سفرناما

مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

زيرِنظر ڪتاب بنگلاديش جي گايءَ واري هنڌ ڍاڪا جي دوري بابت آهي، جتي هو پيپلز سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جيڪا ”هڪ نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور: عوامي خيال“ جي موضوع تي ڪوٺائي ويئي هئي. ’ڍاڪا جو سفر‘ حقيقت ۾ هڪ تاريخي ۽ تجزياتي دستاويز آهي، جنهن مان پڙهندڙ گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا، خاص ڪري هو پاڪستان جي ٺهڻ کان ٻه اڌ ٿيڻ، ان کان پوءِ جي صورتحال، بنگالين سان ٿيندڙ ڏاڍ، اتي رهندڙ بهارين جي سوچ، پاڪستان فوج جي ڏاڍاين ۽ ٻين ڪيترن پهلوئن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، جيڪا ان دؤر جي اخباري سينسرشپ سبب اسان تائين نه پهچي سگهي.
مجموعي طور تي هيءَ ڪاوش ذوالفقار هاليپوٽي جي محنت جو اهڙو ثمر آهي، جنهن مان ساڃاهه وند پڙهندڙ ڀرپور لاڀ پرائي سگهن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 972
  • 377
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو

حق ۽ واسطا محفوظ

نئون ڇاپو: 2015ع
ڪتاب جو نالو : مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو (سفرنامو)
ليکڪ: ذوالفقار هاليپوٽو
ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
ڇپيندڙ: احمد برادرس پريس، ڪراچي
ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
قيمت : 200/= رپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com

“MOUN DHAKA UBHRANDE DITHO”
(Travelogue of Dhaka)
By: Zulfikar Halepoto
Published by: Sindhica Academy,
B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400


سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03133692150
سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، وسيم ڪتاب گهر لکي در. سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037


لکپڙهه لاءِ
سنڌيڪا اڪيڊمي
B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
فون: 021-32737290 ، ويب سائيٽ: www.sindhica.org
اي ميل:sindhicaacademy@gmail.com

ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مون ڍاڪا اُڀرندي ڏٺو“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ذوالفقار ھاليپوٽي جو بنگلاديش جي گاديءَ واري شھر ڍاڪا بابت لکيل سفرنامو آھي. پروفيسر سليم ميمڻ لکي ٿو:
”زيرِنظر ڪتاب بنگلاديش جي گايءَ واري هنڌ ڍاڪا جي دوري بابت آهي، جتي هو پيپلز سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جيڪا ”هڪ نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور: عوامي خيال“ جي موضوع تي ڪوٺائي ويئي هئي. ’ڍاڪا جو سفر‘ حقيقت ۾ هڪ تاريخي ۽ تجزياتي دستاويز آهي، جنهن مان پڙهندڙ گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا، خاص ڪري هو پاڪستان جي ٺهڻ کان ٻه اڌ ٿيڻ، ان کان پوءِ جي صورتحال، بنگالين سان ٿيندڙ ڏاڍ، اتي رهندڙ بهارين جي سوچ، پاڪستان فوج جي ڏاڍاين ۽ ٻين ڪيترن پهلوئن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، جيڪا ان دؤر جي اخباري سينسرشپ سبب اسان تائين نه پهچي سگهي.
مجموعي طور تي هيءَ ڪاوش ذوالفقار هاليپوٽي جي محنت جو اهڙو ثمر آهي، جنهن مان ساڃاهه وند پڙهندڙ ڀرپور لاڀ پرائي سگهن ٿا.“
ھي ڪتاب 2015ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

چُرَنِ چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، رَهِئا اَندَر رُوحَ،
اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي، مارُو مَٿي مُوهَه،
ويروُن وِلوڙَنِ سَندِيُون، سَارِئَان گهڻُو صُبُوحَ،
وَرُ سي کارا کوهَه، سِنجِئَمِ جي ساڻيهَه جَا.



ارپنا

قاضي فيض محمد، مير غوث بخش بزنجي ۽ انهن سڀني عظيم سياسي اڳواڻن جي نانءُ جن هن ملڪ کي هڪ حقيقي وفاقي رياست بڻائڻ لاءِ قربانيون ڏنيون. هي ڪتاب انهن ساڃاهه وندن جي نانءُ به آهي، جن اسان کي گهڻ قومي، گهڻ ثقافتي ورثي جي عزت، احترام ۽ قدر ڪرڻ سيکاريو. اهو به سيکاريو ته ٻولي ۽ ثقافت کان سواءِ قومن ۽ جاگرافي جي ڪا حيثيت ڪانهي. بنگالين ان مَتي کي سمجهيو ۽ پنهنجي ثقافت ۽ ٻوليءَ لاءِ هزارين جانين جي قرباني ڏني.

