ڏاهپ / اخلاقيات

گھڙي پل

گارفيلڊ ڪنگ جي لکيل ڪتاب Just a Moment جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر اي ڪي پنجواڻي ڪيو آھي.
ھي ڪتاب ھڪ سئو مختصر نثري ٽڪرن جو ڳٽڪو آھي جيڪي سڀ جو سڀ امن ۽ آشتي، زندگيءَ کي سڪون ۽ شانت ڀريو رکڻ لاءِ اھم آھن. شيام ڪمار لکي ٿو:
”هيءَ ”ويچارن مـُـٺ“ اڄوڪي مشيني دور جي گڙگڙاهٽ ۽ من مٿان ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه ۽ اهنڪار جي چڙهيل ڪـٽُ جي انيڪ تهن هيٺ رهندڙ انسان کي، گھڻي ڀاڱي، شانتي ۽ سڪون ميسر ڪرڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي.“
  • 4.5/5.0
  • 981
  • 348
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book گھڙي پل

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب
گهڙي پل

ليکڪ
گارفيلڊ ڪنگ

سنڌيڪار
اي ڪي پنجواڻي

ڪمپوزنگ
ڪارايل
ساکي سنگت ڪراچي

ڇپائيندڙ
سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي

چاپيندڙ
القادر پرنٽنگ پريس

سال 2007

ڊجيٽل ايڊيشن
2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com


ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گھڙي پل“ اوهان اڳيان پيش آهي. گارفيلڊ ڪنگ جي لکيل ڪتاب Just a Moment جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر اي ڪي پنجواڻي ڪيو آھي.
ھي ڪتاب ھڪ سئو مختصر نثري ٽڪرن جو ڳٽڪو آھي جيڪي سڀ جو سڀ امن ۽ آشتي، زندگيءَ کي سڪون ۽ شانت ڀريو رکڻ لاءِ اھم آھن. شيام ڪمار لکي ٿو:
”هيءَ ”ويچارن مـُـٺ“ اڄوڪي مشيني دور جي گڙگڙاهٽ ۽ من مٿان ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه ۽ اهنڪار جي چڙهيل ڪـٽُ جي انيڪ تهن هيٺ رهندڙ انسان کي، گھڻي ڀاڱي، شانتي ۽ سڪون ميسر ڪرڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي.“
ھي ڪتاب 2007ع ۾ سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ڊاڪٽر أي ڪي پنجواڻي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مهاڳ

هن ڳٽڪي پڙهڻ بعد مون آڏو الائجي ڇو سنسڪرت ٻولي جي مشهور شاعر "راجا ڀرٿري هري" جي شاعري ۽ شخصيت يادن جي جهروڪي مان نڪري نروار ٿي بيٺي.
شايد ٿي سگهي ٿو ته جيئن هيءَ ڳٽڪو "هڪ سوّ" نثري ويچارن تي مشتمل آهي تيئن "ڀرٿري هري" جي شاعري به پنهنجي دوِّر -- ۽ زندگي جي ٽن جدا جدا روپن، رنگن ۽ مقصدن جي نه صرف ڄاڻ ڏئي ٿي بلڪه ويدن، اُپنيشدن ---گيتا جي گيان جيان " ميل ميلاپ" (Synthesis) جي فڪري ڌارا کي اپنائڻ تي زور به ڏئي ٿي.
برصغير جي طبقاتي سماج اندر ان ميل ميلاپ جي اُتم فڪر کي،بعد ۾صوفي ۽ سنت شاعرن جهڙوڪ چيتنيه، ڪبير، ميرا، گرونانڪ، فريد، شاهه لطيف، بلهي شاهه وغيرهه مزيد هم آهنگي (Harmony) پيدا ڪرڻ، نااتفاقي جي وڌنڌڙ زهريلي ٻجن جي بيخ ڪـُـنيءَ لاءِ پنهنجي نظمي ويچار ڌارائن کي ملڪ گير، بلڪه عالمگير تحريڪ جو روپ بخشيو جنهن جا مثبت اثر اڃان سوڌو قائم آهن.
مستند تحقيق مطابق ڀرٿري هري عيسوي سن جي پهرين ۽ ڇهين صدين ۾، ڪنهن مهل جنم ورتو. سندس شاعري سوِّ سوِّ نظمن جي ٽن ڳٽڪن ۾ ورهايل آهي جيڪي جيون جي ٽن زاوين يا پهلوئن تي روشني وجهن ٿا:

1. ڀرپور پريم جو مزو چکڻ (Shringara Shatakam)
2. جيون کي پويترتا ۽ اخلاق جو جامو پهرائڻ(Niti Shatakam)
3. نرموهه ۽ وئراڳ جو رستو اپنائڻ (Vairaga Shatakam)

سندس شاعري جو هڪ حصو” گارفيلڊڪنگ “ جي ويچارن وانگر حياتيءَ کي اُتم انساني قدرن جو ويس پهرائڻ ڏانهن اشارا ڏيندو رهي ٿو، جنهن ذريعي انسان ذات جي شخصيت اُتمتا حاصل ڪري ڪامل بڻجي سگهي ٿي. ڀرٿري هري جي ياد جو اهوئي ڪارڻ ٿي سگهي ٿو.
هيءَ ” ويچارن مـُـٺ“ اڄوڪي مشيني دوِّر جي گڙگڙاهٽ ۽ من مٿان ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه ۽ اهنڪار جي چڙهيل ڪـ،ـٽُ جي انيڪ تهن هيٺ رهندڙ انسان کي، گهڻي ڀاڱي، شانتي ۽ سڪون ميسر ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
هيءُ زهريلو ۽ موتمار ”مايا ڄار“ جيڪو جديد دوِّر جي انسان تشدد، مذهبي جنون، عدم رواداري، رياڪاري، نسل پرستي، طبقاتي ڀيدڀاءُ، صنفي فرق، نفرت جهڙن بدبودار ۽ گهاتڪ جّزن مان جوڙيو آهي اڄ پاڻ ان جو شڪار ٿيندو پيو وڃي.
قدرت کان تحفي طور مليل هن سونهن ڀرئي سنسار ۽ پنهنجي ذات کي ان ”مايا ڄار“ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ، ظاهري طور، اڻ ٿڪ جتن ڪندو ڏيکاري ڏئي ٿو، پر، انيڪ واٽن جي باوجود اڃا تائين سندس قدم ڪٿي ڄمي ڪون سگهيا آهن، ساگر ۾ ٻـڏل جهاز مان هٿ آيل ترهي تي ترڳندو نظر اچي ٿو پر، ساحل اڃان نظرن کان گهڻو گهڻو ڏور آهي!
ان گورک ”مايا ڄار“ کان پاڻ آجو ڪرائڻ لاءِ جيون جي جسماني ڍانچي اندر موجود ”باطني دڳ“ اختيار ڪرڻ جي به تلقين ٿيندي رهي آهي. هيءَ ”ويچارن مـُـق“ به هڪ نئين ۽ انوکي انداز ۾ ان راهه کي روشن ڪرڻ جي پياري جستجو آهي. صرف مادي ۽ جسماني .
ترپتي"ڄار" ۾ وڌيڪ جڪڙيندي ويندي. آجڪائي لاءِ ، ڌرتي جي سوڀيا برقرار رکڻ خاطر، انسان ۽ سرشٽي اندر شانتي جو واتاورڻ (ماحول) قائم ڪرڻ واسطي مٿي ڄاڻايل ”باطني دڳ“ ۽ صرف ۽ صرف ماده پرستي جي درميان، ديرپا ۽ جٽادار توازن قائم رکڻ جي، اڄُ جي عهد ۾ سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي.
”ويچارن مـُـٺ“ برهما ڪماري ورلڊ آتمڪ يونيورسٽي (راج يوگا مرڪز، باربدوس، ويسٽ انڊيز) جي ذهين، انسان دوست گياني پرش ” گارفيلڊ ڪنگ “ جي سوِّ ريڊيائي تقريرن جو سنڌي ترجمو آهي. ان سنڌي روپ بخشڻ جي جـس، جو ڀاڳي ڊاڪٽر آنند ڪمار پنجواڻي آهي جنهن نهايت سرل، سادي ٻهڪڻي ٻولي ۾ اهي خيال اوهان آڏو رکيا آهن.
برهما ڪماري آشرم ۽ بعد ۾ مٿي ڄاڻايل يونيورسٽي سن 1937ع ۾ هندستان اندر قائم ڪئي وئي، ۽ هن وقت اهي غير سياسي ۽ غير مذهبي آشرم دنيا جي تقريبن 125 ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ سندن مرڪزن جو تعداد 1200 جي لڳ ڀڳ آهي. سندن بنيادي مقـصد سماج اندر اقداري تبديلي آڻڻ آهي. ان خاطر انسان ذات کي روحاني ۽ اخلاقي سکيا ڏيڻ جي وسيع پروگرام تي عمل پيرا آهن. ان پروگرام ذريعي هر فرد کي پنهنجي باطني تعميري صلاحيتن کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڏانهن مائل ڪيو وڃي ٿو ته جيئن موٽ ۾ هو سماج اندر مثبت سوچ ۽ عمل کي لاڳو ڪري ”مها ڄار“ جي خاتمي ۾ پنهنجو پورو پورو ڪردار ادا ڪري سگهي.

شيام ڪمار ڪوئٽه

1- تبديل تبديل تبديل

"هي نظام وڃي ٻن پوي." انقلابيءَ دانهن ڪئي.
ءِ تبديلي جي ضرورت آهي.۽ پرچارڪ اعلان ڪيو. ءِ تبديلي اچڻي ئي آهي.۽ ڳائڻي ورجايو. هرهنڌ اهڙن سوالن جي ڀرمار آهي. ڪهڙو فرق ٿو پوي، مون کي ڇا ڪرڻو آهي.ها مون کي خبر آهي، مان انسان جي وجود جي نازڪ دوِّر ۾ جئي رهيو آهيان. مان ڄاڻان ٿو ته ساري ڌرتيءَ کي قيامت وارو ماحول وڪوڙي ورتو آهي، تنهن ڪري تبديليءَ جي ضرورت آهي.هرطرف مون کي کوکلائپ نظر اچي رهي آهي. پرمون کي ڇاڪرڻو آهي؟ مون کي ته اها به پڪ آهي ته مان هن مهل ڇا آهيان، منهنجي اندر ۾ ڪيترو ،ڊپ]، حسد، نفرت، موهه] ۽ گهمنڊ] ڀريو آهي ۽ اها به خبر اٿم ته مون کي پنهنجي سچي سجاڳيءَ لاءِ دانهن سڀني کان جند ڇڏائڻي پوندي، پر ڪيئن؟ مون پنهنجي سڄي زندگيءَ جو بنياد ڪاوڙ تي رکيو آهي. اهڙي دنيا جو ڇا ٿيندو؟ ءِ تبديلي ۽ لفظ مون کي ڇرڪائي ڇڏيو! جيتوڻيڪ مون کي تبديليءَ جا اهڃاڻ هر طرف صاف نظر اچن ٿا.

2- اٻهرائي ايڏي ڇو؟

اسان ترت ترديدي طرز عمل جا عادي ٿي پيا آهيون . بٽڻ تي هلڪي ڇـهاءَ يا هٿ ڦيرائڻ سان ڪيئي ڪم ٿيو پون ٿا. جيڪڏهن ڪا مشن يا اوزار صحيح طرح سان ڪم نه ٿو ڪري ته اسان ڏمرجي پئون ٿا. ڪڏهن ڪروڌ ۾ ايترو ته ڀرجي وڃون ٿا جو ان شيءِ مثال ريڊيو، ٽي وي، ٽيپ، ٽيليفون وغيره کي ڌڪ هڻي اڃان وڌيڪ خراب ڪري يا ڀڃي ڇڏيون ٿا. ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته مون هڪ شخص کي قطار ۾ انتظار ڪندي ڏٺو ، ٿوري ئي دير کان پوءِ اوچتو هو ايڏو ته بي آرام ۽ بي چين ٿي پيو جو زور زور سان ڏند ڪرٽيندو بڙبڙ ڪندو قطار مان نڪري ٻاهر هليو ويو!
اسان انتظار ڪرڻ ته سکيا ئي نه آهيون. آسانيءَ سان من جي شانتي وڃائي ويهون ٿا. ان بي صبريءَ جي ڪري زندگيءَ جي پوري حاصلات وڃائي ڇڏيون ٿا. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ ڀرجي زندگيءَ کان ئي ناخوش غيرمطمئن ۽ بيزار ٿي پئون ٿا.
اسان جو صبر الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويو آهي؟ اسان لاءِ صبر ڪرڻ ايترو مشڪل ڇو ٿي پيو آهي؟ ڪٿي ان جو سبب اسان جو اجايو هوڏ ، هٺ يا وڏائي ته نه آهي ، جو اسان پنهنجو صبر وڃائي ويهون ٿا يا وري اسان جون حد کان وڌيڪ حاصل ڪرڻ جون اڻ کٽ خواهشون ته نه آهن ، جيڪي اسان کي بي قرار ڪري، بي صبرو بڻائي، اندر ۾ وڳوڙ پيدا ڪرين ٿيون؟
صبرماٺيڻي ذهن جو پرلاوّ آهي. ماٺيڻو ذهن مشتعل ٿيڻ بنا ڪنهن به مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. صبر وارو شخص هرحال حاصل کي صبر شڪرڪري قبول ڪري ٿو. صبر سبب هر صورتحال جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه ۽ صلاحيت حاصل ٿئي ٿي .

3- صبر گڻ يا اوگڻ

گهڻن ماڻهن جي سوچ مطابق صابر ٿيڻ جو مطلب آهي حليم، حڪم جو بندو يا گهٽ درجي وارو!
اڄ جي برق رفتار ماده پرست دنيا ۾ صبر ڪرڻ وارن کي گهٽ نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو. ان ڪري ئي اوائلي چوڻي " صبرجن جو سيرتيرنه گسي تن جو " جو غلط مطلب ڪڍيو وڃي ٿو. انتظار ڪرڻ کي غيرضروري ۽ غلط سمجهيو وڃي ٿو. وٺ سٺ ڪري پنهنجو ڪم ڪار جلدي پورو ڪرڻ کي درست مڃيو وڃي ٿو.
گهڻن ماڻهن جو اهو ويچار آهي ته پنهنجي مقـصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جي دڳ بدلائڻو پوي ته بدلائجي . اڳتي وڌڻ لاءِ جهڙو به طور طريقو اختيار ڪرڻو پوي ڪجي. ڪوڙ کي سچ، ناجائـز کي جائـز، پرائي کي پنهنجو ڪرڻو پوي، ڪجي. مفاد خاطر مائٽ مٽائڻا پون، مٽائجن .
اهڙي روش اپنائڻ سان اسان نه صرف پنهنجي صبر ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي ويهون ٿا پر پنهنجيون ضابطي واريون قوتون جهڙوڪ برداشت، مفاهمت، باهمي ڀلائي، سهڪار جي سگهه ۽ ڀلي بري جي سڃاڻپ وغيره پڻ وڃائي ڇڏيون ٿا. جنهن جي ڪري نه صرف اسان جو ٻاهر جو واتا ورن پر اندر جو سڪون به متاثر ٿئي ٿو.
جڏهن پاڻ صبرنه ٿا ڪريون تڏهن پنهنجو ضبط وڃائي ڇڏيون ٿا . ان زاويي کان جي ڏسبو ته صبر هڪ اهڙو مضبوط هٿيار محسوس ٿيندو جنهن جي ذريعي زندگيءَ جي گردشن جو برد باري ۽ خوش اصلوبي سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو.

صبر گڻ آهي يا اوگڻ ؟ ان جو فيصلو توهان پاڻ ئي ڪريو .

4- خيالن کان خوف ڇو؟

" آواز" ۽ ان جي اثر جي باري ۾ ته توهان کي ڪافي ڄاڻ آهي پر خاموشيءَ جي باري ۾ توهان ڇا ٿا ڄاڻو ؟ پنهنجي اصل حالت ۾ آتما شفاف ۽ شانت آهي . اسان کي جڏهن ڪا پريشاني در پيش هوندي آهي يا ڪنهن معاملي تي گهري سوچ جي ضرورت هوندي آهي ته اڪثر ماڻهن کي اهو چوندي ٻڌو ويو آهي ، " ٻيلي گهڙيءَ ، پل لاءِ ماٺ ته ڪريو ڪجهه سوچڻ ته ڏيو . " بهرحال اڄ ڪالهه گهڻا ماڻهو خاموشيءَ کان گهٻرائن ٿا - جيڪڏهن هو کن پل خاموش ويهن ٿا ته سندن ذهن دنيا جي چرخي ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيو ڊوڙي ڊڪي ٿو - خاموش ويهي نه ٿا سگهن - کين خاموشيءَ کان ڊپ لڳي ٿو - پنهنجي ئي خيالن کان خوف ٿئين ٿو -- ۽ " آواز" جهڙي کوکلي وجود جو سهارو وٺن ٿا !
اسان پنهنجي ڀر پاسي هي سمورو لقاءَ ڏسي رهيا آهيون . اهڙا گهڻائي ماڻهو آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي آواز جهڙوڪ ريڊيو، ٽي وي، ٽيپ رڪارڊر وغيره جي آواز کان سواءِ رهي نه ٿا سگهن- رڳو پنهنجي خيالن سان گڏ واري " اڪيلائي" کان بچڻ لاءِ کين ڪنهن به قسم جو آواز گهرجين.
گهڻا ماڻهو خاموشي کان ان ڪري به ڊڄندا آهن جو هو پنهنجي خيالن تي ضابطو نه ٿا آڻي سگهن . خيال ئي خوف پيدا ڪندا آهن. سندن ذهني وڳوڙ ۽ مونجهارو هر اها ممڪن راهه ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جيڪا کين سانت کان پري ٿيڙي ٻاهر جي گوڙ گمسان واري آوازن ۾ گم ڪري ڇڏي .
سوچيو. پاڻ پرکيو.
ڪٿي توهان به ته پنهنجن " خيالن" کان خوف زده نه آهيو ؟

5- ماٺ مِٺي ڪڏهن مّٺي

ماٺ مثبت به ٿي سگهي ٿي ۽ منفي به. جيڪڏهن اسان ان قوت جي فطرت کي سمجهي وٺون ته ان کي ڪافي موثر ۽ لاڀائتي انداز ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ماٺ جا ٻه قسم اآهن ، جسماني ۽ ذهني .
جسماني ماٺ آواز جي " نه" هئڻ کي سڏجي ٿو. ماڻهو اڪثر ان ماٺ کان ڊڄن ٿا ڇو جو سندن خيال موجب ماٺ جو مطلب زندگي کان پري يا ڪنهن جو ساٿ نه هجڻ آهي - جيئن ڪو مري وڃي ۽ ان کان پوءِ ماحول تي مڪمل خاموشي ڇائنـجي وڃي !
ذهني ماٺ "بيڪار سوچن" جي غير موجودگيءَ کي چيو وڃي ٿو ۽ بيڪار سوچ " منفي خيالن " کي چيو وڃي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ مثبت سوچ اهڙي سوچ کي چيو وڃي ٿو جيڪا نه صرف پنهنجي لاءِ پر ٻين جي لاءِ پڻ فائدي مند ۽ ڀلائي واري ٿئي ٿي .
لاڳيتي مثبت سوچ " ماٺائي " وارو گـُـڻ پيدا ڪري ٿي، جيڪو نه صرف پاڻ کي پرسنگت ساٿ ۽ ساري انسان ذات کي هٿي ۽ لاڀ بخشي ٿو.
ماٺ واري " قوت " خوشبوءِ جيان سموري ماحول کي سڳنڌ بخشيو ڇڏي!
ماٺ هڪ خاموش زبان آهي. جنهن جي ڪا سيما ناهي.
هي " ماٺ " رڳو خام خيال يا ڪاوڙ واري چپ نه آهي پر اندر جي گهرائي وارو اهڙو سڪون ۽ خوشي آهي جيڪا ڪنهن ٻوجهه يا بار جي هلڪي ٿيڻ وقت محسوس ٿئي ٿي .
ضرورت رڳو ان ڳالهه جي آهي ته "منفي سوچ کي گهٽائجي ۽ مثبت سوچ کي وڌائجي ."

6- سانت جي سگهه

بيڪار خيالن کي ٿڏڻ جي عادت ، انسان اندر ، ذهن ّ، سوچن ۽ خواهشن جي وچ ۾ توازن ۽ هم آهنگي پيدا ڪري ٿي . اهڙي پُرسڪون ذهني ڪيفيت "ڌيان" جي فطري شڪتي بخشي ٿي، جنهن ذريعي چڱي لنڱي جي امتياز، تفاوت سمجهڻ ۽ پرکڻ جي صحيح صلاحيت پيدا ٿئي ٿي.
اندر جو سڪون برقرار رکڻ جو هنر روحاني جاڳرتا ذريعي حاصل ٿئي ٿو. پنهنجي خيالن کي هن رواجي مادي وجود کان مٿي ڪڍڻ جي مشق ڪرڻ سان، مالڪ کي ياد ڪرڻ سان ۽ آ تما جي نج ماٺائتي فطرت کي نه وسارڻ سان ذهني ٿڪاوٽ واري ڪيفيت ختم ٿئي ٿي .
اها عادت آساني سان وڌائي سگهجي ٿي .ڪنهن به عمل ۾ مبصر جي حيثيت ۾ شامل ٿجي ته پوءِ آهستي آهستي فرض جي ادائيگي ۽ نرموهي ڪيفيت ۾ توازن وڌي سگهي ٿو . اهڙي ريت اسان اڄ جي جديد دور ۾ دٻاءُ ۽ ڇڪتاڻ واري هاڃيڪار اثرن کان متاثر ٿيڻ بنا پنهنجون ذميواريون خوش اصلوبي سان نڀائي سگهون ٿا. نرموهي سڀاءَ ڇڪتاڻ جي وڳوڙ کي ختم ڪري من جي شانتي پيدا ڪري ٿو .
سانت واري سگهه سان ڪيل عمل سنوت ۽ سرهائي وارا ٿيّن ٿا. ان ڏس ۾ ورتل اپاءُ صحيح مناسب خرچ ۽ گهٽ محنت طلب ٿين ٿا. وقت گهٽ لڳي ٿو ۽ حاصلات جهجهي ٿئي ٿي.
اڄ جي برق رفتار، ڪن جا پردا ڦاڙيندڙ گوڙ گهمسان مونجهاري ۽ ڇڪ تاڻ واري دنيا ۾ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ هي هم آهنگي، سانت جي سگهه هڪ اهم ۽ بي بها هٿيار آهي .

7- ردڪد جو ڪارڻّ

اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ٻين تي نڪته چيني جو ڪارڻ مخالفت ڪرڻ واري جي پنهنجي " انا " آهي . هو پاڻ کي وڌيڪ هوشيار، هنرمند ۽ دانشور سمجهي ٿو . ٿي سگهي ٿو هو هجي به ۽ جيڪي ڪجهه هو چوي ٿو سو سچ هجي پر اڪثر ان سچ ۾ نه صرف غرور سمايل هجي ٿو پر ان ۾ حسد به شامل هجي ٿي . هو ٻئي ڪنهن جي تعريف ٻڌي ئي نه ٿو سگهي . جيڪڏهن ڪو ٻئي ڪنهن جي ساراهه ڪري ٿو ته کيس اها ڪين وڻي ٿي ۽ جلد ئي توهانکي هن جون خاميون ۽ برائيون ٻڌائڻ شروع ڪري ڏي ٿو .
اهڙي طرح هو ٻين جي نظر ۾ هن جي ساک وڃائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نفرت جي غلبي تحت ٻين کي غلط سلط ٻڌائي بدظن ڪري ٿو. ايئن چوندي به ٻڌو ويو آهي ته " منهنجي هن سان ڪا رنجش ناهي - مان ته رڳو حقيقت بيان ڪريان ٿو . مان هن کي ڌڪاريان نه ٿو - مان ته محض هن جي اصلاح ڪرڻ چاهيان ٿو. " اهڙو ماڻهو پنهنجي اندر ۾ غرور سان گڏ نفرت، بغض ۽ دشمني رکي ٿو. لڳي ٿو ته ان طرح پنهنجو وقت وڃائڻ مان کيس خوشي محسوس ٿئي ٿي .
جيڪو شخص غرور، بغض ،نفرت ،ڪيني کان آجو آهي سو مختلف انداز، سوچ ۽ سمجهه سان ڳالهائي ٿو. ٻين انسانن کي هاڃيڪار عادتن کان بچڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ نماڻائيءَ ۽ نوڙت سان پيش اچي ٿو. هو نهايت پيار ۽ پنهنـجائپ واري طريقي سان راءِ ڏئي ٿو ته جيئن خراب عادتن کان کين مڪمل نجات ملي سگهي .

8- عمل سبب

جڏهن ڪا سالم ٻيڙي پاڻيءَ مٿان ترندي رهندي ته ضرور ندي پار پوندي پرجي ٻيڙيءَ ۾ سوراخ هوندو ته ان ۾ پاڻي ڀرجي ويندو ۽ اها ٻڏي ويندي .
اسان جيون جي به ساڳئي حالت آهي . جيڪڏهن اسان جي ٻيڙي هن مهاساگرجي سطح تي چڱي طرح سان هلندي رهي ٿي ته يقينن تري پار پوي ٿي. پر جي هن جهان جي"چاهت " جو رس اسان جي ذهن ۾ گهڙي اچي گهرڪري ٿو ته ٻيڙي ٻڏي وڃي ٿي . هر شيءِ پنهنجي اکين آڏو ئي ختم ٿي وڃي ٿي . ڪا اميد نٿي رهي. هرشيءِ وس کان ٻاهر گنڊريل لڳي ٿي.
بيشڪ اسان کي پنهنجي چوڌاري موجود شين شڪلين کي ڪتب آڻڻ گهرجي پر صحيح جائز مقصد مصرف ۽ طور طريقي سان. ائين نه جو ان جي ڪڍ ڪري ڪنا ٿي پئون .
پنهنجي جوابداري پوري ڪرڻ هرهڪ لاءِ لازمي آهي پر اهو پڻ ضروري آهي ته ماحول جي منفي اثرات کان متاثر نه ٿجي ۽ ماده پرستي کان بچجي.
جيڪڏهن اسان جا ويچار ڀلا ۽ نيڪ آهن ته پوءِ هرو ڀرو برن خيالن جو اثر نٿو ٿئي .
برا خيال ئي اڪثر اسان جي اندر جي وڳوڙ ۽ ڪمزوريءَ جو باعث بڻجن ٿا.
جيڪڏهن خيال صحيح ۽ ُپختا هجن ٿا ته پوءِ عمل به نيڪ ۽ وڻندڙ ٿين ٿا .

9 - ڪاغذ جي ڪشتي

ڇا اڄ جو ڏينهن توهان لاءِ ڀلارو آهي؟ جيڪڏهن توهان جي ڏينهن جي شروعات مختلف رخن ۾ وکريل خيالن سان ٿئي ٿي يا اڳتي هلي باقي ڏينهن ۾ پيدا ٿيڻ واري حالت جي باري ۾ تشويش سان ٿئي ٿي ته ان صورت حال ۾ سارو ڏينهن مثبت خيالن جو پيدا ٿيڻ ڏکئي ڳالهه آهي . اهو ان ڪري آهي جو توهان پهريائين پنهنجي ذهن ۾ ساري ڏينهن جي ڪمن ڪارين جو سٽاءُ سوچي ڇڏيو ٿا. جيڪڏهن صبح سوير توهان پنهنجي خيالن جي ڇنڊ ڇاڻ نه ڪندوّ ته پوءِ ڀلا ان ڪم لاءِ توهان کي ٻيو ڪهڙو وقت ملندو؟
خيالن جي سٽاءَ لاءِ صاف ۽ چٽي سوچ جو هجڻ ضروري آهي. اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته اسان جي ذهن ۾ ڪٿي ڪي غلط ۽ غليظ ويچار ته نه ڀريا پيا آهن. جيڪڏهن ائين آهي ته انهن کي مثبت ۽ واضح ويچارن سان بدلائڻ گهرجي. جيڪڏهن برن ويچارن کي پري نٿو ڪجي ته انهن کي سگهه ۽ بقا حاصل ٿئي ٿي. برا ۽ منفي ويچارڪمزور ذهن جي پيداوار آهن. انهن کي ڪو حقيقي ۽ مضبوط بنياد ڪونه آهي. ڪاغذ جي ڪشتي جيان آهن جنهنجو انت ٻڏڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪين آهي. انهن جي آسري هلڻ کان بهتر آهي ته پاڻ ۾ صاف سٿرا خيال پيدا ڪجن جيڪي پاڻ ئي ُبرن ۽ بيهوده ويچارن کي پري ڪري ڇڏين ٿا. "مون کي ڪاوڙ نه ڪرڻ گهرجي“ جي بجاءِ بهتر آهي ته ائين سوچجي ته " مون کي سانت رهڻ گهرجي.“
منهنجي خيال ۾ ان سوچ جي انداز سان توهان کي پاڻ ئي فرق محسوس ٿيندو.

10 - زندگيءَ جا لاها چاڙها

ڪنهن به سنگين صورتحال کي زندگي جي ابدي ۽ ازلي عالمي ناٽڪ جودور سمجهڻ گهرجي. جت هرمنظرجي پنهنـجي هڪ خاص اهميت آهي. جيڪڏهن اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي ته زندگيءَ ۾ ڪافي مونجهارا ۽ اشانتي رهندي.
اها ڳالهه ڀلي ڀت سمجهڻ گهرجي ته هرصورتحال ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڀلائي آهي. ڀل پوءِ اها تجربي جي حد تائين ئي کڻي ڇونه هجي. ڇا اهودرست نه آهي ته تجربي جو مطلب ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي ۽ ڇا ائين نه چيو ويندو آهي ته " ڄاڻ دولت آهي؟ “
زندگي جا لاها چاڙها پيا اچن وڃن. ڪو به انهن کان بچيل ڪونه آهي. جيڪڏهن ڪنهن غير متوقع صورتحال جا محظ منفي پهلو ڏسبا ته رڳو ڏک ۽ رنج ئي حاصل ٿيندو.
مسلسل رنج ۽ غم جو روئڻو انسان کي اهڙي ته ڄار ۾ جڪڙي ڇڏي ٿو جو هو ڪنهن به منظر جي پٺيان لڪل ڪنهن فائدي جي باري ۾ نه صرف سوچي ئي نه ٿو پرڄاڻڻ جي ڪوشش به ڪين ڪري ٿو. جيڪو اڪثر اوقات آساني سان ظاهر ٿئي ٿو.
ان ڪري ضرورت جنهن ڳالهه جي آهي سا آهي مثبت رويو. روئڻ رڙڻ مان ڪجهه ڪين ورندو. فضول آهي.
مثبت پهلو تي واضح نظر رکڻ گهرجي. ان سان يقيني طور تي نه صرف وقت ۽ توانائيءَ جي بچت ٿيندي بلڪ طبيعت تي ۽ اردگرد ماحول تي به لاڀدائڪ اثر ٿيندو.

