ناول

پاتال ۾ بغاوت

ھن ناوليٽ ۾ انساني زندگي جي اھم مسئلن کي ماڻڪ فلسفياتي سطح تي کنيو آھي، ھن ناوليٽ ۾ اھم ڳالھه اھا آھي تہ مزاحمت ھن ناول ۾ موجود آھي بلڪہ ائين کڻي چئجي تہ ماڻڪ جي ھر ادبي تخليق ۾ مزاحمت بنيادي جوھر آھي.
  • 4.5/5.0
  • 1065
  • 492
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پاتال ۾ بغاوت

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پاتال ۾ بغات“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ماڻڪ جو لکيل ناوليٽ آھي. ھن ناوليٽ ۾ انساني زندگي جي اھم مسئلن کي ماڻڪ فلسفياتي سطح تي کنيو آھي، ھن ناوليٽ ۾ اھم ڳالھه اھا آھي تہ مزاحمت ھن ناول ۾ موجود آھي بلڪہ ائين کڻي چئجي تہ ماڻڪ جي ھر ادبي تخليق ۾ مزاحمت بنيادي جوھر آھي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو:
”ماڻڪ وٽ سسيفس جي ڏند ڪٿا جي اوٽ بي معنى نہ آھي، ”پاتال ۾ بغاوت“ ماڻڪ جي اُن جذبي جو پڙاڏو آھي، جنھن کي ھن پنھنجي زندگيءَ جو حصو ڄاتو ۽ ھڪڙي مؤثر ۽ علامتي انداز سان ظاھر ڪيو، سسيفس لاءِ، ديوتا جي حڪم موجب ڳري پٿر کي مٿي نيڻ کان انڪار ڪرڻ موت کي سڏڻ جي برابر ھو. ھو ھٺيلائي ڏيکاري ٿو ۽ ڄاڻي ٿو تہ انڪار ڪرڻ زيوس ديوتا کي بي مانو ڪرڻ جي برابر ڄاتو ويندو. ”سسيفس پنھنجي ھيڻي ھستيءَ کي، جيڪا جڳن کان ٿڪل ھئي، تاڻي تڙو کڙو ڪيو. آواز ۾ پنھنجي وير جو وڍيندڙ احساس اوتي چيو: پسر زيوس! منھنجو انڪار، انھيءَ روايتي انڪار کان نرالو آھي. ھيءَ منھنجي بغاوت، پنھنجن وڏڙن کان نہ، پر اختياري سگهه جي خلاف آھي. مرڻي جي اَمرڻي خلاف. ڌرتيءَ سان دل رکندڙ جي، آڪاس خلاف. ھيڻي جي سريشت خلاف.“ سسيفس کي سندس انڪار جي سزا طور پاتال ڏانھن نيو ويو. ھو جڪڙيل ھوندي بہ سوڀارو ٿيو. پاتال ۾ سناٽو ھو. ظلم جا پاڇا ھئا، پر عزم جهڪو نہ ھو. اِھوئي مقصد آھي ”پاتال ۾ بغاوت“ جو.
ھي ناوليٽ پھريون دفعو 1977ع ۾ آگم پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو ۽ ٻيھر 1992ع ۾ ٽي ناوليٽ جي نالي سان ڇپيل ڪتاب ۾ پڻ ڇپيو. سنڌ سلامت پاران ڪوشش ۾ آھيون تہ سنڌي ڪتابن جي ڪلاسڪ ڪليڪشن اوھان تائين پڄايون ۽ ھي ڪتاب ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر محمد امين ڀٽيءَ جا جنھن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سسيفس جي ناڪار

