ڪھاڻيون

آکاڻي – ۲

سنڌ جي چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪارن جي چونڊ ڪهاڻين ۽ عالمي ادب مان چونڊ ڪهاڻين جي ترجمن تي مشتمل آکاڻي سيريز جو سهيڙيندڙ ستار پيرزادو آھي.
ھن ڪتاب ۾ حميد سنڌي، رسول ميمڻ، ستار پيرزادي، جان خاصخيلي، امرلال هنگوراڻي، آسانند مامتورا، شمس نورالدين، ثميره زرين، گورداس واڌواڻي، موهن ڪلپنا جون لکيل سنڌي ڪهاڻيون شامل آھن، جڏھن تہ پرڏيهي ادب مان خليل جبران، سعادت حسن منٽو، موپاسان ۽ گرهام گرين جون ڪهاڻيون شامل آھن جن جو سنڌي ترجمو ستار پيرزادي، ولي رام ولڀ، جيوت چاولا ۽ ميمڻ علي بخش ڪيو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 1148
  • 364
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book آکاڻي – ۲

حق ۽ واسطا

ڪتاب: آکاڻي – 2 (سلسليوار)
سهيڙيندڙ : ستار پيرزادو
ڇپائيءَ جو سال: آڪٽوبر 2006ع
ڪمپوزنگ : اسلم کٽياڻ،
سنڌ ڪمپيوٽرز ڪمپوزرس،
موبائل : 0302-3499833
قيمت : 50 روپيا
پاڪستان ۾ سال لاءِ : 200 روپيا
پاڪستان کان ٻاهر : 20 آمريڪي ڊالر (پوسٽ خرچ سميت)
ڇپائيندڙ: سنڌ ادبي اڪيڊمي
رابطي لاءِ : آکاڻي، سلسليوار
سامهون ايف -ٽي- سي- بلڊنگ
ايبيسينيا لائينس، مبارڪ شهيد روڊ،
ڪراچي.
فون : 021- 2782597
موبائل : 0345- 2317417

ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com


(ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.)

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”آکاڻي 2“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌ جي چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪارن جي چونڊ ڪهاڻين ۽ عالمي ادب مان چونڊ ڪهاڻين جي ترجمن تي مشتمل آکاڻي سيريز جو سهيڙيندڙ ستار پيرزادو آھي.

ھن ڪتاب ۾ حميد سنڌي، رسول ميمڻ، ستار پيرزادي، جان خاصخيلي، امرلال هنگوراڻي، آسانند مامتورا، شمس نورالدين، ثميره زرين، گورداس واڌواڻي، موهن ڪلپنا جون لکيل سنڌي ڪهاڻيون شامل آھن، جڏھن تہ پرڏيهي ادب مان خليل جبران، سعادت حسن منٽو، موپاسان ۽ گرهام گرين جون ڪهاڻيون شامل آھن جن جو سنڌي ترجمو ستار پيرزادي، ولي رام ولڀ، جيوت چاولا ۽ ميمڻ علي بخش ڪيو آھي.

آکاڻي سيريز جي ڪڙيءَ جو ھي ٻيو ڪتاب آڪٽوبر 2006ع ۾ سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ڊاڪٽر اي ڪي پنجواڻي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.

ساٿ سلامت سنڌ سلامت


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

شعور

شعور ۽ ڏاهپ جا هڙئي رستا ادب جي نڪتي کان نڪرن ٿا. جو ادب، زندگيءَ جي سنوار، حسن ۽ انسانيت جي لاءِ هوندو، اهو ئي زندگيءَ جي بهتريءَ جي حاصلات ڏانهن وڌڻ جي رهنمائي ڪندو. ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ادب تخليق ڪرڻ جي به ضرورت محسوس ڪئي ويندي آهي، جيڪو معاشري جي اوڻاين ۽ ڪوجهائين کي عوام جي آڏو آڻڻ ۽ ان جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان کي سڌارڻ سنوارڻ لاءِ ڪي گس ڏيکاري سگهي يا ڏسُ ڏئي سگهي. اهڙي ادب کي معاشري ۾ وڏي اهميت حاصل ٿيندي آهي.
اهڙو ادب تخليق ڪرڻ لاءِ وري به تخليق ڪار کي علم جي لاٽ سان جرڪندڙ واٽ جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي. اڄ اسان جن اديبن کان متاثر آهيون يا متاثر ٿيون ٿا، انهن جي ذهنن ۾ ڪنهن به قسم جي لالچ جو عمل دخل نه هو، هنن جو ڪم هو معاشري جي ڀلائيءَ لاءِ جو ڪجهه بهتر آهي اهو لکڻ ۽ هو ؛ ان تي پوري توجهه ۽ پنهنجي سگهاري سوچ وسيلي ادب تخليق ڪري پنهنجي دؤر جي عوام جي لاءِ پنهنجي پوري سچائيءَ ۽ صدق سان لکيو. جنهن مان شعور حاصل ڪري، ڪيترائي اديب بين الاقوامي معاشري کي سنوارڻ لاءِ سندرو ٻڌي عمل جي ميدان ۾ نڪري نروار ٿيا. انهن جا نالا ڳڻائڻ ضروري نه آهن. ادب سان واسطو رکندڙ ۽ ڪتابن سان ياراني رکڻ وارا ڀليءَ ڀت ڄاڻ رکن ٿا.
شعور ۽ ڏاهپ جي حاصلات خاطر پاڻ کي اهڙو ادب پڙهي، پُرجهي ۽ پُرجهي پير کڻڻ خاطر اهڙي سنجيده ادب جي چونڊ ڪرڻي پوندي. اهو ئي سبب آهي جو اسان پنهنجي سنڌي عوام کي پنهنجي ادبي وڏڙن ۽ ڏاهن جي گس جا ڏس ڏيڻ لاءِ ’آکاڻي‘ نالي هي سلسلو شروع ڪيو آهي. جنهن جو پهريون سلسلو اوهان ضرور پڙهي چڪا هوندا، اسان کي ان سلسلي تي اوهان جي بي ريا راءِ جو اوسيئڙو رهندو. جنهن جي لاءِ اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته اسان پنهنجي وس ۽ وت آهر جيڪو ڪجهه ڪري سگهون ٿا ضرور ڪريون ۽ ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو اٿئون. پر اسان اوهان مان به اها اميد رکڻ جي خواهش رکون ٿا ته اسان جي ان ڏس ۾ پنهنجي املهه آکاڻين موڪلڻ سان مدد ڪريو، جيئن هن سلسلي جي لاٽ ڪا روشن واٽ ڏسي وجهي، ته اسان جي اکين جا اوجاڳا ۽ ڪراچيءَ جي ٿڪائيندڙ جاکوڙ ثاب پوي.
سنڌ ۽ سنڌي ادب وسيلي شعور ۽ ڏاهپ جا ڏيئا جن شخصيتن ٻاري، نوجوان نسل لاءِ واٽ کي روشن رکڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي. انهن جي به ڪا ٿوري ڳڻپ نه آهي. وري به اهو ئي چئجي ته انهن جا نالا ڳڻائڻ ضروري نه آهي. پر ويجهي ماضي ۽ حال حيات اهڙين شخصيتن مان هڪڙي شخصيت سائين محمد ابراهيم جويو جي به آهي. سائين جويو هن سال ڏاهپ جا ڏس ڏيندي 91 سال پورا ڪري 92 سال جي عمر ۾ پير پائي چڪا آهن،12آگسٽ سندن ڄمڻ جو ڏينهن آهي. سندن شخصيت، ڄاڻ، روشن خيال ادبي، خدمتن تي لکڻ ويهبو ته هر موضوع تي هڪ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. پاڻ سنڌ جي نوجوان نسل کي تعليم کان ويندي ادبي ڏاهپ جا ڏس ڏيڻ تائين ڪڏهن به نه ڪيٻايو آهي. انهن خدمتن جي روشني ۾ هو به جوڳو مان لهڻي. آکاڻي سلسلي جو سٿ کيس 92 سال ۾ پير پا--ئڻ تي واڌايون آڇي ٿو ۽ اميد ٿو رکي ته اهي ضرور قبول پونديون.

[b]ستار پيرزادو
[/b]تاريخ: 10 آڪٽوبر 2006

ڪھاڻيون

---

اکڙيون ميگهه ملهار: حميد سنڌي

اهو هڪڙو وڏو گهر هو، جنهن ۾ ڪيئي ڪٽنب ميٺ محبت سان گڏ رهندا هئا. مان ان وڏي گهر ۾ نپجي، سڀني ڪٽنبن جو پيارو ۽ لاڏلو نينگر ٿي وڏو ٿيس. ان گهر جا ٻه اهم اهڃاڻ هئا، هڪ ته داخل ٿيڻ وقت ڏيڍي ٽپڻ لازم هو ۽ هن ڏيڍيءَ ۾ ڪيئي ورَ وَڪَڙَ هئا، جيڪي عام ڏيڍين ۾ نه هوندا آهن. شروع ۾ ئي هڪ ڏيڍي اها هئي، جيڪا ورهائجي ٻن ڏيڍين م تبديل ٿي ويندي هئي. اڳتي هلي اسان واري ڏيڍي ورَ وَڪڙَ کائيندي وڃي وڏي اڱڻ ۾ پهچندي هئي. جتان ان وڏي حويلي جهڙي گهر جا عجيب نظارا پسبا هئا. ڪرت وارا، قرب ونڊڻ وارا، کل خوشيءَ وارا، جيڪي نه رڳو اڱڻ جو مَرڪُ هئا پر شاهي ڊگهو ورانڊو جنهن ۾ گهر ننڍڙيون ۽ وڏڙيون واندڪائيءَ ۾ ڪچهري به ڪنديون هيون ته ڪي چلم مان بڙ ڪاٽ ڪڍندي مسئلن جا سڳا سورينديون هيون. وڏڙا ڪم ڪار لاهي ايندا هئا ته روٽي پاڻيءَ سان گڏ سندن ڳالهين ۽ چلم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا هئا.
ان گهر جو ٻيو وڏو اهڃاڻ، گهر جي وڏي منهنجي ڏاڏي سونل هئي، جيڪا سنئين سڌي، بنا ڪنهن وَرَ وَڪڙَ جي سنئين راند سوٽي واريءَ ۾ يقين رکندي هئي. هن جا فيصلا سڀني ڪٽنبن ۾ وڏي خاندان لاءِ هڪ قانون جو درجو رکندا هئا. پاڻ ۾ سڱن پنڌن جا معامرا هجن يا ننڍن جهيڙن جهٽن جا فيصلا هجن، يا ڪنهن ٻاهرين ڪٽنب سان پير کڻجي يا نه ؛ سندس حڪم اٽل هوندو هو. چون ايئن ٿا ته اسان جو ڏاڏو مرحوم جيڪو هن خاندان جو وڏو هو، تنهن جو حڪم به ايئن نه هلندو هو، جيئن ڏاڏي سونل جو حڪم. سندس ڌاڪو به ڌاڪو هو، جو ڏاڏو سائين سندس سامهون ماٺ ٿي ويندو هو، ڏاڏي سونل جي مک تي دَيا ۽ ارادي جي پختائي واسو ڪري ويندي هئي، ۽ خاص طرح جنهن وقت فيصلي جو وقت هوندو هو يا ڪنهن سان اختلاف ڪرڻ جو وقت هوندو هو . پر سندس حياتيءَ ۾ ڪيترا اهڙا واقعا به پيش آيا، جيڪي ڪي قدر سندس مرضيءَ جا نه هئا ته کيس ڪڏهن ان جو ڏک به ٿيندو هو. ماسي آسيت ڪاسائڻ جو صدمو کيس ڄڻ جيئري ماري ويو.
هن گهر جي ڏيڍيءَ کي جيئن وَرَ وَڪڙَ هئا تيئن قائدا ۽ قانون به پنهنجا هئا. انهن کي عمل ۾ آڻڻ، نبيرڻ، ڏاڏي سونل جي اختيار ۾ هيو. کيس خاص اختيار هو ته نُهرِن کي پنهنجي مائٽن ڏي موڪلي ڏي يا نه. سندس پُٽن جي مرضي ڀلي هجي، پر ڏاڏي سونل کين گهڻو ڪري نه ڇڏيندي هئي. گهرن جي وڏڙن جي انهيءَ فيصلي جي پابندي ۽ پوئيواري ڪرن زميواري هوندي هئي ته جيڪي نُهرون ڌاريون هيون، انهن جي عزيزين، قريبن کي ملڻ جي اجازت صرف انهن وَرَ وَڪڙَ ڏيڍين ۾ هئي، جيئن ڌارين ماڻهن جو وڏي گهر جي رهواسين تي پاڇو به نه پوي. هوءَ پنهنجين نهرن ۽ نين ڪنوارين سان سٺو هلندي به ٻاهر اچڻ وڃڻ جي پابنديءَ تي سخت رويو رکندي هئي. سندس چهري تي ان وقت سختي اچي ويندي هئي ۽ سنهڙن چپن جون ڪنڊون سوڙهيون ۽ مرڪ کان به آجيون ٿي وينديون هيون، جڏهن نهرن جا پيئر يا ڀائر ساڻن ملڻ ايندا هيا. هوءَ ڏيڍيءَ جا ٻاهريان دَرَ ۽ اوريان دَرَ بند ڪرائي وچ واري حصي ۾ کين پنهنجي وارثن سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڏيندي هئي. حڪم وڏڙن جو هوندو هو ۽ ان حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڏاڏي سونل بندوبست ڪندي هئي. انهن نهُرن يا نين ڪنوارين جون مائر ڀينر يا مائٽياڻيون اندر اينديون به هيون ته سندن آڌر ڀاءُ ڪو وڻندڙ نه هوندو هو جو هو ڌاريا هيا ۽ هي نهرون يا ٻيون ڪنواريون ”ڌاريون “ سڏبيون هيون. هئي جنهن جو آڌرڀاءُ ٿيندو هيو، اها هئي ماسي آسيت ڪاسائڻ جيڪا هڪ ڇٻيءَ ۾ جيرن، بڪين ۽ ٻوٽين جون شيخون پچائي وجهي کڻي ايندي هئي. سندس اچڻ سان سڄي گهر جا ٻار ٻچا ۽ مايون خوش ٿي کائنس جيرن، بڪين، ۽ گوشت جون پڪل مرچن مصالحن سان ٻُرڪيل شيخون وٺي سوساٽ ڀري کائينديون هيون، پر وڏي خوشي ڏاڏي سونل کي ٿيندي هئي، وسيع ورانڊي ۾ هو ٻئي ڄڻيون جڏهن کٽ تي چڙهي ويهي پنهنجيون پرايون ڳالهيون ڪنديون هيون تڏهن وقت ڄڻ ته بيهجي ويندو هو. ماسي آسيت جي ڳالهين ۽ چؤٻولن تي ڏاڏي سونل ايڏو ته کلندي ٽڙندي خوش ٿيندي هئي ۽ سندس ٽهڪڙا گونجندا هئا جو ائين لڳندو ئي نه هو ته هيءَ ڏاڏي سونل آهي – هڪ سخت گير منتظم ۽ هن گهر جي پنهنجن قائدن قانونن جي پاسبان.
ڏاڏي سونل ۽ ماسي آسيت جي هيءَ دوستي ورهين جي ساٿ جو نتيجو هئي. ماسي آسيت جو هن حويلي ۾ اچڻ وڃڻ شايد منهنجي ڄم کان به اڳ جو هجي. مون جڏهن کيس ڏٺو ته کيس ڏسندو ئي رهجي ويو هيس. ڏاڏيءَ جو مون سان گهڻو پيار هوندو هو. ماسي آسيت ايندي هئي ته ڏاڏي ڪڏهن ٽڪو يا آنو خرچ ڪري مون کي پڪل ننڍي شيخ وٺي به ڏيندي هئي. مان سوسٽ ڀريندو، پڪل جيرا يا ٻوٽين جا ٽڪر چٻاڙيندو هوس. ماسي آسيت جو پوٽو گلڻ وڏڙو ٿيو ته ساڻس گڏ ايندو هو. ڏاڏي ان کي به پئسو ٽڪو خرچي ڏيندي هئي ۽ پئي مون سان گڏ کيس به مٺيون ڏيندي هئي. مان ڀرسان ئي ويٺو گلڻ سان کيڏندو هوس ۽ ڏاڏي سونل ۽ ماسي آسيت جي ڪچهري نه کٽندي هئي.ماسي شام جو گهڻو ڪري ڇٻو خالي ڪري ئي نڪرندي هئي. اوڙي پاڙي جا ٻار به هتان اچي پڪل شيخون وٺي ويندا هئا. ماسي آسيت ڪڏهن بيمار ٿيندي هئي ۽ نه ايندي هئي ته سڀني کي اُون ٿي پوندي هئي ۽ سڀئي گهر جا ڀاتي پيا پڇندا هئا. پر وڏي ڳڻتي ڏاڏي سونل کي هوندي هئي. ماسي چاڪ ٿي وَري اچڻ لڳندي هئي ته سڀني کان وڌيڪ ڏاڏي سک جو ساهه کڻندي هئي. ماسي آسيت کنگهندي به ڏاڍو هئي پر ٻيڙي پيئڻ نه ڇڏيندي هئي. ڏاڏي کيس منع ڪندي هئي ۽ پنهنجي چلم سندس ويجهو ڪندي چوندي هيس ”ادي آسيت اها نڀاڳي پن جي ٻيڙي نه پي، ڦوڪ ڀرڻي اٿئي ته چلم جي ڦوڪ ڀر، هيءَ ٿڌي اٿئي.“
ماسي هڪ ڦوڪ ڀري وري پن جي ٻيڙي ڪڍندي هئي، پوءِ ڪڏهن ڪڏهن کنگهه اڀرندي هيس ته ماسي ساڻي ٿي ويندي هئي. ڏاڏي کيس پاڻي پياريندي هئي، پُٺيءَ کي مهٽيندي هيس ۽ هوءَ سامت ۾ ايندي هئي ته اهي ئي گهر گهر جا قصا، ڪنهن جي گلا ته ڪي پنهنجا سور، ڏاڏي پنهنجي نُهرن جون شڪايتون ڪندي هئي ته ڀڻڪي سان. باقي پنهنجي پُٽن سان ۽ نياڻين سان پيار هوندو هيس.
مون کي اهو سڀ ڪجهه ياد آهي ۽ اهو صبح به ياد آهي ته جڏهن ڪاسائين جي پاڙي مان اوطاق تي نياپو آيو ته رات ماسي آسيت گذاري وئي. سڄو گهر وسميءَ ۾ اچي ويو، نيٺ ڏاڏيءَ کي به ٻڌايو ويو. آسيت ۾ ساهه هيس، ته هوءَ ماٺ ۾ اچي وئي، چون ائين پيا ته صدمي ڪري کيس ڳوڙهو به نه آيو، سندس اکيون خشڪ هيون. هوءَ سنبري ته ڪاسائين جي پاڙي وڃان ۽ وڃي آسيت جو منهن ڏسي اچان. هن اوطاق تي نياپو موڪلي ٽانگو پئي گهرايو ته اوطاق تان گهر جي وڏي، ننڍي ڏاڏي عثمان جو حڪم آيو ته ڪاسائين ۽ حجمن جي پاڙي ۾ اسان جون مايون نه وينديون آهن، تنهن ڪري زالاڻو پيرُ نه ڀربو ۽ ڏاڏي سونل يا ڪو ٻيو به نه وڃي.
ڏاڏيءَ کي تنهان ئي ماٺ اچي وئي. ماسي آسيت آهستي آهستي هن وڏي گهر جي ڪنهن وسريل باب جيان ميساربي پئي وئي پر ڏاڏي اُنهيءَ کٽ تي چپ چاپ ويٺي هوندي هئي. هن آهستي آهستي چلم به ڇڪڻ ڇڏي ڏني هئي، هوءَ منجهند جو ان وقت ورانڊي کان پئي ٻاهر نهاريندي هئي ڄڻ کيس اوسيئڙو هجي ته ماسي آسيت ضرور ايندي. آسرو پلجي ويندس ته ململ جو آرَ تي ڀريل رَئو ڊگهو ڪري پاڻ مٿان وجهي منهن ڍڪي سمهي رهندي هئي.هن گلوءَ جي پڇا ڪئ هئي. پر گلو جو پنهنجي ڏاڏيءَ لاءِ ڏينهن رات روئندو هُيو کيس پڻس مائٽن وٽ شهر کان ٻاهر موڪلي ڏنو. اَبو، چاچا، ٻيا عزيز قريب ڏاڏي سونل جو ڏک سمجهندا هئا. وٽس هاڻ اچي گهنو رهندا هئا. ماسي آسيت لاءِ ڪو نه ڪڇندا هئا پر لڳندو ائين هو ته وٽس تعزيت لاءِ ويٺا آهن. ڏاڏي عثمان اسان جي ڏاڏي جي ننڍي ڀاءُ گهر کي ماسي آسيت جي ويچار ۾ ڏٺو ته سڀني کي دڙڪا ڏنائين، ”اڙي انهيءَ ڪاسائڻ جو تڏو وڇايو اٿوَ ڇا؟ اها ڪاسائڻ توهان جي ماءُ لڳندي هئي جو گهر اونڌو پيو آهي؟“
گهر کي جو ماٺ هئي ته ڏاڏي سونل به چُپ هئي. هوءَ جا ٺهي جُڙي ڪنن ۾ پنڙا پائي ڦڻي ڦوڪار ڪري کٽ تي ويهي حڪم هلائيندي هئي، تنهن هاڻ نه رڳو پنهنجو حڪم هلائڻ ڇڏي ڏنو، آهستي آهستي حاڪمن جا حڪم مڃرائڻ به ترڪ ڪندي وئي. نُهرن کي هلڪي سلڪي ڇُٽ ڏئي ڇڏيائين. هاڻ هوءَ ڪنهن کي به نه روڪڻ لڳي. آهستي آهستي هن حويليءَ ۾ اڳ کان وڌ ٽهڪڙا گونجڻ لڳا، آزاديءَ جي هوا گهلڻ لڳي. ننڍي ڏاڏي عثمان کان بچ بچاءُ ڪري هيءُ گهر وڻندڙ ماحول ۾ هلڻ لڳو. ڏاڏي سونل ويچاري اڪيلي ئي پئي هئي ۽ پوئتي به پوندي وئي. ڪو چڱو وقت گذري ويو پر ڏاڏي سونل جا ٽهڪڙا ڊاڙا، ٺڪاءُ ڪنهن نه ٻڌا.
هڪ ڏينهن مان گهٽيءَ ۾ ٻين سان گڏ اِٽي ڏڪر کيڏي رهيو هئس ته ڏٺم گلو مٿي تي اهو ئي ماسي وارو ڇٻو کنيون اچي پيو. ڇٻي تي ڪپڙو هو پر پڪل شيخون نظر اچي رهيون هيون. هو هاڻ وڏڙو به ٿي ويو هو. مون پري کان هٿ لوڏي کيڪر ڪيس، مان راند ۾ مشغول هيس ۽ هو حويلي ۾ هليو ويو. اوچتو ڏيڍي مان رڙيون ٻڌم، اسان ڊوڙياسين، ڏاڏو عثمان گلوءَ کي ٿڦڙن سان ڪٽي رهيو هيو، ڇٻو اڇلائي ڏنو هيائنس، پڪل شيخون زمين تي وکريون پيون هيون. گلو رنڀون ڪري روئي پيو ۽ ڏاڏي عثمان جي رڙِ پئي پئي.
”هَلُ هتان ڪاسائي، ڪاسائي جا پُٽ، هيڏو سارو ٿي ڪري نياڻين سياڻين پرديدارن ۾ اندر ٿو وڃين. نڪر هتان.“
ڏاڏي عثمان هن کي گهلي هڪ ڏيڍيءَ مان ڪڍي ٻي ڏيڍيءَ، اتان گهيليندو اچي گهٽيءَ ۾ ٻاهر اڇلايائنس. هو اڃا ٻيون رڙيون ڪري ها پر ائين پويان رڙيون ٿي ويون، ”اڙي عثمان نه مار منهنجي ٻچي کي. اڙي ايڏو ظلم نه ڪر معصومن سان.“ ڏاڏي سونل ڏيڍيءَ جا ورَ وڪڙَ سڀ لتاڙي گهر کان ٻاهر گهٽيءَ ۾ بنا رئي پوتيءَ ۽ جتيءَ جي مٽي ڌوڙ ۾ ليٿڙيل گلوءَ کي ڇاتيءَ سان لائي هيٺ ويٺي هئي، هيءَ هن خاندان جي وڏي هئي، پر هاڻ خاندان جي ريتن رسمن، قائدن قانونن جي رکوال، انهن زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏيو هو. هوءَ گلوءَ سان گڏ رڙيون ڪري ۽ پار ڪڍي رهي هئي. ڏاڏو عثمان ڪا گهڙي سُن ٿي ويو هو، پوءِ ڏاڏي سونل کي اٿارڻ لاءِ وڌيو، پر ڏاڏي گهوري ڏٺس ۽ رَڙِ ڪري چيائينس، ”خبردار عثمان ! مون کي يا هن نينگر کي هٿ لاتو اٿئي.“ ڏاڏي سونل يڪدم مون ڏانهن رخ ڪيو.
”بابلا، وڃ وڃي ٽانگو ڪري آ، مان هاڻي هتان ئي ڪاسائين جي پاڙي ويندس، ڏسان ته مون کي ڪير ٿو جهلي.“
منهنجي سئوٽ کي چيائين، ”اڙي وڃ منهنجي وڏي چادري ۽ چمپل کڻي آ.“
هوءَ اتي ئي مٽيءَ ۾ ويٺي هئي ۽ گلڻ کي پرچائي رهئي هئي.
”نه منهنجا ٻچا، بس، بس گهور وڃانءِ، مان هلان ٿي نه تنهنجي گهر، تنهنجي ڏاڏيءَ لاءِ ته هلان ٿي نه ---“
هوءَ هن دفعي روئندي رهي، سندس اکيون هاڻ ميگهه ملهار ڪيو بيٺيون هيون. جن اڳ وسڻ کان بس ڪئي هئي، تن اڄ وسڻ کان بس نه پئي ڪئي.

