تعليم

تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت

نوجوان ليکڪ يوسف جميل لغاري پنهنجي هن ڪتاب ”تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت“ ۾ سنڌ جي تعليم جي تباهيءَ جا حل ٻڌايا آهن. هن ڪتاب ۾ توهان کي تعليم جو نوحو گھٽ ۽ ڪارائتيون صلاحون وڌيڪ ملنديون، جيڪي نه رڳو حڪومت پر عملدارن لاءِ به آهن ته والدين لاءِ به، معاشري لاءِ به آهن ته اسڪول انتظاميہ لاءِ به، استادن لاءِ به آهن ۽ شاگردن لاءِ به. هن ڪتاب ۾ تعليم ۽ تدريس ڇا آهي، اهو به سمجھايو ويو آهي، ته اها به وضاحت ڪئي وئي آهي ته تعليم جو نفسيات سان ڪهڙو لاڳاپو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1381
  • 733
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت

ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري ۽ ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري ۽ ليکڪ وٽ محفوظ آهن. پبلشر ۽ ليکڪ جي اجازت کان سواءِ ڪتاب جو ڪوبه حصو ڪاپي يا شايع نه ٿو ڪري سگهجي.

تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت
ليکڪ: يوسف جميل لغاري
ڇاپو پهريون: 2019ع
تعداد: 1000 ڪاپيون
لي آئوٽ: سيد آفاق شاهه
ٽائيٽل: غزن
قيمت: 200 روپيا

ڇپيندڙ
ايڇ اينڊ آر پرنٽرس، ڪراچي، سنڌ

ڇپائيندڙ
پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچي سنڌ
peacockpublishers@gmail.com

ڪتاب ملڻ جو هنڌ
پيڪاڪ ڪتاب گهر
404 رفيق سينٽر، عبدالله هارون روڊ، صدر ڪراچي، سنڌ
فون نمبر: 02135682020، 0213568607
peacockbookhouse@gmail.com

ڊجيٽل ايڊيشن
2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com

ارپنا

سنڌ جي انهن استادن جي نالي،
جن قومي فرض سمجهي،
شاگردن جي ڪردار ۽ سکيا تي ڌيان ڏنو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت“ اوهان اڳيان پيش آهي. جديد تعليمي لاڙن بابت لکيل ھن اھم ڪتاب جو ليکڪ يوسف جميل لغاري آھي.
نوجوان ليکڪ يوسف جميل لغاري پنهنجي هن ڪتاب ”تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت“ ۾ سنڌ جي تعليم جي تباهيءَ جا حل ٻڌايا آهن. هن ڪتاب ۾ توهان کي تعليم جو نوحو گھٽ ۽ ڪارائتيون صلاحون وڌيڪ ملنديون، جيڪي نه رڳو حڪومت پر عملدارن لاءِ به آهن ته والدين لاءِ به، معاشري لاءِ به آهن ته اسڪول انتظاميہ لاءِ به، استادن لاءِ به آهن ۽ شاگردن لاءِ به. هن ڪتاب ۾ تعليم ۽ تدريس ڇا آهي، اهو به سمجھايو ويو آهي، ته اها به وضاحت ڪئي وئي آهي ته تعليم جو نفسيات سان ڪهڙو لاڳاپو آهي.
ھي ڪتاب 2019ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون يوسف جميل لغاريءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران

تعليم جي ترقي دنيا جي هر ملڪ جي هر فرد جو خواب آهي، جنهن کي هو ساڀيان ڏيڻ چاهي ٿو. ڇاڪاڻ ته تعليم سان ئي سندس، سندس اولاد، معاشري، ملڪ ۽ دنيا جو مستقبل واڳيل آهي. سڌريل دنيا ان ڪري ئي سڌري وئي آهي جو هنن نه رڳو تعليم جي اهميت کي سمجهيو، پر هنن علم جي واٽ وٺندي اهو حاصل به ڪيو. تعليم جي اهميت ته هر شخص سمجهي ٿو، پر جن قومن ۽ ملڪن ان کي جديد گهرجن مطابق بڻائي پنهنجن سمورن فردن کي ان جي حاصلات جي اجازت ڏني، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين سان گڏ نصاب کي به جديد بڻايو اڄ اهي سڄي دنيا فتح ڪري رهيا آهن. پر جن تعليم کي اهميت نه ڏني، اهي هن جديد دور ۾ به پَستين ۾ پيل آهن. بدقسمتي سان اسان جو شمار ٻئي نمبر وارين قومن ۾ ٿئي ٿو. ان ڪري ئي اسين نه رڳو معاشي پر معاشرتي ۽ علمي ادبي طور تي به پوئتي پيل آهيون.
سنڌ جي تعليم تباھ آهي، اها ته سڀني کي خبر آهي، اسان ان جي سببن کان به آگاھ آهيون پر ان جو حل ڇا آهي؟ ان ڳالھ تي اسان ۾ ڪو اتفاق نه آهي. نوجوان ليکڪ يوسف جميل لغاري پنهنجي هن ڪتاب ” تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت“ ۾ سنڌ جي تعليم جي تباهي جا حل ٻڌايا آهن. هن ڪتاب ۾ توهان کي تعليم جو نوحو گهٽ ۽ ڪارائتيون صلاحون وڌيڪ ملنديون، جيڪي نه رڳو حڪومت پر عملدارن لاءِ به آهن ته والدين لاءِ به، معاشري لاءِ به آهن ته اسڪول انتظاميہ لاءِ به، استادن لاءِ به آهن ۽ شاگردن لاءِ به.
هن ڪتاب ۾ تعليم ۽ تدريس ڇا آهي، اهو به سمجهايو ويو آهي، ته اها به وضاحت ڪئي وئي آهي ته تعليم جو نفسيات سان ڪهڙو لاڳاپو آهي. تعليم بابت سقراط، افلاطون، ارسطو جا نظريا به ملندا ته جديد تعليم جي بانيڪارن ايڊورڊ ٿارنڊائيڪ، جين واٽسن، بي ايف اسڪينر، بينجمن بلوم ۽ ڊاڪٽر هائورڊ گاڊنر جي نظرين جو به تجزيو ڪيو ويو آهي. يوسف جميل لغاري صاحب شاگردن کي امتحانن لاءِ پيپرن جي تياري جو طريقو سمجهائڻ سان گڏوگڏ اهو به ٻڌايو آهي ته شاگردن کي ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين تي خاص توجھ ڏيڻ گهرجي. هن تعليمي نصاب جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ به صلاحون ڏنيون آهن، ته وري استادن کي به سندن اصل ڪردار جي ڄاڻ ڏني آهي. هو استاد، اسڪول ۽ معاشري جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي جو داعي آهي.
اسان تعليم جي بهتري بابت ڪتابن جي کوٽ محسوس ڪندي، ان اميد سان هي ڪتاب پڙهندڙن کي آڇي رهيا آهيون ته استاد، والدين، تعليم کاتي جا عملدار، نصاب سان واڳيل فرد ۽ ادارا، اديب، ليکڪ، دانشور، اسڪولن جا سربراھ ۽ شاگرد پاڻ به هن مان فائدو حاصل ڪندا؛ ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب ۾ انهي سڀني لاءِ ڪجھ نه ڪجھ مددي مواد موجود آهي. اسان جي اداري جي اها ڪوشش رهي آهي ته نوجوان دوستن کي اڳتي آڻجي. نوجوانن جي همٿ افزائي ڪري نئين تخليق جي نئين لاٽ ٻارڻ هميشه کان پيڪاڪ جو مقصد رهيو آهي، يقينن هي لاٽ به دوستن جي راھ ۾ روشنيون وکريندي.


ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
چيئرمين
پيڪاڪ پبلشرس

مهاڳ: علم جا در کوليندڙ ڪتاب

منهنجي اڳيان يوسف جميل لغاري جي لکيل ڳٽڪي ”تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت“ جو مسودو کليو پيو آهي. جنهن کي آئون ڪالهه کان پڙهندو رهيو آهيان ۽ ان جي مطالعي کي مڪمل ڪري، اڄ ان تي هيءَ سٽون لکڻ ويٺو آهيان. سچ هيءَ آهي ته علم، تعليم، فلسفو وغيرهه منهنجي پڻ پسند جا موضوع آهن، ان ڪري ڪٿي به اهڙو ڪو ڪتاب، جيڪو انهن موضوعن تي لکيل هجي، ور چڙهندو اٿم ته ان کي اک مان ضرور ڪڍندو آهيان. هيءَ ڪتاب ته وري ڄڻڪ منهنجي جھولي ۾ اچي پيو آهي. تنهنڪري ان کي ڳوڙهي دلچسپيءَ سان پڙهيو اٿم. هن ڪتاب کي اها اوليت پڻ آهي ته اهو اسان جي هڪ سڄاڻ قومي ڪارڪن، ساڃاهه وند اديب ۽ اهڙي دوست پاران لکيو ويو آهي، جنهن سان آئون دلي محبت ڪندو آهيان.
چليءَ جي شاهڪار ۽ مها شاعر پئبلو نرودا لکيو هو: ”آئون اوهان سان محبت ڪريان ٿو، تڏهن ئي چوان ٿو ته اوهان جهڙو ڪوبه ناهي.“ جيڪس هر محبت ڪندڙ ماڻهو ايئن ئي چوندو آهي، ايئن ئي سمجھندو آهي، پوءِ کڻي اهو ان جو اظهار ڪري سگھندو هجي يا نه. پر منهنجي محبتن ۾ ڪنهن هنڌ تي جڏهن علم، ادب يا فڪر و نظر جي ڳالهه اچي ٿي ته آئون اتي ڪوشش ڪري ڪافي حد تائين معتدلاڻي ڳالهه ڪندو آهيان. علم، ادب يا فڪر و نظر جهڙا مامرا هونئن به اعتدال ۽ تنقيدي نهار جا گھرجائو هوندا آهن. تنهنڪري اتي محض روايتي واکاڻ ڪري پاڻ تان لاهي ڇڏڻ يا پنهنجي دوست کي پڏائڻ بدران ڪن علمي ۽ تنقيدي معيارن کي ضرور سامهون رکڻ گھرجي. سو آئون هيءَ محض يوسف جميل جي ساراهه نه ڪري رهيو آهيان. يوسفن جي هونئن به هميشه ساراهه ٿيندي آهي، جو خدا انهن کي حُسن ۽ حُسنِ سلوڪ سان نوازيندو آهي. پر هتي آئون يوسف جميل لغاري جي هن تمام سنجيدا ۽ متاثر ڪندڙ ڪم کي ساراهي رهيو آهيان، جيڪو ڪتابي صورت ۾ توهان جي هٿن منجھه آهي.
علم انسان جي ٽين اک آهي. اهو هڪڙو پراڻو محاورو آهي. هاڻي چوڻ گھرجي ته علم انسان جون سموريون اکيون آهي. سچ ته اهو علم ئي آهي، جنهن انسان کي اوائلي دؤر جي اوگھڙ، بي شعوري ۽ پٽ تان کڻي تهذيب، تمدن، شعور ۽ ساڃاهه جي بلند آسمانن تي رسايو. انسان ۽ جانور ۾ جيڪو فرق آهي، اهو جبلت کان مٿي اٿي سوچ، شعور ۽ تخيل جي بلندين تي رسڻ جي ڪري پيدا ٿيو آهي. جيڪڏهن انسان سوچ کي پروان چاڙهيندي ٻوليءَ جون واديون نه ووڙي ها، لفظ جو ادراڪ نه ڪري ها ۽ علم جي اظهار جا ڏيئا نه ٻاري ها ته هوند اهو اڄ به جبلتن جي اونداهي ماٿريءَ ۾ هٿوراڙيون هڻندو رهي ها. علم انسان کي نين دنيائن سان روشناس ڪرائي ڪائناتون تسخير ڪرڻ جون جرئتون، جولانيون ۽ سوُجھيون ڏيئي ڇڏيون آهن. جنهن ڪري اهو ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ زندگيءَ لاءِ روز بروز نوان سک، سولائيون ۽ سهنج پيدا ڪري رهيو آهي. جيڪا ڳالهه ڪنهن زماني ۾ امڪان ۾ ئي ڪانه هئي، اها ڳالهه اڄ جي انسان ممڪن ڪري ڏيکاري آهي ۽ اڃا ته ان جو پنڌ جاري آهي. انسان هن ڪائنات جا سارا ڳجھه نيٺ ڳولي ئي لهندو.
يوسف جميل لغاريءَ جو هيءَ ڪتاب انساني شعور جي انهيءَ سفر کي وڌيڪ سيبتو ۽ ڪارائتو ڪرڻ جي جستجو جو حصو آهي. هن جي دل ۾ اهو درد ۽ اها سَڌ ڪنهن ديپ وانگر ٻرندي لاٽ لاٽ ٿي اڀرندي رهي ٿي ته اسان جي هن محڪوم، ڏکن ڏَڌل، جبر ۾ جڪڙيل ۽ ماريل، هڄيل، هپايل قوم جي مقدر ۾ آزادي جي پرهه ڪيئن اڀاري سگھجي ٿي. ان لاءِ اسان کي ڪهڙا اپاءَ وٺڻ گھرجن؟ ڪهڙا قدم کڻڻ گھرجن؟ ۽ انفرادي توڙي اجتماعي طور تي ڇا ڇا ڪري سگھجي ٿو؟ هيءَ ڪاوش انهيءَ لڳن، آس، اميد ۽ عمل جي جذبي جي پيدا ڪيل روشني آهي. جنهن ۾ هن علم، فلسفي، پڙهائڻ جي طريقيڪار، ٻارن جي نفسيات، استادن جي صلاحيتن، ڪردار ۽ ذميدارين، تعليم جي باري ۾ پراڻين علمي ۽ فيلسوفياڻين تشريحن، تعليمي ميدان ۾ ٿيل نين تحقيقن، سنڌ جي تناظر ۾ ضروري قدمن کڻڻ جي ضرورتن، نصاب، تربيتي ڪورسن، شاگردن جي شخصيتن جي مثبت تعمير، خوداعتمادي ۽ تعليم سان لاڳاپيل مختلف پاسن تي ڏاڍي ڪارائتي ڄاڻ مهيا ڪرڻ سان گڏ لاڀائتيون تجويزون ڏنيون آهن. جيڪي يقينن هينئين سان هنڍائڻ جهڙيون آهن. جن مان اسان جو سڄو تعليمي محمڪو ۽ سرشتو لاڀ حاصل ڪري سگھي ٿو. ڪتاب جي ليکڪ جي ٻولي خوبصورتي، سرلتا ۽ روانيءَ سان ڀرپور آهي. ها ڪٿي ڪٿي ان ۾ وياڪرڻيءَ بهتري پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر پوءِ به اها لائين نه آهي. اها سگھاري ٻولي آهي. جنهن ڪري سمجھه جوڳي ۽ وڻندڙ ٿي پيئي آهي. هن ڪتاب جي هڪ اهم خوبيءَ هيءَ به آهي ته ڪتاب ۾ مختلف شين کي ڏاڍي سهڻي، سيبتي، عام فهم ۽ معنا ڀريي انداز ۾ وصفايو ويو آهي. آئون چاهيان ٿو ته مهاڳ جي هن پلئُه ۾ ڪجھه اهڙين سٽن جون ڳنڍيون ضرور ڏيڻ گھرجن، ته جيئن پڙهندڙ ڪتاب جي اهميت کان ڪجھه آگاهه ٿي سگھن. مثال طور ليکڪ لکي ٿو: ”تعليم کان بنا زندگيءَ بيمقصد، بيسوادي ۽ ايئن آهي، جيئن ڪنهن حيوان جي زندگي هوندي آهي. زندگيءَ جو هرهڪ جوهر تعليم جو گھرجائو هوندو آهي. تعليم سان ئي زندگي آهي.“
”بهترين استاد اهو آهي، جيڪو ٻار ۾ علم حاصل ڪرڻ جي اڃ پيدا ڪري.“
”تعليم انهيءَ عمل کي چئبو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ روين ۾ تبديلي رونما ٿئي.“
”تعليم جامد حڪمت عملين جو نمونو آهي، فلسفو وري انهن حڪمت عملين کي مشقي صورت ڏئي ٿو. فلسفي جي علم سان تعليم ۾ نيون راهون دريافت ٿين ٿيون ۽ انهن راهن وسيلي تعليم اڳتي پنهنجي واڌ ويجھه ڪري ٿي. فلسفي بنان تعليم کي اڻپوري ۽ بي مقصد تصور ڪيو وڃي ٿو. تعليم جو هيءَ سفر فلسفي کانسواءِ اڻ مڪمل سمجھيو ويندو.“
”خوداعتمادي هڪ اهڙو سگھارو عنصر آهي، جيڪو انسان جي اندروني صلاحيتن کي نکاري ٿو.“
”ڪتاب ڪنهن نه ڪنهن نموني اسان جي زندگيءَ سان جُڙيل رهن ٿا.“
اهڙي انداز ۾ يوسف جميل پنهنجي ڪتاب کي اڳتي وڌائيندي پنهنجن خيالن کي پکيڙيندو هلي ٿو. هن ڪتاب کي مختلف بابن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ نصابي قسم جي ڪتاب کي اهڙي نموني ئي ترتيبڻ گھرجي. مواد موضوعوار هوندو ۽ هڪ مخصوص سٽاءُ ۾ هوندو ته پڙهندڙن جي لاءِ سئولائي پيدا ڪندو. جيڪا شئي هن ڪتاب ۾ چڱي نموني ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن ڳٽڪي جي هڪ خوبي هيءَ به آهي ته هيءَ ڪتاب نصابي هوندي به ادبي پيرايي سان ٽمٽار آهي، جنهن سان لکڻيءَ جو رس چس برقرار رهيو آهي. ان سان گڏ عام فهم ۽ هر ماڻهوءَ جي سمجھه وٽان هجڻ هن ڪتاب جي هڪ ٻيءَ اضافي خوبي آهي. ساڳيي وقت اهم ڳالهه هيءَ پڻ آهي ته ڪتاب اهڙي وقت ۾ ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي رهيو آهي، جنهن وقت ۾ ان جي وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي. وڏي ڀاڳ وارو آهي اُهو ڪتاب، جيڪو پوري وقت تي پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچي. وقت تي ايندڙ ڪتاب پنهنجي دؤر تي وڏو اثر وجھندو آهي.
حديثِ نبوي ۾ فرمايو ويو آهي: ”علم حاصل ڪرڻ هر عورت ۽ مرد تي فرض آهي.“ هيءَ ڪتاب به علم حاصل ڪرڻ جي هڪ نينڍ آهي. جنهن مان تعليم جي ڀلائي، بهتري ۽ واڌ ويجھه ۾ مدد ملندي. جنهن مان اسان جا تعليمي ماهر، استاد، شاگرد ۽ علم جا گھڻگھرا گھڻو فائدو حاصل ڪري سگھن ٿا. سنڌي ٻولي ۾ هن قسم جي ڪتابن جي تمام گھڻي گھرج آهي. جيترا گھڻا، ڪارائتا ۽ معياري ڪتاب ڇپبا، اوترو گھڻو شعور ڦهلبو. شعور جو ڦهلاءُ هن دؤر جي اهم ترين لوازماتن منجھان هڪ آهي. شعور تڏهن ڦهلبو، جڏهن اسان وٽ تعليم هوندي. بنان شڪ جي تعليم اهڙو ڏيئو آهي، جيڪو هر اونداهيءَ رات ۾ ٻري ڪاراڻ کي تڙي ڪڍي ٿو. هيءَ ڪتاب ان ڏيئي جي نه وسامندڙ لاٽ آهي. اهڙي لاٽ ٻارڻ تي يوسف جميل کي واڌاين سان گڏ جس هجي. پڪ سان هن هيءَ اهڙو شاندار ڪم ڪيو آهي، جيڪو تاريخ ۾ سدا سلامت رهڻو آهي. هن هيءَ اهڙو وکر وِهايو آهي، جو ڀٽائي چواڻيءَ پَئي پُراڻو ٿيڻو نه آهي.

وکر سو وِهاءِ، جو پَئي پُراڻو نه ٿئي،
ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه زياءِ،
سا ڪا هَڙ هَلاءِ، آڳهه جنهن جي ابهين!

اهڙي نموني تعليم جي جديد لاڙن تي لکيل هن ڪتاب جي هڙ ۾ هميشه ڪجھه نه ڪجھه اهڙو ويڳر ضرور ملي ويندو، جيڪو شعور ۽ ادراڪ کي نواڻ بخشيندو ۽ نيون مهميزون ڏيندو رهندو.


نواز خان زئور
20 جولاءِ 2019ع
ميرپور بٺورو، ضلعو سجاول

ليکڪ پاران : اڃان پنڌ ۾ آهيان !

علم سمنڊ آهي ۽ مون کي ڪنهن چيو هو ته سمنڊ سان ڪڏهن به تڪڙ نه ڪجان ڇو ته سمنڊ وٽ سوچڻ جيترو وقت ڪونه هوندو اٿئي. هُو هڪ پل ۾ ماڻهو کي لوڙهي ويندو آهي ۽ سگهو ئي ٻي گهڙي ۾ اُنهي ساڳي ماڻهو کي ڪناري تي آڻي بيهاريندو آهي. سو مون به اُنهي مهربان جي انهي ڏاهپ واري ڏس تي عمل ڪندي علم جي اِنهي سمنڊ مان ڪجھ موتين کي ميڙي ڪري توهان آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي ازل کان اِها خواهش رهي آهي ته سنڌ اندر خاص ڪري ٻهراڙين ۾ تعليم جو نظام بهتر ٿئي. ڇو ته اسان جي ٻهراڙي جو ٻار اڄ به جديد دنيا جي مڙني سهولتن ۽ معلومات کان وانجهايل آهي. مون کي ڪجھ عرصو پهريان اِهو خيال آيو ته ڇو نه آئون تعليم جهڙي اهم موضوع تي هڪ اهڙو جامع ڪتاب لکان، جيڪو هر شاگرد توڙي اُستاد کي هڪ جيترو فائدو ڏي. مون شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پڙهڻ دوران پنهنجي ڊگري جي سبجيڪٽن ۾ جيڪا معلومات پڙهي هئي سا منهنجي ذهن ۾ گردش ڪندي رهي. حالانڪ آئون ادبي دنيا ۾ ڪالم، توڙي ڪهاڻيون به لکندو رهيس. پر مون کي جيترو سڪون تعليم جي موضوع تي لکندي مليو تهڙو سُڪون نه ڪالم لکڻ ۾ مليو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪنهن ڪهاڻي لکڻ ۾ مليو. تڏهن ئي مون اِهو محسوس ڪيو ته آئون تعليم کاتي سان لاڳاپيل ئي رهان ته بهتر، شايد منهنجو تعليم کاتي سان جڙيو رهڻ ۾ ئي قدرت واري جو رزا آهي.
اِنهي سوچ کي عملي جامو پارائڻ لاءِ مون قلم کنيو ۽ اهو فيصلو ڪيو ته ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪتاب لکڻو آهي. ڪتاب به وري اهڙي نوعيت جو جيڪو لاڀائتو هجي. انهي سوچ سان مون ڪتاب لکڻ شروع ڪيو. ڪتاب ۾ مون پنهنجي علم، فهم ۽ فڪر جي آڌار تي فلسفي ۽ نفسيات کي به شمار ڪيو آهي. ڇو ته آئون ڄاڻان ٿو ته جيڪڏهن پاڻ علم حاصل ڪرڻ جا هي ٻئي پاسا پُر نه ڪنداسين ته تعليم حاصل ڪرڻ جا حدف به حاصل نه ڪري سگهنداسين. علم نفسيات ۽ فلسفي جو علم فن، فڪر ۽ غور ويچار لاءِ نيون راهون هموار ڪن ٿا. اِنهي لاءِ پاڻ کي خاص ڪري پڙهيل لکيل باشعور طبقي کي کپي ته اهو علم نفسيات ۽ فلسفي جي علم کي پنهنجي ڪوشش آهر مطالعي هيٺ آڻي. هنن علمن جو گهٽ ۾ گهٽ اِهو فائدو آهي ته ماڻهو ٻين جي روين کي سمجهڻ جي قابل بڻجي ٿو ۽ سندس شخصيت ۾ گهٽ وڌائين جي پروڻ پوي ٿي. علم سان شعور ايندو آهي ۽ شعور سان سُجاڳي ايندي آهي. هڪ اِهڙي قسم جي سُجاڳي جيڪا فرد کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ بيدار ڪندي آهي. علم کان بنا ترقي جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. توهان جيڪڏهن جديد دور جي تقاضائن تي پورو لهڻ چاهيو ٿا يا وري جديد دنيا جي ترقي پذير ملڪ جي ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ هلڻ چاهيو ٿا ته يقينن توهان کي تعليم طرف سنجيدا ٿيڻو پوندو. نه صرف پنهنجي ڪري بلڪ پنهنجي ايندڙ نسل جي بقا ۽ بهبود توڙي فلاح لاءِ به توهان کي تعليم طرف رجوع ڪرڻو پوندو. جڏهن تعليم، معيار جي سطع تي پهچي وئي ۽ هر روز نت نيون تخليقون ۽ نوان خيال اُڀرڻ لڳا ته پوءِ اسان توهان کي ڪو به فرد گهڻو وقت يرغمال بڻائي نه سگهندو.
آئون پنهنجو نينهن تعليم کاتي سان ڪجھ اِن ريت به نڀائيندو رهيو آهيان جو مون شروع کان وٺي تعليمي مضمون لکڻ شروع ڪيا هئا. جيڪي گهڻي قدر اصلاحي مضمون ئي هئا. انهن مان جيڪو مضمون تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ ڇپيو سو آهي ”پيپرن جي تياري ڪئين ڪجي“. هن مضمون کي شاگرد طبقي کان وٺي ڪري اشاعتي ادارن تائين تمام گهڻي ۽ سُٺي موٽ ملي. جنهن جو مکيه سبب اِهو هو ته هن مضمون ۾ مون شاگردن کي پيپر جي تياري جي مختلف مرحلن بابت آسان طريقي سان آگاهي ڏني ۽ ڪجھ اهڙا ترڪيب ٻڌايا جن تي عمل پيرا ٿي ڪري ڪافي شاگرد امتحانن ۾ سٺيون مارڪون ۽ گريڊ کڻي آيا. اُنهن طرفان مون کي مٺايون ۽ سوکڙيون به مليون ته اُن سان گڏ کوڙ دعائون ۽ نيڪ تمنائون به نصيب ٿيون.
اِنهن دعائن جي بدولت قدرت واري مون کي تعليم کاتي ۾ نوڪري نصيب ڪئي ۽ آئون ننڍڙي عمر ۾ ئي اُستاد ٿي ويس. اُستاد ٿيڻ ته منهنجو خواب هو ۽ منهنجي بابا جو به خواب هو. هن خواب هن سال ساڀيان ماڻي ته قدرت واري جي خودڪار نظام تي يقين اڃا وڌيڪ پختو ٿي ويو. ڇو ته فطرت جو هڪ اصول اِهو پڻ آهي ته جيڪڏهن توهان ڪنهن ٻي جي مدد ڪريو ٿا ته توهان جي مدد به ڪنهن اهڙي طريقي سان ٿي ويندي جو توهان انهي بابت ڪڏهن سوچيو به نه هوندو. مون انفرادي مفادن بابت سوچڻ بجاءِ اجتماعي فائدن کي اوليت ڏيندي شاگرد طبقي جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. منهنجي چوڻ جو اِهو مطلب قطعي ڪونه آهي ته ڪو مون شاگردن جون فيسون ڀريون يا انهن کي هر مهيني گذر سفر لاءِ چند ڏوڪڙ ڏيندو هيس.
ها البته ايترو ڪندو هيس ته ڪنهن کي ڪو مونجهارو هوندو هو ته اُن کي ڌيان سان ٻڌڻ، سندس مسئلي تي غور و فڪر ڪري کيس ڪو حل ڪڍي ڏيڻ، ڪنهن کي نوٽس وغيره کپندا هئا ته انهي کي نوٽس هٿ ڪري ڏيڻ. انهي کان علاوه هر ممڪن اخلاقي ۽ علمي مدد ڪرڻ منهنجي اولين ترجيع رهي. آئون ته پنهنجي انهن دوستن کي به پاڻ سان گڏ کڻي هليس جن لاءِ ڪنهن يار چيو هو ته تنهنجا هي يار ڊگري پوري ڪري نه سگهندا ۽ وقت ثابت ڪيو ته انهن يارن نه صرف ڊگري پوري ڪئي پر آخر ۾ ورسٽي مان ليپ ٽاپ به حاصل ڪري ويا. بس ڳالھ آهي سموري سچائي جي ۽ مخلصي جي. جيڪڏهن سنجيدگي آهي ته سُڀ ڪجھ آهي جيڪڏهن سنجيدگي جي کوٽ آهي ته پوءِ بس رڃ ئي رڃ آهي. ڳالهيون ته گهڻيون آهن جي هتي سڀ ڳالهيون ڪبيون ته هڪ ٻيو ڪتاب ٺهي ويندو. اِن لاءِ پاڻ فلحال ماضي مان نڪري هاڻ حال ۾ قدم رکندي هن ڪتاب تي ڪجھ ڳالهايون ٿا ته جئين توهان کي اهو گمان نه ٿي ته ڪو آئون ماضي پسند آهيان ۽ رڳو ماضي ۾ ئي رهڻ پسند ڪندو آهيان. هن ڪتاب بابت منهنجا توقعات انتهائي بلند آهن ڇو ته ڪو به چڱو ڪم ڪرڻ مهل انسان کي اميد پسندي کان ڪم وٺندي پنهنجي ڪم مان اِها توقع رکڻ کپي ته منهنجو هي ڪم ٻين لاءِ فائدي مند ثابت ٿيندو. آئون ادب جي جهول ۾ پنهنجو هي پهريون علمي ڪم انهي اميد سان پيش ڪريان ٿو ته منهنجو هي ڪتاب شعور جون راهون هموار ڪندو ۽ تعليم کاتي ۾ ٻيل لاءِ مشعل راھ ثابت ٿيندو.
آئون اڄ جيڪڏهن هي ٻه چار لفظ لکڻ جي قابل ٿيو آهيان ته انهي درجي تي پهچڻ لاءِ کوڙ سارين شخصيتن جو مون تي شفقت ڀريو هٿ رهيو آهي. جن ۾ منهنجي والدين کان وٺي ڪري، ايليمنٽري ڪاليج خيرپور توڙي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن جي مهربان ۽ شفيق اُستادن، ميڊمن ۽ ڪلاس فيلوز جون محبتون به وسارڻ جوڳيون ڪونه آهن. جن مون کي زندگي کي سمجهڻ توڙي زندگي سان جهيڙڻ جو فن سيکاريو. آئون ته ٻهراڙي جو هڪ عام فرد آهيان. مون وٽ ته نه ايتري دولت آهي جو آئون دنيا جون سڀئي خوشيون خريد ڪري سگهان ۽ نه ئي مون وٽ اهڙي نفيس زبان آهي جنهن سان آئون دلين تي راج ڪري سگهان. مون وٽ ته بس ٻه شيون آهن هڪ قلم ۽ ٻيو علم، پنهنجي انهي مزاج سان ٻنهي سان نينهن نڀائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهيان. آئون ته اڃا به ائين چوندو آهيان ته منهنجو هي سفر هن ڪتاب جي اچڻ سان شروع ئي هاڻ ٿيندو. آئون ته اڃا پنڌ ۾ آهيان. منزل ته ڪوھ ڏور آهي. منزل طرف وڌڻ جي جستجو به انهي اميد سان ڪيو ويٺو آهيان ته جڏهن اسان جي قوم جو هر ٻار پڙهيو لکيو ۽ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ملائڻ جي قابل ٿيو ته پوءِ منهنجو خواب پورو ٿيندو ۽ آئون پنهنجي تعليم تي فخر ڪرڻ شروع ڪندس. وڌيڪ لاءِ ايترو ته توهان سُڄاڻ دوستن ۽ باشعور فردن جي راين جو شدت سان انتظار رهندو. توهان ئي اهو حتمي فيصلو ڪري سگهو ٿا ته آئون پنهنجي هن مقصد ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهيان. آئون تھ دل سان پنهنجي مُحسن، ادبي اُستاد ۽ گهڻ رُخي شخصيت جي مالڪ سائين نواز خان زئور جو شڪر گذار آهيان جن منهنجي ڪتاب تي هڪ نظر وجهي ڪري هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کان توهان کان آگاھ ڪيو. انهي سان گڏوگڏ آئون محترم سائين غلام اصغر ميمڻ صاحب جو به تھ دل سان مشڪور آهيان جن هن ڪتاب بابت پنهنجي قيمتي راءِ جو اظهار ڪري مون ناچيز جي همٿ افزائي ڪئي. ساڳي وقت پيڪاڪ پبلشر جي ڌڻي ۽ لسانيت جي ماهر سائين آفتاب احمد ابڙو به مون لاءِ مان لهڻو آهي جنهن جي اداري جي وسيلي منهنجو هي ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهتو. ڀاءُ قمر آفتاب ابڙو جو سهڪار ۽ همٿ افزائي وارو رويو به وساري نه ٿو سگهجي ڇو ته سندس مسلسل رابطي ۽ رهنمائي مون کي ڪتاب جي ليکڪ ٿيڻ جو شرف عطا ڪيو - آخر ۾ ڪتاب کي ڪتابي صورت تائين آڻڻ کان وٺي ڪري ڪتاب جي آخري ڪاپي جي پڙهندڙ تائين، مستقبل جي معمارن لاءِ کوڙ ساريون دعائون ۽ نيڪ تمنائون. ڌڻي سڀني جي علم ۾ اضافو ڪري.