البرٽ ڪامؤ لکيو؛ ”ڏند ڪٿائن کي پنهنجي حياتي ڪانه ٿئي. اُهي اسان پاران کين وجود ڏيڻ لاءِ اوسيئڙي ۾ هونديون آهن. جيڪڏهن ڪو سندن انهيءَ اوسيئڙي کي موٽ ڏيندو آهي ته، پوءِ موٽ ۾ هو، ڀرپور انداز ۾ پنهنجي سگهه بخشينديون آهن.“
ڪامؤ جي مٿئين بيان کي هوند مان هينءَ رکان؛ ....... هو اسان پاران، کين جو وجود ”مڙهڻ“ لاءِ اوسيئڙي ۾ هونديون آهن(1)
يوناني ڏند ڪٿائن جا پنهنجا انوکا ڪردار ۽ گڻ آهن. سڀاءَ کي ويجها ۽ اُونهي معنى مان ٽب ٽار. يوناني ڏند ڪٿا جا ڪردار اڪارڻا-اِريشنل (Irrational) هوندي به ريشنل آهن. ان ڪري دائمي حيثيت رکندڙ، عام رواجي ڏند ڪٿائن وانگر-يوناني مهاديو”زيوس“ خلقيندڙ به آهي. ٻاجهارو به. انڌي پوئواري ڪندڙن کي انعام ڏيندڙ به آهي. سڀ کان وڌيڪ سگهارو به. سگهه ۽ فورس سندس ٻانها آهن. هو قهار، جبار، رحيم، ڪريم، مهربان، فنا ڪندڙ، جوڙيندڙ......
سندس ڪو مٽ ڪونه آهي. پر انهيءَ سان گڏ، عام رواجي ڏندڪٿائي سورهين (Heroes) جي ابتڙ، سازشي، زاني، ٻهروپيو، ڇتو ڪامي، وير رکندڙ، بغضي، ڪينو سانڍيندڙ، ويسارو، بدمعاش، لفنگو ۽ ڊڄڻو به آهي. جيڪي گڻ-اوگڻ کيس انسان جي ويجهو آڻي- ڀرپور فطرت پسنديءَ کي اجاڳر ڪن ٿا. جنهن مان ڄاڻ پوي ٿي ته ته يوناني ڏند ڪٿا، جيڪا پوءِ مڙني مذهبن، مافوق الفطري سرشتن جي تشڪيل جو سرچشمو بڻي ۽ جنهن منجهان رومن ڏند ڪٿا ڦٽي نڪتي، سا پوءِ جي ايندڙ مذهبن کان به وڌيڪ جاندار هئي. هن جي جاندار، ڀرپور ۽ دائمي حيثيت رکندڙ ڪردارن کي هومر ۽ ورجل کان وٺي؛ فرائڊ، سارتر، ۽ ڪامؤ تائين، چونڊي پنهنجا دل گهريا وجود ڏنا. ميٿيو-آرنولڊ، رابرٽ برجن، ملٽن، وليم موريسس، شيليءَ، ورڊس ورٿ، شيڪسپيئر، ايليٽ، آندري گائيڊ، جيمس جوائس، اونيل، فارسٽر ۽ ٻين الائي ڪيترن يوناني ڏند ڪٿائي املهه خزاني مان پنهنجي پنهنجي مراد آهر ڪردار چونڊي، مٿن پنهنجو اِتساهي وجود مڙهيو. سندن اوسيئڙي کي موٽ ڏني.
هنن مڙني ۾ ڪامؤ جو گڻ هن خيال کان اڳرو آهي ته، هن؛ يوناني ڏند ڪٿائي خزاني جي ڍير مان هڪ اهڙي وساريل، پاتال ۾ پوريل ڪردار کي ڳولي ڦولهي، ڇڪي مٿي اڀاريو، جيڪو ديوتائن جو دائمي ڦٽڪاريل ۽ ننديل هو. جنهن جي چرپر ۽ مشغولي (جيڪا ديوتائن پاران ئي مڙهيل) عام رواجي رڌل وهيڻن (Subjects) انسانن جي حياتيءَ ۽ انهيءَ ۾ مشغوليءَ سان بنهه ٺهڪندڙ آهي.
اهو ننديل، پٽيل، ڦٽڪاريل ڪردار آھي؛ سسيفس
۽ اها مشغولي آهي؛ سسيفن – ٽاسڪ
هيءُ ديوس ڪردار ۽ سندس ائبسرڊٽي ٻين ليکڪن وٽ ورلي، يا نه جي حد تائين اڻ – ڇهيل. سسيفس؛ جنهن جي مشغولي، حياتيءَ جي رڌل هجڻ کي ڇرڪ ڀرائيندڙ چئلينج ڪري ٿي. (2) فڪري جڳ ۾ مارڪس، جنهن انتهائي سک درسيءَ (Optimism) جي آڌار تي انسان جي مستقبل جو عمارتي ڍانچو کڙو ڪيو، ڪامؤ جي ڇرڪ ڀرائيندڙ ائبسرڊ پرولتاري خدا، سسيفس، انهيءَ کي هوڪاريو.
ڪنهن مفهوم واري سرگرمي ۽ ان جي ڪارج جي مڃتا؛ جنهن منجهان ڪجهه پراپرت ٿئي. ڪو؛ جبل تي چڙهي، چوٽيءَ تي رسي، وري لهي. چڙهي ۽ لهي..... پگهر ۾ شل، سهڪو ورتل، پر انهيءَ پورهئي-مشغوليءَ مان مڃيل ريشنل قدرن پٽاندڙ ڪجهه نه وري ته اها مشغولي ڪارج جي مفهوم ۾ اجائي ۽ ائبنارمل، کلڻ هاب ۽ چٿر لائق ليکي ويندي.
نيٺ زندگيءَ جي جبل تي چڙهڻ-لهڻ منجه رڌل هجڻ منجهان ڇا پراپرت؟
جڏهن ته موت اٽل آهي.
ڪامؤ ان جو جواب آپ گهات جي رٿ ۾ ڏٺو.
سسيفس لاءِ ڪامؤ لکيو؛ خدائن منجه پرولتاري؛ نستو ۽ باغي؛ ائبسرڊ.(3)
ڪامؤ سسيفس تي جو وجود مڙهيو، سو سندس پيڙا، ڦٽڪار ۽ پيڙا ڀري مشغوليءَ (سسيفسن ٽاسڪ) کي آڏو رکندي. جو ڪامؤ کي ڪينءَ به، پنهنجي مراد کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجي آپ - گهات واري نظرئي لاءِ ٺوس پيڙهه وجھڻ واسطي، سسيفس جي رڌل هجڻ واري ڏِسَ (Angle) کي اوس اجاڳر ڪرڻو هو هومر جي ابتڙ، جنهن سسيفس تي حرفتيءَ جو ليبل چنبڙائڻ سان، کيس مرڻن (Martaes) ۾ نهايت ڏاهو، سياڻو ۽ ڊگهي نظر رکندڙ سڏيو. ڪامؤ هن ديومالائي سرويچ جي ائبسرڊٽيءَ ۽ ان جي وڍيندڙ سجاڳ-احساس ۽ ان جي ايذاءَ کي نکاري نروار ڪيو.
حياتيءَ جي چرپر ۾ ڦهليل ڪينواس تي- ائبسرڊٽيءَ کي ذهن ۾ رکندي، سسيفس کي ڪامؤ جي بخشيل وجود سان سهت ٿيندي، مون هن ڏند ڪٿا کي زيوس سسيفس جي ناتي سان ڏٺو، لکيو ۽ اجاڳر ڪيو آهي.
هيڻي انڪاري سسيفس جي هوڏي سرڪشي. هڪ نستي ڏاهي جو، مٿس مڙهيل امر کي مڃڻ کان نابري وارڻ. جيڪو پنهنجي هيڻائپ جو چٽو احساس ۽ سڌ رکي ٿو. جا،
ڪامؤ جي لفظن ۾ هن ائبسرڊ هيري جي سڀ کان وڏي ٽريجڊي آهي.
ٻين لفظن ۾ هڪ هيڻي انڪاريءَ جو ڄميل، مٿان سوار ٿيل اسٽيبلشمنٽ (Establishment) سان آڏو ٿيڻ وارو لاڳاپو.
هيڻو انحرافي سسيفس، سگهاري زيوس جي خلاف اڌول بيٺل؛ زيوس، مها خدا، پوري ڪائنات ۾ سگهارو. عظيم ۽ اعلى اختيار، سريشت (Sovereigh). سسيفس، بي وس ۽ نٻل. پرسرڪش. هوڏي، انڪاري. جنهن ڪري ننديل، پٽيل، ڌڪاريل ۽ عتاب هيٺ آيل. پوءِ به ناڪار.
زيوس- سسيفس لاڳاپي سان هن ڏند ڪٿا ۾ پوري تاريخ جو تَتُ ۽ هر زماني جو روح (The Spirit of age-Zeitgeist) لئا پائيندڙ؛ سريشت جو جوريل پاتال (under world) رياستي سرحدن جي اڏيل حدن اندر قائم ڪيل ايسٽيبلشمينٽ جون مختلف ٺپن هيٺ بيگار ڪيمپون. انهيءَ ۾ پوريل، جنبيل وهيڻي خلق (Subjects). وهيڻي خلق جي اڻ-کٽ مشغولي، اتم سگهه جي وڏائيءَ جي تسڪين ڪندڙ. انهيءَ ۾ ننديل ۽ ڦٽڪاريل اُهي، جيڪي انهيءَ مڙهيل مشغوليءَ جا انڪاري ۽ اتم سگهه جا انحرافي.
سسيفس جي ناڪاري هڪ هيڻي، حساس، ايماندار فنڪار جو آدرش آهي.
نٽشي(Will to power)، توڙي مارڪس (Occupation of state apparatus) جي ابتڙ، سسيفس جي ناڪاري، اختيار ماڻڻ لاءِ نه، پر هر جڳ اندر، هر ويل موجود اختيار خلاف آهي. سندس سرڪشي اوسٿائي (Situational) آهي. دائمي ڪميٽيڊ نه. جڏهن مٿس ڪجهه مڙهيو وڃي ٿو. هو ان کان انڪاري ٿيندي، نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن کي قبولي، منهن ڏئي ٿو. ارڏو ٿي بيهي ٿو. سندس وڏائي انهيءَ ۾ آهي ته؛ اختيار بنجڻ سندس آدرش ڪونه آهي. هو اختيار کان گهڻو مٿانهون آهي. هو ڪنهن مقرر ڪيل- ڪرايل مراد سان ڪميٽيڊ ڪونه آهي پر نان- ڪميٽيڊ هوندي به ڪميٽيڊ آهي.
ايسوپس جي پڇڻ تي کيس سڌي سنواٽي نموني ٻڌائي ٿو ته؛ تنهنجي ڌيءُ ايجنا کي مهاديو زيوس ڀنڀلائي ڀڄائي ويو آهي. اها سڌ رکندي ته پاڻ اتم سگهه جو پول پڌرو ڪري رهيو آهي، جيڪو مها پاپ آهي. جنهن جي نهايت ڳري سيکت آهي. هن ديوتائن جي اڇا جي ابتڙ ڌرتيءَ سان دل لڳائي. ديوتائن جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڌرتيءَ سان چهٽيو رهيو. ايستائين، جيستائين، ديوتائن جي موڪليل کائنس وڌيڪ سگهاري کيس چوکنڀو ٻڌي ٻيھر پاتال ۾ اچي ڦٽو ڪيو. اختيار پاران مڙهيل مقدر جي- جوکو کڻي ڀڃڪڙي ڪندو رهيو. اها سرت رکندي ته، مڙهيندڙ نصيب واري اتم سگهه جي ڀيٽ ۾ پاڻ گهڻو هيڻو آهي. سندس ناڪار، ساڻس ڏاڍائيءَ، اُرهه زورائيءَ ۽ هٿ چراند جي رد عمل ۾ آهي. ”پنهنجي پاڻ هجڻ“ جي هاڪاري مڃتا- سڃاڻپ (Affirmative Recognition) لاءِ. نئين خدا خلقڻ يا پاڻ خدا ٿيڻ لاءِ نه. هو پاتال ۾ به سزا ڀوڳيندي پاڻ مڃائي ٿو؛ هيڊز، موت-گهر جي واريءَ کي چالاڪيءَ سان زنجيرن ۾ جڪڙيندي. (پر هيڻو هجڻ ڪري وري به کيس سگهه آڏو مجبور ٿيڻو پوي ٿو. جنگ جو سگهارو ديوتا ايرس، مهاديوتا زيوس جي فرمان تي سسيفس جي قيد ڪيل هيڊز کي آجو ڪرائي ٿو.) جڏهن ته روايتي ناڪار، توڙ ۾ پنهنجي مراد (Aim) رکي ٿي؛ پاڻ خدا ٿيڻ. هڪ نئين اختيار، ايسٽيبلشمينٽ کي قائم ڪرڻ- بنجڻ. جنهن وسيلي پنهنجو پاڻ کي مڙهي سگهي.
ڪامؤ جو پرولتاري خدا، مارڪس جي پرولتاري خدا کان وڌيڪ بي عزتو ٿيل ۽ عقوبت هيٺ آيل آهي؛ جسماني پورهيي جي سزا ۾ جنبيل. انهيءَ سان گڏ هو پنهنجو پاڻ لاءِ انهيءَ پورهيي جي ائبسرڊٽيءَ جو تکو احساس رکي ٿو. سجاڳ ذهني پيڙا ۾ ورتل.(4) جيڪا ڪيفيت اڄ جي بي وس، سرڪش انڪاري مانسڪ (Intellectual)، فنڪار ۽ ليکڪ جي ئي ٿي سگهي ٿي. جيڪو سارتر جي چواڻي معاشري کي احساس جرم بخشي ٿو.(5) جڏهن ته مارڪس جو پرولتاري خدا، سک درسي (Optimism) جي ڳوڙهي ۽ ڳتيل ڀرم هيٺ، ان پيڙا واري ڪيفيت کان آجوئي رهندڙ.
سسيفس ”اختيار“ جي احساس جرم کي ڌونڌاڙيو.(6) موٽ ۾ پاڻ ڏچي ۾ اچي ويو. جيڪو اوس ٿيڻو هو. (۽ آهي).
سسيفس جي هيڻي، پر اٽل ۽ ڪڏهن نه هار مڃيندڙ ناڪار، اڄ جي نٻل مانسڪ جي، اختيار خلاف انڪار جي علامت کي پڌرو ڪري ٿي. اهو مانسڪ، جيڪو پنهنجي وويڪ سان ۽ انهيءَ ناتي، انسان جي عظمت سان سچو آهي.
سسيفس جي ناڪار، مٿان کان سونپيل يا سدا پابند (Committed) ڪانه آهي. انهيءَ ڪري ڪامؤ جڏهن سسيفس کي رڳو ۽ رڳو ائبسرڊٽيءَ جي ٻنڌڻ ۾ جڪڙي ٿو، تڏهن نه رڳو هو سسيفس سان ڏاڍائي ڪري سندس مانَ کي هيٺ ڪري ٿو، سندس ملهه ڪيريئي ٿو، پر هڪ عام رواجي، روايتي مفڪر وانگر نئين قسم جي ڊٽرمنزم (Determinism) جي پرچار جو ڏوهه ڪري ٿو.
سسيفس، ڪامؤ پاران مڙهيل وجود کان مٿانهون آهي گهڻو مٿانهون، ڇاڪاڻ ته هو اختيار جو ننديل آهي ۽ ڦٽڪاريل. سندس وڏائي انهيءَ ۾ آهي ته، هو سدائين، هرويل، اختيار کي چوي ٿو؛
نه-
جو ڪجهه مٿس مڙهيو ويو آهي، اختيار پاران، جنهن وٽ سگهه آهي. سسيفس ان کان ٿڏي ٿو. نابري واري ٿو. نه، ۽ انهيءَ ”نه“- جي حد کان ”پاڻ هجڻ“، جي اظهار جي سرحد شروع ٿئي ٿي. جنهن ۾ پنهنجي تقدير/چرپر جي چونڊ جو حق محفوظ رهي ٿو. چونڊ جو حق، جيڪو آزاديءَ جو تت آهي. تنهن ڪري الاهي فتوائن، مقدس احڪامن ۽ اختيارن جي امرن کي ٿڏڻ، سسيفس پنهنجي اخلاقي جوابداري سمجهي ٿو.
سندس ڪمٽمينٽ جو اهوئي انداز آهي.
زيوس طرفان مڙهيل سزا کي هن قبوليو. رضا خوشيءَ يا اخلاقي پابنديءَ هيٺ نه، پر ڇاڪاڻ ته هيڻو، وهيڻو آهي. جنهن ڪري بي وس. ڪجهه نٿو ڪري سگهي. سواءِ حرفتن هلائڻ جي. جي سندس وس ۾ آهن. اهو ڄاڻندي به ته؛ زيوس کانئس ڪئين ڀيرا سگهارو آهي. مها خدا. سندس جاکوڙ اجائي آهي. پوءِ به هو ان جاکوڙ ۾ جا وقتي سوڀ حاصل ڪري ٿو انحراف ڪري زيوس جي ڄميل خدائيءَ کي هوڪاري ٿو سندس کوکلائپ کي وائکو ڪري ٿو، انهيءَ مان ماڻي ٿو.
نٽشي جي ناڪار خدا جي موت کان شروع ٿي.(7) جڏهن نٽشي الاهي خدا (Divine) کي ماري رهيو هو، تڏهن هن، ان جي جڳهه والاريندڙ خدا- ساورين اسٽيٽ (Sovereign State) ۽ ان جي محرڪ سگهه اسٽيبلشمينٽ کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو. هٿائين ان کي مراد (8) ٺاهي ٽيڪ ڏني. نٽشي جو نانسڪ، پنهنجي ناڪار سان، موٽ ۾ هاڪار سان وري هڪ خدا جوڙي ٿو! جنهن لاءِ وهيڻي خلق هجڻ لازم آهي. ساڳيوئي وهيڻائپ هڪ ڏوهه ٿي مڃجي ٿي. سچ جو پاڻ مرادو بڻيل ٺيڪيدار ۽ ان ڪري انڌي پوئواري طلبيندڙ مارڪس جو انقلابي هڪ جڪڙيل نوڪدار تکين تارن سان واڙيل بهشت اڏي ٿو. جتي هنڌ، هنڌ تختيون ٽنگيل آهن؛
”اڳتي چرڻ ڏوهه آهي.“ هن جا حڪم ڪڏهن به غلط ٿي نٿا سگهن!“
سسيفس جو انڪاري ڪردا، نٽشي جا ناڪاريءَ، مارڪس جي پابند،(9) هڪ رنگي نظام خلقيندڙ انقلابيءَ ۽ ڪامؤ جي انڌي فقرائي (Ascetic) باغيءَ کان گهڻو اڳتي وڌيل آهي.
مارڪس، نٽشي ۽ ڪامؤ جي ناڪار، انڪاري- هاڪار (Negative-Affirmation) آهي. ڪنهن طريقي سان رٿ ۽ نتيجي جي روپ ۾. سندس ناڪار جي پڄاڻي ٿئي ٿي؛ پاڻ- اختيار (خدا) ٿيڻ- بنجڻ يا پاڻ مارڻ (4) آگيا وان ٿيڻ يا ناس ڪرڻ. اهي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ سرشتي اندر، آگيا (Command) ۽ آگياوان (Obedient) رکن ٿا. سيڊو-ميسوڪيسٽڪ (Sado-Masochistic) ناتا. جن ۾ وهيڻا انڌي پوئواري جي پيڙا ڀوڳيندي سرست ماڻين، ۽ مٿانها، پنهنجي سيڊزم منجهان. جنهن ڪري، هڪ اهڙو سرشتو، جنهن منجهه آگيا ۽ آگيا وانن جو آزاديءَ تان هٿ کنيل؛ پنهنجو پاڻ وڃايل.
“God is dead” (Nietzsche)
جڏهن ته سسيفس جي ناڪار جي نڪا حد آهي ۽ نه ئي ڪا پڄاڻي. سندس ناڪار پاڻ اختيار/خدا/سيڊسٽ بنجڻ لاءِ نه آهي. ۽ نڪو .ي هو، ميسوڪيزٽڪ هجڻ قبولي ٿو. ۽ نه ئي وري سندس ناڪار ستيا گرهيءَ (Passive Ressistance) آهي پر اختيار طرفان مڙهيل امر کي ناڪار آهي. هو اهو نٿو مڃي ته ڪو مٿانهون، يا ڪا مٿين هستي سندس باري ۾ فتوى مڙهي، فيصلو ڪري، نصيب جوڙي. ۽ نه ئي هو انهيءَ حيثيت ماڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪري ٿو ته، پاڻ مٿاهين، مڙهيندڙ هستيءَ بڻجي. جيڪا ٻين جي مٿان فتوائون مڙهي ۽ نصيب ٿاڦي. سندس ناڪار، پنهنجي هستيءَ جي هاڪار لاءِ آهي. جيڪا هستيءَ وهيڻن منجهان هڪ آهي. هو ان لاءِ اختيار کي هوڪاري ٿو. پنهنجي هيڻائپ واري سرڪشيءَ سان. هٺيلو بڻجي. اهائي سندس اتمنا آهي؛ هو اهو ٿيڻ نٿو چاهي، جيڪو زيوس چاهي ٿو.
(ان ڪري هڪ وهيڻي دانشور لاءِ آدرش)
هڪ هيڻي ناڪاريءَ جو آدرش؛ جيڪو وقت جي زيوس جي جوڙيل پاتال اندر واڙيل، مڙهيل مقدر پٽاندڙ جوٽيل ۽ وهندڙ، هو ان کان انڪاري. راڄ ڊوهه وادي. سندس آزادي، خودداري، وقار ۽ اتمتا جي مڃتا مٿس ٿاڦيل پيڙا ۽ انهيءَ جي ڇتي سجاڳ احساس منجهان اسري ٿي.
۽ جڏهن الاهي (Divine) خدائيءَ جي پڄاڻي ٿي. ان خدائيءَ جي جاءِ رياست ورتي، مختلف روپن جا ڪريٽوس (Kratas) خدا بڻجي اڀريا. جن نئين نئين روپن جي اسٽيبلشمينٽ کي پوچي لڳائي پيش ڪيو. هنن انڪارين لاءِ پاتال (Hades) جوڙيو. جن ۾ وهيڻي خلق (Subjects) واڙيل، ايرسٽوڪريسيءَ کان ٽينڪوڪريسيءَ لوڪ راڄ (Republican Jails) جيلن اندر بارٽيڪريسيءَ تائين ڪيل ڏوهن جي ڊگهي قطار؛ اڻ کٽ، اڻ- مٽ ليڪ. آڪاس ندي. جو؛ رهزن رهبر بڻيل. قاتل، جج بڻيل. ڏوهي ديوتا بڻيل.
اڳ جڏهن خدا هو؛
گوڏا جهڪايو، ڪنڌ نمايو، ڳڻ ڳايو، پڪو ويساهه رکو. عظيم خدا جا امر اٽل آهن.
(انڌو ويساهه+انڌي پوئواري)
انڪاري، ڏوهاري سڏبا. سيکت لاءِ تيار رهو. ۽ اڄ جڏهن سرڪار/هاءِ ڪمان/ سينٽرل ڪاميٽي، ساورين/خدا آهي؛
گوڏا جهڪايو، ڪنڌ نمايو،..... مٿانهون هر امر اٽل آهي.
(انڌو ويساهه+انڌي پوئواري) (10)
هر اسٽيبلشمينٽ جي رياستي پاليسي آئڊيالاجي؛ گھريلو پالئو شهرين جي پرورش جو فن(11) پنهنجي اولمپيائي ٺٺ کي قائم رکڻ جو ناٽڪي رچاءُ؛ پارليامين، عوام، ڊيموڪريسي، ريپبلڪين گڏيل مفاد.... پرچار جي پوچي سان جنهن ڪري اسين سڀ ماس ميڊيا جا ٺڳيل.
چونڊون؛ وهيڻن کي پنهنجا مالڪ/خدا جي چونڊڻ جو حق بخشيل. هو پنهنجا نوان مالڪ چنڊي يا ساڳيا. وهيڻا سڀاويڪ طور اهو خيال رکندڙ ته، اهي چونڊجن، جيڪي کين ذليل ڪرڻ، ذهني ۽ جسماني طور لوئڻ پوئڻ ۾ انسان دوستي ڏيکارين. مالڪ جي چونڊ جي وقتي مڃيل حق دؤران؛ سيڊسٽ ڳراٽڙيون پائيندڙ. عزتِ نفس جون ڌڄيون اُڏائيندڙ همدرد بڻيل. چيچلايل جي اڻ وڻندڙ رنڀن رميسو چيئيسٽڪ جي ڪيڪڙاين ۽ سڏن کان پاڻ بچائڻ لاءِ؛ هن جي پٺن تي بينر اٽڪايل؛ تاريخ جوڙيندڙ. طاقت جو سرچشمون. تخليق جو خدا. هر اول.(12)
ڪاسائيءَ جي چونڊ جو مڃيل حق، جھموريت جو روح. لٺ ۽ چٺ جي اصول تي عمل سان.
۽ انصاف: ڦريو به جھان کان دانهين به جھان خان وٽ!
نظريا، پروگرام، انگ اکر، اعلان؛ قاتلن کي جج ڪري پيش ڪرڻ لاءِ معقول، وزني دليل پيش ڪندڙ، هر رياستي اڳواڻ عيسى بڻيل. خدا جو آواز. پاپ کان آجو. مقدس.
عظيم، اعلى. ڪڏهن گناهه ڪري نٿو سگهي. وهين، حڪم هيٺ آيل تليهرن (Subjects) جي پيٽ جي بک ۽ ان جي ضرورت جو احساس سرڪار سينٽرل ڪاميٽي/ هاءِ ڪمان ڪندڙ. جيڪا ڪڏهن به غلط ٿي نٿي سگهي. هن جا نظريا، رٿون ۽ تبديليون هر ڀيري، سدائين هر ڪسوٽيءَ تي سچا بيهندڙ. دور رس اثر ڇڏيندڙ. جن جو پيٽ آهي، اُهي پنهنجي بک جو صحيح اندازو نٿا لڳائي سگهن. هو پنهنجن نفسياتي- جسماني گهرجن کي سمجهي، پروڙي ۽ محسوس ڪري نٿا سگهن.
۽ آئين، قائدا قانون؛ پالئو شهري پيدا ڪرڻ لاءِ جتن. پنهنجن ڏوهن کي ميٽڻ لاءِ نوان مقدس صحيفا. (ڪيل ڏوهن جا پيرا مٽائڻ ۾ نوان ڏوهه).
هر رک تي آڏو ايندڙ اتمشاهيءَ جي مڃتا/ پوئواري وهيڻن جو لکيل. بس؛ وهو وهندا رهو. جيئن امر ٿئي. اولمپيائي ٺٺ کي قائم رکڻ لاءِ.
۽ تبديلي؛ سوڀارو، تاريخ/ قدرت/ وقت/ سچ جو آواز. هارايل، غدار، ڏوهاري!
اهو لکيل، ايستائين، جيستائين وهيڻا، وهيڻا آهن. هيڻا.
انهن وهيڻن ۾ سسيفس به آهي. هوڏي- انڪاري. جيڪو نه، سيڊسٽ ٿيڻ چاهي ٿو- نه، ميسوچيئيسٽ ٿيڻ قبولي ٿو. پنهنجي سرڪش عمل سان پاتال ۾ ٻائيتال مچائي، پنهنجي سڃاڻپ کي، ائينٽيسٽيءَ کي وائکو، چٽو ۽ ڊفائين ڪري ٿو. سندس هوڏي ناڪار هيڻي هوندي به پاڻ مڃائيندڙ آهي، ائينٽڪ. هو؛ نٻل هوندي سرڪش آهي. هو پنهنجي ناڪار سان جتي وهيڻي خلق جي احساسِ جرم کي جاڳائي ٿو، اتي اختيار جي احساسِ جرم کي ڌونڌاڙي ٿو. هو ڪميٽيڊ هوندي به نسان- ڪمٽيڊ آهي. اهائي سندس وڏائي آهي.


