد جي سياسي بڻجڻ پويان لازمي طور سياسي وهنوار کي ڇيهو رسائڻ واري نيت شامل هوندي. سياسي وهنوار کي مخصوص ادارن اندر مخصوص فردن طرفان عمل ۾ آندل قدرن جي ورڇ وارو هڪ نظام سمجهيو ويندو آهي. هن تشريح جو فيصلائتو نقطو يا مونجهارو (Crux) سياسي وهنوار ۾ تبديلين جو ڪارڻ بڻجڻ يا ان کي تباهه يا زخمي ڪرڻ لاءِ ويس ڌاريلن جي شروعاتي قدمن جي نيت ۾ ٿئي ٿو. انهي کي چيو ويندو آهي ته، هر تشدد، جيڪو سياست کي متاثر ڪري، لازمي ناهي ته سياسي تشدد هجي.
اهڙي تشريح ذاتي فائدي لاءِ حادثي ۽ ڏوهي عملن کي الڳ ڪري ٿي، پر ٻنهي جي نمائندگي ڪندڙ حڪومت ۽ شورش پسندن جي عملن يا قدمن کي شامل ڪندي آهي. پوءِ منظم معاشري اندر قابلِ قدر گروپن طرفان خيال ڪيل قدمن جي جواز جي حوالي سان سوچڻ لاءِ سوال جنم وٺن ٿا. هيٺين ريت ڄاڻايل ٽيبل مختلف امڪانات جو خاڪو ڏيکاري ٿي.
ٽيبل نمبر هڪ
شروعات ڪيل تشدد
خيال ڪيل تشدد:
حڪومت شورس پسند
واجبي/جائز I II
غيرواجبي/ناجائز III IV

مستحڪم معاشري ۾ هڪ ماڻهو توقع ڪندو ته سرڪاري سطح تي تشدد کي جائز تصور ڪيو ويندو (I) ۽ شورش پسندن جي تشدد کي ناجائز تصور ڪيو ويندو (IV) . ساڳي ريت هڪ معاشرو بنهه غيرمستحڪم بڻجي ويندو، جيڪڏهن رياستي سطح جي تشدد کي ناجائز يا غيرواجبي سمجهيو ويو ۽ شورش پسندن جي تشدد کي جائز تصور ڪيو ويو.
اهو تسليم ڪرڻ اهم آهي ته هڪ حڪومت يا شورش پسندن جي ڪنهن به قدم جي ڪاٿي تحت ورلي ڪو سڄو معاهدو ٿيندو آهي، ان کانپوءِ اها سڃاڻپ ڪرڻ لازمي آهي ته ڇا منظم معاشري ۾ هڪ قابلِ قدر ڌڙو يا گروپ عملن کي جائز يا ناجائز تصور ڪري ٿو. I ۽ IV جي محوري دائري (Axis) کان II ۽ III جي محوري دائري تائين منتقلي بعد ۾ عدم استحڪام ۾ شدت جو اشارو ڪندي. ياد رهي ته استحڪام جي سوچ تشدد جي درجي کان آزاد هجي ٿي، سواءِ ان درجي جي، جنهن تائين جائز/واجبيت جي ادراڪ ۾ تشدد جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. استحڪام ۾ گهٽتائي تشدد ۽ تبديلي وچ ۾ ڳانڍاپي جي نشاندهي ڪندي.گڏ ڪيل معلومات انهي سوچ جي توثيق ڪندي نظر اچي ٿو ته، هڪ سياسي نظام جو استحڪام انهي نظام ۾ ئي تشدد تي برابري سان دارومدار نٿو رکي. جهڙوڪ، مـَين فريڊ هـَيلپـَرن (Manfred Halpern) تشدد جي اونچي سطح جي سياق و سباق ۾ اسلامي سياسي نظامن جي استحڪام تي بحث ڪيو آهي، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو:
“مسلمانن جي طرزِ زندگي جي غيرمعمولي ڪاميابي هي آهي جو، متوازن ڇڪتاڻ واري نظام جي ڪري 13 سئو سالن تائين ڀوڳنائون برداشت ڪيون، جنهن ۾ سياسي تشدد ۽ کڻي چئجي ته تعصبي ڳٺ جوڙ سماج ۾ خلل پيدا ڪندڙ قوتن کان وڌيڪ مستحڪم ۽ معتدل ٿيندو ويو.”
تشدد جي برابر تبديلي ۽/يا تشدد واري سوچ ۾ تبديلي سماج جي تبديلي جو غيرمعمولي تعين ڪندڙ (Determinants) آهن. I ۽ IV جي شڪل وارا تشدد جا تصور معتدل ٿيندا ۽ II توڙي III جي صورت وارا تصور فسادي يا خلل انگيز ٿي ويندا. ساڳئي طرح، جيڪڏهن قابلِ قدر ڌڙا يا گروپ عمل جي جواز/جائز هجڻ جي حوالي سان پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا، ته نظام ۾ تبديلي جي توقع ڪري سگهجي ٿي.
سياسي تشدد پنهنجي طور هڪ سياسي نظام ۾ لازمي طور تبديلي جي قسم جو تعين نٿو ڪري، اهو سچ آهي، معنيٰ ته ڪشادگي ۽ نزديڪي، ترقياتي اوسر ۽ غيرترقياتي اوسر (orientation) يا ڪا مخصوص مقدار جي سرسري ڄاڻ ۽ فڪرفهم. ان کان علاوه سياسي تشدد سدائين نظام مخالف مفهوم يا تناظر ۾ ڪم نه ڪندو آهي. سياسي تشدد معاشري جي ٻيهر مڪمل ترتيب يا سليقي ۾ آڻڻ واري مقصد جو اشارو ڪندي اڪيلي سر انقلابي مظهرنٿو بڻجي، تشدد گهڻو ڪري محدود مقصدن ۾ شامل هجي ٿو. اهو ڇڪتاڻ جي سياسي انتظام لاءِ هڪ بنيادي ذريعو هجي ٿو.
هن وقت تائين اسان تشدد جي حقيقي يا ظاهري عملن بابت ڳالهايو آهي، جڏهن ته هي مرڪزي هجي ٿو، نيستي تائين پهچائيندڙ تشدد طور پڻ سمجهڻو پوندو. اصل ۾، اهي ٻئي گهرائي سان هڪٻئي سان سلهاڙيل هوندا آهن، جيئن نــِيبـَرگ (Neiburg) زبردست انداز ۾ بيان ڪيو آهي:
“تشدد کي ٻه اڻٽر پهلو هوندا آهن، هڪ ظاهري....۽ ٻيو مخفي (خطري وارو) استعمال. تشدد جو برپا ٿيڻ ۽ ظهور پنهنجي خطرناڪ مصيبت بابت دوکيبازي/ظاهري امڪان فراهم ڪرڻ لاءِ وقت بوقت لازمي طور وجود ۾ ايندو، ۽ انهي وسيلي سماجي ۽ سياسي تبديلي لاءِ هڪ اوزار طور خطرو پيدا ڪرڻ بابت تاثير/اثر پيدا ڪندو. تنهن ڪري ظاهري ڏيکاءُ ۽ خطري وارن ٻنهي پهلوئن کي بهرحال الڳ نٿو ڪري سگهجي.”
