سفرنامه

پکي پيارَ امن جا

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ شاعر بشير منگيءَ جو لکيل ڏيھي سفرنامو آھي، جيڪو پاڪستان جي چئني صوبن جي ڪيل سفر ۽ مطالعاتي دوري جي يادگيرين تي مشتمل آھي. ھو لکي ٿو:
”منهنجي هن سفر نامي لکڻ جو سبب اهو آهي تہ مختلف صوبن جي ماڻهن جي ڪلچر ۽ رهڻي ڪهڻيءَ کان آگاهه ڪرڻو اٿم. اسان پاڪستان جا چارئي صوبا گهمي ائين محسوس ڪيو تہ اسان هن ڪائنات جي زميني ٽڪري تي هڪ ننڍڙي خوبصورت جزيري جو سير ڪري رهيا هجون. جتان جا ماڻهو خوبصورت، جتان جو ڪلچر شاهڪار، جتان جون ٻوليون مٺڙيون، جتان جي تهذيب هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ هجي، جتان جا درياهه نيل ۽ دجلا کان وڌيڪ خوبصورت ۽ پوتر هجن، جتان جا اولياءَ، درويش ڪامل ۽ صوفي منش هئڻ سان گڏ روحاني رمزون رکندڙ هجن، معدنيات، ميوات، اناج جا ڍير، ماڻهن جي خوراڪ لاءِ ڪافي هجن، اهڙي خوش نصيب ڌرتيءَ جي ڪيتري بہ تعريف ڪجي اها گَهٽِ آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 850
  • 244
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پکي پيارَ امن جا

حق ۽ واسطا

POPAT BOOK NO. 42
پکي پيارَ امن جا
(سفرنامو)
ليکڪ: بشير منگي
ڇاپو پهريون: 2013
تعداد: هڪ هزار
ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
ڪمپوزنگ: جميل ساگر گھانگھرو
ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، سنڌ. فون؛0243-552913
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور سنڌ.
ملهه:150/- روپيه



ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com


PAKHI PYAR AMUN JA
(Travelogue)
By: Bashir Mangi
First Edition: 2013
Quantity: 1000 Copies
Title Design: Saeed Mangi
Lay ’out: Asif Nizamani
Composing: Jameel Sagar Ghanghro
Printed by: Popat Printing Press, Khairpur, Sindh. Ph: 0243-552913
Published by: Popat Publishing House, Khairpur, Sindh.
Price: 150/-

انتساب

محسن ڀوپاليءَ جي نالي
جيڪو سفر ۾
شريڪ هو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پکي پيار امن جا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ شاعر بشير منگيءَ جو لکيل ڏيھي سفرنامو آھي، جيڪو پاڪستان جي چئني صوبن جي ڪيل سفر ۽ مطالعاتي دوري جي يادگيرين تي مشتمل آھي. ھو لکي ٿو:
”منهنجي هن سفر نامي لکڻ جو سبب اهو آهي تہ مختلف صوبن جي ماڻهن جي ڪلچر ۽ رهڻي ڪهڻيءَ کان آگاهه ڪرڻو اٿم. اسان پاڪستان جا چارئي صوبا گهمي ائين محسوس ڪيو تہ اسان هن ڪائنات جي زميني ٽڪري تي هڪ ننڍڙي خوبصورت جزيري جو سير ڪري رهيا هجون. جتان جا ماڻهو خوبصورت، جتان جو ڪلچر شاهڪار، جتان جون ٻوليون مٺڙيون، جتان جي تهذيب هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ هجي، جتان جا درياهه نيل ۽ دجلا کان وڌيڪ خوبصورت ۽ پوتر هجن، جتان جا اولياءَ، درويش ڪامل ۽ صوفي منش هئڻ سان گڏ روحاني رمزون رکندڙ هجن، معدنيات، ميوات، اناج جا ڍير، ماڻهن جي خوراڪ لاءِ ڪافي هجن، اهڙي خوش نصيب ڌرتيءَ جي ڪيتري بہ تعريف ڪجي اها گَهٽِ آهي.“
هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ ھائوس، خيرپور پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبليڪيشن جي سرواڻ قربان منگي ۽ آصف رضا نظاماڻيءَ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مھربانيون بشر منگيءَ جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

بشير منگيءَ ادب جي مختلف صنفن تي لکيو آهي ۽ پنهنجي سڃاڻپ پئدا ڪئي آهي. هُڻَ هڪ طرف شاعري (خاص ڪري هائيڪو) تي طبع آزمائي ڪري شاعريءَ جي پنڌ ۾ سُڃاڻپ پيدا ڪئي ته ٻي طرف مختلف علمي، ادبي ۽ سماجي موضوعن تي ڪالم لکي هڪ ڪالم نگار واري شناخت به ماڻي آهي. ترجمو به سَندس ڪَمَ جو حوالو رهيو آهي. سعادت حُسين منٽو جي افسانن کان وَٺي، عالمي ادب مان چونڊَ لکڻين کي سنڌي ويسُ ڍَڪائڻ جي ڪَمَ پڻ بشير منگيءَ جي قلم ڪِرت جو حوالو ماڻيو آهي.
سفرنامو اهڙي صنف آهي جنهن وسيلي هڪ ليکڪ پنهنجي مشاهدي کي مطالعي سان مِلائي پڙهندڙن لاءِ دلچسپيون پيدا ڪندو آهي. اوهان جي هٿن موجود بشير منگيءَ جو هي ڏيهي سفرنامو پڻ سندس مُشاهدي ۽ مطالعي جو سهڻو سنگم آهي. اسان کي اُميد آهي ته هي ڪِتابُ پڙهندڙن ۾ مڃتا حاصل ڪَندو ۽ سنڌي ادب ۾ هڪ متحرڪ ڪردار طور سڃاپجندڙ ليکڪ بشير منگيءَ جي ڪِتابن جي سلسلي ۾ هڪ سهڻو اضافو ثابت ٿيندو.

[b]قُربان منگي
[/b]چيئرمين
پوپٽ پبلشنگ هائوس،
خيرپور، سنڌ.

ڪميٽيڊ ماڻهو

بشير منگي طبيعت ۽ مزاج ۾ جيترو ڏنگو ۽ ارڏو آهي اوترو ئي اندر ۾ هڪ معصوم شخص آهي، ملبو ته لڳندو صفا ڪو گهٽ پڙهيل ماڻهو آهي، ڳالهائبو ته لڳندو ته واهه جو هن همراهه جو مطالعو آهي، ڏيهي توڙي پرڏيهي ادب هن ڪٿان پڙهيو آهي ۽ ڪيئن نه روانيءَ سان هو مختلف ڪتابن مان مختلف حوالا ڏئي ٻڌندڙ جي حواسن تي حملو ڪري ٿو. سچ پچ ته مون کي اڳ ۾ ايتري خبر نه هئي، مون کي خبر هئي ته هي شاعر آهي، ڪالم نويس آهي، سندس هائيڪن جو هڪ ڪتاب ۽ هڪ ڪالمن جو ڪتاب منهنجي نظر مان گذريا هئا پر ان ڏينهن جڏهن ڪتاب ”منٽو جا سؤ سال“ جي نالي سان مون کي هٿ ۾ ڏنائين. جيڪو هن سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين کي ترجمو ڪيو آهي، سو پڙهي واهه واهه نڪري وئي ته بشير ڪيڏي نه محنت سان هن ڪتاب جو ترجمو ڪيو آهي. هاڻي وري سندس ڏيهي سفر نامو/ يادگيرين جو ڪتاب نالي ”پکي پيار امن جا“ ڇپجي رهيو آهي، ان لاءِ ٻه چار سٽون لکي موڪلڻ لاءِ حڪم ڪيائين، سو انگل به اکين تي رکيم. سوچان پيو ته هن همراهه سان مون سنگت جي مرڪزي سٿ ۾ گڏ هئڻ ڪري ڪيئي ننڍا وڏا سفر ڪيا آهن. هو ڳالهين ڳالهين ۾ زبردست مذاق ڪري وڏا ٽهڪ ڏئي خوش ڪندو آهي، بشير منگيءَ جا خوشين ڀريا ٽهڪ هميشه فضا ۾ ڦهلبا رهندا آهن. هو مڪمل طور تي ڪميٽيڊ ماڻهو آهي، مسڪيني حال ضرور اٿس پر پوءِ به يارن جو يار آهي. هن جي جتي جتي ۽ جيڪا به سنگت آهي اها هن تي دل کولي خرچ ڪندي آهي. پڪ سان هن جي شخصيت ۾ ڪا ته خوبي آهي نه ته ڪير ٿو ڪنهن کي ايڏي محبت ۽ عزت ڏي.
يقيناً هن سفر نامي ۾ دوستيءَ جا انڊلٺي رنگ آهن، مستيون ۽ من چليون ڳالهيون آهن، تاريخي واقعن جو ذڪر به آهي، تاريخي ماڳن جو سيرُ به شامل آهي ته واديءِ سوات، ڪوهه مري، هنه هوڙڪ جھڙن ماڳن جا طلسماتي منظر به آهن. دعا آهي ته بشير منگي اڃان به وڌيڪ لکندو رهي، سنڌ ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهي.

[b]ڊاڪٽر مشتاق ڦل
[/b]سيڪريٽري جنرل
سنڌي ادبي سنگت، سنڌ

2 آگسٽ 2012ع

پنهنجي پاران

سفر نامو ”پکي پيار امن جا“ اهي يادگيريون آهن، جن کي مان روز جي حساب سان سانڍي ڊائريءَ جي پنن تي سنڀالي رکندو پئي آيم. سفر دوران روز جي واقعن، منظرن، دوستن سان ملاقاتن، مشاعرن ۽ آجياڻن جا حال احوال لکيا اٿم. خاص ڪري پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي عام ماڻهن جي ذاتي زندگي، رهڻي ڪهڻي، ثقافت، رواداري، ريتن ۽ رسمن جي معلومات شامل آهي. ان کان سواءِ مختلف علائقن جي ماڻهن اندر سياسي نظرين ۽ خيالن کان به آگاهي حاصل ٿئي ٿي.
انسان جي زندگي هڪ سفر آهي. جيڪا ننڍپڻ، جواني ۽ پوڙهائپ کان پوءِ ختم ٿي وڃي ٿي. اهڙي طرح انساني زندگيءَ ۾ به ڪيئي سفر شامل هوندا آهن، جتي انسان زندگيءَ جا عجيب واقعا ۽ منظر ڏسي دنيا کي مزي سان گهمي ڏسڻ جي خواهش رکي ٿو. انسان کي ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري سفر لازمي ڪرڻو پوي ٿو. جنهن مان هو تاريخي مشاهدا ۽ تجربا حاصل ڪري وٺي ٿو. درياهه هُجن يا ڍنڍون، ملڪ هجن يا تاريخي عمارتون، آثارِ قديمه هجن يا عجوبه، جزيرا هجن يا جھنگ، برف پوش پهاڙ هجن يا برپٽ، سمنڊ هجن يا عجيب برفاني گليشيئر هجن. انسان انهن شين کي ڏسي شوق پورو ڪرڻ جي آس اندر ۾ رکي ٿو.
راورٽي، اليگزينڊربرنس، جين فيئرلي، سنڌو درياهه جي منڍ کان ڳولهڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪڍي درياههِ سنڌ جي پڇڙيءَ تائين سفر ڪيو. سنڌ مان نڪرندڙ درياهن ۽ ڍنڍن جي ڄاڻ ڏني. رچرڊ برٽن ۽ ڪيپٽن جي_ ايڇ_ سپڪ اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ درياءِ نيل جو گهڻين تڪليفن کان پوءِ منڍ ڳولهي لڌو. سپڪ ڪراچي منگهو پير ۾ به اچي پهتو، جتي هن خطرناڪ مانگر مَڇن مٿان ٽپا ڏئي پنهنجي هڪ انگريز دوست کان سؤ روپئي جي شرط کٽي ورتي هئي. رچرڊ برٽن هندستان کان علاوه عرب ملڪن جو به سفر ڪيو. ايتري قدر جو هن مسلمانن جو ويس پائي حج جي موقعي تي مَڪي شريف کي به گهمي ڏٺو. برٽن عربي زبان سِکي ورتي ۽ ڪتاب ”الف ليلى“ جو پهريون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. انهيءَ ڪاوش ڪري هن کي ”سَرِ“ جو خطاب مِليو. اهڙي طرح ڪيپٽن اسڪارٽ 18 جنوري 1910ع ۾ سوين ميلن ۾ برفاني گليشيئر پار ڪري قطب جنوبي وڃي پهتو. جتي انسان جي ناممڪن پنڌ کي مُمڪن بڻايو. اهڙي طرح رابرٽ ايڊون پيئري قـطب شمالي تي 6 اپريل 1909ع تي آمريڪا جو جھنڊو لهرايو. واسڪوڊي گاما هڪ ملاح هو، هن پنهنجو سفر 8 جولاءِ 1497ع تي شروع ڪيو، جيڪو سفر ٻه سال ٻن ڏينهن تي مشتمل آهي. هن ان ٻن سالن ۾ چويهه هزار ميل فاصلو طئه ڪيو. روزانو تقريباً 35 ميل سفر ڪندو هو. 1503ع ۾ وفات ڪري ويو. سفر جي دنيا ۾ ڪولمبس جو وڏو نالو آهي. جيڪو هندستان ڏانهن دولت جي تلاش ۾ نڪتو پر اوچتو وڃي سانُ ڊياگو جزيري آمريڪا تي وڃي پهتو. ڪولمبس پنهنجو سفر 3 آگسٽ 1492ع تي سانتاميرا جھاز ذريعي شروع ڪيو هو.
الطاف شيخ جنهن سموري دنيا لتاڙي سفر نامو لکڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي. هن دنيا اندر سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي باري ۾ معلومات ڏني آهي ۽ هن جي سفر جو سنڌ ئي محور رهي آهي. اهڙي طرح اشتياق انصاري، انورپيرزادو ۽ بدرابڙو درياهه سنڌ جو سفر به يادگار سفرن منجھه شامل آهي، جنهن ۾ هنن سنڌؤَ درياهه جي ڪنارن تي رهندڙ قومن ۽ قبيلن جي ڪلچر کان واقف ڪيو آهي.
منهنجي هن سفر نامي لکڻ جو سبب اهو آهي ته مختلف صوبن جي ماڻهن جي ڪلچر ۽ رهڻي ڪهڻيءَ کان آگاهه ڪرڻو اٿم. اسان پاڪستان جا چارئي صوبا گهمي ائين محسوس ڪيو ته اسان هن ڪائنات جي زميني ٽڪري تي هڪ ننڍڙي خوبصورت جزيري جو سير ڪري رهيا هجون. جتان جا ماڻهو خوبصورت، جتان جو ڪلچر شاهڪار، جتان جون ٻوليون مٺڙيون، جتان جي تهذيب هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ هجي، جتان جا درياهه نيل ۽ دجلا کان وڌيڪ خوبصورت ۽ پوتر هجن، جتان جا اولياءَ، درويش ڪامل ۽ صوفي منش هئڻ سان گڏ روحاني رمزون رکندڙ هجن، معدنيات، ميوات، اناج جا ڍير، ماڻهن جي خوراڪ لاءِ ڪافي هجن، اهڙي خوش نصيب ڌرتيءَ جي ڪيتري به تعريف ڪجي اها گَهٽِ آهي.
اڪادمي ادبيات پاڪستان پاران اسان کي اهو اعزاز بخشيو ويو جو پهريون ڀيرو پاڪستان جي سمورن صوبن جي اهلِ قلم، اديبن ۽ دانشورن کي ”بين الصوبائي مطالعاتي دؤري“ جي نالي سان پاڻ ۾ ملڻ ۽ گڏجي سفر ڪرڻ جو موقعو ڏنو، جتي پاڻ ۾ ملڪ جي بقا، هم آهنگي، پيار، امن ۽ ايڪي جو کُليءَ دل سان اظهار ڪيو ويو. هن سفر جي وڏي خوبي اها هئي جو مختلف صوبن جي عام ماڻهن جي زندگي ۽ خيالن بابت ڄاڻ ملي. هي ملڪ زرخيز ۽ معدنيات سان مالامال ضرور آهي، هن ملڪ جي تقدير سنوارڻ لاءِ اڃان به وڌيڪ خاص اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان جو عوام پنهنجي تقدير بدلائڻ ۾ پاڻ اڳتي نڪري اچي ته هي ملڪ دنيا جي مالا مال ملڪن ۾ شمار ٿيندو.
ڪتاب جا پروف ڏسڻ ۾ مريد سنڌيءَ جون به ڪاوشون شامل آهن. اُميد ته منهنجو هي سفرنامو دوستن کي هن ملڪ جي ماڻهن جي سياسي، سماجي، مزاجن، ريتن، رسمن، ثقافت ۽ خوبصورت علائقن بابت بهترين ڄاڻ فراهم ڪندو.

[b]بشيرمنگي[/b]
III/7 بئراج ڪالوني، سکر
bashirmanig2000@gmail.com
0333-2927374
0345-3900325

مسجد منزل گاهه

1999-5-6 خميس
صبح جو 7 وڳي ارشاد شيخ در کڙڪايو چيائين ته انٽرپاڪ هوٽل ويو هوس بلوچستان ۽ ڪراچي کان آيل اديبن جو وفد صبح چئين وڳي هوٽل تي پهتو آهي ۽ اديب ڪمرن ۾ ستل آهن. تنهن ڪري تو ڏانهن آيم. مون کي خوشي ٿي آهي. جو هن طويل سفر ۾ توساڻ آهين. پاڻ گڏ گهمنداسين، رهنداسين، خوشيون ورهائينداسين.
ارشاد ۽ آئون ناشتو ڪري تقريباً 08:30 وڳي گهر کان نڪري پنڌ هوٽل پهتاسين. جتي رسيپشن تان آغا نور محمد سان ڪمري ۾ فون تي ارشاد ڳالهايو، ساڻ مون به سلام دعا ڪئي، اسين رسيپشن سامهون صوفن تي ويهي رهياسين. ٿوري دير ۾ ادل سومرو به پنهنجي سامان سميت اچي هوٽل تي پهتو. اسان کي ڏسي خوشي مان مرڪيو ۽ اڳتي اچي ڀاڪر پاتائين. ادل جي مُرڪ ۽ محبت منهنجي طاقت آهي. هن سفر ۾ ادل جو ساٿ منهنجي لاءِ وڏي خوشخبري هئي.
ايتري ۾ آغا صاحب ، محسن ڀوپالي ۽ ڪوڙو خان سامهون نمودار ٿيا. حسن جاويد، شيرمحمد، درويش دراني، خيال آفاقي ۽ فرحان دُراني به ساڻ نظرآيا. پويان تاج جويو ۽ لياقت جوڻيجو اچي رهيا هئا. اسين آيل مهمانن کي سکر ۾ پهچڻ تي ڀليڪار چيو. آغا نور محمد ناشتي لاءِ پڇيو. ڊائنگ هال ۾ آغا نور محمد سڀني اديبن جو هڪٻئي سان تعارف ڪرايو ۽ ٻڌايو ته بلوچستان جي اديبن کي ڪراچي ، حيدرآباد، سنڌيالاجي، سنڌي لينگويج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ جو دورو ڪرائيندي شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جي درگاهه کان لال شهباز قلندر رحه جي درگاهه تان حاضري ڀريندا رات دير سان سکر پهتا آهيون. آغا صاحب هڪ ڀيرو وري ناشتي لاءِ پڇيو! سائين ڪري آيا آهيون، اسين صرف چانهه پيئنداسين. اسان چانهه پيتي ۽ مهمانن ناشتو ڪيو ۽ ڊائنگ هال کان ٻاهر گڏجي نڪتاسين. آغا نور محمد سڀني کي چيو ته سامان کڻي وين ۾ رکو. مان ڪائونٽر تي حساب چڪتو ڪري اچان ٿو. اهڙي طرح هر هڪ دوست پنهنجو پنهنجو سامان کڻي وين ۾ رکيو ۽ آغا نور محمد بل ادا ڪري اچي وين ۾ ويٺو. وين مڪمل ايئرڪنڊيشنڊ هئي تنهنڪري سکر جي گرمي محسوس نه پئي ٿي. آغا نور محمد چيو ته بشير! مهمانن کي سکر گهمائڻو آهي، تنهن ڪري تون اڳيان ڊرائيور سان پئسنجر سيٽ تي ويهه جتان ڊرائيور کي گائيڊ ڪر. موسم ٿوري گرم هئي. مون وقت ڏٺو صبح جا 11:00 ٿيا هئا. اسان ۾ خوشي هئي ۽ جوش هو.

مسجد منزل گاهه
سائين؛ منزل گاهه مسجد اچي وئي ساڻ ڊرائيور کي بيهڻ جو اشارو ڏنم. وين بيهي رهي ۽ اسين لٿاسين. ستياگر ۽ هندو مسلمان فسادن ۾ 19 نومبر 1939ع ۾ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ مسٽر ٽي ٽي ڪوٺا والا مسجد منزل گاهه کي والنٽيئرن کان خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، پوليس لاٺي چارج ڪئي ۽ ڳوڙها گئس ڇڏي، نتيجي ۾ سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا، وزيراعلى سنڌ الله بخش سومري کي هندن جي حمايت حاصل هئي. ان جھيڙي سبب 1940ع ۾ حڪومت کان هٿ ڌوئڻا پيا ساڻ تاريخ 14 مئي 1943ع ۾ ڪنهن خبيث هٿان الله بخش سومرو شهيد ٿي ويو.

ساڌ ٻيلو

ساڌ ٻيلو
سنڌ جي تاريخي مسجد ڏسڻ کان پوءِ درياهه سنڌ واري پاسي کان ساڌ ٻيلي کي پري کان ڏٺوسين. 1838ع ۾ افغان ويڙهه وقت پنڊت بنکنڊي صاحب ساڌ ٻيلي کي اوج ڏياريو، بابا بنکنڊي صاحب جن جو جنم 1763ع ۾ ڪرڪشيتر هندوستان ۾ ٿيو. 1823ع ۾ جڏهن سندن عمر سٺ سال هئي ته ساڌ ٻيلي ۾ آيو، جتي چاليهه سال پوڄا پاٽ ڪري سؤ سال جي عمر ۾ 1863ع ۾ ديهانت ڪري ويو. 1893ع ۾ سوامي هرنام داس ساڌ ٻيلي جو رهنما ٿيو. ساڌ ٻيلي جي ترقي ۽ تعمير لاءِ هن وڏو ڪم ڪرائي خوبصورت بڻايو، ساڌ ٻيلي واري ٻيٽ کي چوڌاري پٿر جي ديوار تعمير ڪرائي، انگريز جي زماني ۾ هتي وڏن وڻن سان ڀريل گهاٽو جھنگ هيو، جتي مختلف پکي لاتيون ڪندا هئا، خاص ڪري مورن جا ٽهوڪا ٻڌا ويندا هئا. آرهڙ جي مهيني جي 12،13،14 تاريخن تي ساڌ ٻيلي ۾ ميلو لڳندو آهي. جتي دنيا کان هندو ياتري اچي شريڪ ٿيندا آهن.
محسن ڀوپاليءَ چيو ته آءُ هتي پهريون به اچي چڪو آهيان. ڪوئيٽا جا دوست شاعر درويش دراني ۽ حسن جاويد تمام گهڻو انجواءِ ڪري رهيا هئا. حسن جاويد فوٽو گرافي ۾ مشغول هو. تاج چيو ته ٻيڙي ۾ گهمجي. سموري وفد ٻيڙي ۾ درياءَ سنڌ جو سير ڪيو. جڏهن ته ادل سومرو، ارشاد، محسن ڀوپالي ۽ مان ڪناري تي بيٺل هڪ ٻيڙي ۾ ويهي انتظار ڪرڻ لڳاسين.

لئنسڊائون پل

لئنسڊائون پل
محسن ڀوپاليءَ لئنسڊائون پل ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته لئنسڊائون پل سنڌ ۾ هڪ عجوبي جي حيثيت رکي ٿي. مون سائينءَ کي ٻڌايو ته هن پل جي رٿا 1872ع ۾ هندوستان جي انگريز حڪومت پاران تيار ڪئي وئي، جنهن جي منظوري 1883ع ۾ ڏني وئي. 1887ع ۾ تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويو، جيڪو 1889ع ۾ مڪمل ٿيو. روهڙيءَ واري پاسي ڏانهن پل جي ڊيگهه 820 فوٽ آهي جڏهن ته سکر واري پاسي کان 600 فوٽ ڊيگهه آهي. هن پل تي ٽوٽل 40 لک روپيا خرچ ٿيو. هن پل جو افتتاح گورنر لارڊ ري ( Lord Ray) ڪيو.
ٿوري دير ۾ اديب ٻيڙي تي درياهه جو سير ڪري واپس ڪناري تي پهتا. سڀئي دوست هشاش بشاش پئي نظر آيا. دوست وين ڏانهن وريا. آخر ۾ آغا نور محمد اچي وين ۾ ويٺو، ڊرائيور کي شڪارپور واري روٽ تي هلڻ لاءِ چيو. شڪارپور کان پوءِ اسان ملتان وڃڻ لاءِ راجن پور، ڊي جي خان واري رستي تان هلڻ وارا هئاسين.

شڪارپور جو شاهي باغ ۽ ڇوٽا بيگاري واهه

شڪارپور جو شاهي باغ ۽ ڇوٽا بيگاري واهه
منجھند جو 12:15 وڳي سنڌ جي پُراڻي پئرس شهر شڪارپور ۾ پهتاسين هي شهر هاڻي پئرس ناهي رهيو. پر کوڙ سارن مسئلن ۽ مونجھارن جو شهر آهي. هن شهر کي تاريخي ست در آهن. جيڪي پنهنجي نالن سان مشهور آهن. اسين شاهي باغ پهتاسون هن باغ کي انگريزن جي دور ۾ وڏو اوج هو. هن باغ ۾ هندو، انگريز ۽ مسلمان مٿيون ۽ وچولو طبقو اچي شام جو محفلون مچائيندا هئا. هن باغ لاءِ چيو وڃي ٿو ته احمد شاهه ابدالي جڏهن هندوستان تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ هتان گذريو پئي تڏهن هن شاهي باغ ۾ قيام ڪيو هو. شاهي باغ هاڻي تباهه ٿيندو پيو وڃي. ڇاڪاڻ جو هاڻي شاهي باغ ته ڇا، شڪارپور شهر جي ڪنهن به تاريخي ماڳ کي بچائڻ لاءِ ڪنهن به سياستدان يا سماج سڌارڪ جي ڪا دلچسپي ناهي رهي. باغ ڀرسان ڇوٽا بيگاري واهه وهندو آهي، انگريزن جي دؤر ۾ گرميءَ جي مند ۾ تَــڙُ ڪرڻ لاءِ هتي پري پري کان ماڻهو ڪهي ايندا هئا. جيڪو واهه هن وقت شهر جي ڪني پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
آغا صاحب جيئن ته پاڻ شڪارپور جو آهي. تنهن ڪري پاڻ پئي گائيڊ ڪيائين. آغا صاحب باغ گهمائڻ کان پوءِ وين ۾ ويهڻ لاءِ چيو ۽ چيائين ته ”سٽي ٽاپ“ هوٽل ڏانهن هلنداسين. جتي مانجھاندو ڪنداسين. آغا صاحب هوٽل واري کي آرڊر ڏئي ڪجھه وقت لاءِ شهر هليو ويو. جڏهن ته مان ڪوڙي خان سان گڏ هوٽل کان ٻاهر نڪري بال پين ۽ پنا، لفافا ۽ نوٽ بوڪ خريد ڪيا ۽ واپس اچي هوٽل ۾ ويٺاسين جتي مانجھاندو ڪري رهيا هئاسين ته آغا نور محمد واپس اچي شريڪ ٿيو، آغا صاحب سان شڪارپور جو صحافي نعمت الله ڀٽو ۽ اسلم منگي به گڏ هئا. نعمت الله ڀٽو، برڪت الله ڀٽو سان گڏجي ڪالاباغ ڊيم نالي سان ڪتاب مرتب ڪيو آهي. جنهن ۾ هن صاحب ڪالاباغ ڊيم خلاف خاص مضمون سهيڙيا آهن، جن ۾ محترمه بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو، عبدالرسول ميمڻ، ابرار قاضي، امر جليل جن جا نهايت ڪارائتا مضمون آهن. هي ڪتاب محترمه بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب ڪيل آهي. نعمت الله ڀٽو اسان سان ڀاڪر پائي مليو ۽ چند گهڙيون ويهي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اتي هڪ ٽيبل تي ويهي تاج دوري جي خبر ٺاهي چڪو هو. جيڪا نعمت الله کي خبر ڏيندي پارت ڪيائين ته ڪاوش اخبار سميت ٻين اخبارن ۾ خبرون فيڪس ڪري. سٽي ٽاپ هوٽل کان ٿي ديوان ٺاڪر داس هوٽل تي پهتاسين، جتي اسان سڀني ديوان جي مشهور ڪلفي کاڌي. مون وٽ پوسٽ ڪرڻ لاءِ ٻه خط هئا. جن مان هڪ ناز سنائي ڏانهن ۽ ٻيو هلال پاڪستان ڪراچي جي ايڊيٽر ڏانهن. مون چند قدم اڳيان وڌي پوسٽ آفيس پهچي ٻه خط پوسٽ ڪيا ۽ واپس اچي وين جي وچ واري حصي ۾ اڪيلي هڪ سيٽ تي ويٺس. منهنجي اڳيان تاج جويو، ادل ۽ آغا نور محمد جن ويٺا هئا مون واري قطار ۾ لياقت جوڻيجو، آدرش ويٺل هئا. اسين هينئر شڪارپور شهر کان ٻاهر نڪري ڪنڌڪوٽ ڪشمور روڊ تي هئاسين. اسان جو رخ هاڻي ملتان ڏانهن هو، شام جا 3:00 وڳي چڪا هئا. ننڊ کنيو پئي وئي، ادل سومرو کونگهرا هڻي رهيو هو. اڳيان محسن ڀوپالي، خيال آفاقي به ستل هئا. ۽ پوءِ مون کي به ننڊ جو جھوٽو اچي ويو، جڏهن جاڳ ٿي ته اڳيان پنجاب ۽ سنڌ جو بارڊر هو. بارڊر ديرا موڙ کان چند ڪلوميٽر اڳيان آهي. هتي چند پوليس وارا موجود آهن، هڪ ڪمري جي جڳهه ٺهيل آهي، جيڪا پوليس چيڪ پوسٽ آهي. اسان جي گاڏي کي روڪڻ جو اشارو مليو گاڏي رڪي جنهن تي ڪوڙي خان چين ته سرڪاري وفد ملتان وڃي رهيو آهي. انهن اسان جي وين کي ڇڏي ڏنو ۽ اسين اڳتي هلي رهيا هئاسين. ڪشمور ۽ راجن پور رستي تي ويراني ۾ هڪ پيٽرول پمپ هو. جتي هڪ هوٽل هو. اتي چانهه پيئڻ ضروري سمجھي، ڇاڪاڻ جو سموري ڏينهن جو ٿَڪُ هو. سج به پوين پساهن ۾ هو. موسم وڻندڙ لڳي.

حضرت خواجه غلام فريد رحه

حضرت خواجه غلام فريد رحه
شام جا 6:30 ٿيا هئا، چانهه پي اڳتي روانا ٿياسين، اڳيان روڊ تي سائن بورڊ لڳل هو. ”مزار صوفي بزرگ حضرت خواجا غلام فريد ، 9 ڪلو ميٽر“. حضرت خواجه غلام فريد رحه 1261هجري شعبان المعظم ۾ چاچڙان شريف ۾ پيدا ٿيا. سندس نالو خورشيد عالم رکيو ويو، بعد ۾ کين غلام فريد جي نالي سان شهرت حاصل ٿي. سندن والد خواجه محبوب الاهي خواجه خدابخش پنهنجي دور جي وڏي بزرگ هستي هئي. والد محترم جي وفات کان پوءِ سندن وڏي ڀاءُ حضرت خواجا فخرِ جھان سندن ديني تربيت ڪئي ۽ اهوئي سندن مرشد هو. سندن شاعري عشق جي رندي رمزن سان ٽمٽار آهي، پاڻ هفته زبان شاعر آهن. غلام فريد 24 جولاءِ 1901ع بمطابق 6 ربيع الثاني 1319هجري ۾ سٺ (60) سال جي عمر ۾ هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندن مزار مٺڻ ڪوٽ شريف ۾ آهي.
ميڏا عشق وي تون، ميڏا يار وي تون، ميڏا دين وي تون ايمان وي تون.
ميڏا جسم وي تون، ميڏا روح وي تون، ميڏا قلب وي تون، جند جان وي تون
ميڏا ڪعبه، قبلا، مسجد، منبر، مصحف تي قرآن وي تون
ميڏي فرض فريضي حج زڪواتان، صوم صلوات اذان وي تون
ميڏي خوشيان دا اسباب وي تون، ميڏي سوران دا سامان وي تون
ميڏا حسن تي ڀاڳ سهاڳ وي تون، ميڏا بخت تي نام نشان وي تون
جي يار فريد قبول ڪري، سرڪار وي تو، سلطان وي تون
نه تان ڪـــــــهتر ڪمتر احقر ادنى، لاشي لا اِمڪان وي تون


شاهه حسن ڪون شـــــــهر مديني زهر دا جام پلايا
ڪــــربل دي وچ تـــــيغ چلاکر ايڏها ڪيس ڪرايا
شمــــس الحق دي کهل لوهايو سرمد سر ڪپوايا
شاهه منصور چڙهايو سولي مستي سانگ رسايا
درد دا بار اٺهايا هر هڪ اپڻا وقت نبهايا
کـــه فـــــــريدا سر اپـڻا تــــيڏڙا وارا آيا.


دور گيا ول آيا نا ماهي مرسان کها که ڦاهي
روندين عمر نبهائي. يار دي خبر نه ڪائي


تاج جويي چيو ته صوفي بزرگ جي مزار تي حاضري ڀرجي مون به پئي چاهيو ته هلجي پر اڪثريت چيو ڪافي دير ٿي چڪي آهي، ملتان پهچڻو آهي، تنهن ڪري ڪٿي به رڪڻو ناهي، سواءِ چانهه يا پاڻيءَ جي. راجن پور ۽ ڊيرا غازي خان کان نڪري درياهه سنڌ جي غازي گهاٽ پل تان ڪراس ڪري رهيا هئاسون ان وقت رات جا 9:30 ٿيا هئا، اسين ٿوري مسافري کان پوءِ اڳيان مظفر ڳڙهه پهتاسين. مظفر ڳڙهه جي مين بس اسٽاپ تي ٽريفڪ جام هئي، خبر پئي ته ڪنهن بس ڪنڊيڪٽر کي پوليس کنڀي کڻي وئي آهي. جنهن ڪري بس جي ڊرائيورن ۽ ڪنڊيڪٽرن روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. اسين سخت بور ٿي رهيا هئاسين، ڇاڪاڻ جو اتي منو ڪلاڪ بيهي رهياسين، آخر پوليس جو چڱو مڙس آيو، اچي ڳالهه کي سلجھايائين ۽ اسين مظفر ڳڙهه کان روانا ٿياسين. ملتان ۽ مظفر ڳڙهه وچ تي ريلوي ڦاٽڪ آهي جتي پهتاسين ته وري ڦاٽڪ بند ٿي ويو. مال گاڏي اچي رهي هئي سا به جونءَ پير. تقريباً اڌ ڪلاڪ وين ۾ ويهي مال گاڏي گذري وڃڻ جو انتظار ڪيوسين. رات ڪافي گذري چڪي هئي ۽ ڪلينڊر جي تاريخ به تبديل ٿي چڪي هئي. 12:05 تي ملتان شهر ۾ پهتاسين. ڪافي دير ملتان شهر ۾ شيزان هوٽل ڳوليندا رهياسين. ملتان شهر وڏو آهي، روڊ ۽ رستن جون بتيون اسان جو استقبال ڪري رهيون هيون. سانت هئي چند موٽر سواريون ۽ دوڪان کليل هئا.

هوٽل شيزان ملتان

هوٽل شيزان ملتان
اهڙي طرح اسين هوٽل شيزان پهتاسين، جيڪو ڪچهري روڊ تي آهي. ڀرسان هڪ مشهور سينيما آهي. ڊي سي ۽ ڪمشنر ملتان ڊويزن جي آفيس سامهون آهي. شيزان هوٽل ۾ اندر داخل ٿياسين، جتي اڪادمي ادبيات پنجاب جي آر. ڊي، قاضي جاويد اسان کي ڀليڪار چيو. قاضي جاويد هڪ سٺو ليکڪ آهي. مون سندس جا ڪيئي ڪتاب پڙهيا هئا. اتي مختصر تعارف ٿيو جميل جيڪو آفيس ۾ اسسٽنٽ آهي، اهو رسيپشن تي ڪمرن جون چاٻيون وٺي اسان جا نالا لکرائي رهيو هو. قاضي جاويد چيو ته هينئر سڀ پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ وڃي ٿورو آرام ڪن ۽ هٿ منهن ڌوئي مانيءَ لاءِ ڊائنگ هال ۾ اچن. انهيءَ دوران ارشاد، قاضي صاحب کي بي تڪلف ٿي چيو ته پاڻي پيئار. جنهن تي قاضي جاويد کي ڏاڍي چڙ لڳي ۽ مون کي پاسيرو ڪري چيو هي ته ڪو وڏو بداخلاق ماڻهو آهي جو ننڍي وڏي جي عزت ئي نٿو ڪري مون کيس کلي چيو ته سائين آغا صاحب کي ٻڌايو. ارشاد ۽ مان هڪڙي ڪمري ۾ رهياسون، اسان جي ڪمري جو نمبر 19 هو.
تقريباً هڪ ڪلاڪ کان پوءِ جميل آيو جنهن ماني لاءِ چيو. اسين ڊائنگ هال ۾ ڪرسين تي ويٺاسين ته قاضي جاويد سڀني آيل اديبن کي آڌر ڀاءُ چيو ۽ هڪ ڀيرو وري مختصر تعارف ٿيو. اسان ماني کائي مٿي ڪمرن ڏانهن آياسين ٿَڪُ تمام گهڻو هو. تنهن ڪري سمهي پياسين.

تاج جويو ۽ اڳڪٿي

تاج جويو ۽ اڳڪٿي
اسين جڏهن پنجاب جي ضلعي راجن پور جي حدن ۾ داخل ٿياسين ته وين جي کاٻي پاسي کان تاج جوئي نهاريو ۽ ڪافي دير تائين آسمان ڏانهن نهاريندو رهيو. آخر رڙ ڪري چيائين اڙي آسمان ڏانهن ڏسو هي جيڪي ڪڪر ڇانيل آهن، اها طوفان جي نشاني آهي. جيئن اسان جو سفر اڳتي هلندو رهيو. تئين اهي ڪڪر به اسان جو ساٿ ڏيندا هليا. موسم ٻاهر ڪيئن به هئي اسان کي اندازو ڪو نه پيو ٿئي ڇاڪاڻ جو وين ايئرڪنڊيشنڊ هئڻ ڪري بند هئي. ڪڪر مصريءَ جي ڳنڍن وانگر ڦهليل هئا. اسان سڀني حيرت سان آسمان ڏانهن نهاريو، محسن ڀوپالي ۽ خيال آفاقي جيڪي اڳيان ويٺل هئا، تن به پئي نهاريو. اڳيان شير محمد چيو ته سٺو ٿيو جو موسم سٺي ٿي وئي، تاج وري طوفان ۽ مينهن بابت لطيف سرڪار جي سر سارنگ جو سهارو ورتو.
مند ٿي منڊل وڄيا، تاڙي ڪئي تنوار
هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سينگار
اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا



مينهان ۽ ڏينهان، ٻئي اکر هيڪڙي
جي وسڻ جا ويس ڪري ته ڪڪر ڪن ڪيهان
بادل ٿي بيهان، جي آگم اچڻ جا ڪرين



اڄ پــــڻ اُتـــــر پار ڏي ڪــڪر ڪيائين
مندائتي مينهن جي رُتِ نه روڪيائين
پلر پلٽيائين، سانگين گـــهڻا سُکَ ٿيا



اَڄُ پڻ اُتر پارَ ڏي ڪڪر ڪارا ڪيس
وِڄـُــون وسڻ آئيون، ڪري لعل لبيس
پرين جي پرديس، سي مون کي مينهن ميڙيا


ڀٽائي رحه جي بيتن کي پئي وڏي آواز ۾ پڙهيائين. اسين سڀ تاج کي غور سان ٻڌي رهيا هئاسين. سفر هلندو رهيو، اسين راجن پور ۽ ڊي جي خان وچ ۾ هڪ ننڍڙي شهر ۾ پهتاسين، ته زوردار طوفان آيو. رستن تان وڻ ڪري چڪا هئا. ان شهر ۾ ڪجھه سائن بورڊ به اکڙجي هيٺ ڪري پيا هئا. اهڙي حالت کي ڏسي ڊرائيور وين کي آهستي ڪيو. ڪجھه گهڙيون بيهي رهيو جيستائين طوفان جو زور گهٽجي. طوفان جو زور ٽٽي چڪو هو. اسين ان ننڍڙي شهر کان ڪافي اڳتي نڪري چڪا هئاسون ته وين مان وري تاج جوئي آسمان ڏانهن نهاريو. ڪڪر ڪارا هئا، تنهن ڪري تاج چيو ته هي ڪڪر مينهن وسائيندو ۽ هڪ ڀيرو وري تاج ڀٽائيءَ جي بيتن جي ورکا ڪئي.
اڄ پڻ اُتر پار ڏي ڪڪريون ڪاريون
وسي ٿو وڏ ڦڙو ٽهڪن ٿيون ٽاريون
لٿين لُکَ لطيف چئي ڍايون تاساريون
ڀڄنديون ڀٽاريون، وري وٿاڻين آئيون



ڍَٽَ ڍَري، پَٽِ پيون وِڄُن ڪر ي وارا
اُٺا وڏي اورِ سين، ڪڪر جي ڪارا
واحد وسڪارا، چوڌاري چڱان ڪيا


ڍَٽَ ڍَري پَٽِ پــيون وِڄُون ويسَ ڪَري
ميــنهن وسي مُلڪَ جا ڇڏيا تَلَ ڀَري
قادر ڪرم ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا ڪيا

اسين تاج مان انجواءِ ڪري رهيا هئاسين، تاج هونئن به هڪ فقيري لڏي جو ماڻهو آهي، هميشه پاڻ به خوش رهندو آهي ۽ ٻين کي به خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهڙي طرح جڏهن ڊي جي خان کان اڳيان غازي گهاٽ پل پار ڪئي سين ته مينهن جي ڪڻ ڪڻ شروع ٿي ۽ مينهن تيز ٿي ويو رات ٿي چڪي هئي. سامهون ايندڙ گاڏين جون تيز لائيٽون اسانکي لڳي رهيوهيون، ڊرائيور هڪ ڀيرو وري گاڏي کي جھڪو ڪيو ۽ آهسته آهسته اڳتي هلندو رهيو. آخر مظفر ڳڙهه پهتاسين. جتي مينهن ڪو نه هو. وري جڏهن مظفر ڳڙهه کان نڪتاسين ته هلڪي هلڪي ڪڻ ڪڻ وسي پئي اڳيان ريلوي ڦاٽڪ هو. جتي اسين مال گاڏي گذرڻ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، اتي مون به پنهنجي پاسي واري شيشي جي دري کولي ۽ ٻاهر ٻانهن ڪڍي مينهن ڪڻين جو مزو پئي ورتو. اڳيان ڪنهن چيو ته دري بند ڪر. وين جي ڪولنگ تي اثر پوي ٿو. مون دري بند ڪري ڇڏي. ڦاٽڪ کلي چڪو هو ۽ تاج جي مينهن بابت اڳڪٿي پوري ٿي.

7.5.1999 جمعة المبارڪ
جميل در کڙڪائي ننڊ مان اُٿاريو ۽ چيو ته ناشتو تيار آهي. اسين تيار ٿي ڪمري مان نڪتاسين. سينيما واري پاسي کان هوٽل اندر ننڍڙو باغ آهي، جتي ڪجھه وڻ آهن ۽ وڻ تي هڪ جھرڪي صبح جي وقت چهنب سان پنهنجي ٻچي کي کاڌو کارائي رهي هئي ۽ ننڍڙو ٻچڙو چرڙاٽ ڪري مستيون ڪري رهيو هو. اهو منظر ڏسي رهيو هوس ته ارشاد سڏ ڪيو، ڇا ٿو ڏسين، چيم هي منظر ڏس!
آءُ اڳيان هلان ٿو ۽ ارشاد پوئتان. اسان جي پوئتان وري لياقت جوڻيجو، فرحان دراني، سان گڏ هيٺ ڊائنگ هال ۾ اچي رهيو هو. ڊائننگ هال ۾ ڪافي دوست اڳ ۾ موجود هئا. ماني اچڻ کان اڳ ۾ قاضي جاويد اسان کي پنجاب صوبي ۾ اچڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر آجيان ڪئي. قاضي جاويد اسان کي چيو ته اڄ جو شيڊيول ٽائيٽ آهي. اسين هوٽل کان ٻاهر نڪري روڊ تي آياسين ۽ شهر جو نظارو ڪرڻ لڳاسين. شيزان هوٽل ڪچهري روڊ تي آهي. هوٽل شهر جي وچ ۾ آهي، هي علائقو صاف سٿرو آهي. ٿورو اڳيان بازار شروع ٿئي ٿي.
صبح جو وقت هو، هر ماڻهو پنهنجي ڌنڌي تي وڃي رهيو هو، سائيڪل سوار گهڻا نظر اچي رهيا هيا، ڪي عورتون به نظر آيون جن جي منهن تي نقاب هئا، برقعا گهٽ هئا، مون پوئتي نظر ڊوڙائي ته سامهون وين ۾ سڀ ويهجي چڪا هئا. آءٌ به وڃي پهتس. وين هلي ٿي ۽ اسين ملتان شهر جي خوبصورتيءَ کي وين مان ڏسي رهيا هئاسين. ملتان جون ڪيئي شيون مشهور آهن، خاص ڪري ملتان جو حلوو، ڪنگڻ، کُسو (جوتو) ۽ مجرو. ملتان شهر گرم آهي، مون کي سکر شهر جھڙو گرم ٿي لڳو، هتي سرائڪي زبان وارا گهڻا رهن ٿا. ڪجھه سنڌي ماڻهون به رهن ٿا جيڪي سرڪاري نوڪرين ۾ آهن. باقي پنجابي ڀائر به جھجھي انداز ۾ رهن ٿا محنتي پٺاڻ به نظر اچن ٿا. بلوچ به گهڻا سرائڪي آهن.

گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن ملتان

گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن ملتان
اسين گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن ۾ طاهر تونسوي ڏانهن وڃي رهيا آهيون. وين ٺيڪ 9:30 صبح جو ڪاليج جي ٻاهرين گيٽ ٽپي ايڊمنسٽريشن بلاڪ جي گيٽ تي بيهي ٿي، قاضي جاويد، جميل، آغا نور محمد، شير محمد هيٺ لهن ٿا، ان کان پوءِ درويش دراني، حسن جاويد هيٺ لهي بيهن ٿا. باقي سنڌي اديب هيٺ تڏهن لٿا جڏهن طاهر تونسويءَ پاڻ وين ۾ اچي هيٺ لهڻ جي دعوت ڏني. اسان به اهو چاهيو پئي ته ميزبان پاڻ اچي ۽ اسان کي مانُ ڏي. محسن ڀوپالي، طاهر تونسوي ڏانهن هلڻ کان انڪار ڪيو هو، ان جو سبب ڇا به ٿي سگهي ٿو، پر مون محسوس ڪيو ته محسن صاحب طويل سفر ڪرڻ سبب طبيعت خراب هئڻ ڪري آرام ڪرڻ پيو چاهي. ڪاليج جي عمارت سهڻي ٺهيل آهي. ڪاليج ۾ پڙهائي جو وقت هو. تنهن ڪري ڪافي ڇوڪرا، ڇوڪريون ڪلاسن ۾ نظر يا، ڪي ڇوڪريون پنهنجي سهيلين سان ڪاليج لان ۾ ڪچهري ڪندي ٽهڪ ڏيئي رهيون هيون. ڪاليج اندر هڪ خوبصورت لان آهي، جتي اسين طاهر تونسوي سان ڦوٽو ڪڍرايا. طاهر تونسوي سرائڪي زبان جو گهڻ گهرو آهي، ڳالهائڻ ۾ سادي ٻولي استعمال ڪري پيو ۽ هو ڪاليج جو پرنسپال آهي. طاهر تونسوي سرائڪي ادب جو گهڻ گهرو ۽ وڏو نالو آهي، هن ڪيئي ڪتاب سرائڪي زبان ۾ تخليق ڪيا آهن. سرائڪي افسانن جو ڪتاب ”سرائڪي دي چونڙوين افساني“ جي نالي مرتب ڪري ڪتاب شايع ڪرايو آهي. هن ڪتاب ۾ سرائڪي ڪهاڻيڪارن جون 42 ڪهاڻيون شامل آهن، ان کان سواءِ شير شاهه دا ڪلام، چراغ اعواڻ دي هير، سرائڪي ادب، ريت تي روايت، خوشدل، سرائڪي ڪتابات، سرائڪي وچ مزاحمتي شاعري ۽ عڪسِ فريد جھڙا ناياب ڪتاب سندس علمي ڪاوشن جو نتيجو آهن. طاهر تونسوي ڪاليج جي ادبي، نصابي سرگرمين جا تفصيل ڏنا. اتي موجود شاعر شوزب ڪاظمي پنهنجي شعري مجموعو اسان کي تحفي ۾ ڏنو آخر ۾ طاهر تونسوي اديبن کي ڪتابن جا تحفا ڏنا ۽ موڪلائڻ وقت اسان جي وفد کي وين تائين ڇڏڻ آيو ۽ چيائين دوستو، جيڪڏهن مون کان ڪا خدمت ۾ ڪسر رهجي وئي آهي ته معاف ڪندا. اسين سڀئي خوشي مان ٽهڪ ڏئي وين ۾ ويٺاسين.
وين ملتان جي ويڪرن رستن تان هلندي رهي اوچتو جميل چيو ته هي اسٽيٽ بئنڪ جي عمارت آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي عمارت نئين ٺهيل آهي پر نهايت خوبصورت عمارت آهي، اسان جي وين اڳتي نڪري آئي، باغ لانگاهه خان ۾ پهتاسين جتي جميل وين جي ڊرائيور کي بيهڻ جو اشارو ڪيو جميل خوش مزاج ماڻهو آهي. هن سان اسين کل مذاق ڪندا هلون ٿا. اسان جي هر کل مذاق کي برداشت ڪري ٿو.

پبلڪ لائبريري، باغ لانگاهه خان ۾

پبلڪ لائبريري، باغ لانگاهه خان ۾
اسين هن وقت پبلڪ لائبريري جي مين دروازي تي بيٺا هئاسون. پبلڪ لائبريري جو انچارج انور ڪمال اڳواٽ ئي اسان جي آجيان لاءِ بيٺل هو. انور ڪمال ڀاري ڀرڪم شخصيت جو مالڪ آهي. هن جي آواز ۾ رعب هو. 70 سالن جو نوجوان پوڙهو هو. هو اسان کي لائبريري اندر وٺي آيو جتي لائبريري ۾ سنڌي شعبي جو افتتاح ڪرائڻو هو. تاج جوئي کي ڪئنچي هٿ ۾ ڏني وئي. هن ڦيٿ ڪٽي سنڌي ڪتابن واري شعبي جو افتتاح ڪيو، تاڙيون وڄايونسين، ڦوٽو گرافي ٿي. اندر سنڌي ڪتابن جو ڪافي ذخيرو موجود هو. انور ڪمال ٻڌايو ته هي ڪتاب شڪارپور جي عالم، اديب شفيع محمد (اوج) علوي ڏنا آهن. جنهن جو هن لائبريري تي ۽ ملتان جي ليکڪن ۽ پڙهندڙن تي ٿورو آهي. شفيع محمد علوي صاحب جي ملتان ۾ گهڻي اچ وڃ ٿيندي هئي. تنهن ڪري هو هن لائبريري ۾ ويهي مطالعو ڪندو هو. انور ڪمال ٻڌايو ته لائبريري پنهنجي مدد پاڻ تحت هلي ٿي گورنمينٽ به مدد ڪڏهن ڪڏهن ڏيندي آهي بهرحال اسين هر حالت ۾ لائبريري لاءِ مالي مدد ڪندا رهندا آهيون. هن لائبريري ۾ ناياب ڪتابن بابت ڄاڻ ڏئي لائبريري جا مختلف حصا گهمايا ويا. انور ڪمال خان آيل وفد کي ڪتابن جا تحفا ڏنا. موڪلائڻ وقت انور ڪمال ۽ اسٽاف جا ٻيا ميمبر اسان کي ٻاهرين گيٽ تي ڇڏڻ آيا ۽ الوداع چيو. وقت 11:00 ٿيو هو.