[b] يوسف جميل لغاري
[/b] ٺري ميرواهه
رابطي لاءِ:
ceyousif@gmail.com

باب پهريون: تعليم ۽ سکيا جو عمل

---

تعليم ۽ سکيا جا طور طريقا

لفظ تعليم جي حقيقي معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهڻ لاءِ پاڻ اعليٰ پائي جي تعليمدانن طرفان بيان ڪيل تعليم جي وصفن کي هتي پڙهنداسين. تعليم جي وصف بابت چيو وڃي ٿو ته لفظ (Education) لاطيني ٻولي جي هنن لفظن مان ورتو ويو آهي.
a) ' Educare' which means "to bring out" or "to nourish".
b) ' educare' which means "to lead out" or " to draw out".
c) ' Educatum' which means “act of teaching" or” training".
d) ' Educatus' which means “to bring up, rear, educate".
ان کان علاوه يوناني ٻولي جو لفظ (Pedagogy) پڻ لفظ تعليم توڙي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي عمل بابت استعمال ٿيندو رهندو آهي. ان کان علاوه هندستان ۾ هڪ لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي ” شڪشا “ جنهن جي معني پڻ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي عمل ڏانهن منسوب ٿيل آهي. ڪنهن جي صلاحيتن کي هڪ مخصوص عمل مان گذاري ڪري کيس انهن جي قابل استعمال بنائڻ جي عمل کي پڻ تعليم چئي سگهجي ٿو. توهان تعليم جي وصف کي پنهنجي ڪنهن به خيال يا انداز بيان ۾ لکي، پڙهي توڙي سمجهي سگهو ٿا. تعليم جي اهميت بابت دنيا جي وڏن مفڪرن، اديبن ۽ ڏاهن پنهنجا رايا الڳ قائم ڪيا آهن. ڪجھ مفڪرن جا خيال هڪجهڙا محسوس ٿين ٿا ته وري ڪجھ مفڪرن جا هڪ ٻي کان بنھ الڳ. ان لاءِ پاڻ هتي تعليم جي انهي وصف کي بيان ڪريون ٿا جيڪا وصف عالمي ليول تي مڃيل ۽ قبول ڪيل وصف آهي.

” تعليم، اُنهي عمل کي چئبو آهي جنهن جي نتيجي ۾ روين جي تبديلي رونما ٿئي“.

هاڻ اِها ڳالھ بلڪل واضع ٿي چُڪي آهي ته تعليم جي اچڻ سان فرد جي منفي روين توڙي لاڙن جو خاتمو اچي ٿو ۽ فرد ۾ مثبت رويا توڙي لاڙا جنم وٺن ٿا. اِنهي نون لاڙن جي نتيجي ۾ ڳوٺ، شهر، معاشرو، توڙي ملڪ ترقي طرف سفر ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ڇو ته مثبت شيون هميشه مثبت عملن کي جنم ڏينديون آهن. منفي شيون هميشه منفي نتيجا ئي ڏينديون آهن. پاڻ تعليم کي هڪ اهڙو سگهارو اوزار تصور ڪري سگهون ٿا جنهن وسيلي هن دنيا منجھ هر هڪ تصور ۽ خيال کي ٽوڙي سگهجي ٿو. انهي جي جاءِ تي جديد ۽ ڪار آمد خيال کي توسيع ڏئي سگهجي ٿي. تعليم بنا معاشرو اپاهج ۽ انهي معاشري ۾ رهندڙ فردن جا ذهن مڪمل طرح سان اونداھي جي لپيٽ ۾ هوندا آهن. جنهن سبب انهن ماڻهن ۾ ڪا به تخليق، ڪا نئي سوچ نه ٿي اُڀري ۽ اُهي معاشرا جانورن واري زندگي گهارڻ تي مجبور هوندا آهن. اِن کان علاوه تعليم جون کوڻ ساريون وصفون آهن. ڪجھ وصفون هتي بيان ڪجن ٿيون.

[b]تعليم زندگي آهي
[/b]تعليم کان بنا زندگي بي مقصد، بي سوادي توڙي ائين آهي جئين ڪنهن حيوان جي زندگي هجي. زندگي جو هر هڪ جوهر تعليم جو گهرجائو هوندو آهي. تعليم سان ئي زندگي آهي.

[b]تعليم تربيت آهي
[/b]انسان ۾ جيتوڻيڪ قدرت واري پنهنجو هڪ الڳ دلڳ فطري سرشتو جوڙيو آهي. جنهن ۾ کيس عقل جهڙي نعمت پڻ عطا ڪئي اٿس. ليڪن اُن جي باوجود سندس ذهن، صلاحيتن، قابليتن ۽ مهارتن کي هڪ دڳ گهربل هوندو آهي ۽ اهو دڳ، اهو گس کيس تعليم ئي عطا ڪندو آهي جنهن تي هلي ڪري هو پنهنجي مهارتن جو درست استعمال ڪندو آهي.

[b]تعليم روين ۾ سڌارو آڻي ٿي
[/b]تعليم جي اچڻ کان پوءِ انساني عقل تمام تر ٿوري عرصي ۾ تمام تر تيز رفتار سان ترقي ڪئي آهي ۽ ڪائنات جي انيڪ رازن ۽ رمزن کي ڳولي لڌو اٿائين. تعليم جي اچڻ سان انساني روين ۾ پڻ تبديلي آئي آهي. انسان جي رهڻ ڪهڻ، گهمڻ ڦرڻ توڙي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ گهڻو بدلاءُ آيو آهي.

[b]تعليم مقصدن کي رستو ڏيندي آهي
[/b]انساني زندگي جا اهم مقصد هڪ مخصوص قسم جي حڪمت عملين جا گهرجائو هوندا آهن. بنا ڪنهن طرفي جدوجهد جي ڪنهن به مقصد کي حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. تعليم انسان کي انهن مقصدن جي حاصلات لاءِ هڪڙي راھ عطا ڪندي آهي.

[b]تعليم ڳانڍاپي جو عمل آهي
[/b]تعليم هڪ اِهڙو عمل آهي جنهن ۾ مختلف ذهن ڪنهن خاص فڪر، فلسفي توڙي خيال تي اجتماعي صورت ۾ غور ويچار ڪندا آهن ۽ اُنهي متعلق هڪ ٻي سان ويچار ونڊيندا آهن. اِهڙي ريت هڪ شئي جو ٻي سان ڳانڍاپو ظاهر ٿيندو آهي ۽ انهي ڳانڍاپي جي صورت ۾ ڪائنات جي اصل سونهن جي پروڙ پوندي آهي. تعليم سان ئي هن دنيا جي جوڙجڪ، هن سماج جو حُسن ۽ انساني معراج لاڳاپيل آهي. تعليم کان بنا ڪنهن به جديد شئي جي وجود ۾ اچڻ جو قطعي به تصور نه ٿو ڪري سگهجي. دنيا اندر سڀني سائنسدانن علم جي معراج تي پهچڻ کان پوءِ ئي نت نيون شيون تخليق ڪيون. جيڪي هن وقت پوري دنيا جي ماڻهن جي استعمال ۾ مختلف روپن ۾ آهن. هاڻ تعليم جي بيان ڪيل سڀني وصفن کي مد نظر رکندي اهو چئي سگهجي ٿو ته تعليم کان سواءِ انساني سوچ ترقي نه ڪري سگهي ها ۽ هن جديد دنيا جي سڀني مظهرن ۽ لقائن کي ڏسي ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هي سڀ ترقيون تعليم جو ئي معجزو آهي.

پڙهائڻ جا طور ۽ طريقا

جڏهن پاڻ سکڻ ۽ سيکارڻ جي عمل تي ويچارڻ لڳو ٿا ته عين انهي وقت اسان جي ذهن ۾ پڙهائڻ جا اُهي سڀ طور ۽ طريقا اُڀري ڪري سامهون اچن ٿا. جيڪي عام رواجي طور اسڪولن کان وٺي ڪري اعليٰ تعليمي ادارن ۾ اپنايا ويندا آهن. هاڻي پڙهائڻ جي انهن سڀني طريقن ۾ ڪهڙو طريقو وڌيڪ موثر ۽ ڪار آمد آهي ان تي پاڻ گفتگو ڪنداسين.

[b]• پڙهائڻ جو تقريري طريقو
[/b]سڀني کان پهريان جيڪو صدين کان رائج پڙهائڻ جو هڪڙو قديمي طريقو پاڻ وٽ سڀني ادارن ۾ ملي ٿو انهي کي تقريري طريقو يعنيٰ (Lecture Method) چئبو آهي. پڙهائڻ جي هن طريقي ۾ اُستاد ڪلاس ۾ داخل ٿيندي ئي ڪنهن خاص عنوان تي هڪ ڪلاڪ کن ڳالهائيندو آهي ۽ ڪلاس ۾ موجود سڀئي شاگرد اُنهي کي غور ۽ فڪر سان ٻڌندا آهن. پڙهائڻ جي هن طريقي ۾ اُستاد جو ڪردار متحرڪ ۽ خوش باش هوندو آهي انهي جي برعڪس پڙهائڻ جي هن طريقي ۾ شاگرد يا سکندڙ جو ڪردار هڪ خاموش طبع فرد جهڙي هوندي آهي. جنهن کي خاموشي سان پنهنجي سيکاريندڙ کي ٻڌڻو پوندو آهي. پڙهائڻ جي هن طريقي کي تعليم جي بنيادي ڏاڪي تي رد ڪيو ويو آهي ۽ ها باقي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ جو هي طريقو ڪنهن قدر نتيجا ڏئي رهيو آهي. ڇو ته پڙهائڻ جي هن طريقي ۾ سکڻ/ٻڌڻ واري جو ذهني طور سُجاڳ هجڻ لازمي شرط آهي.

[b]• پڙهائڻ جو پيشڪشي طريقو
[/b]هن طريقي کي (Presentation Method) چئبو آهي. هي طريقو عام طور تي انهي وقت استعمال ڪيو ويندو آهي جڏهن پڙهائڻ لاءِ کوڙ سارو مواد هجي ۽ سمجهائڻ لاءِ وقت بنھ ٿورو. اِن لاءِ هن طريقي کي پاڻ ائين سمجهي سگهون ٿا ته جيڪڏهن پاڻ وٽ ڪنهن تعليميدان جو ڪو فلسفو موجود هجي ۽ انهي فلسفي کي سمجهائڻ لاءِ وقت گهٽ هجي ته انهي وقت پاڻ انهي فلسفي جي اهم نقطن جو ذڪر سکندڙ آڏو ڪنداسين ته جئين انهن کي انهي فلسفي جي ڄاڻ موثر طريقي سان ملي سگهي ۽ ھو سندس اهميت سمجهي سگهن. هي طريقو بجاءَ آڻڻ لاءِ جديد اوزان جي ضرورت پوندي آهي. جهڙوڪ ڪمپيوٽر، پاور پوائنٽ سلائيڊس ۽ پروجيڪٽر وغيره

[b]• بحث مباحثي وارو طريقو
[/b]هن طريقو سکڻ ۽ سيکارڻ جي عمل ۾ مٿي بيان ڪيل ٻن طريقن جي ڀيٽ ۾ سُٺا نتيجا ڏي ٿو. هن طريقي ۾ اُستاد شاگردن کي ڪو خاص عنوان ڏيندو آهي ۽ عنوان ڏيڻ کان پهريان شاگردن جا ڪجھ جوڙا يا گڏيل گروھ ترتيب ڏيندو آهي. انهن ترتيب ڏنل گروھ کي اهو حڪم پڻ صادر ڪندو آهي ته توهان مان هڪ گروھ انهي عنوان جي حمايت ۾ ڳالهائي ۽ ٻيو گروھ انهي عنوان جي مخالفت ۾ ڳالهائي. اِهڙي ريت شاگردن جي ترتيب ڏنل گروھ ۾ بحث شروع ٿيندو آهي. هن طريقي کي شروع ڪرڻ کان پهريان اُستاد شاگردن کي هن بحث مباحثي ڪرڻ لاءِ ذهني طور آمده ڪندو آهي ۽ کين بحث مباحثي جا ڪجھ اصول ۽ ضابطا پڻ ٻڌائيندو آهي. جن تي عمل پيرا ٿي ڪري شاگرد هن عمل جو حصو ٿيندا آهن. پڙهائڻ جي هن طريقي ۾ شاگردن ۾ ڳالهائڻ جي قوت طاقت وٺندي آهي ۽ انهن ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي صلاحيت پختو ٿيندو آهي ڇو ته هر هڪ ڪلاس ۾ ڪجھ اِهڙا شاگرد ضرور هوندا آهن جيڪي گهڻي ڳالهائڻ توڙي ڪلاس جي ڪنهن به متحرڪ عمل ڪم ۾ حصو وٺڻ کسن ڪيٻائيندا آهن.

[b]• اجتماعي ڪم وارو طريقو
[/b]پڙهائڻ جي هن طريقڪار کي (Group Work) چئبو آهي. پڙهائڻ جي هن طريقي ۾ شاگردن کي ڪنهن خاص عنوان تي تحقيق ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويندو آهي. اُنهي تحقيق کي پايا تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ شاگردن کي جوڙن جي صورت ۾ يا وري ٻه يا ٻن کان وڌيڪ شاگردن جي صورت ۾ گڏ ڪري ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي. هن طريقيڪار جو اصل مقصد شاگردن جو پاڻ ۾ باهمي لاڳاپو برقرار ڪرڻ هوندو آهي. اِن کان علاوه هڪ ٻي جي خيالن جو احترام ڪرڻ توڙي پاڻ ۾ سماجي رابطن جي بحالي ۽ هڪ ٻي لاءِ مدد گار ڪرڻ پڻ هوندو آهي. پڙهائڻ جو هي طريقو در اصل سائنس جي سبجيڪٽ پڙهائڻ يا وري تاريخ پڙهائڻ مهل قطب آندو ويندو آهي ڇو ته هن عمل ۾ ڪو به هڪ شاگرد ڪنهن خاص مضمون يا عنوان تي اڪيلي سر مڪمل طور جامع تحقيق ڪرڻ کان قاصر هوندو آهي. اُنهي شاگرد کي ڪنهن ٻي شاگرد جو سهارو درڪار هوندو آهي.

[b]• گڏ ڪم ڪرڻ جو طريقو
[/b]پڙهائڻ جي هن عمل کي (Collaborative Learning Method) چئبو آهي. پڙهائڻ جو هي طريقو اجتماعي ڪم ڪرڻ واري طريقي کان ٿورو مختلف آهي. پڙهائڻ جي هن طريقي ۾ اُستاد طرفان شاگردن کي گهربل مواد ڏنو ويندو آهي ۽ پوءِ وري انهي مواد تي سندس خيالن ۽ سمجهائڻ واري انداز کي پرکيو ويندو آهي. هن طريقڪار ۾ اُستاد شاگردن جي وچ ۾ ربط قائم ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ سندس راءِ کي ٻڌڻ جو پابند هوندو آهي. پڙهائڻ جي هن طريقيڪار ۾ اُستاد طرفان مهيا ڪيل هر هڪ حڪم توڙي اصول کي مد نظر رکي ڪري شاگرد هڪ ٻي سان گڏجي ڪم ڪندا آهن. پڙهائڻ جو هي طريقو بنيادي تعليم جي اصولن جي نمائدگي ڪندو آهي.

[b]• پرولي طريقو
[/b]پڙهائڻ جي هن طرز عمل کي ( Puzzle Method/ Jigsaw teaching technique) چئبو آهي. هن طريقڪار جو استعمال ڪرڻ پٺيان اهو مقصد هوندو آهي ته سکندڙ ڪيتري قدر ذهني طور تيز آهي. شين کي سمجهڻ ۽ ترتيب ڏيڻ ۾ ڪيتري قدر تڪڙو آهي. پڙهائڻ جي هن طريقيڪار ۾ ٻار جي نفسياتي صحتمندي چڪاسي ويندي آهي. پڙهائڻ جي هن طريقي ۾ اُستاد هڪ منجهيل اڻ ترتيب ڏنل ڪو مواد يا ماڊل کڻي ايندو آهي جنهن کي وري ترتيب ڏيڻ جو ڪم شاگرد کي سونپيو ويندو آهي ته جئين هُو پنهنجي اعليٰ ذهانتي گُرن کي استعمال ڪندي انهن منجهيل اڻ ترتيب ڏنل شين کي ترتيب ڏئي پنهنجي ذهني مشق ڪري. هن طريقي سان شاگردن جو دماغ استعمال شروع ٿيڻ لڳندو آهي ۽ هُو شين کي سٺي توڙي سُهڻي نموني سان ترتيب ڏيڻ جا ماهر ٿيندا آهن.

[b]• پڙهائڻ جو ڪرداري طريقو
[/b]پڙهائڻ جي طريقيڪار کي (Role Play Method) چئبو آهي. پڙهائڻ جو هي طريقو اڪثر ڪري انهن مضمونن ۾ قطب آندو ويندو آهي جن ۾ ڪي خاص خاڪا، خيال يا ڪردار قلم بند ٿيل هوندا آهن. جهڙي ريت ڪلاس يارهين ۾ انگلش جي سبجيڪٽ ۾ هڪ ڪتاب ڊرامن جو ۽ هڪ ڪتاب شاعري جو شامل ٿيل آهي. اهڙي ريت اهڙن ڊرامن ۽ ڪردارن کي سندن اصلوڪي صورت ۾ پڙهائڻ جي لاءِ پڙهائڻ جي هن طريقي کي استعمال ڪيو ويندو آهي ته جئين ٻار انهن سبقن جي اصلي مقصد کان واقف ٿي سگهن ۽ اُنهن کي بهتر نموني سان سمجهي سگهن.

ابتدائي تعليم

ابتدائي تعليم جنهن کي توهان بنيادي تعليم بہ چئي سگهو ٿا، هن تعليم جو مقصد ٻار کي پنهنجي ايندڙ ڪلاسن لاءَ اڳواٽ تيار ڪرڻ آهي تہ جئين ٻار جنهن وقت اڳي ڪلاس ۾ داخل ٿي تہ کيس لفظن، اکرن، توڙي سندن اُچارن جي چڱي خاصي ڄاڻ هجي ۽ سندس تعليم ۾ ڪو رخنو پيدا نہ ٿي ۽ کيس تعليم حاصل ڪندي ڪنهن بہ قسم جي ڪا تڪليف يا مشڪلات پيش نہ اچي، ابتدائي تعليم ٻار لاءَ منزل طرف پهرين ڏاڪي جي حيثيت رکي ٿي. پاڻ وٽ الميو اِهو آهي جو ٻار کي پهرين ئي ڪلاس ۾ انتهائي ڳنڀير ٿيلھا بَگلن ۾ ڦاسائي ڪري ذهني توڙي جسماني طور جڪڙيو ٿو وڃي، حالانڪ ائين نہ ڪرڻ کپي، ابتدائي ڪلاسن ۾ ٻارن کي صرف ٽي مکيہ ڪتاب پڙهايا وڃن، هڪ ٻولي، ٻي حساب ڪتاب ۽ ٽيون سائنس، ٻولي ۾ لفظن جي جوڙجڪ، انهن جي بيهڪ، انهن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي اُچار تي ڌيان ڏجي، حساب ڪتاب جي معاملي ۾ انگن جي صرف فهرست ۽ ڳڻپ ياد ڪرائي وڃي، اگر ٻار ذهين هجي ۽ کيس ڪا دڪت پيش نہ اچي تہ پوءَ انهي کي حساب ڪتابن ۾ جوڙ، ڪٽ ۽ ونڊ وغيره بہ ڀلي سيکاري ڇڏجي، مئٿ جي انهن مشقن سان ٻار جي سوچڻ واري سگھ سگهاري ٿيندي ۽ کيس فڪر ڪرڻ واري عادت پيدا ٿيندي، اهڙي ريت وري سائنس واري ڪتاب مطابق ٻار کي شين جي پرک ڪرڻ، کين سمجهڻ توڙي انهن ۾ فرق ڪرڻ واري سگھ سگهاري ٿيندي، اهڙي ريت ٻار ابتدائي دور ۾ گهڻو ڪجھ پرائي سگهندو. ابتدائي تعليم ائين سمجهو ڄڻ پيڙھ ۾ پٿر رکڻ جهڙو آهي، پيڙھ جو پٿر جيترو مضبوط هوندو عمارت اوتري ئي مضبوط جُڙندي. جيڪڏهن شاگرد توهان کي اهميت نہ ٿا ڏين انهي عمل کي در گزر ڪريو.

[b]ابتدائي تعليم ڪئين هجڻ گهرجي
[/b]ابتدائي تعليم لاءَ ضروري آهي تہ اُها راند روند واري تعليم هجڻ گهرجي، ڇو تہ هي عمر ٻار جي کيڏڻ ۽ شرارتن ڪرڻ واري عمر هوندي آهي، هن عمر ۾ ٻار جو دلي لڳاءُ راند روند طرف گهڻو هوندو آهي اِن لاءَ ٻار کي راند روند وسيلي ئي پڙهايو وڃي تہ بهتر نتيجا ملندا، ٻار کي راند روند وسيلي ٻولي بہ پڙهائي سگهجي ٿي، حساب ڪتابن جو علم بہ سيکاري سگهجي ٿو، سائنس جي ڄاڻ بہ ڏئي سگهجي ٿي، مطلب تہ هر حساب سان مقصد اِهو هجي تہ ٻار لاءَ سکيا جو عمل موثر کان موثر تر بنائڻو آهي، ٻار کي اِهو احساس اندر ۾ جاڳائڻو آهي تہ علم حاصل ڪرڻ سندس لاءَ فائدي جو عمل آهي، ٻار علم حاصل ڪرڻ کي پاڻ مٿان بار نہ سمجهي يا اِن کان باغي نہ ٿي. افسوس سان لکڻو ٿو پوي تہ ڪجھ استاد صاحبان سخت روي ۽ مار سبب ڪيترا ئي شاگرد علم حاصل ڪرڻ جهڙي پاڪيزه ۽ بهترين عمل کان باغي ٿي ڪري پوري عمر جاهلت ۾ گهاري ٿا ڇڏين ۽ اِها جهالت کين پوري عمر تڪليفون ۽ ازيتون ڏيندي رهندي آهي، ائين نہ ٿيڻ گهرجي بلڪ ٻارن کي تعليم راغب ڪجي ۽ سندس لاءَ سکيا جون راهون هموار ڪجن. بهترين اُستاد اُهو آهي جيڪو ٻار ۾ علم حاصل ڪرڻ جي اُڃ پيدا ڪري.

[b]ابتدائي تعليم ۽ اسان جو معاشرو
[/b]ابتدائي تعليم کان رهجي ويل انيڪ ٻار پوري زندگي مفلسي، دربدري، ويڳاڻپ ۽ ڌڪن ٿاٻن ۾ گذارين ٿا، ابتدائي تعليم جو ٻڄ جڏهن سندن اندر ۾ پوکيو نہ ويندو آهي تہ اُهي ٻار پنهنجي اندر ۾ موئن جي دڙي وانگر کنڊرات ٺاهي ڪري انهن جو وزن پوري زندگي پنهنجي ذهن تي کڻي گهمائن ٿا، سندن ذهن ڪنهن شاد و آباد باغ وانگر مهڪي ۽ ٽهڪي ناهي سگهندو، معاشرو اهڙن ويران ٿيل ڪي ئي فردن سان ڀريل آهي، اهڙن ماڻهن کي معاشرو بہ ڪڏهن ڪڏهن گهٽ قبول ڪندي آهي، معاشري تي اهڙا ماڻهو وزن ثابت ٿيندا آهن ڇو تہ معاشرو خود پڙهيل لکيل فردن آڏو مجبور آهي، پڙهيا لکيا ماڻهو ئي معاشري کي ترقي ڏياريندا آهن ۽ سندس واڌ ويجھ لاءَ ڪردار ادا ڪندا آهن. ابتدائي تعليم جي ميسر نہ هجڻ سبب ڪافي معاشرا تباهي جي ور چڙهي وڃن ٿا، انهن معاشرن ۾ ترقي، فلاح و بهود توڙي نواڻ پري تائين نظر نہ ايندي آهي، ابتدائي تعليم کان وانجهايل ماڻهو اڳتي هلي منفي طريقي جا ڪردار ادا ڪري معاشري کي تباھ ۽ برباد ڪندا آهن ۽ اِهڙي ريت انساني ارتقا ۾ رنڊڪ پيدا ٿيندي آهي، انساني سوچون زوال طرف سفر ڪرڻ شروع ڪن ٿيون ۽ انسان سڀ ڪجھ حاصل ڪرڻ جي باوجود بہ تن تنها ۽ اڪيلو رهجي ويندو آهي. ابتدائي تعليم کير ۾ کنڊ ملائڻ جهڙو آهي، کير بنا کنڊ جي مٺو نہ ٿو ٿي سگهي ۽ معاشرو ابتدائي تعليم کان سواءَ ترقي نہ ٿو ڪري سگهي.