ان کانپوءِ تشدد جو واقعاتي استعمال، ابتدا ڪندڙن واري پاسي کان معيار، قابلي ۽ عزم ظاهر ڪرڻ لاءِ لازمي اڻٽر هجي ٿو. تشدد جو خطرو يقيني طور ظاهري استعمال ۽ ٻين لفظن ۾ پوليس، نيشنل گارڊس، ۽ روزاني بنيادن تي سرڪاري قوت جي يادگيري ڏياريندڙ فوجي استعمال کان وڌيڪ سياست ۾ گهڻو واقع ٿئي ٿو. ان کان علاوه ظاهري لفظن جي صورت ۾ پيش ڪيل خطرو، تشدد جو خاموش پر سمجهه ۾ نه ايندڙ خطرو حقيقي هجي ٿو. ذڪر نه ڪيل خطرو گهڻو ڪري واجب تشدد لاءِ هڪ هٽي جي دعويٰ ۽ خطرن کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکڻ جي حوالي سان وسيلن جي موجودگيءَ سبب حڪومت جي ظاهري اهليت کان وڌيڪ هوندو آهي. سرڪشي يا بغاوت کي سگهه/يا اهليت جي بيان توڙي ظهور لاءِ ۽ ضرور اڪثر ڪري معيار/ساک مڃائڻ لاءِ ظاهري تشدد کي کڻي هلڻ آڏو وڌيڪ وڏي مشڪلات هوندي آهي. تڪرار جي بندوبست لاءِ هن مخصوص وسيلن جي مستحڪم حصي طور خطرو ظاهري تشدد سان گڏ ڪم ڪندو آهي.
قانوني/جائز تشدد جي استعمال جي حوالي سان گهٽ يا وڌ هڪ هٽي جي باري ۾ سرڪاري دعوائن باوجود سرڪشن جي انهي ذريعي/اوزار تائين برابر پهچ هجي ٿي. هڪ منظم معاشري ۾ طبعي اوزار ايتري تعداد ۾ موجود موجود آهن جو انهن تي مڪمل ڪنٽرول ۾ رکڻ ناممڪن آهي. ڪجهه رائيفلون، پستول، شيشي ۾ پيٽرول يا بارود ڀري ٺاهيل بم (Molotov coctails) ، گهر ويٺي تيار ڪيل بم آساني سان حاصل ٿيندڙ اوزار آهن. ايستائين جو مواصلاتي سازو سامان، فوجي مدد (logistic Support) ، ۽ ميدان ۾ ڪتب ايندڙ سامان (ڪيمپنگ ڪرڻ لاءِ اوزار) هلڪين ڦلڪين ڦرلٽ جي ڪارروائين سان حاصل ٿي ويندا. جيئن اڳتي هلي بحث ڪبو، ته جڏهن ٻيا سمورا وسيلا بند ٿي وڃن ته تشدد سولو ۽ پرڪشش ذريعو بڻجي وڃي ٿو، حڪومت لاءِ انهي کي ڪنٽرول ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو هوندو آهي. چونڊيل يا مقرر ڪيل باڊيز، پريس، عوامي گڏجاڻيون، قانوني ادارا سياسي آکاڙي ۾ اوزار طور نسبتن تشدد کان وڌيڪ آساني سان ضابطي ۾ اچي سگهندا آهن.
تشدد هڪ ڀيرو اثرائتو وسيلو بڻجي وڃي، ته ڇڙواڳ حصن ٽولن جي هڪ حصي کي منظم ڪرڻ لاءِ چٽاڀيٽي جو هڪ مرحلو بڻجي ويندو آهي. جيڪڏهن سمورين نه، ته به گهڻين حالتن ۾ سياسي تشدد جي استعمال ۾ ظاهري شراڪت دارن جو انگ مجموعي آبادي جي نسبت تمام ٿورو هجي ٿو. بغاوت يا سرڪشي ڪارڪنن جي نــَون جٿن ۽ همدردن کي ڀرتي ڪرڻ وارن مقصدن سان منهن مقابل هوندي آهي، ساڳي ريت هڪ حڪومت ڇڙوڇڙ/غيرپابند ۽ خاص ڪري سرڪشي جي نشاني هيٺ آبادي کي منظم ڪرڻ واري ذميواري کي منهن ڏيندي آهي. اها متاثر آبادي هڪ لساني، مذهبي، اقتصادي ۽ ٻين قسمن جو گروپ ٿي سگهي ٿي، جن جون حقيقي ۽ تصور ڪيل ڳڻتيون حڪومت طرفان نظرانداز ڪيون ويون يا انهن جي بيجا لتاڙ ڪئي وئي.
حڪومت ۽ باغي، ٻنهي جا انيڪ ٽڪساٽ سڌن مخالفن/دشمنن بدران انهن ڇڙواڳ گروپن مٿان وڌيڪ مقصود هوندا آهن. ان جو مطلب ته متاثر آبادين کي تحفظ لاءِ ورتل قدمن ۾ حڪومتون ڪمزور (بشرطه سدائين ڪاميابي سان نه) هونديون آهن. اهڙي ريت، اهي اهڙا ٽڪساٽ استعمال ڪرڻ جون ڪوششون ڪنديون آهن، جيڪي اڳوڻي ٽيبل جي خاني نمبر I ۾ وڃي ملندا، ايستائين جو هي شورش پسندي جي نابودي لاءِ فني طور تي گهڻو اثرائتو ثابت نه ٿيندو. ساڳي ريت شورش پسندي اهڙا عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، جيڪي خاني نمبر II ۾ اچن ٿا. جيڪڏهن وڏي قيمت يا نتيجي جو خيال ڪيو ويو، ته حڪومت اڪثر ڪري خاني نمبر III جا ٽڪساٽ استعمال ڪرڻ ۾ سوچي سمجهي خطرو کڻندي آهي، اهو رٿ ۽ موٽ جو هڪ سلسلو آهي. هڪ پوليس اهلڪار جو قتل هيجان برپا ڪندو آهي، جنهن سان متاثر ٿيل آبادي وڌيڪ ويڳاڻي ٿي وڃي ٿي، توڙي جو کين شروعات کان ئي دهشتگردن سان ڪنهن به قسم جي همدردي نه هوندي. اهڙي ريت، حڪومت وٽ پرتشدد سياسي مقابلي جو طرزِ عمل جوڙڻ لاءِ ڪيترن ئي طريقن سان موقعو هوندو آهي.
گهرو ويڙهه جي خطري سان ڀريل حڪومت طرفان ڪيل ڪنهن به حوالي سان، اهو هر پاسي هڪ قسم جي بغاوت پکڙجڻ جو سڏ به هوندو، فيصلا گهڻو ڪري اڻٽر ۽ جٽادار هوندا آهن.