ڊاڪٽر ربنواز پوڙهو ڪيئن ٿيو؟ : رسول ميمڻ

پئٿالاجسٽ ڊاڪٽر ربنواز اسپتال جي ڪوريڊور مان لنگهي ليبارٽريءَ تائين پهتو ته سندس پويان نرس الوينا ٿڌي آهه ڀري ڪنهن کي چيو، ”سڀ وڏيون مڇيون ڄار ۾ ڦاسايم پر سواءِ هن هڪ ڊاڪٽر جي.“
هن جي ڳالهه تي سندس ڀرسان بيٺل اسپتال جي پراڻي نرس ٽهڪ ڏئي کلي.
مون کي اڄ ڏينهن تائين ڊاڪٽر ربنواز جي جوانيءَ جو راز معلوم نه ٿي سگهيو آهي. گذريل پنجويهن سالن کان مان هن کي ڏسندي پئي اچان، پر هن جي هاٺي ڪاٺيءَ ۾ ڪو به فرق نه آيو. هن جو چهرو ايئن ئي آهي، جيئن اڄ کان پنجويهه سال پهريون،“ پراڻي نرس حيرت مان چيو ۽ پوءِ نرسن جو ٽولو ٽهڪ ڏيندو وارڊ ڏانهن روانو ٿي ويو.
ڊاڪٽر ربنواز اسپتال جي ليبارٽريءَ ۾ پهچي پاڻ کي ڪرسيءَ تي ڇڏي ڏنو. هن ڪوٽ جي کيسي مان پرس ڪڍي ڪنهن پراڻي تصوير کي ڏٺو. ڪاري اڇي تصوير، جيڪا ڄڻ ته سندس روح جهڙي اڇي ڪاري دونهين مان ٺهي ڪاغذ تي پنهنجو پاڇو وجهي رهي هئي – اڇو ڪارو دونهون، جيڪو بخارن جيان هن جي دماغ مان مٿي بلند ٿي رهيو هو. ۽ ان دونهين ۾ اهو عڪس واضح طور موجود هو. هڪ حسين خوبصورت منهن واري ڇوڪري، جنهن جي چمڪندڙ چپن تي هڪ خوبصورت مرڪ محسوس ٿي رهي هئي. هڪ جوان ۽ حسين چهرو، جنهن تي وقت بيٺل پاڻيءَ جيان ساڪت هيو، اتي ڌرتيءَ جي گردش بند هئي ۽ ڦرندڙ موسمن جو وڻن ۽ درياهن تي ڇڏيل ڪو به نشان نه هيو. هن جي تصوير جي قيد خاني ۾ بند هن جي محبوبه جو چهرو، جيڪو سدا جوان هيو ۽ ان تي ڪڏهن وقت جون ريکائون نه پيون هيون. ڊاڪٽر ربنواز پراڻي فوٽوءَ تي نظر ڌري مرڪي، پرس بند ڪري کيسي ۾ وڌو ۽ پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي ويو.
گهڙي گذري ته ڊاڪٽر آصف سندس آفيس ۾ آيو. ڪمزور اڇي ڪاري ڏاڙهيءَ وارو، اکين جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر، جنهن جون اکيون ٻين جو ن بيمار اکيون ڏسي ڄڻ ڏک مان لڙڪيل ۽ ننڍيون ٿي ويون هيون. هن محسوس ڪيو، وقت هر ماڻهوءَ مٿان ساڳي رفتار سان نٿو لنگهي ڪي گردش جي تکي چڪر ۾ ڦاٿل آهن ۽ ڪي گردش جي هلڪي ڦيري ۾، سڪون ۽ آٿت سان اکيون ٻوٽِ مزو ماڻي رهيا آهن. ڊاڪٽر آصف هن جو دوست ۽ هاءِ اسڪول جي زماني جو ساٿي هيو. هو گڏ پڙهيا ۽ ساڳيءَ اسپتال ۾ گذريل پنجويهن سالن کان گڏجي ڪم ڪري رهيا هئا، پر وقت ساڳيءَ رفتار سان ٻنهي تي اثر انداز نه ٿيو هو.
ٿوري دير کان پوءِ جڏهن چانهه پيئندي ڊاڪٽر ربنواز محسوس ڪيو ته چپن تائين ڪوپ آڻيندي سندس سمهون ويٺل دوست جا هٿ ڪنهن پوڙهي جيان ڏڪي رهيا هئا. ”مون کي اڄ تائين تنهنجي جوانيءَ جو راز معلوم ٿي نه سگهيو آهي .“ ڊاڪٽر آصف ڳالهايو ته سندس آواز هٿ ۾ جهليل ڪوپ جيئن ڏڪڻ لڳو.
هن جي ڳالهه تي ڊاڪٽر ربنواز مرڪيو. سندس خوبصورت چهي تي ڀريل ڳل ڪنهن نوجوان عورت جي ڇاتين جيان اڀا ٿي بيهي رهيا، هن جي ڳالهه تي ڊاڪٽر ربنواز خاموش رهيو ۽ مرڪي چانهه جي ڪوپ کي مزي سان چپن تائين ايئن آڻيندو رهيو، جيئن هوتصور ۾ ڪنهن جي خوبصورت منهن تي پنهنجا چپ رکندو هجي.
”شايد مان وقت کان پهريون پوڙهو ٿي ويس،“ ڊاڪٽر آصف وري ڳالهائيندو چيو. ”جواني جيڪا مون وٽ مهمان ٿي لنگهي وئي. شايد تو وٽ اها ترسي واپسيءَ جا سڀ رستا وڃائي ويٺي. “ هن جي ڳالهه تي ڊاڪٽر ربنواز کان ٽهڪ نڪري ويو.
”سچ ٿو چوين دوست !“ ڊاڪٽر ربنواز چيو. ”جواني منهنجي محبوب جيان
آهي، هڪ سچي محبوب جيان جيڪا ڪڏهن به مون سان بي وفائي نه ڪندي.“ پنجاهه سالن جو ڊاڪٽر ربنواز جنهن جي مٿي جو هڪ وار به اڇو نه ٿيو هو، اهو هر ڪنهن لاءِ حيرت جو سبب هو. سندس نوجوانن جيان خوبصورت منهن ۽ ڊگهي قد تي ڀريل ۽ خوبصورت هاٺي هر ڪنهن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪندي هئي ته ڇا واقعي هو پنجاهه سالن جو آهي. هو اسپتال جي ڪوريڊور مان لنگهندو هيو ته نوجوان نرسن جون اکيون هن جي بوٽن پويان بانبڙا پائينديون هلنديون هيون. پر ڊاڪٽر ربنواز جي منهن تي هڪ اهڙي مرڪ هوندي هئي، ڄڻ هن سڀ فتح ڪري ورتو هجي. هن جي هلڻ جي لوڏ ۾ هڪ اعتماد ۽ انا سمايل هوندي هئي.
ڊاڪٽر ربنواز شام جو گهر پهتو ته سندس خالي گهر ۽ ڪتابن هن جو استقبال ڪيو. ڪتاب هن کي ڏسي جيئرا ٿي پوندا هئا ۽ اکيون مهٽي شيلفس ۾ جاڳي پوندا هئا. ٽيبل ۽ پلنگ تي وکريل ڪتب اوٻاسي ڏئي اکيون مهٽيندا هئا. هو گهر ۾ گهريو ته هزارين آواز ڪتابن جي ورقن جي چپن مان ڀڻ ڀڻ ڪندا اسريا. هن گهر ۾ گهمي ڄڻ ته پيار مان انهن جي مٿي تي هٿ ڦيريو ته اهي وري هڪ ڊگهي اوٻاسي ڏيئي ليي پيا. هن ڪپڙا بدلايا ۽ وري هڪ دفعو پرس کولي ان ۾ رکيل اڇي ڪاري فوٽوءَ تي نظر ڦيرائي : هڪ نوجوان خوبصورت چهرو، جنهن کي ڏسي هن جي چهري تي مرڪ ايئن ڊوڙي وئي، جيئن ڌر تتيءَ ۾ اگهاڙي وڻ هيٺان رکيل پاڻيءَ جي دلي مٿان جهڙ وري مڙي آيو هجي. هو مرڪندو رهيو، ڄڻ جوان مرڪ جيڪا وقت کان بيٺل مرڪ هئي. اهي نيڻ جن ۾ آسمان تري رهيو هو، اهي زلف جن مان هير گهلي رهي هئي، چپ جيڪي اڃا نرم ۽ جيئرا هيا. ڊاڪٽر ربنواز پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون. هو ان اڇي ڪاري فوٽوءَ ۾ جذب ٿي ويو.
هن ڏٺو 1974ع جو زمانو آهي. لاڙڪاڻي جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ هو پنهنجي محبوبه سان گڏ هڪ جلوس جي اڳين صف ۾ نعرا هڻندي اڳتي وڌي ٿو. سندس محبوبه جو چهرو پنهنجي تکن نقشن سان گڏ هن جي تصور ۾ موجود آهي. هن جو چهرو جوش ۾ ڳاڙهو ٿي چڪو آهي ۽ سندس چهري جي ڳاڙهاڻ ان کي انفراديت بخشي ٿي. اهو اهڙو واضح آهي ڄڻ وقت جي ڌوڙ ان کي ڪڏهن به ڌنڌلو ڪري نه سگهندي. جلوس ميڊيڪل ڪاليج جي ٻاهرين ڀت وٽ پهتو آهي ته اتي بيهي ڪجهه دوستن هن کي روڊ جي پاسي پيل وڏي پٿر تي چاڙهيو آهي ۽ هن جوش مان ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي :”اسلامي سوشلزم جو نعرو ايئن آهي جيئن ڪنهن جانور جو ڌڙ شينهن جو ۽ منڊي ٻڪريءَ جي هجي. هن قوم جو ڇوٽڪارو اهڙي قوم پرست سوشلزم ۾ آهي، جيڪا قوم کي بيدار ڪري، سرمائيداري ۽ جاگيرداريءَ جو خاتمو آڻي، هڪ برابريءَ واري سماج پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي.“ هو جوش ۾ ڳالهائي رهيو آهي ۽ سامهون هن جي محبوبه ٻين سان گڏ تاڙيون وڄائي رهي آهي. هن جو جوش ۾ ڀريل چهرو سندس سامهون آهي. اهو جوان رت سان ڀريل چهرو، جيڪو هميشه هن جي اکين ۾ اندر لهي هن جي چهري ۾ سمائجي ويو آهي. هن جي محبوبه جيڪا سدائين سندس ڪلهي ڀرسان هلندي رهي. ۽ پوءِ ان ڏينهن جڏهن هو تقرير ڪري رهيو هو ته پوليس جون گاڏيون اتي پهچي ويون. پوليس وارا گاڏين مان تيزيءَ سان لهي هنن جي جلوس کي چوڌاري ورائي ويا. ٿوري دير ۾ ڳوڙها گئس جو دونهون ڌماڪن سان گڏ هر طرف ڦهلجي ويو. جلوس “ ڀاڄ پئي ۽ هن ڏٺو ته سندس محبوبه جو منهن هن جي ٻانهن ۾ ويڙهيل هو. پر هوءَ بيٺي رهي. ان وقت ايس پيءَ جا هٿ هن پنهنجي گريبان ۾ محسوس ڪيا. هو گهليندو کيس وچ روڊ تي ڇڪي آيو. سپاهين هن کي ڳورن بوٽن سان ٽنگن ۾ لتون هنيون. هن محسوس ڪيو ته سندس پيرن تائين رتُ وهي رهيو آهي. ۽ پوءِ هن کي ڪجهه ياد نه رهيو سواءِ هڪ چهري جي جيڪو ڳوڙها گئس ۾ ڪنهن چنڊ جيان ايئن بيٺو هيو جيئن اهو جهڙ مان نظرايندو هجي. جڏهن هو هوش ۾ آيو ته اسپتال جي شاگرد وارڊ ۾ بستري تي سور کان ڪنجهي رهيو هو. سندس رڳ ۾ گلوڪوز جي ٿيلهي هلي رهي هئي ۽ ٽنگون ڪنهن مصر جي مميءَ جيان پٽِن ۾ ويڙهيل هيون. هن ڏٺو سندس ڀرسان هوءَ آلين اکين سان بيٺل هئي. هن مرڪي هن جي اکين ۾ نهاريندي چيو هو، ”ڇا اڃا ڳوڙها گئس جو اثر گهٽ نه ٿيو آهي؟“ هن جي ان مذاق تي سندس محبوبه جي چهري تي رونق اچي وئي ۽ ان پنهنجي رئي جي پلاند سان ڳوڙها اگهندي چيو، ”ڳوڙها گئس ايترو نه روئاريو هيو جيترو تنهنجن زخمن......... ربنواز هي ماڻهو نه وحشي آهن، هنن وٽ اقتدار کان سواءِ ڪنهن به شئي جو قدر نه آهي.“
پوءِ هوءَ ڳالهائيندي رهي ۽ هو هن جي چهري کي ڏسندو رهيو. هن جو چهرو جنهن جي ڏسڻ سان زخمن جي تڪليف دور ٿي رهي هئي. هن جو چهرو جنهن ۾ شفا هئي، جيڪو دردن جودارون هيو، جنهن ۾ ڇوٽڪارو هيو، جنهن ۾ جدوجهد ۽ انقلاب هيو . هو کيس ڏسندو رهيو ۽ جلد شفا ياب ٿي ويو. جڏهن هن جون پٽيون کليون، تڏهن هن ڏٺو ته سندس گوڏن کان وٺي پيرن تائين چمڙي بي ترتيب ۽ ناهموار هئي. پوءِ سڄي زندگي اهي نشان سندس ٽنگن تي نقش ٿي ويا. هو جڏهن به پنهنجي ٽنگن کي هٿن سان ڇهيندو هيو ته انهن رهجي ويل زخمن جي نشانن ۾ هن جي محبوبه جو چهرو ڪنهن شفا جيان موجود هوندو هيو ۽ اڄ به جڏهن ڊاڪٽر ربنواز پنهنجي ٽنگن کي هٿ لائي محسوس ڪري رهيو هو، تڏهن اهي رهجي ويل بي ترتيب چمڙيءَ جا نشان هن کي اهڙي قبرستان جيان نظر آيا جتي هر نشان هيٺان هن جي ماضيءَ جو ڪو نه ڪو واقعو دفن هيو.
ڊاڪٽر ربنواز پنهنجي محبوبه جو فوٽو واپس پرس ۾ وڌو ۽ اڳتي سري جڏهن آرسيءَ اڳيان آيو ته هن پاڻ کي ڏاڍو خوش ۽ توانو محسوس ڪيو. هن ڏٺو واقعي گذريل صديءَ جي چوٿائيءَ جي عرصي هن جي چهري تي ڪو واضح اثر نه ڇڏيو هيو. سندس خوبصورت چهري جي چمڙي ايئن ڇڪيل هئي ڄڻ سندس ٻنهي ڪلهن تي ويٺل اعمالن جا فرشتا ان کي هٿ سان ڇڪي بيٺا هجن. چمڪندڙ ويڪري پيشاني جنهن تي ڪڏهن به افسوس جو گهنج نه پيو، ڀريل هاٺي ۽ سڌو جسم جنهن تي ڪڏهن ڪنهن ڪراڙي جي ڪٻ جو پاڇو نه پيو هو. هو هڪ اهڙي امر جوان جيان هو، جنهن کي ڄڻ تيزيءَ سان گزرندڙ وقت ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ موت وساري ويٺا هيا.
ڊاڪٽر ربنواز آرسيءَ ۾ پاڻ کي پسندو رهيو ۽ پوءِ تصور ۾ ماضيءَ ڏانهن موٽي ويو. هن ڏٺو :”سندس محبوبه گرلز ڪاليج اڳيان پمفليت ورهائي رهي آهي. ميڊيڪل ڪاليج جي پهرين شاگرد يونين جون چونڊون ٿيڻ واريون آهن. هڪ وڏو پُرجوش ۽ سرگرم ماحول آهي. هڪ طرف ڳاڙها سوا بينر هوا ۾ جهومي رهيا آهن. حڪومت جو زور آهي ته سندس پارٽيءَ سان لاڳاپيل شاگرد يونين جو پينل ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ گهرجي. ڪاليج ٻاهران سرڪٽ هائوس وزير صحت ڪٽبر جي ڪئمپ لڳل آهي. پوري سنڌ جا سياستدان شاگردن جي اليڪشن ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح لاڳاپيل آهن. قوم پرست تنظيم پاران بيهاريل پينل ۾ ڊاڪٽر ربنواز کي ميگزين سيڪريٽريءَ جي سيٽ لاءِ بيهاريو ويو آهي. ڊاڪٽر ربنواز ڪاليج آڊيٽوريم ۾ هڪ زوردار تقرير ڪري رهيو آهي. مٿان گئلريءَ ۾ هن جي محبوبه بيٺل ڇوڪرين سان گڏ پمفليٽ هوا ۾ اڇلائي رهي آهي پمفليٽ آڊيتوريم جي هوا ۾ اڇن ڪبوترن جيان اڏامي هيٺ ويٺل شاگردن جي ڪلهن تي ڪري رهيا آهن، هر طرف سنڌ جا نعرا آهن ۽ اتي ويٺل حڪومت جي مخبرن جا چهرا پريشان آهن. اليڪشن کان پوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي. حڪومت جي پارٽيءَ سان لاڳاپيل اگردن جو پينل چونڊ ۾ هارائي ويو آهي. قوم پرست جماعت وڏي اڪثريت سان اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. سواءِ سيڪريٽري جنرل جهڙي اهم سيٽ جي، جنهن تي جمعيت جو هڪ حافظ ڪامياب ٿي ويو آهي. اليڪشن جي نتيجن کان پوءِ ڊاڪٽر ربنواز پنهنجي محبوبه سان گڏ ڪاليج جي گيٽ وٽ بيٺو آهي. هن کي شاگرد ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏئي رهيا آهن ۽ هو مرڪي انهن کي سيني سان لڳائي رهيو آهي. رات جو دير سان هڪ وڏي ٽريڪٽر ٽرالي ۾ نيئن چونڊيل يونين کي بيهاري دهلن سان هڪ جلوس جي صورت ۾ سڄي لاڙڪاڻي شهر ۾ گشت ڪرايو ويو آهي. ٻئي ڏينهن صبح جو اخبارن جي شه سرخين ۾ وزيراعظم جي شهر ۾ هن جي پارٽيءَ سان لاڳاپيل شاگردن جي پينل جي هار کي خاص اهميت ڏني وئي آهي. جمعيت جي چونڊيل حافظ جي ڪاميابيءَ تي حڪومت مخالف پارٽين پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. ڊاڪٽر ربنواز کي ياد هيو ته ڪيئن نه ان حافظ کي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ موڪلي ڪراچي گهرائي ايئرپورٽ تي وڏن ليڊرن ڀاڪر پائي سندس استقبال ڪيو هيو.
ڊاڪٽر ربنواز سوچيندو ويو ۽ ماضي ڪنهن اڳتي وڌي ويل بادل جيان واپس موٽي هن مٿان يادگيرين جي برسات پئي ڪئي. ماضيءَ جي وسندڙ هر بوند ۾ هن جي محبوبه جو چهرو هيو ۽ ايڏا چهرا هيا جو هن جو وجود انهن وسندڙ چهرن جي وچ ۾ پنهنجي هستي وڃائي انهن جهڙو ٿي چڪو هيو. هن جي تصور ۾ هڪ اهڙو جوان چهرو هيو جيڪو هن جي اکين کان ڪڏهن الڳ نه ٿيو هيو. هو ان چهري تي جيئن سوچيندو ويو، اهوتيئن جيئرو ٿيندو ويو. ان ڄميل چهري پنهنجيون اکيون ڇنڀيون ۽ مرڪي پيو. ان جي سهڻن ڳلن تي جوانيءَ جي سرخي جاڳي ۽ وڏا وار ڪارن ڪڪرن جيان اڏامڻ لڳا.
هن تصور ۾ ڏٺو ميڊيڪل ڪاليج جي وسيع آڊيٽوريم اندر سوين شاگردن جي وچ ۾ هوءَ انتهائي خوش آهي ۽ مرڪي هن ڏانهن نهاري رهي آهي. نيئن چونڊيل يونين جي قسم کڻائڻ واري رسم دوران هڪ وڏي جوش ۽ گوڙ وارو ماحول آهي. هال ۾ هيٺ ۽ مٿي گيلرين ۾ سٿيل شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڏي آواز ۾ نعري بازي ڪري رهيا آهن. هر طرف سنڌ ۽ سنڌ جا نعرا آهن. ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ سنڌ ڪجهه ئي گهڙين ۾ آزاد ٿي ويندي. مهمان خاص طور ويٺل صحت کاتي جو ٺڙهو سيڪريٽري پريشانيءَ جي حالت ۾ ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي نهاري رهيو آهي. اسٽيج تي ايناٽاميءَ جو پروفيسر ڇوڌري يونين جي هر عهديدار کي واري سان قسم کڻائي رهيو آهي ۽ هر عهديدار جي قسم کڻڻ کان پوءِ شاگرد هڪ نئين جوش ۽ جذبي سان تاڙيون وڄائي نعري بازي ڪري رهيا آهن. ربنواز پنهنجي واري اچڻ تي هڪ نئين ڍنگ سان قسم کنيو آهي. هن پنهنجي نيري ڪوٽ جي کيسي مان شعر جي صورت ۾ لکيل هڪ قسم نامي کي ڪڍي پڙهڻ روع ڪيو آهي :
مون کي قسم آهي ڪارونجهر جي ڪور جو،
۽ آزاديءَ لاءِ اٿندڙ هن شور جو.
ربنواز پڙهڻ شروع ڪيو آهي، هن جي آواز جي گونج تي شاگرد سڄي هال اڀا ٿي بيهي رهيا آهن. نعرن جو هڪ طوفان آهي، جيڪو هال ۾ واچوڙن جيان ڦري رهيو آهي. تاڙين جي آوازن تي ڪنن جا پڙدا ڦاٽي رهيا آهن. جوش مان نعرا هڻندي هڪ شاگرد گيلري مان هيٺ ويٺلن مٿان ڪري پيو آهي. هن کي ڪي خاص ڌڪ نه لڳا آهن ۽ هن جوش مان ٿي هڪ دفعو وري نعرا هڻڻ شروع ڪيا آهن. مٿان گئلريءَ مان ڪنهن شرارتي شاگرد ڪيلي جي کل هيٺ ويٺل پوڙهي سيڪريٽريءَ جي مٿي تي اڇلائي آهي، ڪاوڙ ۾ سيڪريٽري ٺوڙ ڇنڊيندو ٻاهر نڪري ويو آهي. ڪاليج جو پرنسيپال ۽ پروفيسر پريشانيءَ جي حالت ۾ هن پويان هال مان ٻاهر نڪتا آهن. ڊاڪٽر ربنواز جي قسم کڻڻ وقت هڪ افراتفريءَ جو عالم آهي. هي جي شاعريءَ ۾ کنيل قسم نامي جي هر سٽ تي شاگرد اڳيان پيل بنچن کي هٿن سان ڌڪ هڻي سيٽيون وڄائي رهيا آهن ۽ پوءِ قسم کڻائڻ واري رسم پڄاڻيءَ تي اهو طوفان جهڪو ٿيو.
ٻئي ڏينهن ڪاليج ڀرسان ٺهيل سرڪٽ هائوس ۾ وزيراعظم هڪ ميٽنگ دوران پنهنجي ٻنهي هٿن جون آڱريون کولي هڪ ڀونڊو ڊي آءِ جي ۽ ٻيو ڀونڊو ڊي سيءَ کي گهروڙي منهن ۾ ڏنو آهي.
ڪاليج ۾ گرفتاريون شروع ٿي ويون آهن. رات جو ٽين وڳي پوليس هاسٽلل جو گهيرو ڪري جهڙتي وٺڻ شروع ڪئي آهي. ستن شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن م ربنواز به شامل آهي. هن کي پندرهن ڏينهن لاءِ لاڪپ ڪري مٿس معافي نامي لاءِ زور ڀريو ويو آهي. هن معافي نامي تي صحيح ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو آهي. انتظاميه آخر مجبور ٿي ٻين شاگردن سان گڏ هن کي لاڙڪاڻي نيڪالي ڏئي زوريءَ مائگريشن سرٽيفڪيٽ هٿ ۾ ڏئي ڄامشوري جي ميڊيڪل ڪاليج ڏانهن اماڻيو آهي. مائگريشن سرٽيفڪيٽ هٿ ۾ وٺندي ربنواز محسو س ڪيو ڄڻ هو ٻه اڌ ٿي ويو هجي.
لاڙڪاڻي ۾ ريلوي اسٽيشن جي ريسٽورينٽ ۾ هن اڳيان سندس محبوبه اکيون هيٺ ڪري ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏل آهي. هن نيڻ مٿي ڪري ڏٺو سندس اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي ويون آهن. ربنواز کي محسوس ٿيو ڄڻ سندس من موهن جو دڙو پويان ڳاڙهي سج جيان ٻڏي ويو هجي.
”مان واپس ايندس،“ ربنواز هلڪي لهجي ۾ چيو. وقت سدائين ساڳيو نه رهندو آهي، منهنجو وقت اچڻو آهي.“
سندس محبوب جي جهڪيل چهري تي دريءَ مان پوندڙ روشنيءَ ۾ ڳلن تي ڳوڙهن جي آلاڻ چمڪي رهي هئي.
”ربنواز اڪيلو نه وڃ.......مان توسان ساڻ هلنديس.“ سندس محبوبه التجا ڀريل آواز ۾ چيو.
ربنواز سيني اندر سور جي هلڪي سٽ محسوس ڪئي.
”نه.“ هن چيو، ”تون ته منهنجي دل اندر هڪ ٻي ننڍڙي دل جيان ڌڙڪندي رهندينءَ....تون ته مون کي جيئرو رکندينءَ. “
سندس محبوبه جي نڙيءَ ۾ آواز ڦاسي پيو آهي.
“ربنواز ٻڌاءِ.“ هن گهٽيل آواز ۾ چيو،” تنهنجي منهنجي ميلاپ جي گهڙي ڪڏهن ايندي، ساوڻ ڪڏهن ورندو، مور ڪڏهن نچندا؟“
”وڇوڙو ته نانءَ ئي وري ملڻ جو آهي. اهڙو بهار ضرور ايندو جڏهن رَتُ جا ڳاڙها گل ٽڙندا ۽ ڳوڙهن جا پکي وڻجارا ورندا ۽ ميلاپ جا گيت ڳائنيدا.“
سندس ڳالهين تي سندس محبوبه جي دل اطمينان محسوس ڪيو ۽ هوءَ اکين جا ڳوڙها اگهي منهن مٿي ڪري سڌي ٿي ويٺي.
”وڇوڙو ڇا ماريندو پياري !“ ربنواز درد گاڏڙ اعتماد سان چيو، ”تون مون ۾ جيئري آهين ۽ مان تو ۾ جيئرو رهندس.“
سندس محبوبه جي مک تي مرڪ وري آئي. هو سندس هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ وٺي پيار ڀريل نظرن سان ڏسي ٿو ۽ ڏسندو رهي ٿو – هڪ اداس مرڪندڙ جوان چهرو، جنهن جي خماريل اکين ۾ گلابي ڏورا آهن، جنهن جا سنها پياسا چپ مرڪندي خوبصورت ٿي چڪا هئا. جنهن جي چهري تي ڳوڙهن جي آلاڻ اڃا به اميد جي ڪرڻن جيان جرڪي رهي هئي.
ڊاڪر ربنواز محسوس ڪيو سندس آئيني اڳيان بيٺل وجود جنهن جي چپن تي مرڪ هئي ۽ اکين م ڳوڙهن جي آلاڻ، ماضيءَ جي انهن مينهن جي بوندن جيان چمڪي رهي هئي جيڪا پنجويهه سالن جي عرصي دوران ڪڏهن نه شڪي، هو اڳتي وڌي ڪتابن جي شيلف وٽ آيو ته سنس ان عرصي دوران لکيل ڪهاڻين جا مجموعا هن سان هم ڪلام ٿيا. هن هٿ وڌائي پنهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ٻاهر ڪڍي ڏٺو. ڪتاب جو کانئس ٽائٽل کولي پهرين پني تي نظر وڌي ”سن 1976ع“، هن پڙهيو ۽ کانئس ڇرڪ نڪري ويو.
وڇوڙي جي ڏانهن ۾ ڄامشوري کان واپسيءَ وقت سکر ۾ ٿيل ملاقات دوران هن جي محبوبه جي هٿن ۾ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو هيو.
فاصلن جي دوريءَ هنن کي هڪ ٻئي کان گهڻو پري ڪري ڇڏيو هو. سندن ملاقاتن جا سلسلا دل جي مرض ۾ مبتلا مرندڙ ان شخص جي ڪارڊيوگرام جهڙا ٿي ويا جنهن ۾ هڪ سنئين ليڪ کان پوءِ دل جي لڳندڙ ڪنهن جهٽڪي سان زندگيءَ جي ور وڪڙ ڏنگائيءَ جو احساس ٿيندو آهي. ڄامشورو سخت پٿرن جو ڍير، جتي درد جون تيز هوائون ڳوڙها خشڪ ڪيو ڇڏين. الطبري هاسٽل م هن جو جسم رهندو هيو ۽ روح لاڙڪاڻي جي گهٽيل ماحول م ساهه کڻندو هيو. لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي الوداع ڪندڙ هڪ چهرو جيڪو ريل جي رفتار سان پوئتي ٿيندو ڌُنڌلايل اکين کان اوجهل ٿي ويو. سو هن جي من ۾ هميشه موجود رهيو . وڇوڙي جي ڏينهن جي اس تيز ۽ رات وڌيڪ ڪاري هوندي آهي. ربنواز چانڊوڪي راتين ۾ گهميو ته چنڊ ڪنهن ياد جيان هن سان گڏ هلندو رهيو، اڪيلي ڪمي ۾ ڏٺل ڪنهن خواب کانپوءِ هن جو ڏينهن سٺو گذريو. اڪيلائيءَ جا اداس ڏينهن ڪيڏا نه منجهيل ۽ سست رفتر هوندا آهن. اهو احساس ربنواز کي ڄامشوري جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿيو. ۽ جڏهن گهيون راتيون تمام ڊگهيون ٿي ويون. تڏهن وڇوڙي جون وٿيون اوندهه جي انبار سان ڀرجي ويون.
هن وٽ خط پهريون تيزيءَ سان ايندا رهيا ۽ پوءِ خطن جي موٽ جو سلسلو آهستي ٿي مرندڙ ماڻهوءَ جي دل جيان آخري ڌڪ هڻي ختم ٿي ويو.
آخري سال جا امتحان قيامت جي سج جيان ڏيڍ وال جي نيزي تي لٿل هيا ۽ هو پڙهائيءَ ۾ مشغول هيو. هن جڏهن به ڪتاب کوليو تڏهن اتي سندس محبوبه جي چهري کان سواءِ ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿي آيو. سڀ رابطا ٽٽي چڪا هيا ۽ هن هڪ ڏينهن ڪتابن کي بند ڪري لاڙڪاڻي جو رخ ڪيو – لاڙڪاڻو، جتي هن جو بندش پيل وجود پهچي پاڻ تي پيل سڀ ڄار ڇني ڦٽا ڪيا.
هو جڏهن اتي پهتو ته ڏينهن جا ٻارنهن ٿي رهيا هيا. هڪ ڊگهي رستي جي ڌوڙ سندس وکريل وارن ۾ ماضيءَ جي ڪيل ڪنهن گناهه جيان موجود هئي. اڻ ڌوتل منهن تي وڌيل ڏاڙهيءَ جا وار جن هن کي ٿوهر بڻائي ڇڏيو هو. ميرن گهنجيل ڪپڙن ۽ هٿ ۾ جهليل بريف ڪيس سان جڏهن هو ڪاليج ۾ پهتو تڏهن سندس محبوبه ڪجهه ساهيڙين سان لائبريريءَ مان نڪري روڊ تي اچي رهي هئي. هن کي ڏسڻ سان هن محسوس ڪيو ڄڻ سندس اکين م اڀامندڙ پاڻيءَ ڪير بيٺل وڻن جا پن ناسي ٿي ويا آهن. هوءَ سري هن وٽ آئي ۽ پوءِ هو ٻئي پاسو وٺي ان آڊيٽوريم جي آخري بينچن مان هڪڙيءَ تي اچي ويٺا. جتي هن ڪڏهن يونين جي عهديدار جو قسم کنيو هو. هن ڏٺو سندس محبوبه جون اکيون ڪنهن پڇتاءُ کان مسلسل هيٺ جهڪيل هيون.
”ڇا ڳالهه آهي؟......خطن جي جوابن کان به وياسين؟“ ربنواز اهڙي لهجي ۾ چيو جنهن ۾ شڪايت جو عنصر شامل هيو.
هوءَ ڪجهه دير چپ ويٺي رهي ۽ پوءِ جڏهن هن منهن مٿي ڪيو تڏهن سندس اکين اندر ڳوڙهن ۾ هن پنهنجو چهرو ترندو محسوس ڪيو.
”ربنواز مون کي معاف ڪر.“ هن روئڻهارڪي آواز ۾ چيو. ”مان توسان وفا ڪري نه سگهيس.“ پوءِ هوءَ سڏڪي پئي. هن پلاند سان ڳوڙها اگهيا ۽ وري ڳالهايائين ته سندس آواز ڪنهن سڏڪي جيان هن جي نڙيءَ مان نڪتو. ”شايد قدرت کي اسان جو ميلاپ منظور نه آهي.“
خالي آڊيٽوريم جي ڀتين ۽ مٿي گئلريءَ ڏانهن نهاريو. هن محسوس ڪيو ته سوين هٿن جي تاڙين جا آواز سندن ڪنن م گونجي رهيا هجن ۽ آوازن جو اهو طوفان هڪ واچوڙي جيان خالي آڊيٽوريم جي بئنچن مٿان گول ڦرندودروازن کان ٻاهر نڪري ويو هجي.
”اهي وعدا..........اهي اقرار؟..........آخر ڇا ڳالهه آهي؟ ايڏي تبديليءَ جو جواز......ڪو ڪارڻ؟“ هن چيو ۽ پوءِ هو سوالي نظرن سان هن ڏانهن ڏسڻ لڳو.
مون معاشري کان ڏهڻي بغاوت ڪئي.......ربنواز، شايد توکي خبر نه هجي، نون هڪ دفعو آپگهات جي ڪوشش به ڪئي پر منهنجي مائٽن کي تون ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهين.“
ربنواز جي منهن تي ڪاوڙ جون هلڪيون ريکائون اڀري آيون.
”ڇو، آخر ڇو انهن لاءِ مان قابل قبول نه آهيان؟ مون سرڪار ۽ معاشري جو آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جنهن جي مون کي اهڙي ڪڙي سزا ڏني ٿي وڃي؟“
سندس محبوبه نسورو روئي ڏنو.
ربنواز هي معاشرو توکي دهريو، بدمعاش ۽ غنڊو سمجهي ٿو. “ هن سڏڪن ۾ چيو، ”پر ربنواز منهنجي من ۾ تنهنجي تصوير اڄ به ڪنهن مندر ۾ رکيل مورت جيان آهي جيڪا هميشه عبادت لائق رهندي ۽ پوءِ هو ڪجهه دير خاموش ٿي ويا.“
ربنواز جون اکيون آڊيٽوريم جي اسٽيج ڏانهن کڄي ويون. هن محسوس ڪيو ته هو ڪنهن شعر جي صورت ۾ ڪجهه پڙهي رهيو آهي ۽ هر شخص هن مٿان پٿرن جي بارش ڪري رهيو آهي. ربنواز جو جسم زخمي ٿي ويو. کيس پنهنجي وجود مان وهندڙ پگهر رت جيان ريڳاڙيون ڪندي محسوس ٿيو. هڪ پڇتاءُ ۽ بدگمانيءَ جو احساس سندس من ۾ وري آيو.
ربنواز جو من ڏرا ڏئي ڀڄي پيو هو. هن پاڻ کي گنهگارن جي قبيلي جو سردار محسوس ڪيو. سندس اکين آڏو هرشئي ڳوڙهن پويان ڌنڌلي ٿي وئي. ”مان دهريو ۽ لادين شايد تنهنجي قابل نه آهيان. تنهنجا مائٽ توکي ٺيڪ چئي رهيا آهن. مون کي معاشرو ڀلي بدمعاش ۽ غنڊو ڪوٺي، پر مان اهڙو ڪو به قدم نه کڻندس جنهن سان تنهنجي بدنامي ۽ تنهنجي مائٽن کي ڪو ڏک پهچي. مون توکي پيار ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندس.“ ربنواز چيو ۽ پوءِ هو بريف ڪيس کڻي تيزيءَ سان آڊيٽوريم جي در مان ٻاهر نڪري ويو. سندس پويان هوءَ اڪيلي ڪجهه دير اتي ويهي سڏڪندي رهي.
ڊاڪٽر ربنواز کي اها رات ياد هئي. جڏهن ٻئي ڏينهن شام جو هو ڄامشوري پهتو هيو ۽ چانڊوڪيءَ رات ۾ چنڊ کي پٺي ڏئي هڪ پٿر تي اداس ويٺو هيو ته سندس پاڇي ۾ هڪ وڇون پڇ مٿي ڪري پريشانيءَ مان ڦيرا پائي رهيو هو. ربنواز پٺ ورائي چنڊ کي ڏٺو. يارهينءَ جو چنڊ ڪناري وٽان هن جي دل جيان ڀڳل هيو ۽ پوءِ هن محسوس ڪيو هيو چنڊ هن جي اکين ۾ هميشه لاءِ قيد ٿي ويو – هڪ مرڪندڙ خوبصورت جوان چهرو جنهن تي واپسيءَ جي اميد جون ريکائون چمڪندڙ هجن. اهو چهرو ربنواز جي دل تي نقش ٿي ويو. ۽ ان چهري جي سهاري هن پنهنجي زندگي گذري ڇڏي. هو ٻئي پوءِ ڪڏهن نه مليا. هن کي اهو چهرو ڏسڻ وري ڪڏه نصيب نه ٿيو.
آخري سال جي امتحان ۾ ربنواز ٻن مضمونن ۾ فيل ٿي پيو. هن سپليمنٽري امتحان ۾ اهي مضمون پاس ڪري اتي ئي هڪ سال لاءِ هائوس جاب ڪيو.
سرڪاري نوڪريءَ دوران هن ڊيپوٽيشن وٺي بيسڪ ميڊيڪل سائنسز جي پئٿالاجسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي. بيسڪ ميڊيڪل سائنسز ۾ مائڪرو اسڪوپي ڪندي هو سکر کان آيل ڪنهن دوست سان ڳالهين دوران هن کي خبر پئي ته سندس محبوبه جي شادي ڪجهه عرصو پهريون هڪ سيني جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر سان ٿي وئي آهي. ۽ هوءَ اڄڪلهه ليبيا ۾ آهي. ڳالهه ٻڌي سندس هوش اڏامي ويا. هٿ ۾ جهليل پين ڏڪڻ لڳس ۽ نظر ايندڙ سلائيڊ جو نقشو ڪينسر جي بيماريءَ ۾ تبديل ٿي ويس. ان ڏينهن هن سڀ رپورٽون غلط ٺاهيون. جڏهن رپورٽون کڻي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر کان تصديق لاءِ سندس آفيس ۾ ويو، تڏهن هن کيس چڱي خاصي ڇڙٻ ڏني. ڪجهه دير کان پوءِ هو ان ٻڌل واقعي کي وساري مائڪرو اسڪوپ ۾ سلائيڊون ٻيهر غور سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. پر ڏک ۽ پيڙا جي اولڙن کان سواءِ کيس ڪجهه نظر نٿي آيو. هن جي اکين مان ڪرندڙ ڳوڙها ڪينسر جي ڳوڙهن ۾ تبديل ٿي رهيا هيا. هن جو ذهن مائوف ٿي چڪو هيو. پوءِ هو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڊپارٽمينٽ کان ٻاهر نڪري ويو هيو.
هن کان وڇڙي پنجويهن سالن جو عرصو ريل جي هلڻ سان اٿندڙ ڌوڙ جي طوفان م جسمن جي وڇوٽيءَ کي ته وڌائي ويو پر روحن کي نه. ربنواز محسو ڪيو ته هن جي جسم ۾ هن جي محبوبه جو روح آهي. هو ته ڪڏهن جو مري ويو هيو. پر هاڻي هو ڪڏهن به مرڻو ناهي.
اڄ هو شهر جي اسپتال ۾ هڪ ناليوارو پئٿالاجسٽ آهي. وقت کيس دولت ۽ شهرت عطا ڪئي آهي. ان عرصي دوران سندس ڪهاڻين جا چار مجموعا ۽ شاعريءَ جو هڪ ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ هن من ۾ رهندڙ محبوبه جي چهري کي ڪاغذن تي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وقت هن کي ڪڏهن به پوڙهو نه ڪيو. هن کان وڇڙي سندس ڄمار ڄڻ پنجويهن سالن تي رڪجي وئي. هو هڪ فنا ٿيل، مئل ماڻهو هيو، جنهن جي اندر هڪ جوان خوبصورت عور جي روح جي حڪمراني هئي.
هڪ دفعي ايڊز پروگرام پاران ڪرايل ورڪشاپ تي جڏهن هو سکر کان ڪراچي ڏانهن روانو ٿي رهيو هيو تڏهن ريلوي اسٽيشن تي سندس ويجهو دوست ڊاڪٽر آصف کيس الوداع ڪرڻ لاءِ ساڻ هيو. هو ريل جي دٻي ۾ سوار ٿي رهيو هو تڏهن اڇن وارن واري دوست مذاق طور چيو، ”ربنواز، آخر تون پنهنجي جوانيءَ جو راز مون کي نه ٻڌايو.“ ڊاڪٽر ربنواز هميشه جيان ٽهڪ ڏئي کلي پيو.
”وعدو آهي، واپسيءَ تي توکي ضرور ٻڌائيندس، “ هن چيو ۽ گاڏي هلي پئي.
ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر ربنواز صبح سان ٺهي سنبري سروسز اسپتال پهتو ته ورڪشاپ شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه دير هئي. اٺ ڏهه ماڻهو هڪ ڊگهي ٽيبل جي چوڌاري ڪرسين تي ويٺا هيا. هو سڀني سان هٿ ملائيندو پنهنجي هڪ واقفڪار ڊاڪٽر رفيق جي ڀرسان ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. ٿوري دير ۾ ڪجهه ٻيا مهمان، جن م عورتون به شامل هيون، اتي اچي ويٺا. ورڪشاپ شروع ٿي ۽ ڊاڪٽر شاهه ڪجهه ڪتاب ۽ پمفليٽ مهمانن ۾ ورهايا. هڪ غير ملڪي ايڊز جو ماهر سامهون بيهي دنيا ۾ ان جي موجودگيءَ جا انگ اکر ٻڌائي رهيو هيو. ڪجهه وڌيل عمر جون عورتون ڊاڪٽر ربنواز جي سامهون رکيل ٽيبل جي پريان ڏسي ڪنڌ لوڏي رهيو هيون. اوچتو سندس ڀر ۾ ويٺل دوست ڊاڪٽر رفيق کيس هلڪو ڪلهو هڻندي آهستي ڳالهائندي چيو، ”ربنواز سامهو ويٺل عورت کي سڃاڻين ٿو؟“
هن جي ڳالهه تي ربنواز غير ملڪي ماهر مان اکيون هٽائي سامهون نهاريو. اتي ويٺل عورتن ۾ هن کي ڪو به سڃاتل چهرو نظر نه آيو.
”نه.“ هن چيو، ”مون کي ته ڪا به واقفڪار عورت نظر نٿي اچي.
”هوءَ جيڪا کاڏيءَ تي هٿ رکي ويٺي آهي،“ ڊاڪٽر رفيق چيو.
هن هڪ دفعو وري غور سان اوڏانهن ڏٺو. سندس حيرت جي انتها نه رهي. وقت جي رفتار زوڪٽ ڪندي سندس اکين اڳيان لنگهي وئي. هن جي سامهون هڪ اڌڙ وٽ عورت هئي، جنهن جي وارن ۾ اڇيون چڳون نظر اچي رهيون هيون. ان جو چهرو ماکيءَ جي ماناري جيان هيٺ لڙڪيل هيو. وقت جي ڌوڙ ان چهري جي چمڪ کي ڍڪي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو هيو. ڏرا ڏئي ويل اکيون قبر جهڙن ڪارن نشانن ۾ دفن ٿي چڪيون هيون. هن جا ڳل اکين مان وهندڙ ڳوڙهن جيان لڙڪي بيهي رهيا هيا. سندس چپن جون هيٺ ڪيل ڪنڊون ڄڻ ويل وقت تي روئي رهيون هيون، اها ئي سندس وڇڙي ويل محبوبه هئي. جنهن کي وقت پنهنجي مُٺ ۾ ڀڪوڙي بگاڙي ڇڏيو هيو. هن ڏٺو اهو ساڳيو ئي چهرو تبديل ٿي چڪو هيو.
ڊاڪٽر ربنواز محسوس ڪيو ته سندس اکين ۾ ڦاٿل ٻوڏ اتي موجود چهري کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو هجي. سندس اکين ٻرندڙ جبل جيان ڦاٽي ان چهري کي چڪنا چور ڪري ڇڏيو هجي. هن جي چهري مان ڪنهن ڀڳل چهري جا ذرڙا اڏامي ٻاهر وڃي ڪريا هجن.
ڪجهه ڏينهن ۾ ورڪشاپ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ جڏهن هو سکر پهتو ته ڏاڍو ٿڪل هيو. سول اسپتال جي ليبارٽريءَ ۾ جڏهن هو مائڪرو اسڪوپيءَ ۾ مشعول هيو ته ڊاڪٽر آصف هن وٽ آيو، ڊاڪٽر آصف کي ڏسي هن پنهنجو چهرو هيٺ ڪري مائڪرو اسڪوپ پويان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊاڪٽر آصف محسوس ڪري ورتو ته هو لنوائي رهيو آهي. هن غور سان سندس چهري کي چتايو. هن ڏٺو ڊاڪٽر ربنواز جو چهرو ميڻ جيان رجي هيٺ لهي آيو هيو. هن جا وار اچين چڳن ۾ تبديل ٿي چڪا هيا. کيون ڏرا ڏئي ويون هيون ۽ وات جي ڪنارن وٽان چپن جون ڪنڊون ايئن هيٺ لهي آيون هيون جيئن انهن ۾ چنگهه سمايل هجي.
ڊاڪٽر آصف جي حيرت جي انتها نه رهي. صدمي کان ذري گهٽ رڙ نڪري وئي هيس. هن پنهنجي وات تي هٿ ڏنو ۽ سندس اکين م ڳوڙها ڀرجي آيا.
”اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“ هن پريشانيءَ مان چيو. ٽن ڏينهن ۾ ايڏي تبديلي منهنجي مشاهدي ۾ پهيون اهڙو ڪو به واقعو نه آهي. “
هن جي ڳالهه ٻڌي ڊاڪٽر ربنواز پنهنجو گهنجيل منهن ٻئي طرف موڙي ڇڏيو.
”آخر هي ڪهڙو راز آهي؟“ ڊاڪٽر آصف چيو. ”ٻڌاءِ ربنواز، آخر هي ڪيئن ممڪن آهي؟“
”ڊاڪٽر ربنواز پنهنجو منهن ڊاڪٽر آصف ڏانهن ڪيو ۽ پوءِ هن جهيڻي آواز ۾ چيو، ”ڊاڪٽر آصف منهنجو چهرو منهنجو نه آهي، منهنجو چهرو اڳ به ۽ هاڻي به منهنجي محبوبه جو چهرو آهي .