[b]ابتدائي تعليم جا فائدا
[/b]ابتدائي تعليم ٻار جي اندر ۾ علم جي حاصلات لاءَ حوصلو پيدا ڪري ٿو، ابتدائي تعليم علم جي ميدان ۾ پيچري جو ڪم ڪري ٿي، ڪنهن منزل طرف سفر ڪرڻ مهل رستي تي پهچڻ کان پهريان پيچرا ٺاهڻا پوندا آهن يا پيچرن مان گذرڻو پوي ٿو جيڪڏهن پيچرا ئي نہ هوندا تہ رستي لڀي ئي نہ سگهبو، اِن لاءَ پهريان پيچرن تان لنگهڻو پوي ٿو، اِهڙي ئي ريت ابتدائي تعليم علم جي سفر ۾ پيچري طور قطب آندو وڃي ٿو. ابتدائي تعليم سان ٻار ۾ ساڃاھ، سمجھ ۽ ڏاهپ وڌڻ شروع ڪري ٿي، ٻار پڙهڻ شروع ڪري ٿو تہ سندس ذهن جا بند ٿيل يا لاڪ ٿيل در کلن ٿا ۽ هُو انهن درن جي کلڻ شرط دنيا کي پنهنجي نظرن سان ڏسڻ شروع ڪري ٿو، ٻار جي اِها سمجھ سندس عقل جو حقو بڻجي ڪري سندس ڏاهپ ۾ اضافو ڪري ٿو، کيس شين کي سمجهڻ ۽ تورڻ تڪڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ٿي، شين کي سندن اصلي مفهوم ۾ سمجهڻ جي سگھ عطا ٿئي ٿي، سکڻ طرف سندس لاڙو راغب ٿئي ٿو، سندس دلچسپي سکيا جي عمل ۾ وڌڻ شروع ٿئي ٿي ۽ ٻار سڪون محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. علم حاصل ڪريو ڄمڻ کان مرڻ تائين. ( حديث نبوي)

قدرت، فطرت ۽ علم

قدرت واري جڏهن هن ڪائنات کي خلقيو تہ اُن مهل قدرت واري جي طرفان هن ڪائنات جي هلائڻ خاطر ڪجھ اصول ۽ ضابطا بہ جوڙيا ويا هئا، ڪجھ اِهڙا اصول ۽ ضابطا جن سان هن ڪائنات جي بقا جو لاڳاپو هو، حضرت انسان کي هن ڌرتي تي موڪلڻ کان پوءَ قدرت واري کيس علم عطا ڪيو جنهن علم وسيلي حضرت انسان شين جي وچم فرق کي سمجهيو ۽ سندن اهميت کي پڻ ڄاڻي سگهيو ۽ انهن جو استعمال ڪرڻ لڳو تہ جئين پاڻ آرائش واري زندگي گذاري سگهي. سکڻ ۽ سيکارڻ واري عمل لاءَ ضروري آهي تہ ڪي بہ ٻہ عنصر/فرد موجود هجن، هڪ سيکارڻ وارو ۽ ٻيو سکڻ وارو، حضرت انسان جڏهن سکڻ واري مرحلي ۾ هُو تہ اُنهي مهل سندس استاد قدرت وارو پاڻ هو ۽ جڏهن وري حضرت انسان ڪجھ شيون سکي ورتيون تہ پوءَ اُن تي اِها ذميواري عائد ڪئي وئي تہ هو پاڻ کان پوءَ ايندڙ انسانن کي اُهي شيون سيکاري جيڪي شيون قدرت واري کيس سيکاريون هيون، يعني انسان جو پهريون استاد قدرت وارو مالڪ خود پاڻ آهي.
هن ڌرتي تي جاندارن جي اچڻ کان پوءَ انهن جي وچم ڪافي شيون سمجهڻ جهڙيون باقي هيون، جهڙي ريت جاندارن جي ورڇ، انهن جي قد و ڪاٺ مطابق سندن طاقتور هجڻ جو ڪاٿو، سندن رهڻ ڪهڻ جو طور طريقو، سندن کاڌ و خوراڪ جو عمل وغيره، حضرت انسان انهي وقت بذات خود اُستاد طور پنهنجيون خدمتون سر انجام ڏئي ڪري قدرتي لقاءُ کي سمجهڻ شروع ڪيو، شين جي وچم ۾ فرق معلوم ڪرڻ شروع ڪيو، قدرت واري طرفان کيس جيڪو عقل ۽ علم عطا ڪيل هو اُنهي آڌار تي شين جو مقدار ۾ معيار معلوم ڪرڻ لڳو، جيتوڻيڪ حضرت انسان کي ڪافي شين کي سمجهڻ جي تربيت ڏني وئي هئي ۽ کيس جهجو علم عطا ٿيل هو ليڪن اُن جي باوجود ڪافي شيون ڳجهيون پڻ هيون جن کي معلوم ڪرڻ ائين سمجهو تہ حضرت انسان لاءَ پهريون حدف قرار ڏنل هيون. ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ڪري اڄ ڏينهن تائين ڌرتي جي گولي تي ۾ موجود هر هڪ شئي پنهنجي ظاهري قد و صورت تبديل ڪئي آهي، ڪجھ شين کي اِها تبديلي سُٺي صورت ۾ پلئہ پئي آهي تہ وري ڪجھ شين جي وجود کي ختم ڪرڻ جو سبب پڻ بڻي آهي، بر حال تبديلي هڪ اڻ ٽر صورتحال آهي جيڪا هر حال ۾ پنهنجو مقرر وقت تي شين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو رهندو آهي.
قدرت واري پنهنجي پيارن ٻانهن جي وسيلي عالم انسانيت جي اصلاح لاءَ پنهنجا ڪجھ خاص نمائندا موڪليا جن کي اسين پڻ استاد چئي سگهون ٿا، ڇو تہ سندس ذمي ٻين کي سيکارڻ هو، اُنهي سيکارڻ ۾ رهڻ ڪهڻ جو ڍنگ، گهمڻ ڦرڻ جا اصول، برتاءُ ڪرڻ جا طور طريقا ۽ ضروريات زندگي کي ڪئين پورو ڪجي اهو سيکاريو ويندو هو، مطلب تہ ڪائنات کي وجود ۾ آڻڻ کان پوءَ پهريون اُستاد هن ڪائنات جو مالڪ پاڻ ٿيو ۽ پوءَ وري پنهنجي خاص بندن تي ڪرم ڪري انهن کي باقي عالم انسانيت لاءَ اُستاد مقرر ڪري موڪليائين، مطلب تہ هي پيشو انتهائي معتبر ۽ مُهذب پيشو آهي ۽ اهو معلوم ٿي ٿو تہ قدرت، فطرت ۽ علم جو پاڻ ۾ ازلي ڳانڍاپو آهي. فطرت ۽ قدرت جي فرق کي سمجهڻ جو جيڪو پهريون ماپو پاڻ کي ميسر ٿيو سو علم هو، علم جي آڌار تي شين کي پرکيو ويو ۽ کين سمجهيو ويو، علم بنيادي طور شين کي سمجهڻ جي علم جي چئبو آهي، هي ڪائنات جي جيڪا مڪمل طور تي مختلف مظهر ۽ منظرن جو ڄڻڪ لقاءُ آهي انهي لقائن کي سمجهڻ لاءِ هڪ مخصوص قسم جي علم جي ضرورت پوي ٿي، علم وري انهن فردن کي عطا ڪيو ويندو آهي جن ۾ قدرت واري طرفان کي خاص خوبيون ۽ صلاحيتون رکيون وينديون آهن. فطرت، قدرت ۽ هن ڪائنات جي لقائن کي انسان پنهنجي شعور، سمجهه، عقل ۽ ڏاهپ سان سمجهڻ جي ڪوشش روز ازل کان ڪري رهيو آهي.

تعليم حاصل ڪرڻ جو مقصد ڇا هجڻ گهرجي

تعليم حاصل ڪرڻ جو مقصد شعور جي حاصلات هجڻ گهرجي ڇو تہ شعور جي اچڻ سان دنيا جي مڙني معاملاتن کي ماڻهو سمجهي سگهندو آهي، پنهنجي اهميت، افاديت ۽ قدر کي معلوم ڪري سگهندو آهي، پنهنجي آس پاس توڙي سماج ۾ برپا ٿيندڙ تباهڪارين کان واقف ٿي سگهندو آهي، معاشرتي اصولن جي پاسداري ڪرڻ جو ڏانءُ سکندو آهي، پنهنجي توڙي عالم انسانيت جي بقا توڙي فلاح لاءَ سوچڻ شروع ڪندو آهي. دنيا سان گڏ ڪُلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري هلڻ لاءَ پاڻ کي تيار ڪندو آهي، لاشعور ماڻهن کي زندگي گذارڻ جو ڍنگ سيکاريندو آهي، انسانيت کي تباھ ڪرڻ وارن منصوبن خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندو آهي، هن ڌرتي تي موجود وڻ، ٽڻ، پکي پکڻ جي بچاءُ لاءَ ڪي اپاءُ وٺندو آهي، ماڻهن جي ذهنن ۾ پيدا ٿيندڙ مونجهارن کي ختم ڪندو آهي، مايوس ماڻهن کي ڪامياب زندگي گذارڻ جا گُر ڏسيندو آهي، ٻين لاءَ اُتساھ جو سبب بڻجندو آهي، ٻين لاءَ آسانيون پيدا ڪندو آهي. اِهڙي ريت سندس شعور مثبت عملن کي هٿي ڏيندو آهي ۽ منفي شئين کان نفي ڪندو آهي، سندن شعور ٻين لاءَ ڪارائتو ثابت ٿيندو آهي، هي سڄو سارو علم، ڏاءُ يا طريقو علم جي صحي حاصل ڪرڻ کان پوءَ ئي ڪنهن انسان ۾ ايندو آهي. سماج تڏهن ئي بهتر ٿي سگهي ٿو جڏهن اِهل علم خاموش ويهڻ بجاءَ ميدان عمل ۾ ايندا ۽ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندا، ڇو ته علم وسيلي مستقبل ۾ لاحق ٿيندڙ تباهڪارين جو اڳواٽ ئي اندازو لڳايو ويندو آهي

تعليم ڇو ضروري آهي

تعليم اِن لاءَ ضروري آهي تہ جئين ٻين جي ضرورتن کي سمجهي سگهجي، ٻين جي دردن کي پروڙي سگهجي، ڪنهن ماڻهو لاءَ مددگار ٿي سگهجي، تعليم کان بنا انسان حيوان مثل آهي، حيوانن کي ٻين جو درد محسوس ناهي ٿيندو ها کين درد جو احساس ٿيندو آهي تڏهن جڏهن اُهو درد انهن جو پنهنجو هجي، ٻين جي مرڻ، جيئڻ يا تنگي واري زندگي مان کين ڪوبہ غرض يا مطلب نہ هوندو آهي، کين صرف ايترو علم عطا ٿيل هوندو آهي جو اُهي کائي پي سگهن. ان کان وڌيڪ اُهي لاچار ۽ بي وس آهن، حيوان هجڻ واري حالات دراصل تعليم کان وانجهيل هجڻ واري ئي حالت آهي، تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءَ انسان منجھ اعليٰ پائي جون سوچون جنم وٺنديون آهن، اُهي سوچون اڳتي هلي ڪري عملي شڪل اختيار ڪنديون آهن، اِهڙي ريت انساني زندگي جي واڌ ويجھ ٿيندي آهي ۽ حضرت انسان فرش کان عرش تائين جو سفر ڪجھ سيڪنڊن ۾ طئي ڪرڻ جو ماهر ٿي پوي ٿو، جيڪڏهن انسان کي قدرت واري طرفان تعليم نہ ڏني وڃي ها تہ يقينن حضرت انسان پنهنجي هڪ اک کان ٻي اک واري مفاصلي تائين جو بہ ڪڏهن تعين نہ ڪري سگهي ها ۽ کين انهن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو بہ ڪڏهن سمجھ ۾ ڪونہ اچي ها. اِن لاءَ تعليم حاصل ڪرڻ اُترو ئي اهم آهي جيترو زنده رهڻ لاءَ کائڻ ۽ پيئڻ، تعليم کان علاوه انسان بي نور آهي، علم جو نور هر شئي کي واضع ۽ چٽو ڪندو آهي. علم حاصل ڪرڻ هر مرد ۽ عورت تي فرض آهي (حديث نبوي)

تعليم حاصل ڪرڻ جا مکيه وسيلا ڪهڙا آهن

تعليم حاصل ڪرڻ جا مکيہ وسيلا ٽہ آهن
رسمي/ رواجي تعليم (Formal Education)
غير رسمي/ غير رواجي تعليم (Informal Education)
انهن ٻنهي طريقن کان بنا واري تعليم (Non Formal Education)

[b]رسمي تعليم[/b]: تعليم حاصل ڪرڻ جي هن طريقيڪار ۾ اُستاد، شاگرد، اسڪول ۽ ڪورس اهميت رکن ٿا، مطلب تہ هڪ مڪمل نظم ۽ ضبط سان سهڻي ۽ معتبر طريقي سان علم حاصل ڪرڻ کي اسين رسمي تعليم چئون ٿا.
[b]غير رسمي تعليم:[/b] تعليم حاصل ڪرڻ جي هن طريقڪار ۾ اُستاد، شاگرد ۽ ڪورس تہ موجود هوندا آهن ليڪن هن عمل ۾ اسڪول جي هجڻ يا نہ هجڻ جو شرط نہ هوندو آهي، مطلب تہ اوهان گهر ويٺي، نوڪري ڪندي ڪا بہ ڊگري خط و ڪتاب وسيلي حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو ٽيون طريقو مڪمل طور تي هر قسم جي اصولن، ضابطن، گُهرجن ۽ پابندين کان آجو هوندو آهي، توهان اخبار پڙهندي، ٽيليويزن ڏسندي، گهمندي ڦرندي، هِتا هُتان کان جيڪا ڄاڻ حاصل ڪئي اُن کي هن طريقي ۾ شمار ڪري سگهو ٿا. تعليم حاصل ڪرڻ جو مقصد شعور جي حاصلات هجي نہ ڪي نوڪري وٺڻ ڇو تہ شعور سان صحي ۽ غلط جي پرک ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿيندي آهي.

تدريسي عمل ڇا آهي

هي هڪ اهڙو عمل آهي جنهن ۾ مختلف حالاتن ۽ واقعاتن کي مد نظر رکندي انهن بابت ڄاڻ ڏني ويندي آهي، علم جي اصولن مطابق مستقبل لاءَ حڪمت عملي جوڙي ويندي آهي، هن عمل جو مکيہ يا اهم جُز اُستاد هوندو آهي، ۽ هن عمل جو ٻيو اهم جُز شاگرد هوندو آهي، اُستاد پنهنجي مهارتي صلاحيتن مطابق شاگرد کي پنهنجي ايندڙ وقت لاءَ تيار ڪندو آهي تہ جئين اُهو پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي اُجاگر ڪندي پنهنجي توڙي پنهنجي ملڪ ۽ ديس لاءَ ڪو سٺو ڪم سرانجام ڏئي سگهي.

شاگرد کان پوءَ هن عمل جو ٽيون ۽ مکيہ جُز آهي مواد، جنهن کي انگريزي ۾ ڪورس يا سيليبس چئبو آهي، هي ٽئي جُز باهمي تعاون سان تندريسي عمل کي پايا تڪميل تائين پهچائن ٿا، هنن ٽنهي جُزن مان جيڪڏهن هڪ کي ڌار ڪري ڇڏبو تہ پوءَ تدريسي عمل مڪمل نہ ٿي سگهندو ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو مقصد بہ پورو نہ ٿي سگهندو، اڻپورو علم هميشه نقصانڪار ثابت ٿيندو آهي اِن لاءَ علم حاصل ڪرڻ جي مڪمل تياري ۽ مڪمل بندوبست بہ خاص اهميت رکن ٿا.

باب ٻيو: تعليم جو نفسياتي پهلو

---

تعليم ۽ علم نفسيات جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو

علم نفسيات جو تدريسي عمل سان پراڻو لاڳاپو آهي. حالانڪ علم نفسيات خود هڪ الڳ مضمون آهي ليڪن اُن جي باوجود تعليم جي شعبي سان ڳنڍجي ويو آهي. علم نفسيات کي تعليمي حساب سان جيڪا اوسر نصيب ٿي سان اوڻويهين صدي جي آخر ۾ ٿي. علم نفسيات کان بنا تدريس جو عمل مڪمل نه ٿو ٿي سگهي. ڇو ته تعليمي سرشتي کي هلائڻ لاءِ اسان کي علم نفسيات جو مطالعو ڪرڻو پوي ٿو ۽ سندس ضرورت کي محسوس ٿئي ٿي. هن علم جي مدد سان سکندڙن جي ضرورتن ۽ گهرجن کي جانچي سگهجي ٿو. علم نفسيات جا ڄاڻو ٿي ڪري جن نفسياتدانن علم جي شعبي ۾ پنهنجا نظريا پيش ڪيا انهن جو تذڪرو هتي پيش ڪجي ٿو.

تعليم جي شعبي ۾ پنهنجيون خدمتون پيش ڪندڙ نفسياتدان

[b]• ايڊورڊ ٿارنڊائيڪ (1874 – 1949)
[/b]ايڊورڊ ٿارنڊائيڪ ڪو تعليمدان ڪونه هو، هو هڪ نفسياتدان هيو. هن ڪردار (رويي) جو نظريو پيش ڪيو جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته ” جڏهن ڪنهن عمل مان ڪنهن فرد کي مثبت موٽ ملندي آهي ته هو اُن عمل کي جاري رکندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن کيس انهي عمل مان موٽ ۾ ڪو نقصان پهچندو آهي ته هو انهي عمل کي سگهو ئي ترڪ ڪري ڇڏيندو آهي“. هن نظريي کي ٿارنڊائيڪ ڪنيڪشنزم جي نظريي طور پيش ڪيو آهي. هاڻ جيڪڏهن پاڻ ايڊورڊ ٿارنڊائيڪ جي هن رويي واري نظر تي غور و فڪر ڪنداسين ته پاڻ کي سانساني رويي جو نفسياتي پهلو سمجھ ۾ ايندو. ننڍڙو ٻار جڏهن پنهنجي نا سمجهي جي ڪري اتفاقن باھ جي ويجهو وڃي پهچي ٿو ۽ کيس انهي مان نقصان پهچي ٿو ته پوءِ ٻيهر لاءِ اهو ٻار باھ جي ويجهو وڃڻ کان گريز ڪندو. سندس ذهن ۾ اِها ڳالھ ويهجي ويندي ته باھ جي اها ٻرندڙ شعلو سندس لاءِ نقصان ڪار آهي. اِهڙي ريت نفسياتي پهلو انساني تاريخ ۾ ارتقا ورتي. جيڪڏهن اسان کي ڪنهن عمل جو ورجاءُ ڪندي دلي سڪون يا دماغي تسڪين عطا ٿيندي ته اسان انهي عمل کي جاري رکنداسين. پوءِ ڀلي ڇو نه کڻي انهي عمل جا ڪنهن قدر منفي پهلو هجن يا انهي جا اڳتي هلي ڪري ڳنڀير نتيجا نڪرن. ليڪن انسان پنهنجي نفسيات جي آڌار تي شين جي پرک ڪندو آهي ۽ انهن جي وچم ۾ فرق جي لڪير ڇڪيندو آهي. اِهو انساني فطرت رهيو آهي ته هو فرحت بخشيندڙ عمل ۾ پاڻ کي گهيري رکندو آهي ۽ بيزاري واري عملن کان پاڻ کي پري ڪري ڇڏيندو آهي.

[b]• جين واٽسن
[/b]ايڊورڊ جي هن نظريي کي توسيع ڏيندي آمريڪا ۾ پيدا ٿيندڙ جين واٽسن (1940) ۾ پنهنجي تحقيق ۾ اِن ڳالھ کي ثابت ڪيو ته ” ٻارن جي روين ۾ جيڪي تبديليون رونما ٿينديون آهن. انهن تبديل ٿيندڙ روين جو سبب سندس ماحول هوندو آهي“. ڇو ته اسان سڀئي رويا پنهنجي ماحول مان ئي اخذ ڪندا آهيون. اسان پنهنجي ماحول مان هلڻ، گهمڻ توڙي ملڻ جا طور طريقا سکندا آهيون. اسان جو هر هڪ انفرادي توڙي اجتماعي عمل اسان جي ماحول توڙي مليل تربيت توڙي ترغيب جي عڪاسي ڪندو آهي. انهي حساب سان سنڌي ۾ هڪ چوڻي پڻ مشهور آهي ته ” جهڙو ويس تهڙو ديس“. انهي ويس ۽ ديس تي جڙيل اهو پهاڪو پڻ انهي شئي جي نشاندهي ڪري ٿو ته اسان جو ماحول اسان جي ڪردار تي ڪيتري قدر اثر انداز ٿي ٿو. اِهڙي ريت علم نفسيات جي مدد سان تدريس ۾ نوان لاڙا ۽ رخ پيدا ٿيا. جن تدريس جي عمل کي اڃا وڌيڪ موثر ۽ آسان ڪري ڇڏيو.

[b]• بي ايف اسڪينر (1904- 1990)
[/b]اِهڙي ريت وري اڳتي هلي ڪري هن ساڳي نظريي تي مشهور نفسياتدان بي ايف اسڪنر به ڪم ڪيو ۽ هن ٻڌايو ته ” سزا ۽ جزا سان ٻارن جي سکيا واري عمل کي بهتر ڪري سگهجي ٿو“. مطلب ته وقت آڌار ڪڏهن شاگردن کي شاباس ڏجي ۽ وري ڪڏهن حالتن جي آڌار تي کين ٿوري ٿڪي سزا به ڏئي وٺجي. هن طريقي سان سندن روين کي بهتر ڪري سگهجي ٿو. ٻارن سکڻ جي مرحلي ۾ شاباش حاصل ڪرڻ جا حامل هوندا آهن. ٻار نفسياتي طور ان شئي جي توقع ڪندا آهن ته سندس ڪم کي ساراهايو وڃي ۽ کيس پنهنجي ڪيل ڪم جي عيوض ساراهيو وڃي. هن ساراهڻ واري عمل جي نتيجي ۾ شاگرد جي رويي ۾ مثبت تبديلي اچڻ شروع ٿيندي آهي ۽ شاگرد عدم دلچسپي هجڻ جي باوجود به پڙهڻ ۾ پنهنجي دلچسپي پيدا ڪندا آهن. اِن ريت سندس پيدا ڪيل اِها دلچسپي وقت جي حساب سان اڳتي هلي ڪري حيران ڪن نتيجا ڏيندي آهي. اسان اڳم به اِها ڳالھ مٿي ڪري آيا آهيون ته تعليم ۽ نفسيات جو پاڻ ۾ انتهائي گهرو تعلق آهي. جنهن تعلق جي نتيجي ۾ تعليمي نفسيات جو هڪ الڳ پهلو نمايا ٿيو. تعليمي نفسيات ۾ هڪ مضمون ٻار جي نشونما پڻ آهي. اِن ڏس ۾ پياجي، گارڊنر، بلوم، اسڪنر سميت ڪافي نفسياتدانن ڪم ڪيو آهي. جنهن سبب هاڻ نفسيات تعليم سان سلهاڙجڻ سبب تعليمي نفسيات جو درجو حاصل ڪري چڪي آهي ۽ سندس ڳانڍاپو تعليم سان ظاهر ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو بلڪ علم نفسيات کي تعليم جو اهم پهلو تصور ڪيو وڃي ٿو.

[b]• بينجمين بلوم (1998- 1913)
[/b]تعليمي نفسيات جي هن پهلو کي اڳتي وڌائيندي آمريڪي نفسياتدان بلوم سکڻ جو هڪ ترتيب ڏنل نظريو پيش ڪيو. جنهن ۾ هَن سکڻ واري عمل کي ڇهن ڏاڪن تي مشتمل هڪ رٿا طور پيش ڪيو. هن جو چوڻ هو ته ” سکيا جي شروعات اسان طرفان اڳم حاصل ڪيل ڄاڻ جي يادگيري تي مشتمل هوندو آهي“. مطلب ته جيڪي شيون اسين پنهنجي علم جي آڌار تي سکي وٺون ٿا انهن جو علم اسان جي لاشعور ۾ اڳي ئي محفوظ ڪيل هوندو آهي. شين جا بنيادي خاڪا اڳواٺ ئي اسان جي دماغ ۾ جمع ٿيل هوندا آهن. جنهن وقت اسان انهن شين جي حقيقي روپ کي ڏسون ٿا ته اسان جو عقل انهن شين کي جلدي ۾ قبول ڪري وٺندو آهي. مطلب ته علم فطري طور انسان جي پنهنجي اندر ۾ ئي سمايل هوندو آهي بس ضرورت هوندي آهي انهي علم کي کيڙڻ جي. اڳتي هلي بلوم جي هن نظريي کي جان ڊيوي غلط ثابت ڪيو ۽ جان ڊيوي پنهنجي نظريي ۾ اِها ڳالھ پيش ڪئي ته ” ٻار جي دماغ ۾ تجربن ۽ مشاهدن جي مدد سان هڪ خاص قسم جا خاڪا جڙيل هوندا آهن جن کي هو نئي ڄاڻ جي اچڻ سان نئو ويس پارائي ڪري سمجهڻ لڳندو آهي“. جان ڊيوي جو مطلب اِهو هو ته شين جا خاڪا جهڙي نموني ٻار پنهنجي ذهن ۾ ٺاهي رکندو آهي اڳتي هلي انهن خاڪن جي آڌار تي هو شين کي سمجهڻ لڳندو آهي ۽ کين پرکڻ شروع ڪندو آهي. سندس سمجھ سندس ذهن ۾ سمايل يا محفوظ ڪيل خاڪن جو محتاج هوندو آهي. هاڻ هڪڙا ٻار حسابن جي مضمون کي پسند ڪندا آهن ته وري انهي ساڳي ڪلاس ۾ موجود ڪجھ ٻيا ٻار انهي ساڳي حسابن واري مضمون کان ڌڪارت وارو رويو رکندا آهن ۽ کيس نا پسند ڪرڻ شروع ڪندا آهن يا وري اهڙو تاثر ڏيندا آهن جنهن مان اهو محسوس ڪيو ويندو آهي ته کين هي مضمون پسند ڪونه آهي.
بلوم وٽ تعليم جي وصف ڪجھ هن ريت هئي ته ” ڄاڻ، مهارتون ۽ رويا گڏجي تعليم جوڙيندا آهن“. بينجمين بلوم پنهنجي هن نظريي مطابق پنهنجي نالي سان ٽيڪزانومي ٺاهي ڪري پيش ڪيا. جن جو مقصد شاگرد کي اعليٰ سطع تي پهچائڻ هو. بلوم جي گذري وڃڻ کان پوءِ سندن پوئلڳن سندن هن نظريي کي هٿي ڏيندي سکيا کي دماغي اوسر ( ڪاگنيٽ) کان وڌائي ڪري اهو چيو ته ٻار جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم نه ٿو چئي سگهجي. جڏهن اهو ڄاڻ مهارتون پيدا ڪري ۽ ٻار انهي حد تائين پهچي جنهن کي (Psychomotor Domain) چئجي ٿو ۽ وري ڄاڻ توڙي مهارتون تيسين تائين ڪم جو نه آهن جيستائين ٻار انهن ۾ موافق رويا پيدا نه ٿو ڪري جنهن عمل کي (Affective Domain) چئبو آهي. بلوم جي هن تعليمي نفسياتي پهلو کي وقت جي آڌار تي تعليمي ادارن ۾ قبول ڪيو ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين تعليمي نصابن ۾ بلوم جي هن نظريي کي پڙهيو وڃي ٿو.

[b]• ڊاڪٽر هائورڊ گارڊنر
[/b]هائورڊ گارڊنر، هارورڊ يونيورسٽي مان نفسيات ۾ ڊگري ۽ ڊاڪٽريٽ حاصل آهي. هن جو نظريو ذهانتن جي متعلق هيو. افلاطون ٻارن جي سکڻ واري عمل کي ٽن مختلف مرحلن ۾ پيش ڪيو هو. ارسطو جي چوڻ مطابق هڪڙا ٻار فطري طور سکڻ ۾ تيز، ٻيا فطري طور درميانا هوندا آهن ۽ باقي فطري طور جڏا هوندا آهن. انهي جي برعڪس وري هائورڊ گاڊنر ارسطو جي هن ذهانت واري درجا بندي سان سهمت نه هو ۽ پنهنجي نظريي ۾ (Multiple Intelligence) جنهن کي گهڻ ذهانيت وارو نظريو چئجي ٿو اھو کڻي آيو. هائورڊ جي مطابق هر انسان ٻي انسان کان جهڙي ريت جسماني طور مختلف هجن ٿا تهڙي ئي ريت ذهني طور به هر انسان ٻي انسان کان مختلف هجي ٿو ۽ سندس ۾ سکڻ توڙي شين کي سمجهڻ جو استعداد به ٻي فرد کان مختلف هجي ٿو. هائورڊ جي نظريي مطابق اسان ڪنهن به شاگرد کي ڪجھ نالا رٽڻ يا ياد ڪرڻ جي عيوض هوشيار هجڻ جو سرٽيفڪيٽ نه ٿا ڏئي سگهون يا وري اُن جي برعڪس ڪنهن کي ڪجھ ياد نه ڪرڻ جي صورت ۾ جڏو نه ٿا چئي سگهون. ڇو ته ذهينيت کي ماپڻ جا طور ۽ طريقا صرف انهي ناهن بلڪ انهن کان علاوه ٻيون به کوڙ ساريون سرگرميون ۽ حڪمت عمليون آهن جن جي وسيلي ڪنهن جي ذهني صحتمندگي کي جانچي سگهجي ٿو. هائورڊ جو مڃڻ هو ته سڀئي ماڻهو فطري طور برابر آهن ۽ سڀني ۾ سکڻ توڙي شين کي سمجهڻ جي صلاحيت هڪ جيتري هوندي آهي. گارڊنر جو هي تعليمي نفسياتي نظريو اڳتي هلي ڪامياب ٿيو ۽ سندس ڪامياب ٿيڻ جو مکيه سبب اِهو ته گارڊنر جي خيال سان ملندڙ جلندڙ خيالن جي اپٽار اُتان جا ڪجھ فلسفي به گهڻي وقت کان ڪري رهيا هئا جنهن سبب سندس نظريي کي جلد ۾ قبول ڪيو ويو.

علم نفسيات جي هن سڀني دورن جو تعلق سکڻ ۽ سيکارڻ جي عمل سان آهي. هي تعليمي نفسياتي نظريا هڪ استاد کي تدريسي عمل ۾ مددگار ثابت ٿيندا ڇو ته هنن نظرين جو تعلق ئي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي عمل سان آهي. هنن نظرين کي مد نظر رکندي هڪڙو استاد تدريسي عمل کي شروع ڪري ته يقينن اهو بهترين استاد ٿي سگهي ٿو. ڇو ته تدريسي عمل علم نفسيات جي علم هجڻ سان وڌيڪ سولو ۽ آسان ٿي پوي ٿو. نفسيات جي علم سان سکڻ جون نيون راهون هموار ٿين ٿيون ۽ هن جي مدد سان جهڙي ريت سکندڙ کي سکڻ ۾ آساني ٿئي ٿي ته وري اُتي سيکاريندڙ کي پڻ سولائي ٿي پوي ٿي.

باب ٽيون: تعليم جو فلسفياڻو پهلو

---

تعليم جو علم فلسفيات سان ڳانڍاپو

فلسفو هڪ جداگانه موضوع آهي. جنهن جو بنياد ڪنهن به شئي جي باري ۾ ڇو ۽ ڇا جي لاءِ جي سوالن تي آهي. فلسفو شين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري انهن جي اصلي روح کان واقف ڪندو آهي. فلسفي جون ڪيتريون ئي شاخون آهن جهڙوڪ سماجي فلسفو، سياسي فلسفو، تاريخ جو فلسفو، معاشي فلسفو، قانون جو فلسفو، سائنس جو فلسفو، واپار جو فلسفو، وغيره وغيره. پاڻ هتي فلسفي جي جنهن پهلو تي ويچار ڪنداسين سو آهي تعليمي فلسفو. فلسفي جي هن پهلو سان پاڻ تعليم تي روشني وجهنداسين ۽ سندس اهميت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. دنيا جا سڀ عظيم فلاسافر پنهنجي دور جا سٺا تعليمدان هئا. ڇو ته تعليم ۽ فلسفو جو هڪ ٻي سان ائين ڳانڍاپو آهن جئين ڏينهن ۽ رات جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو هوندو آهي. تعليم جو انت ٿيڻ مطلب فلسفي جو انت ٿيڻ سمجهيو ويندو. تعليم کي پنهنجي بقا لاءِ هڪ مخصوص رخ جي ضرورت هوندي آهي جيڪو فلسفو کيس فراهم ڪري ٿو. فلسفي جي مدد سان تعليم ۾ فڪر جي فن کي هٿي ملي ٿي. سولن لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته تعليم هڪ جامد حڪمت عملين جو مجموعو آهي ۽ فلسفو وري انهي حڪمت عملين کي مشقي صورت ڏئي ٿو. فلسفي جي علم سان تعليم ۾ نيون راهون دريافت ٿين ٿيون ۽ انهن راهن وسيلي تعليم اڳتي پنهنجي واڌ ويجھ ڪري ٿو. فلسفي کان بنا تعليم اڻ پورو ۽ بي مقصد تصور ڪيو وڃي ٿو. تعليم جو هي سفر فلسفي کان سواءِ اڻ مڪمل سمجهيو ويندو. تعليمي فلسفو تعيلم جي شعبي ۾ نتيجن جي تشريع ڪندو آهي ۽ کين واضع ڪري اسان اڳيان پيش ڪندو آهي.