پروفيسر پائي (Pye) بيٺڪيتي يعني ڪلونيل تجربي/مشق واري دور ۾ برپا ٿيندڙ ڪيترن ئي فسادن جي جواب ۾ غيراخلاقي ۽ بي حس انداز ۾ بيٺڪيتي تشدد (Colonial violance) تي ضابطو آڻڻ واري عمل سان برطانوي راڄ جي ڪاميابي کي منسوب ڪري ٿو. اهڙي قسم جي روِش کي هڪ شورش پسند تحريڪ لاءِ “مڪمل فتح” يا “غيرمشروط شڪست” جي ڪابه ضرورت نه هوندي آهي. مختلف موقعن/رستن (options) کي قائم رکندي هڪ حڪومت ممڪن آهي ته گهٽ ۾ گهٽ متاثر آبادين کان وڌيڪ ويڳاڻي ٿي وڃي، ۽ اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ منظم معاشري کان لازمي حد تائين سهڪار وٺڻ جا قوي امڪان هوندا آهن.
جيتوڻيڪ، ٻئي پاسي حڪومت ڀرپور جواب ڏئي ٿي، شورش پسندن لاءِ قيمت موجود هوندي آهي، جنهن لاءِ اهي لازمي طور “مرڻ لاءِ ئي ويڙهه” ڪندا آهن ۽ هر ڪارڪن ذري برابر به ممڪن سوديبازي جي قطع نظر پنهنجي ايڪشن کي جاري رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته معاشري ڏانهن واپسي وارا سمورا دڳ سندس لاءِ بند ٿي چڪا هوندا آهن. جيڪڏهن حڪومت محفوظ آهي ۽ متاثر آبادي منجهه مڪمل توڙي مناسب پٺڀرائي رکي ٿي، ته اهڙي رٿابندي ڪامياب ٿي سگهندي. اهو اهڙين حالتن ۾ ورلي ڪو ٿيندو آهي، جتي سنجيده قسم جي شورش پسندي هجي. حڪومت لاءِ عزت نفس جي پائمالي تڏهن ٿيندي، جڏهن اها حقيقت ۾ جائز تشدد بابت هڪ هٽي کي ڪنٽرول نٿي ڪري سگهي، ان سان نه رڳو حڪومتي رٽ بابت خوداعتمادي، گڏوگڏ حڪومت بابت عوامي راءِ عامه به ڌُڏي وڃي ٿي. شورش پسندن جي مقصدن منجهان هڪ اهو به هوندو آهي ته اهڙي صورتحال برپا ڪئي وڃي، جنهن ۾ حڪومت لاءِ پنهنجي حرڪت پذيري ۽ اثر پذيري قائم رکڻ بنهه مشڪل هجي، يا گهٽ ۾ گهٽ اهڙي قسم جي سوچ رهي. شورش پسندي واري خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي جوابي ڪارروائي يا حڪمت عملي تحرڪ/تنظيم جي تسلسل جو تعين ڪرڻ ۾ بهرحال انتهائي ڳنڀير هوندي آهي.
حڪومتون نظام ۽ شورش پسندين ۾ نشاندهي ڪيل نظام مخالف وچ ۾ ورلي فرق ڪنديون آهن. جيڪڏهن ڪا حڪومت چٽي نموني تشدد جي خطري ۾ شامل ٿيندڙ شورش پسندي کي هلڪو سمجهي ٿي، ته اهڙيون ڪيتريون ئي حالتون آهن، جن ۾ هڪ شورش پسند جا مطالبا ڪُل نه هوندا آهن. حقيقت ۾ ، وڏيون انقلابي تحريڪون فراهم ڪيل سياسي نظام جي مڪمل طور تڏاويڙهه ڪرڻ کان گهٽ مقصدن لاءِ تشدد جي استعمال وارن انيڪ مرحلن مان گذري چڪيون آهن. اهڙين حالتن ۾، حڪومت جي گهڻ موٽ (Overresponses) صراحت سان ابتڙ اثر ڪندڙ (counterproductive) هوندي آهي. نظام ۽ تعين ڪيل نظام مخالف رويي منجهه فرق بهرحال سرڪار جي طئه ڪيل انتهائي اهم حڪمت عملي هجي ٿي، جيتوڻيڪ گهڻو ڪري ان کي تسليم نه ڪيو ويندو آهي.
سرڪار جي جنگي فن (strategy) کان شورش پسندن ڏانهن رخ ڪجي ٿو. اسين ڏسنداسين ته اهي ڪنهن به تنظيم طرفان بنيادي تنظيمي هدفن جي منهن مقابل آهن، اهڙي قسم جي ڪابه تنظيم سرڪار جيان انتظام (management) بابت ڪيترن ئي مسئلن ۾ وڪوڙيل هوندي هڪ نظام اندر نظام بڻجي ويندي آهي. اها لازمي طور ڪارڪنن جون ڀرتيون ڪندي، انهن کي مهذب بڻائيندي، نظرين ۽ جنگي چالن کي تشڪيل ڏيندي، ٻين سان رابطا رکندي، ٻين سان غيرمعمولي طور ميل جول رکندي، ان صورت ۾ ته جيئن حڪومت اهڙي طريقي سان سندن سگهه وڌائي. شورش پسندي لاءِ تشدد انهن سمورن مرحلن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هڪ شورش پسند تحريڪ جي تحرڪ پسندي (activism) “حقيقي معتقد” جي بلڪل هڪ حصي کي ڪشش ڪري ٿي، جيڪا تنظيم کي وسيع بڻائڻ لاءِ گهربل هجي ٿي. فينون جي راءِ تي تبصري کانسواءِ، اهو واضح آهي ته شورش پسند تنظيمون مخفي طور موجود ڪارڪنن (potential members) طرفان پنهنجي محرومي ذاتي توڙي مجموعي معاشري ٻنهي لاءِ هڪ نجات طور تصور ڪيون ويون. ظلم ۽ جبر واري عمل ۾ ابتدائي طور گهٽ سنجيده ڪردار ۾ شموليت تنظيم جو معزز ڪارڪن بڻجڻ لاءِ سماجي ميل جول جو اهم جُز بڻجي وڃي ٿي. گڏوگڏ، شموليت ڪرڻ کانپوءِ جڏهن کان منظم معاشري جو ٻيهر حصو مشڪل بڻجي وڃي ٿو، ائين ئي تحريڪ کي ڇڏڻ به بنهه ڏکيو هوندو آهي. ٻاهرين سلام دعا کي قائم رکڻ وارو عمل ڪارڪنن تي ٻنهي پاسن کان دٻاءُ گھٽجڻ سبب خطرناڪ پڻ بڻجي وڃي ٿو. ظلم جي عمل ۾ شراڪت جُملي عزم جو اظهار بڻجي وڃي ٿي، ۽ اهڙن عملن ۾ مرڪزي ڪردار ڏانهن مڪمل رضامندي رڪنيت جون سموريون آزمائشون توڙ پهچائڻ جي تصديق هجي ٿي.