ذهن کي ڌونڌاڙيندڙ رَڙِ: ستار پيرزادو

گهري ننڊ ۾ ستل هوس. ٿڪ ۽ پريشانيءَ سبب ننڊ آڻيندڙ دوا کائي ستو هئس. اوچتو هڪ رڙ ٿي جا ڪنن ۾ گونججي وئي ۽ ڇرڪ ڀري جاڳي هنڌ تي ويهي رهيس.
زميني منزل تي فليٽ، ڪل چار ڪمرا، جن مان ٻه سمهڻ لاءِ، ٽيون مهمانن جي آڌر ڀاءُ لاءِ ۽ چوٿون تي وي ڏسڻ لاءِ مخصوص ٿيل. سڀئي ڪمرا هڪ ٻئي سان دروازن جي آمهون سامهون هئڻ ڪري گڏيل، سواءِ ٻاهرين دروازن جي، سڀ اندريان کليل. ڪمري ۾ ٻڙيءَ وارو کيرائون بلب ٻرڻ ڪري ايتري روشني هئي جو اکين سڀ ڪجهه ڏٺو پئي. هڪ سمهڻ واري ڪمري ۾ بيمار گهر واري ستل. ٽي ويءَ واري ڪمري ۾ ڌيءَ ۽ مهمانن واري ڪمري ۾ پُٽُ ستل.
ننڊ بنهه اچاٽ ٿي وئي هئي. ان ڪر کٽ تان اٿيس، اول بيمار گهر واريءَ جي ڪمري ۾ ويس، هوءَ کونگهرا هڻي رهي هئي. مان ڪجهه وقت ماٺ ڪري هن جي مٿان بيٺو رهيس، پر هن جي جسم ۾ ڪا به چُر پُر نه هئي ۽ بنا ڪنهن احساس جي کونگهرا هڻي رهي هئي. سمجهيم ته اها رَڙِ هن نه ڪئي آهي. سندس بيماريءَ واري حالت ڪري هن لاءِ اڪثر ڊَپُ ذهن تي سوار هوندو آهي. ان ڪري اول سندس ئي ڪمري ۾ ويو هوس. پر سڀ ڪجهه ٺيڪ ڏسي واپس وريس ۽ سڌو ڌيءَ جي ڪمري ۾ ويس.
راتيون ته سرديءَ جون هيون، سڀني جي مٿان ڪمبل پيل هئا. ڌيءَ به ڏٺم ته بنا ڪمبل لاهڻ جي ستي پئي آهي. جوانيءَ جي ڇتي ننڊ، پڙهائيءَ تي مٿي ماري ڪرڻ، گهرو ڪم ڪار ڪرڻ، رڌ پچاءُ ۽ تيماداري ڪرڻ کان پوءِ جو هوءَ سمهندي آهي ته ڪڏهن ته کيس صبح جو به مان ئي اٿاريندو آهيان ته هاڻ صبح ٿي ويو آهي. اٿي ته نيرن ٺاهي، جيئن زندگيءَ جي ساڳئي محور تي چاڪيءَ جي اکين ٻڌل ڏاند جيان ڦيرا پائڻ ۽ گهاڻي ۾ وهڻ لاءِ جسم کي توانو ڪري وڃي جٽجي، ڏٺم ته هوءَ به گهري ننڊ ۾ ستل هئي. سندس چهرو به ڪمبل ۾ ويڙهيل هو. مون سندس مٿان بيهي هن کي سڏ ڪيو : ’بابا‘. مان اڪثر ڌيءُ ۽ پُٽَ کي سڏڻ مهل نالي وٺڻ کان سواءِ فقط ’بابا. “ سڏيندو آهيان. اها عادت تڏهن کان پئي هئم، جڏهن کان هو ٻئي ٻاراڻي وهي اُڪري، جوانيءَ واري وهيءَ ۾ پير پائي چڪا هئا. مون کيس ٻيهر سڏ ڪيو ؛”بابا.“
ڪو به جواب نه آيو. اها ئي ماٺ، اهو ئي هلڪو کونگهرو. هاڻ بنا ڪنهن گرم ڪپڙي جي بت تي هئڻ ڪري هلڪو سياٽو محسوس ڪرڻ لڳس. ڄاتم ته اها رَڙِ هن به نه ڪئي آهي، نه ته انهن ٻن سڏن تي ضرور جواب ڏئي ها.
مهمانن جي ويهڻ واري ڪمري کي در ڪونهي. ٽي ويءَ واري ڪمري ۽ مهمانن واري ڪمري جي وچ واري ديوار ئي ڪانهي. ان ڪري اسان هڪ وڏو ۽ ٿلهو پردو وچ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ان ڪمري ۾ قالين وڇايل آهي. پاسي سان هڪ ديوار سان ٽن ماڻهن جي ويهڻ وارو صوفا ۽ ان جي سامهون واري ديوار سان رکيل ٻه هڪ هڪ ماڻهوءَ جي ويهڻ وارا صوفا رکيل آهن. ٽن ماڻهن جي ويهڻ واري صوفا جي ڀرسان چئن پنجن فٽن وارو هڪڙو ڪاٺائون کليل ڪٻٽ رکيل آهي، جيڪو هيٺ کان وٺي مٿي تائين ڪتابن سان سٿيل آهي. ان ئي ڪمري ۾ هيٺ بسترو لڳائي پُٽ سمهندو آهي. نوجوان آهي، بيروزگار آهي. فقط مئٽرڪ تائين پڙهيل هئڻ ڪري نوڪري ملڻ ۾ دقت اٿس. هو دوستن سان گهمي ڦري دير سان اچي سمهندو آهي. اسان وٽ هر ڪمري ۾ هڪ گهڙيال پڻ لڳل آهي. ڏٺم ته هو به ڪمبل ۾ ويڙهيو سيڙهيو کونگهرا هڻي رهيوآهي. پوءِ به جهٽ پلڪ لاءِ سندس مٿان خاموشيءَ سان بيٺو رهيس پر کيس سڏ ڪرڻ مناسب نه ڄاتم ڇاڪاڻ جو هن جي بنا چر پر جي سڌو ستل هئڻ ڪري پڪ ٿيم ته اها رڙ هن به نه ڪئي آهي.
واپس ڪمري ڏانهن آيس. ان جي باوجود جو هر ڪنهن جي ننڊ ۾ هئڻ جي پڪ هئم تڏهن به وري هر ڪمري تي آخري نگاهه اڇلايم. متان هاڻ ڪنهن ۾ چرپر آئي هجي. پر ڏٺم ته هر ڪو جيئن جوتيئن ستل رهيو.
ذهن سوچڻ شروع ڪيو، مون رڙ ته چٽي ٻڌي هئي. رڙ به ايڏي جو دير تائين ڪن ڌَوندَا رهيا هئا، جي اها رڙ اسان مان ڪنهن به نه ڪئي آهي ته پوءِ اها ڪٿان ۽ ڪيئن بند دروازو اورانگهي، سڌو اچي منهنجي ڪنن سان ٽڪرائي آهي؟ ته پوءِ ٻاهران ايڏي رڙ ڪنهن ڪئي آهي. جيڪا بند ٿيل دروازا به جهلي نه سگهيا آهن؟
هنڌ تي اچي ليٽان ٿو. ڇڪي ڪمبل مٿان وجهان ٿو. پر چهرو اڻ ڍڪيل ئي ڇڏي ڏيان ٿو. اکيون ٻوٽي ننڊ ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهيو آهيان، جنهن ۾ ڪامياب نه پيو ٿيان.
اڃا تائين جاڳ جلائيندي رهي ٿي. ذهن انهيءَ رڙ تي سوچڻ ڪري، ننڊ کي آڏو اچڻ نٿو ڏئي. هاڻ جاڳ جي جهوريءَ سان گڏ ڪي يادگيريون ڪَرُ کڻن ٿيون. ذهن جي پڙدي تي چٽائيءَ سان اخبار ۾ ڏٺل ان قيامت جي تصوير اکين اڳيان هڪ هڪ ڪئمرائي تصويرن جيان هڪ ٻئي پٺيان پر تيزيءَ سان تبديل ٿينديون ٿيون رهن. سامونڊي طوفان سمنڊ جي تري ۾ ڄڻ ڪنهن باهه جا اهڙا مچ مچائي ڇڏيا آهن جو پاڻي ٻاٽيءَ ۾ ٽهڪڻ ويل ان جي ڍڪ کي به اڇلائي ٻاهر نڪري ايندو آهي. هي سمنڊ آهي يا اڀامندڙ ڪُنو، نه ڪا جهل نه پل. نه ڏسُ نه پتو،، ماڻهو، ويچارا، هيڻا، ڪنهن نه وهيڻا، ڀاڄ، دانهون، ڪوڪون، رڙيون، ڪيهون، سر بچاءَ ۾ ڪيترن کان ٻچا به وسري ويا. پاڻي، اجهل سامونڊي پاڻي، جيڪو اجگر جيڏا ٻيڙا به اٿلائي پٿلائي ڇڏيندو آهي. ان جي آڏو جهوپا، ڪکاوان، ڪنڌيون، ڪچا گهر، اڌ پڪا گهر، مال متاع، سڀ جي مٿان پاڻي ڦرندو ۽ جهڳا جهڻ ڪندو ٿي ويو.ڪيترن جون ڊوڙون، پوڙها، پوڙهيون، ٻار، ٻارڙيون ڪٿي ٿيون پاڻيءَ کان اڳ ڪڍي سگهجن. ڪي لڙهي ويا. مال، ملڪيتون، بچت سچت، الهه تلهه سڀ ناس ٿي ويو.
پر ان طوفان کي آئي وئي ٻه ٽي ورهيه لنگهي ويا هئا. انهن ماڻهن جي رڙ نه ته رانڀاٽ، هاڻ اڄ رات، منهنجي ڪنن ۾ ڪيئن آيا آهن؟ نه – نه ائين نٿو ٿي سگهي؟ ٻيو ڪجهه ٿيو هوندو، نه ته ايترن ورهين پڄاڻان اها هڪڙي رڙ ڪيئن مون تائين پهچي ها. تڏهن ته ڪا نه پهتي هئي. فقط اخباري تصويرون ۽ ٽي وي فلمن ذريعي ئي اها قيامت جهڙي حالت ڏسي، پيرن کان چوٽيءَ تائين ڌڏي ويو هوس. ڪيترو تعداد ماڻهن جي موت جو اخبار لکيو هو؟ هر ڪنهن پنهنجي خابروءَ جي چوڻ مطابق ئي لکيو هوندو. اصل ڪيترو هوندو؟ مان ڪڏهن به ان متاثر علائقي ۾ ويو ڪونه هوس. پوءِ ٻين جي ڏسيل انگن اکرن تي ڀاڙڻو پيو . شايد مان به گيدي آهيان. ڊڄڻو آهيان، حقيقت ڏسڻ بجاءِ، پري هڪ ڪمري ۾ ويهي اندازو لڳائي، مطمئن ٿي ويهي رهيس. پر منهنجي هٿ ۾ به ڇا هو ۽ ڇا آهي؟ امداد هلي آئي به يا نه؟ ماڻهن کي ملي به يا نه؟ ڪنهن جي ڪنهن جي گهر ۾ پهتي؟ ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيترن حصن پتين ۾ ورهائجي وئي؟ ڪير پڇي؟ ڪنهن کان پڇي؟ مان به ڏوهي، هر ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ به ڏوهي.
پر اهي خيال منهنجي ذهن کي اڄ،هن ويل، اويلي ويل ڇو اچي پريشان ڪرڻ لڳا آهن. منهنجو سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح ته ان واقعي، سانحي سان لاڳاپو نه هو. بس سنڌ واسي، لاڙي ماڻهو، اٻوجهه - اَڄاڻ، غريب ماڻهو ضرور هئا. منهنجو هنن سان سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح واسطو ضرور هو ۽ آهي. پر اها رڙ هن ويل ڪٿان آئي آهي؟ ڪنهن ڪئي آهي؟ ڪٿي ڪرٽ اُڙهو آهي؟ ڪٿي گهاڻو پيڙيو آهي؟ ڪٿي سوري سجائي وئي آهي؟ ڪٿي ڪنڌ ڪپيو ويو آهي؟ ڪٿي؟ ڪٿي؟
تصوير ڦري وئي، رِيلُ اڳتي رڙهي ويو. ڪلاشنڪوف جو برسٽ هليو، چار ماڻهو ٿڏي تي ڍير ٿي ويا، هلندڙ ڦرندڙ، ڏينهن ڏٺي جو، ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. دڪان بند ٿي ويا. گاڏيون، جا جتي سا تتي ؛بيهي ويون. ڪي ڪريا، ڪي لتاڙبا رهيا، ڦٽبا رهيا، ڪجهه ڪيهون، ڪوڪرا، دانهون رڙيون.
انهن رڙين مان ڪا رڙ ٿي سگهي ٿي. پر انهيءَ ڪهاڻيءَ کي به ورهيه ٿيا، ته پوءِ اها رڙ اڄ، هن ويل منهنجي ڪن ڪيئن پيئي؟ منهنجي ننڊ ڪيئن خراب ڪيائين؟ ڇو؟ ڇو؟ ڇا اهي رڙيون فضا ۾ گونجنديون ٿيون رهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن جي ڪنن ۾ پڙاڏو بڻجي ٻرُن ٿيو ن. اڄ منهنجو وارو هو ڇا؟ مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ مان هنن کي جهلي پلي ته نه ٿو سگهان. ها، هنن کان نفرت منهنجي اندر م هر وقت کاٽ هڻندي رهندي آهي. ۽ ڪجهه آفيسي دوستن ۾ اظهار جي ويندي آهي. ڪيترائي مون سان متفق هوندا آهن. ڪي ماٺ رهندا آهن، ان ماٺ مان ڪهڙي معنيٰ وٺي سگهجي ٿي؟
تصوير ڦري وئي. ٻوٿاڙا ٻڌل، صرف اکيون کليل. هٿن ۾ ڪلاشنڪوف. مري ويل ماڻهن تي تيلي ٻاري باهه ڀڙڪائي، انهن جي چؤڦير جهمريون هڻي ۽ رڙيون ڪري هوڪرا، ڪوڪرا، هنبوڇيون، نعرا نعرا : ”جيئي، جيئي، ڪير جيئي !“ انسانيت تڙپي، لڇي، ڦٿڪي، ذليل ٿئي، شهيد ٿئي، پوءِ ڪير جيئي ڪيئن جيئي ۽ ڇو جيئي؟ آخر ڪار به ڇو؟ ڇو؟
پر ان واقعي کي به روهيه ٿيا. ڇا فضا مان آواز ختم نه ٿا ٿين؟ انهن مقتول ماڻهن جي پهرين ۽ زندگيءَ جي آخري رڙ مون تائين هاڻ پڳي آهي. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. مون کي ياد آهي، مان ان واقعي ويل اها خبر اخبار ۾ پڙهي ڪيئن نه پريشان ٿيو هوس. انسان، خدا جو جلوو، الله جومظهر، هن جي ائين ۽ اهڙي نموني ٻئي انسان هٿان تذليل، ڇا قهار واري جبلت انسان تي حاوي ٿي وئي آهي، هونئن رحم ۽ بخشش به ته هن جي صفتن مان آهن، ڇو اهي انسان تي غالب نه ٿيون ٿين؟ حرص، هوس، ڇاجي؟ ڪيتري وقت لاءِ، زندگي گهڻي آ. ’آتي هوئي اذان، جاتي هوئي نماز.‘ بس ان وقت ۾ انسان ڇا ڇا حاصل ڪرڻ گهري ٿو. ڇا هيءَ ساري ڪائنات پنهنجي هٿ وس ڪرڻ ٿو گهري؟ اهڙيون ڪوششون جن به اڳ ۾ ڪيون، تاريخ شاهد آهي، ڪٿي آهن؟ ڪيڏانهن ويا؟ فرعون، شداد، هٽلر، سڪندر، نانءُ وري به سرمد شهيد جو احترام سان ورتو ويندو آهي. هاڻ منهنجون اکيون کيرون ويرون ٿيڻ لڳيون. ذهن سوچي سوچي ٿڪجي پيو هو، اکيون ٻوٽجڻ لڳيون. هڪ گهيرٽ آيو ئي مس هو ته وري اها ئي رڙ ٻڌڻ ۾ آيم ۽ مان ڇرڪ ڀري اٿي پيس، پر هاڻ بنهه چٽي هئي ۽ منهنجي پنهنجي ڪمري مان اڀري هئي. ۽ ڪنن سان ٽڪرائجي، جسم جي نس نس کي تحرڪ ۾ آڻي ڇڏيو هئائين. منهنجو جسم ڏڪيو پئي، لوندڙيون ڌنوي رهيون هيم. هر ڪو ستو پيو هو. هر ڪو گُهور ننڊ ۾ هو. هي مون سان ڇا پيو ٿئي؟ ڇو پيو ٿئي؟ منهنجي من ۾ ڪيتريون ئي وارداتون ٿيل ۽ نقش ٿيل آهن. هو هڪ چٽ چڪي رهيو اٿم ڇا؟ ڪهڙي ڳالهه پريشآن ڪري، ننڊ ڦٽائي، ڌيان ڇڪائي رهي آهي. ڪهڙي واردات مونسان، منهنجي ڪنهن مٽ مائٽ سان، ڪنهن اوڙي پاڙي واري سان ٿي آهي؟
ها، اها اهم ڳالهه، منهنجي ڳوٺ جي تاريخ جو پهريون واقعو. رشتي ۾ منهنجي مامي، چئن ٻارن جي ماءُ، جوان امنگ، سندس پيءُ جيڏي مڙس جو چڪي چڪي ناسور ۾ مري وڃڻ. اولاد بنهه ننڍڙو، ڪا به ملڪيت ڪا نه، ٻين جي سهاري، وات بند، گنگ منگ، چئي سگهڻ جو ساهس به ڪو نه . والدين تهان ئي غريب. ان لاءِ ئي ته ڏئي ڇڏائي هئائون. هاڻي واپس ورڻ جون واهون به ناهن ۽ پوءِ ڳوٺ جو هڪ نوجوان دڪاندار سان نياپا، عليڪ سليڪ، شئي شغل، پوءِ سودو پاڌو، ڪڏهن پئسو پنجڙ، پوءِ ميل ملاقاتون. وجهه وٺي شهر تائين هليو وڃڻ. جوان جسم. جوان جذبا، جسم جي جسم کي ضرورت. ڇهاءَ تي ڇاتيءَ اندر هيٺ هيٺ گهراين ۾ مکڙين جو کڙي پوڻ. نيٺ پڪ پڪاڻي. نڪري پوڻ. سڀني کان ننڍڙو ٻار هنج تي، ليڪا لتاڙي، رشتا ناتا، اولاد، جهوپڙيءَ جهڙو گهر، ڳوٺ، ماءُ پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ، لڳ لاڳاپا، سڀ جذبن جي اڌمن ساڙي رک ڪري ڇڏيس ۽ هوءَ پٺيءَ جي پرواهه پلي، بنا پوئتي ڏسڻ جي گم ٿي وئي. خبر تڏهن پئي، جڏهن پٺيان اچي سج لڙيو، شهر اوندهه ۾ ٻڏڻ لڳو. هِن پڇيو، هُن پڇيو، ”اڙي ڪيڏانهن وئي؟“
”شهر ٻار کي وٺي وئي هوندي.“
چئون، پڇئون، پڇا ڳاڇا، ڏسُ پتو، ڪا به ڪل ڪانه.
ٻئي طرف دڪاندار جي ڳولا، ”ڪيڏانهن ويو؟“
”سودو وٺڻ.“
”ايڏي دير ته نه لائيندو آهي.“
”ڪجهه ٿي پيس ڇا؟”
”ڪهڙي ڪل.“
هڪ عرصي کان پوءِ وري واپس وري، ان پڪ تي ته ڪجهه به نه چيو ويندو. ماءُ وٽ رهيل. ٻارڙو ساڻ، هر ڪنهن جي بوڇار برداشت ڪرڻ. ڪنهن جي سوال جو ڪو به جواب نه ڏيڻ. ”اڙي مائي، چئن ٻارن جي ماءُ، اها ئي ڪم ذات.“
”ها، ادي ڪير لنگهي ٿي بيهي، تنهن کي ڪير پلي.“
”توبهه، توبهه، شل نه ائين ڪنهن سان ٿئي.“
۽ هڪ رات، آڌيءَ رات، هن جو سؤٽ، هٿ ۾ بندوق، هوءَ ڇرڪ ڀري اٿي. ايلاز، ”ڀلا هن ٻار کي پاسي ڪريان.“
”دير نه ڪر.“
ٺڪاءُ.
۽ پوءِ رڙ.
رت ريلا ڪري اڙهو. هر ڪو جاڳي پيو. پر وحشت جي چنبي م ورتل جي آڏو ڪير اچي؟ هر ڪنهن کي پنهنجو جيءُ مٺو. جو ٿيڻ نه کپندو هو، سو ته ٿي گذريو، مئي کي ساهه ته ڪو وجهي نه ٿو سگهي. هُلُ،هنگامو، خون خون، دانهون، ڪوڪون، رڙيون پاراتا، ٻاڏائون ڪجهه به وس نه. ڪو به اونائڻ وارو نه.
”چڱو ٿيو، دير ٿي پر درست ٿيو.“
”ڪني آڱر وڍي چڱي.“
”اڙي هن جا ننڍڙا ٻچڙا؟“
”اهو احساس اهڙا پير کڻڻ وقت نه پئي ٿيس.“
”ڪهڙي خاندان مان هئي، ڪميڻي، ڪم ذات، خاندان جو نڪ ڪپائي وئي، مُئي چڱي ! “
”جوان هئي جذبات به ڪنهن کي جهل ڏين.“
”اڙي هُن ندوري کي به شرم نه آيو.“
”هو به ڇا ڪري، جوان به هو، جذبا هن کي به ساڙڻ لڳا هوندا. واهه ملي پوي. تنهان ئي تؤ وڌي ويندو آهي.“
جيترا وات، اوتريون ڳالهيون. ماڻهن ۽ کوهن جا وات ڪير بند ڪري؟
ها اها رڙ ٿي سگهي ٿي. ڪيڏو افسوس ٿيو هوم، اها ڳالهه ٻڌي ڪيڏو ڪهڪاءُ آيو هوم . هن جي ٻارڙن کي ڏسي، وس ۾ ڇا هوم؟ بس ذهن م اهڙي عمل لاءِ نفرت. سچ چئجي. ڪيئن چئجي؟ ڪنهن کي چئجي؟ نيڪي ته اصل کان بديءَ جي لبادي ۾ لڪندي وتي. بدي نيڪيءَ جي لبادي ۾ موجون ماڻيندي وتي. انهيءَ ڪري ئي ماڻهو سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ وساري ويٺا آهن. مون کي به پرکڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي آهي، ڏو هه هن جو هو يا ڏوهه ڏيندڙ ن جو هو يا ڏوهه وٺندڙن جو هو، يا ڏوهه نڪاح پاڙهيندڙن جو هو يا ڏوهه ان عمل م شريڪ ٿيندڙن جو هو؟ سڀ ڏوهاري، ها گنھگار. ڪنهن تي، سنگ باري ڪجي. ڀل لفظن جي ئي.
مون جڏهن اها خبر ٻڌي هئي، تڏهن پنهنجيءَ پر ۾ سڀني کي هڪ جيترو ڏوهي قرار ڏنو هوم. اهو ئي سبب آهي جو هن جي زندگيءَ جي آخري رڙ جا مون ويجهائيءَ کان ته نه ٻڌي هئي، اها سفر ڪندي، مُندن ۽ فضائن سان جهيڙيندي هاڻ اچي مون تائين رسي آهي ۽ مون کي پريشان پئي ڪري، حقيقت ۾ ذهن کي جهنجهوڙي رهي آهي ته آئندهه گيدي نه بڻج، سچ کي سچ چئي ڏج. پوءِ مچ مچي ته ڀل مچي.

مرده معاشري جي زندهه تصوير: جان خاصخيلي

اڀ تي سرڻيون لامارا ڏئي رهيون هيون. ماڻهن جون اکيون خلائن ۾ گم. ڄڻ ته ڪائنات جا مڙئي رنگ اکين ۾ هارجي رهيا هئا ۽ سندن مونجهه ۾ ڦٿڪندڙ سپنا ڀڙڪو ڏئي اکين اڳيان رقص ڪرڻ لڳا هئا.
سج چميءَ جي نشان جيان مٽبو پيو وڃي. ڀر واري رستي تي ڊوڙندڙ ڪنهن ڪنهن گاڏيءَ جا هارن ڄڻ ته جلاوطن ماءُ جي هنج تي روئندڙ ٻارڙو، اکيون صدين کان اڃاريون، هيڏي ڀرئي ايوان ۾ ماڻهن جا من ڦولهينديون وتن.
ضمير جي قيديءَ نالي رچايل شام، رنگين اسٽِيج،، هر ماڻهو ڄڻ ته ڪنهن نئين پيغام ٻڌڻ لاءِ بي چين آهي. اسٽيج تي ڳالهائيندڙ وڃي ٿو، ماڻهن جي من جا راز کوليندو. هر تقرير کان پوءِ اسٽيج سيڪريٽري لفظن ۾ رنگ ڀري ٻئي کي سڏي ٿو ۽ مٿي ايندڙ اعتماد سان سماج، غربت، برابري، عورت جو رتبو، زندگيءَ جو وهڪرو ۽ بک تي ڳالهائي ٿو. لفظ هنن جي چپن تان ترڪندا ٿا وڃن ۽ ٻڌندڙ اتساهه سان پنهنجي خشڪ ٿي ويل امنگن کي ريج ڏئي رهيا آ هن.
شڪستون وري ٿيون فتح ڏانهن وڌن. فاصلا فاصلا ويڙهبا پيا وڃن.
پر هن جي زندگي پاروٿي ٽڪر جيان سينوارجي رهي آهي. هر ڀيري درد هن جي سيني ۾ اٻڙڪو کائي ماٺ ٿي وڃي ٿو، سندس ڪڇ تي پرائو ٻار آهي. هنومان جهڙو، ڦڙتيلو، ايوان ۾ ويٺل هر ماڻهوءَ جي اکين ۾ ترندڙ نڪور امنگن جهڙو ننڍڙو ٻار.
شاعر ڌرتيءَ جا گيت ڳائي ٿو، ايوان ۾ تاڙيون وڄن ٿيون ۽ ٻار ڪڇ تي ڇڙيون هڻي زوريءَ لهي اسٽيج ڏانهن ڀڄي ٿو. هوءَ به ٻار جي پٺيان ڊوڙي ٿي. لمحي لاءِ سندس وهيءَ جو موٽندڙ درد ٻار جي نازڪ پيرن هيٺيان چيٿاڙجي ٿو. اسٽيج جي سامهون ويٺل ٻار جي ماءُ پُٽ کي ٻانهن کان جهلي کڻي ٿي. ۽ پٺيان ايندڙ عورت جي اکين ۾ گهوري نه ڄاڻ ڪيترون يادون سندس اکين م ٽنبي ڇڏي ٿي. ۽ پوءِ هو اسٽِج تي گونجندڙ لفظن کي ٻڌڻ کان اڳ م ٻار کي کڻي رستي ڏانهن وڌي ٿي. ٻارڙو ڦٿڪي ٿو ۽ هوءَ پنهنجي ٻانهن کي ڀڪوڙي ٿي. چڀڪارون چڀڪارون مستقبل جا عڪس.
”الا هيڏي شهر جي گهٽ ڪيڏي ڏکي آهي.“ هوءَ ڀڻڪي پنهنجي اکين مان لڙڪ اگهي ٿي. ٻار اسٽيج تي ٻرندڙ روشنيءَ لاءِ واجهائي ٿو. هن کي پنهنجي نوڪريءَ جو احساس ٿئي ٿو ۽ نه چاهيندي به ٻار کي قابو جهلي ٿي، هن جا نيڻ بيدمشڪ جي پاندرن مان سامهون ٺهندڙ عمارت جي پاسي ۾ ٻڏل تختين تي ڊوڙندڙ مزدورن سان ٽڪرائجن ٿا ۽ ٻڏندڙ ٻيڙيءَ جيان هن جا خيال به لڏن لمن ٿا. هوءَ ٻار کي رستي جي هن پار کڻي مزدورن کي ائين ڏسي رهي آهي ڄڻ ته اهو مزدور سندس گرڀ مان نڪتو آهي ۽ هن جي ڇاتيءَ کي چنبڙي چنبڙي مٿي ڊوڙڻ جهڙو ٿيو آهي.
ٻارڙو ڪڇ تي ڦٿڪي ٿو ۽ هوءَ روشنيءَ ڏانهن وڌي ٿي. پوءِ بلبن جي روشنيءَ جي تاءُ جي سامهون ويٺل ٻار جي ماءَ هن ڏانهن ڏٺو. سندس اکين م ويٺل عقاب اڏاڻا ۽ هوءَ ڊنل عورت ڇرڪ ڀري پوئتي ڀڳي. ٻار هن جا وار پٽيا پر سندس زور دار ڪيهون اسٽيج تي ويٺل ضمير جي قيديءَ جي هانءَ ۾ رنڊا هڻڻ لڳيون. هن پنهنجي ساٿين کي ڏٺو. ويجهي ويٺل ساٿيءَ مرڪي ڏنو. ضمير جي قيديءَ پنهنجو گريبان ڏٺو ۽ پوءِ هن جون نظرون تيزيءَ سان ان ٻار ۽ عورت کي ڳولهڻ لڳيون، پر اها عورت اکڙين جا لڙڪ لڪائي وڻن جي پاڇولن ۾ ڀٽڪڻ لڳي هئي.
”ڇا هوءَ به ڪا تصوير آهي؟“ ضمير جي قيديءَ ڀڻڪيو، سياستدان ڳالهائي رهيو آهي، ”هر پورهيت جو ڏک اسان جو ڏک آهي. اسان دنيا عدوليل ماڻهن جي امنگن جا ترجمان آهيون. اسان سماج جي اڻبرابري مٽائي خوشحالي آڻڻ جو پيغام کڻي آيا آهيون ! “ تاڙيون وڄن ٿيون.
ضمير جو قيدي سگريٽ جي ڪاري ناسي دونهين مان تارن کي گهوري ٿو. ۽ ڪيتريون ئي سواليه نشانيون هن جي اکين ۾ چڀڪن ٿيون.
”ڇا عقاب ۽ ڪبوتر هڪ وڻ تي ويهي ننڍن ۽ وڏن پکين جي مستقبل لاءِ سوچي سگهن ٿا؟ “ مرڪ هن جي چپن ۾ ڦٿڪڻ لڳي ۽ هن جون نهارون ان مالڪ عورت جي اکين ۾ ويٺل عقابن سان ٽڪرائيون پر اسٽيج تان ٻيهر آواز آيو ؛”اسان پنهنجي جدوجهد جو دائرو هارين، ڌنارن ۽ پنهوارن تائين پهچائڻ چاهيون ٿا. مظلوم ماڻهن جي آزادي عورت جي آزادي آهي.“ مالڪ عورت اٿي نعرو هنيو :”نامنظور، نامنظور – غلامي نامنظور “ پر ”هوءَ “ مردهه معاشري جي زندهه تصوير جيان هر ڳالهه کان بي پرواهه پڄري ٻري رهي آهي. سڀ ڳالهيون ۽ نعرا هن جي خوابن جي شيشي کي ڪرچون ڪرچون ڪري رهيا هئا ۽ سور ويو ٿي من جي هر مراد کي ڪوڙهيندو.
”الا هن هيڏي شهر جي گهٽ ته ڪيڏي ڏکي آهي، شهر جون مائرون.....!“ هن جي تصور ۾ زندگيءَ جو طويل افسانو وکرندو ٿو رهي ۽ اکين جون ترايون ٽمٽار ٿي اٿلڻ لڳن ٿيون. عجيب قسم جو خوف ويو ٿي هن جي نرڙ جي گهنجن ۾ پيهندو. هڪ نوجوان ضمير جي قيديءَ سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ شعر پڙهي ٿو .
هوا جي تيز لهر هن جي پگهر هاڻي چوليءَ کي ڇهيو ۽ سندس بدن مان سياندو نڪري ويو. هن اڀ ڏانهن ڏٺو. بلبن جي تيز روشنيءَ ۾ سڄو اڀ ڄڻ ته ستارن کان خالي هيو.
”اي قسمت جا بادشاهه هي ڪهڙو کيل آهي؟ اسان ماڻهو هتي ڪو نه سونهون، درياهه جو ٻيٽ سائو ڪر ته وڃي پنهنجي گهرن ۾ لڪون.“ هوءَ پنهنجي ڦاٿل هانءَ تي پٽيون رکڻ لاءِ ڀڻڪندي وڃي ٿي. يادن جي تهخانن ۾ گم ٿيندي ۽ رات دردن جو ڄار اڻندي ٿي وڃي. اسٽيج تي ڳالهائيندڙ اعتماد سان ڳالهائيندا ٿا رهن. ڪئمرائن جا چمڪاٽ، کڙندڙ تارن جيان دور دور تائين محسوس ٿي رهيا آهن. مگر هوءَ معاشري جي زندهه تصوير بيد مشڪ جي پاندرن مان پنهنجي قسمت جي ستارن کي ڳولهي رهي آهي.

ٻڍيءَ جي ٻاجهه: امر لال هنگوراڻي

بنهه سادي، جهوني زماني جي. پُٽ جو تڪرار نٿ تي، نٿ نڪ مان نه لاهي. چي :”سهاڳ جي نشاني !“ پر سهاڳ سدائين ڀاڳ ۾ نه هيس. چي : ”سهاڳ کان پوءِ سونهن ڪهڙي ڪم جي؟ سسي لٿي ته مڻيو منڊي ڪيڏانهن ڪبو؟“
پُٽ شادي نه ڪري. دل ۾ اونو هوس ته امڙ جهونن خيالن جي، هوڏانهن هوءَ اصل نون خيالن جي نٽوئي، پائوڊر ۽ لپسٽڪ جي ڪمي ڪا نه هئي. لپسٽڪ به اهڙي لڳائي جهڙي ”پانن پڪ“، نهن ڳاڙها، ڪپڙا رنگ برنگي. سو چوڪر کي اهو اونو ته اُٺان ميهان دا ڪيها ميلا؟
پر ڇوريءَ جا ڇال، لال نه لنگهي سگهيو. شادي ڪيائين ته ٻيا سڀ شاديءَ تي آيا پر لال جي ماءُ گهر ويٺي. چي :”جڏهن وني وٺي ايندين، تڏهن ڪنوار سان درَ تي گڏجنديس.“ جهونيءَ ريت ۽ رواج، گهوٽ ۽ ڪنوار کي در تي گڏي، ڍڪڻ رکيائين ڪنوار جي مٿي تي ۽ ڍڪڻ جي مٿان رکيائين ڏيئو. ڪنوار وائڙي ٿي ويئي. دل ۾ چي : ”هيءُ ڪهڙو هوليءَ جو سانگ !“ لال جي ماءُ چيس، ” ڍڪڻ ٿي گهر جي ڪچائي ڦڪائي ڍڪجانءِ ۽ ڏيئو ٿي اوندهه ۾ اجالو ڪج.“
لال جي ماءُ ريل ڇيل ڇڏيو. ايئن ڪو نه هو ته لاچار کي آچار هو. پاڻ خوش ٿيندي هئي. هنن کي چوڄ ۽ اوج ڪندو ڏسي گد گد پئي ٿيدي هئي. ڇوريءَ جا ڇال نه هئا پر اڇانگ واسينگ جهڙا وار، جي لهرن وانگر پيا لڏندا هئا، ڪٽائي باب ڪرايائين. لال کي لهس نه آئي. اندر ۾ اهو سور لهس ڪري پيتائين. وري لوري لڳس فراڪ جي. لال چي : ”پرڻيل ڪيئن فراڪ پائي؟ لڄ جهڙي ڳالهه آهي. بي حيائيءَ کي به ڪا حد ٿيندي آهي. سڀ ليڪا لنگهائي ويٺي آهين. ماڻهو ڇا چوندا؟“ پر ڇوري ڇڙي بيٺي، جنهن ڪڏ تي بيٺي، تنهن هوڏ تان ڪيئن لهي؟ لال چي :”ڏس، امڙ ڪيڏي نه درياهه دلي ڏيکاري. جڏهن تو وار ڪٽايا، پاڻ چوڻ لڳي ته منڊم ٿي آهي. منهنجي دل کي چوٽ لڳي. جن وارن کي آڱرين تي ويڙهي راند ڪندو هوس. سي ڪٽجي ويا ! ڄڻ ته بدن جو عضوو ڪٽجي ويو. پر امي پيئي مشڪي. چي :”نئين لهر آهي.“ نه عذر ڪيائين نه اعتراض. هاڻي جو فراڪ پائيندينءَ ته کيس رنج ٿيندو. “ گوميءَ لال جي زال چيو : ”اميءَ جو خيال نه ڪريو. امي ڄاڻي مان ڄاڻان، توهان کي ته اعتراض ڪونهي؟“ لال کي پڪ هئي ته ڪڏهن نه هيءَ مک ڳڙڪائڻ قبول ڪندي. کيس به ڳالهه نه ٿي وڻي. پر هن جي دل وٺي چوڻ لڳو : ”مون کي ڪهڙو اعتراض؟“
هفتي جي اندر گوميءَ فراڪ پاتو. لال جي ماءُ آنند ۾. ڪپڙن ۾ نه پئي ماپي. چي :”سڌ ٻڌ جنسي منڊم.“ ڏسي پئي ٺري. لال وائڙو ٿي ويو. چي : ”امي ! بابي جي ڏينهن ۾ ڪهڙا خيال هيئي ۽ هنيئر ڇا ٿي ويو اٿئي؟“ لال جي ماءُ جا ورَ جي ويچار ۾ ڳوڙها ڳڙي آيا ۽ چيائين : ”بلي، مان اوهان کي ڇو جهليان؟ ڏاڍا ڏک ڏٺاسين. رات ٿيندي هئي ته سڄي گهر جو ڪم لاهي، پوءِ سس کي زور ڏيندي هيس، جيسين ننڊ اچيس. هوڏانهن پاڻ نهاري نهاري سمهي پوندا هئا. شادي ٿي، رات گڏ گذاريسين. صبح جو چون ته مڙس کان منهن ڍڪ. انڌو لاڙڪاڻي جو رواج. رئي مان لوڪؤن لڪي، واجهه پائي، اکيون کڻي نهاريندي هيس. سندس لاءِ پيئي سڪندي هيس. ڏينهن جو مجال آهي. جو ٻين لاءِ ٻڙڪ ڪڍون. رات پيئي روئندي هيس. هڪڙي ڏينهن جهلي نه سگهيس، ڏينهن جو اڪيلو ساڻس ڳالهايم. سس مٿان اچي ويئي. پاڻ ڪن ٻوساٽي هليا ويا. سس چوڻ لڳي، ”پرڻئي گهڻا ڏينهن ٿيا ٿوَ؟“ ٽنڪوماري چيائين، ”اڳ ٺهيل هئا. “ اهو ڏنيهن، اهو شينهن، وري سڄي عمر ۾ اميءَ جي منهن تي ڪو نه ڳالهايوسين . توکي سانڀر آهي، ڪڏهن پنهنجي پيءُ سان مون کي گڏ کٽ تي ويٺل ڏٺئه؟“
لال ڪنڌ سان ”نه “ جي ڌوڻ ڪئي. لال ماءُ چوڻ لڳي، : ”جڏهن پاڻ بيمار ٿيا، تڏهن هڪ ٻه دفعا پاسي ۾ ويهڻ لاءِ چيائون. آءٌ سکڻي لڄ جي ماري، سو ڪيئن ٿي لوڪ لڄا النگهن ڪريان؟ شرم کان پاسو ڪيم. اهڙي ته ڪل ڪا نه هئي ته اها سندس پڇاڙيءَ جي آرزو هئي، جا هن نڀاڳيءَ پوري ڪا نه ڪئي.“ ايئن چئي سڏڪا ڀري اکين مان نير وهائڻ لڳي.

(چونڊ : سنڌي ڪهاڻيون، ڀاڱون پهريون، 1981ع ساهتيه اڪيڊمي، نئين دهلي، تان کنيل.)

ڪِڪي: آسانند مامتورا

ڪڪيءَ کي سندس ساهيڙيون ڳنوارڻ ڪري سڏينديون هيون. البته سندس پرپٺ. هوءَ ڪا ڳنوارڪو ڌنڌو نه ڪندي هئي، مڙسنس ٻه ٽي گانيون پاليندو هيو. انهن جي کير مان جا پيدائش ٿيندي هيس، تنهن تي سندس گهر جو دارومدار هو.
سندس نالو به ڪو ڪڪي ڪو نه هو. اڃا ٻارهن ورهين جي ٻار هئي ته مائٽنس کيس هڪ پنجويهن سالن جي برهمڻ سان پرڻائي ڇڏيو هو س. سري جي به البت سوکيم هئي. ساهري گهر، انهيءَ ڪري پهريات ۾ اڃا، هيڏڙي اڻ اسريل ڪڪي پيئي لڳندي هئي. ڪڪي نالو مٿس اجهو انهيءَ ڪري پئجي ويو.
مڙسس جنم ڪري سو برابر برهمڻ هو. پر نڪا سنسڪرت پڙهي هئائين، نڪو وري شاسترن جو پنهنجي ٻوليءَ ۾ اڀياس ڪندو هو. شروعات ۾ چڱي موچاري ورت هين. ڌاما کائي ۽ وڏن پرڀن تي يجمانن (عقيدتمندن) وٽان جيڪو ملندو هون. تنهن تي پيا عزت آبروءَ سان پنهنجو اُدر پورنا ڪندا هئا. پر مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءَ سندس گذران البته مشڪلات سان ٿيڻ لڳو. سندس يجمانن جي سنکيا گهٽجي وئي يا منجهائن شرڌا پر ڪري اڏامي ويئي هئي، يا اڃا به ڪو ٽيون سبب هو چئي نٿو سگهجي. لاچار هن جنم جي براهمڻ، جو نه پراچين وديا مان ۽ نه ورتمان سمي جي جڙوادي وگيان مان واقف هو، تنهن ٻه ٽي گانيون پالي انهن تي گذران ڪرڻ جو وسيلو اختيار ڪيو . ڪڪي هينئر ارڙهن ورهين جي ٿي هئي. جواني البته منجهس چرڪو ڪري ڦٽي هئي. اهو شايد سندس سوکيم سرير ۽ هيڻي هاٺيءَ جي ڪري هو. پر ارڙهن ورهين ۾ پير پائڻ سان جواني يا منسڪ توڙي سريرڪ جذبا منجهس اهڙي زور سان اٿيا جو لطيف ۽ نفيس احساس اسرن، تنهن کان اڳي هوءَ پنهنجي ڀتار جي سنگ ۾ پنهنجي جيون جي پرڦلتا محسوس ڪرڻ لڳي. لطيف ۽ نفيس احساس اسرن ٿا صرف انهيءَ هنڌ، جتي سڀيت جو سورج مکي گل پنهنجو ڳاٽ انادي ست جي سج ڏي اوچو کنيو اڀري. هتي نه ڪو آتمڪ سڀيتا جو پرڪاش ۽ نه هئي انهيءَ لاءِ ڪا اٻالکا.
ورهيه ٻه انهيءَ جوانيءَ جي جسماني مستيءَ ۽ خمار ۾ گذريس ئي ڪين ته ڪڪيءَ جي سندس ڀتار ڏانهن رخ ۾ اڻ لکي تبديلي ٿيڻ لڳي. سندس ڳالهائڻ توڙي هلت چلت ۾ ڪا به لطافت نه ڏسي، کيس غيرت اچڻ لڳي. ڪنهن سان ڪئيف نوع ۾ ڳالهائيندو ٻڌندي هئس ته ائين ڀائيندي هئي ڄڻ ته ڪنهن سندس نڪ ٿي ڪپيو. رات جو جڏهن هو سندس ڀرسان بستري تي اچي ليٽندو هو، تڏهن منجهانئس گاين جي ڇيڻي ۽ گئونٽ جي بوءِ پيئي ايندي هئي، جا البته اڻ وڻندڙ هئس. گهڻو ئي پنهنجي دل کي پر ٻوڌ ڏيندي هئي. پتي ديوتا سمان آهي. هو کڻي ڪهڙو به ڪنو ڪوڙهيو هجي پر هندو استريءَ جو ڪرتب آهي ته سندس شيوا ڪرڻ، کيس سنسار جي ٻين مڙني مردن کان اتم ڪري ليکڻ. اها هندڪار جي پراچين سکيا سندس رڳ رڳ ۾ هئي. ننڍي هوندي کان هن جي دل ۾ اهڙائي پتي شيوا جا سنسڪار وڌا ويا هئا. اها سکيا ياد ڪري من کي سنتوش ڏيندي هئي ۽ ڀتار جي هر طرح شيوا ڪري کيس خوش رکندي هئي. جڏهن واندي ويٺي هوندي هئي، تڏهن سندس من ۾ ويچار جون ٻيون نراليون ڇوليون اٿينديون هيون، جي سندس هن پتي جي شيوا واري سکيا کي گهلي وينديون هيون. انهيءَ وقت هن جي دل تي اول مايوسي ۽ ملولائيءَ جو ڪڪر ڇائنجي ويندو هو. ۽ پوءِ بلوي جي هڪ من اڇل اٿندي هيس، جا کيس پاڻ کان عجيب و غريب سوال پڇائيندي هئس. سوال، جن جا جواب سندس چيتنا جي دائري ۾ اچڻ کان اڳيئي دٻجي من جي اڻ لکي اوڙاهه ۾ غائب ٿي ويندا هئا.
ڪڪي پاڻ کي ڪيترا ئي دفعا ٻين پرکن کي ڏسي سرهو ٿيندو جهليو. انهن ۾ ڇا هو جنهن سندس دل ۾ سرهائي ٿي پيدا ڪئي؟ اڇا اجرا وڳا پهريل، ڏاڙهي تازي ڪوڙيل، ڦڻي ڦوڪارو، هلڻ چلڻ جي ڦڙتي،تهذيب واري گفتگو، مطلب ته اهي سڀ ڳالهيون، جن جي مڙسنس ۾ اوڻائي هئي. ڪڪي ويچاريءَ کي اها ٻوجهه ڪا نه هئي ته ڇو هنن سندس دل کي ڇڪيو ٿي. کانئس جو پڇو ها ته شايد اها به سچي ڪا نه ڪري ها ته مڙسس کان سواءِ ٻئي ڪنهن لاءِ کيس ڪنهن به قسم جي رغبت هئي.
سندس گهرو جيون ۾ آنند جو ڪڻو به ڪو نه هو. صرف واندڪائيءَ مهل جڏهن، گهر جي ٻنڀي تي اچي ويهندي هئي ۽ پڙهيل ڳڙهيل، چست ڦڙت پاڙيسري يا واٽهڙو ڏسندي هئي، تڏهن دل ۾ هڪ الکيءَ خوشيءَ جي لهر اٿندي هيس، جا سندس پتني ڌرم جي آدرش ياد پوڻ سان من جي هيٺئين لڪل تهن ۾ گهڙي غائب ٿي ويندي هئي. ڪڪيءَ انهن جوانن جي استرين جي سڀاڳ تي ريس ڪندي هئي. سندس مائٽ به ڀاڳيا هئا. جي سندن گذران ورت تي هو ته ويدن شاسترن ۾ مڙسس وانگر آلو نور ڪو نه هئا. سندس پيڪي گهر جو وايو منڊل اور هو. اٽي، ڀوسي، گاهه، ڇيڻي، ۽ گونٽ جي بوءِ بدران اگر، عنبر، پُشپن ۽ چندن جي سنڳند هئي. هِن هُن جي لائيءَ چائيءَ ۾ وڏي واڪي ڳالهائڻ جي بدران ڌرم چرچا ۽ حد فضيلت هئي. سندس هن اڻاسي اڻ گهڙئي گوپال سان وواهه کيس ڪٿان کڻي ڪٿي آڻي وڌو هو؟
ڪڏهن ڪڏهن ڪلپنا ۾ انهيءَ بند کان جدا ٿي، آزاديءَ جي مٺي، تقويت ڏيندڙ هير کائي ايندي هئي. سندس اهي ڏينهن - ڏٺا سپنا هميشه ڪنهن کلئي، وشال ميدان جا هوندا هئا، جتي ائين وسهندي ته بي حد ۾ اچي پيئي آهيان. چوڌاري زمرد جيان سبزو ئي پکڙيو پيو هوندو هو. جنهن ۾ طرح طرح جا گل جڳمڳ لائي، هوا کي وڻندڙ هٻڪار سان معطر پيا ڪندا هئا ۽ هوءَ پاڻ پنهنجو ڳل ڪنهن وڻ جي ٿڙ سان لڳائي، ٿڙ تي آهستي آهستي پيئي هٿ گهمائيندي هئي. يا ڪنهن سهڻي هرڻ کي هنج ۾ ويهاري، ان جي سڱن سان پنهنجو منهن پيئي مهٽيندي هئي. اوڏيءَ مهل سندس اکين ۾ عجيب جوت جهلڪا ڏيندي هئي، ۽ اهي آنند جون لهرون اٿنديون هيس، جو سندس منهن سارو سرهائيءَ سان پيو بکندو هو. هڪ ڏينهن پاڻ کي انهيءَ ميدان جي وچ ۾ هڪ شاهي چمڪندڙ شو جي لُنگ کي پوڄيندو ڏٺائين. ڪيتروئي وقت انهيءَ جي آراڌنا ۾ مگن هئي. اکيون سندس بند، ڪنڌ نمائي، ٻئي هٿ جوڙي، لنگ سان لڳايو ويٺي هئي. جڏهن اکيون کوليائين ته ڏٺائين ته لُنگ مٽجي هڪ پرک ٿي پيو آهي. ڌڪي سان اٿي کڙي ٿي. پرک جي اکين ۾ مرڪ ۽ اهڙي ڪشش، ڪوملتا محسوس ڪيائين جو پاڻ کي هن جي ٻانهن ۾ کڻي اڇليائين، پوءِ ته سون ورنيون سنيهه جون گهڙيون گذرنديون رهيون، ۽ هيءَ اٿاهه پريم ۾ آئي آنند جون چريون ڪندڙ چڪيون پيئندي رهي. جڏهن نينهن جو نشو ٽٽو ۽ اهو پرک الوپ ٿيڻ تي هو. تڏهن ڏسي ته هن پرک جي شڪل سڌ ٻڌ سندس پيءُ جي هئي. ائين ڀانيائين ته ڪا ڏائڻ ڏند ڪڍي، مٿس ٽهه ٽهه ڪري کلي رهي آهي. سپنو سندس اکين مان اڏامي ويو. ۽ هي پنهنجي روزمره جي اسٿول جيوت ۾ اچي پيئي. اهو ڏينهن ۽ هي ڏينهن، وري ڪڪيءَ ڪڏهن به ان کلئي، وشال ميدان کي تصور ۾ نه آندو. ڪنهن قسم جو ڊپُ، جنهن جون پاڙون سماجڪ ۽ ڌرم نيتيءَ ۾ هيون، سو کيس روڪيندو رهيو.
هڪ ڏينهن مڙسس کي سندس گاين مان هڪ اهڙو نحس ٿوڻو هنيو جو زور دار ڌڏڪي سان اچي زمين دوز ٿيو ۽ ڳچيءَ جي ڪنڊي کي ضرب اچي ويس ۽ هڪ ٽنگ جو گوڏو ڀڄي پيس، کيس کڻائي گهر وٺي آيا.۽ مهينن جا مهينا بستري داخل هو. اها اوچتي زحمت ڪڪيءَ لاءِ رحمت ثابت ٿي. چاهنا ۽ اڻ وڻندڙ حقيقت جي وچ ۾ جا جهد سندس من جي ڪر کيتر ۾ پئي هلي، تنهن ۾ سندس تن تهارون ٿيندو پئي ويو. ڪنهن به مهل سندس تنتن جو سرشتو ڊهي پئي ها ۽ هڪ وڌيڪ عورت هسٽريا جي مرض جو بک ٿئي ها. پر هن اوچتي آپدا سندس من ۾ هڪ نئون جذبو ماتر رکيا جو جذبو پيدا ڪيو. جيئن ئي ماءُ پنهنجي ٻار جي رکيا لاءِ پنهنجي جسم ۽ جان جون ڪلي طاقتون ۽ شڪتيون هن جي شيوا ۾ ارپڻ ڪري ٿي، تيئن ڪڪي پڻ ڪرڻ لڳي. هو سندس لاءِ هنيئر پتي نه هو، ڪٽنب جو رکپال نه هو. هو هنيئر ٻارن کان به وڌيڪ اڌر ۽ اڀرو هو. سنڀال ۽ رکيا کان سواءِ سندس بچڻ خير هو. ماتري امنگن سان ڪڪي پاڻ کي پنهنجي ڳنوار براهمڻ مڙس جي شيوا ۾ اهڙو ته رنڀي ڇڏيو جو ٻيا سڀ جذبا انهيءَ هڪ عظيم جذبي ۾ جذب ٿي ويس. هن جي دل ۾ جيئڻ لاءِ هڪ نئون امنگ اٿيو، جنهن سندس جسم جو انگ انگ سرهائيءَ سان ڀري، ڦولاري ڇڏيو. ڏينهن ڏٺا سپنا، جي سندس اڳوڻي ٻوساٽيل، دٻيل حياتيءَ کان ڇوٽڪاري جو واهڻ هئا، سي هميشه جي لاءِ کانئس موڪلائي ويا. سندس ڇوٽڪارو هنيئر هن ماتري جزبي واري جيوت ۾ هو. سندس دل ۾ جذبات جو هڪ نئون نياڻ ڦٽو، جنهن مان پريم جي اها اوت ٿيڻ لڳي، جنهن سندس من توڙي بدن جا ٻيا سڀ احتجاج ٻوڙي ڇڏيا. هيءُ پريم هو، جنهن ۾ ترشنا يا ڪامنا جو ذرو به نه هو. اهڙو پوتر پريم ڪڪيءَ اڳ ڪڏهن به محسوس نه ڪيو هو.
ها، ڪڪي استريءَ مان مٽجي ماءُ ٿي پيئي هئي ٻار ڄڻڻ کان سواءِ پر انهيءَ سندس حياتي بچائي ورتي.