ذڪريا يونيورسٽي
قاضي جاويد جي اڳواڻي ۾ اسين هاڻي ذڪريا يونيورسٽي وڃي رهيا هئاسين. وين ۾ ادل ٻڌايو ته مان هن يونيورسٽي ۾ پهريون به ڪنهن سيمينار ۾ شرڪت بهاني اچي چڪو آهيان. بهرحال اسان ڪيترن لاءِ پهريون ڀيرو وڃڻ پئي ٿيو. اسين يونيورسٽي اندر پهچون ٿا. اسٽڊي بلاڪ ۽ ايڊمنسٽرين بلاڪ ڪافي اڳتي هئا. اسين وين جي سامهون واري شيشي مان يونيورسٽي جي بلڊنگ ۽ باغ ڏسي رهيا هئاسون، بريڪ لڳي ٿي، اسين سڀ وين مان هيٺ لهون ٿا. يونيورسٽي جي مختلف شعبن کان لنگهندي اردو شعبي ڏانهن وڃي رهيا هئاسين، اردو شعبي جي مين دروازي تي شعبي جي انچارج ڊاڪٽر روبينا ترين اسٽاف سميت اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. قد جي هلڪي، رنگ گورو رکندڙ ميڊم جيءَ ۾ جايون ڏنيون. ميڊم روبينه ترين اردو شعبي بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته شعبي ۾ پنج ملازم آهيون. شعبي طرفان 5 علمي ۽ تحقيقي ڪتاب شايع ڪرايا آهن. پاڪستان جي پهرين يونيورسٽي آهي جنهن ۾ ايم فل جا باقائده ڪلاس هلن ٿا. ڏهن شاگردن کي داخلائون مليل آهن، ميڊم روبينا ترين وٽ ريفريشمينٽ ڪري، اردو شعبي جي لائبريري ۾ وياسين، جتي چند شاگردياڻيون وفد سان ملڻ لاءِ موجود هيون. شايد ميڊم روبينا ترين وفد جي اچڻ جو اطلاع اڳواٽ ڏنو هو. اتي ويٺل ڇوڪرين جو اسان سان تعارف ڪرايو ويو. تاج جويو، آغا نور محمد، شاگردياڻين کي پنهنجا آٽو گراف ڏنا، مان ادل سومرو ۽ ارشاد، قاضي جاويد ٿورو پري پري هئاسون. ايتري ۾ قاضي صاحب لائبريري مان هلڻ لاءِ گذارش ڪئي، اردو شعبي جو استاد قاضي عابد به هڪ پيارو ۽ سٺو انسان آهي، لائبريري ۾ اسان سان ڪچهري ڪيائين. ميڊم ترين الوداع ڪيو. اسين يونيورسٽيءَ جون ٻيون فيڪلٽيون گهمي رهيا هئاسين. جڏهن اسين يونيورسٽي ۾ آيا هئاسون ته ايتري رونق نه هئي، جيتري هاڻي آهي. گهما گهمي گهڻي نظر آئي. ڪي ڇوڪريون ڇوڪرن سان گڏ ڪچهري ۾ مصروف هيون ته ڪي ڇوڪريون سهيلين سان گڏ لان ۾ ويهي ٽهڪ ڏيئي رهيون هيون. ڪافي جوڙا سامهون هڪ آئيس ڪريم شاپ تي آئيس ڪريم کائي رهيا هئا. ايتري ۾ اسان جي وين سامهون نظر آئي اسين سڀ ان ۾ ويٺاسين. يونيورسٽي ۾ هڪڙي تعجب جي ڳالهه اها نظر آئي ته يونيورسٽي جي ديوارن تي ڪي به سياسي يا مذهبي نعرا وغيره لکيل ناهن. جيئن سنڌ جي يونيورسٽين جون ڀتيون مختلف نعرن سان سينگاريل هونديون آهن. هتي ڪا به اهڙي شيءِ نظر نه آئي، نه پوليس نظر آئي، سواءِ يونيورسٽي جي گارڊن جي. پڙهائي جو ماحول بهتر هو، استاد ۽ شاگرد تعليم سان مخلص آهن، پر افسوس به ٿيو، جو هن سرائيڪي بيلٽ جي مُک يونيورسٽي ۾ سرائيڪي شعبو ڪو نه آهي. منهنجي نظر ۾ اها هتان جي سرائيڪي زبان، ادب ۽ ماڻهن سان زيادتي آهي ائين محسوس ٿيو جيئن يونيورسٽي جي چنڊ جھڙي شڪل ۾ هڪ ننڍڙو داغ هجي. يونيورسٽي کان واپسيءَ تي گلگشت ڪالوني کان ٿيندا. بيڪن هائوس تي پهتاسين.

بيڪن هائوس ڪتاب گهر

بيڪن هائوس ڪتاب گهر
بيڪن هائوس ملتان جو وڏي ۾ وڏو ڪتاب گهر آهي. جتي انگريزي اردو کانسواءِ مختلف علائقائي زبانن ۾ لکيل ڪتاب موجود هئا. محسن ڀوپالي ۽ خيال آفاقي جا ڪافي ڪتاب نظر آيا. مون محسن ڀوپالي کي چيو ته سائين! اوهان جي ڪتابن جو ڪافي ذخيرو موجود آهي. خوشي جھڙي ڳالهه آهي. محسن ڀوپالي خوش ٿي مرڪيو. ڪيترن ئي دوستن ڪتاب خريد ڪيا. وقت 1:15 منجھند جو ٿيو هو، اسين واپس شيزان هوٽل پهتاسين. جتي ٿوري آرام کان پوءِ هٿ منهن ڌوئي ڊائننگ هال ۾ گڏجي ماني کاڌي سين. شام چئين 4:00 وڳي دوست تيار رهن ملتان پريس ڪلب هلڻو آهي. قاضي صاحب جو حڪم ٻڌي اسين سڀ ڪمرن ڏانهن روانه ٿياسين ۽ ليٽي پياسين. 3:30 تاج جوئي در کڙڪايو ننڊ مان جاڳائي چيو ته هلو هيٺ سڏ ٿيو آهي. تاج نئين شيو ڪيل، ويل ڊريسڊ لڳو پئي. چيائين ارشاد کي به جاڳاءِ! ارشاد کي ننڊ مان اٿاري چيو مانس ته تياري ڪر حڪم آيو اٿئي. ارشاد چيو ته يار مان نه هلندس تڪڙ نه ڪر، قيد ۾ آهيون ڇا؟ پنهنجي مرضي تي هلنداسين مان باٿ روم ۾ هليو ويس ۽ هن جي ننڊ ڦٽي ۽ ٽي وي کولي سگريٽ دکايائين ۽ ٿوري دير ۾ هن جي سموري ڪاوڙ سگريٽ جي دونهي وانگر هوا ۾ اڏامي وئي. بهرحال اسان ٻئي گڏجي ٻاهر نڪتاسين ۽ سڌو وين ۾ ويٺاسون، جتي قاضي جاويد، جميل، حسن جاويد، شير محمد ۽ ٻيا دوست اڳواٽ ئي وين ۾ ويٺل هئا.

پريس ڪلب ملتان

پريس ڪلب ملتان
وين هلي ٿي ملتان جي رستن تان ٿيندي پي سي هوٽل کان ٿورو اڳيان ملتان پريس ڪلب اڳيان بيهي ٿي. شام جو 4:20 تي اسين جڏهن ملتان پريس ڪلب جي گيٽ تي پهتاسين ته ملتان جي شاعرن رضي احمد رضي، شاڪر حسين ۽ اختر شمار آجيان ڪئي. ملتان پريس ڪلب وچ شهر ۾ آهي، پريس ڪلب جي عمارت ۾ صحافين لاءِ هر سهولت موجود آهي. عهديدارن جون آفيسون هڪ جنرل هال، ليڪچر هال آهي. عمارت سهڻي ٺهيل آهي، اسين ليڪچر هال جي اڳين سيٽن تي ويٺاسين. رضي احمد رضي اسٽيج تي آيو، باقاعده آجياڻي ۽ مشاعري واري پروگرام جي شروعات ڪئي. خاص مهمان لاءِ محسن ڀوپالي کي اسٽيج تي دعوت ڏني وئي. پريس ڪلب جي صدر مسيح الله خان سميت قاضي جاويد ۽ طاهرتونسويءَ کي به مٿي اسٽيج تي ويهڻ جي دعوت ڏني وئي. رضي احمد رضي ملتان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کان آيل اديبن کي ڀليڪار ڪئي. ان کان پوءِ قاضي جاويد کي ڳالهائڻ لاءِ دعوت ڏني وئي. قاضي جاويد سنڌ بلوچستان جي اديبن واري وفد کي پنجاب ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪئي ۽ پريس ڪلب ملتان جي عهديدارن ۽ ملتان جي اديبن جا ٿورا مڃيا. قاضي صاحب پنجاب ۾ ادبي سرگرمين جي مڪمل ڄاڻ ڏني. رضي احمد رضي، شيرمحمد کي اسٽيج تي خطاب لاءِ دعوت ڏني، جنهن پنهنجي وفد جو تعارف ڪرايو ۽ صوبي بلوچستان ۾ ادبي سرگرمين جي ڄاڻ ڏني ۽ ملتان جي اديبن ۽ صحافين جا ٿورا مڃيا، رضي احمد رضي سنڌ جي آر. ڊي آغا نور محمد کي اسٽيج تي ڳالهائڻ جي دعوت ڏني. آغا نور محمد، سنڌ جي اديبن جو تعارف ڪرايو ۽ سنڌ جي ادبي سرگرمين جي ڄاڻ ڏني.
آغا نور محمد پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جا واسطا تاريخي ۽ ثقافتي سطح تي صدين کان وٺي ملتان جي عوام سان جڙيل آهن تنهنڪري سياسي، ثقافتي ۽ سماجي طور هڪٻئي کان اجنبي ناهيون. اسان جو صوفياڻو مزاج ۽ ملتان جي عوام جو مزاج هڪجھڙو آهي اسين هميشه پيار ۽ امن لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي رضي احمد رضي، طاهر تونسوي کي ڳالهائڻ لاءِ دعوت ڏني.
طاهر تونسوي ملتان جي شاعرن جو تعارف ڪرايو ۽ ملتان جي علمي ادبي سرگرمين جي ڄاڻ ڏني. طاهر تونسوي ملتان جي شاعرن جو تعارف ڪرائيندي ڪجھه ٻين موضوعن کي ڇيڙي ويٺو، سندس تقرير ڊگهي ٿي وئي. ٻي طرف هال ڀرجي چڪو هو، شاعر حضرات شعر ٻڌائڻ جي موڊ ۾ هئا تنهنڪري تاڙيون وڄائي طاهر تونسوي کي داد ڏنائون ۽ طاهر تونسوي به رخ کي سمجھي ڪري تقرير کي ختم ڪيو.
مسيح الله خان ملتان پريس ڪلب ۾ اچڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ ڀليڪار چئي هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته 50 سالن جي تاريخ ۾ سياستدانن عوام کي ڪافي تنگ ڪيو آهي، اها معاشري جي بدبختي آهي جو انهن کي چوڻ وارو ڪونهي انهن جو احتساب ڪرڻ وارو ڪونهي، هن آيل مهمانن کان سوال ڪيو ته پاڪستاني معاشري کي مڪمل تباهي کان بچائڻ لاءِ اوهان وٽ ڪهڙو نسخو آهي؟
مشاعرو شروع ٿيو، سرائيڪي شاعرن جو تعداد ڪافي هو، پهريائين ملتان جي شاعرن کي موقعو ڏنائون، مشاعري دوران داد ڏيندا رهيا ڪا به غير شائسته قسم جي هوٽنگ نه هئي جيئن سکر ۽ خيرپور جي مشاعرن ۾ هوٽنگ ٿيندي آهي. هڪ سٺي ادبي ماحول ۾ شعر پڙهياسين. ملتان جي ناميارن شاعرن، اخترشمار، شوزف ڪاظمي، طاهر تونسوي، اختر جعفري، اصغر علي شاهه، شاڪر حسين شاڪر، مشتاق کوکر، غزاله خاڪواڻي، وسيم قيصر، عظيم حيدر سيد، رضي احمد رضي، کان سواءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي شاعرن، خيال آفاقي، تاج جويو، ادل سومرو، ارشاد شيخ، بشيرمنگي، لياقت جوڻيجو، حسن جاويد، درويش دُراني، پنهنجا شعر پڙهيا ۽ داد حاصل ڪيو. آخر ۾ محسن ڀوپالي شعر پڙهيا. سرائڪي شاعرن جي شاعريءَ ۾ مزاحمت گهڻي هئي. درويش دراني کي شاعري تي گهڻو داد مليو. ملتان جي شاعرن ۽ صحافين اسان کي الوداع ڪيو. اسان اڳين سفر لاءِ وين ۾ ويٺاسين.

روزنامه جھوڪ اخبار جو دفتر:

روزنامه جھوڪ اخبار جو دفتر:
شام جو 7:30 وڳي ڌاران جھوڪ اخبار جي دفتر ۾ پهتاسين. موسم ڪافي سٺي ٿي وئي هئي، سج به لهي ويو هو. ملتان جو شهر روشنيءَ جي راڻي پئي لڳو. سارو شهر لال ڪنوار جي موتين مڙهيل چُنريءَ جيان پئي لڳو. مان شهر کي اوچائيءَ تان ڏسي رهيو هوس. جتي مان بيٺو آهيان اهو رستو اوچائيءَ تي آهي. جيڪو حضرت بهاءُالدين زڪريا جي مزار ڏانهن پيو وڃي. جڏهن ته جھوڪ اخبار جي آفيس هن عظيم صوفي بزرگ جي دامن ۾ آهي. ڪنهن سڏ ڪري مون کي اڳتي هلڻ لاءِ چيو. اسين جڏهن جھوڪ اخبار جي آفيس ۾ پهتاسين ته دروازي تي جھوڪ اخبار جي مالڪ ۽ چيف ايڊيٽر ظهور احمد ڌاريجي آجيان ڪئي. اسان مان ڪي کٽن تي ويٺا هئا ته ڪي ڪرسين تي. منهنجي ڀرسان محسن ڀوپالي ويٺو هو، قاضي جاويد کٽ تي ويٺو هو. طاهر تونسوي ڳالهائڻ جي شروعات ڪئي، هن جھوڪ اخبار جي آفيس پهچڻ تي اديبن جي وفد پاران ٿورا مڃيا. ان کان پوءِ قاضي جاويد پنهجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ بلوچستان جي اديبن کي اسان پنجاب ۾ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. ساڻ هن جھوڪ اخبار وارن جا ٿورا مڃيا. آخر ۾ ظهور ڌاريجي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي مهمانن جي اچڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. اسان سرائيڪين ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان جي قومي تشخص ۽ سرائيڪي زبان سميت سرائيڪي صوبي وارو مطالبو مڃڻ گهرجي. اسان جي اخبار کي سنڌ ۾ تمام گهڻو پڙهيو وڃي ٿو جنهن لاءِ اسين سنڌي عوام جا ٿورائتا آهيون. اسان جا ۽ سنڌي عوام جا رشتا مضبوط آهن، اسان جا مسئلا ۽ مصيبتون به ساڳيون آهن. تاريخي ۽ ثقافتي طور به هڪٻئي جي ويجھو آهيون، تنهن ڪري اسان کي هڪ ٿي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو. تقرير ڪندي ظهور ڌاريجو، انتهائي جذباتي ٿي ويو. هن جي سياسي تقرير سنڌ جي اديبن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. آخر ۾ تاج جويي سنڌي ماڻهن پاران نيڪ نيتي، ايڪي ۽ هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ جو پيغام ڏنو ۽ ٿورا مڃيا. ايڊيٽر جي آفيس ۾ رکيل صوفن واري پاسي کان مٿي ڀت تي هڪ نقشو لڳل آهي. جيڪو ڏسڻ وٽان آهي. اهو نقشو سرائيڪي صوبي جو نقشو هو جيڪو پنجاب کان جدا ٿيل ڏيکاريو ويو آهي. اهڙي طرح اديبن جو وفد ظهور ڌاريجي سميت اسٽاف کان موڪلائي آفيس کان ٻاهر نڪري آيو. ان وچ ۾ شوڪت مغل سان ڪچهري ٿي، شوڪت مغل سرائيڪي زبان جو اديب شاعر آهي. هو ڪيترن ئي ڪتابن جو تخليقڪار پڻ آهي. شوڪت مغل سرائيڪي ادب ۾ خاص اهميت رکي ٿو. خاص ڪري هن جو لسانيات، ٻاراڻي ادب، لوڪ ادب ۾ وڏو تحقيقي ڪم ٿيل آهي. انهن موضوعن تي سندس ڪيئي ڪتاب شايع ٿيل آهن. جامع سرائيڪي لغت، سرائيڪي مصادر، قديم اردو لغت ۽ سرائيڪي زبان. سرائيڪي زبان ۽ ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. شوڪت جا مهانڊا خاڪي جويي وانگر پئي لڳا. مون مذاق ڪندي تاج جويي کي چيو شوڪت مغل، خاڪي جويي جون سِڪون پيو لاهي. شوڪت ۽ مان پنڌ اڳيان وڌي رهيا هئاسين، ڪافي سياسي مسئلن تي بحث ڪري رهيا هئاسين. هو سرائيڪي صوبي جو وڏو حامي آهي. جڏهن ته مان سنڌ جي قومي مسئلن تي ڳالهائيندو رهيس.

حضرت بهاءُالدين زڪريا رحه ۽ شاهه رڪن الدين رحه جي مزار رحه تي حاضري:

حضرت بهاءُالدين زڪريا رحه ۽ شاهه رڪن الدين رحه جي مزار رحه تي حاضري:
اسان حضرت بهاءُالدين زڪريا جي مزار تي پهتاسين، رات جا 8:20 منٽ ٿيا هئا. اسين هن صوفي بزرگ جي درگاهه جي مين دروازي تي پهتاسين. مزار اندر ڪاشيگري جو ڪم نهايت ڏسڻ وٽان آهي. اندر ڪجھه قبرون آهن. زائرين جي تمام گهڻي رش هئي. مان بزرگ بهاءُالدين زڪريا جي مزار اڳيان ڪاٺ جي ڪٽهڙي تي ٻئي هٿ رکي اکيون ٻوٽي ڪنڌ جھڪائي بيهي رهيس ۽ سنڌ جي سلامتي ۽ بقا جي لاءِ دعا گهري. حضرت بهاءُالدين زڪريا جي مزار تي وڏيون روحاني رمزون آهن. رحيمداد مولائي شيدائي ڪتاب ”تاريخ تمدن سنڌ“ ۾ حضرت بهاءُالدين زڪريا کي هبار بن اسود بن مطلب بن اسد بن عبدالعزيز بن قصيٰ جي اولاد مان لکي ٿو. حضرت بهاءُالدين زڪريا جو جدامجد ڪمال الدين شاهه قريشي مڪي معظم کان خوارزم پهتو، جتان ملتان ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائون. هتي سندن فرزند مولانا وجيهه الدين محمد ڄائو، جنهن جي شادي مولانا حسام الدين ترمذيءَ جي نياڻيءَ سان ٿي. مولانا حسام تاتارين جي حملي ۾ ملتان جي ڳوٺ قلعه ڪوٽ ڪروڙ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. مولانا وجيهه الدين محمد پنهنجي سهري سان گڏ رهڻ لڳو. حضرت بهاءُالدين زڪريارحه هن ڳوٺ ۾ 578 هجري ۾ جنم ورتو ۽ سندن وفات 661 هجري ۾ ٿي. يارنهن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف جو حفظ پورو ڪيائون، وڌيڪ فيض حاصل ڪرڻ جي ارادي سان خُراسان، بخارا، مڪي، مديني، بيت المقدس تائين سفر ڪيائون. مديني منوره ۾ مولانا ڪمال الدين محمد کان حديث جو درس حاصل ڪري بغداد ۾ حضرت شهاب الدين سهروردي جي صحبت مان اعليٰ فيض حاصل ڪري اچي ملتان ۾ عام ماڻهن کي روحاني فيض ڏيڻ لڳا. حضرت بهاءُالدين زڪريا کي رئيس الاولياءَ به چيو وڃي ٿو. ملتان جو حاڪم ناصر الدين قباچه ۽ دهليءَ جو سلطان التمش سندن معتقدن ۾ شامل هئا. حضرت خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي رحه، شيخ فريد الدين گنج شڪر سان کين گهڻي محبت هئي. هتي ڪيترن ئي زائرين جون مرادون پوريون ٿين ٿيون. شوڪت مغل ۽ مان ٻاهر نڪري چوغان ۾ بيٺاسين. مزار تي آرڪيٽيڪٽ واري ڪم تي ڳالهائي رهيا هئاسون. ايتري ۾ ٻيا دوست به مزار کان ٻاهر نڪري آيا. اتي هڪ سرائيڪي دوست پڇيو ته سکر ۾ مشتاق ڀٽي سرائيڪي جو تمام سٺو شاعر آهي ان کي سڃاڻو؟ چيو مانس ته هائو. مشتاق سٺو يار آهي. ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مشاعرن ۾ آءُ دعوت ڏئي گهرائيندو آهيانس، هو هميشه حضور بخش راهيءَ سان گڏ شريڪ ٿيندو آهي. هو مون کي ملتان ۾ سرائيڪي مشاعري جون دعوتون ڏيندو رهندو آهي. مان هميشه چوندو آهيانس ته يار جڏهن وقت مليو ته ضرور هلبو. اڄ ملتان جي شاعرن سان ملڻ انهن جي شاعري ٻڌڻ ۽ ملتان گهمڻ جوموقعو گورنمينٽ ڏنو آهي. تنهن لاءِ اسين اڪادمي ادبيات پاڪستان وارن جا ٿورائتا آهيون. اسين سڏ پنڌ تي حضرت شاهه رڪن الدين عالم رحه جي مزار تي پهچي حاضري ڀري سين. جھانگير بادشاهه جي دور ۾ ٺهيل رڪن الدين عالم جي مزار ڏسڻ وٽان آهي. حضرت شاهه رُڪن الدين رحه اابوالفتح رڪنِ عالم بن عارف صدرالدين بن شيخ بهاءُالدين زڪريا جي ڏينهن ۾ ملتان اندر ڪشلوخان بغاوت ڪئي. محمد تغلق هن کي شڪست ڏيئي، ملتان ۾ قتلِ عام شروع ڪيو. اها خبر جڏهن شيخ رڪن عالم جي ڪنن تي پئي ته هن بزرگ مٿو اگهاڙو ڪري، سلطان محمد تغلق جي درٻار ۾ وڃي عام ماڻهن کي معاف ڪرڻ جي التجا ڪئي. سلطان محمد تغلق هن فقير شاهه رڪنِ عالم جي درخواست کي قبولي ورتو ۽ اهڙي طرح شهر وارن جي جان کي پناهه مِلي وئي. دهليءَ جو سلطان علاءُ الدين خلجي سندس خاص معتقدن ۾ شامل هو. حاضري ڀرڻ کان پوءِ اسين وين ۾ چڙهي قاسم باغ واري رستي کان ٿيندا ملتان جو تاريخي قلعو، پاڪستاني چوڪ ۽ ٻين عمارتن جا نظارا ڪندا وڃي شيزان هوٽل پهتاسين. اسين جڏهن ڊائننگ هال ۾ آياسين ته تاج جويي ٻڌايو ته مان عمر بلوچ جي دعوت تي اوڏانهن ويو هوس، هن تحفي ۾ ڪجهه اوهان دوستن لاءِ ڪتاب ڏنا آهن. عمر بلوچ جو لکيل ڪتاب ”تاريخ لنگاههِ ملتان“ زبردست ڪتاب آهي، جيڪو سفر دوران پڙهندو رهيس، اسين ڪتاب وٺي مٿي هوٽل جون ڏاڪڻيون چڙهي رهيا هئاسين ته آغا نور محمد منهنجي ڪُلهي تي پيار مان هٿ رکي پڇيو ته بشير ڪيئن آهين؟ سائين اوهان جي مهرباني آهي! سفر ۾ مزو اچي ٿو...؟ سائين بلڪل تمام گهڻو مزو اچي ٿو. ڳالهائيندي ڳالهائيندي هرڪو پنهنجي ڪمرن ۾ پهچي ٿو. رات جا 12 ٿيا هئا مون فرحان کي در کڙڪائي ٻاهر سڏايو چيم ته يار هيٺ پي سي او تي هل ته گهروارن سان فون تي ڳالهايون. اهڙي طرح 12:30 وڳي گهر فون ڪري واپس هوٽل پهتاسين. ڪمري جي لائيٽ آف هئي ارشاد ستل هو.

8.5.1999 ڇنڇر
اڄ صبح سوير تاج دروازو کڙڪايو، چيائين ته جلدي تيار ٿيو 8:00 وڳي فيصل آباد لاءِ نڪرڻو آهي. اسين تيار ٿي ڊائننگ هال ۾ آياسين. قاضي جاويد منهنجي ڪرسيءَ جي سامهون ويٺو ۽ خير آفت پڇيائين، منگي صاحب ڪلهه پريس ڪلب واري مشاعري ۾ ملتاني محبوبا جو ذڪر ڪيئن آيو؟ تنهن تي سڀ تي دوست کلڻ لڳا. مون مختصر جواب ڏنو ته سائين! اهي احساس هئا جنهن کي هائيڪي جو روپ ڏنم ان۾ ملتاني محبوبا جو ذڪر اچي ويو. ڀلا ڪنهن ملتاني محبوبا کي شاعريءَ جي تصور ۾ نٿو آڻي سگهجي ڇا؟ اسين ناشتو ڪري پنهنجو سامان کڻي وين ۾ وڃي ويٺاسين صبح جا 8:30 ٿيا هئا، اسان سڀني ملتان شهر کي الوداع ڪيو ۽ وين تيزيءَ سان هلندي قادرپوران ڪبيروالا، اسلام ڪوٽ کان ٿيندي شور ڪوٽ ۾ پهتي. شور ڪوٽ ۾ حضرت سلطان باهو رحه جي خاندان وارن جون قبرون آهن، جڏهن تهراوي درياءَ جي ٻي پاسي حضرت سلطان باهو رحه جي مزار آهي.

الف احد جد وتي وکهالي ازخود هو يا فاني هو
قرب وصال مقام نه منزل، نه اتهه جسم نه جاني هو
نه اتهه عشق محبت کائي، نه اتهه کون مکاني هو
عـــينون عين تهيوسي باهو، سر وحدت سبحاني هو
روزا نفل نمازان تقوى سبهه کم حيراني هو
رب حاصل نه ايهنان گلين، خود خواني خود داني هو
جليان مارن نال نه ملدا، سوهنا پيار جاني هو
ورد وظيفي چهڻن باهو، جان هو رهي فاني هو
مـرڊ ڪعبه طالب حاجي، عشق طواف کرايا هو
وچ حضور سدا هر ويلي، کريئي حج سوايا هو
هڪ پل مينهون جدا نه هو وي، دل ملني تي آيا هو
مرشد عين حياتي باهو، لون لون وچ سمايا هُو.

ملتان کان شورڪوٽ وارو رستو هميشه آبڪلاڻي جي موسم ۾ سيلاب هيٺ رهندو آهي ساڻ ريلوي لائين به بند رهندي آهي هتي دريائي نظام ڪافي بگڙيل آهي ننڍا ننڍا ڪئنال ڀريل وهن ٿا. حفاظتي بند مضبوط نه هئڻ ڪري سيلاب گهڻو اچي ٿو تاج هر هر چئي رهيو هو ته مار! سنڌ سڪي پئي، ماڻهو پاڻيءَ لاءِ رڙيون ٿا ڪن. هتي ته موجون آهن. مون چيو ته سنڌ، سنڌو درياءَ جي پڇڙيءَ ۾ آهي، تنهنڪري پڇڙي وارا کاتيدار سدائين پاڻيءَ جي کوٽ سبب هميشه رڙيون ڪندا آهن. جڏهن ته اڳياڙي وارا کاتيدار پاڻي پي ڍؤ ڪندا آهن تڏهن پڇڙيءَ وارن آبادگارن ڏانهن پاڻي وهائي ڇڏيندا آهن. آبپاشي کاتي ۾ ائين هلندو آهي بهرحال اسان ڳالهائيندا هلون پيا ته حسن جاويد جيڪو اڳيان ويٺو هو تنهن چيو ته هير جو جھنگ اچي ويو.

جھنگ ۽ ڊاڪٽر محسن مگهيانه

جھنگ ۽ ڊاڪٽر محسن مگهيانه
مون وقت ڏٺو ته 11:40 ٿيا هئا، جھنگ روڊ تي هڪ هوٽل ڀرسان وين کي قاضي صاحب روڪرايو وين مان لهي اسين هوٽل تي ويٺاسين. هوٽل مين روڊ تي هو، ڊرائيور اندر گهڙي آيو آغا نور محمد کي چيائين ته وين ٽائر پنچر آهي، تنهنڪري ٿوري دير لڳندي، اسين آرام سان هوٽل اندر ويٺاسين، گرمي هئي، آغا نور محمد پڪوڙا گهرايا ۽ ساڻ چانهه به بيرو کڻي آيو. پڪوڙا ڪي خاص ڪو نه هئا پر بک سبب کائي وياسين، مون بوتل پيتي ۽ وري حال احوالن ۾ دوستن سان لڳي وياسين. اسين ملتان ۾ ٿيل آجياڻن ۽ استقبالن جو ورجاءُ ڪري رهيا هئاسين، مون ادل سومري کي چيو ته ادل هل ته ٿورو شهر کي گهمي وٺون. ادل ۽ مان اٿڻ وارا هئاسين ته مٿان جھنگ شهر جو شاعر اديب ۽ ڪالم نويس ڊاڪٽر محسن مگهيانه هوٽل ۾ گهڙي آيو، قاضي جاويد اُٿي سندس ويلڪم ڪيو ۽ ڀاڪر پاتو. محسن جي هٿ ۾ هڪ ڪتابن جو بنڊل هو، جنهن ۾ سندس ڪالمن تي مشتمل ڪتاب (مسئله هي کوئي نهين) هيو.
اسان سڀني اٿي کيس آڌرڀاءُ ڪيو، هو هڪ ڪرسي تي آغا نور محمد ڀرسان ويٺو ۽ ڪتابن تي نالا لکي دوستن کي اعزازي ڪاپي ڏيندو رهيو ۽ واندو ٿي ڪچهري ۾ شامل ٿي ويو، مختصر تعارف ٿيو مون ادل کي هڪ ڀيرو وري چيم ته ادل هل ته ٿورو شهر گهمون، اسين هوٽل کان ٻاهر نڪتاسين بازار ۾ گهڻي ڀاڳي سائيڪلن جي هول سيل جا ننڍا وڏا دوڪان هئا، مون هڪ اسٽال تان بال پين خريد ڪري ڪجھه ٽافيون به ورتيون. اسين واپس اچي وري مين روڊ تي آياسين، ادل چيو ته ڪڏهن چدي واري بوتل پيتي اٿئي، چيومانس ته مون نه ڏٺي آهي نه وري ڪڏهن پيتي آهي سامهون ريڙهي تي ڏس، ان تي چدي واريون بوتلون وڪامجن ٿيون. اسين اڳتي وڌي ريڙهي وٽ پهتاسين، ادل ٻن بوتلن لاءِ بيري کي چيو بيري اسان جي هٿ ۾ بوتلون ڏنيون. چدي کي مُڪَ هنئي ته هڪ ٺڪاوَ سان چدو بوتل اندر هليو ويو. اسان بيهي بوتلون پيئڻ لڳاسين ۽ روڊ تي هلندڙ ٽانگن ، ويگنين ۽ سوزوڪين ۾ ويٺل ماڻهن کي ڏسي رهيا هئاسون، گرمي وڌيل هئي، هتي عورتون گوڏ ۾ نظر آيون، هتي گوڏ پائڻ عيب ناهي پر ثقافت آهي، عورتون ٽانگن ۾ يا بسن ۾ مردن سان گڏ ويهڻ ۾ عيب يا حجاب نٿيون ڪن. اسين بوتل مان مزو وٺي رهيا هئاسين. سامهون هڪ مذهبي جماعت جو دفتر آهي، دفتر جي ڀت تي ٽين جو سائن بورڊ لڳل آهي. مون اتي ڪنهن دوست کان پڇيو ته هتي مذهبي جھيڙا ڇو ٿا ٿين؟ تنهن تي ان دوست چيو ته هتي مذهبي جھيڙا سياستدانن ۽ مذهبي اڳواڻن طرفان ڪرايا وڃن ٿا.
عوام مذهبي جھڳڙن کان بيزار آهي. عوام سوچي ٿو ته هي جھڳڙا نه ٿيڻ کپن. ادل ۽ مون چدي واري بوتل پي مزو ورتوسين. ادل چيو ته هن بوتل جا سنڌ ۾ وڏا چرچا هوندا هئا هي بوتل پيٽ جي سور ۽ هاضمي لاءِ بهتر آهي. بوتل پي اسين وين جي ڊرائيور وٽ آياسين، جتي هو ٽائر کي ٺهرائي رهيو هو، مون ڊرائيور کان پڇا ڪئي ته گهڻي دير لڳندي؟ چيائين بس 10 منٽ لڳندا. اسين واپس هوٽل ڏانهن آياسين، ڊاڪٽر محسن کي دوست غور سان ٻڌي رهيا هئا. وارث شاهه جي هير بابت ڳالهيون ٻڌائي رهيو هو. هير رانجھي جي تاريخي ڪردار بابت قاضي صاحب به تفصيل سان ٻڌائي رهيو هو. ايتري ۾ وين آئي ته اسين اٿڻ لڳاسين ته هڪ پنجابي پوڙهي مون کي هٿ ۾ ڪتاب ڏسي پڇيو ته سائين هي ڪتاب ڊاڪٽر جو آهي؟ مون وراڻيو جي چاچا.... هن ڪتاب ۾ بيمارين جا نسخا هوندا؟ چاچا بلڪل، هن ڪتاب ۾ وڏين بيمارين جا نسخا موجود آهن. مان کلي ڪري هوٽل مان ٻاهر نڪتس، چاچو ڪراڙو اڳتي وڃي هوٽل جي ڪرسي تي ويهي حيرت سان اسان کي نهارڻ لڳو. اسين سڀ وين ۾ چڙهياسين.

هير رانجھا جي مزار

هير رانجھا جي مزار
وين هاڻي هير رانجھا جي مزار ڏانهن هلي ٿي، ڊاڪٽر محسن مگهيانا پنهنجي ڪار ۾ ڪجھه دوستن کي ساڻ کڻي ٿو. هير رانجھا جي مزار تي پهتاسين. مزار بلندي تي آهي باقي هيٺ قبرستان آهي اسين قبرن جي وچ مان رستو لنگهي مٿي هير جي مزار جون ڏاڪڻيون ٽپي مزار اندر داخل ٿياسين اتي ڦوٽو گرافي ڪئي. ڊاڪٽر محسن وڌيڪ هير رانجھا جي لازوال تاريخي ڪردار تي روشني وجھي اسان کي ڄاڻ ڏئي رهيو هو. هير جي تاريخي ڪردار کي امر ڪرڻ وارو وارث شاهه جنڊيا شيرخان شيخوپوره ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو سيد گل شير شاهه هو، وارث شاهه 1722ع ۾ جنم ورتو ۽ 1798ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. وارث شاهه ديني علم کي حاصل ڪرڻ لاءِ مخدوم قصور جو مريد ۽ شاگرد بڻيو. جتان هن فيض حاصل ڪيو. وارث شاهه جو دور مغل سلطنت جو زوال پذيريءَ وارو دور هو. احمد شاهه ۽ نادر شاهه پنجاب تي زبردست ڪاهون ڪري رهيا هئا، جڏهن ته مقابلي ۾ سِکَ پنجاب ۾ وڏا طاقتور ٿي اُڀري آيا.

ختم رب دي ڪرم نال هوئي، فرمائش پيارڙي يار وي سي
ايـــسا شعر پرمغز، موتيان لڙي شهوار وي سي
طــول کهول ڪي ذڪر ميان، ڪيتا رنگ وي خوب بهار وي سي
تمثيل دي نال بنا کهيا جيهي، زينت لال دي هار وي سي
جو پڙهي سو ست خورند هو وي، واه واه سب خلق پڪار وي سي
وارث شاهه نو سڪ ديدار دي هي، جيهي هير نو بهٽکنا يار وي سي

مون مزار تي دعا گهري جتي هير ۽ رانجھو هڪ ئي قبر ۾ دفن آهن، مون کي سخت افسوس تڏهن ٿيو، جو جھنگ جي خمير واري مٽي ۾ جتي هير جي قربانين جو ريج ڏنل هجي، جتي اڄ به هير ۽ رانجھا هڪ ئي قبر ۾ ڀاڪر پائي چميون ڏيندا هجن ته پوءِ هير جي پيار واري ڌرتي تي هي جھيڙا ڪير پيو ڪري. شايد لنگڙو قيدو اڃان به ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ زندهه آهي.
اسين هيٺ لهي قبرستان جي حاطي اندر هڪ ننڍڙي جھڳي هوٽل ۾ کٽن تي ويٺاسين، هوٽل جو مالڪ هڪ پوڙهو هو جنهن کي تن تي سنهو ململ جو چولو ۽ گوڏ پاتل هئي. همراهه کلمک پئي لڳو ڊاڪٽر محسن وڏا چرچا پئي ڪيس. ڊاڪٽر محسن خوش مزاج طبيعت جو مالڪ آهي. جھنگ شهر ۾ تمام گهڻي عزت اٿس، هير جھڙو پيار هن جي شخصيت مان بکي رهيو هو هن جو ڏنل قرب اسان کي دلين ۾ هميشه ياد رهندو. سندس شعر مون کي ڏاڍا وڻندا آهن.
میرا بھی نہیں بنتا کسی طور وہ لیکن
وہ مجھ کو کسی اور کا ہونے نہیں دیتا


لوگوں نے اپنے کانوں میں ٹھونسی ہیں انگلیاں
حق بات جو کہی اسے سنتا نہیں کوئی
مسند پہ اختیار کی ایسے نہ جھولیے
تا عمر اقتدار میں رہتا نہیں کوئی

وين قبرستان کان نڪري جھنگ _ فيصل آباد روڊ تي آئي، روڊ جي ٻنهي طرفن کان باغ نظر آيا، هريالي ۽ سرسبز علائقا نظر آيا تاج ڏاڍو خوش هو. مون ٽائيم کي ڏٺو 1:30 ٿيو هو قاضي صاحب ڳالهائيندي ڳالهائيندي مسعود کدر پوش جي يادن جي بند دري کي کولي ٿو ۽ جنهن مان هوا جا سرد جھوٽا اسان جي دماغ کي ٿڌاڻ پهچائي رهيا هئا، قاضي جاويد جا کدر پوش فيملي سان سٺا تعلقات آهن، مسعود کدرپوش جڏهن وفاقي سيڪريٽري هو، ان وقت سنڌ طاس معاهدو ٿي رهيو هو، جنهن جي هن زبردست مخالفت ڪئي، نتيجي ۾ صدر ايوب خان هن کي گهرائي چيو هو ته، ”دل ٿي چوي توکي ڀت سان ٽيڪ لڳائي گولي شوٽ ڪجي.“ مسعود کدرپوش بيوروڪريٽ رهيو آهي، قاضي جاويد اسان کي هن جا ڪيئي قصا ٻڌايا، جنهن مان اسان کي مسعود کدرپوش بابت سٺي ڄاڻ ملي.

پرائيم هوٽل، فيصل آباد

پرائيم هوٽل، فيصل آباد
اهڙي طرح نيو لاهور، پينسره کان ٿيندا تقريباً 3:15 وڳي منجھند جو فيصل آباد پهتاسين. فيصل آباد شهر پلاننگ تحت ٺهيل آهي هي پاڪستان جو مانچسٽر آهي هتي ٽيڪسٽائل ملون جام آهن اسان جي وين علامه اقبال روڊ تي ڌوٻي گهاٽ سامهون پرائم هوٽل وٽ بيهي ٿي. اسين هوٽل اندر داخل ٿي رسيپشن ڀرسان صوفن تي ويٺاسين، هوٽل جا بيرا اسان جو سامان وين مان لاهي، هوٽل اندر کڻي اچن ٿا. ٿوري دير ۾ ڪمرن جون چاٻيون اسان کي هٿن ۾ ڏين ٿا. ارشاد ۽ مون کي چوٿين فلور تي ڪمرو ملي ٿو. اسان جي سامهون فرحان دراني ۽ درويش دراني کي ڪمرا ملن ٿا باقي ٻين کان ٽئين فلور تي ڪمرا ملن ٿا هوٽل نهايت شاندار آهي فائيو اسٽار هوٽل جيان سڀ سهولتون موجود آهن مون فرج مان پيپيسي جي بوتل ڪڍي پيتي ۽ ڪرسيءَ تي ڪنڌ لٽڪائي ٿورو آرام ڪيو. اوچتو درکڙڪيو جميل آيو چيائين ته منگي صاحب ڪا تڪليف ته ڪانهي. مون وراڻيو نه جميل مهرباني، چيائين ته ماني تيار آهي. محسن ڀوپالي ڪارن فليڪس کي ترجيع ڏئي رهيو هو. سفر دوران ڪارن فليڪس ۽ ڏهي پئي کاڌائين. اسين ڪمرن ڏانهن وياسين ته قاضي صاحب رسيپشن وٽ اسان کي چيو شام 7:00 وڳي تيار رهندا، ارشاد چيو ته بشير سمهين ٿو ڇا؟ چيم هائو. چيائين ته جيڪڏهن توکي فيصل آباد شهر گهمڻو آهي ته ننڊ نه ڪر هي وقت اٿئي پوءِ نه ملندئي مون به مناسب سمجھيو ته قسمت سان آيا آهيون ٻيهر شايد اچون الائي نه ، تنهن ڪري موقعي مان فائدو وٺجي. مون ارشاد کي هائو ڪئي اسين ٻئي هوٽل کان ٻاهر آياسين ساڻ فرحان دراني کي به کنيوسين. تاج جويي ملتان ۾ سرگرمين جي خبر ٺاهي ڏني هئي. جيڪا مون رسيپشن تان حيدرآباد ڪاوش اخبار کي فيڪس ڪئي. هوٽل ۾ فون فيڪس ۽ ٽيليڪس جي سهولت موجود آهي اسين هوٽل کان ٻاهر نڪتاسين ارشاد چيو ته ٻه ٽي خط پوسٽ ڪرڻا آهن. مون پوسٽ آفيس بابت فٽ پاٿ تي بيٺل همراهه کان پُڇا ڪئي. ان همراهه سان گڏ ٻيا دوست بيٺل هئا، هو بئنڪ جا ملازم هئا، بئنڪ جي گيٽ تي بيٺا هئا. اسان هنن سان اردو ڳالهائي رهيا هئاسون پر هو يارڙا مسلسل پنجابي ۾ جواب ڏيئي رهيا هئا حيرت ٿي ته اسان وٽ ڪو به ڌاري ٻوليءَ جو مهمان شهر ۾ ايندو آهي ۽ ماڳ مڪان جي پُڇا ڪندو آهي ته اسان ان کي اردو ۾ جواب ڏئي راهه ڏسيندا آهيون. هي يارڙا اردو سمجھن ٿا، پر ڳالهائن ڪو نه ٿا. اسين پوسٽ آفيس جو پتو وٺي اڳتي وڌياسين، بازار لتاڙي ارشد مارڪيٽ ۾ پهتاسين، جتي پوسٽ آفيس آهي پوسٽ آفيس جي گيٽ تي سيمينٽ جا ٺهيل ٻه دٻا لڳل هئا، جن ۾ ارشاد اهي خط وڌا، مون سيمينٽ جا ٺهيل دٻا صرف فيصل آباد ۾ ڏٺا. باقي عام طور لوهه جا ٺهيل هوندا آهن. جيڪي ملڪ ۾ عام آهن. ارشد مارڪيٽ ڪپڙن جي هول سيل جو وڏو مارڪيٽ آهي، هتي پري پري کان ڪپڙن جا واپاري اچي ڪپڙو خريد ڪندا آهن، هن مارڪيٽ ۾ ڪپڙوسستو ۽ سٺو ملي ٿو بازار گهمندي لگيج جي دوڪان لڳ فٽ پاٿ تي بيٺاسين، اتي هڪ ريڙهي تي روزمرهه جي استعمال جون شيون رکيل هيون، قيمتون پڇائڻ لڳاسين، ريڙهي واري چيو ته اوهين سنڌ کان آيا آهيو. اسين هائو ڪئي، هن چيو ته اجرڪ جي هتي گهڻي گهرج آهي، هتي اجرڪ مهانگي اگھه تي وڪامي ٿو، ريڙهي واري ٻڌايو ته هر سال قلندر شهباز جي ميلي تان واپسي وقت سکر مان درجن جي حساب سان اجرڪ وٺي هتي وڪڻندو آهيان، مون کي اجرڪن مان سٺي ڪمائي ٿيندي آهي. ڀاڙو به نڪري ايندو آهي چيائين ته سکر ۾ مان ڪجھه عرصو رهيو آهيان. هن اسان کي پنهنجائپ مان چانهه جي آفر ڪئي. اسين هن کان موڪلائي اڳتي هلياسين، هو هلڪي ڦلڪي اسان سان سنڌي ڳالهائي پيو.

پاڪستان چوڪ مرڪز آهي جتي سموري فيصل آباد شهر جا اَٺَ رستا ملن ٿا. بازار منجھه ڦٽ پاٿ تي ڀاڄين وارن جا ريڙها آهن، لڳي ٿو ته سبزي مارڪيٽ هتي شايد ڪونهي، هتي ئي سڀ ڪجھه وڪامجي ٿو مون ڦٽ پاٿ تي ريڊي ميڊ ڪاٽن جي ڪپڙن جي جوڙن کي ڏسڻ شروع ڪيو، جيڪي فٽ پاٿ جي لوهي گرل تي ٽنگيل هئا. ارشاد وڃي شرث جي ريڙهي تي بيٺو جتان هن ٻه شرٽس خريد ڪيون. شرٽس سستيون مليس ٿورو اڳتي هلياسين ته ڪتابن جو دڪان هو ارشاد ڪتاب جاچڻ لڳو. تقريباً ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ ارشاد اڃان تائين ڪتاب ڏسي رهيو هو. مان ۽ فرحان دراني رستي تي ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي ڏٺو پئي. هتان جون عورتون قدآور سهڻيون ۽ بلوري اکين واريون آهن. مرد قداور، پهلوان ۽ فراخدل آهن. اسين دوڪانن ۽ ماڻهن کي ڏسي تنگ ٿي پياسين، ڄنگهن مان ساهه ڇڏي ويو پر ارشاد ڪتابن جي پچر نه ڇڏي. اوچتو فرحان کي پيٽ ۾ تڪليف ٿي، جنهن ڪري فرحان چيو ته منگي ڀائي هاڻي هل! ارشاد کي چيم يار فرحان کي پيٽ ۾ تڪليف آهي، مان هن کي هوٽل تي پهچايان. ارشاد کان دڪان تان موڪلائي، اسين هوٽل تائين پنڌ آياسين. واٽ تي فرحان چيو ڪيئن رهي ارشاد کان جان ڇڏائڻ واري ٽل، مان حيران ٿيس ۽ اڳتي هلڻ لڳس اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ارشاد به ڪمري ۾ آيو. جنهن کي هٿن ۾ ڪتاب جون ٻه ڀريل ٿهيليون هيون. مون ڪتابن تي هڪ نظر وڌي ۽ ارشاد ٽي وي ڏسڻ لڳو.
اسان تيار ٿي شام جو 7:00 وڳي هيٺ پهتاسين وين ۾ ويٺاسين، گرمي جوش ڇڏي چڪي هئي. سج شام جي گهونگهٽ واري پردي ۾ هو. اسين فيصل آباد شهر جي عمارتن کي وين جي شيشن مان ڏسي رهيا هئاسون.

چناب ڪلب

چناب ڪلب
وين 7:30 وڳي شام جو چناب ڪلب جو گيٽ پار ڪري اندر پارڪنگ واري جاءِ تي بيهي ٿي. چناب ڪلب وسيع ايراضي تي ڦهليل آهي. ڪلب اندر سينما گهر، ريسٽورنٽ، آرٽس ڪائونسل، سوئمنگ پول، واڪنگ ٽريڪ سميت مختلف راندين جا ميدان، فيملي بار، شادي هال وغيره آهن. چناب ڪلب ننڍڙو ڳوٺ آهي جنهن ۾ تمام وڏا امير ماڻهو ميمبر آهن، اسين جتي لٿاسين. اتي سوين موٽر ڪارون پارڪنگ ۾ موجود هيون، جن مان ڪيترين گاڏين تي سرڪاري ۽ فوجي نمبر پليٽون لڳل هيون. چناب ڪلب ۾ چوڌري محمد آصف ۽ جناب وسيم صديق ۽ نامياري مزاحمتي قومپرست شاعر ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻي ميمبر افضل رنڌاوا ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن ڀليڪار ڪئي. اسان کي چناب ڪلب جا مختلف حصا گهمايا ويا، سوئمنگ پول وٽ اسان کي ڪيتريون ئي خواتين ۽ ٻارڙا نظر آيا، اسين سوئمنگ پول جي گيٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته گيٽ تي منڍي بهاؤُالدين جو ڊپٽي ڪمشنر محمد افسر ساجد مليو جنهن وڏي اتساهه سان آڌر ڀاءُ ڪيو، قاضي جاويد کي گذارش ڪيائين ته منڊي بهاؤالدين ۾ منهنجي دعوت قبول ڪيو. هن جنهن سڪ سان دعوت ڏني، اسان کي منڍي بهاؤالدين وڃڻ کپندو هو. پر قاضي جاويد صاحب هلڻ کان کتو جواب ڏنو. ان جو دليل ڏيندي چيائين ته اديب جي عزت هڪ بيوروڪريٽ کان وڌيڪ آهي. جنهن جو خاص ڪري سنڌ جي اديبن کي ڏک ٿيو. محمد افسر ساجد بذات خود هڪ شاعر به آهي، بهرحال اسين ساجد صاحب کان موڪلائي اوپن ائير سينيما هال ڏانهن وياسين جتي پاڪستاني فلم ”چوڙيان“ هلي رهي هئي. ٿورو وقت فلم ڏسڻ لاءِ اتي بيٺاسين. ان وقت قاضي جاويد اسان کي ڊائننگ هال ۾ هلڻ لاءِ چيو اسين هال اندر داخل ٿي، ڪرسين تي ويٺاسين. وفد جو فيصل آباد جي اديبن سان تعارف ڪرايو ويو، افضل رنڌاوا شهر جو معتبر ماڻهو آهي، جيڪو وفد ۾ شامل هر ميمبر کان فردن فردن ڪچهري ڪري حال احوال پُڇي رهيو هو. مون کي چيائين ته علي حسن منگي ۽ آءٌ گڏ قومي اسيمبلي ۾ ميمبر هئاسين ۽ گهاٽا يار هئاسين. مون هن کي ٻڌايو ته علي حسن منگي گذاري ويو آهي. هن کي افسوس ٿيو. رنڌاوا صاحب پوڙهو شينهن آهي جنهن جي گجگوڙ ۾ اڄ به طاقت آهي. پنجابي ٻولي قومي ٻوليءَ جو وڏو حمايتي آهي. اسين ماني کائي واپس هال ۾ آياسين ڊنر جو بندوبست چوڌري وسيم صديق ڪيو. قاضي جاويد ، شير محمد ۽ آغا نور محمد ، اڪادمي ادبيات پاڪستان پاران چوڌري وسيم صديق جا ٿورا مڃيا. کلي ميدان ۾ چناب ڪلب جون بتيون ۽ رونقون به اسان کي ڀليڪار چئي رهيون هيون، ڪيئي مرد ۽ عورتون اسان جي اڳيان واڪ ڪري رهيون هيون. اسين انهن کي ڏسندا رهياسين، ايتري ۾ سمورو وفد ٻاهر آيو، ڦوٽو گرافي ڪئي وئي. قاضي جاويد، افضل رنڌاوا ۽ ٻيا دوست آرٽ ڪائونسل جي هال ڏانهن هلي رهيا هئا، آرٽس ڪائونسل جي ڊائريڪٽر جناب چوڌري محمد آصف جي دعوت تي هتي آياسين. اسين جيئن هال ۾ گهرياسين فيصل آباد جي ويٺل اديبن، شاعرن اسان جو اُٿي بيهي آڌر ڀاءُ ڪيو. رات جا 9:30 ٿيا هئا. مشاعري واري پروگرام جي ميزباني قاضي جاويد ڪئي. قاضي صاحب مشاعري جي صدارت لاءِ نامياري مزاحمتي پنجابي قوم پرست شاعر افضل رنڌاوا کي دعوت ڏني. جڏهن ته خاص مهمانن لاءِ محسن ڀوپالي ۽ اعزازي مهمانن لاءِ دوريش دُراني کي دعوت ڏني. مشاعري ۾ پهرين فيصل آباد جي اديبن کي شعر پڙهڻ جو موقعو ڏنو ويو. فيصل آباد جا شاعر انتهائي برجستا شاعر هئا. انهن کان پوءِ مهمان اديبن کي شعر پڙهڻ لاءِ دعوت ڏني وئي. درويش دُراني ۽ محسن ڀوپاليءَ کي شعر پڙهڻ تي تمام گهڻو داد مليو، هال ۾ ڪافي ٿڌاڻ هئي رات جو وڳڙوهو. ان موقعي تي اتي منڊي بهاءُالدين جي ڊپٽي ڪمشنر محمد افسر ساجد به خوبصورت شعر پڙهيو. آخر ۾ محفل جي مور افضل رنڌاوا کي شاعري پڙهڻ جي دعوت ڏني وئي افضل رنڌاوا اسٽيج تي اچڻ سان چيو ته مان اردو قطعي نه ڳالهائيندو آهيان. پر اوهان منهنجا مهمان آهيو، تنهن ڪري ڪجھه اردو ضرور ڳالهائيندس. منهنجي شاعري به پنجابي زبان ۾ آهي ۽ مان ڳالهائيندو به پنجابي ۾ آهيان ۽ مون کي پنهنجي پنجابي شناخت تي فخر آهي. مان چاهيان ٿو ته پنجابي زبان کي سرڪاري سطح تي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ رائج ڪيو وڃي. توهان فيصل آباد آيا آهيو اسان جا مهمان آهيو. اسان جون اکيون ٿڌيون ٿيون آهن. اوهان سڀ آيل مهمان منهنجا ڀائر آهيو اسان جا ڏک ۽ سک هڪ جھڙا آهن. هن آخر ۾ پنجابي شاعري ٻڌائي ۽ جھومائي ڇڏيو. افضل رنڌاوا صاحب 1 سيپٽمبر 1937ع ۾ امرتسر ۾ پيدا ٿيو. هن جو پنجابي شاعري ۽ افساني ۾ وڏو نالو آهي. سندس مجموعي ڪلام ”چهيوان درياهه“ مشهور اٿس.
ساری عشق دی ھٹی دی اے
جی گل ساڈی کھٹی دی اے

اکبر بادشاہ آنے دا نہیں
وٹک تے دُلے بھٹی دی اے

چار چوپھیر ہنیرا بھیناں
دردان پالیاں گھیرا بھیناں
میرا درد تے ہےمیرا ہی
تیرا درد وی میرا بھیناں

سُنیں میری فَریاد وی لوکا
ہوگئی میں برباد وی لوکا
افضل احسن! مٹی ہوگئی
میں جو سان فولاد وی لوکا

وڈی بول نہ بول وے کا کا
اپنے آپ نو ں تول وے کاکا
جنہوں باھر لبھنا ئیں، اوھنوں
آپنی دی اندر ٹول وے کاکا

درد سمندر ترنا ویرا
اوکھا جیون کرنا ویرا
موت شکِاری چَار چوپھیِرے
دوڑیئے کدھر ھرنا ویرا

آخر ۾ قاضي جاويد آرٽس ڪائونسل جي صدر جا ٿورا مڃيا. آغا نور محمد فيصل آباد جي اديبن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان کي جيڪا عزت ۽ مانُ مليو آهي اسين انکي هميشه ياد رکنداسين. اسين اوهان جي جذبن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ اوهان سڀني لاءِ نيڪ تمنائون رکون ٿا. مشاعرو ختم ٿيو. قاضي صاحب افضل رنڌاوا کي مهمانن کي تحفا ڏيڻ لاءِ اسٽيج تي دعوت ڏني. افضل رنڌاوا پاران هر هڪ اديب کي تحفا ڏنا ويا، اهڙي طرح پروگرام ختم ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو. اسين هال کان ٻاهر نڪتاسين پئي ته فيصل آباد جي هڪ شاعر چيو ته آءُ به سکر ۾ ڪافي عرصو رهي چڪو آهيان ۽ دبستان سوسائٽي سکر جو ميمبر رهي چڪو آهيان. چيائين ته خاڪي سان ملڻ ٿيندو آهي؟ چيومانس ته هائو، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن محفل مشاعري ۾ ملاقات ٿيندي آهي. خاڪي صاحب دبستان سوسائٽي سکر جو روح روان آهي. ۽ اردو زبان جو جھونو شاعر آهي اي اين پي سکر جو اڳواڻ به آهي. هن سان منهنجي سٺي شناسائي آهي چيائين ته خاڪيءَ کي سلام چئجو، مون هائو ڪئي. هتي اسان جي نوجوان شاعر شهزاد فيصل سان به ملاقات ٿي، جيڪو فيصل آباد جو سٺو شاعر آهي. صبح جو هوٽل ۾ ملڻ جو واعدو ڪري موڪلائي هليو ويو. اسين سڀ فيصل آباد جي رستن تي بلبن جي روشني کي چيريندي پرائيم هوٽل پهچون ٿا. مون وقت ڏٺو رات جا 12:15 ٿيا هئا. رات سان گڏ سانت هئي رستا ۽ بتيون جاڳن پيا. هوٽل جي ڪمري ۾ پهتاسين ڪجھه دير ڳوٺ ۽ ٻارڙن کي ياد ڪيم ۽ سمهي پيم.