انهي قسم جي تناظر ۾ تشدد يا ظلم جو نظرين ۽ رٿائن جي مرڪزي پريشانين منجهان هڪ ٿيڻ ششدر ڪندڙ نه آهي. ظلم شورش پسندي جو غالب ذريعو آهي. هر مکياري تحريڪ نظرئي ۽ چالُين (tactics) ۾ تشدد جي ڪردار بابت ادب جي دستن جا دستا تخليق ڪيا آهن. مٿانهين قيادت ۽ تنظيمي بحران نظرئي ۽ چالُين (tactics) ۾ تڪرار تي مرڪوز ٿئي ٿو. تحريڪ رڳو هڪ ڀيرو تشدد جي استعمال سان گڏوگڏ ٺوس پاليسين بابت پنهنجو طرز عمل يا طور طريقو اختيار ڪيو ته، تشدد کي انهي جي ميل ميلاپ جي ذريعي طور استعمال ڪيو ويندو آهي. جتي شورش پسند عدم تشدد سان به اخبارن جي پهرئين صفحي تي جاءِ نٿا والاري سگهن، اتي تقريبا تشدد جي زبردست تشريح يقيني بڻجندي آهي. ايستائين جو اعتراض جوڳي مواد جي بي رحم ڪَٽاڪُٽي (censorship) وارين حالتن ۾ به رابطن جي غير روايتي وسيلن جي بگڙيل صورتن ۽ اثرپذيري جي ڪري به ڪنهن حد تائين تشهير (coverage) لازمي ڪئي ويندي. متاثر آبادين ۾ بگاڙ حڪومت سان همدردي نه ڪندي شورش پسندن ۽ حڪومت جون ننڊون حرام ڪندڙ گروپن جي حمايت ڪندو، جيڪو عام طور ڄاتل سڃاتل تشدد جي به اخبارن ۾ ڪوريج نه ٿيڻ جو نتيجو هوندو. شديد سينسر ٿيل اخبارن ۾ ٿوري به تشهير اوترو ئي اثر رکي ٿي، جيترو پابندي سلاسل نه ٿيل پريس جي وڏي تشهير اثر رکندي آهي، ڇاڪاڻ جو ميڊيا جي اظهار جي آزادي جي کوٽ واري حقيقت عيان ٿي ويندي.
شورش پسندن جون فوجي چالون گهڻو ڪري سرڪاري قوتن سان رابطن کي نظرانداز ڪرڻ لاءِ هونديون آهن، اهڃاڻي هدفن تي حملا ڪيا ويندا آهن، جهڙوڪر پرڏيهي ڪاروباري مرڪز، پوليس، امير طبقي جا ماڻهو جن سان خاص ڪري نفرت ڪئي ويندي آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن رڳو سرڪاري نمائندا، جيئن اسڪولن جا ماستر ۽ ويئٽنام ۾ ڳوٺن وسندين جا سربراهه. انهي تشدد يا ظلم جو مقصد مقبوليت ماڻڻ، مواصلاتي مصروفيتن ۽ سگهه حاصل ڪرڻ سميت سرڪاري دٻڙدونس وجهڻ آهي، جيڪو شورش پسندي جي تحريڪ ۾ نوجوانن جي ڀرتين لاءِ بنياد فراهم ڪري سگهي ٿو. اها شورش پسندن طرفان حڪومت لاءِ بار بار تيار ڪيل هڪ ڪوڙڪي آهي، ۽ حيران ڪندڙ آهي ته باقاعدگي سان فوج ۽ پوليس انهي لاءِ ڪـِري ڊهي پوندي آهي. انهي حقيقت جو امڪاني نتيجو هي آهي ته شورش پسند مهاتشدد جي فني نوعيت کي جاري رکي سگهن ٿا، ساڳئي وقت حڪومت قانوني طور يا اخلاقي قدرن تحت اهڙن فسادن تي نظر رکڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي.
مٿي ڄاڻايل حالت اشارو ڪري سگهندي هوندي ته سياسي مرحلي جي مستحڪم جُز طور تشدد مسلسل ۽ بار بار ٿيندڙ واقعو هجي ٿو. ان جي برعڪس، تشدد کي سياست ۾ ورلي ذريعي طور ڪتب آندو وڃي ٿو، توڙي جو سندس تباهڪن استعمال سدائين موجود هوندو آهي. سياسي تشدد وارو عمل وڌ کان وڌ ڌيان ڇڪائيندو آهي، جڏهن ته اسان ڪڏهن به قابلِ قدر عدم تشدد تي ٻڌل سياسي عمل جي ڪٿ ڪرڻ جي ٿوري به ڪوشش تي ڪڏهن ڌيان ناهي ڏنو، جيڪو هميشه ٿئي ٿو. ايستائين جو پريس/ ذراءِ ابلاغ ۾ به انهن سڀني کي رپورٽ ڪرڻ ۾ گهٽ دلچسپي ورتي ويندي آهي، سو تشدد جيڪو ڪجهه پاڻ آهي، اڪثر ڪري ان کان به وڌيڪ غالب مظهر طور نظر ايندو آهي. تشدد جون نفسياسي ۽ طبعي قيمتون انهي جي مسلسل استعمال جو اخراج هجن ٿيون. ڪجهه حالتن ۾ اها تشريح ڪرڻ بنهه ڏکيو ڪم لڳي ٿو ته تشدد ٻين حالتن ۾ بيان ڪرڻ کان وجود ۾ ڇو نه آيو، ائين ڇو ٿيو؟. بهرحال، هن ليک ۾ انهي سوال ۾ نه پونداسين ته مخصوص حالتن ۾ تشدد جو استعمال ڇو ڪيو ويو ۽ ڇو نه ڪيو ويو؟ تشدد ڪهڙي ريت سياسي نظام ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ اهو ڪڏهن ٿيو؟ اسان انهي بابت وڌندڙ نظرياتي قياسن تي مرڪوز رهيا آهيون.
حالتن جي تاڃي پيٽي ۾ ڳالهه کي خلاصي ۾ آڻي سگهجي ٿو، جيڪو وينزويلا ۾ شورش پسندي جو مشاهدو ڪرڻ لاءِ ڪارائتو هوندو. سادو بيان ذهن ۾ مرڪزي تصورن کي کڻي هلڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو، پر سياسي تشدد جي سمجهه ٻوجهه لاءِ ڪهڙو نظرياتي بنياد بهتر ٿي سگهي ٿو، انهي بابت شروعاتي بيانن کان وڌيڪ نه کڻڻ گهرجي. هيٺ ڄاڻايل حالتون انجامي مشاهدي لاءِ بنياد فراهم ڪنديون.
جيڪڏهن ڇڪتاڻ جي انتظامي مرحلن تائين پهچ جا عدم تشدد تي ٻڌل وسيلا بند ٿي ويا آهن، تڏهن مخالفن لاءِ تشدد سـَوکي وسيلي ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.
جيڪڏهن تڪراري انتظام واري مرحلي لاءِ پهچ جا عدم تشددي وسيلا بند نه ڪيا ويا آهن، هڪ سسٽم مخالف شورش پسندي ڪاميابي جي بنهه معمولي امڪان تي بيهي ٿي.
جيڪڏهن تڪرار جي انتظامي مرحلن تائين پهچ جا اهنسائي ذريعا بند ڪيا وڃن، ته پوءِ سياسي رابطن لاءِ تشدد هڪ اثرائتو ذريعو بڻجي وڃي ٿو.