(چونڊ : سنڌي ڪهاڻيون، ڀاڱون پهريون، 1981ع ساهتيه اڪاديمي، نئين دهلي تان کنيل.)

ستي ساوتري – غلام فاطمه: شمس نورالدين

هڪ سيءَ ٻيو جُهڙ. صبح ته ٿي ويو پر ڪيترو نه اداس. هيءُ اوندهه جهڙو ميرانجهڙو ڌنڌلڪو، ڄڻ اداسيون ڪنڊ ڪڙڇ ۾ واڪا ٿيون ڪن. توبهه منهنجي ! دل سان گڏ منهنجو دماغ به پيو ٿو منجهي. صبح جا ڏهه لڳي ويا آهن پر جيئن نه ڪنهن قلب ڪاري ۾ ضمير جي روشنيءَ جو گذر محال آهي. اهڙيءَ طرح اڄ سج جا ڪرڻا به پسجڻ به مشڪل ٿو ڏسجي !. الله الله ! روشني به ڪهڙي شئي آهي، سج جي هجي، چنڊ جي هجي يا ضمير جي ! ڪيتريون اونداهيون ٿيون اُجرن، ڪيتريون سياهيون ٿيون ڌوپجن روشنيءَ سان !!.
هون هون، اڄ مان اداس آن........ هن غير شاعراڻي موسم ۾ منهنجو بي سرو آواز، ويتر هانءُ ٿو کائي ! عالم جا الله ! آواز ۾ ئي ڪجهه مڌرتا ڏينم ها؟ پوءِ ڇا ڪريان؟ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ کپي ٻيلي، نه ته هي قيامت جو ڏينهن جيستائين کُٽي، تيستائين هي اداسيون ته منهنجي روح کي چٿي ڇڏينديون ! ڪجهه لکجي ئي ڀلا !!.
مون هيٽر آن ڪيو. نيزن جي پليٽ ڀري ڀرسان رکيم ۽ ڪاپي پينسل کڻي اڃا ويٺس مس ته دادر دارا شروع ٿي وئي. توبهه هي ميوزيڪل ڪال بيل به وڏو عذاب آهي. نه وقت نه مهل، هر گهڙيءَ بي - سُري تان، دادر دارا. مون اٿي وڃي گيٽ کوليو.
الله ! هيءَ ته هوءَ آهي. هوءَ – جيڪا زندگيءَ جي اکين ۾ اکيون اٽڪائي ڄاڻي، جيڪا تخيل ۽ احساس کي پروڙي ڄاڻي، جيڪا لطيف جذبن کي اهڙيءَ طرح پروڙي ڄاڻي جو. پر سندس حياتيءَ جي ڊڪشنريءَ ۾ ته حياءَ جو لفظ ممنوع آهي نه ! پنهنجي سموري بي حيائي ۽ بيباڪيءَ باوجود هوءَ مون کي ڏاڍي پياري هئي ۽ آهي.
”ڇا ٿي سوچين؟“ اها ئي مخصوص کل --- مون کي به کل اچي وئي.
”هون ! ته اڄ ورهين کان پوءِ توکي منهنجي ياد اچي وئي.“ هوءَ بيگ لوڏيندي اندر آئي.
”ڪٿان ٿي اچين؟“ مون هن جي سراپا کي جاچيندي پڇيو.
”ڪٿان نه ڪٿان ته ايندي ئي هونديس !“ هن انهيءَ ساڳئي مخصوص لهجي ۾ جواب ڏنو. جيڪو هن ڪاليج جي فرسٽ ييئر جي امتحان ڏيڻ کان فوراّ پوءِ اختيار ڪيو هو. اهائي لاپرواهي، اهو ئي انداز ۽ اها ئي خود سري ! هن کي ڪنهن جي پرواهه ڪا نه هئي ۽ نه پرواهه ڪرڻ جو ڪو سندس ارادو ئي هو. مَريادا جا ليڪا ته ڪڏهن جو اورانگهي چڪي هئي. جيڪا ٿوري گهڻي هئس سندس لهجي جي بيپرواهيءَ اها به لٽي ڇڏي هئس، پر مون کي هوءَ ڏاڍي پياري هئي، پنهنجي زندگيءَ جي سڀني لاهين چاڙهين سميت !.
هن سان منهنجي دلچسپي ته عمر جي انهيءَ حصي کان هئي، جنهن کي آئون ”المست“ دؤر چوندي آهيان. ٽيهه سال پراڻي ستن سالن جي معصوم دلچسپي ! ---- صبح جو سويل اسان بخاري ۾ ڪوئلن جو مچ مچائي، اوٻاريل بيدن ۽ ملتاني حلوي تي سياري جي صبح کي جي آءُ ڪندا هئا سين ۽ ايتري ۾ وڏي واڪ سڏ ڪن تي پوندو هو ”او ڀائي او پيسو مل هيڏانهن، اڳ ۾ مون کي ٽي پن دال جا ڏئي وڃ، پهر ٿيو آهي تنهنجي اوسيئڙي ۾ بيٺي. بک ۾ ساهه ٿو وڃيم. جلدي ڇو نه ايندو آهين ڀائي؟ ”توبهه“. منهنجو ڀاءُ چڙي پوندو هو. ڪيڏي پٽاڙ آ ڇوريءَ کي. اڃا صبح مس ٿيو آهي ۽ هن کي پهر به گذري ويا اوسيئڙي جا.“ ۽ منهنجي ڀاءُ جو حلوي جي پليٽ تي حملو شديد ٿي ويندو هو. مون کي تعجب لڳندو هو سوچيندي هئس ته مان به جيڪر هن وانگر ڇڙواڳ هجان ها. آئون به پئسي جا ٽي پن دال جا وٺي صبح صبح جو در جي چائنٺ تي بيهي چٽيان ها !!“ ۽ هن جو زبان ڪڍي پن کي چٽڻ اکين اڳين ڦري ويندو هوم. ----”اون ! اهڙو بکيو به ڇا ٿجي؟“ فوراّ سوچ کي لغام ڏيڻو پوندو هوم. ”ايڏي چٽ چٽ ڇا جي لڳائي اٿي. حلوو ٿي کائين يا هڏا ٿي چٻاڙين !“ چاچيءَ جو آواز ٻڌي ڇرڪ نڪري ويندو هوم. اسان جي چاچي به الله جي پناهه ! چڱي خاصي خدائي فوجدار هئي اسان ٻارن لاءِ ! هن وات وڏي، پيٽ پخال ڇوريءَ کي ته ڪوئي ڌڻي سائين هو ئي ڪو نه ! نه ابو هوس نه ادو. هڪ البيلي ماءُ هئس ٻئي آزاد خيال. ناني.... باقي رشتا ناتا ته ڌڻيءَ اسان جي قسمت ۾ لکي ڇڏيا هئا. جيتري وڏي حويلي هئي، اوترا گهڻا ٻنڌڻ هئا، اوترو وڏو پراڻو ويڪرو رَکُ رکاءُ هو. منهنجو ته ڪڏهن ڪڏهن ساهه ٻوساٽبو هو. اهڙين گهڙين ويلي هوءَ مون کي وڌيڪ خوشنصيب لڳندي هئي. اهڙيءَ طرح هن سان منهنجي دلچسپي نا سمجهيءَ جي دؤر کان ئي هئي.
مون هن کي آڻي ڊرائينگ روم ۾ ويهاريو. ”ڇو منهنجي هيءَ بيگ نظر نه آئيه ڇا؟“ هن وري کليو.
”نظر ڀلا ڇو نه ايندي تنهنجي بيگ؟ مان اجهو ٿي گيسٽ روم ٺيڪ ڪري وٺان.“ مون پاسي واري ڪمري جو دَر کوليو. هوءَ به پٺيان پٺيان هلي آئي. ”هون ! گهر ايترو وڏو آهي، جو هڪ مهمان جي گنجائش نڪري ٿي اچي.“ گنجائش دل ۾ هئڻ کپي ۽ خبر اٿئي ته ڏينهن، مهينا سال به تنهنجي خيال کان مونکي اڃا بيگانو نه ڪري سگهيا آهن.“ هوءَ مرڪي ! اها ئي مرڪ، جنهن ۾ نه شرمائڻ جو هٺُ ڀريل هو، جنهن مان ڪڏهن ڪڏهن دل جي چوٽ جو اوائلي درد جهلڪي اٿندو هو. ها، ڪنهن زماني ۾ هن وٽ به هڪ ثابت، سالم، مٺڙي، پياري، نرم ڪومل دل هئي ! جيڪا ٿوري گهڻي ڳالهه تي ڏکوئجي پوندي هئي. ۽ اکيون جل ٿل ٿي وينديون هيس. پر اها فرسٽ ييئر جي زماني جي ڳالهه هئي، انهيءَ کان پوءِ ڪاليج جا ٽي سال ۽ ان کان پوءِ جي عرصي جون هن بابت ڳالهيون جيڪي مون ٻڌيون ۽ جڳ ٻڌيون.
حياءَ کي زندگيءَ جي پيچرن ۾ جهڙيءَ طرح هن لتاڙيو، اهڙي همت، انهيءَ دؤر ۾، جنهن ۾ نينگرين جو تعليم پرائڻ ئي وڏي دل جگر جو ڪم هو، هن کان سواءِ ٻي ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانه هئي. ڪڻڪ جو هڪ داڻو، جنهن عرش جي عظمت کي فرش ڀر ڪيرايو. اهڙو ئي هڪ واقعو هن جي زندگيءَ کي باهه ڏئي ويو. اها رات جڏهن هن مون کي ڌونڌاڙي سومهڻي جي نماز لاءِ اٿاريو ۽ پاڻ مصلي تي بيهي رهي. مون دل ئي دل م هن کي پاراتا پئي ڏنا، ڇاڪاڻ ته هن جي ئي ڪري حويليءَ کان هاسٽل تائين نماز منهنجو پيڇو پئي ڪندي آئي . حويليءَ ۾ منهنجي ڏاڏي ساهه کڻڻ نه ڏيندي هئي، هتي هيءَ جا ايندي ويندي چوندي : ”نماز پڙهئيه هل ته فرض پڙهي اچون، پوءِ ٿا ڪلاس اٽينڊ ڪريون.“
سڄي عمر پيسو مل جي دال کائي هيءَ الاجي ايتري مذهبي ڪيئن ٿي پئي هئي..... ڪڏهن ته دل چوندي هئي ته روم مٽائي ڇڏيان پر پنهنجن کان پري، اجنبي شهر ۽ ماحول ۾ ڀائر ڀينر، سنگتي ساٿي، جنهن مون کان وسارايا، سا هوءَ ئي ته هئي. هن جي دل هئي يا سڪ جو ساگر ! هن جي خلوص جي وسعت ۾ ساري ڪائنات هوند سمائجي وڃي ايتري ته پيارين پيارين، اجرين نيڪ عادتن جي مالڪ هئي هوءَ. آئون جيڪا حويليءَ ۾ پلي هئس، سا به جيستائين پروفيسر جي منهن ۾ سامهون نه ڏسندي هئس، تيستائين ليڪچر سمجهه ۾ نه ايندوهو. ۽ هن کان پرفيسر سوال پڇندوهو ته، اکيون مٿي کڄنديون ئي نه هيس. هميشه نگاهه جهڪائي ڳالهائيندي هئي. مخالف جنس سان. هن جي حياءَ داري اڳيان ته منهنجي شرم حياءَ کي به شرمندو ٿيڻو پيو. آئون جيڪا نيڪن جي اولاد هيس. حويليءَ جي چؤديواريءَ ۾ پلي هيس، جنهن ڪنهن چائنٺ تي بيهي ڪا شئي وٺي نه کاڌي هئي وڏي وات ڪنهن سان ڳالهايو نه هو، مٿي تان ڪڏهن رئو لاٿو نه هو ۽ هتي ڪاليج ۾ هوءَ اڪيلي ئي هئي، جنهن جي وارن جي ڊيگهه ڏيڍ سال ۾ به ڪنهن ڪو نه ڏٺي هئي. اها رات.............
مان وضو ڪري جيئن ڪمري ۾ آيس ته در ٻاهران هن جو سؤٽ بيٺو هو. چپ چاپ جهڙو بت. ”اچو ادا هن وقت ڪيئن؟“ مون ٿورو حيران ٿي کائنس پڇيو. هوءَ ان وقت سجدي ۾ هئي........ هن جي سؤٽ مون کي ٻاهر سڏي ٻڌايو ته هن جي ٻي ننڍي ڀيڻ، جيڪا سائنس اسٽوڊنٽ هئي ۽ شهر ۾ ئي پنهنجي سؤٽ سان گڏ سندس شادي شده دوست جي گهر رهندي هئي، سا انهيءَ دوست سان ڀڄي وئي. هن مون کي وڌيڪ ٻڌايو ته هاڻي هو به هي شهر ڇڏي رهيو آهي جو هاڻي ڪهڙي منهن سان هتي رهي سگهندو ۽ آئون هيءَ خبر مناسب سمجهان ته هن کي ٻڌائي ڇڏيان. ۽ پوءِ هو هليو ويو. آئون الائجي ڪيتري دير اتي بيٺي رهيس. بلڪ خالي خالي، سوچڻ سمجهڻ جي طاقت ئي ڪو نه پئي ڀانيم پاڻ ۾ - پوءِ جڏهن ڪمري ۾ گهڙيس ته هوءَ بنهه منهنجي پٺيان بيٺي هئي. ويران ويران چپ چاپ، پيلي زرد ڄڻ ته نانگ چڪ هڻي رتُ چوسي ورتو هيس. ”هيلو“، مون ڦڪي مرڪ سان کيس ڏٺو . هن ويران اکيون کڻي مون ۾ کپايون ۽ مون نظر جهڪائي ڇڏي. اها گهڙي جڏهن آدم جنت مان ڌڪيو ويو، اها رات جڏهن منهنجي ملائڪ صفت سهيليءَ جي ننڍي ڀيڻ شادي شده ماڻهوءَ سان ڀڄي وئي. ۽ پوءِ اها خبر سڄي ڪاليج ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي ته هن جي ڀيڻ هڪ شادي شده ماڻهوءَ سان بنا نڪاح جي زال جي حيثيت ۾ ٿي رهي. ۽ هن جي هر لنگهه تان فقرا ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا ته : ”ڀت بنياد تي ويندي نه ! “
”ڪنيءَ ول جو ڪو ميوو مٺو به ٿيو؟“.
”اڇي چادري ويڙهي هر ڪا ته بيبي فاطمه نه ٿيندي !“.
”حسب نسب آخر پڌرو ٿئي “.
”شرافت اک جهڪائي هلڻ ۾ آ ڇا؟“
”اها ته موروثي آهي، جنهن کي ملي !!“.
”پيءُ ته ڀلو اٿن، پر سندن ماءُ جي پيءُ جي به ته ڪنهن کي خبر هجي نه....“.
”اڙي پڇوس نه ته ستي ساوتريءَ کان، من نانيءَ جو نالو ياد اچي وڃيس. ڇڏيوس ڪري بيبي فاطمه جي نماز کي دير ٿي ٿئي !“
۽ پوءِ ٽهڪ.......ٽهڪن پٺيان ٽهڪ....... منهنجو ته اصل روح ٻوساٽبو هو، سمجهه ۾ نه ايندو هوم ته هن کي ڪيئن تسلي ڏيان؟ ڇا چوانس؟ ڪيئن چوانس؟ پر چوانس به ڇو؟ هن جو ڪهڙو ڏوهه؟ هن ڇا ڪيو هو؟ ٻين جي فعلن جي هوءَ ڪيئن ذميوار هئي؟ ۽ ان ڏينهن هوءَ ڪاليج ڪو نه هلي ! چيائين، ”مٿي ۾ سور اٿم ! “
اکيون ايتريو ته ڳاڙهيون هيس جو ڀانيم، ساري رات روئنديون رهيون آهن. مان ماٺ ڪري ڪلاس ۾ ويس. ڪهڙا ليڪچر ٿيا؟ ڇا پڇيائون؟ ڇا چيم؟ جواب به ڏنم يا نه؟ اهڙو ڪو هوش نه هيم !!. سندس خالي سيٽ گهڙي گهڙيءَ نظر پئي آئي ۽ بس واپس هاسٽل آيس ته هوءَ ستي پئي هئي. آئون به سمهي رهيس. شام جو جڏهن منهنجي اک لکي ته سانجهيءَ جي ٻانگ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هوءَ سامهون دريءَ جي سيخن ۾ آئينو اٽڪائي ميڪ اپ ڪري رهي هئي. هوءَ جيڪا سياري ۾ به ڪولڊ ڪريم لڳائيندي ڪيٻائيندي هئي.
”تو هي ميڪ اپ جو سامان ڪٿان آندو؟“
سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا پڇانس ۽ ڪيئن پڇانس . هيءَ اها ساڳئي آهي، جنهن تي مون کي هر ڪو حق هو . يا هيءَ هن روپ ۾ ڪير آهي؟ شوخ لباس، ڳاڙها خون جهڙا چپ، ۽ ڳل، هي بلش آن، ڪيوٽيڪس، هي عطر عنبير، وارن جو هي اسٽائل، ڪنن وٽان لهرائيندڙ، سيني تي ناچ ڪندڙ ذلف. الاهي ! هيءَ اها آهي، اها ساڳي يا ڪا.............
”تون ڇا ڪاڏي وڃين ٿي؟“
”هون !“
”ڪيڏانهن؟“
”جيئڻ جو گُر سکڻ !“
”ڇا؟“
”ڪجهه به نه مٿو نه کاءُ !“
هوءَ ڪاوڙجي پئي. ۽ پوءِ رئو ڪلهن تان هيٺ تي ڪيرائيندي، پرس لوڏائيندي نڪري وئي. رات جي ماني به مون کاڌي الاجي نه، صرف ايترو ياد اٿم ته ڏيڍ لڳي تائين آئون جاڳي هيس هن جي اوسيئڙي ۾. ۽ هوءَ آئي هئي ته سڄو هار سينگار ڄڻ ڪٿي ڌوئي آئي هئي. هن جون جهڪيل جهڪيل، بيباڪ اکيون، منهن ۾ چڀڻ لڳم. هڪ نٺر مرڪ سو چپن تي هيس. انهيءَ گهڙيءَ جي مرڪ کي واضح ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ ڪو نه آهن. اها مرڪ جيڪا هن جي پوءِ جي زندگيءَ جو عنوان بڻي. هوءَ جيڪا سراپا سڪ ۽ خلوص هئي، سا هينئر رڳو دل ڏکوئڻ جون ڳالهيون ڪندي هئي، هوءَ جيڪا مرڪندي به ورلي هئي تنهنجا ٽهڪ ڪاليج جي ورانڊن ۾ ٻڌبا هئا. هوءَ اڄا به منهنجي روم ميٽ هئي. انهيءَ ڳالهه تي منهنجو ڀاءُ به مون سان گهڻو وڙهيو هو : تون به بدنام ٿي ويندينءَ، هن ڪافي هائوس گرل سان گڏ رهندينءَ ته.“ ٻه ٽي دفعا وارڊن به مون کي گهرائي چيو :” چاهين ته روم مٽائي ڇڏ !“ کيس ته نه ٿي ڪڍي سگهي جو ڪاليج جو ڊائريڪٽر اڄ ڪلهه ڪافي هائوس ۾ گهڻو وڃڻ لڳو هو. آئون ائين ڪري نه سگهيس. پنهنجي روح جي گهراين ۾ هوءَ لڪي پئي هئي، مون کي انهيءَ سان اڃا به پيار هو.
هڪ ڏينهن ڪاليج ۾ وري باهه وانگر اها خبر پکڙجي وئي ته سندس ڀيڻ کي ڌيءَ ڄائي آهي ۽ ڀيڻس جي شادي سندس سؤٽ جي دوست سان اڃا ڪانه ٿي آهي.
”ٺهيو، تاريخ هميشه پاڻ کي ورجائيندي آهي.“ ۽ وري اهي ئي ٽهڪ- ڪلاس ۾ اڄ وري هن جو منهن ڏاڍو ڳاڙهو ٿي ويو، ضبط کان، غم کان، غصي کان، يا وري رهيل کيل شرم کان ! ڪهڙي خبر ! پر انهيءَ شام هن سامان پيڪ ڪيو ۽ بيگ کڻي مون ڏانهن آئي.
”آئون وڃان ٿي.“
“ڪيڏانهن؟“
”جتي دل کڻي وڃي.“
”هڪ ڳالهه وڻئي ته ياد رکج. ستي فاطمه، دل جي چئي ۾ ٺوڪر ڪاپاري لڳندي اٿئي !“
”اها دل مون وٽ ڪانهي جيڪا ٺوڪر کائي، هن وقت ته ٺوڪرن ۾ جهان اٿم.“
دل چيو ته چوانس ته اهو وقت پري نه سمجهه جڏهن زماني جي ٺوڪرن ۾ به پناهه نه ملندئي، جواني آئي ۽ وئي. پر ماٺ م رهيم . ڇا چوانس ها ڀلا؟ سمجهن ٻڌڻ جي حد ته هوءَ اورانگهي چڪي هئي.
”تون منهن ڌوئي وٺ، تيستائين هي خانو خالي ٿي ڪري وٺان . پنهنجو سامان ان ۾ رکج.“
مون بيبيءَ جون گڏيون گڏا پاسيرا ڪيا.
”نه تنهنجي ڌيءَ گڏين سان راند رمندي آهي.“ هن هڪ سينگار گڏي هٿ ۾ کنئين.”خبر اٿئي، مان پنهنجي ڌيءَ کي گڏن سان کيڏڻ سيکاريندس ته هوءَ منهنجي ڀيڻ وانگر ڪنهن شمن گڏي جي ور چڙهي، گڏي ڪڇ ۾ کڻي ماءُ وٽ ملهائي نه اچي ويهي !“ هوءَ سامهون آئيني ۾ ڏسڻ لڳي، ٿورو گڏيءَ کي ؛گهڻو پاڻ کي !. مون نگاهه ڀري هن کي ڏٺو. هوءَ ڇا سوچي رهي هئي ۽ سندس ارادو ڇا هو؟ هن مون کي گهوريندو ڏسي کلي ڏنو.
”چانهه اڳ ۾ پيئندينءَ يا ناشتي کان پوءِ؟“ مون هن جي کل مان تنگ ٿي پڇيو، ’سوَ جنم به هاڻي هن کي سڌاري نه ٿا سگهن.‘ مون سوچيو.
”کائڻ کي کڻي ڇڏ. باقي پيئڻ جي ڳالهه ڪر. پيئڻ کان ڪو ڪافر انڪار ڪري. “ الا جي ڇا ٿي چوڻ چاهيائين؟ جيڪو مون پئي سمجهيو تنهن مون کي ذهني اذيت ٿي ڏني.
”چڱو تون ڪپڙا مٽائي وٺ “ ۽ مان ڪمري کان ٻاهر نڪري آيس. نوڪر چانهه جي ٽرالي ڪمري ۾ رکي موٽيو ته آئون ڪجهه رسالا کڻي وٽس ويس. چانهه پيئندي مون هن کان پڇيو، ” اڄ ڪلهه تنهنجي ادبي ذوق شوق جو ڇا حال آهي؟“
کلي چيائين، ”پرل ايس بڪ جي Concubine تي ريسرچ ڪري رهي آهيان.“
”صفا لاهي پاهي بيٺي آهي“. دل ۾ چيم. بظاهر شڪايتي نظرن سان کيس گهوريم. هوءَ نظر جهڪائي مرڪي اها ئي گهايل مرڪ.
”پنهنجي باي ۾ ڪجهه ٻڌائيندينءَ به يا.......؟“
”جيڪو پڇين سو ٻڌايائينءِ ! تو کان سواءِ ٻيو ڪو پڇڻ وارو به ته ڪونهيم.“
”اڄڪلهه ڪهڙو شغل اٿئي؟ ڇا ٿي ڪرين؟ ارادا ڪهڙا اٿئي؟ وغيره وغيره “سمجهه م ئي نه پئي آيو ته ڇا ڇا پڇانس.
”شغل ڪو هڪ هجي ته ٻڌايانءِ. سڄي زندگي ئي شغل، في الحال شادي رچائڻ جي شغل جو سوچي رهي آهيان.“
”ڇا سچ !“ خوش ٿي پڇيم – هوءَ شادي ڪندي، ڪشتيءَ کي ڪنارو ملندو، گهر ٻار واري هوءَ به ٿيندي، سوچي اطمينان ٿيو.
”ڪنهن سان ٿي ڪرين؟“
”ڊاڪٽر حيدر سان.“
”ڇا؟“ ذري گهٽ ڪوپ هٿن مان ڇڏائجي ويم.
”پر هو ته شادي شده آهي؟“
”نه صرف ايترو پر پنجن ٻارن جو پيءُ پڻ آهي، کلي جواب ڏنائين. اها خبر شايد نه به هجئي ته سندس اها شادي به لو مريج آهي .“ خار مان چيم، ”خبر اٿم “ صرف ستن سالن جي ٿوري عرصي ۾ محبت disappointment ۾ بدلجي چڪي آهي، ٻي محبت جٽاءُ ڪندي؟
”اهو ڄاڻيندي به تون ساڻس شادي ٿي ڪرين.“
”ها بلڪل !“ ٿورو کلي.
”توکي چيم نه، مان ڌيءَ کي صرف گڏن سان راند رمڻ سيکاريندس.“ ۽ هن گڏو کڻي گڏيءَ جي پيرن تي اونڌو ڪيو ۽ ساڻس گڏ مون کي به کل اچي وئي.


(ماهوار ”سوجهرو“ ڪراچي جي ٿورن سان)