پيش لفظ: پروفيسر محمد سليم ميمڻ

ذوالفقار هاليپوٽو سنڌ جو اهو سڃاڻ، سانڃهه وند، همٿ ڀريو جوان آهي، جيڪو ڪيترن ئي کيترن ۾ سماجي، علمي، ادبي، صحافتي، سياسي ۽ ثقافتي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. هو نهايت خوش اخلاق، خوش پوشاڪ، خوش صورت ۽ خوش ڪردار شخص آهي. خوش ڪردار ان ڪري جو هو، هر سال گهٽ ۾ گهٽ چار پنج مهينا گهر کان ٻاهر رهندو آهي. ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر ۽ سندس گهرواري ۽ اسان جي ڀيڻ منيزه کي ڪڏهن به اعتراض نه ٿيندو آهي، هو سولائيءَ سان پنهنجن دورن ۽ گهمڻ ڦرڻ ۾ مشغول رهندو آهي، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته ڪردار جي معاملي ۾ سندس گهرواري مٿس پورو ويساهه ڪري ٿي، هن دؤر ۾ سندس عمر جي شخص جي ڪردار لاءِ ان کان وڌيڪ اثرائتي ۽ بهتر سند ٻي ڪائي نٿي ٿي سگهي.
ذوالفقار ڪتاب جو مسودو اٽڪل ڏيڍ سال اڳ مون کي ڏنو هو ڪجهه لکڻ لاءِ، پر ان عرصي ۾ ٻه ڀيرا جايون مٽائڻ سبب مسودو هيٺ مٿي ٿي ويو ۽ ڪنهن شيءِ کي جيترو سانڍي رکبو آهي، اوترو ئي ان کي ڳولهي لهڻ ڏکيو هوندو آهي، سو هن مسودي سان به اها ڪار ٿي. آخر هڻي هٿ ڪيم، دير لاءِ ذوالفقار کان معافي.
ذوالفقار جي شخصيت گهڻ رُخي آهي، غير حڪومتي ادارن جي ڪم ڪار، سکيا ڏيڻ، انتظام هلائڻ ۽ صلاحڪار جي حيثيت ۾ جن ڪجهه سنڌين کي مهارت حاصل آهي، ذوالفقار انهن مان هڪ آهي. سياسي معاملن ۾ سندس ڄاڻ، مهارت ۽ تجزيا پڻ سندس سياسي دانائيءَ جا شاهد آهن، انهن ۾ ذوالفقار پهرين سٿ جي اڳواڻن ۾ شامل آهي، مطلب ته ذوالفقار سنڌ ۽ سنڌ جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ اوهان کي هر هنڌ متحرڪ نظر ايندو.
بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ دنيا جنهن ڏک، افسوس ۽ رنج جو اظهار ڪيو، ذوالفقار ان کي ٽن جلدن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ سهيڙي پڙهندڙن کي پيش ڪيو. پاڻيءَ جو مسئلو سنڌ جو وڏو مسئلو آهي ۽ پاڻيءَ سبب آيل ٻوڏن جون تباهڪاريون به خطرناڪ آهن. ذوالفقار ان موضوع تي به انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکي دنيا جو ڌيان ڇڪايو.
سفرنامن لکڻ ۾ به ذوالفقار ٻين کان پوئتي ڪونهي، ان کان اڳ سندس ٻه سفرناما ’دلي درشن‘ اردو ۾ ۽ ’آمريڪا ياترا‘ سنڌيءَ ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هي سندس ٽيون سفرنامو آهي، جيڪو بنگلاديش جي سفر بابت آهي. سفرنامن لکڻ ۾ ذوالفقار ٻين کان بلڪل منفرد انداز جو مالڪ آهي، جنهن ۾ هو پڙهندڙن کي مختلف نموني جي ڄاڻ ڏيئي ٿو. وٽس فقط گهمڻ ڦرڻ ۽ جڳهن جاين، تفريحي ماڳن بابت معلومات ڪانهي، حقيقت ۾ ذوالفقار تاريخ جو شاگرد آهي. ان ڏس ۾ سندس تاريخي اڀياس نهايت گهرو ۽ وسيع آهي، نتيجي ۾ هو اتان جي حالتن جو منطقي انداز ۾ تجزيو ڪري ٿو.