جيڪڏهن رياستي تشدد کي غيرمعمولي ڌڙن طرفان ناجائز سمجهيو ويو آهي، يا جيڪڏهن شورش پسندي تي ٻڌل تشدد کي قابلِ قدر گروپن طرفان جائز تصور ڪيو وڃي ٿو، ته پوءِ نظام ۾ موزون تبديلي جي توقع ڪري سگهجي ٿي.
جي سرڪار شورش پسندي جي خطري خلاف حد کان وڌيڪ موٽ ڏئي ٿي، اها شورش پسند حامي سجاڳي کي هٿي ڏيڻ واري خطري کي تيز ڪري ڇڏيندي آهي.
جيڪڏهن هڪ حڪومت پنهنجي ئي فوج ۽ پوليس منجهه حمايت وڃائي ويهندي آهي، ته پوءِ هڪ شورش پسندي کي منهن ڏيڻ ۾ ڪاميابي جا امڪان تمام ٿورا هجن ٿا.
جيڪڏهن هڪ شورش پسندي يا بغاوت پنهنجي پيرن تي بيهي وڃي ٿي، ته پوءِ ان کي نون جٿن جي ڀرتين ۽ ميل جول لاءِ تشدد جي استعمال جي ضرورت پوندي آهي.
اهي تجويزون وينزويلا ۾ پـَيريز جِمنيز(Perez Jimneze) جي حڪومت کان وٺي ليوني (Leoni) جي صدر طور انتخاب تائين سياسي تشدد جي استعمال جو مشاهدو ڪرڻ لاءِ هڪ دري کولي ڏين ٿيون. نام نهاد بيٽان ڪورٽ (Betancourt) وارا سال ساڄي ڌر ۽ کاٻي ڌر ٻنهي جي تشدد جي سختگير مشق وارن سالن منجهان هئا. اها بيٽان ڪورٽ طرفان پنهنجو مدو پورو ڪرڻ سندس حڪومت ۽ شورش پسندن جي احمقاڻي اندازي، ٻنهي جو ڪارنامو آهي.
وينزويلا جي اڪيلي سياسي تاريخ اهڙي آهي، جنهن ۾ تشدد نهايت عمدو ڪردار ادا ڪيو آهي. آزادي جي ڪارستاني انهي دور جو انجام هئي، جنهن ۾ آئيني راڄ لاءِ فقط جدوجهد واري پرتشدد صديءَ ذريعي اسپيني جاسوسن (agents) خلاف غيرمعمولي قسم جو تشدد يا رتوڇاڻ برپا ٿيو هو. انهي جي نتيجي ۾ نظام بنهه ضابطي ۾ اچي ويو، ظلم ۽ ڪاڊيلو فوجون (Caudillo) سياسي ورثي جو متوقع وسيلو بڻجي ويا. اهو جيڪڏهن حقي نه به هيو، ته حقيقي ضرور هيو ۽ وينزويلائي سياست جو تسليم ڪيل طرزِ عمل هيو.
نوابشاهي انقلابي بوليوار (Bolivar)، الانيرو جي صفا ڄٽ جنرل جوز اينٽونيو پائيز (Jose Antonio Paez) جو راڄ ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترين ئي نِسـَڦل ڪوششن کانپوءِ اسپينين کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي جي سرواڻي ڪئي. 1935ع ۾ گومز (Gomez) جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ کان وٺي شايد سڀني کان وڌيڪ پائيز پنهنجي حڪومت کي تمام گهڻو حساس ۽ انتهائي احتياط سان سنڀالي هلايو. پائيز جي موت کان جوئان ونسينٽ گومز جي راڄ جو سج اڀرڻ تائين وارو هن صديءَ جو ابتدائي دور هڪ ڪرپٽ حڪومت کان ٻي ڪرپٽ حڪومت جي ورثي وارو دور سمجهيو ويندو هو. گهڻن حڪمرانن ته ذاتي فائدي ۽ دوستن توڙي خدمتگارن جي فائدي لاءِ ملڪ کي جاگير ڪري هلايو.
گومز پهريون جديد حڪمران هو، جنهن پنهنجي دور ۾ آمريت جي فن کي مٿانهين سطح تائين پهچايو . هن فوج کي پيشيور بڻائي پنهنجي ئي نظام جي تباهيءَ جو ٻج پڻ پوکيو. اهو سڀ ڪجهه هڪ اڪيڊمي جي قيام وسيلي، حاصل ڪيل ترقي جي آغاز، جديد اوزارن ۽ رٿائن، ۽ ذاتي نه پر قومي سطح جي دليل پسندي (ethos) جي ڪري ٿيو. جڏهن ته گومز جي حڪومت خلاف بغاوتن جون ڪوششون ٿي چڪيون هيون، شايد سڀ کان وڌيڪ غيرمعمولي فساد ان وقت ڪر کنيو، جڏهن هڪ يونيورسٽي جي شاگردن جشن جي تقريب دوران آمريت خلاف ڳالهائڻ واري موقعي مان ڀرپور فائدو ورتو، نتيجي ۾ شاگردن جي گرفتارين سان وڏي پئماني تي سندن حمايت پيدا ٿي ۽ اهڙي ريت “28 جي نسل” واري تحريڪ جنم ورتو. رَومـُولـَو بيٽانڪورٽ ۽ جووِيٽـَو وِيلالبا آمريت خلاف ڳالهائڻ تي گرفتار ٿيندڙ ۾ شامل هئا، اهڙن واقعن پڄاڻا ملڪ جي عملدارن ۽ جديد سياسي جماعتن جي ڍانچي ۾ جدت ترقي پذير ٿي.
1935ع ۾ گومز پنهنجي بستري تي مرڻ ڪنڌيءَ تي وڃي رهيو هو ، پر سندس بيماري سبب پيدا ٿيل خال ڀرڻ لاءِ ڪابينا طرفان جنگين واري کاتي جي وزير جنرل اَيـلـِيئزار لوپيز ڪائونٽرايراز جي چونڊ ڪئي وئي، جيڪو حڪومت کي هلائڻ لاءِ بنهه مختلف سوچ رکندڙ هو، هن وينزويلا جي ان وقت جي حالتن کي سياق و سباق سان ڏسندي قابلِ قدر سڌارا متعارف ڪرايا. لوپيز باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته سندس حڪومت آمريت کان جمهوريت ڏانهن منتقلي تائين جي منتقلي جو دور هو.
“مون پنهنجي حڪومت جو آغاز جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۽ پورهيتن جي جبري ڪيمپن ۾ بند ڪيل هزارين سياسي قيدين کي آزادي ڏيڻ سان ڪيو آهي، مون کي سمورن جلاوطنن کي ڌرتي ماءُ تي واپس آڻڻ ۽ مون سان گڏ ڪم ڪرڻ جو کين موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ اختيار مليو آهي. لاتعداد عام پورهيتن طرفان منهنجو آجياڻو ڪيو ويو، مون پورهيت تنظيمن ۽ سياسي جماعتن جي تنظيم سازي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، اظهار جي آزادي ۽ ميڊيا جي آزادي جي اجازت ڏني آهي، ۽ چونڊون ڪرائڻ جي حمايت ڪئي ۽ منهنجي حساب سان انهن اليڪشنن ۾ مخالفن کي ڪاميابي ملي. مون هاڻ ختم ٿيل نظام کان بنهه مختلف نظام آڻڻ لاءِ سموريون ڪوششون ورتيون آهن، هڪ اهڙو نظام، جنهن ۾ جمهوري حڪومت کي سمورا لاڀ ۽ مان مرتبا حاصل هجن.”