9.5.1999 آچر
6:00 وڳي صبح جو جميل در کڙڪائي سلام ڪيو ۽ ٻڌايوته مهرباني ڪري تيار ٿي ناشتي تي اچو ۽ پنهنجو سامان پيڪ ڪريو ته جيئن اسين 8 وڳي هتان لاهور لاءِ نڪري هلون، اسين تيار ٿي ٿورو گهڻو سامان ٿيلهي ۾ وجھي ٿيلهي کي سائيڊ تي رکيوسين ۽ ڊائننگ هال ڏانهن آياسين. محسن ڀوپالي سان گڏ فيصل آباد جو شاعر شهزاد فيصل ويٺو هو. شهزاد فيصل هڪ شعري مجموعي جو خالق آهي. هو هڪ سٺو شاعر ۽ خاموش پسند انسان آهي. ماني کائي اسان وري مٿي ڪمري ۾ وياسين جتي سامان وغيره کڻي هوٽل جي رسيپشن تان ٿي وين ۾ ويٺاسين، ڪجھ، دوست پوئتي رهيل هئا، مون سامهون ڌوٻي گهاٽ ڏانهن نهاريو، جيڪو هڪ وڏو باغ آهي، جلسن جلوسن جي حوالي سان مشهور آهي، مون سوچيو ته هي اهو هنڌ آهي جتي سياستدان عوام کي سگهه ۽ ساڃاهه مهيا ڪرڻ بدران ڪوڙا واعدا، دلاسا ۽ ڌوڪا ڏيندا هوندا، سياستدانن جا ڪوڙا سچا واعدا دفن ٿيل هوندا، منهنجي مشاهدي موجب هتان جو عوام ايترو سياڻو آهي، جو هو پنهنجي ڳالهه مڃائي ٿو وٺي. ڇاڪاڻ جو هن شهر جي صفائي ۽ سٿرائي اها گواهي ڏئي پئي ته هتان جو عوام سجاڳ ۽ باشعور آهي، اسان وانگر ستل ناهي، اسان جو پڙهيل طبقو سماجي مسئلن کان پاڻ کي ڏور رکي ٿو ۽ هو سوچي ٿو ته مسئلا پاڻ حل ٿين يا خدا جي طرفان ڀلائي ٿئي ته ٺيڪ آهي نه ته باقي مڙئي خير آهي. مون وقت ڏٺو 8:05 ٿيا هئا فيصل آباد جو صبح اسان کي الوداع چئي رهيو هو. وين فيصل آباد جي رستن تان تيزي سان ڊوڙندي اڳتي هلي رهي هئي. ڪارخانن جي چمنين مان دونهون نڪري رهيو هو. هن صنعتي شهر جي صبح واري زندگي روان دوان هئي. اسان به خوش هئاسون، ڇاڪاڻ جو لاهور وڃي رهيا هئاسين. جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته ”جنهن ماڻهؤَ لاهور نه ڏٺو، اهو ڄڻ ڄميو ئي نه“. اسين پتوان کان ٿيندا فيروز وٽوان ۾ پهتاسين، هتي فيروز وٽو ان ۾ بابا گرو نانڪ جو يادگار آهي. سِکَ مت جو باني بابا گرونانڪ پنجاب ۾ ڪلياڻ چندرکتريءَ جي گهر 1469ع ۾ جنم ورتو، ڪبير داس کان تمام گهڻو متاثر هو، گرونانڪ جي جڏهن عمر 27 سال هئي ته سندس ملاقات ڪبير سان ٿي هئي، سندس ڪتاب گرنٿ ڀڄنن جو مجموعه ڪلام آهي، جنهن ۾ اخلاقي تعليمات سان گڏ صوفياڻي ڪلام جون رندي رمزون شامل آهن. گرونانڪ لاءِ مشهور آهي ته پاڻ جيئري بيت الله جو ديدار ڪيائون، جتان پوءِ ڪربلا ۽ شام جون زيارتون ڪيائون. کيس جيڪو چولو پاتل هوندو هو، ان مٿان قرآن جون آيتون اُڪريل هيون، جيڪو اڄ به محفوظ آهي، سندس وڏو نعرو هو ”بولي سو نهال، ست سري آ کال“. لاهور ڀرسان ننڪانه صاحب ۾ هر سال ميلو لڳي ٿو، جتي دنيا جا سک مت جا ماڻهو شريڪ ٿين ٿا، گرونانڪ 1538ع ۾ وفات ڪيائين.
ھَردے جَاکے ھَری بسَیں سے جن کہئے سور
کہن نہ جائے نانکا پوری رھیو بھرپور

حسن جاويد بابا گرونانڪ بابت ڪجهه تفصيل سان ڄاڻ ڏني. اڳيان شهر بکي، کاريان والا کان ٿيندا شيخوپوره پهتاسين، هتي شيخوپوره ۾ هڪ تاريخي قلعو آهي جيڪو راجا رنجيت سنگھه جي حوالي سان مشهور آهي. قلعو روڊ کان صاف ڏسي رهيا هئاسون. قلعو شاندار هو پر ڪافي ڊهي ويو آهي. هتي ارشاد، آغا صاحب کي چانهه لاءِ گذارش ڪئي پر آغا صاحب خاموش رهيو، ارشاد گهڻيون رڙيون ڪيون چانهه لاءِ. قاضي جاويد جو موڊ نه هو. هن اسان کي سڌو لاهور وٺي هلڻ پئي چاهيو. ارشاد کي سخت ڪاوڙ لڳي پوءِ ته هن جو موڊ لاهور تائين خراب رهيو.

لاهور

لاهور
اسان لاهور ٽول پلازه تي پهتاسين. قاضي جاويد فاتحانه انداز ۾ چيو جناب هي لاهور آهي، راوي ڪناري ميوات جا باغ نظر آيا، جيڪي ڪيترن ئي ميلن ۾ پکڙيل هئا. باغن کان پوءِ شهري آبادي شروع ٿئي ٿي. اسان سڀ وين جي درين مان لاهور کي ڏسي رهيا هئاسون. لاهور جون رونقون ڪجھه گهٽ نظر اچن ٿيون. آچر جو ڏهاڙو آهي موڪل جو ڏينهن آهي تنهنڪري هر ڪوئي گهرن ۾ آهي. اسين مال روڊ تي پهچي وياسين. لاهور گرم هو، مون وقت ڏٺو 11:00 ٿيا هئا. وين ويڪرن رستن تان ٿيندي لاهور جي گلبرگ واري علائقي ۾ پهچي ٿي. هي علائقو صاف سٿرو آهي اسان جي وين گلبرگ (ٽين) ۾ يو جي سي جي ريسٽ هائوس جي مين گيٽ ٽپي اندرين گيٽ تي بيهي ٿي. ارشاد ۽ مون کي مٿين فلور تي ڪمرو نمبر ارڙهون مليو. درويش دراني ۽ فرحان کي اسانجي ڀروارو ڪمرو مليو، باقي ٻين اديبن کي گرائونڊ فلور تي ڪمرا مليا. مون سامان رکي ٿورو آرام ڪيو ۽ ارشاد به ليٽي پيو، ٿوري دير ۾ دوازو کڙڪيو جميل آيو چيائين ته لنچ تيار آهي. مون وقت ڏٺو ته منجھند جا 12:00 ٿيا هئا. هٿ منهن ڌوئي ڪمري کان ٻاهر بالڪوني ۾ بيهي آسمان ڏانهن نهاريو موسم ۾ رنگيني هئي هلڪو جھڙ هو. شايد قدرت اسان تي مهربان ٿي آهي، جھڙ ۽ سج جي تڙڪي جي هڪ ٻئي سان مزاق ڏاڍي سهڻي پئي لڳي. ڪڏهن اس حاوي هئي ته ڪڏهن جُھڙُ. اهڙي بادلن جي راند مزو ڏئي رهي هئي مان سامهون گلبرگ جي بنگلن کي ڏسي رهيو هوس هلڪي هوا جسم کي چهنڊڙيون پائي شرارت ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي هئي، ارشاد ڪمري کان نڪري ڪلهي تي ٺپڪي هنئي مون کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ منهنجي اکين مان هڪ خواب ڪنهن پکيءَ جيان اڏري ويو. اسين ٻئي هيٺ لهي ڊائننگ هال ۾ پهتاسين. ڊائننگ هال ڏانهن ايندي ادل ۽ تاج واري ڪمري ۾ جھاتي پاتي ته ڪمرو خالي هو، سڀ ڊائننگ هال ڏانهن ويا هئا، اسان به سلام ڪري ويٺاسين، سامهون واري ڪرسيءَ تي آغا نورمحمد ڀرسان محسن ڀوپالي ويٺل هو. مانجھاندو ڪري آغا صاحب سميت سڀ دوست تاج واري ڪمري ڏانهن ويا، پر مان مٿي پنهنجي ڪمري ۾ آيس، صوفي تي ويهي نوٽ بوڪ لکيم، اڌ مُني ڪلاڪ کان پوءِ واپس تاج جي ڪمري ۾ آيس ته آغا نور محمد، تاج جي ڪمري مان اُٿيو مون کي هٿ هٿ ۾ ڏئي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ ڪجھه پئسا ڏنائين چيائين ته هينئر اوهان دوستن سان انارڪلي گهمڻ ويندؤ جتان ڪتاب يا ضروري سامان وغيره خريد ڪندؤ ۽ ان لاءِ ڪجھه پئسا اٿو، مان ڏاڍو خوش ٿيم، ڇاڪاڻ ته هٿ گرم ٿي ويو.
ڪوڙو، آءٌ، فرحان دراني، ارشاد، تاج ۽ ادل انارڪلي بازار گهمڻ لاءِ وين ۾ ويٺاسين.

پاڪ ٽي هائوس، انارڪلي

پاڪ ٽي هائوس، انارڪلي
وين هلڻ لڳي گلبرگ جي علائقي مان ٿيندي انار ڪلي اچي پهتي، تاج چيو هاڻي بشير خرچ ڪندو، مان گهٻرائجي ويس. مون سوچيو ته شايد آغا نورمحمد، مونکي پئسا سنگت تي خرچ ڪرڻ لاءِ ڏنا اٿائين. سوچيم ته ڪوڙو خان جيڪو آغا نور محمد جو اسسٽنٽ آهي. تنهن کي سڄي ماجرا جي خبر هوندي، ان کان معلوم ٿو ڪريان، انارڪلي ۾ پاڪ ٽي هائوس وٽ لٿاسين، مون لهڻ وقت ڪوڙي خان کي سائيڊ ۾ ڪري پڇيو ته ڏي خبر ڪوڙا خان، هي پئسه مون کي آغا صاحب سنگت لاءِ خرچ ڪرڻ ڏنا اٿائين يا صرف منهنجي خرچ لاءِ آهن؟ ڪوڙي خان چيو ته يار دل ۾ رکجان، توسان مزاق ڪئي اٿائون. تو سميت هنن سڀني کي خرچ لاءِ آغا صاحب پئسا ڏنا آهن، تنهنڪري تون پنهنجو خرچ ڪر ۽ هنن جي مذاق کي مذاق بڻائي ڇڏجانءِ. مون کي دلجاءِ ٿي، اُتي اسين فٽ پاٿ تي رکيل ڪتابن جي اسٽالن تي ڪتاب خريد ڪرڻ جي حوالي سان کنڊري پکڙي وياسين. ان کان اڳ ۾ اسان دوستن پاڪ ٽي هائوس ۾ ملڻ جو وقت مقرر ڪيوسين. مون اُتي عبيدالله عليم جو شعري مجموعو ورتو.

کچھ دن تو بسو میری آنکھوں میں
پھر خواب اگر ہوجاؤں تو کیا
دنیا بھی وہ ہی، اور تم بھی وہی
پھر تم سے آس لگاؤں تو کیا؟

دکھے ہوئے ہیں ہم اور اب دکھاؤ مت
جو ہوگئے ہو فسانہ تو یاد آؤ مت
سوائے اپنے کسی کے بھی ہو نہیں سکتے
ہم اور لوگ ہیں لوگو ہمیں ستاؤ مت

بنا گلاب تو کانٹے چھباگیا اک شخص
ہُوا چراغ گھر ہی جلا گیا اک شخص
محبتیں بھی عجب اس کی نفرتیں بھی کمال
مری طرح کا مجھ میں سما گیا اک شخص

مون کي فرحان دراني چيو ته نسيم بڪ ڊپو تي وڃڻو آهي، ڏانهنس بل رهيل آهي. سيپ رسالي جا پئسا وٺڻا آهن، تون ڪمپني ڏي، مون هائو ڪئي ۽ ارشاد کي چيم ته يار هن کي ڪمپني ڏيان. مون فرحان کي هٿ هٿ ۾ ڏئي اڳتي هلڻ شروع ڪيو، پاڪ ٽي هائوس واري روڊ کان نڪري لاهور جي مشهور ميو اسپتال جي کاٻي پاسي کان نڪري انارڪلي بازار ۾ پهتاسين انار ڪلي بازار کليل هئي ڪيئي عورتون خريداري ۾ مصروف هيون مرد به جام هئا. مون وقت ڏٺو منجھند جا 3 ٿيا هئا. مون به هڪ دڪان تي ڪاٽن ڊريس جا ريٽس معلوم ڪيا. فرحان کي ڦوٽو واري دوڪان تي هلڻ لاءِ چيم، مون کي هٿ ۾ ادل جي ڪيمرا هئي، ان ۾ ٿورو فالٽ ٿي پيو هو، تنهن کي ٺهرائڻو هو. سو هڪ دڪان تي چڙهي ويم.
ڪيمرا ۾ فالٽ هو دوڪاندار کي سمجھه ۾ نه آيو تنهنڪري هن لڪشمي چوڪ تان ٺهرائڻ لاءِ صلاح ڏني دڪان جو مالڪ نهايت سٺو ماڻهو هو، هن سنڌي سمجھي عزت ڏني. انارڪلي بازار لتاڙي، مسلم مسجد چوڪ، لوهاري گيٽ پهتاسين. جتان اخبار مارڪيٽ سڏ پنڌ تي هو، اسين مين روڊ جي سڄي هٿ تي پنڌ هلندا وياسين، اخبار مارڪيٽ وٽ پهتاسين، مارڪيٽ جو مين گيٽ بند هو. آچر ڏينهن هو، تنهنڪري مارڪيٽ بند رهندو آهي. فرحان مايوس ٿيو چيائين يار ٻه ٽي ميل پنڌ ڪيوسين، نسيم بوڪ ڊپو وارو به نه مليو ۽ نه وري ڪم ٿيو. هن کي سخت ڪاوڙ لڳي. هن مون کان معذرت ڪندي چيو، منگي ڀائي، انهن ڪمن ۾ ائين ٿيندو آهي توهان کي خواه مخواه تڪليف ڏنم. مون چيو يار خير آهي گهٻراءِ نه، گهٽ ۾ گهٽ لاهور ته گهميوسين، چوندا آهن جنهن لاهور نه گهميو اهو ڄميو ئي نه، اسين سوڙهين گهٽين مان واپس ورياسين، اسان رستو ڀُلجون پيا ته سخت پريشان ٿيون پيا. اسين هڪ پاڙي مان نڪري ميواسپتال جي وچان شارٽ ڪٽ رستو اختيار ڪيو اسان اسپتال ۾ اڌ ڪلاڪ رُلياسين پر ٻاهر نڪرڻ وارو رستو نه پيو ملي مان ٿڪجي پيو هوس، مان فرحان کي ڇنڊ پٽي، يار پيو ٿو رُلائين، ماڻهن کان رستو به نه ٿو پڇين، فرحان هڪ ماڻهو کان رستو پڇيو ان رستو ڏيکاريو اسپتال جي ساڄي پاسي کان اهو رستو نڪري هڪ سوڙهي گهٽي ۾ پيو. مون شڪر ادا ڪيو ته نيٺ اسپتال مان ٻاهر نڪتاسين سوڙهي گهٽي ۾ مٿي ڪمرن جي بالڪونين ۾ خواتين ۽ ٻارڙا بيٺل هئا، ڪي جوان ڇوڪريون چرچا ڪري رهيون هيون، واقعي هي شهر زندهه دلين جو شهر آهي، هتي وڏي جگر وارا ماڻهو رهن ٿا. مون انهن نوجوان ڇوڪرين کي ڏسي سمجھيو ته واقعي لاهور لاهور آهي، اسان ان گهٽي مان آهسته آهسته هلي رهيا هئاسين، بک ستائي رهي هئي شيخ اياز جو شعر ياد آيو ”ڍؤُ بنا ڍولا، ڪانهي ساڃاهه سونهن جي“ اسان جڏهن پاڪ ٽي هائوس واري گهٽي ۾ پهتاسين ته خوش ٿياسين.
فرحان جون ٽنگون هلڻ کان انڪاري هيون، چيائين منگي ڀائي، پاڪ ٽي هائوس پهچي وياسين. اسين ٻئي پاڪ ٽي هائوس اندر داخل ٿياسين. پاڪ ٽي هائوس ۾ هڪ اڌڙوٽ قسم جو جوڙو ويٺو هو جيڪو تازو آمريڪا کان آيو هو ۽ چانهه پي رهيو هو باقي هوٽل انتظاميا جا ماڻهو هئا. اسين ان اڌڙوٽ جوڙي ڀرسان ويهي پگهر سُڪايوسين. ايتري ۾ ويٽر آيو چيومانس ته چانهه پيئنداسين ۽ ڪجھه بسڪٽ. وقت شام جا 5:00 ٿيا هئا. ارشاد به پاڪ ٽي هائوس ۾ آيو. پوڙهو پنهنجي پوڙهي وني کي ٻڌائي رهيو هو، مان جوانيءَ ۾هتي دوستن سان ويهي شامون گذاريندو هوس ۽ رات دير تائين ڪچهريون ڪري گهر ورندو هوس، هو پاڪ ٽي هائوس ۾ گهاريل ڏينهن راتيون ڪچهرين ۽ يارن دوستن بابت ٻڌائي رهيو هو. ايتري ۾ چانهه آئي. ادل ۽ تاج به پاڪ ٽي هائوس ۾ آيا. اسين چانهه پي چڪا هئاسين مون در ڏانهن ڏٺو ته جميل نظر آيو، جنهن چيو ته گاڏي اچي وئي آهي اسين روڊ ٽپي ٻئي پاسي وياسين جتي وين بيٺي هئي، اسان وين ۾ ويهون ٿا، وين لاهور جي رستن کي لتاڙيندي اڳتي هلي رهي هئي، خوبصورت بلند بالاعمارتون اسان کي نظر آيون، قاضي جاويد وين ۾ اڳيان ويٺو هو، مينار پاڪستان اسان کي رستي تان ڏيکاريو ويو، مينارپاڪستان جي ميدان تي ڪيئي خواتين ٻار جوان ٻڍا گهمي رهيا هئا. آچر جو ڏينهن هئڻ ڪري گهڻي رش هئي، اسان جي وين اڳتي وڌي شاهي قلعي جي پاسي کان ٿيندي وڃي مزارِ حضرت علامه اقبال رحه جي سامهون بيهي ٿي.

مزار حضرت علامه اقبال رحه

مزار حضرت علامه اقبال رحه
اسان کي سرڪاري پروٽوڪول ڏنو ويو. وقت شام جو 5:30 ٿيا هئا اسان کي قاضي جاويد چيو ته هينئر علامه اقبال جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهينداسين، تنهن کان پوءِ شاهي قلعو ۽ بادشاهي مسجد گهمنداسين. آغا نور محمد صاحب گلن جي چادر کي وچ وار حصي کان پڪڙيو، جڏهن ته منهنجي ساڄي پاسي کان حسن جاويد ۽ شيرمحمد کاٻي پاسي کان گُلن جي چادر کي پڪڙيو، اُتي بيٺل فوجي جوانن اسان کي سلوٽ ڪيو. اسين مزار اندر داخل ٿياسين ۽ هن عظيم صوفي شاعر حضرت علامه اقبال رحه جي مزار مٿان چادر چاڙهي سين قرآن پاڪ جي تلاوت ٿي اسين دعا گهري ٻاهر آياسين.
تری بندہ پروری سے مرے دن گذر رہے ہیں
نَہ گلا ہے دوستوں کا نہ شکایت زمانہ

صدق خلیل بھی عشق، صبر حسین بھی ہے عشق
معرکہ وجود میں بدر وحنین بھی ہے عشق

باغ بہشت سے مجھے حکم سفر دیا تھا، کیوں کار جہاں دراز ہے اب میرا انتظار کر
روز حساب جب میرا پیش ہو دفتر عمل، آپ بھی شَرمسِار ہو مجھ کو بھی شَرمسِار کر

کچھ آ گئی ہے جہاں کو قلندری میری
وگرنہ شعر میَرا کیَا ہے، شَاعری کیا ہے

خاور کی امیدوں کا یہ ہی خاک ہے مرکز
اقبال کے اشکوں سے یہی ہے سِراب

میری مینائے غزل میں تھی ذرا سی سَاقی، شیخ کہتا ہے یہ بھی حرام اے سَاقی
تو میری رات کو مہتَاب سے محَروم نَہ رکھ، تیرے پیمانے میں ہے ماہ تمَام اے سَاقی
قاضي جاويد چيو ته هاڻي اوهان بلڪل آزاد آهيو، گهمو ڦرو. هيڏانهن بادشاهي مسجد جي گيٽ جي سامهون کليل ميدان واري باغ ۾ سگهڙن جي ڪچهري پئي هلي. اسين سڀ اتي وياسين پنجابي زبان ۾ سگهڙن جي محفل ڏاڍو مزو ڏنو. آغا صاحب چيو ته هاڻي شاهي قلعي کي گهمڻ گهرجي.

شاهي قلعو

شاهي قلعو
اسين محفل مان اُٿي شاهي قلعي ڏانهن وياسين پر تاج جويو نه اٿيو هو ويٺل سگهڙن سان وڏي اتساهه ۽ پيار سان هن محفل ۾ شريڪ هيو. اسين سگهڙن کي تاج جويو صحبت ۾ ڏئي شاهي قلعي ڏانهن وياسين. جيڪو شايد شام جو دير هجڻ ڪري بند ٿيڻ وارو هو، تنهن ڪري آغا صاحب شاهي قلعي جي انتظاميه سان ڳالهايو ۽ پوءِ اسان کي قلعي اندر داخل ٿيڻ ڏنو ويو. هتي هڪ گائيڊ اسان کي ساڻ ڏنو ويو ۽ اسان کي شاهي قلعي بابت ڄاڻ ڏني ساڻ مڪمل قلعو گهمايو. هن قلعي ۾ مختلف مغل بادشاهن ۽ مهاراجا رنجيت سنگهه جي رهائشگاهه شيش محل هئي. قلعي اندر جنرل ضياءَ جي فوجي دور ۾ ڪافي سنڌ جا سياستدان قيد هئا. شاهي قلعي جي شان و شوڪت اڃان به برقرار آهي. بابر بادشاهه جتي فيصلا ٻڌائيندو هو اتي آغا نورمحمد وڃي ڦوٽو ڪڍرايا، آغا نورمحمد قلعي اندر موجود مسجد ۾ لياقت جوڻيجو ۽ ٻين سميت نماز ادا ڪئي. جڏهن ته ادل سومرو ۽ مان مسجد ٻاهران پنير جي وڻ هيٺان ويهي انتظار ڪرڻ لڳاسين. نماز پڙهي آيا ته اسين سڀ قلعي کان ٻاهر نڪتاسين، بادشاهي مسجد جو ديدار وٺي واپس ٿياسين. ڪافي ٽائيم ٿي چڪو هو. وين ۾ ويهي اسين پاڪ ٽي هائوس تي آياسين. جتي نامياري ناول نگار انتظار حسين پاران ڏنل چانهه جي دعوت ۾ شريڪ ٿياسين. مسعود اشعر ۽ اڪرام الله به موجود هئا. اڪرام الله جو ڪتاب ”کتنا پاني“ تازو مارڪيٽ ۾ آيو آهي ۽ سندس ناول ”غرقِ شب“ تي حڪومت پابندي لڳائي ڇڏي آهي. انتظار حسين اسان جي انتظار ۾ ئي ويٺل هو، اسان جيئن ئي هال ۾ پهتاسين ته انتظار حسين اسان جي آجيان ڪئي.

سعادت حسن منٽو جي ياد ۾ ميڙاڪو

اسان پاڪ ٽي هائوس جي مٿين حصي ۾ پهتاسين. جتي سعادت حسن منٽو جي ياد ۾ ميڙاڪو رکيل هو. هي ميڙاڪو حلقه ذوق ادب لاهور پاران منعقد ڪرايو ويو هو. سعادت حسن منٽو واري ميڙاڪي جي صدارت ملڪ جي نامياري شاعر منير نيازي ڪئي. مون کي منير جو مشهور شعر ياد آيو، ”اس بیوفا کا شہر ہے اور ہم ہیں دوستو“جڏهن ته خاص مهمان حميد اختر هيو، حميد اختر جو مشهور ڪتاب جيل ياترا ”ڪال ڪوٺڙي “ آهي. اسان جي وفد جي زبردست آجيان ڪئي وئي. اسان کي مُنير نيازي ڀليڪار چئي ۽ گُلن جا هار پارايا. مان سعادت حسن منٽو جي نياڻي جي ڀرسان اڳين صف ۾ ڪُرسي تي ويٺو هوس جڏهن ايشيا جي هن عظيم ڪهاڻي. ڪار جي ياد ۾ تقريرون ٻُڌي رهيو هوس، ان وقت اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ڇاڪاڻ جو منٽو جي اذيتن ۾ گذاريل حياتي بابت ڳالهيون ڪيون پئي ويون. حلقه ذوقِ ادب جي سيڪريٽري اسان کي دعوت ڏني ته ڀلي وفد مان به ڪو ڳالهائي، تاج جويو تقرير لاءِ اٿيو، تاج الائي ڇا پيو ڳالهائي بس وقت پورو ڪري رهيو هو. مون سعادت حسن کي ڪافي پڙهيو آهي، ۽ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ترجمو ڪيون آهن. جيتري هن سان مُحبت ۽ عقيدت اٿم پر افسوس جو هن تي مان ڳالهائي نٿو سگهان. ڇاڪاڻ جو سرڪاري وفد ۾ هوس ۽ اسان مٿان سينئير اديب کي ان موضوع بابت ڄاڻ هجي نه هجي. ان کي ئي ڳالهائڻو هو، مون محسوس ڪيو آهي ته سينئر اديب هميشه نئين ٽهي جا رستا بند ڪن ٿا. هو ائين چاهيندا آهن ته نئين ٽهيءَ جا اديب ڪونرا کڻي اسان جي پٺيان هلن، مان سعادت حسن منٽو جي تاريخي ڪم ۽ تاريخ ساز شخصيت تي نه ڳالهائي سگهيس. پنهنجو آواز مَٽَ ۾ بند ڪري خاموش ٿي ويهي رهيس. بهرحال پروگرام پورو ٿيو. لاهور جي اديبن سان ڀاڪر پائي ملياسين، پاڪ ٽي هائوس کان ٻاهر آياسين ته اسان کي زاهد مسعود، انيس ناگي، فرحت عباس شاهه ۽ ڪيترن ئي اديبن دروازي تي الوداع چيو.

چائنيز هوٽل

چائنيز هوٽل
اسين وين ۾ ويٺاسين، وين هلڻ لڳي. وين ڪشمير روڊ تي چائنيز هوٽل تي بيهي ٿي مون وقت ڏٺو رات جا 10 ٿيا هئا. چائنيز هوٽل ۾ ملڪ جي نامياري اديب سيد قاسم محمود طرفان ڊنر ڏني وئي هئي. چائنيز هوٽل اندر داخل ٿياسين جتي هڪ بندري قد جو وڻندڙ ماڻهو دروازي تي سلام ڪري در کولي آجيان ڪري رهيو هو. چائنيز ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻهو هن کي ڏسي مسڪرائي رهيا هئا. مون هن کي کلي پيار مان نهاريو. هن سلام ڪيو. چائنيز ۾ امير مرد پنهنجي زالن سان يا محبوبائن سان گڏ ويٺل هئا. اسان کي وچ واري حصي ۾ وڏي ٽيبل تي ويهاريو ويو. کاٻي پاسي کان تاج ۽ ساڄي پاسي کان ادل ۽ ارشاد ڪرسين تي ويٺا هئا. مون سان تاج چائنيز ۾ مزاق مستيون ڪري رهيو هو. هر هر مون ڏانهن هٿ سان اشارا ڪري پيو، اڙي هي ڏس، اڙي سامهون ڏس، مون به تاج جي ڳالهين مان پئي مزو ورتو. اسين چائنيز مان ڊنر ڪري اُٿياسين ۽ ٻاهر وين ۾ ويٺاسين.

حضرت داتا گنج بخش رحه

حضرت داتا گنج بخش رحه
رات جو 11:30 وڳي اسين حضرت داتا گنج بخش جي مزار ڏانهن هلڻ لڳاسين. رات پنهنجي جواني جي ڏاڪڻ تي هئي، لاهور جون بتيون، رات کي جاڳائي بيدار ڪري رهيون هيون. اسين 12:00 وڳي رات جو داتا سائينءَ جي درٻار پهتاسين. حضرت داتا گنج بخش جي مزار لاهور ۾ آهي، تنهنڪري لاهور کي داتا جي ننگري به سڏيو وڃي ٿو. سندس ڪتاب ”ڪشف المحجوب“ صدين کان عام ماڻهن کي فيض رسائي ٿو، اهو ڪِتاب سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعِرَ ۽ محقق ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيل آهي. حضرت علي هجويري عرف داتا گنج بخش رحه غزنوي دور ۾ هجوير ۾ 400 هجري ۾ جنم ورتو، 465 هجري ۾ هن فاني جھان مان لاڏانو ڪري ويو. سندس هڪ شعر اڄ به عام آهي.
گنج بخش فیض عالم، مظہر نور خدا
ناقصاں را پیر کامل کاملاں را رہنما

حضرت داتا گنج بخش رحه جا فرمان:
• محبت کان وڌيڪ ڪا شيءِ نازڪ ناهي هوندي. محبت اها آهي جو تون پاڻ کي گهٽ سمجھه ۽ ٻي کي اهميت ڏي.
• حق تي هلڻ وارا ته پنهنجي جان ۽ زندگي قربان ڪرڻ لاءِ پيدا ٿين ٿا.
• سٺو ڪلام سخت هوندو آهي پر بهتر هوندو آهي.
• جنهن الله کي سڃاتو اهو ڳالهائيندو گهٽ ۽ سوچيندو وڌيڪ آهي.
حضرت داتا گنج بخش جي مزار اڃان تائين تعميراتي مرحلي ۾ آهي. ڀرسان خوبصورت ماڊل مسجد آهي. جيڪا سنگ مرمر جي پٿرسان ٺهيل آهي. داتا جي مزار تي سانت هئي ڪجھ مرد زائرين جيڪي ٻاهران ڪهي نياءُ وٺڻ آيا هئا اهي سمهيا پيا هئا اسين حاضري ڀري ۽ فاتح پڙهي. داتا سائين جي مزار جي گول گنبذ جي پاسن کان ڳيرا ويٺا هئا. جيڪي عبادت ۾ محو هئا. آغا نور محمد اسان کي مسجد ۾ مزار جا مختلف حصا گهمايا، اسان لاهور جي ٿڌڙين هوائن ۾ سنگ مرمر جي فرش تي پيرين اگهاڙا گهمي رهيا هئاسين. اسان کي روحاني تسڪين ملي رهي هئي. اسان آهسته آهسته مزار کان ٻاهر نڪري روڊ تي آياسين، ڀاٽي گيٽ تي هڪ هوٽل ۾ ويٺاسين، هوٽل ماڻهن سان ڀريل هو آغا نور محمد لسي جو آرڊر ڏنو، ٿوري دير ۾ بيرو ٻه ٽي جڳ ڀري آيو. مون ٻه گلاس ڀري پيتا ۽ هانءُ ٿڌو ڪيو، اسين هوٽل ۾ ڪچهري ڪئي ۽ داتا سائين جي ڪرامتن بابت ڳالهايوسين. ڪجھه دير بعد اٿياسين، مين روڊ تي بيٺل ويگن ۾ ويٺاسين ۽ تقريباً 1:30 وڳي ريسٽ هائوس گلبرگ 3 ۾ پهتاسين، لسي پيئڻ سبب ننڊ جا خمار چڙهڻ لڳا ۽ سمهي پياسين.

10.5.1999 سومر
اسين ناشتو ڪري واپس هال ۾ آياسين. قاضي جاويد چيو ته ٺيڪ 10:00 وڳي هتان اسين نڪرنداسين. اسان کي ڪلاڪ جو وقت هو. مان ۽ ارشاد، تاج جي ڪمري ۾ وياسين، جتي ادل سان حال احوال ڪياسين. اسان لاهور جي تاريخ ۽ لاهور جي ترقي ۽ خوبصورتي تي ڳالهائي رهيا هئاسين. ڳالهائيندي ڳالهائيندي 10:00 ٿي ويا ۽ قاضي صاحب پاڻ اچي ٻڌايو ته جناب عالي هلو، اسين سڀ اٿياسين.

ادارهِ ثقافت اسلاميه

ادارهِ ثقافت اسلاميه
وين هلي ٿي ۽ اداره ثقافت اسلاميه جي آفيس جي اڳيان بيهي ٿي هن اداري اسلام جي خدمت خاطر ڪيئي ڪتاب شايع ڪرايا آهن. هتي شدت پسند نه پر ٿياسافي ذهن رکندڙ دانشور هن اداري کي سنڀالن ٿا. اداري جو سربراهه ڊاڪٽر رشيد احمد جالنڌري آهي. ڊاڪٽر رشيد احمد جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي، هو روايتي اديباڻي ۽ دانشوراڻي ٺاهه ٺوهه کان آجو آهي. اسلامي تحقيقي ڪم ڪري ٿو ڊاڪٽر صاحب، ضياءَ جي مارشلا دور ۾ ڪافي عذاب ڀوڳيا آهن، هو جڏهن ڳالهائي پيو ته اسين محسوس ڪيو ته واقعي هڪ ڏاهي ماڻهؤَ سان ڪچهري ۾ ويٺا آهيون، ڊاڪٽر رشيد صاحب سان وفد جو تعارف ڪرايو ويو. ڊاڪٽر صاحب اداري طرفان شايع ٿيل ڪتاب وفد کي تحفي ۾ ڏنا اسان کي اداري جا مختلف حصا گهمايا ويا. ڊاڪٽر صاحب سان گڏ گروپ فوٽو ڪڍرايا ويا. موڪلائڻ وقت ڊاڪٽر صاحب اسان کي وين تائين ڇڏڻ آيو، اسين موڪلائي اڳين منزل ڏانهن روانه ٿياسين.

گورنر هائوس پنجاب

گورنر هائوس پنجاب
مون وقت ڏٺو 11:5 منٽ ٿيا هئا. وين روڊ ڪراس ڪري گورنر هائوس جي گيٽ تي پهتي، بيٺل گارڊ سلامي ڏئي گيٽ کي کوليو، اسين گورنر هائوس اندرداخل ٿياسين، گورنر هائوس تمام وڏي ايراضي تي ڦهليل هو چؤطرف ساوڪ آهي اندر هڪ ڍنڍ آهي. جنهن ۾ هڪ ٻيڙي بيٺل آهي، وين مان لٿاسون گورنر هائوس جي ملازمن اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ هڪ ڪمري ۾ ويهاريو، جتي اسان کي گورنر پنجاب شاهد حامد پاران آجياڻو ڏنو ويو. گورنر صاحب جو سيڪريٽري آيو چيائين ته ملاقات جو وقت ٿي ويو آهي. اسين گورنر هائوس جا مختلف ڪمرا اورانگهيندي ڪانفرنس هال ۾ ويٺاسين. هال ۾ ڪافي ٿڌاڻ هئي ٽي وي ڪوريج ۽ پريس فوٽو گرافر اڳواٽ ئي موجود هئا. چند منٽن ۾ گورنر شاهد حامد هال اندر آيو. اسين سڀ اٿي بيٺاسين. شاهد حامد اسان جي وفد ۾ شامل سڀني اديبن کي پنهنجي سيٽن تي وڃي هٿ ملائي ڀليڪار ڪئي. گورنر صاحب نيري رنگ جي فل سوٽ ۾ ملبوس هو. هو هٿ ڏئي پنهنجي ڪرسي تي ويٺو، هن پهريائين حال احوال پڇيو ڪيئن آهيو، ٺيڪ آهيو. قاضي جاويد گورنر پنجاب جا ٿورا مڃيا ۽ وفد جو تعارف ڪرايو شاهد حامد صاحب پنجاب جي تعليمي سرگرمين جي ڄاڻ ڏني. هو تقريباً اڌ ڪلاڪ اسان سان گڏ هو، ان موقعي تي درويش دُرانيءَ گورنر پنجاب آڏو شڪايت ڪئي ته اسان کي هير ۽ وارث شاهه وارو پنجاب نه ٿو گهمايو وڃي، قاضي جاويد اسان کي خبر نه ٿي پوي الاءِ ڇا ٿو گهمائي، تنهن تي گورنر صاحب، قاضي جاويد کي حڪم ڏنو ته اديبن کي پنجاب چڱي نموني گهمايو. پوءِ گورنر صاحب اسان کان موڪلائي هليو ويو. آخر ۾ اسان کي گورنر هائوس جا مختلف حصا گهمايا ويا. هي محل نما گورنر هائوس انگريزن جي دور ۾ ٺهيو، گئلري ۾ پنجاب جي سڀني گورنرن جون تصويرون ٽنگيل هيون، انهن ۾ ڪيترائي گورنر انگريز هئا. مون انگريزن طرفان پنجاب جي سورمن جا ڳاٽي ڀڃڻ جا ٺڪاءَ، داٻ دڙڪا، ڦٽڪن جا ڦڙڪا، انقلابين جون رڙيون، ڪوڪون هاڻي به هن محل اندر پئي ٻڌيون. مون کي گُهٽَ ۽ ٻوسٽ محسوس ٿيو. مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سڀ کان پهريان مان ئي ٻاهر نڪري انهيءَ ڪمري ۾ آيس جتي پهريون اسان کي ويهاريو ويو.

دفتر مجلس ترقي ادب

دفتر مجلس ترقي ادب
مون وقت ڏٺو 12:40 منجھند جا ٿيا هئا. وين 12:55 تي مجلس ترقي ادب جي دفتر جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿي. اسين دفتر ۾ داخل ٿياسين هڪ ڪرسيءَ تي احمد نديم قاسمي ويٺو هو. مون هن کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو واقعي سرڪاري اديب لڳي رهيو هو ۽ گول ڪرسي تي لڏي رهيو هو قاسمي صاحب بزرگ آهي ۽ هن جون ادبي ۽ علمي خدمتون پنجاب جي ادبي تاريخ ۾ هڪ مثال رکن ٿيون. جنهن عيوض اڪادمي ادبيات پاران اعلى ايوارڊ (پنج لک روپين) سميت کيس علمي ۽ ادبي ڪاوشن بدولت عطا ڪيو ويو آهي. هن جي اڳيان ڪرسين تي لاهور جون شاعرائون منصوره احمد ۽ زاهده اعواڻ ويٺيون هيون، جيڪي سٺيون شاعرائون آهن. قاسمي صاحب جي کوڙ سارين نياڻين ۾ شامل آهن. پروين شاڪر به سندس نياڻين ۾ شامل هئي. قاسمي صاحب پنهنجي اداري جي ڪارڪردگي تي روشني وڌي ۽ اسان کي ڪافي ڄاڻ ڏني. ارشاد کي ڪرسي نه ملي، هو ڪافي وقت بيٺو هو، تنهن ڪري هن کي ڪاوڙ آئي رڙ ڪري چيائين هيءَ ڪهڙي شرافت آهي جو مهمان بيٺا آهن ۽ ميزبان ويٺا آهن، تنهن تي هڪ ڪرسي خالي ڪرائي، ارشاد کي ڏني وئي. قاسمي صاحب طرفان چانهه پياري وئي. قاسمي صاحب کان موڪلائي اردو سائنس بورڊ پهتاسين، جتان ڪجھه ڪتاب تاج، ادل ۽ ارشاد خريد ڪيا جيڪي هاف ريٽ تي مليا. اسين سائنس بورڊ مان نڪري ريسٽ هائوس آياسين، جڏهن ته تاج ۽ ادل سومرو پنجاب ادبي بورڊ هليا ويا، اسان کي به دعوت هئي اوڏانهن وڃڻ جي پر قاضي جاويد خبر ناهي ڇو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو. وقت 2:00 ٿيا هئا. تاج ۽ ادل کانسواءِ مزو نه پئي آيو. ڊائننگ هال ۾ آغا نور محمد ڪچهري ڪري رهيو هو. ڀرسان لياقت جوڻيجو ويٺل هئس. قاضي جاويد به بورچيخاني واري پاسي کان ڪرسي تي ويٺل هو جنهن جي ڀرسان محسن ڀوپالي ۽ خيال آفاقي ويٺل هئا. قاضي جاويد مسڪرائيندي چيو منگي صاحب خوش آهيو نه؟ زبرست سائين. سامهون تاج ۽ ادل منهن ڪڍيو. تاج ٻڌايو ته پنجاب ادبي بورڊ وارا اسان سڀني جو انتظار پيا ڪن. آصف خان ۽ شفقت چيما ۽ ٻيا دوست انتظار ۾ 2:50 تائين ويٺا هئا. بورڊ وارن کي سخت افسوس ٿيو ته وفد کي پنجابي ادبي بورڊ ۾ نه آندو ويو. آصف خان ۽ شفقت چيما وارن وفد کي سلام دعائون ڏنيون ۽ ڪتابن جا سيٽ تحفي طور ڏنا آهن. تاج اسان سڀني کي ڪتابن جا سيٽ ڏنا. بورڊ جو چيئرمين آصف خان ڄنگهن ۾ تڪليف هئڻ سبب آفيس ۾ اڪثر ڪو نه ايندو آهي پر صرف سنڌ، بلوچستان جي اديبن سان ملڻ لاءِ بورڊ آفيس پهتو هو، تاج ٻڌايو ته اسان جي نه پهچڻ ڪري هنن کي سخت مايوسي ٿي، ساڻ وفد ۾ شامل اسان سڀني اديبن کي قاضي جاويد جي رويي تي افسوس ٿيو. ان ڪوتاهي جي ذميواري قاضي جاويد تي آهي. جيڪو اسان کي اوڏانهن وٺي نه هلي سگهيو. ڪجھه وقت ادل ۽ تاج اسان کي پنجابي بورڊ جا احوال ڏنا ۽ پوءِ اسين هٿ ڌوئي چانهه پي واپس پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ وياسين.

فليٽيز هوٽل

فليٽيز هوٽل
شام جو 4:30 وڳي جميل آيو، چيائين تيار ٿي 5 وڳي تائين هيٺ اچو. اسان وين ۾ ويٺاسين وين هلي ٿي، وين لاهور جي پي سي هوٽل ڀرسان فليٽيز هوٽل جي گيٽ تي بيهي ٿي، اسان سڀ وين مان لٿاسين. ادل مون کي چيو ته يار! ڪيمرا ۾ رول وجھرائي آ. آءٌ ارشاد کي ساڻ ڪري لڪشمي چوڪ کان اڳيان نڪري ديال داس ڪاليج وارو روڊ وٺي چوڪ تي پهتس، جتي ڦوٽو گرافرن جا ڪيئي دڪان هئا. مون رڪشي واري کي اوٽ موٽ ڀاڙو ڏنو، اسين ڪئميرا ۾ رول وجھرائي، رڪشي ۾ واپس ويٺاسين ۽ سڌو فليٽيز هوٽل پهتاسين. فليٽيز هوٽل جي ٿڌاڻ اسان جي جسم کي ڇهي رهي هئي اندر هال ۾ ليڪچر هلي رهيو هو اسان جي وفد جا سڀئي ميمبر پنجاب جي تاريخ تي ليڪچر غور سان ٻڌي رهيا هئا. ليڪچر پنجاب جو ڏاهو طاهر ڪامران ڏئي رهيو هو، جڏهن طاهر ڪامران صاحب ليڪچر ختم ڪيو ته سوالن جوابن جي نشست شروع ٿي، طاهر ڪامران جي ليڪچر تي مڪمل گرفت هئي. هو ذهين لڳي پيو. اسان کي سوالن جا جواب آرام سان پئي ڏنائين. ليڪچر مان واندا ٿي، اسين انهيءَ هال ۾ هڪ ٻي ڊگهي ڪانفرس ٽيبيل تي آياسين. جتي مشاعري وارو پروگرام رکيل هو. مشاعري ۾ ڪيترائي پنجاب جا شاعر شامل هئا. مون شهناز مزمل ۽ اختر شمار کي سڃاتو، پروگرام شروع ٿيو. مشاعري جي صدارت لاءِ منير نيازي کي دعوت ڏني وئي، شهناز مزمل کي آغا نور محمد ڪراچي ۾ 1996ع ۾ دعوت ڏني هئي، جتي اسان جي ملاقات هن سان ٿي هئي. اختر شمار سان ملتان ۾ شناسائي ٿي هئي، شهناز مزمل ۽ نثاراڪبر آبادي پنهنجي ڪتابن جون اسان کي اعزازي ڪاپيون ڏنيون. هتي مشاعري ۾ لاهور جي شاعرن کي شعر پڙهڻ کان منع ڪيائون، باقي صرف مهمانن کي ٻڌڻ لاءِ شاعر گڏ ٿيا هئا. هئڻ ته ائين گهرجي ها، جو لاهور جي شاعرن کي شعر پڙهڻ لاءِ دعوت ڏني وڃي ها. اسان جي گهڻي خواهش هئي ته لاهور جي تخليقڪارن کي سامهون ٻڌجي. بهرحال وڌيڪ ته قاضي صاحب ئي بهتر ڄاڻي پيو. مشاعرو شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ تعارف ڪرايو ويو پهريائين لاهور جي شاعرن جو تعارف ڪرايو ويو ۽ پوءِ بلوچستان جي اديبن جو تعارف ڪرايو ويو ۽ سنڌ جي اديبن جو تعارف آغا نور محمد ڪرايو، مون محسوس ڪيو ته هڪ ڪنڊ ۾ محسن ڀوپالي خاموش ويٺو هو. ان کي منير نيازيءَجي ڀرسان ويهڻ کپندو هو.
محسن ڀوپالي ڇاڪاڻ جو سينيئر اديب هئڻ سان گڏ ملڪ جو ناميارو ۽ مڃيل شاعر آهي.هن جو سنڌ ۾ وڏي عزت ۽ احترام سان نالو ورتو وڃي ٿو پر هو اتي ويٺو هو جتي ڪرسين جي قطار ختم ٿي پئي. مشاعري ۾ سڀني شعر پڙهيا. هتي مشاعري ۾ وڏو مزو آيو، منير نيازي اسان سڀني جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ آخر ۾ شعر پڙهيو.


راواں بھی کچھ اوکھیا سن ، کچھ گل وچ غم دا طوق وی سی
کچھ اپنے لوگ بھی قَاتل سن ، کچھ سَانوں مرن دا شوق وی سی

جنهن تي سڄي پنڊال کيس داد ڏنو. آخر ۾ ريفريشمينٽ ڪرائي وئي. اسان اتان موڪلائي وين ۾ ويٺاسين رات ٿي چڪي هئي. مون ڏٺو رات جا 8:00 ٿيا هئا. وين هلڻ لڳي ۽ ٿوري دير ۾ اسان کي ريسٽ هائوس پهچايو.
ڪمري جي اي سي هلي رهي هئي ڪمرو ٿڌو هو، صوفي تي اکيون ٻوٽي آهلي پيس، ٿوري دير کان پوءِ ارشاد چيو يار هل ته هلون، زاهد مسعود جي چانهه پي اچون. هو اردو جو سٺو شاعر آهي ۽ گلبرگ ۾ ئي رهي ٿو. مون کي ٿڪ هو ۽ موڊ ننڊ ڪرڻ جو هو پر ارشاد کي جواب نه ڏئي سگهيس. ارشاد کي ايڊريس به اڻپوري هئي. پهريائين ته گلبرگ جي بلبن ۽ عمارتن کي ڏسي مزو آيو خاص ڪري رات جو ڪجھه عورتون بنگلي جي مٿين فلور جي بلڪوني ۾ بيٺيون هوا خوري ڪري رهيون هيون. اسين گلبرگ اورهيڊ برج ٽپي گهٽيون رلياسين. آخر هڻي هنڌ ڪيوسين، هڪ گهر جي بيل وڄائي، هڪ خاتون نڪري آئي، ارشاد پنهنجي دوست زاهد مسعود جي پڇا ڪئي، سندس گهر واري ٻڌايو ته زاهد هڪ دوست سان ايئرپورٽ ڏانهن نڪري ويو آهي. مون وقت ڏٺو 11:30 ٿيا هئا. اسين وري گلبرگ واري اوورفلاءِ برج پار ڪري ريسٽ هائوس پهتاسين. گهڻي ٿَڪَ هُئڻ ڪري سمهي پياسين.
رات جا 1:30 ٿيا هئا. اسين ننڊ ۾ هئاسين ڪمري جو درکڙڪيو مون سمجھيم شايد آغا نور محمد آيو آهي. مون ارشاد کي اٿارڻ مناسب نه سمجھيو بتي ٻاريم ۽ در کوليم. سامهون ادل سومرو هو. ادل جي آواز تي ارشاد اٿي کڙو ٿيو ۽ سگريٽ دکائي ادل سان صوفي تي ويٺو. ارشاد کي سگريٽ پيئڻ جو موقعو ملي ويو. ادل ٿورا حال احوال ڪري صوفن تان منهنجي ڪپڙن کي هٽائي صوفن کي هيڏي هوڏي ڪرڻ ۾ لڳي ويو، مون سندس ڳالهه نه سمجھي آخر ادل چيو ته لالابشير مان هتي صوفي تي سمهندس. مان ۽ ارشاد وائڙا ٿي وياسين، ارشاد سواليا نظر سان مون ڏانهن نهاريو، آخر ارشاد چيس سائين آخر ڇا مسئلو آهي؟ جو اوهان هتي صوفي تي سمهندؤ؟ چيائين ته فيصل آباد جو شاعر جاويد هينئر آيو آهي. ته پوءِ سائين اوهان جي ڪمري ۾ ٻه صوفا پيا آهن، اتي سمهو. اسان کي گنهگار ڇو ٿا ڪريو. چيائين ته تاج چوي ٿو ته تون بشير واري ڪمري ۾ سمهه. سائين اوهان اسان جي اکين تي، پر تاج جي چوڻ تي اوهان ڪمرو ڇڏي هيڏانهن آيا آهيو، اوهان کي ائين ڪرڻ نه کپي ها. ارشاد جي ڳالهه سان مان سهمت ٿيس، ارشاد مون کي چيو ته بشير تون وڃي تاج کي سمجھاءِ__ ٺيڪ آهي مان وڃين ٿو تاج کي سمجھايان، مون کي به تاج جي انهيءَ عمل تي سخت بڇان لڳي. ادل جھڙي سٻاجھي ۽ مٺڙي ماڻهو، جنهن سان مان انتهائي محبت ڪيان ٿو، ان سان هي سلوڪ منهنجي برداشت کان ٻاهر هو. ريسٽ هائوس جي ڪمرن جو بتيون بند هيون، سناٽو ڇانيل هو، تاج جي ڪمري جي بتي ٻري رهي هئي، مان ڪمري جي در تي ڪن رکي ٿورو وقت بيهي رهيم، تاج ۽ جاويد ڪنهن ڳالهه تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا، جيڪي منهنجي ڪنن تي پيا ۽ مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، سوچيم ڇا انهن ٽهڪن ۾ ادل شامل نه ٿو ٿي سگهي، مان ڪاوڙ مان ٿورو اڳتي وڌي جميل جي ڪمري جو در کڙڪايو، جميل اکيون مهٽي ننڊ مان اٿيو، بتي ٻاري چيائين، ڇا ٿيو منگي صاحب؟ مون هن جي ڪمري ۾ هڪ ٻي لاهوري اديب کي ستل ڏٺم، جميل کي چئي ڏنم، يار فيصل آباد کان جاويد آيو آهي، تاج، ادل کي منهنجي ڪمري ۾ سمهڻ لاءِ موڪليو آهي، هاڻي مهرباني ڪري جاويد لاءِ بيڊ خالي ڪر. جميل منهنجي عزت رکي ۽ چيائين منگي صاحب جاويد کي هيڏي موڪل مان هيٺ سمهان ٿو. جاويد کي پنهنجو بيڊ ڏيان ٿو، اهو ڪو مسئلو ناهي. آءٌ اوهان جي خدمت لاءِ ويٺو آهيان، اوهان اسان جا مهمان آهيو، اوهان کي تڪليف نه ايندي مون مهرباني چئي ۽ ڪمري کان ٻاهر اچي تاج جي ڪمري جو در کڙڪائي اندر داخل ٿيس، ارشاد به تاج واري ڪمري ۾ پهچي چڪو هو، تاج ۽ جاويد هڪ ئي بستري تي ڪچهري ڪري رهيا هئا. ارشاد، تاج کي چيو ته ادل هتي سمهندو، مهرباني ڪري جاويد کي جميل واري ڪمري ۾ موڪل. جميل سان بشير ڳالهائي آيو آهي. ارشاد به تاج کي ڪاوڙ منجھان چيو ته ڇا هي ڀلا تاج! هي ڪهڙي شرافت آهي، ڇو ڀلا ادل کي تڪليف ۾ وِڌو اٿئي؟ ارشاد جي رويي تي تاج ڪاوڙ مان جاويد کي ساڻ ڪري ڪمري کان ٻاهر نڪري ويندي ادل کي چيائين ته تون سمهي پئه. اسين پنهنجي ڪمري ڏانهن واپس آياسين پئي ته پويان جميل سڏ ڪري پڇيو، ته سائين ڇا ٿيو؟ مون چيو جميل تڪليف معاف ڪجانءِ ، ڪم ٿي ويو. صبح جو ناشتي وقت تاج ٻڌايو ته ٻاهرين مين گيٽ تي چوڪيدار نه هو، گيٽ اندران تالو لڳل هو، تنهن ڪري ڀت ٽپي سموري رات گلبرگ جي رستن تي گهماسين، صبح جو آيا آهيون. تاج جي ڳالهه تي اسان سڀني ٽهڪ ڏنا.