(1) جھڙي ريت انسان جو پنهنجو، پنهنجو وجود ڪونه ٿئي. پر هو مڙهيل هٿ ٺوڪي سولائزيشن، سوشلائيزيشن-سبلائيميشن جي وجود کي ڍوئيدو رهي ٿو.)
(2) “The fundamental subject of the myth of Sisyphus is:
It is legitimate and necessary to wonder weathere life has meaning…” (camus: Myth of Sisyphus)
(3) “He is absurd as much through his passions a through his torture. His Scorn of gods, his natred of death, and his passion for life won him that unspeakable penalty in which the being is exerted toward accomplishing nothing.” Ibid
(4) “If this myth is tragic, that is be cause hero is conscious” (camas)
(5) Writer gives society a guilty conscience. (Sartre).
(6) هيءَ پاڻ-شاهدي ڏيندڙ سچائي آهي ته؛ هو اختيار پنهنجن ڪرتوتن ڪارڻ احساس جرم ۾ ورتل هوندو آهي.
(7) “Will to power”.
(8) (I) “Rebellion is a form of ascetism, though it is blind, therefore if the rebel plasphemes it is in the hope of finding a new god,” (Rebel)
(II) “Every act of rebellion against oppression is justified in itstlf but insalls a new form of Servitube”
(9) Self-obnegtion.
(10) “No body can rule guiltlessy” (Saint-just)
(11) (Thremmatology)
(12) عوام جو راڄ، عوام طرفان، عوام لاءِ

پاتال ۾ بغاوت (A Revolt in the under world)