اُستاد لاءِ فلسفي جي تعليم ڇو ضروري آهي؟

هڪڙي استاد لاءِ تعليم جي فلسفي جي ڄاڻ رکڻ ان لاءِ به ضروري آهي ته جو تعليمي فلسفو استاد کي ان ڳالھ جي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو ته کيس تعليم جي وسيلي ڪهڙي قسم جا شهري پيدا ڪرڻا آهن. انهن ۾ ڪهڙي قسم جا معاشرتي اصول ۽ ضابطا پيدا ڪرڻا آهن. معاشرو ڪهڙي نموني تعليم سان ڳانڍاپو رکي ٿو. اهڙي ريت فلسفو استاد کي فڪري گس فراهم ڪري ٿو ۽ فلسفي جي مدد سان هڪ استاد ٻار جي سٺي نموني تربيت ڪري ٿو. فلسفي جو تعليم استاد کي شاگردن ۾ تنقيدي نقطه نظر کي پيدا ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏي ٿو. ڇو ته فلسفي جو بنياد ئي ڇو ۽ ڇي جا لاءِ جي سوالن تي آهي. جڏهن تعليم جي شعبي ۾ فلسفي کان ڪم ورتو وڃي ٿو ته تڏهن شين تي مختلف رخن کان غور و فڪر ڪيو وڃي ٿو. هڪڙي متاثر ڪندڙ بهترين استاد کي فلسفي جي تعليم جي ضرورت پوي ٿي ۽ هو فلسفي جي علم سان پاڻ توڙي پنهنجي شاگردن کي مسفيد ڪري ٿو. فلسفي جو تعليم انسان کي اعليٰ معياري معراج تي پهچائي ڇڏيندو آهي. سندس سوچ کي مهدود هجڻ واري دائري کان وڌائي ڪري کيس روشن خيال ڪندو آهي. سندن مزاج ۾ خود اعتمادي پيدا ڪندو آهي ۽ انهي خود اعتمادي جي بنياد تي اهو انسان شين جي سهي يا غلط هجڻ جو فيصلو ڪري سگهندو آهي. شين کي سندن اصلي رخ ۾ سمجهڻ کان پوءِ سندس اندر ۾ خوشي جي هڪڙي لهر پيدا ٿيندي آهي جيڪا کيس اڳتي وڌڻ ۽ جستجو ڪرڻ جو حوصلو اڃا وڌيڪ بلند ڪندو آهي.

[b]سقراط[/b]
فلسفي جو باني سقراط کي مڃيو ويندو آهي. سندس طريقو اهو هوندو هو ته سقراط ماڻهن جي ڪنهن به مجموعي يا گڏجاڻي ۾ هڪڙو سوال اٿاريندو هو ۽ پوءِ انهي سوالن جي موٽ ۾ ماڻهن طرفان ملندڙ جوابن کي غور ۽ فڪر سان ٻڌندو هو. سڀني جا رايا ٻڌي ڪري آخر ۾ انهي ساڳي سوال جو جواب پنهنجي فلسفاڻي انداز ۾ ڏيندو هو. جنهن کي ٻڌي ڪري انهي مجموعي جا سڀ ماڻهو سندس جواب سان اتفاق ڪندا هئا ۽ کيس ڏاهو تسليم ڪندا هئا. سقراط جي باري ۾ اهو پڻ مشهور آهي ته سندس دعواه اِها پڻ هئي ته آءُ ڪجھ به نه ٿو ڄاڻان. حالانڪ هو شين جي پرک وڏي عقلي دليلن سان ڪندو هو جنهن سبب سندس چاهيندڙن ۾ هر روز اضافو ٿيندو هو. نوجوان جو وڏو جٿو سندس شاگرد ٿيڻ لاءِ سندس راھ تي هلڻ لاءِ آتا هئا. سقراط شين کي منتقي طور سمجهڻ جو هڪ نئو گس فراهم ڪيو جيڪو پڻ اڳتي هلي تعليمي فلسفي لاءِ موثر ثابت ٿيو.


[b]افلاطون[/b]
فلسفي جي دنيا ۾ جيڪو ٻيو نالو مشهور ٿيو سو آهي افلاطون. سقراط جو شاگرد هجڻ جي ناتي ۽ سندس علمي ڪم کي محفوظ توڙي تحريري انداز ۾ آڻڻ سبب افلاطون کي سقراط کان پوءِ ياد ڪيو وڃي ٿو. افلاطون کي تعليمي فلسفي هجڻ ڪري تعليم جي شعبي ۾ پڻ گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي. افلاطون جو اصلي نالو ارسٽوڪليس هو. ليڪن سندس ذهانت ۽ قابليت جي بنياد تي سقراط کيس افلاطون سڏيندو هو جيڪو نالو اڳتي هلي ڪري سندس سڃاڻپ بڻي ۽ هن وقت دنيا کيس افلاطون جي نالي سان ياد ڪري ٿي.

[b]تصوريت جو فلسفو
[/b]افلاطون پنهنجي ڏاهپ جي وسيلي نه صرف يونان پر پوري دنيا جي ماڻهن کي متاثر ڪيو. سندس پهريون ڪتاب ري پبلڪ تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ اڳتي هلي ڪري هن تعليم جي شعبي ۾ تصوريت جو فلسفو ڏنو جنهن کي انگريزي ۾ (Philosophy of Idealism) چئبو آهي. هن فلسفي ۾ افلاطون اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته تصور ئي اصل ۾ حقيقت آهي ڇو ته هر هڪ حقيقي شئي جو پهريان تصور جڙندو آهي جنهن کان پوءِ اهو تصور پنهنجي ٻي مرحلي ۾ هڪ حقيقت بڻجي ڪري سامهون اچي ٿو. افلاطون ان ڳالھ تي پڻ زور ڏنو آهي ته خدا تصور آهي ۽ تصور لافاني هوندو آهي جن کي ڪڏهن به فنا نٿو ڪري سگهجي ڇو ته تصور غير مادي پڻ هجي ٿو. افلاطون جي هن فلسفي جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته تصوريت ئي فرد ۽ معاشري جي تعلق کي قائم ڪندو ايندو آهي. تعليم جو اصل مقصد به اهو ئي آهي ته فرد کي ان قابل بڻائجي ته هو معاشري جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪري. هن فلسفو فرد جي صلاحيتن کي متحرڪ رکڻ جو ڪم ڏئي ٿي جنهن سان ماڻهو جي صلاحيتن ۾ واڌارو اچي ٿو. افلاطون جو هي فلسفو فرد جي شخصيت کي مڪمل طرح سان جامد نموني سان پر اثر بڻائي ٿي ۽ ان کي با مقصد زندگي گذارڻ تي قائل ڪري ٿي. تصوريت جي هن فلسفي ۾ استاد، شاگرد، نصاب ۽ تدريسي عمل کي اهميت حاصل آهي. هن فلسفي جي حساب سان استاد کي شاگردن جي اندر موجود تخليقي صلاحيتن جو جائزو وٺڻو هوندو آهي. استاد هن تعليمي فلسفي وسيلي شاگرد کي اهو يقين ڏياريندو آهي ته هر وجود هڪڙي ڪُل جو جز آهي ۽ جز وقت جي رفتار سان پنهنجي ڪُل ڏانهن سفر ڪندو آهي. ڇو ته جيستائين انسان منجھ پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ واري صلاحيت پيدا نه ٿيندي ته هو ٻين شين کي سڃاڻڻ توڙي انهن جي پرک ڪرڻ کان قاصر رهندو. هن تعليمي فلسفي ۾ استاد کي سندس تدريسي طريقن کي نافذ ڪرڻ سبب مرڪزي حثيت حاصل آهي. ڇو ته استاد ئي شاگردن کي سکڻ جا موثر ۽ بهترين طريقا فراهم ڪري سگهي ٿو. هن فلسفي جي ڪسوٽي مطابق استاد کي قابل، نه ٿڪجندڙ، فني مهارتون رکندڙ ۽ سجاڳ ذهن هجڻ گهرجي ته جئين هو پنهنجي شاگردن اڳيان هڪڙو پرڪشش ۽ متاثر ڪندڙ شخصيت جي روپ ۾ نموني هجڻ گهرجي. تصوريت جي فلسفي موجب استاد کي جهموري خيالن جو پڻ هئڻ گهرجي جنهن وٽ هر ڪنهن جي خيال يا رايي جو احترام پڻ هجي. تصوريت جي فلسفي مطابق نصاب ۾ تاريخ، ادب ۽ عمرانيات جي عمل کي وڌيڪ ترجيع ڏيڻ گهرجي. هن فلسفي جي مطابق اهو پڻ چيو ويندو آهي تعليم حاصل ڪرڻ جي روايتي طور طريقن جو پڻ قدر ڪيو وڃي ۽ اهو پڻ چيو ويو آهي ته نصاب ڪجھ اهڙي ترز جو هجي جيڪو شاگرد جي ذهني، توڙي فڪري تربيت ڪري سگهي. تهذيب جي اهميت مطابق سماجيات ۽ معاشيات کي پڻ نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ته جئين ايندڙ نسلن کي پنهنجي آڳاٽي دور جي سماجي صورتحال ۽ معاشي صورتحال جي ڄاڻ ملي سگهي.

[b]ارسطو[/b]
فلسفي جد تعليم ۾ افلاطون کان پوءِ جنهن مدبر توڙي ڏاهي جو ذڪر ٿيندو آهي سو آهي ارسطو. ارسطو يونان جي ناليوارو فلسفي ۽ مفڪر آهي. جنهن تعليم ۽ سياست جي علم تي گهڻو ڪم ڪيو. ارسطو حقيقت جو فلسفو ڏنو جنهن کي انگريزي ۾ (Philosophy of Realism) سڏيو ويندو آهي. يونان ۾ هي پهريون مفڪر ۽ فلسفي هو جنهن مادي ۽ روحاني قدرن جي وڪالت گڏوگڏ ڪئي آهي. هن جي حقيقت واري فلسفي وسيلي تعليمي نظرين جو اهم نقطو سامهون آيو جنهن جي مدد سان حقيقت جي معرفت حاصل ڪرڻ هو. ارسطو سائنس کي باقاعده نموني نصاب ۾ شامل ڪري جديد سائنس کي قوت بخشي. ڇو ته هن کان پهريان افلاطون پنهنجي فلسفي جي وسيلي تاريخ ۽ علم عمرانيات کي اوليت ڏني هئي. ليڪن ارسطو سائنس کي نصاب ۾ شامل ڪري تعليم کي هڪ نئون ماپو مهيا ڪيو جنهن جي مدد سان شين کي مختلف پهلوئن سان جاچڻ جو رستو مليو. ارسطو جتي سائنس کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو عمل ڪيو ان سان گڏوگڏ تعليم ۾ سکيا جي طريقن ۾ هڪ نئو طريقو پڻ متعارف ڪرايو جنهن کي استقراني طريقو (Inductive Method) چيو ويندو آهي. ارسطو پنهنجي هن فلسفي ۾ هڪ ٻيو بهترين ڪم اهو ڪيو ته هن قدرن کي وڏي اهميت ڏني ۽ اخلاقيات کي عملي سائنس جو درجو ڏنو. ارسطو مطابق اخلاقيات هڪ اهڙا قائده ۽ اصول جوڙي ٿو جنهن سان فرد پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ سولائي محسوس ڪري ٿو ان لاءِ هن اخلاقيات جهڙي اعليٰ قدر کي عملي سائنس جو نالو ڏنو ۽ اُن کي تعليم ۾ کڻي آيو ڇو ته تعليم پڻ انسان کي پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ هڪڙو متوازن رستو فراهم ڪري ٿو. ارسطو پنهنجي هن فلسفي وسيلي اجتماعي معاشرتي شعور کي پڻ اجاگر ڪيو سندس چوڻ آهي ته ” انسان هڪ سماجي جانور آهي. اهو سماج ۽ گروھ کان سواءِ پنهنجي زندگي نه ٿو گذاري سگهي. اِن لاءِ کيس معاشرتي يڪجهتي جي ضرورت پوي ٿي“. جنهن لاءِ کيس معاشري جي سٺي اڏاوت ۽ بهتري لاءِ پڻ ڪم ڪرڻ کپي ۽ پاڻ کي اهڙي نموني تيار ڪري جو هو معاشري جي ٻين فردن لاءِ ڪار آمد ۽ لاڀائتو ثابت ٿي. جيڪڏهن ڪو به انسان اجتماعي گروھ يا معاشري کان الڳ ٿي ڪري پنهنجي زندگي بصر ڪندو ته يقنن اهو عمل سندس لاءِ ڏکيو ٿيندو ۽ هو پنهنجي زندگي جي مقصد کان هٿ ڌوئي وٺندو. حقيقت پسندي جي نظريي مطابق تعليم جا خاص مقصد انفراديت، شعور، صحت ۽ ذهانت قرار ڏنل آهن. يعني جڏهن ماڻهو هن نظريي مطابق تعليم حاصل ڪري ٿو ته انهي ۾ سماجي شعور سجاڳ ٿئي ٿو ۽ هو پنهنجي انفراديت جي سگھ کي سڃاڻي ڪري روز مره جي زندگي جي باقي سهولتن جهڙوڪ صحت، تحفظ ۽ روزگار جي وسيلن طرف ڌيان ڌرڻ شروع ڪري ٿو.

[b]جيڪ روسو
[/b]28 جولاءِ 1712ع تي جنيوا ۾ جنم وٺندڙ جان جيڪ روسو جيڪو اڳتي هلي تعليمي دنيا ۾ روسو جي نالي سان مشهور ٿيو تنهن فطريت جو فلسفو ڏنو. هن پنهنجي فلسفي جي حوالي سان هڪڙو ڪتاب (Emile) يعني ٻار لکي ڪري پنهنجي فلسفي جو بنياد وڌو. هن جي لکيل ڪتابن ۾ ( The Origin of in inequality) ۽ سماجي معاهدو (The Social Contract) پڻ مشهور آهن. انهن کان علاوه هن ڪافي ٻيا به ڪتاب لکيا جن جي پڻ پنهنجي الڳ هڪ اهميت آهي. پاڻ هتي سندس تعليمي ڪم تي روشني وجهنداسين. هن کي دنيا جو بهترين فطرت انگيز به چيو ويندو آهي ڇو ته هن جو فلسفو فطرت سان سنئو سنڌو لاڳاپو رکي ٿو. روسو جي هن نظريي مطابق ٻار کي آزادي سان سندس فطرت جي مطابق تعليم ڏيڻ جي ڳالھ ڪئي وئي آهي. روسو جو هي فلسفو ٻار لاءِ آزادنه طريقي سان تعليم ڏيڻ طرف قائل ڪري ٿو. روسو پنهنجي هن فلسفي ۾ ان ڳالھ طرف وڌيڪ ڌيان ڇڪائي ٿو ته ٻار کي سندس مرضي ۽ منشا مطابق تعليم ڏني وڃي. کيس قائدن قانون ۽ اصول توڙي ضابطن کان پري رکي ڪري سندس خواهش مطابق تعليم ڏني وڃي ته جئين ٻار جو توجع تعليم طرف ٿي سگهي ۽ هو تعليم حاصل ڪرڻ ڪري وندر جو وسيلو سمجهي. جنهن سان ٻار جون فطري صلاحيتون نروار ٿينديون ۽ سندس ذهن نون شين طرف فڪر ڪرڻ لاءِ پاڻ مرادو سوچڻ لڳندو. هن فلسفي جي مکيه نقطن ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته ٻار جي پروشن هڪ کليل فزا ۽ آزاده ماحول ۾ ڪئي وڃي. ۽ ان کان علاوه ٻار جي دلچسپي ۽ غير دلچسپي وارن شين جو پڻ اندازو لڳائجي. روسو چوي ٿو ته ٻار هڪ گل آهي ان کي ٽڙڻ ڏيو. روسو استاد تي پڻ ان ڳالھ تي آماده ڪري ٿو ته هو ٻار جي مشغولين ۾ مداخلت نه ڪري. کيس ڇڏي ڏي ڇو ته هو جڏهن فطرت سان هم آهمگ ٿيندو ته اتان ڪافي شيون پاڻهي ڄاڻ سکي وٺندو جيڪي تا حيات ان کان وسري نه سگهنديون. روسو پنهنجي هن فلسفي ۾ اِها ڳالھ پڻ ڪري ٿو ته ٻار اڳيان ليڪچر ڏيڻ جو ڪو به فائدو نه ٿو هجي ان لاءِ ٻارن اڳيان اهڙو ڪو ليڪچر نه ڏجي جنهن سان ٻار تنگ ٿي پون. روسو جي هن فلسفي کان پهريان عيسائي درسگاهن ۾ گهٽ هوشيار ٻارن کي والدين جي گناهن جو سزا سمجهندا هئا ۽ انهن سان ناروا سلوڪ ڪندا هئا. ليڪن روسو پنهنجي فلسفي ۾ اِن ڳالھ جي ترديد ڪندي اهو چوي ٿو ته ” خالق جي تخليق هر لحاظ ۾ هر پهلو کان خوبصورت ۽ معصوم ٿيندي آهي پر جڏهن اها انسانن جي هٿن ۾ پهچندي آهي ته پوءِ پنهنجي فطري سونهن ۽ دلڪشي توڙي معصوميت وڃائي ويهندي آهي.“ اهڙي ئي ريت ٻار به معصوم هجن ٿا ۽ خاص ڪري ننڍا ٻار ته معصوميت جو هڪ مثال هوندا آهن ان لاءِ سندن احترام ڪيو وڃي. روسو انسان کي ”معاشرتي حيوان چئي ٿو“ ۽ ان ڳالھ جي پڻ وضاحت ڪندي اهو چئي ٿو ته انسان پنهنجي تعليم فطرت يا قدرت کان ئي حاصل ڪري سگهي ٿو. سندس چوڻ مطابق اصلي تعليم فطري صلاحيتن ۽ خوبين کي اجاگر ڪري ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي. جنهن لاءِ هن فطريت جو فلسفو تعليم جي شعبي ۾ متعارف ڪرايو. روسو پنهنجي هن فلسفي ۾ اهو پڻ چوي ٿو ته ٻار کي اهڙي تعليم ڏيڻ گهرجي جنهن تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٻار ۾ قوت، همت، خوش اخلاقي، اخوت، ڀائپي ۽ مساوات جا جذبا اجاگر ٿيڻ سان گڏوگڏ سندس شخصيت ۾ قوت برداشت جو مادو پڻ پيدا ٿي ۽ هو پنهنجي ذات کان هٽي ڪري معاشرتي ڀلائي لاءِ پاڻ کي توڙي پنهنجي زندگي کي وقف ڪري.

باب چوٿون: تعليمي مضمون

---

لفظ پروفيشن جو مڪمل تعارف

اسان کي جڏهن ڪو پروفارمہ، درخواست فارم يا وري ڪا ٻي ذاتي تفصيل ڏيڻي هوندي آهي تہ عمومن اتي ان پروفارمہ يا درخواست فارم ۾ لفظ ”پروفيشن“ جو پڇيو ويندو آهي، اسان شاگرد لڏي جا دوست ان خاني ۾ لفظ شاگرد لکي ڪري پاڻ کي پروفيشنلي شاگرد ثابت ڪري ڇڏيندا آهيون حالانڪ لفظ شاگرد پروفيشن جي فهرست ۾ شمار ٿئي ئي نہ ٿو، اچو تہ لفظ پروفيشن جي اصليت کي معلوم ڪريو ۽ اِهو پڻ معلوم ڪريو تہ هِي آهي ڇا ۽ ان بابت ڇو ٿو پڇيو وڃي.

[b]پروفيشن:[/b] جڏهن اوهان لفظ پروفيشن جي لفظي معني کي معلوم ڪرڻ خاطر ڪنهن بہ ڊڪشنري ۾ لفظ پروفيشن درج ڪندا تہ اوهان کي اُتان ان جي معني ” پيشو - ڌنڌو - ڪِرت يا هنر“ يا وري ان سان تمام ويجها ۽ ملندڙ جلندڙ لفظ ملندا، جڏهن اوهان انهن لفظن جي حقيقي روح کي سمجهڻ خاطر انهن تي غور ۽ فڪر ڪندا تہ اوهان جي ذهن ۾ انهن ماڻهن جو عڪس ٺهڻ شروع ٿيندو جيڪي ڪنهن نہ ڪنهن نموني ڪنهن خاص شعبي يا ڪم سان سلهاڙيل هوندا آهن. مثال طور جئين استاد، ڊاڪٽر، وڪيل، انجنئير، مستري، مزدور، يا وري ڪو ٻيو، پر اتي ان مهل اوهان جي ذهن ۾ قطعي بہ ڪنهن شاگرد جو عڪس ٺهڻ شروع نہ ٿيندو ڇو تہ شاگردي ڪنهن بہ نموني سان پروفيشن جي لسٽ ۾ شمار ٿئي ئي نہ ٿو، لفظ شاگرد تہ هڪ واضع حالت جي عڪاسي ٿو ڪري جنهن مان اِهو تاثر ملي ٿو تہ ڪو فرد علم، عقل، فهم ۽ شعور جي حاصلات لا۽ ڪوشان آهي، لفظ پروفيشن اُتي استعمال ٿيندو آهي جتي ڪو فرد ڪنهن خاص شعبي، ڪرت يا ڪم ۾ پنهنجي مهارتن کي استعمال ڪندي پنهنجو ڪم سر انجام ڏيندو هجي.
ڊاڪٽر پڙهي ڪري مريضن جو علاج ڪن ٿا، اهو علاج ڪرڻ سندن پروفيشن، ڪم يا ڪرت آهي، انجنئير پڙهي ڪري شهر، ملڪ ۽ مشينري جي ٺاهڻ توڙي جوڙڻ جو ڪم سر انجام ڏين ٿا، سندن اِها ٺاهڻ ۽ جوڙڻ وارو عمل سندن پروفيشن آهي، استاد شاگرد کي پڙهائن ٿا ۽ سندن رهبري ڪن ٿا، سندن اِهو پڙهائڻ ۽ رهبري ڪرڻ وارو عمل سندن پروفيشن آهي. اهڙي ريت هر ڪنهن پروفيشن جو ڪنهن نہ ڪنهن ڪم يا ڪرت جي ڪرڻ سان سنئو سڌو واسطو آهي، شاگرد طبقو هڪ مخصوص ترز عمل مان گذرندي علم جي حاصلات لا۽ پاڻ پتوڙي ٿو يعني اُهو اڃان ان سفر تي روان دوان هجي ٿو، هو مڪمل طور ڪنهن پروفيشن جي هجڻ واريون خصوصيتون پنهنجي اندر نہ ٿو رکي جنهن جي بنياد تي ان لفظ شاگرد کي پروفيشن واري فهرست ۾ شمار ڪجي يا ڳاڻاٽي ۾ ڳڻي سگهجي.
مون جڏهن لفظ پروفيشن جي وڌيڪ جانچ پڙتال لا۽ اِن لفظ کي گوگل کي ارپيم ۽ کانس سندس اصل روح معلوم ڪرڻ خاطر سرچ آپشن کي دٻائي ڪري موبائل جي اسڪرين تي نظر ڊوڙايم تہ جناب گوگل صاحب مونکي مختصرن پروفيشن جي فهرست مهيا ڪئي جيڪا هن ريت هئي، ”استاد، پروفيسر، انجنئير، فزيشن، وڪيل، ٽيڪنيشن، اليڪٽريشن ۽ ليکڪ. هاڻ اگر جي اوهان هن فهرست تي غور ۽ فڪر ڪندا تہ هت هڪ ٻي اهم شئي بہ معلوم ٿئي ٿي ۽ اُها اِها آهي تہ هن فهرست ۾ استاد کي پروفيشن واري لسٽ ۾ ڳڻيو ويو آهي جيڪو حقيقتن پروفيشن آهي بہ، جنهن جو ذڪر پاڻ پهريان ڪري چڪا آهيون، اگر چہ شاگردي بہ پروفيشن هجي ها تہ پو۽ گوگل ان خاص ٽرم شاگرد کي بہ ضرور هن لسٽ ۾ شمار ڪري ها، ان لا۽ هاڻ اسان کي بخوبي عقلي طور اهو سمجهڻ گهرجي تہ شاگردي پروفيشن بلڪل بہ ناهي ۽ اڄ کان وٺي ڪري ڪنهن بہ پروفارمہ يا درخواست ۾ پروفيشن واري خاني ۾ لفظ شاگرد بجاءِ پنهنجو حقيقي ڪِرت، ڌنڌو (اگر جي هجي تہ) يا وري نہ هجڻ جي صورت ۾ ڪجھ بہ نہ لکڻ گهرجي، جڏهن مالڪ سائين روزگار سان نوازي تہ پو۽ اُن پروفيشن کي اُن خاني ۾ لفظ طور قطب آڻجي.