ايرکا: ثميره زرين

ڊسمبر جي اداس ۽ سرد شام هئي. سج لٿي ڪا مهل گذري چڪي هئي. هو بستري تي ليٽيو ريڊيرس ڊائجسٽ جي پراڻن پرچن جي ورق گرداني ڪي رهيو هو. اڄ سرڪاري ڪاغذات نيڪال ڪرائيندي ڪرائيندي هو ايڏو ته بور ٿي ويو هو، جو چاهيائين پئي ته ڪا گهڙي جيڪر ته ائين آرام ڪري. انهيءَ خيال تي عمل ڪرڻ لاءِ، هن کي سواءِ انهيءَ جي ٻي ڪا به رڪاوٽ ڪين هئي ته اڄ رات جو اٺين وڳي کيس ڊي ايس پي مسٽر سعيد جي گهر ڊنر تي پهچڻو هو.
هن جي دل چاهيو پئي ته جيڪر هو نه وڃي ۽ فون تي معذرت ڪري ڇڏي. پر پوءِ ڳالهه اها هئي، جو مسٽر سعيد جڏهن پهريون هتي چارج وٺي ساڻس ملڻ آيو، ته هي هتي ڪين هو. هنيئر وري ڊنر تي اچڻ لاءِ انويٽيشن موڪلڻ کان پوءِ به فون تي جنهن خلوص سان اچڻ جو اصرار ڪيو هو، تنهن کي هو ريٽي ڪين پئي سگهيو. ناواقفيت هجڻ ڪري هو سندس نه وڃڻ تي ڪنهن غلط فهميءَ ۾ پئجي سگهيو ٿي. ان ڪري رياض کي وڃڻو پيو.
هن واچ ۾ ٽائيم ڏٺو، پوڻا ست ٿيا هئا. اڃا سوا ڪلاڪ باقي هو. تنهن ڪري هو بي فڪريءَ سان بلئنڪيٽ مٿان وجهي ريڊرس ڊائجسٽ جا ورق اٿلائڻ لڳو.
ائين ڪندي کيس هرو ڀرو پڙهڻ جو خيال به ڪين هو، پر پنهنجي عادت کان باز به ڪين اچي سگهيو ۽ رابرٽ ٿامس ايلين جي لکيل ”بٽ آءِ لائيڪ ٽو فائٽ وٿ مائي وائيف “ پڙهڻ ۾ اهڙو ته محو ٿي ويو، جو کيس ياد ئي ڪين رهيو ته اٺ ٿيڻ ۾ باقي ٿورو ٽائيم مس آهي ۽ نسرين تيار ٿيڻ لاءِ ڪڏهن جو پنهنجي ڊريسنگ روم ۾
وڃي چڪي آهي.
هو مدهوشيءَ کان تڏهن سجاڳ ٿيو، جڏهن نسرين تيار ٿي ٻاهر نڪتي. هن کي ايئن بيپرواهيءَ سان پڙهڻ ۾ مشغول ڏسي چڙ مان چيائين:
”اُف هي تنهنجا ڪتاب – جڏهن ڏس ته ڪتاب ۾ ئي منهن پيو آهي، ڀلا ڊنر تي ڪين هلڻو آهي ڇا؟“
سندس ناراضگيءَ جو ذرو به اثر قبول نه ڪندي رياض مرڪي چيو : ” پر ايني ڏس ته آئون پڙهان ڇا ٿو؟“ ائين چئي هن اسٽوريءَ جي هيڊنگ کڻي هن جي سامهون ڪئي. نسرين مرڪي چيو : ”واهه واهه مبارڪ خيال آهي.“
رياض بناوٽي اداسيءَ مان چيو :”پر افسوس منهنجي اها حسرت ڪڏهن به پوري ٿي نه سگهي. انهيءَ ۾ ڏوهه به سڄو تنهنجو آهي. ڀلا ڪوئي ايڏو پيارو نه لڳي ته ڪنهن کي گتي پئي آهي، جو ايئن پيار ڪندو وتي.“
نسرين کان ٽهڪ نڪري ويو. ”ها، عقلمند به انهيءَ کي ٿو چئجي، جو ماڻهو پنهنجيون ڪمزوريون ٻئي مٿان مڙهي سگهي. چڱو ڀلا هاڻي جلد تيار ٿي وٺ.“
نسرين کان ٽهڪ نڪري ويو.”ها عقلمند به انهيءَ کي ٿو چئجي، جو ماڻهو پنهنجيون ڪمزوريون ٻئي مٿان مڙهي سگهي. چڱو ڀلا هاڻي جلد تيار ٿي وٺ.“
رياض بلئنڪيٽ پري ڪري اٿي کڙو ٿيو. هن کي چرچو سمجهي آيو. اوٻاسي ڏيندي چيائين :” اونهون سعيد وڃي کڏ ۾ پوي، اسان ڪو نه ٿا هلون.“
ائين وري ڪيئن ٿيندو اڳ ۾ چوين ها ته مان تيار ڪو نه ٿيان ها؟“
”اڙي تڏهن تون تيار ٿي آئي آهين، ڀلا ڏسان ته............“
ائين چئي هن ڏانهنس نهاريو ته ڏسندو ئي رهجي ويو. پيڪاڪ بلو رنگ جي سلڪ جي ساڙهي ۾ هن جو سڊول جسم يوناني تراشيل مجسمي جيان لڳو. هو اڪثر ميڪ اپ ڪين ڪندي هئي. پر اڄ ڪيو هئائين. هوءَ سچ پچ بيحد خوبصور نظر پئي آئي. هن مرڪي کيس چيو :” چنڊ به ڪيئن چوانءِ، ايني، جو ان ڏينهن لائيف مخزن ۾ شايع ٿيل چنڊ جون ويجهي کان نڪتل تصويرون ڏسي هاڻ ايئن چوڻ جي همٿ ئي نٿي ٿئي. هنيئر مان ته منجهي پيس ته توکي ڪنهن سان تشبيهه ڏيان؟“
”آئون به توکي چڪور ڪيئن چوان جو چڪور ته ننڍڙو پکي آهي. تون پکي ته ڪو نه آهين ۽ پر به ڪو نه اٿئي.“
ائين چئي ٻئي کلي ويٺا، ”بس هينئر چرچو ختم، هاڻي جلد تيار ٿيءُ.“ نسرين کيس ياد ڏياريو. رياض چپٽي وڄائيندي چيو: ”منٽن ۾. ڀلا مان عورت ٿوروئي آهيان، جو مون کي هيئر ڊريسنگ ۽ ميڪ اپ ڪندي گهڻي وقت جي ضرورت ٿئي؟“ تڪڙو ڪپڙا بدلائي، هو ٻاهر نڪتو ۽ ٽاءِ ڳلي ۾ وجهي، هن نسرين اڳيان ٿورو ڪنڌ جهڪايو. هوءَ سندس مطلب ته سمجهي وئي ۽ ٽاءِ جي ناٽ ٻڌڻ لڳي ته رياض آهستي سندس وارن مان گل ڪڍي ورتو، ”ويچارو معصوم گلڙو . ڏس ته ڪيڏو نه ڊنل ٿو نظر اچي. تنهنجن ڪارن ريشمي وارن ۾؟ “ ائين چئي هن گل پنهنجي ڪوٽ جي ڪالر ۾ وجهي ڇڏيو.
نسرين هٿ وڌائي گل ڪوٽ مان ڪڍي پلنگ تي اڇليندي ساڳئي نوع ۾ چيو، ”ويچارو معصوم گلڙو ڏس ته ڪيڏو نه ڊنل ٿو نظر اچي، تنهنجي ڪاري ڪوٽ ۾. سمجهي ٿو شايد ڪنهن گهوٽ جي ڪوٽ جي زينت بڻيو آهيان. جيڪو پنهنجي ڪنوار ڏسندي ئي، مون کي وساري ڇڏيندو.“
رياض کان بي ساخته ٽهڪ نڪري ويو. کلي چيائين، ”تو ۾ شرارت نه هجي ها ته آءٌ توسان شادي ئي نه ڪريان ها.“
” ۽ مان به.“
ڪار ڊرائيو ڪندي اوچتو هن کي ياد آيو.
”ايني ڀلا، تون مسٽر سعيد جن کي سڃاڻين؟“
نسرين ڪنڌ لوڏي ناڪار ڪئي.
رڪارڊ پليئر تي ڌيمي سر تي ٽينگو جو ن ڌنون وڄي رهيون هيون. ڊرائينگ هال مان سگريٽ ۽ سينٽس جي مليل خوشبو جو هڳاءُ پئي آيو.
هو اندر آيا ته ميزبانن هنن جو پُرتپاڪ خيرمقدم ڪيو. نسرين، سعيد کي ڏٺو ته ڪا گهڙي هڪي ٻڪي رهجي وئي. مسز سعيد ته نه البت سعيد هن جو واقف نڪري پيو. هن حيرت مان چيو،”اڙي سعيد تون. مون کي سچ پچ خبر نه هئي، نه ته آءُ.............“
سعيد لڪل تنز مان وراڻيو، ”پر مون کي ته اها خبر هئي ته مسز رياض نسرين آهي.“
رياض پنهنجي چرچائي عادت کان باز رهي نه سگهيو. کلي چيائين، ”تڏهن افسوس چئبو جو مسز سعيد منهنجي واقف نه نڪتي.“
مسز سعيد گهڙيءَ لاءِ پنهنجي موٽي جسم کي وساري ڪنوار ٻوٽيءَ جيان شرمائجي وئي.
هو هلي صوفي تي ويٺا ته نسرين، رياض کي ٻڌايو ته ” ٻه اڍائي سال اڳ هي اسان جو پاڙيسري ٿي رهيو آهي ۽ منهنجي ساهيڙي شميم جو ڀاءُ به ٿئي.“
”اسان تن ڏينهن ۾ شايد هڪ شام گڏجي گذاري هئي،“سعيد نه ڄاڻ ڪهڙي جذبي تحت چيو.
رياض؛ سعيد کي ڏٺو. هو کليل ڪڻڪائي رنگ جو قداور جوان هو ۽ ڪافي سمارٽ پئي لڳو. هن جي اکين جي چمڪ ڏسي، اهو اندازو چڱيءَ طرح پئي ٿي سگهيو ته هو پوليس کاتي لاءِ بلڪل فٽ ماڻهو آهي. ۽ انهيءَ ماحول جي سختين ۽ بدمعاشين کان آجو ڪين رهي سگهيو آهي.
سندس مسز رنگ جي ته ڪافي سفيد هئي پر موٽي ايتري هئي جو ڪنهن به
طرح سعيد جي زال نه پئي معلوم ٿي. هر ملندڙ کيس ڏسي سعيد جي قسمت
تي افسوس ڪرڻ کانسواءِ ڪين رهي پئي سگهيو.
مجموعي طور سعيد ڪافي دلچسپ ماڻهو هو. رياض جلد هن سان بيتڪلف ٿي ويو. نسرين، مسز شيخ ۽ مسز سعيد سان ڳالهين ۾ مشغول ٿي وئي. مسز سعيد سان ملي کيس محسوس ٿيو ته هوءَ ذهني طور بلڪل بي وقوف قسم جي عورت آهي. ’الائي سعيد جهڙي جذباتي ۽ چالاڪ ماڻهوءَ جو هن سان ڪيئن نباههُ ٿيندو هوندو؟‘ نسرين سوچڻ لڳي.
اٽڪل ٻه اڍائي سال اڳ، نسرين ويڪيشن گذارڻ لاءِ دل ئي دل ۾ وڏا پروگرا بڻائي گهر آئي هئي. ته اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ سندس پڦي مري وئي، جنهن جي تعزيت وغيره جي ڪري هنن کي تفريحي پروگرامن کان گهڻا ڏينهن پاسو ڪرڻو پيو. سندس ماساتيون، پروين ۽ خالده، به گرميون گذارڻ زيارت هليون ويون هيون. سو اڪيلي حويلي هن کي کائڻ پئي ايندي هئي. انهن ڏينهن ۾ سعيد جن، سندس پاڙي ۾ پنجن سالن کان ڇڏيل خالي جاءِ تي اچي رهڻ لڳا هئا. کين ڏسي نسرين کي ڄڻ ساهه پئجي ويو، مڙيوئي وقت گذارڻ لاءِ ڪا دلچسپي ته ملي.
توڙي جو سعيد جن سان ملي هن کي پتو پئجي ويو ته، هي ماڻهو خوشامد پسند ۽ خوشامد ڪرڻ وارن مان آهن. سندس ڪو جملو پوءِ ڍائيءَ کان خالي نه هوندو هو. سندن گفتگو اڪثر هن قسم جي هوندي هئي، ”ڪالهه شميم کي جيڪا نئلان جي ساڙهي پاتل هئي، اهڙي مون فلاڻي مسنٽر جي بيگم کي ڪاڪ ٽيل پارٽيءَ ۾ ڏٺي هئي. انهيءَ ڏينهن پاڻ جنهن سيٽ تي چانهه پيتي سين اهو ڊيڊيءَ کي هڪ دوست بيجنگ مان گفٽ طور موڪليو هو.“
”هو پولو شرٽ جيڪا سعيد کي پئي آهي، اها کيس سندس هڪ دوست پنسلوانيه مان موڪلي آهي ۽ هوءَ پينٽ جيڪا ان ڏينهن پئي هئس سا هڪ آمريڪي دوست ڪئليفورنيا مان موڪلي اٿس. انهيءَ جي خصوصيت اها آهي جو ان جي ڪريز گهڻي دير تائين خراب نه ٿيندي آهي.“ وغيره............
اهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه هن کي ڪڏهن بيزار به ڏاڍو ڪندي هئي. جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو ئي درخت. جيان مڙيوئي نباهڻو پيس، ڀلا هيڏو سارو جبل جيڏو ڏينهن هوءَ ويهي ڪري ته ڇا ڪري؟ ڪتابن سان بنهه ڪو نه پوندي هئس. ڪاليج جي پڙهائيءَ سان لاچار پئي نباهيائين، ذهين هئي نه ته هر سال فيل ٿيڻ جو اعزاز کڻڻو پويس ها. ان جي باوجود هوءَ ڪاليج ۾ ڏاڍي هر دلعزيز هئي. سندس پارٽ وٺڻ کان سواءِ ڪنهن فنڪشن جي ڪاميابي ناممڪن نظر ايندي هئي. ڪامن روم ۾ هن جي اچڻ کان پوءِ ڄڻ ٽهڪڙن جو جلترنگ شروع ٿي ويندو هو. اها طبعي مسرت هن جي چهري تي به صاف نمايان هوندي هئي. هن جو مکڙو سدائين گل جيان پيو ٽڙندو هو.
عادت موجب هوءَ سعيد جن سان به جلد بي تڪلف ٿي وئي. هن جي عادت لاپرواهه ۽ حد درجي جي پُرخلوص قسم جي ته هونئن ئي هئي، ويتر جو سعيد ۽ شميم هن کان ٻه چار سال ننڍا هئا، تنهن ته هن کي ذري به احتياط جي ضرورت محسوس ڪرڻ ڪين ڏني.
سعيد انٽر آرٽس پڙهي رهيو هو ۽ شميم بي اي جي آخري سال ۾ هئي. سعيد جي قابليت جو پتو ان ڳالهه مان بخوبي پئجي سگهيو ٿي ته هن مئٽرڪ ٽئين سال پاس ڪئي هئي. هن ته پهريون درجو انگريزيءَ جو پڙهڻ کان ئي ڪاليج جي رنگينين جا خواب لهڻ شروع ڪيا هئا. پر ڪمبخت مئٽرڪ کي به هن سان ڪو وير هو. جو ڪاليج ۾ گهڙڻ ئي ڪو نه پئي ڏنائينس. نيٺ مس مس جڏهن هِتان هُتان جي ڊُڪَ ڊوڙ کان پوءِ جند آزاد ٿيس ته بسم الله ڪري دل تريءَ تي رکي ڪاليج ۾ گهڙي پيو.
گهرندڙ کي ڪير نه گهري، شڪل صورت به متاثر ڪندڙ هئس. ڏينهن ۾
ڏهه رومان پيو لڙائيندو هو.
هن دفعي مائٽن جي اصرار تي لاچار ڳوٺ آيو، پر پوءِ نسرين کي ڏسي سندس ناگواري پر ڪري اڏامي وئي، هنيئر اها شام نه هوندي هئي، جيڪا هنن گڏ نه گذاري هجي.
هڪ دفعي شام جو شميم پنهنجي مائٽن سان ملڻ وئي. سعيد کي به تنهن ڏينهن ڪرڪيٽ مئچ ڏسڻ وڃڻو هو، هوءَ باغ ۾ چپ چاپ ويٺي رسالو ”مرر“ ڏسي رهي هئي ته پريان سعيد کي ايندو ڏٺائين. کيس خبر هئي ته هو مئچ ڏسڻ پئي ويو. پر هيئنر جو وٽس آيو آهي ته ظاهر هو ته کيس پنهنجي پينٽ جي ڪريز ۽ جئڪيٽ جي خوبصورتي ڏيکارڻ کان سواءِ ٻيوخيال ڪين هوندس !!. نسرين کي مذاق سجهي آيو. هن کانئس پڇيو، ”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“
”.......................!!“
”چڱو اچ ته بيڊ منٽن کيڏون، طبيعت سست پئي معلوم ٿئي.“
هو اڃا کيس ڪجهه چوي، تنهن کان اڳ نسرين رئڪيٽ کڻي اچي هن جي هٿ ۾ ڏني. هو چپ ته ڏاڍو ٿي ويو، پر هينئر ڪري ته ڇا ڪري؟ ڀلا هيءَ به ڪا راند هئي؟ گل جي ماپ جيترو شٽل ڪاڪ ۽ ٽاريءَ مثل نازڪڙي رئڪيٽ ڀڃي ٻه اڌ ڪري، هتان هليو وڃي. نسرين کيس سوچ ۾ ڏسي، پنهنجي شرارتي مرڪ لڪائي لاڏ مان چيو، ”هل نه، ڇا پيو سوچين؟“
تڏهن الائي ڇو کانئس انڪار ڪرڻ پچي نه سگهيو. دل ئي دل ۾ سڙندو پچندو، هو بيڊمنٽن ڪورٽ ڏانهن هليو. پر سندس، ناگواري گهڻو وقت هلي نه سگهي. هن جون بکايل اکيون نسرين کي کيڏندي سندس جسماني چر پر جو جائزو وٺي رهيون هيون ۽ اها ڳالهه هن لاءِ ڪنهن به طرح ڪرڪيٽ کان گهٽ دلچسپ ۽ گهٽ اهميت واري ڪين بڻي. جڏهن نسرين ڏٺو ته سندس وڃڻ جو ٽائيم بنهه نڪري ويو، تڏهن رئڪيٽ اڇلي چيو، ”بس هيئنر مان ٿڪجي پيس.“ ائين چوندي هوءَ اندر هلي وئي.
ٻئي ڏينهن هن شميم کي سعيد جي اها ڀوڪپائي ٻڌائي ڏاڍا ٽهڪ ڏنا هئا.
***

هڪ ڏينهن هوءَ پنهنجي البم ۾ پنهنجا نوان پرنٽ ٿيل فوٽو لڳائي رهي هئي ته شميم وٽس لنگهي آئي ۽ سندس هڪ تصوير، جيڪا سڄي البم ۾ بيحد سٺي هئي، اها ايلاز ڪري وٺي هلي وئي. نسرين دل ئي دل ۾ پنهنجي سٺي تصوير جي کڄي وڃڻ تي خار کائيندي رهي.
”مصيبت آهي هنن جي دوستي به. انڪار ڪيم ته به تصوير کڻي وئي.“ سندس موڪلون ختم ٿيون ته هر ڪو پنهنجي پڙهائيءَ کي وڃي لڳو. نسرين کي مشغولين ۾ اها نئين دوستي ياد به ڪين رهي.
سياري جي موڪل ۾ هوءَ گهر آئي ته کيس پتو پيو ته سعيد جن به هفتو اڳ اتي آيل هئا. رسمي طور هوءَ ساڻن ملي ته سهين، پر هيئنر کيس انهن جي بڪواس برداشت ڪرڻ جي ضرورت ڪين هئي. ڇو ته خالده جن گهر ۾ ئي هيون ۽ نه ئي هو ڪو هن لاءِ ويٺا هئا. هوءَ آئي ته وري اڳي جيان اچڻ وڃڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنائون. هڪ ڏينهن هنن کيس پنهنجي گهر چانهه جي دعوت ڏني.
هوءَ شام جو سندن گهر وئي. تنهن ڏينهن هنن ڊائننگ ٽيبل اهڙي ته اهتمام سان سينگاري هئي، جو هوءَ سمجهي نه سگهي ته آخر اهڙي طرح اثر ويهارڻ جو سبب ڪهڙو هو؟
هو ٽيئي ڳالهين ۾ مشغول ٿي ويا. نوڪر چانهه تيار ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ته سڀ اٿي کڙا ٿيا. نسرين پنهنجو اوور ڪوٽ پئي لاٿو ته سعيد ويجهو اچي کيس چيو :
”افسوس جو اسان وٽ ڪو اهڙو ڄاڻو سکيل نوڪر ڪونهي، جيڪو پارلر
مين جا فرائض سرانجام ڏئي سگهي. بهرحال آئون تنهنجي هيءَ خدمت
ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
پارلر مين رکڻ جو رواج ته مغربي ملڪن ۾ هو. هتي وچولي طبقي کي نه ته ملاقاتين لاءِ خاص نوڪر رکڻ جي ضرورت هئي ۽ نه وري سندس رواج ۾ داخل هو. نسرين کي سعيد جي اهڙي ذهنيت تي دل ئي دل ۾ کل اچي وئي، ڄڻ لاٽ جو پُٽ هجي. جو ملاقاتين لاءِ الڳ نوڪر رکندو !.
هن سوچيو ۽ کلي چيائينس: ” مون کي ڪهڙو اعتراض، البت توکي سو ڊائيننگ ٽيبل تي بنهه نوڪر جيان سَروَ ڪرڻو پوندو.“
سعيد جهومندي چيو، ”منظور آهي.“
ڪوٽ لاهيندي هن جا هٿ ڄاڻي واڻي نسرين جي ڪلهن ۽ ٻانهن کي ڇهندا ويا. نسرين جي چهري تي ناگواري گذري وئي سندس انگريزيت جي حد کان وڌيڪ مظاهري کان تنگ ٿي، موٽندي آخر هن کيس چئي ڏنو، ”سعيد ! اسان ته توکي يورپي سمجهڻ لاءِ تيار آهيون، پر خدا جي واسطي انگريزيت جو ايڏو مظاهرو ته نه ڪندو ڪر. جملي ۾ انگريزي ٽنبي تو سنڌيءَ جو اهڙو ته ستيا ناس ڪيو آهي، جو ٻئي ڪنهن نه ڪيو هوندو؟“
پر هن جي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن هن لڄي ٿيڻ بدران چيو، ”ڇا، سچ مان يورپي ٿو لڳان؟“
”ها، اهڙو جهڙو هر نقلي شئي لڳندي آهي.“ هن آهستي ڀڻڪيو. پارٽيءَ تان موٽڻ بعد سعيد متعلق هن جو اهو ئي خيال هو ته هو حد کان وڌيڪ چرٻٽ ڇوڪرو آهي.
هو رات جو ٽرين ۾ ڪراچيءَ پئي ويو. نسرين پنهنجي ڪمري ۾ ليٽي پئي هئي ته اوچتو سعيد اندر گهڙي آيو. هوءَ کيس ڏسي اٿي کڙي ٿي ويٺي.
سعيد هتان هتان جي ڳالهين کان پوءِ کيس چيو، ”مون کي توکي ڪجهه چوڻو آهي. ڪير ڄاڻي هن کان وري پوءِ اهو موقعو ملي يا نه؟“
”نه، نه ڀلي چئو، ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
پوءِ سعيد سون ڪتابن جو نچوڙ هڪ عبارت ۾ پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو.”آءِ لو يو، نسرين.“
نسرين جون اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون. گهڙي کن لاءِ ته هوءَ گم سم بيٺي رهي. نيٺ هڪ سوال هن جي واتان نڪتو، ”پر تنهنجي دل ۾ آخر اهو ويچار ڪيئن آيو؟“
سعيد اکيون کڻي مٿي ڏٺو. نسرين جي نگاهن ۾ نه ته پيار جي جهلڪ هئي ۽ نه شرم آميز خوشي. هن جي نظرن ۾ سواءِ حيرت جي کيس ٻيو ڪجهه نظر نه آيو.
”ڀلا مان ڇا سمجهان؟“ سعيد چيو.
”اوهه مان هن سلسلي ۾ وڌيڪ هڪ اکر به ٻڌڻ نه ٿي چاهيان، تون هتان هڪدم هليو وڃ. “ نسرين عجيب پريشانيءَ مان سخت لهجي ۾ چيو.
ناڪامي ۽ شرمندگيءَ جي احساس کان سعيد جا ڪن ڳاڙها ٿي ويا. ڪاوڙ مان نسرين جي هٿن جون مٺيون ڀڪوڙجي ويون. هن جي دل ۾ آيو ته جيڪر هن کي زور سان اهڙي چماٽ هڻي ڪڍي جو سندس آڱرين جا نشان هن جي ڳلن تي ڄمي وڃن ۽ هن جي اکين مان حيرت پر ڪري اڏامي وڃي. جوش ۾ هو تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو.
”ڪمبخت، بيوقوف !“
سعيد هليو ويو پر نسرين دير تائين گم سم ويٺي رهي، هن جي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي. کيس سعيد تي ڪاوڙ کان وڌيڪ حيرت ٿي رهي هئي. هوءَ کانئس گهٽ ۾ گهٽ پنج ڇهه سال وڏي هئي. آخر کيس اهڙي بيوقوفاڻي حرڪت ڪرڻ جو خيال ڪيئن آيو؟ پاڻ سان وڏيءَ سان عشق، سو به ايڏي بيباڪيءَ سان ! هن کي سعيد جي ذهنيت کان بڇان اچڻ لڳي. اُف اهڙا انڌا جذبا. هن کي ويچار آيو ته سندس ضرورت کان وڌيڪ بي تڪلفي ۽ لفٽ به سعيد کي هن بيوقوفاڻي حرڪت جي همٿ ڏني هوندي. ”توبهه مصيبت آهي، ڪمبختن سان کلي ڳالهاءِ ته ڳلي پئجي ويندا.“ هن پنهنجي منهن ڀڻڪيو.
اها رات سو ڪافي دير هوءَ سعيد متعلق سوچيندي رهي، پر پوءِ هو هن جي ذهن تان هڪ بي ربط خواب جيان ميسارجي ويو.
ان کان پوءِ سعيد وري ساڻس ڪو نه مليو.
انهن ڏينهن ۾ هن جي رياض سان بيحد مختصر ملاقات ٿي. هو سندس پرانهون مائٽ هو. سندس سنجيدگي ۽ خوش مزاجي نسرين جي دل ۾ گهر ڪري وئي ۽ هو ٻئي هڪ ٿي ويا.
سندن شاديءَ کي ٻه سال گذري چڪا هئا. رياض نهايت صاف دل ۽ بيپرواهه قسم جو جوان هو. توڙي جو نسرين ۽ هن جي خيالن ۾ ڪافي اختلاف هو، پر ان جي باوجود هنن جي وچ ۾ ڪڏهن تلخي پيدا نه ٿي هئي. هوءَ رياض جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي ۽ رياض هن جي رت جي ڦڙي ڦڙي ۾. اهڙيءَ صورتحال ۾ سعيد هن لاءِ هڪ وسريل واقعي کان وڌيڪ ڪا اهميت ڪ نه پئي رکي.
اڄ اوچتو سعيد کي ڊي ايس پي بڻيل ڏسي هن کي ڪجهه حيرت به ٿي ۽ ان سان گڏ هن کي سندس آخري ملاقات به ياد اچي وئي.
****

مسز سعيد ڊائيننگ ٽيبل نظر مان ڪڍي هلي وئي. پروفيسر زيديءَ کيس چيو، ”ڪيئن، بيگم رياض، اڳئين دفعي ته توهان سنڌي ڪڙميا ڻي بڻجي، فينسي ڊريس ۾ فرسٽ پرائز حاصل ڪيو هو، هيئنر ڇا بڻجڻ جو ارادو آهي؟“
”آءٌ هينئر ئي ٻڌائي ڇڏيان ته توهان جي سڃاڻڻ جي لياقت جو پتو ڪيئن پوندو؟“ نسرين مرڪي چيو.
سيعد چوڻ لڳو، ”پر ڪنهن ماڻهوءَ جي ارڪانن ۾ اهڙي خصوصيت هوندي آهي، جو لکن جي ميڙ ۾ ڪهڙي به لباس ۾ هجي، سڃاڻڻ ۾ دير نه لڳندي آهي. ڀانيان ٿو ته بيگم رياض انهن منجهان آهي.“
ايتري ۾ نوڪر ڊنر لڳڻ جو اطلاع ڏنو، ته سڀ ڳالهين کي ڇڏي اٿي کڙا ٿيا.
نسرين ڊائيننگ ٽيبل ڏانهن پئي وئي ته سندس ڀرسان لنگهندي سعيد کيس سرگوشي ڪئي، ”مسز رياض آءٌ اڄ به توهان لاءِ پارلرمين جا فرائض سرانجام ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“
نسرين جي بد ن ۾ ڄڻ باهه لڳي وئي. هن ڪافي گھري ۽ طنزيا لهجي ۾ چيو، ”آءٌ مغربي تهذيب کي اول کان آخر تائين پنهنجو ڪرڻ پسند ئي ڪو نه ٿي ڪريان، تنهن ڪري اهو سوال ئي نٿو اٿي ته تون مون لاءِ پارلر مين بڻج.“
جوش ۾ سندس آواز ڪجهه وڏو ٿي ويو. غير ارادي طور تي رياض منهن ڦيري کيس ڏٺو. سعيد جون اکيون جهڪيل ۽ نسرين جي چهري تي ناراضگي ڏسي هو ڪجهه هڪو ٻڪو ٿي ويو، پر پوءِ اڳتي وڌي ڪرسيءَ تي ويٺو. ڊنر کان پوءِ ٿورور گهڻو راڳ جو پروگرام شروع ٿيو. مجموعي طور هيءَ ڊنر پارٽي ڪافي دلچسپ رهي ۽ سڀني ان مان لطف ورتو. جي ڪنهن کي ان مان لطف نه آيو ته اهو هو سعيد جنهن جي رڳن ۾ نسرين کي ڏسندي ڄڻ چڻگون ڀرجي ويون هيون، هن جي ذهن ۾ گهڙي گهڙيءَ اهو خيال پئي آيو ته کيس شادي ڪئي ٻه سال کن گذري چڪا هئا، پر اڄ به سندس چهري تي ڪنوارين جهڙي نزاڪت هئي. ڪو اڻواقف ته کيس ڏسي شادي شده چوڻ جي همٿ ئي نه پئي ڪري سگهيو. ٻئي طرف سندس زال، جيڪا سندس زال ته نه پر ماسي معلوم پئي ٿي. ان کان به وڌيڪ هن جي دل کي بي آرام ڪرڻ واري ڳالهه اها هئي ته نسرين ۽ رياض هڪ ٻئي جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئا. اهو اندازو هن جون شاطر نگاهون گهڙيءَ ۾ سهي ڪري ويون هيون. رياض جو ڳالهه ڳالهه ۾ نسرين جو ذڪر ڪرڻ انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏئي رهيو هو ته هوءَ سندس زندگيءَ جي اول ۽ آخر ساٿياڻي هئي، جنهن کان سواءِ هو ٻي ڪنهن هستيءَ بابت سوچڻ لاءِ به تيار ڪين هو. آهستي آهستي سڀ مهمان رخصت ٿي ويا، ان رات هن پنهنجي مقدار کان وڌيڪ شرابُ پيتو. سعيد خوش مزاج هو. رياض کي ته اهڙا دوست کپندا هئا، سو هو جلدي ان سان گهرو ٿي ويو.
هفتي کن کان نسرين جي طبيعت ٺيڪ نه هئي ۽ رياض هميشه جيان پريشان ٿيڻ بدران ڪجهه چپ چپ پئي لڳو. صبح کان وٺي برسات پئي هئي. نسرين آتشدان جي ڀرسان نٽنگ ڪري رهي هئي. رياض ڀرسان بيدليءَ سان ويٺي سرڪاري ڪاغذات ڏٺا.
نسرين خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو، ”ڪيترا ڏينهن ته آءٌ اڪيلي گهر ۾ ويهي بور ٿيندي رهيس، اڄ سوچيم پئي ته ٻاهر نڪرنديس ته برسات ڪرفيو آرڊر لڳائي ڇڏيو.“
”هيترا ڏينهن برابر تون ساڻ نه هوندي هئينءَ پر تنهنجيون ڳالهيون ته هونديون هيون. ايني، اُن ڏينهن به سعيد تنهنجي متعلق ڪافي دلچسپ ڳاليهون پئي ٻڌايون، مون کي ته ريس پئي ٿي ته آءٌ ان وقت توسان ڇو نه مليو هوس.“
نسرين جي دل الائي ڇو لرزي وئي. هن آهستگيءَ مان وراڻيو، ”ان وقت نه مليئن ته ڪهڙو فرق پيو؟ ڇا هينئر اسين گڏ نه آهيون؟“
رياض جي چپن تي مرڪ ڦهلجي وئي هن آتشدان ۾ باهه جي شعلن ۾ اکيون کپائيندي چيو، ”ڪالهه هن پنهنجو البم ڏيکاريو، ان ۾ تنهنجي هڪ تصوير بيحد سٺي هئي، مون کي ايتري ته وڻي وئي جو دل پئي چيو ته جيڪر کانئس گهران پر پوءِ سوچيم ته هن کان وڌيڪ ته آءٌ توتي هجت رکي سگهان ٿو. سو توکان ڇو نه توکي گهران؟“
نسرين هڪي ٻڪي ٿي وئي، گهٻراهٽ مان چيائين، ”منهنجي تصوير پر اها ته مون شميم کي..............“
رياض سندس ڳالهه تي ڌيان نه ڏيندي چيو : ”ها ايني نيگيٽو ڪاپي آهي توڙي پتو اٿم ته ٻي پازيٽيو، پهرينءَ جهڙي سٺي پازيٽيو ٿي نه سگهندي آهي پر پوءِ پهرين تصوير حاصل ڪرڻ ته منهنجي وس ۾ ئي نه آهي.
ائين چوندو هو هلڪي سر ۾ سينڍ وڄائيندو لئبريريءَ ۾ هليو ويو. سندس لڪل ٽوڪ نسرين جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا. ٻئي ڏينهن سج ساڳيءَ چمڪ سان آسمان تي چمڪي رهيو هو ۽ هر ڳالهه حسب معمول ٿي رهي هئي. فرق رڳو اهو هو ته ڳالهائيندي ڳالهائيندي رياض ڪجهه ماٺ ٿي پئي ويو. نسرين جا گهڙي واندي هئي سو وقت سوچ ۾ گم هئي.
رياض جي اکين جي اداسائي ۽ راز ڀري ماٺ ڪنهن ايندڙ طوفان جو پتو ڏئي رهي هئي. نسرين موقعي جي تلاش ۾ هئي ته کيس ڪجهه چوي، پر رياض ڄڻ ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪين پئي ڏٺو. جتي بدگماني پنهنجا پير کوڙي اتي پوءِ کڻين پٿر سان مٿو ٽڪرائجي ته به اعتبار جوڳو ٿيڻ ڏکيو هو. هنن جي وچ ۾ ڄڻ شيشي جي ديوار اچي وئي هئي، جنهن مان هو هڪٻئي کي ڏسي سگهيا ٿي پر هڪٻئي جي احساسن کي محسوس نه ٿي ڪري سگهيا. سڄو ڏينهن بنگلي تي هولناڪ خاموشي ڇانيل رهي جيڪا گونگي زبان ۾ چئي رهي هئي طوفان اجهو آيو، ڪي آيو.
اڄ پروفيسر زيديءَ فون تي رياض کي ٻڌايو، ”سعيد ڏاڍي ڪوشش سان پنهنجو ٽرانسفر ٻي جڳهه ڪرايو آهي ۽ هفتي کن ۾ هو هتان هليو ويندو. ايتري قدر جو هو فيئر ويل پارٽيون وٺڻ لاءِ به ڪين ٿو ترسي.“ هيءَ خبر ٻڌي رياض ائين محسوس ڪيو ڄڻ ڪنهن هن جي دل کي مٺ ۾ جهلي زور سان دٻايو هجي. تڪليف ۽ بيقراريءَ کان هن جي عجيب حالت ٿي جنهن ڳالهه کي صحيح سمجهڻ لاءِ هن جي دل تيار ڪين پئي ٿي. هينئر ان کي غلط سمجهڻ لاءِ کيس ڪو بهانو نه ٿي ملي سگهيو.
شام جا پاڇا لڙي ويا. رات ستارن جڙيل چادر پهري چؤطرف پکڙجي وئي.
ٻاهر رات جي راڻيءَ جي هلڪي خوشبوءَ بيقرار ڪنهن جي هٿن ۽ وارن کي ڳوهي رهي هئي. بنگلي ۾ خوفناڪ سناٽو ڇانيل هو، رڳو ٻن ڪمرن مان هلڪي روشني اچي رهي هئي. بيڊ روم ۾ نسرين پلنگ تي اونڌي ليٽي سڏڪا ڀري رهي هئي. ڊائيننگ ٽيبل تي رکيل کاڌو ڪڏهوڪو ٺري بيڪار ٿي ويو هو. رياض پنهنجي لئبريريءَ ۾ ويٺو سگار پي رهيو هو. سندس وڏين ذهين اکين ۾ اوجاڳو ۽ الڪو جهلڪي رهيا هئا. هو بي مقصد ڪارنس تي رکيل چغتائي جي تصوير ’حيا‘ کي گهوري رهيو هو.
هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ هو رڃ ۾ اڪيلو رهجي ويو هجي، سندس قافلو ۽ سندس مسرتن جا ساٿي کيس ڇڏي اڳتي وڌي ويا هجن. هينئر هن جي آسپاس ڪجهه به ڪين هو، سواءِ رڃ جي............ سندس زندگيءَ جي مسرتن جي راڻيءَ کي ڄڻ ننڊ اچي وئي هئي. جنهن کي هو هنيئر ڪڏهن به سجاڳ ڪري ڪين سگهندو. رات ڪافي لڙي وئي هئي.
رات جي راهي نگهبان چنڊ، پنهنجي بزرگاڻي تجربي کان مجبور ٿي اوسيئڙي وچان ڌرتيءَ کي اونڌاهيءَ ۾ ويڙهيل هڪ بنگلي ڏانهن نهاريو. هن ڏٺو :
ڪنول جي گل جهڙي نازڪ نينگريءَ کي سڏڪا ڀريندي ننڊ اچي وئي هئي. هن جا وار وهاڻي تي پريشان پيا هئا. بيڊ لئمپ جي هلڪي روشنيءَ ۾ هن جي ڳلن تي ڳوڙهن جا نشان نظر اچي رهيا هئا، سندس چهرو بيوهه جيان سوڳوار پئي لڳو. چنڊ کان افسوس وچان ٿڌو ساهه نڪري ويو، هن ٻئي ڪمري ڏانهن نهاريو، جنهن جي روشندان مان تيز تيز روشني پئي آئي، هن ڏٺو آتشدان جي ڀرسان آرام ڪرسيءَ تي هڪ جوان ننڊ ۾ ليٽيو پيو هو، هن جي ٻانهن هيٺ پئي لڙڪي ۽ ٽنگون ننڍي ٽپائي مٿان رکيل هيون. ڀرسان رکيل ايش ٽري ۾ لاتعداد سگريٽن جا ٽوٽا پيا هئا. هن جي ڪشادي پيشانيءَ تي پيل گهنج، هن جي بي آرامي ۽ بيقراريءَ جي غمازي ڪري رهيا هئا. آتشدان ۾ پيل باهه مٿان رَکَ ڄمي وئي هئي. پر هن جي دل ۾ اڃا تائين باهه دکي رهي هئي، جنهن جي شعلن ۾ هن جون مسرتون جلي ويون هيون. جنهن جي تپش کان هن جي اک بار بار کلي ٿي وئي.
ٻاهر باغ ۾ رات جي راڻيءَ جي خوشبوءَ اڃا تائين بيقرار ڪنهن کي ڳولهي رهي هئي، هوءَ ڪنهن جي هٿن ۽ ڪنهن جي وارن کي پرچائڻ لاءِ بنگلي جي بند دروازن سان مٿو ٽڪرائي رهي هئي، پر کيس اندر وڃڻ جو رستو ڪين پئي مليو، تان جو پرهه ڦٽي وئي ۽ چنڊ اداسائيءَ وچان دور پهاڙن پٺيان لڪي ويو.

(ماهوار ’سوجهرو‘ جي ٿورن سان)