11.5.1999 اڱارو
اڄ سوير تقريباً ستين وڳي جميل آيو. چيائين ته ناشتو تيار آهي قاضي صاحب جو حڪم آهي ته جلدي جلدي تيار ٿي اچو ته جيئن پشاور نڪري هلون. اسين ننڊ مان اُٿي پهرين ته جيڪي ڍڳ ڪتاب ورتا هئاسون، اهي سهيڙياسين ۽ هيٺ ڊائننگ هال ۾ آياسين، جتي سڀ ساٿي موجود هئا. ناشتو اڃا تائين ٽيبل تي ڪو نه لڳو هو، سڀ دوست ڪو ڪنهن سان، ڪو ڪنهن سان ڪچهريءَ ۾ مگن هو. منهنجي ڀرسان محسن ڀوپالي ۽ سامهون آغا نور محمد ويٺو هو. محسن ڀوپاليءَ جو موڊ ڏاڍو مزاحيه هو. هن مون کي چيو ته ”بشير تون اسڪريو پانو آهين، جتي هڻ اُتي ڦِٽ“ ان جملي تي آغا نور محمد وڏو ٽهڪ ڏنو، اسان صبح جو 9:15 تي ناشتو ڪري ڊائننگ هال مان نڪتاسين. اسين سڀ گڏٿياسين قاضي صاحب چيو ته سامان وغيره پورو آهي. ڪا شيءِ رهي ته ڪانهي اسان سڀني نهه ڪر ڪئي، تنهن تي قاضي جاويد چيو هلو وين ۾ ويهو. اسين ريسٽ هائوس جي گيٽ کان نڪتاسين، اس تيز هئي مون ريسٽ هاؤس جي بلڊنگ ۽ لان ڏانهن نهاريو، ڪنهن محبوبه جي جدائيءَ جو منظر اڳيان هو. گلبرگ جي عمارتن تي آخري نظر وڌم. اڄ آءُ گلن ۽ پرين جي شهر کي الوداع چوان ٿو. ٿوري حسرت رهجي وئي ته هي تاريخي ۽ خوبصورت شهر پنهنجي مرضيءَ سان گهمي نه سگهياسين. حسن جاويد ۽ شير محمد سميت اسان سڀ اديب قاضي جاويد جي رويي مان مايوس هئاسون، ڪيئي شيون اسان کان ڏسڻ رهجي ويون. ائين ڄڻ ڪو خال ڀرجي نه سگهيو هجي. بهرحال وين يو جي سي ريسٽ هائوس مان نڪري مين روڊ تي اچي ٿي. مون وقت ڏٺو 9:45 ٿيا هئا. ڪوچ هلي فليٽيز هوٽل تي اچي بيٺي جتان پنجاب جي اديبن جو وفد به هن پيار جي پنڌ ۾ شريڪ ٿيو. اسان ڪوچ ۾ ويٺا هئاسون. پهريائين محسن مگهيانه ڪوچ ۾ چڙهيو، محسن مگهيانه سان جھنگ شهر ۾ سٺي ڪچهري ٿي هئي. شهزاد بيگ فيصل آباد، تراب منصور، رشيد مصباح لاهور، سجاد حيدر پرويز مظفر ڳڙهه، ظفر لاشاري بهاولپور، شوڪت مغل ملتان، محمود قاضي سرگوڌا، پروفيسر غلام رسول آزاد شيخوپوره ۽ پروفيسر رياض احمد شاد سرگوڌا ڪوچ ۾ چڙهي اچي اڳين سيٽن تي ويٺا. جتي قاضي جاويد اڳواٽ ئي ويٺل هو. سنڌ جي اديبن پنجاب جي اديبن کي ڀليڪار چئي، ڪوچ ۾ پنجاب جي اديبن جي اچڻ سان کل ڀوڳ وڌي ويو. تاج جي سنڌي اردو گاڏڙ ساڏڙ ٻوليءَ مان مزو وٺي رهيا هئاسون. ڪوچ لاهور جي رستن کان ٿيندي اڳتي وڌي رهي هئي. لاهور جي صبح جو ڏيک به عجيب آهي. لاهور هينئر هڪ ڪنوار جي پهرين هلڪي مسڪراهٽ جيان لڳي پيو. اسان لاهور کي الوداع ڪيوسين. ڪوچ موٽروري جي ٽول پلازه وٽ ڪجھه گهڙيون بيهي اڳتي وڌي ٿي، موٽروي تي ڪوچ ائين هلي ٿي جيئن جهاز رن وي تي ڊوڙندو هجي. ڪوچ ڪافي تيزيءَ سان هلي رهي هئي. اسان سنڌ جا اديب پهريون ڀيرو موٽروي تان سفر ڪري رهيا هئاسون، موٽروي تي ٽريفڪ تيز آهي. گاڏيون گهٽ آهن. ان جو سبب ڳري روٽ پرمٽ ٽيڪس آهي. مون وقت ڏٺو 12:15 منجھند جا ٿيا هئا، ڪلرڪهار جي علائقي کان 19 ڪلوميٽر اڳ ۾ سالٽ رينج آهي. جتي لوڻ جا ذخيرا آهن. ذخيرن واري جبلن مان حفاظتي ناليون نڪتل آهن، جيڪي مينهن جي پاڻي کي جبلن تان هيٺ زمين تي ڪيرائن ٿيون ۽ لوڻ وارن جبلن کي سم ۽ ڪلر کان بچائن ٿيون، لوڻ واري جبلن جي حفاظت لاءِ لوهيون ڄاريون به لڳل آهن. مطلب ته گورنمينٽ انهن جي حفاظت لاءِ ضروري اپاءَ ورتا آهن. 12:30 وڳي ڌاران اسين ڪلرڪهار جي علائقي ۾ پهتاسين. ڪوچ آهسته ٿي هڪ هوٽل ڀرسان بيهي ٿي، اسين سڀ هيٺ لهون ٿا. آسمان تي هلڪا ڪڪر آهن، جيڪي موسم کي خوشگوار بنائي رهيا آهن. اسين سنڌ جا اديب آغا نور محمد جي اڳواڻي ۾ هوٽل جي اندر ڪرسين تي ويهون ٿا، مان محسن ڀوپالي صاحب جي ڀرسان ويٺو آهيان سامهون آغا نور محمد ويٺو هو آغا صاحب چانهه ۽ بسڪيٽن جو ويٽر کي آرڊر ڏنو، چانهه پي 1:15 (منجھند) جو واپس ڪوچ ۾ ويٺاسون، ڪوچ ۾ کل ڀوڳ ٿي رهيو هو. پر هينئر چرچو گهٽ هو، ڇاڪاڻ ته منجھند ٿي چڪي هئي، بک به لڳي هئي، تنهن ڪري اسان جا ڪيترائي ساٿي ننڊ ڪرڻ لڳا. مون کي به ننڊ جو جھوٽو اچي ويو . جاڳ ٿي ته اسلام آباد سامهون هو. مون وقت ڏٺو 2:30 ٿيا هئا. ڪوچ اسلام آباد باءِ پاس کان ٿيندي پشاور واري رستي تي آئي. اسان اسلام آباد شهر جو نظارو پري کان ڪيوسين. اسلام آباد مٿان ڌنڌ ڇانيل هئي. عمارتون نظر اچي رهيون هيون. اسين ٽئڪسيلا، واهه ڪينٽ ۽ حسن ابدال جي خوبصورت شهرن مان گذرياسين. واهه ڪينٽ جو علائقو فوجي تنصيبات وارو علائقو آهي. واهه فيڪٽري مشهور آهي جتي اسلحو وغيره ٺهندو آهي. اسان جي وين اسٽاپ ڪري ٿي. واهه ڪينٽ تي هڪ هوٽل تي اسين سڀ هيٺ لٿاسين، هي مغل گارڊن جو علائقو آهي، جتي مغل بادشاهن جا باغات آهن. هوٽل گرين لئگون ۾ اسين داخل ٿياسين. جتي اسان مانجھاندي جي ماني کاڌي سين. اتي ڪچهري دوران اسان جي ڳالهين جو موضوع زندهه دل شهر لاهور هو. لاهور جو تاريخي ثقافتي حيثيت تي اسان ڳالهايون پيا. ڪڏهن ڪڏهن لاهور جي حسن ۽ جمال تي ڳالهايوسين. اسين سنڌ جي سونهن جي به واکاڻ ڪئي سين. وقت شام جا 4:00 ٿيا هئا. اسين ماني کائي هوٽل کان ٻاهر نڪتاسين. بُراڻي، حضرو شهر کان ٿيندي اٽڪ پل تي پهتاسين. مشهور اٽڪ قلعو، اٽڪ پل ڀرسان سنڌوءَ جي ڪناري کان کاٻي پاسي تي آهي، ڪابل ندي جنهن پاڻيءَ جو رنگ ڪارو آهي، اها به هتي اچي درياههِ سنڌ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، هتي ٻنهي ندين جو خوبصورت سنگم آهي، هتي ندين جو ميلاپ ائين آهي، جيئن عاشق محبوبه کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ آتو هجي. سنڌو درياهه جو وهڪرو هتي تمام گهڻو تيز آهي، ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪو دشمن تي تيزيءَ سان حملو ڪري پوئتي ڌڪي رهيو هجي ۽ پنهنجي بقا جي آخري جنگ وڙهي رهيو هجي، هتان سنڌؤ جو لنگهه نهايت سوڙهو آهي جنهن ڪري ايران، افغانستان کان ايندڙ هر جابر حاڪم هتان درياههِ سنڌ ٽپي ڪري هندوستان تي حملو ڪندا هئا.

خوشحال خان خٽڪ، اڪوڙهه خٽڪ

خوشحال خان خٽڪ، اڪوڙهه خٽڪ
اڳيان اڪوڙهه خٽڪ جو شهر آهي. جتان ٻه ڪلوميٽر پري خوشحال خان خٽڪ جي مزار آهي. خوشحال خان خٽڪ هڪ جنگجو سان گڏ پختون قوم جو خوبصورت شاعر به آهي. خوشحال خان خٽڪ 1613ع ـــ 1022 هجري ۾ اڪوڙهه خٽڪ ۾ جنم ورتو. مغل شهنشاهه شاهجهان کيس وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو، خوشحال خان پنهنجي قبيلي جو سردار هو، اورنگزيب بادشاهه جي زماني ۾ جيل ويو. 1668ع ۾ جڏهن جيل مان واپس آيو ته هن مغل سلطنت خلاف تلوار کڻي پختون قوم جي بقا جي لاءِ جنگ جوٽي. ڊنمبره (موسى دره) جي مقام تي 1100 هجري ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار اڪوڙهه خٽڪ جي ڀرسان ايسوڙي بالا ۾ آهي. خوشحال خان شاعر، عظيم سپهه سالار، مؤرخ ۽ طبيب به هو. سندس شعرن جو تعداد 45 هزار آهي. مشهور ڪليات، بازنامه، فضل نامه، دستار نامه، طب نامه ۽ فرح نامه مشهور اٿس.

نہ کفر کا دھنی ہوں نہ دین کا، نہ میں گمان کا ہوں نہ یقین کا
دونوں لحِاظ سے تذبذب کی حَالت میں ہوں، دل کا سیِاہ بھی ہوں اور سفید بھی

تو کہتا ہے میرے پاس جنت اور حور و قصور نہیں
اور دوسری زندگی میں بے حساب نعمتیں ہیں۔
تو جو کچھ فرماتا ہے مجھے تسلیم ہے
مجھے اسُ جہاں میں رہنے دو کہ یہَاں میِرا محَبوب ہے۔

بعض لوگ اپنے علم پہ مغرور ہوتے ہیں
اور بعض اپنی زہد اور شیخی پہ ناز کرتے ہیں
میں نے عشق کا شغل اختیار کیا ہے
اللہ مجھے عشق ہی میں سرفراز کر دے۔


جو شخص کم ظرف کو علم وہ ھنر سے نوازتا ہے
وہ خونی اور زہزن کے ھاتھ میں خنجر اور تلوار دیتا ہے
اپنی جان کا دشمن ہی بھیڑیئے کا بچہ پالے گا
اگر اپنا جگر بھی دے دے تو اسے اپنا نہیں بنا سکے گا


جب طبیب میرے مرض کا علاج نہیں کرتے
تو مرض بڑھنے کے بعد کوئی افسوس نہیں کرنا چاہیے
اگر دیکھا جائے تو نفس کی فرمانبرداری کفر ہے
مومن ہر گز نفس کا فرمان نہیں مانے گا

ريسٽ هائوس، پشاور

ريسٽ هائوس، پشاور
اڪوڙهه خٽڪ کان پبي ۽ نوشهرو کان ٿيندا، اسين 6:30 تي شام جو پشاور پهتاسين، پشاور شهر محنت ڪش ۽ بهادر پٺاڻن جو شهر آهي اصل لفظ پيشه ــ ور آهي. ان مان لڳي ٿو ته هي محنت ڪش پورهيتن جي نالي سان شهر آهي. اسان جي وين پشاور شهر جي رستن تان گهمندي باچا خان چوڪ وٽ لوڪل گورنميٽ جي هڪ خوبصورت ريسٽ هائوس جي گيٽ تي پهتي. موسم جھڙالي هئي، مينهن جي ڦڙ ڦڙ اسان جي آجيان ڪئي، هن ريسٽ هائوس ۾ سنڌ جي اديبن کي رهائش ڏني وئي. جڏهن ته ڪوچ پنجاب جي دوستن کي کڻي فيڊرل لاج ڏانهن هلي وئي. ريسٽ هائوس جي اڳيان مين روڊ آهي، پاسي ۾ وفاقي اداري جي آفيس آهي. باقي ٻن پاسن کان خوبصورت باغ آهي. اسان کي پهرين فلور تي ڪمرا ڏنا ويا، منهنجي ساڄي پاسي تي ادل ۽ تاج جو ڪمرو ۽ کاٻي پاسي کان آغا نورمحمد ۽ لياقت جوڻيجو جو ڪمرو آهي. هن ريسٽ هائوس جي ڇت تان باغ جو نظارو ۽ شهر جي منظر کي آساني سان ڏسي سگهجي پيو. ٿڪل هئاسين ٿورو آرام ڪيوسين. ڪجھه دير بعد ڪمري جو درکڙڪيو، دروازو کوليو ته هڪ قدآوار ڀوري رنگ جو، بت ۾ ڀريل چست شخص منهنجي اڳيان هو. هن پنهنجو تعارف سيد ولي خيال، آر. ڊي، اڪادمي ادبيات پشاور برانچ جي حوالي سان ڪرايو. اسان جو اڳواٽ غائبانه تعارف ٿيل هو، باقي منهان منهن هاڻي ٿياسين مون کيس ويهڻ جي آفر ڪئي پر هن مهرباني چئي ۽ چيائين ته سائين هتي اوهان کي ڪا تڪليف ته ڪانهي. سفر ڪيئن رهيو؟ خوش خيرعافيت تڙتڪڙ ۾ پڇي چيائين ته مون کي ٻين دوستن کي سلام ڪرڻو آهي وري ملون ٿا، تنهن ڪري اجازت وٺندس، هن جي وڃڻ کان پوءِ مون ارشاد کي چيو، ته يار آغا نور محمد اڳواٽ ئي چئي ڇڏيو هو ته سيد ولي خيال دلبر ۽ پيارو ماڻهو اٿوَ. لڳي ٿو ته سرحد صوبي جو سفر سيّد ولي خيال جي رهنمائي ۾ سٺو گذرندو. اسين ڳالهائي رهيا هئاسون ته تاج ڪمري ۾ آيو چيائين ته سيد ولي خيال دلربا ماڻهو آهي پٺاڻ ڏاڍا مهمان نواز آهن مهمانوازي هنن جو قومي ورثو آهي. وڏي ڳالهه ته باچا خان جو صوبو آهي اسان جي سياسي سوچ ۽ ذهنيت هنن سان ملي ٿي، هتي ڏاڍا خوش رهنداسين. مان ڪمري کان ٻاهر نڪري آيس ته بالڪونيءَ ۾ سامهون ادل بيٺو هو، ادل چيو ته؛ لالا بشير، هي وقت آهي شهر گهمڻ جو پوءِ ڪو نه ملندو، سرحد صوبي کي گهمڻ لاءِ شيڊيول سخت آهي تنهن ڪري هل ته هلون مون کي ڳلي ۾ تڪليف هئي زڪام به هو، انڪري دوا وٺڻي هئي تنهن ڪري مون ادل کي هائو ڪئي، اسين ٻئي ريسٽ هائوس جي ڏاڪڻ لهي رسيپشن کان ٿيندا مين گيٽ کان ٻاهر نڪري آياسين. باچا خان چوڪ تي هڪ رڪشي واري سان ڳالهايوسين چيومانس ڪوچي بازار جو گهڻو وٺندي چيائين 10 روپيه. اسين ٻئي رڪشا ۾ چڙهي ويٺاسين، رڪشي واري اسان کي ڪوچي بازار جي منڍ تي ڇڏيو، اسان بازار کي گهميوسين مختلف دڪانن تي چڙهي ڪپڙو چڪايوسين. شام جو وقت هو رش هئڻ کپي ها پر ڪنهن به دوڪان تي ڪا به عورت نظر نه آئي، باقي سڀ مرد هئا بازار ۾ گهمي واپس ٿياسين جتان قصا خواني بازار مان ٿيندا ان چوڪ تي پهتاسين جتي انگريزن پٺاڻن جا لاش ڪيرايا هئا. اسان ٿورو اڳيان ڪلفيءَ جي دڪان تي وياسين ۽ فٽ پاٿ تي رکيل بئنچ تي ويهي ڪلفيون کائي رهيا هئاسين. اسان جي آڏو نوجوان ڇوڪريون لنگهي ويون، جن جي منهن تي نقاب هئا، اسان جون مس اکيون ٿڌيون ٿيون. ادل ۽ مون عورتن جي پسماندگي تي ڳالهايو، صوبه سرحد ۽ سنڌ جي عورتن جي حالت ساڳي آهي، عورتون تعليم کان وانجھيل ۽ ميل ڊاميننسي جو شڪار آهن. ڪلفي گهڻي هئي سا به مزيدار نه هئي جو اڌ کاڌي ۽ اڌ ڦٽي ڪئي. هتان جي ڪلفي اسان کان چڙهيل هئي صرف ۽ صرف پٺاڻ ئي کائي سگهن ٿا. اسين پئسا ڏئي اتان اٿياسين وري خيبر بازار ۾ آياسين، خيبر بازار ۾ هر قسم جي شيءِ دوڪانن تي موجود آهي، ٽامي جا ٿانو، ڪمبل، اسڪول بيگ، سائيڪلون، ٽي وي ريڊيو ۽ ٻيو اليڪٽرونڪ سامان سستي اگهه تي ملي ٿو، خيبر بازار جي موڙ تي سليم ميڊيڪل اسٽور تان ڪجھه دائون ورتيون سين. اسٽور جو مالڪ هندڪو زبان وارو هو، هن اسان کي سنڌي سمجھي اسٽور ۾ اندر اچڻ جي دعوت ڏني. مان اندر وڃي ڪرسي تي ويٺم هن تمام گهڻو خلوص ڏنو، هن اسان کي پٺاڻن ۽ هزاره وارن جي سياسي ۽ سماجي حالتن بابت ڄاڻ ڏني. هتي هندڪو ۽ پٺاڻن جي سياسي اختلافن بابت هن مون کي ٻڌايو ته هزاره جي هندڪو ۽ پٺاڻن جا اختلاف ائين آهن، جيئن پنجاب ۾ سرائيڪي وارن جا، سنڌ ۾ مهاجرن جا ۽ بلوچستان ۾ پاڪستان کان آزادي حاصل ڪرڻ وارن جا. جيڪي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ آزاد ۽ خودمختيار علائقن جا خواب ڏسي رهيا هجن. ادل کي سياسي ڳالهيون بورُ ڪري رهيون هيون، تنهن تنگ ٿيندي چيو؛ يار جتي ويهين ٿو ويهجي ٿو رهين. اٿي هل ته هلون. ٻاهر نڪري اسين رڪشا ۾ ويٺاسين، رڪشا ريسٽ هائوس جي مين گيٽ تي ڇڏيو. اسين رسيپشن کان ٿيندا مٿي آياسين. ادل پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. مون سامهون ڏٺو ته اوپن ايئر هال ۾ آغا نور محمد، محسن ڀوپالي ۽ لياقت جوڻيجو هوا جو مزو ماڻن ويٺا ، سو مان هن ڏانهن هليو ويس مونکي آغا نور محمد ڀرواري ڪرسي تي ويهڻ لاءِ چيو ۽ پڇيائين ڪيڏانهن ويا هيئو؟ سائين دوائون وٺڻ بازار وياهئاسون. رات ٿي چڪي هئي، پشاور شهر جون بتيون ڪنهن ڪنواريءَ جيان لڳي رهيون هيون جيڪا محبوب جي انتظار ۾ اکڙيون اٽڪائي ويٺل هجي، ريسٽ هائوس جي ٻن پاسن کان باغ هو. تازي ٿڌي هوا اسان جي جسم کي جھير ڏئي رهي هئي، محسن صاحب ۽ آغا نور محمد پاڻ ۾ پنجاب جي سفر بابت تفصيل سان ڳالهائي رهيا هئا. جنهن کي مون خاموشي سان ويٺي ٻڌو پئي. مون وقت ڏٺو 8:30 ٿيا هئا. اسين اتان اٿاسين ۽ پنهنجن ڪمرن ڏانهن وياسين. ٿوري دير ۾ ڪمري جو در کڙڪيو مون در کوليو ته تيزي سان سيد ولي خيال ڪمري ۾ آيو ساڻ محمد علي هيس. محمد علي اڪادمي اديبات پشاور برانچ ۾ اسسٽنٽ آهي ۽ پيارو ماڻهو آهي پاڻ اصل ڪرڪ شهر جو آهي، پشاور ۾ خيبر روڊ تي هڪ دوست سان گڏجي ڪرائي جي جاءِ ۾ رهي ٿو. سيد ولي خيال چيو ته سائين جلدي ڪيو هيٺ اچو. ائين چئي هو هليو ويو. اسان اڳ ئي تيار هئاسين، تنهن ڪري هيٺ لهي وڃين بيٺل پيجارو ۾ ويٺاسين.

سپوگمئي هوٽل

سپوگمئي هوٽل
رات جا 9:15 ٿيا ها. وين هوٽل سپوگمئي جي گيٽ تي پهتي. سپوگمئي پشاور جو سٺو هوٽل آهي. 9:30 تي پيجارو هوٽل سپوگمئي جي اڳيان بيهي ٿي اسان پيجارو مان لهون ٿا اسان کي محمد عليءَ چيو ته هوٽل جي ڇت تي اوپن ايئر ۾ ماني جو بندوبست ٿيل آهي. اسين لفٽ ذريعي اوپن ائير هال ۾ پهتاسين جتي سيد ولي خيال ۽ پشاور جا دوست اڳ ۾ ئي موجود هئا. منهنجي ساڄي پاسي کان ارشاد، ادل ۽ کاٻي پاسي کان محسن ڀوپالي ويٺل هئا. جڏهن ته سامهون خيال آفاقي ۽ آغا نور محمد ڪرسين تي ويٺل هئا. هوٽل سپو گمئي پشاور جو سٺو هوٽل آهي هوٽل ۾ رهائش جي سهولت کانسواءِ روايتي قبائلي کاڌا ملن ٿا. هوٽل ۾ هلڪي ميوزڪ هلي رهي هئي. جنهن ۾ پشتو گانا هلي رهيا ها، اسين ڪچهريءَ ۾ مهو ٿي وياسين ۽ مون اُڀ ۾ ڪڪرن ڏانهن نهاريو ڪڪر ڇانيل ها، کنوڻ به کجي رهي هئي، هلڪي بوندا باري ٿي رهي هئي، ٿڌڙي هير جو احساس ٿيو، ان هير ۾ رحمان بابا جا صوفياڻا راڳ ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪري رهيا هئا. اوچتو ڪنهن ڪُلهي تي هٿ هڻي مون کي خوابن مان جاڳائي وڌو. مون ڏٺو ته محسن ڀوپالي چپلي ڪباب سان گڏ فرائي گوشت جون ٻه پليٽون کائي صاف ڪيون هيون، جنهن تي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، هڪ ته هو پوڙهو ماڻهو ٻيو پشاوري اڌ پڪا اڌ ڪچا کاڌا. خدا خير ڪري. پنجاب جا دوست ته کائڻ ۾ شينهن پئي لڳا. اسين هوٽل مان ماني کائي جڏهن هيٺ لٿاسين ته گهڻي ماني کائڻ جي ڪري سڀني اديبن جا ڍڍ (پيٽ) نڪتل ها. اسين هوٽل مان دوستن کان موڪلائي وين ۾ ويٺاسين ۽ ريسٽ هائوس پهتاسين. جڏهن اسين ريسٽ هائوس جون ڏاڪڻيون چڙهي رهيا هئاسين ته محسن ڀوپاليءَ کي گهڻي ماني کائڻ سبب اوچتو پيٽ ۾ سورُ پيو، جنهن ڪري هن دانهن ڪئي، آغا نور محمد جيڪو هن سان گڏ هلي رهيو هو، کيس ٻانهن جو سهارو ڏئي، ڏاڪڻيون هيٺ لهي، ليڊي ريڊنگ اسپتال وٺي ويو. مون وقت ڏٺو رات جا 11 ٿيا هئا. ٿڪل هئاسين. تنهنڪري سمهي رهياسين.

12.5.1999 اربع
اڄ صبح جو ڪوئل جي مٺڙي آواز تي اک کلي، مون چادر لاهي، دري مان ڪوئل کي ڏسڻ چاهيو. پر ڪنهن به وڻ تي ڪٿي نظر نه آئي، شايد منهنجي نظر کان اوجھل هئي، مون دري مان سبز وڻن ڏانهن نهاريو، وڻ به صبح جو جھومي نچي گيت ڳائي رهيا هئا. مون به جھونگارڻ شروع ڪيو ارشاد واهه واهه چئي داد ڏنو. اسين تيار ٿي ڊائننگ هال ۾ پهتاسين، جتي صرف آغا نور محمد ۽ محسن ڀوپالي ويٺا هئا. مون سموري سفر ۾ ڏٺو ته محسن ڀوپالي ۽ آغا نور محمد صبح جو ننڊ مان سوير پئي اٿيا. ناشتو ٽيبل تي لڳي چڪو هو، مون ڏهي ۽ سلائيس کڻي پليٽ تي رکي کائڻ شروع ڪيو، دوست ايندا ويا ۽ ڪرسين تي ويهندا ويا، ناشتو ڪري اسين رسيپشن سامهون ٽي وي لائونچ ۾ ويهي رهياسين. ٿوري دير ۾ پنجاب جي دوستن جي پيجارو پهتي ان جي اڳيان اڇي رنگ جي سرڪاري نئين ماڊل ٽويوٽا ڪار اچي بيٺي، سيد ولي خيال ۽ سرحد گورنمينٽ جو هڪ سرڪاري عملدار اسلم خان ڪار مان ٻاهر لهي آيا. اسان جي پيجارو به اچي پهتي، صبح جا 9:00 ٿيا هئا.

قلعه بالاحصار

قلعه بالاحصار
اسان جي گاڏين جو قافلو ريسٽ هائوس جي مين گيٽ کان نڪري قلعه بالاحصار جي مين گيٽ تي پهتو، اتي موجود فرنٽيئرڪور جي جوانن، مين گيٽ کي کولي اسان کي اندر وڃڻ ڏنو. اسان جون گاڏيون قلعي جي مٿاهين رستي کان ٿينديون انتظامي بلاڪ واري حصي وٽ بيهن ٿيون. اسان سڀ هيٺ لٿاسين، مون ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو ته اُڀَ تي ڪارا بادل هئا. جيڪي اسان مٿان ٽمي رهيا هئا. ڪيترن دوستن مينهن کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان جي آجيان ڪرڻ لاءِ ميجر ساجد اڳيان بيٺو هو، جيڪو اسان جي انتظار ۾ مينهن ۾ پسي رهيو هو، ميجر ساجد سان رسمي تعارف ٿيو، ميجر ساجد اسان کي اُتي وٺي ويو جتي قلعي بالاحصار جو مڪمل نقشو موجود هو. نقشي جي مدد سان اسان کي ميجر ساجد هن تاريخي قلعي بابت ڄاڻ ڏني. مختلف حصا گهمرايا. هي تاريخي قلعو 2000 هزار سال پراڻو آهي. محمود غزنوي، نادر شاهه، شهاب الدين غوري، ظهيرالدين بابر، همايون، راجا مان سنگهه، مختلف وقتن تي حملا ڪري فتح ڪيو. هي قلعو اڳ ۾ ڪچو هو. 1884ع ۾ انگريزن هن قلعي تي ڪم پڪو ڪرايو. قلعو 44 هزار چورس فُٽن جي ايراضيءَ تي ڦهليل آهي. هن قلعي جو نالو قلع بالاحصار تيمور شاهه رکيو، قلعي جي هڪ پاسي کان ليڊي ولنگڊن اسپتال نظر اچي ٿي، ٻئي پاسي کان مشهور تاريخي مسجد مهابت خان نظر اچي ٿي. مسجد مهابت تاريخي مسجد آهي، مغل دور ۾ تعمير ٿي. سکن جي دور ۾ سکن خلاف بغاوت ڪندڙ مسلمانن کي سخت سزا ڏئي، مسجد جي بلند مينارن هيٺ اڇلائي ماريو ويندو هو. جنهن ۾ سندن ڳاٽا ڀڄي پوندا هئا. ميجر ساجد سنهڙو نوجوان آهي. هو بريفنگ کان پوءِ اسان کي قلعي اندر ڦاسي گهاٽ واري حصي ڏانهن وٺي وڃي ٿو، ڦاسي گهاٽ جي مٿان ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ وارو رسو ۽ پيرن واري پاسي کان تختو ۽ تختي جي هيٺان هڪ تمام ڊگهي اونهي کڏ آهي. اسان اديبن کي تختو هٽائي اها گهگهه اونداهي واري کڏ ڏيکاري وئي. جنهن کي هرڪو ڏسي خوفزده ٿي رهيو هو. ڦاسي گهاٽ مون پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هو. وڏي اذيتناڪ جڳهه آهي، هي ڦاسي گهاٽ به عجيب ڦاسي گهاٽ آهي. هنن ڦاسي گهاٽن تي تاريخ ساز هستيون چڙهي پاڻ کي امر بنائي ڇڏينديون آهن. هن ڦاسي گهاٽ تي ڪيترائي بهادر پٺاڻ ڦاهيءَ چڙهيا هوندا. مونکي پٺاڻن جي ريٽي رت جي خوشبو محسوس ٿي پئي مون ڪنڌ مٿي ڪري آسمان ڏانهن نهاريو، اسان کي قلعي جي چوطرف گهمائي وري هڪڙي هال ۾ ويهاريو ويو، جتي ريفريشمينٽ جو بندوبست ٿيل هو، ڪيپٽن ناصر هڪ ڪمري مان نڪري هال ۾ آيو جنهن هر هڪ اديب سان هٿ ملائي، پنهنجو تعارف پئي ڪرايو. ڪيپٽن ناصر اسان کي قلعي ۾ اچڻ تي ڀليڪار چئي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي سڀني تاريخي قلعن ۾ هي قلعو نهايت خوبصورت ۽ ڏسڻ وٽان آهي، هن جي مرمت تي ساليانو وڏو خرچ ڪيو وڃي ٿو. هاڻي هي قلعو اسين صوبائي حڪومت جي حوالي ڪرڻ وارا آهيون. اسان کي ريفريشمينٽ ڪرائي وئي. ڪيپٽن راشد موڪلائي هليو ويو، ميجر ساجد اسان کي الوداع ڪيو.

پشاور ميوزيم

پشاور ميوزيم
اسين قلعي کان ٻاهر نڪري ٺيڪ 10:40 تي پشاور ميوزيم جي گيٽ تي پهتاسين، اسان کي ميوزيم جي گيٽ تي ارشاد ضمير ڀليڪار ڪئي. ارشاد ضمير سرحد صوبي جي ڪلچر ۽ آثارِ قديمه بابت بريفنگ ڏني، هن ميوزم ۾ سرحد صوبي جي ثقافت نمايان نظر اچي ٿي. ارشاد ضمير اسان کي ميوزم جا مختلف حصا گهمايا ۽ ڄاڻ ڏني. ميوزم ۾ اندر شيشي جي ڪٻٽن ۾ مهاتما ٻڌ جا مختلف مجسما رکيل هئا، گنڌارا تهذيب جا شاهڪار پاڻ ڏانهن متوجه ڪن پيا. ٿوري دير ۾ اسين ميوزم کان ٻاهر نڪري آياسين. مون وقت ڏٺو. 11:05 ٿيا هئا.

طورخم ـ جمرود روڊ

طورخم ـ جمرود روڊ
اسان هينئر طور خم جي سفر تي هئاسون پيجارو تيزيءَ سان حيات آباد ڪراس ڪري پشاور چيڪ پوسٽ تي رڪي. پوليس جا جوان سيّد ولي سان ڳالهائي رهيا هئا. تنهن کان پوءِ پوليس جي هڪ موبائيل گاڏي اسان جي قافلي اڳيان هلي ٿي، ڪٿي ڪٿي سائرن ڏي ٿي. اسانکي مڪمل سرڪاري پروٽوڪول سان طور خم بارڊر ڏانهن رخصت ڪيو ويو. پوليس موبائيل گاڏي ۾ هڪ پوليس آفيسر اڳيان ويٺل هو. باقي پنج ست سپاهي پويان ويٺل هئا. انهن ۾ هڪ گن مين مٿي گن کنيون بيٺو هو. گاڏيون تيزي سان طورخم _ جمرود روڊ سان واءُ مينهن هڪ ڪيون اڳتي نڪري رهيون هيون. اسان 11:45 تي خيبر پاس تي پهتاسين. اسان جون گاڏيون ڪجھ وقت لاءِ روڊ جي سائيڊ تي بيهي رهيون. مينهن تيزي سان وسي رهيو هو، تنهن ڪري سيد ولي خيال چيو ته واپسي ۾ اچي دره خيبر کي ڏسنداسين. اسان جي گاڏين جي اسپيڊ گهٽ ٿي مينهن تيزي سان وسي رهيو هو، پهاڙي سلسلو هاڻي شروع ٿي چڪو هو. بلند ۽ حسين پهاڙ اسان جي اکين اڳيان هئا، پهاڙن جا قد اسان جي نظر کان به اونچا هئا. ساڄي پاسي کان لنڊي ڪوتل ريلوي لائين آهي جيڪا تباهه ٿيل آهي. هيٺ اونهائي به گهڻي آهي. مون روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽِيويون ۽ سائيڪلون افغانستان کان اسمگلنگ ٿيندي ڏٺيون. پورهيت، اتان جي سمگلرن کان سمگلنگ ڪرڻ جو پورو پورو اجورو وٺن ٿا. هي پورهيو افغانستان ۾ نفعي وارو آهي، پورهيتن جي پٺن تي ٽي ٽي ٽي وي سيٽ ٻڌل هئا، جيڪي مختلف پهاڙي رستن کان ٿيندا، پشاور سامان پهچائين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن پورهيت بلند پهاڙين کان پير ترڪي وڃڻ سبب حياتيءَ کان هٿ ڌوئي ويهن ٿا. سمگلر ميداني علائقن ۾ پوليس يا ايجنسيءَ وارن کي رشوت ڏين ٿا ۽ بغير ڪنهن خوف خطري جي ڌنڌو جاري رکندا پيا اچن. اسان خيبر ايجنسي مان گذري رهيان آهيون، خبير ايجنسي علائقي غير وارو علائقو آهي. هتي قبائلي سردارن جا قانون هلندا آهن. اسمگلنگ وارو سامان مين روڊ تان کڻي هلندا ته خيبر رائفلز وارا هنن کي پڪڙي سامان کسي جيل اماڻيندا آهن. ڇاڪاڻ ته روڊ تي پاڪستان سرڪار جو قانون هلندو آهي. اسان خاصا وال چيڪ پوسٽ وٽان لنگهياسين ته اسان کي جوانن سلامي ڏني.

پشاور ويو پوائنٽ

پشاور ويو پوائنٽ
پشاور ويو پوائنٽ تي اسان جون گاڏيون رڪيون. هتي مينهن بند ٿي چڪو هو، آسمان تي ڪڪر ڇانيل هئا. ڪي ڪڪر اسان کي ڇُهي اڳتي نڪري وڃن پيا. اسان پشاور شهر کي ڏسڻ چاهيو پر ڌنڌ ايتري هئي جو اسين ڏسي نه سگهياسين. جنهن جاءِ تي اسين بيٺا آهيون اها 3500 فوٽ بلندي تي آهي. هتان پشاور شهر ۽ دره خيبر صاف نظر ايندو آهي. سيد ولي خيال سڀني کي چيو ته گاڏين ۾ ويهو طورخم بارڊر بند ٿي ويندو جلدي ڪريو.
اسان گاڏين ۾ ويٺاسين گاڏيون هلڻ لڳيون. اسان سڀ پهاڙي منظر ڏسي خوش ٿي رهيا هئاسون. گاڏي ۾ خاموشي هئي صرف تاج جويو ئي ڳالهائي رهيو هو، هو پهاڙي قدرتي منظرن کي ڏسي واهه واهه ڪري تعريف ڪري رهيو هو. هو هر هر مون کي چئي رهيو هو، بشير هي ڏس، مٿي ڏس، هو ڏس، اڙي وري هيڏانهن کاٻي پاسي وارا منظر ڏس. اسين پٺاڻن جي ڳوٺن جا منظر ڏسي رهيا هئاسون. اتي ماڻهن جي حالات زندگي ڏسي عجب ۾ پئجي وياسين. ڪيترائي ماڻهو پهاڙن جي غارن ۾ اڄ به ائين رهن ٿا جيئن ڪيئي صديون پٿر جي دور ۾ ماڻهو رهندا هئا. غارن اندر ٺهيل گهرن اڳيان ڪٿي ڪٿي ڪاٺيءَ جا در لڳل نظر آيا، باقي اڪثر غار بغير در ۽ درين جي نظر آيا. غارن ۾ ڪا به هوادار دري وغيره ڪا نه هئي، مون کي پٿر جو دور ياد اچي ويو. جو ماڻهو پهاڙن جي غارن ۾ دشمن جي ڀَــوَ کان يا طاقتور جانورن جي ڀـَـــوَ کان لڪي رهندا هئا. پٺاڻ دلير، جنگجو ۽ محنت ڪش آهن. تعليم گهٽ آهي پر هيئنر ڪيترائي اسڪول گورنمينٽ کوليا آهن. ۽ ٻارڙا اسڪول ڏانهن ويندي نظر آيا.

شگئي فورٽ

شگئي فورٽ
12:15 منجھند جو اسين شگئي فورٽ پهتاسين. هي هڪ فوجي قلعو آهي. جيڪو عام روڊ کان ٿورو پرڀرو آهي. هتي 1971ع جنگ جي دوران هندستاني جنگي قيدين کي واڙيو ويو هو. هي فورٽ فوجي مقصدن لاءِ استعمال ٿئي ٿو، اها ڄاڻ اسان کي ڊرائيور ڏني. اسان جي گاڏي جو ڊرائيور پڙهيل ڳڙهيل نوجوان هو. هو هن علائقي جي هر شيءِ کي ڄاڻي پيو هو اسان جو دوست ٿي ويو.

مولا علي رضه مسجد

مولا علي رضه مسجد
اسان 12:30 منجھند جو شير خدا مولاعلي مسجد وٽ پهتاسون. علي فورٽ نالي سان بس اسٽاپ آهي ۽ حضرت علي جي نالي سان اسٽاپ تي سائن بورڊ لڳل آهي. طورخم ڏانهن ويندي ساڄي هٿ تي حضر علي سائين رضه جي مسجد آهي. کاٻي پاسي کان آبادي آهي. هڪ اڌ ڳوٺ به نظر آيا. جيڪي روڊ جي سطح کان ڪيئي فوٽ هيٺ آهن. گاڏيون روڊ جي سائيڊ تي بيٺيون رهيون ۽ اسين لهي پهريائين مسجد ۾ وياسين. مسجد پڪي ۽ خوبصورت ٺهيل آهي. ڀرسان مولا عليرضه سائين جي عبادت واري جاءِ آهي. جيڪا پڪي سرن سان ٺهيل آهي مٿان سائو گول قبو آهي. ڪجھه گهڙيون ويهي دعا گهري ۽ پوءِ اسين مسجد کان ٻاهر نڪري هيٺ واهه طرف هيٺ لهي وياسين. جبلن مان ڦـُـٽي نڪتل واهه ۾ ڦوٽو گرافي ڪئي، واهه جي ڪناري تي آباد ڳوٺن کي به ڦوٽو گرافيءَ جي عڪس ۾ محفوظ ڪيوسين، هنن علائقن جي خوبصورتي کي سڀڪو ڏسي خوش ٿي واهه واهه پيو ڪري پر هتان جي پختون عوام جي اکين ۾ غمن گوندرن جا پهاڙ ڪوئي ڪو نه ٿو ڏسي، هنن جي منهن تي مايوسي جون ريکائون ڪوئي نه ٿو ڏسي. هنن جي معصوم ٻارن جي بکئي پيٽ کي ڪوئي ڪو نه ٿو ڏسي. قبائلي سردارن وٽ يرغمال ماڻهن جي چهرن کي ڪو به نه ٿو پڙهي.
مٿي روڊ تي بيٺل سيد ولي خيال واپس اچڻ لاءِ اسان کي سڏيو اسين سڀ روڊ تي اچي گاڏين ۾ ويٺاسين، ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پهاڙن جي وچ ۾ روڊ جي کاٻي پاسي تي هڪ پهاڙ تي هٿ جو چنبو ٺهيل آهي. هي به قدرت جو ڪرشمو آهي هي هٿ عام هٿ کان کوڙ سارو وڏو آهي هن هٿ لاءِ ڊرائيور ٻڌايو ته جڏهن شيرِ خدا مولى علي سائين عبادت ۾ مشغول هو ته ڪنهن ڪافر مولى علي سائين رضه مٿان پٿر اڇلايو. مولى عليرضه سائينءَ هٿ ڏئي پٿر کي روڪيو ۽ پٿر رڪجي اتي ئي ڄمي ويو. جنهن تي مولا علي سائينرضه جي هٿ مبارڪ جو نشان اڄ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. حضرت علي سائين رضه جي هٿ (يادگار) جي آمهون سامهون روڊ جي ٻئي پاسي هڪ واهه آهي. جيڪو پهاڙن مان نڪري ٿو. هتي ون وي روڊ آهي.

مهاتما ٻڌ

مهاتما ٻڌ
اسان اڳتي وڌياسين ته بازار زخه خيل وٽ مهاتما ٻڌ جو اسٽوپا نظر آيو. اسٽوپا بي ڌياني جو شڪار آهي. مهاتما ٻڌ جا اسٽوپا جا آثار افغانستان جي شهر باميان کان علاوه ڪافي هنڌن تي ملن ٿا ۽ صوبي سرحد ۾ ڪافي جاين تي اسان کي ٻڌ جا آثار ملن ٿا.
دهما پد مهاتما ٻڌ جي تعليمات جو مجموعو آهي، جيڪو پالي زبان ۾ لکيو ويو هو. جيڪا ٻولي سنسڪرت جي ويجھو آهي. ڌرم ۽ دهما جي معنى ساڳي آهي. مهاتما ٻڌ جي زندگيءَ جو دور 483 کان 563 قبل از مسيح آهي. هو هڪ شهزادو هو، جنهن پنهنجي شهنشاهيت سميت پنهنجي گهرواري ۽ پٽ ڇڏي جھنگ ڏانهن منهن ڪيو ۽ هميشه سچائيءَ جي تلاش ۾ ڀٽڪندو رهيو. هن ڪڏهن به پُٺتي مُڙي نه ڏٺو. هن جي جھنگ ۽ جبل واري زندگي اٽڪل 6 ڇهه سال لاڳيتو جاري رهي. آخر هڪ بڙ جي وڻ هيٺان اهڙو ويٺو، جو اُتي ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. مهاتما ٻڌ جو اصل نالو سڌارٿ هو. جيڪو نرواڻ ملڻ کان پوءِ گوتم ٻڌ سڏيو ويو، سندس ڪجھه ڳالهيون، هيٺ ڏجن ٿيون.
* عقلمند پنهنجي حواسن تي اهڙي طرح قابض رهندو آهي، جھڙي طرح شهسوار گهوڙي کي قابو ڪري وٺندو آهي.
 جيڪو معمولي نذرانن ۽ تڪبرن کان آزاد ٿي ويو، ان جو احترام ديوتا به ڪن ٿا.
 جڏهن ڪو احمق غلط ڪم ڪري ٿو ته هو وساري ويهي ٿو ته هڪ اهڙي باهه ٻاري رهيو آهي، جنهن ۾ پاڻ ئي سڙي مرندو.
 هي جسم هڏن جو پڃرو آهي، هڏن مٿان گوشت آهي، جنهن ۾ رت گردش ڪري ٿي، تڪبر ۽ منافقت ان پڃري ۾ رهن ٿا، ڪراڙپ ۽ موت پڻ ان ۾ قيد آهي.
 محبت کان ڪم وٺو، جيڪڏهن ڪجھه ڪيو ته سٺو ڪيو، ذهن کي شر کان محفوظ رکو، ڪوئي شخص عملِ خير ۾ سست آهي ته پوءِ ان جو ذهن شِر ۾ خوشي حاصل ڪري ٿو.
 هڪ نيڪ ماڻهو جتي رهي ٿو، اهو حقيقت ۾ خوشيءَ جو مقام آهي پوءِ اهو ڳوٺ هجي يا جھنگ هجي يا جبل، ٽڪري هجي.
 سچ ڳالهايو، ڪاوڙ ۾ چريا نه ٿيو، جيڪو اوهان کان ڪو گهري ان کي ڏئي ڇڏيو. اهي ٽئي عمل اوهان کي ديوتائن جي ويجھو وٺي وڃڻ ۾ مدد ڪندا.

اسان جون گاڏيون تيزيءَ سان طور خم ڏانهن وڌي رهيون هيون. اسان کي ڊرائيور کاٻي پاسي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هي سامهون محل مشهور واپاري ايوب آفريدي جو آهي، هتي روڊ جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي کان ڪيترائي ننڍا وڏا محل آهن. پر ايوب آفريدي جي محل جي ڳالهه ئي ڪجھه ٻي آهي. هي ايشيا جي وڏن محلن ۾ شمار ٿئي ٿو هن علائقي ۾ قبائلي جھيڙا به جام ٿين ٿا. تنهنڪري اسلحو هر ننڍي وڏي ماڻهو وٽ موجود آهي. هر قبيلو جھيڙي جي ڀوَ کان مسلح ۽ محتاط رهندو آهي.

مچني چيڪ پوسٽ

مچني چيڪ پوسٽ
1:25 منجھند جو اسين مچني چيڪ پوسٽ تي پهتاسين، اسان جون گاڏيون روڊ کان کاٻي پاسي هڪ پهاڙي تي چڙهي آيون. چيڪ پوسٽ هڪ بلند ٽڪري تي آهي. جتان دوربين ذريعي افغانستان جي ڪنٽرول لائين ۽ افغان علائقا آساني سان ڏسي سگهجن پيا. اسان جي وفد کي دوربين ذريعي افغاني علائقا ڏيکاريا ويا. چيڪ پوسٽ ۾ هڪ اسلحي جو ڊپو ۽ ٻه ٽي ڪمرا رهائش لاءِ آهن. جتي فوجي آفيسر پنهنجي ماتحت عملي سميت رهن ٿا. اڳيان ننڍڙو باغ آهي. چيڪ پوسٽ عمارت مٿان پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪي رهيو آهي. اسان کي باغ ۾ ڪرسين تي ويهاريو ويو. آرمي جي ڪيپٽن مدثر حسن اسان کي اتي ڀليڪار ڪيو. هن هڪ بورڊ تي نقشي جي مدد سان هن علائقي جي عوام ۽ افغان عوام جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ڄاڻ کانسواءِ روسي ڪميونسٽن سان جنگ بابت بريفنگ ڏني. اتي اسان کي روسي ميزائيل به ڏيکارياويا. جيڪي هن چيڪ پوسٽ تي روسين فائر ڪيا هئا. ڪيپٽن مدثر حسن ٻڌايو ته ڪابل هتان 205 ڪلوميٽر پري آهي. جڏهن ته جلال آباد 94 ڪلو ميٽر پري آهي. هتي موسم ٿڌي آهي. اسان مچني چيڪ پوسٽ جي اهلڪارن کان موڪلائي طورخم روانه ٿياسين.