11 - سهائتا جو هٿ وڌايو

گهڻن ماڻهن جي اها خواهش هوندي آهي ته جيڪڏهن اهي ڪنهن مقصد لاءِ ڪنهن سان تعاون ڪن ٿا ته کين به حصو ملڻ گهرجي. مدد نه ڪرڻ جو هڪڙو سبب سندن لوڀ ۽ لالچ به آهي. جيڪڏهن اسان سهائتا جو هٿ وڌائڻ جي اهميت کي صحيح معني ۾ سمجهون ته اها هڪ وڏي ۽ سچي خوشي آهي. توهان اڪثر ماڻهن کي اهو چوندي ٻڌو هوندو ته "مان ته پنهنجي پاران ڪوشش ڪئي پر هن پاڻ ئي تعاون نه ڪيو. پوءِ ڀلا مون کي ڪهڙو مٿي ۾ سور آهي؟ “
هڪ ڳالهه واضح طور تي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ٻيو ڪوئي تعاون نه به ڪري ٿو ته به اسان کي پنهنجي پاران تعاون ڪرڻ گهرجي. بنا ڪجهه ڪرڻ جي هميشه ائين ويهي نٿو سگهجي. ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو. دير يا سوير. مان جي شروعات ڪندس ته يقينن ٻيا به اڳتي وڌندا. جيڪڏهن مان پاڻ ويهي ٻين لاءِ انتظار ڪرڻ جي عادت اختيار ڪندس ته پوءِ مان ويٺو ئي رهجي ويندس.جڏهن اسان ڪجهه ڪريون ته ان ۾”ٍ انا“ جو عنصر هرگز شامل نه هئڻ گهرجي. رڳو پيار محبت ۽ باهمي ڀلائي جو پهلو هئڻ گهرجي ۽ اها ڳالهه ئي ٻين کي سهائتا جو هٿ وڌائڻ لاءِ آماده ڪندي.
هڪ قصو آهي ته ڪنهن ڳوٺ جي ماڻهن گڏجي پنهنجي چيچ جو استعمال ڪري پهاڙ کڻي ورتو. هاڻ توهان پاڻ ئي سوچي سگهو ٿا ته جيڪڏهن اسان سڀ پاڻ ۾ تعاون ڪرڻ جي جذبي کي وڌايون ته ڪيترو نه لاڀ حاصل ٿي سگهي ٿو. توهان ان ڳالهه تي غور ڪريو. ائين نه سوچيو ته توهان جو ڪنهن سان ڪو مقابلو آهي پر اهو سوچيو ته توهان کي پنهنجي سر سڀني ڏانهن سهائتا جو هٿ وڌائڻ لاءِ اڳ اڳرو ٿيڻو آهي نه پوئتي رهي ٻئي ڪنهنجو انتظار ڪرڻو آهي.

12 - ڳولهيو ته چڱائي ڳولهيو

اچو ته اڄ هڪ تجربو ڪريون، جنهن به ماڻهو سان ملون ته سچي دل سان ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوبي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪريون. اسان کي خبر آهي ته هر ڪنهن ۾ بلاشڪ ڪا نه ڪا ڪمي آهي ئي پر اسان کي ان جي نشاندهي ناهي ڪرڻي.
جيڪڏهن اسان کي ٻين ۾ ڪجهه ڳولهڻو ئي آهي ته چڱائي ڳولهيون جيڪا ضرور ملندي. اهڙو ڪو به انسان ڪونه آهي جنهن ۾ ڪا هڪ خوبي ناهي البته اهڙن ماڻهن جو تعداد گهٽ ضرور آهي جن ۾ ڪا خوبي آهي پر اسان پنهنجي پاران گهٽ ۾ گهٽ ڪوشش ته ڪريون - ان کي ڳولهيون ته سهي - پوءِ وري ان شخص کي انهي خاص خوبي جي حوالي سان ڏسون - ان ڳالهه جو جوڳو اثر پوي ٿو.
جيڪڏهن اسان رڳو ٻين جي براين ڪمزورين ۽ اوڻاين لاءِ ئي سوچيندا رهندا سي ته فلاڻو ائين ڇو آهي - هر وقت اهڙيون حرڪتون ڇو ٿو ڪندو رهي - ته اسان پاڻ ئي بي چين ۽ بيزار ٿي پونداسين. پر جي اسان ڪنهن اهڙي شخص لاءِ سوچيندا سي جنهن ۾ ڪجهه خوبيون آهن ته اسان پاڻ کي هلڪو ۽ پرسڪون محسوس ڪندا سين - سندس قربت کان متاثر ۽ مستفيض ٿيندا سين.
هي جڳ هڪ منچ آهي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار مليل آهي. ڪنهن بندي بشر کان محظ ان لاءِ نفرت ڪرڻ ته هن جا ويچار توهان کان مختلف آهن درست ناهي. ٻئي ڪنهن ڏانهن حقارت سان آڱر کڻڻ وقت توهان کي اهو هرگز نه وسارڻ گهرجي ته باقي چار ته توهان جي طرف اٿيل آهن.پنهنجي اندر ۾ ته جهاتي پائي ڏسو - ڇا توهان جا پنهنجا هٿ صاف آهن؟

13- خوشي جو بڻ بڻياد

ٻوجهه واري سوچ تشويشناڪ ۽ چنتا جوڪارڻ آهي. ماڻهوءَ جي چهري مان نمايان نطر اچي ٿي. ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ کل ۽ مرڪ ڪو غير قانوني عمل آهي. ڇا اسان تي پنهنجي لاءِ مٽن مائٽن ،ڪٽنب قبيلي، ملڪ وملت ۽ عالمي برادري لاءِ اها جوابداري ناهي ته زندگي جو بهترين مصرف حاصل ڪريون؟ جيڪڏهن اسان پنهنجو سمورو وقت روئڻ پٽڻ، ڪنجهڻ ڪـرڪڻ،ٻين کي برو چوڻ ۽ حالات کي هميشه ناموافق سمجهڻ ۾ ئي گذاري ڇڏينداسين ته تعميري ڪم ڪار ۽ پنهنجي صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪهڙو وقت ملندو؟
ٻئي تي ڀاڙڻ بيڪار آهي. پاڻ کي ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو. ان سلسلي ۾ پهريون قدم اهو آهي ته پنهنجي سوچ ڌارا کي واضح بڻائي ٻوجهه کان آجو رکجي. ٿورو ڪي گهڻو اسان سڀيئي غلط ڪارين جو شڪار ٿيندا رهيا آهيون. پرجي هر وقت اسان ان گند جي ٽوڪريءَ کي مٿي تي کڻي پيا گهمائينداسين ته ڪڏهن به سج سامهون منهن نه ڪري سگهنداسين. ان جي تپش ۽ روشني مان توانائي حاصل ڪري نه سگهنداسين. مالڪ ديال ۽ مهروان آهي اسان جي اندر جي غلاظت ڌوئڻ ۽ انڌيرو دور ڪرڻ ۾ اسان جي راه نمائي ۽ مدد ڪندو.
ڪي ماڻهو پنهنجي فڪرمنديءَ کي ضروري سمجهن ٿا پر جيڪڏهن اهڙي ئي ڳالهه آهي ته پوءِ عارضي دنيوي شين - جيڪي محدود مدت لاءِ رهن ٿيون - جي باري ۾ فڪرمند ٿيڻ جي بجاءِ ڇو نه پنهنجي فڪرمندي، پنهنجي شخصيت، پنهنجي صلاحيت، پنهنجي ماحول ۽ دنيا کي بهتربڻائڻ ۾ صرف ڪجي. اهڙوعمل خوشيءَ جو باعث بڻبو ۽ ان عمل کي لاڳيتي طور تي اختيار ڪرڻ سان شانتي پلئه پوندي ڇو جو خوشي جو بڻ بنياد شانتي تي ٻڌل آهي!

14 - ماڻهو سڀ نه ساڳيا

جڏهن توهان گٽار هلائڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا ته توهان کي ٻن هٿن جي ضرورت پوي ٿي. هڪ هٿ سان توهان تارن کي جهليو ٿا ۽ ٻئي هٿ سان تڻتڻو هلائي تارن کي ڇيڙيو ٿا. هرآڱرهر تار تي هڪ مخصوص وزن سان رهي ٿي ان مان مختلف ُسر نڪرن ٿا. سڀيئي تارون پنهنجي خاص رهڙڪي سان ارتعاش پيدا ڪن ٿيون ۽ خاص سر پيدا ڪن ٿيون. تارن جو اهو مختلف تڙڪاوّ ئي آهي جيڪو وڻندڙ سريلو آواز پيدا ڪري ٿو ۽ اهي موهيندڙ آواز ڪنن ۾ رقص ڪندا ۽ گونجندا رهن ٿا.
جيتوڻيڪ اسان زنده رهون ٿا، پر لڳي ٿو زندگيءَ جي ُسرن کي تلانجلي ڏيڻ چاهيون ٿا. اسان کي ماڻهن ۾ تفاوت قبول ڪرڻ ڏکيو لڳي ٿو. اسان چاهيون ٿا ته هر هڪ اسان جيان هجي، اسان جيان ڪم ڪارڪري، اسان جيان ئي سوچي ۽ ويساهه ڪري. ڇا ائين ممڪن آهي؟ قطعي نه. ڪڏهن توهان اهڙي ڪنهن گٽار يا ٻئي ڪنهن ساز وڄائڻ واري کي ٻڌو آهي، جنهن پنهنجي سموري موسيقيءَ جي ڄمار ۾ صرف هڪڙي ئي ڌن وڄائي هجي؟
ٻين جي آزاديءَ جو پرچار ڪرڻ وارا ته توهان کي گهڻائي ملندا پر پنهنجي خيالن جي مخالفت ڪرڻ وارا ورلي ماڻهو ملندا. جيڪڏهن اسان سڀئي بلڪل هڪجهڙا هجون ته پوءِ واڌ ويجهه‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎‎ جو امڪان ئي نه رهي. ڪا نئين شيءِ نه هوندي جيڪا اسان جي سوچ سمجهه کي ترغيب ڏي ۽ ڪنهن جديد تعميري، گهري اندر جي سوچ لاءِ آماده ڪري. ڪجهه نه رهندو جنهن مان گيان حاصل ٿي سگهي يا ڀيٽ ڪري سگهجي. جيئن اڪيلائپ جي سزا ڀوڳيندڙ قيدي! هڪ مشهور قول آهي "انسان ٻيٽ نه آهي!“ ڪڏهن توهان ان قول جي باري ۾ سوچيو آهي؟

15 - گهٻرايو نه - همٿ ڪريو

توهان پنهنجي مسئلن ۽ مشڪلاتن کان ڪيترو به فڪرمند يا پريشان ڇونه ٿيو پر توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته ڇا پريشان ذهن ڪڏهن ڪنهن حل جي ڳولها ۾ ڪامياب ٿي سگهندو؟
لڳي نه ٿو. ممڪن ئي ناهي. توهان اٿل ُپٿل ڪندا، نااميد ٿيندا، هانءَ ڳورو ڳورو ۽ دماغ ڀاري ڀاري محسوس ڪندا، بک ختم، اٻٿايون اوڪارا، چڙ چڙ، اڻ تڻ، بي چيني بي آرامي، سڀ ڪجهه وڃائجي ويندو. ملندو، ڇا!؟ السر، منهن جا گهنج ۽ ذهني دٻاءُ.
گهڻا ماڻهو اهو سوچن ٿا ته ساري جڳ جو ٻوجهه سندن ڪلهن تي آهي. کين ٻين سڀني کان وڌيڪ ڪجهه ڪرڻو آهي. درحقيقت جيوت جون پنهنجيون تقاضائون آهن. زنده رهڻ لاءِ هر ڪنهن کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪرڻو پوندو آهي.
ڪي ماڻهو پاڻ ۾ پريشان ٿيڻ واري عادت پيدا ڪري وٺن ٿا. ڪي گوڙگمسان کان پريشان ٿين ٿا ته ڪي خاموشي کان گهٻرائن ٿا. ڪي تتل خشڪ ڏينهن جي دانهن ڪن ٿا ته ڪي مينهوڳيءَ جي شڪايت ڪن ٿا. وري ڪي اهڙا به آهن جيڪي گهڻ رخي غير وا ضح سوچن کان پريشان رهن ٿا.
اسان کي ايتري ته ڄاڻ آهي ته اسان کي پنهنجي اوسي پاسي وهندڙ واپرنجندڙ حالتن کي صحيح طرح سان سمجهڻ لاءِ چڱيءَ طرح سان ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ علقمندي ان ۾ آهي ته صورتحال جو جائزو وٺي، ضروري قدم کڻجن ته جيئن پاڻ کي منفي اثر هيٺ اچڻ کان بچائي سگهجي.

16 - توانائي جي کوٽ

جڏهن توانائي جي کوٽ ٿئي ٿي ته جيوت به ختم ٿي وڃي ٿي. اڄ اسان اهڙي ئي صورتحال سان دوچارآهيون. موجوده توانائيءَ جا ذخيرا کٽي رهيا آهن، خشڪ ٿي رهيا آهن. وسيلا غير مستحڪم ٿي رهيا آهن ۽ گهرج هر گهڙي وڌي رهي آهي. لوڊ شيڊنگ ۽ بليڪ آئوٽ توانائي جي اڻاٺ ڪري ئي آهن. ان توانائي جي بحران جي حل لاءِ توانائي جا متبادل وسيلا ڳولهڻ جون انتهائي سنجيده ڪوششون ٿي رهيون آهن. هن توانائيءَ جي بحران ۾ توانائي کي صحيح طرح سان استعمال نه ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين اسان جي پنهنجي ڪوتاهي ۽ ناسمجهي شامل آهي. گهڻو ڪري اسان جي وڌيڪ گهرج يا ساڳئي وقت تي زياده جي ضرورت هوندي آهي. ڇا اهي سڀ گهرجون واقعي ضروري آهن؟
جيون جي جياپي لاءِ به توانائي درڪارآهي. جياپي جي سمورن ڪمن ڪارينّ ۾ توانائي جي ضرورت آهي. توانائي جي گهرج ۽ استعمال جون ساڳيون ئي مشڪلا تون درپيش آهن. کن پل ۾ بنا سوچي سمجهي اسان بي تهاشا توانائي وڃائي ڇڏيون ٿا. جلدي نا اميد ٿي ڪومائجي وڃون ٿا ۽ اهو سلسلو باربار پيو دهرائجي ٿو.
توانائي ڪيترن ئي منفي غيرضروري ڪمن ڪارين ۽ طور طريقن سان ضايع پئي ٿئي ٿي. مثال طورذهني پريشاني اعصابي دٻاءَ اجائي اٻهرائپ، بي صبري، اڳتي نڪرڻ، اڳ اڳرائي، حرص حسد، ڪاوڙ ڪروڌ، ڪينو ڪدورت وغيره. توانائي جي استعمال تي اک رکڻ بحران جي حل جو اهم حصو آهي. هتي ضرورت جي تناسب سان پيداوار گهٽ ۽ استعمال وڌيڪ آهي، ائين ٿيڻ نه جڳائي.

17 - ٺاهڻ ڏکيو ڊاهڻ سولو

ٺاهڻ جي مقابلي ۾ ڊاهڻ سولو آهي.
توهان ڪنهن وڏي عمارت کي هڪ بلڊوزر ذريعي ڊهندي ڏٺو هوندو. هڪ عمارت جنهن جي جوڙڻ ۾ ڪيئي مهينا سال لڳن ٿا ڪيئن ٿوري ئي وقت ۾ ڊهي ڍير ٿي پوي ٿي.
ساڳيو اصول اسان جي زندگيءَ سان به لاڳو آهي. اسان کي پاڻ کي ٺاهڻ لاءِ ڪافي وقت لڳي ٿو. اسان کي پاڻ مان برين عادتن جهڙوڪ ڪاوڙ، ڪروڌ، لوڀ، حسد، انانيت وغيره کي ڪڍڻ ۽ چڱين عادتن جهڙوڪ پيار، محبت ۽ برداشت کي وڌائڻ لاءِ ڪافي حد تائين محنت ڪرڻي پوي ٿي.
ان مد ۾ بي حد احتياط جي ضرورت آهي. اسان کي نه صرف بري صحبت کان بچڻوآهي پر پنهنجي ماضيءَ سان جڙيل عادتن جي باري ۾ به چوڪس رهڻ جي ضرورت آهي. اهي عادتون اڪثر اسان کي مٿي وٺي وڃڻ بجاءِ هيٺ ڪيرائن ٿيون.
اهي اهڙي ڳُجهڙي نموني سان ڪم ڪنديون رهن ٿيون جو گهڻو ڪري اسان پاڻ کي انهن جي هاڃيڪار اثرن کان بچائڻ ۾ ناڪام ڏسجون ٿا. انهن جي چنگل ۾ اٽڪي پئون ٿا ۽ نتيجو اهو ٿو نڪري جو اسان جي مثبت اڏاوت جو سمورو پورهيو اچي پٽ پوي ٿو.
اسان مان گهڻا ئي ماڻهو اهڙا آهن جن ۾ ماضي کي چنبڙي پوڻ جو روجان آهي جيڪو نه صرف اسانجي حال کي بي حال بڻائي ٿو بلڪ مستقبل جي راهه ۾ به رنڊڪون ۽ روڙا اٽڪائڻ جو سبب بڻجي ٿو.

ناهن هٿ حالات ته ڇا سوچ ته پنهنجي وس ۾ آ

18 - وعدو نه وساريو

اسان سچائيءَ ۽ خلوص دل سان واعدو ڪريون ٿا - ڪڏهن پنهنجو پاڻ سان ڪڏهن ٻين سان ڪڏهن پنهنجي ملڪ سان ته ڪڏهن وري پنهنجي مالڪ سان. ڪجهه واعدا پاڙيون ٿا ته ڪجهه وري وقت گذرڻ سان وساري ڇڏيون ٿا.
جڏهن اسان ان باري ۾ غور ڪري ڏسون ٿا ته پاڻ کي ان جا ٻه سبب سمجهه ۾ اچن ٿا - هڪ ته اسان جا حالات بدلجي وڃن ٿا ٻيو وري اسان جي نيت ڦري وڃي ٿي. جيڪي ڪجهه ڪالهه ضروري هيو سو اڄ ضروري نه ٿو رهي جنهنجي ڪري واعدي جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي يا واعدو وسري وڃي ٿو.
ڪيل واعدو پورو ڪرڻ سان اسان قابل اعتبار بڻجون ٿا ۽ اسان جي چوڌاري ماحول بهتر ٿي وڃي ٿي. اسان کي ڪيل قول ڪنهن به حالت ۾ نه وسارڻ گهرجي. هر روز واعدو وفا ڪرڻ جو سوچڻ گهرجي. ان جي پورائي لاءِ جاکوڙ ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهو وقت ۽ حالات هرگز نه وسارڻ گهرجن جڏهن اسان منٿون ميڙون ڪري، عاجزي نيازي ڪري، دکي دل سان لڙڪ وهائي واعدو ڪريون ٿا.
روحاني راه تي هلڻ جو مطلب دراصل ڌيان لڳائي خيال کي ايڪاگرڪري روحاني منزلون پارڪرڻ آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان هر وقت مالڪ ڪل ڪائنات جي فڪر ۽ ذڪر ۾ رڌل رهون. هر دم رضا تي راضي رهون. جيترو مالڪ جي ڀاڻي ۾ رهنداسين اوترو هو اسان جي ويجهو رهندو، دوست بڻجندو، مددگار ٿيندو، بچاءُ ڪندو ۽ نجات بخشيندو.
شال توهان جو ڪيل عهد، روحاني راه ڏانهن وڌايل وک ۽ مسلسل پنڌ، توهان کي منزل مقصود تي پهچائي - سرت شبد ملائي. روح رب ملائي.

19 - لڳائي ٻجهائي کان بچو

اسان پاڻ تي پوندڙ ٻين ماڻهن ۽ ماحول جي اثر کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون. اسان کي ڪيترن ئي اهڙن واقعن جي باري ۾ ڄاڻ آهي ته ڪيئن نه ماڻهو ٻين جي اجاين چٽي چپٽي ڳالهين جي اثر هيٺ اچي ويڙهه جهيڙ، چوري چڪاري، لٽ مار، قتل وغارت ۽ ٻين آتنڪوادي واقعن ۾ ملوث ٿين ٿا. اسان کي سوچڻ سمجهڻ ۽ اُچت رهڻ گهرجي ته جئين اسان بلا وجه ٻئي ڪنهن جي غيرضروري اثر هيٺ نه اچون ۽ نه ڪنهن کي پنهنجي زير اثر آڻيون.
منفي خيال زهر مثل آهن. منفي خيال برن عملن لاءِ ٻج آهن. منهنجو هڪ دوست روزانو رازداريءَ واري اندازّ ۾ مون کي ٻڌائيندو آهي ته فلاڻي شخص هي هي ڪيو، هيئن ڪيو، هونئن ڪيو. مان بغير ڪنهن شڪ شُبهه جي ٻڌندو ۽ مڃيندو آهيان، ڇو جو هو منهنجو دوست آهي. پوءِ منهنجي روش ۽ عمل هن جي ڳالهين جي زيراثر ٿي پون ٿا. مان ٻين سان ٻڌايل ڳالهين سبب عمل ۽ ردعمل جو مظاهرو ڪريان ٿو.
اجايون ڳالهيون لڳائي ٻجهائي ۽ قياس آرايون، ڏک رنج ۽ بي اعتمادي پيدا ڪن ٿيون. اڄ اسان هت هن ڪوڙڪوڙاڻ سان ڀريل ڀرڪڻي دنيا ۾ انهن ئي ڪمزوين کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
ڪهڙي ئي شڪل شبيهه ۾ ڇو نه هجي - زهر زهرآهي - دوست طرفان ڏنل هجي يا دشمن پاران. جيڪڏهن ڪو دشمن زهر ڏيندو ته ان جو اثر به هاڃيڪار ۽ موتمار ٿيندو ۽ جي وري ڪوئي دوست زهر پياريندو ته ان جو اثر به هاڃيڪار ۽ موتمار ٿيندو!

20 - آڪهه جيان هيءُ جڳ

اسان کي ڄاڻ آهي ته ڪنهن ڪٽنب جي ڪن ڀاتين ۾ جي ڪي ڪمزوريون يا خاميون هجن ٿيون ته رت جي رشتي ، گڏ گهارڻ يا مصلحيت سبب نظرانداز ڪيون وڃن ٿيون. پر ڪٽنب پريوار يا دائري کان ٻاهر ٻئي ڪنهن ۾ جي اهڙي ڪا اوڻائي ڏيکاري ڏئي ٿي ته ان کي قطعي ڪين بخشيو وڃي ٿو.
گهڙي پل لاءِ ٿورو سوچيو ته سهي - توهان کي ائين محسوس نه ٿو ٿئي ته اسان سڀ هڪ وسيع آڪهه جي لڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان جڙيل آهيون- انسان ذات جي مهان آڪهه ۾ سڀ هڪ آهيون ۽ اصل سان تعلق به ساڳيو آهي. هڪ قدم اڳتي وڌايو، توهان کي نظر ايندو ته اسان جو هڪ مشترڪ ۽ گڏيل "پيءَ“ آهي. عظيم، اپار " ايشور!“ سنسار اندر سڀني آتمائن جي ان ” پرم آتما“ لاءِ اسان کي اپار پريم آهي - کيس به اسان سڀني سنساري ٻالڪن لاءِ بي حد پيار آهي - ان پيار جي ڀاونا، رنگ، نسل، ذات پات جي سڀني بتن کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو آهي!
ڪجهه ماڻهن جي سوچ ۾ اهڙا ويچار " واريءَ جي گهرن “ جيان ٿين ٿا، غيرحقيقي، خيالي! پراهو هڪ سچ آهي - اهو هڪ اوچو آدرش آهي. ٻيو ته سڀني ”ڪرمن“ جو ٻج، بڻ بڻياد ”يچار ڌارا “ ۾ سمايل ٿئي ٿو. سڀيئي ادارا وڏا چاهي ننڍا جيڪي سماجي واڌاري واري سرگرمين ۾ جٽيل آهن، ڪنهن ” بشر “ جي ذهن ۾ پيدا ٿيل ” ويچار“ ذريعي وجود ۾آيا! سوچيو اگر هن ملڪ جو هر هڪ رهواسي روزانو هڪ نئون سگهارو ۽ مثبت ”ويچار“ آڏو رکي ته ڇا سماج ۽ ملڪ جي ڪايا پلٽجي ڪين سگهندي؟ يقينن ان سوچ جو اثرچمتڪاري ثابت ٿيندو. اڄوڪا سپنا ۽ ويچار، اڪثرايندڙ گهڙين ۾ حقيقي روپ اختيار ڪندا آهن. ويچار ئي سماج ۾ ڦيرو آڻڻ جو ڪارڻ بڻبا آهن.

21. بدلو نه وٺو ته ڀلو

”هن ائين ڇو ڪيو؟ مان نه ڇڏيندس. ڀل منهنجو ؛سرُ وڃي مان ُهن، کي ڏسي رهندس.“ اهڙي قسم جا لفظ ڪاوڙ ۾ ڀريل شخص جي واتان ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. هو بدلي جي ڀاونا سان ڀريو پيو آهي. اندر ۾ انتقام جي باهه ٻري رهي اٿس. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو هڪ معمولي واقعو اهڙو ڪاوڙ وارو رويو پيدا ڪري ٿو. دراصل اهڙو رويو اسان جي اندر جي نراسائي جو اظهار آهي. اسان جو اندر جيترو بي قابو هجي ٿو اوترو جلد اسان مڇرجي بدلي وٺڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
ان مان ملي ڇا ٿو؟ مشڪلا تون اڃان وڌن ٿيون ۽ اندر ۾انتشار مزيد وڌي ٿو. جيڪڏهن اسان پنهنجي اتاولپ ۽ مورکتائي واري فيصلي جي پورائي ڪريون ٿا ته نتيجي طور اسان پنهنجي چڙهت،ڪاوڙ ۽ بدلي جي ڀاونا کي اڃان به هٿي ڏيون ٿا. ڪي ماڻهو ته بدلي وٺڻ کان پوءِ به بس نه ٿا ڪن. دل ۾ ساڙ ۽ بغض رکن ٿا، جنهنڪري سندن ذهني سڪون وڃائجي وڃي ٿو ۽ جيون ۾ نااميدي ،مايوسي ۽ ڪوڙاڻ ڀرجي وڃي ٿي.
اها حقيقت واضح طور تي سمجهڻ گهرجي ته ڪو به شخص پنهنجي اعمالن جوحساب ڏيڻ کان بچي نٿوسگهي ، دير يا سوير هر ڪنهن جو ليکو چوکو ٿيڻو آهي. ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ماڻهن کي پاڻ کي لتاڙي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. پرڌيان طلب ڳالهه اها آهي ته غلطين جي اهڙي پيار ڀريي ۽ همدردانه طريقي سان نشاندهي ڪجي ۽ سڌاري جي تجويز ڏجي جو انڪار ڪرڻ ممڪن ئي نه رهي. اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته دل ۾ نفرت جو جذبو يا بدلي جي ڀاونا هرگز نه رکڻ گهرجي ، ڇو جو اهو نه صرف ٻئي کي رنج پهچائي ٿو پر توهان لاءِ ئي هاڃيڪار آهي ۽ جلدي توهان کي ئي ساڙي بسم ڪري ڇڏيندو. بدلو نه وٺو ته ڀلو.

22 - ڇوٽڪارو

اڄ ڪالهه اها بي چيني ڪافي حد تائين وڌي رهي آهي ته ”مان ڪير آهيان. ڪٿان آيو آهيان.“ دنيا جي شروعات جي پڇ پڇان لڳي پئي آهي.
هن افراتفري ۽ ڀڃ ُڀور جي دور ۾ اسان سڀئي حقيقي حاصلات لاءِ واجهائي رهيا آهيون. گهڻائي پوئتي مڙي ڏسن ٿا ته من ڪا واپسيءَ جي واٽ نظر اچي. آسرو سهارو ملي.
پنهنجي اصل ڏانهن واپس ورڻ جا گهڻائي مطلب آهن. گهڻن لاءِ اصلي گهر - حاصلات جو مقام، قرار ۽ ان جي قائم دائم رهڻ ۾آهي. ڪن لاءِ وري هر شيءِ - ٻاهرين چاهي اندرئين جي بهتر۽ شاندار موٽ ملڻ آهي. پرم آنند جي تلاش آهي. ڪيترن لاءِ اندر جو سفر آهي. لافنائيت جي حصول جي ڪوشش آهي. پنهنجي جڙ، پنهنجي اصل ڏانهن موٽ آهي.
جاکوڙ، جستجو يا اتساهه جا سبب ڪهڙا به هجن، اُڪير سڀني جي ساڳئي آهي.
پنهنجي اصل تي پهچي هر ڪنهن کي ازليت جي مڌ چکڻي آهي. اصل تي رسي ڪري اسان اميد ڪريون ٿا ته نئين سر وري جوان ٿينداسين چاهي اڄوڪي حالت ڪهڙي به هجي. اصل کي پهچڻ جي صحيح شناخت هئڻ ضروري آهي. جنهنجي لاءِ مڪمل سجاڳي کپي، پنهنجي عملن تي واضح نظر هجي. ان طريقي سان اسان جي چوڌاري اسان جي خيالي تاريڪيَ ۽ وسوسا ختم ٿي وڃن ٿا ۽ تصوراتي حد بنديون ختم ٿيو وڃن!
اصل وٽ پهچڻ سان جاکوڙ ختم ٿي وڃي ٿي. اصل وٽ پهچڻ سان وڌيڪ اُڪير نه ٿي رهي. ابدي ڇوٽڪارو ملي وڃي ٿو!

23 - پاڻ کي ته بدلايو

توهان گهڙي پلڪ لاءِ تحمل ڌاري ڏسو ته توهان جي چوڌاري ڪيترونه پاکنڊي ڦهلاءُ آهي. ڪوڙ ڪپٽ وکريل آهي. توهان رڳو نظر ڦيرايو ته توهان کي بنا ڪنهن ڏکيائيءَ جي برائي جي ڀرمار ڏسڻ ۾ ايندي. جيتوڻيڪ توهان شيطان کي ڏسي نه ٿا سگهو پر ان جي اثر کي بلڪل محسوس ڪري سگهو ٿا. مصيبتون ، مشڪلاتون ، پيڙا، دک درد، بک ، بد حالي،آ فت، تباهي بربادي سڀئي برائيءَ جي پيداوار آهن.
اسان جا عمل اجايو سجايوڪـُـڌي عادتن سان ويڙهياسيڙهيا پيا آهن. هرهنڌ ڏڦيڙ ڦهليو پيوآهي. نوجوان نسل به ان کان بچيل نه آهي ڇو جو هو به هن بڇڙي روش جا ڏيک ڏسي رهيو آهي. لڳي ٿو ته اڄ هرڪوڪوڙين ترغيبن ۾ وڪوڙيو پيوآهي ۽ اخلاقي اقدار جو فقدان آهي. اسان جي عام رواجي وهنوار ۾ذاتي رشتن ۾ ڪاروباري تعلقات ۾ يا وري نويڪلائي ۾ قدرت به جادو جنتر ۾ ُرڌل لڳي ٿي.زلزلا، طوفان، ٻوڏون،هميشه کان تباهي ۽ بربادي پکيڙي رهيا آهن. هرطرف برائي ئي برائي نظراچي ٿي. هر هنڌ پيڙا، ناُاميدي ۽ نراسائي وسي رهي آهي. غريب بيزار آهي ته مالدار به خوش ناهي. بيمار ڪنجهي رهيو آهي ته صحتمند منجهيل آهي. ڪمزور خوف ۾ غلطان آهي ته طاقتور انڌ جي گهوڙي تي سوار آهي . ڪو به ان هر هنڌ موجود ۽ هميشه حاضر برائيءَ کان بچيل ڪو نه ٿو لڳي.
اسان ٻه ڳالهيون وساري ڇڏيون آهن - هڪ پاڻ کي ٻيو مالڪ کي. خود شناسي ۽ مالڪ جي ياد سان برا عمل ميسارجي وڃن ٿا. سوچ جي تبديلي جي ضرورت آهي جنهنجي ذريعي هن دنيا کي بدلائي سگهجي ٿو. اها تبديلي اسان کي ئي آڻڻي آهي سو ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پهريائين پاڻ کي بدلايون.

24 - نوڙت جون نوازشون

مهانتا! جياپي جو اڪسير آهي. مان نٿو سمجهان ته اهڙو ڪو شخص هوندو جيڪو پنهنجي قدر قيمت ظاهر ڪرڻ نه چاهيندو يا اهڙين خوبين جو ڏيکاءُ نه ڪندو جيڪي کيس ٻين کان نمايان بڻائن. هرڪو شخص وڌڻ ويجهڻ ۽ ماڻڻ چاهيندو آهي.
اهوئي سبب آهي جو اسان مقام، مال، اختيار،اقتدار، نالي ، ناموس جي خواهش ۽ ڪوشش ڪريون ٿا، اسان جيڪو به عمل ڪريون ٿا سو ان ڪري ته اسان "مهان“ ٿيون.
اڪثر مهان ٿيڻ جي ڪوشش ۾ اسان ڪجهه اهڙيون حرڪتون ڪريون ٿا - ٻين کي پنهنجي مقصد جي حصول جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجهي ويري ۽ حاسد ٿي پئون ٿا-- انهن کان بي انتها نفرت ڪريون ٿا. هيسائي ڌمڪائي، للچائي، لڀائي، ليلائي، لتاڙي، ماري پنهنجو مقصد حاصل ڪريون ٿا ۽ پنهنجي خيال ۾ خواهشن جي مها ويرتا حاصل ڪريون ٿا. ڦونڊ ۾ اچي وڃون ٿا. اسان ڊاڙون، لٻاڙون هڻي، فضول خرچ ڪري گهمنڊي بڻجي پئون ٿا. اسان پنهنجي ان اهنڪاري انداز ڪري مهانتا کي ازالو نه ٿيندڙ نقصان رسايون ٿا. اسان پنهنجي لطيف احساس مهانتا ۽ ماڻهپي جي مڻيا وڃائي ڇڏيون ٿا جنهن جا اسان اصل معني ۾ مستحق آهيون.
جيتوڻيڪ اسان اڻ ڳڻت حاصلات جا مالڪ آهيون مثال طور ڌن دولت، مال ،ملڪيت، شان شوڪت، رشتا ناتا، تعلقات ، اثر رسوخ وغيره پراسان جو ماڻهپو ۽ مهانتا اسان جي سادگيءَ ۽ نوڙت ۾ سمايل آهي. نوڙت وارو انسان سڀني جي دل موهي سندن نوازشون حاصل ڪرڻ جوڳو ٿئي ٿو.

25 - عزم عمل ۽ حاصلات

هرشخص ان ويچارسان متفق آهي ته پاڻ کي سڌارڻ جي ضرورت آهي پر رڳو لفظ ته تبديلي نه آڻي سگهندا. لفظ ته محض معلومات ميسر ڪن ٿا. ان ڄاڻ جو عملي مصرف ئي آهي جيڪو تبديلي آڻي ٿو.
جيڪڏهن پاڻ کي بهتر بڻائڻ جي خواهش آهي ته سڀ کان اڳ ان جي ضرورت کي سمجهڻ گهرجي. مثال طور تي جيڪڏهن مان چوان ٿو ته مان سگريٽ ڇڪڻ ڇڏڻ چاهيان ٿو ته اها منهنجي نيت ٿي، نيت ٻڌڻ سان ئي اڌ مسئلو حل ٿي وڃي ٿو. پوءِ ان جي لاءِ موزون حل تلاش ڪجي. صدق دل سان ان کي لاڳو ڪبو ته سوڀ پاڻ مرادو حاصل ٿيندي. ٻي طرف جيڪڏهن رڳو خواهش آهي پر پڪو ارادو ناهي ته پوءِ ڪيترا به طور طريقا اختيار ڪبا ڪاميا بي ڪدا چت حاصل نه ٿيندي. اهو توهان جو خام خيال هوندو ۽ توهان کي سگريٽ نوشي جي عادت ترڪ ڪرڻ ٽڪر ٽڪڻ جيان مشڪل ڪم لڳندو.
ان ڪري پهريائين پنهنجو ارادو پختو ڪريو ۽ پوءِ ان مد ۾ مسلسل ڪوشش ڪريو. ضرورت ۽ اهميت محسوس ڪريو پوءِ طور طريقا ۽ رستا وسيلا پاڻ مرادو توهان جي سامهون اچي ويندا.
ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جن جي دعوي آهي ته اداس ۽ بي چين ٿيڻ بلڪل فطري ضروري عمل آهي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته دنيا جا سڀيئي ماڻهو مالڪ کان دعا گهرن ها ته " اي مالڪ اسان کي بي چين، غيرمطمئن ۽ غمگين بڻاءِ." بهرحال ائين ڪو نه آهي. اڪثر سڀ سڪون سک شانتي ۽ خوشحالي گهرندا آهن، ڇو جو اهائي روح جي بنيادي ضرورت آهي. انهيءَ ڪري ئي جڏهن روح کي پنهنجي فطرتي پيار محبت ۽ سک شانتي واري ڪيفيت حاصل ٿئي ٿي ته گهري تسڪين جو احساس محسوس ٿئي ٿو.

26 - جهڙا ڪانو، تهڙا ٻچا

ننڍا پنهنجي وڏن کان سکن ٿا. ”مثال“ سکيا جو بهترين ذريعو آهن. اها اسان کي سمجهه نه ٿي پئي. پنهنجي روزمره جا ڪم بنا ان سوچ جي ڪندا رهندا آهيون ته اسان جون نوجوانن ڏانهن به ڪي جوابداريون آهن - جيڪي رهنمائي لاءِ واجهائيندا رهن ٿا. ٻارن کي ٻڌايو وڃي ٿو ته چڱا ٿين، وڏن کي مڃتا ۽ مان ڏين پرجيڪڏهن ٻار وڏن جي ڏٺي ڏٺائي سندن ڪن اڻ وڻندڙ عملن جي پيروي ڪن ٿا ته اڪثر کين سزا ڏني وڃي ٿي.
نوجوان ٽهي اسان جي ڳالهين،طور طريقن ۽ ڪرتوتن کي ڏاڍي غور سان ٻڌي ڏسي ۽ ويچاري ٿي. اسان جي هلت چلت جو سندن ذهنن تي جوڳو اثر ٿئي ٿو. ان کان علاوه اخبار، ريڊيو، ٽي وي، سئنيما ۽ ماحول جوننڍڙن توڙي وڏڙن تي گهرو اثر ٿئي ٿو جيڪو ذهنن کي بنهه جهنجوڙي ڇڏي ٿو.اڳي ٻڌبو هو ته” معصوم جهڙو ٻار“پرڇا اڄ اها ڳالهه صحيح آهي؟ ممڪن ئي ناهي. نه ئي وري ان کي پسند ڪيو وڃي ٿوته ٻارن کي اهڙن معاملن کان ڪو پري رکجي يا وري گهڻن اهڙن معاملن ۾ جنجو مٿن منفي ۽ بڇڙواثر ٿئي سو آئڙي ئي نه ٿو. پراهو ممڪن آهي ته اسان پنهنجي زندگي کي صاف سٿرو گهاريون.
جي زندگي سنئين سڌي گذري ٿي ته پوءِ ٻارن کان لڪ ڇپ ۽ لڄي ٿيڻ جي ضرورت نه ٿي رهي. ٻار وڏن کان متاثر هوندا ته انهن جهڙو بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا.جيڪڏهن اسان پرماتما سان واقعي پيار ڪريون ٿا ته پوءِ پاڻ ۾ چڱيون صفتون چٽي طرح نظر اچڻ گهرجن. جيڪي عمل اسان ڪريون ٿا تن کي ڏسي هرکجي يا متاثر ٿي ٻيا پڻ ڪن ٿا. جيڪڏهن اسان صحيح طور پنهنجيون جوابداريون نڀائيندا سي ته يقينن هي لاپرواهي ۽ بي روا روي وارو ماحول مٽجي ويندو.

27 - رڃ جيئن

اڄ جي دوِّر ۾ انسان مادي پرستيءَ ۾ گهڻو يقين رکي ٿو. ڏينهن رات ڪائنات جي ڳجهّن بابت ڄاڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهڻ جي باوجود کيس پنهنجي باري ۾ايتري ڄاڻ نه آهي ته آخرهو پاڻ ڪيرآهي؟ ڪٿان آيو آهي؟ ڪيڏانهن وڃڻوآهي؟زندگي جوڪهڙومقصد آهي؟ ايٽم جي ذرڙن اليڪٽران، پروٽران ۽ نيوٽران کان وٺي آسمانن، سيارن ستارن ۽ دنياوي ڄاڻ جي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي.
فرصت ئي ڪونهيس جو هو پنهنجي منتشر ذهن کي قابو ڪري۽ وکريل حواسن کي هٿ وس ڪري. من جي شانتي يا سچو سڪون ڪين آهي. هيڏي ساري سهولتن ۽ آسائشن هئڻ جي باوجود به ناخوش بي چين بي سڪون آهي. ننڊآورگوريون کائڻ سان به ننڊ نصيب ناهي. وڏي رحم جوڳي حالت آهي. تن تي زرق برق لباس ته اوڙيل آهي پر اندر زخمن مان رت رسي رهيو آهي.
دائمي سڪون حاصل ڪرڻ جي خواهش خاطرگهٽ جٽادار شين لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ديوانه وار ڊڪ ڊوڙ ڪري رهيو آهي. مايا جي موهه ۾ منجهي اصل کان پري ٿي ويو آهي.
جيڪڏهن جيءِ منجهه جهاتي پائي ڏسي ٿو ته کيس سونهن، ست، سک ۽ شانتي جي بجاءِ ڪن، ڪوڙ، ڪروڌ ۽ ڪوڙاڻ نظر اچيس ٿي. رڃ جيئان هو پنهنجي غم زده حالت کان پري پيو ڀڄي ٿو پر اهڙو ڀڄڻ خطري کان خالي ڪونه آهي.
نفسيات جي ماهرن جو مڃڻ آهي ته انسان اندر بي تهاشا ڳجهي شڪتي موجودآهي، جنهنکي ڌيان لڳائڻ ذريعي ٻاهرين ڦهلاءُکان اندر يڪجاءِ ڪري اجاگر ڪري سگهجي ٿو.

28 - ٿڌو ٿائنرو

مشهور چوڻي آهي " پاڻ کي هميشه ٿڌو ٿائنرو رکو." پر اڪثر ماڻهو ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ ڀريل ملن ٿا. چڙ ۽ چڙهت وارو رويو اشانتي جو باعث بڻجن ٿا.ڪي بظاهرصبرائتا ڏيکارجن ٿا پراندر پيو ٿوپڄرين .
شانت هئڻ جو مطلب اندر ۾ضابطي واري قوت جي موجودگي آهي. پاڻ کي هن رچنا جو محظ هڪ ڪردار سمجهي زندگيءَ جي نظارن کي پسڻ آهي. واضح نموني سان هن ناٽڪ سان گڏوگڏ مختلف مناظر ۾ پنهنجي ڪردار کي سمجهڻ آهي. وڌيڪ ته پس منظرکڻي ڪهڙو به نيارو پيارو لڀائيندڙ يا للچائيندڙ هيبتناڪ موتمار ڇونه هجي پاڻ کي پنهنجي جاءِ تي اٽل رهڻوآهي.
پاڻ تي مسلسل ضابطو برقراررکڻوآهي. لاڳيتي ڪوشش سان حاصل ٿيل ضابطي ذريعي ئي پنهنجي اندر منجهه انوکي تبديلي آڻي سگهجي ٿي. زندگي جي گوناگون مناظرن کي ذاتي جذباتي يا اجتماعي تقاضائن پٽاندڙ -- يا وري ڏکوئيندڙ گهڙين جي مناسبت موجب سيبائتي سولي انداز ۾ نڀائڻ جي صلاحيت ان ضابطي واري قوت ۾ سمايل آهي!
اڪثرجيڪو رد عمل ڏسڻ ۾ اچي ٿو سو شانائتو ۽ تعريف جوڳو نه آهي. اها ضبط واري قوت،اسانجي مسلسل طور تي ان عظيم قوت سان لاڳاپيل رهڻ سان ئي برقرار رهي ٿي. ان لنئو ذريعي دنيا جي ناٽڪ جي مختلف مناظرن سان بناماياموهه جي برد باري سان منهن ڏيڻ لاءِ غيردلچسپ پرپيار ڀريو رويوحاصل ٿئي ٿو. ضابطي واري قوت اسان کي هڪ منفرد سڃاڻ ۽ سگهه بخشي ٿي جنهن ذريعي اسان عظيم هستيءَ جي ضابطي هيٺ هلندڙ منظرن کي محظ مبصر جي حيثيت سان ڏسي سگهون ٿا. رب جي رضا مڃي بنا ڪنهن خوشي يا غم جي واه واه ڪريون ٿا. ان کي ئي "صبر“ ڪرڻ ۽ ٿڌو ٿائنرو رهڻ چئجي .

29 - راه فرار

جنهن معاشري ۾ پاڻ رهون ٿا ان ۾ گهڻائي ڪم ڪار ۽ مختلف ڪردار ادا ڪرڻا پون ٿا. اسان ايترو ته منجهيل ۽ منتشر آهيون جو واندڪائي ۾ ڪتاب پڙهڻ، ريڊيو ٻڌڻ، ٽي وي ڏسڻ وقت اسان پاڻ کي انهن ڏانهن ڇڪبا محسوس ڪيون ٿا ۽ ان جو حصو سمجهڻ لڳون ٿا. عام رواجي پروگرام به ائين حقيقي لڳي ٿو جو ڀلجي وڃون ٿا ته اهو بناوٽ آهي ناٽڪ آهي محض وندر ۽ تفريح لاءِ بڻايو ويو آهي. پردي تي نظر اچڻ وارن مناظرن ۽ ڪردارن ۾ پاڻ کي ڏسڻ شروع ڪريون ٿا. ان حد تائين جو ڪرڪيٽ جي ڪامينٽري ڪندڙ کي برو ڀلو چئون ٿا ۽ ضبط وڃائي ويهون ٿا ۽ سمجهون ٿا ته ڇوٽڪارو حاصل ٿي ويو.
ڏاڍوڏکيو جهان آهي،گهڻا ئي مسئلا ۽ مصيبتون آڏو اچن ٿيون. ان ڪري شايد ٿورڙي موقعي ملڻ سان ئي اڏامي سوچن ۽ سپنن جي ديش ۾ پڄي، پناهه ڳولهين ٿا. ڪي وري شراب، ٻين نشي آوردوائن ۽ براين جو سهارو وٺن ٿا - فراري راه اختيار ڪرن ٿا. جڏهن ٽي وي يا فلم ختم ٿئي ٿي يا دارونءَ دوا جو اثر پورو ٿئي ٿو ته پاڻ اتي جو اتي ساڳي بلڪه ان کان بد تر حالت ۾ محسوس ڪن ٿا.
راه فرار اپنائڻ واري عمل جي نتيجي ۾ اهڙي منفي عادت پيدا ٿي وڃي ٿي جيڪا نه صرف جسماني ۽ ذهني صحت تي ڪافي مضرّ اثر وجهي ٿي پر مٽن مائٽن دوستن عزيزن ۽ آس پاس ماڻهن لاءِ پڻ پريشاني جو باعث بڻجي ٿي.
ضروري آهي ته اهڙو طريقو اپنايو وڃي جيڪو ماده پرستيءَ جي علت کان دور ڪري ۽ هڪ جٽادار آسودگيءَ جي انڀوِّ سان همڪنار ڪري. اها حالت ذات جو اڻ ٽٽ حصو بڻجي ته جيئن پاڻ کي ۽ پنهنجي ماحول کي هميشه لاءِ انهن منفي اثرن کان محفوظ رکي سگهجي.

30 - اندر جو آنند

پاڻ جيان ٻين کي آتما ڄاڻي سموري انسان ذات کي هڪ سمان ۽ هڪ ئي اپائڻهار جا ٻار سمجهي پرم آتما پرميشور پرم پتا جي ڏسيل نام جو سمرڻ ڪرڻ ۽ سندس اڻ ڳڻت نعمتن نوازشن کي ساراهڻ سان سوچ ڌارا ۾ مثبت تبديلي رونما ٿئي ٿي.
اسان کي خبر آهي ته خيال ڏاڍا زورآور آهن ۽ خواهشن جي جڙ آهن. خيالن جي ذريعي ئي ڪنهن جڳهه جو ماحول بڻجي بگڙجي ۽ ڀلو برو ٿئي ٿو. ان جو دارومدار محفل ۾ موجود ماڻهن جي خيالن تي منحصرآهي.
جيڪڏهن اسانجي خيالن تي اسانجو ضابطوآهي ته مثبت خيال پيدا ٿيندا ۽ اسان ماحول کي وڻندڙ ۽ خوشگوار بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا سين نه ڪي چوڌاري موجود ماحول جي منفي اثرن کان متاثر ٿي اڳ ئي آلوده ماحول کي اڃان وڌيڪ آلوده بڻائڻ جو سبب بڻجندا سين. ان طرح اسان جو ٻين ماڻهن ۽ شين تي ڀاڙڻ گهٽجي ويندو آتمڪ آنند ۽ من جي شانتي پراپت ٿيندي - جنهن ۾ بي تها شڪتي آهي.
پراڻي فلم جو هيءَ ٻول اگر مان مڪمل طور پنهنجي پالڻهار تي ڀاڙيان ته پوءِ سنسار تي انحصار کان پوري طور آجڪاري ملي ويندي. ان صورتحال ۾ ڪا مشڪل پيش نه ايندي ۽ سماج يا انجي نظام کان " فرار۽ جي ڪا ضرورت نه رهندي ڇو جو معاشري ۾گهارڻ باوجود پنهنجا " ويچار۽ انجي هاڃيڪار اثرن جي پهچ کان پري رهندا ۽ پاڻ کي هر وقت پنهنجي منزل بابت بيداري آگاهي ۽ اڻ تڻ رهندي!

31 - ڇا اها ئي زندگي آ ؟

ڇا اهائي زندگي آ جيڪا اسان گهاري رهيا آهيون؟ جيڪڏهن اسان جا ويچار رڳو جسماني لذ تن ۽ آسائشن جي گگهه اوندانهين ڪن ۾ بند رهندا ته حقيقي خوشيءَ جو مزو ڪيئن ماڻي سگهندا سين. لفظي طور تي چئي سگهجي ٿو ته اسان موج ۾ آهيون، پر ڇا اسان جا عمل صحيح طور تي ان جو اظهار ڪن ٿا؟
ڇا اسان صحيح معني ۾ مذهب جي ٻڌايل رستي تي هلي رهيا آهيون -- ڀل جي اهو عيسائيت، هندومت، اسلام، سک مت، ٻڌمت يا يهوديت ئي ڇو نه هجي.
ڇا اسان ٻين سان رتيءَ برابر به روحانيت وارو ورتاءُ ورتايون ٿا؟
روحانيت جو مطلب اهو بلڪل ناهي ته چوويهه ڪلاڪ مندر يا مسجد ۾ ويٺا هجون. روحانيت جو مطلب آهي ته اسان روحاني طور هروقت بيدار رهون. پاڻ کي مالڪ؛ ڪل ڪائنات جو جز سمجهون ۽ ان جي سموري مخلوق کي هڪ سمان ۽ ڀاءُ سمجهون.
پاڻ کي گهرجي اهڙي زندگي گهاريون جنهن جو بنياد حقيقي قدرن تي هجي نه مادي شين جي حاصلات تي.
اهڙي زندگي جنهن ۾ حقيقي خصوصيتن کي وڌائڻ جي اهميت تي ڌيان ڏجي جهڙوڪ پيار، محبت، تعاون ۽ برداشت. اهڙي زندگي جنهن ۾ چهري تي مرڪ ۽ اکين ۾ نور هجي.
اهڙي زندگي جنهن جو مطلب مال ماڙي موٽر نه هجي، پر پاڪ صاف خدا ترس ۽ ڀروسي جوڳي هجي. انهيءَ ريت زندگي سولي ۽ سهنجي گذري ٿي. بي ايمان ماڻهوءَ جي زندگي جلدي دشوار ٿي پوي ٿي. هروقت هرقدم محتاط رهي ٿو ته متان ڪنهن ُڀل سبب سندس پول نه کلي پوي.

32 - سنگ جو پرسنگ

اسان پنهنجي جسم کي چمڻ، چٽڻ، مچلائڻ ۽ گهڻين اهڙين ٻين شين جي سواد ۽ سوارٿ ڪارڻ خراب ڪريون ٿا. آهستي آهستي روح کي سڪائي روحاني طورڪمزور بڻايون ٿا. اسان جي شخصيت،ارادي جي قوت ۽ اخلاقي قدر پست پئجي وڃن ٿا. جيئن ته اسان هن معاشري ۽ ڪائنات جو حصو آهيون انڪري اهي ڪمزوريون به عام ملن ٿيون. جيترو اسان روحانيت کان پري ٿنيدا وڃون ٿا اوترو مونجهارو وڌندو وڃي ٿو ۽ اسان دلدل ۾ ڦاسندا وڃون ٿا.
پوءِ ڪيئن ڀلا اسان پنهنجي اوڻاين کي دور ڪريون ۽ روحاني قوت کي وڌايون؟ اسان ماڻهن کان متاثر ٿي انهن ۾ اميدون رکون ٿا. انسان ته محدودآهي اوتروئي ڏئي سگهي ٿو جيترو سندس هٿ وس آهي. ان لاءِ اسان کي پنهنجوڌيان لامحدود قوت جي سرچشمي، سمورين صفتن جي مالڪ ڪل ڪائنات ڏانهن لڳائڻ گهرجي.
ان مان پاڻ تي ڪهڙو اثر پوندو ۽ سوچ کي بدلائڻ ۾ ڪيئن مدد ملندي؟ سڌي سنئين ڳالهه آهي - عام طور چيو ويندو آهي ته سنگ جو پرسنگ. انسان تي صحبت جو اثر ٿئي ٿو. جيڪڏهن اسان ڪوشش ڪريون ۽ ڌيان مالڪ جي ياد ۾ لڳايون ، جنهن کان وڌيڪ ٻيو ڪواسان جو سنگتي ساٿي ٿي ئي نه نًو سگهي ته يقينن انهي جي صحبت مان بي انتها لاڀ ملندو.

ويچارعمل جو ٻج آهن ۽ واڌ وينجهه جو مواد مهيا ڪن ٿا.

پاڻ کي جڳائي ته بيڪار ۽ بيهوده خيالن کان ذهن کي آجو ڪري ايشوري ويچار اپنايون جنهن مان پاڻ کي هڪ نئين قسم جي سگهه ملندي.

33 - ابدي حقيقت

ويجهڙائيءَ ۾ مون کي هڪ بل مليو، مون سوچيو ته رنڌڻي جي مرمت ڪرائجي، سمورن نلڪن ۾ڪن ڪچرو اچي گڏ ٿيو هو جنهنڪري پاڻي جي نيڪال ۾ رنڊڪ پئي ٿي ۽ بد بوءِ پڻ اچڻ لڳي هئي. پلمبرايتروخرچ ٻڌايو جو پريشان ڪري ڇڏيائين. مون اهو ڪم ته ڪرايو پر مون پرن ڪيو ته اهڙي صورتحال ٻيهر پيدا ٿيڻ نه ڏيندس. هي ته هڪ عام رواجي واقعو آهي ان جو روحاني جيوت سان ڪهڙو سنٻند.
ڪيترائي ماڻهو اهڙيءَ ريت بند ۽ منجهيل روحاني روش سان اسان جي اردگرد ڦري رهيا آهن. انهن جي ناقص انداز فڪر ۽ عملن مان انهن جي ناڪامي، مايوسي ۽ نااميدي نمايان ٿئي ٿي. پاڻي جي پائيپن ۾ رنڊڪ جو سبب ته ڪٽ ۽ جمع ٿيل گند آهي، پر ڇا اسان پنهنجي روحاني راهه جي رنڊڪ جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻون ٿا؟
اسان جي روحاني راهه جا روڙا آهن - ڪام ڪروڌ، لوڀ، موهه، اهنڪار - جن جي چنبي ۾ اسان ايتروته جڪڙجي وڃون ٿا جو انهن کان سواءِ پاڻ کي نامڪمل سمجهڻ لڳون ٿا. ابدي حقيقت کان پري ٿي وڃون ٿا. خيال مطابق نفرت،حسد ۽ گهمنڊ فطري آهن. ڇا واقعي ائين آهي؟ ڇا اهي برايون فطري آهن؟ ڇا نلڪن جي صفائي جيان اسان اندر جي صفائي ۽ پاڪائي حاصل نه ٿا ڪري سگهون؟ اسانجومستقل رتوکتو روح آهي، جنهنجي اصل فطرت ۽ صفت پاڪائي ۽ امن آهي.
جيڪڏهن اسان پاڻ کي غلاظت ۽ بي چيني واري حالت ۾ محسوس ڪريون ٿا ته سمجهڻ گهرجي ته ڪا گڙٻڙ آهي، جنهن سبب اسان پنهنجي ڪامل حالت کان پري ٿي ويا آهيون. سو پاڻ کي جڳائي ته رنڊڪ دور ڪري اصليت ڏانهن ورڻ جي ڪوشش ڪجي.

34 - جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي

ڪنهن شخص توهان جي مرضيءَ مطابق ڪم نه ڪيو، ڪن لاٽارڪئي صحيح جواب نه ڏنو يا سرد مهري سان پيش آيو ته توهان کي ايئن لڳي ٿو ته توهان کي مانُ نه ڏنو ويو. توهان کي سٺو نه لڳو.
توهانجي پنهنجي باري ۾ڪهڙي راءِ آهي ۽ روش ڪهڙي آهي؟ ڇا توهان هميشه پاڻ کي مٿانهون، اوچو، قابل احترام، پاڪ صاف نه ٿا سمجهو؟ ڇا توهان جاعمل واقعي هميشه ڀلارا ۽ بنا ڪنهن غرض يا مطلب وارا هجن ٿا؟ ڇا توهان جون ڳالهيون هر وقت قربائتيون ۽ سڌارڪ آهن يا ٻين کي خراب خوار ڪرڻ ۽ نيچو نوائڻ واريون آهن؟
پنهنجي آڏو اوهانجي پنهنجي ڪهڙي عزت آهي؟
هميشه ٻين کان عزت جي اميد رکڻ ۽ طلب ڪرڻ سولو آهي. عام طور تي اسان ٻين تي نڪته چيني ڪريون ٿا، ته هو احترام ڪونه ٿا ڪن، مغرور آهن، ٻين کي ڪجهه سمجهن ئي نه ٿا. پر پاڻ کي ڪڏهن نه ٿا چئون ته اسان ٻين سان ڪيئن ٿا پيش اچون.
ساک بنا ٻين کان ڪڏهن به عزت نٿي حاصل ڪري سگهجي.
ساک کان سواءِ هميشه اسان کي پشيماني ٿيندي.
ساک بنا اسان هميشه ٻين جي رحم ڪرم تي رهون ٿا.
پنهنجي عزت سان اسان مٿانهان بڻجون ٿا اسان جي روش وڻندڙ ٿئي ٿي ۽ اسان پنهنجي سوچ عمل سان پنهنجي معاشري ۾ بنيادي حيثيت حاصل ڪرڻ جوڳا بڻجون ٿا.
عزت ڪڏهن گهرڻ سان نه ملندي آهي. عزت توهان کي تڏهن ملندي جڏهن توهان پاڻ پنهنجي ۽ ٻين جي عزت ڪندا.

35 - برداشت جي قوت

اسانجي اندر ڪيتري برداشت جي قوت هئڻ گهرجي؟ گهڻائي ماڻهو اهڙو سوال ڪن ٿا. ڪافي وقت کان برداشت ڪندو رهيو آهيان وڌيڪ برداشت جي سڪت ڪونه آهي. هاڻ ڪجهه ڪرڻو ئي پوندو. ان جومطلب برداشت جي ڪمي آهي - ممڪن آهي ڪنهن حد تائين طبيعت ۾ برداشت جي سگهه هجي ان کان پوءِ پاڻ تي اختيار نه رهي. اختيار جو مطلب مڪمل ضابطو جو بي حد هئڻ گهرجي. اڄ جي دور ۾ اهائي هڪ اهڙي اهم ترين قوت آهي جنهن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي.
هميشه توهان سان اهڙو ڪو نه ڪو ماڻهو ٽڪرائي ٿو جيڪو توهان کي تڪليف رنج رسائي ٿو. برداشت جو مطلب آهي ته سڀني ڏکيائين کي نهٺائيءَ ۽ نرميءَ سان ُمنهن ڏيڻ. هرڪنهن کي مختلف قسمن جون ڏکيائيون آڏو اچن ٿيون، پرانهن کي منهن ڏيڻ جو هر ڪنهن جو طور طريقو پنهنجو آهي. جيئن ته هر صورت حال کي منهن ڏيڻو آهي ته ڇو نه پوءِ سوچ سمجهه۽ صبر شڪرسان منهن ڏجي.
جيڪڏهن ڪوئي ان چڪر ۾ اڙجي وڃي ٿو ته ڇو؟ ڇا جي لاءِ؟ ته پوءِ برداشت واري قوت وڃائجي وڃي ٿي. واضح طور تي سمجهڻ گهرجي ته هر شخص مختلف آهي کيس پنهنجو تشخص ۽ خصلتون آهن. جيڪڏهن ان ڳالهه جي سمجهه اچي وڃي ٿي ته پوءِ برداشت جي قوت وڌي وڃي ٿي ۽ هڪ ٻئي جو نقطه نظر سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. توهان جي مشورو مدد ۽ تعاون قابل قبول ٿين ٿا. برداشت جا نتيجا ڀلا ۽ دور رس ٿين ٿا - ڀل جي کڻي حالات ناسازگار۽ مسئلا بيشمار ڇو نه هجن ته به پاڻ کي ضبط جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي ۽ برداشت جي سگهه وڌائڻ گهرجي. جي کڻي توهان برداشت ڪرڻ جو سوچيو به ته سمجهو توهان گهڻو ڪجهه ڪيو.

36 - جوڳي نه ڪنهن جا مٽ

هڪ سٺي منتظم جي حيثيت ۾ توهان پنهنجي ڏينهن کي ترتيب ڏيو ٿا. توهان ايندڙ 24 ڪلاڪن لاءِ سڀني ڪمن ڪارين کي ڌيان ۾ رکو ٿا. توهان کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. ائين نه ٿئي جو توهان مونجهاري ۾ ڦاسي پئو، توهان پنهنجي وقت کي بهتر طريقي سان استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا.
ڇونه ڀلا، وقت بي بها شيءِ آهي. ان کي سمجهداري سان ئي استعمال ڪرڻ گهرجي. توهان وقت کي لاڀائتي طور تي صرف ڪرڻ جا خاڪا ٺاهيو ٿا پرلڳي ٿو ته صبح سويري کان ئي هر هڪ شيءِ توهان جي رٿيل خاڪي ۽ صلاحيت جي ٺٺوليءَ ۾ رڌل آهي. توهان کي گهڻين ئي غيرمتوقع حالتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿوجنهن ۾ ڪافي وقت ۽ توانائي صرف ٿيو وڃي ان جي ڪري رٿيل سوچ مطابق اصلي ڪمن کان پري ٿي وڃو ٿا. ڪڏهن موسم موافق ناهي ته ڪڏهن ماحول مناسب ناهي رٿا پوري اڻ پوري رهجيو وڃي. زندگي غيريقينيءَ واري صورتحال ۾ جڪڙي پئي آهي. اسان جون بهتر رٿائون به ڪڏهن ڪڏهن بي سود، بيڪار ثابت ٿين ٿيون.
پنهنجي اعتدال کي برقرار رکڻ جو بهترين دڳ اهو آهي ته پاڻ کي ماٺيڻو رکجي ۽ پٺ ڀرو ٿي دنيا جي ناٽڪ کي رڳو ڏسندو وائسندو رهجي. توهان کي شعوري لاتعلقي واري ڪيفيت قائم ڪرڻي آهي ته جيئن چڱيءَ ريت صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي. وڌيڪ ويجهو وڃڻ سان ان کي حقيقي سمجهڻ لڳو ٿا. منجهي پئو ٿا ۽ داٻ ۾ اچي صبر ۽ اعتدال وڃائي ڇڏيو ٿا. توهان پنهنجي ڏينهن جي گذارڻ جي رٿا بندي ڀل ڪريو پرپوءِ به پاڻ کي ٿورو پرانهون رکو. حالات کي پنهنجي سر هلڻ ڏيو. ڏورانهون ٿي ڏس ڏيک هن جهان جو. جوڳي نه ڪنهن جا مٽ.

37 - سوچ ۽ لوچ

اسان سڀ چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ته خيال تمام اهم آهن. خيال ئي اهو مرڪزآهن جتان هرعمل جي لهر اڀري ٿي. خيال ئي اسان جي جيوت ۽ جهان کي رنگ روپ ڏين ٿا. ڄاڻ مطابق ئي خيال اتپن ٿين ٿا ۽ ڄاڻ ئي خيالن کي نپائي ٿي. ڄاڻ دانائي آهي. بنا ڄاڻ جي انسان جاهل آهي. جهالت ۽ اڻ ڄاڻائي جو جيئڻ موت برابر آهي.
غلط ڄاڻ جي آڌار تي جيو مردي مثل آهي. انسان کي جڏهن صحيح خبر نه هئي تڏهن سوچ مطابق زمين سڌي سنئين هئي. ذرا سوچو ته هن غلط ڄاڻ زندگي تي ڪيڏو ته اثر وڌو آهي ۽ ڪيترن نه کل جوڳن، عقل کان عاري، غير منتقي ۽ چمتڪاري ويساهن، وسوسن، روشن ۽ روين کي جنم ڏنو آهي. مزي جي ڳالهه ته اهڙا غلط ويچار رڳو هڪ شخص يا جماعت جا نه پر هر خاص و عام جا هئا ۽ آهن جنهن کي اجتماعي جهالت کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو چئي سگهجي.
اڄ جنهن دور دنيا ۾ اسان رهون پيا ان ۾ به اسان جي ڄاڻ ڪافي غلط۽ اڌوري آهي. گهڻن ماڻهن کي ته پنهنجي باري ۾ ئي پوري ڄاڻ نه آهي. نه ئي وري پنهنجي منزل، مقصد زندگي ۽ خدا جي ڄاڻ آهي. ان اڻڄاڻائيءَ ڪارڻ ناقص خيالن جي بنياد تي نامڪمل زندگي گذارڻ تي مجبورآهن.
ان کان وڏي ستم ظريفي ٻئي ڇا ٿيندي ته اسان کي پنهنجي باري ۾ پوري ڄاڻ ڪونه آهي. پاڻ کي محض جسماني طور تي ڄاڻڻ کي ئي ڄاڻ نٿو چئي سگهجي. اها ڪيڏي نه وڏي غلطي آهي جو سڄي ڄماراسان پاڻ کي رڳو ان مادي ڄاڻ جي حوالي سان ئي پئي ڄاتو آهي. سڄاڳي لاءِ سوچ ۽ لوچ درڪار آهي.

38 - حرص ۽ حسد

اسان چٽا ڀيٽيءَ واري دنيا ۾ رهون ٿا. ڄائي ڄم کان ئي اسان کي مقابلي لاءِ سيکاريو اتساهيو ۽ همٿايو وڃي ٿو. فلاڻي ماڻهوءَ کان اڳتي وڌڻو آهي ،مٿانهون مقام حاصل ڪرڻو آهي يا آسائشون۽ عيش عشرت ماڻڻا آهن. چيووڃي ٿو ته اسين چٽاڀيٽي مقابلي ۽ چڙهت واري جهان ۾ جئي رهيا آهيون - شايد ان ڪري ان ئي انداز سان سوچون ٿا ۽ هر وقت هر هنڌ چڙهت واري ريوي تي عمل پيرا نظر اچون ٿا. ان طرح زندگيءَ جي هر پهلو لاءِ مقابلي ۽ حسد واري سوچ ۽ انداز اپنايون ٿا.
زندگيءَ ۾هر ڪم لاءِ مقابلي واري رويي جي ضرورت نه آهي. اسان مان هرهڪ هڪ خاص ممڪن قوت سان پيدا ٿيو آهي جيڪا بلڪل منفرد ۽ پنهنجي مٽ پاڻ آهي. اها ممڪن واري صلاحيت ۽ منفرد ورثو هر ڪنهن جو پيدائشي حق آهي. ان تي ٻيو دعوي نٿو جتائي سگهي.
ان طرح جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ ان " ممڪن ۽ سگهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ پنهنجي توانائي ان صلاحيت کي وڌائڻ ۾ لڳايون ته سمجهه ۾ ايندو ته اسان کي ٻئي ڪنهن جي ورثي ڏانهن ڏسڻ تڪڻ ڇنڻ نه ئي وقت جي گهٽتائي واري شڪايت ۽ نه ئي ان غير ضروري مقابلي واري رويي جي ضرورت آهي.
پنهنجي اندر جي تسڪين ايتري ته وڻندڙ لڳي ٿي جو ٻئي ڪنهن طرف تڪڻ جي فرصت ئي نه ٿي رهي. اسان مطمئن، ملنسار، صبر ۽ هٿ ونڊائڻ وارا بڻجي پئون ٿا. پوءِ شعور ۾ حسد ۽ حرص جي گنجائش نه ٿي رهي، جيڪي هن چڙهت جي رويي واري ماحول جي جڙ آهن.

39 - اڻکٽ خواهشون

توهان ڪنهن ڪم ڪار خاص شيءِ يا واقعي لاءِ وياڪل ٿيوٿا. توهان جي دل چاهي ٿي ته جيڪر هيئن ٿي پوي ته پوءِ زندگي ڀرپور ۽ ُپررونق گذرندي. توهان کي لڳي ٿو ته توهان جا سڀ يار دوست ڪيترا نه خوش و خرم موّج مستيءَ ۽ نعمتن سان مالا مال آهن. مالڪ مٿان مهربان اٿن، وڌن ويجهن ٿا. اڳي کان اڳرا ٿيندا وڃن ٿا. پرتوهان ته سندن ڀيٽ ۾ ّڪافي پٺتي پيل آهيو. ڪجهه ڪين آهيو؟ توهان جون به خوشيون آهن جن لاءِ توهان پاڻ پتوڙي رهيا آهيو ۽ ان حد تي اچي پهتا آهيو جت نه صرف توهان پنهنجي حالت کان غيرمطمئن آهيو پر ٻين جي ڪاميابي ۽ ترقيءَ جا حاسد ٿي پيا آهيو. جڏهن اسان جون خواهشون ۽ اميدون پوريون ٿين ٿيون ته ڳاٽ اُوچو ٿي وڃي ٿو. وري نئيون اتپن ٿين ٿيون ۽ ڪڏهن نه کٽندڙ خواهشن جو سلسلو آيئن ئي هلندورهي ٿو.
ليڪن اڳتي هلي اهي پوريون ٿيل خواهشون اسان لاءِ ڳورو پٿربڻجي پون ٿيون. اسان کي پنهنجي ناعاقبت انديشي جو احساس ٿئي ٿو. ڪاش اسان صبر سان پنهنجي توانائي استعمال ڪريون ها ته اڄ هٿ مهٽڻ وارا ڏينهن نه پسون ها!
جيڪڏهن اسان جي حالت هڪ حاسد جي هوندي ته پوءِ ڪيئن اسان زندگيءَ جا مزا ماڻينداسين؟ جيڪڏهن هر وقت ان ڳالهه ۾ رڌل هونداسين ته اسان جو پاڙيسري ڇا ڪري رهيو آهي ته پوءِ اسان پنهنجي سڪون لاءِ ڪيئن ڌيان لڳائي سگهنداسين ۽ جيڪي ڪجهه اسان وٽ آهي ان جي قدر قيمت ڪيئن لڳائي سگهنداسين. ان ڪري زندگيءَ جو مزو۽ حاصل اسان کان ڏور ٿي ويندو. حسد واري غيرموافق ماحول ۾ منفي خيال پيدا ٿين ٿا ۽ اهڙي ماحول ۾ منفي نتيجي کان سواءِ ٻيو ٿي به ڇا ٿو سگهي؟

40 - پنهنجو مٽ پاڻ

ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته توهان ڪيترا نه اهم آهيو؟ ڇا توهان صبح دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته توهان زندگيءَ مان اڄ جي ڏينهن بهترحاصلات لاءِ ڪوشش ڪندوِّ؟ جيڪڏهن غور ڪريون ۽ ان ڳالهه کي سمجهي وٺون ته هي سارو جهان هڪ بي انت ناٽڪ آهي ۽ هر هڪ کي پنهنجو پنهنجوڪردار ادا ڪرڻو آهي ته پوءِ بغض يا حسد اجايو لڳي ٿو.
عام رواجي ڊرامي ۾ ته ردوبدل ٿي سگهي ٿي پر زندگيءَ جي هن ناٽڪ ۾ جتي ساڍن چئن اربن کان مٿي ڪردارموجود آهن توهان جو ڪردار توهان کان بهتر طورتي ٻيو ڪوئي ادا نه ٿو ڪري سگهي. توهان خاص الخاص آهيو. شايد ٻئي ڪنهن جو ڪردار توهان کي وڌيڪ اهم لڳي پر هر ڪردار جي پنهنجي اهميت ۽ انفراديت آهي.
موٽرڪارجو ئي مثال وٺو - ڪيتري ئي رقم واري ۽ عاليشان ڇو نه هجي پرجيڪڏهن اسپارڪ پلگ جن جي معمولي قيمت هجي ٿي جي صحيح ناهن ته توهانجي هيڏي ساري رقم واري ڪارڌڪي ڏيڻ بنا هڪ انچ به اڳتي نه وڌندي. ٻئي ياد رکڻ جوڳي ڳالهه اها آهي ته اسپارڪ پلگ واٽرپمپ جي جاءِ تي استعمال نه ٿي سگهندا ۽ گيئر باڪس ريڊئيٽر جي جڳهه تي ڪم نه اچي سگهندو. هر ڪنهن کي پنهنجي خصوصيت ۽ اهميت آهي ۽ هئڻ به گهرجي. جيڪڏهن اسان کي پنهنجي سڃاڻپ ٿي وڃي ته پوءِ اسان پنهنجو وقت اجائي سجائي جي ڪڍ لڳڻ کان بچائي سگهون ٿا.
جڏهن اسان کي پنهنجي ڪردار جي سمجهه اچي وڃي ٿي ته اسان ڌيان سان صحيح ۽ سرل طريقي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا ته اندر جو آنند ۽ جيون ۾ سک شانتي حاصل ٿئي ٿي.

41 - مان ۽ منهنجو

”مان“ وڏو حرفتي آهي. ٻين سمورين براين لاءِ ته ٻئي ڪنهن شيءَ جي ضرورت پوي ٿي پر ”مان“ کي سواءِ پنهنجي ذات جي ٻئي ڪنهن جي ضرورت نه آهي. سولائي سان پنهنجي ئي ذات ۾ جڪڙجي وڃي ٿو. پاڻ کي سڀ کان مٿانهون سمجهڻ لڳي ٿو. ٻئي ڪنهن تي نظر ئي نٿي کپيس. ايڏو ڀڀڪي وارو بڻجي وڃي ٿوجو ڪنهنجي خيال ويچار کي ڌيان ۾ ئي نٿو آڻي. ٻئي ڪنهن کي مان سمان جوڳو سمجهي ئي نٿو.

اهڙي حالت ۾ ظاهرآهي ته اندر ۾ اڻ بڻت ٿيندي - تضاد ۽ انتشار پيدا ٿيندو. جيڪڏهن مان ٻين جي ويچارن کي ڪو مانُ نه ٿو ڏيان ته اهي منهنجي رويي ڪري خفا ٿين ٿا ۽ ردعمل جي طور تي عدم تعاون واري روش اپنائن ٿا ۽ ناموافق ماحول پيدا ڪن ٿا. مان ته ”مان“۽”منهنجو“ ۾ ئي ورتو پيو آهيان. ڪڏهن پاڻ کان ٻاهر ئي نه ٿو نڪران. پاڻ کان پڇان ٿو ته مون انهن سان ڪهڙي برا ئي ڪئي آهي. مون ته سندن ڪجهه ڪين بگاڙيوآهي. اڃان مدد ئي ڪئي اٿم.

جيتوڻيڪ "مان“ ۽”منهنجو“ وارو رويو اسان تي سڌيءَ طرح سان ڪواثرنه ٿو وجهي پر پنهنجو هٺ ٻين کي ايذاءُ رسائي ٿو، تڪليف پهچائي ٿو ۽ مشڪلاتون وڌائي ٿو. موٽ ۾ ٻيا پڻ ساڳئي روش اپنائن ٿا ۽ اسان لاءِ رنڊڪون ۽ رڪاوٽون آڏو آڻي مصيبتون ۽ مسئلا وڌائن ٿا. جڏهن اسان ”مان“۽”منهنجو“ کي پنهنجو بنياد ۽ محور بڻايون ٿا ته پاڻ ئي ٻين کي ان جي اکيڙڻ جي دعوت به ڏيون ٿا.

42 - بڇڙاين جو نتيجو

جيڪرمان پاڪائي جو چٽ چٽي سگهان ها ته ڪينواس ڪُورو هجي ها يا رنگ ايترا ته وڻندڙ هجن ها جو دل لڀائن ها يا تجريدي خاڪا مت منجهائن ها. دراصل ڪنهن به ڪلاڪار ۾ ايتري صلاحيت نه آهي ۽ نه ئي ان جي رنگن ۽ برشن ۾ اُها سگهه آهي جو پاڪائي جي تصوير چٽي سگهن. ان باري ۾ڪنهن خوش فهمي يا غلط فهمي ۾ نه رهو. پاڪيزگي هڪ عظيم قوت آهي. ڇا ڪو سائنسدان ڪنهن غلط نظريي يا غلط ڪيميائي مرڪبن جي ملاوٽ سان ڪامياب تجربو ڪري سگهي ٿو يا ڪومعالج ڪنهنّ غلط تشخيص جي بنياد تي يا غلط دوائن وسيلي ڪنهن کي فيض پهچائي سگهي ٿو؟ قطعي نه . ٻنهي حالتن ۾ نتيجو تباهه ڪن ثابت ٿيندو.
ڇواسان پنهنجي روزمره جي ڪرت ۾ناپاڪائي ڀريون ٿا؟ ڇو بريون محفلون سجايون ٿا؟ ڇو برن خيالن کي پناهه ڏيون ٿا ۽ ڪڌا ڪرتوت ڪندي راحت محسوس ڪريون ٿا؟ اسان جي تعلقات ۾ ڪوڙ ۽ ملاوٽ آهي - بري سوچ، بدعمل، ناپاڪ خواهشون،غرضي روش ۽ رويا- جنهنجي ذريعي هي سڀ ڪجهه حاصل ڪريون ٿا - سو ئي اڄ اسانجي ڏٻرائي ۽ بيمارين جو سبب آهن. بڇڙاين جو نتيجو بڇڙو ئي ٿئي ٿو.
جبلن مان نڪرندڙ نديءَ کي ڏسو ڪيئن ته صاف شفاف ٽرندڙ لڳي ٿي. هرشيءِ مٿان پئي لهرائي ٿي. بنا ملاوٽ ڪيتري نه صاف ۽ سگهاري لڳي ٿي. وري انهيءَ ندي کي ميدانن ۾ پنهنجي اصل کان ٿورڙو ڏور ڏسندوُ ته گند مٽي ڀريل ور وڪڙ نٻل نظر ايندي. ٻل لاءِ پاڪائي ۽ صفائي ضروري آهي. ساڳئي حالت اسان جي به آهي. جيترو وقت اسان مالڪ جي ذڪر۽ فڪر ۾ رهون ٿا ان جي ويجهو رهون ٿا هردم مرڪندا مهڪندا پاڪ صاف رهون ٿا. پاڪيزگي سگهه آهي.

43 - خود اعتمادي

توهان جي خود اعتمادي جي ڪهڙي حالت آهي؟ روزمره جي معاملن کي بردباري سان منهن ڏيڻ ۽ خير خوبي سان نپٽائڻ لاءِ ُپرهمت ۽ تيارآهيويا جيت کاڌل پن جيان ليڙون ليڙون محسوس ڪريو ٿا؟ ڪنهن به ڪم کي شروع ڪرڻ کان ئي گهٻرايو ٿا - توهان کي ايندڙ واقعو جان جوکم وارو۽ سولي لاءِ سڏ لڳي ٿو؟
اڄ جي دور ۾ اسان ڏاڍو جلدي نه صرف پاڻ، پرماڻهن،ادارن ۽ نظام مان اعتماد وڃائي ويهون ٿا. آهستي آهستي بي چيني ۽ بيزاري واري ڪيفيت پيدا ٿيندي وڃي ٿي. مستقبل ۾ روشني جي ڪا ڪرن نظر نٿي اچي ۽ ان غيريقينيءَ واري حالت سبب زندگيءَ مان اتساه ۽ چاه کڄي وڃي ٿو. ڏاڍي مونجهاري واري صورتحال آهي !
ممڪن آهي ته موجوده مصيبتن ۽ مشڪلاتن واري نظام جنهن ۾ توهان پاڻکي جڪڙيل محسوس ڪيو ٿا ۽ حالتن کي بدلائڻ جي سڪت نه سمجهو ٿا - پرشايد توهانکي خبر ڪونه آهي ته توهانجي سوچ هڪ عظيم قوت آهي جنهن ذريعي توهان پنهنجي ذات - جيڪا جداگانه ۽ منفرد حيثيت جي مالڪ آهي - کي موڙي ۽ بدلائي سگهو ٿا ۽ پنهنجو آئيندوروشن بڻائي سگهو ٿا. جڏهن اسان پنهنجي اندر ڏسون ٿا ته پنهنجي اصليت جي خبر پوي ٿي. زندگيءَ جو اصل مقصد سمجهه ۾ اچي ٿو. ڄاڻ ۽ تجربو اسان کي اهڙو اعتماد بخشي ٿو جيڪو حالات جي سپن ۽ وڇن کان اسان کي محفوظ رکي ٿو. اهو اعتماد ئي آهي جيڪو مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي واسينگن کان نٿو ڊڄي. جيڪڏهن بندي جو پاڻ ۾ اعتماد ۽ مالڪ جي ذات ۾ يقين آهي لنئون لڳل آهي ته هوهر وقت ڪامياب وڪامران آهي. توهان جي خود اعتمادي توهان کي اڳتي وڌائي ٿي ۽ مالڪ ۾ يقين توهان کي ڪامياب بڻائي ٿو.

44 – اندازِ فڪر

اڄ صبح کان توهان خوش آهيو يا غمگين؟ جيڪڏهن من ملول يا ذهن ۾ڪو ڪرودي ويچار آهي ته جلد ئي ڪوشش ڪري ان کان جند ڇڏايو نه ته مينهوڳي ۾ ڊاک ول جيان پيو وڌندو. جي منجهند تائين ڇوٽڪارو نه مليو ته ذهن منجهيل ۽ معاملات گنجريل رهندا. اڃان جي شام تائين به ساڳئي صورت حال رهي ته ذهن بيڪار منفي ۽ منتشر ويچارن واري ٻوٽن سان ڀريل جهنگل بڻجي پوندو. نتيجو ؟؟ ڪڏهن ته اسان ان حد تائين پهچي وڃون ٿا جو چئوّن ٿا ته مان اداس رهان ٿو ته ڇا ٿي پيو. منهنجي زندگي آهي منهنجي مرضي مان ڪيئن به جيئان ٻئي ڪنهن جو ڇا؟
پهرئين ڳالهه ته توهان جيترو وڌيڪ وقت اداس رهندا اوتروگهٽ وقت خوش و خرم رهندا. عجيب لڳي ٿو. توهان کي شايد احساس نه آهي ته اڄ جي دنيا ۾ خوشيءَ جي ڪيتري نه قدر قيمت ۽ اهميت آهي؟ خوشي اڻ لڀ ٿي پئي آهي. جيڪڏهن ڪا شيءِ گهٽ هجي ٿي ته ان جي قيمت وڌي وڃي ٿي.
ٻئي ڳالهه ته زندگي توهانجي آهي ۽ توهان گذاري ئي رهيا آهيو پرڇا توهان هن ڪل ڪٽنب جا فرد نه آهيو؟ هن معاشري جو حصو نه آهيو؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ڇا توهان ٻين جا ساٿي نه آهيو؟ ڇا توهان جي عمل جو اثر ٻين تي نه پوندو ۽ ان جو ردعمل نه ٿيندو؟ يقينن ٿيندو. جيڪڏهن تنبوري جي تارن کي ڇيڙجي ٿو ته ان مان آواز نڪري ٿو جيڪوساري ڪمري ۾ ڦهلجي وڃي ٿو. هم آهنگي راحت رسائي ٿي. لرزش تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلائجي ٿو ته لهرون پيدا ٿين ٿيون نه صرف پٿراڇلائڻ واري جڳهه تي پر ان کان پر ڀرو به گهمسان پيدا ٿئي.

45 - درگذر

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ عجيب واقعو پيش آيو جنهن مون کي سوچ ۾ وجهي ڇڏيو. جيئن مان موٽر ڪار ذريعي گهر ڏانهن وڃي رهيو هوس ته مون ڏٺو ته هڪ سائيڪل سوار ۽ تيز رفتار ڪار جي وچ ۾ حادثو ٿيندي ٿيندي بچي ويو. ڪار وارو سائيڪل واري کان اٽڪل فٽ کن جي فاصلي تي اچي بيٺو ۽ جلد ئي هليو ويو.
سائيڪل واري کي ڪو ڌڪ نه لڳو پر تيز ڪارکي اوچتو بريڪ لڳڻ جي چيڪاٽ ۽ خوف سبب سائيڪل وارو گهٻرائجي ويو ۽ تيز تيز ڪار واري جي ڪڍ وڃڻ لڳو. کيس گنديون گنديون گاريون ڏيڻ لڳو. اهڙيون گاريون جيڪي مون پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن ڪونه ٻڌيون هيون!
ڇوڪرو نه صرف مرڻ،ڪنهن جسماني نقصان رسڻ، سخت ڌڪ لڳڻ کان بچي ويو پر کيس معمولي رههڙ به ڪونه آئي ان جي باوجود به سندس رويو ڏسي مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو. هن جو تپرس ۽ ڪاوڙ اچرج جوڳي ڳالهه ڪونه هئي. پر پريشان ڪن سندس رويو آهي - نه صرف هو پاڻ بچي ويو پرسندس سائيڪل کي به ڪو نقصان نه رسيو، تنهن هوندي به هو مالڪ جا شڪرانا ادا ڪرڻ جي بجاءِ ڪار جي ڊرائيور کي گارگند ڪندو ۽ ان جي ڪڍ ويندو رهيو. دل ۾ هن جي خلاف نفرت ۽ بدلي جي ڀاونا هئي.
اسان درگذر ۽ بخش ڇونه ٿا ڪريون؟ ڪيترو نه جلدي اسان مالڪ جي نعمتن کي وساري ڇڏيون ٿا جيوڻيڪ اسان کي اها به ڄاڻ آهي ته مالڪ جي ياد ۽ ڀروسي سان اسان کي گهڻو ڪجهه ملي ٿو.

46 - اک اندر جي ڳڙکي

توهان کي يا آهي ته توهان ڪڏهن ڪنهن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو هجي؟ اڄ جي دور ۾ اها هڪ وڏي ڳالهه آهي. ماڻهن لاءِ اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ جي ناممڪن نه ته مشڪل ضرور ٿي پيو آهي. ائين ڇو آهي؟ شايد ان ڪري جو اک کي اندر جي ڳڙکي ڄاتو وڃي ٿو. توهان ڪيتري به کڻي لڪائڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪريو توهان جي اندر جي حالت توهان جي اکين مان بکي پوندي.
بظاهر توهان ڪيترا به مٺڙا ۽ نماڻا ٿيڻ جي ڪوشش ڇونه ڪريو پر توهان جي اندروني ڪيفيت لڪي نه ٿي. اکين مان ظاهر ٿي پوي ٿي. اهڙي ريت جيڪڏهن توهان جي دل ۾ ڪنهن جي لاءِ چاهه آهي ته سا به آساني سان نمايان ٿي وڃي ٿي. صدين کان اهو مڃيو ويندو آهي ته صورت اندر جو آئينو ۽ اک اندر جي ڳڙکي آهي جنهن ذريعي انسان جي اندر لڪل ڳجهه نظر اچن ٿا. ٿي سگهي ٿو ماڻهو توهان جي سوچ نه سمجهي سگهن پر گهڻا ماڻهو توهان جون اکيون پڙهي سگهن ٿا. شايد اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو ٽيڏي اک ۽ ڦڙڪندڙ اک واري ماڻهن تي ويساهه ڪرڻ کان گهٻرائيندا آهن. ائين لڳندو آهي ته يا ته هو ڪجهه لڪائڻ چاهن ٿا يا ته وري سچ نٿا ٻڌائن.
ٻئي طرف صاف سڌو ماڻهو توهان سان نظر ملائي بنا لڳ لڳاوِّ جي ڳالهه ڪري ٿو. رنگ برنگي عينڪن پائڻ جو رواج به شايد اکين مان نمايان ٿيندڙ سچ کي لڪائڻ جي ڪوشش آهي.
جيڪڏهن ڪجهه لڪائڻ مقصد ناهي ته پوءِ اکيون اکين ۾ وجهي ڇو نه ڳالهايون. ڇو نظرون چرايون.

47 - آدرش ا وچا جيوت سادي

توهان اها ڳالهه مڃيندا ته جنهن معاشري ۾ اسين گهاري رهيا آهيون سوانتهائي ڪاروباري ۽ مطلبي آهي. اسان تي گهڻائي دٻاءَ پون ٿا. ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن ۾اشتهارن جي يلغار آهي. اسان کي گهڻين شين خريد ڪرڻ لاءِ ان ريت آماده ڪيو وڃي ٿو ته اهي اسان جي شخصيت کي اڀارن ۽ نکارن ٿيون. فلمون جيڪي اسان ڏسون ٿا يا رسالا جيڪي اسان پڙهون ٿا سي سڀ اسان کي اهو ٻڌائين ٿا ته زندگي جو هڪ خاص مقصد آهي معيار آهي جيڪوچٽاڀيٽي ۽ چڙهت واري رويي سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڪامياب شخصيت لاءِ ڌن دولت مال ملڪيت عهدو رتبو ۽ اختيار کي ئي سڀ ڪجهه ڄاتو وڃي ٿو. بنا انهن مادي حاصلات جي انسان کي ناڪارا ناڪام ۽ ڪجهه نه سمجهيو وڃي ٿو.
ڪجهه نه هئڻ ڪير چاهيندو؟ انڪري هر ڪوئي ان گورک ڌنڌي ۾ڦاسي پوي ٿو۽ جنهن کي اسان معيار زندگي مڃون ٿا اسان کي محض هڪ ناٽڪي ڪردار بڻائي ڇڏي ٿو جيئن ٽي وي ڪمرشل ۾ هڪ سنواريل سينگاريل خوبصورت عورت. ان طرح اسان انهن ماڻهن ۽ انهن شين کان پري وڃون ٿا جيڪي ان سانچي ۾پورا نه ٿا پون. هرهڪ چمڪ ڌمڪ ڏانهن ئي لڙي ٿو ۽ ورلي ڪو ڪنهن ڪاري ڪوجهي هيڻي مسڪين ڏانهن ڏسي ٿو.
اسان پنهنجي زندگي جي معيار کي وڌائڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه چاهيون سوچون ۽ ڪريون ٿا. اها هڪ سٺي ڳالهه آهي. پر اسان کي اهو هرگز نه وسارڻ گهرجي ته اسان جي معيار زندگي جو بڻ بنياد صحيح ۽ چڱن اصولن تي ٻڌل هئڻ گهرجي.
ان ڪري ڌيان ڏيڻ جوڳي ڳالهه اها آهي ته اسانکي زندگي ۾ آدرش اوچا ۽ جيوت سادهه اپنائڻ گهرجي.

48- وقت مقرر آ جڏهن

هڪ ڳالهه بلڪل واضح آهي ته جيڪڏهن اسان ڪنهن مشڪل گهڙيءَ ۾ صبر وڃائي ويهون ٿا ته پوءِ صحيح ۽ مثبت فيصلي ۽ عمل جي قوت به وڃائي ڇڏيون ٿا. فوري نتيجا حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ اڃان مشڪلاتون وڌائي ڇڏيون ٿا. ضابطو وڃائي ويهون ٿا. معاملا سنورجڻ بجاءِ مزيد الجهي وڃن ٿا.
جيڪڏهن ڪا مصيبت اچي ڪڙڪي ٿي ته وري الوپ به ٿي وڃي ٿي. اها ڳالهه چڱيءَ طرح ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته دنيا ۾ڪا به شيءِ ڪو به واقعو هميشه لاءِ نه ٿو رهي. اڄ جي ڪوئي شخص بي رحم آهي ته ٿي سگهي ٿو سڀاڻي رحمدل ٿي وڃي. پاڻ ۾ سهن شڪتي پيدا ڪرڻ سان غلطي ورجائڻ کان بچي وڃجي ٿو. نتيجو ڪڍڻ ۾ زياده ئي اتاولپ ايئن آهي جيئن ڪچو ميوو کائڻ جي ڪوشش ڪرڻ. ان جو نتيجو ڀليءَ ڀت سمجهي سگهجي ٿو.
اها هڪ اڻ ٽرحقيقت آهي ته وقت هرشيءِ کي بدلائي ڇڏي ٿو پراسان وقت کي بدلائي نٿا سگهون. پوءِ ڇو پريشان ۽ دکي ٿجي؟ هر ڪم پنهنجي مهل ۽ مند تي ٿئي ٿو. بنا مند جي ڪوئي ڦل نٿو ڦٽي سگهي. مند جي ميوي جو مزوئي ٻيو آهي. پرانسان هٺ ڪري ٿو چاهي ٿو ته هر شيءِ هر ڳالهه ذهني رٿا مطابق ٿئي ۽ هلي؟ واقعي اهڙو ڳهيلو آهي جو صرف پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي من ۾ ويهاريل ڍانچي کي صحيح تصورڪري ٿو ۽ هرشيءِ ۽ هرٻئي شخص کي ان ماپي مطابق تورڻ تڪڻ گهري ٿو؟ پاڻ کي اها ڳالهه چڱي طرح سمجهڻ گهرجي ته اسان مان هرهڪ مختلف آهي ۽ زندگيءَ جي بدلجندڙ حالتن سان مقابلو ڪرڻ جو طور طريقو پڻ مختلف آهي. اسانکي ٻين جي نقطه نظر ۽ رويي کي سمجهڻ گهرجي ۽ پاڻ کي ان مطابق بدلائڻ گهرجي.

49 - روز هڪ چڱو خيال

توهان اهو ڪجهه ڪريو ٿا جيڪو ڪجهه توهان سوچو ٿا. ذهن مستقل طور تي سوچ جي سلسلي ۾ رڌل رهي ٿو. ممڪن ئي ناهي ته بنا سوچ جي زنده رهي سگهجي. توهان جي سموري دنيا توهان جي خيالن جي مطابق جڙيل آهي. توهان جي سوچ جو نتيجو ڪڏهن ته جلدي نڪري اچي ٿو ته ڪڏهن وري هڪ ڊگهي عرصي جي انتظار کان پوءِ. درحقيقت خيالن جي پورائي لاءِ جڏهن مستقل طور تي توجهه ۽ محنت ڪجي ٿي تڏهن ئي ڪجهه حاصل ٿئي ٿو.
خيال ئي انسان جي عمل جو بنياد آهن. خيال چڱا عمل ڀلا، خيال مندا عمل برا. پنهنجا خيال ۽ عمل چڱا هئڻ گهرجن ته جيئن دنيا به چڱي پاڪ صاف بڻجي.
سٺا خيال ڪهڙا آهن؟ سڀ خيال سٺا ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟ پاڪ خيال ڪام ڪروڌ لوڀ موهه اهنڪار کان پري هجن ٿا ۽ عمل ۾ آڻڻ سان ان جو لاڀ نه صرف خيال جي خالق پر ٻين کي به رسي ٿو.
مثبت ۽ معياري سوچ اهڙي قوت آهي، جيڪا انسان کي مٿانهون بڻائي ٿي. پرافسوس جي ڳالهه آهي ته پاڪ صاف خيال اڻلڀ ٿيندا وڃن ٿا. ماحول جي آلودگي ۽ هر ميدان ۾ گدلاڻ اسان جي سوچ جي سلسلي کي ملاوٽي بڻائي ڇڏيو آهي.
اجائي هڙادڙ مصروف ۽ ٿڪائيندڙ روزمره جي زندگي سبب ذهن ۾ مفادي منفي ۽ قهري خيال بالا جي تيز رفتاريءَ سان اتپن ٿين ٿا. ان حد تائين جو انهن ۾ تفريق ڪرڻ مشڪل ٿيو پوي. پر جيڪڏهن هر ڪنهن کي صرف هڪ چڱو خيال روز اچي ته جيوت ڪيتري نه حسين ۽ وڻندڙ ٿي پوي. فرسودهه ملاوٽي هي جڳ جيڪر پيار محبت، عزت، احترام، احساس، همدردي ۽ ڀائيچاري وارو مثالي جهان بڻجي پوي.

50 - اکراندر جو اولڙو

جڏهن لفظ ڳالهائجن ٿا ته ان جو ردعمل ظاهر ٿئي ٿو. چڱو يا مندو. ماڻهو جذبات سان ڀريا پيا آهن. دل ڀڙڪي اٿين ٿي ۽ رد عمل ٿئي ٿو. لفظ اسان جي رويي جو رنگ آهن. لفظن سان ُپر روزمره جي زندگي ڪيتري نه ڀلي لڳي ٿي جڏهن اسان جا لفظ ماٺيڻا بغض ڪيني ۽ اڳرائيءَ کان آجا هجن ٿا. لفظ جيڪي روح ريجهائن، همٿ وڌائن ۽ پاڪائيءَ جو مظهر هجن.
ڌيان ۾ رکڻ جوڳي ڳالهه اها آهي ته اسان جيڪي ڪجهه ڳالهايون ٿا، سو اسان جي ذهنيت جي نشاندهي ڪري ٿو. جهڙا ويچار تهڙا گفتار. ذهني ماٺائپ اسان جي ڳالهه ٻولهه کي ماٺيڻو بڻائي ٿي. پاڪ ذهن پاڪ ٻول. چيو ويندو آهي ته اها ئي زبان تخت تي ويهاري اها ئي زبان ڦاهي چاڙهي. اسان کي تلخ ۽ بي لغام نه ڳالهائڻ گهرجي.
اسان جا لفظ اسان جي اندر جي سچائي، صفائي، سڪون ۽ تسڪين جو اظهار هئڻ گهرجن. زبان مان نڪتل لفظ وري نٿا مڙن. هوا ۾ ملي سڄي جهان ۾ ڦهلجي وڃن ٿا. پوءِ توهان جو مٿن ڪو وس نه ٿو هلي.
جڏهن به ڳالهايو ته ڏسو ته توهان جولب ولهجو ڪهڙو آهي؟ توهان جي ڳالهين جو توهان جي اردگرد ٻڌڻ وارن تي ڪهڙو اثر پوندو. اهي زهر ڀريا نشتر نما چڀندڙ ڏکوئيندڙ ۽ اذيت رسائيندڙِ آهن يا ڪوئل جي سريلي ٻولن جيان ڪنن کي وڻندڙ مٺڙا دل لڀائيندڙ مدهوش ڪندڙ گيت آهن؟ اکر اندر جو اولڙو آهن.

51- ڳالهيون گهڻيون ٿيون

اسان مان گهڻائي ماڻهو ڏينهن جو ڪافي حصو فضول ڳالهائڻ ۾ زيان ڪري ڇڏين ٿا. جيڪڏهن اسان ڪم جي سلسلي ۾ ڳالهائڻ کي پاسيرو ڪريون ته به اسان ڪافي وقت ڳالهه ٻولهه ۾گذاريون ٿا.
صحيح معني ۾گهڻو سيڪڙو اسان جا لفظ ضروري هوندا آهن؟ يا کڻي چئجي ته اسان جو ڳالهائڻ ڪيترو ضروري هجي ٿو ۽ ڪيترو فضول ؟
اسان اڪثراجائي يٽ شٽ کي پنهنجي گفتگوءَ جو اهم ۽ بنيادي نڪتو مڃون ٿا. اجايو سجايو ڳالهائڻ يا گلا غيبت ڪرڻ تمام هاڃيڪار آهي. ان جو اثر ٻين جي رويي ۽ روش تي پوي ٿو.

ان ڳالهه ۾ بنهه ڪو وڌاءُ ناهي ته اجائي يٽ شٽ ۾ گهڻيون ئي اوٽ پٽانگ ۽ غلط سلط ڳالهيون ٿين ٿيون جيڪي اجايو بدمزگي، دلين ۾ بغض وير ۽ ويڇا پيدا ڪن ٿيون.

ٻئي جي نندا ڪرڻ يا ٻڌڻ وقت اهو هرگز نه وسارڻ گهرجي ته جلد ئي توهان جي به نندا ٿيندي. ٻين جي نندا ڪرڻ ڪبوترن کي داڻو ڏيڻ جيان آهي جيڪي جلدي توهان جي گهرموٽي ايندا. ٻين جي ڳالهين سان ها ۾ ها ملائڻ سان ڪو لاڀ نٿو ملي.س

اها ڳالهه ڪدا چت نه وسارڻ گهرجي ته اڄ جيڪڏهن توهان پنهنجو سمورو وقت ۽ توانائي اجايو ڳالهين ۾ وڃايو ٿا ته پوءِ توهان ۾ چڱي ۽ مثبت ڳالهه جي سگهه ئي نه ٿي رهي.

52 - عمل ۽ رد عمل ڳالهائين ٿا

ان تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي ته انسان جا عمل ڪيترا نه اهم آهن ۽ زندگي تي ڪيترو ته اثر انداز ٿين ٿا.
بنا عمل انسان مردي مثل آهي. زندگي معني عمل - عمل سوچ جو نتيجو آهي ۽ سوچ جو اظهار عمل جي ذريعي ٿئي ٿو. عمل ذريعي دنيا اسان کي سڃاڻي ٿي.
اسان جي عمل کي ڏسي ئي اسان جي باري راءِ قائم ڪئي وڃي ٿي ته آيا اسان ذميوار آهيون يا غير جوابدار، بردبار يا ڇڇورا، رحمدل يا ڪٺور، سخي يا شوم .
اسان جي عمل کي ڏسندي ئي ٻين جو ردعمل سامهون اچي ٿو. جيڪڏهن اسان جو عمل ڪروڌ ۽ ڪاوڙ وارو آهي ته ٻين جو ردعمل به ان طرح جو ٿيندو ۽ جيڪڏهن اسان جو عمل سانتيڪو آهي ته ردعمل به اهڙو ئي ٿيندو.
اسان پنهنجي اعمالن ذريعي پنهنجي مستقبل لاءِ ٻج ڇٽيون ٿا. چوڻي آهي ته جي ڪنڊا پوکبا ته گلاب ڪو نه ڦٽدا. اسان کي جيڪي ڪجهه ملي ٿو پنهنجي ڪيئي جو ئي ڦل ملي ٿو.
اها هڪ حقيقت آهي ته اسان کي پنهنجي ڪرڻي جو ڦل ملندو ضرور جلد يا دير چڱو يا مندو - هوندا جهڙا ڪرتوت. تنهن ڪري پنهنجي عمل تي ڌيان ڏجي ته جيئن حاصل بهتر ٿئي.
عمل چڱا هئڻ گهرجن ۽ برائيءَ کان پري رهڻ گهرجي. اسان جا عمل مثبت ۽ تعميري هئڻ گهرجن نه منفي ۽ تخريبي. ڀل پوءِ نتيجو ترت نڪري يا سالن کان پوءِ . اسان کي صبر شڪر سان رهڻ گهرجي ته مستقبل ۾ دائمي خوشي ۽ سڪون حاصل ٿيندو.

53 - ڪٿي ڪانءَ ڪٿي هنج

ڪٿي ڪانءَ ڪٿي هنجهه . ڪانءُ کي ڏسو. رڳو گند ڪچرو ڏسي ٿو. ڪان هميشه اڙ ۽ ڍونڍ تي نظر اچي ٿو. جت به گند ڪچرو هوندو ڪانو، ڪائين ڪائين ڪندو ملندو.
بئي طرف وري هنجهه کي ڏسو. رڳو چڱائي ۽ هيرا موتي تڪي ٿو. جيڪڏهن سامهون روڙي ۽ سپون هونديون ته هو رڳو سپون چونڊيندو. کير ۽ پاڻي مان کير پسند ڪندو.
ٻن پکين ۾ ڪيترو نه فرق آهي، هڪڙو گند ڪچري تي جيئرو رهي ٿو ٻيو چڱائي ۽ صفائي پسند ڪري ٿو.
اڄوڪي دنيا ۾ ڪانو ۽ هنجهه جهڙي خصلتن جيان ماڻهو به ٻن قسمن جا ملن ثا. گهڻا ڪانو جهڙي خصلتن - ڪوڙ ڳالهائڻ، بد ڳالهائڻ، گلا غيبت وارا انسان، ته ڪي ٿورا وري هنجهه جهڙي خصلتن - سچ ڳالهائڻ، چڱو ڳالهائڻ، سٺي سوچ رکڻ ۽ سوچ ٻڌڻ وارا انسان.

چڱي مثبت سوچ سان روح کي آٿت رسي ٿو. مثبت سوچ سان زندگي جي هر معاملي کي موافقت سان ڏسجي ٿو. ان حد تائين جو ڍنگ به وڻي ٿو.
ڪيتري نه شان سان هنجهه هلي ٿو. برائي ڏي نهاري به نه ٿو. صرف چڱائي ڏسي ٿو ۽ شان شوڪت جي مورت لڳي ٿو.

اسان آڏو ڪانو، ڪراهت پيدا ڪندڙ پکي آهي. اسان مان ڍونڍ کائڻ ڪوئي پسند نه ڪندو پر ڇا اسان پنهنجي ذات مان اهڙين اڻ وڻندڙ براين بڇڙاين کي ڪڍڻ لاءِ ڪڏهن ڪوشش ڪريون ٿا؟

54 - ٻارن جي سنڀال

باغباني منهنجي لاءِ سٺي وندر آهي. ڪالهه جڏهن مان ٻوٽن جي وتاڳهه ڪري رهيو هوس تڏهن مون ڏٺو ته جن ٻوٽن کي صحيح طرح سان پاڻي اس نه ملي هئي سي گهٽ اُسريل هئا ۽ گل به گهٽ لڳل هئا.
اسان پنهنجي ٻارن کي برائي ۽ خراب عادتن کان بچائيندا آهيون. اسان انهن کي خراب شين کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اسان انهن تي نگاهه رکندا آهيون. پر ڇا واقعي اسان انهن کي بري عادتن ۽ صحبت کان بچائڻ ۾ڪامياب ٿيون ٿا؟ هن جهان ۾ منفي لاڙا وڌي رهيا آهن. ان ڪري اسان کي مثبت ۽ موّثر طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي.
جيئن ته اسان ٻوٽن جي بهتر پرورش لاءِ ڀاڻ استعمال ڪندا آهيون جيڪو ڀل کڻي جي بد بودار ڇو نه هجي پر ٻوٽا ان مان صرف ضروري ۽ ڪارائتا جز ئي پنهنجي ڪم آڻيندا آهن. تيئن ئي هن ملاوٽي جڳ ۾ پنهنجي واڌ ۽ جياپي لاءِ اسان کي چڱين مٿانهون بڻائڻ وارين خوبين ۽ برين هيٺ ڪرائڻ وارين عادتن ۾امتيازڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. تفريق ۽ فيصلي جي قوت پيدا ڪرڻ گهرجي - جيڪا جيڪڏهن اسان استعمال نه ڪندا سي ته وڃائجي ويندا سي.
جيترواسان جي زندگي ۾ چڱين خصلتن جو واهپو وڌيڪ ٿيندو اوترِو ئي انهن ۾ واڌارو ٿيندو رهندو. جن کي ڏسي اسان جي ٻارن ۾ چڱا سنسڪار پيدا ٿيندا ۽ اهڙي ريت سندن بهتر سنڀال ٿي سگهي ٿي.

55 - ويچار چــڱا اعمال ڀلا

ڪنهن واضح ۽ صاف سوچ واري انسان جي ڳالهين ٻڌڻ سان دماغ کي ڄڻ تراوت ملي ٿي. ڪي شخص خيالن جي شهم آهنگي، لفظن جي ادائيگي، ٻوليءَ جي سادگي، بحث جي سگهه ۽ صلاحيت ڪارڻ ٻين لاءِ باعث مسرت هجن ٿا. اهڙو تجربو اثرائتو ۽ تازگي بخشيندڙ ٿئي ٿو. اسان جي به دل چوندي آهي ته ڪاش! اسان ۾ به ساڳيون خوبيون پيدا ٿي پون؟
ڇا اها خدا ئي بخشش آهي؟ جي نه ته پوءِ ڇا ان خـُـو کي حاصل ڪرڻ يا وڌائڻ مشڪل آهي؟
اچو ته ان تي غور ڪريون . ٻڌي انسان جي ٻين عضون جيان ڪو چاڻو يا ڍير ناهي پر جيوت آهي. جنهن ۾ واڌ، حد کان وڌيڪ وڌاءُ، ملاوٽ، سسڻ ۽ سڪڙجڻ جون خصوصيتون آهن.
جيئن اسان پنهنجي جسم، پنهنجي وارن، پنهنجي ڏندن ۽ ٻين عضون جو خيال ڪريون ٿا تيئن ئي اسان کي ٻڌي جي واڌ ويجهه لاءِ به ڌيان ڏيڻ گهرجي.
ڏاڍو دکدائڪ منظرآهي ته اسان مسلسل طور تي پنهنجي ذهن کي غيرضروري، فضول، بيهودهه خيالن سان ڀريون ٿا جيڪي اسان جي ذهن کي منجهيل،سست رفتار ۽ مفلوج بڻائن ٿا. ذهن صاف رکڻ لاءِ صاف شفاف ۽ صحتمند خيال روپي خوراڪ هئڻ ضروري آهي. ويچار چڱا ته اعمال ڀلا.

56 - ڏس رنگيءَ جا رنگ

ڪنهن هڪ شيءِ لاءِ انيڪ نظريا گهڙيا وڃن ٿا. ائين ڀاسندو آهي ته هر هڪ شيءِ ”انيڪ واد جي قاعدي“ هيٺ هلي رهي آهي. ڪنهن به ٻن انسانن ۾ مڪمل هڪجهڙائي ڪونهي بلڪه هڪ ئي وڻ جي پنن ۾ پڻ فرق رکيو ويو آهي! بلڪل هڪجهڙا مهانڊا يا عمل ڪنهن انسان ۾ ڪونهن.
وڻ جون ڪيئي شاخون ۽ پن ٿين ٿا پر ٻج ٿڙ ٽاري هڪ هوندا آهن. اڪثر هن دنيا جي ڀيٽ وڻ سان ڪئي ويندي آهي - جنهن اندر خالق جي حيثيت وڻ جي ٻج جيان چئي ويندي آهي. جيڪڏهن اسان اهڙن ويچارن کي پنهنجي روزمرهه جي زندگي ۾ جڳهه ڏيون ته ڪيڏو ته لاڀدائڪ فرق پئجي ويندو. ڪڏهن ان ڳالهه تي ويچاريو اٿو ته اگر سموري مخلوق جون عادتون شخصيت ۽ سڀاءُ هڪجهڙا ٿي وڃن ته پوءِ هن سنسار جي ڪهڙي حالت ٿي ويندي.
اهو ممڪن ئي ناهي! تقريبن هر قابل ۽ نامياري مفڪر دنيا کي هڪ لامحدود منڊل منچ سان تشبيهه ڏيندي اسان مان هرهڪ کي جدا جدا ڪردار نڀائڻ وارو اداڪار ڄاڻايو آهي. ٿورو سوچيو! ڪڏهن اهڙو ڊرامو يا فلم ڏسڻ جو موقعو مليو آٿو، جنهن ۾ هرڪردار ساڳيو پارٽ يا رول هڪ ئي اداڪار ادا ڪيو هجي؟ قطعي نه. اها ڳالهه وسهڻ جي قابل ئي ڪونهي.
وسيع پس منظر ۾ ان حقيقت جو لاڳاپو دنيا سان به ڪري سگهجي ٿو. سڀ کان اڳ ڇڏيو ته مان پنهنجي ڪردار جو مزو ماڻيان پوءِ ٻين انسانن جي ڪردارن جو سواد وٺان ۽ ان بعد انيڪ واد جي سونهن جون سرڪيون ڀريان!

57 - اڪ نه ڪڏهن انب

ٽپڻ کان اڳ تڪيو. هر عمل جو ردعمل ٿئي ٿو. جيڪي ڪجهه اسان ڪريون ٿا يا ڳالهايون ٿا اسان جي پنهنجي لاءِ ئي آهي، ڪنهن به ڪم ڪرڻ کان اڳ سوچو ڇو ته جيڪي ڪجهه توهان ڪندا سوئي توهان کي واپس ملندو، جهڙي پوک تهڙو فصل،انب ته انب اڪ ته اڪ . انب ڪڏهن اڪ نه ٿيندو اڪ ڪڏهن انب نه ٿيندو. پر ڪڏهن ڪڏهن بنا يا گهٽ پورهئي جي اضافي به ملندو آهي.
اسان وٽ غلط ۽ صحيح جي پرک جو ڪهڙو پيمانو آهي؟ ڇا ڪو مخصوص ۽ سڦل معيار آهي؟ يا اسان ضرورتن آهر معيار مٽائيندا رهون ٿا؟ اڪثراسان جي سوچ تي ڪام ڪروڌ لوڀ موهه ۽ اهنڪارجوڌند ڇائنجي وڃي ٿو. اسان ٻئي کي صحيح معيار تي صحيح طرح سان پرکي نه ٿا سگهون.
ڪڏهن ته وري اسان کي ڄاڻ به هوندي آهي ته اسان جيڪي ڪجهه ڪريون ٿا سو صحيح نه آهي پر اسان کي ايتري جرئت نه هوندي آهي جو اسان پنهنجي ان ڪمي يا ڪوتاهي جو اعتراف ڪري سگهون ته اسان ۾ صحيح طرح سان صحيح معيار تي پرک جي صلاحيت ڪونه آهي. اسان جي پرک ۾ڪينو ڪدورت حسد حرص غرض نه سهپ ” مان ۽ منهنجو“ شامل هجي ٿو. پر تنهن هوندي به اسان بار بارساڳئي غلطي دهرائيندا رهون ٿا.
ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪا اهڙي قوت هجي جيڪا اسان ۾ نه صرف صحيح ڏسڻ جي صلاحيت پيدا ڪري پر ان تي عمل ڪرڻ جي سگهه به ڏئي. اها قوت ڪهڙي آهي؟ بلاشڪ اها قوت خالق ڪل ڪائنات جي آهي.

58 - پنهنجو مٽ پاڻ

جڏهن توهان پاڻ کي ٻين سان ڀيٽيو ٿا ته توهان ۾ يا ته حسد ڀرجي وڃي ٿو يا انا وچ ۾ اچي ٿي. جڏهن توهان ڪنهن کي پاڻ کان مٿانهون ڏسو ٿا ته توهان جي اندر ايتري ته خفتگي پيدا ٿئي ٿي جو توهان هر وقت ڪنهن موقعي جي تاڙ ۾ رهو ٿا ته هو ڪا غلطي ڪري ته جيئن توهان ان جون ڪمزوريون ٻين کي ٻڌائڻ شروع ڪريو يا ته وري توهان پاڻ کي ايترو ڪمتر سمجهڻ لڳو ٿا جو توهان پاڻ کي جهڪيل محسوس ڪريو ٿا. جڏهن توهان پنهنجي ٻين سان ڀيٽ ڪريو ٿا ۽ پاڻ کي ٻين کان بهتر سمجهو ٿا توهان ۾مان پيدا ٿئي ٿي. جيڪا ساري منفي ويچارن جي فوج ڪٺي ڪري ٿي.
تصور ۾ ويچاريو ته آتمائن جو سنسار وڻ جيان آهي، جنهن ۾ هرڪنهن کي پنهنجو ڪردار جي ادائيگي ٻيو ڪوئي ڪري سگهي ٿو ان جي برعڪس جيون جي رچنا ۾ ٻيو ڪوئي ناهي، جنهن کي منهنجو ڪردار نڀائڻ جي ڄاڻ ۽ صلاحيت هجي. منهنجو ڪردار بلڪل ئي خاص ۽ منفرد آهي. ان ريت توهان چٽيءَ طرح سان سمجهي سگهو ٿا ته وسيع پئماني تي هن دنيا ۾ ڪيترا نه مختلف ماڻهو آهن، جن کي پنهنجو پنهنجو خاص ۽ منفرد ڪردار مليل آهي.

59- ڪينو ۽ ڪدورت

اڄوڪي دوِّر ۾ اجتماعي جياپي وارو جذبو خاصي مقبوليت حاصل ڪري رهيو آهي. پر گهڻائي ماڻهو يڪجهتي ايڪتا ۽ هڪ جهڙائيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ جي باوجود جڏهن هڪ ٿيڻ يا ايڪتا جي ضرورت پوي ٿي ته پوئتي پئجي وڃن ٿا. تعجب جي ڳالهه آهي جو ڪيترائي ماڻهو هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ به نٿا چاهين. لڳي ٿو ته جيوت جو بنياد ئي نفرت ۽ بغض آهي.
نفرت جوڪارڻ اندر ۾ ڀريل ڪينو ڪدورت. رنگ، نسل، مذهب، سماجي مقام جو فرق وغيره هجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته هن مرد جي غلبي واري معاشري ۾عورت سان عورت هئڻ ڪري ڪمزور ۽ ڪمتر سمجهي نفرت ۽ زورآوري جو ورتاءُ ڪيو ٿو وڃي.
بعض اوقات ته معاشري ۾ هڪجهڙائي ۽ ساڳئي سوچ هجڻ جي باوجود به ٻئي کان نفرت ڪئي وڃي ٿي. ڪارڻ ڪيئي ٿي سگهن ٿا. ڪنهن جا ننهن وڏا ته ڪنهن جا وار ننڍا ڪنهن جا ڪن ڪيٽا ته ڪنهن جون اکيون ڪوجهيون يا وري ٻيو ڪوئي اهڙو خوامخواهه جوخود ساخته سبب هجي ٿو. گهرن ۾ به ايڪتا ڪونه آهي. سارو ڏينهن مايوسي ۾ گذري وڃي ٿو. مختلف ويچارن ڪري هڪ ٻئي سان گڏ ويهي نه ٿا سگهن. هڪ ڇت هيٺ رهندي به زمين آسمان جيڏا ويڇا لڳن ٿا.
جيڪڏهن ڪوئي مالڪ سان چاهت رکي ٿو ته هو آسانيءَ سان هن جي مخلوق سان به پيار ڪري ٿو، انسان ذات سان پيار ۽ همدرديءَ وارو رويو خدا لڳ انسان جي خوبي آهي.
اسان کي برداشت واري حد کان مٿي ٽپي فرق ۽ تفاوت کي قبول ڪرڻ ۽ رهڻ گهرجي، فرق ۽ تفاوت اسان کي هڪ ٻئي سان پيار محبت ۽ عزت احترام ڪرڻ کان نه ٿو روڪي.

60 - خوشيءَ جهڙي نه خوراڪ

نوڪري جي سلسلي ۾ مون کي روزانو ڪافي مختلف ماڻهن سان واسطو پئي ٿو. ويجهڙائي ۾ هڪ شخص مون وٽ آيو ۽ پڇيائين ته ”توهان هميشه مرڪندا رهندا آهيو، ڪا به مصيبت مشڪل مسئلو توهان کي پريشان نه ٿو ڪري، ان جي پٺيان ڪهڙو راز آهي؟ ڪنهنجو هر وقت ايترو مرڪندو ۽ پراطمينان رهڻ ورلي نظراچي ٿو. توهان ته چمتڪاري ماڻهو لڳو ٿا.“
مون هن کي سمجهائڻ جو ڪوشش ڪئي ته اها رڳو ماڻهو جي سوچ ۽ رويوآهي. ڪوئي به شخص جيڪو پنهنجي ذهني ڪيفيت متوازن رکي سگهي ٿو ڪهڙي به صورت حال درپيش هجيس هو پاڻ کي مرڪندو۽ پرسڪون رکي سگهي ٿو. رڳو پنهنجي ذهني ڪيفيت متوازن رکو، ان کي منفي سوچ جي اثر کان پري رکو ۽ مالڪ ۾ ڀروسو رکو. منهن جي ڳالهه کان هو مطمئن نه ٿيو ۽ چڙي چيو،” چريا چرٻٽ.“
دراصل اسانجي ذهني ڪيفيت اهڙي اچي ٿي آهي جو کن پل لاءِ به خوش نه ٿا رهي سگهون، ڇو جو هر وقت ڪجهه نه ڪجهه اهڙو ٿيو پوي ٿو جو اسان کي پريشان ۽ مايوس ڪريو ڇڏي - خوشي کسيو ڇڏي.
ڪن ماڻهن جي سوچ مطابق ته ڏکن جو ڏسڻ ضروري آهي ته جيئن خوشي جو پورو مزو وٺي سگهجي. اهو چوڻ ڪنهن حد تائين صحيح آهي پر ڇا اسان اڃان ڪافي ڪجهه ســٺو نه آهي؟
جڏهن من ۾سڪون ۽ اندر ۾آنند هجي ٿو تڏهن مشڪل ڪم به آسان بڻجي پوي ٿو، پر رنج ۽ افسردگي جي حالت ۾ کڏ کوهي جيان لڳندي آهي. ايشور ۾ وشواس رکو. اندر ۾ اطمينان رکو. کلندا رهو. خوش رهو. ” خوشي جهڙي نه خوراڪ ڪا.“

61 - صبر جن جو سير

ڪجهه ڏينهن اڳ مون تي ڪنهن اهڙي ڪم جي تهمت هنئي وئي جيڪو مون ڪونه ڪيو هو. هن مون کي ڏاڍو گهٽ وڌ ۽ برو ڳالهايو. جيڪڏهن هو سيڪريٽري نه هجي ها ته مان کيس ٺونشا هڻانس ها. هن ايڏو ته ڪروڌ ڪيو جو مان به تپي ويس ٿوري دير لاءِ ته مان به پسرڻ لڳس پرمون کي اوچتو هڪ خيال آيو ۽ مان ماٺ ٿي ويس.
مان آتما آهيان،ڪاوڙ منهنجي فطرت ناهي. آتما جي اصليت ۽ سچائي ماٺ ۽ شانتي آهي. ڇا ائين ناهي ته نه رڳو مان ان پرم آتما جو انس آهيان، پرجيڪو مون کي برو ڀلو چئي رهيو آهي سو به ان ئي پرم آتما جو انس آهي ۽ هو منهنجو ڀاءُ آهي؟ ٿي سگهي ٿو ته هن کي منهنجي پاران ڪا غلط فهمي ڪا تڪليف پهتي هجي يا ٻيو ڪو مسئلو هجيس. ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته مان هن جي لاءِ چڱائي ۽ ڀلائي وارا ويچار رکان بجاءِ ان جي جو مان ٻرندڙ باهه مٿان تيل ڇڙڪيان؟
ان طرح منهنجي ان مثبت سوچ ۽ رويي جلد ئي ماحول کي مٽائڻ ۾ڪارائتو ڪم ڪيو ۽ جڏهن ڪجهه وقت کان پوءِ مان سيڪريٽري کي ٻڌايو ته هو هروڀرو ٻئي جي بجاءِ مون تي ڪاوڙ ڪري رهيو هو کيس منهن لڪائڻ ڏکيو ٿي پيو. کيس پنهنجي غلطي جو احساس ٿيس ۽ پنهنجي برتاءُ جي معذرت ڪيائين. هن جي ان روش جي ڪري مونکي پنهنجو ماٺ ۽ صبر وارو رويو ڏاڍو چڱو لڳو.
ممڪن هو جو هن جي ان عمل جي ردعمل ۾ جي مان به ڪجهه چئي ڏيان ها ته هو وڌيڪ چڙي مڇرجي پوي ها ۽ حالت اڃان وڌيڪ بدتر ٿي وڃي ها.

صبرجن جو سير تير نه گسي تن جو.

62 - اختيار - عيب ثواب

اڪثرڏٺو ويو آهي ته اختيار شايد ماڻهن کي پنهنجي عام روش يا رويي کي برقرار رکڻ ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي ٿو.
هڪ شخص مون سان گڏ هڪ جهڙي عهدي تي ڪم ڪندوهو. اچانڪ هن جي ترقي ٿي ۽ هن کي ڪرسي جو نشو چڙهي ويو. روش ئي بدلجي وئي. محظ نئين عهدي تي پنهنجي تقررکي جائز سمجهڻ ان تي فائز رهڻ ۽ ذاتي مفاد خاطر پنهنجي زيردستن جي حقن جي لحاظ بنا انهن سان سندس رويو نا زيبا ٿي ويو.
جيڪڏهن توهان ڪنهن سان صحيح طرح نه ڳالهائيندا ته ظاهر آهي ته ان جو ردعمل به اطمينان بخش نه هوندو. هو به پنهنجي دفاع ۾ چڙهت يا اڳرائي ڪري سگهي ٿو. ٻنهي حالتن ۾ لک پڙهه يا خبر پهچائڻ يا ٻڌائڻ واري توهان جي ڪوشش ۾ رخنو پوندو، هر ڪنهن کي هڪ لٺ سان نٿو هڪلي سگهجي. ڪن کي ساراهڻ ۽ همٿائڻ جي ضرورت پئي ٿي، ڪن کي ان باري ۾ تسلي هئڻ ضروري آهي ته توهان جو مٿن اعتماد آهي.
جيڪڏهن توهان وٽ اختيار آهي ته اهو به لازمي آهي ته توهان کي ٻئي جي نبض جي پرک هجي اظهار جو طريقو هجي. ننڍڙو فون جو ئي مثال وٺو جيستائين توهان صحيح نمبر نه ملائيندا توهان جي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، پوءِ ڀل اها ڪهڙي به هجي، اهو اسان کي سمجهڻ گهرجي ته هر شخص جا پنهنجا جذبات، معيار ۽ اعتماد آهن. تنهن جي ڪري موافق تعلقات برقرار رکڻ واسطي اسان کي ٻين جي سوچ جو لحاظ ۽ احترام ڪرڻ گهرجي.

63 - اڳ اڳرائي جو ڪري

توهان جو اڄ جو ڏينهن ڪيئن گذريو؟ کڙو تڙو توانو يا پنڪين ۾مريل سڙيل. روزانو ڪافي حد تائين توانائي صرف ٿئي ٿي. گهڻو ڪري ٻين جي ڏيکاءَُ خاطر اسان جي توانائي ضايع ٿي وڃي ٿي.
ڪنهن بابو صاحب جو مثال وٺو جنهن وٽ اختيار ته آهي پر پاڻ تي اعتماد نه اٿس. هن ۾ ڪا کوٽ يا ڪمزوري آهي، جنهن سبب پنهنجي چوڌاري هر ڪنهن کي ٻڌائي ٿو ته هو انچارج آهي. هو رڙي رنڀي ٿو برو ڀلو چوي ٿو، رعب وجهي ٿو حڪم هلائي ٿو. ٻين لفظن ۾ هو دهمان ڪري ٿو، جيڪڏهن توهان اهڙي شخص کان ان جي چڙهت واري رويي جي باري ۾ پڇندا ته هو توهان کي ٻڌائيندو ته هن چرٻٽ جهان ۾ زنده رهڻ جو اهو ئي واحد طريقو آهي، جيستائين توهان رڙيون نه ٿا ڪريو توهان جي ڪو ئي نه ٿو ٻڌي.
ڇا اها ڳالهه سچ آهي؟ توهان ڏسندا ته اهڙي ماڻهوءَ جي ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي ۽ ان تي عمل به ٿئي ٿو، پر ڪهڙي طرح؟ جيڪڏهن توهان ڪنهن جي ٻانهن مروٽيندا ته هو ائين ڪندو، جيئن توهان چوندا پر ڇا اهو بهتر نه آهي ته عزت ۽ احترام سبب توهان جي ڳالهه ٻڌي ۽ ان تي عمل ڪري؟ اڪثر اسان چاهيندا آهيون ته ترت اسان جو ڪم ڪن. ان ڪري اسان کهرو،سخت ۽ چڙهت وارو رويو ڪريون ٿا ته جيئن ڪم ٿئي. پر ڪڏهن اسان اهو سوچيو آهي ته اسان جي ان کهري رويي جو ڪهڙو اثر ٿيندو؟ جيڪڏهن اسان ڪنهن ڏنگي ۽ ڳجهڙي دڳ سان دولت ۽ شهرت حاصل ڪريون ٿا ته ساڳئي طرح برباد به ٿي سگهون ٿا.
چڙهت ۽ اڳرائي ڪڏهن به هم آهنگي پيدا نه ڪندي محض نفرت کي جنم ڏيندي.

64 - ماڻهپي جا ماڻ ماپا

ٻين تي ضابطو وقتي آهي پاڻ تي ضابطو درحقيقت اصل عظمت آهي.
اسان زندگي ۾ ڪاميابي لاءِ ڏاڍي محنت ٿا ڪريون ۽ ڪاميابي جو ثبوت ان ڳالهه کي مڃون ٿا ته اسان ڪيترو مٿانهون آهيون، گهر ۾ يا ڪم جي جاءِ تي ٻين ماڻهن تي اسان جو ڪيترو اختيار آهي ننڍي هوندي کان اسان کي سکيا ڏني وڃي ٿي. سڀ کان اڳتي وڌڻ جي ۽ اول اچڻ جي. اسان کي هيٺاهين، نوڙت، نمرتا جي ڪيتري سکيا ڏني وڃي ٿي؟ ڪاميابي ترقي جي لاءِ ”اتساهه“ ضروري آهي، پر جيستائين ان ۾ نمرتا شامل نه هوندي ته اهو محض ٻاهرئين ڏيکاءُ، وڏين وڏين ڳالهين کان سواءِ ڪجهه نه هوندو ۽ اندر کوکلو هوندو.

65 - ترقي - قدر ۽ قسمت

چيو ويندو آهي ته انسان جي سچي دولت ان جي ٻين سان ڪيل چڱائي آهي.
اڄ جي مهذب دنيا ۾ هي خيال ڌاريو آهي. اڪثر اسان جي توانائي گهٽ جٽادار مادي آسائش کي حاصل ڪرڻ ۾ صرف ٿئي ٿي ۽ اسان مال دولت، ڪار، بنگلن کي ئي خوشي سمجهون ٿا. اخلاقي چڱائي ۽ روحاني رسائي کي نه خوشي جا پئمانا مال ملڪيت مڃون ٿا. جنهن ڪري اسان جو توازن بگڙي وڃي ٿو. ساڳئي قدرت ۾ نظر اچي ٿي، جيڪڏهن توازن بگڙجي وڃي ٿو ته عجيب ڳالهيون ٿين ٿيون. اسان کي پنهنجي جياپي لاءِ خاص متوازن غذا جي ضرورت آهي نه ته ڪنهن نه ڪنهن قسم جي کوٽ رهجي ويندي.
ان ۾ ڪا تعجب جهڙي ڳالهه ناهي ته جيڪڏهن ڪوئي پنهنجي آدرش دولت ۽ مال ملڪيت گڏ ڪرڻ کي ئي بنائي ٿو ته پنهنجي هم ذات ڏانهن ان جو رويو ڪافي بدلجي وڃي ٿو.
اسان کي قدم به قدم اڳتي وڌڻ گهرجي، ترقي ڪرڻ گهرجي. پر احتياط لازمي آهي. ترقي بلڪل ضروري آهي، پر اهو به ڏسڻو آهي ته ترقي ڪهڙي قيمت تي حاصل ڪجي.

مون کي يقين آهي ته توهان کي ڪڇون ۽ سيهڙ واري ڳالهه ياد هوندي.

66 - اڄاڻپ جي اوندهه

هڪ بزرگ شخص جيڪو منهنجي ويجهو رهندو آهي، ٿورا ڏينهن اڳ ڪائنات جي موضوع تي ساڻس ڳالهائي رهيو هوس. اسان وسندڙ مختلف مخلوقات جي باري ۾ ڳالهائي رهيا هئاسين. هن چيو ته هن جي خيال ۾ ماڻهن کي ڪوريئڙو ان ڪري نه وڻندڙ آهي جو اهو ڪافي مختلف آهي، ان کي اٺ ٽنگون آهن ۽ وات هيٺ مٿي جي بجاءِ هيڏي هوڏي هلندو اٿس. هن جو چوڻ هو ته اسان ڏٺل وائٺل شيءِ کان جيترو مختلف ڪاشيءِ ڏسون ٿا اوهان اوترو اسان ان جي برخلاف ٿيون ٿا.
سندس ڳالهه ۾ ڪافي وزن هو، سندس چوڻ مطابق پنهنجي چوِّڌاري نظر ڊوڙايو ۽ ڏسو ته ان تي ٺٺولي ڪندا آهيون، ان جي ڪڍ پئجي ويندا آهيون ڇو؟ ان ڪري جو اسان ان جي باري ۾ ڄاڻڻ جي ڪوشش ئي نه ڪندا آهيون. اڻ ڄاڻائي، ڊپ کي جنم ڏئي ٿي جنهن شيءِ کي اسان نٿا سمجهي سگهون، سا اسان کي ڀوِّ ۾ مبتلا ڪري ٿي ۽ اسان جي ترت ردعمل انهن کي ناس ڪرڻ کي اڀاري ٿو. اگر اها اسان کان ننڍي آهي، پر جيڪڏهن اها وڏي آهي ته اسان ان جي مخالفت ڪريون ٿا.
سوال اهو آهي ته اسان ڪيترو وقت پاڻ کي اڻڄاڻائي جي انڌيري ۾ رکنداسين؟ اونڌهه ۾ جلد ئي ڊپ لڳندو آهي.
جيڪڏهن اسان هڪٻئي جي ويجهو اچڻ چاهيون ٿا (اسان کي ويجهو اچڻ گهرجي، تيز رفتار آمدرفت، جي وسيلن ڪري دنيا ننڍڙي ڳوٺڙ: کان ٿوري وڏڙي ٿي پئي آهي) اسان کي ٻين سان وهنوار وارو پنهنجو نظريو بدلائڻ گهرجي. اسان جون اکيون رڳو رنگ روپ ڏسن ٿيون. پر اسان کي اندر جي اکين سان هر روح کي مالڪ ڪل جو جزو سمجهڻ گهرجي.

67 - تيلي کي ٿنڀو نه بڻايو

اڪثر چيو ويندو آهي ته انسان جي سڀ کان وڏي دولت ان جو ذهني سڪون آهي. توهان کي ڪيترو ذهني سڪون آهي؟ ڇا ننڍڙيون ڳالهيون توهان کي پريشان ڪن ٿيون؟ ايئن ته نه آهي جو توهان تيلي کي ٿنڀو بنائي پاڻ کي بيحد پريشان ڪريو ٿا. زندگيَ ۾مسلسل تبديليون پيون اچن ٿيون.ڪڏهن هيٺ ڪڏهن مٿي، ڪڏهن ڏک ڪڏهن سک، ڪڏهن چڱائي ڪڏهن مندائي، چيڪلي جيان ڪڏهن هيٺ ڪڏهن مٿي.
توازن جي اشد ضرورت آهي. قدرتي نظام پڻ بگڙيل آهي. ڌرتي پڻ صحيح طرح پنهنجي مدار ۾ نٿي گهمي، ان جو سبب اهو آهي ته اسان پنهنجي گهڻي قدر توانائي دنياوي شين ۾ وڃايون ٿا. انسان جي باري ۾ هڪ ڳالهه يقيني آهي ته هر وقت هن ۾ تبديلي پئي اچي ٿي. اڄ ڪجهه آهي ته سڀاڻي ڪجهه ٻيو هجي ٿو. انسان کي پنهنجي اندر توازن قائم رکڻ ضروري آهي. مالڪ ۾ يقين ۽ چاهه ئي رڳو توهانجي اندر جو توازن برقرار رکي سگهي ٿو.
جيڪڏهن توهان جي اندر توازن هجي ٿو ته توهان پاڻ کي قدرت جو جز مڃو ٿا ۽ توهان جي سوچ بلند وسيع ٿئي ٿي. توهان جي زندگي فطرت سان موافقت رکندي ڏيکاري ڏئي ٿي. اڄ به هيڏي ساري گونا گوني هوندي به متوازن زندگي ممڪن آهي.

68 - پرتو پرينءَ جو

ڇا توهان کي دکي ۽ غمگين ٿيڻ وڻندو آهي؟ ڇا توهان کي ٻين جي برائي ڪندي سٺو لڳندو آهي؟
اسان جون اکيون اسان جا ڪن، دراصل اسان جو سمورو ڌيان سارو ڏينهن پاڻ کان پري دنيا طرف ٻين ماڻهن ڏانهن لڳل آهي.
ڪيتري دير بعد توهان پنهنجي اندر ۾ تڪي ڏسندا آهيو ته توهان جي اندر ڇا ٿي رهيو آهي؟ اهو ڏٺو ويو آهي ته توهان اهو ڪجهه نٿا ڏئي سگهو جيڪي ڪجهه توهان وٽ نه آهي ۽ جيڪڏهن توهان وٽ آهي پر توهان ڏيو نه ٿا ته اهو توهان وٽ گهڻو وقت نه رهندو.
اسان جي اندر ۾ چاهت آهي، اسان ڪائنات جو پيار پاڻ لاءِ چاهيون ٿا توهان سارنگيءَ جي بي ُسري ڌن ٻڌي هوندي، توهان کي ڪڏهن به چڱي نه لڳندي، جيڪڏهن توهان چاهيو ته توهان جا تعلقات ٻين سان صحيح رهن ته ان جي لاءِ ضروري آهي ته توهان پهريان ئي پنهنجي اندر ڏسو، پنهنجي روح جي ڄاڻ حاصل ڪريو، پاڻ تي سوڀ حاصل ڪريو، مالڪ سان ناتو جوڙيو. جيڪڏهن توهان جو مالڪ سان صحيح رشتو قائم ٿيندو ته ٻين سان به تعلق صحيح رهندو.
ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ ان کي صحيح مانُ ڏيڻ نهايت ضروري آهي، خيالن جي جهيڙي ۾ باهمي تعلقات ان جو" بک" ٿين ٿا.
بهرحال هڪجهڙائي، يڪجهتي ۽ مالڪ جي تعلق جي باري ۾ ڳالهين کان بهتر آهي ته زندگيءَ ۾ انهن کي اپنايو وڃي ٿو، ان جو فائدو ڪنهن کي ملندو؟ توهان کي ئي ملندو.

69 - اندر جي اوجر

جيڪڏهن انسان پاڻ ڦيٽاري ۽ مونجهاري واري ڪيفيت ۾ هوندو ته ڪيئن هو امن ۽ ڀائيچاري واري دنيا بڻائي سگهندو؟ هو پنهنجي گهٽتائي ڪيئن برداشت ڪندو ۽ ٻين انسانن تائين رسائي ڪيئن حاصل ڪندو؟ ان جي لاءِ ڪنهن عقيدي جي پرچار جي ضرورت ناهي.نه ئي ڪنهن کي ڪاوڙ ڪري نظرانداز ڪرڻ ذريعي ڪنهن مسئلي جو حل نڪرندو. ۽ نه ئي وري تيز جديد هٿيار گڏ ڪري ڪنهن کي ڊيڄاري مسئلوحل ڪري سگهبو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجو اندر اُجرو ڪجي ۽ اهو سمجهڻ جي ڪجي ته مالڪ سڀني جو آهي ۽ اسان سڀ ڀائر آهيون. اسان جي منزل ساڳئي آهي. اسان ۾ ايتري سمجهه ۽ سگهه هئڻ گهرجي جو اسان سنساري فرق وساري يڪجهتي حاصل ڪري سگهون.
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته امن امان ۽ ڀائيچاري جون ڳالهيون بي سود آهن، ڇو جو انسان ان حد تائين پهچي چڪو آهي، جتان موٽڻ مشڪل آهي، ٺيڪ ائين ئي سهي پر ڇا ڪو شخص اگر رڻ ۾ اڃ جي ڪري مري رهيو هجي ۽ ڪوئي ان کي پاڻيءَ جي گلاس جي آڇ ڪري جنهن جي ڪري وقتي طور سندس تڪليف دور ٿئي ته هو آخري پساهن هجڻ ڪري اهو قبول نه ڪندو؟
اسان زندگيءَ جي جنهن دوِّرمان گذري رهيا آهيون، سو ڳاٽي ڀڃ دوِّر آهي، ڇا اسان تي هي فرض نه آهي ته اسان مان هر هڪ سماج جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوشش ڪري؟
اها چڱي ڳالهه آهي ته ماڻهو معاشري ۾ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ فڪرمند آهن، پر اسان کي اهو ڪڏهن نه وسارڻ گهرجي ته اسان سڀ مالڪ جا بندا پاڻ ۾ ڀائر آهيون.

70 - ڊاهه ڊوهه جو ڊوهه

اڄ انسان پنهنجي ڪروڌ، بغض، ڪيني ۽ انا ۾ ايترو جڪڙيو پيو آهي جو هو پيار، محبت، امن ۽ شانتي لاءِ تڙپي رهيو آهي. پر کيس اڻبڻت، ڊاهه ڊوهه ۽ بربادي پلئه پئي ٿي. هو پنهنجي ئي زندگي کي مرڪز بڻائي پنهنجا مقصد طئي ڪري ٿو ۽ انهن کي ئي حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ خوار آهي. راهه ۾ رنڊڪ پيدا ڪري امن جي حصول کان پري رهي ٿو. هي دنياوي عدم موافقت سندس اندر جي انتشار جو پڙلاءُ آهي. هن اها چاٻي وڃائي ڇڏي آهي. جنهن ذريعي هو پنهنجي اندر جي اصل تاريخ ۽ جاگرافي معلوم ڪري سگهي. هن کي پنهنجي راهه صاف نظر نه ٿي اچي.
اهڙي حالت ۾ جڏهن به ڪو مسئلو پيدا ٿئي ٿو ته هو اٺ پکيءَ جيان اکيون بند ڪري ڇڏي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته کيس ڪو ڪونه ڏسندو ۽ نه مسئلو رهندو. شايد اهو ئي سبب آهي جو اسان اڄ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پوئتي رهجي ويا آهيون. اسان جي اندر جي وڳوڙ سبب اسان لاءِ پنهنجي عملن ۾ امتياز ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو آهي.
صحيح آهن يا غلط اخلاق جي دائري ۾ آهن يا ٻاهر، مثبت آهن يا اسان رڳو جهٽ پائي ٻين کي بروچوڻ لاءِ تيار ويٺا آهيون. باقي پنهنجي اصلاح لاءِ اذيت ناڪ حد تائين سست آهيون. اڪثر ائين چيو ويندو آهي ته ”جيڪڏهن توهان پاڻ پنهنجي باري ۾ فيصلا ڏيو ته توهان کي ڪڏهن ڪنهن ڪورٽ ڪچهريءَ ۾ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.“

71 - برو ڏسجي، ٻڌجي، نه ڳالهائجي

پنهنجي چوِّڌاري نظر وجهي ڏسو هر طرف توهان کي برائي ئي برائي نظر ايندي، پوءِ ڇا اهو ممڪن آهي ته ٻين جون ڪمزوريون نظر نه اچن، پيار انڌو آهي، ۽ کيس هن ۾ ڇا نظر آيو؟ اهڙيون ڳالهيون ماڻهن واتان توهان ضرور ٻڌيون هونديون. ڇا توهان ڪڏهن انهن تي غور ڪيو آهي؟ توهان پنهنجي ٻار جي باري م برو نه ٿا سوچيو ۽ نه ئي وري برو ٻڌڻ چاهيو ٿا.
جڏهن اسان ڪنهن کي چاهيون ٿا ته ان جي باري ۾ اسان کي ڪجهه برو نظر نه ٿو اچي نه ان لاءِ برو ٻڌڻ پسند ڪريون ٿا نه برو ڳالهايون ٿا، پيار جهيڙن کي مٽائي ٿو.
اسان جڏهن ماڻهن کي قربت، رنگ، روپ، جنس، مذهب وغيره جي حوالي سان تڪيون ٿا ته سڀاويڪ گهڻيون ئي بدگمانيون پيدا ٿين ٿيون.پر جڏهن اسان کي اها سمجهه اچي وڃي ٿي ته هر شخص جي اندر هڪ اصل انسان وسي ٿو، جنهن کي روح، زندگي جي جوت يا قوت يا ڪل جو جزو مڃون ٿا ته پوءِ ئي ٻين سان ونڊڻ ورهاڻن آسان ٿئي ٿو.
ٻئي ڳالهه اها ته جڏهن مان ڪنهن ماڻهو ۾ موجود صرف چڱائي کي ڏسان ۽ ڌيان ڏيان ته جيڪر ان عادت کي وڌائڻ ۾ مددگار ٿيان، ان طرح سان باهمي اعتماد ۽ عزت ۾ واڌارو ٿئي ٿو. ڀل کڻي ڪو ماڻهو ڪيترو به خراب ڇو نه هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوبيءَ چڱائي ته هن ۾ ضرور هوندي.
اڄ ئي ڇو نه اهڙو تجربو ڪريو، توهان سان جيڪو ماڻهو به ملي ته ان ۾ ڪا هڪ چڱي خوبي ڏسڻ جي ڪوشش ڪريو.

72 - نئون ڏينهن نئين حيات

ڇا اڄ جو ڏينهن توهان کي نئون لڳي ٿو يا روز جي معمول جيان ساڳئي طرح ننڊ مان اٿڻ، ڪم تي وڃڻ، ماني کائڻ، ٽي وي ڏسڻ ۽ سمهڻ؟

اسان سڀني ڪڏهن نه ڪڏهن ڪو راڳ ٻڌو هوندو، جيڪو ڪجهه وقت تائين اسان گنگنائيندا ۽ ڳائيندا رهندا آهيون. اهو هر هر اسان جي ذهن ۾ ڦرندو رهندو آهي. ڄڻ ته ٻيو ڪو راڳ ئي نه آهي. شروع شروع ۾ ذهن کي اهو راڳ وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ لڳندو آهي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ٻڌڻ سان بوريت محسوس ٿيڻ لڳندي آهي ۽ دل چاهيندي آهي ته ان کان جند ڇڏائجي. اهڙيءَ طرح زندگيءَ جا ڪي واقعا اسان جي ذهن ۾ اٽڪي پون ٿا، پر حقيقت اها آهي ته انهن کي دهرائڻ ۾ اسان کي فائدو يا لاڀ نٿو رسي.

جيون جي هن ناٽڪ ۾ هر روز اسان کي نواڻ ڏسڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان روز روز پراڻا منظر ڏسندا رهنداسين ته اسان کي نون منظرن کي ڏسڻ جو موقعو نه ملندو.

اسان کي پراڻن تجربن مان بلاشڪ پرائڻ گهرجي، پر ماضيءَ کي ماضي سمجهڻ گهرجي ۽ اڄ ۾ زنده رهڻ گهرجي. نئون ڏينهن نئون راڳ زندگي رڳو گهارڻ لاءِ ئي ناهي، پر سکڻ لاءِ به هر روز اسان کي بهتر ۽ ڀلائي واري پهلوئن کي به ڏسڻ گهرجي. ان ڳالهه ۾ ڪا برائي ناهي ته ڪجهه وقت کان پوءِ گذريل جي باري ۾ ويهي سوچجي، جاچجي ته اڄ جو ڏينهن ڪيترو پيارو گذريو ۽ سڀاڻي جو ڏينهن ڪيئن اڄ کان وڌيڪ سٺو ۽ سود مند گذارجي.

73 - پاڻ سچو سنسار سچو

برن ويچارن کي هنڍائڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ نهايت سولولڳندو آهي. ڪنهن انسان جي ماضيءَ ۾ پيدا ٿيل واقعا سندس ڪردار ۽ شخصيت سازيءَ ۾ اهم جڳهه والارين ٿا. اڪثر زندگي جا ڏکوئيندڙ سبق انسان جي جيون ۾ ڪوڙاڻ ،نراشا ۽ ٿڪاوٽ پيدا ڪن ٿا. اسان جو الميو اهو آهي ته اسين صرف "ڏک" جو راڳ آلاپائيندا رهون ٿا، پر ان مان پرايل املهه تجربي کي وساري حقيقي فائدو وڃائي ويهون ٿا. اسان جي زندگي ۾ ڪيئي ساڻ وڻندڙ آزمودا ۽ تجربا اتپن ٿيندا رهن ٿا ۽ انهن جو اثر اسان جي ويچارن تي پوندو رهي ٿو ۽ اهي ويچار پنهنجي ذات ۾ شڪ، خوف، نفرت ۽ ڪروڌ جي هاڃيڪار اثرن ۾ رچيل هوندا آهن.
مجموعي طور انسان هر هڪ اڪيچار منفي لاڙن ۾ بيهوده ويچارن کي اپنائي سماجي ماحول کي گندو ڪندو رهي ٿو ۽ موٽ ۾ اهو ٻوساٽيندڙماحول معاشري جي هر فرد کي متاثر ڪري ٿو. اهو سٽاءُ، انسان ذات لاءِ هڪ گهاتڪ شيطاني مهاڄار جيان آهي. ان مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پختو ارادو ۽ بي انتها سگهه درڪار آهي. هن ٻوساٽيندڙ، منفي ۽ بدبودار سنسار جي برن اثرن کان فطري طور، ڪو به محفوظ رهي نٿو سگهي. اگر اوهين انهن برن هاڃيڪار عنصرن جي خلاف اٿي بيهندو ته يقيني طور سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پوندو. پر يقين رکوته جنهن خيال،عمل يا شيءِ جو بنياد ڪوڙ،"رياڪاري" ۾ کـُـتل آهي،اها نيٺ ڊهي ڪک پن ٿي ويندي، صرف"سچ،حق" تي قائم بقا ۽ جٽا سان همڪنار ٿيندو. ان مان پڌرو ٿيو ته "سچ" کان وڌيڪ مضبوط ڪو ٻيو بنياد وجود نٿو رکي، ڪڏهن، وقتي طور، سڇ پوشيده هوندو آهي پر مناسب موقعي ۽ وقت تي پرگهٽ ٿي پنهنجي ڌاڪ قائم ڪندوآهي.

74 - بي صبري - بد مزاجي

”ڪيئن مزن ۾ آهيو نه؟“
”لڳي ٿو، زندگي بي چسي آهي؟“
ماڻهن جي اڪثريت انهن سوالن جي جواب ۾ مايوسيءَ جو اظهار ڪندي آهي. ڪي چوندا آهن ”زندگي مي گزرد“ ”مڙوئي گذارو پيو ٿيئي.“ يا ”ڌڪن ڌومن ۾ اڳتي پيو وڌجي.“ پرڪجهه اهڙا به جيو آهن جن جا جواب مثبت، اُميد ڀريا هوندا آهن. ” واهه واهه“ ”ڏاڍو مزو آهي“ ”واهه ڳالهه نه پڇ.“
اڄ نئون ڏينهن اڀريو آهي جنهن ۾ نيون آشائون ۽ منظر پاڻ پڌرو ڪرڻ لاءِ اُتاولا آهن .ڪالهوڪو ڏينهن تاريخ جو حصو بڻجي ويو.اڄوڪي ڏينهن جي آجيان اتساهه ۽ همت سان ڪرڻ جڳائي، پرصبر جي خوبي کي پنهنجي سمورين سرگرمين جو لازمي جز بڻائڻو پوندو. پوءِ نتيجا ڏسو! ان سان گڏ پنهنجو پاڻ تي نظر رکڻ به ضروري آهي!
ڇا ڪار هلائيندي وقت ڊرائيور جي ڪجهه ڍلائپ ۽ سائي بتي ٻرڻ جو انتظارڪرڻ ۾اسان ڌيرج ڌاريون ٿا؟ يا ڇا رستي جي مرامت ڪارڻ گاڏي ۾ ويهي پنهنجي واري لاءِ اُتاولا ته ڪو نه ٿا ٿيون؟ يا ٻارن جي روڊ پارڪرڻ واري عمل جو اسانجي سهن شڪتي تي برواثر ته ڪونه ٿو پوي؟ ان کان علاوه جن سان اسان جو ڳانڍاپو ۽ ذميداريون آهن جهڙوڪ اسان جا ٻار، زيردست ۽ جانورن جي دنيا جا ساهدار، ڇا انهن سان ڌيرج وارو رويو برقرار آهي؟

اچو ته جرئت ۽ اُتساهه سان ”ڌيرج“ اپنائڻ جو قول ڪريون ۽ پوءِ ان جي وڻندڙ اثرن جو لاڀ وٺون. اگر اوهان ڪڏهن به ”ڌيرج“ جو دامن ڇڏيندوِّ ته ”بدمزگي“ جي ٻوساٽ پلئه پونديِ.

75 - ٻڌي بلندي - ڦوٽ پستي

اڄوڪي دوِّر ۾هم آهنگي ۽ سوجهه ٻوجهه جو ماحول پيدا ڪرڻ نهايت ئي مشڪل ٿيندو پيو وڃي. اڪثر چيو ويندوآهي ته مشڪل جي گهڙيءَ ۾ انسان گڏجي پنهنجا مسئلا حل ڪندا آهن. هڪ پراڻو قول آهي ته ”ايڪتا مٿي بيهاري ٿي ڦوٽ هيٺ ڪيرائي ٿي.“ پر اهو ڏسي دل ڏاڍي دکي ٿئي ٿي ته هرهڪ ”اڪيلائي پسند“ ٿيندو پيو وڃي. پنهنجو پنهنجو بي سرو راڳ ڀرپاسي واري جو ڪو خيال نه ڪندي، بلند آواز سان الاپيندو رهي ٿو. ان مان لڳي ٿو ته جيون جي اپار سنگيت نگر ۾ هر ماڻهو پنهنجي الڳ راڳڻي جوخواهان آهي- ان جو نتيجو ”گڌيل سرتال“ بجاءِ ”اڪيلي بي سري راڳ “ جي صورت ۾ نڪرندو.
هي ڌرتي جنهن تي اسين رهون پيا هن مانڊاڻ ۾ خصوصي اهميت رکي ٿي. اسان کي قدرت جي طرفان هن سرزمين ۽ پاڻ کي سکيو ستابو بڻائڻ لاءِ ”جهجهائپ“ سان نوازيو آهي پراسين پنهنجي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ ميل جول وڌائڻ لاءِ پلين جي تعمير بجاءِ جدائي ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ لاءِ ديوارون کڙيون ڪرڻ تي زور ڏيئي رهيا آهيون!
منهنجي ڀرپاسي موجود جيڪو ماڻهو ڪنهن راءِ جو اظهار ڪري رهيو آهي، شايد، مان ساڻس اتفاق نه ڪريان پر مون کي ڪو حق ڪونه آهي ته مان ڏانهس اڳرائي وارو ”هنسڪ“ رويو اپنايان. جيڪڏهن ايشور ۾ منهنجو ٿورڙو به وشواس آهي ته اسان کي قطعي اهڙي سکيا ڪو نه ڏني ويئي هئي ته جيڪي اسان سان سهمت ڪونه آهن، انهن سان نفرت ڪئي وڃي. پرصاف طور تي تلقين ڪئي وئي آهي ته پنهنجي پاڙيسريءَ سان اهڙي محبت ڪريو جهڙي پنهنجي ذات سان ڪندا هجو! اهڙو اظهار به ڪيو ويوآهي ته اسين پنهنجي تقدير جا معمار آهيون- ان ڪري پاڻ کي جدائي جي اوچي ديوارن بجاءِ ميلاپ جون پلون تعمير ڪرڻ جڳائن.

76 - عقل، عقيدو ۽ عمل

ڄاڻڻ، مڃڻ ۽ عمل ڪرڻ ٽي جدا جدا ڳالهيون آهن.
اسان پنهنجي معلومات وڌائڻ لاءِ مختلف قسم جي ڄاڻ حاصل ڪندا آهيون، اسان کي جڏهن ڪجهه ڄاڻ پوي ٿي ته اسان ان جي صداقت جاچيون ٿا ۽ اهو ڏسون ٿا ته اسان جي لاءِ ڪيتري سودمند آهي. هڪ دفعو جڏهن اسان کي ان جي فائدي جي تصديق ٿئي ٿي. پوءِ اسان ان کي قبول ڪريون ٿا. ان کان پوءِ ان کي اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪيون ٿا. ان تي عمل ڪريون ٿا ۽ فائدو وٺون ٿا.
اهو ٽيون مرحلو ئي آهي جيڪو گهڻن جي لاءِ مصيبتون پيدا ڪري ٿو پنهنجي ڄاڻ ۽ ان جي صداقت جي باري ۾ اٿي بيهڻ لاءِ همٿ ۽ جرئت جي ضرورت آهي. پر ائين ڇو آهي؟
خاص طور ان ڪري جو زندگي جي چرخي جي باري ۾ اسان جا ويچار ۽ سوچ محدود آهي، جيڪڏهن مون کي ڪنهن ڳالهه جي ڄاڻ پوي ٿي ۽ مان ان کي مڃان ٿو ته مان ان کي عمل ۾ آڻڻ چاهيندس. ڄاڻ، مڃڻ ۽ ان جي باري ۾ رڳو ڳالهيون ڪرڻ ڪافي نه آهي، نه ته جلد ئي اسان کي قول ۽ فعل ۾ فرق محسوس ٿئي ٿو.
گهڻا ماڻهو گفتار جا غازي آهن، باقي عمل جي معاملي ۾ڪافي پٺتي پيل آهن.

77- ڪنڊن ۾ گلاب

ڪنهن خوبيءَ کي وڌائڻ لاءِ هميشه ان جي مخالفت جي ضرورت هوندي آهي. گلن ڀرئي باغ ۾ گلاب ته گلاب آهي، پر ڪنڊن ڀري جهنگل ۾ گلاب جي موجودگي وڌيڪ موهي ٿي. دماغ چڪرائجي وڃي ٿو اکيون ڦاٽي پون ٿيون ۽ گلن جي خوبصورتي اڃا وڌيڪ سٺي لڳي ٿي. اچو ته پنهنجي خوبين کي گلن سان ڀيٽيون، پنهنجي باغ کي ڏسون ته ان ۾ ڪهڙا ڪهڙا گل آهن. ڪنهن باغ ۾ ”رحم“ جا گل کلن ٿا. هي هڪ خاص قسم جو گل آهي، جنهن جي ٻجن مان ڪيئي گل ٽڙن ٿا. اهي گل رحمدلي سان ڪيل ڪم آهن. رحمدلي جي رويي ۽ روش جي هر وقت ضرورت رهي ٿي.اها سعادت انهن کي نصيب نه ٿي ٿئي. جيڪي پنهنجو وقت ۽ توانائي عيش ۽ آسائش ۾گذارن ٿا. اهو مهاڳ انهن خوش نصيبن کي ملي ٿو، جيڪي گهٽ حيثيت هئڻ جي باوجود ٻين سان ونڊن ورهائن ٿا.

اهڙي باغ جو ”عقيدو“ ٻيو گل آهي، جيڪو مختلف ڏيل جو ٿئي ٿو. ان جي نمايان خصوصيت اها آهي ته حڏهن اُهو پوريءَ طرح نکري نروار ٿئي ٿو مشڪلات جي باوجود پنهنجو رنگ روپ برقرار رکي ٿو. ناموافق حالات، عقيدي جي گل کي نکار بخشن ٿا ۽ ايترو ٻور جهلن ٿا جو پراڻي عقيدي جي گلن جا ُسڪل پن ٻين گلن جي واڌاري لاءِ سٺي ڀاڻ جو ڪم ڏين ٿا.

مخالف حالتون انسان اندر ان کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي اڀارن ٿيون.

تند باد مخالف سي نه گهبرا اي عقاب!
يه چلتي هي تجهي اونچا اڙاني ڪي ليئي.

78- ابدي نيم

هر نئين کي پراڻو ٿيڻو آهي، هر ڪنهن کي هن رنگ ڀوميءَ مان گذرڻو آهي.

اهو پهرين جيان نه آهي. شروع شروع ۾ صورتحال بلڪل مختلف هئي. پر هاڻي ‍اسان ماضيءَ ۾ مڙي ڏسون ٿا، کن پل ۾ اسان جا خيال اسان کي زمان ۽ مڪان جا اڻ مٽ ويچار پار ڪرائي راحت ڏيندڙ منظر ڏيکارن ٿا. پاڻ ٽڙي پئون ٿا. ليڪن جلد کل ختم ٿي وڃي ٿي ۽ روئڻ لڳون ٿا، جيئن ئي ماضيءَ مان اڄ ۾ موٽي ڏسون ٿا، اڄ ڪيترو نه ڦريل آهي، آخر ڇا ٿيو آهي؟ اڄوڪو ڏينهن ڪالهه جهڙو ڇو نه آهي؟

رواجي ريت آهي، ” نئين کي پراڻو ٿيڻو آهي “ ريت ڄاڻڻ ضروري آهي. ان سان متفق هجڻ ضروري ناهي. ڪجهه نيم بدلائي نٿا سگهجن. اسان کي انهن سان رهڻو آهي، انهن کي مڃڻو آهي. ڇو ڪيئن ڪاٿي ڪڏهن ڇا جي لاءِ اهڙا سوال ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. ڪا اهميت ناهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي جياپي جا نيم سمجهڻا آهن ۽ انهن مان لاڀ پراڻو آهي.

ٽي نيم جيڪي ڪڏهن نه بدلجن ٿا سي ياد رکڻ جوڳا آهن.
جيڪي ڪجهه پوکبو سو ئي لڻبو.
انب ته انب اڪ ته اڪ
جيڪو چوٽ چڙهي ٿو سو پٽ پئي ٿو.
واپرائبو نه ته وڃائجي ويندو.

79 - لوڪ آ ٻوڪ

اسان کي اها ڳالهه سمجهڻ جي ضرورت آهي، اسان مڪمل ُڪل جو حصو آهيون، جنهن سان اسان ڪم ڪريون ٿا ان جو اڪثر دارو مدار ٻين ماڻهن جي زير اثر آهي. اسان کي پنهنجي فيصلن ڪرڻ جي اندروني سگهه ۽ همٿ ناهي، پنهنجي رخ جو تعين ڪرڻ جي بجاءِ اسان کي ٻين پٺيان هلڻ آسان لڳي ٿو. ڇا هميشه لوڪ جي پٺيان هلڻ درست آهي؟ ڇا اسان ڪنهن غلط عمل کي ان ڪري صحيح چئي سگهون ٿا ته ماڻهن جو تعداد ساڳيو ڪم ڪري ٿو؟
اسان کي ماڻهن ۾ گهڻي حد تائين ٻيائي نظر اچي ٿي. اسان پوئتي نٿا پئجڻ چاهيون جيتوڻيڪ اسان ڪافي ڳالهين سان متفق ناهيون، جيڪي اسان جي فطرت سان موافقت نٿيون رکن. اسان کي امن جي اهميت جي خبر آهي، تنهن هوندي به اسان بدامني ۽ تشدد واري ڪاررواين جي حوصله افزائي ڪريون ٿا. اسان کي خوشي جي قدر قيمت جي خبر آهي، پر پوءِ اسان بنا سوچ سمجهه جي اهڙي ڪم کي چنبڙيا رهون ٿا، جنهن مان ڏک رنج پيدا ٿئي ٿو، بهرهال اهڙو ڪم هوندو، جيڪو جڳ کان نيارو ٿي الڳ ٿلڳ لڳي؟
اهو ڏسندي ته ڪو ڪم صحيح آهي، پر پوءِ به نه ڪجي. اها بزدلي آهي، ڇا توهان ذهني طور تي پاڻ کي مطمئن محسوس ڪريو ٿا.
جڏهن توهان سوچ ويچار ڪري ڏسو ته نيڪيءَ ۾ ڪيتري سگهه آهي ۽ توهان جي سوچ صلاحيتن ۾ ڪيتري چڱائي آهي. آخر توهان چاهيو ڇا ٿا، جٽادار چڱائي يا ناپائيدار خوشي؟ انهن مان پسند توهان کي ڪرڻو آهي.

امن هر ڪوئي چاهي ٿو، پر ٿورا ماڻهو آهن، جيڪي امن لاءِ ضروري عناصرن جي چاهنا رکن ٿا.

80 - مهربان سان نامهربان

”اسان سڀني کي ڪنهن نه ڪنهن سهاري جي ضرورت آهي.“ اها چوڻي توهان اڪثر ٻڌي هوندي. جيڪا درست آهي. ٻي هڪ چوڻي آهي ته ” حال اورڻ سان هانو هلڪو ٿئي ٿو.“
تعجب جي ڳالهه آ بعض اوقات اسان ايترو ٻئي تي ڀاڙڻ لڳندا آهيون جو اسان کي ان ڳالهه جو احساس ئي نه رهندو آهي ته اسان ان کي ڪيترو نقصان پهچائي رهيا آهيون. جيڪڏهن توهان جو وزن 200 پائونڊ آهي توهان ڪنهن ٽٽل ڪرسيءَ تي ويهندا ته اها ڀڄي پوندي گهڻن ماڻهن کي پنهنجا ئي ڪافي سارا مسئلا هوندا آهن، پر دوستيءَ خاطر هو توهان جي مشڪلات کي ٻڌن ٿا، نتيجو اهو نڪري ٿو ته تعلقات سرد مهريءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا.ڪنهن سان حال اورڻ چڱي ڳالهه آهي پر ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته جنهن سان حال ڪجي ٿو سو ايترو مضبوط آهي جو توهان جو ٻوجهه سهي سگهندو. ائين نه ٿئي جو توهان جو حال کيس بي حال ڪري ڇڏي.
جيڪڏهن توهان ڪنهن ڏانهن جهڪو ئي ٿا ته پوءِ مالڪ ڏانهن جهڪو جيڪو توهان جي لاءِ مضبوط سهارو آهي.

اسان يارن دوستن سان ڳالهيون چرچا ڪندا لطف اندوز ٿيون ٿا. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته اسان کي مهربانن سان نامهربان نه ٿيڻ گهرجي.ٻئي طرف اسان کي پنهنجو ٻوجهه هلڪو ڪري ٻئي تي وجهي ان جي چيلهه ڀڃڻ نامناسب آهي ۽ وري ٻئي ڪنهن سان مدد ڪرڻ وقت اهو به ياد رکڻ گهرجي ته اسان به ڪنهن حد تائين ٻئي ڪنهن جي مدد ڪري سگهون ٿا. بندي لاءِ مالڪ جي ڀر وٺڻ بهتر آهي، جنهن جي پاران بي حد مدد ملي ٿي.

81 - اڳ نڪرڻ جي ڇو؟

اڪثر چيو ويندو آهي ته انسان سڀ برابر آهن، پوءِ اسان هميشه ڏسون ٿا هڪ ٻئي سان وڙهون پيا، هڪ ٻئي کان اڳتي نڪري برتري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا.

اها بي سمجهي چئبي پنهنجي اڻڄاڻائي ۽ بي سلامتي چئجي. جيئن کين پنهنجي ڪردار ۽ مقام جي باري ۾ غير يقيني چئجي. جيئن کين کٽڪو لڳل هجي ته ڪو اسان جو مقام کسڻ جي مسلسل ڪڍ لڳو پيو آهي. تنهن ڪري هو اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن ته هو ٻين کان بهتر آهن. ڀل ان جي لاءِ هنن کي ڪوڙ ڳالهائڻو پوي، ڊوهه ڪرڻو پوي يا وري ٻيو ڪجهه ان ڪري توهان ڏٺو هوندو ته گڏ رهندڙ ۽ گڏ ڪم ڪندڙ ماڻهن ۾ ڳالهه ٻولهه جو رستو به بند ٿو هجي. ٻار مائٽن کي ڏسي سندن روش تي هلن ٿا. توهان اسڪولن ۾ به ڏٺو هوندو ته ٻارن ۾ برايون، لالچ،نفرت ۽ گهمنڊ واريون عادتون وڌن ۽ نپجن ٿيون.

اسان سڀني کي احساس تحفظ جي ضرورت آهي. اهم ۽ خودمختياري ٿيڻ جي به چاهت آهي. انهيءَ ٻنهي ۾ توازن رکڻ جي به ضرورت آهي نه ته مسلسل ان ڪمزوريءَ ۽ سگهه جي وچ ۾ ڀٽڪندا رهنداسين. نتيجي طور اتساهه ختم ٿي ويندو ۽ اسان بهانا پيا ڳولهينداسين. اسان اٺ پکي جيان بڻجي پونداسين. اڏامڻ لاءِ چئجي ته هو چوي ٿو ته هو اٺ پکي آهي ۽ جڏهن وزن کڻڻ لاءِ چئجي ٿوته هو چوي ٿو ته هو پکي آهي. هو وزن ڪئين ٿو کڻي سگهي؟

82 - سهڪار ۾ سونهن

ٻين جي مدد ڪرڻ ڪيترو نه چڱو آهي؟ اڄ دنيا جي حالت ڏسبي ته پتو پوندو ته تعاون لفظ استعمال ته عام جام ٿئي ٿو پر واپرائبو ورلي نظر اچي.
ان جا گهڻائي سبب آهن. هڪ ماڻهو جي پنهنجي غير يقيني واري صورتحال ڇو جو ماڻهن تي پاڻ پختو يقين نٿوهجي. ان ڪري انهن ۾ اضافت وارو رويو پيدا ٿي وڃي ٿو. نه صرف هو ٻين جي مدد ۽ تعاون ڪرڻ کان پري ڀڄن ٿا، پر جيڪڏهن ڪو وڌيڪ قابل ۽ هوشيار سندن مدد ڪرڻ چاهي ٿو ته اهو به قبول نه ٿا ڪن.
ڪي ماڻهو ٻين سان تعاون ڪرڻ ۾ ان ڪري گهٻرائن ٿا جو هو ٻين سان گڏجي ڪم نٿا ڪري سگهن. تعجب جي ڳالهه آهي جو هڪ ئي مالڪ جي مخلوق کي هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ مشڪل درپيش آهي. جڏهن اسان کي پنهنجي ڪردار جي صلاحيت ۽ حدبندين جي ڄاڻ ٿي وڃي ٿي ته پوءِ اسان کي پنهنجي چوڌاري ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ ۾ مشڪل نه ٿي ٿئي.اسان کي اها ڄاڻ آهي ته ڪنهن ڪم کي صحيح طريقي سان ڪرڻ لاءِ صحيح ۽ ماهر ماڻهن جو ساٿ هجڻ ضروري آهي. ڪو به شخص ڀيٽ نه آهي.
ڪنهن سريلي ۽ مڌر ڌن کي ٻڌو ۽ ڏسو ته ڪيئن ڌاتو جي تارن مان پيدا ٿئي ٿي، پر جيڪڏهن سازن مان ڪو هڪ به ٺيڪ ناهي ته بي ُسري ڌن پيدا ٿئي ٿي جيڪا اڻ وڻندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ محسوس ٿئي ٿي.

83- مسئلي کي مسئلو نه بڻايو

جڏهن توهان جي سامهون ڪو مسئلو اچي ٿو ته توهان ڇا ڪندا آهيو؟ توهان پريشان ٿي وڃون ٿا يا ان کي للڪار سمجهي منهن ڏيو گهڻن ماڻهن لاءِ هيءَ دنيا ئي هڪ مسئلو آهي ٻيا وري پاڻ کي رڌل رکڻ خاطر مسئلا پيدا ڪندا رهن ٿا. مسئلو، مسئلو تڏهن آهي جڏهن مان ان کي مسئلو بڻايان ٿو. صورتحال ان ڪري ايتري مشڪل لڳي ٿي جو مان ان کي اوترو مشڪل سمجهان ٿو. مشڪلات ۽ مصيبتون توهان کي پڪي متي وارا بڻائن ٿيون. ضروري ناهي عمر سان ڏاهپ اچي ڏاهپ تجربي جو تحفو آهي.

مشڪل اها آهي ته اسان مان گهڻن ماڻهن ۾ اهو لاڙو آهي ته هو پنهنجي مسئلي کي ٻين جي مسئلن کان وڏو ۽ اهم سمجهن ٿا. اها عجيب انائيت آهي. اها سوچ ته منهنجو مسئلو توهان جي مسئلي کان وڌيڪ مشڪل آهي. تنهن ڪري توهان کي منهنجو لحاظ ڪرڻ گهرجي. اڪثر اسان منجهي پئون ٿا. اسان کي پنهنجي مسئلي جو ڪو صاف حل نظر نٿو اچي، ان ڪري ڊپ ۽ دٻاءَ وڌي وڃي ٿو ۽ اسان چيڙاڪ ٿي پئون ٿا. پاڻ تي قياس ۽ ڪهل ڪرڻ لڳون ٿا. اهڙي ذهني ڪيفيت ۾ معمولي رنڊڪ به پهاڙ لڳي ٿي.
ٻيا وري ڪي اهڙا آهن، جيڪي ناموافق حالتن کان اڪثر پري ڀڄندا رهندا آهن، بهرحال مسئلي کان توهان جيترو پري ڀڄندا اوترو ان جي حل ڪرڻ ۾ تڪليف درپيش ايندي.

84- ڏک سکن جي سونهن

” جيترو سخت مقابلو، اوترو جيت ۾ مزو.“ اوائلي چوڻي ۾ صداقت آهي، انسان اندر اهو لاڙو آهي ته هو هر شيءِ کي پنهنجي سوچ مطابق ڏسڻ گهري ٿو ۽ جيڪڏهن سندس سوچ مطابق نٿو ٿئي ته مشڪل پيدا ٿئي ٿي. لڳي ٿو ته اسان جو طرزعمل ان ريت بڻيل آهي، جو اسان هر شيءِ بلڪل ترت چاهيون ٿا منٽ جي دير نه ٿئي. اسان ڪنهن ڳالهه لاءِ به صبر نٿا ڪري سگهون هر شيءِ کي ترت ۽ جهٽ پٽ ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي مٿانهون مقام گهرجي پر اسان ان جي لاءِ ڪاميابي جي ڏاڪن مٿي چڙهڻ جي تڪليف برداشت ڪرڻ نٿا گهرون، ان لاءِ ڪنهن لفٽ ڏانهن واجهايون ٿا.اسان چاهيون ٿا ته اسان جي ڳالهه مڃي وڃي عزت ٿئي پر پاڻ اسان کي ٻين جو احترام ڪرڻ ۽ انهن جي خيالن کي مڃڻ ڏکيو لڳي ٿو.

هڪ مجسما ساز کي هڪ مجسمي تراشڻ ۾ ڏسو ته ڪيتري نه محنت ۽ مشقت ڪرڻي پوي ٿي. هر ڪم لاءِ محنت درڪار آهي ۽ اها محنت ئي آهي جيڪا توهان کي ان مقام جو اهل بڻائي ٿي، جنهن مقام کي توهان طلبيو ٿا يا کڻي وٺڻ جي سگهه ۽ ڪاميابيءَ جو اعتماد بخشن ٿيون. مشڪلات کان سواءِ حالات جي قدر و قيمت ڪيئن ڪري سگهندا؟ جيڪڏهن ڦل پاڻ وڻ مان ڪري ٿو ته توهان کي سڙيل لڳي ٿو. جڏهن توهان پٽيو ٿا ته مٺو لڳي ٿو، بهرحال مشڪل کي منهن ڏيڻ ئي انسان کي مهان بڻائي ٿو، نه سوڀ جو جشن!

85- ذهني سڪون

ڇا اهو ممڪن آهي ته ڪو توهان جي دولت وڃائي ۽ توهان سُڪون ۾ هجو؟

غور ڪري ڏسو ته سڪون وڃائڻ ۾ ڇا ٿو حاصل ٿئي ۽ نهٺي ۽ ماٺيڻي رويي سان ڪهڙو فائدو ٿئي ٿو. ظاهر آهي ته منطقي ۽ مثبت قوت ڪاوڙ واري طاقت کان ڪافي بهتر آهي، جيڪڏهن توهان وٽ مال، دولت، نانءُ، شهرت، رتبو، مقام آهي پر صحت خوشي ۽ ذهني سڪون نه آهي، ڇا توهان ان صورت ۾ پنهنجي گڏ ڪيل دولت جو مزو ماڻي سگھندوِّ؟ ته پوءِ ان جي ڪا اهميت رهي ٿي؟ ذهني سڪون ئي اصل دولت آهي، ملڪيت آهي، گهڻا ماڻهو ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي پوري عمر گذاري ڇڏين ٿا ۽ وري ڪنهن معمولي ڳالهه سبب ٿورو گهڻو حاصل ذهني سڪون وڃائي ڇڏين ٿا.

جيڪڏهن اسان ڪاوڙ ڪريون ٿا ته ڪافي توانائي ضايع ٿي وڃي ٿي. پوءِ ڇو نه توانائي کي تخليقي طرح استعمال ڪجي. جيڪڏهن توهان کان ڪا شيءِ کسي وئي آهي ته ان مان سبق حاصل ڪريو ۽ اڳتي وڌو، روئڻ ۽ ڪاوڙ ڪرڻ سان صورتحال ڪو نه بدلبي.

پيار ۽ رحمدلي ۾ وڏي سگهه آهي. هر ڪنهن سان پيار محبت سان پيش اچڻ سان توهان کي لاڀ ملي ٿو اڪثر توهان مستحق روح کي پنهنجو پيار محبت نه ٿا ڏيو. هر ڪنهن سان پيار محبت ورهايو، پر ڪنهن به شيءِ لاءِ ڪنهن به صورتحال ۾ پنهنجي ذهني سڪون کي وڃائڻ نه ڏيو.

86 - ڇا توهان کي جڳائي

توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته توهان کي روزانو ڪيترا مختلف ڪردار ادا ڪرڻا پون ٿا ۽ ڪڏهن اهو به سوچيو آهي ته انهن مان توهان جو اصل ڪردار ڪهڙو آهي؟ صبح سويري اک کلڻ سان ڪرت شروع ڪريون ٿا ۽ ايڪٽر جيان ڪندا رهون ٿا. گهر ۾ پهريان ٻه ٽي ڪلاڪ گهوٽ، زال، ماءُ ۽ ٻار، ڪم جي جڳهه تي ڪلارڪ، ڊرائيور، ڊاڪٽر، استاد وغيره، شام جو اوطاق ۾ واٽهڙو واچيندڙ رانديگر وغيره وري رات جو موٽي گهر ۾ گهر وارا ڪردار انهن مان ڪهڙو اصلي آهي؟
جيڪڏهن ڪو اهو سمجهي وٺي ته بندو روح آهي، هي جسم هن جو لبادو آهي، جنهنجي اندر هو زندگيءَ جي هن اڻ کٽ ناٽڪ ۾ پنهجو ڪردار ادا ڪري ٿو ته معاملات کي ٿورو چٽي طرح ڏسي سگهي ٿو. وقت سان هي جسم هي لبادو بدلجندو رهي ٿو، مختلف ڪردارن سبب پر، اندر آتما پنهنجي پاڪ صاف اصل سان پرسڪون رهي ٿي. جي کڻي هن وقت ڪوئي پرسڪون نه هجي پر اهو ممڪن آهي ته هو پنهنجي سوچ پنهنجي عمل جي سچائي ۽ پاڪائيءَ جي ذريعي دائمي سڪون حاصل ڪري سگهي تڏهن ئي هن کي پنهنجي اصليت جي خبر پئي ٿي.
هر صبح سوير جاڳي پنهنجي مالڪ مالڪ ڪل ڪائنات جي پراٿنا ڪري اهو ياد ڪجي ته بندو جيڪو بنيادي طور تي روح آهي، ايڪٽر هئڻ جي باوجود اصل ۾ صاف ۽ پرسڪون آهي. اهڙي سچتائي سان ڪيل هر ڏينهن جي شروعات هن کي ٻين کي پنهنجي ڀاءُ کان مدد ملي ٿي.

87- روح رب رمز

اسان مان هر ڪنهن کي روح آهي، جيڪو جسماني لباس اندر رهي ٿو.

انسان اوائل ۾ پاڪ صاف ۽ سگهارو هو، هاڻ هو بلڪل بي اختيار ۽ ڪمزور ٿي پيو آهي. اها ڳالهه اسان کي ماڻهن جي اختيار جي بک مان خبر پئي ٿي. اختيار جا گهڻا روپ آهن،جن جي لاءِ اڄ جي دوِّر جو انسان بکيو آهي، جيئن ته ٻين ماڻهن تي اختيار ڪارو علم، يا غيب جي ڄاڻ يا روحاني رمزون وغيره پر ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي پاڻ تي سوڀ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا؟
ٻين تي اختيار مصنوعي ۽ عارضي ٿئي ٿو.
جيستائين پنهنجو پاڻ تي ضابطو نه آهي ته ڪيئن پاڻ کي يا ٻين کي ڪوئي فائدو رسائي سگهي ٿو؟ دراصل ڪنهن جادوئي اختيار جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي، جيستائين ٻين کي برداشت ڪرڻ جي سگهه نه آهي؟ ان جسماني ٻل جي ڪهڙي اهميت آهي، جيڪڏهن ڪوئي پنهنجي ڀاءُ سان تعاون نٿو ڪري؟
اسان کي پنهنجي روپ تي ناز نه ڪرڻ گهرجي، ڀل کڻي اڄ ڪيترو ئي خوبصورت ڇو نه هجي، وقت سان يا ڪنهن حادثي ڪارڻ اهو بدلجي ڀوائتو ٿي سگهي ٿو. چڱين خوبين جي باعث جيڪي سونهن سگهه ۽ شخصيت آهي، سا اڻ مٽ آهي. اڳي پوءِ هي جسم هي شيون ناس ٿيڻ واريون ۽ وقتي آهن، پر روح اڻ مٽ لافاني آهي، جسم کي سگهارو بڻائڻ لاءِ گهڻيون ئي شيون بازار ۾ موجود آهن، پر ڇا اسان اهڙي ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيون ٿا، جيڪي روح کي رب سان ملائن؟

88 - توري تڪي ڳالهايو

اسان پنهنجي چوڌاري روزانو ڪيئي آواز ٻڌون ٿا، جيئن ته اسان هن معاشري جو حصو آهيون اسان کي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه لاءِ لفظ جي استعمال جي ضرورت ٿئي ٿي. اسان جا ڪن اجاين ڳالهين سان ڀرجي وڃن ٿا. هرڀرون جي فضول ڳالهين مان اسان جي روحاني ترقي نه ٿي ٿئي. سمجهه ۾ نٿو اچي ان طرح جي اظهار جي ضرورت ڪهڙي آهي، شايد ان جو سبب اهو ته نه آهي ڪنهن توهان کي ايترو ته ڪاوڙائي ڇڏيو آهي، جو توهان هن لاءِ بدبودار زبان استعمال ڪري کيس اچرج ۾ وجهڻ جي ڪيو ٿا؟ يا ڇا وري توهان اهو ثابت ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان وڏي اهم اختيار وارا آهيو ۽ توهان جو ڳالهائڻ ان طرح جو آهي يا وري توهان ۾ ايتري سمجهه نه آهي جو توها موزون لفظن جو استعمال ڪريو؟
ڪنهن ماڻهوءَ جو چوڻ آهي ته برو ۽ بي جا ڳالهائڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي، اڪثر هر ڪو ماڻهو ساڳيون ئي ڳالهيون ورجائي ٿو، جيڪڏهن ان ڳالهائڻ ۾ ڪا خرابي نه آهي ته پوءِ اسان پنهنجي ٻارن سان ساڳيو ڪجهه ڳالهائڻ تي ناراض ڇو ٿا ٿيون؟ ڇو اسان اهڙي ڳالهين ٻڌڻ ۽ ڏسڻ تي ريڊيو ۽ ٽي وي وارن ڏانهن ناراضگيءَ جا خط لکون ٿا؟ ظاهر آ اسان سمجهون ٿا ته اهو صحيح ناهي، پر اسان کي ان ڳالهه جو شايد احساس ڪو نه آهي ته جيترو وڌ اسان بي مانو ڳالهائينداسين اوترو ئي اسان جو ذهن ان طرف ويندو ۽ آلوده بڻجي ويندو. جيئن اسان ڳالهائڻ شروع ڪريون ٿا ته ساڳئي ئي قسم جا لفظ لعاب جيان اسان جي واتان نڪرڻ شروع ڪن ٿا، اسان جيڪي ڪجهه چئون ٿا اسان کي ان تي ڪو به ضبط نه آهي يا وري چوڻ جو طريقو ڪونه آهي.
آخر ڇو اسان ڳالهائڻ وقت پنهنجو ضبط وڃايون ٿا؟

زبان ئي تخت ويهاري ۽ زبان ئي سولي چاڙهي!

89 - ونڊ ورهاءِ

ماڻهن جو چوڻ آهي ته غريب بيمار ضرورتمند جي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، اها ڳالهه سچي ۽ سٺي آهي، پر اسان کڻي ڪيتري به ڪوشش ڪريون غريب لاچار ۽ ضرورتمندن جو تعداد وڌي ئي ٿو، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ اهي ته هيڏي ساري ڪاوش ۽ سائنسسي ترقيءَ جي باوجود هن جهان ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي. آسانيءَ سان چئي سگهجي ٿو ته شين جا رنگ روپ ته بدلجن پيا ٿا پر معيار نه.
انسان کي روحاني تعليم ۽ رياضت جي ضرورت آهي ته جيئن هو ايشوري ڄاڻ حاصل ڪري صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪري سگهي ۽ وڌيڪ محنتي، لائق ۽ صبر شڪر وارو بڻجي سگهي.
دنوي شين جي بجاءِ روحاني رمز ڏانهن ڌيان ڏيڻ سان توازن اصل ٿي سگهي ٿو ۽ بعد ۾ وري معيارن جو تجزيو ڪري سگهجي ٿو، جيئن ته اسان جو قبلو صحيح رُخ ۾ ناهي ان ڪري اسان پاڻ کي صحيح وقت تي صحيح صورتحال سان ٺيڪ طرح منهن ڏيڻ کان قاصرآهيون. اسان کي خبر آهي ته صحيح معني ۾ ڏيڻ جو مطلب آهي حاصل ڪرڻ، جيڪڏهن اسان وٽ جيڪي ڪجهه آهي سو اسان دل سان ٻين سان ونڊيون ورهايون ٿا ته نه صرف وٺڻ واري کي فائدو ٿئي ٿو پر اسان کي به لاڀ ملي ٿو.

لڳي ٿو ته هن دنيا ۾ واقعه ڪشي جو سبب لالچ آهي، ڪجهه ماڻهن جي لالچ ڪري ڪافي ماڻهو بي مايه رهجيو وڃن. چيو ويندو آهي ته زندگي جي وڏي ۾ وڏي خوشي ورهائڻ ۾ آهي، جيڪڏهن مال ملڪيت ناهي ته پيار، محبت به ڪنهن دولت کان گهٽ نه آهي. بعض اوقات ته همدردي ۽ تعاون ئي اصلي دان ثابت ٿئي ٿو.

90 - آئيندي جو انحصار

اڄ انسان جيڪي ڪجهه آهي سو پنهنجي ڪيل عملن بري يا ڀلي جي ڪارڻ ئي آهي. اها هڪ شفاف حقيقت آهي، ان کي سمجهڻ لاءِ ڪڏهن وڏي ليکي چوکي جي ضرورت ڪو نه آهي. چڱن توڙي مندن سڀني اعمالن جو حساب آهي. گذريل جي ته ڄاڻ آهي پر اچڻ واري وقت جي خبر ناهي، ٻنهي کي جدا ڪرڻ وارو رڳو اڄ آهي ۽ اسان کي خبر آهي ته اڄ ڇا ٿي رهيو آهي. اڄ جي چڱي طرح خبر هئڻ گهرجي. ماضي ماضي آهي. ماضيءَ جي تجربي مان بهتر ۽ مثبت مستقبل بنائي سگهجي ٿو. اڄ غلطين کي دور ڪجي ته جيئن مستقبل کي بهتر بڻائڻ ممڪن ٿي سگهي.

ڪڏهن توهان سوچيو آهي ته هيئنر واري گهڙي ايندڙ گهڙيءَ جو بنياد آهي، جنهن طريقي سان اسان هن گهڙي ڪو عمل ڪنداسين سو اها ڳالهه تعين ڪندو ته اسان جو ڪهڙي طرح جو مستقبل ۾ ردعمل هوندو. جيڪڏهن ڪا ڳالهه اڄ اسان کي چيڙائي ٿي ته ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي اسان پنهنجو صبر وڃائي ويهون ۽ ٻئي ڏينهن ڌڪ هڻي کين نقصان رسايون. بهرحال جيڪڏهن اسان اڄ کي چڱي طرح پيار ۽ ڀرپور طرح سان گذاريون ته سڀاڻي صورتحال کي يقينا بهتر طور تي منهن ڏئي ڪامياب بڻائي سگهجي ٿو.

91 - وڏي ۾ وڏي ڀل

ڪٿي غلطي نه ٿي پوي، ان ڊپ ڪري اڪثر غلطيون ٿين ٿيون. اسان مونجهاري ۾ هجون ٿا پڪ نه ٿي هجي ته ڪهڙي پاسي وڃجي. اسان ٻين کان پڇي صلاح مشورو ته ڪري سگهون ٿا پر فيصلو ته آخر پاڻ کي ئي ڪرڻو پوي ٿو.

سموري صورتحال جو جائزو وٺي حقيقت کي سامهون رکي پوءِ سمجهڻ بعد ئي ڪوئي فيصلو ڪري سگهون ٿا. هاڻ وري ججهڪ اڌما ۽ آئيندي جي چنتا ٿئي ٿي، جنهن ڪارڻ وقت هٿان نڪري وڃي ٿو. جيئن وقت گذرندو وڃي ٿو تئين فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿيندو وڃي ٿو.ذهن ۾ گهڻيون ڳالهيون اچن ٿيون.اسان منجهي پئون ٿا ۽ ڊپ پيدا ٿئي ٿو.

ڊپ ۽ مونجهارو ٻئي انسان لاءِ موتمار آهن. همٿ، اعتماد ۽ واضح نظر جي لاءِ زهر پڙي آهن. جيڪڏهن اسان کي وقت جو احساس ٿي وڃي ته اسان جيڪر هڪ سيڪنڊ به ضايع نه ڪريون ۽ اڳتي ُڀل ڪرڻ کان بچي وڃون.

اسان کي پنهنجي ڪيل فيصلي جي نتيجي کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجو ڪئيو سمجهي منهن ڏيڻ گهرجي. ڀل جيڪي ڪجهه به هجي. جيڪڏهن اسان جو ڪيل فيصلو درست هجي ٿو ته نتيجو جوڳو نڪري ٿو، پر جيڪڏهن فيصلو درست ناهي ته اسان کي هڪدم ان کي بدلائي ڪري همٿ سان وري منزل مقصود طرف اڳتي وڌڻ گهرجي.

اهو ڊپ ته متان ڪا غلطي نه ٿي وڃي وڏي ۾ وڏي ڀل آهي.

92 - مان ڪير آهيان

ويجهڙائيءَ ۾ مون ڪنهن کي اهو چوندي ٻڌو ته ڪڏهن مان پنهنجي گهر وارن کي ڏسي اوپرو محسوس ڪندو آهيان ۽ منهنجي دل ۾ خيال ايندو اهي ته مان هتڙي ڇا ڪري رهيو آهيان؟ هي ماڻهو ڪير آهن؟ ڪڏهن مان وري اهڙن ويچارن سبب پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪندو آهيان ۽ سِگهڻائي اهڙا ماڻهو آهن ، جيڪي هن شخص جيان محسوس ڪندا آهن.

جيڪڏهن زندگي جو ڪو مطلب ناهي اسان کي خبر ناهي اسان ڪير آهيون. هتڙي ڇا ڪري رهيا آهيون ته مونجهارو ٿئي ٿو ۽ سوين سوال پيدا ٿين ٿا. اهي سوال مونجهارو مٽائي سگهن ٿا. جيڪڏهن اسان جواب طرف ڌيان ڏيون پر اسان ته سوالن کي ئي چنبڙي پئون ٿا ۽ هڪ سوال مان ڏهه سوال پيدا ٿين ٿا.۽

مان ڪير آهيان؟ س۽ ان سوال جو جواب حاصل ڪرڻ هڪ ڳالهه آهي پر ان جواب کي مڃڻ ۽ اپنائڻ بلڪل ئي ٻئي ڳالهه آهي ۽ جڏهن هن سوال جي جواب کي سمجهي ۽ مڃي ڪري زندگي ۾ اپنائجي ٿو ته مونجهارو گهٽجي وڃي ٿو. ٻيو ڳجهه تڏهن نمايان ٿئي ٿو،جڏهن اسان پنهنجي زندگي، پاڻ کي پنهنجي اصل مالڪ ڪل ڪائنات، روح عظيم جو سمجهي پر سڪون روح جيان گهاريون ٿا. اهڙي سمجهه ان احساس کان بعد ۾ وڌي ٿي ته اسان سڀئي هن انساني وڻ جي پنن جيان آهيون. ناٽڪي آهيون، جن کي مختلف ڪردار ادا ڪرڻا آهن. اهڙي سمجهه انسان جي ذهني سڪون حاصل ڪرڻ ۾ وڏي مددگار ثابت ٿئي ٿي.

93 - غلطي جو اعتراف

غلطي جو اعتراف ڏوهه قبول ڪرڻ جيان آهي. اها چڱي ڳالهه آهي. اڪثر جڏهن اسان سانتيڪي گهڙين ۾ پنهنجي گذريل عملن کي جاچيون ٿا لڳي ٿو ته ڪجهه ڪم اسان ڪيا آهن. ٿي سگهي ٿو اسان ڪنهن کي تڪليف ڏني هجي، ڪنهن جي باري ۾ برو سوچيو هجي، غلط سلط ڳالهايو هجي يا ٻيو ڪو برو ڪم ڪيو هجي، ڪنهن کي دوري تي رکيو هجي ڪنهن سان سرد مهري وارو ورتاءَ ڪيو هجي. پنهنجي خواهشن جي پورائي خاطر ٻين جي جذبات کي ٺيس پهچائي هجي رنج رسايو هجي نقصان ڏنو هجي. جنهنجي ڪري ئي اڄ اسان دولاب واري زندگي گذاري رهياآهيون. اسان کي پڇتاءُ ۽ پشيماني ٿئي ٿي. پاڻ کي بهتر بڻائڻ جو ۽ تبديلي جو عهد ڪريون ٿا.

پر ماضيءَ جي ڪرتوتن جو ڇا ٿيندو؟ اهي اسان جي مٿي جو بار آهن، جيترو اسان انهن جي باري ۾ سوچون ٿا اوترو وڌيڪ پشيمان ٿيون ٿا. اهڙن ئي موقعن تي اسان کي پنهنجي سچي ساٿي مالڪ مددگار جي ياد اچي ٿي، جنهن سان اسان پنهنجي دل جو حال اوري سگهون ٿا، جيڪو بخشڻهار آهي ۽ رهنمائي ڪرڻ وارو آهي. هن سان هم ڪلام ٿيڻ لاءِ ڪنهن وقت مقرر ڪرڻ جي ضرورت نه ٿي هجي يا پنهنجا ڳجها راز ظاهر ڪرڻ ۾ ڪو مونجهارو نه ٿو ٿئي.

اهو درست آهي ته اسان کي پنهنجي ئي ڪئيءَ جو ڦل ملي ٿو، جيڪڏهن اها حقيقت سمجهه م اچي وڃي ته پوءِ الاهي مدد، سگهه ۽ همٿ وڌي وڃي ٿي. هو اسان جو اهڙو ساٿي آهي جيڪو نه صرف پريشانيءَ ۽ پشيمانيءَ ۾ اسان سان گڏ آهي پر خوشي جي گهڙي ۾ به اسان سان ساڻ آهي.

94 - تجربو ڏاهپ جو ڏاڪو

ويجهڙائي ۾ مون کان هڪ دوست پڇيو جيڪڏهن مون کي ٻيهر زندگي گذارڻ جوموقعوملي ته ڇا مان ڪنهن شيءِ کي بدلائڻ چاهيندس؟ منهنجو جواب هيو ته مان ڇاجي ڪارڻ ڪجهه بدلائڻ گهرندس؟ اسان کي خبر آهي ته اسان زندگي ۾ ڪجهه غلط فيصلا ڪيا ۽ انهن جي لاءِ اسان کي ڀوڳڻو ئي پوندو. پنهنجي ماضيءَ جي تجربن کي ڏسي اڄ گذارڻو آهي ۽ مستقبل سنوارڻو آهي. مون کي لڳي ٿو ته وڌڻ ۽ ترقي لاءِ مستقبل کي ذهن ۾ رکي اڄ جي حالتن سان مقا بلو ڪرڻ جي لاءِ اسان کي رنڊڪن کي پار ڪرڻ سکڻو پوندو. ائين ناهي ته هرڪوئي پهرئين دفعي ۾ ڪاميابي سان هر رنڊڪ پار ڪري وڃي. بعض اوقات رنڊڪ کي دور ڪرڻ لاءِ ڪيئي ڀيرا ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي. جڏهن اسان هڪ وار منهن ڀرڪرون ٿا، ڌڪ لڳي ٿو، تڪليف ٿئي ٿي ته ٻئي دفعي چڱي طرح ٽپو ڏيڻ سکون ٿا.
جڏهن زندگي جي هن رچنا يا ناٽڪ کي مثبت انداز ۾ ڏسون ٿا ته اهو واضح ٿئي ٿو ته اسان مرضيءَ سان پنهنجي ڪردار ۽ منظر جي چونڊ نه ٿا ڪري سگهون. انڪري پاڻ کي پنهنجي رول کي ڏکين حالتن ۾ بهترطرح سان نڀائڻ جي همٿ ۽ صلاحيت هئڻ گهرجي. جيئن ڪردار نڀائيندا وينداسين تيئن خبر پوندي ته ان کي ڪيئن بهتر بڻائجي. مختلف منظراسان کي لچڪدار ۽ هر فن مولا بڻائڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا جن مان اسانکي آزمائش سبب سگهه ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي. اڳتي وڌڻ لاءِ اتساه ۽ اعتماد پيدا ٿئي ٿو. مليل موقعي کي بهتر تبديليءَ لاءِ استعمال ڪرڻ نهايت سولو۽لاڀدائڪ عمل آهي. ليڪن ڪنهن، حد تائين ناممڪن فعل ثابت ٿيندو! حالتن کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ کان اهو وڌيڪ آسان ۽ مثبت آهي ته اسان موقعي جي مناسبت سان لچڪ پيدا ڪريون.

95- سوچ جهڙو نه ڪو هٿيار

انسان جو وڏي ۾ وڏو هٿيار سندس سوچڻ جي صلاحيت آهي. اسان دنيا ۾ ايٽمي، ڪيميائي ۽ حياتياتي تباهه ڪاريون ٻڌي ڏسي رهيا آهيون. ڪرڪيٽ جي بال جيترو نيوڪليئر گولو پوري شهر کي تباهه ڪري سگهي ٿو. اڃان به پوري ملڪ کي تباهه ڪري سگهي ٿو.
هي ايٽم بم۽ وسيع تر تباهي ڦهلائيندڙ هٿيار ڪنهن ٺاهيا؟ انهيءَ انسان جي ”ذهن“ وڌيڪ طاقتور ڪير آهي، خالق يا تخليق؟ دراصل پيدا ڪرڻ واري کي وڏي سگهه آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سوچ هلاڪت خيز نيو ڪليئر هٿيارن کان وڌيڪ طاقتور آهي. اسان کي ويچارڻ گهرجي ته خرابي آخر ڪنهن ۾آهي. اسان سوچ واري سگهه کي پنهنجي بهتري ۽ ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ ڇو استعمال نه ٿا ڪري سگهون؟ ڳالهه اها آهي ته اسان ان قوت کي وساري ويٺا آهيون ۽ ٻئي ڳالهه ته قوت کي چڱائي لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ چڱيءَ ريت ورتائڻ کان به ڄڻ محروم ٿي ويا آهيون.
اسان وري ان ئي نقطي تي موٽي اچون ٿا ته، اسان اهو وساري ڇڏيو آهي ته اسان سڀ آتما آهيون ۽ ان خام خيال ۾ مبتلا آهيون ته اسان رڳو جسم آهيون ۽ ان طرح اسان پاڻ کي صرف ان مادي حيثيت تائين محدود ڪري رکيو آهي. بهرحال زندگي جسماني حد تائين محدود ناهي. مثال طور منهنجي سوچ، ياداشت، فيصلي ڪرڻ جي سگهه تجويز راءِ سکڻ جي صلاحيت ۽ گهڻيون ئي ٻيون شيون آهن، جيڪي رڳو جسم سبب ڪونه آهن. ڇا جسم کي سوچڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت آهي؟ ۽ جسم جي ڪهڙي حصي کي ياد رکڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت آهي؟ ڇا ٽنگ، ٺوٺ يا نڪ؟ نه اها آتما آهي جيڪا اهي سڀ ڪم ڪري ٿي.

96 - ڏک ڏيکاوِّ

اڪثر ماڻهو پنهنجي وقت ۽ توانائي کي رڳو پنهنجي جسم جي سجاوٽ ۽ ڏيک ڏيکاوِّ ۾ صرف ڪن ٿا. ڪيرآهي جنهن روحاني رمز سمجهي پاڻ کي مالڪ کي وڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟

اسان کي واضح طور تي سمجهڻ گهرجي ته اسان جو جسم تبديل ٿيندڙ آهي ۽ مرڻ وارو آهي. هي خوبصورت جسم ڪجهه وقت لاءِ آهي ۽ ڪنهن حادثي ڪارڻ جسم جو ڪو حصو وڃائجي به سگهي ٿو. جسم يا چهري تي مستقل بدنما نشان نمايان ٿي وڃن ٿا. خوبصورتي بدشڪلي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، جسماني جان جي هڪ حد آهي. جسم کي انت ختم ٿيڻو آهي.

روح ازلي وابدي آهي، لافاني نور آهي، روح مري نٿو روح جي پوشيده اثرات شخصيت کي سنوارين ٿا، جيڪڏهن پنهنجي شخصيت کي روحاني ڄاڻ ذريعي سنوارڻ جي ڪوشش ڪجي ته ڪردار اعلي ۽ شخصيت دلڪش بڻجيو پوي ٿي. انسان ذات جي ڀلائي ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. اسان سڀني اندر اهڙي حيرت انگيز سوچ جي قوت موجود آهي.

اسان جي سوچ جو انداز ئي اسان جي خوشي جي حد جو تعين ڪري ٿو.

97 - توانائي جو زيان

اڄ پنهنجي سمورن ڪمن ڪارين ۾ ڏسو ته توهان جا خيال ڪهڙيءَ رخ پيا ڦرن ٿا، ڪيترو پري پهچن ٿا. ڇا توهان ۾ صلاحيت آهي جو توهان انهن جو رخ پنهنجي مرضيءَ مطابق طئي ڪري سگهو؟ وڏي تعجب جي ڳالهه آهي ته، عام طرح تي، اسان پنهنجي هر هڪ خيال ۾ سمايل بي انتها قوت کان ناواقف آهيون. جيڪڏهن اسان کي ان جي سمجهه اچي وڃي ته جيڪر اسان هن توانائي کي بچائي بهتر اپائتي طريقي سان استعمال ڪريون.
جڏهن توهان بس اسٽاپ يا ٽريفڪ سگنل تي انتظار ڪريو ٿا ته توهان جي دماغ ۾ ڇا هلي ٿو؟ جڏهن توهان وهنجي رهيا آهيو يا گهر ۾ رڌل پچاءَ ۾ مصروف آهيو ته توهان جي ذهن ۾ ڪهڙا خيال اچن ٿا؟ ڪڏهن توهان ان طرف ڌيان ڏنو آهي ته توهان ڇا سوچيندا آهيو؟
حقيقت اها آهي ته هن وقت جڏهن توانائي جا ذخيرا ڪافي تيزي سان کٽي رهيا آهن، توانائي کي بچائڻ جي سخت ضرورت آهي. اسان هرسيڪنڊ ۾ بي انتها توانائيءَ اجايو زيان ڪري رهيا آهيون.
جڏهن توهان ڪوسخت مشقت وارو جسماني ڪم ڪريو ٿا ته توهانجي ڪهڙي حالت هجي ٿي؟ توهان جو جسم ٿڪجي ساڻو ٿي پوي ٿو. ساڳئي طرح ڪم ڪار جو مسلسل ذهني ٻوجهه به انسان کي ٿڪائي ٿو. نااميدي ۽ دٻاوِّ واري ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي. ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته جڏهن ذهن ٿڪل هجي ٿو ته هر ڪم مشڪل لڳي ٿو. اڄ توهان کي پاڻ پرکڻ جو وقت آهي ته ڪٿي توهان جي توانائي ته نه بلا وجه ضايع ٿي رهي آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجي ذهني قوت صحيح طرح سان استعمال نه ٿا ڪريو ته ڀل کڻي توهان جي کاڌ خوراڪ ۾ڪمي نه هجي پر پوءِ به توهان ٿڪل ٽٽل نٻل ۽ نسچت محسوس ڪندوِّ.

98- مسئلي جي جڙ

ڪڏهن ڪڏهن اسان جلدي نراس ۽ نااميد ٿي وڃون ٿا. جيئن چاهيون ٿا تيئن حالتون ڪونه هجن ٿيون . اسان پنهنجي منشا موجب مقصد حاصل ڪرڻ خاطر واقعات ۽ حالات کي ڏسڻ ۽ بدلائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ۽ اها ئي مسئلي جي جڙ آهي. اسان جي سمجهه موجب ته اسان جي سوچ ۽ فيصلو درست آهن پر الائي ڇو ماڻهو اسان جي ڳالهه نه ٿا سمجهن. ڪجهه ماڻهو ته اهڙا آهن جيڪڏهن حالتون سندن سوچ ويچار آهر صحيح وڻندڙ ۽ ٺهڪندڙ نٿيون هجن ته انهن کي رد ڪن ٿا ۽ مخالفت ڪن ٿا.
دانشمندي جي ڳالهه اها آهي ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته زندگي پئي هلندي وقت پيو گذرندو ڀل کڻي اسان هجون يا نه هجون. وقت اسان کي بدلائي ٿو. اسان وقت کي نٿا بدلائي سگهون. انجو مطلب اهو هرگز ناهي ته اسان ڊڄي همٿ هاري هٿيار ڦٽو ڪري پاڻکي سهڻ ۽ برداشت ڪرڻ لاءِ حالتن جي طوفانن ۽ آندهين جي حوالي ڇڏي ڏيون. پر اسان تي لازم آهي ته حالات جي مناسبت سان پنهنجي پاران هر ممڪن ڪوشش ڪريون ته جيئن بعد ۾ پڇتاوِّ يا پشيماني پلئه نه پوي ته هيئن نه ڪيوسي يا هونئن ڪيون ها!

اڪثر اسان ماڻهن کي پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ همٿائيندا آهيون ان ڪري نه ته کين ڪو فائدو رسندو، پرانڪري جو اسان ان طرح چاهيون ٿا. اسانجي گهر۽ ڪم جي جاءِ تي اڻبڻت جو اهو هڪ وڏو ڪارڻ آهي. جيتوڻيڪ اڄ جون حالتون ڪي گهٽ مايوس ڪن نه آهن، تنهن هوندي به اهوذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته دنيا جا مسئلا اڃا وڌندا، جنکي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي پنهنجي صلاحيتن کي وڌائڻ گهرجي.

99 - سرهائي قائم رکو

سرهائي هر ڪنهن کي وڻندي آهي. جنهن شخص ۾ اها خوبي هجي ٿي سو خير خواهي جو مقناطيس هجي ٿو. ڇا اسان کي اهڙي چڱائي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي؟

سرهائي احساس، خوشحالي ۽ قناعت مان پيدا ٿئي ٿي. اها ڏاڍي وڏي خوبي آهي. پر افسوس اسان ان کي برقرار نه ٿا رکي سگهون. گهڻائي حالات ۽ واقعات اهڙا پيش اچن ٿا جيڪي اسان جي سرهائي خوشي کسي وٺن ٿا. اسان غلطي ڪريون ٿا غمگين، ڏکي ۽ مشڪل ۾ مبتلا ٿي وڃون ٿا. ڪاوڙ، نفرت، بغض ۽ ڪيني وارا خيال ذهن ۾ اچن ٿا ۽ سرهائي غائب ٿي وڃي ٿي.
درحقيقت سدائين سرهائي چهري تي مرڪ ۽ اندر جو آنند حاصل ڪرڻ جي راه ڪافي آسان آهي.

اسانکي رڳو پنهنجي چوڌاري چڱين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻو آهي. براين کي هڪ پاسي ڪري ڇڏڻو آهي. جڏهن اسان براين کي ڏسون ٿا ٻين جون اوڻايون تڪيون ٿا، پنهنجي زندگي هن گند سان ڀريون ٿا ته اسان جو ذهن زهرآلوده ٿي وڃي ٿو. منفي خيال اچن ٿا. اهي خيال ئي اسان جي عملن جو باعث بڻجن ٿا، جنهن ڪري غير ضروري غم ۽ مايوسي پيداٿئي ٿي ۽ خوشي وڃائجي وڃي ٿي.

جڏهن اسان صرف چڱي ڳالهين کي ڏسون ٿا ته پوءِ اسان جي سوچ منفي سوچ جي زهريلي اثر کان بچي وڃي ٿي. اسان جا خيال پاڪ، صاف ۽ عمل چڱا ٿين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ خوشي سرهائي ۽ قناعت پسندي حاصل ٿئي ٿي.

100 - ڪاميا بي جا رنگ

ڪاميابي جا هي ٻه مختلف رنگ ڏسو ، هڪ شخص ٿوري ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هو پنهنجي حاصلات کان متاثر آهي ۽ ان جو اظهار به ڪري ٿو ۽ آڪڙ به ڏيکاري ٿو. هن جي ڏک ڏکاوِّ مان هر هڪ شخص محسوس ڪري ٿو ته هن ڪجهه ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ڪو هٿ هنيو آهي. هن جي هر ڳالهه پنهنجي ڪارنامن ۽ حاصلات جي ذڪر سان ڀريل آهي. هو مان مان ۾ ئي لڳو پيو آهي. هر وقت مان ۽ منهنجو !

هو سمجهي ٿو ته دنيا هن جي ماتحت آهي. هو چاهي ٿو ته ٻيا هن جي واه واه ڪن ، هن کي عزت ڏين ، احترام ڪن ۽ هن جي اشاري هيٺ ۽ سڏ تي هجن ۽ هلن. هردم حاضر سائين ، جي حضور ، حڪم سرڪار . هو خود غرض ۽ خوشامدڙن کي هٿ ڪري ٿو ۽ کين ورسائي ٿو. هو پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ هڪ جابر انسان جيان هجي ٿو. هن کي رڳو سندس عهدي يا مقام خاطر قبول ڪيو وڃي ٿو.

وري ٻيورنگ ڏسو ، هڪ ٻيو ڪامياب شخص. ممڪن آ ته پهرئين نظر ۾ توهان اها ڳالهه محسوس ئي نه ڪري سگهو. هنجي هلت چلت ۾ڪا وڏائي ڪونه هجي ٿي. هن جي روش نماڻي ۽ بنا چڙهت واري هجي ٿي. هو پنهنجي چوڌاري ماحول ۽ ماڻهن سان موافقت سان هلي ٿو. هو ٻين جي ڳالهه غور ۽ ڌيان سان ٻڌي ٿو. هردم ماٺيڻو ۽ صبرائتو رهي ٿو. بنا گهرڻ جي عزت ۽ احترام ملي ٿو. هنجي خود شناسائي، جاڳرتا ۽ نمرتا ڀري ڪاميابي ڪارڻ هر ڪوئي هن کي ڀانئي ٿو ۽ سندس ساراهه ڪري ٿو. هڪ ڳالهه واضح طور تي سمجهڻ گهرجي ته اڪثرڪري گهمنڊ ڪارڻ انسان پنهنجي عزت وڃائي ويهي ٿو .

آءُ ، اسين ، مان ، مون ، چارئي چقان لاهه ،
ته سندي دوزخ باهه ، تو اوڏيائي نه اچي .