ٽوبه ٽيڪ سنگهه: سعادت حسن منٽو _ جيوت چاولا

[b]ٽوبه ٽيڪ سنگهه
[/b]
[b]سعادت حسن منٽو / جيوت چاولا
[/b]
ورهاڱي کان ٻه ٽي سال پوءِ پاڪستان ۽ هندوستان جي سرڪارين کي خيال آيو ته اخلاقي گنهگارن جيان نظر بند پاڳلن جي مٽا سٽا به ٿيڻ گهرجي. يعنيٰ جيڪي مسلمان چريا، هندوستان جي پاڳل خانن ۾ آهن، تن کي پاڪستان پهچايو وڃي. ۽ جي هندو ۽ سک چريا پاڪستان جي پاڳل خانن ۾ آهن، تن کي هندوستان حوالي ڪيو وڃي !
دانشمندن جي ڪيل فيصلي مطابق وڏي پئماني تي ڪانفرنسون ٿيون ۽ آخر هڪ ڏينهن چرين جي مٽا سٽا لاءِ مقرر ڪيو ويو.
چڱيءَ ريت پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد انهن مسلمانن کي، جن جا مٽ مائٽ هندوستان م هئا، اتي ئي رهايو ويو ۽ باقي ٻين کي سرحد ڏانهن روانو ڪيو ويو. پاڪستان مان گهڻو ڪري سڀ هندو ۽ سک لڏي ويا هئا. انهيءَ لاءِ جيترا به هندو ۽ سک پاڳل هئا، سڀني کي پوليس جي حفاظت ۾ سرحد پهچايو ويو.
هُن طرف جي خبر نه آهي، پر هيڏانهن لاهو رجي پاڳل خاني ۾ جڏهن مٽا سٽا جي خبر پهتي تڏهن بيحد دلچسپ چميگويون ٿيڻ لڳيون. هڪ مسلمان پاڳل، جو گذريل ٻارهن سالن کان هر روز باقائدگيءَ سان ’زميندار‘ اخبار پڙهندو هئو، تنهن کان سندس هڪ دوست پڇيو، ”مولبي ساب، هيءُ پاڪستان ڪهڙي بلا آهي؟“
”پاڪستان، هندوستان ۾ هڪ اهڙو هنڌ آهي، جتي پاڪيون ٺهنديون آهن !“ ڪافي غور و فڪر ڪرڻ بعد هن جواب ڏنو.
جواب ٻڌي هن جو دوست ماٺ ٿي ويو.
ساڳيءَ ريت هڪ سک پاڳل ٻئي سک پاڳل کان پڇيو، ”سردار جي، اسان کي
هندوستان ڏانهن ڇوٿا موڪلن؟ اتي جي ٻولي ته اسان کي نه ٿي اچي؟“
هن مسڪرايو. ”مون کي ته هندوستان جي ٻولي ايندي آهي، ”هندوستاني بڙي شيطاني، آڪڙ آڪڙ ڦرتي هين ! “
هڪ ڏينهن تڙ ڪندي هڪ مسلمان پاڳل ”پاڪستان زنده باد !“ جو نعرو اهڙو ته جوش وچان بلند ڪيو، جو پير کسڪي ويس ۽ بيهوش ٿي ڪري پيو. ڪجهه چريا اهڙا به هئا، جي حقيقت ۾ چريا نه هئا. انهن ۾ اڪثريت اهڙن قاتلن جي هئي، جن جي مائٽن، آفيسرن کي کارائي پيئاري پاڳل خاني موڪليو هئو، جيئن ڦاسيءَ جي ڦندي کان بچي وڃن. انهن ڪجهه ڪجهه سمجهيو ٿي ته هندوستان جو ورهاڱو ڇو ٿيو آهي، ۽ پاڪستان ڇا آهي. پر صحيح حالتن کان هو به غير واقف هئا. اخبار مان ڪا به خبر نٿي پيئي ۽ پهيدار سپاهي اڻپڙهيل جاهل هئا. انهن کي صرف اها خبر هئي ته هڪ شخص ”محمد علي جناح“ نالي سان آهي، جنهن کي قائدِ اعظم ٿا چون، تنهن مسلمانن لاءِ هڪ جدا ملڪ ٺاهيو آهي ؛جنهن جو نالو پاڪستان آهي !، اهو ڪٿي آهي؟ ان جي شڪل شبيهه ڪهڙي آهي؟ تنهن کان هو بي خبر هئا. انهيءَ لاءِ پاڳل خاني ۾ اهي اڌ چريا، اها گٿي سلجهائڻ ۾ مشغول هئا ته هو پاڪستان ۾ آهن يا هندوستان ۾؟ هندوستان ۾ آهن ته پاڪستان ڪٿي آهي ۽ پاڪستان ۾ آهن ته ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڪجهه عرصو اڳ ساڳئي هنڌ رهڻ جي باوجود به هو هندوستان ۾ هئا؟
هڪ چريو هندوستان ۽ پاڪستان، پاڪستان ۽ هندوستان جي چڪر ۾ اهڙو ته گرفتار ٿيو جو هن جو دماغ اڃا به خراب ٿي ويو. ٻهاري پائيندي پائيندي هو وڻ تي چڙهي ويو ۽ هڪ ٽاريءَ تي ويهي هندوستان ۽ پاڪستان جي نازڪ مسئلي تي، لڳا تار ٻه ڪلاڪ تقرير ڪندو رهيو. سپاهين هن کي هيٺ لهڻ لاءِ چيو ته هو اڃا به مٿي چڙهي ويو ۽ سپاهين جي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ تي هن چيو،
”مان نه هندوستان ۾ رهڻ ٿو چاهيان ۽ نه پاڪستان ۾ !. مان هت، هن وڻ تي رهندس ! “
۽ ڪافي دير بعد جڏهن هن جو دورو ٿڌو ٿيو، هو هيٺ لٿو ۽ پنهنجن هندو ۽ سک دوستن سان گلي ملي روئڻ لڳو. انهيءَ خيال وچان ته هو هن کي ڇڏي، هندوستان هليا ويندا؛ هن جي دل ڀرجي آئي هئي.
هڪ ايم. ايس. سي، پاس ريڊيو انجنيئر، جو مسلمان هئو ۽ ٻين چرين کان الڳ، باغ جي هڪ ڪنڊ ۾، خاموش ڦرندو رهندو هئو، پنهنجي جسم تان سڀ ڪپڙا لاهي نگهبان حوالي ڪيا ۽ اگهاڙو، سڄي باغ ۾ ڦرڻ لڳو.
چنيوٽ جي هڪ ڀريل بدن واري مسلمان، جو ڪنهن وقت مسلم ليگ جو سرگرم ڪم ڪندڙ هئو، ڏينهن ۾ پندرهن سورهن دفعا تڙ ڪندو هئو، اچانڪ اها عادت ترڪ ڪري ڇڏي. سندس نالو محمد علي هئو ۽ انهيءَ لاءِ هن هڪ ڏينهن اعلان ڪيو ته هو قائدِ اعظم محمد علي جناح آهي. ڏسندي ڏسندي هڪ سک چريو، ماستر تارا سنگهه بڻجي ويو. خون خرابي ٿيڻ جو انديشو ڏسي، ٻنهي کي خطرناڪ پاڳل ٺهرائي جدا جدا ڪمرن ۾ بند ڪيو ويو.
لاهو رجي هڪ هندو نوجوان وڪيل، جو محبت ۾ ناڪام ٿي چريو ٿي پيو هئو، ان کي اهو ٻڌي ڏاڍو صدمو رسيو ته امر تسر، هندوستان ۾ هليو ويو آهي. اتان جي ئي هڪ هندو ڇو ڪريءَ سان هن کي محبت هئي. جيتوڻيڪ ان، هن وڪيل کي ٺڪرائي ڇڏيو هو، هو ديوانگيءَ جي حالت ۾ به کيس وساري نه سگهيو هئو. هو انهن سڀني هندو ۽ مسلمان ليڊرن کي گاريون ڏيڻ لڳو، جن هندوستان جا ٻه ٽڪرا ڪري هن جي محبوبه کي هندوستاني ۽ هن کي پاڪستاني بڻائي ڇڏيو هئو.
مٽا سٽا جون ڳالهيون شروع ٿيون ته وڪيل کي ڪيترن چرين سمجهايو ته هن کي دل ننڍڙي نه ڪرڻ گهرجي جو کيس هندوستان موڪليو ويندو. هندوستان، جتي هن جي محبوبه رهندي آهي! پر هن لاهو ر ڇڏڻ نٿي چاهيو. هن جو خيال هئو ته امرتسر ۾ هن جي وڪالت نه هلندي.
يورپين وارڊ ۾ ٻه ائنگلو انڊين چريا هئا. تن جڏهن ٻڌو ته هندوستان کي آزاد ڪري، انگريز بسترا گول ڪري هليا ويا آهن، کين ڏاڍو صدمو رسيو. ٻين جي نظرن کان پاڻ بچائي، هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهيءَ اهم مسئلي تي گفتگو ڪندا رهندا هئا ته پاڳل خاني ۾ هينئر سندن ڪهڙي حيثيت رهندي؟ يورپين وارڊ رهندو يا ختم ڪيو ويندو؟ بريڪ فاسڪ (نيرن) ملندي يا نه؟ هنن کي ڊبل روٽيءَ بجاءِ بلڊي انڊين چپاتي ته نه چٻاڙڻي پوندي؟
هڪ سک، جنهن کي پاڳل خاني ۾ آئي پندرهن سال گذري چڪا هئا، ان جي زبان مان، هي عجيب و غريب لفظ اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، ”او پڙدي،گڙ گڙ دي، انيڪس دي، بي ڌيانادي، منگ دي دال، آف دي لالئين.“
هو نه ڏينهن جو آرام ڪندو هئو ۽ نه رات جو ننڊ. پهريدارن جو چوڻ هو ته پندرهن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ هو هڪ لحظي لاءِ به نه سمهيو هو نه ليٽيو هئو. تنهن هوندي به ڪنهن وقت ڪنهن ڀت سان ٽيڪ ڏئي ضرور وهندو هئو.
هر وقت بيٺو رهڻ سبب هن جا پير سڄي پيا هئا.
پر هو ان جسماني تڪليف باوجود، ليٽي آرام نه ڪندو هئو. هندوستان، پاڪستان ۽ چرين جي مٽا سٽا بابت جڏهن پاڳل خاني ۾ گفتگو ٿيندي هئي، هو غور سان ٻڌندو هئو، ۽ انهيءَ بابت ڪو هن کان راءِ پڇندو هئو ته هڪ ئي جواب ڏيندو هئو.
” اوپڙدي، گڙ گڙ دي، انيڪس دي، بي ڌيانا دي، منگ دي دال آف دي پاڪستان گورنمينٽ !“
پر ڪجهه ڏينهن بعد ”آف دي پاڪستان گورنمينٽ “ جاءِ تي ”آف دي ٽوبه ٽيڪ سنگهه گورنمينٽ“ لفظ اچي ويا ۽ هن ٻين پاڳلن کن پڇڻ شروع ڪيو ته ٽوبه ٽيڪ سنگهه، جتي جو رهاڪو آهي، ڪٿي آهي؟ پر ڪنهن کي به خبر نه هئي ته اهو هندوستان ۾ آهي يا پاڪستان ۾ ۽ جن کي ٿوري گهڻي خبر هئي، سي به ڪجهه ٻڌائي نه ٿي سگهيا. اهي خود منجهيل هئا، سيالڪوٽ پهرين هندوستان ۾ هئو، پر هينئر ٻڌجي ٿو ته پاڪستان ۾ آهي ! ڪهڙي خبر لاهور، جو اڄ پاڪستان ۾ آهي، سڀاڻي هندوستان ۾ هليو وڃي. يا سڄو هندوستان پاڪستان ٿي وڃي، يا هندوستان ۽ پاڪستان ٻيئي ڪنهن ڏينهن غرق ٿي وڃن؟
ان چرئي سک جا وار ڇڻي تمام مختصر ٿي ويا هئا. هو گهڻو ڪري تڙ نه ڪندو هئو، انهيءَ لاءِ مٿي جا وار هڪ ٻئي سان ڄمي ويا هئس، جنهن سبب هن جي شڪل ڏاڍي ڀيانڪ ٿي ويئي هئي. پر ماڻهو بي ضرر هئو. پنڌرهن سالن ۾ هن ڪڏهن به، ڪنهن سان به، جهيڙو فساد نه ڪيو هئو. پاڳل خاني جا جهونا ملازم، هن بابت صرف ايترو ڄاڻندا هئا ته ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ هن جو ن ڪيتريون ٻنيون هيون. چڱو کائيندڙ پيئندڙ زميندار هئو. اچانڪ دماغ خراب ٿي پيس ۽ هن جا مائٽ، ٿلهن ٿلهن زنجيرن ۾ ٻڌي، هن کي پاڳل خاني ۾ داخل ڪرائي ويا.
مهيني ۾ هڪ دفعو اهي هن وٽ ايندا هئا ۽ حال احوال وٺي موٽي ويندا هئا. هڪ مدت تائين اهو سلسلو جاري رهيو. پر پاڪستان ۽ هندوستان جي گڙ ٻڙ شروع ٿي، ته هنن جو اچڻ بند ٿي ويو.
هن جو نالو بشن سنگهه هئو، پر سڀ ٽوبه ٽيڪ سنگهه چوندا هئس. ڪهڙو ڏينهن آهي، ڪهڙو مهينو، انهيءَ بابت هن کي ڪا به خبر نه هئي هن کي ته اهو به ياد نه هئو ته هن کي پاڳل خاني ۾ آئي ڪيترو عرصو ٿيو هئو، پر هر مهيني جڏهن هن جا عزيز هن سان گڏجڻ ايندا هئا، هن کي پنهنجو پاڻ خبر پئجي ويندي هئي. ان ڏينهن هو چڱي ريت وهنجندو هئو، خوب صابڻ مليندو هئو، وارن کي تيل مکي ڦڻي ڏيندو هئو ۽ پنهنجا ڪپڙا جي هو ڪڏهن به استعمال نه ڪندو هئو، ڪڍي پائيندو هئو ۽ ايئن سهي سنبري، ملاقات جي ڪمري ۾ ويندو هئو. اهي، هن کان ڪجهه پڇندا هئا ته هو خاموش رهندو هئو يا جواب ۾
”اوپڙدي، گڙگڙ دي، انيڪس دي، بي ڌيانا دي، منگ دي دال آف دي لاليئن.“ چئي ڏيندو هئو.
هن کي هڪ ڌيءَ هئي، جا هر مهيني هڪ آڱر وڌندي وڌندي، پنڌرهن سالن م جوان ٿي ويئي هئي. بشن سنگهه هن کي سڃاتو ئي نه ٿي. هوءَ جڏهن ننڍڙي هئي، پيءُ کي ڏسي روئندي هئي، جوان ٿي ته به هن جي اکين مان ڳوڙها وهندا رهندا هئا.
پاڪستان ۽ هندوستان جو قصو شروع ٿيو ته هن ٻين چرين کان ٽوبه ٽيڪ سنگهه بابت پڇن شروع ڪيو ته اهو ڪٿي آهي. جڏهن تسلي بخش جواب نه مليس ته هن جي اڻ تڻ وڌندي ويئي. هينئر ملاقات جو ڏينهن به نه ايندو هئو، پهرين ته هن کي پنهنجو پاڻ خبر پئجي ويندي هئي ته گڏجڻ وارا اچي رهيا آهن. پر هينئر ڀانءِ هن جي دل جو آواز به بند ٿي ويو هئو، جيڪو هن کي انهن جي اچڻ جي خبر ڏيندو هئو.
هن جي دل ڏاڍو چوندي هئي ته اهي اچن، جي هن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندا هئا ۽ هن لاءِ ميوو، مٺايون، ۽ ڪپڙا آڻيندا هئا. هن جي پڇڻ تي، اهي ضرور ٻڌائن ها ته ٽوبه ٽيڪ سنگهه پاڪستان م آهي يا هندوستان ۾. هن جو خيال هئو ته اهي ٽوبه ٽيڪ سنگهه مان ئي ايندا هئا، جتي هن جون زمينون هيون.
پاڳل خاني ۾ هڪ چريو اهڙو به هئو جو خود کي خدا چوندو هئو. ان کان جڏهن هڪ ڏينهن بشن سنگهه پڇيو ته ٽوبه ٽيڪ سنگهه پاڪستان ۾ آهي يا هندوستان ۾ ته هن هميشه موافق ٽهڪ ڏيئي چيو،
” نه پاڪستان ۾ آهي، نه هندوستان م . ڇا لاءِ جو اسان اڃا حڪم نه ڏنو آهي !“
بشن سنگهه ان خدا کي ڪيترا ڀيرا منٿ ڪئي ته هو حڪم ڏئي، جيئن
جهنجهٽ ختم ٿئي، پر هو ڏاڍو مصروف هئو. هن کي بيشمار حڪم ڏيڻا هئا.
آخر هڪ ڏينهن تنگ اچي بشن سنگهه غصي وچان چيو، ”او پڙدي، گڙ گڙ دي، انيڪس دي، بي ڌيانا دي، منگ دي دال آف واهه گرو جي دا خالصا ائنڊ واهه گروجي ڪي فتح – جو بولي سو نهال، ست سري اڪال !.“
انهيءَ جو شايد اهو مطلب هو ته ”تون مسلمانن جو خدا آهين، سکن جو خدا هجين ها ته منهنجي ڳالهه ضرور ٻڌين ها !“
مٽا سٽا کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٽوبه ٽيڪ سنگهه جو هڪ مسلمان دوست هن سان گڏجڻ، پهريون دفعو آيو. بشن سنگهه هن کي ڏسي، هڪ طرف مڙي، واپس وڃڻ لڳو، پر سپاهين هن کي روڪيو، ”هيءُ توسان گڏجڻ آيو آهي – تنهنجو دوست فضل دين آهي.“
بشن سنگهه فضل دين کي هڪ دفعو ڏٺو ۽ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳو.
فضل دين اڳتي وڌي هن جي ڪلهن تي هٿ رکيو .
”ڪيترن ڏينهن کان توسان گڏجڻ پئي چاهيم پر واندڪائي ئي نه ٿي ٿي. تنهنجا سڀ مائٽ خيريت سان هندوستان هليا ويا آهن. جيتري قدر ٿي سگهيو مون کين مد ڪئي. تنهنجي ڌيءَ روپ ڪنور !“ هو چوندي چوندي چپ ٿي ويو.
”ڌيءَ، روپ ڪنور! “ بشن سنگهه ڀانءِ ڪجهه ياد ڪرڻ لڳو.
”ها.... ها..... اها به چڱي ڀلي آهي......هنن سان گڏ هلي ويئي آهي.“
بشن سنگهه خاموش رهيو.
فضل دين وري چوڻ لڳو، ”هنن مون کي تنهنجي خيريت پڇڻ لاءِ چيو هو، ٻڌان ٿو ته تون هندوستان وڃي رهيو آهين. ادي بلبير سنگهه ۽ ادي ودهاوا سنگهه کي منهنجا سلام ڏجانءِ، ۽ ادي امرت ڪنور کي به. ..... ادي بلبير کي چئج فضلو خوش راضي آهي. ٻه ڀوريون مينهون، جي هو ڇڏي ويا هئا، انهن مان هڪ وڇڙو ڄڻيو آهي. ۽....مون لائق ڪا خدمت هجي، چئجانس، مان هر وقت تيار آهيان.... ۽ هي تو لاءِ
ٿورا ٻير آندا اٿم. “
بشن سنگهه ٻيرن جي ٿيلهي وٺي، ڀر ۾ بيٺل سپاهيءَ کي ڏيئي، فضل دين کان پڇيو، ”ٽوبه ٽيڪ سنگهه ڪٿي آهي؟“
”ڪٿي آهي؟، اتي ئي آهي، جتي هئو !.“ فضل دين حيرت وچان چيو.
”پاڪستان ۾ يا هندوستان ۾؟“
”هندوستان ۾ .........نه نه پاڪستان ۾.“ فضل دين اڃا به وڌيڪ حيران ٿي ويو.
بشن سنگهه ”اوپڙدي، گڙ گڙ دي، انيڪس دي، بي ڌيانا دي، منگ دي دال آف دي پاڪستان ائنڊ هندوستان آف دي در جئي مند ! “ چوندو هليو ويو.
مٽا سٽا جون تياريون مڪمل ٿي ويون هيون. هتان ويندڙ ۽ هت ايندڙ پاڳلن جو فهرستون پهچي ويون هيون ۽ مٽا سٽا جو ڏينهن به مقرر ٿي چڪو هئو.
سخت ٿڌين جا ڏينهن هئا، جڏهن لاهور جي پاڳل خاني مان هندو ۽ سک چرين سان ڀريل لاريون، پوليس جي حفاظتي دستي سان گڏ روانيون ٿيون، واگهه سرحد تي ٻنهي طرفن جا سپرنٽينڊنٽ هڪ ٻئي سان مليا ۽ شروعاتي ڪاروائي ختم ٿيڻ بعد مٽا سٽا شروع ٿي، جا سڄي رات جاري رهي.
پاڳلن کي لارين مان لاهي ٻين آفيسرن حوالي ڪرڻ، نهايت مشڪل ڪم هئو. ڪي ته ٻاهر نڪتا ئي نٿي ۽ جي نڪرڻ تي رضامند ٿيا ٿي، تن کي سنڀالڻ مشڪل ٿي پيو. ڪي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي ٿي ويا، ڪن ڪپڙا ڦاڙي تن کان جدا ٿي ڪري ڇڏيا، ڪي گاريون ڏئي رهيا هئا، ڪي روئي رهيا هئا ته ڪي ٽهڪ ڏئي رهيا هئا.
ڪجهه به صاف ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيو هڪ طرف شور و غل هئو ۽ ٻئي طرف ٿڌ ايتري ته زوردار هئي، جو ڏند، ڏندن سان کڙڪي رهيا هئا.
چرين جي اڪثريت ان مٽا سٽا جي فائدي ۾ نه هئي. هنن کي سمجهه ۾ نه
ٿي آيو ته هنن کي پنهنجي هنڌان اکوڙي ڪيڏانهن ٿو ڦٽو ڪيو وڃي. ۽ اهي، جي ٿورو گهڻو سوچي سمجهي سگهيا ٿي، ”پاڪستان زندهه آباد“ ۽ ”پاڪستان مردهه آباد“ جا نعرا هڻي رهيا هئا. نعرا ٻڌي ڪن مسلمانن ۽ سکن کي غصو اچي ويو، پر فساد ٿيندي ٿيندي بچي ويو.
جڏهن بشن سنگهه جو وارو آيو، ۽ واگهه جي هن پار جو آفيسر هن جو نالو رجسٽر۾ داخل ڪرڻ لڳو، هن پڇيو، ”ٽو به ٽيڪ سنگهه ڪٿي آهي، پاڪستان ۾ هندوستان ۾؟“
”پاڪستان ۾ ! “ آفيسر کلڻ لڳو.
اهو ٻڌي بشن سنگهه مڙي، ڊوڙڻ لڳو ۽ پنهنجن باقي ساٿين سان وڃي مليو. پاڪستاني سپاهين هن کي پڪڙي ورتو ۽ کيس ٻئي طرف وٺي وڃڻ لڳا، پر هن هلڻ کان انڪار ڪيو. ”ٽوبه ٽيڪ سنگهه هت آهي !“ ۽ هو زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو، ئه او پڙدي، گڙ گڙ دي، انيڪس دي، بي ڌيانا دي، منگ دي دال آف ٽوبه ٽيڪ سنگهه ائنڊ پاڪستان.“
هن کي ڏاڍو سمجهايو ويو ته هاڻي ٽوبه ٽيڪ سنگهه، هندوستان ۾ هليو ويو آهي. ۽ جي نه ويو آهي ته هن کي فورن اتي موڪليو ويندو.
پر هن نه قبوليو. ۽ جڏهن هن کي زبردستيءَ ٻئي طرف وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو وچ رستي ۾ اهڙي انداز ۾ پنهنجين سڄيل ٽنگن تي زور ڏئي بيهي رهيو، ڀانءِ هينئر اتان کيس ڪا به طاقت هٽائي نٿي سگهي.
ماڻهو ڇاڪاڻ جو بي ضرر هو انهيءَ لاءِ ساڻس زبردستي نه ڪئي ويئي. هن کي اتي بيٺو رهڻ ڏنو ويو ۽ مٽا ستا جو باقي ڪم ٿيندو رهيو.
سج اڀرڻ کان اڳ ساعت و سامت کان پوءِ بشن سنگهه جي نڙيءَ مان هڪ آسمان ڏاريندڙ چيخ نڪتي. ٻنهي طرفن جا آفيسر هن طرف ڊوڙيا. هنن ڏٺو ته اهو شخص جو پنڌرهن سالن تائين ڏينهن رات پنهنجي ٽنگن تي بيٺو رهيو هئو، اونڌي منهن ليٽيو پيو هئو. لوهي تارن جي لوڙهي جي هڪ طرف هندوستان هئو. ٻئي طرف اهڙي ئي لوڙهي پٺيان پاڪستان! ۽ وچ واريءَ ڌرتيءَ جي ان ٽڪري تي، جنهن جو ڪو به نالو نه هئو، ٽوبه ٽيڪ سنگهه ليٽيو پيو هئو.

(1954ع)

ڀيڻ: موپا سان _ ميمڻ علي بخش

[b]ڀيڻ[/b]

[b]موپا سان / ميمڻ علي بخش
[/b]

سن 1882ع جي مئي مهيني جي ٽين تاريخ هڪڙو ٽن سڙهن وارو فرينچ وڻجاري جو جهاز، جنهن جو نالو ”ڊي وينٽس ناٽري ڊئم “ هو، ناروي جي بندر کان چيني سمنڊ جي طرف روانو ٿيو. چين جي بندر تي پهنجو مال لاهي، ۽ ان ملڪ جي سامان سان ڀرجي، ڏکڻ آمريڪا جي بيونس آئرس بندر تان مال کڻندو برازيل وڃڻو هو.
ڊگهي سفر جي تڪليفن ۽ صعوبتن کان سواءِ، جهاز کي ٻين آفتن ۽ حادثن سان به مهينن جا مهينا مهاڏو اٽڪائڻو پيو. ان سبب نه صرف جهاز کي نقصان پهتو، پر اهو پورن چئن سالن کان پوءِ 8 مئي 1886ع تي مس پنهنجي وطن فرانس جي ڌرتيءَ تي موٽي سگهيو. جڏهن هي جهاز هاروي بندر کان هليو هو، تڏهن سندس ڪل عملي ۾ هڪ ڪپتان ۽ نائب ڪپتان کان سواءِ ٻيا چوڏهن خلاصي هئا. سفر دوران هڪ ڪپتان مري ويو ۽ ٽي خلاصي سامونڊي ڌاڙيلن سان وڙهندي جهلجي ويا، ۽ باقي جهاز ۾ صرف ڏهه فرانسيسي خلاصي بچيا. جيڪي چار خلاصي جهاز جي عملي مان خارج ٿي ويا، انهن جي جڳهه تي ٻه آمريڪي، هڪ آفريڪا جي حبشي ۽ هڪ سئٽزرلينڊ جي رهاڪوءَ کي ڀرتي ڪيو ويو. اهي چارئي همراهه سنگاپور جي
شراب خاني مان هٿ ڪيا ويا هئا.
فرانس ڏانهن موٽڻ وقت ”ناٽري ڊئم“ مارسيلس بندر تي اچي لنگر انداز ٿيو. ان جا سڙهه لاٿا ويا. لاڄُو سڀ سنوان ڪيا ويا. پوءِ ”ناٽري ڊئم“ کي ٻين جهازن جي وچ ۾ ڌڪي بيهاري ڇڏيائون. ان وقت سمنڊ ماٺو هو. ننڍيون ننڍيون لهرون هڪ ٻئي پٺيان ڪناري سان ٽڪر جي پاڻيءَ ۾ گَجِ جون ڦينگون اڏائي رهيون هيون. جهازن جي قطار لڳي پئي هئي. گهڻو ڪري سڀني ملڪن کان جهاز آيل هئا، جي هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا هئا. هر هڪ جهاز جو قد بت، جڙت ۽ سينگار هڪ ٻئي کان مختلف هو، ۽ ساڳيءَ طرح هر هڪ جهاز جو عملو به لباس جي وضع قطع ۾ نرالو هو. ”ناٽري ڊئم“ کي اٽلي جي ۽ برطانيا جي جهازن جي وچ ۾ جڳهه ملي. اهي ٻئي پنهنجي نئين آيل مهمان کي جڳهه ڏيڻ لاءِ سري بيٺا.
جڏهن جهاز جي ڪپتان کي ڪسٽم آفيسرن کان نجات ملي، تڏهن هن جهاز جي سموري عملي کي ڇهن مهينن جي پگهار ڏئي موڪل ڏني ته شهر ۾ جتي جيئن وڻين تيئن رات گذارين.
تن ڏينهن ۾ بهار جي موسم جي شروعات هئي ۽ تارن ڀريءَ رات جي ڌيميءَ ڌيميءَ روشنائيءَ ۾ مٺڙي مٺڙي خشڪي سمايل هئي. مارسيلس جي رستن تي روشنائيءَ جو درياهه وهي رهيو هو، ۽ سندس بازارين ۾ چئني طرفن کان هر قسم جي خوشبودار طعامن جو هڳاءُ اچي رهيو هو، ۽ ان سان گڏ ماڻهن جي گفتگوءَ جي سريلي وڄت ڪنن ۾ ڀڻڪار ڪري رهي هئي. ٽرئفڪ جي سخت شور، گوڙ، خوشيءَ ۽ مسرت جون شوخيءَ ڀريون چهڪارون، موسم بهار کي ڀليڪار چئي رهيون هيون.
”ناٽري ڊئم“ جا خلاصي ڪناري جي دل آويز مسرتن کان پورن چئن مهينن کان محروم رهيا هئا. تنهن ڪري اڄ هو مارسيلس شهر ۾ گهمڻ نڪتا ته هنن جي قدمن ۾ ڄڻ ته هڪ قسم جو حجاب رقص ڪري رهيو هو، ۽ ائين جيئن ڪي ٻه چار ڳوٺاڻا پهريون دفعو ڪنهن وڏي شهر ۾ گهمڻ اچن ۽ شهر جي عجوبن سان مکاميل ٿي خود به هڪ عجوبو بڻجي پون، هو ڪجهه وقت ته دنيا ۽ مافيها کان بي خبر صرف بي مقصد چڪر هڻندا رهيا ۽ هر عمارت ۽ هر ماڻهوءَ کي چرين وانگر اکيون ڦاڙي ڏسندا رهيا، آخر ڪار چڱي خاصي رُل رُلان کان پوءِ هنن جي چئن مهينن جي بکئي نفس ۾ جنسي خواهش جو ڏنگ چڀيو. هنن جا قدم ڍرا ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي ڏانهن وات ڦاڙي نهارڻ لڳا........۽ اکين ئي اکين ۾ سڀ ڪجهه طئه ٿي ويو.
اهڙن معاملن ۾ هو گهڻي عرصي کان پنهنجي ساٿي خلاصي ”ڊگلس“ کي پنهنجو پيشوا تسليم ڪري چڪا هئا. ڊگلس، چڱو خاصو پهلوان هو ۽ رلڻي ملڻي طبيعت جو مالڪ هو ۽ هميشه ڪپر تي تفريحن ۾ پنهنجن رفيقن جو امام هوندو هو. هن کي مناسب ۽ موزون تفريحي جايون ڳولڻ ۽ وقت تي اتان جان ڇڏائڻ جو خاصو آزمودو هو. اهڙن وقتن تي هو هميشه اهڙن جهيڙن جهٽن کان پرهيز ڪندو هو، جيڪي خلاصي هميشه هٿ وٺي ڪندا آهن. جيڪڏهن اتفاق سان ڪڏهن ڪا اهڙي ناخوشگوار صورت پيدا به ٿي پوندي هئي ته هو هميشه پنهنجو سينو سپر ڪندو هو، پر پنهنجن ساٿين جو وار به ونگو ٿيڻ ڪين ڏيندو هو.
خلاصين جي هيءَ ٽولي گهمندي ڦرندي هاڻ اهڙين غليظ گهٽين ۾ اچي نڪتي هئي، جن جي فرش تي به گناهن جا دغ لڳل هئا. گهٽين ۾ ٻنهي طرفن کان نهايت ننڍڙيون ڪوٺيون ٺهيل هيون، جن جي ڌنڌلين درين کان اهڙي ته بدبوءِ اچي رهي هئي جو ڄڻ ته اندر ڪو گوشت جو ڍير سڙي رهيو هجي.
ڊگلس جي اڳواڻيءَ هيٺ هو ڪجهه وقت نڪ کي هٿ ڏئي هلندا رهيا. آخر ڊگلس ڀر واري ڪنڊ وٽان ڦريو. خلاصين به هن جي پيروي ڪئي. هيءَ گهٽي اڳين گهٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ روشن ۽ صاف اجري هئي ۽ ان جي هر دروازي تي وڏا وڏا رنگين فانوس ٻري رهيا هئا. خلاصين جا چهرا ڳاڙها ٿي ويا ۽ سندس اکيون خوشيءَ جو ناچ نچڻ لڳيون ۽ هنن جا چپ سامونڊي گيتن جي ياد ۾ ڦڙڪڻ لڳا. هر هڪ گهر جي فانوس تي گهر جي نمبر پليٽ لڳل هئي ۽ هر هڪ گهر جي اندر دروازي جي پوئتان هڪ عورت چمڪندڙ لباس ۾ ملبوس هڪ سائيءَ چمنستاني ڪرسيءَ تي هار سينگار ڪيو ويٺي هئي. خلاصين کي ڏسي هي عورتون پنهنجن گهرن مان نڪري گهٽيءَ ۾ آيون ۽ هنن جو رستو روڪي هنن کي پاڻ ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ ناز نخرا ڪرڻ لڳيون. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن گهر جو دروازو اوچتو پئي کليو ۽ ڪائي گهاگهه رَنَ ڪنهن طوفان ۾ ويڙهيل ڏائڻ وانگر رڙيون واڪا ڪندي ٿي نڪتي - ”اچو- جوانو- اچو- “ ۽ ان سان گڏ ڪنهن نه ڪنهن خلاصيءَ مٿان سرڻ وارو لامارو هڻندي، پوريءَ طاقت سان ان کي پنهنجي نويڪلي ڪمري ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش کي لڳي ٿي ويئي. پنهنجي شڪار کي ڦاسائڻ جي ڌن ۾ هوءَ هو بهو اهڙي ڪوريئڙي وانگر پئي نظر آئي جو پاڻ کان وڌيڪ طاقتور مک کي ڦاسائڻ جي بيسود ڪوشش ڪندو هجي. هن جي شڪار ”خلاصي“، مجبوريءَ جي حالت ۾، عجيب هيڻائيءَ سان هن جو خوب مقابلو پئي ڪيو ۽ سندس ساٿي هن جي اهڙي حالت ڏسي پئي کليا. اوچتو ڊگلس جي رڙ ٻڌڻ ۾ آئي، هن حاڪماڻي آواز ۾ پئي پڪاريو :”ترسو نه..........اتي نه ترسو........هليا اچو.........اسان کي اڳتي هلڻو آهي.“ ۽ سڀ خلاصي هن جي حڪم جي پوري تعميل ڪندا ڄؤرن کان پنهنجو پاڻ کي ڇڏائيندا، ڊگلس جي پوئتان ”آياسون“ چوندا وڃي رهيا هئا.
شڪست کاڌل طوائفون زخمي شينهن جيان غضب ناڪ ٿي نظر آيون ۽ ڄار ڇنائي ويل ”محبوبن“ کي بلند آواز فحش گارين جي تيرن جو نشانو بڻائي رهيون هيون.
خلاصي ان طرح هلندا رهيا، قدم قدم تي هنن جو مکا ميلو غريب ڪلارڪن، کٽل سوداگرن ۽ ڀٽڪندڙ فوجي سپاهين سان پئي ٿيو، جي پنهنجي سنگتياڻين سان ملي واپس ٿي رهيا هئا. هلندي هلندي خلاصي هڪ نئين گهٽيءَ ۾ گهڙيا، جنهن ۾ پهرين گهٽيءَ وانگر هر دروازي تي فانوس ٻري رهيو هو ۽ اهڙي ئي گهٽيل گهٽيل بانس اچي رهي هئي. ڊگلس آخر هڪ چڱي گهر وٽ بيهي رهيو ۽ پنهنجن ساٿين سميت ان اندر داخل ٿيو. خلاصي گهر جي وڏي ڪمري ۾ وڃي ويٺا ۽ منجهائن هر هڪ پنهنجي لاءِ هڪ هڪ عورت پسند ڪري ورتي هئي، جن کان هو هڪ لحظي لاءِ به جدا نه ٿي ٿيا.
هن ننگريءَ جي اها ئي ريت هئي !
هنن جي اڳيان ٽن ميزن کي هڪ ٻئي سان ملائي هڪ ٽيبل بڻائي وئي هئي، جنهن مٿان شراب جون صراحيون ۽ جام رکيا هئا. خلاصين خوب ڍؤ ڪري مارسيلس جي تند ۽ تيز مڌ جا جام مٿان جام چاڙهيا ۽ ٿڙڪندڙ ٽنگن سان عورتن کي بغلن ۾ سوگهو جهليندي گهر جي مٿينءَ ماڙ تي چڙهي ويا. ٿوري وقفي کان پوءِ هو وري هيٺ لهي آيا ۽ نئين طرح بدمست ٿي مٿين ماڙ تي هليا ويا. اهي مستيون انڌا انڌ چالو رهيون، ايستائين جو خلاصين جون ڇهن مهينن جون ڪمايل پگهارون صرف چئن ڪلاڪن ۾ فنا في الهوس ٿي ويون. جڏهن رات جا يارهن لڳا، تڏهن انهن مان ڪنهن کي به تن بدن جو هوش نه هو. تمام گهڻي شراب پيئڻ سبب هنن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون، ۽ اهڙي بدمستيءَ جي عالم ۾ هنن جي زبان مان صفا بي معنيٰ ۽ فضول جملا نڪرڻ لڳا، سندن بي سري نڙيءَ مان فحش راڳ نڪرندا رهيا، ۽ گڏو گڏ ميز مٿان به زور سان مڪون هڻي رهيا هئا، شراب جي پيالن مٿان پيالا نڙيءَ اندر اوتي رهيا هئا. هو تعداد ۾ ڪل ڏهه هئا ۽ سڀني ۾ ڊگلس ئي هو جو پاڻ مٿان ڪجهه نه ڪجهه ضابطو رکيو پئي آيو. هن جي بغل ۾ هڪ قداور ۽ ڳاڙهن ڳلن واري حسينه ويٺي هئي. جنهن جي صرف اها ئي ڪوشش هئي ته هيءُ ڪڏهن ٿو مدهوش ٿئي. پيئڻ جي لاءِ جيتوڻيڪ ڊگلس کي به اوترو ئي شراب مليو هو، جيترو سندس ساٿين کي، تڏهن به هن پاڻ کي آپي مان نڪرڻ کان بچائي ورتو هو. شايد اهو ئي سبب هو جو ماحول جي ايڏي گوڙ گهمسان باوجود هن جي دماغ جي ڪوٺڙيءَ ۾ خيالن جو غبار مسلسل چڪر هڻي رهيو هو، ان حالت ۾ اوچتو هن جي دل ۾ ڄڻ ته نرمي ۽ همدردي، شفقت ۽ محبت جو سرچشمو ڦاٽي نڪتو ۽ دل ۾ خيال ڪيائين ته جيڪر ڪا شرافت جي ڳالهه سوچي هن شوخ ڇوڪريءَ اڳيان بيان ڪريان. مگر جيئن ئي هن ڪجهه سوچڻ چاهيو، تيئن ئي هن کي منڍيءَ مان مغز غائب ٿيندو نظر آيو ۽ ڪنهن گونگي انسان جيان سندس وات ڦاٽل ئي رهجي ويو.
”او هو ! “ هن آخري ٽهڪ اوڳاڇيندي چيو ۽ خواه مخواه ڪجهه نه ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين، ” تڏهن ته...... تڏهن ته........ پر اهو ته ٻڌاءِ، تون هتي آئينءَ ڪڏهن؟“
”ڇهه مهينا کن ٿيا،“ ڇوڪريءَ جواب ڏنو.
ڊگلس پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو، ڄڻ ته ان حقيقت جي تائيد ڪري رهيو هو.
”توکي هت ڪا تڪليف ته ڪانهي؟“
ڇوڪريءَ ڪجهه سيڪنڊن لاءِ سوچيو ۽ پوءِ چوڻ لڳي: ”تڪليف ڇا ٿيندي، هاڻ ته مان عادي ٿي چڪي آهيان، سمجهين نه ٿو ته ماني ته آخر ڪمائي کائڻي آهي ! ايئن به مون کي هيءُ ڌنڌو ملازمت کان هزار درجا وڌيڪ بهتر ٿو نظر اچي. ملازمت ۾ به ساڳي ڳالهه آهي، جيڪا هت ! “
ڊگلس وري ساڳي انداز ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ڄڻ ته ان ڳالهه کي به سندس تائيد جي ضرورت هئي.
”ڇا تون هنن ڪوٺين ۾ پيدا ٿي هئينءَ؟“
”اونهون.“
”تڏهن ڇا ڪنهن ٻئي هنڌان آئي آهين؟“
”هون.“
”ڪٿان؟“
هوءَ ٿورو وقت ترسي ڄڻ ته ڪجهه ياد ڪري رهي هئي، ۽ پوءِ چيائين :”مان ”پرپيگ“ جي رهواسڻ آهيان.
”او هو ! او هو !“ ڊگلس تڪڙو چيو ۽ يڪدم چپ ٿي ويو.
”توهان ته شايد خلاصي آهيو؟“ ڇوڪريءَ پڇيس.
”هائو اسين خلاصي آهيون.“
”پوءِ توهان وڏا وڏا سفر ڪيا هوندا؟“
”ها.......تمام ڊگها سفر ڪيا اٿئون، مون گهڻو ڪري سڀ ملڪ ڏٺا آهن.“
”ساري دنيا جي چؤڦير گهمي آيو آهين؟“
”بلڪل،“ ڊگلس چيو، ”۽ هڪ دفعو نه پر ٻه دفعا دنيا ڀر جو چڪر لڳايو اٿم.“
هوءَ ڪجهه وقت خاموش ٿي ويئي. ڊگلس به چپ رهيو. آخر ڇوڪريءَ چيو :
”منهنجي خيال موجب ته توهان گهڻن ئي قسمن جي جهازن وارن سان مليا هوندؤ ! “
”ڪيترن سان ئي.“
”هڪ جهاز آهي ’ناٽري ڊئم‘ جي نالي سان.ڇا ان جهاز جي ڪنهن ماڻهوءَ سان به تنهنجي ڪڏهن ملاقات ٿي؟“
ڊگلس پنهنجي جهاز جو نالو هن جي واتان ٻڌي وائڙو ٿي ويو، ۽ پوءِ ان کي هڪ مذاق سمجهندي چوڻ لڳو، ’ناٽري ڊئم‘ جي ماڻهن سان ته اجهو گذريل هفتي مليا هئا سون.“
”ڇا سچ ٿو چوين؟“
”بلڪ سچ.“
”ڏسُ متان وڌاءُ ڪندو هجين !“
”نه ڙي نه..........چوين ته خدا جو قسم کڻان ته ’ناٽري ڊئم‘ وارن سان گذريل هفتي مليو هوس.“
”چڱو ان جهاز تي ڪو ڊگلس نالي خلاصي به ڏٺو هيئي؟“
”ڊگلس نالي خلاصي !“ بي اختيار سندس زبان، اهو جملو اچاريو ۽ ان سان گڏو گڏ سندس ساري بدن ۾ ڄڻ ته بجليءَ جي لهر ڊوڙي ويئي. ’ڌڻي منهنجا هن ڇوڪريءَ کي منهنجي نالي جي خبر ڪيئن پيئي؟‘ هن سوچيو.
”ٻڌاءِ نه تون ڊگلس نالي خلاصيءَ کي سڃاڻين؟“ ڇوڪريءَ بيتاب ٿيندي، پنهنجو سوال ورجايو.
”تو بهه، تون هن کي ڪيئن سڃاڻين؟“ ڊگلس الٽو سوال ڪيو.
”نه نه مان ته هن کي ڪو نه سڃاڻان، البته هتان جي هڪ ٻي ڇوڪري اڪثر هن جو نالو کڻندي آهي.“ هن چيو.
”اها ڇوڪري ڪير آهي؟ ڇا هن ئي حال ۾ رهندي آهي؟“
” نه هت ته ڪو نه رهندي آهي.“
”تڏهن ڪٿي رهندي آهي؟“
”آخر اها ڪير آهي؟“
”بس هڪڙي ڇوڪري آهي........... بلڪل مون جهڙي.“
”ڊگلس سان هن جو ڪهڙو سٻنڌ آهي؟“
”مون کي ڪهڙي خبر؟ ٿي سگهي ٿو ته هو سندس شهر جو هجي !“
ڊگلس ۽ ڇوڪريءَ هڪ ٻئي جي اکين م ڏٺو.
”مان ان ڇوڪريءَ سان ملڻ ٿو چاهيان.“ ڊگلس چيو.
”ڇو؟“ ڇوڪريءَ پڇيو، ”ڇا توکي ان کي ڪجهه چوڻو آهي ! “
”مان هن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته....... ته...........“
”ڇا ٻڌائڻ ٿو چاهين تون هُن کي؟“
”ته مان.............ڊگلس سان مليو آهيان !“
”تون ڊگلس سان مليو آهين؟ ڇا هو زندهه آهي ! خوش ته هو؟“
”هائو، هو خيريت سان هو، پر تنهنجو ان ۾ ڪهڙو ڪم؟“
ڇوڪري چپ ٿي ويئي ڄڻ پنهنجي تخيل جا اٿلايل صفحا ورائي رهي هئي. وري ڪجهه آهستي چيائين، ” ڀلا ’ناٽري ڊئم‘ ڪيڏانهن وڃي رهيو هو؟“
”مارسيلس ڏانهن !“
”مارسيلس ڏانهن !“ ڇوڪريءَ رڙ ڪري چيو، ”ڇا اهو سچ آهي؟“
”بلڪل سچ.“
”۽ تون ڊگلس کي به سڃاڻيندو آهين؟“
”اهو ته پهريون ٻڌايو مانءِ.“
”چڱو ته ٻڌ...........ڊگلس کي چئجان ته تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجو پيءُ مري ويا آهن، ۽ اهو به چئجانس ته تنهنجو ڀاءُ به ختم ٿي ويو آهي.......... چئجانس ته تنهنجي وڃڻ کان پوءِ شهر ۾ وبا اچي پکڙي، جنهن ۾ اهي ٽيئي ڄڻا هڪ مهيني اندر مري ويا.“
ڊگلس محسوس ڪيو ته ڄڻ ڪوئي سندس هانءُ چٻاڙي رهيو هو. ڪجهه وقت هو چپ چاپ ويٺو رهيو.هن ڪجهه چوڻ پئي چاهيو، پر سندس نڙيءَ ۾ ڄڻ ته ڪو ڳوڙهو اٽڪي پيو هو. هن جي زبان مان زور سان ڪجهه لفظ نڪتا.
”ڇا توکي يقين آهي ته ايئن ئي ٿيو آهي؟“
”هائو مون کي يقين آهي ته ايئن ئي ٿيو آهي.“
”اهي ڳالهيون توکي ڪنهن ٻڌايون؟“
جواب ۾ ڇوڪريءَ ٻئي ٻانهون ڊگلس جي ڪلهن تي رکيون ۽ هن جي اکين ۾ گهوريندي چوڻ لڳي :”قسم کڻ ته هي ڀيد ڪنهن کي به نه ٻڌائيندين ! “
”مان خدا جو قسم ٿو کڻان.“
”ته، ٻڌ، مان ڊگلس جي ڀيڻ آهيان !“
”ليوسي !“ ڊگلس کان رڙ نڪري ويئي.
ڇوڪريءَ هن جي اکين ۾ اکيون وڌيون ۽ هوريان هوريان سندس چپ چريا،
ايئن پئي معلوم ٿيو، ڄڻ هوءَ لفظن کي زبان کان ٻاهر ڪڍندي روڪي رهي هئي.
”ته تون ڊگلس آهين !“ ڇوڪريءَ جو آواز ائين ٻڌڻ ۾ آيو، ڄڻ تتل رک مٿان ڪو پاڻي هاري رهيو هو. ٻئي پٿر جا بت بڻجي ويا. ساري بدن ۾ صرف سندن اکيون زندهه پئي معلوم ٿيون، جي هڪ ٻئي ڏانهن گهوري رهيون هيون.
هن جي چوڌاري ٻيا خلاصي ۽ انهن جي بغلن ۾ ڀڪوڙيل جنسي اڃ اجهائڻ واريون صراحيون، گوڙ شور مچائي رهيون هيون، شرابي خلاصين جا بي سرا گيت ۽ فضول بڪ ۽ انهن جون وحشاني رڙيون ۽ رنڊين جون هسٽريا ڀريل چيخون ۽ ٽهڪ، اهي سڀ گوڙ گهمسان ۾ شامل هئا.
”اهو ........ٿيو.......ڪيئن؟“ ڊگلس رڪجي رڪجي اهڙي ته ڌيمي آواز ۾ چيو جو ليوسي به مشڪل سان اهي لفظ ٻڌي سگهي.
ليوسيءَ جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي ويئون.
”بس هو مري ويا، سڀ......... سڀ مري ويا..........“ ليوسيءَ روئڻهارڪي آواز ۾ چيو.” تنهنجي گهر مان وڃڻ کان هڪ سال پوءِ امان، بابا، ۽ ڀائو ٽيئي هڪڙي ئي مهيني ۾ خدا کي پيارا ٿي ويا. ۽ مان پاپڻ هن ڀريءَ دنيا ۾ اڪيلي رهجي ويس......... ڪنهن رڻ ۾ اڪيلي وڻ وانگر.........ڊاڪٽرن، دوائن ۽ لڳاتار ڪفن دفن جي خرچن، مون کي هڻي پڄائي ڇڏيو ۽ مون انهن خرچن کي پوري ڪرڻ لاءِ گهر جي هر هڪ شئي وڪڻي ڇڏي،ان حد تائين جو مون وٽ صرف تن ڍڪڻ جا ڪپڙا مس وڃي بچيا،......... پوءِ مونشير وٽ نوڪري ڪيم. اهو ئي اسان جي پاڙي وارو مونشير........ ان وقت منهنجي عمر صرف پندرهن سال هئي.........۽ ”مونشير“ مون کي هر لحاظ کان تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ هڪڙي گهر ۾ آيا بڻجي رهيس، مگر ات به منهنجو اهو ئي حشر ٿيو. گهر جي مالڪ ڪافي عرصي تائين مون کي هڪ ڌار گهر وٺي ڏيئي سريت بڻائي رکيو. پر آخر ڪيستائين؟ جلد ئي هن به مون کي ڇڏي ڏنو. ۽ آخر نوبت اها ٿي جو ڪيترا ويلا بک تي ڪڍڻا پوندا هئم. پوءِ سوچيم ته جڏهن جت ڪٿ حالت اهائي ٿيندم، پوءِ ڇو نه پاڻ ئي قبول ڪريان ! تنهن ڪري هيڏانهن هلي آيس ۽ هاڻي.........هاڻي..........“ ليوسيءَ جي زبان اٽڪي بيهي رهي ۽ گهٽيل گهٽيل آواز ۾ روئڻ لڳي. چڱيءَ دير تائين ته سندس ڳلن تان ڳوڙهن جون ٻه ڀرپور نديون روان رهيون هيون ۽ هن جي آواز ٿڌن ساهن ۽ سڏڪن سان ڀريل هو.
”مون سمجهو هو ته تون به مري چڪو آهين !“ ليوسيءَ هڪ وڏو سڏڪو ڀريندي، هڪ زخمي آواز م ڀڻڪيو، ”اهڙيءَ حالت ۾ تون ئي ٻڌاءِ، مان ڇا پئي ڪري سگهيس؟“
”پر تون مون کي شروعات ۾ ئي ڇو نه سڃاتو؟“ ڊگلس ڪنهن مريض وانگر ڌيمي آواز ۾ چيو .
”نه ڄاڻان، مون ڪمبخت توکي ڇو نه سڃاتو؟“ هن تيئن زور سان روئندي چيو. ”ڇا ڪريان ! جڏهن تون گهر کان نڪتو هئين ته هاڻ کان مختلف هئين ۽ تو به ته مون کي ڪو نه سڃاتو؟“
ڊگلس کي ايئن محسوس ٿيو ته ڪو ئي سندس دل کي مضبوط چنبي ۾ زور سان نپوڙي رهيو آهي. هو اندر ئي اندر ۾ ڪنهن اندروني تڪليف کان ڪنجهڻ لڳو ۽ سندس دل ۾ بي اختيار روئڻ جي خواهش اڀري، ان معصوم ٻالڪ جيان جنهن کي سندس ڪوئي ساٿي ننڊ ۾ ماري ڀڄي ويو هجي.
هو اٿيو ۽ ڇوڪريءَ جو نازڪ منهن پنهنجن کهرن هٿن ۾ جهلي لڳا تار سندس چهري ۾ ڏسڻ لڳو.
آهستي آهستي هو ان پڪي ۽ پختي چهري ۾ ننڍپڻ ۽ ٻالڪ پڻ جا معصوم ۽ مسرور مهانڊا سڃاڻندو ويو.جن کي هو سمنڊ جي ڊگهي سفر تي اسهڻ کان اڳ گهر ۾ ڇڏي ويو هو.
”ها، تون ليوسي آهين...... منهنجي ڀيڻ !“ آخر هن چيو ۽ يڪدم بي شمار سڏڪا........هڪ مضبوط ماڻهوءَ جا نادر سڏڪا........ڪنهن خراب بدحال شرابيءَ جا سڏڪا......ڊگلس جي سيني ۾ اڀريا......ليوسيءَ جو چهرو هن ڇڏي ڏنو ۽ ڀرسان رکيل ميز تي هڪ زور دار مڪ هنيائين ۽ هڪ حيواني آواز ۾ دانهون ڪري روئڻ لڳو. هن جي مضبوط مڪ جي شديد ضرب سبب ميز تي رکيل بلوري گلاس اچي فرش تي ڪريا ۽ انهيءَ دم ٽڪر ٽڪر ٿي پکڙجي ويا. هوڏانهن سندس سڀ ساٿي ۽ انهن جون ساٿياڻيون ڊپ ۾ ڀرجي هن ڏانهن ڏسڻ لڳيون.
”ڏسو ته ڪيئن نه رعب ڄمائي رهيو آهي !“ هڪ خلاصيءَ کلندي چيو.
”بند ڪر بڪ !“ ٻئي پريان چيو.
”اڙي ڊگلس ڇوٿو رڙين، استاد؟“ ٽئين هن جي ويجهو ايندي ۽ سندس پلوَ کي ڇڪيندي چيو.
”هل نه وري مٿان ٿي اچون !“
ڊگلس يڪدم روئڻ بند ڪيو ۽ ساهه گهٽي، پنهنجي سڀني ساٿين مٿان نظر اڇلائي. سڀ نشي ۾ چور هئا. هن جي ڀرسان ئي هڪ خلاصي هڪ ريشمي لباس ۾ ملبوس مرڪندڙ ڇوڪريءَ کي بغل ۾ جهليون پيو هو.
ريشم ۽ سلڪ جي لباس ۾ ملبوس رن، ڊگلس کي هڪ تازي زخم مثل نظر آئي، جنهن مٿان گلابي رنگ جا تهه ڄمائي حسين بڻايو ويو هجي. هو پنهنجي جڳهه تان اٿيو، ڄڻ ته ڪنهن لڙائيءَ ۾ ٽپو ڏئي رهيو هو. هن هڪ وحشاني عزم سان پنهنجي ڀرپور طاقت جي زور تي رنڊيءَ کي پنهنجي ساٿي خلاصيءَ جي هنج مان جدا ڪيو ۽ هڪ شينهن وانگي گجگوڙ ڪري چوڻ لڳو :
”ڇڏ، ڇڏ هن کي ! ڏسين نٿو، هيءَ تنهنجي ڀيڻ آهي !....... توهان مان هر هڪ جي بغل ۾ اوهان جي ڀيڻ ويٺل آهي!.......هيڏي ڏسو، هيءَ آهي منهنجي ڀيڻ..........ليوسي ! ها..... ها.......ها.........“ ۽ هو سڏڪا ڀري روئڻ لڳو، اهڙي طرح ڄڻڪ هو ٽهڪ ڏئي رهيو هجي. ان کان پوءِ پنهنجون ٻئي ٻانهون هوا ۾ ڦهلائيندو، هو ٿڙندڙ قدمن سان اڳتي وڌيو ۽ فرش مٿان ڪري پيو. بيقراريءَ جي حالت ۾ هو پنهنجون ٻئي ٻانهون ۽ ٽنگون فرش مٿان ائين هڻي رهيو هو، جيئن اڌ ڪُٺلُ ڪڪڙ ڦٿڪندو آهي.
هن جا سڀ ساٿي پنهنجي پنهنجي جڳهه تي حيران ۽ پريشان بيٺا رهيا.
”هلو ته هن کي ڪنهن بستري تي آرامي ڪريون.“ هن جي هڪ ساٿيءَ چيو.
سڀني گڏجي هن کي کنيو ۽ هن کي گهليندا، ڏاڪڻ جي رستي مٿينءَ ماڙ تي کڻي ويا، جتي هن کي هڪ بستري تي سمهاريائون.
ليوسيءَ جي ڪمري ۾ ليوسيءَ جي بستري تي !.