طور خم بارڊر

طور خم بارڊر
2:00 وڳي اسين طور خم شهر ۾ داخل ٿياسين. شهر جي بازار ڪافي ڊگهي آهي. هتي مني ايڪسچينج جا دوڪان آهن. سڪي فروٽ جا دڪان جام آهن. اسلحو به جام موجود آهي. لوڪل ميڊ، يا امپورٽيڊ اسلحو سستي اگھه ۾ ملي وڃي ٿو. شهر کان نڪري طور خم بارڊر تي پهتاسين، طورخم تي موجود فوجي آفيسرن ۽ جوانن اسان جي آجيان ڪئي، اسان کي افغان ڪنٽرول لائين گهمائي وئي. طالبان حڪومت ۽ بارڊر تي موجود ماڻهن جي اچ وڃ ۽ ٻين عسڪري مسئلن بابت بريفنگ ڏني وئي، اسان کي بارڊر تي ڪيميرائون لڪائڻ لاءِ چيو ويو. ڇاڪاڻ جو افغان طالبان حڪومت جا فوجي جوان ڦوٽو ڪڍرائڻ تي ڪاوڙ ڪن ٿا ۽ پاڪستان جي فوجي اهلڪارن سان احتجاج ڪن ٿا. موسم جھڙالي ۽ ٿڌي هئي. افغان بارڊر تي طالبان وارا چاق چوبند نوجوان بيٺا هئا. هنن جي مک تي خوشي ۽ اکين ۾ آتش هئي. هو اسان کي جڏهن ڏسي رهيا هئا ته اسان کي خوف پئي ٿيو. هو هر ايندڙ ويندڙ ماڻهو کي شينهن واري اک سان ڏسي رهيا هئا. هو ڪاري سلوار قميص ۾ ملبوس هئا ۽ سندن مٿو ڪاري پَٽِڪي سان ڍڪيل هو. بارڊر جي ٻنهي پاسن کان شنواري قبيلي کي قانوني طور بارڊر ٽپڻ جو حق حاصل آهي. ڪيتريون ئي افغان برقعا پوش زائفون بنا روڪ ٽوڪ جي بارڊر ڪراس ڪري رهيون هيون. هتي بارڊر تي افغان علائقي ۾ اسلامي قانون آهي عورتن کي پردي ۾ رهڻ، مردن کي ڏاڙهيون رکرائڻ، زانيءَ کي ڪوڙا هڻڻ، چور جو هٿ ڪپڻ، خون بدلو خون ۽ عورتن کي صرف ديني تعليم ڏيڻ هن ملڪ جو قانون آهي. ٽي وي ڏسڻ، ڦوٽو ڪڍرائڻ سخت منع آهي. اسان کي بارڊر جي گيٽ ڀرسان هڪ وڻ تي ڪيتريون ئي وڊيو فلمون، ريڪارڊر، ڪيمئرائون وغيره ڀڳل ڀوريل صورت ۾ ٽنگيل ڏٺيون. هتي بک بيروزگاري گهڻي آهي. چوري بلڪل ناهي. اسان گهمي ڦري پاڪستان جي فوجي چيڪ پوسٽ تي پهتاسين. جتي مٿي هال ۾ اسان کي ڪرسين تي ويهاريو ويو. اسان کي بسڪٽ ۽ پيپسي بوتلن سان ريفريشمينٽ ڪرائي وئي. آءٌ بوتل ۽ بسڪيٽ کڻي ٻاهر اوپن ائير ۾ ڪرسي تي ويهي رهيس. منهنجي ڀرسان خيبر رائفلر جا جوان بيٺا هئا. مون کي افغان ٻارڙن بسڪيٽ کائيندي ڏٺو ته لوهي گرل پريان بيٺل ٻارڙن مون کان بسڪٽ گهريا پر خيبر رائفلر جي اهلڪارن ٻارڙن کي دڙڪا ڏنا پر هو ڪو نه ٿي مڙيا نيٺ مون بسڪيٽن جو پيڪيٽ معصوم ٻارن کي ڏنو، جيڪي ڏاڍا خوش ٿيا پر مون کي فوجي اهلڪارن ٻارڙن سان ڳالهائڻ ۽ ڪا به شيءِ ڏيڻ لاءِ منع ڪيو. ٻارڙن جا مون ڏانهن بسڪوٽن لاءِ کڄيل هٿ ڪيئن پئي موٽائي سگهيس. آءٌ ته انهن جي خوبصورت معصوم هٿن کي چُمڻ پئي چاهيو، مجبوراً مون کي هال اندر وڃڻو پيو. اسان ريفريشمينٽ مان واندا ٿي ٻاهر نڪتاسين ته اسان کي افغان ٻارڙن وڪوڙيو ۽ خيرات گهري. موجود اهلڪارن انهن کي دڙڪا ڏئي ڀڄايو. سيد ولي خيال ۽ اسلم اسان کي جلدي هلڻ لاءِ گذارش ڪئي. اسان کي فوج جي اعليٰ آفيسر الوداع چيو، اسان سڀ پنهنجن گاڏين ۾ ويٺاسون ۽ واپس ورياسون.

لنڊي ڪوتل

لنڊي ڪوتل
2:45 تي اسين واپس لنڊي ڪوتل آياسين. لنڊي ڪوتل ننڍڙو شهر آهي. دڪان آهن. ڪچا مِٽيءَ جا ۽ ڪجھه پڪا گهر آهن. هتي منجھند ٿي وئي. اسان جي مانيءَ جو بندوبست خيبرايجنسي جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪيو هو. هتان جو پوليٽيڪل ايجنٽ عبدالڪريم قصوريه آهي. جيڪو سرڪاري ڪم سانگي پشاور ويل هو. اسين جڏهن پوليٽيڪل ايجنٽ جي رهائشگاهه تي پهتاسين ته تحصيلدار عبدالشڪور اسان جي آجيان ڪئي. عبدالشڪور اسان کي طور خم تائين سرڪاري پروٽوڪول ڏنو هو. اسين جڏهن طور خم وڃي رهيا هئاسين ته ٻه گاڏيون خيبر رائفلر جون اسان جي حفاظت لاءِ ڏنائون. هڪ گاڏي سائرن وڄائي اسان لاءِ رستو صاف ڪرائي رهي هئي. عبدالشڪور اسان کي پوليٽيڪل ايجنٽ جي رهائشگاهه تي وٺي ويو. جتي مانجھاندي جو بندوبست ٿيل هو. آغا نور محمد سان ڪچهري دوران عبدالشڪور لنڊي ڪوتل ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي عام ماڻهن جي حالت ۽ جنگجو طبيعت ۽ علائقي جي ترقيءَ جي باري ۾ ٻڌايو. طالبان وارن لاءِ ٻڌايائين ته ڏاڍا سخت ڪاوڙيل ۽ ويڙهاڪ آهن. بارڊر تي ٿوري گهڻي مسئلي تي رڙيون ڪن ٿا ۽ وڙهڻ لاءِ تيار ٿين ٿا. هو اسان کي به تنگ ڪندا آهن جيتوڻيڪ اسان جون هنن تي وڏيون مهربانيون ٿيل آهن. پر هو بي مروت آهن آغا صاحب چيس ته طالبان کي به ته اسان ئي ٺاهيو آهي نه؟ عبدالشڪور وراڻيو ته هاڻي اسان هنن تي سختي ڪئي آهي هي محبت ۾ نٿا سمجھن!
عبدالشڪور انتهائي هوشيار قسم جو ماڻهو آهي، هن جي ويڪري چهري تي چاپئين ڏاڙهي ٺهندڙ آهي. قد ۾ پرو پنو هو، ايتري ۾ ٻه جوان آيا. عبدالشڪور کي آهسته چيائون ته صاحب! ماني تيار آهي. اسين سڀ هڪ هال ۾ پهتاسين. ڊائننگ ٽيبل تي قبائلي کاڌن سميت شيخ ڪباب ۽ تازو فروٽ جام هو. ساڻ پيپسي جون بوتلون ۽ آئيس ڪريم جا ڊونگا به ٽيبل تي پيل هئا. ماني کان پوءِ فروٽ ۽ آخر ۾ آئيس ڪريم ۽ بوتل پي، واپس باغ ۾ ڪرسين تي اچي ويٺاسين، اتي عبدالشڪور سان ڦوٽو ڪڍراياسين. اتي عبدالشڪور پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان پٺاڻن جي مهمان نوازي روايت آهي توهان آيا آهيو! اسانکي خوشي ٿي آهي توهان جھڙا مهمان ايندا آهن ته خدمت ڪرڻ ۾ وسان ڪو نه گهٽائيندا آهيون. اسان جي علائقن کي گهمندي ڪا تڪليف آئي هجي ته معاف ڪندا. وفد پاران سيد ولي خيال، پوليٽيڪل ايجنٽ خيبر ايجنسي ۽ تحصيلدار عبدالشڪور جا ٿورا مڃيا. اسان سڀني عبدالشڪور سان ڀاڪر پائي موڪلايوسين عبدالشڪور اسانکي گاڏين تائين ڇڏڻ آيو. وقت ڏٺو 3:45 ٿيا هئا. اسان موڪلائي پوليٽيڪل ايجنٽ خيبر ايجنسي جي رهائشگاهه کان ٻاهر نڪري طور خم _ جمرود روڊ تي پهتاسين. اسان جون گاڏيون تيزي سان واپس جمرود، دره خيبر ڏانهن اچي رهيون هيون. اسان بلند پهاڙن جي هوائن جا گيت ٻڌندا ۽ افغان طالبان حڪومت جي مسئلن ۽ مونجھارن جا مرثيا ٻڌندا آياسين.

جمرود ۽ دره خيبر

جمرود ۽ دره خيبر
اسين تقريباً 4:25 جمرود پهتاسين. جمرود جو علائقو ڪجھه پهاڙن ۾ آهي، باقي دره خيبر وارو علائقو ميداني علائقي تي آهي. چوڌاري پري پري تائين پهاڙ ئي پهاڙ آهن. اسين دره خيبر کي ڪنڌ مٿي ڪري سلام ڪيوسين. دره خيبر جنهن جو قد اسان جي قد کان مٿي هو. هي در تاريخي در آهي. هن درسان افغان پٺاڻن جي تاريخ وابسته آهي. دنيا جي عظيم سپهه سالارن، فاتحن، جنگجوئن، غاصبن، قاتلن ۽ رهزنن هتان لنگهه ڪيو آهي، جن نه صرف سرحد، پنجاب پر سنڌ ۽ هند سميت سائوٿ ايشيا جي ملڪن تي اچي قبضو ڪيو ۽ لٽ ڦُرَ ڪئي. دره خيبر پشاور شهر کان 17 ڪلوميٽر پري آهي، جڏهن ته پشاور کان طورخم 56 ڪلوميٽر پري آهي. شام ٿي وئي هئي. مٿان ڪڪر ڇانيل هئا. اسان کي اسلم ڀائي، هن تاريخي در جي ڄاڻ ڏني. باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح رحه 14 اپريل 1948ع تي هن دروازي جو دورو پڻ ڪيو هو. هن در تي اسان ڪيترائي فوٽو ڪڍراياسين. اسين وري گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ پشاور ڏانهن راهي ٿياسين. پشاور حيات آباد چيڪ پوسٽ تي اسان کي خيبر رائفلر وارن سلامي ڏئي موڪلايو. واپسي تي پشاور روڊ تي جيڪي چوڪيون هيون خيبر رائفلز وارن اسان کي سلامي ڏني. هينئر پشاور شهر ۾ واپس داخل ٿي چڪا هئاسون.

هوٽل نارٿ ويسٽ

هوٽل نارٿ ويسٽ
اسين تقريباً 5:10 شام جو سڌو هوٽل نارٿ ويسٽ پهتاسين، جيڪو خيبر بازار ۾ آهي. هوٽل نارٿ ويسٽ جي هال ۾ اندر آياسين. ته هال ماڻهن سان ڀريل هو. سرحد جو صوبائي وزير صحت، وجيهه الزمان ۽ پشتو ادبي اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر راج ولي خٽڪ اڳواٽ ئي ويٺل هئا. مون سرحد جي وزيرن جو رويو ڏٺو ته هو وقت تي اچن پيا. هن پروگرام ۾ صوبائي وزير اڳواٽ هال ۾ حاضر هو. جڏهن ته سنڌ جا وزير پهرين فون تي پڇا ڪندا آهن ته هال ماڻهن سان ڀريو آهي يا نه، جڏهن پڪ ٿيندن ته آيا آهن ته پوءِ به اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ئي وزيرِ محترم پنڊال ۾ پهچندا آهن. اسان کي سرحد جي وزيرن جي اهڙي روش متاثر ڪيو. بهرحال پروگرام جي شروعات ٿي. صدارت صوبائي وزير صحت، جناب وجيهه الزمان کي ڏني وئي، جڏهن ته خاص مهمان راج ولي خٽڪ هو. نامياري ٽي وي ڊرامه نگار ۽ ليکڪ يونس قياسي وفد کي ڀليڪار ڪئي ۽ خيالن جو اظهار ڪندي چيو اسان کي فخر آهي ته سنڌ، بلوچستان ، پنجاب جا اديب اڄ هتي اسان سان گڏ آهن. ليکڪ جو ڪم خوشيون ورهائڻ ۽ عام ماڻهن جي چپن تي مسڪراهٽون ڏيڻ آهي. تاج جوئي کي تقرير لاءِ دعوت ڏني وئي. تاج چيو ته سنڌ جا ماڻهو امن پسند ۽ بهادر آهن جيئن سرحد جا غيرتمند پٺاڻ آهن. جنهن جا روح ۽ جسم رحمان بابا ۽ خوشحال خان جي صوفي تعليم سان منور آهن. اهڙي طرح محسن مگهيانه، درويش دُراني، ميجر يونس خليل پنهنجن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. سيد ولي خيال چيو ته هتي جيڪي به اڪادمي ادبيات پاران ڏنل آجياڻي ۾ مهمانِ گرامي شريڪ ٿيا آهن انهن اسان جو مان مٿانهون ڪيو آهي. مان اڪادمي ادبيات ۽ وفد ۾ شامل اديبن پاران اوهان جو شڪريو ادا ڪيان ٿو. سرحدي اديبن سان پنجاب جي آر ڊي قاضي جاويد سنڌ جي آر ڊي آغا نور محمد ۽ بلوچستان جي آر ڊي شير محمد پنهنجي وفد جو مختصر تعارف ڪرايو. جڏهن سيد ولي خيال تقرير ڪرڻ آيو ته سرحد جي اديبن ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن پاڪستان جي ٽن صوبن جا اديب گڏ مطالعاتي دورو ڪري سگهن ٿا ته پوءِ سرحد جي اديبن ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ جو هن دوري ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. تنهن تي سيد ولي خيال جواب ۾ چيو ته اوهان کي ايندڙ سال دورو ڪرايو ويندو. سرحد جا اديب مطمئن ٿيا يا نه اها هڪ خبر خدا کي ٻي سندن کي. باقي دلين جا حال خدا ٿو ڄاڻي. آخر ۾ راج ولي خٽڪ تقرير ڪئي، جيڪا تمام ڊگهي ٿي وئي. صدارتي تقرير ڪندي وجيهه الزمان چيو ته سرحد گورنمينٽ ۽ اسين اوهان کي سرحد صوبي ۾ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. هن صوبي جا ماڻهو مهمان نوازي جي تاريخ رکن ٿا. تحريڪ پاڪستان ۾ اديبن شاعرن، دانشورن هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. شاعرِ مشرق علامه اقبال رحه شاعريءَ ذريعي مسلمانن کي بيدار ڪيو ۽ آزاديءَ لاءِ جذبو پيدا ڪيو. صدارتي تقرير کانپوءِ ريفريشمينٽ ڏني وئي. ريفريشمينٽ وقت ڪهاڻيڪار قيوم مروت سان ملاقات ٿي، جنهن ڪهاڻين جو ڪتاب ”شرفا ڪي لئي“ تحفي ۾ ڏنو. مروت پيارو ماڻهو آهي. هو عمر ۾ پوڙهو ضرور هو پر جذبا جوان هيس. هن جون مشهور ڪهاڻيون، ”ميراث“ ۽ ”قصاص“ به شاندار ڪهاڻيون آهن ۽ روايت کان هٽي ڪري لکيون ويون آهن. سندس شاهڪار ڪهاڻي ”فيصلا“ ۾ زرينه کي واجب القتل قرار ڏنو وڃي ٿو، ان فيصلي جو سرپئنچ آخري موقعو ڏيندي زرينه کي جرڳي ۾ گهرائي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو. زرينه چيو ”صاحب.... مان پنهنجو گناهه تسليم ڪيان ٿي پر منهنجو هڪ شرط آهي ته منهنجو مڙس دولت خان هن ڀريل جرڳي اڳيان قرآن شريف تي هٿ رکي چوي ته هو جڏهن پرديس ويو ته ان وقت کان وٺي هن وقت تائين هو ڪنهن غير عورت جي نزديڪ نه ويو هوندو.“ جڏهن دولت خان کي جواب ڏيڻ لاءِ چيو ويو ته هن کي پڇتاءَ کان سواءِ ڪجھه نه هو، هن ڪاوڙ ۾ بندوق اڇلي، زرينه اڳيان ٽي پٿر کڻي اڇلائي جرڳي مان اُٿي هليو ويو.
6:30 ٿيا هئا ٿڪ به گهڻو هو تنهن ڪري سيد ولي خيال اديبن کي گذارش ڪئي ته جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي گاڏين ۾ ويهو. پٺاڻ اديبن کان موڪلائي گاڏين ۾ ويٺاسين ۽ ريسٽ هائوس پهتاسين. ٿڪ گهڻو هو، تنهن ڪري ڪمري ۾ اچڻ سان سمهي رهياسين. ڪمري ۾ اي سي هلي پئي. اسان کي ننڊ گهري اچي وئي ٽائيم جو پتوئي ڪو نه پيو. جڏهن جاڳ ٿي ته سج لهي ويو هو. رات ٿي چڪي هئي، وقت 8:00 ٿيا هئا، ريسٽ هائوس کان نڪتاسين پشاور شهر جون بتيون چمڪي رهيون هيون. اسان جون گاڏيون بتين جي روشنيءَ کي چيريندي اڳتي وڌي رهيون هيون. اسان کي سرحد اسيمبلي ۽ سرحد سيڪريٽريٽ ۽ وزيراعلى هائوس ، گورنر هائوس روڊ کان ڏيکاريا ويا. هي علائقو خوبصورت آهي.

پشاور چيمبر آف ڪامرس

پشاور چيمبر آف ڪامرس
اسان جون گاڏيون پشاور چيمبر آف ڪامرس جي عمارت آڏو بيٺيون مون وقت ڏٺو رات جا 8:30 ٿيا هئا. اسان کي چيمبر آف ڪامرس پشاور پاران آجياڻو ڏنو ويو آهي. اسان کي هڪ وڏي هال ۾ گول ٽيبل جو چوڌاري ڪرسين تي ويهاريو ويو. اسان جي وفد آڏو هڪ فائيل ۽ پينسل رکي وئي ۽ ڳالهائڻ لاءِ مائيڪ اسان جي سامهون هئي، چيمبر آف ڪامرس جا نمائندا به موجود هئا. چيمبرز آف ڪامرس جي وائيس پريزيڊنٽ ربنواز خان آجيان ڪئي. هن گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير اطلاعات ۽ ثقافت جناب عبدالسبحان خان به موجود هو. پروگرام جي شروعات ۾ پهريان تعارف ٿيو. سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽرن پنهنجي پنهنجي وفد جو مختصر تعارف ڪرايو. سيد ولي خيال، اڪادمي اديبات پاڪستان ۽ وفد پاران شڪريو ادا ڪيو ۽ چيمبرز آف ڪامرس سرحد وارن جا ٿورا مڃيا. چيمبرز آف ڪامرس جي نائب صدر پنهنجي تقرير ۾ اسان جي وفد کي خوش آمديد چيو ۽ سرحد صوبي ۾ صنعتي ترقي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گدون سميت سرحد صوبي ۾ پوڻا ٽي سؤ صنعتي يونٽ لڳا ويا آهن. جنهن تي 9 ارب روپيا خرچ ٿيو آهي. گدون جو علائقو پشاور کان اڍائي ڪلاڪن جي سفر تي آهي. جيڪو ڏسڻ وٽان آهي. آخر ۾ وزير اطلاعات ۽ ثقافت، سرحد حڪومت جناب عبدالسبحان خان تقرير ڪندي چيو ته اوهان مهمانن جي هتي اچڻ تي دل خوش ٿي آهي. مهمان نوازي اسان جي روايت آهي. اسان سرحد صوبي ۾ سياحت جي واڌاري لاءِ ڪيترائي اپاءَ ورتا آهن. هن صوبي ۾ ڪيتريون ئي سياحت لاءِ تاريخي جڳهون، جنت نظير واديون موجود آهن. عبدالسبحان خان جي تقرير کان پوءِ گڏجاڻي پڄاڻي تي پهتي. واپاري انجمن جي اڳواڻن کان موڪلائي گاڏين ۾ ويٺاسين اسان ريسٽ هائوس ۽ پنجابي اديبن فيڊرل لاج جي راهه ورتي.
اسان ڪمري ۾ پهتاسون رات جا 10:30 ٿيا هئا. ٿورو آرام ڪري. مون ارشاد کي چيم يار مون کي گهر فون ڪرڻو آهي. چيائين ته مان به هلان ٿو. مون کي سگريٽ وٺڻا آهن. اسين تاج جي ڪمري ۾ وياسين ادل سان ٿوري ڪچهري ڪري ريسٽ هائوس جي ڏاڪڻ کان لهي مين گيٽ کان ٻاهر آياسين. رات جو روڊ تي ٽريفڪ گهٽ هئي، ڪافي دڪان بند ٿي چڪا هئا. يا ٿين پيا. هوا ٿڌڙي گُهلي رهي هئي. سنسان رستن تي بلب جاڳي رهيا هئا ۽ اسان پنڌ هلي رهيا هئاسون، ٿورو اڳيان پوليس وارا بيٺا هئا. جيڪي هر ايندڙ ويندڙ ويندڙ کي روڪي چيڪ ڪري رهيا هئا. هنن اسان کي نه روڪيو نه ئي وري اسان هنن ڏانهن ڪو ڌيان ڏنوسين. اسان پنهنجي خيال ۾ رستي تي هلي رهيا هئاسون مان گيت ڳائي رهيو آهيان ارشاد خاموش آهي. اڳيان هڪ چوڪي آهي جتي فوٽ پاٿ تي ويٺل نوجوان ڏيهي ۽ پرڏيهي سگريٽ وڪڻي رهيو هو. ارشاد 555 ۽ گولڊليف سگريٽن جا بنڊل خريد ڪري ٿو. اسان ٻه ٽي منٽ بيهي سگريٽ وڪڻندڙ نوجوان سان ڪچهري ڪيون ٿا. هن اسان کي چانهه جي آفر ڪئي پر مون انڪار ڪيو. پر ارشاد چانهه پيئڻ جي حامي ڀري. نوجوان چانهه گهرائي ۽ ننڍڙين پيالين ۾ اوتي ڏنائين. ٿڌڙي هير جو مزو وٺي رهيا آهيون، ساڻ چانهه جو مزو به، مون ان نوجوان جي اکين ۾ پيار ۽ پهنجائپ ڏسي سمجھيو ته واقعي پٺاڻ قوم مهمانواز ۽ محبتي آهي. اسان چانهه پي ڀرسان هڪ پي سي او تي آياسين. ارشاد پهرين اسلام آباد ۾ آفتاب سومري سان ڳالهايو پئي پر خبر پيس ته هو ڳوٺ شڪاپور هليو ويو آهي. پوءِ مون سکر ڳالهايو. جتي ٻارڙن کان حال احوال ورتم. سنڌ جي اديبن جي اها حالت هئي ته ڳوٺ تقريباً روزانو ڳالهائين پيا، اسين فون ڪري هڪ خاموش گهٽي مان ٿيندا ريسٽ هائوس آياسين. اسان جڏهن ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪري رهيا هئاسين ته ڪجھه نشئي ماڻهو ڪرت ۾ لڳل هئا هو پنهنجي مستي ۾ هئا اسين پاڻ ۾ ٻئي دوست ڳالهائيندا خاموشيءَ کي ٽوڙيندا ريسٽ هائوس پهتاسين. اسين جڏهن مٿي ڪمرن ڏانهن آياسين ته ڪيترن ئي ڪمرن جون بتيون وسايل هيون. مون وقت ڏٺو 12:15 ٿيا هئا. اسين بتي وسائي سمهي پياسين.

13.5.1999 خميس
اڄ اسين ناشتي جي ٽيبل تي سڀئي دوست گڏ هئاسون ايتري ۾ ڊائننگ هال ۾ سيد ولي خيال آيو. چيائين ته سائين! گاڏيون تيار آهن ۽ پنجاب جا دوست به تيار ٿي هتي پهتا آهن. اسان تڪڙ ۾ ناشتو ڪري ٻاهر نڪتاسين ۽ گاڏين ۾ وڃي ويٺاسين. اهڙي طرح گاڏيون هليون. سيد ولي خيال ۽ اسلم خان ڪار ۾ هئا.

ريڊيو پاڪستان پشاور

ريڊيو پاڪستان پشاور
اسان پيجارو ۾ ويٺل هئاسين. صبح جو 9:5 تي اسين ريڊيو پاڪستان پشاور جي خوبصورت عمارت ۾ داخل ٿياسين. اسان کي هڪ ننڍڙي هال ۾ ڪرسين تي ويهاريو ويو. جتي هڪ قداور ڳاڙهي ڀوري رنگ وارو شخص هال ۾ آيو. جنهن جو تعارف ڪرايو ويو هي ريڊيو پاڪستان پشاور جو اسٽيشن ڊائريڪٽر نثار محمد خان آهي. نثار محمد خان اسان کي ڀليڪار ڪئي ۽ ريڊيو پاڪستان جي مختلف حصن کي گهمڻ لاءِ دعوت ڏنائين. هو ۽ ڪجھه ٻيا پروڊيوسر اسان جي اڳ ۾ هلي رهيا هئا. اسان انهن جي پويان هلي رهيا هئاسون. ميوزڪ روم، ڊرامه روم ۽ ٻيا روم ڏيکاريا ويا. آخر ۾ صاحبزاده عبدالقيوم آڊيٽوريم هال ۾ ويهاريو ويو. جڏهن ته پاڻ نثار محمد خان اسٽيج تي بيهي اسان کي ريڊيو پشاور جي نشريات ۽ انتظامي امور بابت بريفنگ ڏني. هي هال سينما هال جيڏو وڏو آهي هتي ميوزڪ پروگرامن کان سواءِ ڪانفرنس ۽ سرڪاري گڏجاڻيون به منعقد ٿينديون آهن. پشاور ريڊيو جو بنياد پهرين جنوري 1935ع ۾ انگريزن جي دور ۾ پيو. پاڪستان جي پراڻي ريڊيو اسٽيشن آهي. آخر ۾ سيد ولي خيال مهمانن جو مختصر تعارف ڪرايو ۽ ريڊيو انتظاميه جا ٿورا مڃيا. اسين هال کان ٻاهر نڪري ٻاهرين گيٽ تي آياسين سامهون يوم تڪبير جي سلسلي ۾ چاغي پهاڙ تي ايٽمي ڌماڪن وارو منظر پٿر جي بلاڪ تي پينٽ ٿي رهيو هو. يوم تڪبير ۾ ڪجھه ڏينهن باقي هئا. نثار محمد خان چيو ته جڏهن هي پٿر جو بلاڪ، پينٽ ٿي تيار ٿيندو ته ڏسڻ وٽان هوندو. اسان ريڊيو انتظاميه ۽ نثار محمد خان کان موڪلائي پيجارو ۾ ويٺاسين.

پشتو ادبي اڪيڊمي

پشتو ادبي اڪيڊمي
10:55 منٽن تي صبح جو اسين پشتو ادبي اڪيڊمي جي آفيس ۾ پهتاسين، اڪيڊمي جي لائبريري هال ۾ اسان کي ويهاريو ويو، جتي اڪيڊميءَ جي ڊائريڪٽر راج ولي شاهه خٽڪ اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، راج ولي شاهه وڏو محنتي ڊائريڪٽر آهي. هو اسان کي ڏسي خوشيءَ مان پئي نه ٿي ماپيو. ڄڻ هن جا اسين ذاتي مهمان هجون. هو پيار ۽ پاٻوهه سان پيش اچي رهيو هو. اسان کي پشتو ادبي اڪيڊمي جا مختلف حصا گهمايا ويا، پشتو ادبي اڪيڊمي جي عمارت ۾ چار پنج انتظامي ڪمرا آهن. مختصر بجيٽ مان ڪافي تحقيقي ڪتاب ڇپرايا ويا آهن. اڪيڊمي جي سڀ کان وڌيڪ مدد پشاور يونيورسٽي ڪندي آهي. اسٽاف جون پگهارون وغيره پشاور يونيورسٽي جي ذمي آهن. اسان جو مختصر تعارف سيد ولي خيال ڪرايو. هن راج ولي شاهه ۽ پشتو اڪيڊمي جا ٿورا مڃيا. راج ولي شاهه چيو ته اسان اوهان ڀائرن جا ٿورائتا آهيون جو اوهان هتي آيا آهيو. اسانکي لفظ ڪونهن جنهن سان اوهان جا ٿورا لاهجن. اسان مهمان نواز آهيون جڏهن مهمان ايندا آهن ته اکيون ٿڌيون ٿينديون آهن. آخر ۾ راج ولي شاهه وفد ۾ شامل سڀني دوستن کي ڪتابن جا سيٽ تحفي ۾ ڏنا.

پشاور يونيورسٽي

پشاور يونيورسٽي
12 وڳي منجھند جو اسين پشاور يونيورسٽي جي عمارت ۾ داخل ٿياسين اسين اتنظامي بلاڪ وٽ گاڏين مان لٿاسين جتي يونيورسٽي جي آفيسرن، پروفيسرن اسان جي آجيان ڪئي. اسين ڏاڪڻ ذريعي مٿين فلور تي پهتاسين، هن فلور تي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڪافي رش هئي. اسين انتظامي ڪمرن کان نڪري ڪانفرنس هال ۾ پهتاسين. جتي گول ميز ٽيبل ۽ ڪرسيون موجود هيون اسين ڪرسين تي ويٺاسين ڪانفرنس هال وي سي آفيس سان لڳو لڳ آهي. هال اندر مختلف وقتن تي وائس چانسلر جي عهدي تي فائز سربراهن جون تصويرون موجود هيون. ٿوري دير ۾ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر قاسم جان هال ۾ آيو ۽ سلام ڪري، هڪ هڪ اديب سان ڪرسي تي وڃي هٿ ملائي آڌر ڀاءُ ڪيائين. وائيس چانسلر جو رنگ گورو ۽ قد ۾ پورو پنو، ڳالهائڻ ۾ برجستو ۽ ذهين لڳو پئي. هو پنهنجي صدارتي ڪرسي تي ويهي سڀني دوستن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀليڪار ڪئي وفد جو تعارف قاضي جاويد ڪرايو. آخر ۾سيّد ولي خيال پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي هتي اچي خوشي محسوس ٿئي ٿي. پشاور يونيورسٽي ۾ اسان کي جيڪا عزت ملي آهي، اڪادمي اديبات پاڪستان پاران ٿورائتو آهيان. آخر ۾ يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر قاسم جان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان هتي آيا آهيو. اسان جي دل خوش ٿي آهي. اسين مهمان نواز آهيون، جيڪا اسان جي روايت آهي پشاور يونيورسٽي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪي جي تعليم کان ماسٽر ڊگري تائين تعليم کي يونيورسٽي ڪنڊڪٽ ڪري ٿي. يونيورسٽي ۾ 51 تعليمي شعبا آهن. هن يونيورسٽي جو بنياد 1913ع ۾ صاحبزاده عبدالقيوم خان جي ڪوشش سان پيو. وائيس چانسلر کان اديبن نهايت خوشگوار ماحول ۾ يونيورسٽي جي پڙهائي ۽ نصاب ۽ بجيٽ بابت سوال ڪيا. وائيس چانسلر سهڻي نموني سان جواب ڏنا، آخر ۾ وائيس چانسلر موڪلائي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو ۽ اسين ٻئي دروازي کان نڪري ٻاهر آياسين. يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڪافي رش هئي. يونيورسٽي جي تعليم جو معيار شاندار ڏسڻ ۾ آيو، استاد محنتي ۽ هوشيار پئي لڳا، اسين ڏاڪڻ کان لهي هيٺ پيجارو ۾ ويٺاسين ۽ يونيورسٽي جي حدن مان ٻاهر نڪري آياسين.

اسلاميه ڪاليج پشاور

اسلاميه ڪاليج پشاور
اسين تقريباً 1:10 منجھند جو اسلاميه ڪاليج ۾ پهتاسين. اسلاميه ڪاليج جي عمارت ڏسڻ وٽان آهي. ڪاليج اندر باغ شايد پاڪستان جي ڪنهن ٻي ڪاليج ۾ هجي، وڻڪاري ۾ ڪاليج جو اڌ حصو ڍڪجي ويو آهي، هتي ٻڌايو ويو ته باغات لاءِ رکيل فنڊ باقاعده خرچ ڪري باغن جي سونهن کي محفوظ رکيو وڃي ٿو. اسان وٽ سنڌ ۾ باغن جي پئسن کانسواءِ ڪلاسن جي مرمت، بورڊ ۽ چاڪ جا پئسا به کاڌا وڃن ٿا. اسان کي ڪاليج اچڻ تي ڪاليج جي پرنسپل مسرت حسين شاهه ڀليڪار ڪئي. اسان کي هن تاريخي ڪاليج جا مختلف حصا گهمايا ويا. جتان اسان کي ڪاليج جي لائبريري هال ۾ وٺي آيا، اسين هڪ گول ميز ٽيبل جي چوڌاري ڪرسين تي ويٺاسين، اسان جي سامهون ڪتابن جا ڪٻٽ رکيل هئا. جن ۾ ڪيئي ناياب ڪتاب ۽ تاريخي نسخا موجود هئا. هتي ڪاليج انتظاميه جا ٿورا مڃيا. آخر ۾ پرنسپال مسرت حسين شاهه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان هتي اچي اسان کي عزت ڏني آهي. تنهن لاءِ اسان ٿورائتا آهيون. مسرت حسين شاهه ڪاليج بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪاليج جي عمارت جو تعميراتي ڪم 1911ع ۾ شروع ٿيو. تقريباً 1913ع ۾ مڪمل ٿيو. هن لائبريري ۾ 80 هزار ڪتاب موجود آهن ۽ پڙهائي سخت آهي. امتحان جو رزلٽ هر سال سٺو رهي ٿو. آخر ۾ اسان کي ريفريشمينٽ ڪرائي وئي ۽ ڪتابن جا سيٽ مهمانن کي تحفي ۾ ڏنا ويا. مسرت حسين شاهه اسان کي الوداع چيو ۽ اسين پنهنجين گاڏين ۾ ويٺاسين. 2:05 وڳي اسين يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طرفان ڏنل مانجھاندي ۾ شرڪت لاءِ يونيورسٽي طرفان نئين تعمير ٿيل استادن جي بهبود لاءِ هڪ هال ۾ آياسين، هال تمام وڏو هو. هتي شادي جي تقريبن کانسواءِ ٻيون به تقريبون استادن پاران ڪيون وينديون آهن. ماني ٽيبل تي لڳي چڪي هئي، جتي يونيورسٽي جا پروفيسر ۽ وائيس چانسلر موجود هئا. مون کي خبر پئي ته وائيس چانسلر جي ڀرسان جيڪو قداور ۽ رنگ جو ڀورو شخص بيٺل آهي سو سرخ پوش رهنما ولي خان جو ڀائيٽو آهي ۽ يونيورسٽي ۾ اعلى عهدي تي فائز آهي. مون ٿورو اڳيان وڃي تاج جويو کي ٻڌايو ته تاج ماحول جو واءُ سواءُ وٺي ان قداور شخص ڏانهن وڌيو. ڀرسان بيهي چيائينس سائين مان تاج جويو سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو سيڪريٽري آهيان. ان قداور شخص تاج کي خوش آمديد چيو تاج چيس ته سائين مون به باڇا خان جا سنڌ جي دوري دوران سن ۾ هٿ ڌورايا هئا. تنهن تي ان قداور شخص تاج کي ڪافي پنهنجائپ ڏيکاري ۽ عزت ڏني. ادل سومري چيو ته تاج جي عادت آهي ته هو جتي به ويندو آهي اتي تعلقات ڪڍي وٺندو آهي. اسان يونيورسٽي جي استادن سان ڪچهري ڪئي ۽ پوءِ وائيس چانسلر کان موڪلائي ريسٽ هاؤس آياسين. 3:15 ٿيا هئا.

وزيرِ اعليٰ هائوس پشاور

وزيرِ اعليٰ هائوس پشاور
4:30 وڳي سيد ولي خيال ڪمري ۾ آيو ۽ اسان کي ننڊ مان اٿاري چيائين، سائين مهرباني ڪري جلدي تيار ٿي هيٺ اچو، ٺيڪ 15 منٽن کان پوءِ اسين وزيراعليٰ هائوس هلنداسين. سيد ولي خيال چست ۽ تيز آهي سستي برداشت نٿو ڪري. هتي سموري سفر ۾ اسلم ڀائي ۽ سيد ولي خيال پيار ۾ به ائين ٿا ڳالهائن ڄڻ ته وڙهن ٿا. هتي سڀني پٺاڻن جو لهجو تيز آهي. اسين پيجارو گاڏي ۾ ويٺاسين. گاڏي مين گيٽ کان ٽپي باچا خان چوڪ کان ٿيندي وزيراعلى هاؤس جي صدر دروازي تي پهتي. سيد ولي خيال جيڪو ڪار ۾ ويٺو هو ۽ اڳيان هو، تنهن سان ڪجھه سيڪيورٽي وارن ڳالهايو. هائوس جو مکيه دروازو اسان لاءِ کوليو ويو. اسين اندر داخل ٿياسين، وين مان لهي وزيراعلى هائوس اندر مکيه عمارت اڳيان، آڳر ۾ وڻن جي ڇانوري هيٺان موڙن تي ويٺاسين، ڀرسان مور گهمن پيا جيڪي ٽهوڪا ڪري ماحول کي رومانٽڪ بڻائي رهيا هئا. ٿوري دير ۾ اسان کي ريفريشمينٽ ڪرائي وئي. اسان جي ڪيترن ئي دوستن جون نظرون وزيراعلى جي آمد جون منتظر هيون، هڪ پوري قد جو ڳاڙهو ڳٽول شلوار قميص ۾ ملبوس، جنهن جي مُکَ تي فتح جا نشان ۽ چپن تي هلڪي مرڪ هئي، نمودار ٿيو، هن وفد جي هر فرد سان هٿ ملائي آجيان ڪئي. پنهنجو تعارف ميجر عامر ڪرايو. ميجر عامر جيڪو فوج مان هينئر جبري رٽائرڊ ٿيو آهي. وزير اعلى سرحد جو صلاحڪار آهي هو فوج ۾ حاضر سروس هيو ته هن جي حوالي سان آپريشن مڊ نائيٽ جئڪال مشهور ٿيو. 1988ع ۽ 1990ع واري دور ۾ وزيرِ اعظم محترمه بينظير ڀٽو آپريشن مڊنائيٽ جئڪال جي باري ۾ فوج جي سربراهه جنرل اسلم بيگ کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو، جنهن ۾ ليفٽيننٽ جنرل اشرف جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪرائي وئي، نتيجي ۾ ميجر امتياز سان گڏ ميجر عامر کي به نوڪري مان جبري رخصت ڪيو ويو. ان آپريشن جو انڪشاف انٽيليجنس بيورو جي سربراهه مسعود شريف ڪيو هيو. مون کي ميجر عامر جي ڏنل هڪ ٽي وي چئنل تي انٽرويو جا اهي لفظ ڏاڍا وڻندا آهن جيڪي هن اپريل 2007ع تي هڪ ٽي وي چئنل کي ڏنا ها ته ” آرمي ۽ اسٽبلشمنٽ ان پارٽي سان گڏ ناهي جنهن پارٽيءَ سان عوام گڏ آهي.“ منهنجي دل هن سان ملڻ نه پئي چاهي ڇاڪاڻ جو هو ڀٽو فئملي سان سخت نفرت ڪندو هو. ميجر عامر هڪ صوفي تي ويهي اسان کان سفر بابت حال احوال ورتا. ايتري ۾ وزيراعلى سردار مهتاب احمد خان عباسي نمودار ٿيو، جڏهن اسان ڏانهن اچي رهيو هو ته ٻه محافظ سندس پويان هلي رهيا هئا، وفد جي سڀني ميمبرن سان هٿ ملائي آجيان ڪئي ۽ ڀليڪار چيو. سردار مهتاب احمد خان عباسي، ميجر عامر سان گڏ صوفي تي ويهي رهيو، اسان کان سفر بابت حال احوال پڇيائين، وفد جو تعارف آغا نور محمد، قاضي جاويد ۽ شير محمد پاران ڪرايو ويو. وزير اعليٰ سرحد سان ڳالهائڻ وقت پنجاب جي اديبن ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪئي، جڏهن ته سنڌ جا اديب خاموش هئا. وزيراعلى ڪچهري دوران پاڪ ٽي هائوس لاهور ۾ ادبي سرگرمين بابت پڇيو، ان وچ ۾ ميجر عامر، سيد ولي خيال کي چيو ته اديبن کي ڪالام گهمائي اچو. تنهن تي سيد ولي خيال چيس ته اسان جي طئه شده پروگرام ۾ ڪالام ڪونهي صرف بحرين ۽ ميدن آهي. بهرحال پوءِ اسان کي ميدن ته ڇا صرف مينگوره کان واپس موٽايو ويو. وزيراعلى جي گفتگو دوران هڪ ڀيرو وري چانهه اسان جي اڳيان رکي وئي، اسان چانهه پي رهيا هئاسون، وزيراعلى پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اديبن جو هي قافلو امن محبت جو قافلو آهي. صوبو سرحد جيڪو مهمان نوازي جي تاريخ رکي ٿو. هتي اچڻ سان اسان کي خوشي ٿي آهي. اسان اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا. مون پنهنجي حڪومت جي اعلى عملدارن کي چئي ڇڏيو آهي ته اديبن جي وفد کي سرڪاري پروٽوڪول ڏنو وڃي ۽ هو جتي به وڃن اُتي انهن جي آجيان ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ليکڪ پنهنجي لکڻين ذريعي قوم کي ايڪويهين صديءَ جي چئلنجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ڪن. ليکڪن کي الله تعالى اعلى تخليقي صلاحيتن سان نوازيو آهي اهي پنهنجي صلاحيتن کي قومي مفاد لاءِ ڪتب آڻين، اديب معاشري جي درست رهنمائي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ۽ هر شعبهءِ زندگي ۽ عوامي سوچ ۾ مثبت تبديلي آڻڻ هن وقت جي اهم ضرورت آهي. ان حوالي سان اديب معاشري ۾ پنهنجو مؤثر ۽ فعال ڪردار ادا ڪري ملڪ ۽ قوم کي سگهارو بنائي سگهن ٿا. وزيراعلى صاحب جي ڳالهائڻ کان پوءِ سيد ولي خيال پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مان اڪادمي اديبات پاڪستان طرفان وزيراعلى سرحد جناب سردار مهتاب احمد خان عباسي جو دل سان شڪريو ادا ڪيان ٿو. جنهن پاڪستان جي مختلف صوبن کان آيل اديبن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو. وزيراعلى صاحب موڪلائڻ وقت سڀ کي سلام ڪيو ۽ هليو ويو ساڻ ميجر عامر به هليو ويو پوءِ اسين به روانا ٿياسين. اسان کي مڪمل سرڪاري پروٽوڪول سان وزيراعلى هائوس مان روانو ڪيو ويو. وقت شام جا 6:10 ٿيا هئا.
پنجاب وارا دوست خبر ناهي ڪيڏانهن ويا. اسين شهر جو گشت ڪرڻ نڪتاسين، عمرحيات ڊرائيور اسان کي شهر گهمائي رهيو هو اسان يادگار چوڪ تي پهتاسين. هي چوڪ مشهور آهي. شام وقت ماڻهن جي رش هئي، هن چوڪ تي لياقت علي خان تي حملو ٿيو هو. اسان قصه خواني، خيبربازار سميت شهر جا ٻيا حصا گهمياسين.

صوفي شاعر رحمان بابا

صوفي شاعر رحمان بابا
عمر حيات اسان کي پشاور شهر جي ٻاهران حضرت رحمان بابا جي مزار ڏانهن وٺي ويو. رحمان بابا جي مزار شهر کان ٻه ميل پري آهي. پيجارو مسجد واري پاسي کان مين دروازي تي بيٺي. اسين هيٺ لٿاسين گيٽ ٽپي هڪ وڏي ميدان تي آياسين جتي ڪجھه صوفي فقراءَ رحمان بابا جا راڳ ڳائي رهيا هئا. ڀرسان هڪ صوفي فقير، رحمان بابا جي حياتي ۽ شاعري بابت ڪتابڙا وڪڻي رهيو هو.
صوفي عبدالرحمان پشتو زبان جو عظيم بزرگ شاعر آهي. جيڪو رحمان جي نالي سان مشهور آهي. جنهن 1632ع (1042هجري) ۾ عبدالستار مهمند جي گهر ۾ جنم ورتو. هن صوفي درويش 1128 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار هزار خاني ڳوٺ ۾ آهي، جيڪو پشاور شهر کان ٻه ميل ڏکڻ طرف آهي. پاڻ فقهءِ تصوف جي تعليم ان وقت جي عالمِ دين مولانا حضرت يوسف زئيءَ کان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ پاڻ ڪوهاٽ مان ديني تعليم حاصل ڪيائون.
جب وہ محبوب دل و جان ملا ہے مجھ کو
مخزن گوہر و مرجان ملا ہے مجھ کو
ساری دنیا میری ہوجائے تعجب کیا ہے
ساری دنیا کا جو سلطان ملا ہے مجھ کو
اک نفس وصل بھی مجھ کو جو ملا ہے اس کا
عیوض محنت ھجراں ملا ہے مجھ کو
چَاہ اس وصل میں گذری ہے قیامت مجھ پر
میں کہوں گا بہت آسان ملا ہے مجھ کو


جو بزم عشق میں مطرب کوئی اٹھائے رباب
وہ میری دل پہ سجیلے سروں کا لائے عَذاب
جو کار خیر ہو اپنے مفاد کی خاطر
اگر چہ نیک عمل ہے مگر نہیں ہے ثواب


دا زما یار جلوا دہ چی لیدۂ شی
لکہ نمَر پَہ صومعہ دسومنَات
(منهنجي يار جو جلوو جيڪو نظر اچي ٿو
اهو سومناٿ جي مناري تي سج جي روشنيءَ وانگر آهي)

نَہ آغوش رحمان مَرو بارقیب
کہ این سفلہ بدخوئی بد ذات ہے
(رحمان جي ڀاڪرن مان نڪري غير سان گڏ نه وڃ،
اهو بيوقوف، بدخصليت ۽ بد ذات آهي)

اسان ڪجھه دير راڳ ٻڌوسين. پر راڳ پشتو ۾ هو، تنهن ڪري صرف ڌن جو مزو پئي ورتوسين. ڌن مزيدار هئي، ڪجھه وقت فقيرن سان گڏ زمين تي پلٿي ماري راڳ ٻڌڻ ۾ شريڪ ٿياسين، هنن جي صوفياڻي راڳ ۾ وڏي لئي هئي، اسان سڀ خاموش ٿي رحمان بابا جي ڪلام کي ٻڌوسين. اُتان اٿي ڪتابَ خريد ڪيا. اسين اڳتي مزار اندر وياسين، مزار چؤطرف ويڪري آهي، اندر ڪا به سوڙهه ڪانهي. گولائي ۾ سنگ مرمر پٿر سان ٺهيل جديد شاندار عمارت آهي. آواز پڙاڏو ٿي رهيو آهي. اسان سڀني رحمان بابا جي مزار تي سنڌ ۽ سرحد جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ دعا گهري. رحمان بابا جي مزار جي سيراندي کان رکيل تغاريءَ مان لوڻ کڻي کائڻ سان مراد پوري ٿئي ٿي. اسين مزار کان ٻاهر نڪري وڏي ميدان تي آياسين. جتي ٿڌڙي هوا اسان کي رحمان بابا جي شاعري ٻڌائي جھومائي رهي هئي، سنگ مرمر تي گهمڻ سان پيرن ۾ ٿڌاڻ جو احساس ٿيو. هوڏانهن پشتو صوفياڻو راڳ هلي رهيو هو. پيرن نچڻ جي ڪوشش ڪئي. نچڻ جي حوالي سان تاجل بيوس ڏاڍو ياد آيو. جنهن سان دل ڳنڍير وانگر ڳنديل آهي. اسان جڏهن مزار جي ٻاهرين دروازي کان نڪري رهيا هئاسون ته پنجاب ۽ بلوچستان جا اديب به اچي پهتا. هڪ ٻئي کي کلي کيڪاريوسين ۽ سلام ڪيوسين. اسان پيجارو ۾ ويٺاسين. پيجارو ريسٽ هائوس تي اچي ڇڏيو.

خيبر بئنڪ طرفان نارٿ ويسٽ هيريٽيج هوٽل ۾ آجياڻو

خيبر بئنڪ طرفان نارٿ ويسٽ هيريٽيج هوٽل ۾ آجياڻو
رات جا 8:45 ٿيا آهن. تاج ڪمري ۾ آيو چيائين يار! اڃا تيار نه ٿيا آهيو ؟جلدي ڪيو سيد ولي خيال ۽ ٻي سنگت هيٺ بيٺي آهي. ٿوري دير ۾ اسين گاڏين ۾ ويٺاسين. 9:00 وڳي اسين نارٿ ويسٽ هيريٽيج هوٽل تي پهتاسين. آءٌ رسيپشن تي آيس ٻيا دوست مٿي هليا ويا. جتي ڊنر جو بندوبست هو، رسيپشن تي ويٺل هڪ همراهه کي گذارش ڪئي ته يار ٽي وي تي خبرون ٻڌڻيون آهن. هن مون کي ڪمري جي چاٻي ڏني، هڪ بيرو به ساڻ ڏنائين. جنهن ڪمرو کولي ٽي وي هلائي ڏني. ٿوري دير ۾ آغا نور محمد، تاج جويو، ارشاد، لياقت جوڻيجو ۽ فرحان ڪمري ۾ آيا. خبرون هلي رهيون هيون، ٿوري دير ۾ ٽي وي تان وزيراعلى سرحد سان ٿيل ملاقات جي خبر هلي ۽ ساڻ تصوير به، منهنجي تصوير ۽ پنجاب جي اديبن جون صاف تصويرون آيون. اسين ڏاڍا خوش ٿياسين. ارشاد کلي ٽي وي تي تصوير نمايان اچڻ تي مبارڪ ڏني ۽ چيائين ته ٻين جا منهن ئي لهي ويا اٿئي يار! مان ٽهڪ ڏئي اڳتي وڌيم، ڪمري کان ٻاهر نڪري مٿي هال ۾ آياسين. اوپن ايئر هال ۾ سرحد صوبي جي ثقافت جون شيون موجود هيون. پشتو ۾ راڳ هلي رهيو هو. طبلي تي هڪ پشتون لباس ۾ ملبوس راڳي ٺاهوڪي ڌن هنئي هئي. جنهن تي پروفيسر غلام رسول آزاد صاحب نچي رهيو هو. آزاد صاحب ٻين دوستن کي آفر ڪئي ته هو به ناچ ۾ شريڪ ٿين. غلام رسول جي خواهش تي طبلچي پنجابي ڌن هنئي ۽ آزاد صاحب ڀنگڙا ناچ نچي رهيو هو. طبلي جي ٿاپ تي اسان به جھومي نچي رهيا هئاسين. مان ادل سومرو ۽ آغا نور محمد، ارشاد، تاج جويو، لياقت ۽ فرحان ڪوڙل مٿي ٺهيل اسٽيج تي طول وهاڻا ڏئي ويٺاهئاسون. ڀرسان گلن جون ڪونڊيون رکيل هيون. گلن مان اسين واس وٺي رهيا هئاسون. هيٺ ڪرسين تي پنجاب جا اديب ويٺل هئا. افغاني کاڌا اسان جي اڳيان رکيا هئا. اسان جي اڳيان چپلي ڪباب، مڇي، چڪن تڪا، مٽن روسٽ جيڪي ٺڪر جي ننڍڙي ڪنين ۾ ڍڪيل هئا. هي ڊنر اسان جي مان ۾ خيبر بئنڪ وارن ڏني هئي. اسان جو مختصر تعارف بئنڪ جي آفيسرن سان ڪرايو ويو، خيبر بئنڪ طرفان آجيان ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر محسن ۽ ٻيا بئنڪ آفيسر شامل هئا. ڊاڪٽر محسن صدارتي ڪرسي تي ويٺل هو. محسن صاحب ناڻي بابت اعلى ڊگري حاصل ڪئي آهي. هن اسان کي خيبر بئنڪ بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته خيبر بئنڪ اڪائونٽ هولڊرن جي خدمت کان سواءِ عوام جي ترقيءَ ۽ ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ به سرحد سرڪار جو ساٿ ڏئي ٿي. ڊاڪٽر محسن علم ۽ ادب جو به گهڻ گهرو آهي. هن پنهنجي مختصر لفظن ۾ وفد جي پشاور اچڻ تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اديب قوم جي تقدير سنواريندا آهن. اهڙا مطالعاتي دورا هئڻ سبب سٺا رابطا پيدا ٿيندا. محبتون وڌنديون. ڊاڪٽر محسن صاحب جي تقرير کان پوءِ سيد ولي خيال ڪرسي تان اٿي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اڪادمي اديبات پاڪستان طرفان خيبر بئنڪ جي سربراهه ڊاڪٽر محسن صاحب جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. جنهن اسان کي عزت ۽ مانُ ڏنو. آخر ۾ ڊاڪٽر محسن صاحب اسان سڀني کان موڪلايو. آسمان ۾ تارا ٽم ٽم ڪري رهيا هئا. موسم ۾ ٿڌاڻ هئي، اسان نارٿ ويسٽ هيريٽيج هوٽل مان ٻاهر نڪري پيجارو ۾ ويٺاسين ٿوري دير ۾ ريسٽ هائوس پهتاسين ۽ سمهي پياسين.