زيرِنظر ڪتاب بنگلاديش جي گايءَ واري هنڌ ڍاڪا جي دوري بابت آهي، جتي هو پيپلز سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جيڪا ”هڪ نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور: عوامي خيال“ جي موضوع تي ڪوٺائي ويئي هئي. پاڻ جيئن ته ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، تنهن ڪري سندس سفر ڍاڪا تائين رهيو ۽ هو بنگلاديش جا ٻيا شهر ۽ ماڳ نه ڏسي سگهيو، جيڪي وڌيڪ سهڻا ۽ دلڪش آهن.
ڪانفرنس جي مقصديت، شرڪت ڪندڙن جي سوچ ۽ ڳڻتيءَ جو احوال به ليکڪ نهايت اثرائتي ۽ سنجيده انداز ۾ ڪيو آهي، جنهن ۾ مذهبي، فرقيوار، نسلي، لساني دهشتگردي ۽ اڻسهپ تي جتي وڏا بحث ٿيا، اتي پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي شهادت جي ڳالهه به ڪئي. ليکڪ ان موقعي تي پنهنجي ذهانت ۽ ڦڙتيءَ سان ان ڏس ۾ نندا جو هڪ ٺهراءُ تيار ڪرائي بحال ڪرايو، جنهن تي ڪانفرنس ۾ سڀني شرڪت ڪندڙن صحيحون ڪيون ۽ ذوالفقار پنهنجي ذهن ۽ ضمير تان بار لهندي محسوس ڪيو ۽ ان پڪي پهه جو به اظهار ڪيو ته سچ ۽ حق جي واٽ لاءِ ڪنهن ڊپ ڊاءُ کان سواءِ جاکوڙ جاري رکجي. مون پڙهندي سوچيو ڪاش اهڙو ٺهراءُ اسين پنهنجي ملڪ ۾ بحال ڪرائي سگهون ها.
اوڀر بنگال اسان جي ملڪ جو حصو هو، ۽ اسان جي بنگالي ڀائر به اسان جا هم وطن هئا، پر وقت ۽ حالتن اسان جي (اولهه پاڪستانين) جي بي رحم روين، کين ڌار وطن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ بنگالي اسان کان ڌار ٿي ويا. هونئن به اسان وٽ بنگالين لاءِ عجب سوچ هئي، ’بکيو بنگالي‘ جو اصطلاح مان ننڍي هوندي کان ٻڌندو اچان ٿو. وڏا اڪثر هٻڇ، يا ڪا شيءِ گھرڻ تي چوندا هئا ته ’بکيو بنگالي آهين‘. هاڻي جڏهن اسان هنن کي ’رجسٽرڊ بکيو‘ جو خطاب ڏيئي چڪا هئاسين ته پوءِ انهن لاءِ عزت ۽ مان جو تصور اسان لاءِ شايد ڪو ڏکيو ڪم هو.
آزاديءَ کي 42 سال گذرڻ کان پوءِ به ڍاڪا جي صورتحال جو ذڪر ڪندي، ذوالفقار اتان جي غربت، پٺتي پيل هجڻ، انهن جي تڪليفن ۽ اهنجن جو جهڙيءَ ريت ذڪر ڪيو آهي، تنهن تي هڪ حساس دل گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿي.