[] ڌرتيءَ هيٺ، هيٺ کان هيٺ پاتال؛ ديوتائن جو ٺاهيل جھنم، موت-گهر. چوڌاري موت جا پاڇولا رڙهندڙ. چوڏس موت جو راڄ. موت-گهر جو والي هيڊز، ٺٺ مان ڳاٽ اوچو ڪيو، گھمنڊ ۽ هٺ وچان ٽانءِ ۽ وڏائيءَ ۾ ڦونڊجي؛ بي وس، لاچار، چپ چاپ؛ ديوتائن جي ڦٽڪاريل، دائمي سزا ڀوڳيندڙن ڏانهن ڏسندڙ؛
اڪسي يان؛ ٻڌل هڪ شاهي ڦيٽ سان، بنا ساهيءَ چوڌاري ڦرندڙ ان ڦيٿ ۾. سندس سرير تي ڊگهن، زهريلن ڀوائتن نانگن جا لڳندڙ چهبڪ زيپڪ ساڻ.
ڊينائڊيز؛ لڳاتار پاڻي ڪڍندڙ پرڻ سان.
ٽين ٽالس؛ کاڏيءَ تائين پاڻي ڀريل تلاءَ ۾ بيٺل، اُڃ ۾ پاهه ٿيندڙ، پاڻيءَ لاءِ ٻاٿون کائيندڙ، رس- ڀرئي ميوي جا وڻ سندس ڀر ۾ بيٺل، کاڌو سندس پهچ ۾، پوءِ به گرهه لاءِ واجھائيندڙ. مٿي جي بنهه مٿان، ٻُل ورتل ڳرو پٿر ٽنگيل- ڪِرڻ لاءِ سدائين تيار.
ٽٽي يس؛ بيٺل بنهه پاتال جي هيٺانهين ڀاڱي ۾. لڳاتار، بي رحميءَ سان پٽيندڙ، ڇنندڙ، ڪرٽيندڙ ڳجهون سندس ڪاري جيري کي.
سسيفس؛ ڳري حيرت ۾ وجھندڙ پٿر کي، ٻنهي هٿن ۽ پيرن وسيلي، پوري سگهه سانجبل جي چوٽيءَ تائين ريڙهيندڙ. ۽ ٻيا پاپي.
جڳن کان اهو سلسلو هلندڙ.
ديوتائن جي ديوتا، مهاديو زيوس جي ڏمر هيٺ آيل ڏوهاري، سندس پاران مڙهيل سزا هيٺ پاتال ۾ دائمي ڀوڳنا ڀوڳيندڙ. مت-گهر جي راڄ-ڌڻي هيڊز جي چپن تي مرڪ. ڀوائتي، بي رحم مرڪ. ٺٺول جي زهر سان ڀريل.
جڳن کان اها ريت هلندڙ؛
جو به مهاديو جي امر آڏو نه جهڪيو، ساڻس ڊوهي ڪيو، سندس ڳجهن کي ڦولھڻ وائکي ڪرڻ جي همٿ ڪئي، سو سندس ڏمر هيٺ آيو. جنهن ساڻس سيني ساهڻ لاءِ منهن مٿي ڪيو، سندس گهڙيل ۽ ڌريل مول متن جي ڀڃڪڙي ڪئي، سو پاپي ٿيو ۽ سندس ڇينڀ هيٺ آيو. ڇاڪاڻ ته هو ديوتائن جو ديوتا آهي. هو مها آهي گاج گجگوڙ، وڄليون سندس ادويتي روپ آهن. سگهه، سٻرائي سندس چئيدان ٻانها آهن. هن هوڏين ۽ نٺرن، ڪپاترن ۽ ڦريلن کي چيٽ ڏيڻ لاءِ هيٺ پاتال ۾ جھنم جوڙيو. جنهن جو والي ڌناٽ هيڊز کي ڪيو. جيڪو مايا جو ڌڻي به آهي. ۽ سندس ڪُکِ ڄائو آهي.

هڪ لڱا اوچتو ڇا ٿيو جو:
هيڊز جي چپن جي بي رحم مرڪ موڪلائي وئي. سندس اکين ۾ اچرج اوتجي آيو. پوري پاتال ۾ موت جون کنڀڙاٽيون ڦڙڪي اٿيون. هيڊز اها حالت سهي نه سگهيو. سندس منهن ۾ گھنڊ پئجي ويو.
سسيفس، هيٺ ڪريل شاهي ڳري پٿر کي واري سان جبل جي چوٽيءَ تان چاڙهڻ بدران، پٿر جي مٿان ماٺ ڪيو ويٺو هو. پگهر ۾ شل، ڏٻرو، جڳن کان لڳاتار هڪ ئي پورهئي ڪرڻ ڪارڻ هيڻو ۽ ٿڪل-گھري اونهي ويچار ۾ ٻڏل.
ويساهه ۾ نه ايندڙ اهو لقاءُ ڏسي، هيڊز پنهنجي بت بڻيل بدن کي چوريو. اکين ۾ ڪاوڙ ۽ ڏمر جا ڏنڀ ڀري آواز ۾ ڪروڌ ۽ غضب جي باهه اوتي گجيو؛
”سسيفس“
سسيفس، ڌيرج ۽ سڪون سان، جڳن کان ٿڪل ٽٽل جسم کي چوريو. ڍرڪيل پر سو وشواس سان جرڪندڙ نگاهون کڻي ڏانهنس ڏٺو. سندس اکيون، نماڻين هوندي به اونهي، گھري کوهه اندر پاڻيءَ وانگر چمڪي رهيون هيون. جن مان سندس سڀاءُ جو جز بڻيل روايتي هوڏ ٻرندڙ ٽانڊن وانگيان بکي رهي هئي، هو خاموش هو. سانتيڪو، ٿڪل ٽٽل، پوءِ به اڏول. سندس ويڪري ڇاتي ٿڪ ڪارڻ ڊگهي ساهه کڻڻ ۽ ڪڍڻ جي سرگم سان چُري رهي هئي. ديوتائن پاران مڙهيل، نسڦل ڳري پورهئي کيس هيڻو ضرور ڪري وڌو هو، پر سندس هوڏي شخصيت کي جهڪائي نه سگهيو هو. سيني جي اڀار- لهوار سان سندس هر ٿڪل ساهه ۽ پگهر جي هر بوند ان جي گواهي ڏئي رهيا هئي.
ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ۾ ڀريل هيڊز جون اکيون وڌيڪ چنجهيون ٿي ويون. چپ ڦڙڪڻ لڳس. سڄي پاتال ۾ سناٽو وڌيڪ گھرو ٿي ويو. ديوتائن جي عتاب هيٺ آيل روح اندر ئي اندر ڇرڪ ڀري ڪنبي ويا. ڄڻ نشو ٽٽي پيو هجين. سندن چڪنا چور جسمن ۾ سياٽو پئجي ويو ۽ ڪنبڻي لوهه پائي ڊڪي وئي.
هيءَ ديوتائن جي امرن جي ڀڃڪڙي هئي. بغاوت هئي.