914.5.199 جمعة المبارڪ
اڄ صبح جو سوير هميشه وانگر ڪوئل جي ڪوڪ تي اک کلي. دري کولي باغ ڏانهن نهاريم ڪوئل جو مٺڙو آواز ائين لڳو، ڄڻ اڌ رات جو سَکي، سنهڙي آواز ۾ سڏيندي بيدار ٿيڻ لاءِ چئي رهي هجي. مان ڪرسيءَ تي اکيون ٻوٽي ڪوئل جي ڪوڪ کي ٻڌندو رهيس. اوچتو ڪمري جو در کڙڪيو، مون دروازو کوليو ته تاج هو. چيائين، تيار آهين؟ چيم هائو، تاج ڪمري مان هليو ويو، ڪمري ۾ گهڻي ٿڌاڻ هئڻ ڪري اي سي کي بند ڪيم. اسان تيار ٿي هيٺ ڊائننگ هال ۾ پهتاسين، جتي محسن ڀوپالي، آغا نور محمد، خيال آفاقي ناشتو ڪري رهيا هئا. اسان به سلام ڪري ويهي رهياسين. سامهون پيجارو تيار بيٺي هئي. ايتري ۾ پنجاب جا ساٿي به اچي پهتا، ساڻ سيد ولي خيال ڪار ۾ اچي پهتو. مون ارشاد کي چيو ته پيارا پيجارو ۾ نه ويهنداسين. پنجابي اديبن جي ويگن ۾ ويهنداسين. اها خلاصي ۽ آرامده آهي. ارشاد کي منهنجي صلاح وڻي، اسان پنجاب جي ساٿين سان ويٺاسين. گاڏين جو قافلو ريسٽ هائوس کان سوات لاءِ روانو ٿيو. گاڏيون باچا خان چوڪ کان مڙي چارسده روڊ تي ڊوڙڻ لڳيون. مون وقت ڏٺو صبح جا 7 ٿيا هئا. اسان جو قافلو 7:30 وڳي چارسده شهر مان لانگهائو ٿيو هن شهر کان ٻاهران ڊيره ولي ڳوٺ آهي جيڪو خان عبدالولي خان جو ڳوٺ آهي. سياست جي حوالي سان چارسده مکيه شهر آهي. آفتاب شيرپائو جو ڳوٺ به هن علائقي ۾ آهي. اسين شهر مان نڪري اڳتي نڪري آياسين. اڳيان رڄڙ، تخت ڀائي کان ٿيندا 8:00 وڳي صوابي ۾ پهتاسين. صوابي شهر منهنجي اباڻي شهر نئون ديرو جھڙو آهي. روڊ سان لڳ آهي. تنهنڪري صوابي شهر جي اهميت آهي. اسين 8:10 تي شير ڳڙهه شهر ۾، 8:25 تي سخه ڪوٽ شهر ۾، 8:35 تي درگئي شهر ۾ پهتاسين.

وادي سوات جو دورو

وادي سوات جو دورو
سوات جي وادي پشاور کان 170 ڪلوميٽر ۽ اسلام آباد کان 254 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، هيءَ وادي 8788 اٺَ هزار ستَ سو اٺاسي چورس ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڦهليل آهي. درگئي شهر وڏو شهر آهي، پشاور کان درگئي تائين زميني علائقو آهي. درگئي کان مالاڪنڊ ڊويزن جي حد شروع ٿئي ٿي. ساڻ پهاڙي سلسلو هتان کان شروع ٿئي ٿو. ارشاد، مان ۽ پشاور ۾ اڪادمي ادبيات جو اسسٽنٽ محمد علي وين جي آخري سيٽن تي ويٺل هئاسون. اسان آرام سان سفر ڪري رهيا هئاسون. مون کي کاٻي پاسي کان کڙڪي واري سيٽ ملي، محمد علي اسان کي مالاڪنڊ ڊويزن جي علائقن جي ڪافي ڄاڻ ڏني. اسان جون گاڏيون هينئر وهنتل شفاف پهاڙن جي وچ مان گذري رهيون هيون. رستي تي ٽرئفڪ جي اچ وڃ تمام گهڻي هئي. 9:45 تي اسين بٽخيلا مان گذري رهيا هئاسون. بٽخيلا لاءِ محمد علي ٻڌايو ته هي شهر خوبصورت آهي. ۽ شهر جي بازار ڊگهي آهي. جنهن لاءِ ٻڌايائين ته هي بازار ايشيا کنڊ جي وڏي ۾ وڏي بازار آهي. چپلن جا دوڪان، خشڪ فروٽ جا دڪان، روڊ جي ٻنهي طرفن کان آهن. شهر به وڏو آهي ۽ پهاڙ تي آهي. بٽخيلا ۽ درگئي وچ ۾ هڪ هوٽل ڀرسان گاڏيون رُڪيون، اسان سڀئي هيٺ لهي هوٽل ۾ ويٺاسين. هوٽل غريباڻو هو، هوٽل جو مالڪ پ پ پ جو خاص رڪن هو. هوٽل ۾ بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ اڳوڻي وفاقي وزير حنيف خان جا فوٽو لڳل هئا. اتي اسين پڪوڙا کاڌا ۽ پيپسي بوتل پيتي. هوٽل ۾ ڊش تي واسٽ چينل هلي رهيو هو. اسين ڪجھه وقت اتي ساهه پٽي اڳتي سفر لاءِ نڪتاسين.

سيدو شريف ۽ ميوزم

سيدو شريف ۽ ميوزم
10:15 تي مالاڪنڊ ڊويزن جي هيڊ ڪوارٽر سيدو شريف ۾ پهتاسين. سيدو شريف پهاڙن جي چوٽيءَ تي هڪ آئيڊيل شهر آهي، شهر جا رستا صاف ۽ وڻن سان ڍڪيل آهن، اسان کي سيدو شريف جي ميوزم ڏانهن وٺي هليا. اسان جون گاڏيون ميوزم جي ٻاهرين گيٽ تي رڪيون. اسان جوتا لاهي، ميوزم اندر داخل ٿياسون. هن ميوزيم جو بنياد 1963ع ۾ ملڪ جي اڳوڻي صدر ايوب خان وڌو. هن ميوزيم جا ٻه ٽي انتظامي ڪمرا آهن باقي گهڻو ڊگهو هال آهي. جيڪو ٻين حصن ۾ ورهايل آهي هن هال ۾ مهاتما ٻڌ ۽ اشوڪا اعظم جا ناياب مجسما آهن، جيڪي ڏسڻ وٽان آهن. ساڻ گنڌارا آرٽ جون ناياب مورتيون شيشن جي ڪٻٽن ۾ سجايل آهن. خاص ڪري پٺاڻ قوم جي تهذيب، رهڻ جا ڪمرا، لباس ۽ زيور، بندوقون، پستول وغيره رکيل آهن. اتي جڏهن مان پٺاڻ عورت جي مجسمي کي ڏسي رهيو هوس. ته شوڪت مغل پويان هڪل ڪري چيو منگي صاحب عورت کي ايترو غور سان نه ڏس. هيڏانهن پاسي ۾ نهار پٺاڻ تلوار ۽ بندوق ڀريو توکي ڏسي بيٺو. مون اوڏانهن نهاريو ته واقعي هڪ پٺاڻ جو مجسمو ڏمريو بيٺو هو، جيڪو پنهنجي عورت جي نگهباني ڪري رهيو هو، مون کڻي منهن ٻئي پاسي موڙي ڇڏيو، ان کان سواءِ ٻيا قيمتي مجسما شيشي جي ڪٻٽن ۾ محفوظ هئا. محمد علي ٻڌايو ته 1994ع ۾ جنرل نصيرالله بابر جڏهن وفاقي وزير گهرو کاتو هو ته هن ذاتي ڪوشش وٺي هن ميوزيم جي تعمير لاءِ فنڊز مهيا ڪرايا، جنهن جي بدولت هي خوبصورت ميوزيم اسان جي اڳيان آهي، اسان ميوزم کان ٻاهر نڪتاسين ته تاج جو بوٽ گم هو، تاج رڙيون ڪيون، اڙي منهنجو بوٽ! منهنجو بوٽ! پر ٿيو ائين جو ٻيا وزيٽر جيڪي اسان کان اڳ ۾ ميوزيم کان ٻاهر نڪتا هئا. تن مان ڪو هڪ ڀُل مان تاج جو نئون بوٽ پائي ويو ۽ پراڻو ڇڳل بوٽ رکي ويو. تاج کي بوٽ ادل جو هو، ڇاڪاڻ جو تاج جو اصل بوٽ پراڻو هو، جيڪو طورخم واري سفر دوران ڇڄي پيو هو. تنهن ڪري ادل کان اڄ صبح جو ئي اُڌارو ورتو هئائين سو به وڃائي ڇڏيائين. بهرحال تاج اهو ڇڳل بوٽ پائي ٻاهر نڪتو. اسين به ڪڍ ٻاهر نڪتاسين.

جھانزيب پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج

جھانزيب پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج
اسان جون گاڏيون سيدو شريف شهر مان گهمنديون جهانزيب پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج جي عمارت اندر داخل ٿين ٿيون. اسين هيٺ لٿاسون. اسان کي ڪاليج ۾ اچڻ تي ڪاليج جي پرنسيپال سرزمين خان ڀليڪار ڪئي. ڪاليج جي عمارت خوبصورت ۽ وڻن سان ڍڪيل آهي، موسم سٺي آهي، جھڙالا ڪڪر اسان جي مٿان گهمي رهيا هئا. اسين پرنسپال صاحب جي آفيس ۾ ويٺاسين. اسان کي پرنسپال سرزمين خان پنهنجو ۽ پنهنجي اسٽاف جو مختصر تعارف ڪرايو. ساڻ پروفيسر ارماني جو به تعارف ڪرايائين. پروفيسر ارماني هينئر تعليم کاتي مان استاد جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو آهي. هو هڪ سٺو اديب ۽ دانشور، گهڻ ڳالهائو آهي.
سرزمين خان ڪاليج بابت ٻڌايو ته هن ڪاليج جو بنياد 1952ع ۾ ميان گل عبدالودود خان وڌو، جيڪو سوات رياست جو والي هو. هن ڪاليج ۾ هڪ وڏو هال آهي. جيڪو 1968ع ۾ تعمير ٿيو، جنهن جو نالو ودوديه هال آهي. هن هال ۾ 1270 شاگردن جي ويهڻ جي گنجائش آهي. اسان کي اهو هال ڏيکاريو ويو. آخر ۾ سرزمين خان اديبن جي آمد تي شڪريو ادا ڪيو. تنهن کان پوءِ سيد ولي خيال چيو آءُ اڪادمي اديبات پاڪستان پاران سرزمين خان جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. جنهن اسان کي هتي اچڻ جي دعوت ڏني. اسان کي ريفريشمينٽ ڪرائي وئي. ريفريشمينٽ وقت پروفيسر ارماني ٻڌايو ته والي سوات جھانزيب خان ۽ سندس خاندان جو سياسي، سماجي ۽ علمي خدمتون قابل تعريف ۽ نه وسارڻ جوڳيون آهن. هن علائقي جي قومي توڙي صوبائي اسيمبلي ۾ هنن جو خاندان ئي چونڊجي ايندو آهي. هن خاندان جو سرحد صوبي ۾ وڏو اثر رسوخ آهي. هن وقت ميان گل اورنگزيب، گورنر بلوچستان ۽ عدنان اورنگزيب، قومي اسيمبلي ۾ ميمبر آهن. هي ڪاليج ۽ ٻيا فلاحي ادارا هن خاندان جي فلاحي ڪمن جو اعتراف آهن. آخر ۾ پرنسپال ڪاليج مئگزين سميت ٻين ڪتابن جا سيٽ ڏنا. آخر ۾ ڪاليج جا مختلف حصا گهمي ڏٺاسين ۽ ڦوٽو گرافي ڪئي.

ڪمشنر مالاڪنڊ ڊويزن

ڪمشنر مالاڪنڊ ڊويزن
12:00 وڳي اسين ڪمشنر مالاڪنڊ ڊويزن جي آفيس ۾ پهتاسين. منجھند جو وقت هو آفيس ۾ ڪافي گهما گهمي هئي. ائين ڪو نه هو، جيئن اسان وٽ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جي آفيسن ۾ وٺ وٺان لڳي پئي هوندي آهي. مون ڏٺو ته آفيس ۾ ڪم سان ايندڙ هر ماڻهو خوش هو. ڪا پريشاني يا ڀڄ ڀڄان ڪا نه هئي. اسان کي ڪمشنر جي آفيس ۾ ويهاريو ويو. پر ڪمشنر راز محمد خان سرڪاري ميٽنگ جي حوالي سان پشاور وڃي چڪو هو. ڊپٽي ڪمشنر، شاهه صاحب اسان کي ڀليڪار ڪئي. شاهه صاحب سنهڙو سيپڪڙو، قد جو هلڪو نوجوان آهي. اسان جو مختصر تعارف ڪرايو ويو. هن پنهنجي مختصر آجياڻي ۾ چيو ته اسان کي اوهان جي خدمت ڪندي خوشي ٿئي ٿي. هن علائقي ۾ مهمان نوازيءَ کي هتان جا ماڻهو ڀلو ڀاڳ سمجھن ٿا. اسان سرڪاري طور اوهان کي پنهنجي ايجنسي ۾ مڪمل پروٽوڪول ڏنو آهي. ذاتي طور تي مون کي خوشي ٿي آهي جو اوهان ملڪ جا ڏاها اديب هن علائقي ۾ اسان جا مهمان بڻيا آهيو. اديب قومن جي تقدير سنواريندا ۽ سُڌاريندا آهن. شاهه صاحب بريفنگ دوران ٻڌايو ته پوري ڊويزن ۾ 42 لک آبادي آهي. هن ڊويزن ۾ ڇهه ضلعا، بونير، اپردير، لوئردير، سوات، چترال، شانگلا شامل آهن. ڇهه ضلعا خوبصورتي جي لحاظ کان جنت نظير آهن ۽ دنيا جا سياح هتي اچن ٿا. هي علائقا سياحت جي حوالي سان وڏي اهميت رکن ٿا. هو جڏهن ڳالهائي رهيو هو ته ٻاهر ڊگهن وڻن تان ڪوئل ۽ پکين جون لاتيون اسان کي ٻڌجڻ ۾ پئي آيونڊپٽي ڪمشنر جي بريفنگ کان پوءِ اديبن پاران سوال جواب ڪيا ويا. اهي به اڪثر پنجاب جا دوست سوالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا هئا. باقي اسين سنڌ ۽ بلوچستان جا اديب ٻڌون پيا. سرحد صوبي واري سموري سفر ۾ اسان هميشه ڪنن کان ڪم ورتو، باقي زبان بندهئي. چوڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه هوندي به نه چئي سگهندا هئاسون. آخر ۾ سيد ولي خيال پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مان اڪادمي ادبيات پاڪستان ۽ اديبن پاران جناب راز محمد خان ڪمشنر مالا ڪنڊ ڊويزن ۽ شاهه صاحب ڊپٽي ڪمشنر سوات جو ٿورائتو آهيان، جنهن اسان کي هتي مان ڏنو ۽ عزت بخشي. اهڙي طرح اسين ڊپٽي ڪمشنر کان موڪلائي ٻاهر آياسين، موسم ٿڌي هئي. اسين چنار ۽ صنوبر جي ڊگهن وڻن هيٺيان ٿڌڙي هوا جو مزو پئي ورتوسين ٿوري دير ۾ اسين وين ۾ ويٺاسين، وين هلي ٿي اڳيان پوليس موبائيل گاڏي پروٽوڪول ڏئي اسان کي مرغزار ڏانهن وٺي پئي هلي. اسين سيدو شريف شهر جو وين مان درشن ڪري رهيا هئاسين شهر جي رستن تي عورتون گهٽ آهن. باقي مرد ئي مرد ها. جيڪي عورتون رستن تي نظر آيون اهي برقعي ۾ ڍڪيل هيون. منهنجي ڀرسان وين ۾ ويٺل پروفيسر ارماني کان مون پڇا ڪئي ارماني صاحب ”هتان جي خاص ڳالهه ڪهڙي آهي؟“ جواب ڏنائين ته سائين هتان جي خاص ڳالهه عورت جو پردو آهي. ٻيو آهي هتان جو شرعي نظام. اهو جواب ٻڌي وري مان وين جي دريءَ ڏانهن منهن ڪري شهر جي عمارتن کي ڏسندو رهيس. اسان جون گاڏيون تيزيءَ سان پهاڙن جي وچ مان ڊوڙنديون رهيون.

مرغزار وائيٽ پئلس

مرغزار وائيٽ پئلس
ٿوري دير ۾ اسان جون گاڏيون مرغزار وائيٽ پئلس جي مين گيٽ تي پهتيون. اسين هيٺ لٿاسين، ڊگهي پهاڙي سلسلي جي وچ ۾ ائين محسوس ڪيو ته اها بلڊنگ ائين آهي، جيئن ڪنهن پيالي ۾ ڪا شيءِ پيل هجي ۽ ديوتائن جي زماني ۾ جيئن پرين جو محل هجي، پري کان ڪهي ايندڙ پانڌيئڙا هنن جي سفيد محل ۾ رات جو جام پي هنن جي حسين ٻانهن ۾ آرام ڪندي خوابن جي دنيا ۾ هليا ويندا هجن. خوبصورت ۽ وهنتل شفاف پهاڙ برف سان چمڪي رهيا هئا. ڊگها ۽ سنها وڻ پنهنجي حيثيت ۽ بقا جو احساس ڏياري رهيا هئا. سرد هوا جا جھوٽا اسان کي جھومائي رهيا هئا. اسين مرغزار وائيٽ پئلس جون چاڙهيون مٿي چڙهي رهيا هئاسين، مرغزار مينگوره شهر کان هڪ ڪلاڪ جي پنڌ تي آهي. مرغزار واديءِ سوات جي هڪ الڳ سوڙهي ۽ سرد وادي آهي. رستو به سوڙهو آهي. جيڪو مينگوره کان پندرهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. مينگوره ۽ سيدو شريف کان ٻه سڙڪون مِلي هڪ جاءِ تي گڏ ٿين ٿيون. جيڪا سڙڪ وائيٽ پئلس (سفيد محل) تي ختم ٿئي ٿي. سفيد محل هن وقت سرڪاري ٽوئرزم واري اداري کي ڏنل آهي ۽ هوٽل آهي. جتي ٻاهران ايندڙ مهمان اچي سُڪون حاصل ڪندا آهن. 1969ع ۾ سفيد محل کي عام ماڻهن لاءِ کولي هوٽل جو درجو ڏنو ويو. هي هوٽل محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت خلاف تحريڪِ عدم اعتماد دوران قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن کي (قيد) رهائش طور ڏنو ويو هو. جتان ٻه پٺاڻ اسيمبلي ميمبر هن محل مان نڪري مٿانهين پاسي کان پهاڙ جون اونچيون چوٽيون ٽپي ڀڄي نڪتا هئا. عام ماڻهو ان رستي کان ڪو سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي ته ڀڄي نڪري. هي رستو ڏکيو ۽ موت مار آهي. اسين سفيد محل وٽ پهتاسين. هي محل جيئن ته سنگ مرمر سان جوڙيل آهي، تنهنڪري هن کي سفيد محل جو نالو ڏنو ويو. محل 1941ع ۾ ٺهي راس ٿيو، هن محل جي اڏاوت ۾ هندوستان مان سامان گهرايو ويو، والي سوات ميان گل عبدالودود خان هي محل گرمين جا ڏينهن گذارڻ لاءِ پنهنجي لاءِ ٺهرايو هو. هن محل جي چوڌاري ايلم پهاڙي سلسلو شروع ٿئي ٿو. جنهن جي بلندي ڏهن کان يارهن هزار فوٽ آهي. هنن پهاڙن پٺيان مشهور روحاني فقير (پير بابا) جي مزار آهي. اسين ڪجھه وقت سفيد محل جي اڳيان بئنچن تي ويهي رهياسين، مان ڪجھه وقت اکيون بند ڪري بئنچ جي ڪناري تي مٿو ٽيڪي آرام سان ليٽي پيس. ڪڪر اسان کان هيٺ هئا. يا وري ڪڪر اسان جي بدن کي ڇُهندا اڳتي نڪري پئي ويا. مان هتي ڪجھه ڀٽائيءَ جا بيت جھونگاريا ايتري ۾ محمد علي مون کي ڪُلهي تي هٿ رکي چيو سائين ڪهڙن خيالن ۾ گم آهيو؟ مون بئنچ تان اُٿي ناياب پٿرن جي دوڪان تي اچي پٿرن کي جاچڻ شروع ڪيو. جتي مختلف قيمتي پٿرن جون قيمتون معلوم ڪيون. پٿر نهايت سستي اگهه ۾ مِليا پئي. هر قسم جي ناياب پٿرن سان جڙيل هار ۽ منڊيون موجود هيون. هڪ ٻئي دوڪان تي عورتن جا والا، ڪڙا، هار، پٿرن جا ٺهيل موجود هئا. هتي قيمتي پٿر سنگ مرمر، چن جو پٿر ۽ زمرد جا وڏا زخيرا موجود آهن. هن علائقي ۾ زمرد جا زخيرا وڏي تعداد ۾ آهن. زمرد جون کاڻيون مينگورا، گوجرڪلي، سموزئي، چارباغ ۾ آهن. محمود غزنوي هندستان تي قبضي کان پوءِ سوات تي حملو ڪيو. جتي هن راجا جئه پال کي شڪست ڏني.
مون اتان پنهنجي ٻارڙن لاءِ پٿر جا والا ۽ ڪڙا خريد ڪيا. اسين سرد هوائن جا جھوٽا کائي وڃي ويگن ۾ ويٺاسين.

گلڪده سرڪٽ هائوس سيدوشريف

هڪ حسين بلند ۽ خاموش واديءَ مان تيزيءَ سان نڪري واپس سيدو شريف ۾ سرڪاري گلڪده سرڪٽ هائوس تي پهتاسين. سرڪٽ هائوس جي عمارت شاندار ۽ وڻن سان ڍڪيل آهي اڳيان هڪ لان آهي. هي تاريخي خوبصورت عمارت ڏسڻ وٽان آهي. سرڪٽ هائوس جي انچارج حڪمت الله وزير اسان جي آجيان ڪئي. هتي اسان جي مانجھاندي جو بندوبست ڪمشنر مالا ڪنڊ جي پاران ڪيو ويو هو. مون ماني کائڻ کان بهتر سمجھيو ته تازو فروٽ نوش ڪريان. اتي اسان کان تاثرات بڪ تي تاثرات لکرايا ويا. اسين سرڪٽ هائوس مان نڪري مينگوره شهر جي لاءِ نڪتاسين.

مينگوره

مينگوره
مينگوره شهر وادي سوات جو مرڪزي تجارتي شهر آهي. مينگوره کان وادي سوات جي سياحت شروع ٿئي ٿي. مالم جبه، بحرين، ميدن، ڪالام، ڪاغان وڃڻ لاءِ هتان کان رستو نڪري ٿو، مالاڪنڊ ڊويزن جي ترقيءَ جو وڏو راز درياءِ سوات آهي. جنهن جي ڪنارن تي زراعت ٿئي ٿي. مينگوره جي بازار تمام ڊگهي آهي. هن شهر ۾ هڪ وڏو بس اسٽاپ آهي. جتان پوري ملڪ جي سفر لاءِ گاڏيون هلن ٿيون. بس اسٽاپ، مينگوره ويندي، ساڄي هٿ تي آهي. بازار ۾ سواتي ٽوپين کان سواءِ خشڪ فروٽ، قيمتي پٿرن جا دوڪان. جوتن جا دوڪان ۽ ڪيترائي هوٽل آهن. هن شهر ۾ اڪثر سياح اچي هوٽل جون رونقون وڌائين ٿا. شهر جي کاٻي پاسي کان خوبصورت سوات ندي وهي ٿي. جنهن جي ڪناري تي فصل ٿئي ٿو. نديءَ جو پاڻي تيز ۽ تمام ٿڌو آهي. اسان جون گاڏيون بازار ۾هوٽل جي سامهون رڪيون. اسين بازار گهمڻ لڳاسين. موسم جھڙالي هئي. بازار ۾ عورتون نه هجڻ جي برابر هيون باقي سڀ مرد هئا. هڪ دوڪان تي چڙهي ويم جتان هڪ سواتي ٽوپي خريد ڪيم. مان اڪثر سياري ۾ سواتي ٽوپي ئي پائيندو آهيان. اڳ ڪيئي سال پهريون مون کي چترال جي پياري دوست ملائم شاهه سواتي ٽوپي موڪلي هئي. ان کان پوءِ آءٌ هن ٽوپيءَ کي سياري ۾ پائڻ جو عادي ٿي ويو آهيان. ادل سومري اتي جوتو خريد ڪيو. جوتا سٺا مضبوط سلائي وارا هئا. جيڪي سستا پئي مليا. تاج جويو آغا نور محمد ۽ خيال آفاقي صاحب جن به جوتن کانسواءِ خشڪ ميوات جي به خريداري ڪئي. مون پري کان ڏٺو ته آغا نورمحمد جي هٿن ۾ خريد ڪيل سامان وارو ٿيلهو هيو ساڻ لياقت جوڻيجو ۽ ڪوڙو خان هئا. اتي مون سامهون انشورنس آفيس جي گيٽ تي هيٺ ويٺل موچيءَ کان بوٽ پالش ڪرايو. موچيءَ جي ڀرسان مان به پلٿي هڻي ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳس. لالي کان پڇيم ته توهان جي زندگي هتي ڪيئن ٿي گذري؟ چيائين ته هتي تمام وڏي غربت آهي روزگار ڪو نه آهن. ڏکيو وقت ٿو گذري. مون کان پڇيائين ته ڪٿان کان آيا آهيون ٻڌايومانس ته سکر کان آيا آهيون. چيائين ته مينگوره ۾ ڇا رکيو آ؟ اڳتي گهمڻ وڃو ڪالام ۽ ڪاغان ڏانهن، جتي تمام گهڻا قدرتي حسين منظر آهن. هن پالش ڪري بوٽ منهنجي اڳيان رکيو. اسان ڪجھه گهڙيون بازار ۾ گذاري واپس ويگن ۾ ويهي، پشاور ڏانهن واپس رُخ ڪيوسين. سوات درياهه جي خوبصورتي ڪنهن عجوبي کان گهٽ نه آهي. دريا جي پاسي کان فصل ئي فصل هئا. جنهن ڪري درياهه جي خوبصورتي ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو هو. درياههِ سوات جو وهڪرو تيز تلوار جي وار وانگر چمڪاٽ ڪندو وهيو پئي، پروفيسر ارمانيءَ اوچتو رڙ ڪري گاڏيءَ کي بيهارڻ لاءِ چيو، هي چڪدرا جو ڳوٺ آهي. پروفيسر ارماني صاحب چيو ته هي منهنجو ڳوٺ آهي ۽ هاڻي مان توهان سڀني دوستن کان موڪلايان ٿو. زندگي رهي ته پيا ملنداسين. گاڏي تيزي سان پشاور ڏانهن روان دوان هئي. اوچتو روڊ جي هڪ پاسي تي گاڏي رُڪي اتي مهاتما ٻڌ جو مجسمو هيو مهاتما جو نڪ ڪنهن آرٽ جي دشمن ڀڃي وڌو هو، جيئن موهن جي دڙي واري ڪنگ پريئسٽ جو نڪ ڀڳل آهي. سڏ پنڌ تي اسٽوپا هو، مهاتما ٻڌ جا آثار بٽ ڪڙه، اوڍي گرام، بلوگرام، بالي گرام، علي گرام وارن علائقن ۾ مِلن ٿا.
اسين اتان خاموشي سان نڪري آياسين. وين ۾ اوچتو شيرمحمد صاحب جو موڊ ٿيو ته جيستائين پشاور پهچون تيستائين ڪو شُگل ڪري پاڻ کي وندرائجي، شيرمحمد، صلاح ڏني ته ڇو نه وين ۾ مشاعرو ٿي وڃي. اها ڳالهه پنجاب جي اديبن کي ڏاڍو وڻي. صلاح سان قاضي محمود کي مشاعري جي صدارت لاءِ چيو ويو. ميزباني جا فرائض شيرمحمد ڏئي رهيو هو. مشاعري ۾ سڀني دوستن هڪٻئي کي سٺو داد ڏنو. مون هائيڪا ۽ ارشاد نثري نظم پڙهيو جڏهن ته بلوچستان مان حسن جاويد ۽ پنجاب مان محسن مگهيانه، شهزاد بيگ، شوڪت مغل، ظفر لاشاري، سجاد حيدر پرويز خوب ملهايو ۽ داد حاصل ڪيو. سجاد حيدر گورنمينٽ ڪاليج مظفر ڳڙهه ۾ استاد آهي، هو هڪ شاعر سان گڏ هڪ ڪهاڻيڪار به آهي، سندس ڪهاڻين جا ڪتاب ”ميڏي افساني“ ”سوجھلا انڌاري رات دا“ مشهور آهن.

عشق وچ آہ آہ کر گھدم
زندگی این تباہ کر گھدم


ہر قدم تے عجیب آفت ہے
زندگی کیا ھک مصیبت ہے

بیوفا کوں بیوفائی دا گلہ چنگاں نہیں
دل سڑیں دے نال دل لاون چنگاں نہیں

سڀ کان خوبصورت شعر محسن مگهيانه پڙهيو، جنهن تي هن کي سڀ کان وڌيڪ داد مليو. جڏهن مشاعرو ختم ٿيو ته اسان پهاڙي علائقن مان نڪري ميداني علائقن ۾ اچي چڪا هئاسون. شام جو وقت ٿي چڪو هو. اوچتو ڊرائيور گاڏيءَ کي بريڪ هنئي گاڏي کي روڊ جي سائيڊ تي بيهاريو. ڊرائيور هيٺ لهي، ويل کي چيڪ ڪيو. چيائين ته ويل پنچر آهي. اسان گاڏيءَ مان هيٺ لهي روڊ پار ڪري ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي اوطاق ۾ آياسين. اوطاق خالي هئي ٻه ٽي کٽون پيل هيون جنهن تي اسان ويهي رهياسين. نماز جو وقت هو تنهن ڪري اسان مان جيڪي نمازي هئا، اهي ڀرسان مسجد ڏانهن نماز پڙهڻ لاءِ ويا. باقي اسان اوطاق جي صحن ۾ هڪڙي کٽ تي ويهي رهياسون. اوطاق جي دروازي تي هڪ دلو پيو هو، ڀرسان هڪ نلڪو لڳل هو. اسان نلڪي کي گيڙا ڏئي پاڻي پيتو. ڀرسان ننڍڙو واهه به وهي رهيو هو. پاڻي پي، اسان وري کٽ تي ويهي ويل جي تبديل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا هئاسون. ايتري ۾ نمازي به واپس آيا. ڊرائيور ويل کي گاڏيءَ ۾ ڦٽ ڪري چڪو هو. اسان جي گاڏي ليٽ هئڻ جي ڪري اڳيان ننڍڙي ڳوٺ جي هڪ هوٽل تي اسان کان اڳ ۾ نڪري ويل سنڌ ۽ بلوچستان جي اديبن جو قافلو اسان جي انتظار ۾ رڪيل هيو جيڪو اسان جو انتظار ڪري رهيو هو. اديب دوست پريشان هئا ته آخر گاڏي ڇو مس ٿي وئي؟ اسان جڏهن اتي پهتاسين جتي سيد ولي خيال اڳواٽ ئي پريشان هو. اسان هن کي پريشان ڏٺوسين، گاڏي روڪي هيٺ لهي پياسين چيائين ته يار توهان اسان کي پريشان ڪري ڇڏيو، شير محمد جواب ڏنس ته واٽ تي گاڏي جو ويل پنچر ٿيو تنهنڪري دير ٿي وئي. اسين اتان خير سان نڪتاسين. 6:30 وڳي ڌاران پشاور ريسٽ هائوس پهتاسين. پنجاب جا اديب فيڊرل لاج ڏانهن هليا ويا. شام 7:45 تي اسان ننڊ مان اٿي، تيار ٿي هيٺ لهي آياسين. سيد ولي خيال سامهون آيو، چيائين ته جلدي سان گاڏين ۾ ويهو، پنجاب جا اديب به پهچي چڪا آهن. اسان صدر بازار پهتاسين، جتي اسان کي اڌ ڪلاڪ خريداري لاءِ وقت ڏنو ويو. پر مون ڏٺو ته بازار مان هرڪو خريداري ڊڄي، ڊڄي پيو ڪري ڇاڪاڻ جو صدر بازار تمام گهڻي مهانگي آهي. پوش علائقن جا امير ماڻهو هتان خريداري ڪن ٿا، اسان جي وس کان ڳالهه چڙهيل هئي تنهن ڪري سڀن پئي بازار جا چڪر هنيا. ها هڪ اڌ پنجابي اديبن خريداري ڪئي. مان به پنجابين جي ريس تي هڪڙي دوڪان تي چڙهي ويس، جتان هڪ واچ ۽ مهانگو چشمو خريد ڪيو. وري رانديڪن واري دوڪان تي ويم جتان ٻارڙن لاءِ رانديڪا ايراني ٽافيون ۽ چونگم ورتم. بازار ۾ زبردست رش هئي، اسين بازار مان هلڪي ڦلڪي خريداري ڪري روانا ٿياسين. ان وقت مينهن ڪڻيون اسان مٿان پئي پيون، آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا.

شيراز هوٽل

شيراز هوٽل
يونيورسٽي روڊ تي شيراز ان هوٽل تي پهتاسين. اسين رسپيشن کان نڪري هڪ هال ۾ صوفن تي ويهون ٿا، هوٽل جي هڪ ٻئي هال ۾ افغان فيملي جي شاديءَ جي تقريب هلي رهي هئي. مان پنهنجن دوستن کان جان ڇڏائي ان افغان فيملي جي شاديءَ جي تقريب واري هال اندر گهري ويس، مون ڏٺو ته افغان ناريون ميوزڪ تي ڊانس پيش ڪري رهيون هيون. جن کي ڏسي منهنجو ته مٿو ئي چڪرائي ويو. منهنجي اڳيان هڪ اهڙي ناري گذري جنهن جي حسين ادا موهي وِڌو. اها جڏهن اسان اديبن واري هال ڏانهن پئي وئي ته اديب به ان تي موهجي پيا، هڪ اديب هلڪي آواز ۾ سبحان الله پئي چيو. پشاور جا افغان مالدار آهن ۽ سرحد جي پٺاڻن کان اُٿڻي، ويهڻي، رهڻي، ڪهڻي ۽ واپار جي حوالي سان تمام گهڻو اڳتي آهن. هنن افغانن جا گهڻا مِٽَ مائٽ آمريڪا سميت يورپ جي ٻين ملڪن ۾ رهن ٿا، واپار ۽ تعليم ۾ به سرحدي پٺاڻن کان تمام گهڻو ايڊوانس آهن. مان ان هال مان موٽي اچي پنهنجي دوستن ڏانهن آيم، جتي راج ولي خٽڪ ۽ سرحد جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري، پشتو ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين اعظم خان آيل اديبن جي آجيان پئي ڪئي. اسان کي هتي ڊنر جي دعوت اعظم خان پاران ڏني وئي آهي. راج ولي خٽڪ ۽ نثاراحمد خان اسان آيل اديبن جا ٿورا مڃيا. ڊنر کان پوءِ راج ولي خان اسان کي الوداع چيو، اسين هوٽل کان نڪري ٻاهر آياسين، مون مٿي آسمان ڏانهن نهاريو، رات جا ٽمڪندڙ ستارا مرڪي رهيا هئا. ڪارا ڪڪر غائب هئا، اسين گاڏيءَ ۾ ويهي ريسٽ هائوس پهتاسين. تاج ۽ادل سان ڪمري ۾ وڃي سوات جي سفر بابت حال احوال ڏنا ۽ ورتاسين. رات جا 11:00 ٿين پيا سمهي پياسين.

15.5.1999 ڇنڇر
اسين پشاور کي الوداع چوڻ وارا هئاسين. تيار ٿي هيٺ ڊائنگ هال ۾ پهتاسين، ناشتو ڪري رهيا هئاسين ته پنجاب سنڌ ۽ بلوچستان جا اديب به اچي پهتا. اڄ ڏاڍو خوش هئاسين، ڀاڪر پائي ملياسين، آغا نورمحمد مون کان شفيقاڻي انداز ۾ پڇا ڪئي، بشير ڪلهوڪو سوات وارو سفر ڪيئن رهيو؟ سائين زبردست مزو آيو، ميزباني به سٺي ٿي. زندگي ۾ پهريون ڀيرو سرحد صوبي ۾ اچڻ جو موقعو مليو جنهن لاءِ تمام وڏي مهرباني.
اسان سڀئي اديب سامان کڻي هيٺ گاڏين ۾ ويٺاسين ۽ ريسٽ هائوس جي ملازمن کان موڪلايوسين. هلڻ وقت ڪجھه پشاور جا شاعر ملڻ آيا انهن مان سجاد بابر، اباسين يوسف زئي، يوسف عزيز زاهد، اسيرمينگل، ياسر علي سيد شامل هئا. سجاد بابر چيو ته جيستائين گاڏيون اچن تيستائين ننڍڙو مشاعرو ٿي وڃي. صبح جو وقت هو مشاعرو شروع ٿي ويو، ادل سومرو، تاج جويو، لياقت جوڻيجو، ارشاد، درويش دُراني، حسن جاويد ۽ پوءِ سجاد بابر سان گڏ آيل پشاور جي شاعرن پنهنجو ڪلام ٻڌايو ۽ آخر ۾ سجاد بابر خوبصورت شعر ٻڌائي اسان کي جھومائي ڇڏيو. اسان جنهن ويگن ۾ ويٺاسين سجاد ۽ سندس پشاور جو ٻيو شاعر دوست اسان سان همسفر ٿيا. تقريباً 7:00 وڳي صبح جو اسلام آباد لاءِ روانا ٿياسين. 8:15 تي اسين درياهه سنڌ تي اٽڪ قلعي کان چند قدم اڳيان انڊس ويو هوٽل تي پهتاسين، هن هوٽل وٽ سنڌؤ جو نظارو ڏسڻ وٽان آهي. هوٽل سنڌو جي ڪناري تي هيو، جتي ڏاڍو مزو پئي آيو، اتي چانهه پيتي سين. اسين هتي ڪافي دير ترسڻ کان پوءِ 9:10 منٽن تي هوٽل مان نڪتاسين. هرڪو پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺو ادل سومرو ننڍڙي ٽيپ ڪڍي سفر بابت دوستن جا تاثرات رڪارڊ ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. تاج جويو، ارشاد ۽ آغا صاحب ۽ پوءِ مون کان تاثرات رڪارڊ ڪري ورتائين.

اسلام آباد

اسلام آباد
اسان جڏهن اسلام آباد شهر ۾ داخل ٿياسون ته آغا نور محمد، ڪوڙل کي چيو ته گاڏين جي قافلي جون تصويرون وٺي. هن گاڏين جي قافلي جا ڪيترائي فوٽا ورتا. ٺيڪ 10:30 وڳي اسين اڪادمي ادبيات پاڪستان جي دفترH-8/1 ۾ پهتاسين، جتي اڪادمي اديبات جي ڊائريڪٽر جنرل سليم اختر ڪياني صاحب مهمان اديبن کي ڀليڪار ڪيو. ساڻ ميڊم نسيم محمود،خالد اقبال ياسر سميت ٻين آفيسرن به اسان جي آجيان ڪئي ۽ عزت بخشي، اسين اڪادمي ادبيات آفيس جون ڏاڪڻيون چڙهي مٿين فلور تي هڪ هال ۾ پهتاسين. جتي ملڪ جي ڪيترن ئي نامورن اديبن جون پورٽريٽ تصويرون ديوار تي ٽنگيل بورڊ تي لڳل هيون. مون سنڌ جي اديبن جون تصويرون ڏٺيون، اُتي اڪادمي ادبيات اسلام آباد جي آفيس وارن سان مختصر تعارف ٿيو. ٿوري دير ۾ اڪادمي ادبيات پاڪستان جو چيئرمين محترم نذيرناجي هال ۾ آيو ته تاڙيون وڄائي آجيان ڪئي وئي، هو ڊائيس تي آيو ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مان اوهان ليکڪن کي دل جي گهرائي سان ڀليڪار چوان ٿو. اسان بين الصوبائي مطالعاتي دوري وارو پروگرام رٿي، اڪادمي ادبيات جي تاريخ ۾ نئون انقلابي قدم کنيو آهي. ماضي ۾ ائين نه ٿيو آهي. هن دوري جو مقصد پاڪستان ۾ قومي يڪجھتي، ڀائپيءَ جي راهه هموار ڪرڻ آهي. خاص ڪري پاڪستان جي ادب کي عالمي ڌاري ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون. اسين اديبن لاءِ انشورنس اسڪيم به جاري ڪئي آهي. اسين جيڪي به ڪم ڪريون ٿا، انهن ۾ اديبن جي ڀلائي شامل آهي، جيڪڏهن طويل سفر ۾ ڪنهن کي تڪليف آئي آهي ته درگذر ڪندا. تقرير کان کانپوءِ اسان کي لنچ باڪس ڏنا ويا. جيڪي اسين رائيٽرز هاسٽل ۾ اچي کاڌا. پنجاب جا دوست اسان کان موڪلائي پنهنجن شهرن ڏانهن روانا ٿي ويا. پنجاب جي اديب دوستن جي کل ڀوڳ ڪري سفر خوشگوار گذريو. هنن وٽ ڀوڳن چرچن جا انبار هئا، جنهن به محفل يا مشاعري ۾ شامل هئا اتي ٽهڪ ئي ٽهڪ هئا. هنن جي وڃڻ کان پوءِ اسان وٽ هنن سان گڏ گهاريل گهڙيون/ يادون دل ۾ سانڍڻ لاءِ رهجي ويون. اسان کي رائٽرز هاسٽل ۾ ترسايو ويو. مون رسيپشن تان فون کڻي پنهنجي دوست علي نواز جو نمبر ڊائل ڪيو، علي نواز سينيٽ ۾ اعلى عهدي تي فائز آهي. رسمي هلوهاءِ ٿي، ٻڌايائين ته مصروف گهڻو آهيان، توسان رات جو ملڻ ايندم. اسان جي ڪمري ڀرسان محسن ڀوپالي ۽ خيال آفاقي جو ڪمرو هو. ارشاد چيو ته هل ته اڪيڊمي آفيس ۾ ڪجھه دوستن سان ملجي، اسين ٻئي هاسٽل مان نڪري آفيس آياسون جتي ارشاد کي چيم ته يار! شوڪت خواجائيءَ سکر مان لائف انشورنس جي درخواست موڪلي هئي. ان بابت به پڇا ڪرڻي آهي. اسين ميڊم نسيم محمود جي ڪمري ۾ وياسين جتي ميڊم نسيم اسان کان سفر بابت حال احوال پڇيو. ميڊم نسيم وٽ هڪ سنڌي نوجوان ويٺو هو. جيڪو ضلعي دادو سان تعلق رکي ٿو. سندس نالو مير نواز سولنگي هو. سنهڙي جسم ۽ ڊگهي قد وارو خلوص ڀريو ماڻهو آهي، هن جي اسان سان سٺي ياراڻي ٿي وئي. پوءِ هو اسان جي ڪمري ۾ آيو. اسان سان ڪافي دير تائين ڪچهري ڪري واپس هليو ويو.اسين 3:00 وڳي شام جو سمهي پياسين.

ميڊم عذرا عباس سان ڪچهري

ميڊم عذرا عباس سان ڪچهري
شام جو 5:00 وڳي ننڊ مان اٿياسين ارشاد چيو ته تيار ٿي ته ميڊم عذرا عباس ڏانهن هلون. ميڊم عذرا ماهوار ”تجديد نو“ رسالي جي ايڊيٽر آهي. اسين هاسٽل کان نڪري رهيا هئاسون ته خيال آفاقي هڪ وڏي ڪار ۾ هاسٽل پهتو. ڪار مان لهي اسان کان پڇا ڪيائين، ڪيڏانهن ٿا وڃون؟ مون وراڻيو گهمڻ ٿا وڃون، هن ڊرائيور کي چيو ته هي دوست جتي چون اتي لاهجانءِ. اسين کنا پُلِ تي لٿاسين، جتان ٿورو پنڌ ڪري ميڊم عذرا عباس جي گهر پهتاسين. ميڊم جي گهر جڏهن وڃي رهيا هئاسين ته مون ارشاد کي چيو ته يار مون کي ڳوٺ پنجو ديري وٺي ٿو هلين ڇا؟ ڇاڪاڻ جو سمورو ڳوٺاڻو منظر هو، ميڊم جي گهر اڳيان ساوا ساوا کيت هئا. هي علائقو نئون ڊولپ ٿي رهيو آهي. ميڊم عذرا جي گهر جي بيل وڄائي هڪ ننڍڙو ٻارڙو نڪري آيو، ارشاد چيس ته ميڊم عذار عباس جو گهر آهي؟ ٻارڙي چيو جي، ميڊم کي ٻڌايو ته شڪارپور کان ارشاد آيو آهي. ٿوري دير ۾ ميڊم جو مڙس نڪري آيو. جنهن اسان کي ڀليڪار ڪئي ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو، ميڊم عذرا عباس ڊرائنگ روم ۾ آئي. هونءَ اسان کي سلام ڪري، سامهون مڙس جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهي رهي. پهريائين سلام دعا ٿي، ارشاد ٻڌايس ته اسان اڪادمي ادبيات جي دعوت تي پاڪستان جي دوري تي نڪتل آهيون. ان سلسلي ۾ اسين اسلام آباد آيا آهيون. ميڊم اسان کي پيار ڏنو. هن اسان کي ”تجديد نو“ رسالي جون ڪاپيون تحفي ۾ ڏنيون. هن اسان کي رسالي لاءِ مواد موڪلڻ لاءِ چيو. ساڻ ٻڌايو ته شڪارپور مان ضياءَ شاهه هائيڪا موڪليا آهن، جيڪي هن مهيني جي رسالي ۾ شايع ٿيل آهن. ٿوري دير ۾ پڪوڙا بسڪٽ اسان جي اڳيان رکيا ويا. گهر جو ملازم چانهه جي ڪيٽلي ۽ ڪوپ هڪ ننڍڙي گاڏڙي تي کڻي آيو. اسان کي ڪوپن ۾ ميڊم عذرا عباس چانهه وجھي اڳيان پيش ڪئي. چانهه به پيون پيا ۽ ڪچهري به هلي پئي، ميڊم عذرا به ادبي اجارا داري بابت سور سليا. اهڙا پٽڻا صرف سنڌ ۾ ناهن پر اردو اديبن وچ ۾ به اسان کان وڌيڪ ڏک ڏوراپا ۽ رنجشون موجود آهن. اسين تقريباً 6:30 وڳي ميڊم عذرا کان موڪلايوسين، ميڊم عذرا، ڊرائيور کي سڏائي چيو مهمانن کي اڳتي ڇڏي آ. اسان زيرو پوائنٽ تي لٿاسين. سج لهي چڪو هو. اسلام آباد جون رونقون تيزي سان وڌي رهيون هيون، ٿڌڙي هوا جو احساس ۽ ويڪرن رستن تي مهانگيون ڪارون، سهڻيون سيبتيون عورتون، اميرهشاش بشاش مرد ڏسي مختلف طبقاتي احساس پيدا ٿي رهيا هئا، پاڻ کي دلجاءِ ڏيندي چيم يار بشير! سڀ نصيب جا کيل آهن. اسين زيرو پوائنٽ کان پنڌ رائيٽرز هاسٽل ڏانهن وڃي رهيا هئاسون، پنڌ ڪافي پري هو، روڊ جي ٻنهي پاسن کان ساوڪ هئي، ساڻ عاليشان بنگلا ۽ جديد طرز تي ٺهيل آفيسون ڏسڻ وٽان آهن. اسين 7:30 وڳي رائيٽرز هاسٽل ۾ پهتاسين. جڏهن موٽياسين ته خبر پئي ته تاج واپس ڪراچي هليو ويو. تاج کي گهران فون آيو هو ته سندس والده جي طبيعت خراب آهي. مون جڏهن تاج جي واپس هلي وڃڻ جي خبر ٻڌي ته ڏک ٿيو. ڇاڪاڻ ته سموري سفر ۾ تاج ئي ته هيو، جيڪو اسان سڀني کي وندرائيندو رهيو ۽ ڀائرن جھڙو پيار ڏيندو رهيو. ساڻ اها به خبر پئي ته بلوچستان جا اديب به هوائي جھاز رستي ڪوئيٽا روانا ٿي ويا آهن. درويش دُراني جي وڃڻ تي دل ڏاڍو اُٻاڻڪي ٿي پئي، درويش دُراني پشتو ادب ۾ هڪ وڏو ناءُ رکي ٿو ۽ هن وقت گورنمينٽ ڪاليج ڪوئيٽا ۾ استاد جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس پهريون شعري مجموعو ”اغزنہ لار“، ”راهه پرخار“ 1978ع، ”زخمي لاشونه“، ”زخمي هاتهه“ شايع ٿيل آهن، سندس هي شعر مون کي ڏاڍو وڻندو آهي ۽ هن پنجاب ۽ سرحد جي مشاعرن ۾ اڪثر پڙهيو پئي.

انکی ھتیلیوں پہ لہو ہے حنا نہیں
شھزادیوں کو اس کا مگر کچھ پتا نہیں
اس کا خدا تو جاگ رہا ہے یہ سوچ کر
سوتے میں ہم نے وار عدو پہ کیا نہیں
اور لاٹھی کی بات مت کرو وہ ٹوٹ بھی گئی
اب سانپ کا خیال رہے وہ مرا نہیں
تیرے عدو کے قد سے تیرا پول بھی کھلا
چھوٹوں سے دشمنی ہے تیری تو بڑا نہیں

بهرحال ڪمري ۾ ساهه پٽي ادل سومري جي ڪمري ڏانهن ويس. ادل سومري سان گڏ فرحان دراني روم ميٽ هو. ادل وٽ سندس دوست شعيب ويٺو هو. جيڪو اسلام آباد ۾ ڪنهن اداري ۾ آفيسر آهي. مون ٻنهي کي سلام ڪري، ڪجھه منٽ حال احوال ڪيا ۽ تاج لاءِ پڇيو ادل ٻڌايو ته تاج واپس هليو ويو. سندس والده جي طبيعت خراب آهي. مون محسوس ڪيو ته ادل به تاج کانسواءِ اٻاڻڪو هيو. اتان ٿي هيٺ لهي آغا نور محمد جي ڪمري ۾ آيس، آغا نور محمد، ڪوڙل ۽ لياقت هينئر ئي شڪر پڙيان گهمي واپس موٽيا هئا، انهن سان حال احوال ڪندي 8:30 ٿي ويا. اسان سڀئي گڏجي ڪمري کان ٻاهر نڪري ڊائننگ هال ۾ پهتاسين ماني کاڌي ۽ پوءِ ٿورو آرام ڪري آغا نور محمد سان انٽرڪام فون تي ڪمري ۾ ڳالهايم. چيم سائين سڀاڻي جو ڇا پروگرام آهي؟ چيائين ته ڪوهه مري هلنداسين. مون فون رکي ڇڏي. وقت رات جا 10:30 ٿيا هئا، بتي وسائي ۽ چادر چاڙهي سمهي پيس.

16.5.1999 آچر
اڄ صبح جو سوير مان 7:30 وڳي ننڊ مان اٿيم، تيار ٿي ڊائننگ هال ۾ پهتم، مون کان اڳ ۾ آغا نور محمد، لياقت ۽ ڪوڙل ويٺا هئا. اتي هڪ ٻيو اڌيڙ عمر جو قداور، سانورو، قد بت ۾ پورو پنو شخص ويٺل هو. آغا نور محمد پهريون منهنجو تعارف هن سان ڪرايو ۽ پوءِ آغا صاحب هن جو تعارف سيّد قاسم محمود طور ڪرايو. سيّد قاسم محمود تعارف جو محتاج ڪونهي. قاسم محمود لاهور چائنيز ۾ اسان جي مان ۾ ڊنر ڏني هئي اتي ڪافي تعريف ٻڌي هئي. سيد قاسم محمود ملڪ جو ڏاهو شخص آهي، اسين ماني کائي اٿياسين ته ادل ۽ ارشاد ڊائننگ هال ۾ آيا. انهن سان سيد قاسم محمود جو تعارف ٿيو. ان دوران مان پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويس. عبيدالله عليم جي ڪتاب ”چاند چهره ستاره آنکهين“ کي پڙهڻ ويٺم، اڌ ڪلاڪ کانپوءِ واپس ڪمري کان ٻاهر آيس ته خبر پئي ته ملڪ جو ناميارو شاعر سيد ضمير جعفري گذاري ويو آهي. هن جي جنازي نماز لاءِ سڀئي اديب H-8/1 واري قبرستان وڃڻ لاءِ تيار هئاسين. اڪادمي ادبيات جي چيئرمين نذير ناجي اديبن لاءِ گاڏي موڪلي هئي. سڀ دوست جنازي جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا. نماز پڙهي آخري ديدار ڪري واپس هاسٽل آيا. ضمير جعفري جو ادب ۾ وڏو نانءُ آهي. سيد ضمير جعفري پهرين جنوري 1916ع دينا ضلع جھلم ۾ پيدا ٿيو. فوج مان ميجر جي عهدي تان رٽائر ٿيو، هن جي ادب ۾ شناخت شاعري، نثري نويسي ۽ ڪالم نويسي رهي.
اک خُدا کی ذات سے قطع نظَر
ہر کسی پہ برملا تنقید کی
بے انتہا تنقیِد کی
حضرت یزدان بھی محض
انفاقاً بچ گئے
کیونکہ رب دوسِرا سے آپ کی
صاحب سلَامت ہی نَہ تھی
واقفیت ہی نہ تھی۔


ہر نظر بس اپنی اپنی روشنی تک جا سکی
ہر کسی نے اپنے اپنے ظرف تک پایا مجھے


جنازي نماز کان واپسي تي آغا نور محمد چيو ته هينئر جيڪي ڪوهه مري هلن سي تياري ڪن. آغا نور محمد، هاسٽل انچارج کي ڪمري ۾ سڏائي منجھند جي ماني تيار ڪرائڻ لاءِ چيو هن پنجن ماڻهن جي ماني لاءِ چيس ڇاڪاڻ ته ادل، ارشاد، محسن ڀوپالي ۽ خيال آفاقي ڪوهه مري هلڻ لاءِ انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ جو هنن کي ڪي ذاتي مصروفيتون هيون، تنهن ڪري هنن معذرت ڪئي، باقي مان، ڪوڙل، لياقت، فرحان ۽ آغا نور محمد هلڻ لاءِ تيار ٿياسين. آءُ ٿوري دير لاءِ آغا صاحب جي ڪمري مان نڪري سيد قاسم محمود جي ڪمري ۾ آيس ۽ سيد قاسم محمود سان اڪيلائپ ۾ ڪچهري ٿي، مون هن صاحب سان ڪافي دير ڪچهري ڪئي، ڪچهري هلندي هڪ سوال پڇيومانس ته اسين اديب جيڪو ڪم ڪري رهيا آهيون ڇا اهو هن سماج جي ضرورت آهي؟ يا ڪٿي دل وندرائڻ لاءِ لکي رهيا آهيون؟ پهريون ته هن هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو پوءِ هوهڪدم سنجيده ٿي خاموش ٿي ويو. ٿوري دير کانپوءِ جواب ڏنائين منگي صاحب! اهڙا سوال پڇڻ جو وقت رهيو آهي؟ مون کان جيڪڏهن پڇيو ٿا ته مان جيڪو ڪم ڪريان ٿو ان مان مطمئن آهيان، باقي جيڪو ڪم ٻين دوستن جو آهي. اهو به توهان اسان جي سامهون آهي، ان جو جواب وڌيڪ پڙهندڙ ئي بهتر ڏئي سگهي ٿو ته هو ان مواد سان سهمت آهي يا نه. هن چيو ته پڙهندڙ جي نظر هاڻي تمام گهڻو تکي آهي، هو سڀ سمجھي پيو اوهان ڏٺو آهي ته ڪيترن ئي ڪتابن جي صرف اشاعت ٿئي ٿي وڪرو بلڪل نٿو ٿئي، باقي جن ۾ مواد ٺاهوڪو آهي سي مارڪيٽ مان مهيني ٻن اندر وڪامجي وڃن ٿا. هو ڳالهائي رهيو ته در تي ٺڪ ٺڪ ٿي، ڪوڙل آيو، چيائين ته منگي صاحب، آغا نورمحمد اوهان کي ياد ٿو ڪري. اسين ڪوهه مري لاءِ تيار آهيون. مون سيد قاسم محمود کان موڪلايو، وڃڻ وقت قاسم محمود صاحب بايو ڊيٽا سميت ٻن تصويرن لاءِ چيو. مون واعدو ڪيو ته سڀاڻي صبح جو گهربل شيون اوهان کي ملي وينديون مان ڪمري کان ٻاهر نڪري رسيپشن تي آيس. اڪادمي ادبيات جو ملازم ٽيڪسي ڪرائي آيو. ملازم چيو ته سائين هي ڊرائيور يار آهي ۽ پنهنجو ماڻهو آهي هي رات جو 10:00 وڳي تائين اوهان سان ٻڌل آهي، ماني گاڏي ۾ رکائي ساڻ گلاس ۽ پاڻي جي گهگهي به کنئيسين.