1970ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ مون کي به اوڀر پاڪستان وڃڻ جو موقعو مليو هو. ان وقت منهنجو سؤٽ انجينيئر جبار، انٽرونگ اسڪالرشپ تي East Pakistan University of Engineering & Technology ۾ سول انجينيئرنگ جو شاگرد هو. اوڀر پاڪستان مان اٺ شاگرد، اولهه پاڪستان انجينيئر جي تعليم پرائڻ ايندا هئا، ۽ اولهه پاڪستان جا اٺ شاگرد اوڀر پاڪستان تعليم پرائڻ ويندا هئا، کيس ان وقت 150 روپيا ماهوار اسڪالرشپ ملندي هئي. جبار ٻه سال اتي پڙهيو ۽ پوءِ حالتن خراب ٿي وڃڻ کان پوءِ جنگ کان اڳ موٽي آيو. ان دؤر ۾ پي آءِ اي جي ٽڪيٽ توڙي سامونڊي جهازن جي ٽڪيٽ ملڻ محال هو. جبار کي به ڏاڍي ڊڪ ڊوڙ ۽ جاکوڙ کان پوءِ ابرار قاضيءَ (جيڪو هاڻي سياسي اڳواڻ آهي.) جي مدد سان ٽڪيٽ ملي، جيڪو ان وقت پي آءِ اي ۾ نيويگيٽر هوندو هو. ان دؤر ۾ جهازن ۾ پائليٽ کي جهاز جي اُڏام جي رستي جي رهنمائي ڪندو هو. موجوده دؤر جا جهاز ته تمام گهڻا جديد آهن جن ۾ رهنمائيءَ لاءِ هر قسم جون سهولتون موجود آهن.
اوڀر پاڪستان جي انجينيئرنگ يونيورسٽي به هوائي اڏي جي ڀر ۾ هئي، جتان جهازن کي لهندي ۽ چڙهندي ڏسندا هئاسون. شيخ مجيب الرحمان جو هڪ پٽ، سندس نالو شايد ڪمال هو، جبار جو دوست هو، ڍاڪا ۾ رهڻ دوران ساڻس ڪافي گڏجاڻيون ٿيون، جنهن ۾ بنگالين سان ٿيندڙ زيادتين، ٻوليءَ کي اهميت نه ڏيڻ ۽ غربت جهڙن موضوعن تي تمام گهڻو بحث ٿيندو هو، پر اهو اندازو ڪونه هو ته ملڪ ٻه اڌ ٿي ويندو. ان وقت ايتري سياسي سمجهه به نه هئي. گهڻو تڻو سائيڪل رڪشا تي سفر ٿيندو هو. ان دور ۾ ڪراچيءَ ۾ به سائيڪل رڪشا جو رواج هو، جن کي مضبوط ۽ طاقتور لياريءَ جا مڪراني هلائيندا هئا، جڏهن ته ڍاڪا ۾ ڪمزور ۽ نٻل، اڌ گوڏ، پٺي اگهاڙا يا ڪن کي بت تي صدريون ڍڪيل هونديون هيون، سائيڪل رڪشا هلائيندي نظر ايندا هئا. انهن جو ڀاڙو وڌ ۾ وڌ چار آنا ۽ سستي عياشي اٺن آنن ۾ ٿيندي هئي. مون کي ڪيترن ئي شهرن جي گهمڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ باريسال جو سهڻو ۽ وڻندڙ شهر به هو، جنهن جي سونهن کي يورپ جي ڪنهن شهر سان ڀيٽي سگهجي ٿو.
ذوالفقار جيئن پاڻ لکيو آهي ته اڀياس کان وڌيڪ مشاهدي ۽ ذاتي مشاهدي تي وڌيڪ ڀاڙيندو آهي، تنهن جي ذهن ۾ ننڍي کنڊ جي تاريخ هڪ فلم وانگر هلندي ٿي رهي ۽ مختلف موقعن تي هو تاريخ جي درين ۾ جهاتيون پائيندو نظر اچي ٿو. ان حوالي سان هڪ سفرنامو گهٽ ۽ سياسي ۽ تاريخي تجزيو وڌيڪ آهي.
مون کي ياد آهي، جڏهن بنگال ڌار ٿيو هو ته هڪ رپئي ۾ ٻه ٽڪا ملندا هئا، هاڻي صورتحال ان جي برعڪس ٿي ويئي آهي، ٻن روپين ۾ هڪ ٽڪو ٿو ملي، معنيٰ اسان جي ڪرنسي 44 سالن ۾ بنگلاديش جي ڪرنسي جي ڀيٽ ۾ 300 سيڪڙو ڪري پئي آهي.