سسيفس، گنڀير ۽ ڌيرج پرلاءَ ۾ چوڻ لڳو؛
”ديوتائن جي ٺاهيل موت جي واديءَ جا والي هيڊز، ڄاڻان ٿو زيوس ديوتا پاران مڙهيل سزا پٽاندڙ جبل تان هيٺ ڪري آيل پٿر کي وري نيم-سارو مٿي نيڻ کان نابري وارڻ مهاديوتا جي پروهت ورت جي ڀڃڪڙي آهي. سمجهان ٿو، هي هن جو ۽ تنهن جو پڻ ايمان آهي. ايمان؛ مان ڪري رهيو آهيان؛ سسيفس.“
نهٺائيءَ ساڻ، پر اکرن ۾ سگهه جي جيون- جوت اوتي پوري وشواس سان چوڻ لڳو؛
”هيڊز، مان انڪار ڪيان ٿو، هن ڪٺن، مون لاءِ، ڪجهه نه پراپرت ڪندڙ اسڦل ۽ ڀيانڪ ڦيري اندر گهڙڻ کان- مان انڪار ڪيان ٿو.“
”ها، انڪار-“
هيڊز سندس اڌ ۾ چيو؛ ان ريت، ڇا تون پنهنجي انجام کان سڄاڻ آهين؟“
”ها-“
”منهنجي ناڪار جي ”نه“ بغاوت جي اوسر جي پهرين وک آهي. ”نه“ ياڪيءَ جو ڳرڀ آهي، جنهن مان بغاوت جو ٻچو سرجي ٿو. انهيءَ کان پوري ريت سڄاڻ رهندي، انهيءَ جي انجام کان اڻ-ڄاڻ نه آهيان.“
ماٺ ٿي وئي، گھري ۽ ڳوڙهي ماٺ. جيڪا پوري موت-گهر مٿان بار بڻجي بيٺي.
”ڇا توکي ڄاڻ آهي ته تون ان ريت مهاديو زيوس جو اپمان ڪري رهيو آهين؟“
”ها“، پورو وشواس ۽ کرائي بکندڙ، ”توکي سڌ آهي ته مان هيراڪ هٺيلو آهيان. کرائي منهنجو سڀاءُ آهي. توکي هيءُ نه وسريو هوندو ته اڳ، گهڻو گهڻو اڳ مون هن ئي پاتال ۾ موت کي زنجيرن ۾ بند ڪيو هو، ۽ تو زيوس وٽ دانهيو هو. هن جنگ جي ٻلوان ديوتا کي ڇوٽ ڇڏيو هو، جنهن مون کي مڪتي ڏياري هئي. مون کان.“
هيڊز ڇرڪي ويو سندس منهن تي هٺ ۽ وڏائيءَ جي جاءِ تي، ڳڻتي ۽ اڻ-تڻ جا اهڃاڻ پڌرا ٿيا.
سسيفس، پوري وشواس سان بي الڪو ڳالهائي رهيو هو؛
”توکي ياد هوندو هيڊز، جڏهن مان موت جي ويجهو هوس تڏهن مون پنهنجي ونيءَ جي پريم پرکيا لاءِ چيو هو ته؛ منهنجي اڻ پوريل لاش کي کليءَ بازار ۾ کوليو وڃي. هوءَ شرمسار ٿي رهي هئي، جو مون ديوتائن کي رنجايو هو. هوءَ کليءَ بازار ۾ لڄي ٿي رهي هئي، جو مان سندس مڙس؛ فاني هيس. ۽ ديوتائن جو ياڪي. هوءَ سوڳي هئي، انهيءَ ڪري نه، جو سندس مڙس موت گهر ڏانهن نيئي دائمي سزا ۾ جوٽجي رهيو هو، پر انهيءَ ڪري جو سندس مڙس فاني هو سندس انهيءَ دغا ۽ ويساهه گهاتيءَ مون کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. ڇاڪاڻ ته مون ڀانيو پئي ته سندس پيار، مرڻن انسانن جي پريم وانگر هوندو. انهيءَ ويساهه گهاتيءَ مون کي چيچلائي وڌو.“
هيڊز کيس گهوري، يڪ-ٽڪ ڏسي رهيو هو.
”ها پوءِ هيڊز، توکي ياد هوندو ته، مون توکان پنهنجي زال کي سيکيت ڏيڻ واسطي، وري زمين ڏانهن موٽڻ جي اجازت گھري هئي.“
هو ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. سوچ جون ريکائون سندس لوساٽيل، پر تتل چھري تي نمايان اڀري بيٺيون. لڳي پيو ته سوچ ۽ ان پيڙا کيس اندر ئي اندر کاٽ هڻي رهي هئي.
هن چوڻ شروع ڪيو؛
”۽ جڏهن مان ٻيھر ڌرتيءَ تي پهتس“، سندس آواز جي پڙلاءِ ۾ گھري، اونهي پيڙا جا اولڙا تڙڳي رهيا ها، ”مون اتي سڀ ڪجهه ڏٺو؛ نياءُ- انياءُ. ڏک- سک. ڌرتي جيڪا دکن سان ڀريل هئي، پوءِ به ان ۾ موهه هو. ڇڪ هئي، اهوئي ڪارڻ هو، جو مون ڌرتيءَ کي ڇڏڻ نٿي چاهيو. ڇڪاڻ ته ڌرتي زندگي آهي ۽ زندگيءَ سان منهنجو موهه آهي. زندگيءَ سان لڳاءَ، انهيءَ ناتي ڌرتيءَ سان موهه، منهنجي ڪمزوري آهي.“
”مون ڌرتيءَ جي سيني مان چيرجي وهي هلندڙ مٺو پاڻي پيتو، چمڪندڙ سج جي روشني پسي. اٿاهه گھرن ساگرن کي ڏٺو. جن جي هر وير وهڪ اڻ- مئي خوشي ڏيندڙ هئي. تڏهن، هيڏانهن آڪاش جي اوندھ ڏانهن ورڻ لاءِ منهنجو، دل نٿي چيو ديوتائن مون کي سڏيو، ياد ڏياريو ته توکي هيڏانهن ورڻو آهي. ڏمريا، ڌمڪيون دڙڪا ڏنا، پر اجايو. مون ڌرتيءَ جا مرڪ ۽ لڙڪ ڇڏڻ نٿي چاهيا. ڌرتيءَ جي سيني تي وهندڙ پاڻيءَ جي ٿڌاڻ، سج جي تپش ڇڏن نٿي چاهي، مون ڌرتيءَ جي مرڻي_ڇڏڻ نٿي چاهي، جيون......“
هو سوچ جي گھري اٿاھ ساگر اندر هليو ويو. ويچار_ وهڪ جون لهرون سندس کليل پيشانيءَ تي اڀري آيون.
هيڊز جون ڪرڙيون اکيون وڌيڪ چنجھيون ٿي ويون.
ديوتائن جا ڦٽڪاريل پاپي، جي ازلي امر آڏو جهڪي مڙهيل سزا کي چپ چاپ ڀوڳي رهيا هئا، تن جو مثل روح ڪنبي ويو. ۽ هو اچرج ڀريل نگاهن سان وري، وري سرڪشيءَ جي مستيءَ ۾ ڏٻري هوڏي سسيفس ڏانهن ڏسڻ لڳا.
موت جي واديءَ ۾ سسيفس جو ڪومل، ويچار جي گھرائي سان ڀريل اثرائتو آواز ٿڙڪڻ لڳو:
”ها هيڊز، مون ڌرتيءَ تي گهڻو ڪجهه _ نه، پر سڀ ڪجهه ڏٺو. ڌرتي جيڪا مرڻن جي ماءُ آهي. حياتيءَ جي علامت، اتي مون سڀ ڪجهه ڏٺو.
”مون اتي ڏٺو: مرڻن انسانن خدا کي ماري، آدشڪتي سرشتي جي هر نيم کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. نه، _ مرڻن جو اڻگس گڻ آهي. هو هينئر پاڻ _ ڌڻي آهن. ڌرتيءَ جا خدا. آدشڪتي سرشتي جا پاڻ سرجڻهار، پاڻ _ اپائيندڙ. نه، _ سندن اهو گڻ آهي، جنهن جو ڪڏهن به انت ڪونه ٿئي. نه، جي ڪا پڄاڻي ڪانه آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو هو، دائمي ڊاهيندڙ_ اپائيندڙ آهن. اپائيندڙ _ ڊاهيندڙ. ۽ خلقيندڙ تنهن ڪري سدا ڀوڳنا ۽ جهاڳ سندن سدا لکيو آهي.
”هيڊز، ڇا تون ڄاڻين ٿو: ڌرتيءَ وارن کي انهيءَ سدا ڀوڳنا، پيڙا، لوچ، لوءِ پوءِ ۽ سوچ ڏني، بي چيني. نه_، جي اڻ _ کٽ سلسلي وانگر اتي سوچ جي ڪا پڄاڻي ڪانه آهي، اتان، ڌرتيءَ تان ان سوچ ۽ لوچ جو گڻ مونکي به مليو......“
”سسيفس!“
هيڊز رڙ ڪئي. سڄو پاتال گونجي اٿيو هيڊز شوريل اکين سان سسيفس ڏانهن سوال ڀريل نظرن سان ڏسڻ لڳو. جنهن ۾ سڌو سنئون حڪم هو: ڳري پٿر کي ديوتائن جي اِڇا پٽاندڙ مٿي کڻي، وري ساڳي مشغوليءَ ۾ جنبي وڃي ٿو يا نه
سسيفس خاموش ٿي ويو، سانتيڪو، ٽمندڙ اکين سان هيڊز ڏانهن ڏسڻ لڳو.
ڪيترن کنن جي ساعت کانپوءِ، هيڊز تان اکيون هٽائيندي ارمان ۽ ڏک ڀرئي لهجي ۾ چوڻ لڳو:
ها هيڊز، مان هيڻو هوس، ديوتا سگهارا. هنن جو فيصلو اٽل هو. جو هو سگهارا ها مان ديوتائن مان نه آهيان_ ديوتا، جيڪي آڪاش سان پيار ڪن ٿا. منهنجو ڌرتيءَ سان انس آهي. منهنجو ڌرتيءَ سان لڳاءُ ديوتائن کي نه آئڙيو. ديوتائن مونکي وري وري سڏيو. ياد ڏياريو. ڏمريا، سيکت ڏيڻ جا دڙڪا ڏنا. ڇنڀيو: تنهنجو لکيو پاتال ۾ هيٺ، پٿر ۽ جبل آهي. اچ _ ۽ اچي جهاڳ.
”پر هيڊز، منهنجي من نٿي چاهيو ته مان ڌرتيءَ کي ڇڏيان. ڌرتيءَ جي ڌوڙ جي سڳنڌ، وهندڙ پاڻيءَ جي ٿڌاڻ، سج جي تپش، مون ڇڏڻ نٿي چاهي. ڌرتيءَ سان انس هر مرڻي جي ڪمزوري آهي. منهنجي به هئي.
”پر اوھ! وڏي ڌڻيءَ جو امر اٽل هو. منهنجي نٽ نٽاءَ ۽گوٿناٿ تي هو ڏاڍو ڏمريو. سندس پيغمبر هومز ڌرتيءَ تي آيو. جنهن مونکي ڌرتيءَ کان زوريءَ ڌار ڪري، موت _ گهر اندر، هيٺ پاتال ۾ ڌڪيو. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن.......“
هيڊز جي چپن تي سرهائيءَ ۽ سوڀ جي انڀوءَ وچان مرڪ ڦهلجي وئي.
ديوتائن جي مڙني ڦٽڪاريلن جون نظرون سسيفس ۾ کپي ويون. هو چپ هو. ماٺ، سندس هستيءَ کي ڄڻڪ جبل کان به وڌيڪ سگهارو بنائي ڇڏيو هو. هو اڏول هو ۽ ڪٺور.
پر هيڊز جي مرڪ تبديلن کي ڇرڪائي وڌو.
سسيفس چوڻ شروع ڪيو. ننڊاکڙي پر سرت ڀريل پڙلاءَ ۾.
”جيون، جيئن ته مرڻن لاءِ وقتي هئي، تنهنڪري نهايت قيمتي ۽ ڪمزوري پڻ. موت اٽل هو.
”تڏهن سوال اڀريو ته: نه، _ جي لڳاتار سلسلي ۾ ڊاھ ۽ ٺاھ جو سلسلو، وستار جي ڀرم ۾، ڪٿي پاڻ _ ٺڳڻ ته نه آهي.
”موت اٽل آهي.
”اتي مرڻن تي، پنهنجي حياتيءَ جي مشغولين جي ائبسرڊٽي پڌري ٿي: سڀ ڪجهه اجايو.
”سڀ ڪجهه اجايو
”پوءِ به مرڻي جيون سان ايڏو پيار ۽ اتساھ ڀريو انس! سورن ۽ ڀوڳنائن سان موھ!
”تنهن مونکي اچرج ۾ وجھي ڇڏيو!
”اتي مون ٻڌو:
”نيٺ اسين جيون ڇو ٿا؟ جڏهن پڄاڻي اَوَس موت آهي!؟
” سسيفس _ ٽاسڪ جي پورائي لاءِ __
”ان مونکي ڇرڪائي وڌو
”۽ مون اُمالڪ هڪ نظر پنهنجو پاڻ تي وڌي: اچرج ۽ حيرت مان.
سوچ جو لُڇڻ جيئن ته ڌرتيءَ مونکي به بخشيو هو، مان سوچيندو رهيس. ان بابت. جڏهن کان هومز مونکي زوريءَ ڌرتيءَ کان ڌار ڪري، هتي موت _ گهر ۾ ٻيھر ڦٽو ڪيو. ۽ مان هتي ڳري پٿر کي جبل جي چوٽيءَ تي چاڙهڻ جي ناڪام، اجائي جاکوڙ ۾ جنبايو ويس، جو مان مها ديوتا زيوس جو ننديل هوس. ۽ اها منهنجي سزا هئي.
”هن ٿاڦيل، سخت ايذاءَ ۽ پيڙا واري مشغوليءَ بابت سوچيندو رهيس. جڳن جي لڳاتار پيڙا ۽ ناڪاميءَ جي اذيت منهنجي سوچ جا ڳڙکڙا کولي ڇڏيا.
”نيٺ ڇو؟“
سوال جي بڙڇي کڻي هن مٿي نهاريو ته هيڊز گم هو. مڙني ڦٽڪاريل ۽ ديوتائن جي ننديلن جي منهن جا پنا لٿل ها، ۽ وجود ڪاراٽيل. پاتال ۾ سناٽو وڌيڪ گھرو ۽ هيبائتو ٿي ويو. سسيفس جي سڪل چپن تي مرڪ تري آئي. هن ڀڻڪيو: ”زيوس وٽ دانهين ويو آهي.“
۽ پوءِ هن چوڌاري نهار ڪئي:
اڪسي يان جي شاهي ڦيٿ تهائين تکي هلندڙ، ڊينائڊيز، پرڻ سان تيز تيز پاڻي ڪڍندڙ. بکيو ۽ اڃيو ٽين ٽالس وڌيڪ ڦٿڪندڙ ۽ ٻاٿون کائيندڙ. سندس مٿان ٽنگيل، سدا ڪرڻ لاءِ تيار پٿر لُڏندڙ. ٽٽي يس جي جيري کي وڌيڪ بي رحميءَ سان ڇنندڙ، پٽيندڙ ڳجههون. سندس ڀر ۾ بيٺل سيلمونس بڙبڙ ڪندڙ.
۽ پوءِ هن پاتال جي هيبتناڪ اوندھ ۽ سانت کي چيريندڙ نظرن سان ڏٺو.
”مان پنهنجي منڍ ڏانهن موٽڻ چاهيان ٿو.
”ڄميل سگهه جي آڏو ٿيڻ منهنجي سڀاءَ جو انگ آهي.
”منهنجو انڪار، انهيءَ اُتمتا خلاف آهي، جنهن سگهه جي آڌار تي مونکي نندڻ جو حق پاڻ وٽ رکي، مونکي ننديو ۽ ڀوائتي سزا مڙهي، پوءِ هن ڀوائتي سزا کي منهنجو مقدر بنايو.
”منهنجو هيءُ انڪار، منهنجو سڀاءُ آهي. جنهن ۾ آءٌ هر ڀيري اتم سگهه پاران مڙهيل مقدر کي هوڪاريندو آهيان.....“
سسيفس پنهنجي منهن ڳالهائڻ لڳو:
”ها، مان ئي آهيان جنهن موت کي زنجيرن ۾ وڌو هو. جنهن ايسوپس کي سچ ٻڌايو ته تنهنجي من مهڻي سهڻي ڌيءَ ايجينا کي مها ديوتا زيوس ڀنڀلائي ڀڄائي ويو آهي. اهو مان ئي آهيان جنهن ديوتائن جي ڪرتوتن کي وائکو ڪيو. سندن ڏوهاري اصليت کي پڌرو ڪيو. مان ئي آهيان، جو موت جي واديءَ جي والي هيڊز سان سامهون ٿيس. مان: سسيفس، جنهن ديوتائن جي پروهت وِرت جي ڀڃڪڙي ڪئي. سندن منشا جي ابتڙ ڌرتيءَ سان موھ رکيو.
”مان ديوتائن جي دستورن کان انڪاري آهيان
”انڪار: منهنجو منڍ
”مونکي پنهنجي منڍ ڏانهن موٽڻ گهرجي.“