ڪوهه مَري، ڀورڀن، پتراٽيا

ڪوهه مَري، ڀورڀن، پتراٽيا
اسين 9:30 تي صبح جو ڪوهه مري لاءِ نڪتاسين ٽيڪسي 10:45 تي اسلام آباد جي ويڪرن رستن کان نڪري بارهه ڪهو واري علائقي ۾ پهتي بارهه ڪهو کان نڪري ڪوهه مري جي پهاڙي سلسلي ۾ داخل ٿيون ٿا. هتي پهاڙن تي ننڍا ننڍا ڳوٺ آهن. روڊ جي ٻنهي پاسن کان صنوبر ۽ چنار، جا ڊگها وڻ آهن. ساڻ آڙو. خوباني ۽ لاک جا وڻ به آهن جيڪي هن علائقي جي ماڻهن جو گذر معاش آهن. اسان جي گاڏي گرم ٿي وئي. ڊرائيور پاڻيءَ جي ننڍڙي آبشار وٽ گاڏي روڪي. اسان آبشار سامهون هوٽل تي ويهي رهياسين. مان هوٽل جي شيشي جي کڙڪين مان هيٺ اوناهين ڏانهن نهاريو، مون اڳتي وڌي کڙڪي کي کوليم ته ائين لڳو جيئن ڪنهن ڪنواريءَ جي پٺي تان زپ کولي جسم کي ڇهيو هجي ۽ چمين لاءِ چپ پٺيءَ تي ڪنڌ هيٺيان رکي ڇڏيا هجن. ايتري ۾ ٽيبل تي بوتل رکڻ جو کڙڪو ٿيو، مون بوتل پيئڻ وقت گيت پئي جھونگاريو، آغا صاحب مسلسل مون ڏانهن ڏسي منهنجي ڪيفيت جو اندازو لڳائي مون کي چيو ته بشير تون پورو پورو مزو وٺي رهيو آهين. مون کلي پيپسي مان ڍڪ ڀري ڳيت ڏني. اسان بوتل پي ٽيڪسي ۾ چڙهي اڳتي وڌياسين، ڪوهه مري شهر جي بازار جي مهڙ ۾ ٽيڪسي روڪرائي، ٽيڪسي مان لهي بازار کي گهمندا ۽ دڪان جاچيندا مٿي چڙهندا وياسين.
ڪوهه مري صنوبر جي وڻن سان ڍڪيل خوبصورت علائقو آهي. تمام مٿاهين تي آهي. ڪوهه مري سڀ ڊويزنل هيڊ ڪوراٽر آهي، جي پي او پوئتان هڪ ويو پوائنٽ آهي، جتي سوين مرد، عورتون ۽ ٻارڙا سير ڪري رهيا هئا. اڄ ويو پوائنٽ تي آچر جو ڏينهن هئڻ ڪري تمام گهڻي رش آهي. مون کي ٿڌڙي هير، جھير ڏئي رهي هئي. مري جو حسن ڪنهن ڪنواري جي لڄ جيان شرمائي رهيو هو. موسم جھڙالي هئي، ڪڪر اسان جي مٿان ڇانورو ڪيون بيٺا ها. اڇا اجرا ڪڪر ڪنهن معصوم جي من وانگر پئي لڳا. اوچتو چيل جي شاخن تان شبنم جا قطرا هيٺ ڪري ڪنهن ناري جي ڳل تي پيا، هن هڪ نظر مٿي ڏٺو، مسڪرائي اسان ڏانهن نهاريو ۽ پنهنجن سهيلن سان اڳتي رواني ٿي. اسين گهمي ٿڪجي پياسين، جي پي او چوڪ ڀرسان هڪ هوٽل تي ويهي مانجھاندي جي ماني لاءِ ويٺاسين، ڪوڙل ماني ڪڍي پليٽن ۾ وڌي، اسان ماني کائي هوٽل کان ٻاهر نڪتاسين. آغا نور محمد واچ کي ڏٺو آذان ملي چڪي هئي ٻيپهري جي نماز جو وقت هو ڀرسان هڪ مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ آغا نور محمد چيو، مون وراڻيو سائين، مان هن آئيس ڪريم جي دڪان تي ويهان ٿو اوهان نماز پڙهي اچو. هو نماز تي ويا. مان مري هل تان واپس ايندڙ مرد عورتن ۽ ٻارڙن کي ڏسندو رهيس، ڇوڪرين جو هڪ ٽولو اچي ڀرسان بيٺو. تن مان هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي فون ڪرڻُو هو باقي ٻيون چپ بيٺيون فون ٻڌي رهيون هيون. مون هڪ ناريءَ ۾ نظر وڌي، هوءَ نهايت سهڻي، سٻاجھي، قداور، صنوبر وڻ جيان سندر ۽ خاموش هئي، هن منهنجي نظرن کي ڏسي ورتو، مون هن جي اکين مان شراب اوتجندي پنهنجي گلاس ۾ ڏٺو ۽ مون ڳيت ڏيئي پيئڻ جي ڪوشش ڪئي. تنهن وقت مون کي شيخ اياز جو شعر ياد آيو.
اهو جام و مينا ٻه ٽي ڏينهن آهي،
اهو جوش صهبا ٻه ٽي ڏينهن آهي،
طلسم تمنا ٻه ٽي ڏينهن آهي،
مگر پوءِ به ڇا ڇا ٻه ٽي ڏينهن آهي،
مڃان ٿو سدا زندگاني نه رهندي،
جواني نه رهندي.
جواني نه رهندي.
ايتري ۾ مون سامهون آغا نور محمد صاحب کي نماز تان واپس ايندي ڏٺو. مون کي چيائين ته هلو. اسان بازار لتاڙي، ٽيڪسي ۾ ويهون ٿا. ٽيڪسي ڀورڀن ۽ پتراٽيا ڏانهن وڌي رهي هئي، پهاڙن ۽ صنوبر جي قداور وڻن جي وچ ۾ ٽيڪسي هلي رهي هئي ۽ چوڏس خاموشي هئي. ٽيڪسي ۾ اسين خاموش ڪنهن هستي بابت سوچي رهيا هئاسون جنهن هي سندر سنسار کي جوڙيو آهي. اسين ڀورڀن جي علائقي ۾ پهچون ٿا. جتي ڪجھه دڪان ۽ هوٽلون آهن خاص ڪري پي سي هوٽل آهي، امير ماڻهو گرمين جا ڏينهن گذارڻ لاءِ هتي اچي رهندا آهن، وقت جي تنگيءَ سبب اسان جي شيڊول ۾ پي سي هوٽل ڪو نه هو. تنهنڪري اسان صرف هوٽل کي پري کان ڏسي سگهياسين. اسين ڪجھه گهڙيون اتي رڪياسين پر آغا صاحب چيو پاڻ ته پتراٽيا هلنداسين. جيڪو سياحت جي حوالي سان خوبصورت علائقو آهي ۽ گهمڻ وٽان آهي، اسان ڀورڀن کي سلام چئي اڳتي نڪري وياسين. پتراٽيا جي بلند پهاڙي علائقي ۾ داخل ٿياسين، پتراٽيا جو علائقو خوبصورت آهي، مون ٽيڪسي جي کڙڪي کولي ته ٿڌڙي هوا جو جھوٽو تيزي سان اندر آيو. سيءَ جو احساس ٿيو، مون کڙڪي کولي رکي اسين پتراٽيا جي پهاڙن وچ ۾ تقريباً ڪلاڪ گهميوسين، آخر ۾ گلهره گلي جي اسٽاپ تي ٽيڪسي روڪي، گلهره گلي 5500 فوٽ سطح سمنڊ کان بلنديءَ تي آهي، اسين هڪ اوپن ايئر ڪيبن تي ريلوي ٽائيپ بئنچ تي ويٺاسين. آغا صاحب پيپسي بوتل مان مزو وٺي رهيو آهي. سامهون بيئر جي بوتل دوڪان تان کنئي، گلاس ۾ اوتي سپ ڀريندو رهيس ته قرار اچي ويو، منهنجي ته عورت ۽ وسڪي زندگيءَ ۾ وڏي ۾ وڏي ڪمزوري رهي آهي، پوءِ جتي به حسين عورت يا وسڪي يا چائنيز بيئر نظر اچي ته منهنجي خيال جو محور بڻجي ويندي آهي. پر هتي وري آغا نور محمد جو خيال به رکندو آيم، ڇاڪاڻ جو هو منهنجي انهيءَ خيال جي ابتڙ هو، بهرحال بيئر پيئڻ سان جسم ۾ ٿڌاڻ جو احساس ٿيو. موسم جھڙالي هئي ڪڪر اسان جي ڀرسان ته ڪي مٿان گذري رهيا هئا. منهنجي مٿان صنوبر جو وڻ هو جنهن جي ڇانو ۾ ويهي سرد هوائن سان سرگوشيون ڪرڻ ۾ مصروف هوس. مان صنوبر جي وڻ تي هڪ يادگار چمي ڇڏي آيم، هن وڻ تي منهنجي چُميءَ جو ڪتبو هر ايندڙ عاشق لاءِ اتساهه جو سبب بڻبو. اسين اتان اٿي ان جاءِ تي پهتاسين، جتي لفٽ چيئر ٽڪيٽ گهر هو. آغا نور محمد 5 ٽڪيٽون ورتيون في ٽيڪٽ 120 روپين ۾ ملي. اسان مان پهريون آغانور محمد صاحب ۽ لياقت جوڻيجو بند لفٽ چيئر ۾ ويٺو. مون بند لفٽ چيئر کي سير لاءِ مناسب نه سمجھيو تنهن ڪري کليل لفٽ چيئر ۾ ويهڻ پسند ڪيو. حالانڪ کليل لفٽ چيئر ۾ ويهڻ خطرناڪ به آهي ۽ ڪو به حادثو پيش اچي سگهي ٿو. پر مزو وڏو آهي. پوءِ هڪ اوپن لفٽ چيئر آئي آءٌ ۽ ڪوڙل ان چيئر ۾ ويٺاسين.
باقي فرحان دراني اسن جي پويان اڪيلو ئي بند لفٽ چيئر ۾ ويٺو، لفٽ چيئر جو فاصلو تقريباً ٽي ميل آهي اتان وري ڪيبل ڪار کڻي ٿي، جيڪا چار ميلن تائين پهاڙن جي مٿان سير ڪرائي ٿي. ڪيبل ڪار بلڪل ڪار وانگر آهي، جنهن ۾ ڇهن کان اَٺَ ماڻهو آرام سان ويهي سگهن ٿا. بهرحال اسين هن وقت لفٽ چيئر ۾ ويٺا آهيون، منهنجي ڀرسان ڪوڙل ويٺو آهي لفٽ چيئر پهاڙن ۽ ڪڪرن جي وچ مان هلي رهي آهي. ڪوڙل ڪيمرا ڪڍي ڪيترائي خوبصورت منظر ڪيمرا ۾ محفوظ ڪري ورتا. اسانجي هيٺان ڪجھه گهر آهن ۽ گهرن جي مٿان لفٽ چيئر هلي رهي هئي. جتي ڪجھه عورتون ۽ ٻار گهرو ڪم ڪار ۾ رڌل هئا. ٻار ورانڊي ۾ کيڏي رهيا هئا هن علائقي ۾ لفٽ چيئر تي سير دوران شور ڪرڻ کان سختي سان منع ٿيل آهي جنهن جا نوٽيس هيٺ اڇي چوني سان پهاڙن تي لکيل آهي ”هتان گذرڻ وقت شور نه ڪندا“ هي پهاڙي ماڻهو غيرتمند آهن تنهن ڪري ڪو حادثو پيش اچي سگهي ٿو. ان لاءِ هي اطلاع هيٺ ٻن ٽن جڳهن تي لکيل آهن. مون هڪ ناريءَ کي ڏٺو جيڪا گهر جي آڳر ۾ بغير ڇتِ واري باورچي خاني ۾ صفائي ۾ مصروف هئي. شايد ماني پچائڻ جي تياري ڪري رهي هئي. مون وري آسمان ڏانهن نهاريو هڪ پري هوريان هوريان پير کڻي چنريءَ کي هوا ۾ لهرائيندي مونڏانهن اچي رهي هئي. مون گهنگهرو جي ڇم ڇم جا آواز ٻڌا ڄڻ ڪا نچڻي هتي رقص ڪندي هجي. هي حسن ۽ جمال ان حسين رقاصا جو پرتوو هجي، مان خيالن ۾ ان حسين رقاصا جي بدن کي ڇهي رهيو آهيان، منهنجون اکيون هتان جي هر منظر پوئتان ڊوڙينديون رهيون، آءٌ لفٽ چيئر ۾ مستيون ڪندو ۽ ڪوڙل سان گڏ جي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو، پاڻ کي وندارئيندي شيخ اياز ۽ اياز گل جا غزل ڳائيندو رهان ٿو. اياز گل منهنجي پسند جو شاعر ۽ دوست آهي، هن جي ڪافي شاعري برزبان ياد آهي، اهو اڄ مون کي هنن حسين منظرن ۾ ڏاڍو ٿو ياد اچي. هڪ انگريز جوڙي کي مون ويلڪم ڪيو، هڪ چيئر ۾ هڪ خوبصورت جوڙو هڪ ننڍڙي ٻارڙي سميت انجواءِ ڪري رهيوهو. هو جڏهن منهنجي چيئر ڀرسان گذريا ته مون ننڍڙي ٻارڙي کي هٿ لوڏي خوش آمديد چيو، ٻارڙي هٿ لوڏي خوش آمديد، انڪل، خوش آمديد، انڪل چيو ۽ سندس والدين مسڪرائي رهيا هئا، اسين چيئر مان لٿاسين، هتي پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪي رهيو هو، هوا تمام تيز هئي چند گهڙيون ان جڳھه تي بيهي ڦوٽو ڪڍراياسين ۽ پهاڙن کي ڏٺوسين ڪيترن ئي پهاڙن جون چوٽيون اسان جنهن جڳهه تي بيٺا هئاسون، ان کان هيٺ هيون ڪجھه مٿي به هيون. جنهن پهاڙ ڏانهن اسين ڪيبل ڪار ذريعي پهتاسين. اهي پهاڙ تمام گهڻو اونچائي تي آهن. اسان پهاڙي علائقن کي گهمي ڏٺوسين. هتي هڪ اڌ هوٽل تي چند بوتلون، بن ڪباب، پيٽيس، کٽمڙا، چيونگم موجود آهن. ويهڻ لاءِ بينچون موجود آهن. اسين ٿورو اڳتي نڪري آياسين جتي هڪ مزار آهي جنهن مٿان ڪو مقبرو وغيره ناهي، مزار مٿان لکيل آهي. ”خادم حضرت عبداللطيف امام بريرحه “ اسين ڪجھه وقت بيهي اتي فاتح پڙهي ۽ دعا گهري. ٿورو اڳيان چند گهوڙا مسافرن کي گهمائڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. گهوڙي سواري جا ويهه روپيا ڀاڙو آهي. اسان مان ڪو به گهوڙي تي نه چڙهيو. ڇاڪاڻ جو گهوڙي جو سير پهاڙي علائقن ۾ تمام گهڻو خطرناڪ آهي. اسين هن وقت جنهن جاءِ تي بيٺا آهيون. اها 7289 هزار فوٽ بلندي تي آهي. مان ڪجھه وقت دوستن کان پري اڪيلائيءَ ۾ هڪ بئنچ تي ويهي، منظر ڏسڻ ويٺس. هي جاءِ خوبصورت آهي، هتي ماڻهن جي اچ وڃ گهٽ آهي. هي جڳهه رومانٽڪ آهي. هتي روح ملن ٿا. جذبا ۽ احساس گلن گؤنچن جيان ڦُــٽي هن جڳهه کي ڪو نانءُ ڏين ٿا، شايد هتي ان نانءَ جو به ذڪر ڪونهي، بس صرف هڪ احساس آهي. جيڪو حسن، سونهن ۽ فطرت کي ويجھو ڪري پاڻ ۾ سمائي ٿو. هتي هر منظر ۾ هڪ ٻيو منظر موجود آهي ۽ بس خدائي منظر آهن ۽ ڪرشما آهن. مون هتي خدا کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي پر هتي ته منهنجي سوچ کان ڳالهه مٿي آهي. مون کي فرحان ڪلهي تي هٿ رکي خيالن مان ڪڍي آيو. چيائين بشيرڀائي ڇا ٿو سوچين؟ چيم ته بس ڪائنات بابت سوچيان ٿو. ڪائنات ۾ الله سائينءَ کان وڌيڪ ڪو به وڏو تخليقار نه آهي، جنهن هيڏو وڏو سنسار تخليق ڪيو آهي، هي حسين منظر، واديون، جبل، برف پوش پهاڙ، سرد هوائون، ڪارا بادل، مصريءَ جي ڳنڍي وانگر بادل.... واهه قدرت جا رنگ....! ڀلا سڀني منظرن کي ڪيترو ڪئميرا ۾ محفوظ ڪري سگهجي ٿو بهرحال ڪوڙي خان فوٽو گرافي ڪئي ۽ ڪافي منظر محفوظ ڪري ورتا ۽ پوءِ واپس ڪيبل ڪار ۾ ويٺاسين، ڪيبل ڪار ۾ لاڙڪاڻي جي دڙي محلي جو شاهد پنهنجي ٻن دوستن سميت سوار هو، منهنجي هن سان ملاقات ٿي، هو اردو ڳالهائيندڙ نوجوان هو پر سنڌي آساني سان ڳالهائي رهيو هو. هن سان اسان سنڌي ۾ هيلو هاءِ ڪئي، لاڙڪاڻي ۽ دڙي محلي جو دوست، مونکي ته ڄڻ ساهه پئجي ويو، ڇاڪاڻ جو دڙي محلي جي گهٽين ۾ ڦوهه جوانيءَ جا ڏينهن جيئي سنڌ تحريڪ جي پيغام کي ڦهلائڻ لاءِ ورڪ ڪندو رهيس، جتي دڙي محلي ۾ نياز شيخ، امبرت ڪمار، ارشاد شيخ جون اوطاقون منهنجي لاءِ ڇپر ڇانوَ هونديون هيون ۽ آءٌ ماضيءَ جي شاگرديءَ واري زماني جا دڙي محلي ۾ گذاريل لمحن جا ورق اٿلائيندو رهيس. نيٺ شاهد ڪلهي تي ٿڦڪي هڻي مونکي منظرن ڏانهن ڏسڻ جو اشارو ڪيو، اسين پهاڙي منظرن کي ڏسندا رهياسون. آخر ڪيبل ڪار اسٽاپ تي پهتي، ان مان لهي لفٽ چيئر ۾ ويٺاسين ۽ واپس گلهره گلي پهتاسين. شام جو سج پهاڙن پويان ائين لهي ويو جيئن ڪنهن ڪنواري جي ريشمي بدن تان چنري کسڪي وئي هجي. هر طرف ڪڪر ڇانيل هئا. صنوبر ۽ چيل جي ڊگهن وڻن تي حسين وادي جو غم ڇانيل هو. اسان به الوداع چوڻ وقت اٻاڻڪا ٿياسين. ٽيڪسي ۾ اچي سوار ٿياسين. ٽيڪسي ڊرائيور، مهدي حسن ۽ ناهيد اختر جي دوگاني واري ڪيسٽ لڳائي، هڪ نغمو ”نين شرارت کرتي هين دل هوتا هي بدنام“ واري نغمي کان پوءِ اسين وري ڪيسٽ ٻڌڻ جي موڊ ۾ هئاسين. پر اوچتو مون ڊرائيور کي ٽيپ بند ڪرڻ لاءِ چيو، هن ٽيپ بند ڪئي آغا نور محمد مون کان سبب پڇيو، مون ٻڌايو ته سائين هن وقت سرد هوائون گيت ٻڌائين ٿيون ڪوهه مري کان جڏهن نڪرنداسين ته ڪيسٽ کي ٻيهر ٻڌنداسين. اسين خاموش ٿي هوا جا گيت ٻڌي رهيا هئاسون. اوندهه جي آمد ساڻ رستن تي بلبن جي روشني جو ڇنڪار ٿيو، اسين پهاڙي علائقي مان نڪري ميداني علائقي ۾ پهچي چڪا هئاسين. آغا صاحب مون کي چيو ته بشير هاڻي تون راڳ ٻڌاءِ. مون ٻه ٽي گيت دوستن کي ٻڌايا. هڪ ڀيرو وري ڊرائيور ڪيسٽ هنئي. اسين ناهيد اختر ۽ مهدي حسن جا گيت ٻڌندا تقربياً 8:30 وڳي اسلام آباد پهتاسين. حضرت امام بري رحه جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتح پڙهي ڪجهه دير مان حضرت امام بري رحه جي پيرانديءَ کان ويهي رهيس. اسين مزار کان ٻاهر نڪري چوگان ۾ ٻين قبرن تي حاضري ڀري ۽ فاتح پڙهي. اسين مزار کان ٻاهر نڪري وري ٽيڪسي ۾ ويٺاسين. ڊرائيور گاڏي اسٽارٽ ڪئي، آغا نور محمد صاحب ڊرائيوار کان پڇيو ته جناب اوهان سڄو ڏينهن اسان سان گڏ هيئو پر اوهين بلڪل گهٽ ڳالهايو آهي. آخر ڇا ڳالهه آهي؟ آغا صاحب هن جي بند دماغ کي کولڻ جي ڪوشش ڪئي هو کُلي پيو ۽ مسلسل ڳالهائيندو رهيو هن ٻڌايو ته جناب مان اڪثر خاموش رهندو آهيان. منهنجي گهرواري به منهنجي خاموشي ڪري مون کان طلاق ورتي آهي. وڌيڪ هن ٻڌايو ته هن سان منهنجو گهڻو پيار هو. پر افسوس جو منهنجي گهٽ ڳالهائڻ جي ڪري مون کان جدا ٿي وئي. عورت چاهيندي آهي ته مرد گهڻُو ڳالهائي پر منهنجي طبيعت گهڻ ڳالهائو ڪونهي تنهن ڪري نقصان ۾ آهيان. آغا صاحب چيس ته اوهان جو نقصان ٿيو آهي، هاڻي ته اوهان گهڻو ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيو، پوءِ هو اسان سان ڳالهائيندو رهيو. هو اسان کي اسلام آباد جي دولتمند خاندانن/ سياستدانن، غريبن جي زندگي، رهائش ۽ ٻين مسئلن بابت ٻڌائيندو هليو. هن اسان کي سنڌ هائوس، سينيٽ، قومي اسيمبلي، ايوانِ صدر، مختلف سفارتخانا، ٽي وي ۽ ريڊيو جون عمارتون ڏيکاريون. اسين رات جو 9:30 وڳي رائٽرزهاسٽل تي پهتاسين. ارشاد ڪمري ۾ موجود هو. ٿورو آرام ڪري ڊائننگ هال ۾ پهتس. جتي ماني کائي، ادل سائين جي ڪمري ۾ ويس، ادل سان سلام دعا ڪري سموري ڏينهن جو حال احوال ورتو. ادل اسان جي سنڌي شاعريءَ جو سرموڙ شاعرن منجھان هڪ آهي.

اوهان پنهنجي گهر جي ڪشادي پڌر مان
پرين جي پکين کي اڏاري نه ڇڏجو

ڏئي پيار دل مان ڌڪاري نه ڇڏجو
اسان کي او سهڻا وساري نه ڇڏجو

اڄ سمورو ڏينهن ادل ۽ ارشاد کان پري رهيس ۽ واپس ڪمري ۾ وڃي باقي احوال ارشاد کان ورتم. ارشاد ٻڌايو ته ادل ۽ مان راولپنڊي ويا هئاسين راجا بازار گهمياسين. ڪتابن جي خريداري ڪئي ۽ ڪجھه شاعرن سان ملياسين. رات جا 11:00 ٿيا هئا سمهي پياسين.

17.5.1999 سومر
صبح جو سوير ننڊ مان اٿي سيد قاسم محمود جي ڪمري ۾ آيس ۽ سيد قاسم محمود ناشتو ڪري رهيو هو. واعدي مطابق پنهنجي بايو ڊيٽا هٿ سان لکي ڏنم ۽ پوءِ ڪچهري ڪرڻ لڳاسين. ڪمري ۾ اڪادمي ادبيات جو ملازم ڀٽي صاحب آيو، جنهن ٻڌايو ته اوهان جون هوائي جھاز جون ٽڪيٽون آغا نور محمد کي ڏنيون آهن. فلائيٽ تقريباً منجھند جو 1:15 وڳي آهي تنهن ڪري اوهان هتان 12 وڳي ايئرپورٽ ڏانهن روانا ٿي ويندا. اهو ٻڌي ارشاد چيو هل ته يار هلون اڪيڊمي جي آفيس ۾ ڪجھه دوستن سان ملجي. اسين سيد قاسم محمود کان موڪلائي، هاسٽل کان نڪري اڪيڊمي جي آفيس ۾ پهتاسين. اسين ميڊم سعيده دراني جي آفيس ۾ وياسين، ميڊم جو نالو ادبيات جي پرچن ۾ پڙهيو هو. هن جو واسطو سکر سان آهي. ميڊم سان مون ۽ ارشاد پنهنجو تعارف ڪرايو. ميڊم پنهنجائپ واري روئي سان آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ سکر جي ادبي سرگرمين جا حوال ورتا. اسين اڌ ڪلاڪ سنڌي ادب ۽ سنڌي اديبن جي تخليقي پورهئي ۽ سگهه بابت ڳالهايو. ميڊم سعيده سفر بابت اسان کان احوال پڇيا، مون راءِ ڏني ته اڪادمي ادبيات طرفان مطالعاتي دورو هر سال ڪرائڻ کپي ڇو ته ان حوالي سان پاڪستان جا اديب پاڻ ۾ ملي هڪٻئي جي ويجھو ايندا، محبتون وڌنديون ۽ قومي يڪجھتي پيدا ٿيندي. اسان ميڊم سعيده کان موڪلائي ٻاهر نڪتاسين ته رستي ۾ آغا نور محمد، خيال آفاقي ۽ محسن ڀوپالي جن مليا. آغا صاحب چيو ته اچو ته ڊائريڪٽر جنرل سليم اختر ڪياني صاحب سان ملاقات ڪريون. اسين ڪمري ۾ داخل ٿياسين ته ڊي جي صاحب اٿي اسان کي ڀليڪار چيو هن هر هڪ کان خيريت معلوم ڪئي ۽ سفر بابت ڄاڻ ورتي. سليم اختر اسان کي عزت ۽ پيار ڏنو. اسين اتان نڪري، واپس هاسٽل آياسين، واپسي مهل مون ارشاد کي چيو ته پنهنجا پورٽريٽ هلي ڏسون ڇاڪاڻ جو پهرين ڏينهن اسان جون تصويرون پورٽريٽ لاءِ ورتيون ويون هيون. ارشاد چيو ڇڏ يار، دير ٿئي ٿي. اسين آغا صاحب جي ڪمري ۾ آياسين، ان وقت اسان کي آغا نور محمد جھاز جي ٽڪيٽ ڏني، اسان آغا صاحب جي ڪمري مان نڪري پنهنجي ڪمري ۾ آياسين، ڪپڙا ۽ ڪتاب سهيڙي ٽي وي ڏسڻ ويٺاسين، وقت 12:00 ٿيو هو. اسان سامان کڻي رسيپشن تي آياسين. اڪيڊمي جون گاڏيون اسان کي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ لاءِ تيار بيٺيون هيون. ميڊم نسيم محمود هاسٽل ۾ اچي اسان کي ايئرپورٽ پهچائڻ جي انتظامن کي سهنجو بڻايو. ميڊم نسيم جي ڏنل پيار ۽ شفقت کي ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين. ميڊيم نسيم اسان کي خدا حافظ چيو. اسان کي ائيرپورٽ تائين سلطان ڀٽي صاحب ڇڏڻ آيو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڀٽي صاحب الوداع چيو.

ڪوئيٽا روانگي

ڪوئيٽا روانگي
وقت 12:30 ٿيا هئا. اسين بورڊنگ ڪارڊ ٺهرائي لائونج ۾ آياسين، ٻيا به مسافر ويٺل هئا. اسلام آباد ايئرپورٽ تي بيٺل جھاز اسين لائونج جي شيشي واري درين مان ڏسي رهيا هئاسون، ٿوري دير ۾ اسان جي فلائيٽ PK-325 جو اعلان ٿيو. جھاز ۾ ويٺاسين، جھاز اندر منهنجي سيٽ اڪانومي ڪلاس ۾ پهرين صف ۾ هئي منهنجي پويان ارشاد جي ۽ آخر ۾ ادل سومري جي سيٽ هئي. جھاز 1:10 تي اسلام آباد ايئرپورٽ تان ڪوئيٽا لاءِ اڏام ڪئي، منهنجي هڪ پاسي کان ڏندن جو ڊاڪٽر ويٺل هو، ٻي پاسي هڪ پٺاڻ واپاري ويٺو هو. اسان اسلام آباد کي الوداع چيو. جھاز 10600 فوٽ بلندي تي مٿي هو. اسان سوا ڪلاڪ جھاز ۾ سفر ڪيوسين. جھاز اندر اسان کي لنچ ڪرائي وئي، جھاز ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي لهندي رن وي تي ڊس بئلنس ٿي ويو. مسافرن الله جا شڪرانا ادا ڪيا. هڪ نئين زندگي ملي وئي، اسين جهاز مان لهي هيٺ آياسين ته هلڪو مينهن وسي رهيو هو. مون آسمان ڏانهن نهاريو بادل آسمان تي ڇانيل هئا. موسم ۾ ٿڌاڻ هئي اسين سامان ڇڏائي جيئن ايئرپورٽ کان ٻاهر آياسين ته بلوچستان جي اديبن استقبال ڪيو ۽ اسان کي گلن جا هار پارايا. اسان جي آجيان ڪندڙن ۾ شيرمحمد، حسن جاويد، سلطان، ميڊم نجمه واحد، درويش دُراني، امداد سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي اديب شاعر ايئرپورٽ تي موجود هئا. اسان کي هڪ ويگن ۾ ويهاري بلوچي اڪيڊمي ڏانهن وٺي آيا. بلوچي اڪيڊمي جي مٿين حصي تي اسڪالر هاسٽل آهي جتي اسان کي رهائش ڏني وئي، بلوچي اڪيڊمي ۾ پهچڻ تي بلوچ اديبن ڀليڪار ڪئي، اسان کي ڪمرا الاٽ ڪيا ويا. منهنجي ڪمري ڀرسان ادل سومري ۽ فرحان دراني جو، ٻئي پاسي محسن ڀوپالي ۽ خيال آفاقي جو ڪمرو هو. اسين ڪمرن ۾ سامان رکي آرام ڪيوسين. شام جو 4:00 وڳي ارشاد کي چيم يار جيڪي گهمڻو اٿئي هينئر گهمي وٺ، هن کي منهنجي ڳالهه وڻي، هو اٿيو اسان تيار ٿي هيٺ لٿاسين، جناح روڊ تي گهمياسين اتان هڪ پي سي او تان ڳوٺ فون ڪئي.

محمود خان اچڪزئي سان ڪچهري

محمود خان اچڪزئي سان ڪچهري
پختونخواهه پارٽي جي دفتر تي منهنجي نظر پئي، مون ارشاد کي ٻڌايو ته محمود خان اچڪزئي جي آفيس آهي هل ته ملڻ هلوس، اڄڪلهه پونم اتحاد ۾ شامل آهي. سٺو ۽ سچو سياستدان آهي، تنهن ڪري ملڻ گهرجي ارشاد هائو ڪئي، اسين هيٺ بيٺل گن مين کان اچڪزئي صاحب بابت پڇيو هن ٻڌايو ته مٿي ويٺو آهي. اسين جيئن ئي مٿي آفيس ۾ پهتاسين، ته اندر ٻاهر تقريباً ويهارو گارڊ موجود هئا. اسان سندس ڪمري ۾ پهتاسون مون پنهنجو ۽ ارشاد جو تعارف ڪرايو. هو اٿي بيهي اسان سان ڀاڪر پائي مليو. اسان کي ويهڻ جي دعوت ڏنائين، حال احوال پڇيائين، ٻڌايومانس ته اسين اڪادمي ادبيات پاران پاڪستان جي مطالعاتي دوري تي نڪتل آهيون، تنهن ڪري اسين ڪوئيٽا ۾ اڪادمي ادبيات وارن جا مهمان آهيون. تنهن تي محمود اچڪزئي چيو ته اسان کي خوشي ٿيندي جو اوهان اسان جا مهمان ٿيندؤ. سائين اوهان جي مهرباني مون چيو، سنڌ ۾ ته وڏي گرمي آهي. محمود صاحب پڇيو؟ ها سائين پوءِ به سنڌ اسان سنڌين لاءِ جنت آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ منهنجو وطن آهي. پوءِ وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين ته پوءِ دعا ٿو ڪريان ته سنڌ ۾ وڌيڪ گرمي ٿئي. چيومانس ته سائين ايتري گرمي به نه هجي جو جنت گرم ٿي رجي وڃي. اسان سڀني کان ٽهڪ نڪري ويو. سنڌ ۾ پونم اتحاد جو ڇا حال آهي؟ اچڪزئيءَ پڇيو. سائين اهو ته اوهان بهتر ڄاڻو ٿا، مون وراڻيو. توهان به ته ڄاڻ رکندا هوندؤ، سنڌ ۾ رهو ٿا. اچڪزئي چيو. سائين اسان وٽ اهڙا اتحاد ٺهندا به جلدي آهن ته ڊهندا به جلدي آهن. سنڌ جي قوم پرست سياست اڃان تائين پنهنجي منزل جو تعين نه ڪري سگهي آهي. آخر ڪرڻو ڇاهي؟ بهرحال هاڻي پونم کي بقا هئڻ گهرجي، ڇاڪان جو مظلوم قومن جو اتحاد آهي، هاڻي اسان سڀني قوم پرستن کي سنجيده سياست جي سخت ضرورت آهي، مون چيو. اسان ريفريشمينٽ کانپوءِ اٿياسين. محمود صاحب چيو خوشي ٿي جو اوهان هتي آيا ۽ حال احوال ڏنا ۽ ورتاسين. وڏي مهرباني، اسين اتان ٿي واپس اسڪالر هاسٽل ۾ پهتاسين، شام جا 6:00 ٿيا هئا درويش دراني آيو اسان کي چانهه جي دعوت ڏنائين اسين سڀ دوست هاسٽل مان نڪري ڪيفي بلديه ۾ پهتاسين، ڪيفي بلديه ڪوئيٽا جو واحد انٽرٽينمنٽ مرڪز آهي. جتي اوپن ايئر ۾ ويهي ماڻهو ڪچهريون ڪن ٿا، ڪيفي بلديه جي کليل اڱڻ تي ڪرسيون ۽ ٽيبلون رکيل آهن. اسين هڪ ڪنڊ ۾ ويهي ڪچهري هنئي. ڪچهري هلندي مون درويش دراني کان پڇيو يار محمود اچڪزئي ڪيئن آهي؟ چيائين ماڻهو سچو آهي. پر قبائلي جھيڙن ۾ هن کي الجھايو ويو آهي. اهڙي طرح درويش دراني اسان کي ڪوئيٽا ۾ ادبي ۽ سياسي سرگرمين بابت ڄاڻ ڏني. اسان چانهه پي واپس هاسٽل تي آياسين هر دوست پنهنجي ڪمري ۾ آرامي ٿيو. شام 7:00 وڳي امداد سومرو ننڊ مان اٿارڻ آيو، امداد سومرو اڪادمي ادبيات ڪوئيٽا جي آفيس ۾ اسسٽنٽ آهي. اسين ننڊ مان اٿي تيارٿي ٽي وي لائونچ ۾ آياسين جتي سڀ دوست گڏ ٿيا. شير محمد صاحب به اڳواٽ موجود رهيو.
اسين سڀ گڏ ٿياسين ته شير محمد صاحب چيو هاڻي ڀلا هلجي آغا نور محمد هائو ڪئي. رات جا 8 ٿيا هئا اسان ڏاڪڻيون لهي هيٺ لٿاسين ۽ ويگن ويٺاسين.

چائنيز هوٽل ۾ ايوب بلوچ پاران ڊنر

چائنيز هوٽل ۾ ايوب بلوچ پاران ڊنر
اسين چائنيز هوٽل تي پهتاسين، جتي بلوچ اديب ۽ شاعر ايوب بلوچ اسان جي آجيان ڪئي. ايوب بلوچ اسان جي مان ۾ ڊنر جو بندوبست ڪيو هو. ايوب بلوچ قداور وزندار، ڳالهائڻ ۾ کرو آهي. اسان هڪ هال ۾ ويٺاسين، جتي پهريائين ڪچهري جو دور ٿيو. ايوب بلوچ، غلام رباني آگرو ڊي جي اڪادمي ادبيات واري دور ۾ چين جي دوري ۾ اديبن واري وفد ۾ شامل هو. هن چين جي ياترا بابت ڪيئي ڳالهيون ٻڌايون. هن ٻڌايوته اڪثر چيني اديب مون کي چيني سمجھن پيا. ايوب بلوچ پاڻ بلوچستان گورنمينٽ ۾ اعلى عهدي تي فائز آهي. ايوب بلوچ سان وفد جو تعارف ڪرايو ويو آخر ايوب بلوچ سنڌي اديبن جا ٿورا مڃيا.اسان ڊنر ڪري ٻاهر نڪتاسين. اتان 10:00 وڳي واپس هاسٽل تي پهتاسين. مان ڊائري لکڻ ويٺس. تقريباً 10:15 تي ڪمري کان ٻاهر نڪتس ته ٽي وي لائونچ ۾ ويٺل آغا نور محمد چيو ته بشير دوستن کي ڪٺوڪر ته آئيس ڪريم کائڻ هلون. ادل، لياقت، ڪوڙل ۽ مان آغا صاحب سان گڏ هاسٽل کان نڪري جناح روڊ تي آياسين، آئيس بار تي وڃي ويٺاسين جتي آغا صاحب آئيس ڪريم لاءِ آرڊر ڏنو. اسين اڄوڪي سفر سميت ايوب بلوچ جي خلوص بابت ڳالهايوسين، خاص ڪري اسين بلوچستان ۾ اڪادمي ادبيات پاران انتظامن تي ڳالهايوسين، ڪلاڪ کانپوءِ آئيس ڪريم بار مان نڪري واپس هاسٽل تي پهتاسين رات جا 11:30 ٿيا هئا بتي وسائي سمهي پياسين.

18.05.1999 اڱارو
صبح سوير ڪمري جو در کڙڪيو، مون دروازو کوليو ته امداد سومرو سامهون هيو، مون سلام ڪيو، هن سلام ڪري چيو ته جلدي تيار ٿي اچو ته ناشتو ڪرڻ هلون، مان تيار ٿي ڪمري کان ٻاهر نڪتس، ٽي وي لائونچ ۾ صوفي تي شير محمد ويٺو هو. ڀرسان آغا نور محمد صاحب ۽ ٻيا ساٿي هئا. هاسٽل کان هيٺ لهي آياسين ۽ ويگن ۾ ويٺاسين ويگن اسان کي ڪوئيٽا جي مشهور ۽ پراڻي فرح هوٽل جي دروازي تي لاٿو. فرح هوٽل جناح روڊ تي آهي گهٽي ۾ ڀرسان پختونخواهه پارٽي جو دفتر آهي. اسين ناشتو ڪري فرح هوٽل کان ٻاهر نڪتاسين. ناشتو ته ڄڻ منجھند جي ماني هئي.

ادارو ثقافتِ بلوچستان

ادارو ثقافتِ بلوچستان
10:10 تي اسين اداره ثقافت بلوچستان جي آفيس ۾ پهتاسين، اداره ثقافت بلوچستان جو دفتر جناح روڊ تي آهي ۽ بلوچي اڪيڊمي جي بلڪل پوئتان آهي. اسين جڏهن اداري ۾ پهتاسين ته اسان جي اداري جي ملازمن آجيان ڪئي. اسان ڏاڪڻ ٽپي مٿين منزل تي هڪ ڪمري ۾ وياسين. جتي اداري جي انچارج خادم مرزا آجيان ڪئي. خادم مرزا طبيعت ۾ ناسازي ڪري آفيس ۾ گهٽ ايندو هو. اڪثر گهر ۾ ئي رهندو هو. پر هن کي جڏهن خبر پئي ته سنڌ مان اديبن جو وفد آيو آهي ته هن شيرمحمد کي چئي اديبن کي اداره ثقافت بلوچستان ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. خادم مرزا جيڪو پاڻ خوش گفتار ۽ خوش مزاج انسان آهي. هو جڏهن ڳالهائي پيو ته اسين هن جي ڳالهين ۽ زندگي جي تلخ تجربن مان سبق پرائي رهيا هئاسين. هن چيو ته زندگي مختصر آهي جيترو ممڪن آهي ته انسان جي خدمت ڪجي. پاڻ کي تڪليف ڏئي ٻي کي خوشيءَ جو موقعو ڏنو وڃي، اهوئي انساني زندگيءَ جو مقصد آهي، ماڻهؤَ کي خوش رکڻ ۽ خلوص ڏيڻ اڄ جي سچائي آهي. خادم مرزا اداري بابت ٻڌايو ته هن جو بنياد 1970ع ۾ پيو. هي ادارو بلوچستان صوبي جي ثقافت جي ترقي لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. آغا نور محمد سنڌ جي وفد جو تعارف ڪرايو. خادم مرزا وفد کي مختلف پينٽنگز ڏيکاريون آخر ۾ ريفريشمينٽ ڪرائي وئي. اسان کي خادم صاحب موڪلائڻ وقت ڪتاب تحفي ۾ ڏنا. مرزا صاحب کان موڪلائي، اسين آفيس کان ٻاهر نڪري ويگن ۾ ويٺاسين.

ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا

ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا
شيرمحمد ويگن واري کي ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا هلڻ لاءِ چيو ڪجھه ئي دير ۾ ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا جي عمارت اڳيان وين رُڪي، اسين لهي عمارت ۾ داخل ٿياسين. جتي سينئر پروگرام مئنيجر غلام حيدر حسرت اسان جي آجيان ڪئي. اسان کي ريڊيو جي عمارت جا مختلف حصا ڏيکايا ويا. اسان کي غلام حيدر حسرت بريفنگ ڏيندي چيو ته، ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا جو بنياد 1956ع ۾ پيو. ريڊيو ڪوئيٽا تان روزانو پنجن ٻولين ۾ نشريات هلي ٿي، جن ۾ اردو، بلوچي، بروهي، پشتو، هزاري ٻوليون شامل آهن. هزاري زبان ۾ نشريات افغانستان ۾ گهڻي ڀاڱي ٻڌي وڃي ٿي. خاص ڪري هتي رهندڙ افغاني به ريڊيو مان مزو وٺن ٿا. هزاري زبان جي نشريات ڪميونسٽ انقلاب خلاف اسلامي ويڙهاڪ جٿن ۽ افغان عوام کي متحد ڪرڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو. اسلامي ويڙهاڪن کي سجاڳ ڪيو ۽ حوصلو ڏنو آهي. اسان کي هڪ هال ۾ ويهاريو ويو، جتي ريڊيو انتظاميا سان اسان جو تعارف آغا نور محمد ڪرايو، اتي ڪچهري هلندي آغا صاحب ريڊيو ڪوئيٽا جي انتظاميا کان سوال ڪيو ته هتي ڪيترائي سنڌي رهن ٿا. اوهان سنڌي زبان کي اهميت ڇو نه ٿيا ڏيو؟ اتي ويٺل بلوچ اديب غوث بخش صابر وارڻيو ته جناب 25 لک بلوچ ڪراچي ۾ رهن ٿا اتي اوهان ڪراچي ريڊيو تي بلوچي نشريات لاءِ ڇو نه ٿا آواز اٿاريو؟ وچ ۾ غلام حيدر حسرت صاحب ڳالهائيندي چيو ته صابر صاحب مهمانن سان بحث نٿو ٺهي. مون بلوچستان ۾ ڏٺو ته اڪثر ماڻهو وفاقي حڪومت خلاف سڙيا ويٺا هئا، بس جتان وجھه ملين پيو اتي پنهنجي قومي حقن جي ڳالهه ڪري پيا وجھن، لڳي ائين پيو ته اسان کان به وڌيڪ مظلوم بلوچ آهن. آخر ۾ ريفيرشمينٽ ڪرائي وئي. ڪوئيٽا ۾ يوم تڪبير جون سرگرميون عروج تي هيون ۽ ميان نواز شريف صاحب سڀاڻي اچڻ وارو هو، تنهن ڪري ريڊيو، ٽي وي انتظاميا وٺ وٺان ۾ لڳي پئي هئي. ريڊيو وارن آغا نور محمد ۽ مون کي يوم تڪبير جي حوالي سان تاثرات رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ چيو، آءٌ تاثرات رڪارڊ ڪرائڻ نه پيو چاهيان. پر آغا صاحب حڪم ڪيو. پهريان آغا صاحب کي وقت ڏنائون پوءِ مون چاغي ۾ ايٽمي ڌماڪو ڪرڻ تي حڪومت جي ساراهه ڪئي ايٽم بم جي هجڻ بابت دليل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن انڊيا ايٽم بم رکي ٿو ته پوءِ پاڪستان کي پنهنجي دفاع لاءِ ايٽم بم رکڻ جو حق حاصل هجڻ گهرجي. يوم تڪبير کي عيد جي ڏينهن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. اسين رڪاڊنگ کانپوءِ اسٽوڊيو مان ٻاهر نڪتاسين، ٻيا دوست اسان جي انتظار ۾ ٻاهر بيٺا هئا. آءٌ جيئن ٻاهر آيس ته مسڪرائيندي ادل سومري سمورا رڪارڊ ٿيل جملا مون کي ٻڌايا، شايد هو رڪارڊنگ وقت پروڊيوسر واري ڪمري ۾ ويٺو هو، اسين ريڊيو انتظاميه کان موڪلائي رهيا هئاسون ته ريڊيو ڪوئيٽا جو اسٽيشن ڊائريڪٽر آغا محمد ڪاسي به آفيس ۾ پهتو. اسان جي خير و عافيت پڇيائين هن اسان کي دير سان پهچڻ تي معذرت ڪئي ۽ ٻڌايائين ته سرڪاري مصروفيت ڪري آفيس کان ٻاهر ويو هوس. اسين آغا محمد ڪاسي سان ٿورو وقت ڪچهري ڪري موڪلائي ويگن ۾ ويٺاسين.

پي ٽي وي سينٽر ڪوئيٽا

پي ٽي وي سينٽر ڪوئيٽا
ويگن ڪوئيٽا جي رستن تان ٿيندي پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جي مرڪزي دروازي تي پهتي. اسان ويگن مان لهي آياسين ته پي ٽي وي سينٽر ڪوئيٽا جي اسڪرپٽ ايڊيٽر سرور سودائي آجيان ڪئي. ڪوئيٽا ٽي وي جي عمارت خوبصورت ۽ جديد آهي. سرور سودائي صاحب ۽ ٽي وي جي ٻين پروڊيوسرن جن ۾ ساجد خان، زيب شاهد، درمحمد ڪاسي ۽ اطهر منگي شامل آهن. ٻين جا نالا ياد ناهن، اهي سڀئي دوست پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر کي گهمڻ وقت ساڻ هئا. هنن پروڊيوسرن ۾ ڪا به وڏائي نظر نه آئي، جيئن ڪراچي سينٽر جا پروڊيوسر پاڻ کي پي ٽي وي جو مالڪ سمجهي ٻئي ڪنهن غريب غرُبي تي اک ئي نه وجھن. اتي مونکي آغا نور محمد ڪراچي جي هڪ سنڌي پروڊيوسر جي رويي بابت شڪايت ڪندي ٻڌايو ته مون کي به هڪ سنڌي پروڊيوسر ڏاڍو ڏک ڏنو هو، ملڻ ۾ ڪنهن سردار يا جاگيردار وارو رويو رکن ٿا. جنهن جي رويي تي ڏک ٿو ٿئي. بهرحال پي ٽي وي ڪوئيٽا وارن اسانکي سرڪاري مهمان طور وڏي عزت ڏني. باقي رهيو اطهر منگي اهو ته آهي ئي ماکي مکڻ جھڙو ماڻهو. اسان مختلف اسٽوڊيوز گهمي هڪ وڏي هال ۾ گول ميز ٽيبل جي چوڌاري ڪرسين تي ويٺاسين. اتي اسان کي سرور سودائي بريفنگ ڏيندي ٻڌايوته ڪوئيٽا ۾ ٽي وي نشريات 1974ع کان هڪ پُراڻي عمارت اندر بحال ڪئي وئي. هيءَ نئين عمارت 1985ع ۾ ٺهي راس ٿي. جنهن ۾ اسين موجود آهيون. آخر ۾ ريفريشمينٽ ٿي. اسان سان پي ٽي وي انتظاميا ۽ پروڊيوسرن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، موڪلائڻ وقت پي ٽي وي جا پروڊيوسر ويگن تائين ڇڏڻ آيا. پروڊيوسر ساجد خان ليکڪن کي دعوت ڏني ته پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر لاءِ ڊراما لکن. مان ڀرپور هيلپ ڪندس. هن سينٽر تان وفد ۾ شامل خيال آفاقي صاحب جي لکيل ڊراما سيريل هلندڙ هئي. تنهن ڪري خيال آفاقي جي ڪافي ڄاڻ سڄاڻ هئي، اسان موڪلائي واپس آياسين.
منجھند جو وقت هو تنهن ڪري ويگن سڌو فرح هوٽل تي آئي، اسان ويگن مان لهي هوٽل ۾ وياسين ۽ ماني کائڻ ويٺاسين، اسان اطهر منگيءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي آيا هئاسون، هو ماني وقت اسان سان گڏ هو، ان وقت حسن جاويد مذاق ڪندي چيو ته اڄ ٻه منگي ڀائر آمهون سامهون ويٺل آهن، خدا خير ڪري، ان جملي تي سڀني ٽهڪ ڏنا. حسن جاويد وفد ۾ شامل اديبن کي درخواست ڪئي ته اهي هوٽل جي ٻي هال ۾ فوٽو ڪڍرائين ته جيئن ڪوئيٽا جي اخبارن ۾ سنڌي اديبن جو تعارف ۽ فوٽو گراف ڇپجن. اسين ماني کائي فوٽو ڪڍرايا ۽ هوٽل مان نڪري هاسٽل تي پهتاسون. اطهر منگي ساڻ هو، اسين پنهنجن ڪمرن ۾ پهتاسين، ادل ۽ اطهر منگي اسانجي ڪمري ۾ آيا. اسان پاڻ ۾ ڪچهري ڪئي. منجھند جو 2:45 تي امداد سومرو آيو چيائين ته هيٺ هلو. سلطان راشد القادري جي طرفان دعوت آهي. اسين ڪمري کان ٻاهر آياسين، اسان سڀئي گڏجي ٿوري دير لاءِ بلوچي اڪيڊمي جي دفتر وارن سان ملياسين. اتي اديبن جو پاڻ ۾ مختصر تعارف ٿيو. ۽ پوءِ ويگن ۾ سوار ٿياسين. 3:00 وڳي جناح روڊ تي هڪ مارڪيٽ اڳيان ويگن مان لٿاسين اتي لهي اسان مارڪيٽ اندر داخل ٿياسين، مختلف دوڪانن کان ٿيندا اسٽينڊرڊ بوڪ شاپ تي پهتاسين، جتي سلطان ارشد اسان جي آجيان ڪئي. ان وقت مون امداد کي سڏي چيم يار ڪوئٽا ۾ منهنجو دوست آهي. رضوان جمالي اوڏانهن هلڻو آهي. رضوان ڪهاڻيڪار ۽ ڊي آءِ جي اختر جانوري جو ڀاڻيجو آهي ۽ ملٽري آڊٽ اڪائونٽس ۾ ملازم آهي. مون امداد کي چيو هينئر دوست ڪچهري ڪندا ۽ چانهه پيئندا تيستائين موٽي اينداسين. مون آغا نور محمد کان اجازت ورتي مارڪيٽ کان ٻاهر نڪري ويگن ڊرائيور کي ڪينٽ واري علائقي ڏانهن هلڻ لاءِ چيو، ڪينٽ جو علائقو فوجي علائقو آهي، تنهن ڪري خوبصورت ۽ صاف سٿرو علائقو آهي. اسين نيپيئر لائين پهچون ٿا. گهر ڳوليندا رضوان جمالي جي گهر تي پهچون ٿا ته گهر کي تالو لڳل هو. افسوس ٿيم. خط لکي رضوان جي پاڙيسري جو در کڙڪائي ان جي هٿ ۾ ڏنم. اتان واپسي تي اسٽينڊرڊ بوڪ شاپ تي پهتاسين جتان دوست سلطان ارشد کان موڪلائي رهيا هئا. سلطان ارشد ٻڌايو ته هن جي طبيعت ٺيڪ ڪونهي هو ڪراچي علاج لاءِ ٻن ڏينهن ۾ روانو ٿيندو، اسين سڀني کيس دعائون ڏنيون اسان سلطان ارشد کان موڪلائي ويگن ۾ ويٺاسين.