[b] گاءِ ڊي موپاسان فرينچ ٻوليءَ جو ناول نويس جيڪو پنهنجن مختصر افسانن لکڻ ڪري وڌيڪ مشهور آهي. هو 1850ع ۾ ڄائو ۽ 1893ع ۾ گذاري ويو.
[/b]
[b](سماهي ’مهراڻ‘ جي ٿورن سان.)
[/b]

سَرهو شهزادو: آسڪر وائيلڊ _ گرداس واڌواڻي

[b]سَرهو شهزادو
[/b]
[b] آسڪر وائيلڊ / گرداس واڌواڻي
[/b]
اتانهون هڪ ٿنبي تي سَرهي شهزادي جو پتلو اُڀو هو، پري پري کان پيو پسبو هو. سونن ورقن سان سون وَرِنو ڪيل، اکين ۾ نيلم هئس ۽ ترار جي هٿئي تي هڪ جرڪندڙ لعل.
هرهنڌ پتلي جي واهه واهه هئي ۽ سڀني دلين م پيهي ويو هو. هڪ ڪائونسلر ازخود چئي ڏنو ”ڪهڙو نه سوڀيا وان !“ پاڻ کي مصوريءَ جو ماهر سمجهي پاڻ پڏائيندو هو. پر هو ڪائونسلر شايد ڊنو ته ماڻهو ڪارڪردگي پڇندا يا چوندا ته ڏسڻ جو ٽوهه آهي. سو چئي ڏنائين ”پر ڪهڙي ڪم جو؟“
هڪ جيجل ماءُ ٻار کي چيو، ”ڇو نه ٿو سَرهي شهزادي جيان ٿين، جو سدائين پيو کلي ۽ خوش نظر اچي. ٻار کيٽو ڪيو هو ته چنڊ کپي ۽ رودن لائي ويٺو هو. ماءُ چيو ته، ”سَرهو شهزادو ڪڏهن به کيٽو نه ڪندو هو.“
هڪ سورن سڙيل هن سريش پتلي ڏانهن نظر ڪري چيو : ”ڪو ئي ته سنسار ۾ هو جو سدائين خوش هو !“
ديول مان ڇوڪرا سهڻن چلڪندڙ جبن ۾ ٻاهر پڌر ۾ آيا ۽ پتلي ڏانهن نهاري چيائون : ”جهڙوڪ ملائڪ !“ استاد ڀڻڪيو ته، ”ڪيئن ٿا چئو ملائڪ آهي.“ ڇوڪرن امالڪ جواب ڏنو : ”اسان اها صورت خوابن ۾ ڏٺي آهي.“
هڪ رات شهر مٿان هڪ پکي اڏري آيو. ڇهه هفتا ٿيا، سندس ساٿي وڇڙي وڃي مصر جي پرئمڊ تي پهتا هئا، پر هي رهي پيوهو.
اها به هڪ پريت ڪهاڻي آهي. دل ڏئي ويٺو هو درياهه جي ڪپ تي هڪ
لڏندڙ لام ڏسي. اها بسنت رت هئي ۽ بود ۾ اچي لام ڀيڙو ٿيو هو. هڪ ئي ڳالهه
ڪيائين : ”توسان پريم ڪرڻ ٿو گهران.“
لڏندڙ لام نئڙي جهٽڪو ڏنو ۽ پکي سمجهي ويو.
خوشيءَ جي خمار ۾ هن چوڌاري ڦيريون پاتيون. پاڻيءَ ۾ کنڀڙاٽيون پُسائي، ڦوهارا وسايا ۽ چانڊاڻ ۾ چانديءَ جون لهرون لهرايون. سارو اونهارو اها پيار ورکا چالو رهي.
”هن پيار مان نڪي وري نڪي سري.“ ٻين پکين چون چون ڪئي ته، ”نڪي پئسو پنجڙ نڪو مٽ مائٽ“ ايئن ته هو ئي ڪونه ته پاڻيءَ جي مٿان ٻيون لامون نه پئي لڙيون. پوءِ سرءُ آئي، پکي اڏامي ويا ۽ هي پکي رهجي ويو.
جڏهن سڀ پکي هليا ويا ته هي پکي اٻاڻڪو ٿي پيو. محبوب مان اهو ساءُ نٿي آيس. ”مُنهان هڪ اکر نه ٿي اُڪليس. “ هن چيو، ”مڄاڻ مون کي چيڙائي ٿي ۽ سارو وقت هوا سان سُر ملائي جهومي رهي آهي. هر هڪ هوا جي جهوٽي سان جهڪي ٿي . پر سچ چئبو ته سٻاجهڙي گهر جهالائو آهي ؛ پر منهنجو ته پير ٽڪي ئي ڪو نه. منهنجي دل وٽان اها وَني ٿيندي جا سفر ۾ سدا ساڻ رهي.“
منهن سامهون ٿي پکيءَ لام کي چيو، ”مون سان ٽپڙ ٻڌي ملڪان ملڪ هلڻ لاءِ تيار آهين؟“ لام ڪنڌ ڌوڻيو. هن جو جيءُ گهر سان جڙيو پيو هو.
”اهو مون سان کل چرچو ٿي ڪرين. منهنجي هاڻ تياري پرئمڊ ڏانهن آهي.“ ۽ الله توهار چئي اڏامي ويو.
اوچتو هن جي نظر پتلي تي پيئي. اڄوڪي رات اتي ئي رهندس، هن سوچيو. مڪتي هوا پئي لڳندي، واهه جي وسرام واري جڳهه ٿيندي. ڍرو ٿي هيٺ لٿو ۽ شهزادي جي پيرن ۾ ڍاٻو ڪيائين. چوڌاري نظر ڦيريندي اندر جو اندر ۾ چيائين : ”مون کي ته سولائيءَ سان ڪمرو ملي ويو آهي ! “ هاڻ هو ننڊاکڙو هو. سِر کي سيري کنڀن ۾ لڪايائين. اتي هڪ وڏو پاڻيءَ جو ٽيپو مٿس لڙي ڪريو. ڏاڍي عجب ۾ پيو ته آسمان ۾ ڪڪر نالي کي به ڪونهي، تارن جي جهر مر لڳي پيئي آهي؛ پر برسات پيئي پوي ! سائي لام جي دل به برسات سان هئي. اها هن جي خود غرضي هئي، ۽ ائين ٻيو ٽيپو ڪريو.
”هي پتلو ڪهڙي ڪم جو، جو برسات کان به بچاءُ نه ڪري، پکيءَ کي ڪاوڙ لڳي ۽ وڃڻ لاءِ دل ٻڌائين ته من ڪو ٿائينڪو هنڌ لڀجي پوي !
اڃا اڏامڻ لاءِ پر ساهيائي ڪين هئائين ته ٽيون ٽيپو ڪريو. ۽ وات مان نڪري ويس: ”اڙي هي ٿئي ڇا پيو؟“
سَرهي شهزادي جي پتلي جون اکيون آليون هيون ۽ سون ورن ڳلن تان لڙڪن جون لارون وهنديون پئي ويس. چنڊ جي چانڊاڻ ۾ منهن تي مهڪ ڏسي پکيءَ کي ڪهڪاءُ ٿيو : ”توهين ڪير آهيو؟“ پکيءَ پڇيو.
”مون کي سَرهو شهزادو ڪري ڪوٺين ٿا.“
”ته ڀلا روئين ڇو ٿو؟ روئي روئي مون کي ته پسائي ڇڏيو اٿئي.“
پتلي جواب ڏنو :”جڏهن سنسار ۾ انسان جو روپ ۽ انساني دل هئم، ته خبر ئي نه هئم، ته روئڻ ڇا ٿيندو آهي؟ رهندو به هوس سندر سئنس سوسي محل ۾، جتي ڏکن کي داخل ٿيڻ جي جهل هئي. ڏينهن ڏٺي جو دوستن سان کل، خوشيءَ ۽ کيڏڻ ۾ وقت گذرندو هو ۽ شام جو وڏي هال ۾ راڳ روپ ۽ رقص ٿيندي هئي. ساري باغ کي چؤطرف شاهي ديوار هئي ۽ مون کي ڪا ڄاڻ نه هئي، ته ٻاهر ڇا پيو وهي واپري. اندر سڀ خوشيءَ جو سامان هڪيو هو.
”درٻاري مون کي ڪوٺيندا ئي هئا سَرهو شهزادو- ۽ مان برابر هوس به. جي ايئن سمجهجي ته حياتي ۾ سونهن سوڀيا، سهنج ۽ مٺيون مٺيون مسرتون خوشي مهيا ڪري سگهن ٿيون، منهنجي حياتي ائين گذري. هاڻ جڏهن دنيا مان گذر ڪري ويو آهيان ته مون کي اُڀو ڪري ايترو ته مٿي بيهاريو اٿن، جو شهر ۾ ٻاهر جي اُگراڻ ۽ گند کي اکئين ڏسي سگهان ٿو. جيتوڻيڪ منهنجي دل شيهي جي ٺهيل آهي ؛ پر مان لڙڪن کي روڪي نه ٿو سگهان.“
پکيءَ دل ۾ چيو آهي ته سڄو سون جو ٺهيل، ته دل ڪيئن شيهي جي ٿيندي ! شايد پنهنجي شخصي وڏائي وڏي واڪي ڪرڻ کان ونءُ ٿو وڃي.
مٺڙن مٺڙن لفظن ۾ پتلي وري چوڻ شروع ڪيو :
”پري پري هڪ گهٽيءَ ۾ هڪ گهر آهي، ان جي هڪ دري کليل آهي ۽ ان منجهان مان ڏسان ٿو ته هڪ پورهيت عورت ميز جي ڀر ۾ ويٺل آهي. اکيون ڏرا ڏئي ويون اٿس ۽ هٿن ۾ به ست نه رهيو اٿس . هوءَ ڪپڙا ٺاهي، ڀرت ڀري وڪرو ڪرڻ واري آهي. هن وقت به هوءَ ڀرت ڀري رهي آهي. اهو جبو مهاراڻيءَ جون سرتيون پائي محفلن ۾ وينديون. ڀر ۾ ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ بستري تي هڪ معصوم ٻار سمهيل آهي. ٻار کي بخار آهي ۽ سنگتڙا گهري ٿو، پر ماڻس وٽ هڪ ڪوڏي به نه آهي. هوءَ رڳو ٻار کي نديءَ جو پاڻي پياري سگهي ٿي ۽ تنهن ڪري هو سڏڪا پيو ڀري.“
”پکي، او منهنجا پيارا پکي، منهنجي ترار جي هٿئي ۾ لڳل لعل ان کي وڃي پهچاءِ. مان هن ٿنڀي تي ٻڌو پيو آهيان ۽ چري نه ٿو سگهان.“
چلڪندڙ لعل چهنب ۾ کڻي پکي شهرن جي عمارتن مٿان اڏاڻو، وڏي ديول جي ٽاور مٿان لنگهه هوس، جتي سفيد سنگ مرمر مان گهڙيل ملائڪن جا پتلا هئا. پکي محل مٿان اڏاڻو، اندر ناچ ۽ گاني جا آلاپ هئا. هڪ نازنين پنهنجي پريتم سان بالڪنيءَ ۾ بيٺل هئي : ”ڪيئن نه تارا جهر مر لاي بيٺا آهن.“ نوجوان نازنين کي چيو. نازنين وراڻيو :” اها محبت جي دلڪش ڪهاڻي آهي، اميد اٿم ته محفل جي وقت کان اڳ منهنجو جبو تيار ٿي ويندو، جو پائي هلنديس.“
پکي اڏامندو پئي ويو. درياهه ۾ جهازن تي روشن شمعدان پئي جرڪيا.
رستي تي مارڪيٽ ڏٺائين، جتي يهودين ڏي وٺ پئي ڪئي ۽ ڏوڪڙ
ساهمين ۾ پئي توريائون. نيٺ ان مسڪين جي گهر پهچي، هن ڳڙڪيءَ
مان اندر نظر ڪئي.
بستري تي بخار ۾ ٻار ڦٿڪي رهيو هو. ماڻس کي ننڊ اچي ويئي هئي، ڏاڍي ٿڪل هئي. پکي ٽپڪي ڏئي اندر گهڙيو ۽ لعل ميز تي رکيائين، بعد ۾ بستري جي چوڌاري اڏامي، ٻار جي گرم لڱن تي کنڀن سان وڃڻو هنيائين.
”هاڻ ڪهڙي نه ٿڌاڻ آهي!“ ٻار چيو، ”مان ضرور چاق ٿيندس.“ ائين وري مٺڙي ننڊ اچي ويس.
هاڻي پکي ڦيرو ڏئي سَرهي شهزادي ڏانهن واپس وريو. جيڪي ٿي گذريو هو، سارو حال احوال ڏنائينس ”منهنجون ته متيون منجهي پيون آهن، ته ههڙي ولهه ۾ پاڻ کي گرم پيو سمجهان !“
”اهو چڱي عمل جو ڦل آهي.“ شهزادي چيو. ننڍڙو پکي خيال ۾ پئجي ويو ۽ ننڊ اچي ويس. خيالن ۾ ٽٻيون هڻڻ سان سدائين ننڊ گهيرو ڪندي هيس.
جڏهن پرهه ڦٽيءَ پکيءَ درياهه طرف رخ رکيو ۽ پاڻيءَ ۾ پر پسايائين. پکي – وديا جو ماهر اتان لانگهائو ٿيو، اچرج مان چيائين : ”واهه تنهنجي مايا، سياري ۾ سئالو (1) !“ هن معجزي بابت هڪ مقامي مخزن کي خط لکي موڪليائين. هر ڪو ان معجزي جو حوالو ڏيڻ لڳو ته خط ۾ ايتري ته چٽائي ڪيل آهي، جو وسهڻ جي نه آهي.
هاڻ هن مصر ڏانهن منهن ڪيو، ته دوستارن جو وڃي مکا ميلو ڪبو. ڏاڍو بودَ ۾ اچي ويو هو. شهر جي سڀني ڏسڻ جهڙن يادگارن کي ڏسي ورتائين. ديول جي چوٽيءَ تي ويهي ڏٺائين، ٻه جهرڪيون چون چون ڪري رهيون آهن ته ”هي ڪهڙو اجنبي هتي پيدا ٿيو آهي !“ اهو ٻڌي نهايت خوش ٿيو.
”چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ سُرهي شزادي وٽ موٽي آيو. پڇيائينس ”مصر لاءِ ڪو ڪم ڪار. مان وڃڻ جي تياريءَ ۾ آهيان.“
”پکيئڙا، منهنجا پکيئڙا، ڌڻيءَ واسطي مون لاءِ هڪ رات رهي پئه.“ شهزادي
ليلايو. پکيءَ پنهنجي ساٿين جي خبر ڏني ته ”اهي اوسيئڙي ۾ هوندا ۽
وڌيڪ گشت جون مهلون ذيان ڪندا هوندا.“
پکيئڙا، ننڍڙا پکيئڙا، شهر کان ٻاهر گهڻو پري ڪوٺڙيءَ ۾ ويٺو ڏسان، ته هڪ نوجوان ويٺو آهي. هڪ ننڍڙي ٽِپائيءَ تي ڪاغذن ۾ منهن اٿس ۽ ڀر ۾ گڪ ڪومايل گلن جو گلدستو رکيل اٿس. سندس وارن ۾ چمڪ آهي، چپ ڳاڙها جهڙا ڏاڙهونءَ داڻا ۽ اکين مان اتساهه پيو بکيس. ٿئيٽر جي ڊائريڪٽر لاءِ هڪ ناٽڪ لکي رهيو آهي ؛ پر سرديءَ ۾ هٿ ئي نه ٿو هليس. بخاري ۾ باهه وساميل آهي ۽ هو بک ۾ ساڻو آهي.“
”هڪ رات وڌيڪ رهڻو پيو“ پکيئڙي جو جواب هو. ”ڇا هن وٽ ٻيو لعل کڻي وڃڻو آهي؟“ هن وڌيڪ پڇيو.
”افسوس ٻيو لعل نه اٿم !“ شهزادي ڏکارو ٿي چيو. ”باقي اٿم هي اکيون، جي نيلمن جون بڻيل آهن. اهي نيلم انڊيا مان هزارين سال اڳ خريد ڪيل هئا، اهي ڇني کڻي وڃ. نوجوان ڪنهن جوهيريءَ وٽ وڪڻي، ڪوئلا ۽ کاڌو خريد ڪري وٺندو ۽ ناٽڪ به لکي پورو ڪري سگهندو. “
”مهربان سائين، مان اهڙو ڪڌو ڪم ڪري نه ٿو سگهان.“ آلين اکين سان پکيئڙي ناڪار ڪئي.
”پکيئڙا توکي ائين ئي ڪرنو پوندو، جيئن مان چوان ٿو.“
پکيءَ شهزادي جي اک ڇني ورتي ۽ ان ليکڪ جي گهر ڏانهن اڏرندو ويو. ڇت ڀڳل هئي ۽ اندر وڃڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿيس. نوجوان منهن هٿن ۾ ڪري ستل هو ۽ پکيءَ جي پرن جي ڦڙ ڦڙ ڪنين نه پيس. اکيون کوليائين، ته ميز تي هڪ نيلم پيل ڏٺائين.
واڪو ڪري چيائين ”منهنجي نالي جي ساک ٿيڻ شروع ٿي ويئي آهي.
هيءُ انعام ڪنهن قدر دان وٽان آيو هوندو. هاڻ ناٽڪ پوري ڪرڻ ۾ ڪا به دير نه لڳندي. “
ٻئي ڏينهن پکي وري موڪلائڻ لاءِ آيو، پر شهزادي وري به نه ڇڏيس. چيائينس ”هڪ ڏينهن وڌيڪ ترس.“
”ڏسو نه ٿا ته سيارو آهي، جلدي برف ڪرندي. مصر ۾ اڃا تپت آهي ۽ سون ساون وڻن ۾ سج جي ترورن سان کجور پچي راس پئي ٿئي ۽ واڳون بيپرواهه نيل نديءَ جي چِڪَ ۾ پيا ليٽن پيٽن. منهنجي دوستن بالبيڪ جي مندر ۾ آکيرا ٺاهي ڇڏيا آهن. “
”مان وڃان ٿو پر توهين منهنجي دل ۾ سدا ياد هوندا. مان بَسنت رُت تائين واپس اچي ويندس ۽ توهان لاءِ ٻه جواهر آڻيندس، جي توهان ڏيئي ڇڏيا آهن. لعل، ڳاڙهي گلاب کان به سوايو هوندو ۽ نيلم سامونڊي نيري پاڻيءَ جون سڪون لاهيندو.“
شهزادي ڄڻ ڪجهه ٻڌو ئي ڪينَ. چيائين، ”سامهون چؤ واٽي وٽ هڪ نينگريءَ کي ماچيس هئا، پر هٿن مان هيٺ گٽر ۾ ڪري پيا اٿس. سڀ خراب ٿي پيا آهن ۽ جي وڪڻي ڪجهه پئسا هٿ ۾ نه هوندس ته سِر تي موچڙا پوندس. منهنجي ٻي اک ڪڍي وڃي ڏينس، ته پوءِ هوءَ گهر ۾ پيءُ جي مار کان بچي ويندي.“
”مان هڪ رات وڌيڪ رهڻ لاءِ تيار آهيان، پر توهان جي ٻي اک ڪيئن ڪڍان. توهين ته اصل سور داس ٿي پوندا.“
”پيارا پکيئڙا، جيئن چوانءِ تيئن ڪر.“ شهزادي وري به ائين چيو.
پکيءَ کي ٻيو چارو ڪو نه هو ۽ ٻي اک به ڪڍي رفو چڪر ٿيو. نينگر اڳيان هوا مان ٽُٻي ڏيئي، هن جي هٿ جي تريءَ تي ڌري ويو. ڇوڪريءَ کان رڙ نڪري ويئي، ”ڪهڙو نه قيمتي جواهر ! “ وٺي گهر ڏانهن لوهه پاتائين.
موٽڻ تي پکيءَ سوچيو ته : ”هڪ انڌي کي ڇڏي مان وڃي نه ٿو سگهان. مون کي هاڻ هتي سدائين لاءِ رهڻو پيو.“
سڄو ٻيو ڏينهن پکي شهزادي جي ڪلهي تي ويٺو رهيو. هن کي ولائتين جون ڪهاڻيون ٻڌائڻ لڳو. جي جي ملڪ هن گهميا هئا – هن نيل جي ڪناري تي ڏٺل ٻگهه پکين جي ڳالهه ڪئي، جن جون قطارن پٺيان قطارون هڪ ڄنگهه تي بيٺيون هونديون آهن ۽ وقت به وقت جهٽڪي سان پاڻيءَ مان چهنبن سان مڇيون پڪڙيندا آهن.
مفنڪس جي ڳالهه ڪيائين، ته دنيا جهڙو ئي جهونو آهي. رهندو بيابان ۾ آهي ؛ پر سڀ ڪجهه سوجهي سگهندو آهي. واپارين جا قافلا، اٺن جون قطارون جي عطر عنبير ۽ ٻيو قيمتي مال وڻج واپار لاءِ آڻيندا ۽ نيندا آهن. اهڙيءَ طرح جيڪي به ڏٺو هئائين ان جو بيان ڪري شهزادي کي وندرايائين.
”منهنجا دل گهريا دوست، تو مون کي عجيب غريب ڪهانيون سڻايون آهن ؛ پر سڀ کان عجيب غريب ڪهاڻي مردن عورتن جي غربت ۽ ڏکن ۽ سورن جي آهي. هن سنسار ۾ انسان جي حالت کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نه آهي، جو اسرار ٿي سگهي.
”اڏام هن منهنجي شهر مٿون پيارا پکيئڙا، ۽ ڏسُ ته اتي ڇا ڇا پيو ٿئي.“
پکي اڏاڻو ۽ گشت ۾ ڏٺائين محلن ۾ عيش عشرت جو سامان هڪيو هو. خوشيون ۽ خوشبويون هيون، گڏ و گڏ دروازن وٽ فقيرن جا ميڙ هئا. اونڌاهين ڪنڊن ڪڙڇن ۾ نظر ڪيائين، مُردن جهڙا لنگهڻ ڪڍندڙ ٻار ڏٺائين، جن کي نستائيءَ ۾ پري پري تائين ڪجهه نظر نه ٿي آيو. هڪ ڀاري پل جي ڪمان هيٺ ٻه معصوم ٻار سيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي ليٽيا پيا هئا. چيائون پئي: ”ڏاڍي بک لڳي آهي.“ پر پريان چوڪيدار رڙ ڪئي : ”هيءَ جڳهه سمهڻ لاءِ نه آهي.“ اتان اٿي هو برسات ۾ گم ٿي ويا.
موٽي، پکيءَ شهزادي کي سربستو احول ڏنو.
شهر جو احوال ٻڌي، شهزادي اکر اکر ڪري چيو ته : ”ڏس، منهنجو سارو بدن
سونن ورقن سان سينگاريل آهي. تون هڪ هڪ ورق لاهي وٺ ۽ غريبن ۾
وڃي وراهه، جي جيئن ٿا انهن لاءِ، سون ئي خوشي آهي .“
هڪ هڪ ورق ڪري پکيءَ پٽي ورتو. سَرهي شهزادي جو پتلو باقي پٿر
وڃي رهيو. هڪ هڪ ورق ميڙي غريبن وٽ پهتو. سون ڏسي ٻارن جا ڳل ڳاڙها ٿي ويا. نچيا ٽُپيا ۽ گُد گُد ٿي چيائون : ”هاڻ مانيءَ جي پرواهه ناهي.“
برف پوڻ لڳي جنهن کان پوءِ پاري جهڙو سيءُ پوڻ لڳو. چمڪاٽ پئي ڪيائون. گهرن جي ڇتين تان برف جا لينگها ڄڻ تلوارون هيون. سڀ ڪنهن کي پشمي جبا اوڍيل هئا ۽ ٻارن لعل رنگ جون ٽوپيون پهريو برف تي سڪيٽنگ پئي ڪئي.
پکي ويچارو سيءَ م سڪي ويو، ٿڌ ورائي ويئي هئس ؛ پر شهزادي کي ڇڏڻ جي نه ڪيائين. هن جي پيار ۾ ٻڌو پيو هو. بيڪريءَ جي ٻاهران ڊبل روٽيءَ جا ٽڪرا کسڪائي ورتائين ۽ کنڀ ڦڙڪائي پاڻ کي گرم پئي ڪيائين.
نيٺ پَروُن پئجي ويس ته پڇاڙڪو وقت آيو آهي ؛ ايتري سگهه نه رهيس جو اڏمي شهزادي جي ڪلهن تي پهچي سگهي. ڀُڻ ڀُڻ ڪيائين” مان تنهنجي هٿن کي جيڪر چمان !“
”ننڍڙا پکيئڙا، مان هاڻي خوش ٿو ٿيان ته تون هاڻي مصر وڃي رهيو آهين. تو چڱو ئي وقت مون کي ڏنو آهي. تون اچي منهنجا چَپَ چُم. منهنجو پيار به دل ۾ کڻي وڃ.“
۽ هن سَرهي شهزادي جا چَپَ چُميا ۽ ڦان ٿي ڪريو ۽ پتلي جي پيرن ۾ پساهه ڏنائين.
ان پهر پتلي اندر ڪجهه ڌڪاءُ ٿيو، ڄڻ ته ڪجهه ڏري پيو آهي. حقيقت هيءَ هئي ته شيهي جي دل پتلي ۾ اندر ڏري ٻه ڦاڪون ٿي پيئي هئي.
ٻئي ڏينهن ميئر ڪائونسلرن سان گڏ چؤواٽي ڀر ۾ چڪر تي نڪتو هو.
اتان لنگهندي پتلي کي ڏسي هن چيو ” خبر نه آهي، ته سَرهي شهزادي جي
پتلي سان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي؟“
ڪائونسلرن به سُر م سُر ملايو ۽ ان وقت ئي مٿي جاچ لاءِ ويا.
ڏٺائون ته هيرا جواهر سڀ گم هئا ۽ سونن ورقن جو به پتو نه هو. ميئر چيو: ”جهڙو فقير ٿي پيو آهي.“ ڪائونسلرن به ها ۾ ها ملائي.
ميئر چيو: ”پيرن وٽ هڪ مئل پکي به پيو آهي.“ چيائين : ”يڪدم اشتهار ڪڍڻ گهرجي ته، پکين کي هتي مرڻ جي منع آهي.“ ڪائونسل ڪلارڪ ان جو نوٽ ورتو.
سو سَرهي شهزادي جو پتلو ڍاٺو ويو. ”هيءُ ڪهڙي ڪم جو رهيو جڏهن ان ۾ سونهن نه رهي.“ يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر ٻوڪ ڏنو.
کوري ۾ پتلي کي ڳاريو ويو ۽ ميئر ڪارپوريشن جي ميٽنگ ڪوٺائي ته : ”پتلي جو ڌاتو ڪيئن ڪم آڻجي؟“ ميٽنگ ۾ چيائين: ”ٻيو پتلو ٺاهڻو پوندو، اهو منهنجو هوندو.“
ڪائونسلرن ۾ هُل مچي ويو ته : ”ڇا تنهنجو؟“
هر ڪو چوڻ لڳو ته ڇو نه منهنجو --- مون جيسين ٻڌو پئي تيسين سڀ گڙ ٻڙ ڪري رهيا هئا. پتلي جي ڳارڻ واري کوري جي فورمئن چيو ”عجيب آهي ته شيهي جي دل ڳري ئي نٿي. کڻي ٿا ڦٽو ڪريونس.“
هڪ ڪچري جي ڍير تي کڻي اڇلايائونس. مئل پکي به اتي ئي پيو هو.
خداوند ڪريم پنهنجي هڪ ملائڪ کي سڏي چيو ته، ”دنيا مان ڳولهي ڪري ٻه سوغاتون کڻي اچ.“ ۽ ملائڪ شيهي جي دل ۽ مئل پکي کڻي آيو.
خداوند ڪريم جو چوڻ هو : ”تنهنجي چونڊ پوري آهي. منهنجي بهشت ۾ هي پکيئڙو سدا مٺڙو گيت ڳائيندو رهندو. ۽ منهنجي سوني شهر ۾ سَرهو شهزادو سدا منهنجا گيت ڳائيندو رهندو.