سچ آهي ته لوپيز ڪونٽريراز (Lopez Contreras) اهو باور ڪرائڻ ضروري سمجهيو ته “ڪيترين حالتن ۾ مخالف ڌر جي ڪاميابي” سڌارن جي اثرن جي باري ۾ ڪجهه شڪ شبهن کي جنم ڏنو آهي. تنهن هوندي جمهوريت جي طرف آغاز ۽ مثال قائم ٿيو آهي. پيريز جـِمنـَيز طرفان گومز جي طرزِ حڪمراني کي ٻيهر آڻڻ واري ڪوشش ناڪامي جو شڪار ٿي وئي. 1941ع ۾ رومولو بيٽانڪورٽ جي سرواڻي ۾ ڪانگريس طرفان لوپيز ڪونٽريراز کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جنرل اِيسائيـِئـَس مـَيڊِينا اَگرِيٽا جي چونڊ اَيڪسـِيئـَون ڊيموڪراشيا (AD) پارٽي لاءِ قانوني جواز تائين سڌارن کي جاري رکيو ويو.
وينزويلائي معاشري جي بنيادي ڍانچي کي سگهارو بڻائڻ لاءِ اختيار ڪيل سڌارا سست هئا، جنهن آمريتي راڄ جي دور ۾ ڊگهو عرصو گذاريو هو، حال ۾ موجود ڪانگريسي چونڊن ۽ اليڪشني قانونن جي فراهم ڪيل آئين تقريبا پُراڻ پسند ڌڙن جي فتح کي يقيني بڻايو. فوج منجهه هڪ ڌڙو يونين پـَيٽرَوٽريا مِليٽار (UPM) فوج اندر نواڻ يا جدت ۾ سستي رفتار تي ڳڻتي جو شڪار هئي، انهي اَي ڊي جماعت سان هٿ ملايو ۽ 1945ع ۾ ميڊينا خلاف ڪامياب بغاوت برپا ڪئي. نتيجي ۾ قائم ڪيل فوجي سرڪار (Junta) ٻن فوجي آفيسرز سان گڏ رومولو بيٽناڪورٽ ۽ اي ڊي جماعت سان واڳيل رائول ليوني ۽ هڪ سويلين تي مشتمل هئي.
فوجي سرڪار جنتا جي سرواڻي ڪندي بيٽانڪورٽ تيار ٿيل پاليسي ۽ ٻين سماجي سڌارن جي حوالي سان تڪڙ ۾ اي ڊي جماعت لاءِ پارٽي پليٽ فارم متعارف ڪرايو. هڪ نئين آئين جو اعلان ڪيو ويو ۽ 14 ڊسمبر 1947ع تي چـُناءُ ڪرايا ويا، جن ۾ اي ڊي جماعت جي اميدوار ۽ مشهور ناول نگار رومولو گاليگوس (Romulo Gallegos) چونڊجي ويو. بدقسمتي سان نئين حڪومت طرفان تڙتڪڙ مان تجويز ڪيل ۽ فوجي جنتا طرفان جاري رکيل سماجي تبديليون فوج لاءِ چوڪس رهڻ جون ڪارڻ بڻجي ويون. فوجي جي اندروني وسيع مفادن لاءِ يو پي ايم ميڊينا جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي حمايت ڪئي. 1945ع ۾ فوجي بغاوت جي حمايت ڪندڙ ڪيترائي ساڳيا اعليٰ عملدار به گاليگوس سرڪار جي تڏا ويڙهه ڪرڻ جا حامي هئا. 24 نومبر 1948ع تي بغاوت جي نتيجي ۾ آيل جنتا ليفٽيننٽ ڪرنل ڪارلوس ڊيلگارڊي چالبئود، ليفٽيننٽ ڪرنل مارڪوس پيريز جمنيز، يو پي ايم جي سربراهه ۽ تاشيرا ڌڙي جي ليڊر جـِمنـَيز تي ٻڌل هئي، جن ماضيءَ ۾ گومز، لوپيز ڪونٽريراس ۽ ميڊينا جهڙا سياسي رجحان رکندڙ فوجي اڳواڻ فراهم ڪيا هئا. ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر ايندر ڏهه سالن لاءِ جابر فوجي آمريت وٽ هو، جڏهن ته فوجي جنتا جي شروعاتي ٻن سالن کي عام طور اي ڊي پروگرام جي تسلسل لاءِ گذاريو ويو، چالبئوڊ جي قتل ۽ جمنيز جي اوج سان آمريت جا ڪيترائي ناڪاري پهلو اڀري آيا هئا.
1956ع ۾ سِيـُوز (Seuz) بحران جي ڪري وينزويلا تيل مان وڏو ناڻو ذخيرو ڪيو گڏوگڏ اي ڊي جماعت جي پاليسي جي ابتڙ رعايتي اگهه تي وڌيڪ تيل وڪرو ڪري وڏي پئماني تي پئسو ڪمايو. اهو پئسو لامحدود انداز ۾ فوجي ۽ اهم عوامي مقصدن لاءِ خرچ ڪيو ويو. اي ڊي پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ ڌڙي تي پابندي لڳائي ويئي، پر يو آر ڊي (يونين ريپبلڪينا ڊيموڪراشيا)، ڪوپي (COPIE) يعني ڪرسچن ڊيموڪريٽڪ ۽ نام نهاد سياه ڪميونسٽ پارٽي حڪومت کي برداشت ڪندي قائم رکيون ويون. بهرحال، انهي عرصي ۾ اثر رسوخ رکندڙ ڪنهن به جماعت کي سرگرميون جاري رکڻ جي اجازت نه ڏني وئي. اليڪشن ۾ ڌانڌلين بابت متوقع طور ڪنهن به قسم جو خالص انڪار يا ترديد سامهون نه آئي، شدت اختيار ڪندڙ معاشي بحران، ۽ سياسي جبر و ڏاڍ خلاف تيزي پڪڙيندڙ ردعمل انهن ماڻهن جي وسيع حمايت ۾ اهم ڪردار ڪيو، جن جو خيال هو ته چونڊن دوران کين ڪاميابي ملي هئي. ايستائين جو فوج جمنيز لاءِ پنهنجي حمايت تان هٿ کڻي ڇڏيو ۽ سندس هٿ ۾ پاسپورٽ ڏئي کيس جلاوطن ڪيو ويو. جيتوڻيڪ جنتا وٽ بري فوج، هوائي ۽ بحري فوج جا نمائندا هئا، ۽ ان جي قيادت ايڊمرل وولف گينگ لارازابيل ڪري رهيو هو. تڪڙو چونڊن ڏانهن وڌڻ جي ڪري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڪنهن به سنجيده قسم جي ڪوشش کي نه روڪيو ويو. 22 ۽ 23 جولاءِ 1958ع، ۽ 7 ۽ 8 سيپٽمبر تي بغاوت جي ڪيل ڪوششن کي سياسي اڳواڻن طرفان عبوري سرڪار جي حمايت ۾ عوامي راءِ کي منظم ڪرڻ ۽ فوجي اڪثريت جي وفادار رهڻ سبب ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو.