پيپرن جي تياري ڪيئن ڪجي؟

پرائمري سطح کان وٺي، يونيورسٽي سطح تائين گهڻا شاگرد اھڙا ھوندا آھن، جيڪي امتحاني هال ۾ مليل سوالنامي کي پڙھي، ھڪ عجيب قسم جي مونجھاري جو شڪار ٿي ويندا آھن. انھن لا۽ مسئلو اھو ناھي ھوندو ته کين لاڳاپيل سوالن جا جواب نٿا اچن، کين جوابن جي ته چڱي خاصي سُڌ ھوندي آھي، پر ساڻن ھتي مسئلو اھو ھوندو آھي ته کين لاڳاپيل سوال سمجھ ۾ ڪونه اچي سگھندا آھن ۽ ٿيندو وري ائين آھي ته سڀ ڪجھ ايندي به ڪي شاگرد صحيح جواب ڪونه لکي سگھندا آھن. جنھن ڪري سندن نتيجا مطمئن ڪندڙ ڪونه اچي سگھندا آھن. محنت توڙي سچيءَ دل سان پڙھڻ کان پوءِ به کين پنھنجي دوستن توڙي مٽن مائٽن اڳيان شرمندو ٿيڻو پوندو آھي ۽ کين پنھنجي محنت تان اعتبار گھٽ ٿيڻ لڳندو آھي. ھتي ڪجھ مھارتي طور طريقا اوھان جي نظر ڪجن ٿا، جن کي ذھن نشين ڪري، اوھان ڪنھن به امتحان ۾ يقيني مارڪون توڙي گريڊ حاصل ڪري سگھو ٿا.
ڪلاسز جي شروعاتي ڏينھن کان وٺي، ائين کڻي سمجھجي ته پيپرن جي تياري شروع ٿيندي آھي، جڏهن ته پيپر وغيرہ ڪورس جي پُڄاڻيءَ تي ورتا ويندا آھن، پر شاگردن کي ان ڳالھ تي ڌيان ڏيڻو آھي ته استاد صاحبان ڪھڙي عنوان يا مضمون تي گھڻو ڌيان ڏي ٿو، ڇو تہ ڪورس ۾ موجودہ سڀ عنوان يا مضمون امتحان جو حصو ڪونه ھوندا آھن، ڪي عنوان صرف پڙھيا ويندا آھن. وري انھن منجھان لاڳاپيل ڪي خاص مضمون امتحاني عمل جو حصو ٿيندا آھن. شاگرد کي پنھنجي ذھني معيار مطابق انھن اھم ۽ خاص مضمونن جو تعين ڪرڻو پوندو، جي سمجھ ۾ نه اچن ته ڪلاس مان دوستن کان مدد وٺي سگھجي ٿي يا وري لاڳاپيل مضمون جي استاد کان اھو پڇي سگھجي ٿو ته ڪھڙا موضوع اھم آھن، جن منجھان امتحان جي تياري ڪئي وڃي.
پيپرن جي ويجھي اچڻ وقت عنوانن جي ھڪ فھرست ٺاھي وڃي، ھر ھڪ عنوان کي سمجھڻ لاءِ ان کي مناسب وقت ڏنو وڃي، ھڪ ئي وقت مختلف سبجيڪٽن کي پڙھڻ کان پاسو ڪيو وڃي ته بھتر ٿيندو. ھڪ ئي وقت ڪنھن ھڪ مضمون کي وقت ڏيڻ سان اھو فائدو ٿيندو ته اوھان ان تي عبور حاصل ڪري سگھندا، هڪ ئي وقت ٻن يا ٻن کان وڌيڪ سبجيڪٽن کي پڙھڻ سان اھي ذھن ۾ وڌيڪ مونجھارا پيدا ڪري سگھن ٿا ۽ اوھان پريشاني جو شڪار ٿي سگھو ٿا. ڪوشش ڪندا ڪريو ته پڙھائي دوران اوھان ٻين ڪمن ڪارن کان پاڻ کي آجو رکي رڳو پڙھائيءَ تي ڌيان ڏيو، پنھنجي ذھن کي ھِتان ھُتان جي اجاين فڪرن توڙي خيالن کان آزاد رکي، پنھنجو مرڪز صرف ۽ صرف ان لاڳاپيل مواد کي بڻايو. جيڪڏھن اوھان جو ذھن ھڪ جڳھ گڏيل طور نٿو بيھي ته اوھان کي کپي ته چاھيندي يا نه چاھيندي به ڪي صفحا مسلسل پڙھندا رھو. ائين ڪرڻ سان اوھان جي ذھانت جي مشق ٿيندي ۽ اوھان جو مرڪزِ خيال ھڪ جڳھ تي مرڪوز ٿيڻ جو عادي بڻجي پوندو
ھيءَ سڄي ڪارگذاري، اسان جي دماغ سان واسطو رکي ٿي، اڪثر ٿيندو ائين آھي ته ڪي شاگرد پيپرن جي ويجھو ايندي ئي، ھڪ عجيب قسم جي خوف ۾ مبتلا ٿي ويندا آھن، جھڙوڪ فيل ٿيڻ جو فڪر، جوابن لکڻ جو فڪر، سٺيون مارڪون نه اچڻ جو فڪر وغيرہ وغيرہ اھو خوف کين اندر ئي اندر ۾ کوکلو پيو بڻائيندو آھي. ان خوف جي ڪارڻ سندن دماغ سڪون واري حالت ۾ ناھي رھندو. ھاڻ ڏسو نه جڏھن ھڪ دماغ سڪون، تازگي يا وري ڪجھ حاصل ڪرڻ جي قابل ئي نه ھجي ته پوءِ ان ۾ ڪنھن به شئي کي ڪئين ٿو محفوظ بڻائي سگھجي، سو ڪجي ائين ته پنھنجي ذھن کي اجاين فڪرن توڙي فڪراتن کان جيترو ٿي سگھي، سگھو ئي آزاد ڪجي ۽ پنھنجي مقرر ڪيل مقصد تي پوريءَ طاقت، توانائي ۽ سمجھ کان ڪم وٺندي جدوجھد ڪجي ته اميد آھي ڪا به شئي باقي ناممڪن نه رھندي. پڙھيل شيون وقت جي تقاضائن جي مطابق وسري وينديون آھن، ڪنھن به مضمون توڙي مواد کي ياد ڪرڻ جو ھڪ بھترين طريقو اھو به آھي ته ان کي پنھنجي ھٿ اکرن سان لکجي، صرف ھڪ دفعو نه، بلڪ بار بار لکجي، ايتري قدر جو ھو ھميشه لاءَ ذھن نشين ٿي وڃي، ائين ڪرڻ سان ھڪ ته اھو مواد ھميشه لاءِ اسان جي ذھن ۾ محفوط بڻجي ويندو، ٻيو اھو ته ان مشق ڪرڻ سان اوھان ڪنھن به شئي کي صحيح لکڻ جي مھارت حاصل ڪري وٺندا.
جيڪو اوھان لاءِ انتھائي فائديمند ثابت ٿيندو ۽ امتحاني هال ۾ سوالن جي جوابن کي لکندي، اوھان کي ڪنھن به پريشاني يا مونجھاري جو شڪار ڪونه ٿيڻو پوندو اوھان ان قابل ٿي ويندا ته پڇيل سوال جي جواب کي ڪيترو مختصر يا ڪيترو طويل ڪري لکڻو آھي. مقرر وقت کان اڳ پيپر ڪري ڇڏڻ يا وري مقرر ٽائيم کان پوءِ پيپر جمع ڪرائڻ، ھي ھڪ قسم جي عادت آھي، جيڪا گهڻن شاگردن ۾ ھوندي آھي، پيپر ڪرڻ جون اھي ٻئي حالتون نقصانڪار آھن. وقت کان اڳ پيپر ڪرڻ جي چڪر ۾ گهڻا شاگرد پيپر ۾ گھڻو ڪجھ ۽ اھم معلومات لکڻ رهائي ويهندا آھن. اھي صرف ان فڪر ۾ مبتلا ھوندا آھن ته ڪنھن نه ڪنھن نموني بس پيپر کي پورو ڪري وٺجي ۽ انھيءَ تڪڙ جي ڪري هُو آيل سوالن جا صحيح يا مطمئن ڪندڙ جواب ڪونه لکي سگهندا آھن ۽ پوءِ سندن نتيجا سٺا ڪونهي ايندا ۽ وري اھي شاگرد جيڪي پيپر جي مقرر وقت کان پوءِ پيپر جمع ڪرائڻ جا عادي ھوندا آھن، اھي اصل ۾ ان خوشفھميءَ جو شڪار ھوندا آھن ته پيپر کي حل ڪرڻ لا۽ وٽن وقت گهڻو آھي، جنھن وقت ٻيا سڀ شاگرد پيپر ڪري رھيا ھوندا آھن، ان وقت اهي شاگرد پنھنجي امتحاني هال کي ڏسڻ، ڪنڌ کي اڳتي پوئتي ورائڻ، سوالنامي کي ھروڀرو وري وري پڙھڻ، جوابي ڪاپيءَ جي صفحن کي بار بار ڳڻڻ، توڙي ان قسم جي مختلف سرگرمين ۾ پنھنجو مليل وقت برباد ڪندا آھن. سندن اکيون تڏھن کلنديون آھن، جڏھن مقرر وقت ختم ٿيڻ تي ھوندو آھي. ان ڪري بھتر اھو آھي ته سوالن کي حل ڪرڻ لاءِ مليل مقرر وقت جي حساب سان سندن جواب لکـــڻ گھرجـــــن. ھر ھڪ سوال جي جواب کي لکندي، ھڪ اھم ۽ بنيادي نقطو ھميشه ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته اگر جواب طويل آھي ۽ ان جي اندر اڃا ڪجھ ڪي ٻيا نقطا به شامل آھن ۽ اھي به لکڻا آھن ته بھتر ۽ موثر جواب ان کي تڏھن چئبو، جڏھن ان جي ھر ھڪ نقطي کي واضح ۽ صاف ڪري لکجي.
جيئن پيپر چيڪ ڪندڙ کي ڪنھن به قسم جي مونجھاري جو شڪار نه ٿيڻو پوي، ان کي ھر ھڪ پڇيل سوال جو جواب صاف، چٽو ۽ نمايان نظر اچي ۽ ھڪ اھم ڳالھ ته ھر نئون جواب، ھڪ الڳ ۽ نئين صفحي کان شروع ڪجي، ڪوشش ڪجي ته صفحي ۾ مليل لڪيرن جي وچ ۾ ڪو مفاصلو نه ڇڏجي. ھر ھڪ لڪير تي ڪي نه ڪي الفاظ تحرير ڪجن ان طريقي سان لڪيرن جي وچ ۾ ڪو چڱو خاصو مفاصلو نه ھجي، ڪي شاگرد لڪيرن جي وچ ۾ مفاصلو ڪندي پيپر ۾ اجايو وڌاءُ ڪندا آھن ۽ پيپر سان گڏ سپليمينٽري ھڻندا آھن جيڪا ڳالھ اڪثر طور استاد ناپسند ڪندا آھن، جوابي ڪاپي ۾ مليل صفحا ڪنھن به جواب کي لکڻ لاءِ ڪافي ھوندا آھن ھروڀرو سپليمينٽري جو وڌاءُ ڪري ھرگز اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجي ته اسان کان پڇيل سوال جو جواب اسان کي گھڻو ٿو اچي، جيترو پڇيو ويو ھجي ان جو جواب اوترو ئي لکڻ ۾ بھتري آھـــي. پيپر جمع ڪرائڻ کان اڳ اھو يقيني طور اطمينان ڪرڻ گھرجي ته پيپر ۾ ڪنھن به قسم جي گنجائش باقي نه رھجي، پنھنجو نالو، رول نمبر، شعبو، سبجيڪٽ جو نالو، تاريخ ۽ لکيل جوابن کي ھڪ دفعو ٻيهر چيڪ ڪجي ته جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وئي ھجي ته ان کي درست ڪري پوءِ پيپر جمع ڪرائجي، ان طريقي سان اوھان پنھنجي ڪيل پيپر بابت مڪمل طرح سان پراميد رھي سگھندا ۽ اوھان کي اھو اندازو بخوبي ٿي ويندو ته اوھان ڪيتريون مارڪون حاصل ڪري سگھنـــدا. مٿي بيان ڪيل ڪي اھم نقطا اوھان کي پيپرن جي تياري ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، اڪثر شاگردن جي فيل ٿيڻ جو ڪارڻ اھو ئي ھوندو آھي ته کين اھا سُڌ ناھي ھوندي ته کين پنھنجي توانائي پنھنجي پڙھائي تي ڪئين خرچ ڪرڻ کپي، سندن اھا بي خبري اڳتي ھلي کين شرمسار ڪرائيندي آھي ۽ ھن گوناگون زماني ۾ قابليت، ذھانت ۽ توانائي ھوندي به اُھي پوئتي رھجي ويندا آھن، اڳتي ھلي اھي شاگرد پنھنجي ناڪاميءَ جو الزام پنھنجي استادن، پنھنجي اداري ۽ پنھنجي ماحول تي ھڻندا آهن.

(هي مضمون ڪاوش گئلري ۾ خميس 30 مارچ 2017 تي شايع ٿيو آهي)

خود اعتمادي کي ڪئين بحال ڪجي؟

خود اعتمادي هڪ اهڙو سگهارو عنصر آهي جيڪو انسان جي اندروني صلاحيتن کي نکاري ڪري کيس پنهنجي شعبي ۾ نروار ڪري ٿو، خود اعتمادي جي ڪمي سبب ڪافي سارن فردن کي پنهنجي لاڳاپيل شعبي منجھ شرمندگي کي محسوس ڪرڻو پوي ٿو ۽ وري شرمندگي واري عنصر جو منفي پهلو اِهو آهي تہ اهو انسان کي سندس عزت نفس جي گهٽ هجڻ جو احساس جاڳائي ٿو جنهن سبب وري بہ ذهني ازيت پلئہ پوي ٿي. مطلب تہ خود اعتمادي ڪنهن بہ شخص لاءَ هٿيار جو ڪم ڏي ٿي، خود اعتمادي جو هجڻ مطلب تہ سگهاري قوت جو پاڻ سان گڏ هجڻ، خود اعتمادي جي ڪمي مطلب تہ پنهنجو پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪرڻ، هاڻ اِها خود اعتمادي آخر انسان منجھ پيدا ڪئين ٿئي ٿي، اچو تہ ان ڳالھ تي غور ڪريو تہ آخر ان کي پيدا ڪئين ڪيو وڃي يا ان کي بحال ڪئين ڪيو وڃي. خود اعتمادي کي بحال ڪرڻ جو هڪ موثر طريقو اهو پڻ آهي تہ پنهنجي پاڻ تي مڪمل طور تي يقين هجڻ گهرجي، جنهن ڪم ڪرڻ جي نيت ماڻهو ڪري تہ ان کي پايا تڪميل تائين پهچائڻ جو ارادو پڪو ۽ اٽل رکڻ گهرجي، ارادي جي ڪمزوري بہ خوداعتمادي کي گهٽ ڪري سگهي ٿي، ان لاءَ سڀ کان پهريان ئي پنهنجي پاڻ تي اعتبار ڪرڻ سکڻو آهي، جڏهن ڪنهن بہ فرد کي پنهنجي پاڻ تي يقين پختو ٿي ويو تہ ان ۾ پاڻهي ڄاڻ خود اعتمادي پيدا ٿيڻ لڳندي.
انسان ۾ ڪنهن قدر خود اعتمادي جو عنصر فطري طور پنهنجي طبعيت ۾ شامل هوندو آهي، اسين هر روز زندگي جي ڪافي سارن ڪم ڪارن ۾ ڪنهن جي بہ پرواھ نہ ڪندي ان ڪم کي سرانجام ڏيندا آهيون، اهو ڪنهن جي بہ پرواھ نہ ڪرڻ وارو رويو بہ دراصل خوداعتمادي جو هڪ روپ آهي، اعتماد جي بحال ٿيڻ کان پوءَ ڪنهن جي پرواھ ڪرڻ جو ڪو بہ سبب باقي نٿو رهي. ان لاءَ اهو سمجهڻ گهرجي تہ خوداعتمادي کي تڏهن ئي بحال ڪري سگهجي ٿو جڏهن پنهنجي پاڻ تي ٻين کان وڌيڪ يقين هوندو يا وري پنهنجي پاڻ تي ٻين کان وڌيڪ يقين رکڻو پوندو، جڏهن پنهنجي پاڻ تي ٻين کان يقين ڪرڻ جو عمل ڪامياب رهيو تہ پوءَ ان کان پوءَ اوهان کي حيران ڪندڙ نتيجا ملڻ شروع ٿيندا، اهڙي نوعيت جا نتيجا جن جي باري ۾ اوهان ڪڏهن گمان بہ نہ ڪيو هوندو. خوداعتمادي هڪ ٻڄ مثل هجي ٿو جيڪو هر فرد جي اندر ۾ موجود هجي ٿو ان کي رڳو همت، پڪي ارادي ۽ پختگي جي پاڻي جي ضرورت هوندي آهي، جڏهن ان کي مجموعي طور اهي قوتون مشترڪ طور ملن ٿيون تہ اهو ٻڄ وڌي ڪري وڻ ٿيڻ لڳي ٿو ۽ ان وڻ جي وڌڻ سان ان فرد جي شخصيت جا لڪل پهلو پڌرا ٿيڻ لڳن، کيس معاشرتي مقام جي وڌڻ جو احساس ٿي ٿو، سندس عزت نفس ۾ واڌارو ٿي ٿو.

پنهنجي اندر موجود صلاحيتن کي ڪئين پرکجي؟

هر انسان منجھ ڪنهن قدر قدرتي صلاحيتون موجود هونديون آهن وري ڪجھ فرد پنهنجي محنت ۽ ڪوشش سان ڪجھ صلاحيتون حاصل ڪري وٺندا آهن، دنيا اندر هر شئي کي جاچڻ توڙي ماپڻ لاءَ ٻن شين کي قطب آڻي ڪري سندن پرک ڪئي وڃي ٿي. هڪڙا قدرتي، ٻيا هٿرادو، جيتوڻيڪ هٿرادو شيون ناڪاره ڪونہ هجن ٿيون پر ان جي باوجود قدرتي شين کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي ڇو تہ قدرتي شين منجھ نقصان جو انديشو گهٽ هجي ٿو ۽ انسانن طرفان ايجاد ڪيل هٿرادو شين ۾ نقصان ٿيڻ جو انديشو ڪنهن قدر موجود هجي ٿو، جنهن سبب جي ڪري قدرتي شين کي اوليت ڏني وڃي ٿي. اهڙي ريت هاڻ پاڻ اچون ٿا انهن قدرتي صلاحيتن تي جيڪي انسان منجھ ڄمندي ئي موجود هجن ٿا، هڪڙن يارن جو خيال آهي تہ ڪوبہ انسان ڄمندي ڄام ناهي هوندو، اِها ڳالھ بہ ڪنهن حد تائين درست آهي پر انسان کي ڄمندي ئي ڄام بنائڻ لاءَ قدرت واري طرفان کيس هڪ صلاحيت عطا ڪئي وڃي ٿي، وقت سان گڏ انسان اندر موجود اُها صلاحيت بہ وڌڻ لڳي ٿي، هاڻ هتي ضرورت ان ڳالھ جي پيش اچي ٿي تہ ان صلاحيت جي پرک ڪيئن ڪجي؟، پنهنجي اندر موجود صلاحيت کي ڪيئن سڃاڻجي، آخر اهو پتو پوي ڪيئن تہ مون ۾ فلاڻي صلاحيت موجود آهي.
قدرتي صلاحيتن جو هڪڙو ڪمال اهو پڻ آهي تہ اُهي انسان کي اُتساهيندا رهندا آهن، کيس ان صلاحيت موجب ڪم ڪرڻ لاءَ مجبور پيا ڪندا آهن، جنهن ماڻهو ۾ مصوري واري صلاحيت موجود هوندي تہ اهو ماڻهو ڪنهن نہ ڪنهن ريت پنهنجي ان قدرتي ڪرت تي پيو ڪم ڪندو، ڪڏهن پنن تي پيو تصويرون ٺاهيندو تہ وري ڪڏهن ديوارن تي، ڪڏهن زمين تي موجود واري تي، مطلب تہ جتي بہ کيس وارو لڳو اُهو اُتي ويٺي پنهنجو ڪم جاري ڪندو، سندس اندر ۾ اڀرندڙ اُها صلاحيت کيس ماٺيڪو ويڙهڻ نہ ڏيندي. ان کان علاوه پنهنجي صلاحيتن کي پرکڻ لاءَ هڪ ڪارڳر حڪمت عملي اِها پڻ آهي تہ پنهنجي پسنديده مشغلين جو تعين ڪري انهن منجھ سڀ کان وڌيڪ پسنديده مشغلي ۾ پنهنجي ڪارڪردگي تي هڪ نظر وجهي ڪري پنهنجو پاڻ کي ماپجي، مثال طور هڪڙو اديب ادب جي تقريبن صنفن تي لکندڙ آهي، اهو بہ لازم ڪونهي تہ سڀني صنفن تي سندس تخليق سگهاري هجي، اِن لاءَ اُن کي اهو تعين ڪرڻو پوندو تہ آيا اهو نثر تي بهتر لکي سگهي ٿو يا نظم تي، اهڙي ريت اهو اديب پنهنجي اندر موجود سڀ کان وڌيڪ سگهاري ۽ مضبوط صلاحيت کي ڳولي لهندو، انسان عمومن طور پنهنجي صلاحيتن موجب ڪم ڪندي سرهائي محسوس ڪندو آهي.
جڏهن ڪو تخليقڪار پنهنجي تخليق کي ڇڏي ڪري ان جي ابتڙ ڪم ڪرڻ شروع ڪندو آهي تہ تڏهن سڀ کان پهريان سندس ذهني سڪون تباھ ۽ برباد ٿي ويندو آهي، ڇو تہ تخليق هڪ ٻج مثل هوندو آهي جنهن مھل اُن ٻج کي ڪو فرد پنهنجي اندر ڦُٽڻ کان روڪيندو آهي تہ پوءَ اُهو ٻڄ سندس اندر جي دنيا ۾ تباهي برپا ڪري ڇڏيندو آهي اِن لاءَ تخليق کي روڪڻ بجاءَ ان جي منشا مطابق ان تي عمل پيرا ٿي ڪري ڪم ڪجي، ڇو تہ جنهن ميدان ۾ قدرت وارو اسان کان ڪم وٺڻ چاهي ٿو يا جنهن ڪم لاءَ اسان کي پيدا ڪيو هجائين تہ پوءَ اگر جي اسان جي برخلاف وينداسين تہ يقنن نقصان تہ ٿيندو ئي ٿيندو پر ذهني سڪون بہ هٿان هليو ويندو. مون اهڙا ڪافي سارا فرد ڏٺا جن پنهنجي تخليق جي ابتڙ جڏهن هلڻ شروع ڪيو تہ تنهن مھل کين مختلف پريشانين جو منهن ڏسڻو پيو، ڪجھ دوستن تہ پنهنجو ذهني توازن بہ وڃايو، ڪجھ نہ هيڏان جا رهيا نہ هوڏانهن جا، مطلب تہ سندن شخصيت جا سڀ رنگ بي رنگ ٿي ويا، اهڙي ريت انيڪ ماڻهو اڃا بہ اسان توهان جي آس پاس آهن جن جي باري ۾ ٻين کان اهو ٻڌندا آهيون تہ هي ماڻهو فلاڻي فيلڊ ۾ ماهر آهي پر افسوس تہ هاڻ اُن فيلڊ ۾ ڪم نہ ٿو ڪري پنهنجا جوهر نٿو ڏيکاري، اِن جوهر نہ ڏيکارڻ واري عمل گهڻن ئي کي ڏکيا ڏينهن ڏيکاريا آهن، ان لاءَ پنهنجي اندر ۾ موجود صلاحيتن جو وقت سر اندازو لڳائي ڪري انهن تي ڪم ڪجي، انهن ۾ نکار آڻجي تہ جئين اُهي صلاحيتون ٻين جي ڀلائي جو سبب بڻجن ۽ اسان جي شخصيت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏين.

تعليم جو ڏينهن

ڏينهن ملهائڻ واري روايت ڪا نئي ڪانهي جو ان تي حيران ٿجي يا وري خوش ٿجي، اسان وٽ عمومن اُهي ڏينهن ملهايا ويندا آهن جيڪي اسان کي روايتي طور مغرب طرفان خيراتي طور ملهائڻ لاءِ ملندا آهن، اَٺَ جنوري کي تعليم جو ڏينهن ملهائڻ کان پهريان اچو تہ پاڻ وٽ اڳ ۾ ئي ملهائجندڙ ڪجھ ڏينهن جو مشاهدو ڪريون جن جو سنئون سڌو واسطو تعليم جي ڏينهن جي ملهائجڻ سان آهي. پوري سال ۾ تہ الاءِ ڪيترا ڏينهن الاءِ ڪيترن ئي عنوانن سان ملهايا ٿا وڃن، پر پاڻ مختصرن ڪجھ مخصوص ۽ اهم ڏينهن تي ڳالهائينداسين

8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن
12 آگسٽ نوجوانن جو عالمي ڏينهن
3 ڊسمبر معذورن جو عالمي ڏينهن

[b]عورتن جو عالمي ڏينهن
[/b]ننڍي هوندي کان ئي اسڪولن ۾ هڪ حديث پڙهڻ وٽان ملندي هئي تہ” علم حاصل ڪرڻ هر مرد توڙي عورت تي فرض آهي.“ حديث جي لفظن تي غور ڪندي اِهو معلوم ٿئي ٿو تہ علم حاصل ڪرڻ جي ڪا بہ مخصوص عمر مقرر ٿيل نہ آهي، اگر جي وقت طئہ ٿيل هجي ها تہ پوءِ حديث ۾ لفظ مرد جي جاءِ تي ڇوڪرو ۽ لفظ عورت جي جاءِ تي ڇوڪري استعمال ٿي ها، جنهن مان عمر جو تعين سولائي سان ڪري سگهجي ها، ڇو تہ ڇوڪر يا ڇوڪري جي عمر عمومن پنجويھ سال تائين ليکي/سمجهي وڃي ٿي، غير شادي شده مرد کي ”ڇوڪرو“ ۽ غير شادي شده عورت کي ”ڇوڪري“ سڏيو ويندو آهي، شادي کان پوءِ ڇوڪرو، ”مرد“ واري فهرست ۾ اچي ويندو آهي ۽ شادي کان پوءِ ڇوڪري، ”عورت“ واري فهرست ۾ شمار ڪئي ويندي آهي. هاڻ هتي پاڻ کي ويچارڻو اِهو آهي تہ عورت لاءِ اسان جو هي جوڙيل سماج تعليم جا ڪيترا راه هموار ڪري ٿي، ڇا عورت پنهنجي مڪمل آزادي سان اعلي تعليم حاصل ڪري سگهي ٿي، نہ بلڪل بہ نہ، سندس تعليم جي مُدت/پيرڊ کي سندس والدين ڪڏهن بہ ڪنهن بہ ڏاڪي تي بنا جواز توڙي اعلي جواز شادي ٿيڻ يا شادي ڪرائڻ جي ڪري ختم ڪري سگهن ٿا ۽ ائين اڪثر ڪيو وڃي ٿو، اِها هڪڙي اڻ ٽر حقيقت آهي جنهن کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي ڇا اسان وٽ ڪا بالغ ڇوڪري تعليم پرائڻ لاءِ گهر کان وٺي ڪري پنهنجي اسڪول/ ڪاليج تائين اڪيلي سر وڃي سگهي ٿي، کيس اِها اجازت ميسر آهي؟ اڪثريت نہ، ڇو تہ اسان جو فرصوده تعليمي مواد يعني نصاب اسان وٽ هڪ صحت مند معاشري جي اڏڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي، اگر هتان جي تعليم هتان جي هر فرد جي ذهني توڙي شخصي تربيت سٺي ۽ پاڪيزه ڪري ها تہ يقينن منهنجي مٿين سوال جو جواب ها ۾ اچي ها. ڇا عورت کي ملازمت توڙي ملڪي جوڙجڪ يا عُهدي سازي ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ هڪ جيترا موقعا ميسر ٿين ٿا. سوال جي لفظن تي غور ڪجو، پوءِ جواب کي پڙهڻ جي ڪجو، يقينن هتي بہ جواب نفي ۾ هوندو، اوهان مون کي ڪنهن هڪ اهڙي اداري جو نالو ٻڌايو جنهن ۾ عورت ملازمن جو تعداد مرد ملازمن جيترو هجي، پوءِ ڀلي اهو ادارو سرڪاري يا نيم سرڪاري ڇو نہ هجي، يعني جنهن ۾ مرد توڙي عورت ملازمن جا هڪ جيترا انگ اکر هجن، ڪو بہ ادارو اهڙو نہ ٿو ملي، هر هنڌ عورت منارٽي ونگ وانگر نظر ٿي اچي. اُن جي اِن منارٽي ونگ هجڻ جي ڪري کيس انيڪ قسمن جون ذهني توڙي جسماني اذيتون ڏنيون وڃن ٿيون، مٿان وري بليڪ مئلنگ جهڙا ڏچا، جنسي هيراسمينٽ وغيره جهڙا عنصر، مطلب تہ هڪ عورت لاءِ هڪ کان هڪ ڏچو، هر روز هر گهڙي، هر پل هن معاشري ۾ پلجي ٿو جنهن جي ڪري عمومن عورتون گهريلو عورت بڻجي ڪري پنهنجي زندگي بسر ڪن ٿيون ۽ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ور جي پناه ۾ محفوظ سمجهن ٿيون.

[b]نوجوانن جو عالمي ڏينهن.
[/b]چوندا آهن تہ نوجوان قوم جا آئنده هوندا آهن، جن ملڪن ۾ نوجوانن جي آبادي پوڙهن فردن ۽ ٻارن جي شرع کان وڌيڪ هجي ٿي يقينن اُهي ملڪ ترقي ڪرڻ جون اڻ کٽ راهون تلاش ڪري وٺن ٿا، تحقيق مطابق پاڪستان جي ٽوٽل آبادي جو سٺ سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، مطلب تہ پاڪستان جي قسمت ڀلي آهي پر هتان جي نوجوانن جي قسمت ۾ مڙئي ڪجھ ڳڙ ٻڙ آهي، هر اعلي عهدي تي ڪُراڙا ۽ ڊيٺ فرد چبڙيا ويٺا آهن، اُتان چرڻ پرڻ جي ئي نہ ٿا ڪن جيستائين اتفاقن کين موت اچي ابدي ننڊ نہ سمهاري، پاڪستان جا سڀ سياستدان ڪُراڙا، گنجا، متارا ۽ شگر جا مريض پر پوءِ بہ مجال اٿن جو نوجوانن کي ڪو موقعو ڏين، اڳتي اچڻ جو، پاڻ مڃاڻ جو، پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو، مطلب هر پاسي نوجوانن لاءِ صرف مايوسي ۽ رنجھ ئي مقدر بڻيل آهي، اوهان جنهن ڏينهن کي تعليم جو ڏينهن ڪري ملهائي رهيا آهيون. ڀلا ان تعليم نوجوانن لاءِ ڪهڙا راھ هموار ڪيا آهن، ڇا اُن تعليم نوجوان کي اِهو سبق ڏنو آهي تہ هُو پنهنجي قوم جي بهبود ۽ فلاح لاءِ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪري، ڇا اِن تعليم نوجوان کي اُها قابليت بخشي آهي جو اُهو نوجوان ظالم ۽ جابر حڪمرانن اڳيان سچ جا ڪي ٻول ٻولي سگهي، ڇا اِن تعليم اُن نوجوان کي سيکاريو آهي تہ پڙهبو ڪئين آهي، شين کي سمجهبو ڪئين آهي، شين کي بيان ڪبو ڪئين آهي، نہ ڪڏهن بہ نہ، جنهن تعليم جو اوهان ڏينهن ملهائي رهيا آهيون اُها آهي ڪٿي، ڪاپي ڪندڙ شاگردن جي گائيڊن ۾، مارڪن ڏيندڙ بورڊ آفيسن ۾، يا وري نام نهاد اُستادن جي کيسي ۾ جيڪي چند ٽڪن جي عيوض اڄ جي نوجوانن کي ڪوڙيون ڊگريون ڪرائي ٿي ۽ کيس هميشه لاءِ ناڪاره کان ناڪاره تر بڻائي ڇڏي ٿي.

[b]معذورن جو عالمي ڏينهن
[/b]پنهنجي اک تان اگر مطلب پرستي ۽ خود طلبي واري عينڪ لاهي ڪري هن معاشري جو مشاهدو ڪبو تہ اسان کي هر شهر، ڳوٺ، چوڪ ۽ روڊ رستن تي معذور فرد خيرات وٺندي نظر ايندا، ڇو آخر ائين ڇو آهي، معذور فردن جو ڏوھ ڪهڙو آهي جو انهن کي پنڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي، آخرڪار هتان جو ماحول کين قبول ڇو نہ ٿو ڪري، اگر اتفاقن ڪنهن نياڻي ۾ پيدائشي طور ڪا معذوري هجي ٿي تہ هن معاشري جا مهذب فرد کيس قبول ڪرڻ کان انڪاري ٿي وڃن ٿا، عمر ڀر سندس شادي نہ ٿي ٿئي، ساڻس ڪو لانئو لهڻ وارو گهوٽ نہ ٿو ملي، اگر جي ملي ٿو تہ وري بہ ڪو معذور يا جڏو فرد مطلب تہ ٻئي پوري عمر لاءِ هڪ ٻي جا محتاج، ڪو صحت مند فرد کيس سهارو ڇو نہ ٿو ڏي، ڪهڙو تعليمي ادارو آهي جتان هر سال ڪو معذور فرد پوزيشن کڻي پاڻ مڃائيندو هجي. اُهو ڪهڙو تعليمي ادارو آهي جيڪو معذور فردن لاءِ مناسب تربيتي توڙي مهارتي حاصلات مهيا ڪندو هجي، ڪوئي ڪونهي، ڪٿي ڪونهي، هن معاشري ۾ وڌ ۾ وڌ جيڪو طبقو احساس ڪمتري جو شڪار ٿيندو آهي اهو طبقو آهي معذور طبقو، جنهن لا۽ تقريبن هر هنڌ سڀ رستا بند ٿيل آهن، تعليم جي آخري ڏاڪي تائين ڪيترن ڪتابن ۾ معذورن سان سٺي ورتاءُ توڙي انهن سان همدردي جا درس ڏنل آهن ٻڌايو، ان تعليم جي ڪتابن ۾ ڪيترا صفحا معذورن جي بنيادي حقن توڙي کين انسان سمجهڻ ۽ قبولڻ بابت لکيل آهين، پوري جو پورو نصاب انهي معاملي تي خاموش ۽ گونگو بڻيو ويٺو آهي. جيڪا تعليم نہ عورت کي تحفظ فراهم ڪري سگهي توڙي نہ ئي کيس اخلاقي آزادي ڏئي سگهي، ان جو ڏينهن ڪئين ملهايو، جيڪا تعليم نوجوانن لاءِ آئيندي جي اميد بڻجڻ بجاءِ کيس مستقل طور تي مزدور بڻائي، جيڪا تعليم معذور فردن کي پنڻ تي مجبور ڪري کين هر پل احساس ڪمتري جي ڪني کوه ۾ اڇلي ڦٽو ڪري، ان تعليم جو ڏينهن ڪهڙي حساب سان ملهايون، ڪهڙي ريت پنهنجو نڪ پڪو ڪري اسان ان تعليم جي هجڻ جي واکاڻ ڪريون، ڪهڙي نموني بي ضمير ٿي ڪري ان جا گيت ڳايون.

شاگردي وارو دور ڪئين هجڻ گهرجي؟

اسان جي زندگي انڊلٺ جيان پنهنجي منجه کوڙ سارا رنگ رکي ٿي، اُهي رنگ مختلف دورن جي عڪاسي ڪن ٿا، جئين ننڍپڻ جو دور، ٻالڪپڻ جو دور، جواني جو دور ۽ وري آخر ۾ ڪراڙپ جو دور، اهڙي طرح هڪڙو دور هوندو آهي جنهن جو رنگ زندگي ۾ سڀني رنگن کان نمايا نظر ايندو آهي يا کڻي ائين چئجي تہ جنهن جو اثر پوري زندگي تي گهڻو ۽ گهرو رهندو آهي اهو آهي شاگردي وارو دور، هي زندگي جو اهو سونهري دور هوندو آهي جنهن ۾ وڏڙن جي خرچ تي پنهنجا شوق پورا ڪبا آهن، وري هن دور جو عروج جي حوالي سان ڳاله ڪبي تہ اهو عروج هوندو آهي. يونيورسٽي لائيف، يونيورسٽين جي ڪشاده ۽ دلڪش ماحول ۾ داخل ٿيندي ئي ڪافي سارا نوجوان خواب ڏسڻ شروع ڪندا آهن، مثال طور تہ ” منهنجون سٺون مارڪون هجن هر سبجيڪٽ ۾، هر ڪوئي مون کي سٺي نگاه سان ڏسي، هر ڪنهن جي من ۾ منهنجي لا۽ مناسب جڳه هجي، معاشري جا ماڻهو مون کي هڪ پڙهيل لکيل ۽ سرجهيل ماڻهن ۾ شمار ڪن، ڊگري کان پو۽ جلد از جلد ڪٿي نہ ڪٿي ڪنهن سٺي پگهار واري مناسب نوڪري ملي وڃي، وغيره وغيره “ هلو خواب تہ ڏسجي ويا پر انهن جي ساڀيا لا۽ ڪهڙي جدوجهد ڪجي اڪثر شاگرد ان طريقي ڪار کان اڻ واقف هوندا آهن جنهن جي سبب گهڻي محنت ڪندي، هوشيار هوندي بہ پوئتي رهجي ويندا آهن.
يونيورسٽي لائيف ۾ ٽہ اهم خصوصيتون بنيادي حيثيت رکن ٿيون جيڪي اوهان کي ڪامياب ڪنديون، اُهي خصوصيتون اوهان کي ڪاميابين جي حاصلات ۾ مدد فراهم ڪنديون، انهن جي هوندي ناڪامي جو تہ تصور ڪرڻ ئي غلط آهي ها البتہ باقي جي اگر قسمت جي بازي هڻي وڃي تہ پو۽ اها وري الڳ ڳاله آهي. يونيورسٽي لائيف ۾ جيڪا پهرين ۽ خاص خصوصيت شاگرد جي نوٽ ڪئي ويندي آهي اها آهي Behavior يعني اوهان جو رويو، اوهان ڪهڙي انداز ۾ پنهنجي ڪلاس فيلوز توڙي لاڳاپيل ماڻهن سان پيش اچو ٿا اوهان ڪهڙي انداز ۾ گفتگو ڪيو ٿا ؟، اوهان ۾ ڪيتري قوت برداشت آهي ؟، اوهان ڪيتري حد تائين پنهنجو پاڻ سان سنجيده آهيو ؟، ڪجه اهڙي طرح سان اوهان جي شخصيت جو مڪمل جائزو ورتو ويندو آهي، هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿي تہ اهو جائزو وٺندو ڪير آهي اهو جائزو هر اهو استاد وٺندو آهي جيڪو اوهان کي پڙهائي رهيو هوندو آهي. يونيورسٽي لائيف جي جنهن ٻي خصوصيت جو شاگرد منجه جائزو ورتو ويندو آهي اهو آهي شاگرد جي Personality يعني اوهان جي شخصيت، اوهان ڪهڙي شخصيت جا مالڪ آهيون، اوهان ڪهڙي قسم جو لباس اڪثر اوڍيندا آهيو، ڇا اوهان جو لباس پرڪشش آهي يا وري اڻ وڻندڙ، ڇا اوهان اڪثر اهو لباس پهرئيندا آهيو جيڪو اوهان جي ڪورس يا ڊگري سان مشابت رکي ٿو يا مناسب آهي، ڇا اوهان ظاهري طور واقعي شاگرد نظر اچو ٿا ؟، ڪجه اهڙي ئي طريقي سان اوهان جي شخصيت کي جاچيو ويندو آهي.

آخري ۽ تمام اهم ترين پهلو جيڪو اوهان جي خصوصيتن ۾ تلاش ڪيو ويندو آهي اهو آهي confidence يعني اوهان جو پنهنجي پاڻ تي اعتبار، يقين ۽ ڀروسو، اوهان شين کي ڪهڙي نموني سان قابل اعتبار بڻايو ٿا، اوهان منجه ڪيتري حد تائين شين کي بيان ڪرڻ جي بي باڪي آهي، ڇا اوهان مليل ڪم کي وقت سر انجام تي ڪرڻ جي سگه رکو ٿا، ڇا اوهان ڪنهن بہ شئي کي آسان ۽ پر اثر طريقي سان بيان ڪرڻ جو فن رکو ٿا، اوهان ڪيتري قدر تائين ماڻهن کي پنهنجو پاڻ تي اعتبار ڏياري سگهو ٿا ؟ اهڙي نموني اوهان جي شخصيت جي مختلف پهلوئن کي جاچيو ويندو آهي، ان ڳاله ۾ ڪوئي شڪ ناهي تہ جيڪر اوهان پنهنجي شخصيت ۾ انهن خصوصيتن کي شامل ڪري ڇڏيو تہ اوهان جو هي دور جنهن کي شاگردي وارو دور سڏجي ٿو، سونهري دور ٿي پوندو ۽ يقين ڪريو تہ اوهان زندگي کي گذارڻ جو اهو فن سکي وٺندئو جنهن فن کان شايد ڪي ئي شاگرد يونيورسٽي ۾ هوندي بہ اڻ واقف هوندا آهن يا نہ سکي سگهندا آهن.

ناڪامي کي نيٺ هارائي سگهجي ٿو

اسين هر روز هن ڪائنات ۾ موجود هر شئي جي ٻن رخن جو مطالعو ڪيون ٿا، ڏکن واري ڪيفيت ۾ هوندي سُکن وارن پلن کي ياد ڪيو ٿا، اڪيلائي جي ٽياس تي هوندي گهڻائي واري پلن کي هياون سان هنڍيون ٿا، سڀ ڪجھ وڃائجي وڃڻ کان پو۽ سڀ ڪجھ هوندي جو احساس ڪيو ٿا، اهڙي نموني هر گهڙي هر پل کي ان جي مخالف پل سان ڀيٽي ڪري ڪي لمحہ، ڪي پل گهاري ڇڏيون ٿا، اسان هر ڏينهن ڪي ئي دفعا ڪامياب ۽ ناڪام ٿيون ٿا ان سان گڏوگڏ وري ٿيندو ائين آهي تہ اسان ان وقت انهن ٻنهي عملن مان هڪ عمل کي ياد رکون ٿا، پنهنجي ڪامياب ٿيڻ کي يا وري پنهنجي ناڪامي کي، دراصل هجڻ ائين کپي تہ اسان کي ٻنهي عملن کي ياد ڪندي سندن پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرڻ گهرجي تہ جئين اها خبر پئجي سگهي تہ اسان ڪيترا دفعا ڪامياب ٿيا آهيون ۽ ڪيترا دفعا ناڪام، ڪڏهن ڪڏهن ڪاميابي غرور ۽ ناڪامي نا اميدي جي صورت اختيار ڪري وٺندي آهي.
ڏاهو ماڻهو اهو چئبو جيڪو انهن ٻن ڪيفيتن کي پنهنجي طبعيت توڙي مذاج تي حاوي ٿيڻ نہ ڏي، اگر پوري دنيا کان هڪڙو ئي سوال پڇبو تہ ڪامياب ڪئين ٿجي تہ اميد آهي تہ تقريبن اهو ئي جواب ملندو تہ محنت کان سوا۽ ڪاميابي جو حصول ممڪن ئي ناهي مطلب تہ محنت هڪ اهم جز آهي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لا۽، هلو اها تہ ٿي وئي ڪاميابي جي ڳالھ، جئين تہ آءُ اڳم اها ڳالھ ڪري چڪو آهيان تہ اوهان هر روز ڪنهن نہ ڪنهن طرح ننڍڙين ننڍڙين ناڪامين کي بہ منهن ڏيندا آهيو، ڀلا ڪڏهن انهن ناڪامين جي واقع ٿيڻ جي سبب/ڪارڻ تي اوهان غور ڪيو آهي. ؟؟ جي اوهان جو جواب ها آهي تہ بهتر تمام بهتر، ۽ اگر جي جواب نہ آهي تہ پو۽ اوهان لا۽ ڪجھ تجويزون پيش ڪجن ٿيون انهن تي غور و فڪر ڪري اهو معلوم ڪريو تہ آخر ناڪامي اوهان جي پلئہ ڇو ٿي پوي.

[b]خود اعتمادي جي ڪمي
[/b]خود اعتمادي هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن سان ڪو بہ جنگ کٽي سگهجي ٿو، علم جي جنگ، انا جي جنگ توڙي قدرت جي طرفان جوڙيل هن سنسار ۾ فطرت جي قانونن جي خلاف واري جنگ، بس شرط اهو آهي تہ خود اعتمادي قائم هجي، اسان مان اڪثر فرد هڪ اڻ ڏٺل ۽ اڻ سوچيل خوف ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن جنهن جي ڪري خوداعتمادي جي ڪمي جو شڪار ٿي پوندا آهن ان خوف سبب کين سندن صلاحيتن توڙي قابليت تي اعتبار گهٽجي ويندو آهي يا بنھ اعتبار ئي ناهي رهندو جنهن جي ڪري ناڪامي پلئہ پوندي آهي، اسان کي سڀ کان پهريان پنهنجي اندر جي خوف کي مٽائڻو آهي ۽ پنهنجي پاڻ تي پختي حاصل ڪرڻي آهي پنهنجي اندروني صلاحيتن توڙي قابليتن تي پورو يقين رکڻو آهي، پو۽ ڏسو تہ ڪهڙا نہ ناقابل اعتبار نتيجا حاصل ٿيڻ شروع ٿين ٿا جيڪي يقينن حيران ڪندڙ هوندا.

[b]مناسب حڪمت عملي جو نه هجڻ
[/b]مناسب حڪمت عملي ڪنهن بہ عمل جو حصو بڻجي پوي تہ اهو عمل يقينن ڪاميابي جا منزل طئي ڪري سگهي ٿي، اسان مان اڪثر فرد هر شئي هوندي جهڙوڪ طاقت، سمجھ، ۽ سوچ جي بہ ناڪامي کي منهن ڏيندا آهن يا وري مطمئن ڪندڙ نتيجا حاصل ناهن ڪري سگهندا، سندن ناڪامي جي سببن مان هڪ اهم سبب مناسب حڪمت عملي جو نہ هجڻ بہ هوندو آهي، ڪنهن بہ عمل کي پايا تڪميل تائين پهچائڻ لا۽ هڪ مصبت ۽ مناسب حڪمت عملي جو هجڻ اشهد ضروري آهي، يعني ڪنهن منزل تائين رسڻ جدوجهد سان ئي ممڪن آهي، صحيح ۽ طرفي ڊڪ ڊوڙ کي ئي تہ اصل ۾ حڪمت عملي چئجي ٿو. يا وري کڻي ائين چئجي تہ ڪنهن مقصد کي ذهن ۾ رکي ڪري ان جي تڪميل لا۽ جيڪا طرفي جدوجهد ڪئي وڃي ٿي ان کي حڪمت عملي چئبو آهي، اسان توهان مان هر ڪنهن کي پنهنجي مقصدن جو تعين ڪرڻو پوندو ۽ پو۽ انهن جي تڪميل لا۽ حالاتن توڙي واقعاتن کي مدنظر رکندي هڪ منصوبو جوڙڻو پوندو ۽ پو۽ ان جوڙيل منصوبي تي عمل ڪندي خوابن جي جبل جي چوٽي تي ڪاميابي جو جهنڊو لهرائڻو پوندو، يقين رکو هي سڀ ڪجھ ڪرڻ سئولو آهي بس ٿوري غور و فڪر ڪرڻ کان بعد.

[b]گهربل وقت مهيا ڪرڻ
[/b]سڄي ڪائنات پنهنجي مقرر مدار ۽ محور سان هلي پئي، هن دنيا جي چرغي جي هلڻ، سج توڙي چنڊ جي ڦرڻ، ڏينهن کي رات ۾ تبديل ٿيڻ توڙي رات کي ڏينهن ۾ تبديل ٿيڻ جا عمل بہ هڪ مقرر وقت جا پابند آهن، وقت هڪ اهڙو سگهارو ۽ حساس عنصر آهي جو هڪ دفعو هٿن مان نڪري وڃي تہ پو۽ واپس ورڻ جي ڪا ڪل ئي ناهي ڪندو، انسان جي دماغ ۾ هڪ ئي وقت الا۽ تہ ڪيترا اڻ کٽ خيال اچي ڪوچ ڪندا آهن ڪي وقتي هوندا آهن تہ وري ڪي مستقلي، ڪي ضروري تہ وري ڪي فضول، ڪي عام تہ وري ڪي خاص، ڪي چٽا تہ وري ڪي ڌنڌلا، انهن خيالن کي حقيقتن جو عملي جامو پهرائڻ لا۽ اسان ڪن کي گهربل ٽائيم ڏيندا آهيون. تہ وري ڪن لا۽ اسان وٽ ٽائيم ناهي بچي سگهندو، هاڻ پاڻ مثال ٿا وٺون انساني جسم جو، ميڊيڪل سائنس مطابق انساني جسم کي تندرست توڙي چاڪ و چئوبند رهڻ لا۽ هر ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ ڇھن ڪلاڪن جي سڪون واري ننڊ گهربل هوندي آهي، جي هاڻ اُهي ڇھ ڪلاڪ جسم کي مهيا نہ ڪيا ويا تہ يقينن اهو جسم ڪنهن بيماري جو شڪار ٿي سگهي ٿي، بلڪل اهڙي ئي نموني اسان جي خوابن کي پايا تڪميل تائين پهچڻ لا۽ هڪ مقرر ٽائيم گهربل هوندو آهي جيڪو کيس مهيا ڪيو وڃي. اهڙي نموني ڪنهن بہ ڪم کي پايا تڪميل تائين پهچائڻ لا۽ هڪ اثراتي ۽ منظم حڪمت عملي درڪار هوندي آهي، دنيا ۾ اڄ تائين اوهان کي ڪو اهڙو شخص ڪونہ ملندو جنهن شارٽ ڪٽ ذريعي ڪاميابين جي بلندين کي رسيو هجي، اسان کي پنهنجي اندر خود اعتمادي جي ٻڄ پوکڻي آهي، ان جي اُوسر لا۽ هڪ حڪمت عملي جوڙڻي آهي، ان جي سارسنڀال لا۽ ان کي گهربل وقت مهيا ڪرڻو آهي، جڏهن اوهان اهو سڀ ڪجھ ڪيو تہ پو۽ يقينن اوهان طرفان پوکيل خود اعتمادي واري ٻڄ وڌي وڻ ٿي ويندي صرف وڻ ئي نہ پر بلڪہ هڪ اهڙو وڻ جنهن جو ميوو يقينن دلڪش ۽ لذيذ هوندو.

( هي مضمون ڪاوش گئلري ۾ اربع 26 جولا۽ 2017 تي شايع ٿيو آهي)

استادن تي کڄندڙ آڱريون

تعليم کاتي جي تباھ ڪارين تي هر روز ڪافي ماڻهو لکن ٿا، ڳالهائن ٿا ته وري ڪجھ دوست پنهنجي علم جي آڌار تي سُھڻيون تجويزون پڻ پيش ڪن ٿا. هاڻ تعليم کاتي کي ڪهڙن بنيادن تي پرکيو وڃي ۽ تعليم ڇو نه ٿي سُڌري اچو ته ان تي جامع گفتگو ڪريون. اسان کي بي ايڊ آنرس جي چوٿين سيمسٽر ۾ هڪڙو سبجيڪٽ پڙهايو ويو هو.

[b]اسڪول، ڪميونٽي ۽ استاد
[/b]مطلب ته تعليم کاتي جي سڄي سرشتي کي هلائڻ وارا مکيه ٽي عنصر اسڪول، معاشرو ۽ اُستاد آهن. اچو ته هنن تي وڌيڪ روشني وجهون.

[b]اسڪول:
[/b]تعليم جي هن سرشتي ۾ اسڪول جو قيام مکيه ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿو. اسڪول کان بنا تعليم جو حصول ممڪن ئي ڪونهي ڇو ته پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي عمل کي جاري رکڻ لاءِ هڪ ماحول گهربل هوندو آهي. جيڪو يقينن اسڪول جي قيام کان پوءِ ئي ممڪن ٿيندو آهي. هاڻ اِها ذميداري تعليم کاتي حڪومت سنڌ جي مٿان عائد ٿئي ٿي ته هو ڪيتري قدر معياري اسڪول قائم ڪن ٿا. انهن کي گهربل سهولتون ڪيتري قدر مهيا ڪن ٿا. انهن اسڪولن جي ڪيتري قدر پر گهور لهن ٿا. ڇو ته پاڻ وٽ سنڌ جي عمومن ڳوٺن ۾ اسڪولن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. اسڪولن جي بهتري لاءِ ملندڙ فنڊ SMC به تعليم کاتي جي اندر ويٺل ڪامورن جي رحم ۽ ڪرم سان هڙپ ڪئي وڃي ٿي ۽ اسڪول جهڙا جو تهڙا رهجي وڃن ٿا. ڪن اسڪولن ۾ گهربل ڪلاس جا ڪمرا ناهن ته وري ڪٿي باٿ روم توڙي پاڻي جو بندوبست ناهي ٿيل هوندو. ڪٿي وري اسڪول بائونڊري وال کان محروم آهن ته وري ڪٿي ماڳهي اسڪول جا بلڊنگ ئي ناهن. اُهي اسڪول ڪنهن جهوپڙي ۾ هلن ٿا. هاڻ اِهڙي صورتحال مان ڪهڙي قسم جي بهتري جي اميد ڪجي. تعليم کاتي جو ٻيو مکيه بنيادي عنصر آهي.

[b]ڪميونٽي [/b](جنهن کي سماج، معاشرو سڏبو آهي)
معاشرو يا سماج جو اسڪول ۽ اسڪول جي ڪار وهنوار سان بلڪل ائين لاڳاپو آهي جئين ساھ کڻڻ جي عمل سان ڦڦڙن جو. هاڻ جڏهن معاشري جا گهڻ گهريا ۽ سماجي فرد سڏرائيندڙ فرد اسڪول جي ڪارڪردگي کان ڪن لاٽار ڪندا. اسڪول ۾ موجود استاد سان رابطي توڙي اخلاقي بنيادن تي ڳنڍيل نه رهندا ته هڪڙو استاد بهترين نتيجا ڪيئن ڏئي سگهندو. نجي اسڪول جي سربراهن توڙي استادن سان والدين رابطي ۾ رهن ٿا. انهن کان پنهنجي ٻارن جي ڪارڪردگي بابت پڇا ڳاڇا ڪن ٿا. انهن طرفان رٿيل پروگرامن ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪن ٿا. باقي سرڪاري اسڪول جي استادن توڙي هيڊ ماسترن کان ائين لوائن ٿا ڄڻڪ اُهي اسڪول جا استاد نه بلڪ ڪنهن انتها پَسند نام نهاد تنظيم جا ماڻهو هجن. اسڪول ۾ موجود فيڪلٽي کان ڪن لاٽار ڪرڻ جو هي سڄو ڏوھ معاشرتي لاتعلقي جي ذمري ۾ اچي ٿي. هن سڄي نقصان جو ذميوار معاشرتي منفي لاڙا آهن. سماجي فرد سڏرائيندڙ توڙي معاشري جي شعور رکندڙ فردن کي سرڪاري اسڪولن جي استادن سان عليڪ سليڪ ڪرڻ گهرجي. انهن جي بهتر ڪارڪردگي توڙي انهن طرفان منقعد ڪيل گڏجاڻين ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بنائڻ گهرجي ته جيئن اُستاد پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي. ھُو اسڪول جي بهتري لاءِ دل و جان سان ڪم ڪري. پوءِ ڏسو ته ڪيترا نه حيران ڪُن نتيجا سامهون اچن ٿا. هن مرحلي جو ٽيون مکيه عنصر آهي:

[b]استاد:
[/b]اسڪول ۽ ڪميونٽي تي پاڻ مٿي ٿورو گهڻو روشني وجهي چُڪا آهيون. هاڻ اچون ٿا اُستاد طرف، جيڪڏهن استاد کي اسڪول پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ لاءِ گهربل معيار تي پورو ملي ته يقينن اُهو استاد بهتر ۽ ڪارڳر نتيجا ڏيندو. جيڪڏهن اُن جي برعڪس کيس هڪ ٽٽل ڦٽل ويراني ۾ ڪنهن جهوپڙي هيٺ آخري پساھ کڻندڙ اسڪول ڏنو وڃي ته اُتي اهو استاد پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو مرحلو ڪهڙي ريت بهتر نموني سان سرانجام ڏئي سگهندو. اهو توهان پاڻ به سمجهو ٿا. اُهو استاد پنهنجي صلاحيتن جو استعمال ڪئين ڪندو؟ اسڪول به زبون حال ملي، معاشري مان به ڪو سهڪار نه ٿي. ته پوءِ آخر ڪار هڪڙو استاد ڪري ته ڇا ڪري؟

نه اسڪول جي عمارت ٺيڪ
نه ئي ڪو بورڊ يا چاڪ دستياب
نه ئي ويهڻ لاءِ ڪرسي ميسر
بيهڻ لاءِ ڊائيس جي عدم موجودگي
نه رجسٽر رکڻ لاءِ ٽيبل
نه پيئڻ لاءِ نلڪو يا ٽانڪي
نه پڙهائڻ لاءِ گهربل ماحول

ته پوءِ آخرڪار استاد ڪري ته ڇا ڪري؟
چُپ ڪري ويهي رکي يا وري هڪ گوسڙو اُستاد ٿي ڪري اسڪول کان غائب رهڻ شروع ڪري. هي سڀ ڪجھ هڪڙو پرائمري اُستاد ويچارو پنهنجي پگهار مان ته ڪونه ٿو وٺي سگهي ۽ نه ئي سندس ايتري پگهار هوندي آهي جو هُو سڀ بندوبست پنهنجي سر پاڻ ڪري سگهي. اسان توهان مان ڪافي فرد تعليم کاتي جي اندروني صورتحال کان اڻ واقف هوندي تعليم جي تباهي جو سڄو ڏوھ اُستادن تي ڏيندا آهن ۽ بنا ڪنهن رک رکان جي اُستادن کي ماستر جو لقب ڏئي ڇڏيندا آهن. پنهنجي گريبان ڏانهن ڏسڻ بجاءِ اُستادن تي آڱريون کڻڻ شروع ڪندا آهن. ڪين گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪندا آهن. هاڻ جڏهن اسڪول، معاشري ۽ اُستاد جو پاڻ ۾ ڪو به ربط يا رابطو نه هوندو ته تعليم ڪٿان بهتر ٿيندي. ڪو ڪرشمو پاڻهي ڄاڻ ته ڪونه ٿيندو نه؟ اچو ته معاشري جا بهترين فرد ٿيندي سرڪاري استادن سان هم ڪلامي ۾ رهون ۽ اسڪولن جي بهتري لاءِ انهن سان گڏجي ڪري ڪم ڪريون ته جيئن اسان جي سونهاري سنڌ جا ايندڙ نسل اسان توهان کي سُٺن لفظن ۾ ياد ڪن.

تعليم جي بهتري لا۽ ڪجهه تجويزون

جڏهن بہ ڪنهن معاشري ۾ قائم ٿيل اصول يا ضابطہ جن تحت اُهو معاشرو پنهنجي بقا کي يقيني بڻائيندو آهي، اُهي فرسوده بڻجي وڃن يا بڻجندي نظر اچن تہ پو۽ اُتان جي هر پڙهيل لکيل توڙي باشعور فرد تي اهو لازمن زمينداري عائد ٿئي ٿي تہ ان معاشري ۾ واقع ٿيل انهن فرسوده ۽ غير معياري اصولن جي نشاندهي ڪري ۽ سندن ناڪاره بنجڻ جا سبب ڳولي ۽ ان سان گڏوگڏ سندن ناڪاره بنجڻ ڪري ان معاشري کي جيڪي نقصان لائق ٿيڻ وارا هجن انهن کان بہ کين آگاهي فراهم ڪري، علم جو مقصد روشني حاصل ڪرڻ آهي روشني جي هود سوند ۾ اگر ڪو فرد اونداهين جي گهيري ۾ خاموش سڪونيت حاصل ڪري ويٺو هجي تہ ان کي سندس ناداني جي انتها نہ چئجي تہ ڀلا ڇا چئجي. اهڙي علم حاصل ڪرڻ جو مقصد ئي ڪهڙو جيڪو علم انسان کي پنهنجي بنيادي حقن جي خبر رکڻ کان محروم رکي يا انهن جي حاصلات لا۽ ڪو مناسب راه فراهم نہ ڪري سگهي، سالن جا سال هڪ ئي پارٽي جا سرگرم ڪارڪن رهي ڪري بہ اگر ڪنهن ماڻهو جا ڪي هلڪا ڦلڪا مسئلا بہ حل نه ٿو ڪرائي سگهي تہ کيس اهو چٽي نموني سمجهڻ گهرجي تہ سندس اهميت هاڻ ڪا بہ نہ رهي آهي، ان سان گڏوگڏ ان فرد کي پنهنجي اردگرد جي ماحول جو چڱي طرح جائزو وٺڻ گهرجي ۽ اهو ڏسڻ گهرجي تہ انهن اسان کي اڄ تائين ڇا ڏنو آهي جن جي ڪري اليڪشنن ۾ ٽاڪ منجهند جو اسان پنهنجا ٻچا گرمين ۾ دربدر ڪري قطارن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪري کين ووٽ ڏيو ٿا، ان لا۽ وقت سر پنهنجيون اکيون کيس کولڻ گهرجن، پنهنجي اولاد، پنهنجي خاندان، پنهنجي شهر ۽ پنهنجي قوم سان هاڻ کيس سچو ٿيڻ کپي، تاريخ هميشه انهن ئي ڪردارن کي ياد ڪندي آهي جيڪي پنهنجي حقن جي حاصلات لا۽ هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن ۽ پنهنجي وسئون ڪي نہ گهٽائيندا آهن.
دنيا هر روز ترقي جا ڏاڪا چڙهندي اڳتي وڌي رهي آهي ۽ اسان هر روز پستين ۾ ڪرندا ٿا وڃئو، اسان لا۽ بدحالي بيروزگاري ۽ بد امني هر روز وڌنڌي ٿي وڃي، ترقي جا راه اسان لا۽ تنگ ڪيا پيا وڃن، ڊگرين جا ڍير هوندي سوندي بہ اسان جا نوجوان بيروزگاري جي بلا کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسان وٽ علم، صحت توڙي تحفظ فراهم ڪندڙ ادرا عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿيندا ٿا وڃن. غريب جو ٻار اڄ بہ ڪاٺ جي پٽي ۽ سليٽ تي الف اک ۽ ب بلا پڙهي رهيو آهي ۽ کيس اهو ماحول بہ فراهم نٿو ڪيو وڃي جنهن ماحول ۾ هو الف واري اک جي ايناٽامي سمجهي سگهي ۽ ب بلا جي حرف کان مڪمل واقفيت حاصل ڪري سگهي، غريب جو ٻار اڄ بہ ڦاٽل ڪپڙن ساڻ پير اگھاڙي اسڪول وڃي ٿو، غريب کي اڄ بہ اسپتالن ۾ پاڻي جي سُئي هڻي شفا جي آسري تي خيراتي طور ڪي ٻہ ٽي ٽيبليٽ ڏئي ڪري ڊاڪٽر پنهنجي ڊيوٽي ڪندا آهن، بدقسمتي سان اسان ان معاشري جا فرد ٿي پيا آهيون جنهن معاشري ۾ تبصره تہ گهڻا ئي ڪيا ويندا آهن پر عملي قدم کڻڻ کان هر ڪو ڪيٻائيندو آهي، هر ڪنهن جي اندر ۾ هڪ خوف ويٺل هوندو آهي جيڪو سندس صلاحيتن تي ايترو تہ حاوي بڻيو ويٺو هوندو آهي جو کيس ڪڇڻ ۽ لُڇڻ کان روڪي رکندو آهي، علم تہ دليري جو ثبوت هوندو آهي علم جي هوندي سوندي اگر ڪو خوف ۾ مبتلا هجي تہ پو۽ سندس علم کي ڪهڙو ناؤن ڏجي، اهڙي علم رکندڙ فرد کان اهو لاعلم فرد بهتر ليکيو ويندو جيڪو علم جي روشني کان بي خبر هوندي اونداهي کان نڪرڻ جي مزاحمت تہ ڪري ٿو. هر روز مختلف اخبارن ۾ تعليم جي سڌاري لا۽ انيڪ ڪالم پڙهڻ لا۽ ملن ٿا، جن ۾ تعليم جي ڪريل معيار کي بهتر بنائڻ لا۽ انيڪ صلاحون ۽ تجويزون پيش ڪيون وڃن ٿيون، اڪثر ڪالمن ۾ تعليم جي تباه ڪاري تي ڳالهايو ويندو آهي حالانڪ اِهو اسان جو الميو بڻجي چڪو آهي جو اسان مسئلن جي حل بدران مسئلن تي ڳالهائڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏيندا آهيون جنهن سبب اسان جو معاشرو ترقي کان ڪوه ڏور پري آهي، اگرچہ مسئلن تي تبصري ڪرڻ جي بدران هر اهل علم انهن مسئلن جي حل تي غور فڪر ڪري انهن جي مناسب ۽ ترت حل لا۽ ڪي ڪارڳر تجويزون پيش ڪري تہ يقينن اسان جي تعليم کاتي ۾ موجوده مسئلا ۽ مونجهارا جلد حل ٿي ويندا، بحيثيت مستقبل جي استاد جي مون وٽ بہ تعليم جي موجوده مسئلن جا ڪجھ مناسب حل ۽ تجويز آهن جيڪي آءُ اوهان جي نظر ڪريان پيون. تعليم کاتي جي شعبي ۾ جيستائين نجي اسڪولن جي ڪاروبار کي تي بندش نہ وڌي ويندي تيستائين اسان وٽ بنيادي تعليم جو معيار ڪو نہ سڌري سگهندو، نجي اسڪولن جي ڄار، سرڪاري اسڪولن جي معيار کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي ان جو سبب اِهو آهي تہ سرڪاري اسڪول اعلي تعليمي معيارن کان وانجهيل هئا جنهن سبب سندس بجيٽ گهٽ هجڻ آهي ان جي برعڪس نجي اسڪولن ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿوري ٿڪي تعليمي معيار قائم ڪري ان کان پو۽ اُتي خرچ ڪيل رقم کي ڳرين فيسن جي عيوض شاگرد کان اُڳاڙي ڪري هڪ قسم جو تعليمي دڪان کوليو ويندو آهي، ان لا۽ بهتر اِهو آهي تہ اگر جي تعليم جي معيار کي بلند ڪرڻو آهي تہ پو۽ سڀ کان پهريان نجي اسڪولن تي بندش وڌي وڃي ۽ ان تعليمي دڪان جي دروازي کي بند ڪرڻو پوندو.
ان کان پو۽ مستقبل جي بهتر اڏاوت ڪندڙ ۽ مستقبل جي معمار يعني ٻارن جي تربيت جو ٺيڪو تربيت يافتہ استادن جي حوالي ڪيو وڃي، سياسي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل توڙي پراڻي زماني جي استادن کي گولڊ هينڊ شيڪ ڏئي کين جبري طور ريٽائر ڪري انهن جي جڳھ تي نوجوان توڙي نئي دنيا جي تقاضائن کان واقف ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا جي ماهر نوجوانن کي استاد طور ڀرتي ڪري اسڪولن ۾ رکيا وڃن، کين جديد دنيا جي سهولتن يعني ڪمپيوٽر، موبائل ٽيبليٽ، ۽ پروجيڪٽر مهيا ڪيا وڃن جئين اُهي جديد دور جي اوزارن سان شاگردن کي تعليم سان روشناس ڪري سگهن، باقي هن جديد دور ۾ اڄ سليٽ واري پڙهائي ڪو بہ انقلاب برپا نہ ڪري سگهندي ڇو تہ جديد دنيا جا شاگرد اڄڪلھ ٽيبليٽ ۽ پروجيڪٽر وسيلي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جيڪو پڻ سندس ڪاميابي جو هڪ اهم جز آهي. ان کان علاوه هر شهر، هر تعلقي توڙي ضلعي ۾ موجود غير ضروري ۽ بند پيل اسڪولن جي سروي ڪري کين باقاعده طور ختم ڪيو وڃي ان وسئلي ان جي عيوض مفت ۾ بجيٽون هڙپ ڪرڻ کان بچي پونديون ۽ سندن ڀر وارين اسڪولن ۾ شاگردن جو تعداد بہ وڌندو ۽ تعليمي معيار وڌڻ سان گڏوگڏ تعليم بہ بهتر ٿيندي. حڪومت کي تعليمي نصاب جوڙڻ مهل ٻهراڙين جي حالاتن کي مدنظر رکندي وڌ ۾ وڌ جديد تعليمي نصاب جوڙڻ کپندو جئين شهرن کان ڏور فرد بہ جديد دنيا جي ترقي جي حالن احوال کان واقف رهن ۽ پنهنجي پاڻ کي جديد دنيا جي تقاضائن مطابق تيار ڪن، پو۽ ڏسو تہ ڪئين نہ اسان جو هي ڏتڙيل معاشرو ٿوري عرضي ۾ ترقي ڪري ٿي ۽ اسان جي قوم دنيا جي هر جديد قوم سان هڪ ٽيبل تي ويهي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جي قابل بڻجي ٿي، اهڙي نموني قديمي ۽ فرصوده نصاب کي وقت بہ وقت خارج ڪندو رهجي ۽ جديد کان جديد تر نصاب کي پنهنجي تعليم جو حصو بڻائجي پو۽ ترقي اسان جي قوم جو نصيب بڻجي پوندي ۽ هر فرد خوشحال زندگي گذارڻ جي قابل بڻجي ويندو.