نائن اليون جي واقعي کان پوءِ پاڪستان مٽاسٽا جي ناڻي ۾ جيڪا تيزيءَ سان گهٽتائي آئي، يا غيرقانوني طريقن سان جيڪو پرڏيهي ناڻو آندو وڃي ٿو، يا اڄ ڪلهه ڪرنسي ايڪسچينجن وسيلي وري ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو پيو وڃي، ذوالفقار ان تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي نظر اچي ٿو. هو ڄاڻ ڏيئي ٿو ته 85 لک بنگالي ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا، جيڪي مختلف حيثيتن ۾ ڪم ڪندي ساليانو ذري گهٽ 10 بلين آمريڪي ڊالر بنگلاديش موڪلين ٿا.
ان موقعي تي تجزيو ڪندي ٻڌائي ٿو ته پاڪستان تي جيڪي انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ مذهبي جنونيت جا ليبل هئڻ سبب پاڪستان پورهيتن ۽ ٻين پيشه ور شعبن ۾ انفرادي قوت جي وڃڻ جا موقعا گهٽجي رهيا آهن، جڏهن ته بنگلاديش لاءِ اهي موقعا وڌي رهيا آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته افغان جنگ ۾ آمريڪي ساٿاري ٿيڻ سان، اسان پنهنجي پير تي جيڪا ڪهاڙي هنئي آهي، تنهن جي نتيجي ۾ مذهبي نفرت، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ مذهبي جنونيت جي وڌڻ سان گڏوگڏ اسان کي هڪ پاسي امن امان جو مسئلو درپيش آهي ته ٻئي پاسي اقتصادي طور تي تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي وڃي رهيا آهيون.
بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ به بنگالي ڀارت وسيلي غيرقانوني طور پاڪستان اچي پورهيو ڪندا هئا. ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي بنگالين جو ڪالونيون هيون، جنهن ۾ اُتر ناظم آباد ۽ فيڊرل بي ايريا جي ڀر ۾ واقع موسيٰ ڪالوني مشهور آهي، جنهن ۾ ڪو غير شخص نٿو گهڙي سگهي. ڪراچيءَ ۾ ڪڪڙين جي فارمن ۽ دڪانن تي بنگالي ڇوڪرا ڪم ڪندا هئا، پر آهستي آهستي اهي نار جي ملڪن ڏانهن هليا ويا، جو روپيءَ جو ملهه ڪري پيو آهي. اڳي هو هڪ پاڪستان روپيو مائٽن کي موڪليندا هئا ته ان جي عيوض کين ٻه ٽڪا ملندا هئا، تنهن ڪري توهان کي دبئي، ابوظهبي، قطر، عمان ۽ بحرين ۾ هر هنڌ ۽ هر پاسي بنگالي نظر اچن ٿا، جو پاڪستانين کان به گهٽ اجوري تي ڪم ڪن ٿا.
بنگلاديش جي معاشي ترقيءَ جو ذوالفقار نهايت اثرائتو تجزيو ڪيو آهي ۽ بنگال ۾ معاشي ترقي آڻيندڙ هڪ مکيه ڪردار ڊاڪٽر يونس سان ملاقات ٿيس، جنهن تي خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو ۽ ملاقات مان جيڪو لاڀ پرائي ٿو، تنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هر بنگالي پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ پتوڙي رهيو آهي. الطاف شيخ وانگر هو بنگلا جي هر معاملي ۽ مسئلي کي پنهنجي ملڪي معاملن ۽ مسئلن سان ڀيٽي ٿو. گرامين بئنڪ جي نوبل انعام ماڻيندڙ ڊاڪٽر يونس سان ملاقات وقت کانئس پاڪستان جو نوبل انعام ماڻيندڙ ڊاڪٽر عبدالسلام نٿو وسري، جنهن کي طبيعات جي شعبي ۾ گهڻا ورهيه اڳ سندس اعليٰ تحقيق جي مڃتا ۾ نوبل انعام مليو، پر احمدي هئڻ جي ڏوهه ۾ کيس ملڪ ڇڏڻو پيو. اهو ايذائيندڙ خيال جڏهن سندس حساس دل ۾ اچي ٿو ته سندس ڇا ڪيفيت ٿي هوندي، اسين اندازو لڳائي سگهون ٿا.