”مونکي پنهنجي منڍ ڏانهن موٽڻ گهرجي
”منهنجو منڍ: انڪار_“
سسيفس ڏٺو: مهاديوتا زيوس جو پيغمبر هرمز، هيڊز سان گڏ بيٺو هو. پنهنجي روايتي تکائيءَ، چالاڪيءَ ۽ اٻهرائيءَ وچان، هو حرفتي چال سان سسيفس کي گهوري ڏسي چوڻ لڳو:
”اَبو زيوس، جيڪو ساري وس جو ڌڻي آهي. جيڪو مينهن ۽ ڪڪرن جو رب آهي، جيڪو پوري سرشتي جو اُپائيندڙ ۽ پالڻهار آهي. سسيفس! تون انجي امرن کان وري ڦري رهيو آهين؟“
سسيفس جي سُڪل سرير ۾ تازي ساس ڀري جنبش آئي:
”ها_“
”ڇا تون نٿون ڄاڻين ته زيوس جي سگهه ڪائنات جي مڙني سگهن کان اُتم آهي. زيوس، جيڪو وڄ کان وڌيڪ تيز آهي.....“
”ڄاڻان ٿو.“ سسيفس، نِهٺائيءَ پر وشواس سان وراڻيو.
”۽ زيوس، انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو آهي، جيڪي سندس پروهت ورت ڀڃندا آهن. سندس، پروهت ورت اٽل هوندا آهن.“
”پر مون اُهي ڀڳا آهن.“ سسيفس ارڏائي مان وراڻيو.
”هرمز، مون اُهي ڀڳا آهن.“
هو ڳوڙهي ويچار ۾ چئجي ويو.
۽ پوِ سندس ڳنڀير پڙلاءُ پاتال جي ڀتين سان ٽڪرائڻ لڳو:
”هرمز، ٻڌ: جڏهن مان ڌرتيءَ تي ويس. ڌرتيءَ جي اڻ_کٽ لوچ مونکي سوچ ڏني. هرمز، سوچ مرڻن جي هستيءَ جو نه ڇڄندڙ ڀاڱو آهي. اتي مون ڏٺو:
”موت، هستيءَ جي منزل آهي. اٽل.
”پوءِ سوچ اٿي: نيٺ جيئون ڇو ٿا؟
”هن سوال جي جواب کي اتي هر ڄڻي، هر ڌر پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ رنگي، پنهنجي جيئڻ جو سانگ پيدا ڪيو، جو جيئڻ، اتي ڪمزوري آهي. يا هير _ پر جنهن ڳالھ مونکي ڇرڪائي وڌو، اهو هو؛ جيون: سسيفس ٽاسڪ چو پورائو!
”ها، جيڪا مشغولي منهنجي مٿان ديوتائن مڙهي.
”جيون جي باري ۾ سوچ جي هن رخ مونکي سچ پچ دونڌاڙي، ڇرڪائي وڌو جنهن دونڌاڙي منهنجي سوچ جي تندن کي ڇڪي وڌو:
”نيٺ ديوتائن کي ڌرتيءَ لاءِ منهنجي سنڌ ۽ مان ڇو نه ٿا وڻون؟
”مونکي، پاتال ۾ واڙي، جبل تي ڳري پٿر چاڙهڻ واري ناڪام جاکوڙ ۾ جنبڻ مان کين ڪھڙو لاڀ؟
”نيٺ مان ديوتائن جو ننديل ڇو آهيان؟
”هرمز پنهنجي ”.......“ ڦڙت جسم کي اتاوليءَ مان چوريو_ ڄڻڪ ڏيکاريندو هجي ته کيس سسيفس جي انهن بيهودين ڳالهين سان ڪا دلچسپي ڪانه آهي. هن اڻ_ وڻندڙ تکين نظرن سان سسيفس ڏانهن گهوريو. پوءِ، سسيفس جي جبل کي ڏٺو. هيٺ پيل ڳري پٿر کي ڏٺو. پوءِ وري سسيفس ڏانهن ڏٺو. سندس اها تڪڙي خاموش نظرن جي چرپر وڏي معنى واري هئي.
”نه_“ سسيفس، اڏول جبل جيان سانتيڪي پڙلاءَ ۾، هرمز جي تڪڙي، خاموش چرپر جي جواب ۾ وراڻيو.
”نه_“ هن ورجايو. ”مان انهيءَ مڙهيل مشغوليءَ ۾ جنبڻ کان انڪار ڪيان ٿو، هومز، ها، انڪار ڪيان ٿو.“
هرمز ڪرڙين اکين سان کيس ڏٺو. پوءِ چوڌاري نهار ڪئي: شوريل تکيون اکيون. مڪاري منهن مان ٽمندڙ:
اڪسي يان کي ڏٺائين، جنهن کي هن جڳ اڳ، ڦيٿ سان ٻڌو هو. ڊينڊز ڏانهن ڏٺائين.
موت_ گهر م خاموشي، اندر ئي اندر سناٽي جي سيني اندر ٿرٿلو مچيل. سسيفس، انهيءَ کان بي پرواھ، اڏول بيٺل، ڳري پٿر جي ڀر ۾. جيڪو صدين کان سسيفس جي پوري سگهه ڪارڻ چرپر ۾ هو، سو ڄڻڪ ويڳاڻو، سسيفس جي هٿن، پيرن جي چرپر جي اوسيڙي ۾ پيل. هرمز، سسيفس ڏانهن منهن ڪري قطعي نبيري واري انداز ۾ چيو:
” سسيفس، پٿر ۽ جبل تنهنجي اوسيڙي ۾ آهن.“
”مان انڪار ڪيان ٿو.“ سسيفس جو هوڏي آواز.

سانت
سانت جي سيني کي چيريندڙ سسيفس جو آواز:
”هرمز، مون هن پٿر ۽ جبل سان جڳن کان جهاڳيو آهي........
”جڏهن منهنجي ٻل واري لڳاتار پورهئي جي آڌار تي هي پٿر مٿي چڙهندو هو_ ۽ ڪرڻ لڳندو هو.
”مٿان کان هيٺ ڪرڻ وارين گهڙين جي وٿي، مون لاءِ اها ملهائتي وٿ هئي؛ جن ۾ مون پنهنجي پورهئي، پگھر، رت، سگهه جي زور جو ڦل هيٺ ڪرڻ جي انتهائي پيڙا ڀرئي ڏيک ۾ ڏٺو. ڪيڏو ايذاءُ ڏيندڙ. صدين جي لڳاتار پيڙا، ناڪاميءَ جي ايذاءَ ۽ انتهائي ڪريل جُٺ، منهنجي سوچ جو ڳڙکڙو کوليو. جنهن مونکي، منهنجي سرت ڏني.
”ها، جڏهن سوچ نه هئي، انڀو نه هو، تڏهن پيڙا به نه هئي، منهنجي در گهٽنا تڏهن کان شروع ٿي؛ جڏهن مونکي منهنجي سرت ٿي ۽ مون پنهنجو پاڻ کي انڀو ڪيو. جڏهن منهنجي درگهٽنا منهنجي آڏو پڌري ٿي ته ان مونکي ڇيڇاڙي وڌو، هن پاڻ_ سجاڳيءَ منهنجي هستيءَ ۾ مانڌاڻ مچائي ڏنو.
جبل تي مٿي ڌڪجندڙ پٿر، پٿر هيٺ ڪرندڙ، چڙهندڙ_ چڙهندڙ، ڪرندڙ_ زور_ هن هڪڙي ئي رينگٽ سچ پچ مونکي ڪڪ ڪري وڌو.
”مون سوچيو: واقعي ديوتائن منهنجي مٿان نهايت ڀوائتي سزا مڙهي آهي. نيٺ هن، هڪ ئي چڪر جي گھير ۾ گھلجندڙ سکڻي، بيهودي مشغوليءَ جو ڪھڙو ڦل؟
”۽ ڪنهن لاءِ __؟
”ڌرتيءَ جي مليل سوچ منهنجي سونهين ٿي: هيءَ هڪ ئي رينگٽ واري بيهودي چرپر سکڻي نه آهي؛ ائبسرڊ نه آهي: هن رينگٽ ۾ مونکي ملندڙ ايذاءُ ۽ جُٺ. ديوتائن اتمتا، وڏائيءَ ۽ پرڪاس جي احساس جي ترپتي ڪري ٿي. ها جيڪڏهن زيوس نه هجي ها ته پوءِ مون سان اهڙي جُٺ نه ٿئي ها، هن سموري چرپر جي پيڙا ۽ انجي ناڪاميءَ مونکي سرت ڏني ته:
”_جيڪڏهن مان ديوتائن منجهان هجان هان ته مون سان اهڙي تعدي نه ٿئي ها.
”_ مان نستو آهيان، ديوتا سگهارا. انهيءَ ڪري هو مون تي پنهنجي هر اِڇا مڙهي سگهن ٿا.
”_راڄ اوکنڊ سدائين سگهه جي هٿ هيٺ رهيو آهي، جنهنڪري سندس هر امر پوتر آهي. جو اهو سگهاري جي اڇا جو آواز آهي.
”منهنجي مٿان هن مڙهيل......“
هو چپ ٿي ويو.
هرمز جو آواز اُڀريو:
”تون هيڻو آهين ڪجهه نٿو ڪري سگهين. ديوتا سگهارا آهن. سسيفس! پٿر ۽ جبل تنهنجي اوسيڙي ۾ آهن.“
”نه_“ سسيفس رڙ ڪئي.
”مان انڪار ڪيان ٿو.“ مڇريل هوڏيءَ جو پڙلاءُ.
”مان انڪار ڪيان ٿو.
”هيڻو آهيان: ڄاڻان ٿو. پر بغاوت هيڻن جي سڀاءَ جوئي انگ آهي. ڇاڪاڻ ته هو هيڻا آهن، انهيءَ ڪري بي وس. بي وسيءَ جو وڍيندڙ انڀو هيڻن کي بغاوت لاءِ اڀاريندو آهي. اهو سڀاويڪ آهي، جو هو انهيءَ انحراف، انڪار ۽ بغاوت جي هير مان موج ماڻيندا آهن.......“
هو سڄو ڳاڙهو ٿي ويو. منهن ٽامڻي هڻي ويس.
ٿڙڪڻ لڳو:
”نه_“
هرمز، لفظن تي زور ڏئي چيو: ”ديوتائن جو ديوتا، پوري ڪائنات جو ڌڻي ابو زيوس، انڪارين کي ڪڏهن نه بخشيندو آهي، سسيفس.“
”اها ڪا نئين ڳالھه ڪانه آهي.“ سسيفس بي پرواهيءَ مان وراڻيو.
۽ پوءِ پراڏي ۾ گونج اُٿي:

ديوتائن جو ديوتا: زيوس
تيجوان
سڀ کان وڏو
سڀ گڻ کيس جُڳائن
جيڪو سڀ کان سگهو.
۽ سٻرو آهي.
هو مها آهي.
گاج گجگوڙ، وڄليون
سندس ادويتي روپ آهن
سگه، سٻرائي
سندس چئيدان ٻانها آهن

هن __
هوڏين ۽ نِٺرن
ڪپاترن ۽ ياڪين لاءِ
هيٺ پاتال ۾
جھنم جوڙيو
اسانجو زيوس
خلقڻهار _ پالڻهار
جنهن اسانکي هر سوکڙي ڏني
جيڪو:
پوري جڳ جو سنڀاليندڙ آهي
مڪتي ڏياريندڙ
جنهن کان سواءِ
هوند جڳ ۾ اوندھ انڌوڪار هجي
هوئي آهي
سنڀاليندڙ _ پاليندڙ
هن کان سواءِ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟
جو هن سرشتي کي هلائي.