لارازابيل جي حڪومت 1945-1948 جي دور وارين ڪجهه پاليسين ڏانهن واپس آئي، پر ملڪ کي پيش آيل ڪيترن ئي بنيادي مسئلن جي حوالي سان مختصر مدتي عارضي پاليسيون اختيار ڪيون. ان جو انتظام يا حل وري ايندڙ حڪومت لاءِ ڇڏيو ويو. 1958ع ۾ ٿيل چُناءُ دوران اي ڊي پارٽي ۽ رومولو بيٽانڪورٽ جي ڪاميابي جو نتيجو سامهون آيو، اها فتح ٻنهي ايوانن هائوس آف ليجسليچر ۽ ان سان گڏوگڏ اسٽيٽ آف ليجسليچر کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڌي ويئي وئي. يو آر ڊي/ڪميونسٽ اتحاد سان لارازابيل ڪجهه ليجسليچر رياستن ۽ گڏوگڏ ڪراڪس جي شهري ڪائونسلن توڙي مـَيراڪَي سميت اهم شهرن تي ڪنٽرول ڪندي ٻئين مضبوط اميدوار طور مقابلو ڪيو. اي ڊي جماعت لاءِ مسئلن منجهان سڀ کان اهم ۽ پهريون مسئلو اقتدار يا طاقت حاصل ڪرڻ هو. معاشي بحران، ڏار پيل عوامي خدمت ۽ انتظام، فوج واري پاسي کان اعتماد جي کوٽ ۽ شهري علائقن ۾ مخالف ڌر جون سرگرميون، اهي ڪجهه مسئلا اهڙا هئا، جن کي بيٽانڪورٽ کي منهن ڏيڻو هيو، ڄن ته اهو ڪجهه به نه هو، ڪيتريون ئي ڌريون مسئلن جو مرڪب ٺاهڻ لاءِ تشدد جو استعمال ڪرڻ ۽ متوقع طور اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ هوراکورا ۾ هيون.
ابتدا ۾ ساڄي پاسي فوجي اتحاد، پيريز جمنيز جي حامين ۽ ڊومـِينيڪن ريپبلڪن جي ٽـُروجـِيلـَو جي مدد انتهائي اهم خطرو هيو. 1960ع جي جون مهيني ۾ بيٽانڪورٽ جي حياتيءَ تي هڪ بي لاڀ ڪوشش سان اها اڳڀرائي نيٺ خوار ٿي. هن گروپ ڪنهن به سمي عوامي حمايت ۽ ايستائين جو فوج منجهه به پنهنجي لاءِ همدردي پيدا نه ڪئي. سندن قدم هيڪلا هئا ۽ کاٻي پاسي جي حملن سان ڀيٽ ڪجي ته انگن ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا. يقيننا خطرو سنجيدي قسم جو هو، انهي ڪري واضح نه هو ته ڪو بيٽانڪورٽ جي حڪومت پنهنجو بچاءُ ڪري سگهندي. اي ڊي جماعت جي حڪمراني واري پهرين دور ۾ سياسي غلطين منجهان هڪ غلطي فوج کي نظرانداز ڪرڻ هو، ٻيهر ائين نه ٿيڻو هو. صدر بيٽانڪورٽ فوج جي هر سطح جي ماڻهن سان سندن مختلف مسئلن تي ڳالهيون ڪري تمام گهڻو وقت گذاريو. انهن گڏجاڻين توڙي ڳالهين سان ڪميشن پاس نه ڪندڙ عملدارن جي زندگي بهتر بڻائڻ ۽ ماڻهن کي حقدار قرار ڏيڻ، آفيسرن کي گهر ٺهرائڻ لاءِ قرض ڏيڻ ۽ فوج جي تربيت توڙي ساز و سامان کي جديد بڻائڻ وارا نتيجا نڪتا.
ان هوندي به جڏهن ظاهر ٿيو ته جنتا اليڪشن ڪرائڻ ۽ سويلين ڏانهن حڪومت منتقل ڪرڻ ۾ سنجيده هئي، فوج جي ڪور عملدارن جي وڏي حصي ۽ ڪجهه پُراڻ پسند فسادي سويلين کي سنجيده خطرو محسوس ٿيڻ لڳو، انهن بيٽانڪورٽ جي مقبوليت جو صحيح سيو ڪيو ۽ اقتدار ۾ سندس واپسي بابت خوفزده ٿي ويا. سو، 22 جولاءِ 1958ع تي جنرل جيسوئس ماريا ڪاسترو ليون جنتا خلاف بغاوت جي هڪ ڪوشش جي اڳواڻي ڪئي، ان کي تڪڙ مان عمل ۾ آندو ويو ۽ پيريز جمنيز جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ جي صورت ۾ عوامي مظاهرن ۽ هڙتالن جي صورت ۾ وسيع عوامي حمايت ڏيکاري وئي- اهو لاطيني امريڪا ۾ سياسي لامبندي جو اڳ ڪڏهن به نه ٿيندڙ نمونو هيو. لاطيني امريڪا جي روايت ۾ ڪاسترو ليون کي مڪمل معاوضي سان ساٿين سميت جلاوطن ڪيو ويو.
7 آڪٽوبر 1958ع تي جنتا خلاف بغاوت جي هڪ ٻي ڪوشش ڪئي وئي، هن ڀيري بغاوت جي اڳواڻي ليفٽيننٽ ڪرنل جوئان ڊي ڊائس مينڪاڊا وِيڊال ڪئي، جنهن کي جولاءِ مهيني ۾ ڪاسترو ليون سان گڏ جلاوطن ڪيو ويو هو. وري به جنتا لاءِ فوج جي اڪثريت جي وفاداري کي رکڻ ۾ عوامي حمايت سنجيده قسم جي هئي. بيٽانڪورٽ جي اقتدار حاصل ڪرڻ کانپوءِ کاٻي ڌر جي ڌڙن طرفان ڪيترائي سنجيده حملا ڪيا ويا، ۽ 7 آڪٽوبر 1959ع ۽ 21 جنوري 1960 تي ننڍڙا پلاٽ خالي پيل هئا ۽ انهن کي غصب ڪيو ويو.