اها ساڳي ڪار انسانيت جي هڪ ٻئي مسيحا ڊاڪٽر اديب الحسن رضويءَ سان به ٿي، جنهن کي شيعه هئڻ جي ڏوهه ۾ گهڻو عرصو ملڪ کان ٻاهر رهڻو پيو.
ساڳيءَ ريت جڏهن نذرالاسلام جي مزار تي وڃي ٿو ته ماڻهن جا ميڙ ڏسي کيس سنڌ جي برزگن جون مزارون ياد ٿيون اچن. هو نذرالاسلام جي شخصيت، فن، فڪر، شاعري ۽ حياتيءَ جي مختلف پهلوئن تي پڙهندڙن کي جهڙيءَ ريت پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪري ٿو ان مان اهو احساس ٿئي ٿو ته ڄڻ نذرالاسلام بابت ذاتي طور تي اظهار ڪيو هجي. ان موقعي تي وري کيس شيخ اياز ياد اچي ٿو. هو ٻنهي مهان شاعرن جي شخصيتن، سوچ، فڪر ۽ ڪلام جو تجزيو ڪري ٿو. ون يونٽ ۽ ون يونٽ کان پوءِ جي دور ۾ شيخ اياز جي هڪ شاعر، محرڪ، سياسي ڏاهي ۽ رهبر واري ڪردار تي نهايت پيرائتي روشني وجهي ٿو ۽ بنگالي قوم جي باني بنگابنڌو ۽ شيخ اياز جي وچ ۾ ٿيل رابطن بابت پڙهندڙن کي ڄان ڏيئي ٿو.
ذوالفقار جي لکڻين ۾ صداقت جو عنصر غالب هوندو آهي. ان جو هڪ بنيادي سبب اهو به آهي ته هو جتي به وڃي ٿو، اتان جي برک اخبارن جو اڀياس ڪري ٿو. حقيقت جي گهرائيءَ ۾ وڃي اتان جي حالتن کي پروڙي ۽ پرجهي ٿو. هن سفرنامي ۾ به هو پنهنجي ان عادت موجب هوٽل پهچڻ کان پوءِ وڃي اخبارون وٺي اچڻ جي هڪ دلچسپ واقعي جو ذڪر ڪري ٿو. گڏوگڏ هو عام ماڻهن سان ملي انهن سان حال اورڻ ۽ ڄاڻ گڏ ڪرڻ ۾ ويساهه رکندڙ آهي. اهڙيءَ ريت هو تحقيق جي مڃيل اصولن يعني اڀياس، مشاهدو ۽ فيلڊ سروي ۽ سوالنامن وسيلي ڄاڻ حاصل ڪري ٿو. سندس اهڙي طريقي جي حاصل ڪيل ڄاڻ مستند ڄاڻ هجي ٿي ۽ وري Documentation جو جيڪو کيس شوق آهي ان سان ته هو ان ڄاڻ کي تاريخي دستاويز جو روپ ڏيئي ڇڏي ٿو. انهيءَ تناظر ۾ ’ڍاڪا جو سفر‘ حقيقت ۾ هڪ تاريخي ۽ تجزياتي دستاويز آهي، جنهن مان پڙهندڙ گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا، خاص ڪري هو پاڪستان جي ٺهڻ کان ٻه اڌ ٿيڻ، ان کان پوءِ جي صورتحال، بنگالين سان ٿيندڙ ڏاڍ، اتي رهندڙ بهارين جي سوچ، پاڪستان فوج جي ڏاڍاين ۽ ٻين ڪيترن پهلوئن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، جيڪا ان دؤر جي اخباري سينسرشپ سبب اسان تائين نه پهچي سگهي.
مجموعي طور تي هيءَ ڪاوش ذوالفقار هاليپوٽي جي محنت جو اهڙو ثمر آهي، جنهن مان ساڃاهه وند پڙهندڙ ڀرپور لاڀ پرائي سگهن ٿا.