[b]Swallow (1) هڪ پکي جيڪو سياري ۾ وچ اوڀر جي گرم علائقن ڏانهن اڏام ڪندو آهي - مترجم
[/b]

ڏوراپو گرهام گرين ولي رام ولڀ

[b]ڏوراپو
[/b]
[b] گرهام گرين / ولي رام ولڀ
[/b]


هو ٻئي باغيچي ۾ بينچ تي ڳپل دير کان ويٺا هئا – چپ چاپ. اهو اونهاري جي شروعات جو ڏاڍو چٽو ڏينهن هو. آسمان م ايڪڙ ٻيڪڙ سفيد ڪڪر پکڙيل هئا، پر ممڪن هو ته ڪڪر وکري وڃن ۽ آسمان صاف نيرو ڏسڻ ۾ اچي.
ٻئي چڙهيل عمر جا هئا، پر ٻنهي مان ڪنهن کي به وڃايل جواني ڀر ۾ ٺاهي رکڻ جو چاهه نه هو. هونئن مرد پنهنجي ريشمي مڇن جي ڪري گهڻو ٺاهوڪو ڏسڻ ۾ ٿي آيو، جيترو هن پنهنجو پاڻ کي سمجهيو ٿي. ۽ عورت به آرسيءَ واري پنهنجي عڪس کان گهڻو وڌيڪ پياري ڏسڻ ۾ ٿي آئي.
ڳنڀيرتا ٻنهي ۾ هئي ۽ اها ئي ٻنهي ۾ هڪجهڙائي هئي. ٻنهي جي وچ ۾ پنجن منٽن جي وڇوٽي هئي، جتان لڳو ٿي ڄڻ هو عرصي کان پرڻيل هجن ۽ ڊگهي وقت جي ساٿ سبب سندن صورتون به پاڻ ۾ ملڻ لڳيون هيون. ٻنهي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي واچ ڏٺي ٿي، ڇو ته ٻنهي وٽ اها نويڪلائي ٿوري وقت لاءِ هئي.
مرد ڊگهو ۽ بدن ۾ سنهو هو. نازڪ نقش، چهرو سادو پر منجهس سونهن هئي، سهجتا هئي. ڀرسان ڇٽي عورت پهرين نظر ۾ هڪ ٿڌي ۽ تراشل ٽنگن واري تصوير جيئن ڏسڻ ۾ ٿي آئي. سندس چهري مان لڳو ٿي ڄڻ هن لاءِ اهو گرميءَ جو هڪ اداس ڏينهن هجي. پر پوءِ به هوءَ واچ جو چيو مڃي اٿڻ لاءِ تيار هجي.
هو شايد هڪ ٻئي سان ڳالهائين ئي نه ها، جيڪڏهن وٽانئن ٻه شرارتي ڇوڪرا نه اچي لنگهن ها. انهن مان هڪ ڄڻي جي ڪلهي ۾ ريڊيو لڙڪيل هو ۽ پنهنجي ڌيان ۾ گم ڪبوترن کي پئي ماريو، اڏاريو ۽ ستايو. هڪ ڪبوتر کي ڪو وڌيڪ ڌڪ لڳي ويو هو ۽ تنهن ڪري ڦهڪو ڪري اچي هيٺ ڪريو ۽ ڦٿڪڻ لڳو. اهي ڇوڪرا انهن ڪبوترن کي ڦٿڪندو ڇڏي اڳيان نڪتا هليا ويا هئا.
مرد اٿيو، پنهنجي ڇٽيءَ کي چهبڪ جيان جهليائين، : ”بدمعاش !“ سندس واتان نڪتو.
”ويچارو ڪبوتر !“ عورت ڏڪندڙ چپن سان چيو.
ڪبوتر جي هڪ ٽنگ مڙي وئي هئي. هڪ پاسي جي کنبڙاٽي هيٺ لڙڪي پئي هيس. هن زمين تي ڪيئي ڀيرا ليٿڙيون پاتيون پر اڏامي نه سگهيو.
”توهان هڪ کن لاءِ ڪنهن ٻئي پاسي نهاريو،“ مرد چيو ۽ ڇٽي هڪ پاسي رکي. ڪبوتر کڻي ورتائين ۽ تڪڙو تڪڙو سندس ڳچي مهٽڻ لڳو.”اهو هڪ ڍنگ آهي جو پکي پاليندڙن لاءِ ڄاڻڻ ضروري آهي.“ وري هن هيڏانهن هوڏانهن نهاري گند جو دٻو ڳوليو ۽ ڌيرج سان ڪبوتر ان ۾ وجهي ڇڏيائين.
”هاڻي ٻيو ڪجهه نٿي ٿي سگهيو،“ مرد مڙي پڇتاءَ وچان چيو.
”مان اهو نٿي ڪري سگهيس.........“
”ڪنهن کي مارڻ، اسان جي دؤر جو هڪ سوکو ڪم آهي.“ مرد جي ڳالهه ۾ ڪوڙاڻ هئي.
هاڻي جڏهن هو واپس بينچ تي اچي ويٺو، ته سندس وچ م ساڳي وڇوٽي نه هئي. هاڻي هو مند بابت ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ڪري سگهيا پئي – جيئن گذريل هفتي ڪُمندائتو سيءُ پيو هو......... انهيءَ کان اڳ واري هفتي..........
عورت جو انگريزي لهجو کيس وڻيو ۽ فرينچ گهٽ ڳالهائڻ لاءِ کانئس معافي گهري. عورت ٻڌايس ته ه انگريزي ڪٿي ۽ ڪهڙي اسڪول ۾ پڙهي هئي.
”اهو سمنڊ -- ڪناري جو شهر..........“
”سمنڊ هميشه مون کي سليٽي لڳندو آهي.“
پوءِ ٻئي ڪافي دير پنهنجي ماٺ م هيکل هيکل ويٺا رهيا. پوءِ مري ويل جي باري ۾ سوچيندي عورت کانئس پڇيو :”هو ڪڏهن فوج م به هو؟“
”نه جڏهن لڙائي لڳي، مان چالهين ورهين جو هئس.“ مرد ٻڌايس ته :”هڪ ڀيري سرجري مشن تي هندوستان ويو هوس. مون کي هندوستان ڏاڍو وڻيو.“ ۽ مرد جي اکين ۾ ياد جي چمڪ اچي وئي . هو عورت کي لکنؤ ۽ آگري جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو. پراڻي دهليءَ جون به. ۽ چوڻ لڳو،” مون کي رڳو نئين دهلي چڱي نه لڳي، ڇو ته اُها ڪنهن انگريز ٺاهي هئي، انهيءَ مان مون کي واشنگٽن جو خيال ايندو رهيو هو..........“
”اوهان کي واشنگٽن پسند ناهي؟“
”سچ چوان.........مون کي پنهنجي ملڪ مزو نه ايندو آهي. مون کي پراڻيو ن شيون وڻنديون آهن، انهيءَ ڪري مون کي هندوستان وڻيو هو، اهو مون کي بلڪل پنهنجو لڳو هو....... ايئن جيئن هاڻي فرانس لڳي ٿو.....منهنجو ڏاڏو برٽش ڪونسل هو نائيس ۾............“
”تڏهن اهو بلڪل نئون شهر هو........“
”ها، پر هاڻي اهو پڪي عمر و ٿي ويو آهي. اسان آمريڪي جيڪي ڪجهه جوڙيون ٿا، اهو خوبصورتيءَ ڪري پوڙهو نه ٿو ٿئي..........“
”اوهان شادي ڪئي آهي يا نه؟“
”مرد ٿورو هٻڪيو. پوءِ چيائين، ”ها.“ ۽ هن ڇٽي سڀاويڪ ڍنگ سان جهلي ورتي، ڄڻ انهيءَ وقت ڪنهن سهاري جي ضرورت هجيس.
”مون کي اها ڳالهه پڇڻ نه گهرجي ها..........“
”ڇو نه.......۽ توهان؟“ مرد عورت کي ڪجهه راحت ڏيڻ جي خيال کان پڇيو، جيتوڻيڪ سندس هٿ ۾ شاديءَ جي منڊي چٽي ڏسڻ ۾ پئي آئي.
”ها.“
هاڻي مرد کي لڳو ته کيس پنهنجو نالو نه ٻڌائڻ اَڍنگائي ٿيندي. انهيءَ ڪري چيائين،”منهنجو نالو گرِيِوز آهي، هينري سي – گِريِوز.“
”منهنجو ڪيري ڪليئر.“
”اڄ جي ٻپهري ڏاڍي وڻندڙ هئي.“
”پر سج لهندي ٿوري ٿڌ ٿي وئي آهي.“
مرد جي ڇٽي ڏاڍي وڻندڙ هئي. ان جي سونهري ڪنيءَ کي عورت ساراهيو ۽
کيس وير ڪبوتر ياد آيو. چوڻ لڳي، ”اهو توهان جو ڏاڍو ڪهل ڀريو ورتاءُ هو. پر ڏکيو هو، مان نٿي ڪري سگهيس، مان بزدل آهيان.....“
”اسان سڀ ڪٿي نه ڪٿي ضرور بزدل آهيون.....“
” پر اوهان ناهيو.“
”مان به.......“ مرد جي من ۾ ڪجهه چوڻ لاءِ اڀريو، پر عورت ڄڻ سنس ڪوٽ جي ڪالر کي جهلي کيس روڪي ڇڏيو هجي. هن سچ پچ سندس ڪوٽ جي ڪالر کي جهليو هو ۽ چئي رهي هئي، ”ڪٿان آلو رنگ لڳي ويو آهي، اوهان جي ڪوٽ تي.“
”اڄ منهنجي گهر جي ڏاڪڻ تي رنگ ٿي رهيو هو.....“
”هتي اوهان جو گهر به آهي؟“
”گهر نه چوٿين ماڙ تي هڪ ننڍڙو اپارٽمينٽ........“
”لفٽ هوندي؟“
”نه، اها هڪ پراڻي عمارت آهي.“
عورت ڄڻ مرد جي اڻڄاتل زندگيءَ جي هڪ چير مان ليئو پائي ورتو هو. جواب م ڪجهه پنهنجي باري ۾ به کيس چوڻو هو --- گهڻو نه ٿورو ئي سهي، سو چيائين، ”منهنجو اپارٽمينٽ ناخوش هئڻ جي حد تائين نئون آهي. دروازو بجليءَ تي کلي ٿو، بنا هٿ لڳائڻ جي، هوائي اڏي جي دروازي جيئن.....“
پوءِ ننڍيو ننڍيون ڳالهيون ٿينديون رهيون....... هوءَ ڪٿان پنير خريد ڪندي آهي....... هو شيون ڪٿان خريد ڪندو آهي.......
” ٿڌ وڌندي ٿي وڃي........ هاڻي هلجي.“عورت چيو.
”اوهان هتي هن پارڪ ۾ اڪر اينديون آهيو؟“
”پهريون ڀيرو آئي آهيان.“
” ڪيڏو عجيب اتفاق آهي، مان به هتي پهريون ڀيرو آيو آهيان، جڏهن ته
مان هتان ويجهو رهان ٿو.“
”۽ مان هتان کان گهڻو پري.“
قدرت جا راز ڪيئن نه لڪل رهندا آهن. ٻئي بينچ تان اٿيا، مرد هٻڪي چيو، اوهان کي وقت نه هوندو، نه ته رات جي ماني جيڪر ٻئي گڏجي کائون.“
عورت کان هڪ کن لاءِ انگريزي ڳالهائڻ ڄڻ وسري ويئي، فرينچ ۾ چيائين، ”اوهان جي زال..........“
”هوءَ ماني ڪنهن ٻئي هنڌ کائيندي، پر اوهان جو مڙس؟“
”هو يارهين وڳي کان اڳ گهر نه ايندو.“
ڪجهه منٽن جي مفاصلي تي هڪ هوٽل هئي. عورت کي ڪا خاص بک نه هئي، پر کاڌن جي ڊگهي فهرست پڙهندي وقت گذاريندي هوءَ کيس اڃا وڌيڪ ويجهو ٿيندي وئي. کاڌو اڳيان آيو ته ٻنهي جي واتان نڪتو ”مون ايئن نه سوچيو هو......“
”ڪڏهن ڪيئن ڪجهه ٿي ويندو آهي.......“ مرد چيو.
”پنهنجي ڏاڏي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟“
”مون کيس گهڻو نه ڏٺو هو........“
”اوهان جو پيءُ آمريڪا ڇو ويو هو؟“
”شايد ائڊوينچر لاءِ......شايد اها ئي خواهش مون کي واپس يورپ وٺي نه آئي، پر منهنجي پيءُ جي زماني ۾ آمريڪا رڳو ڪوڪا ڪولا نه هئي.......“
”اوهان هتي يورپ ۾ شادي ڪئي هوندي؟“
”نه، مان پنهنجي زال کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو آهيان، ويچاري.......“
”ويچاري؟“
”کانئس ڪوڪا ڪولا نٿي وسري.“
”پر اها ته هتي به ملي ٿي، “ عورت ڄاڻي واڻي اڻ ٺهڪندڙ وراڻي ڏني.
”وائين – “ويٽر آيو، مرد پڇيس، ”ڪهڙو وائين؟“
”مون کي گهڻي خبر ناهي، ڪو به “
”منهنجو خيال هو سڀئي فرينچ......“
”اها چونڊ منهنجو مڙس ڪندو آهي......“
اوچتو ڄڻ ٻنهي جي وچ ۾ صوفي تي ڪو اچي ويٺو هجي – مڙس ! سانت گهري ٿي ويئي. اها سانت نه ٽٽي ها – ڄڻ ٻه پاڇا اتي ڄمي ويا هئا.—جيڪڏهن عورت ڳالهائڻ جو ست نه ساري ها، ”اوهان جا ٻار آهن؟“
”نه، اوهان جا؟“
”نه.“
”اوهان کي انهيءَ ڪري ڪا کوٽ محسوس ٿيندي آهي؟“
عورت وراڻيو، ”منهنجو خيال آهي ڪا نه ڪا کوٽِ، هر ڪنهن ۾ ڪٿي نه ڪٿي رهجي ويندي آهي.“
”خير اڄ مان خوش آهيان، جو انهيءَ پارڪ ۾ ويس.“
”مان به خوش آهيان.“
انهيءَ کان پوءِ جي سانت هڪ سهائي سانت هئي. ٻئي پاڇا اتان اٿي هليا ويا هئا – کين اڪيلو ڇڏي. هڪ ڀيرو ميوي جي پليٽ ۾ سندن آڱريون هڪ ٻئي سان ڇُهجي وييون، سندن سمورا سوال ڄڻ ختم ٿي ويا. هڪ ٻئي کي هنن ايترو سمجهي ورتو، جيترو ڪنهن ٻئي کي نه سمجهيو هئائون. اهو خوشگوار شاديءَ جيئن هو، سڃاڻپ ۽ سمجهه جي منزل کان پرانهون، ريس جي منزل پويان رهجي وئي. ۽ هاڻي ڄڻ وقت ۽ موت، ٻئي دشمن رهجي ويا هئا.
ڪافي آئي --- وڌندڙ عمر جي اهڃاڻ وانگي. ۽ انهيءَ کان پوءِ برانڊيءَ جو ڍُڪُ ضروري هو – اداسيءَ کي نڙي کان لاهڻ جي لاءِ. اهو سڀڪجهه ائين هو، ڄڻ هو عمر جو مفصلو لنگهي ويا هجن، پر اڏامندڙ پکين جئن.....ٿورن ئي ڪلاڪن ۾.
مرد بل ادا ڪيو ۽ هو ٻاهر آيا. اهو وقت موت جي پيڙا مثل هو ۽ ان کي سهڻ
لاءِ هو ٻئي نازڪ ۽ هيڻا هئا. مرد چيو، ”مان اوهان کي اوهان جي گهر ٿو ڇڏي اچان.“
”نه ايترو پري ڪيئن هلندؤ؟“
”ڪنهن هوٽل جي کليل ڇت تي هڪ ٻيو ڊرنڪ ڪريون.“
”هاڻي ڊرنڪ انهيءَ کان وڌيڪ اسان کي ڇا ڏيندو؟“ عورت چيو،”هيءَ شام پنهنجو پاڻ مڪمل آهي. تون سچ هڪ ڪومل روح آهين...“ اهو جملو سندس واتان فرينچ ۾ نڪتو هو، جنهن ۾ هن ”تون“ لفظ کي ڏاڍي پاٻوهه ۽ پنهنجائپ سان اچاريو هو، پر پنهنجو پاڻ کي دلاسو ڏيڻ لاءِ هن سوچيو ته مرد کي چڱي طرح فرينچ نٿي اچي، انهيءَ ڪي ڌيان نه ڏنو هوندائين.
انهن هڪ ٻئي جو پتو نه پڇيو، نه ٽيليفون نمبر . ٻئي سمجهي ويا هئا ---- سندن زندگيءَ ۾ اهو پل ڏاڍي دير سان آيو هو --- بنهه پڇاڙيءَ ۾ . مرد ٽئڪسي جهلي منجهس عورت کي وهاريو ۽ پاڻ هوريان هوريان پنهنجي گهر ڏانه هلڻ لڳو. جوانيءَ جي وقت ڪجهه بزدلي هوندي آهي، اها وڏي عمر ۾ سياڻپ ٿي ويندي آهي، پر انهيءَ سياڻپ هٿان به انسان افسوس جو ڪردار بڻجي سگهي ٿو.

*****

هيري ڪليئر جڏهن پنهنجي گهر آٽوميٽڪ دروازو اورانگهي اندر ويئي ته کيس هميشه وانگي هوائي اڏي جي ڳالهه ياد آئي. ڇهين ماڙ تي سندس اپارٽمينٽ هو. دروازي جي مٿان رت جي رنگ جهڙي ۽ پيلي رنگ جي هڪ ائبسٽرڪٽ پينٽنگ هئي، جا کيس اجنبيءَ جيئن لڳي. هوءَ سڌو پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويئي ۽ ڀت جي پرئين ڀر کان پنهنجي مڙس کي ٻڌي سگهي ٿي --- هوءَ سوچي رهي هئي، اڄ مڙسس وٽ ڪهڙي ڇوڪري هئي – ٽوني يا ٻي ڪا؟ هن ٻئي دروازي تي ائبسٽرڪٽ پينٽنگ ٺاهي هئي. ۽ ٽوني، جا بيلي ڊانسر هئي، چيو ٿي ته ڊرائنگ روم م رکيل چِٽَ جو ماڊل هوءَ آهي.
هوءَ سمهڻ لاءِ ڪپڙا بدلائڻ لڳي. ڀر واري ڪمري جا آواز هڪ ڄار اڻيندا رهيا، پر اڄ واري بينچ جو ڏيک سندس اکي آڏو اچي ويو. هوءَ پير دٻيل دٻيل کڻندي ۽ رکندي رهي. سندس اچڻ جو آهٽ سندس مڙس جي ڪنن تي پوي ها ته سندس مڙس جي طلب تيز ٿي وڃي ها. ڀت جي اورئين ڀر سندس وجود، سدائين هن جي خواهش جي لاءِ ضروري هوندو هو. آواز آيو :”پيارا ! پيارا !“ آواز وکريل هو. اهو نالو هن لاءِ نئون هو. هن ميز ڏانهن هٿ وڌايو، ڪنن مان لاٿل واليون ميز تي رکيائين --- ۽ کيس ميوي جي پليٽ ۾ ڪنهن جون ڇهيل آڱريون ياد اچي ويون. ڀر واري ڪمري مان هلڪن ٽهڪن جو آواز اچي رهيو هو – ميريءَ ميڻ جون گوليون پنهنجي ڪنن ۾ وجهي ڇڏيون ۽ اکيون ٻوٽي سوچڻ لڳي – زندگي ڪجهه ٻي طرح هجي ها، جيڪڏهن پندرهن ورهيه اڳ هوءَ اڄ واري بينچ تي ويهي ها ۽ ڦٽيل ڪبوتر کي پيڙا کان ڇڏائيندڙ مرد کي ڏسي رهي هجي ها !

******

ٻن وهاڻن جي ٽيڪ ڏئي گِريِوز جي زال چئي رهي هئي، ”تون ڪنهن عورت سان گهمندو رهيو آهين؟“ هڪ وهاڻي ۾ ٻرندڙ سگريٽ ڇهڻ ڪري ڪيئن ٽنگ ٿي ويا هئا.
”نه اهو تنهنجو اجايو خيال آهي.“
”تو چيو هو ته تون ڏهين وڳي موٽي ايندين؟“
”فقط ويهه منٽ مٿي ٿيا آهن.“
”تون ڪنهن بار ۾.........“
”مان پارڪ ۾ ويٺو رهيس۽ پوءِ وڃي ماني کاڌم......توکي ننڊ جي دوا ڏيان؟“
”تنهنجو مطلب آهي ته مان سمهي پوان، مري وڃان ۽ تون مون وٽ نه اچين؟“
مرد ڌيان سان پاڻيءَ ۾ دوا جا ٻه ڦڙا وڌا. هاڻي هو ڪجه به چوي ها ته سندس زال تائين نه پهچي ها. وارن ۾ گهنڊيون وجهڻ لاءِ سندس زال ڳاڙهي رنگ جون ڪلپون لڳائي رکيون هيون. هوءَ دوا پيئڻ لاءِ جهڪي ته مرد کي مٿس ترس اچي ويو ته هوءَ آمريڪا کان پري اچي، آمريڪا لاءِ اداس هئي. کيس ڪڏهن ويساهه ئي نه آيو ته هتي به ڪوڪا ڪولا ساڳي ئي هئي. اڄ چڱو ٿيو جو هن بنا ڪجهه چوڻ جي دوا پي ورتي ۽ اڄوڪي رات گذريل خراب راتين جئن نه هئي. ۽ هو پنهنجي پلنگ جي ٻانهينءَ تي ويهي سوچڻ لڳو :”ڪهڙي انداز سان هوٽل کان ٻاهر هن کيس ”تون“ چيو هو،
“ ڇا پيو سوچين؟“ جوڻس اوچتو سوال ڪيس.
”سوچي رهيو هئس، زندگي ڪجهه ٻي طرح به ٿي سگهي پئي....“
اهو انهيءَ مرد جو سڀ کان وڏو ڏوراپو هو، جيڪو هن زندگيءَ جي خلاف اڄ پهريون گهمرو ٻڌو هو.


______________
گرهام گرين (Graham Greene) 1904ع ۾ برخامسٽيڊ (انگلينڊ) ۾ اتي جي اسڪول جي هيڊ ماستر هي گهر جنم ورتو ۽ انهيءَ اسڪول ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين. هو سر ڊبليو گهام گرين K.B.Cجو ڀائٽيو آهي. جو پهين مهاڀاري جنگ ۾ ائڊمرلٽيءَ جو سيڪريٽري هو. هن باليان ڪاليج آڪسفورڊ مان 1925ع ۾ گريجوئيشن ڪئي. جتي(The Oxford Out Look) لکيائين، جو پوءِ 1929ع ۾ ڇپيو. هن انهيءَ وچ ۾ ڪيترائي ڌنڌا ڪيا. ناٽنگهام ۽ پوءِ لنڊن ۾ (The Times)۾ صحافيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪيائين، پر پوءِ پنهنجي پهرين ناول ڇپجڻ تي استعيفا ڏئي فري لانس ليکڪ ٿيو. سندس پهرين ڪهاڻي 1936ع م آمريڪا جي Storyنالي رسالي ۾ ڇپي هئي. اڄ هو دنيا جو مهندار ڪئٿوليڪ ناول نويسن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس افسانوي ادب کي فلم ذريعي ۽ ناٽڪن جهڙوڪ The Living Room (1953) The Potting Shed (1957) , وغيره جي ڪري ٿيئٽر جي شائقن م سڃاتو وڃي ٿو. هن گهڻائي ناول لکيا آهن، جن کي هن ٻن قسمن ۾ ورهايو آهي. هڪڙن کي هو ”تفريحي“ ڪوٺي ٿو. مثال طور : Brighten Rock (1938) , The Third Man وغيره ۽ ٻيا روحاني قدرن جي کوج بابت آهن.مثال طور The Heart of Matter (1948) , The End of the Affair (1951) سندس ڪهاڻين جي مجموعي May we Barrow Your Husband ?(1967) جي مواد ۾ مرڪ سان گڏ لڙڪ به آهن. انهيءَ کان سواءِ سندس آتم ڪهاڻي
A Story of Life به 1971ع ڇپي آهي. (مترجم : ولي رام ولڀ)
__________

خليل جبران (ترجمو : ستار)

---

دوست

منهنجا دوست، مان اهو نه آهيان. جيڪو نظر ٿو اچان. منهنجو ظاهر ته اصل ۾ منهنجو لباس آهي. هائو، فڪر ۽ ڏک ڀريو هڪ لباس، جيڪو مون کي تنهنجن سوالن کان پناهه ۾ رکي ٿو ۽ توکي منهنجي بي اعتماديءَ جو گلا گو ڪرڻ کان بچائي ٿو. منهنجو روح خاموشيءَ جي پردن ۾ لڪل آهي ۽ هميشه اتي لڪو رهندو، نه ان کي ڪو ڏسي سگهندو ۽ نه ئي ڪو ان تائين پهچي سگهندو.
اي منهنجا دوست، مان ائين نه ٿو چوان ته مان جو ڪجهه چئي رهيو آهيان، تون ان کي سچ سمجهه ۽ جو ڪجهه مان ڪريان ٿو، تون ان جي تائيد ڪر، ڇو ته منهنجيون ڳالهيون منهنجيون ناهن پر تنهنجن ئي خيالن جو پڙاڏو آهن ۽ منهنجا افعال تنهنجيون ئي اميدون آهن، جيڪي مجاز جي لباس ۾ ظاهر ٿين ٿيون.
منهنجا دوست، جڏهن تون چوين ٿو ته هوا جو رخ اوڀر ڏانهن آهي، تڏهن مان هاڪار ٿو ڪريان ته برابر هوا جو رخ اوڀر ڏانهن آهي. ڇو ته مان توکي نه ٿو ٻڌائڻ چاهيان ته ان ويل منهنجي ذهن جي هوا جي بدران سمنڊ جو خيال آهي. تون منهنجي بيچين خيالن جي گهرائيءَ تائين پهچي نٿو سگهين ۽ نه مان ئي چاهيان ٿو ته تون انهن جي تري تائين پهچين، ڇو ته مان سمنڊ تي اڪيلو ئي رهڻ ٿو گهران.
منهنجا دوست، جڏهن تولاءِ ڏينهن هوندو آهي، تڏهن مون لاءِ رات هوندي آهي. ان هوندي به مان منجهند جي انهن سونهري ڪرڻن جي ڳالهه ڪندو آهيان، جيڪي پهاڙن تي ناچ ڪندا رهندا آهن. ۽ ان ارغواني ڇانوري جون ڳالهيون ڪندو آهيان، جيڪو واديءَ جي هوريان هوريان ڇائبو ويندو آهي. ڇو ته تون منهنجين اونداهين جا گيت ٻڌي نه سگهندين ۽ نه ستارن وٽ مون کي پر ڦڙڪائيندي ڏسي سگهندين. منهنجي دل به اهو ئي چاهي ٿي ته تون منهنجا گيت نه ٻڌي سگهين نه منهنجي پرن کي ڦڙڪندو ڏسي سگهين. ڇو ته مان رات جو اڪيلائيءَ ۾ ئي رهڻ پسند ڪندو آهيان. منهنجا دوست جڏهن تون پنهنجي جنت ڏانهن پرواز ڪندو آهين، تڏهن مان پنهنجي دوزخ جي اونهائين ۾ لهي ويندو آهيان. ان وقت به تون مون کي اپار خليج ۾ سڏيندو آهين.
منهنجا همدم، منهنجا ساٿي، مان توکي ”منهنجا ساٿي، منهنجا همدم“ چئي جواب ڏيندو آهيان، ڇو ته مان نه چاهيندو آهيان ته تون منهنجي دوزخ کي ڏسين، ڇو ته ان جون ڄڀيون تنهنجين اکين جي نظر کي چنجهو ڪري ڇڏينديون ۽ ان جو دونهون تنهنجو ساهه بند ڪري ڇڏيندو. مون کي پنهنجي دوزخ سان ايتري محبت آهي جو مان نه چاهيندو آهيان ته تون اتي اچين. مان پنهنجي دوزخ ۾ اڪيلو ئي رهڻ پسند ڪندو آهيان.
منهنجا دوست، توکي سچ، سونهن ۽ سئين واٽ سان محبت آهي ۽ مان به تولاءِ ايئن ڀائيندو آهيان ته انهن شين سان توکي محبت ڪرڻ بجا ۽ لازم آهي، پر مان دل ۾ تنهنجي ان محبت تي کلندو آهيان. ان جي باوجود به مان اهو نه چاهيندو آهيان ته تون منهنجي اها کل ڏسي سگهين، ڇو ته مان کلڻ لاءِ به هيکلائي پسند ڪندو آهيان.
منهنجا دوست، تون نيڪ محتاط ۽ جهانديده آهين، مان ڄاڻا ٿو ته تون هر ڳالهه ۾ نرالو آهين منهنجا دوست. ان ڪري مان به توسان سوچي سمجهي ڳالهيون ڪرڻ چاهيندو آهيان. ان جي باوجود به مان ديوانو آهيان ۽ پنهنجي ديوانگيءَ کان ڌار رهڻ پسند نه ڪندو آهيان، منهنجا دوست، حقيقت ۾ تون منهنجو دوست ناهين، منهنجا دوست، پر مان توکي اهو ڪيئن سمجهايان ته منهنجو رستو تنهنجي راهه کان مختلف آهي. ان جي باوجود به اسين هٿ ۾ هٿ ڏئي، گڏجي هلي رهيا آهيون.

ست عنصر

رات جو سناٽي ۾ جڏهن مان اڌ جاڳ، اڌ ننڊ ۾ هوس، تڏهن منهنجا ست عنصر پاڻ ۾ هيئن سُس پُس ڪرڻ لڳا.
پهريون عنصر: مون هن ديواني سان ڪيترا ورهيه گهاريا آهن، ان عرصي دوران منهنجو ڪم ان کان سواءِ ڪجهه به نه هو ته مان ڏينهن جو سندس درد تازو توانو ڪريان ۽ رات جو سندس ڏک نيئن سر پيدا ڪريان، اها روز جي مصيبت مون کان سٺي نه ٿي ٿئي ۽ هاڻ مان بغاوت ڪرڻ تي آماده ٿي ويوآهيان.
ٻيو عنصر: ادا تنهنجي حالت مون کان بهتر آهي. مان هن ديواني جي خوشين جو ساٿي آهيان، سندس کلڻ تي کلندو آهيان. سندس خوشبختيءَ جا گيت ڳائيندو آهيان، مون کي هن جي نچندڙ خيالن سان بيخبر ٿي نچڻو پوندو آهي. تنهنجي بدران مان پنهنجي ڏکويل زندگيءَ جي خلاف احتجاج ڪندس.
ٽيون عنصر: مون محبت جي مُٺل جي باري ۾ اوهان جي ڇا راءِ آهي؟ جيڪو هيجاني جذبات ۽ عجيب و غريب خواهش جي هڪڙي ڀڙڪندڙ ڄڀي آهي؟ نه اهو مون بدنصيب محبت جو ڪم آهي ته مان هن ديواني جي خلاف بغاوت ڪريان.
چوٿون عنصر: مان اوهان سڀني کان وڌيڪ تڪليف ۾ آهيان، ڇو ته منهنجي ذمي نفرت، حقارت جي تباهه ڪندڙ جذبن کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. مان اهو بدنصيب قسمت طوفاني عنصر آهيان، جنهن جي پيدائش دوزخ جي اونداهين کاهين ۾ ٿي، مان هن ديواني جي غلاميءَ جي خلاف بغاوت ڪندس.
پنجون عنصر: بغاوت ڪندڙ عنصر مان آهيان، جيڪو غور ۽ فڪر جو عادي آهيان، جو هر وقت سوچ ويچار ۾ گم رهندو آهيان. مون کي پنهنجي بک ۽ اڃ اجهائڻ لاءِ نين نين شين جي تلاش هوندي آهي، انهن مبهم ۽ اڻ ڏٺل شين جي تلاش ۾ جنبيل رهندو آهيان. جيڪي اڃا پيدا ئي نه ٿيون آهن. ها، اها بغاوت ڪرڻ وارو عنصر مان ئي آهيان، اوهين نه آهيو.
ڇهون عنصر: مان عمل جو عنصر آهيان- هڪ رحم جوڳو پورهيت، جيڪو ٿڪل هٿن ۽ آسائتين اکين سان پنهنجي ڏينهن کي ڪيميائي تصورات ۾ بدلائيندو آهيان. ۽ غير محسوس شين کي نئون ۽ دائمي روپ عطا ڪندو آهيان. اهو مان ئي آهيان، جيڪو ان ديواني جي خلاف بغاوت جو جهنڊو اڀو ڪرڻ ۾ توهان مڙني کان اڳي ويندس.
ستون عنصر: ڪيتري عجيب ڳالهه آهي ته توهان ان ديواني جي خلاف صرف ان ڪري بغاوت ٿا ڪريو جو اوهان جو ڪم مقرر ٿي چڪو آهي. ڪاش، اوهان جيان منهنجو به ڪم مقرر ٿيل هجي ها. افسوس جو مون کي ڪو به ڪم سونپيو نه ويوآهي. مان هڪ بيڪار عنصر آهيان. جڏهن اوهان سڀئي زندگيءَ جي تخليق ۾ رڌل هوندا آهيو، تڏهن مان هڪ گمنام جاءِ تي ويٺو هوندو آهيان. ٻڌايو، بغاوت اوهان کي ڪرن گهرجي يا مون کي؟ جڏهن ستين عنصر تقرير ڪئي، تڏهن باقي ڇهن عنصرن هن تي رحم واري نگاهه اڇلائي پر واتان ٻڙڪ نه ٻاڦي، جيئن جيئن رات اونداهي ٿيندي وئي، تيئن تيئن عنصر هڪ هڪ ڪري تسليم ۽ اطاعت جي لذت سان پُر ٿي خوابن جي دنيا ۾ لهندا ويا. پر ستون عنصر ان جاءِ تي اکيون کپائي ڏسندو رهيو، جتي هر شئي جي پويان پس منظر رهي ٿو.

پاڻ تي گذريل

اوهين پڇو ٿا ته مان پاڳل ڪيئن بڻيس؟ هي واقعو هن ريت پيش آيو. جڏهن اڃا گهڻا ديوتا پيدا نه ٿيا هئا، مان اگهور ننڊ مان سجاڳ ٿي پيس. ڏٺم ته منهنجا نقاب، ها، ست پردا، چوري ٿي ويا آهن. جيڪي مون پنهنجن ستن حياتين ۾ ٺاهيا ۽ چوڙيا هئا. مان ماڻهن سان ڀريل گهٽيءَ ۾ ”چور چور “ چوندو ڊوڙندو ويس. مردن ۽ عورتن منهنجي ان ڳالهه تي ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا. ڪي وري منهنجي ڊپَ جي ڪري گهرن ۾ وڃي لڪا. جڏهن مان وڏي بازار ۾ پهتس، تڏهن هڪ نوجوان، جيڪو گهر جي ڇت تي بيٺو هو. رڙ ڪندي چيو، ”هي ديوانو آهي، ديوانو !“
مون هن کي ڏسڻ لاءِ اکيون مٿي کنيون ته سج پهريون ڀيرو منهنجي چهري کي چميو ۽ منهنجو روح سج جي محبت ۾ گد گد ٿيڻ لڳو ۽ مون کي پنهنجي پردن جي ضرورت ئي نه رهي. مون کان بي اختيار دانهن نڪري وئي : ”رحمت.......ها رحمت هجي انهن ماڻهن تي جن منهنجا پردا چورايا.“
”اهڙيءَ طرح مان ديوانو بڻجي ويس !“ ان ديوانگيءَ ۾ مون کي آزادي ۽ سلامتي حاصل ٿي، آزادي ان لاءِ ملي جو هاڻ مان اڪيلو آهيان، سلامتي ان ڪري جو دنيا مون کي نٿي ڄاڻي ڇو ته جيڪي ماڻهو اسان کي ڄاڻندا ۽ سڃاڻندا آهن، اهي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اسان کي غلام بڻائي ڇڏيندا آهن.
پر مون کي پنهنجي سلامتيءَ تي مغرور ٿيڻ نه گهرجي. ڇو جو جيل ۾ هڪڙو چور ٻئي چور کان محفوظ هوندو آهي.

لومڙ

هڪ لومڙ صبح ويل پنهنجي پاڇي تي نظر وڌي ۽ چيائين: ”اڄ مون کي نيرن لاءِ هڪ اٺُ ملڻ گهرجي.“
هو سڄو ڏينهن اٺ جي ڳولا ۾ رهيو. منجهند جو جڏهن هن پنهنجو پاڇو ڏٺو، تڏهن چيائين: ”مون لاءِ هڪ ڪوئو ئي ڪافي ٿيندو.“

ٻه عورتون

مان جنهن ڳوٺڙي ۾ پيدا ٿيو هوس، تنهن ۾ هڪ عورت ۽ سندس ڌيءَ رهنديون هيون. اهي ٻئي مرض ڪابوس ۾ ورتل هيون، هڪ رات جڏهن پوري ڪائنات تي ماٺ مڙهيل هئي، تڏهن مون کي ماءُ ڌيءَ ننڊ واري حالت ۾ پنهنجي باغ ۾ گهمندي نظر آيون، جنهن تي ڪوهيڙو پکڙيل هو. ماءُ ڌيءُ کي چيو :” ها، ها مون کي خبر پئجي وئي آهي، منهنجي دشمن تون آهين، جنهن منهنجي جواني برباد ڪري ڇڏي. تنهن ڪري مون پنهنجي زندگيءَ جي پڊن تي زندگيءَ جي عمارت اڏائي........ اي ڪاش مان توکي ماري سگهان ها.“
ڌيءَ وراڻيس: ” اي قابل نفرت ۽ خود غرض پوڙهي، تون جيڪا منهنجي ۽ منهنجي آزاد فطرت جي وچ ۾ اچي وئين آهين ۽ جيڪا منهنجي زندگيءَ کي پنهنجي برباد زندگيءَ جهڙو بنائڻ ٿي گهرين، اي ڪاش، خدا توکي موت نصيب ڪري. “
ان ويل هڪ ڪڪڙ ٻانگ ڏني ۽ ٻئي عورتون سجاڳ ٿي پيون، پوڙهيءَ، نهايت شفقت مان چيو :” ڇا هيءَ تون آهين، منهنجي پياري ڌيءَ؟“
۽ ڌيءَ انتهائي پيار مان وراڻي ڏني : ”هائو، پياري امان.“

انصاف

هڪ ڀيري شاهي محلات ۾ دعوت ٿي. ان موقعي تي هڪڙو ماڻهو آيو ۽ پنهنجي پاڻ کي شهزادي جي آڏو پيش ڪيائين. سڀ مهمان هن ڏانهن متوجهه ٿيا. هنن ڏٺو ته سندس هڪڙي اک ٻاهر نڪري آئي هئي ۽ خالي جاءِ تان رتُ وهي رهيو هوس. کانئس شهزادي پڇيو،: ”تو تي ڪهڙو ڪلور ٿيو آهي؟“
هن وراڻيو ؛” مان هڪ عادي چور آهيان ۽ اڄ رات جڏهن اڃا چنڊ نه نڪتو هو تڏهن مان هڪ شاهوڪار جو دڪان ٻهارڻ ويو هوس، پر غلطيءَ سبب ڪاتار جي گهر ۾ گهڙي ويس، جيئن ئي مان دريءَ مان ٽپيس، تيئن منهنجو مٿو ڪاتار جي ڪرگهي سان لڳو ۽ منهنجي اک ڦسي پئي. ”اي شهزادا، هاڻ مون کي انصاف گهرجي.“
اهو ٻڌي شهزادي ڪاتار کي گهرايو ۽ فيصلو ٻڌايو ته هن جي هڪ اک ڪڍي وڃي.
ڪاتار عرض ڪيو: ”اي شهزادا، تنهنجو فيصلو صحيح آهي ته منهنجي هڪڙي اک ڪڍي وڃي. پر منهنجي ڪم ۾ ٻن اکين جي ضرورت آهي ته مان ان ڪپڙي کي ٻنهي پاسن کان ڏسي سگهان، جيڪو مان اڻندو آهيان. منهنجي پاڙي ۾ هڪڙو موچي آهي، جنهن جون ٻئي اکيون سلامت آهن، سندس ڪم ۾ انهن ٻنهي اکين جي ڪا به ضرورت ناهي.“
اهو ٻڌي شهزادي موچيءَ کي سڏايو. هو آيو ته هن جي ٻن اکين مان هڪ اک ڪڍي وئي. ان طرح انصاف جي تقاضا پوري ٿي وئي.

عقلمند ڪتو

هڪ ڀيري هڪ عقلمند ڪتي ٻلين جو ولر ڏٺو. جڏهن هو انهن جي ويجهو پهتو، تڏهن هن ڏٺو ته ٻليون پنهنجو پاڻ ۾ مست آهن، ۽ هن ڏانهن ڏسن به نه ٿيون، تنهن ڪري هو انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ بيهي رهيو.
پوءِ انهن مان هڪ ٿلهي، سٻر جوان سنجيده ٻلي، اٿي ۽ سڀني تي گهري گهور وجهي چوڻ لڳي: ”ڀينرون خدا تعاليٰ کان دعا گهرو ڇو ته جڏهن پوري اعتماد سان دعا گهرنديون، تڏهن آسمان مان سچ پچ ڪوئن جي بارش ٿيندي.“
ڪتو اها ڳالهه ٻڌي پنهنجي منهن کلڻ لڳو، ۽ هنن کان منهن ڦيري هيئن چوندو هليو ويو ؛”اڙي انڌيون ۽ بيوقوف ٻليون، ڇا اهو ڪتاب ۾ لکيل ناهي، توهان کي پاڻ ۽ توهان جي ابي ڏاڏي کي ان جي پروڙ ناهي ته جڏهن خدا تعاليٰ جي عبادت ڪرڻ ۽ دعا گهرڻ سان بارش ٿيندي، تڏهن آسمان مان ڪوئن بدران هڏا وسندا آهن.؟

ڏيتي ليتي

هڪ شخص وٽ ايتريون ته سُيون هيون جو هوند پوري ماٿري ڀرجي وڃي. هڪ ڏينهن مريم هن وٽ آئي ۽ چيائين : ”ادا، منهنجي ٻچڙي جو وڳو ڦاٽي پيو آهي، هوءَ هيڪل ڏانهن وڃي، تنهن کان اڳ مان سندس وڳي کي ٽوپا ڏئي پهرڻ لائق بڻائڻ ٿي گهران. ڇا تون مون کي هڪ سئي عنايت ڪندين؟“
هن مريم کي سئي ڏني، پر ڏيتي ليتيءَ جي باري ۾ هن کي ڊگهي سمجهاڻي ڏيندي چيائين : ”جڏهن تنهنجو پُٽ هيڪل ڏانهن وڃڻ لڳي، تڏهن هن کي هي منهنجو خطبو ٻڌائي ڇڏجانءِ.“

نوٽ : هيڪل : يهودين جي عبادت گاهه.