ابوزيوس
هوڏين _ نٺرن
ڪپاترن ۽ ياڪين کي
ڪڏهن نه بخشيندو آهي
ڪڏهن نه ___
هو مهان آهي.
سسيفس جي سُڪل چپن تي مرڪ ٻهڪي وئي. ۽ سندس پوري هستيءَ م سرت _ ڀري ڌڪار، مرڪ ۽ ڌڪار جي هن سنگم سندس ڏٻري، پر هيٺلي وجود کي ڏَيا ڏني ۽ وڏائي ۾ ڀري ڇڏيو. ڏيا ۽ وڏائي، سندس سرير تي هستيءَ جو انگ بڻيل.
اوچتو وڄ جو چمڪاٽ ٿيو. ٿرٿلو متو. پوري ڪائنات ڌُڏِي وئي.
سسيفس کي ديوتائن جي درٻار ڏانهن نيو پئي ويو.
۽ جڏهن، سسيفس کي ديوتائن جي اولمپيئن محل ۾، جيڪو جبل جي انتهائي چوٽيءَ تي اڏيل، آڪاس سان سينو ساهيندڙ هو، آندو ويو، تڏهن هڪ ڀيرو، اولمپس جي دٻدٻي ۽ حشمت کيس هيسائي وڌو. پر ستت ئي، هن پنهنجي حواسن جي لگام کي هوشياريءَ سان جهلي ورتو.
۽ جڏهن سندس سرت موٽي آئي ته اولمپس جو اڊمبر سندس دل ڪچي ڪرڻ لڳو. ديوتائن جي ٺَٺَ جو وڇايل ڄار اُگرو لڳڻ لڳس. سندس من تهان وڌيڪ ڌِڪار سان ڀرجي ويو. وروڌ، پوري تِکائيءَ سان سرير جي رڳن ۾ ڊڪون پائڻ لڳس.
سسيفس اولمپائي خدائن آڏو بيٺو هو: هيڻو؛ ڏٻرو، هٺيلو ۽ اڏول. سرڪشيءَ جي مستيءَ ۾ جھومندڙ.
سندس پڙلاءُ گونجيو:
”جڏهن مدر ارٿ جي ڪُک مان ڄاولن منجهان هن پوري وَشَو مانڊاڻ تي ٽيٽانز جو راڄ هو، تڏهن، تن منجهان هڪ ڪرونس بغاوت ڪري، پيءُ کي ڦَٽَي ڪائنات جي سگهه تي قبضو ڪيو ۽ پوري جڳت جو ڌڻي بڻيو.
”ان کان پوءِ ٽيٽانز جي مهندار ڪرونس، جنهنجي پونئرن مان تون آهين، جنهن بغاوت ڪئي
”انڪار جو اهو سلسلو سڀاويڪ آهي.
”تو، وڄلي، گاج گجگوڙ، ڪڙڪي ۽ ڀون ڪنپ، جيڪي هر اسرندڙ سگهه جا هٿيار هوندا آهن، ڪتب آندا. ڏاهپ ۽ اڳ ويچار جي ڌڻيءَ پروميٿيس به، پنهنجن وڏڙن کان ۽ انهن جي سرشتي کان منهن موڙي تنهنجو ساٿ ڏنو.
”بغاوت جو هي سلسلو سڀاويڪ آهي.“

سسيفس پنهنجي هيڻي هستيءَ کي، جيڪا جڳن کان ٿڪل هئي، تاڻي تڙو _ کڙو ڪيو. آواز ۾ پنهنجي جٺ جي ويرَ جو وڍيندڙ احساس اوتي چيو:
”پر، زيوس منهنجو انڪار، انهيءَ روايتي انڪار کان نرالو آهي. هيءَ منهنجي بغاوت، پنهنجن وڏڙن کان نه، پر اختياريءَ سگهه خلاف اهي: مرڻي جي آ مرڻي خلاف. ڌرتيءَ سان دل رکندڙ جي، آڪاس خلاف، هيڻي جي سريشت خلاف.....“
زيوس جي نرڙ ۾ گنج پئجي ويا. منهن ٽامڻي هڻي ويس. سندس آواز ڪڙڪيو:
”ڇا تون پروميٿيس جي سزا کان اڻ _ ڄاڻ آهين؟“
۽ پوءِ پڙاڏي ۾ گونج ٿي:

ابي زيوس جا چئيدان ٻانها فورس ۽ وائلنس پروميٿيس کي چوکنڀو ڪوڪاڪس جبل تي نيئي ويا. جتي هنن کيس تکي چڀندڙ ٽڪريءَ سان، مٿي ڀر ڇڪي ٻڌو، سخت الماسي زنجيرن ساڻ، جن کي ڪير به ڀڃي نٿي سگهيو.
۽ هنن کيس ٻڌايو:
تون سدائين اتي چٿبو رهندين
توکي انهيءَ اڻ _ سهي سور کان ڇڏائڻ وارو ڄائو ئي ڪونه آهي.
ديوتائن منجهان هڪ هوندي
توکي مهادوتا جي ڏمر جو ڀئهُ نه ٿيو
جو تو مرڻن کي اهو مان ڏنو
جن جا هو لائق نه ها_
۽ هاڻ:
تون هن سراڻ تي پيو گھرڙج
تنهنجي لاءِ نه ننڊ آهي نه آرام
۽ نڪوئي تنهنجي چرپر ۾ گهڙين جي ڪا مهلت
ڪُڻڪ ڪنجهار تنهنجي ٻولي آهي
رودن، دانهون تنهنجا لفظ آهن.

۽ پوءِ رت ۾ وهنتل عقاب آيو
بکيو، ڇتو اڻ سڏيو مهمان بڻجي
پروميٿيس جي سرير تي ٽٽي پيو
انکي چيري ڦاڙي
چيهاڙيون چيهاڙيون ڪري ڇڏيائين
۽ _ سندس ڪاري جيري کي ڇتو ٿي زم سان پٽڻ _ ڇنڻ لڳو.

پوءِ هرمز کيس ٻڌايو:
مهاديوتا زيوس جي امر سان
تنهنجي انهيءَ پيڙا ڀري سڪرات جو
ڪو انت ڪونه آهي
ڪا پڄاڻي ڪانه آهي
ايستائين، جيستائين
آسماني خدا
توکي انهيءَ ايذاءَ کان آجو نٿا ڪن
اها پيڙا تنهنجو لکيو امر آهي.

”مان پروميٿيس جي مقدر کان سڄاڻ آهيان“. سسيفس چڙ مان هوڪاريو. ڄڻ کيس ڪنهن ڏَنگي وڌو هجي. ”ها، مان هنجي لکئي کي ڄاڻان ٿو. هنجي پيڙا ڀري سڪرات جي پڄاڻي ٿي“
”۽ منهنجي پيڙا__
”جنهنجي ڪا پڄاڻي ڪانه آهي.“
هن وڏي واڪ چيو:
”زيوس، منهنجي سزا پروميٿيس کان وڌيڪ ڀوائتي آهي. جنهنجو ڪو انت ڪونه آهي. جا ايذاءَ ۾ پروميٿيس وانگر ظاهري وار ڪانڊاريندڙ ڪانه آهي. پر لڳاتار هڪ ئي قسم جي پورهئي ۽ ان ۾ پورهئي ڪندڙ لاءِ سکڻي، نسڦل نتيجي ۽ ان سکڻين جو چيريندڙ احساس ۽ سرت، چند کنن جي مهلت اندر__ هن پورهئي جي ورود دوران....... پوءِ به __ ساڳي سکڻي مشغولي، جنهن ۾ پوري وجود جي سگهه ۽ توانائي رڌل ۽ __
”زيوس، جيڪڏهن منهنجي مٿان پروميٿيس واري سزا مڙهي وڃي ها ته مان ڀاڳ وارو هجان هان.....“
هو چپ ٿي ويو. زيوس جو ٽامڻي ٿيل منهن وڌيڪ ڀوائتو ٿي ويو. اولمپس جون اڊمبر ۽ ٺٺ سان ڳاٽ اوچو ڪيل ڀتيون، سِرڪي پيون. مڙني ويٺل ديوتائن جون اکيون زيوس ۾ کٿل ۽ سندس معنى واري خاموشيءَ کي جاچيندڙ. سسيفس جي گنڀير سانت، اولمپس جي دٻدٻي ۽ حشمت کي هوڪارڻ لڳي.
نيٺ سانت جي ڇپ کي ٽُڪيندو، سسيفس جي پڙلاءَ اوچي ڳاٽ ۽ ٺٺ واري اولمپائي ديوتائن جي محل کي ٽڪڻ لڳو:
”زيوس! هن ۽ مون ۾، جيڪي ٻئي ڏوهن جي خاني ۾ رکيا وياسين، اهوئي بنيادي فرق آهي: هو ياڪي هوندي به ديوتائن منجهان آهي ۽ مان: دائمي، سدا باغي، ديوتائن جي پيڙھيءَ مان نه، ڪڏهن به مهاديوتا بنجڻ جي اِڇا نه رکندڙ.
”۽ مان پاپي سڏيو ويس، جو مهاديوتا جو ڳجهه وائکو ڪيم. جنهن تي ديوتائن مون تي ڏوھ مڙهيو ته مون ديوتائن جو ڳجهه چوري ڪيو آهي!
پروميٿيس، اوهان ديوتائن منجهان هو. جنهن مرڻن کي سرڳ مان باھ چورائي ڏني کين کيتي سيکاري ۽ انهيءَ جي سکيا ڏني. پر مان ديوتائن منجهان نه آهيان، انهيءَ ڪارڻ پاتال ۾ دائمي ننديل رهيس. اپالو، آخرڪار پروميٿيس کي زنجيرن مان مڪتي ڏياري. تو ان جي اجازت ڏني. نيٺ ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هو اوهان منجهان هو. هڪ ۽ مان.....
”۽ مان جيڪڏهن چوان ته:
”زيوس ڪامي آهي، هن انجينا کي ڀنڀلائي ڀڄائي ان جو سَت ٽوڙيو، انهيءَ ڪري زيوس ڏوهي آهي.
”۽ جيڪڏهن مان چوان ته: زيوس، مهاديوتا نه، پر مها پاپي آهي. هو وڏو ٻهروپيو آهي. هن روپ بدلائي پوري خلق کي ٺڳيو آهي. هن ڊينيا جو ست ٽوڙيو، ليڊا ڀنڀلايو ۽ ڪيترين ديوين منجهان پنهنجي ڪامي حرص جي باھ اُجھائي. هو وڏو سانگ رچائيندڙ آهي: هن ان ٻيٽ جو نالو ايجينا رکيو، جنهن ٻيٽ تي هن سندس ست ٽوڙي، پنهنجي شهوت پوري ڪئي. ۽ هن کي، مانواري ٺهرائڻ جو ڍونگ رچايو.
(۽ مون ڌرتيءَ تي به ڏٺو: ڀنڀلجڻ، ڌتارجڻ ناريءَ جو مقدر بڻيل. ديوتائن جي حرصي گهرج پوري ڪندڙ مانوارو ٿيل. اهم نيم بڻيو).
”۽ مان جيڪڏهن چوان ته زيوس وڏو ٺڳ ۽ انياءُ ڪندڙ رهزن، مها پاپي.....“
” سسيفس!“
زيوس ڏمرجي، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ کنوڻ بڻجي گجيو.
سسيفس سانتيڪو ۽ نهٺو. هن زيوس جي گرج کان بي پرواھ، پنهنجي وچ ۾ ٽٽل سلسلي کي جاري رکيو:
”ها زيوس، مان توکي مها پاپي ۽ مڪار چئي سگهان ٿو. پر نه __ تو بابت منهنجي انهيءَ چئي کي ٻلو تائي ملھ ڪونه آهي. نه ملي سگهي ٿو. جو مان هيڻو آهيان، وهيڻو. سگهه جو هر ڪرتوت جائز آهي. ۽ پوتر پڻ، جو انهيءَ کي فورس جي آڌار تي سپرماڻ آهي
”سچ، سگهه جو گولو آهي.“
هو چپ ٿي ويو ۽ ملول. ملولائي سندس پوري هستيءَ کي ويچارو بڻائي ڇڏيو ۽ سندس هٺيلائپ کي چيڀاٽي ڇڏيو. ويٺل مڙني ديوتائن جون نگاهون زيوس تي ڄميل هيون. هن اوسيڙي ۾ ته: هو، سسيفس لاءِ اڃان به ڪھڙي وڌيڪ ڀوائتي سزا پڌري ڪري ٿو. هومز، زيوس جي حڪم جي اوسيڙي ۾ سجاڳ ۽ انهيءَ جي پورائي لاءِ تڙو کڙو ۽ هوشيار بيٺل.
زيوس ڪنهن گھري ويچار ۾ ٻڏل هو. سندس انهيءَ ويچار کي ديوتا هيءَ معنى اوڍي رهيا ها ته، هو؛ هن سدا هوڏيءَ، لوٺئي، ديوتائن جي انڪاريءَ ۽ هنن جي پوتر اڇا خلاف هلندڙ ياڪيءَ کي اڃا به وڌيڪ سيکت ڏيڻ لاءِ فرمان جاري ڪندو.