(هي مضمون 02 فيبروري 2019 تي سوڀ ۾ شايع ٿيو آهي)

ڪتاب ڇو پڙهجن

جڏهن ڪنهن بہ محفل ۾ ڳالھ نڪري ٿي ڪتاب پڙهڻ جي تہ يڪدم اسان جو سڄي جو سڄو سارو خيال، سڄو فڪر، سڄي سوچ ان ڳالھ ڪندڙ فرد ڏانهن مرڪوز ٿي وڃي ٿي جيڪو فرد ڪتاب پڙهڻ جي ڳالھ ڪري ٿو، ڪتابن سان لڳاءَ رکڻ بلڪل ائين آهي جئين ڪنهن شئي جو عادي ٿي وڃڻ، قدرت واري انسان ۾ بنيادي طور سکڻ ۽ سيکارڻ جو ٻئي مهارتون ترتيب ڏنيون آهن، هر هڪ انسان ۾ هر وقت ڪجھ نہ ڪجھ سکڻ جو جذبو موجود هوندو آهي وري ان سکيل ڪم کي ٻي کي سيکارڻ واري صلاحيت بہ موجود هوندي آهي. اوهان پوري دنيا جي اندر رهندڙ ماڻهن جو مشاهدو ڪري ڏسو، ڀلي پوءَ اُهي مرد هجن، چاهي عورت، ٻاهرين ملڪن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي هوندي سوندي بہ اُتان جا ماڻهو ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ جا بي حد شوقين آهن، تقريبن هر هڪ فرد جي گهر ۾ ننڍڙي لائبريري قائم ٿيل هوندي آهي، جنهن ۾ اهو فرد واندڪائي واري وقت ۾ ڪجھ پڙهي وٺندو آهي، اهڙي طرح دنيا جي جديد ٿيڻ سان سندن ڪتابن پڙهڻ واري عادت ۾ گهٽتائي اچڻ بدران، واڌ ٿي آهي، جيتوڻيڪ ٽيڪنالاجي تمام ٿوري عرصي ۾ دنيا کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي چڪو آهي پر ان جي باوجود ڪتابن سان سينو سهائي نہ سگهيو آهي. ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ ڏاهپ ۾ واڌارو هميشه مطالعو ڪرڻ سان ايندو آهي، مطالعي ڪرڻ سان شين جي مختلف پهلوئن جي خبر پوندي آهي، ڪتابن وسيلي ڪار آمد حڪمت عمليون توڙي تجويزون هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين سفر ڪنديون آهن، ڪتاب پاڻ خاموش هوندي، پنهنجي پڙهندڙ کي چڱي خاصي معلومات فراهم ڪندي آهي، ڪتابن جو عشق منهنجي نظر ۾ سڀني عشقن کان اعلي ۽ اتم عشق آهي، هي هڪ اهڙي قسم جو عشق آهي جنهن ۾ محبوب سان ملاقات ڪرڻ جو ڪو بہ خاص وقت مقرر ناهي ٿيل هوندو، جنهن مهل دل چيو ڪتاب کولي، اکرن کي پسجي، پنهنجي نيڻن کي ٺارجي ۽ ذهن کي فرحت جوڳو بڻائجي. ٻالڪپڻ واري دور ۾ جنهن وقت عقل توڙي سمجھ ذهن ۾ سلامي ڀرڻ لڳي تہ تنهن مهل ٻين ٻارن وانگر مون رواجي طور راند روند توڙي گهمڻ ڦرڻ کي اوليت نہ ڏني، واندڪائي واري وقت گهر ۾ موجود ڪتابن واري ڪٻٽ کي کولي ڪري انهي منجهان ڪهاڻين جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو هيس، ائين هلي هلي ڪري وري ڪنهن دور ۾ ٻالڪ رسالن ۾ ڪهاڻيون لکي ڪري موڪليندو هيس، ائين ادب جي دنيا سان آءُ ڳچ عرصي کان وٺي ڪري ڳنڍيل رهيس، ادب جي دنيا سان منهنجو ائين جڙيو رهڻ جو جيڪو بنيادي ڪارڻ هو، اُهو هو ڪتابن جو لاڳيتو مطالعو ڪرڻ ۽ انهن منجهان علم جا سُرڪ ڀرڻ. مطالعي ڪرڻ سان فڪر جا نوا گس ملندا آهن، سوچڻ لاءَ نوا عنوان ملندا آهن، ڪچهرين ۾ بحث ڪرڻ لاءَ نوا سبب ملندا آهن، ڪتاب اسان کي وقت جي انهن وهڪرن جو احول ڏيندا آهن، جيڪي وهڪرا اسان توهان ڪونہ ڏٺا هوندا آهن، انهن انمول گهڙيون بہ اسان سان حالي احوالي ٿيندا رهندا آهن جيڪي گهڙيون تاريخ کي جوڙيندي گذريون آهن، اسان ڪتابن وسيلي انهن امر، توڙي انقلابي ڪردارن جي جدوجهد بابت پڻ ڄاڻ حاصل ڪندا آهيون، جيڪي انقلابي اڳواڻ اسان توهان کان ڪي ئي ورهيہ اڳ موڪلائي ويا آهن، اسان انهن ماڳن ۽ وٿاڻن بابت پڻ ڪتابن ۾ پڙهندا آهيون جن وٿاڻن ۽ وستين کي آباد هوندي اسان ناهي ڏٺو، جهڙوڪ موئن جو دڙو، هڙاپا، ٽيڪسيلا وغيره.
ڪتاب ڪنهن نہ ڪنهن نموني اسان جي زندگي سان جڙيل رهن ٿا، اسان جون سُوچون ڪتابن ۾ سڏڪنديون آهن، اسان جا ارمان ڪتابن ۾ لفظن جو روپ ڌاري ڪري گم ٿي ويندا آهن، اسان جا احساس زماني جي بي رخين جو تاب نہ سهندي ڪتابن جي ورقن ۾ اچي پناه حاصل ڪندا آهن، پيار جا انيڪ وچن، واعدا، قول توڙي قرار ڪتابن جي زينت بڻجي ڪري دنيا آڏو پڙهڻ لاءَ ميسر ٿيندا آهن، ڪتاب خاموشين جا تاڪ ڀڄي ڇڏيندا آهن، ڪتاب اندر جي اولڙن کي پڌرو ڪري ڇڏيندا آهن، ڪتابن سان لڳاءُ شعور جي علامت آهي، ڪتاب پڙهندڙ فرد شعوري فردن جي فهرست ۾ ڳڻيو ويندو آهي. جيڪي فرد ڪتابن جو مطالعو ڪندڙ هوندا آهن، انهن جو ذهن هميشه چست رهندو آهي، سندن دماغ ۾ هر روز انيڪ خيال پرواز ڪندا رهندا آهن، سندن ذهن ۾ نت نوا خيال توڙي تخليقي ڪم اُسرندا رهندا آهن، ڪتابن جو قدر هن مهل مغرب جي ملڪن ۾ ساڳي ريت برقرار آهي، ان جي بنسبت اسان جي سنڌ ۾ بہ هن مهل ڪتاب پڙهڻ جو رهجان بہ ڪنهن قدر موجود آهن، هر روز نت نوا ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچن پيا ۽ ان کان علاوه نئي ٽهي جا نوجوان بہ قومي، انقلابي توڙي پيار محبت جا ڪتاب بہ انيڪ تعداد ۾ پڙهن پيا، منهنجو ڪجھ عرصو پهريان سنڌ يونيورسٽي ۽ سکر آي بي يونيورسٽي وڃڻ ٿيو هيو اُتي بہ مون اُتان جي شاگردن طرفان ڪتاب پڙهڻ جو سٺو رهجان ڏٺو، جتي مون سان اُتان جي ڪافي دوستن مختلف ڪتابن بابت پنهنجا قيمتي رايا بحث ڪيا ۽ انهن منجهان پرايل سبق تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

جديد دور جون تعليمي تقاضائون!

هن وقت سنڌ اندر تعليم جي تباھ ڪارين تي هر روز کوڙ سارا ڪالم ۽ مضمون لکجن ٿا. هن موضوع کي وڏي پيماني تي بحث هيٺ آندو وڃي ٿو. هر مصنف، ڪالم نگار ۽ تبصرو ڪندڙ پنهنجي علم توڙي عقل ۽ فهم جي آڌار تي تعليم جي بهتري لاءِ ڪجھ تجويزون پيش ڪري ٿو. هِاڻ ڏسڻو اِهو آهي ته اسان جي تعليمي نظام کي جديد دور جي تقاضائن مطابق ڪهڙيون گهرجون آهن. جن گُهرجن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ اسان جو تعليمي نظام بهتر نتيجا فراهم ڪندو.
دنيا جي مجموعي مُلڪن ۾ تعليم جي شعبي کي جديد کان جديد تر بڻائي ڪري هر هڪ تفصيل، هر هڪ تخليق توڙي هر هڪ نواڻ کان سکندڙن کي روشناس ڪرايو وڃي ٿو. اِنهي جي اُبتڙ وري اسان جي سنڌ ۾ اُستادن جي کوٽ، اسڪولن جي کوٽ، سهولتن جي کوٽ توڙي هر هڪ گهربل خيال توڙي عمل جي به تعليم کاتي ۾ کوٽ آهي. جنهن جي ڪري تعليم کاتي ۾ ڪا به نواڻ نه ٿي اچي. ڪا به بهتري برپا نه ٿي ٿئي.
هر روز تعليم کاتي ۾ مخلتف تجربا ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن تجربن مان بهتري جي توقع پڻ ڪئي وڃي ٿي ليڪن اِنهن نت نون تجربن مان ڪڏهن به ڪو فائدي جو امڪان نظر نه ٿو اچي. جديد دنيا جي تقاضائن کي مد نظر رکندي جڏهن سنڌ جي تعليمي نظام جو جائزو وٺجي ٿو ته ڪجھ شين جي ڪمي شدت سان محسوس ٿئي ٿي. دنيا جي سُڌريل ملڪن جي تعليمي نظام جو جائزو وٺجي ٿو ته پوءِ تڏهن ئي وڃي اسان کي پنهنجي حال جي خبر پوي ٿي.
آمريڪا ۾ ابتدائي تعليم اُتان جي آئين مطابق هر هڪ تي لازمي آهي. جنهن سبب اُتي پرائمري جي تعليم کي اهميت به حاصل آهي. آمريڪا ۾ پرائمري تعليم جي حصول لاءِ مجموعي طور عمر جي ڪا به حد مقرر ڪونه آهي. جيڪڏهن ڪجھ رياستن ۾ عمر جي حد مقرر ٿيل به آهي ته اُها ٻارنھن سال تائين آهي. اصولي طور ٻار جي مطالعاتي عرصو نو سال آهي. ان دوران ڇھ ابتدائي گريڊ، ٽي جونئير ۽ هائي اسڪول جا گريڊ کيس پاس ڪرڻا پوندا آهن. جنهن کان پوءِ سندس تعليم مڪمل تصور ڪئي وڃي ٿي. اسان وٽ وري بنيادي تعليم جو اِهڙو حشر ٿيل آهي جو اسان جي ڳوٺن يا پُٺتي پيل علائقي واسين کي پرائمري تعليم حاصل ٿي ئي نه سگهندي آهي. ڇو ته انهي بنيادي تعليم جي حصول لاءِ حڪومت طرفان به ڪي خاطر خواھ انتظام نه ڪيا ويا آهن.

اسان جي ٻهراڙي جو شاگرد اڄ به دنيا جي جديد آلاتن جهڙوڪ ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ، اينڊرائيڊ موبائل اپليڪيشن توڙي سماجي ويب سائيٽن جي درست استعمال کان گهڻي قدر اڻ واقف آهن. اسان جي هاءِ اسڪول جو ٻار پراجيڪٽر تي ملندڙ سلائيڊن تي آڌاريل معلومات کان اڻ واقف آهي. کيس اِها به خبر ڪونه آهي ته پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافي لاءِ ڪٿان ڪٿان کان معلومات اخذ ڪري سگهجي ٿي يا پنهنجي ڄاڻ کي ٻين تائين پهچائڻ جو مفيد ۽ موثر توڙي سولو توڙي جديد طريقو ڪهڙو آهي. اسان جي اسڪولن ۾ اڄ به شاگرد ڪاٺ جي پٽي تي الف ب لکي ٿو کيس اِها خبر قطعي ڪونه آهي ته هن ايڪويھن صدي جا ٻار ٽيبليٽ وسيلي بنيادي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
ٻيون ڳالهيون ته پنهنجي جاءِ تي پر اسان جي صوبي جو ٻار ٻين صوبن جي ٻار جي ڀيٽ ۾ گهڻن سهولتن کان محروم آهي. پنجاب، بلوچستان توڙي خيبر پختونخواھ جو شاگرد به هن مهل سُٺي، اعليٰ ۽ معياري تعليم سان آراسته آهي. جنهن جو اندازو انهي ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو ته انهن صوبن جا ٻار اعليٰ تعليمي رجحانن توڙي اسڪالرشپ تي بيروني ملڪن ۾ وڃن ٿا ۽ اُتان تعليم مڪمل ڪري اچن ٿا. اسان جي صوبي مان ڪڏهن قسمت سان ڪنهن شاگرد کي ٻاهر وڃڻ جو موقعو مس ملي ٿو جنهن جو مکيه سبب اسان وٽ تعليمي رهجان جو گهٽ هجڻ ۽ معياري تعليم جي کوٽ هجڻ آهي.
اسان وٽ به اسڪولن ۾ هوشيار، فني صلاحيتن سان ٽمٽار ۽ تخليقي ذهن کوڙ آهن ليڪن الميو اِهو آهي ته انهن جي لاءِ سرڪاري توڙي نيم سرڪاري سطع تي ڪوبه اِهڙو بندوبست ڪونه ٿيل آهي جنهن جي مدد سان هُو پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي نروار ڪندي انهن مان پاڻ کي توڙي پنهنجي قوم کي ڪو فائدو فراهم ڪري سگهن. اسان وٽ جيڪڏهن نجي تعليمي نظام به آهي پر اُهو سڄو سارو نظام به صرف ذاتي فائدي جي ڊُڪ ڊوڙ ۾ نوجوانن جي مستقبل کي تباھ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسان وٽ جيڪڏهن ڪو ٻار غير معمولي ذهانت جو مالڪ هجي ٿو ته انهي کي پنهنجي اوسر لاءِ گهربل ماحول ۽ تربيت نه ٿي ملي جنهن سبب سندس سموري ذهانت ۽ تخليقي صلاحيتون تباھ ٿي وڃن ٿيون.
سُنڌ حڪومت ڪجھ عرصو پهريان تعليمي ايمرجنسي پڻ نافذ ڪئي هئي پر افسوس ته اِنهي تعليمي ايمرجنسي جو فائدو نه والدين کي ٿيو، نه ٻار کي ٿيو ۽ نه ئي وري معاشري کي ٿيو. اِها ايمرجنسي صرف جو صرف ڳالهين تائين ئي محدود رهي. انهي جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ به تعليم کاتي ۾ ڪا به بهتري نه آئي. سڀ ڪجھ پنهنجي معمول مطابق ساڳي جاءِ تي رهيو. نه ڪاپي بند ٿي سگهي. نه اسڪولن جي حالت بهتر ٿي سگهي. نه اُستادن جي کوٽ پوري ٿي سگهي. پر ايترو ضرور ٿيو ته اِها ايمرجنسي لڳائي ڪري اهو گمان ڪرايو ويو ته اسان وٽ تعليم کاتي جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.

(هي مضمون 4 جولاءِ 2019 تي اڳواڻ حيدرآباد ۾ شايع ٿيو آهي)

تعليمي نصاب ۾ بهتري جو سوال؟

تعليم جي سرشتي ۾ نصاب کي اهميت حاصل آهي ڇو ته نصاب کان بنا تعليم جو حصول ممڪن ئي ڪونهي پر الاءِ ڇو سنڌ جي تعليم کاتي ۾ نصاب طرف ڪوبه خاطر خواھ ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي. حالانڪ سُنڌ صوبي جي ڀيٽ ۾ ٻيا صوبا ڪنهن قدر پنهنجي نصاب تي نظر ثاني ڪن ٿا ۽ اُنهي ۾ سُڌارا آڻڻ لاءِ اُپاءُ وٺن ٿا. نصاب جي بهتر توڙي جديد هجڻ سان نئون نسل دنيا اندر نت نون تخليقن کان واقف ٿين ٿا ۽ انهن جي معيار، قدر توڙي اهميت کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا. نصاب تعليمي ۽ تربيتي حڪمت عملين جي آئوٽ لائين هوندي آهي. جن جي دائري ۾ رهي ڪري نئي نسل کي علمي، فڪري ۽ تخليقي بنيادن تي تيار ڪيو ويندو آهي.
پاڪستان جي چئني صوبن ۾ مختلف تعليمي نصاب رائج ٿيل آهي. جنهن سبب چئني صوبن جا شاگرد هڪ ٻي کي سمجهڻ ۽ هم خيال ٿيڻ کان قاصر آهن. تعليمي نصاب کي هر ٽن سالن يا پنجن سالن کان پوءِ بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن. جرمني، چين، فرانس ۽ جاپان جي حڪومت بدلجندڙ عالمي منظرنامي کي مد نظر رکندي پنهنجي نصاب کي پنهنجي ماڻهن جي سمجھ مطابق بڻايو ۽ سڄي ساري نصاب کي انگريزي ٻولي جي بجاءِ پنهنجي ملڪ جي ٻولي ۾ رائج ڪيو. جنهن جي ڪري اُتان جي ماڻهن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪائي رنڊڪ به محسوس نه ٿي ٿئي ۽ ھُو پنهنجي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ به سُٺي نموني سان ڪم ڪن ٿا.
اسان وٽ الميو اِهو آهي ته صدين کان وٺي ڪري ساڳي تعليمي نصاب جي ڪري ڪا به نواڻ نه ٿي اچي. نئي نسل جا ٻالڪ ذهني طرح مونجهارن جا شڪار ٿين ٿا ۽ انهي مونجهارن جي ڪري سندن لاڙو تعليم طرف منفي توڙي ڌڪارت وارو هجي ٿو. ايڪويھن صدي جي هن جديد دور ۾ به اسان جي نصاب ۾ ريڊيو جا فائدا پڙهايا وڃن ٿا. هاڻ سوچڻ جهڙي اِها ڳالھ آهي ته هن جديد طور ۾ ريڊيو جي اهميت ۽ ڪارج کي نصاب ۾ لکڻ ۽ شاگردن کي ياد ڪرائڻ جو ڪهڙو فائدو آهي. دنيا ريڊيو کان گهڻو اڳتي نڪري ڪري اشارن سان مشينن کي هلائڻ جي فن تائين پهچي چڪو آهي. پر اسان جي سونهاري سُنڌ ۾ تعليم کاتو اڃا به ريڊيو جا فائدا ٻڌائڻ ۾ پنهنجي ترقي سمجهي ٿو. هڪ سروري جي مطابق پاڪستان جو تعليمي نصاب دنيا جي ٻين ملڪن جي نصاب کان پنجاھ کان سٺ سال پوئتي آهي.
سنڌ جي تعليمي نظام ۾ سائنسي نصاب به فرسوده بڻيل آهي. صدين کان ساڳيا نظريا ۽ دريافتون پڙهايا وڃن ٿا. سائنسي نصاب جي اڻهوند ڪري سائنسي دنيا سان گڏ هلڻ لاءِ اسان جو شاگرد ڪو به پيش رفت نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته هُو سائنس جي دنيا ۾ آيل تبديلن کان مڪمل طرح کان اڻ واقف آهي. سنڌ جي مجموعي طور سڀني اسڪولن توڙي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سائنس جي تجربيگاهن جي کوٽ آهي. پوري سنڌ اندر اهڙو ڪوبه ادارو موجود ڪونه آهي جنهن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ته سنڌ مان به ڪي چند شاگرد سائنس جي بدلجندڙ دنيا سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ هلي رهيا آهن ۽ پاڻ مڃائي رهيا آهن. پوري سنڌ جو اِهو حال آهي. دنيا سائنس جي مدد سان هر روز نيون شيون ايجاد ڪري رهي آهي ۽ اسان اڃا تائين سائنس جي اصل وصف کان به واقف ڪونه ٿي سگهيا آهيون.
هن وقت پوري پاڪستان ۾ سڀني کان وڌ تعليم جو تناسب جنهن علائقي جو آهي اُهو علائقو آهي آزاد ڪشمير جو شهر مظفرآباد. هن علائقي ۾ تعليم جي شرع ايتري وڌ هجڻ جو سبب اِهو آهي ته اُتان جي حُڪومت توڙي مقامي ماڻهو علم جي اهميت کان واقف آهن ۽ تعليم طرف سنجيدگي وارو رويو رکن ٿا. کين خبر آهي ته تعليم کانسواءِ ترقي ممڪن ئي ڪونه آهي. مون آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪافي هوشيار شاگردن کان اُنهن جي تعليمي ڪار وهنوار بابت ڪافي معلومات ورتي آهي. جنهن ۾ مون اهو ڄاتو آهي ته اُتان جي شاگرد طبقي توڙي اُستاد طبقي جي نظر دنيا اندر نون ايجادات تي آهي. هُو هر هڪ نئي نواڻ کي قبول ڪن ٿا ۽ پاڻ کي توڙي پنهنجي معاشري کي انهي مقام تي پهچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙن ٿا. انهن جي ڀيٽ ۾ وري اسان وٽ تعليم کاتي جا عملدار توڙي اعليٰ اختيار ۽ واڳ ڌڻي سڀئي جو سڀ بس وقت کي اڳتي ڌڪڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪنهن وٽ به ڪو موثر ۽ ديرپا نتيجا ڏيندڙ ڪو پلان ڪونه آهي.
حڪومت جي اِنهي ڪن لاٽار سبب نقصان نئي نسل کي ٿي رهيو آهي ڇو ته هُو دنيا جي مڙني ڪمن ڪارن کان اڻ واقف ٿي ڪري سطعي درجي جي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. جنهن تعليم جو کيس فائدو ته بنھ گهٽ پر نقصان گهڻو ٿي رهيو آهي ڇو ته سندس وقت ۽ عمر انهي سطعي تعليم ۾ ئي کپي وڃن ٿا. وري اڳتي هلي کيس سندس تخليقي صلاحيتن تان به هٿ کڻايو ٿو وڃي. ٻوسٽ واري ماحول ۾ هجڻ سبب گهڻا شاگرد ته اعليٰ تعليم کي وقت ۽ پيسي جو ذيان سمجهندي انهي جي جاءِ تي گهر ۾ ويهڻ کي ترجيع ڏين ٿا. انهن ئي محرومين جي ڪري اسان کوڙ سارن صلاحيت يافته نوجوانن کان محروم ٿي وڃون ٿا. ان لاءِ هاڻ حڪومت کي گهڻو وقت وڃائڻ جي بجاءِ وقت ۽ حالاتن جي تقاضائن کي ڏسندي بهتر تعليمي نصاب لاءِ ماهرن جي هڪ ٽيم جوڙي ڪري نصاب کي جديد کان جديد بڻائڻ ۾ همٿ ڪن ته جئين اسان جو نصاب، هر حوالي سان هر قسم جي حساب ۽ ڪتاب سان جديد دنيا جي گهرجن تي پورو لهي سگهي.

(هي مضمون 05 جولاءِ 2019 تي ڪوشش اخبار ۾ شايع ٿيو آهي)

ادارن جي تباھ حالي ۽ نوجوانن جو مستقبل !