پريس ڪلب ڪوئيٽا

پريس ڪلب ڪوئيٽا
شام جو 4:30 وڳي ڌاران پريس ڪلب ڪوئيٽا جي عمارت اڳيان ويگن رُڪي، اسين ويگن مان لهي پريس ڪلب جي عمارت ۾ داخل ٿياسين. اسان جي وفد جي ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ پهچڻ تي پريس ڪلب جي صدر اڪرام الله ۽ پريس ڪلب جي ادبي ڪاميٽي جي صدر امداد نظامي ۽ ٻين صحافين آجيان ڪئي. اسان کي ڪانفرنس هال ۾ ويهاريو ويو. جتي ڪجهه ٻيا صحافي به ويٺل هئا، آجياڻي جو پروگرام شروع ٿيو ته صدارت لاءِ محسن ڀوپالي کي دعوت ڏني وئي ساڻ پريس ڪلب جي صدر اڪرام الله کي به اسٽيج تي ويهڻ لاءِ دعوت ڏني وئي. جڏهن ته ميزباني جا فرائض امداد نظامي ادا ڪيا. امداد نظامي سينيئر اديب ۽ ڪالم نويس آهي. امداد نظامي اسان کي بلوچستان خاص ڪري ڪوئيٽا جي ادبي سرگرمين بابت ڄاڻ ڏني. جڏهن ته اڪرام الله وفد جا ٿورا مڃيا. محسن صاحب آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي پهريان پريس ڪلب وارن جا ٿورا مڃيا هن چيو ته اسان کي هتي جيڪا عزت ملي آهي، تنهن لاءِ ٿورائتا آهيون. اسان اوهان جو ڏنل قرب ۽ پيار سيني ۾ سانڍي رکنداسين، پروگرام جڏهن پورو ٿيو ته اتي اسان کي هال ۾ خبر ملي ته ڪراچي جيل ۾ آصف زرداريءَ خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ افواهه تي سموري پريس ۾ سناٽو ڇانئجي ويو ۽ اسان خاص ڪري سنڌي اديب پريشان ٿي وياسين. بهرحال اسين پنهنجي خوشگوار سفر جي خوشين وارا لمحا گذاريون پيا. انهن آخر ۾ اسان کي ريفريشمينٽ ڏني، موڪلائڻ وقت پريس ڪلب جي لان ۾ سڀني صحافين سان فوٽو گرافي ٿي ۽ موڪلايو، اتان نڪري اسين ويگن ۾ ويٺاسين، ويگن سڌو هاسٽل تي آئي. شام جا 5:30 ٿيا هئا. اسان ڪمري ۾ اچي آرام ڪيوسين ۽ وري شام جو 6:45 تي درويش دراني ڪمري جو دروازو کڙڪايو مون در کولي درويش کي سلام چئي اندر اچڻ لاءِ چيو، درويش دراني سان ڪچهري وقت ادل به ڪمري ۾ آيو. ٿوري دير اسين گڏجي ڪمري کان ٻاهر نڪري ٽي وي لائونج ۾ پهتاسين، جتي ٽي وي هلي رهي هئي. شير محمد ۽ آغا نور محمد شايد خبرون ٻڌي رهيا هئا. اسان به خبرون ٻڌڻ ۾ شامل ٿي وياسين. خبرون ٻڌي ٻاهر آياسين ۽ ويگن ۾ ويٺاسين، ويگن ڊرائيور کي ڪوئيٽا فليٽس، پشين روڊ ڏانهن هلڻ لاءِ چيو ويو.

پشتو اڪيڊمي ڪوئيٽا

پشتو اڪيڊمي ڪوئيٽا
7:30 وڳي پشتو اڪيڊمي جي در اڳيان ويگن بيٺي. اڪيڊميءَ جي خوبصورت عمارت پشتو اديبن پاران گڏيل سهڪار سان ٺهرائي وئي آهي، جتي انتظامي ڪمرن کان علاوه لائبريري به آهي. جتي اردو ۽ پشتو ادب جا ڪتاب موجود آهن. اڪيڊمي ۾ پهچڻ تي اڪيڊمي جي صدر يوسف منصور خان اسان جي آجيان ڪئي. اسان کي هڪ هال ۾ ويهاريو ويو، جتي ڪوئيٽا جا پشتو اديب اڳواٽ ويٺل هئا. يوسف منصور پهريان پشتو اديبن جو تعارف ڪرايو ۽ پوءِ آغا صاحب سنڌي اديبن جو تعارف ڪرايو. بريفنگ ڏيندي يوسف منصور خان ٻڌايو ته 1970ع ۾ پشتو اڪيڊمي جو بنياد پيو. اڪيڊمي اسان پشتو اديبن جي سهڪار سان هلي ٿي، اسان پشتو اديبن جا ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا آهن. يوسف منصور خان اڪيڊمي جا مول ۽ متا اسان آڏو پيش ڪيا. آخر ۾ ريفريشمينٽ ٿي اسان پشتو اديبن کان موڪلائي واپس هاسٽل آياسين.
اسان ڪمرن ۾ پهتاسين. ٿورو آرام ڪري رات جي ماني لاءِ جناح روڊ تي مشهور سجي هائوس پهتاسين جتي اسان کي هڪ مشهور بروهي وڪيل پاران ڊنر ڏني وئي هئي، اسين هوٽل جي ٻاهران اوپن ائير ۾ ڪرسين تي ويٺاسين. پهريائين دوستن جو تعارف ٿيو ۽ پوءِ هڪٻئي سان ڪچهري ڪرڻ لڳاسين. اسان جي آڏو ٻڪري جي سجي رکي وئي، هتي بروهي قبيلو پئسي وارو ۽ طاقتور آهي پر تنهن هوندي به هنن وٽ ڪافي سور ۽ تڪليفون آهن، ڪامريڊ برڪت آزاد جڏهن به خالد بروهي وٽ يا رستي تي ملندو هو ته پهريائين چوندو هو ته ”آءُ سورن جو سوداگر آهيان“ اسين پاڻ سورن جا سوداگر ٻيو وري سرڪاري مهمان ۽ وري پبلڪ پليس تي هاڻي هتي ڳالهايون ته ڇا ڳالهايون، سور ته سنڌين ۽ بلوچن جا ساڳيا آهن. اسين پئي ٻڌوسين. بروهي صاحب جيڪو اسان سان ڳالهائي رهيو هو، اُهو بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو ناميارو وڪيل آهي ۽ اڄ ئي نواز ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي اٿائين. اڄ اهڙو سدورو ڏينهن آهي جو ميان نواز شريف به هتي ڪوئيٽا ۾ آهي، جيڪو يوم تڪبير ملهائڻ جي سلسلي ۾ اعليٰ سطحي انتظامي گڏجاڻي واسطي هتي پهتل آهي. اسان ماني کائي، بروهي صاحب جا ٿورا مڃيا ۽ موڪلائي واپس هاسٽل پهتاسين.
رات 10:00 وڳي ادل سائين سان هاسٽل مان نڪري جناح روڊ تي آيم جتي ادل فون تي سکر گهر ڳالهايو. واپسي ۾ ادل ۽ مون سکر جي دوستن کي ياد ڪيوسين. خاص ڪري ايازگل کي. اسين ٽهلندا واپس هاسٽل تي پهتاسين ڪمري ۾ آيم ته ارشاد ساهي پٽڻ نه ڏني، چيائين ته موسم جو مزو وٺون. هل ته ٻاهر هلي گيٽ تي ويهون ٿا. رات جا 11:00 ٿيا هئا. چوڪيدار کي سڏ ڪيوسين ارشاد چيس يار اسان کي چانهه پيئار، مون ڏهه روپيا کير لاءِ ڪڍي چوڪيدار کي ڏنا. هو سائيڪل تي وڃي کير وٺي آيو، تيستائين اسين چوڪيدار جو ريڊيو ٻڌي رهيا هئاسين. اسين سُنسان رستي تي گيٽ ٻاهران زمين تي پلٿي ماري ويٺا هئاسون. ريڊيو انڊيا تي لتا سُر وکيري رهي هئي. ٿڌڙي موسم ۾ سيءَ جو احساس ٿي رهيو هو. ارشاد ۽ مان خاموش هئاسون. صرف انڊيا جا راڳ ٻڌي رهيا هئاسون.
ايتري ۾ چوڪيدار ٽي ڪوپ چانهه جا ٽري ۾ کڻي آيو. هڪ ڪوپ ارشاد کي ۽ ٻيو مون کي ڏنائين، ارشاد چوڪيدار کي مسڪرائيندي مهرباني چئي. چوڪيدار پنهنجو ڪوپ کڻي پلٿي هڻي اسان جي ڀرسان ويٺو ۽ چانهه پيئڻ لڳو. چانهه پيئڻ کانپوءِ لڱن ۾ گرمي محسوس ٿي، مون ريڊيو بند ڪيو، ريڊيو بند ڪرڻ تي ارشاد چيو ڇو بند ڪيئي؟ بس يار ڪچهري ٿا ڪريون. اسان مختيار ملڪ جي رويي، سنگت ۾ غير متحرڪ ڪردار تي ڳالهايو، ڪراچي جي دوستن غفار تبسم، رزاق سهتي ۽ رمضان نَول کي ياد ڪيوسين. رات جا 12:30 ٿيا هئا، مون ارشاد کي چيو يار هاڻي اٿي ته ننڊ هلي ڪريون. ڏاڪڻيون چڙهي مٿي ڪمري ۾ پهتاسين ۽ ڪمري جي بتي وسائي سمهي پياسين.

19.5.1999 اربع
اڄ صبح جو سوير ننڊ مان اٿياسين، تيار ٿي هيٺ آياسين، ويگن ۾ سوار ٿي فرح هوٽل تي پهتاسين، جتي ناشتو ڪري واپس ويگن ۾ سوار ٿياسين.

هنه ــ هوڙڪ ڍنڍ جو سير

هنه ــ هوڙڪ ڍنڍ جو سير
اڄ هنه هوڙڪ ڍنڍ جو سير ڪرڻو هو، ويگن ڪينٽ واري علائقي منجھان هلي رهي هئي. ويگن ڊرائيور بروهي نوجوان هو جيڪو گاڏيءَ کي تيزي سان هلائي رهيو هو، هڪ هنڌ فوجي جوانن اسان جي ويگن کي روڪيو، ڪينٽ جي رهائشي علائقن مان عام گاڏين جي گذرڻ تي پابندي آهي. شير محمد انهن فوجي جوانن کي ٻڌايو ته سنڌ جا اديب بلوچستان جي مطالعاتي دوري تي آيل آهن. ان سلسلي ۾ اڄ هنه ڍنڍ ڏانهن وڃي رهيا آهيون. فوجي جوان مسڪرائيندي چيو ته معاف ڪجو، اوهان اسان جا مهمان آهيو. اديبن واري وفد جون ”بلوچستان“ ۾ علمي ۽ ادبي سرگرميون اڄ صبح سان ڪيترن اخبارن ۾ پڙهيون آهن. فوجي جوان اسان کي اڳتي وڃڻ ڏنو. اسين ڪوئيٽا ڇانوڻي مان گذري رهيا هئاسون، ڪوئيٽا ڇانوڻي جو علائقو خوبصورت آهي ۽ رستا صاف ۽ ويڪرا آهن. امير ماڻهو هن علائقي ۾ رهائش پذير آهن. ڪوئيٽا کان نڪري چڪا هئاسون. هنه ڍنڍ ڪوئيٽا کان 15 ڪلوميٽر پري آهي، اسين ڍنڍ هنه تي پهتاسون، ويگن مکيه دروازو ٽپي هڪ هوٽل اڳيان بيهي ٿي. اسين ويگن مان لٿاسين. ڇا ته خدا جو رنگ آهي! هنه ڍنڍ جو نظارو ڏسندي مون کان بي اختيار لفظ نڪتا. هنه ڍنڍ پهاڙن جي گود ۾ ستل آهي. جيئن ڪنواري پنهنجي محبوب جي ٻانهن ۾ آرامي هجي. پاڻيءَ جون هلڪيون لهرون ائين هيون جيئن وينگس هٿ آڱرين سان پريميءَ جي وارن کي ڦڻي ڏيندي هجي، ڍنڍ تي چند ٻيڙيون ۽ هڪ وڏو ٻيڙو ڪناري تي بيٺل آهي. اسان سڀ وڏي ٻيڙي تي چڙهي ڪجھه پل گذارياسين، مون ادل سائين کي چيو ڏس يار! قدرت جو حُسن. اُتي هوٽل تي هندوستان جي مشهور ڳائڻي اناڊا جي ڪيسٽ هلي رهي ”اونچي نيچي هي گهگهريا، پتلي هي موري ڪمريا، او ذرا ڌيري چلو“ آغا نور محمد مون کان پڇيو بشير! هي ڳائڻي ڪير آهي؟ چيم سائين انڊين سنگر اناڊا آهي. اناڊا جو هي گانو جيڪو هاڻي هلي ٿو، اهو تمام گهڻو مشهور اٿس. آغا صاحب چيو ته يار ڳائي سٺو ٿي، آغا صاحب گاني جي هر لفظ کي ڌيان سان ٻڌو پئي، مون چيو سائين جيڪڏهن اوهان کي ڳائڻي وڻي ٿي ته اها ڪيسٽ ڪوئيٽا مان وٺنداسين ۽ اوهان جو شوق پورو ڪنداسين. بهرحال اوهان هنه ڍنڍ کي انجواءِ ڪيو، هنه ڍنڍ جي خوبصورتي جي واکاڻ جيتري ڪجي اها گهٽ آهي، رات جو هتي گهمڻ ۾ مزو ئي ٻيوآهي. اسين صبح جو آيا آهيون اسان کي خبر نه پئي ته صبح جو هنه ڍنڍ تي گهمڻ لاءِ شيڊيول ڪيئن ٺاهيو ويو آهي؟ اديبن کي صبح جو هنه جھيل تي مزو ايندو ڇا؟ مون سمجھيو ته بس وقت پورو ڪرڻو آهي، صبح جو ته هتي خاموشي کانسواءِ ٻيو ڪجھه به نه هوندو آهي. ڪو ماڻهو ئي ڪونهي، سواءِ چند هوٽل وارا. هاڻي ته ٻيڙي تي سير ڪرائڻ وارا به ڪو نه آهن، رات جو ڍنڍ تي ماڻهن جي وڏي رش هوندي آهي. جتي ستارن جي روشني جڳمڳائيندي آهي. اصل ۾ هن ڍنڍ جي سونهن رات جو ڏسڻ وٽان آهي، جتي عاشق ٿڌڙين هوائن ۾ رات جو پنهنجي خوابن جي دنيا ۾ هوندا آهن. ڪجھه وقت ترسڻ کان پوءِ اسين واپس ويگن ۾ ويٺاسين، ويهه ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي هڪ ٻي خوبصورت هوڙڪ ڍنڍ آهي جتي قدرتي آبشار آهن، آرڊي شيرمحمد خبر ناهي ڪهڙي سبب ڪري آرميءَ وارن کان هوڙڪ آبشار جي گهمڻ جي لاءِ پرمٽ وٺي نه سگهيو يا پنهنجي هلڻ جو موڊ نه هوس! بلوچستان دوري دوران اسان جو زيارت گهمڻ جو پروگرام شيڊيول ۾ شامل هو، پر اهو به شيدول مان خارج ڪيو ويو، جنهن تي افسوس ضرور ٿيو پر جيئن ته شير محمد اسان سان گڏ پاڪستان جي هن ادبي سفر ۾ شامل هو، تنهنڪري انتظام تڪڙ ۾ ڪري نه سگهيو، وري ملڪ جو وزيراعظم نواز شريف به ڪوئيٽا ۾ آيل هو، تنهن ڪري اسان جون اڪثر سرڪاري دعوتون ڪينسل ٿي ويون. بهرحال اسين هوڙڪ ڍنڍ جي ٻاهرين گيٽ تي ويگن روڪي سين. هوڙڪ ڍنڍ فوجي علائقي ۾ آهي، جنهن جي وڃڻ لاءِ خاص پرمٽ فوجي انتظاميه کان وٺڻي پوي ٿي. افسوس آهي جو خوبصورت ماڳ مڪان فوجي علائقن ۾هئڻ ڪري عام ماڻهو جو ماڳ تي وڃڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. اسين گيٽ تي ويگن مان لٿاسين، آبشار ڀرسان هوٽل تي ويٺاسين، آبشار وٽ گروپ فوٽو ڪڍراياسين. محسن ڀوپالي ڪباب کائڻ پسند ڪيا. اتي امداد سومرو ڪپڙا لاهي، گوڏ ٻڌي آبشار جي ٿڌي پاڻي ۾ تڙ ڪرڻ لڳو، اسين حيران ٿي وياسين ته ههڙي ٿڌي پاڻي کي اسين هٿ جي آڱر سان مس ڇهي سگهياسين سو امداد ان ٿڌي پاڻيءَ ۾ تڙ ڪري رهيو هو، هي ماڻهو آهي يا جِنُ؟ مون قدرتي حسن سان مالا مال علائقي تي نظر ڊوڙائي ۽ مٿي آسمان ڏانهن نهاريو. صوف، آڙو، ناشپتي، جي باغن سان هي علائقو وڪوڙيل آهي، هتي اهو مشهور آهي، ته جيڪڏهن صوف چوري پٽي کاڌو ۽ ڀاڳئي ڏسي ورتو ته پوءِ زبردست جھيڙو ٿيندو آهي. هتي باغ تقريباً پٺاڻن جا آهن. تنهنڪري جيڪڏهن گهري کائبو ته پٺاڻ عزت سمجھندا آهن ۽ پاڻ صوف پٽي کائڻ لاءِ ڏيندا آهن. حسن جاويد اسان کي ٻڌائي رهيو هو. هتي رات جو زبردست مزو ٿيندو آهي، دل چوندي آهي ته سڄي رات هتي گذارجي. اسين ريفريشيمينٽ کانپوءِ واپس ويگن ۾ ويٺاسين، واپسي ۾ اسين باغن جي وچ مان لنگهياسين، اسين هن خوبصورت علائقي کان نڪري ڪينٽ واري رهائشي علائقي ۾ پهتاسين حسن جاويد ويگن واري کي روڪي ڪجھه وقت ترسڻ لاءِ چيو اسان کي چيائين ته هيٺ لهي ڪوهه مردار جي چوٽي تي ”سليپنگ ڪوئين“ جو ديدار ڪيو. اسين ويگن مان هيٺ لهي روڊ جي ساڄي پاسي تي ڏٺوسين ته خوبصورت خيالي دوشيزه ڪوهه مردار جي پهاڙ جي چوٽي تي ستل آهي، سندس وار پوئتي وکريل آهن ۽ اکيون بند آهن، بند اکين ۾ سپنا آهن، اهو قدرتي منظر ڏسي واپس ويگن ۾ ويٺاسين.

پي ٽي وي سينٽر ۾ وزيرِ اعليٰ جان محمد جمالي جو خطاب

پي ٽي وي سينٽر ۾ وزيرِ اعليٰ جان محمد جمالي جو خطاب
اسين پي ٽي وي سينٽر پهتاسين، جتي خاص پروگرام جي دعوت مليل هئي، وقت 12:30 ٿيو هو. نيوڪليئر وين (Nuclear vision) جي نالي سان يوم تڪبير جي موقعي تي چاغيءَ ۾ ايٽمي بم ڌماڪي بابت پروگرام جي لائيو رڪارڊنگ هئي، وزيراعلى بلوچستان مير جان محمد جمالي خاص مهمان هو. اسين هڪ اسٽوڊيو ۾ ويٺاسين، ساڻ گورنمينٽ جا آفيسر صحافي ۽ ريڊيو ڪوئيٽا جا نمائندا ويٺل هئا. اسين ويٺاسين ته ڪجھه منٽن ۾ وزيراعلى بلوچستان مير جان محمد جمالي هال ۾ آيو پروگرام جو باقاعدي آغاز ٿيو، پاڪستان جو قومي ترانو ڳايو ويو. اسين احترامن اٿي بيٺاسين، اسان کي ڏسي اطهر منگي هال ۾ آيو ته هو اسان سڀني سان مليو ۽ مون کي ڏسي هٿ ۾ هٿ ڏئي، پنهنجي ڪمري ۾ وٺي آيو ۽ مان سندس ڀرواري ڪرسي تي ويهي رهيس، ڪافي دير تائين اطهر سان مون ڪچهري ڪئي، اسين سنڌ جي اديبن کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت تي ڳالهايو. اطهر پنهنجا نڪور چؤسٽا ٻڌايا، مان جيترو وقت ويٺس ته هن وٽ ڪا به عورت وغيره نه آئي جنهن کي ڏسي اکيون ٿڌيون ٿين. اطهر ٻارڙن جي پروگرام جو پروڊيوسر آهي، سندس طبيعت به معصوم ٻارڙن وانگر محبت ڪندڙ آهي. پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي ڪنهن به پروڊيوسر وٽ وڃبو ته ڪا نه ڪا ڇوڪري ويٺي روح ٺاريندي آهي، هتي بنهه اوندهه لڳي پئي آهي، مان پنهنجي خيالن مان نڪري اطهر کي چيم يار تون هاڻي ڪراچي بدلي ڪرائي اچ، چيائين يار هتي خوش آهيان. ڪراچي سينٽر ۾ وٺ وٺان گهڻي آهي. هتي سڪون آهي ڪيترن ئي سالن کان هتي رهان ٿو ٻار به هتي سيٽ ٿي ويا آهن. چيومانس ڀائو وڌيڪ تنهنجي مرضي. ٿوري دير کانپوءِ اطهر کي چيو ته يار هل ته ڀلاهنن يارڙن کي ڏسون شايد پروگرام ختم ٿي ويو هجي. اسين هيٺ لٿاسين ته پروگرام ختم ٿي چڪو هو. ٻيا دوست به هال کان ٻاهر نڪري آيا، اسان سڀئي اطهر کان موڪلائي واپس ويگن ۾ ويٺاسين. اطهر کي چيم ته شام جو قلم قبيلي وارن سنڌي اديبن جي مان ۾ گڏجاڻي رکي آهي اتي ضرور اچجانءِ.

قلم قبيلي جي آفيس ۽ چلڊرين اڪيڊمي

قلم قبيلي جي آفيس ۽ چلڊرين اڪيڊمي
شام جو 4:30 وڳي تيار ٿي ادل جي ڪمري ۾ آيس ته ادل سومرو تيار ٿي رهيو هو، اسان گڏجي ڪمري کان ٻاهر نڪري ڏاڪڻيون لهي ويگن ۾ ويٺاسين. تقريباً 5:00 وڳي شام جو اسين ڪوجڪ روڊ تي قلم قبيلي جي آفيس ۾ پهتاسين. اسان جي آجيان قلم قبيلي جي جنرل سيڪريٽري عابد رضوي کان سواءِ ٻين کوڙ سارن اديبن ڪئي. هن آجياڻي واري پروگرام ۾ عابد رضوي، محسن شڪيل، سلطان ارشد، سرور جاويد، ايوب بلوچ، امداد نظاماڻي، ميڊم نجمه واحد، اطهر منگي، خادم مرزا، درويش دراني سميت ڪيترائي اديب شريڪ هئا. اسان کي قلم قبيلي جي آفيس جو دورو ڪرايو ويو. قلم قبيلي جي آفيس واري عمارت بلوچستان جي اڳوڻي گورنر، جنرل رحيم الدين خان جي گهر واري ميڊم ثاقبه رحيم الدين جي اڻٿڪ جدوجھد سان ٺهي راس ٿي. ميڊم ثاقبه رحيم الدين پاڻ به صنف سخن سان وابستا آهي. هن اداري جا گهڻي ڀاڱي پنجابي زبان جا اردو اديب ميمبر آهن. انور خان وڌيڪ ٻڌايو ته هي عمارت 1979ع ۾ ٺهي راس ٿي. سيپٽمبر 1980ع ۾ جنرل ضياءُالحق افتتاح ڪيو، ميڊم ثاقبه رحيم الدين هن اداري جي تاحيات چيئرپرسن آهي. هن اداري جي اڏاوت تي تقريباً 30 لک روپيا خرچ آيا آهن. اديبن جي رهائش لاءِ هاسٽل جي سهولت موجود آهي. اسان لائبريري گهمي ڏٺي جتي چند سنڌي ڪتاب به موجود آهن. اسان کي هڪ هال ۾ ويهاريو ويو، جتي پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي، ڪارروائي هلائڻ لاءِ نوجوان شاعر سرور جاويد مٿي اسٽيج تي آيو. سرور جاويد سرڪاري آفيسر هئڻ سميت هڪ سٺو شاعر پڻ آهي هُو ٻن ٽن ڪتابن جو تخليڪار آهي. سرور جاويد ڪاروائي هلائيندي پهريائين قلم قبيلا سان سلهاڙيل اديبن جو تعارف ڪرايو. شير محمد قلم قبيلا وارن جا ٿورا مڃيا، انور خان چيو ته اوهان هتي آيا آهيو اسان کي خوشي ٿي آهي اديبن کي پاڻ ۾ ويجھو آڻڻ لاءِ اڪيڊمي آف ليٽرز تاريخي ڪم ڪيو آهي. جنهن لاءِ هُنَ جس لهڻو. آخر ۾ اسان کي ڪتابن جا تحفا ڏنا ويا. ريفريشمينٽ وقت مان ارشاد، محسن، شڪيل، خادم مرزا هڪ الڳ ڪمري ۾ ڪچهري ڪئي سين، محسن سان تعارف ٿيو، محسن شڪيل اسٽيٽ بئنڪ ۾ ملازم ۽ سٺو شاعر آهي. هن جي ڪچهريءَ مزو ڏنو. اسين قلم قبيلا وارن کان موڪلايوسين. قلم قبيلا جي ميمبرن ۽ عهديدارن اسان کي الوداع چيو. اسين پنڌ قلم قبيلا جي ڀرسان چلڊرين اڪيڊمي ۾ پهتاسين. سلطان ارشد ۽ اطهر منگي اسان سان گڏ هئا. چلڊرين اڪيڊمي جي پرنسپال محمد انوارالله صديقي اسان جي آجيان ڪئي. محمد انوارالله اسان کي چلڊرين اڪيڊمي جا مختلف ڪلاس ۽ لائبريري گهمائي. هن ٻڌايو ته چلڊرين اڪيڊمي جو بنياد 1986ع ۾ پيو. هي ادارو ميڊم ثاقبه رحيم الدين جي ڪوششن سان تعمير ٿيو. هتي سوين ٻارڙن جي ذهني نشو نما ۽ اخلاقي تربيت ۽ بهترين تعليم ٿئي ٿي. ريفريشمينٽ ٿي، ان کان پوءِ اسين موڪلائي واپس هاسٽل پهتاسين ته سج لهي ويو هو. ٿورو آرام ڪري ٻاهر نڪتاسين ته ٽي وي لائونج ۾ درويش دُراني انتظار ڪري رهيو هو. جنهن ڪيفي بلديا تي چانهه جي دعوت ڏني. ادل، مان، ارشاد، اطهر ۽ درويش هاسٽل کان ٻاهر نڪري گهمندا ڦرندا، هوا کائيندا، ڪيفي بلديا ۾ پهتاسين. ڪيفي بلديا هاءِ ڪورٽ اڳيان آهي. درويش دُراني چانهه جو آرڊر ڏنو ۽ اسين ڪچهري ۾ مصروف ٿي وياسين. ڳالهين هلندي مون درويش کان پڇيو درويش ڏي خبر، تون پٺاڻ آهين ڇا ٿو سمجھين ڇا هڪ اديب کي سياست ۾ دلچسپي وٺڻ گهرجي يا نه؟ منهنجي سوال تي هن هڪ وسيع ليڪچر شروع ڪري ڏنو، هن چيو ته اديب کي پهريائين پنهنجي قوم سان سچو ٿيڻو پوندو. مان اي اين پي جي نظرئي کي صحيح سمجھندي اي اين پي اڳواڻن جي حمايت ڪريان ٿو. اسان کي سياسي اڳواڻن تي به نظر رکڻ گهرجي. سياسي ۽ سماجي مسئلا اسان کان الڳ ناهن، جيڪي اديب سمجھن ٿا ته سياست جدا شيءِ آهي ۽ ادب جدا شيءِ آهي، اها انهن جي عظيم غلطي آهي. اسين چانهه پي رهيا هئاسون. درويش جو ليڪچر جاري هو. ادل بور ٿيندي چيو ته يار سياست تي ڇو ٿا ڳالهايو. مون ادل کي چيو ته يار اسين اديب سنڌ ۾ ڇا ٿا ڪريون ۽ هي هتي ڇا ٿا ڪن. ارشاد، ادل کي چيو يار بشير پاڻ سياسي ذهنيت رکي ٿو. تنهن ڪري هو پنهنجي سوچ ۾ آزاد آهي. اسين چانهه پي هوٽل کان پوءِ واپس هاسٽل تي پهتاسين. رات ٿي چڪي هئي، شير محمد صاحب اسان جي انتظار ۾ ٽي وي لائونج ۾ ويٺل هو، چيائين يار ايڏي دير، هينئر هلو ته ماني کائي اچون، اسين واپس هيٺ لٿاسين، افغان هوٽل تي ماني کائي واپس هاسٽل پهتاسين. مون وقت ڏٺو، رات جا 10:00 ٿيا هئا. ادل ڪمري ۾ آيو چيائين ته يار هل ته فون ڪري اچون، هيٺ لهي جناح روڊ تي پول ۾ لڳل ٽيلي ڪارڊ فون تان سکر ڳالهايوسين. مون گهر ميسيج ڪيو ته سڀاڻي رات جو اڍائي وڳي نائٽ ڪوچ ذريعي روهڙي پهچنداسين. ماني تيار ڪري رکندا. فون بند ڪري واپس هاسٽل پهتاسين. اڄ اسان جي وفد کان محسن ڀوپالي موڪلائي پنهنجي پٽ ڏانهن هليو ويو. سندس وڏو پٽ ڪوئيٽا ۾ پاڪ فوج ۾ ميجر جي عهدي تي فائز آهي. هو فيملي سميت هاسٽل تي آيو هو ۽ محسن صاحب کي وٺي ويو. محسن صاحب سان گهاريل 15 ڏينهن زندگي جا يادگار ڏينهن آهن. محسن صاحب جي الوداع ڪرڻ تي دل کي ڏاڍو ڏک ٿيو. جيئن پنهنجي پياري ماڻهؤَ جي موڪلائڻ وقت ڏک ٿيندو آهي. محسن اسان سڀني کي اولاد جيان پيار ڏنو ۽ اهوئي محسن ڀوپالي هو، جنهن مون کي هائيڪو لکڻ لاءِ گهڻو اتساهيو، محسن ڀوپالي سنڌ جي وڏي پائي جو شاعر آهي، هن جو سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن سان گهرو پيار ۽ ناتو رهيو آهي، تنهن ڪري اسان سڀني سنڌي اديبن به کي ان سان انتهائي پيار، محبت آهي.

چاہت میں کیا دنیادار ی، عشق میں کیسی مجبوری
لوگوں کو کیا سمجھانے دو، ان کی اپنی مجبوری
مدت گذری اک واعدے پر، آج بھی قائم ہے محسن
ہم نے ساری عمر نباہی، اپنی پہلی مجبوری
میں نے دل کی بات رکھی ، اور تو نے دنیا والوں کی
میری عرض بھی مجبوری تھی، ان کا حکم بھی مجبوری


کیسے سمجھاؤں دل زار سمجھتا ہی نہیں
میری مشکل میرا غمخوار سمجھتا ہی نہیں
وقت کا کیا ہے، کسی وقت بدل سکتا ہے
اپنے نشے میں وہ سرشار سمجھتا ہی نہیں۔


موت مشکل ہے جینا دو بھر ہے
سانس ہے یا شکستہ خنجر ہے


آدمی کیا کیا جتن کرتا ہے
ایک تختی ایک کتبے کے لیئے


یہ زمین آسمان ہیں پیارے
اپنی اپنی اڑان ہیں پیارے
ہم نے چاہا تھا، ہم نہ چاہے گئے
کل یہ ہی داستان ہے پیارے


ہائیکو
اشکوں کی رم جھم
ایسے میں کیا بھائے گا
پھولوں کا موسم

سرما کی رات
باتیں کرتا سناٹا
لو دیتی آواز

محسن ڀوپالي 19 سيپٽمبر 1932ع ۾ سهاڳ پور، ڀوپال ۾ پيدا ٿيو. ”شڪستِ شب“ سندس پهريون مجموعو ڪلام آهي. ”منظر پتلي ۾“ سندس هائيڪن جو مجموعو آهي.

20.5.1999 خميس
اڄ اسان جون ڪي به سرڪاري مصروفيتون ڪونهن، اسين آزاد هئاسين، اڄ اسان جي 5:15 تي شام جو ڪوئيٽا ايڪسپريس (نائٽ ڪوچ) ذريعي سکر روانگي هئي. ارشاد ۽ مان تيار ٿي ڪمري کان ٻاهر آياسين صبح جا 10:00 ٿيا هئا. شير محمد حسب معمول ٽي وي لائونج ۾ صوفن تي ويٺو هو. ڀرسان آغا نور محمد، لياقت جوڻيجو ۽ خيال آفاقي به صوفن تي ويٺا هئا. اسان به سلام ڪري صوفن تي ويٺاسين. ادل سومرو ۽ فرحان دراني ڪمري مان نڪري آيا. اسين هيٺ لٿاسين.

بلوچي اڪيڊميءَ جو د‍ؤرو ۽ آجياڻو

بلوچي اڪيڊميءَ جو د‍ؤرو ۽ آجياڻو
بلوچي اڪيڊمي جو تفصيلي دورو ڪيوسين ۽ انتظاميا سان ملياسين. جنرل سيڪريٽري اثيرعبدالقادر شاهواڻي آجيان ڪندي پنهنجي ڪمري ۾ ويهاريو ۽ ريفريشمينٽ ڪرائي. بلوچي اڪيڊمي ٽن منزلن تي ٺهيل آهي. گرائونڊ فلور تي لائبريري، ڪچن ۽ ٻه ڪمرا آهن. ٻي فلور تي انتظامي ڪمرا ۽ ڪانفرنس هال آهي، جڏهن ته ٽين فلور تي اديبن جي رهائش لاءِ اسڪالر هاسٽل آهي. جتي اسان جي رهائش هئي. هن عمارت جو پلاٽ وزيراعليٰ اختر علي مينگل فراهم ڪيو ۽ جڏهن عمارت تيار ٿي ته افتتاح مارچ 1999ع ۾ وزير اعلى اختر علي مينگل جي هٿان ٿيو. اڪيڊمي ۾ اسين پهريان مهمان هئاسون، عبدالقادر شاهواڻي جنرل سيڪريٽري بلوچي اڪيڊمي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بلوچي اڪيڊمي کي محڪمه تعليم بلوچستان ڏهه لک روپيا اڪادمي ادبيات پاڪستان نوي هزار ۽ ڪوئيٽا ميونسپل ڪارپوريشن 12 هزار روپين جي امداد ڏئي ٿي.
عبدالقادر شاهواڻي ۽ چيئرمين جان محمد دشتي جا آغا نور محمد ۽ شير محمد صاحب ٿورا مڃيا. بلوچي اڪيڊمي پاران اسان کي ڪتابن جا سيٽ تحفي ۾ ڏنا ويا. ان کانسواءِ اسان لائبريري ۾ وياسين جتي سنڌي ڪتابن کان سواءِ انگريزي، اردو، پشتو ۽ بلوچي ادب جا ڪتاب موجود آهن. لائبريرين سان ارشاد ۽ منهنجي روزانه سلام دعا ٿيندي هئي، آخري ڏينهن تي ارشاد ۽ مان پنجاب مان تحفي طور مليل ڪجھه ڪتاب ۽ اخبارون لائبريري لاءِ ڏنيوسين.
اسان بلوچي اڪيڊمي مان نڪري ويگن ۾ ويٺاسين. اسين لياقت بازار جي جي پڇڙي ۾ هڪ هوٽل تي ناشتي لاءِ پهتاسين، ناشتي ۾ لسي، پاوا، حلوه پوري، اسان جي اڳيان رکي وئي. اسان ناشتو ڪري ٻاهر نڪتاسين ته شيرمحمد چيو ته هينئر اوهان کي جيڪي خريد ڪرڻو آهي سو خريد ڪيو. هي بازار ۽ توهان. ٺيڪ 12:30 وڳي هاسٽل تي پهچندا. اسان مان ڪيترن ئي دوستن پهريائين اڪيلا ٿي خريداري ڪئي. مون گهر وارن لاءِ ڪپڙا، ايراني ٽافيون ۽ چيونگم، پسته ۽ بادام کانسواءِ ڪاسميٽڪس جون شيون ورتيون. اليڪٽرانڪ گهڙي ورتي. لياقت بازار ۾ خريداري کان واندو ٿيس ته ادل ۽ ارشاد سامهون نظر آيا. ارشاد ۽ ادل وارن کي هٿ ۾ خريد ڪيل شين جون شاپنگ بيگس هيون. ادل چيو ته ڪمبل وٺڻا آهن. سو ٻه ٽي دڪان ڏٺاسين. آخر وڃي طارق اسٽور تان ادل سائين ٻه ڪمبل ورتا، في ڪمبل 1130 روپين ۾ مليو. ادل ٻڌايو ته هي ڪمبل سکر ۾ 1800 روپين ۾ ملي ٿو. ٿورو اڳيان هلياسين ته ارشاد ڪيسٽ جي دوڪان تي چڙهي ويو. اسان به ساڻس گڏ هئاسين. ارشاد انڊين ڳائڻين شويتا شيٺي، جسپندرنرولا جي ڪيسٽ ورتي. جنهن ۾ مشهور گانا ”دل لالي“ ۽ ”هي نا“ مشهور آهن. اها ڪيسٽ مون کي ڏاڍي وڻندي آهي. سامهون آغا نور محمد صاحب، لياقت ۽ فرحان دراني آيو چيم ته سائين مشهور ڳائڻي اناڊا جي ڪيسٽ خريد ڪريو. جيڪا اوهان جي پسند آهي چيائين ته ڏسون ٿا اڃان ته بازار ۾ گهمون ٿا. اسان ٽئي دوست ميزان چوڪ تان رڪشي ۾ چڙهي هاسٽل پهتاسين. ٽي وي لائونج ۾ شيرمحمد اسان جي انتظار ۾ اڳ ئي ويٺل هو. هن اسان کي سلام ڪيو ۽ خيرت سان پهچڻ ۽ خريداري بابت احوال ورتا. اسين ڪمرن ۾ سامان رکي ڪجهه وقت ساهه پٽيو ۽ پوءِ سامان ٿيلهن ۾ وڌوسين. ڪتابن کي شاپنگ بيگ ۾ وڌو. سامان هڪ سائيڊ تي رکي ڪمري کان ٻاهر نڪتاسين. مون شيرمحمد کي چيو ته سائين 15 منٽ اسان کي اجازت ڏيو ته بلوچستان سيڪريٽريٽ ۾ سرور جاويد سان ملي اچون. هن کي اسان فون ڪئي آهي ۽ هواسان جي انتظار ۾ آهي. اسان کي گاڏي ڏيو. هن امداد سومري کي چيو ته ڊرائيور کي چئه ته مهمانن سان گڏجي وڃي. اسين ڊرائيور کي چيو ته يار اسان کي جلدي سيڪريٽريٽ پهچاءِ. اسين سيڪريٽريٽ ۾ گاڏي پارڪ ڪئي. پڇا ڪرائيندا سرور جاويد جي ڪمري ۾ پهتاسين، سرور جاويد ڪمري ۾ ڪو نه هو. پٽيوالي کي چيوسين ته ٻيلي سرور جاويد کي ڳولهي اسان جو اطلاع ڏينس. هن چيو ته سرور جاويد اوهان جو انتظار صبح کان ئي ڪري پيو، اوهان دير سان پهتا آهيو. سرور جاويد ڪوئيٽا ۾ سيڪريٽري، آر ٽي اي جي عهدي تي فائز آهي. اسان انتظار ڪرڻ لڳاسين. جيستائين سرور صاحب اچي. مون بدرالدين اڄڻ کي فون ڪيو جيڪو ڊپٽي سيڪريٽري، هوم ڊپارٽمينٽ ۾ آهي. پاڻ فون اٽينڊ ڪيائين. سائين بشير منگي پيو ڳالهايان، ڪيئن آهين ۽ ڪٿان ٿو ڳالهائين، سائين مان سرور جاويد جي آفيس مان ٿو ڳالهايان، پوءِ مون ڏي اچ نه، نه سائين تڪڙ آهي، پندرهن منٽن جي اجازت وٺي هتي آيا آهيون پر سائين اسان هتي چئن ڏينهن کان رهائش پذير آهيون. نه سار نه سنڀال! چيائين ته مون کي ته ڪا خبر ئي ناهي، چيم سائين اڄوڪي اخبار ۾ سنڌ جي اديبن جو تعارف ڇپيو آهي ۽ اخبار جنگ ۽ ٻين اخبارن ۾ اسان جون ڪوئيٽا ۾ سرگرميون ڇپجن ٿيون. ڀلا ڪٿي ترسيل آهيو؟ ٻڌايومانس ته سائين بلوچ اڪيڊمي ۾ پر اسين اڄ (نائٽ ڪوچ) ڪوئيٽا ايڪسپريس ۾ شام 5:15 تي سکر روانه ٿي وينداسين. چيائين ته ٺيڪ آ مان وقت ڪڍي اچان ٿو، فون رکي ته سرور جاويد آيو. سلام دعا ۽ خير خيرت ٿي. هن پٽيوالي کي بيل هڻي سڏيو، ارشاد چيس ته سائين هينئر تڪڙ ۾ آهيون آغا گل صاحب ڏي وڃڻو آهي. اسان وعدي مطابق حاضري ڀري سين. زندگي رهي ته وري ملبو. پر هاڻي جڏهن ٻي ڀيري اچو ته مون ڏي ضرور ايندا. ضرور سائين ضرور اچبو. سرور جاويد جي غزل جون هي سٽون مون کي ڏاڍو وڻنديون آهن.

تھی اڑان کیسی پرندے آئے نہ لوٹ کر
اسی رہ گذر پہ منتظر تو شجر بھی تھا

مجھے سب زندگی کی تلخیاں منظور ہیں لیکن
میری چشم تمنَا سے گلوں کے خواب مت چھیِنو

سرور جاويد غزل جو تمام سٺو شاعر آهي، سندس مجموعو ”سر محبس شب“ شايع ٿيل آهي. سرور جاويد سان موڪلائي سيڪريٽريٽ مان نڪري پيجارو ۾ ويٺاسين ۽ هاسٽل تي پهتاسين. جتي دوست اسان جي انتظار ۾ ٻاهر گيٽ تي بيٺل هئا. سڀ دوست گاڏي ۾ ويٺا، پيجارو آغا گل صاحب اسان ڏانهن موڪلي هئي. اسان پبي روڊ تي مشهور سينيما جي ڀرسان سندس جاءِ تي پهتاسين آغا گل جي نوڪر اسان کي اوطاق ۾ ويهاريو، ٿوري دير ۾ آغا گل آيو، جنهن اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، آغا گل ڪهاڻيڪار آهي. پاڪستان پوسٽ آفيس ۾ ڪميشنڊ آفيسر آهي. هن دير سان اچڻ تي معذرت ڪئي ۽ ٻڌايو ته پوليس ۽ پوسٽ مين جو مسئلو هو. ان مسئلي کي حل ڪندي دير ٿي وئي. اسان جڏهن ڪچهري ڪري رهيا هئاسون ته اوچتو بجلي هلي وئي آغا گل بجليءَ وارن ڏي ڪاوڙ ڪندي صرف ايترو چيو ته گاريون ڪنهن کي ڏيان واپڊا جو چيف، جيڪو رٽائرڊ آرمي آفيسر آهي اهو منهنجو ڀاءُ آهي. اسين فرش تي هيٺ ويهي ماني کاڌي سين. هتي پٺاڻ ۽ بلوچ ڪچهري به فرش تي ڪندا آهن. آغا گل اسان کي هڪ ٻئي هال ۾ وٺي ويو جتي هن اسان کي پنهنجي ڪهاڻين جو ڪتاب تحفي ۾ ڏنو. پوءِ هو اسان کي پنهنجي بيڊ روم ۾ وٺي ويو، اتي ايراني ڪالين جي ٽڪري تي خوبصورت تصوير هئي. قالين جي ٽڪري تي خوبصورت تصوير ڀت جي ساڄي پاسي کان سامهون واري پاسي تي بستري جي مٿان ٽنگيل هئي. تصوير ۾ هڪ خوبصورت نوجوان ڇوڪري هئي جنهن جا اُرهه پنهنجي قميص کان باهر نڪتل هئا ۽ ارهن جي نپلس ايتريون اڀريل ۽ اڳتي نڪتل هيون جو ڄڻ ڏسندڙ جي وات ۾ پون پيون. اسين بهترين تصوير جي چونڊ تي آغا گل کي داد ڏنوسين. واقعي هڪ آرٽسٽ جي بيڊ روم ۾ موجود هئاسين. بيڊ روم مان نڪري واپس هال ۾ آياسين. آغا گل جون ڳالهيون کٽن ئي نه پيون اسان به پيا مزو وٺون. هن ٻڌايو ته جڏهن اسان جي پاڙي ۾ سينيما ٺهي پئي ته اسان نوجوان شاگرد هئاسون فلم ڏسڻ جو شوق هو تنهنڪري سينيما جي ٺهڻ جي حمايت ڪئي سين. ۽ پنهنجن بزرگن جي سخت مخالفت ڪئي سين. اسان جي وڏن جو موقف هو ته سينيما ٺهڻ سان برائي ڦهلبي ۽ نوجوانن کي خراب ڪندي. بهرحال سينيما ٺهي وئي. فلمون شروع ٿيون، اسان شوق سان فلمون ڏسڻ لڳاسين آخر نتيجو اهو نڪتو جو سينيما جي ڪري هم جنس پرستي وڌي وئي. شريف خاندان جي ڇوڪرن سينيما وڃڻ بند ڪري ڇڏيو، ڪوئيٽا جا مشهور هم جنس پرست سينيما تان خوبصورت ڇوڪرا ڦاسائيندا هئا. هاڻي اسان به سوچيون ٿا ته اسان جي بزرگن جو فيصلو درست هو، اها برائي زور تي آهي. اڄ اسين پاڻ سينيما جي مخالفت ڪريون ٿا. ان مان ثابت ٿيو ته هميشه بزرگن جا فيصلا درست هوندا آهن. آغا صاحب مخاطب ٿيندي شيرمحمد کي چيو ته وقت 4:00 ٿيا آهن. هاڻي اسان موڪلائينداسين، اسان سڀ اٿياسين، آغا گل کان موڪلائي سڌو هاسٽل تي آياسين. اتي لائونج ۾ صوفن تي ساهه پٽڻ لاءِ ويٺاسين ته مٿان بدرالدين اڄڻ آيو. هو اسان سڀني کي ڀاڪر پائي مليو آغا نورمحمد ۽ بدرالدين صوفي تي ويهي پاڻ ۾ هڪٻئي کي ڪوئيٽا پهچڻ بابت اطلاع نه ڏيڻ تي ڏک ڏوراپا ڏيندا رهيا. بدرالدين هر هڪ اديب کان دوري بابت حال احوال ورتا. آغا نور محمد ٻڌايس ته هن سفر ۾ اسان کي ڏاڍو مزو آيو. مون ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته بشير تون ٻڌاءِ؟ سائين خير آهي. مون کي مخاطب ٿيندي چيائين ته بشير آمريڪا ۾ جيڪو اديب سموري آمريڪا جو سرڪاري سطح تي دورو ڪندو آهي ته اهو وڏو اديب شمار ڪيو ويندو آهي. سو اسان کي خوشي اها آهي جو تون به وڏن اديبن ۾ شمار ٿي ويو آهين. مون وراڻيو سائين جيتري قدر منهنجو تعلق آهي آءُ مسڪين ماڻهو آهيان. اها سڀ مهرباني آغا نورمحمد جي آهي جو هن دوري ۾ نالو شامل ڪرايائين. باقي اسان کي ڪير سڃاڻي؟ بدرالدين اڄڻ، ادل سومري سان به ڪافي وقت ڪچهري ڪئي ۽ پاڻ ۾ کل ڀوڳ ڪيائون. بدرالدين اڄڻ پنهنجي گهڙيءَ کي ڏٺو چيائين ته مان هلان ٿو اسٽيشن تي ملڻ ايندس هو اسان کان موڪلائي هليو ويو.

ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي بلوچستان جي اديبن پاران الوداع

ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي بلوچستان جي اديبن پاران الوداع
اسين ٺيڪ پنجين وڳي پنهنجو سامان کڻي هيٺ پهتاسين جتي ڪوئيٽا جي اديبن اسان کي الوداع چيو ۽ اسان پيجارو ۾ ويهي ريلوي اسٽيشن ۾ پهتاسين. نائٽ ڪوچ ڪوئيٽا ايڪسپريس پليٽ فارم تي بيٺي هئي، لوئر اي سي واري دٻي ۾ قُليءَ سامان رکيو اسان پليٽ فارم تي بيٺا هئاسين، اسان کي بدرالدين اڄڻ، آغا گل، درويش دُراني، شيرمحمد، عزيز بگٽي، آغا نورمحمد ۽ ٻين الوداع چيو. آغا نورمحمد اسان کان موڪلائي تربت هليو ويو. جتي سندس ڀاءُ پروفيسر آهي. هو چند ڏينهن اتي گذاريندو، بدرالدين اڄڻ جو فرزند فرحان اڄڻ سفر ۾ اسان سان گڏ هو. عزيز بگٽي اسان سان گڏجي چند لمحا بوگيءَ ۾ ڪچهري ڪئي. عزيز اسان کي پنهنجو ڪتاب ”بلوچستان ڪي تاريخ ساز شخصيت“ تحفي ۾ ڏنو هو. اسان کان موڪلائي بوگيءَ مان هيٺ لٿو ته ريل هلڻ لڳي، اسان پليٽ فارم تي بيٺل اديبن کي هٿ لوڏي الوداع چيو، ريل سبيءَ پهتي سبيءَ ۾ ريل مان لهي ڪينٽين تي پهتس جتي چانهه پيئڻ جو موڊ هيو، اسٽيشن تي سخت گرمي هئي، سبي کان گاڏي هلي جيڪب آباد کان ڪراس ڪندي جڏهن شڪارپور ۾ پهچڻ واري هئي ته ارشاد چيو ته مون انجڻ جي ڊرائيور سان ڳالهايو آهي ته هو شڪارپور اسٽيشن تي گاڏي آهسته ڪندو ۽ مان اتان لهي ويندس. ارشاد شڪارپور ۾ لهي ويو. مون ارشاد کي هٿ لوڏي الوداع ڪيو ٻن ڏينهن کان پوءِ ارشاد آيو ٻڌايائين ته جڏهن مان اڌ رات جو پليٽ فارم تي لٿس ته پليٽ فارم تي سواءِ پوليس اهلڪارن جي ڪو به ماڻهو ڪو نه هو، پوليس وارن روڪي چيو ته سامان چيڪ ڪراءِ، مون تي رعب ڪيائون سوچيم ته يار هن استادن مان ڪيئن جان ڇڏايان، سو مان رعب ڪري سپاهي کي چيم ته مان ڪوئيٽا ۾ سول جج آهيان ۽ منهنجو سامان ٻاهر کڻي، رڪشو ڪرائي ڏيو. سول جج ٻڌڻ سان ئي سپاهين جي هوا نڪري وئي ۽ منهنجو سامان پليٽ فارم کان ٻاهر کڻي آيا ۽ رڪشه ڪرائي ڏنائون، مون سپاهين کي مهرباني چئي موڪلايو. مون ارشاد کي چيو ته يار تون واقعي وڏو استاد آهين.
سکر ۾ نائٽ ڪوچ جو اسٽاپ ڪونهي، اسين روهڙي ۾ 2:30 وڳي رات جو اسٽيشن تي لٿاسين. لهڻ کان اڳ ۾ خيالي آفاقي، لياقت جوڻيجي ۽ فرحان درانيءَ کان ڀاڪر پائي موڪلايوسين. روهڙي اسٽيشن جون ڏاڪڻيون لهي ادل، مان ۽ فرحان اڄڻ هڪ رڪشي ۾ ويٺاسين. پهريائين اسين فرحان اڄڻ کي گهر ڇڏيو ۽ پوءِ ادل واريتڙ تي گهر لٿو ۽ آخر ۾ مان بيراج ڪالونيءَ ۾ گهر پهتس. اهڙي طرح اسان جو هي اڪادمي ادبيات جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اديبن لاءِ رٿيل يادگار مطالعاتي دورو پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو.