سنڌ شناسي

سنڌ جا درسگاهه

هيءُ ڪتاب اھم مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ صدين کان قائم ٿيل درسگاهن ۽ انھن جي بانين جو مختصر احوال قلمبند ٿيل آهي. ھن ڪتاب ۾ دادا سنڌيءَ نه رڳو سنڌ جي اوائلي درسگاهن بابت معلومات فراهم ڪئي آهي، پر سنڌ واسين کي پنهنجي ورسي عظيم ورثي کان پڻ آشنا ڪرايو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 848
  • 284
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌ جا درسگاهه

ڪتاب جا سمورا حق ۽ واسطا وٽ محفوظ

ڪتاب: سنڌ جا درسگاھ (سنڌ جي ڪجهه اوائلي درسگاهن جو مختصر احوال)
ليکڪ: دادا سنڌي
ڇاپو: پهريون (نومبر 2014 )
تعداد : هڪ هزار
قيمت : هڪ سئو روپيا
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ
ڪمپوزنگ : قاسم سومرو

ڊجيٽل ايڊيشن : 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhslamat.com



(هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پرٽنگ پريس ڄام شوري ۾ انچارج مئنيجر محمد رحيم نوحاڻي ڇپيو ۽ الهه ڏتي وگهئي، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ان کي پڌرو ڪيو.)


(ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.)

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جا درسگاھ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جو لکيل آهي.
هيءُ ڪتاب اھم مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ صدين کان قائم ٿيل درسگاهن ۽ انھن جي بانين جو مختصر احوال قلمبند ٿيل آهي. ھن ڪتاب ۾ دادا سنڌيءَ نه رڳو سنڌ جي اوائلي درسگاهن بابت معلومات فراهم ڪئي آهي، پر سنڌ واسين کي پنهنجي ورسي عظيم ورثي کان پڻ آشنا ڪرايو آهي.
ھي ڪتاب 2014ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري قاسم سومري جا جنھن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڇپائيندڙ پاران

ڪتاب ”سنڌ جا اوائلي درسگاهه “ سنڌ جي قديم ۽ تاريخي درسگاهن جي تاريخ جو هڪ اهم ۽ معلوماتي دستاويز آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي مانائتي ليکڪ دادا سنڌيءَ جي مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ صدين کان قائم ٿيل درسگاهن ۽ انهن جي بانين جو مختصر احوال قلمبند ٿيل آهي.
هن ڪتاب ۾ دادا سنڌيءَ نه رڳو سنڌي جي اوائلي درسگاهن بابت معلومات فراهم ڪئي آهي، پر سنڌ واسين کي پنهنجي ورسي عظيم ورثي کان پڻ آشنا ڪرايو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي شروعات کان ئي اِها ڪوشش رهي آهي ته تاريخ تي مشتمل اعلى درجي جا معياري ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن، ته جيئن تاريخ جي مختلف دورن جا باب محفوظ ٿي سگهن، اِن ڏس ۾ هيءُ ڪتاب سنڌي جي اوائلي درسگاهن جي مختصر تاريخ طور پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. جنهن لاءِ آءُ جناب مخدوم جميل الزمان چئرمين سنڌي ادبي بورڊ جو تهدل سان شڪر گذار آهيان، جيڪي بورڊ طرفان معياري ۽ سٺا ڪتاب ڇپرائڻ ۾ منهنجي رهنمائي ڪري رهيا آهن.
اميد آهي ته اسان جو هيءُ پورهيو تاريخ سان دلچسپي رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندو.

الهه ڏتو وگهيو
سيڪريٽري
19 محرم الحرام 1436هه
13 نومبر 2014

ٻه اکر

سنڌ جا عالم، سنڌ جي سورمن وانگر علم ۽ عمل جي محاذ تي باقاعده جنگ وڙهيا آهن. اهل مدارس علم جو خزانو رکندا هئا. سڄي سنڌ جي تاريخ ڄڻ ته مدرسن ۾ لکي ويئي آهي. اهي عالم هڪ ئي وقت قاضي به هئا. استاد به هئا ته طبيب به هئا. مخدوم بلاول کان وٺي سيد تاج محمد امروٽي تائين، سڀني عالمن هميشه حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي. سختيون ۽ مصيبتون سٺائون پر حق سچ چوند ا رهيا.
سنڌ ۾ مدرسن جو تعداد اڻ ڳڻيو آهي. ويهي حساب ڪيو ۽ لکيو ته جلد ٺهي پوندا. هتي چند مدرسه ۽ اسڪول مثال طور ڏنل آهن. هن ڪتاب ۾ انهن مدرسن کي قائم ڪندڙن جي سوانح رڳو ان ڪري ڏني وئي آهي ته خبر پوي ته اهي ڪير هئا. ڇا پڙهيا، ڪٿي پڙهيا، ڪيئن ڪيئي تڪليفون سهي ادارا قائم ڪيائون. ان وقت سرڪار کي ڪو اهڙو اونو ڪونه هو ته عام ماڻهوءَ تائين علم پهچي. ڇو ته ائين ڪرڻ سان هو سندن هم سري ڪن ها. پر جس هجي هنن عالمن کي جن هڙان وڙان ڏئي اهي ادارا قائم ڪيا ۽ هلايا.


محمد عثمان ميمڻ
دادو

درسگاهه اگهم ڪوٽ

سنڌ جو قديم تاريخي ۽ علمي شهر اگهم ڪوٽ قديم شهر نيرون ڪوٽ کان ويهن ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ اوڀر طرف ٽنڊي غلام علي روڊ تي آهي. هن کي اگهامڻو ڪري به سڏيندا آهن. هن شهر جو بنياد راجا اگهم وڌو، جيڪو راءِ گهراڻي جي حاڪم راءِ سهيرس، ساهسي راءِ جي دور ۾، سنڌ جي ڏاکڻي حصي لوهاڻي پرڳڻي جو حاڪم هو ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ برهمڻ آباد هو. شهر لاءِ لکن ٿا ته اگهم ڪوٽ جو شهر سنڌ جي انهن جهونن ۽ قديم شهرن مان هڪ آهي، جن پنهنجي اندر ۾ مسلم دور جي تاريخ، تهذيبي اثرات ۽ ان کان اڳ جي سنڌي تهذيب ۽ ثقافت کي سيني ۾ سانڍي رکيو آهي.
اگهم ڪوٽ، عربن کان وڌيڪ سومرن جي دور ۾ علم و ادب ۾ ترقي ڪئي. نامور محقق محمد حسين ڪاشف لکي ٿو ته هيءُ شهر هڪ عظيم علمي مرڪز ۽ الله وارن بزرگن جي رشد ۾ هدايت ۽ فيض جو سرچشمو هو، جتان اُڃايل دلين علم ۽ عرفان جي آب سان الاهي عشق جي اُڃ پئي اجهائي ته ٻئي طرف هيءُ شهر وقت جي حاڪمن، انهن جي نائبن ۽ سردارن جو آماجگاهه هو. سومرن جي دور ۾ هيءُ شهر علمي اوج تي هو. هتان جي مشهور علمي شخصيت مخدوم اسماعيل سومرو هو، جنهن جي هتي وڏي درسگاهه هئي، جيڪا شهر جي وڏيءَ مسجد جي ڏاکڻي طرف هڪ ڪشادي جاءِ ۾ قائم هئي. رحيمداد مولائي شيدائي ” تاريخ تمدن سنڌ “ ۾ لکي ٿو ته هن مدرسي ۾ هڪ ئي وقت سوين شاگرد تعليم حاصل ڪندا هئا. سندن رهائش، کاڌ خوراڪ ۽ پوشاڪ جو سارو خرچ سومرا امير، درويش دائود، ميان حمل ۽ مخدوم اسماعيل سومرو ڀريندا هئا. هن مدرسي جي نصابي تعليم ” تحفته الڪرام “ جو مصنف لکي ٿو ته هن درسگاهه ۾ رڳو پنج سئو شاگرد قرآن مجيد جي تعليم وٺندا هئا ۽ باقي ٻين علمن جي تعليم حاصل ڪرڻ وارن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جي علم فقهه، علم حديث، علم تصوف ۽ طب وغيره جي تعليم حاصل ڪندا هئا.
اگهم ڪوٽ جي هن عظيم درسگاهه جو باني مهتم ۽ مدرس اعلى مخدوم اسماعيل سومرو، مخدوم نوح سرور رح جو همعصر ۽ پوئلڳ هو. هن بزرگ جي ئي ڪوششن سان هيءُ شهر علمي بحر ۽ روحاني فيض جو مرڪز بڻجي پيو. هن جي وفات کان پوءِ، سندس فرزند حامدالله درسگاهه جي انتظام کي سنڀاليو . هو به پنهنجي والد وانگر عامل ۽ اهل الله هو. سٺو مفتي ۽ علم فقه جو ڄاڻو هو. هن مدرسي جي ڪري ” اگهم ڪوٽ “ ۾ سهروردي توڙي قادري طريقن جي بزرگن جو فيض عام رهيو ۽ انهن بزرگن ئي پنهنجي زندگيءَ کي عوام جي اخلاقي تربيت ۽ روحاني خوشي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ هيءُ شهر انهيءَ درسگاهه جي موجودگيءَ ڪري هڪ اهم اسلامي مرڪز بنجي پيو.

[b] محمد اسماعيل سومرو :[/b] هن بزرگ جو احوال ڪتاب ”حقيقته الاولياءَ“ ۽ ڪتاب ”گلزار ابرار“ ۾ آيل آهي. هيءُ بزرگ پنهنجي وقت جو عارف، ڪامل ولي، ۽ اهل دل عالم ٿي گذريو آهي. هن وٽان هزارين ماڻهو ظاهري توڙي باطني علم پرائي نڪتا. سندس خانقاهه ۾ ڪيترائي ماڻهو ڏورانهن هنڌن تان اچي علم حاصل ڪندا هئا. ڪيترائي ايڪڙ اناج جا پوکيندا هو، ته جيئن خانقاهه جو لنگر هلي. پاڻ اگهم ڪوٽ جي قلعي ۾دفن ٿيل آهي. سندس ولادت جي تاريخ جي ته خبر ڪانه آهي. پر سندس وفات سنه 998هه ۾ ڄاڻائي ويئي آهي.
هن درسگاهه جي ٻين اهم استادن ۽ شاگردن ۾ استاد شاهه عبدالمجيد عرف شاهه باجيد، پير حسين شاهه، مخدوم عثمان، شاهه اسد قريشي، مخدوم صدو موهيو، شيخ نورالدين، سليمان درويش، عمر بودلو، حمزو پرهار ( پرهياڙ )، محمد شريف ۽ سيد نونس جا نالا قابل ذڪر ۽ قابل تعريف آهن، جن پنهنجو رت ۽ پگهر ڏيئي، هن عظيم درسگاهه جو مان مٿانهون ڪيو. محقق محمد سومار شيخ لکي ٿو ته اگهم ڪوٽ جي هيءَ ديني درسگاهه ٺٽي جي اوج کان به گهڻو اڳ ديني تعليم جو مرڪز بنجي ويئي. بدين ضلعي جي درسگاهن جو شهر ”اگهم ڪوٽ“ هو، جنهن ۾ مدرسا ۽ خطابي (طالب العلم) تمام گهڻا آهن.
اگهم ڪوٽ جي هي درسگاهه ترخانن جي دور ۾ قائم رهي ۽ ان وقت سندس اوج به هو. هن درسگاهه ان دور ۾ ايتري قدر مڃتا ماڻي جو مرزا محمد باقي ترخان جهڙي ظالم، بخيل ۽ ٺڪر حاڪم هن مدرسي سان لاڳو زمين تي ٿيل آبادي تان ڍل معاف ڪري ڇڏي ۽ ٻيا انگ ابواب به ڪونه وٺندو هو. رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون“ ۾ هن درسگاهه جو ذڪر ڪيو آهي. هيءَ درسگاهه ترخانن جي آخري دور ۾ ڦِٽي ويئي ۽ هتان جي علمي اوج جون ڳالهيون به هوريان هوريان ٺٽي ڏانهن منتقل ٿيڻ لڳيون.
اگهم ڪوٽ جي درسگاهه کي هڪ عظيم ڪتب خانو به هو، جنهن جو بنياد مخدوم محمد اسماعيل سومري وڌو ۽ پوءِ ان کي پوئين بزرگن وڌايو. پر جڏهن درسگاهه جو زوال شروع ٿيو، تڏهن انهيءَ درسگاهه جو عظيم ”ڪتبخانو“ به ٺٽي ڏانهن منتقل ٿي ويو.
مخدوم حامدالله اگهمي جو تذڪرو، مولانا دين محمد وفائي، پنهنجي ڪتاب ” مشاهير سنڌ “ ۾ ڪيو آهي ته مخدوم حامدالله اگهم ڪوٽ درسگاهه جو معلم هو. سندس فتوائون ۽ تحريرون اڃا موجود آهن، جن مان علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻيءَ جهڙا مفتي ۽ فقه به سند ۽ حجت وٺندا هئا. سندس ملاقاتون شيخ بهاءُ الدين، دلقپوش ۽ شيخ محمد فخريه سان رهيون. مخدوم حامدالله اگهميءَ جي وفات جي تاريخ ملي نه سگهي آهي، پر ”دليل الذاڪرين“ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو 11 صدي هجريءَ جو هڪ ڪامل عارف هو.

بوبڪ جي درسگاهه

سنڌ جي تاريخ ۾ سمن جو دور ٻين سڀني تاريخي دورن ۾ ”تعميري دور“ جي حيثيت رکي ٿو. هن زماني ۾ اسلامي علم ۽ فن گهڻي ترقي ڪئي. ان جو خاص سبب هيءُ هو جو سرمائيدار ۽ حاڪم پاڻ به علم ۽ فن جا قدردان هئا ۽ علماءَ اڪرام جي عزت افزائي ۽ حوصله افزائي ڪندا هئا. پندرهين صدي عيسويءَ جي سنڌ جو حاڪم ڄام نظام الدين سمو هڪ اهل علم، پرهيزگار ۽ خدا ترس حاڪم هو. سندس دور ۾ عالم ۽ فاضل وڏن وڏن عهدن تي مقرر ٿيل هئا. سندس علم پروريءَ ڪري ڪيترائي عالم پرڏيهه کان سنڌ ۾ لڏي آيا، جنهن ڪري سنڌ ۾ درسگاهن ۽ مڪتبن جو ڄار وڇائجي ويو. سنڌ جي هر قصبي، ڳوٺ ۽ شهر ۾ وڏيون درسگاهون ۽ خانقاهون موجود هيون، جن ۾ اسلامي علم جهڙوڪ : قرآن پاڪ جو تفسير، فقه، حديث، نحو ۽ علم منطق جو درس ڏنو ويندو هو. هن دور ۾ درسگاهن لاءِ جدا جدا عمارتون ٺهيل هيون ۽ حاڪمن طرفان هر درسگاهه کي خاص گرانٽ ملندي هئي. اسلامي دنيا سان رابطي رکڻ لاءِ ٻيون ٻوليون سيکاريون وينديون هيون. هن دور جون درسگاهون بغداد، دمشق ۽ ڪوفي جي درسگاهن جي برابر هيون. انهن درسگاهن مان بوبڪ جي درسگاهه مشهور آهي.
بوبڪ، دادو، ضلعي ۾ سيوهڻ کان اولهه پاسي اٺ ميل کن پري آهي. هن شهر جي بانيءَ جو نالو ابوبڪر هو، جيڪو بگڙي بوبڪ ٿي پيو. بوبڪ شهر ۾ حضرت عباس رضه جو اولاد رهندڙ هو، جيڪو علمي مرتبي ڪري مخدوم سڏجڻ لڳو. هن خاندان ڪيترائي عالم ۽ فاضل پيدا ڪيا، جن مان مخدوم عبدالڪريم ميران مشهور بزرگ آهي. تحفته الڪرام ۾ آهي ته مخدوم ميران ولد مولوي محمد يعقوب، معقولي خواه منقولي علمن جو ڀنڊار هو. هو عالم باعمل، عارف، محقق ۽ تدريسي ڪمن جو شائق هو. ”نزهته الخواطر“ وارو ليک ٿو، ته اڪثر ماڻهو ميران صاحب جي علمي شخصيت کان گهڻو متاثر هئا. مخدوم عبدالڪريم جيئن ته پڙهڻ پڙهائڻ جي شعبي سان تعلق رکندو هو ۽ وقت جا حاڪم به سندس مدح خوان هئا. ان ڪري هن سنڌ جي عوام کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ بوبڪ ۾ وڏي درسگاهه جو بنياد وڌو، جنهن مان نه رڳو سنڌ پر پوري ننڊي کنڊ فيض پرايو. مخدوم ميران جي دور ۾ ئي هن عظيم درسگاهه جي واکاڻ چوطرف پکڙجي ويئي. شيخ يوسف پاٽائي سنڌيءَ جو پٽ علامه طاهر محدث سنڌي ۽ علامه محمد عثمان بوبڪائي، هن ئي درسگاهه مان فيض حاصل ڪيو. اهي ٻئي عالم پوءِ برهانپور هندستان لڏي ويا، جتي هڪ وڏي درسگاهه قائم ڪيائون، جنهن مان هندستان جي ڪيترن ئي ماڻهن فيض حاصل ڪيو. هنن سنڌي عالمن حديث جي وڏي اشاعت ڪئ. ڄڻ برهانپور جو مدرسو بوبڪ درسگاهه جي وڏي شاخ هئي.
شاهه بيگ ارغون جي پٽ مرزا شاهه حسن ارغون به هن درسگاهه ۾ تعليم حاصل ڪئي. ان دور ۾ مخدوم عبدالڪريم کي وقت جي حاڪمن سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ”ٺٽي“ ۾ گهرائي هڪ اعلى منصب تي فائز ڪيو. مخدوم صاحب ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ بوبڪ جي درسگاهه مخدوم محمد جعفر سنڀالي. جيڪو مخدوم عبدالڪريم جو پٽ هو. مخدوم جعفر پنهنجي والد وٽ پڙهيو ۽ علم حديث جي سند ان دور جي وڏي محدث محمد بن محمد الڪبري الشافي کان مڪي شريف مان حاصل ڪئي. هو نه رڳو فقه ۽ حديث جو ڄاڻو هو. پر طب، نجوم، جعفر ۽ رمل ۾ به کيس وڏي مهارت حاصل هئي. هن درس ۽ تدريس سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم به جاري رکيو هو. پاڻ پهريون سنڌي عالم آهي جنهن تعليم جي اصولن تي ”نهج التعليم“ نالي ڪتاب لکيو. سندس تعليم جي باري ۾ نظريا، اصول ۽ تجويزون ڪنهن به طرح منطقي، حڪمتي ۽ روحاني اصولن جي اعلى معيارن کان گهٽ نه آهن. سندس تعليمي نظريا، خدمتون ۽ فلسفو جديد تحقيقات جي روشنيءَ ۾، باوقار ۽ استحڪام رکندڙ آهن. هن جو تعليمي فلسفو هڪ ملڪ جي ماڻهن جي مزاج ۽ حالتن پٽاندر جو مدرس ۽ منتظم به هو. سندس دور ۾ هن درسگاهه وڏي ترقي ڪئي. ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر لکي ٿو، ته هن بزرگ بوبڪ جي درسگاهه ۾ جيڪو فيض ڏنو. ان سڄيءَ سنڌ کي فيض سان سيراب ڪري ڇڏيو. سندس اولاد مان مخدوم نجم الدين وٽس پڙهيو ۽ ان کان مخدوم حامد الله ۽ مخدوم عبدالغني فيض پرايو. اهڙيءَ طرح هن درسگاهه جو فيض ٺٽي ۾ به پهتو.
تاريخ جي تذڪرن ۾ مخدوم جعفر جو ذڪر هن ريت اچي ٿو ته :

[b] مخدوم جعفر بوبڪائي:[/b] هيءُ بزرگ، وڏو عالم، محدث، فقه ۽ علم نجوم جو وڏو عالم هو. بوبڪن واري درسگاهه جو پيءُ کان پوءِ مدرس اعلى ٿيو. قاضي قاضن کي جڏهن ارغونن قاضي القضات جي عهدي تي رکيو، ته مخدوم جعفر کيس اهو عهدو قبول ڪرڻ کان منع ڪيو. پر قاضي قادن نه مڙيو. سندس ڪيترائي ڪتاب قلمي صورت ۾ بوبڪن جي مخدومن وٽ آهن. ڪي ڪتاب اڄ ’الازهر‘ يونيورسٽي مصر ۾ پڙهيا وڃن ٿا. هن بزرگ جي مزار بوبڪن جي ڀر واري مقام ’پير منبي‘ ۾ آهي، جيڪا پٿرائين آهي.
مخدوم بايزيد ٺٽوي به بوبڪ جي مدرسي مان فيض حاصل ڪيو ۽ ساڳئي ريت هالا جو مخدوم پير محمد پڻ هن درسگاهه مان فارغ التحصيل ٿيو. جنهن مخدوم جعفر جي شاگردن جي شاگرد کان علم حاصل ڪيو.
مطلب ته بوبڪ سنڌ جي اها يونيورسٽي رهي، جنهن ساري سنڌ کي علم جي روشنيءَ مان منور ڪيو. هن علمي اداري جي شعاعن سنڌ جون حدون اورانگهي ڏورانهن ڏينهن ۾ وڃي جهالت جي اونداهه کي تڙي، مولا جي مخلوق کي نئين ساڃهه ۽ سوچ جي جوت عطا ڪئي. اهڙي طرح سنڌ جو نالو بلند ڪيو. هن درسگاهه جي تعليمي نصاب جو جيتري تائين تعلق آهي، ته مخدوم جعفر، جيڪو نه صرف حديث ۽ فقه جو ماهر هو، پر هو ٻين سائنسي ۽ سماجي علمن جو ڄاڻو هو. ان ڪري هن سائنسي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ علم کي فرد جي تربيت ۽ اصلاح جو ذريعو سمجهيو ۽ سماج ۾ شانائتي زندگي گذارڻ لاءِ ڪارگر راهه بنائڻ تي زور ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو هن درسگاهه ۾ علم منطق، علم نجوم، علم رمل ۽ علم طب جي تعليم به ڏني ويندي هئي ۽ اهڙيءَ طرح شاگرد علمي ميدان ۾ پئي، پنهنجو روزگار حاصل ڪري معاشري ۾ پنهنجو مقام ولاري سگهندا هئا. مخدوم صاحب خاص ڪري علم منطق ڏي توجهه ڏنو ۽ معقولات کي نصاب ۾ داخل ڪيو. اهڙي طرح اڳتي هلي سنڌ جي درسگاهن ۾ انقلاب آيو ۽ سائنسي بنياد تي تعليم ڏيڻ جو لاڙو پيدا ٿيو. اهڙيءَ طرح هيءُ درسگاهه سنڌ ۾ نئين جاڳرتا جو سبب پڻ بنجي ويئي.
درسگاهه بوبڪ، سنڌ جي عالمن ۾، نه صرف پڙهڻ پڙهائڻ پر تصنيف ۽ تاليف جو رجحان به پيدا ڪيو، ان ڪري هن درسگاهه جا فارغ التحصيل شاگرد اڳتي هلي باعمل به ٿيا، ته صاحب قلم به ٿيا، جن ادبي دنيا ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. هن درسگاهه جو ڪتبخانو به مثالي نوعيت جو هو، جنهن ۾ مذهبي ۽ فقهي ڪتابن سان گڏ منطقي ۽ سائنسي ڪتابن جو به وڏو ذخيرو موجود هو. خاص ڪري مخدوم جعفر، مدرسي جي لائبريري ۾ فلسفي جي ڪتابن کي گڏ ڪيو ۽ طالبن ۾ ان قسم جي ڪتابن پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو. مطلب ته ان دور جي سنڌ جي هيءَ درسگاهه پنهنجي نوعيت جي هر لحاظ کان مثالي ۽ منفرد درسگاهه هئي.
بادشاهه محمد تغلق سنڌ جي ٻن مشهور شهرن بکر ۽ سيوهڻ ۾ مسجدون، مدرسا ۽ خانقاهون ٺهرايون، جن ۾ هرات ۽ خراسان جا شاگرد به تعليم وٺڻ ايندا هئا. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي درسگاهن ۾ قرات، تفسير، حديث ۽ فقه جا مضمون پڙهايا ويندا هئا. ان کان سواءِ منطق، رياضي، علم هئيت ۽ خطاطيءَ جا مضمون پڻ شامل هئا. انهيءَ دور ۾ مخدوم عبدالڪريم ميران جي بوبڪ ۾ هڪ وڏي درسگاهه هئي، جنهن مان نه رڳو سنڌ پرايو، پر سڄي ننڍي کنڊ به اتان فيض حاصل ڪيو.

[b]حڪيم محمد عثمان بوبڪائي[/b] : حڪيم محمد عثمان پٽ شيخ عيسى پٽ شيخ ابراهيم صديقي بوبڪن واري درسگاهه مان ابتدائيءَ علوم شخصيت هو. سنه 983ع ۾ گجرات ويو. اتان پوءِ برهانپور پهتو. اتي سندس وڏي عزت ٿي. برهانپور جي فضا ۽ فتوى جو عهدو سندس سپرد هو. 27 سالن تائين برهانپور ۾ مختلف علوم پڙهائيندو رهيو. پاڻ سن 1008هه ۾ ڌاڙيلن هٿان 17 عزيزن سميت شهيد ٿيو.

[b] علامه طاهر بن يوسف پاٽائي[/b] : علام طاهر بن يوسف پاٽائي محدث سنڌي ۽ حڪيم محمد عثمان بوبڪائي، بوبڪ جي انهيءَ درسگاهه جا شاگرد هئا. اهي ٻئي عالم برهانپور هندستان پهتا ۽ اتي هڪ وڏي درسگاهه قائم ڪيائون، جنهن مان هندستان جي ڪيترن طالبن علمن فيض پرايو. اسان مختصر طور هيٺ ا نهن محدثن جي سوانح ڏيون ٿا. طاهر بن يوسف پاٽائيءَ جو سلسلئه نسب هن ريت آهي.
طاهر بن يوسف بن رڪن الدين بن معرف شهاب الدين طاهر، يوسف جو وچون پٽ هو. ابتدائي تعليم پنهنجن وڏن وٽان پرايائين. بعد م بوبڪن واري درسگاهه ۾ مخدوم جعفر وٽ پڙهيو. اتان فارغ التحصيل ٿي هندستان جي شهر گجرات ڏانهن هليو ويو، جتي شيخ محمد غوث گواليار جي صحبت ۾ گهڻو علم پرايائين.
سندس تصنيفون هي آهن:

1. تفسير مجمع البحار طاهري
2. مختصر قوت القلوب
3. انتخاب مواهب الدينه
4. ملتقط جمع الجومع سيوطي
5. صحيح بخاريءَ جي شرح جو اختصار
6. تفسير مدارڪ
7. اسامي رجال
8. رياض الصالحين

هن بزرگ، صوفي عالم ۽ محدث سنه 1004 ۾ وفات ڪئي.

درسگاهه چوٽياري

هيءَ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته اسلام جي اچڻ سان سنڌ ۾ عام تعليم ۽ ان جي تحقيق ۽ تلاش جو ڪم شروع ٿيو. سنڌ جي حدن اندر هڪ نئين ۽ روشن معاشري جي اوسر شروع ٿي. مسجدون ۽ مدرسا قائم ٿيا. تعليم جو عام رواج پيو. تعليم مفت ۽ سولي ٿي پيئي. مسلمانن نوان شهر آباد ڪيا ۽ مختلف عقيدن واري گڏيل سماج ۾ اسلامي قدرن جي ترويج ٿي. اسلامي ملڪن جا ڪيترائي معتبر ۽ معزز عالم سنڌ ۾ آيا، جن قرآن مجيد، فقه، حديث ۽ ٻين علمن جي تعليم ڏانهن ماڻهن کي متوجهه ڪيو. سنڌ جي حڪمرانن عوام جي تعليم ڏانهن وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنو ۽ انهن لاءِ مدرسا، مسجدون ۽ مڪتب قائم ڪيا.
چوٽياريءَ کي عام طرح چوٽياريون چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته هي شهر هڪ ٻئي پٺيان ٻن جاين تي آباد ٿيو. چوٽياري سانگهڙ کان 15 ميل پري، اوڀر طرف اُڀرندي ناري جي ڪنڌيءَ تي آهي. هن ڳوٺ ۾ اوڀائي نالي هڪ وڏو بزرگ ۽ درويش رهندو هو، جنهن کي محمد مبين نالي هڪ پُٽ هو. محمد مبين ٺٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي، سندس نياز مندي شاهه عنايت رضوي سان هئي، جنهن کيس هڪ دفعو چيو هو ته ابا ڏيئو ٻرندو رهندو ۽ جي وٽ سنهي ٿي ته به اجهامندي ڪونه. ميان محمد مبين، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سان گڏ تعليم حاصل ڪئي. سنه 1140 هه ۾ سندس دستار بندي ٿي. هو صرف و نحو ۽ علم فقه جو وڏو ڄاڻو هو. علم سان گڏ سندس فڪر جو معيار به خاصو بلند هو. هو تواضع، نوڙت ۽ نياز جو صاحب هو. ٺٽي مان اعلى تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، 1140 هه ۾ پنهنجي ڳوٺ جو چوٽياري ۾ اچي هڪ ننڍو مڪتب کوليو، جيڪو اڳتي هلي سنڌ جو عظيم درسگاهه بنيو. ميان صاحب هڪ درسگاهه کي پهرين هڪ ننڍڙي مسجد ۾ قائم ڪيو، ۽ ان کان پوءِ ان کي وڌائي وڏي جاءِ ۾ آندائين. مڪتب سان گڏ ميان صاحب هڪ ننڍڙو ڪتب خانو به قائم ڪيو. ٻين طرفان ڪتاب گڏ ڪرڻ کان سواءِ، ڪي ڪتاب پنهنجي هٿن سان پاڻ نقل ڪيائين. ميان صاحب لاڳيتو پنجاهه سال هن درسگاهه جي خدمت ڪندي سنه 1196 هه ۾ گذاري ويو.
ميان محمد مبين جي وفات کان پوءِ سندس ڀائيٽيو عزت الله درسگاهه جو مهتم ٿيو. هو به وڏو عالم، فاضل ۽ ڪاتب هو. هن پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ ڪتبخاني جي علمي ذخيري ۾ سٺو واڌارو ڪيو. هن کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان عبدالله بن محمد مبين، محمد مقبول، ربڏنو، عبيدالله، قاضي محمد مسعود، عبدالرحمن، عبدالحڪيم، محمد اڪمل، عبدالڪريم ۽ عبدالرسول چوٽياريءَ جي درسگاهه مان مدرس اعلى ۽ مهتم بنيا. هنن بزرگن پنهنجي پنهنجي دور ۾ هن درسگاهه کي ترقيءَ جي معراج تي پهچايو. هن درسگاهه جو تعليمي نصاب هن ريت هو. پهريائين ٻار کي قرآن مجيد روان پڙهايو ويندو هو. پوءِ سنڌي درسي ڪتاب پڙهايا ويندا هئا، جن ۾ ”مصلح المفتاح“ ينعنى دائري وارن بزرگن جي سنڌي ۽ ٻيو هڪ ڪتاب نصاب ۾ شامل هئا. ان کان پوءِ فارسي ۽ عربي پڙهائي ويندي هئي. ”مصلح المفتاح“ ڪتاب، جيڪو سيد علي محمد شاهه جو لکيل هو، نه فقط چوٽياري جي درسگاهه ۾، پر انهيءَ دور جي ٻين وڏين درسگاهن ۾ پڻ پڙهايو ويندو هو. هيءُ ڪتاب نه فقط نماز جي مسئلن بابت هڪ جامع ڪتاب آهي، پر علمي، تحقيقي ۽ قهي جستجو جو به هڪ نادر نمونو آهي. ان کان سواءِ سنڌي زبان جي هڪ آڳاٽي درسي ڪتاب جي لحاظ سان به هيءُ ڪتاب سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ هڪ خاص اهميت رکي ٿو، جنهن کي ميرن جي دور ۾”نصابي ڪتاب“ جي حيثيت حاصل هئي.
چوٽياري جي هيءُ درسگاهه پري پري تائين مشهور هئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ” هن درسگاهه جا ٻه دور آهن. پهريون سندس شروعاتي دور، جيڪو سنه 1140 هه کان ايندڙ چاليهن پنجيتاليهن سالن تائين رهيو. اهو هن درسگاهه جو بنيادي دور هو، جنهن ۾ ميان محمد مبين جا پنهنجا پٽ ۽ ڀائيٽا توڙي پسگردائي خاص ڪري موجوده سانگهڙ ۽ کپري تعلقن مان شاگرد هتي اچي پڙهيا. هن دور ۾ درسگاهه جي اعلى تعليم يافته شاگردن مان مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي مشهور ٿيو. گرهوڙي صاحب جي عربي تصنيف ۽ تحرير مان ظاهر آهي ته هن دور ۾ محمد مبين جي اڳواڻيءَ هيٺ هن درسگاهه ۾ اعلى قسم جي علمي ۽ فڪري تعليم ڏني ويئي۔ ميان محمد مبين جي وفات کان پوءِ، هن درسگاهه جو ٻيو دور سنه 1186 هه ۾ شروع ٿيو. مخدوم عبدالرحمن، قاضي محمد مسعود، سيد عبدالغني، سيد عبدالحڪيم، سيد محمد اڪمل ۽ سيد عبدالرسول جهڙن مشهور عالمن ۽ ٻين هن دور۾ تعليم ڏني ۽ درسگاهه جي وڏي مشهوري ٿي. نه صرف پسگردائي پري پري کان سنڌ مان شاگرد هتي اچي پڙهيا. انهن عظيم شاگردن مان محمد ذاڪر، حافظ محمد، محمد اڪمل، عبدالله، محمد ملوڪ، حاجي جان محمد، نورالدين، محمد صالح، عبدالغني، عبدالقوي ۽ عبدالرسول بن عبدالحئي مشهور ٿي چمڪيا. هتي شاگردن کي خوشخطي به سيکاري ويندي هئي. ان ڪري هتان جا شاگرد سٺا ڪاتب به هئا.
چوٽياري درسگاهه جو ڪتبخانو به تمام گهڻو مشهور هو. ميان صاحب، سندس ڀائيٽي عزت الله ۽ ٻين ڪتبخاني کي خوب وڌايو ۽ ڪتاب پنهنجن هٿن سان لکي سونهن ۽ سوڀيا ۾ واڌارو پيدا ڪيو. هيءُ ڪتب خانو ايڏو ته مشهور هو، جو هتي بوبڪ ٺٽي جي عالمن جا به ڪتاب پهتا. هن مان صاف ظاهر آهي ته شاگردن لاءِ مطالعي جي سهولت قائم ڪري، سندن علمي معيار کي اوج تي پهچائڻ هتان جي عالمن ۽ مدرسي جو بنيادي اصول هو.
سنڌ جي هيءَ عظيم درسگاهه، جا ڪلهوڙن جي دور ۾ آباد ٿي ۽ انگريزن جي اوائلي دور ۾ اوج تي پهتي، سا سنه 1947ع تائين پنهنجي معيار کي قائم رکيو آئي. هن درسگاهه جو آخري استاد ميون حاجي محمد هو. سندس مديني شريف ڏانهن هجرت ڪرڻ ڪري، چوٽياري جي درسگاهه جي تدريسي دور ختم ٿي ويو ۽ ڪتبخانو به اڏوهي جي نذر ٿي ويو.

مدرسه مظهر العلوم عربيه کڏو

اهي ادارا جن پنهنجي ملڪ ۽ ملت جي انساني ۽ فطري حقن جي بحال ڪرڻ جي تحريڪ هلائي هجي، جنگ لڙي هجي، قومي آجپي جي مهم لاءِ ميدان تيار ڪيا هجن، انهن تاريخي ادارن مان ”مدرسه العلوم عربيه کڏو“ ڪراچي به هڪ آهي. سنڌ مٿان انگريزن جي ڏاڍ، جبر ۽ قهر جي ڏينهن ۾ قائم ٿيندڙ هن اداري انگريزن خلاف ماڻهن ۾ جذبو پيدا ڪيو ۽ آزادي لاءِ تڙپ پيدا ڪئي، هن مدرسي ديسي ماڻهن جي هر فرقي ۽ مذهب وارن کي انگريز دشمني ۽ آزادي جي جنگ لڙڻ جي دعوت ڏني. قوم ۽ وطن جي نوجوانن کي حب الوطني جو درس ڏنو ۽ غلاميءَ کان نفرت ڪرڻ سيکاري. آزاديءَ جو قدر ۽ قيمت سيکاريو.
مدرسه مظهر العلوم عربيه جو بنياد جنگ آزادي کان پوءِ سنه 1885ع ۾ عبدالله ميمڻ، مولوي محمد سليمان ٻنوي جي مدد سان وڌو. مولانا محمد سليمان مدرسي ۾ تعليم به ڏيندو رهيو. ايتري ۾ مولوي عبدالله جو فرزند مولانا محمد صادق، ديوبند مان اعلى تعليم حاصل ڪري واپس آيو ۽ مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو. والد صاحب جي وفات کان پوءِ مدرسه مظهرالعلوم جو انتظام مولانا محمد صادق سنڀاليو. مولانا پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ مدرسي کي هڪ مثالي ادارو بنائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. مولانا صاحب جيئن ته ديوبند ۽ شيخ الهند رح وٽ تعليم حاصل ڪئي ۽ مولانا حسين احمد مدني ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جهڙا آزادي جا متوالا سندس هم سبق هئا. ان ڪري هن ۾ به برطانوي سامراج جي مخالفت ۽ آزادي جي تڙپ ۽ ولولو پيدا ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي وطن ۽ اسلامي دنيا کي مغربي حڪومتن، خاص ڪري انگريز سرڪار کان آزاد ڪرائڻ لاءِ پنهنجي مدرسي کي اهم مرڪز بنايو. ان لاءِ هن تعليمي نصاب ۾ وڏيون تبديليون آنديون ۽ نئين تقاضائن موجب ڦير ڦار ڪئي. جنهن ڪري شاگردن ۾ ذهني ۽ فڪري صلاحيت پيدا ڪرڻ ۾ نصاب مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. مدرسي ۾ دينيات جي مڪمل تعليم سان گڏوگڏ حساب، تاريخ، جاگرافي ۽ جديد دنيا جي مسئلن کان شاگردن کي آگاهه ڪرڻ لاءِ نوان نوان منصوبا ۽ تجربا پيش ڪيا ويا. ڇو ته پراڻن مدرسن جا اهي ڪتاب جن جي پڙهڻ سان انهيءَ دور ۾، بصيرت، استعداد، اسلامي شعور ۽ دين جي حقيقي دعوت ۽ تبليغ ۾ ڪا خاص مدد نه ٿي ملي. انهن جي جاءِ تي موجود زماني جي نئين تقاضائن مطابق نصاب ۾ اُهي ڪتاب داخل ڪيا ويا، جيڪي ملڪ ۽ ملت جي حقيقي ترجمانيءَ جو حق ادا ڪري پئي سگهيا. انهيءَ خيال سان هي پنهنجي نوعيت جو آڳاٽو ۽ اڪيلو ادارو آهي، جنهن ۾ اسلامي علوم جا سڀئي قديم نادر ۽ ناياب ڪتاب داخل ڪيا ويا. جن سان طالب علمن کي تنصيف ۽ تاليف ۽ مقالا نگاريءَ جو شوق پيدا ٿيو. مولانا عبيدالله سنڌي جلاوطنيءَ کان موٽڻ بعد سڄي برصغير ۾ شاهه ولي الله جي فڪر تي تعليمي نصاب ٺاهڻ جو ارادو ڪيو. انهي مقصد لاءِ مولانا سنڌي ”مدرسه مظهر العلوم قاسميه“ کي چونڊيو ۽ هت ” بيت الحڪمت ولي الاهي“ قائم ڪيائون ۽ هن درسگاهه جو سمورو تعليمي نظام مدرسه ديوبند جي طرز تي هلايائون. هن درسگاهه جي نصاب ڪاميٽي اهڙا ڪتاب به لکيا، جيڪي ان وقت جي تعليمي نصاب ۾ داخل ڪيا ويا.

[b]مولوي محمد صادق کڏي وارو:[/b] ميان محمد صادق 15 مارچ 1874ع تي ڪراچي جي محلي کڏي ۾ ڄائو. سندس ابتدائي تعليم کڏي جي درسگاهه ” مظهر العلوم“ ۾ ٿي، جنهن جو بنياد مولوي محمد سليمان ٻنوي ۽ سندس واد عبدالله ولد عبدالڪريم رکيو. ميان عبدالله درويش صفت، همدرد ۽ هڏ ڏوکي ماڻهو ماڻهو هو. هن مدرسي ۾ مولوي احمد الدين چڪوالي جهڙي جيد عالم کي مدرس ڪري رکيو هو. مدرسه مظهرالعلوم مان فارغ ٿيڻ بعد مولانا محمد صادق، ديوبند ڏانهن شيخ الهند مولانا محمود الحسن وٽ پڙهڻ لاءِ ويو. جتي مولانا سيد حسين احمد مدني، مفتي ڪفايت الله، مولوي سيد انور شاهه ۽ مولانا عبيدالله سنڌي سندس هم سبق هئا. مولي محمد صادق 1886ع ۾ ديوبند مان ڪراچي آيوته ديوبند جو اثر به کنيو آيو ۽ پنهنجي ذهانت جو اثر ديوبند ۾ ڇڏي آيو، جو وقت به وقت شيخ الهند کيس صلاح مشوري لاءِ سڏائيندو هو. کيس سمجهو، مدبر، عالم، مستقل مزاج سمجهي سنڌ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو، پاڻ عالمن کي ڪٺو ڪري جميعت الانصار ٺاهيائون ۽ ان جي پليٽ فارم تان انگريزن طرفان سنه 1914ع واري پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ عراق تي حملي خلاف فتوى ڏنائون ته انگريزن جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿي، ترڪن ( عراق ترڪن جي هٿ هيٺ هو ) تي حملو ڪرڻ ڪفر آهي، جنهن ڪري ڀرتي رڪجي ويئي ۽ بلوچستان ۾ بغاوت ٿي . انهن سرگرمين کي روڪڻ لاءِ شيخ الهند محمود الحسن ۽ مولانا حسين احمد مدنيءَ کي گرفتار ڪري مالٽا ۾ قيد رکيو ويو ۽ مولانا محمد صادق کي ڪاروار جي جيل ۾ قيد ڪيو ويو. 1920 ع ۾ خلافت ڪانفرنس جي مرحياني ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. مولانا محمد صادق جميعت العلماءِ هند جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ سنڌ صوبي جو صدر هو. مدرسه دارالعلوم ديوبند جي مشاورتي ڪاميٽيءَ جو پڻ ميمبر هو.
کڏي جو مظهرالعلوم مدرسو آزاد خيال تعليم ۽ تربيت جي هڪ وڏي درسگاهه ۽ مرڪز هو۔ جلاوطني کان پوءِ مولانا عبيدالله سنڌي به ڪجهه وقت لاءِ هتي رهيو ۽ شاهه ولي الله جي فلسفي جو درس ڏيندو هو. هن درسگاهه مان سنڌ، سرحد، ايران، جاوا، ملايا، چيني ترڪستان ۽ افغانستان وغيره ملڪن جا شاگرد پڙهي ويا، مولانا محمد صادق مدرسي جو ڪم اعزازي طور ڪندو هو. سندس گذر معاش جو مدار طبابت تي هو. مولانا صاحب 18 جون 1953ع تي 80 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.

[b] محمد سليمان ٻنوي:[/b] مولوي صاحب جو والد مسڪين هو. مولانا محمد سليمان ولد محمد هارون ولد محمد ڪامل ذات جو شورو هو، اصل ڳوٺ دکا پليجا لڳ قدر ڏنو شاهه ۾ سنه 1840ع تي پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم مولوي محمد يعقوب پليجي کان ورتي. وڌيڪ تعليم جي حصول لاءِ ٺٽي ۾ مولوي عبدالرحيم جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتان ڪجهه وڌيڪ تعليم پرائي، 22 سالن جي عمر ۾ مخدوم حسن الله ۽ قاضي خير محمد وٽ پاٽ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. جڏهن ميان عبدالله ( مولوي محمد صادق جو والد ) مدرسه مظهرالعلوم جو بنياد وڌو ته 30 رپيا ماهوار اجوري تي اتي مدرس مقرر ٿيو. ڪجهه عرصو اتي رهيو، پوءِ ٻني ۾ پليجن مدرسو قائم ڪري ڏنس، اتي پنجيتاليهه سال پڙهائين. سنڌ جي ڪمشنر لارينس کيس مدرسي جي خرچ هلائڻ لاءِ 200 ايڪڙ زمين ڏني. هو خلافت تحريڪ جو مکيه ڪارڪن هو ۽ مولوي محمد صادق سان گڏ سياسي ڪمن ۾ پڻ بهرو وٺندو هو. پاڻ نقشبندي طريقي جو پوئلڳ هو ۽ سٺو شاعر هو. ٻه ڀيرا حج به ڪيائين. مولوي صاحب ٻني جي ڳوٺ ۾ سال 1941ع ۾ وفات ڪئي. کيس اولاد ۾ ٽي پٽ هئا.
مدسه مظهرالعلوم کڏو مولانا محمد صادق رح جن جي مثالي ڪارنامن جو هڪ زندهه يادگار آهي. جيڪو اڄ به هڪ عظيم الشان ديني اداري جي صورت ۾ مشهور آهي. ڪجهه وقت اڳ هن جو مدرس سنڌ جو مشهور عالم دين، اديب ۽ صحافي حافظ محمد اسماعيل صاحب هو. هن درسگاهه ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪيئي ديسي ۽ پرديسي طالب العلم تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ٻارنهن استاد اڍائي سئو شاگردن کي ديني ۽ دنيوي تعليم ڏيئي رهيا آهن. شاگردن جي کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي، رهائش ۽ علاج معالج جو سمورو خرچ مدرسي جي ذمي آهي. مدرسي جي ڪتبخاني ۾ اڻلڀ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جا ڪتاب به آهن. جتي قلمي ڪتابن جو به وڏو ذخيرو موجود آهي. مولانا محمد صادق جي نالي سان هڪ جامع پبلڪ لائيبريري به آهي. جڏهن ته هن مدرسي پاران ”الصادق“ نالي هڪ رسالو سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ڪڍيو وڃي ٿو. جيڪو مذهبي مسئلن سان گڏ ملڪ جي سياسي مسئلن تي پڻ کليل نموني لکي ٿو. هن مدرسي جي لائبريري ۾ اردو، سنڌي، انگريزي، فارسي، گجراتي، بلوچي ۽ بروهڪيءَ جون اخبارون ۽ رسالا موجود آهن. هن درسگاهه جو مرڪز تبليغي خدمتن جي ڪري تاريخي حيثيت رکي ٿو ۽ مرحوم مولانا صادق رح جي خواهش مطابق هيءَ عظيم الشان ديني درسگاهه اڄ به نوجوانن جي تربيت ۽ ذهني صلاح جو مضبوط ۽ پائيدار قلعو آهي.

هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو

معاشرو تغير پزير آهي. وقت سدائين ساڳيو نه ٿو رهي. معاشرو وقت جي تقاضائن موجب رخ بدلائيندو رهي ٿو. ان ڪري اها قوم، جيڪا وقت جو ساٿ نه ٿي ڏئي ۽ معاشري جي تبديلي سان ڪلهو ڪلهي ۾ نه ٿي ملائي، اها قوم پنهنجي موت پاڻ مري وڃي ٿي. سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ سان اسان جي معاشري ۾ تبديلي آئي. صدين کان هڪ جاءِ، هڪ اصول تي بيٺل ۽ جامد معاشري ۽ سنڌي سماج رخ بدلايو. نوان لاڙا، نوان رجحان ۽ نئين تعليم هڪ معاشري کي جنم ڏنو. جنهن اها جدت ۽ نواڻ قبول ڪئي، تنهن ترقي ڪئي ۽ سماجي حيثيت کي بلند ڪيو. سنڌ جا مسلمان به پنهنجي روايتي سُستي ۽ قدامت پسنديءَ جي ڪري، نئين تعليم کان پري ڀڄڻ لڳا ۽ انگريزي تعليم کي ڪفر سمجهي ان جي سکڻ کان انڪار ڪيائون. نتيجو اهو نڪتو جو سنه 1857ع جي جنگ آزادي کان پوءِ، سنڌي مسلمان هونئن ته پوئتي هئا، ويتر انگريزن جي نئين پاليسيءَ ڪري هندن جي ڀيٽ ۾ بنهه هيٺ ڪري پيا. ان ڪري زندگيءَ جي هر ميدان ۾، هندو کين شڪست ڏيڻ لڳا. جنهن ڪري سنڌي مسلمان نه گهر جا رهيا نه گهاٽ جا. مسلمانن جي اها حالت قوم جي خيرخواهن، پنهنجي اڻ پڙهيل عوام کي پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ نئين تعليم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي جن ۾ خانبهادر غلام محمد خان ٽالپر به هڪ آهي. خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپور مير محمد خان جو پٽ ۽ ولي محمد خان جو پوٽو هو. شروعاتي زندگي ۾ هن وڏيون تڪليفون سٺيون . پاڻ جمعدار ۽ صوبيدار ٿي رهيو. جڏهن هو پينشن تي آيو، تڏهن پنهنجي زمين تي وڏو ڌيان ڏنائين، ان ڪري سندس آمدني وڌڻ لڳي ۽ سندس سماجي رتبو نه وڌڻ لڳو.
جناب جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنم گذاريم جن سين“ ۾ مير صاحب بابت لکي ٿو ته :

”مير غلام محمد خان کي مسلمانن جي تعليم سان خاص دلچسپي هئي پهرين ٽنڊي باگي ۾ اي . وي اسڪول جا ڪلاس کولرايائين، بعد ۾ ان کي ترقي ڏياري، هڪ لک رپين جي خرچ سان بلڊنگ تيار ڪرايائين، جنهن ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪيائين. ان ۾ بورڊنگ هائوس ٺهرائي، ٻاهرين شاگردن جي رهائش جو انتظام پڻ ڪرايائين. اول هن اسڪول کي لوڪل بورڊ مان گرانٽ ملندي هئي سا ٿوري هئي، ٻيو سمورو خرچ مير صاحب پاڻ ڪندو هو. پوءِ سرڪار ان کي هٿ ۾ کڻي هاءِ اسڪول بنايو. ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ جاکوڙ ڪيائين. زالن لاءِ ويم گهر ٺهرايائين ۽ آسپاس جي داين جي ٽريننگ جو انتظام ڪرايائين. پاڻ مسلمان توڙي هندن لاءِ هڪ جهڙو رويو رکندو هو ته ڀلي سڀ طبقا هتان مستفيض ٿين. پاڻ اسڪالرشپون به ڏيندو هو. ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي کي به مير صاحب پنهنجي خرچ سان پڙهايو ۽ ولايت موڪليو. سنڌ جي وزير اعلى مير بنده علي ٽالپور توڙي جو ملڪيت وارو ماڻهو هو، پر ان کي به مير صاحب پنهنجي خرچ تي ولايت تعليم لاءِ موڪليو. مير غلام محمد ٽالپور رڳو تعليم لاءِ نه پر هر چڱي ڪم ۾ مسلمانن جي مدد ڪندي خوشي محسوس ڪندو هو. مليريا جي مند ۾ گشتي ڊاڪٽر مقرر ڪري، دوائون ڏيئي کين ڳوٺن ۾ علاج لاءِ موڪليندو هو. مير صاحب 12 فيبروري 1933ع تي وفات ڪئي. کيس ڪوبه اولاد ڪونه هو. سندس وارث سندس چاچي مير حاجي غلام حسين خان جا فرزند مير خدا بخش خان ٿيو.“

خان بهادر هڪ قومي درد رکندڙ بزرگ هو. هن کي پنهنجن ماڻهن جي جهالت ۽ مسڪيني تي ڏسي ڏک ٿيندو هو. ان ڪري ٽنڊي باگي ۾، جتي هن جو ڳوٺ ۽ زمينون هيون، اتي انگريزي اسڪول کولڻ جو ارادو ڪيو، پر کيس ڪوبه قابل ۽ هوشيار استاد نه پئي مليو. آخر سندس نظر جناب محمد صديق ” مسافر “ تي پئي، جيڪو هڪ ماهر استاد، قابل اديب، اعلى منتظم ۽ سٺو شاعر به هو. هن مسافر کي موڪل وٺرائي، اسڪول کولڻ جو انتظام ڪيو. پهرين جنوري 1920ع ۾ هن مسواڙ تي جاءِ وٺي پنهنجي بنگلي مان ذاتي ڪرسيون ۽ ميزون کڻائي، اسڪول شروع ڪرايو. محمد صديق مسافر پاڻ ڀر وارن اسڪولن ۾ وڃي هوشيار شاگرد وٺي اچي ڪلاس شروع ڪيا. شاگرد هوشيار ته هئا. پر غريب ۽ مسڪين هئا. سندس مائٽ هاري ۽ پورهيت ٻار به معاشي هيڻائي جي ڪري پڙهڻ کان ڪني ڪرڻ لڳا، پر مسافر صاحب جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ مير صاحب جي مالي مدد ڪرڻ سبب شاگرد اسڪول ۾ باقاعدي اچڻ لڳا. انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته مير صاحب، هڪ پوڙهي رن زال کان سندس پوٽي کي پڙهائڻ جي موڪل گهري، ته ان جي عيوض اوهان اسان کي ڳئون ڏيندئو. هن واقعي مان صاف ظاهر آهي ته مير صاحب ڪهڙي ماحول ۾ پنهنجي قوم جي فائدي لاءِ ڪم ڪيو ۽ ان کيس ڪيڏي تڪليف سهڻي پئي. مير صاحب شاگردن جي رهائش، کاڌ خوراڪ، ڪپڙن ۽ ڪتابن جو خرچ پاڻ ڀريندو هو ۽ ٻارن جي رهڻ ۽ هاسٽل واري عمارت جو ڪرايو به پاڻ ڀريندو هو.
سنه 1924ع ۾ هن اسڪول ۾ شاگرد جو تعداد چاليهه ٿي ويو ۽ اهڙي طرح هوريان هوريان شاگردن جو تعداد وڌڻ لڳو. جن مان گهڻا ڳوٺن جا ٻار هئا. مير صاحب وڌندڙ اڪول جي ضرورت محسوس ڪندي سنه 1922ع ۾ پنهنجي خرچ سان نئين عمارت ٺهرائڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ اسڪول جي ڪمرن سان گڏ بورڊنگ هائوس، مسجد ۽ پرديسي استادن جي رهڻ لاءِ ڪمرا به هئا. سنه 1924ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر ريو صاحب ٽنڊي باگي آيو، جنهن اسڪول جو معائنو ڪري ان کي رجسٽر به ڪيو ۽ اسڪول لاءِ خاص گرانٽ به منظور ڪئي. مير صاحب نئين عمارت ۾ اسڪول فرنيچر ۽ بورڊنگ هائوس جو فرنيچر به پنهنجي طرفان ڏنو. بلڊنگ جي جيڪا گرانٽ کيس ملي، سابه فنڊ ۾ داخل ڪرايائين ۽ هڪ لک رپيا ٻيا به نقد ايجوڪيشنل انسپيڪٽر کي روبرو ڏئي فنڊ جي ڪل موڙي اڍائي لک رپيا ڪيائين. سنه 1925ع ۾ هن اسڪول ۾ چوٿين درجي انگريزي پڙهائڻ جي اجازت ملي ۽ اهڙيءَ طرح مير صاحب جي عمر ۾ هن اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو.

خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر کي اسڪول جي غريب ٻارن جو وڏو احساس هو. جيڪي ڇوڪرا، ٽيون درجو پاس ڪندا هئا، تن مان غريب ۽ هوشيار شاگردن کي مير صاحب پنهنجي خرچي سان سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچي يا گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ موڪليندو هو. بورڊنگ جو تعداد جيڪو سال به سال ايجيوڪيشنل صاحب مقرر ڪندو هو، تنهن کان جيڪڏهن وڌيڪ ڪي غريب شاگرد اچي سهڙندا هئا، ته انهن جي في مير صاحب پنهنجي هڙئون وڙئون ڏيندو هو. ان کان سواءِ ٻين شهرن جي غريب شاگردن کي ڪتاب ۽ ڪپڙا به مير صاحب جي طرفان خيرات طور ملندا هئا.
بوائز هاءِ اسڪول کان سواءِ مير صاحب آگست 1928ع ۾ گرلس پرائمري اسڪول به بنياد رکيو ۽ ان لاءِ پڪي جاءِ ٺهرايائين. نياڻين کي مفت ڪتاب ۽ ٻيو سامان به ڏيندو هو. مير صاحب ڳوٺاڻي نياڻين کي اسڪول ۾ آڻڻ لاءِ هڪ بس رکڻ جو به ارادو ڪيو ۽ ڇوڪرين لاءِ بورڊنگ اسڪول ٺهرائڻ جو به خيال ڪيو. پر سندس حياتي وفا نه ڪئي.
ٽنڊي باگي جو هيءَ هاءِ اسڪول لاڙ جي عليڳڙهه يونيورسٽي ثابت ٿيو، جنهن مان هزارين ٻار تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ لڳا. اهو ئي سبب آهي جو مير صاحب کي ” لاڙ جو سرسيد احمد خان “ چيو وڃي ٿو. مير صاحب جا هي ٻئي بوائز ۽ گرلس اسڪول اڄ به قائم آهن ۽ سنڌ جي نوجوان نسل کي ٻڌائي رهيا آهن ته ”جيڪي قوم لاءِ ڪم ڪندا آهن، تن جا نالا هميشه زندهه رهندا آهن.“ سندس خدمتون ۽ ڪارناما سنڌ جي عوام لاءِ باعث نعمت هئا. انهن اسڪولن مان نوجوانن تعليم حاصل ڪري پنهنجي ذهن ۽ شعور کي روشن ڪيو، اڳتي هلي ” آزادي جي تحريڪ“ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڇو ته سجاڳ ذهن تي سڀ کان وڏو پهريدار آهي ۽ سجاڳي ۽ آزادي انهيءَ جي در جا غلام آهن.

نور محمد هاءِ اسڪول

1857ع جي جنگ آزايءَ کان پوءِ انگريزن جي پاليسي مسلمانن جي خلاف ٿي پيئي. ان ڪري جو ڏينهون ڏينهن سياسي، معاشي ۽ تعليمي لحاظ کان پستيءَ طرف وڃڻ لڳا. ذلت ۽ گُمراهي جي احساس کي ماري هو وقت جي تقاضائن کان به منهن موڙي بيٺا. انهيءَ دور ۾ سنڌ جا مسلمان به تعليم ۾ بنهه پوئتي هئا. هت نئين تعليم جو پهريون اسڪول 1858ع ۾ حيدرآباد جي ڪليڪٽر مسٽر گولڊ سمڊ جي ڪوششن سان حيدآباد ۾ قائم ٿيو. اهو اسڪول زميندارن ۽ آبادگارن کان ورتل لوڪل فنڊ جي آمدني مان هلايو ٿي ويو. پر ان مان مسلمان فائدو وٺي نه ٿي سگهيا. ڇاڪاڻ ته اهي شهر کان پري هئا ۽ مقامي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي تسلط هيٺ هئا ۽ خاص ڳالهه ته کين شهر ۾ رهڻ جي سهولت ميسر ڪين هئي. ان ڪري اهي سڀ پيسا مقامي هندن جي اسڪولن تي خرچ پئي ٿيا. ان کان سواءِ 1861ع ۾ سنڌ اسڪالرشپ فنڊ ڪٺو ڪيو ويو، جيئن سنڌي شاگرد بمبئي مان مئٽرڪ پاس ڪري اتي جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخلا وٺي سگهن. پر ڏٺو ويو ته ان مان به صرف هندو علامن فائدو ورتو ۽ ڪنهن به مسلمان کي ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جو وجهه نه مليو. ان وقت جو هڪ انگريز ڪمشنر مسلمانن جي تعليمي پستيءَ بابت لکي ٿو ته ”افسوس آهي جو سنڌ جا مسلمان، تعليم ۾ پوئتي پيل آهن. هن وقت ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ فقط ٽي مسلمان شاگرد آهن ۽ گورنمينٽ جا هاءِ اسڪول، مسلمانن کي تعليم مُهيا ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيا آهن. اهي حالتون ڏسي سنڌي جي مسلمانن ۾ ڪجهه سجاڳي آئي ۽ سنڌ جي ڪجهه گهڻ گهرن سنڌي ڀائرن کي جديد تعليم سان روشناس ڪرائڻ لاءِ ڪوششون پڻ ورتيون. انهن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جديد تعليمي مرڪز کولي، سنڌ جي مسلمانن ۾ نئون شعور ۽ جذبو پيدا ڪيو. اهڙن بزرگن مان نورمحمد هاءِ اسڪول جو باني ”مرحوم نور محمد وڪيل“ به هڪ هو.

[b] نورمحمد لاکير[/b] : نورمحمد لاکير ڳوٺ جمع لاکير تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ پيدا ٿيو. سندس والد بزرگوار استاد هو. پنج درجا مقامي اسڪول ۾ پاس ڪري، ميٽرڪ سنڌ مدرسي مان پاس ڪيائين ۽ ايل ايل بي جي سند عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ورتائين. پهريائين وڪالت، محمود بيگ سان گڏ حيدرآباد دکن ( ڏکڻ هندستان ) ۾ شروع ڪيائين. جتان هن صاحب شادي به ڪئي. جلد سنڌ وريو ۽ سندس مقرري ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ طور ٿي پر ٻه سال پوءِ نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ غلام محمد ڀرڳڙي جي وڪيلن سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. سنه 1933ع ۾ بمبئي اسيمبلي جو ميمبر پڻ چونڊيو. سنه 1924ع ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙيائين ته ڪنهن به نموني مسلمانن جي تعليم جو جوڳو بندوبست ڪجي ۽ ” مسلم ايجيوڪيشنل سوسائٽي “ جوڙي ان جو سيڪريٽري ٿيو. ان ڪاميٽي اهو فيصلو ڪيو ته مسلمانن لاءِ هڪ هاسٽل ۽ اسڪول ٺهڻ گهرجي. وڪالت جو ڪم ڇڏي، ڏينهن رات اسڪول ۽ هاسٽل جي ڪمن تي زور ڏنائين. نيٺ وڏي جاکوڙ ۽ محنت کان پوءِ ڪامياب ٿيو. اسڪول جي عمارت جنهن شاندار نموني سان جڙي. اها سندس محنت ۽ ڪشالي جو يادگار آهي. ان اسڪول لاءِ پاڻ پنهنجو ذاتي بنگلو به گروي رکيائين. روزاني الوحديد 27 آگسٽ 1937ع واري اشاعت ۾ لکيو آهي ته ”نور محمد وڪيل کي مسلمانن ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ جنون جي حد تائين نه رڳو دلچسپي هئي پر عشق هو.“ سندس جوڙايل هاسٽل ۾ شاگردن جي رهائڻ جو بندوبست سهڻو ۽ سٺو ٿيل هو. هر ضلعي لاءِ سيٽون رکيل هيون. نورمحمد وڪيل مرحوم خود ڳوٺن ۾ وڃي پوزيشن کڻندڙ شاگردن جي مائٽن کي منٿ ڪري شاگرد داخل ڪندو هو، جيڪي شاگرد خرچ ڀري نه سگهندا هئا، انن جو خرچ پاڻ برداشت ڪندو هو. اسڪول جي لاءِ هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اعلى قابليت رکندڙ استادن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون.

درسگاهه امروٽ شريف

حضرت مولانا تاج محمد امروٽي رح سنڌ جو وڏو سياسي بصيرت رکندڙ، معتبر، مفڪر ۽ شعوروند بزرگ ۽ عالم دين هو. سنڌ جي مسلمانن م جيڪا سياسي بيداري ۽ قومي سجاڳيءَ جي لهر پيدا ٿي، ان جو مرڪزي ڪردار ۽ نقطه آغاز مولانا تاج محمد امروٽي تي هو. سنڌ ۾ مسلمانن جي اهڙي ڪا به تحريڪ نه هئي، جنهن ۾ پاڻ سرگرميءَ سان حصو نه ورتائون. کين سنڌ جي اٻوجهه ۽ اڻ پڙهيل عوام لاءِ وڏو احساس ۽ ويچار هو. سنڌي مسلمان سماجي ريتن رسمن ڪري سُست، ڪاهل، روڳي، هيڻو ۽ مقروض بڻجي چڪا هئا. هو هر ڪنهن آڏو هيڻا ٿي پيا هئا. انگريز جي رعب ۽ خود غرض ملن ۽ مجاورن جي مڪارانه چالن کين نسب و نابود ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري مولانا صاحب اها ڪوشش ڪئي ته سنڌي مسلمانن مان اجايون ريتون رسمون ڪڍي کين ديني غيرت، قومي شعور، سماجي اصلاح ۽ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي اعلى پائي جي درسگاهه قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ معيار تعليم کي وقت جي نئين تقاضائن سان سلهاڙيو وڃي. ان ڪري ئي پاڻ جڏهن ڀرچونڊي شريف مان فيض وٺي امروٽ شريف ۾ آيا، تڏهن هڪ ننڍڙي ڪکائين مسجد قائم ڪري هڪ درسگاهه کوليائين. ان وقت امروٽ ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ وڏي جهالت ۽ بي علمي پکڙيل هئي. پاڻ درسگاهه قائم ڪري، تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، اهو سندن تعليم جو اثر هو، جو ٿوري عرصي ۾ هيءُ ڪکائون مڪتب، اسلامي علومن جي اعلى درسگاهه ثابت ٿيو. هتان جي طالبن کي ٻه دفعا لنگر ملندو هو. هن مدرسي ۾ قرآن پاڪ جي ياد ڪرائڻ لاءِ هڪ جدا ڪلاس کوليو ويو. جنهن ۾ ڪيترائي نابين شاگرد به قرآن جي حفظ ۾ رڌل رهيا. ان وقت مولانا صاحب جي تعليم جو خاص مقصد عوام مان بدعتن ۽ بد رسمن کي ختم ڪرڻ هو. هن درسگاهه ۾ خاص ڪري اُتر سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب کان علم حاصل ڪرڻ لاءِ شاگرد اچڻ لڳا.
اهو دور سنڌ ۽ سنڌي مسلمانن جو غلاميءَ جو دور هو. سنڌي ايترا ته ذهني غلام بنجي چڪا هئا، جو کين پنهنجي غلام هئڻ جو به احساس نه هو، ان ڪري ئي مولانا تاج محمد امروٽي پنهنجي ننڍڙي مڪتب کي وڌائي وڏي درسگاهه جي صورت ۾ ٺاهيو، ته جيئن مسلمانن ۾ صحيح اسلامي روح پيدا ڪري جهالت ۽ بي علمي کي تڙي کين متحد ڪري، انگريزن کان آزادي حاصل ڪري سگهجي ۽ ساڳئي وقت اسلام جي اشاعت ۽ تبليغ کي به صحيح طرف ڏانهن آڻجي. مذهب کي به عوام جي جياپي ۽ سندن حقوق جي صحيح ادائگي جي صورت ۾ پيش ڪجي، ڇو ته مذهب به ان وقت مفاد پرستن وٽ هڪ هٿيار طور استعمال ٿي رهيو هو.
ان رٿا کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ پاڻ ان وقت جي عظيم اسلامي فڪر ۽ سياستدان مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي امروٽ اچڻ جي دعوت ڏني. مولانا عبيدالله سنڌي هتي اچي مدرسي کي ديني درسگاهه ۾ تبديل ڪيو ۽ ان جو نالو ” محمود المدارس “ رکيو. مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا تاج محمد امروٽي هن مدرسي جا خاص استاد هئا. مولانا تاج محمد امروٽي ذڪر فڪر کان پوءِ جماعت جي آڏو قرآن پاڪ کڻي ويهندا هئا، سنڌيءَ ۾ ترجمو ۽ تفسير بيان ڪندا هئا. مولانا سنڌي قرآن مجيد جو اصلي فلسفو ۽ انقلابي تفسير ٻڌائيندا هئا. مولانا ابوبڪر شبلي لکي ٿو ته هن درسگاهه کي ديوبند جي طريقي تي جاري ڪيو ويو ۽ ان جو روحاني تعلق ديوبند سان ڳنڍيو ويو. ان لحاظ کان سنڌ جو پهريون ڀيرو ديوبند طريقي سان علمي، روحاني ۽ سياسي رابطو پيدا ٿيو. هن درسگاهه جي نصاب ۾ حديث، تفسير ۽ شاهه ولي الله جي تصانيف کي به شامل ڪيو ويو ان ڪري سنڌي طالب علمن کي پهريون دفعو علوم اسلاميه جي اعلى تعليم کان مستفيض ٿيڻ جو موقعو مليو. هن درسگاهه ۾ سڀ کان وڌيڪ فڪري بلنديءَ تي زور ڏنو ويو. ان ڪري شاگردن ۾ سياسي قوت ۽ ذهني بيداري پيدا ٿي ۽ هو وطن جي آزادي ۽ دين کي وري جيارڻ جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لڳا. هن درسگاهه جي خاص خوبي سندس ڪتبخانو هو، جنهن ۾ حديث، فقه ۽ تفسير تي هزارين ديني ڪتاب هئا، جيڪي مصر، استنبول ۽ هندستان مان گهرايا ويا ۽ ائين سنڌي مسلمانن کي دنيا جي بهترين ڪتابن جي وسيع مطالعي جو پهريون دفعو موقعو مليو. هن درسگاهه جي سڀ کان اهم خوبي اها هئي جو هتي هڪ پريس ”محمود المطابع“ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي، ديني ۽ سياسي ڪتاب ڇاپي، سنڌ ۾ تعليم کي فروغ ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ امروٽ شريف ان زماني ۾ علمي، ادبي ۽ سياسي بيداري جو هڪ عظيم ۽ اعلى مرڪز بنجي پيو، جتي پري پري کان طالب علم اچي علمي ۽ روحاني فيض حاصل ڪندا هئا. مولانا غلام مصطفى قاسمي لکي ٿو ته ” هن مدرسي جو نئون دور 1305 هه ۾ شروع ٿيو. جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي رح مدرس اعلى ٿيا. هن درسگاهه علم ۽ اشاعت ۾ وڏو مثالي ڪم ڪيو. هتان جو پهريون شاگرد، استاد العلماءَ مولانا عبدالقادر ڪولاچي هو. مولانا عبدالقادر هتي اچي حديث جو دور پڙهڻ لڳو. مولانا عبدالعزيز ٿريچاڻوي، مولانا احمد علي لاهوري، مولانا خوش محمد ميروخاني ۽ ٻيا ڪيترائي عالم هتان جا شاگرد هئا. هيءُ درسگاهه سانده ست سال وڏي اوج ۽ عروج تي رهي ۽ ڪيترن ئي عالمن هتان پڙهي فارغ ٿي سنڌ ۾ سنٿ جيارڻ ۽ علم ۽ اشاعت لاءِ ڪم کي لڳي ويا.
مطلب ته مولانا تاج محمد امروٽي جي هن عظيم درسگاهه مسلمانن ۾ ايڏو ته اثر پيدا ڪيو، جو سنڌ مان بدعت ۽ بداعتمادي جي پاڙ پٽجي ويئي ۽ طالبن ۾ ٻين عالمن سان گڏ وطن جي آزادي ۽ جهاد جو جذبو پيدا ڪيو ويو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن مدرسي مان فارغ التحصيل عالمن سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر قومي ۽ ديني اصلاح لاءِ نمايان ڪم ڪيو ۽ وطن جي آزادي سندن ڪوششن جي مرهون منت آهي.

[b] مولانا تاج محمد امروٽي:[/b] مولانا تاج محمد امروٽي جو پورو اسم مبارڪ سيد تاج محمد شاهه ولد سيد عبدالقادر عرف ڀورل شاهه هو. پاڻ خيرپور ميرس قلعي جي پريالوءِ شهر نزديڪ ڳوٺ ديوانو ( ڳاڙهي موري) ۾ سنه 1858 – 1857ع ڌاري پيدا ٿيو.
مولانا تاج محمد امروٽيءَ جو پهريون استاد عبدالقادر پنهواريءَ وارو هو، جيڪو سنڌ جو جيد عالم هو. پنهنجي والد وٽان علم پرايائون پر سندن وفات کان پوءِ مولانا تاج محمد امروٽي، ڀرچونڊي شريف ۾ قطب زمان حافظ محمد صديق وٽان فيض ورتو. حافظ محمد صديق، پنهنجي زماني جو امام اولياءَ هو. پاڻ پنهنجي مرشد جي چوڻ تي امروٽ ۾ درسگاهه قائم ڪيائون. اها درسگاهه ديني تعليم ۽ روحاني تربيت جو مرڪز ٿي پئي. اُتر سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جا ڪيترائي شاگرد هتي علم پرائڻ آيا. نابينن لاءِ الڳ ڪلاس کوليو ويو. جلد ئي مولانا عبيدالله سنڌي 7سنه 1890ع ڌاري هندستان جي مختلف مدرسن مان تعليم مڪمل ڪري، سيد تاج محمد امروٽيءَ سان اچي مليو. مولانا امروٽيءَ تبليغ کي وسيع ڪرڻ لاءِ ”محمود المطابع“ نالي پريس قائم ڪئي. جنهن جو انچارج مولانا عبيدالله سنڌي هو. جنهن سنڌ جي مسلمانن ۾ تمام گهڻي جاڳرتا آندي، جو ننڍا ننڍا ڪارائتا ڪتاب ڇپجڻ لڳا ۽ ان سان گڏ مدرسي مان به پرجوش عالم ۽ مجاهد پيد ٿيڻ لڳا. جن اڳتي هلي آزاديءَ واري جدوجهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
امروٽ شريف جي هيءَ درسگاهه پوري ننڍي کنڊ ۾ ايتري ته معروف ٿي وئي جو هندستان جا ڪيترائي نالي وارا ممتاز عالم دين، سياستدان، تحريڪن جا اڳواڻ ذاتي طور امروٽ شريف ۾ آيا، جن ۾ محمودالحسن، مولانا اشرف علي ٿانوي، مولانا حسين احمد مدني ۽ ٻيا به ڪيترائي صاحب آيا.
هن درسگاهه کي ديوبند جي طريقي تي جاري ڪيو ويو. ان جو روح تعلق ديوبند سان قائم ڪيو ويو. هن درسگاهه جي نصاب ۾ حديث، تفسير ۽ شاهه ولي الله جي فڪر ۽ فلسفي کي شامل ڪيو ويو. هن درسگاهه ۾ علمي ۽ فڪري بلندي توڙي حالتن کي سياسي، سماجي ۽ تهذيبي طور سمجهڻ تي وڌيڪ زور ڏنو ويو، تنهنڪري شاگردن ۾ وطن جي آزادي ۽ دين کي وري جيارڻ جو جذبو پيدا ٿيو.
آزاديءَ جو ڪوڏيو، علم جو ڀنڊار، روحاني درجن جي بُلندين تي پهتل، هيُ ستارو 5 نومبر 1927ع تي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. حضرت جن کي ڪو به اولاد ڪو نه هو، ان لاءِ سندن ڀائٽي نظام الدين شاهه کي گاديءَ تي ويهاريو ويو.

درسگاهه مخدوم بلال سمون

مخدوم بلال سمون، بلاولي تحريڪ جو سرواڻ، سنڌ تي قبضو ڪندڙ شاهه بيگ ارغون جو سخت دشمن هو، سندس هڪ وڏو مدرسو ٽلٽي ۾ قائم ٿيو هو. ان جي ڀرسان سندس ٺهرايل مسجد پڻ اڃا تائين موجود آهي. هتي صرف و نحو، حديث ۽ ڪلام پاڪ جي تعليم ڏني ويندي هئي ۽ ان سان گڏ سياسي شعور اُڀارڻ لاءِ پڻ ڪم ڪيو ويندو هو.
سيد ميران محمد جونپوري جڏهن سنڌ ۾ آيو ته سنڌ ان وقت فڪري طور دولهه دريا خان، ڄام نندي جي وزيراعظم جي هٿ هيٺ هئي. ان وقت جا سڀئي ادارا فرقيواريت واري فضا هيٺ هلي رهيا هئا. سيوهڻ، نصرپور، بکر، بوبڪ، پاٽ وغيره جون صنعتي پيداوارون ٻاهرين ماڻهن جي اک ۾ هيون. ميران محمد جونپوري سپهه سالار اسلامزم وارو نظريو کڻي، سنڌي پورهيت ۽ عام ماڻهن کي قومي طور يرغمال بڻائي رهيا هئا. اها ڳالهه ماڻهن خاص طور ساڃهه وندن کي نه پئي آئڙي. سنڌ جا عالم هڪ طاقتور طبقو هئا، جيڪي پنهنجي دور ۾ ذهنن جي آبياري ڪري رهيا هئا. خود سمن ۾ وڏا جيد عالم موجود هئا. ڄام نظام الدين جو ڀاءُ بايزيد، ڀاءُ کان ٿي ملتان هليو ويو. اتي وڃي هن هڪ ديني مدرسو کوليو هو. مخدوم بلال واري مدرسي ۾ ڄام فتح خان جي دور ۾ علم منطق تي لکيل ”الزيده“ ڪتاب پڙهايو ويندو هو. ان وقت ٻيا به مدرسا هئا جيڪي هنن عالمن شيخ مير بن ابو سعيد پوراني، شاهه قطب الدين بن شاهه محمود، مخدوم عبدالرشيد هالائي، مخدوم متو، مخدوم فضل الله، قاضي نعمت الله، مخدوم عبدالرحيم (بوبڪن وارو) مخدوم ميان محمد سيوستاني، مخدوم عبدالعزيز ابهري، ميرڪ شيخ عبدالباقي، مخدوم فخر پوٽو، مولانا ضياءَ الدين، مولانا سعد درٻيلوي، مخدوم محمد عثمان درٻيلوي ۽ ٻين ٿي هلايا.
انهن سڀني عالمن جي وچ ۾ شعوري ۽ علمي رابطو هو. سندن مدرسن سنڌ جي سياسي ڪردار ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو. پر مڙني کان سرس مخدوم بلال وارو مدرسو هو، جنهن جي قيادت ۾ ٽلٽيءَ وارو معرڪو ٿيو ۽ شاهه بيگ ارغون سنا مهاڏو اٽڪايو۔ سياسي طور دريا خان اڳيان هو، ليڪن سندس پويان سنڌ جو سڄو علمي لڏو موجود هو. عالم، عارف، محدث، مفسر، صوفي ۽ سلطان العارفين مخدوم بلال، مخدوم حسن سمي جو فرزند هو. پاڻ ٽلٽيءَ ۾ زندگي جو وڏو حصو درس و تدريس ۾ گذاريائين. زهد و تقوى ۾ زندگي جو وڏو حصو درس و تدريس ۾ گذاريائين. زهد و تقوى جي معاملي ۾ سندس ڪو به مٽ ڪونه هو. علم حديث ۽ تفسير جو وڏو ڄاڻو هو. مخدوم بلاول ڪبروري طريقي جو صوفي هو ۽ شيخ دوست علي سيستاني جو مريد هو. اهو سلسلو شيخ جنيد بغداديءَ سان ملي ٿو.
ڄام فيروز جي زماني ۾ شاهه بيگ ارغون جڏهن سنڌ تي ڪاهيو، ته ٽلٽي وٽ کيس مخدوم بلال جي مريدن ۽ شاگردن سان زبردست مقابلو ڪرڻو پيو. جنهن ۾ کيس تمام گهڻو نقصان ٿيو. پر شاهه بيگ وڌندي وڃي ٺٽي تي قبضو ڪيو ۽ ڄام سان سنڌ جي پهرئين ورهاڱي جو معاهدو ڪيو. جلد ئي شاهه بيگ سيوهڻ ۾ منزل انداز ٿيو ته علائقي جي زميندارن کيس ٻڌايو ته اوهان جي راهه ۾ رڳو مخدوم بلال آهي جنهن کي هٽايو ته بغاوت ٿي ويندي. آخر جڏهن سنڌ ارغونن جي مڪمل قبضي هيٺ آئي. تڏهن مخدوم صاحب کي پهرين محرم 935هه يا سن 929 هه ۾ مرزا شاهه بيگ جي حڪم سان شهيد ڪرايو ويو. سندس مدرسي ڪيترائي عالم فاضل ۽ قومي ڪارڪن پيدا ڪيا. اڄ به سندس درگاهه قومي ڪارڪنن لاءِ قبلي جو درجو رکي ٿي. مخدوم بلاول جي مدرسي سنڌ ۾ بلاولي تحريڪ جو بنياد وڌو، جنهن ۾ شاهه اويس، پير ترهو، مخدوم ساهڙ لنجار، قاضي ڏتو سيوهاڻي، شاهه حيدر سنائي ۽ ٻيا کور سارا عالم شامل هئا، جن مخدوم بلاول جي مشن کي اڳتي وڌايو. هتي سندس شاگردن جي مختصر سوانح عمري ڏجي ٿي، جي هتان پڙهي نڪتا.

[b]مخدوم ساهڙ لنجار[/b] : مخدوم ساهڙ بن مخدوم معزالدين مخدوم بلاول رضه جو وڏو خليفو هو. سندس ذڪر ” حديقته الاوليا“ ڪتاب ۾ آهي. پنهنجي مرشد ۽ استاد جي وفات کان پوءِ مخدوم نوح وٽ رهيو، اتان گهڻو ئي فيض پرايائين. مخدوم صاحب 980 هه ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو انڙپور ضلع ڄام شوري ۾ آهي.

[b] قاضي ڏتو سيوهاڻي[/b]: قاضي ڏنو مخدوم شريف الدين ولد شيخ محمود سيوستاني، مخدوم شرف الدين، مخدوم راهوءَ جي لقب سان هڪ نامور بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس فرزند قاضي ڏنو، مرزا شاهه حسن ارغون پاران ٺٽي شهر جو قاضي القضاءَ هو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان پرائي. حديث جو علم مخدوم بلاول وٽان پرايائين. پاڻ عربي زبان کان سواءِ ترڪي زبان جو به وڏو ماهر هو. پنهنجي والد (مخدوم راهو) جي وفات کان پوءِ وصيت موجب سهروردي طريقي ۾ مخدوم بلاول وٽ بيعت ڪيائين. سندس حافظو تيز هو. کيس صفحن جا صفحا برزبان ياد هوندا هئا. هو علم جعفر ۽ ٻين مشڪل علمن جو به ماهر هو.

[b]سيد حيدر سنائي [/b]: هيءُ ڪامل ولي به حضرت مخدوم بلاول رضه جي فيض يافتن ۽ بلاولي تحريڪ جي سرواڻن مان هڪ هو. ٻارنهن سالن جي عمر ۾ مخدوم بلاول ۽ مولانا عمر هليو، جيڪو اتي درس ڏيندو هو. انهن جي خدمت ۾ پيش ٿيو. اتي سندن نگرانيءَ ۾ ظاهري ۽ باطني علم حاصل ڪيائين ۽ بلند مرتبي تي پهتو روايت ڪن ٿا ته سيد محمد ميران جونپوري جڏهن سنڌ ۾ پهتو ۽ مهدويت جي دعوى ڪيائين. ٻيڙِن جي قافلي سان سنڌوءَ مان ويندي، سن شهر ڀرسان لنگهيو، تڏهن حڪم ڪيائين ته جيڪي به ولي هتي رهن ٿا، سي اچي سندس ٻيڙي جون رسيون ڇڪين. اهڙي هام تي شاهه حيدر سنائي جي ماڻهن هلان ڪري سندس سمورا ٻيڙا ساڙائي ڇڏيا. ان ريت کيس سنڌ مان افغانستان ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪيو، جڏهن سيد ميران محمد جونپوري جي حاڪميت تان هٿ کنيو ۽ قنڌار جون ڪنجيون مغل شهنشاهه بابر جي حوالي ڪيون، تڏهن هن سياسي صورتحال جو فائدو وٺندي سنڌ تي قبضو ڪيو. مخدوم بلاول جي مزاحمتي تحريڪ تي هن مخدوم بلاول کي شهيد ڪرايو ۽ ان جي خليفي شاهه حيدر سنائيءَ کي ڪڇ ڏانهن ملڪ بدر ڪيو. انهيءَ دور ۾ ارغونن پاران شهر ۾ فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي ويئي ۽ پوءِ پيرسنيءَ ۾ شاهه حيدر سنائي کي سنڌ ۾ واپس اچڻ جي اجازت ملي. شاهه حيدر سنائي جي صحبتن ۾ مخدوم نوح هالائي به رهيو. شاهه حيدر سنائي 937 هه ۾ فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، سندس مزار شريف سن شهر جي قبرستان ۾ آهي. سندس اولاد اڄ به سن شهر ۾ رهي ٿو. سنڌ جو مفڪر، اديب ۽ سياسي اڳواڻ غلام مرتضى سيد (جي ايم سيد) سندس تيرهين پيڙهيءَ مان آهي.

وهري وارو مدرسو

ڪلهوڙن جو دور تاريخ ۾ ”سونهري دور“ ڪري ليکيو وڃي ٿو. هن زماني ۾ سواءِ چند واقعن جي باقي گهڻو ڪري سڪون ۽ اطمينان هو. جنهن ڪري مختلف شعبن ۾ گهڻي ترقي ٿي. سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح کان سواءِ به ڪيترن ڀلن عالمن، شاعرن ۽ سگهڙن سان نالا ڳڻائي سگهجن ٿا جي دور سان تعلق رکندا هئا.
تاريخي طور وهري جو پٽ اصل ۾ وهاريءَ جو پٽ آهي، جتي موريا گهراڻي جي حاڪمن جي دور ۾ ”وهار“ قائم هو. جنهن جا نشان وهري جي موجوده ڳوٺ کان اُتر اولهه طرف ميل کن جي پنڌ تي موجود آهن.
هيءُ مدرسو ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دور ۾ مبين جان محمد ڪيرئي ( 1685 – 1752 ع ) عمر ڪوٽ کان اٽڪل ٽي ميل ڏکڻ ڏانهن ڳوٺ وهري ۾ قائم ڪيو. هن کان پوءِ ميرن نور محمد مدرس ٿيو.
ميون نور محمد پنهنجي دور جو هڪ تمام وڏو عالم هو، جو ڪيترائي عالم فاضل ساڻس ملڻ ايندا هئا. هڪ ڀيري شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح به ٿر جو سير ڪندي مهراڻي جي مشهور شاعر ۽ بزرگ رحيم ڏني پليءَ سان کيجراڙي کان ٿيندو، مبين نور محمد ڪيرئي وٽ پهتو. ڳچ وقت ساڻس محبت ونڊيائين ۽ پوءِ عمرڪوٽ ويو.
مبين نور محمد ڪيرئي جي ٻين شاگردن جو پتو ته ڪونه ٿو پوي، مگر سندس فرزند ميون سليمان (1725 – 1790 ع) ۽ ابن فقير دهلوڙيءَ وارو مشهور عالم ٿي گذريا آهن. جيڪي هن مدرسي ۾ پڙهيا.
مبين نورمحمد ڪيرئي جي فرزند ميون سليمان والد جي حياتيءَ ۾ ئي عمرڪوٽ کان 6 – 7 ميل اولهه طرف ”هاڙهه“ جي ڳوٺ ۾ معلم جي حيثيت سان تعليم ڏني. والد جي وفات کان پوءِ وهري واري مدرسي جو مدرس ٿيو. هتي ڪيئي ديسي پرديسي شاگرد تعليم وٺڻ لاءِ ايندا هئا، جتي عربي و فارسي جي مروج نصاب موجب تعليم ڏني ويندي هئي. ميون سليمان کان پوءِ ميئن خر محمد مدرسو سنڀاليو پر جيئن ته هو درويش صفت انسان هو، ان لاءِ مدرسو ڪجهه پوئتي پئجي ويو. مبين خير محمد کان پوءِ ميون جان محمد ( ٻيو ) مدرسو سنڀاليو. ميون جان محمد هڪ وڏو عالم ۽ مجذوب ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 1875ع ۾ٿي. ميون جان محمد پنهنجي جوانيءَ ۾ ئي مجذوب ٿي ويو ۽ مدرسي ڏانهن توجهه ڏئي ڪونه سگهيو. ان ريت هيءُ مدرسو ختم ٿي ويو.

دارالعلوم جامعه حسينيه رضويه

هيءَ درسگاهه تعلقي ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻي جي ڳوٺ خير محمد آريجا جي هڪ ڪامل استاد، علامه محمد صاحب آريجي سنه 1783ع ڌاري قائم ڪئي. هن مدرسي مان پير سائين راشد روضي ڌڻي درس نظاميه جو آخري درس پڙهيو ۽ دستاربند عالم بنيو. مولانا علامه محمد آريجي کان پوءِ علامه غلام حسين آريجي ( ولادت : 1850 ع ۽ وفات : 1931ع ) فارغ التحصيل ٿي نڪتا. 1965ع ۾ علام خليفو عبدالله آريجو مدرس بنيو، سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند علامه مفتي محمد هدايت الله ساڳي درسگاهه ۾ درس وتدريس جو ڪم ڪيو. هن درسگاهه ۾ ديني تعليمي نصاب ناظره، حفظ القرآن، تجويد و قرآت، درس نظاميه، دوره حديث شريف کان علاوه انگريزي ۽ سنڌي تعليم جو به چڱو انتظام رکيو ويو. ان کان سواءِ هن درسگاهه ۾ مشرقي علوم يعنى مولوي فاضل عربي جي امتحانن جي به تياري ڪرائي وڃي ٿي. پاڪستان جي قانون تحت سن 1983ع ۾ هن درسگاهه کي رجسٽرڊ ڪرايو ويو. لاڙڪاڻي، دادو، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جي حدن ۾ هيءُ واحد ادارو آهي، جنهن کي تنظيم المدارس جي امتحانن شهادته العالميه ( بي – اي ) ۽ شهادته العالميه ( ايم – اي ) جي امتحانن لاءِ سينٽر مقرر ڪيو ويو.
الحاج مفتي محمد هدايت الله ( ولادت 17 مئي 1938ع ) ڳوٺ آريجا مان پرائمري تعليم حاصل ڪئي ۽ پنهنجي والد وٽان قرآن مجيد ناظره ۽ فارسي بوستان تائين پڙهيو۔ جنهن بعد جامعه راشديه پير ڳوٺ ۾ علامه عبدالصمد ميتلي وٽان علم صرف و نحو سکيائين. ان کان پوءِ لاڙڪاڻي جي ڳوٺ آگاڻي ۾ علامه مفتي محمد صالح نعيمي وٽ چار سال رهي ”شرح وفايه“ ۽ شرح ”نور الانوار“ پڙهيائين. آخر ۾ ملتان وڃي علامه سيد احمد سعيد ڪاظمي جي خدمت ۾ اٺ سال رهي علم تفسير جي اعلى تعليم حاصل ڪيائين. هن درسگاهه پنهنجي خطي توڙي آسپاس جي ماڻهن جي گهڻي خدمت ڪئي آهي. ڪيترائي مفتي ۽ حافظ تيار ڪيا اٿس، جيڪي ديني خدمت ڪري رهيا آهن. هن درسگاهه جون ٻيون به ڪيتريون ئي شاخون آهن. جن مان مدرسه فيض الهدى عطائيه ڳوٺ ابڙا تعلقو وارهه، مدرسه عين الهدى ڳوٺ بگي شريف تعلقو ڏوڪري، مدرسه نورالهدى شهر بدين، مدرسه شمس العلوم ۽ مدرسه تعليم القرآن رانوتي قنبر مشهور آهي.
هن ئي ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ صاحب ”گل حيات انسٽيٽيوٽ“ سنڌ الاجي جي طرز تي هڪ ادارو قائم ڪيو آهي. جيڪو محقق، اسڪالرن جي لاءِ وڏي وٿ آهي، جتي سنڌ جي تاريخ تي ڪم ٿئي ٿو.

سنڌ مدرسو ڪراچي

1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي. ان لاءِ سنڌين انگريزن سان ڪنهن به قسم جو تعاون ڪونه ٿي سگهيو. مسلمان عالم اڃا به تنظيمون ٺاهي انگريزن سان مهاڏو اٽڪائيندا ٿي آيا. اصولي طور مسلمانن پنهنجي حڪمراني وڃائي هئي، ان ڪري پاڻ ائين ڪرڻ ۾ حق به جانب هئا. ٻئي پاسي کان هندو، جن جي مٿان يارنهن يا ٻارنهن صديون مسلمانن راڄ ڪيو، اهي سرها ٿيا ۽ کين اڳي وڌڻ جو موقعو به مليو. هنن انگريز سرڪار سان مڪمل تعاون ڪيو. ان ڪري مسلمان زندگيءَ جي هر شعبي ۾پوئتي ٿيندا ويا. انگريزن جي ڪاهه وقت، مٽياري، بکر ۽ سيوهڻ ۾ وڏا تعليمي مرڪز موجود هئا. رڳو ٺٽي جي آسپاس چار سئو مدرسه هئا. هندو تعليم کي جنبي ويا. هنن پنهنجي قوم لاءِ ترت اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪري ورتا، تڏهن مسلمانن لاءِ ڪوبه تعليمي ادارو ڪونه هو. ان وقت هڪ مرد مجاهد پنهنجو نالو مسلمانن جي تعليمي تاريخ سونن اکرن سان لکايو. اهو هو حسن علي آفندي، جنهن محسوس ڪيو ته سنڌي مسلمان جيڪڏهن اڄ به مغربي تعليم نه پرائيندو ته سندس آئيندو ڇا ٿيندو؟ خانبهادر حسن علي آفندي کي انهيءَ جذبي اتساهيو ته پنهنجي قوم جي تعليم کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو سماجي ڪم ٿي سگهي ٿو؟ سمجهيائين ته تعليم سندس اقتصادي تهذيبي ۽ مذهبي ترقي جو سبب بني.
سنڌ ۾ 1867ع کان 1871ع تائين هندن ۽ مسلمانن جي نوڪرين جو تناسب جن جي ماهوار اجرت / 150 رپين کان گهٽ ڪين هئي، سو هن طرح هو 1867ع ۾ هندو 4 ۽ مسلمان 1، 1861ع ۾ هندو 9 ۽ مسلمان 5، 1870ع ۾ هندو 5 مسلمان 2، 1871ع ۾ هندو ۽ مسلمان 1.
1881 ع جا انگ اکر تمام مايوس ڪندڙ آهي. ان وقت سنڌ جي پکيڙ 48014 چورس ميل هئي. ضلع 5 هئا. جيڪب آباد، ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ ٿرپارڪر، اتر سنڌ ۾ 2413823 آدم رهندو هو، جن جو 78.2 سيڪڙو مسلمان هئا. 12.6 سيڪڙو هندو هئا. ٻولين ۾ 84.93 سيڪڙو ماڻهو سنڌي، 2.34 سيڪڙو گجراتي، 0.56 سيڪڙو هندوستاني ۽ مرهٽي ٻولي ڳالهائيندا هئا. فقط ڪراچي ۾ پڙهيل سنڌي مسلمان 9.30 هئا.
انهي صورتحال لاءِ اُتر اولهه صوبن ۾ سرسيد احمد خان، بنگال ۾ نواب عبدالطيف ۽ سيد امير علي، بمبئي ۾ بدرالدين طيب جي ۽ عبدالله ڌرمسي، ۽ سنڌ ۾ حسن علي آفندي تعريف ۽ ستائش جي لائق آهن. ڇو ته عليڳڙهه ۾ محمد اينگلو اورينٽل ڪاليج، ڪلڪتي ۾ مدرسه عاليه، بمبئي ۾ انجمن اسلام اسڪول، لاهور ۾ اسلاميه ڪاليج ۽ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسته الاسلام انهن صاحبن جي ڪوشش سان کُليا.
خانبهادر حسن علي آفندي انتظام، نصاب ۽ ٻين لاڳاپو رکندڙ ڳالهين کي سمجهڻ لاءِ پاڻ عليڳڙهه ويو ۽ سرسيد احمد خان سان ملاقات ڪيائين. سر سيد احمد خان هن کي صلاح ڏني ته اسڪول نه پر ان کي يونيورسٽي بڻايو وڃي. مدرسي جي قيام ۾ هڪ محب الوطن مسلمان جو به هٿ هو. سيد امير علي جيڪو 1878ع ۾ ڪلڪتي ويو، جتي ذاتي مشاهدو ڪيائين. 16 مارچ 1884ع تي مولوي سيد الهه بخشي ”اٻوجهي“ جي جاءِ تي 63 ماڻهن جي گڏجاڻي رکي وئي ۽ ”انجمن مجمع محمدي“ جو بنياد وڌو ويو. حسن علي آفندي ان جو صدر مقرر ٿيو. ان جون برانچون شڪارپور، لاڙڪاڻي، سکر ۽ جيڪب آباد ۾ قائم ڪيون ويون. سنڌ مدرسي جو بنياد 31 آگسٽ 1885ع ۾ پيو ۽ پهريون سيپٽمبر اسڪول شروع ٿيو.
خان بهادر حسن علي آفندي هر هڪ تعلقي مان هڪ هڪ هوشيار شاگرد کڻي، ان کي پڙهائي ۾ ڀڙ ڪيو ۽ ساڳئي نموني ٻئي سال هو هڪ تعلقي مان هوشيار شاگرد کڻي، هوشيار شاگردن جي هڪ کيپ تيار ڪيائين. بعد ۾ اسڪول جا دروازا سنڌ جي مسلمانن لاءِ عام کولي ڇڏيائين.
سنڌ مدرسي جي هاڻوڪي عمارت قافله سراءِ ۾ آهي. ان وقت مختلف هنڌن کان واپاري قافلا ايندا هئا ۽ اتي رهندا به هئا ۽ مال به لاهيندا ۽ ڀر واري کوڙيءَ ۾ اُٺ بيهاريندا هئا. اهو ميدان سٽي ريلوي اسٽيشن جي بلڪل سامهون ۽ وچ شهر ۾ هو. ريل ٺهڻ کان پوءِ قافله سراءِ ختم ٿي، ته اهو پلاٽ خريد ڪيو ويو.
مدرسي ۾ انگريزي تعليم سان گڏ ديني تعليم ڏيڻ جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو. تنهن هوندي به حسن علي آفندي صاحب جي گهڻي مخالفت ٿي، جنهن ۾ ڪجهه ڪٽر مذهبي ماڻهن جو به هٿ هو. انهيءَ ڏس ۾ هڪ هفتيوار اخبار سيد الله بخش جي ادارت ۾ ڪڍي وئي، ته جيئن ان مذهبي ڪٽر پڻي سان منهن ڏنو وڃي.
سنڌ مدرسي ۾ ان وقت ماهر استاد پڙهائيندا هئا. جن ۾ مسٽر ٽي ڊبليو وائينس، علامه عمر بن دائود پوٽو، خان بهادر ولي محمد حسن علي، خان صاحب مريد علي، مسٽر هئرس وغيره مدرسي مان تمام لائق شاگرد فارغ التحصيل ٿي نڪتا. جن ۾ محترم محمد علي جناح، غلام حسين هدايت الله، علامه عمر بن دائود پوٽو، محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، آغا غلام نبي پٺاڻ، محمد موسى چانڊيو ۽ ميران محمد شاهه جا نالا وڏي اهميت رکن ٿا.

نوشهري فيروز وارو مدرسو

نوشهري فيروز وارو مدرسو ساهتي پرڳڻي وڃي ٿو، نوابشاهه، نوشهروفيروز، مورو، دادو، خانپور ۽ سيوهڻ تائين جو علائقو سنڌي زبان جي لحاظ کان، هڪ خطي ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. جنهن جا اُچار چٽا، لفظن جو ذخيرو گهڻو ۽ لهجو معياري آهي، جيڪو پوءِ سڄي سنڌ جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو.
1843ع کان پوءِ مسلمانن جو تعليمي معيار ختم ٿي ويو، جو سندن جديد تعليم ڏانهن توجهه گهٽجي ويو. سنڌ جا ماڻهو انگريزن کان فطرتي نفرت جي ڪري، انگريزي پڙهڻ کان نابري واري ويٺا. اها صورتحال هند توڙي سنڌ جي مسلمان طبقي خاص طور سان محسوس ڪئي. سر سيد عليڳڙهه ۽ خانبهادر حسن علي آفندي ڪراچي ۾ مدرسو قائم ڪري، مسلمانن لاءِ جديد تعليم جو جوڳو بندوبست ڪيو. پنهنجي هڙون وڙون 1903ع ۾ نوشهروفيروز مدرسي جو قيام عمل ۾ آندو. جتي ديني تعليم سان گڏ انگريزي تعليم جو بندوبست ڪيو ويو. هتي شاگردن کي هاسٽل ۾ رهائش ۽ کاڌو مفت مهيا ڪيو ويو. هزارن جي تعداد ۾ مسلمانن جي فڪري واڌ ٿي. مسڪين شاگردن لاءِ وظيفا ۽ مالي امداد جو اعلى بندوبست ٿيل هو.
هن تعليمي اداري، گذريل هڪ صديءَ ۾، عوام جي جيڪا تعليمي ۽ تدريسي خدمت ڪئي آهي، سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ سونن اکرن ۾ لکي ويندي، هن اداري ڪيترائي دانشور، فيلسوف، قانوندان، تعليمي ماهر، محقق، صحافي، مذهبي اڳواڻ ۽ سياسي ليڊر پيدا ڪيا. هن وقت تائين اسڪول هلندڙ آهي.
سيد الهندو شاهه، درٻيلي ۾ جنهن کي ڊڀرو به چوندا هئا، سال 1863ع ۾ ڄائو. شاهه صاحب جو پڙ ڏاڏو مٽياري مان لڏي هن علائقي ۾ اچي رهيو. سائين الهندي شاهه جو والد سيد يوسف شاهه هن علائقي جو اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو هو. الهندي شاهه ابتدائي ۽ ديني تعليم درٻيلي جي مدرسي ۾ ورتي، جتي سنڌيءَ سان گڏ عربي ۽ فارسي زبان سکيو. شاهه صاحب قومي حب رکندڙ، اعلى صفتي، انسان، ڳڻن جو ڳهير، سياسي ۽ سماجي بصيرت رکندڙ، دور انديش ۽ محبتي ماڻهو هو. عوام جي بي لوث خدمتن جي مڃتا طور انگريز سرڪار 1898ع ۾ کيس اعزازي جج مقرر ڪيو. شاهه صاحب پوري ايمانداري، قابليت ۽ ڪاميابي سان اهو فرض نڀايو.
پاڻ آڪٽوبر 1919ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. شاهه صاحب هڪ ذهين سياستدان، بيباڪ انسان ۽ مستقل مزاج شخصيت طور صدين تائين ياد رکيو ويندو. سيد الهندي شاهه پويان ٻه پٽ ڇڏيا. سيد محمد علي شاهه ۽ سيد قرارو شاهه . سندس پوٽو سيد ظفر شاهه هن وقت سنڌ جي سياست ۾ چڱو خاص مقام رکي ٿو.

مدرسه مجدديه، عمر ڀنڀرو

سنڌ جي عالمن، سدائين علمي ۽ ديني خدمتن سان گڏ، معاشرتي ترقي، چڱائي، نيڪي پکيڙڻ لاءِ وڏيون جاکوڙون ۽ قربانيون ڏنيون.
مدرسه مجدديه عمر ڀنڀرو سال 1897ع ۾ اسٽيشن شادي پلي ڀرسان، تعلقي ساماري ۾ محمد عثمان قرآني قائم ڪيو. علامه قرآني جي مدرسي ۾ شاگردن جو گهڻو تعداد داخل ٿيو جو هيءَ مدرسو ٿر جهڙي پوئتي پيل ۽ علم جي روشني کان وانجهيل علائقي ۾ کوليو ويو هو. معقول، منقول ۽ سياسي علمن ۾ به وسيع النظر شخص هو. سندس امڙ صبح جو اٿي، چنڊ تي اٽو پيهي شاگردن کي مانيون پچائي کارائيندي هئي.
مدرسي جو تعليمي نصاب ديوبند وارو هو، پر ٻيا ڪتاب به پڙهايا ويندا هئا. شروع ۾ فارسي کان وٺي مٿي سڀن فنن جا ڪتاب رات ڏينهن علامه صاحب شاگردن کي اڪيلي سر پڙهائيندو هو. مثلاً تفسير، حديث، صرف و نحو، فقه، حضرى ڪبرى، علم حڪمت، هيئت، فلسفو، رياضي، علم و ادب، سلوڪ، تصوف ۽ طب وغيره.
علامه محمد عثمان قرآني ذات جو ڀنڀرو هو. سندس ولادت 27 صفر 1286 هه / 1868ع ۾ ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي تعلقو جيمس آباد ۾ ٿي. ستن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف پنهنجي والد مرحوم حافظ ڄام وٽ پورو ڪيائين. فارسي ۽ شعر گوئي ۾ تعليم، محمد علي پٺاڻ ( ڳوٺ سيد لاکو شاهه ) کان حاصل ڪيائين. عربيءَ جو درس مولانا لعل محمد متعلوي کان ٽنڊي غلام عليءَ ۾ ورتائين. صرف مڪمل ڪري نحو شرح ملا جامي تائين ۽ علم فقه ۽ هدايه تائين پڙهايائين. علم منطق ۽ نحو مولانا خير محمد کان پڙهائين. دستار بندي ۽ سند مولانا لعل محمد مرحوم کان حاصل ڪيائين. حديث شريف ۽ علم تفسير لاءِ ڪجهه عرصو مدرسه قاسميه دارلعلوم ديوبند ويو. ان کان سواءِ پنجاب ۽ هندستان جي ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن کان فيض پرايائين. پاڻ ڏاڍو اورچ، سمجهو ۽ ذهين هو.
علامه پنهنجي زندگي نهايت ايمانداري ۽ سچائي سان گذاري. مرحوم ڪڏهن به انگريز سرڪار جي رعب ۾ نه آيو. پنهنجي وسيلن مان ديني تعليم ۽ انگريزن جي غلامي مان آزادي حاصل ڪرڻ جو درس ڏيندو رهيو. پنهنجي زهد ۽ تقوي تي قائم هو.
علام محمد عثمان قراني تعليم ۽ تدريس جي بيحد مشغولي باوجود چڱي تعداد ۾ ڪتاب لکيا. ڪيترن وڏن ڪتابن جو شرحون ۽ حاشيه لکيائين. سندس اشعار عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ موجود آهن. سندس تخلص ”قراني“ هو. سندس شاگردن مان ڪيترن علم پرائي وڃي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مدرسه کوليا جن مان مولوي محمد علي پلي، مدرسه عربيه ڳوٺ عالم پلي، مولوي غلام رسول، مدرسه شير خان چانڊيو، سامارو، مولوي عبدالڪريم ساند، مدرسه مظھرالعلوم ولهيٽ، مولوي محمد نوح، مدرسه عربيه، ڳوٺ ڪلواڙي جيمس آباد، گهڻي اهميت رکن ٿا.
سندس ٻين شاگردن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مدرسا کولي دني جي تعليم ڏني. علامه صاحب انگريزن جي سخت خلاف هو ۽ اهڙي آزاديءَ جي تعليم مدرسي ۾ به کلي نموني ڏيندو هو. جمعي جي خطبي ۾ به آزاديءَ جي برڪت تي واعظ فرمائيندو هو. علم جو هيءُ آفتاب 15 رجب المرجب 1355 هه / 1936ع تي وفات ڪري ويو. کيس سندس مدرسي جي حد ۾ دفن ڪيو ويو. توڙي جو مدرسي جو اهو اوج ڪونه رهيو آهي جو ماڻهن جو ديني تعليم ڏانهن رجحان گهٽيو آهي، مگر سندس پونيئر سندس قائم ڪيل مدرسي کي هلائيندا اچن ٿا.

مدرسته الاسلام لاڙڪاڻو

انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ اندارن اها ان ڳڻ ڳوت ڪئي ته، ڪيئن به پر مسلمان اڳتي نه وڌن. هندو گهڻو تڻو سندس مددگار هئا. تن کي اڳيان آڻڻ جا جتن پئي ڪيائون ۽ ٿيو به ائين پئي. مسلمانن جي مهندارن اها ڳالهه سوجهي ورتي. ان لاءِ مشهور قانوندان ۽ مفڪر جسٽس امير علي سنه 1882ع ۾ ”نيشنل محمد ايسوسئيشن“ جو ڪلڪتي ۾ بنياد رکيو. سنه 1884ع ڌاري حسن علي آفندي ان جي شاخ ڪراچي ۾ قائم ڪئي، ۽ 1 سيپٽمبر 1885ع تي ”سنڌ مدرسته الاسلام“ نالي هڪ تعليمي ادارو ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيو. جلد ”نيشنل محمد ايسوسيئيشن“ جون شاخون لاڙڪاڻي، شهدادپور ۽ سکر ۾ به قائم ڪيو ويو. سنه 1900ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي روڊ تي مدرسته الاسلام قائم ڪيو ويو. جنهن لاءِ ان وقت جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي ايڇ اي ٽوپر مدد ڪئي ۽ زميندارن کان چندو به ڪٺو ڪيو. مدرسي جو پهريون پرنسپال شڪارپور جو مرزا غلام مصطفى مقرر ٿيو. هن ڪم ۾ ان وقت سرائي ٺاري خان، وڏيري ڌڻي بخش جتوئي، سرائي گهنور خان اسراڻ، وڏيري الاهي بخش ڀٽي، الهه بخش انڙ، محمد نواز خان جوڻيجي، محمد پريل تنئي ۽ ٻين هٿ ونڊايو. هن مدرسي ۾ ديني تعليم سان گڏ پرائمري تعليم جو بندوبست ڪيو ويو هو. انگريزي تعليم پنجين درجي تائين پڙهائي ويندي هئي. اسٽاف ۾ هڪ پرنسيپال، چار استاد، هڪ ڪلارڪ، هڪ مولوي ۽ هڪ ڊرل انسٽرڪٽر شامل هئا. اسڪول ۾ هڪ مسجد به قائم ڪئي وئي.
1913ع ۾ اسڪول جي انتظامي ڪاميٽيءَ کي تبديل ڪيو ويو ۽ انتظام هلائڻ لاءِ هڪ بورڊ قائم ڪيو ويو، جنهن جو صدر ضلعي جو ڪليڪٽر ۽ سيڪريٽري پرنسپال هئا. بورڊ ۾ ڪل يارنهن ميمبر کنيا ويا. سنه 1913ع کان پوءِ ڪجهه سڌارا ٿيا. اڳي صرف زميندارن جي ٻارن کي هاسٽل ۾ داخلا ملندي هئي. پر پوءِ سڀني مسلمانن جي ٻارن جي لاءِ دروازا کوليا ويا. نتيجو اهو نڪتو جو ٽلٽي جي غريب خاندان جي ٻار عمر بن محمد دائود پوٽي کي داخلا ملي ۽ سنه 1914ع ۾ هن هتي پنجون درجو پاس ڪيو. ان وقت مدرسي جو پرنسپال جان محمد شڪارپوري هو. ان جي وڃڻ کان پوءِ عبدالغني سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان بدلي ٿي آيو. دوست محمد قادري، غلام سرور قادري، سيد سبحان علي شاهه، نيڪ محمد ۽ نواز علي مدرسي جا استاد هئا. سنه 16 – 1915ع ۾ شاگردن جو تعداد 86 هو، جن مان 49 شاگرد پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئا. هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن جو تعداد 31 هو. ڇهن شاگردن کي مدرسي جي فنڊ مان اسڪالرشپ ملندي هئي. سر شاهنواز ڀٽي، لوڪل بورڊ جي حيثيت ۾هن مدرسي جي تمام گهڻي خدمت ڪئي.
ورهاڳي کان پوءِ گهڻا هندو ڀارت ڏانهن هليا ويا. ان ڪري مدرسي کي بند ڪري کيس هاءِ اسڪول سان ملايو ويو.

مولوي ملڪاڻي وارو مدرسو

حضرت مولانا غلام محمد ملڪاڻي جن هيءُ مدرسو دادو کان ستن ميلن تي ڳوٺ ملڪاڻيءَ ۾ جاري ڪيو. هيءُ مدرسو سندن نگراني ۾ چاليهه سال ديني ۽ روحاني تعليم جو وڏو مرڪز رهيو. هن مدرسي ۾ علم صرف و نحو، علم لغت، علم معاني و بيان، علم عروض، علم انشاءَ، رسم الخط، علم مناظره، علم قرات، علم تفسير، علم حديث، علم ڪلام، علم فقه، علم هيئت، علم تواريخ وغيره جي تعليم ڏني ويندي هئي.
حضرت مولانا غلام محمد ملڪاڻي پنجويهه ورهين جي عمر ۾ محمد حسن صاحب جي حلقه درس ۾ شامل ٿي، عربيءَ جي دستاربندي ڪئي ۽ سنه 1330هه ۾ مدرسو قائم ڪيو. سندن حلقه درس ۾ تقريباً هڪ سئو کن شاگرد مختلف علوم و فنون ۾ تعليم حاصل ڪندا هئا. مبتدي شاگردن کان سواءِ ڪيترائي منتهي ڪجهه وقت سندن خدمت ۾ رهي تفسير، حديث، فقه، ادب معاني ۽ بديع جي اعلى تعليم حاصل ڪندا هئا. تصوف ۾ پاڻ چئن طريقن جا صاحب هئا. مگر اجازت حاصل ڪرڻ بعد فقط طريقه عاليه نقشبنديه کي ترويج ۾ آندائون. پنهنجي فيض جي بارش سنڌ، بلوچستان ۽ ڪوهستان جي برن، روهن رڻن تي برسايائون. پوءِ به تدريس جو سلسلو هلندو رهيو. جنهن ڪري ڪيترائي عالم پيدا ڪري وڌائون، جي پنهنجي پنهنجي فن ۾ يگانه روزگار هئا. سندس شاگردن مان مولانا يمشي هڪ اهڙو پرهيزگار عالم ۽ صاحب ولايت ٿي گذريو آهي، جنهن سمورو وقت خاموشيءَ ۾ گذاريو ۽ ان جو داڻو نه چکيو. مولانا حاجي عبدالرحيم صاحب سابق معلم فقه سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي، مولوي امير محمد شاهه اميناڻين وارو، مولوي محمد ڪامل ملڪن وارو، مولوي محمد حسن صاحب سيالن وارو، مولوي محمد صاحب مڏن وارو ۽ مولوي عبداللطيف لين وارو وغيره حضرت جن جا شاگرد هئا. هنن صاحبن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي، دين جي تعليم ڏني ۽ بينظير عالم پيدا ڪيا. سندن شاگردن مان مولانا امير محمد شاهه اميناڻين واري مدرسي کي هلايو. تازو سندن وصال ٿيو آهي.
مولوي ملڪاڻي صاحب وارو مدرسو سندن وفات کان پوءِ پنهنجو اوج وڃائي ويٺو آهي. مدرسي جا کنڊر، سندس درگاهه ۽ قائم ڪيل مسجد ڏسي ماڻهو ڏکارو ٿئي ٿو. سندس فرزند مجتبى غالب ملڪاڻي، سندن گادي سنڀالي آهي. پر اها علمي نه آهي پيراڻي آهي. توڙي جو غالب صاحب هن وقت دادو ۾ عربي ۽ فارسي جا عالم آهن ۽ عمر جي پوئين حصي ۾ آهن.