پروفيسر محمد سليم ميمڻ
73-A/II/I,
34th Street, Off.Khayaban-e-Sahar,
Phase-V, Ext.D.H.A., Karachi.
ڪراچي، 31 ڊسمبر 2014

مهاڳ: جاويد قاضي

ننڍي کنڊ ۾ بنگال ۽ سنڌ ٻه ڪنڊون ٿين، ٻئي سمنڊ ۾ پون، هوڏي هماليه کان هلندڙ گنگا، بنگلاديش جو پيٽ وٺي، بنگالي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري، هيڏانهن سنڌو هماليه کان هلندي وچ وٺي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. جڏهن اڪبر بادشاهه 1592ع ۾ جيئن ايڇ. ٽي. سورلي لکي ٿو ته، ”هندستان سان، مرزا جانيءَ ٺٽي واري کان کسي، هندستان سان گڏايو هو“، تيئن، هندستان جو مشهور صحافي ايمءَ جي. اڪبر لکي ٿو، ”بنگال کي به انهن ئي سالن ۾ هندستان سان گڏايو ويو هو.“ ايئن چئو ته سنڌ ۽ بنگال ننڍي کنڊ جي ڇڪ به آهن ته ڪشش به. محور ناهن پر مدار ٿين. هوڏانهن ايسٽ ايشيا ڏي گس کلن ٿا ته هيڏانهن عرب سڳورن جون هوائون هيڏي سنڌ ۾ لهن ٿيون. اسين ٻئي هندستان کان آزاد ٿي پاڪستان ۾ شامل ٿياسين، پوءِ جڏهن پاڪستان پنهنجي راهه کان ڀٽڪي ويو، اسين ٻئي پاڪستان جي ڀٽيڪل راهه خلاف هڪ ٿي وڙهندا رهياسين. پٺاڻ يا پشتون پنهنجو مٽ پاڻ هئا. هو اسيمبلين تائين پهچي ويندا هئا، ۽ سندن آواز عوامي نيشنل پارٽيءَ جي پليٽ فارم تي ڀرپور گجندو هو. پنجاب کي پرواهه نه هئي، هنن جي بيوروڪريسيءَ جي هٿ ۾ هن ملڪ جون واڳون هيون، جيڪي هنن يوپيءَ کان آيل انتهائي طاقتور ڌڙي، جن بنگالين کي پوئتي ڌڪيو هو، انهن کان نيٺ کسي ورتيون هيون ۽ پوءِ بنگالين سان مليل ان ورثي وارو جهيڙو پنهنجي سر کڻي يوپيءَ کان آيل، ان مهاجرن کي سينيئر پارٽنر کان جونيئر پارٽنر حصو ڏيئي، پاڻ سان کنيو. وڃين ته سنڌ ڪاڏي وڃي، جت قوم پرست ڌريون اسيمبليءَ ۾ پهچي ڪونه پئي سگهيون. پهريان لياقت علي خان جي پويان لڳا، ان کان اڳ جناح جي پويان لڳا، جيڪي نه لڳا سي الله بخش سومرو ٿي، سورهه بادشاهه ٿي ماريا ويا. قوم پرستن جون جڙون مڊل ڪلاس ۾ هيون، اهو ته هڪ ڌڪ ۾ هليو ويو. پنجاب سان ايئن نه ٿيو، ان وٽان هندو ۽ سک مڊل ڪلاس ويو پئي ته جالنڌر وغيره کان وري مسلمان مڊل ڪلاس آيو پئي.
هت سنڌ ۾ ايئن نه هو، هت وڏيرا ۽ سجاده نشين هئا، باقي شهري سنڌ، اربن سنڌ مذهبي ورهاڱن ۾ جڏهن ٽوڙي وئي ته مٿان ڪوئي مسلمان سنڌي مڊل ڪلاس بڻجي ڪونه آيو هو، پر پوءِ يو.پيءَ کان اردو ڳالهائيندڙ اچي وسيا ها.
ورهاڱي وقت، بنگالين چيو ته ڪلڪته پاڪستان جو دارالخلافا ڪيو. يو.پيءَ واري مسلم ليگ چيو ته ڪراچيءَ کي دارالخلافا ڪبو. گڏيل هندستان ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935 کان پوءِ جيڪي پهريون ڀيرو رياستي اليڪشنون ٿيون، ان ۾ مسلم ليگ پهريون ڀيرو وڙهي مسلمانن جي نشست تي، پر ڪانگريس، مسلم ليگ کي بُري شڪست ڏني. جڏهن ته گڏيل بنگال ۾ مسلم ليگ پنهنجي اتحادين سان گڏجي حڪومت ٺاهي وئي. سنڌ ۾ به ڪانگريس جي اتحاد سان الله بخش سومرو اڀرندڙ مسلم ليگ لاءِ مسئلو ٿي پيو.