وري به انهيءَ سانت کي، سسيفس جي ملول پڙلاءَ ڀڳو:
”ها، سگهه، سچ آهي. مون ڌرتيءَ تي ٻڌو: سچ وڏي سگهه آهي، ڌرتيءَ وارا ويچارا مرڻا، ”نه“ _ جي اڻگس گڻ هوندي به پرتڪش پرماڻن سان سچائيءَ جي ماپ ڪندا آهن. تن کان ديوتائن هيءَ سُرجيت لڪائي ته: سرشتي جي رفتار ۾، سگهه وڏو سچ آهي. جيتوڻيڪ اها سرت به مونکي، اتي ڌرتيءَ تي ئي لڌي. جو مون ڏٺو ته، ڌرتيءَ جا ڀلامانس، سچ جي نالي ڪنهن شي پٺيان سرگردان آهن. ۽ مان به انجو ڳولائو ٿي پيس. پر ڇا پاتم؟ ته: اها ڳولا ڀرم کان سواءِ ڪجهه به نه آهي، جي سچ جي نالي ڪا شي آهي ته، اها سگهه آهي. ڌرتيءَ وارا، جيڪي سدائين پنهنجي ئي هٿرادو جوڙيل سچائين جا ماريل آهن._
”چيو ويو. روشني سچ آهي. سوجهرو سچ آهي. سونهن سوڀيا سچ آهي. ڪويتا سچ آهي. سوڀياس سچ آهي. موسيقي سچ آهي. وڪتا سچ آهي. امن ۽ آشتي سچ آهي ۽ انهن گڻن جو ديوتا اپالو آهي. جيڪو ڪڏهن ڪوڙ نٿو ڳالهائي. سچا ٻول سندس سڀاءَ جو اڻ ڇڄندڙ ڀاڱو آهن. اپالو جيڪو ڇٽائيندڙ هٺ _ سڄو ڪندڙ آهي.
”پوءِ به زيوس جي هٿ _ هيٺ آهي. سندس ٻانهون. ڇا اهو ڪوڙ آهي؟
” ڇا هيءُ ڪوڙ آهي ته زيوس، جيڪو سگهارو آهي، فورس ۽ وائلنس جنهن جا ٻانها آهن، اڳ _ ويچار جي ڏاهپ جو ڌڻي سندس درٻاري آهي، تنهن سچ جي ديوتا اپالو کي، ايڊميٽس جو گولو بنائي ڌرتيءَ تي ڌڪي ڇڏيو هو.
”۽ مون ڌرتيءَ تي ڏٺو: سچ کي، سگهه هيٺيان چيڀاٽجندو. ۽ اتي مون ڏٺو سونهن ۽ سوڀيا کي، ڏاهپ ۽ ڪويتا کي، سوڀيا رس ۽ رس گيا کي، وڪتا ۽ سوجھري کي ۽ پوري سچائيءَ کي سگهه هيٺيان چيچلائجندو. سگه: جيڪا راڄ آوکد جي سريشت وٽ هوندي آهي.
”هتي مون کي پنهنجي ماٽيل ڀاءُ سليمونس جي دکياري موت وارو ڏيک ياد ٿو اچي. جنهن کي تو، جڳت _ راجا سڏائڻ تي، گجگوڙ وڄليءَ سان اُڦٽ ماري ڇڏيو هو. هو هيڻو هو. هن پاڻ کي ديوتا سڏايو ته هن کي چريو سڏيو ويو ڇاڪاڻ ته وٽس سگهه ڪانه هئي، هر ديوتا لاءِ سگهه لازمي آهي، ڏاهپ ۽ اڳ ويچار جو ساٿ ڪونه هو. تنهن ڪري وٽس ڇوھ ۽ ٻل به ڪونه هو. تو هن کي ماري ڇڏيو. ڏاهپ ۽ سگهه کانسواءِ، وائلنس بيڪار آهي ۽ بغاوت هڪ چرئي جو ناٽڪ.“
زيوس، ڪروڌ وچان باھ ٿي پاسو بدلايو، سسيفس، پنهنجي ئي ڌُن ۾ مگن ڳالهائي رهيو هو:
”مون کي اهڙي ڪل نه رڳو هتي، ڳري پٿر جي ڪرڻ وارين ايذاءُ ڏيندڙ گهڙين جي وئيءَ ۾ سوچيندي پئي، پر مون ڌرتيءَ تي به ائين ڏٺو، ۽ تو زيوس، مون کي نندي، ڌڪاري، دائمي ڀوڳنا ۾ وڌو، جو مان هيڻو هوس. هن مهل تائين مون جيڪا پيڙا ڀوڳي آهي، ڌرتيءَ ۽ آڪاش تي ڌڪا کاڌا اٿم، تنهن سموري مشغوليءَ جي اهائي پاڇي ڪڍي اٿم ته: اها سچائي پوري ڪائنات ۾ آهي: سچ، سگهه جو گولو آهي. هرهنڌ جتي به آسماني خدائن جو پاڇو آهي، اتي سچ، سگهه جو گولو آهي. ۽ ڌرتيءَ وارن منجه به، جيڪي سگهارا آهن، سي سريشت ها. جيترا هو سگهارا، اوترا ئي وت آهر پنهنجن وهيڻن مٿان پدم. هر سگهارو، پاڻ کان هيڻي مٿان، پاپيءَ جي چتي لڳائي، سزا مڙهي، پنهنجي اُتمتا ۽ وڏائيءَ جي احساس جي ترپتي ڪري ٿو. ائين جيئن تو منهنجي مٿان.....
” سسيفس!“ هرمز رڙ ڪئي.
سسيفس، هرمز جي انهيءَ رڙ کان بي سُڌ بڻجي چوندو رهيو:
”ها، زيوس! منهنجي مٿان هي مڙهيل هڪ ئي رينگٽ واري بيهودي چرپر سکڻي ڪانه آهي، هيءَ چرپر، جنهن ۾ هڪ هيڻي سان انتهائي ڪريل جُٺ ڪري، مٿس انتهائي دهشتناڪ سزا مڙهي ويئي آهي، سا تنهن جي اُتمتا جي برپتيءَ جي مطلب کي پورو ڪري ٿي. هيءَ منهنجي لاءِ سکڻِ آهي. پر اهو اهم نه آهي، جو مان هيڻو آهيان ۽ تنهنجن ٻلوان جي هٿن ۾ کينهوڙو.
”منهنجي درٻلتا، منهنجي بي وسيءَ جو ڪارڻ بڻي ۽ مون کان اهو اختيار کسيو ته مان پنهنجي اِڇا پٽاندڙ پنهنجي واٽ اختيار ڪيان. نٿو ڪري سگهان جو هيڻو آهيان.
”ته ڇا مان پنهنجي هستيءَ کي، جيڪا ”آهي“. پوءِ ڀل هيڻي ئي سهي، هڪ اڻي جي روپ ۾، تنهنجي سرشتي اندر سمائي ناس ڪري ڇڏيان؟
”نه _ مون اهو نه قبوليو آهي. منهنجي انهيءَ ناڪار جي ابتدا سان منهنجي درگهٽنا شروع ٿي. ۽ انهيءَ درگهٽنا جو وڍيندڙ، ڇليندڙ احساس، انهيءَ سرت کان، جڏهن کان مون پنهن جو پاڻ کي آنڀو ڪيو، ۽ جڏهن کان اها درگهٽنا منهنجي آڏو پڌري ٿي. جبل تي مٿي منهنجي پوري سگهه سان ڌڪجندڙ پٿر. پٿر هيٺ ڪرندڙ _ ڌڪجندڙ ڪرندڙ هڪ ئي رينگٽ.......“
لڳي رهيو هو ته وڦلي رهيو آهي.
”پر سوچ ۽ سرت.....“
اوچتو گجگوڙ ٿي ۽ وڄ جو چمڪاٽ.
سسيفس، چرين وانگر ٻاڪاريندو رهيو:
”نه _ نه ......
”مان انڪاري آهيان
”انڪار...
هن ڦٿڪي پاڻ ڇڏائڻ جي جاکوڙ ڪئي. پر چؤکنڀو جهل، سندس جسم وڌيڪ سوگھو ٿي ويو.
وڄ چمڪي ۽ زيوس جو آواز گجيو:
”هن باغيءَ کي ساڳي سزا ۾ جنبيو وڃي. جو انهيءَ کان وڌيڪ ٻي سخت سزا ٿي نٿي سگهي. جنهن ۾ هو لڳاتار ٺلهو پورهيو ڪري: پٿر کي مٿي جبل تي پوري سگهه سان نيئي وڃي ۽ اهو زُمَ سان هيٺ ڪري، ۽ انهيءَ پورهئي جي پراپرت کان سکڻو رهي.“
زيوس وري ڪڙڪيو:
”هيڊز! سسيفس جي مشغول هڪ ئي رينگٽ واري چڪر کي ايڏو تکو ڪيو وڃي، ايڏو تکو ڪيو وڃي، جو انهيءَ ۾ سوچ لاءِ ڪا وِٿي باقي نه بچي.
”سندس سونجھ جا سمورا ڳڙکڙا بند ٿي وڃن. حواس بي جان. جيئن هو پنهنجي درٻلتائي انڪار مان موج ماڻي نه سگهي ۽ سندس باغي سڀاءُ ناس ٿي وڃي، باقي سندس پيڙا جي سرت کي ارمان ۽ رودن سان جيئن جو تيئن رکيو وڃي؛ اهڙي ريت جو سندس پيڙا جي سرت ۽ بي وسيءَ جي ڄاڻ جي ڇڪتاڻ جي وٿي وڌيڪ ڀوائتي ٿئي، جنهن ۾ هو جسماني پورهئي سان گڏ، آتمڪ طور به لوئبو _ پوئبو رهي.“
سسيفس کي پاتال ڏانهن نيو پئي ويو؛ هو هارايل هو پوءِ به سوڀارو. وهيڻو هو، پوءِ به اڏول. جڪڙيل هو، پوءِ به سرڪش، ننديل هو، پوءِ به هٺيلو.

پاتال ۾ گھرو سناٽو آهي. چوڌاري موت جا پاڇولا رڙهي رهيا آهن.