ڪاسترو ليون بيٽانڪورٽ جي حڪمراني هيٺ اي ڊي جماعت جي تقريباً طبقي طور مخالف هئي، جنهن تي ٻيهر اپريل 1960ع ۾ بغاوت کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ڀيري به تروجيلو (Trujillo) جي مدد سان هوءَ ڪولمبيا رستي وينزويلا ۾ داخل ٿي وئي ۽ سَين ڪرسٽوبال ۾ فوجي ريلي کي پنهنجي پاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. هي تاشيرا رياست جي راڄڌاني آهي، جنهن وينزويلا جي کوڙ ساٿرن فوجي آفيسرن ۽ آمرن کي جنميو آهي. ڪجهه فوجي جٿن سندس ساٿ ڏنو، پر وفادار فوجي جٿن ۽ نيشنل گارڊسمين جي اهلڪارن جلد ئي اهڙي ڪوشش جو دم ٽوڙي ڇڏيو. هن ڀيري ڪاسترو ليون کي ملڪ بدر نه ڪيو ويو، پر کيس ڊگهي قيد واري سزا ڀوڳڻي پئي.
بيٽانڪورٽ خلاف ٻن مهينن کانپوءِ وري 2 سنجيده قسم جا حملا ڪيا ويا. صدر مٿان بم حملو بنهه ٿورڙي مفاصلي سان ناڪام ٿي ويو هو. اهڙي صورت ۾ عام طور يقين ڪيو ويندو آهي ته ترُوجـِيلو (Trujillo) ڪجهه وينزويلا جي ڌرين سان گڏجي اهم ڪردار ادا ڪري ويو. سمورين حالتن ۾ سازش سٽيندڙن جي اهڙي رٿابندي ۽ خيال بهتر نموني تيار ڪيل نه هئا. ڪنهن به قسم جي مقبول پٺڀرائي نه هئي ۽ فوج جي اڪثريت پهرين عبوري سرڪار ۽ پوءِ بيٽانڪورٽ سان وفاداري برقرار رکي. پيريز جمنيز جي ساڳئي حالت ۾ واپسي ظاهري طور فوج اندر ۽ ان کان ٻاهر وڌيڪ قائل هئي، ته آئيني حڪومت سڀني کي وڌ کان وڌ لاڀ مهيا ڪندي. ميڊينا اگارٽا جي نقشِ قدم تي هلندي لوپيز ڪونٽريراز طرفان آغاز ڪيل تبديلين گومز جي دور جي بدترين سياسي صورتحال پڄاڻا تحريڪ برپا ڪري ڇڏي.
ساڄي ڌر سان واڳيل فوج طرفان استعمال ڪيل سياسي تشدد جو قسم مخصوص انداز هو: انهي پنهنجي ڪاميابي کي ارادن جي ڪچن ماڻهن کي منظم نه ڪرڻ تي ڀاڙيو هيو. ڪلاسيڪي بغاوت کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ فوج جو وڌ کان وڌ شامل هجڻ ۽ مڪمل طور اڻڌريو هجڻ ضروري آهي. ڪجهه سويلين جي پُٺ لازمي هجي ٿي: آبادي کي راس ٿيل ڪم سان پيش ڪرڻو پوندو؛ ۽ ٿوري کان ٿوري ممڪن وقت دوران عمل جو آغاز ڪرڻو پوندو. هي تشدد جي قسم کان بنهه مختلف آهي، جيڪو ماڻهن جي سطح تي ٻڌل سياسي تحريڪ کان به بنهه الڳ ٿلڳ هجي ٿو. تشدد يا جبر تڪرار جي بندوبست لاءِ وسيلي کان وڌيڪ اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ اهم ذريعو آهي. هڪڙي ڳالهه ۾ بغاوت هيٺن سطح ۾ سياسي تشدد جي سموري مرحلي جي نمائندگي ڪري ٿي. ان جي هڪ ڀيرو ڪوشش ڪئي وئي ته حڪومت تڪڙي جوابي ڪارروائي ۾ پنهنجن قوتن کي منظم ۽ مقبوليت حاصل ڪندي. حڪومت جيڪڏهن پنهنجي ماڻهن ۽ فوج منجهه حمايت کي قائم رکي سگهي ٿي ته حڪومت واري پاسي کان ٽڪراءُ پنهنجو وقت رکي ٿو. صاف ظاهر آهي ته وينزويلا ۾ 1958-1963ع واري عرصي ۾ ساڄي ڌر طرفان بغاوت جي ڪيل ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ لاءِ فوج اندر پٺڀرائي جي شديد کوٽ ڪئي. انکان علاوه حڪومت جي عام حمايت حاصل ڪرڻ واري سگهه فوج اندر پنهنجي ئي رينڪ جي آفيسرز کي بغاوت ڪرڻ واري اپيل کي دٻائي ڇڏيو هو. اهڙي قسم جون ڪوششون لاطيني آمريڪا جي اڪثر ملڪن ۽ خاص ڪري وينزويلا ۾ اهڙي قسم جي خطري واري معيار (مشترڪ هجڻ واري سوچ ۾) جي رهنمائي ڪن ٿيون. بيٽانڪورٽ فوجي مداخلت واري امڪان مان تلخ تجربو سکيو ۽ فوج منجهه پنهنجي حمايت کي وڌائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لڳايا. ان سان کيس وڏي پئماني تي ڪاميابي ملي.
سياسي نظام جي مقابلي ۽ پڌرائپ، پـُرتشدد قدمن جي جائزيت واري تخيل، شورش پسند ۽ فوجي مهارتن تي ڌيان مرڪوز ڪندي ڪيترائي ابتدائي لاڳاپا تجويز ڪيل مفروضن/مسئلن جيان غيرمعمولي ظاهر ٿيا. بعد ۾ نظرثاني لاءِ انهن پهلوئن ۾ جهيڙي جهٽي کي سنڀالڻ لاءِ سياسي تشدد جي استعمال وارين ڪوششن تي نظر وجهڻ ممڪن آهي. وينزويلا جي معاملي ۾ صاف ظاهر آهي ته بيٽانڪورٽ جي سرڪار ۾ قابلِ قدر شين جي ورڇ واري مرحلي تائين پهچ آڏو بند نه ٻڌا ويا هئا. گهٽ ۾ گهٽ اهو چئي سگهجي ٿو ته عوام طرفان ساڄي يا کاٻي ڌر جي آمريت جي متبادلن کي ڀاڳ ڀرئي وڏي بند طور تصور ڪيو ويو. شورش پسند مــُٺ جيترن کان وڌيڪ ماڻهن کي قائل نه ڪري سگهيا ته اثرائتي سياست تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ تشدد لازمي هو. ان حوالي سان شورش پسندي جي ڪاميابيءَ جا واريءَ جيترا امڪان هئا، جيتوڻيڪ انهي وقت جي ڀيٽ ۾ ماضيءَ ۾ وڌيڪ ظاهر هو. توڙي جو شورش پسندن لاءِ ڪاميابي جا امڪان تمام ٿورڙا هئا، تڏهن به اهي پنهنجي حقيقي سگهه پڄاڻا اندازي کان وڌيڪ رابطه ڪاري جي نظام تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ تشدد کي هڪ ذريعي طور استعمال ڪرڻ جي قابل هئي. انهن جي حيثيت ۽ سگهه عدم تشدد واري سياست تي ڌياين مرڪوز ڪرڻ کان وڌيڪ سندن اختيارن کي ئي روڪي ڇڏيو هو.