سنڌ جو نوجوان هن جديد دور ۾ به انيڪ مسئلن ۽ مونجهارن جو شڪار آهي. ڪجھ اهڙن مسئلن سان سرشار آهي جيڪي حل طلب آهن. سماجي، معاشي ۽ دنياوي گهرجن کي مد نظر رکي ڪري سوچجي ٿو ته ائين محسوس ٿئي ٿو هي مسئلا اڄ جي نوجوان کي نه صرف ذهني طور پريشان ڪندڙ آهن بلڪ سندس سنهري مستقبل کي به خطري ۾ آڻڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. اسان جو اڄ جو نوجوان خواھ پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل هن وقت هڪ اهم ۽ سنجيده وبا کي منهن ڏئي رهيو آهي. جنهن وبا کي بي روزگاري چئجي ٿو. اعليٰ تعليمي ادارن کان ڊگري وٺڻ جي باوجود به روزگار جو ڪو خاطر خواھ بندوبست نه هجڻ سبب اڄ جو نوجوان نفسياتي طور احساس ڪمتري ۾ مبتلا آهي ۽ سندس شخصيت نسرڻ جي بجاءِ ويڳاڻپ واري ڪيفيت ۾ مبتلا ٿيندي ٿي وڃي.
اسان جو معاشرو جهڙوڪ وقت جي تناسب سان ترقي به ڪري رهيو آهي ۽ اِنهي ترقي جي بدولت مفاصلا ڪنهن قدر گهٽيا به آهن. رابطن جا جديد وسيلا متعارف ٿيڻ کان پوءِ هر شئي تائين پهچڻ ممڪن ۽ آسان به ٿي پيو آهي پر انهي جي باوجود به روزگار جا موقعا گهٽ هجڻ يا بنھ نه هجڻ واري حالت اڄ جي تربيت يافته نوجوان جي تخليقي صلاحيتن کي ميساري رهيو آهي. مجموعي طور سنڌ جي سڀني شهرن ۾ ادارن جي کوٽ ڪونه آهن. سرڪاري ادارن کان وٺي نيم سرڪاري توڙي نجي ادارن جي هڪ ڄار وڇايل آهي. هر سال انهن ادارن مان جهجي تعداد ۾ نوجوان پنهنجي تعليمي سفر کي مڪمل ڪري پنهنجي مستقل لاءِ جاکوڙن ٿا پر انهن منجهان تمام گهٽ نوجوانن کي بهتر ۽ سندن صلاحيتن جي آڌار تي ڪا نوڪري ملي ٿي باقي اڪثريت روزگار جي ڳولا ۾ پنهنجي عمر جي حد به پار ڪري وڃن ٿا.
انهي کان علاوه تربيتي ۽ فني صلاحيتن کي نکارڻ وارا ادارا ڪنهن قدر تباھ حالي جو شڪار آهن. جنهن سبب انهن منجهان گهربل نتيجا نه ٿا ملن ۽ نوجوانن جي بهتر تربيت نه ٿي ٿئي. هڪ ته ادارن کي ڪرپشن پنهنجي لپيٽ ۾ جڪڙي وڌو آهي ۽ ٻيو ته وري انهن ساڳين ادارن ۾ ڌڙا بندي ۽ گروهن جي هجڻ سبب اُهي ادارا ڪنهن به قسم جي پيداوار ڏيڻ کان قاصر آهن. سياسي مداخلت ۽ لاتعلقي واري رويي ادارن جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. سنڌ اندر جنهن تعليمي ادارن کي اعليٰ مقام حاصل رهيو آهي اڄ انهن ئي ادارن جي سربراهن کي بدعنوانين ۽ ڪرپشن جي الزامن هيٺ معطل ڪيو وڃي ٿو. اُنهن جي ڪارڪردگي تي هزارين سوال اُٿن ٿا. سندن حڪمت عملين تي آڱريون اُڀيون ٿين ٿيون. جنهن جي ڪري ادارن پنهنجي اوسر کان محروم ٿي وڃن ٿا.
اِھڙي ٻوسٽ واري ماحول ۾ هجڻ سبب اڄ جو نوجوان نه علم ڏانهن ڌيان ڏئي سگهي ٿو ۽ نه وري ادب ڏانهن. جيڪو ڪجھ کيس نصاب ۾ پڙهايو وڃي ٿو حقيقي زندگي ۾ سڄو ڪجھ کيس اُنهي جي ابتڙ محسوس ٿي ٿو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کان شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور تائين سڀئي ادارا هن وقت بحث هيٺ آهن. هنن ادارن ۾ جيتوڻيڪ هزارن جي تعداد ۾ نوجوان علم حاصل ڪري رهيا آهن پر ڳچ عرصو گذرڻ جي باوجود هتان جي نوجوانن ڪنهن به نئي قسم جي ايجاد جو بنياد ناهي وڌو. ڇو ته کين نواڻ ڏانهن رستو ڏيکاريو ئي نه ٿو وڃي. هنن ادارن ۾ تحقيق جا سڀئي مرحلا ڪاغذن کان شروع ٿي ڪري ڪاغذن تي ئي ختم ٿين ٿا جنهن سبب نوجوان ڪجھ نئو ڪرڻ جو جذبو جهالي ئي نه ٿو. نوجوانن جي اِها حالت کين دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ هلڻ کان لاچار ڪيون ويٺي آهي.
اسان جي تعليمي ادارن ۾ نوجوانن کي بهتر مستقبل لاءِ تيار ڪرڻ بجاءِ کين مارڪن ۽ گريڊن جي دلدل ۾ ڦاسائي ڪري يرغمال ڪيو وڃي ٿو. جنهن سبب نوجوان محنت ڪرڻ کان ڪيٻائن ٿا ۽ مارڪن جي حاصل ڪرڻ کي ئي پنهنجي ڪاميابي تصور ڪن ٿا. پوءِ چاهي مارڪون کين ڪنهن سفارش تي ملن يا وري استادن کي ڪنهن تحفي ڏيڻ جي عيوض. انهن ڳالهين تي سوچڻ ۽ غور فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ابتدائي تعليم کان وٺي ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ تائين نوجوان اِنهي فيصلي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿو وڃي ته کيس ڪهڙي شعبي ۾ وڃڻ گهرجي. سندس لاءِ ڪهڙو شعبو بهتر آهي. سندس صلاحيتون ڪهڙي شعبي ۾ سُٺا نتيجا ڏئي سگهن ٿيون. خود اعتمادي جي انهي ڪمي سبب به گهڻن ئي نوجوانن جو مستقبل تباھ ٿئي ٿو. حالانڪ اِهو هڪ استاد تي فرض آهي ته هُو شاگرد جي صلاحيتن جو پنهنجي علم جي آڌار تي پرک ڪري کيس انهي صلاحيت سان لاڳاپيل شعبو تجويز ڪري ٻڌائي ته جئين اهو نوجوان هيڏانهن هوڏانهن وقت وڃائڻ جي بجاءِ وقت سر پنهنجي بهتر مستقبل جي شروعات ڪري ۽ پنهنجي صلاحيتن کي اُتي قطب آڻي.
اعليٰ تعليمي ادارن ۾ وري نياڻين سان جيڪي ڪلور ٿين ٿا انهن جو علم ته هر باشعور شخص رکي ٿو. ٻهراڙي جي هڪ ڳوٺ کان سنهري سپنن سان گڏ جيڪا نياڻي شهر ۾ اچي ڪنهن اداري ۾ داخلا وٺي ٿي ۽ پاڻ کي معاشري ۾ هلڻ جي قابل بڻائڻ جي جتن ڪري ٿي اُها ئي نياڻي انهن ادارن ۾ ويٺل بگهڙ نما استادن جي ور چڙهي ڪري ذهني طور يرغمال ڪئي وڃي ٿي ۽ پوءِ سندس لاءِ ٻه رستا ئي وڃي بچن ٿا ته هو پنهنجي عظمت جو سودو ڪري تعليم جاري رکي يا وري تعليم کي ختم ڪري پنهنجي مان ۽ مرتبي کي قائم رکي. انهن ڪشمڪش ۾ ڪافي ساريون گمراھ ٿي وينديون آهن. نياڻين جي تعليمي ادارن ۾ يرغمال ٿيڻ جا قصا اخبارن ۾ پڻ رپوٽ ٿين ٿا پر انهي سڀ ڪجھ جي هوندي به اُنهن تعليمي ادارن ۾ اهو ڪم اختتام تي نه ٿو پهچي. ساڳيون روايتون جئين جو تئين برقرار ئي رهن ٿيون.
اِهڙن معاملن جي اجاگر ٿيڻ کان پوءِ ڪافي والدين خوفزده ٿي ڪري پنهنجي نياڻين کي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ موڪلڻ کان ڪيٻائيندا آهن. جنهن سبب سنڌ اندر موجود هر هڪ اُها نياڻي جيڪا اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند هوندي آهي سا نياڻي علم جي زيور کان محروم ٿي وڃي ٿي. ادارن جي تباھ حالي ۽ هر روز انتشارن جي ور چڙهڻ سبب مڊل ڪلاس جو فرد به پنهنجي اولاد کي يونيورسٽي نه ٿو موڪلي. مقامي سطع تي اسڪول يا ڪاليج ۾ ڪجھ درجا تعليم جا پڙهائي ڪري سندس لاءِ ڪنهن هنر يا ڌنڌي جو بندوبست ڪري ٿو ڇو ته کيس اهو خيال مڪمل طرح سان ذهن ۾ هوندو آهي ته منهنجو اولاد خواھ نياڻي يا پُٽ، پڙهي ڪري ڇا ڪندو. کيس ڪهڙي نوڪري ملڻي آهي. ڇو ته هن دور ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ به ڪنهن جهاد کان گهٽ ڪونه آهي. انهن سڀني معاملن جي تنازع ۾ وري به نقصان انهي نوجوان جو ٿئي ٿو جنهن ۾ فطري طور ڪجھ ڪرڻ يا ڪجھ ٿي ڏيکارڻ جو جذبو هوندو آهي. سندس سڀئي خواب ساڀيان ماڻڻ بجاءِ وقت کان اڳي بي موت مري وڃن ٿا.

(هي مضمون 10 جولاءِ 2019 تي ڪوشش اخبار ۾ شايع ٿيو آهي)

تعليمي نصاب ڪيئن هجڻ گهرجي !

تعليم جي سرشتي کي اڳتي وڌائڻ توڙي اُنهي کي هلائڻ ۾ نصاب جو اهم ڪردار هوندو آهي. جيڪڏهن تعليمي نصاب فرسوده ۽ وقت جي مناسبت سان جديد نه هوندو ته يقينن اهو نصاب لاڀائتو نه ٿي سگهندو ۽ اُن مان مطمئن ڪندڙ نتيجا به اخذ ڪونه ڪري سگهبا. سنڌ جي تعليمي نصاب جي حوالي سان حالانڪ کوڙ ساريون ڳالهيون ڌيان طلب آهن جنهن ۾ سڀني کان اهم ڳالھ اِها آهي ته تعليمي نصاب ڪئين هجڻ گهرجي. تعليمي نصاب ۾ ڪهڙيون شيون ڪهڙي درجي ۾ شامل هجن ۽ ڪهڙن شين کي مستقل بنيادن تي نصاب جو حصو بڻائجي ۽ ڪهڙن شين کي نصاب ۾ عارضي بنيادن تي جڳھ فراهم ڪجي. پاڻ وٽ الميو اِهو آهي ته نصاب جي بهتري لاءِ تعليم کاتي وٽ نه ئي ڪي ڪنهن ماهرن جي ڪا ٽيم تشڪيل ڏنل آهي ۽ نه ئي وري تعليمي نصاب جي حوالي سان سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ مان ڪنهن قابل توڙي هوشيار اُستادن کان ڪي تجويزون ورتيون وڃن ٿيون. هر سال نصاب جي ترتيب ڏيڻ مهل تعليم کاتو حڪومت سنڌ پنهنجي مرضي سان نصاب جوڙي ڪري سنڌ اندر تعليمي ادارن کي ڪتاب فراهم ڪري ٿي ۽ اڪثر دفعا ائين به ٿيو آهي ته انهي پنهنجي مرضي واري روايت سبب تعليمي نصاب ۾ ڪافي غلطين جي نشاندهيون به ٿيون آهن ۽ اُنهن جي درستگي بابت سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان انهن سبجيڪٽن سان لاڳاپيل اُستادن پنهنجون تجويزون سوشل ميڊيا توڙي اخبارن وسيلي سرڪار تائين پهچايون به آهن ليڪن تعليم کاتي حڪومت سنڌ پاران انهن معاملن تي نه ڪڏهن ڪا سنجيدگي اختيار ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن انهن معاملن کي غور طلب آندو آهي جنهن سبب نصاب ۾ ڪوتاهيون جئين جو تئين ئي برقرار رهنديون اچن ٿيون.
تعليمي نصاب جي حوالي سان پاڻ جڏهن پرائمري ڪلاس جي نصاب جو جائزو وٺون ٿا ته پاڻ کي اِهو احساس ٿي ٿو ته پرائمري جي ٻار جي لاءِ جيڪو نصاب ترتيب ڏنو ويو آهي اُهو سڄو سارو نصاب ٻار جي عمر ۽ ذهن کان ڪنهن قدر مٿي ليول جو آهي. پرائمري جي ٻار لاءِ بنيادي سکيا واري مرحلي ۾ پهريان کيس پنهنجي ٻولي جا بڻ بنياد يعني الفابيٽ ۽ انهي الفابيٽ جي لفظن جي مختلف شڪل و صورت سمجهائڻ خاطر سبق ترتيب ڏنا وڃن. انهي کان پوءِ ٻين ٻولين جهڙوڪ اڙدو ٻولي ۽ انگريزي ٻولي جا الفاظ سمجهائڻ ۽ انهن جي درست استعمال جا طور طريقا سمجهايا وڃن ته جئين ٻار ٻولي واري معاملي ۾ ڪنهن قدر ڪٿي به مونجهاري جو شڪار نه ٿي. ڇو ته سنڌي الفابيٽ ۾ ڪجھ اهڙا اکر به آهن جن جو آواز هڪ جهڙو آهي. انهي آواز جي هڪ جهڙائي جي ڪري اسان جا ڪافي شاگرد اصل لفظ جي بجاءِ ٻيو لفظ لکي ٿا ڇڏين ۽ لفظن جو اِهو مونجهارو سندن ذهن مان ختم ئي نه ٿو. اڳتي هلي ڪري لکڻ واري معاملي ۾ کين کوڙ سارين غلطين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جنهن سبب سندن پڙهائي به متاثر ٿئي ۽ هو شين کي پنهنجي اصلي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ سمجهڻ کان به قاصر رهن ٿا.
اِنهي کان پوءِ سيڪنڊري درجي جي نصاب ۾ ٻولي سان گڏوگڏ سائنس ۽ حسابن واري سبجيڪٽ يعني مئٿميٽڪس کي شامل ڪيو وڃي. ڇو ته سيڪنڊري درجي جو ٻار هن عمر ۾ سائنس کي سمجهڻ جيترو عقل رکي ٿو ۽ کيس حساب ڪتاب به سمجھ ۾ اچڻ شروع ٿيندا. جڏهن ٻار ذهني طور بالغ ٿيڻ شروع ٿيندو ۽ کيس لفظن توڙي انگن اکرن جي سُڃاڻپ پرائمري جي درجي ۾ ئي سکڻ لاءِ ملي ويندي ته هُو سيڪنڊري ڪلاس ۾ پهچڻ شرط علم جي حاصل ڪرڻ کي بهترين مشغلو سمجهندي اُنهي مان لطف اندوز ٿيندو ۽ سندس دلچسپي پڙهڻ طرف به وڌڻ شروع ٿيندي. پاڻ وٽ تعليمي نصاب ڪجھ انهي طرح جو جُڙيل آهي جو ٻار کي شروعاتي ڪلاسن ۾ ئي سوشل سائنس، اسلاميات ۽ جنرل ناليج جهڙا سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا. ظاهري ڳالھ آهي هڪ ڪچو دماغ عمر جي انهي حد ۾ مڪمل طرح سان نه سماجي اڀياس کي سمجهي سگهندو. نه اسلاميات جي اهميت کي سمجهي سگهندو ۽ نه ئي کيس جنرل ناليج جهڙو خُشڪ سبجيڪٽ سمجھ ۾ ايندو. هي سبجيڪٽ کيس فائدو ڏيڻ بجاءِ سندس ذهني مونجهارن ۾ اضافو ڪندا ۽ سندس دلچسپي تعليم طرف وڌڻ بجاءِ گهٽجڻ لڳندي.
انهي نموني وري اعليٰ درجن جهڙوڪ يارهون ۽ ٻارهو سميت يونيورسٽي جي سطع تي شاگرد لاءِ نصاب ۾ سوشل سائنس سان گڏ ڀلي اسلاميات ۽ جنرل ناليج جا سبجيڪٽ رکيا وڃن. ڇو ته عمر جي هن حد ۾ ٻار ايتري سمجھ جي قابل ٿي ويندو آهي جو هو سماجي سرشتي کي سمجهڻ سان گڏ مذهبي معلومات جي اهميت ۽ ضرورت کي سمجهي سگهي. انهي سان گڏوگڏ ملڪي توڙي غير ملڪي معلومات کي به سمجهڻ جو فهم حاصل ڪري وٺندو آهي. يونيورسٽي سطع تي وري شاگردن لاءِ انهن جي صلاحيتن کي نکارڻ لاءِ نصاب ۾ پريڪٽيڪل ڪم کي ٿيوري کان وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ڇو ته يونيورسٽي کان پوءِ شاگرد کي عملي زندگي جي شروعات ڪرڻي هوندي آهي. انهي لاءِ کيس پنهنجي شعبي ۾ عملي زندگي لاءِ تيار ڪجي. پاڻ وٽ وري نصاب ڪجھ اهڙو آهي جو يونيورسٽي تائين پهچڻ کان پوءِ به شاگرد جي مٿان ڪتابن جا انبار ياد ڪرڻ جو ڪم رکيو ٿو وڃي. انهي معاملي ۾ يونيورسٽي جا اُستاد به هِتان هُتان ڪري انٽرنيٽ توڙي ٻين وسيلن کان گهربل معلومات هٿ ڪري شاگردن کي نوٽسن جا انبار مٿي ۾ هڻي ٿا ڇڏين جنهن سبب شاگرد جي پنهنجي سوچ نسرڻ بجاءِ هڪ جاءِ تي دٻجي وڃي ٿي ۽ اُن کي ڇھ ماهي توڙي سالياني امتحان ۾ ويهڻ توڙي پاس ٿيڻ لاءِ ڪافي ڪاڳر ياد ڪرڻا پون ٿا.
ٿيندو ڪجھ ائين آهي ته اعليٰ تعليمي سطع تي جيڪو ڪجھ پڙهايو ويندو آهي عملي زندگي ۾ وري سڄو ڪجھ اُنهي جي ابتڙ هوندو آهي. هر هڪ شعبي جو اِهو حال آهي. عملي زندگي ۾ پير پائڻ کان پوءِ شاگرد کي خبر پوندي آهي ته هتي ته سڄو سارو معاملو ئي بنھ الڳ آهي ۽ اُتي وري پنهنجو مقام ٺاهڻ لاءِ کيس الڳ سان محنت ڪرڻي پوندي آهي. ان لاءِ جيڪڏهن شاگرد کي پنهنجي شعبي جي مناسبت سان اڳواٽ ئي ڪافي شيون پڙهايون وڃن ۽ سمجهايون وڃن ته پوءِ شايد انهي کي ڪابه تڪليف، ڪو به مونجهارو نه ٿي ۽ ھُو پنهنجي شعبي ۾ سُٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب وڃي. اسان وٽ نصاب جي ترتيب ڏيڻ کان وٺي نصاب جي لاڳو ڪرڻ تائين جيڪي به فرد شامل آهي اُنهن واڳ ڌڻين کي سنڌ جي اصلوڪين حالتن، معاشرتي صورتحال کان وٺي شاگرد جي مجبورين ۽ حالاتن جي قطعي به خبر ڪونه آهي جنهن سبب هو هميشه نصاب ترتيب ڏيڻ مهل پنهنجي ذاتي سوچ کي اوليت ڏيندي اهڙو نصاب تيار ڪندا آهن جنهن مان اِهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته هُو نصاب کي جديد دور جي تقاضائن تي پورو لهندڙ بڻائي رهيا آهن حالانڪ ائين قطعي ڪونه آهي. اسان جو سڄو سارو تعليمي نصاب نئي سر ترتيب طلب ڪري رهيو آهي ۽ وقت جي حالاتن ۽ تقاضائن جي پڻ اِها گهرج آهي ته نصاب کي شاگرد جي عمر، ذهن معيار ۽ مقدار موجب ترتيب ڏئي تيار ڪيو وڃي ته جئين انهي مان سُٺا نتيجا حاصل ڪري سگهجن.

(هي مضمون 14 جولاءِ 2019 تي روزاني اڳواڻ اخبار حيدرآباد ۾ شايع ٿيو آهي)

اُستاد، اسڪول ۽ معاشري جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو !

تعليمي نظام تي نقطا چيني ڪرڻ انتهائي سولو ڪم آهي. تعليم کاتي جي تباھ ڪارين تي تبصرو به سولي نموني ڪري سگهجي ٿو. پر پاڻ وٽ الميو اِهو آهي ته پاڻ ڪنهن به شعبي توڙي کاتي جي اندورني معاملن کان اڻ واقف هوندي اُنهي شعبي تي تنقيد جا تير وسائڻ جا ماهر آهيون. اِهڙي نموني هن وقت پوري سنڌ اندر تعليم کاتي جي ڪجھ ٻاهرين معاملن ۽ سوشل ميڊيا تي عام ٿيندڙ تصويرن جي بنياد تي اُستادن جي شخصيت تي انتهائي غير مهذب نموني سان ڳالهيون لکيون وڃن پيون. ڪوبه فرد اِهو نه ٿو سوچي ته آيا اُستاد جون بنيادي ضرورتون ڪهڙيون آهن. اُستادن سان ڪهڙا مسئلا درپيش آهن. اُستاد، اسڪول ۽ معاشري جو پاڻ ۾ ڪهڙو ڳانڍاپو آهي. اُستاد، اسڪول ۽ معاشري جي سهڪار سان ڪهڙي نموني پنهنجا فرض سُٺي نموني سان سر انجام ڏئي سگهي ٿو.
تعليم جو سڄو نظام هنن ٽنهي پهلوئن جي سهڪار سان ئي پايا تڪميل تائين پهچي ٿو. انهي لاءِ پاڻ هتي هنن ٽنهي بنيادي پهلوئن کي جانچڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ اهو معلوم ڪنداسين ته آيا اُستاد، اسڪول ۽ معاشرو ڪهڙي نموني هڪ سُٺو تعليمي نظام جوڙي سگهن ٿا. اُستاد هن خودڪار نظام جو پهريون ۽ بنيادي پهلو آهي. اُستاد جي نه هجڻ سان نه ئي تعليم جو سلسلو پورو ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي تدريسي مرحلو مڪمل ٿي سگهي ٿو. اُستاد لاءِ اِهو بنھ ضروري آهي ته هُو پنهنجي لاڳاپيل عنوان تي مڪمل نموني عبور رکندڙ هجي ته جئين اُن جا شاگرد انهي مان مڪمل طرح سان مستفيد ٿي سگهن ۽ سندن تعليمي سفر ڪامياب نموني سان مڪمل ٿي سگهي. اُستاد جي شخصيت نفيس هجڻ سان گڏوگڏ شفيق به هجي. ڇو ته اڪثر شاگرد پنهنجي والدين جي بجاءِ گهڻو ڪري پنهنجي اُستاد جي پيروي ڪندا آهن. اُستاد کي آئيڊيل تصور ڪندي انهي جي ٻڌايل واٽ تي عمل پيرا ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اِن لاءِ اُستاد پنهنجي پيشي سان جيترو سچو، مخلص ۽ سنجيده هوندو اُنهي جي شاگردن جي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان به انهي آڌار تي وڌيڪ ثابت ٿيندا.
اُستاد کان پوءِ ٻيو اهم پهلو آهي اسڪول. جتي تدريسي عمل جُڙي ٿو ۽ شاگرد پڙهن ٿا. اسڪول جيتري قدر صاف سُٿرو، جديد کان جديد تر ۽ نظم و ضبط جي حوالي سان اصول تي قائم ٿيل هوندو. اُتي اُستاد سان گڏوگڏ شاگردن کي به تعليم حاصل ڪرڻ ۾ فرحت محسوس ٿيندي ۽ کين ڪنهن به قسم جي بوريت نه ٿيندي. شاگردن جو من تعليم طرف وڌڻ لڳندو ۽ ھُو تعليم حاصل ڪرڻ کي ٻين سڀني معاملن کان اهم سمجهندا. انهي لاءِ ضرورت انهي ڳالھ جي آهي ته اسان جي سنڌ اندر موجود سڀني اسڪولن، خواھ پرائمري کان سيڪنڊري تائين، اسڪول بنيادي سهولتن سان سرشار هجن. انهن اسڪولن ۾ راند روند لاءِ ميدان، پڙهڻ لاءِ لائبريري ۽ تجربا ڪرڻ لاءِ، سائنس ليبارٽريون ميسر هجن ته جئين شاگرد پنهنجي مليل وقت ۾ پنهنجي صلاحيتن جو درست استعمال ڪندي انهن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ۽ پنهنجي پڙهائي واري مرحلي کي ڪاميابي سان پايا تڪميل تائين پهچائي سگهن. هن وقت مجموعي طور سنڌ اندر سڀئي اسڪول راندين جي ميدان کان وٺي، لائبريري توڙي سائنس ليبارٽرين جي سهولت کان محروم آهن. جنهن سبب شاگردن جي پڙهائي ڪنهن حد تائين متاثر ٿئي پئي ۽ مطمئن ڪندڙ نتيجا پاڻ کي نه ٿا ملن جنهن سبب معاشري جي هر عام و خاص ماڻهو جو اعتماد سرڪاري اسڪولن تان ختم ٿيندو ٿو وڃي.
هاڻ سوچڻ جهڙي اِها ڳالھ آهي ته جڏهن اُستاد هڪ طرف معاشري جو انتهائي مظلوم فرد سڏجي ٿو ۽ ٻي طرف وري بنيادي سهولتن جي اڻاٺ سبب هو ڪهڙي نموني سُٺا نتيجا ڏئي سگهندو. اسان کي اهو سمجهڻ کپي ته هڪ اُستاد تڏهن ئي بهتر نتيجا فراهم ڪري سگهي ٿو جڏهن اُن کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ هڪ موثر ماحول فراهم ڪيو وڃي. اعليٰ تعليمي ادارا پنهنجي اُستادن کي هر هڪ سهولت فراهم ڪن ٿا ۽ اُنهي کان پوءِ ئي انهن مان سُٺي ڪارڪردگي جي اميد ڪن ٿا. پاڻ وٽ تعليم جي وزير کان وٺي ڪري عام توڙي خاص ماڻهو جو پارو استادن تي گرم ٿئي ٿو ۽ اُهي تعليم جي تباهي جو مکيه سبب استاد کي سمجهن ٿا ليڪن ائين آهي ڪونه. استاد اڪيلو ڇا ٿو ڪري سگهي. پنهنجا ٻچا پالي، پنهنجو پيٽ گذر ڪري يا پنهنجي شعبي ۾ سُٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. اُستادن تي ڪاوڙ ڪرڻ بجاءِ انهن جي ضرورتن کي سمجهڻو پوندو تڏهن ئي وڃي ڪري اسان کي مڪمل ڪهاڻي سمجھ ۾ ايندي.
هن نظام جو ٽيون پهلو آهي معاشرو. معاشرو جيترو سُڌريل هوندو اُتي تعليمي نظام اوترو ئي بهتر هوندو. جديد دنيا جي سُڌريل ملڪن جهڙوڪ چائنا، آمريڪا، جاپان ۽ ملائشا وغيره ۾ سُٺا معاشرتي اصول قائم ٿيل آهن جن جي بنياد تي اُتان جو معاشرو پنهنجي واڌ ويجھ ڪري ٿو. اِنهي برعڪس اسان وٽ نه ئي ڪي معاشرتي اخلاق اعليٰ آهن ۽ نه ئي ڪي سُٺا ۽ فائدو ڏيندڙ معاشرتي اصول. جنهن سبب صدين کان وٺي ڪري اسان جو معاشرو پنهنجي ترقي واري مرحلن کي پار ڪرڻ کان قاصر آهي. هڪ اُستاد کي اڳتي وڌڻ لاءِ ۽ پنهنجي اسڪول کي بهتر بنائڻ لاءِ معاشري جي سهڪار جي خاص ضرورت هوندي آهي. معاشري ۾ رهندڙ هر هڪ فرد تي اِها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هُو پنهنجي آس پاس توڙي ويجهي مٽ مائٽن کي انهي ڳالھ تي آماده ڪري ته تعليم سان ئي ترقي ممڪن آهي. تعليم کان بغير ترقي ممڪن ئي ڪونه آهي. اسان معاشرتي اصولن جي پائداري نه ڪندي نه صرف پاڻ کي نقصان ڏنو آهي بلڪ هر هڪ شعبي کي تباھي تائين پهچائي ڇڏيو آهي. پوءِ ڀلي کڻي ڇو نه اُهو شعبو تعليم جو هجي، صحت جو هجي يا وري قانون توڙي زراعت جو هجي. اسان وٽ گهڻي تڻي ٽيڪا ٽپڻي يا بحث مباحثا تعليم جي شعبي تي ڪيا ويندا آهن ڇو ته هي شعبو باقي ٻين شعبن جي خلقڻهار شعبو آهي. هي شعبو جيترو قدر جديد گهرجن تي پورو لهندو تئين ئي ٻيا شعبا هن جي بهتر هجڻ واري عنصر کان فائدو وٺندي پنهنجي ترقي جون منزلون طئي ڪندا.
اِن لاءِ پاڻ کي اُستاد، اسڪول ۽ معاشري واري ڳانڍاپي طرف ڌيان ڏيڻو آهي ۽ اهو سوچڻو آهي ته هي ربط جيڪو هنن ٽنهي پهلوئن جو پاڻ ۾ صدين کان قائم هو انهي ربط جي ٽٽڻ کان پوءِ انهي کي ڪهڙي نموني بحال ڪجي ۽ ان مان ڪئين فائدو حاصل ڪري سگهجي. جڏهن اُستاد، اسڪول وڃڻ ۽ اسڪول ۾ رهڻ کي پنهنجي اولين ترجيع ۾ شامل ڪندو ته يقينن اُنهي وقت معاشري جو هر هڪ فرد انهي اُستاد سان پاڻ کي سلهاڙڻ جي ڪوشش ڪندو. سندس واکاڻ ڪرڻ شروع ڪندو. سندس هر هڪ تعليمي تقريب ۽ گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪندو. سرڪاري اسڪولن جي وڃايل اعتماد هڪ دفعو ٻيهر بحال ٿيڻ شروع ٿيندو. جڏهن اِهي سڀئي معاملا درجا به درجا پار ٿيڻ شروع ٿيندا ته اميد اٿم ته سرڪاري اسڪول بهتر کان بهتر ۽ گهربل نتيجا فراهم ڪندا. جن نتيجن تي بنياد تي اسان جو ايندڙ نسل ترقي ڪرڻ شروع ڪندو ۽ هن سائنسي دور ۾ جديد دنيا جي تقاضائن تي پورو لهڻ شروع ڪندو ۽ علم جي روشني جو سج هن ڌرتي سان گڏ ذهنن کي به سجاڳ ڪندو.

بيڪ ٽائيٽل رايو

يوسف جميل لغاري، تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت ڪتاب لکي ڏاڍو ڪارائتو عمل ڪيو آهي. هن جو تعلق سنڌ جي اهم ضلعي خيرپور جي تعلقي ٺري ميرواھ سان آهي. خيرپور کي اڳي رياست جو درجو مليل هو ۽ ان وقت به هتي ڪيترائي اسڪول کليا هئا ۽ تعليم جو معيار ڪافي بهتر هو. مان هن ضلعي ۾ ٻن سالن تائين تعليم جي ضلعي عملدار جي حيثيت سان خدمت ڪندو رهيو آهيان ۽ پنهنجي وَس آهر تعليم جي سلسلي ۾ سُڌار ۽ واڌارا به ڪيا. يوسف جميل لغاري جو والد جميل احمد لغاري به تعليم کاتي جو سپروائزر رهيو. سندس رويو ڏاڍو سٺو رهيو ۽ هو تعليم دوست رهيو آهي. سندس اولاد مان به اُهي عڪس ۽ اولڙا نظر اچن ٿا. يوسف جميل لغاري کي الله سائين لکڻ جي ڏات ڏني آهي. هن جڏهن B.Ed (Hons) پي ڪئي ته ان دوران پڻ تعليم، نصاب ۽ امتحاني سرشتي بابت ڪيترائي تنقيدي ۽ تخليقي سوال سوشل ميڊيا تي اٿاريندو رهيو آهي. جن جا لاڳاپيل جواب آئون کيس ڏيندو هيس ۽ سندس تعليم بابت معياري تجويزون کي لاڳاپيل فورمن تي به اٿاريندو هيس ۽ وس وارن اختيارن تائين پڻ پهچائيندو هوس. هن ۾ ڪجھ ڪرڻ جي تڙپ آهي. هُو هڪ سُٺو سماج سُڌارڪ نوجوان آهي. سچ ته اهڙا ئي تعليم ۽ سماج سان ڪميٽيڊ ماڻهو سنڌ جو روشن مستقبل آهن. يوسف جميل لغاري جو هي ڪتاب وقتائتو ۽ ڪارائتو آهي. ڪتاب ۾ تعليم ۽ سکيا جي نفسياتي ۽ فلسفياتي پهلوئن بابت ڪافي ڏاهن ۽ فلاسافرن جي راين جي روشني ۾ اُپٽار ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ ارسطو ۽ افلاطون جي فلسفي کان وٺي بلوم ۽ گاڊنر جي سکيا جا نظريا به شامل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ مختلف تعليمي مسئلن بابت بحث ڪيو ويو آهي. تعليمي نظام بابت به تجويزون ۽ رايا ڏنا ويا آهن. اميد ته هن ڪتاب مان هلندڙ دور جا اُستاد ۽ مستقبل لاءِ تيار ٿيندڙ اُستاد به لاڀ حاصل ڪندا. اميد ته يوسف جميل لغاري جيان سنڌ جي تعليم سان پيار ڪندڙ ٻيا ماڻهو به اڳتي اچي هن قسم جا ڪتاب تعليم کاتي کي ڏيندا ۽ سنڌ جي تعليمي نظام کي بهتر بنائڻ ۾ مددگار ٿيندا.

[b]غلام اصغر ميمڻ
[/b]ڊائريڪٽر
ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيولم، اسسمينٽ ۽ ريسرچ سنڌ ڄامشورو