هي هڪ ڊگهو ڪٿا آهي، ان ڀوڳنا جي پاتال ۾ اسين صدين جي ڪيل ارتقا جون مسافتون هارائي ويهي رهياسين. اسان جو هن سفر ۾ ڪجهه بنگالين وٽ رهجي ويو آهي. اڄ ذوالفقار هاليپوٽو جڏهن ان سفر جا ساز ڇيڙيا آهن، تڏهن اسان جا ڪرَ وڪڙ سڀ اٿلي پيا آهن. سڀ ڄڻ ”غبار خاطر“ جا باب هجن ۽ سندس سفرنامو ڄڻ بهار هجي. سندس احسان مند جو مون کي ان جو اڀياس يا ٻين لفظن ۾ پيش لفظ لکڻ لاءِ چيائين. جيتوڻيڪ ذوالفقار هڪ مخصوص زمان ۽ مڪان ۾ وڃي ٿو. ان مخصوص ڏينهن ۾ جڏهن پنجاب جي گورنر سلمان تاثير کي سندس گارڊ پاڻ کي الله طرفان حڪم سمجهي ماري ٿو، پر ذوالفقار ان سڄي ماجرا کي بنگال جي ورهانڱي سان ڳنڍيل به ڏسي ٿو. اسين سڀ هن ننڍي کنڊ جا اڀاڳا ٻار آهيون. ڀٽڪي ويل رستا ۽ اسان جي پيشانيءَ تي ڪيئي ڀٽڪيل سوال، جن جا جواب ڳولهي ڳولهي سهڪي اسين پڻ پٽ تي پيا آهيون. ذلفي ان سور جي هڪ ڪڙي آهي، سندس جند، سنڌ سان جڙيل آهي ته ننڍي کنڊ جي امن امان سان پڻ ارپيل آهي.
جيئن مٿئين پيراگراف کان اڳ واري پيراگراف ۾ پاڻ چيوسين ته الله بخش سومرو سنڌ ۾ اڀرندڙ مسلم ليگ لاءِ مسئلو ٿي پيو. اسان انهيءَ جي آئي ايڪٽ 1935 جي آئين تحت بمبئيءَ کان ڌار به ٿياسين، پر پوءِ سنڌ جو مسلم ليگ ۾ اچڻ گهڻو گهربل هو. هڪ فطري عمل به هو جيڪي مسلمان اڪثريت واريون رياستون هيون، اهي سڀ مسلم ليگ جي ور چڙهي ويون، ويندي ڪانگريسي حڪومت واري سرحد (اڄوڪي خيبر پختونخواه) به.
هندستان کان الڳ ٿيڻ جو گهڻو شوق بنگالين ۽ يو.پيءَ جي مسلمانن کي هو، نه سنڌ کي هو، نه پنجاب کي، نه بلوچستان کي، نه سرحد کي هو. اهو ان ڪري ته هت اڃا مسلمانن جي جٽادار مڊل ڪلاس اڃا پچي راس ڪانه ٿي هئي، جيئن بنگال يا يو.پي ۾ ٿي هئي. اهي ٻئي مسلمان قوم پرستيءَ سان سرشار هئا، ويندي خلافت تحريڪ جو ڳڙهه ڀانڱين ڪلڪته هو.
ڪلديپ نير لکي ٿو ته، ”مسلم ليگ 1940ع لاهور واري اجلاس ۾ جڏهن جدا وطن جي قراداد منظور ڪئي وئي، ان جي صدارت ٻن ليڊرن ڪئي هئي. هڪڙو شير بنگال فضل حق ته ٻيو محمد علي جناح هو.“ خاڪسار جي جٿن به ٻن ليڊرن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. اهي ٻئي مٿيان ٻڌايل ليڊر ها. جيڪا قراداد الڳ وطن واري منظور ٿي، ان ۾ سب مسلمان اڪثريت وارين قومن جي جدا جدا سڃاڻپ به ڀرپور طرح سان مڃيل هئي. يعني مطلب اهو ٿيو ته اهڙو نئون ملڪ گهڻ قومي ملڪ هوندو ۽ فيڊريشن يا ڪنفيڊريشن هوندو.
پر پوءِ ايئن نه ٿيو. آزاديءَ جي ستت پوءِ هي ملڪ پنهنجي ڊگر کان لهي ويو. بنگال جي مسلم ليگ ۽ يو.پيءَ واري مسلم ليگ ۾ ٺهڻ کان اڳ ئي پهريون جهيڙو ان ڳالهه تي ٿي پيو ته، نئين ملڪ جو دارالخلافا ڪلڪته ٿئي، جيڪو يو.پيءَ واري مسلم ليگ نه پئي چاهيو.
ان وقت بنگال مسلم ليگ جو صدر به شهيد سهروردي هو ته ان گڏيل بنگال جو وزير اعليٰ به پاڻ هو. جڏهن ريڊڪلف مشن هندستان جو ورهاڱو ڪرڻ آيو هو ته شروع ۾ هنن جو خيال، لاهور هندستان واري پنجاب کي ڏيڻ جو هو، ۽ ڪلڪته پاڪستان کي ڏيڻو هو. شيخ مجيب ۽ خود سهروردي به لکي ٿو ته، ”ڄاڻي واڻي ڪلڪته لياقت علي خان وارن نه ورتو، جو خبر هئن ته ان سان بنگال مسلم ليگ، سڄي مسلم ليگ تي ڇانئجي ويندي يا ٻين لفظن ۾ برابري ڪندي.“ ان وقت جناح پارٽيءَ اندر ايترو مضبوط رهيو ئي ڪونه هو. ان جو سبب سندس بيماري هئي. هنن کي ڪراچي وڌيڪ ڀانئن پئي پيو جو سنڌ جي مسلم ليگ ڪمزور هئي، وڏيرن جي مسلم ليگ هئي، جنهن مان جي. ايم. سيد به رُسي ويهي رهيو هو. لياقت ۽ مسلم ليگ ڪلڪته تي ڪوبه حق ريڊڪلف مشن آڏو جٽادار انداز ۾ رکيو ئي ڪونه. ڀايان ٿو ڪلڪته جي اڌ کان وڌيڪ آبادي مسلمان هئي. سندس انفرااسٽڪچر تمام بهتر هو دهلي ۽ بمبئيءَ جي ڀيٽ ۾ ڇو جو دارالخلافا طور ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان وٺي 1909ع تائين رهيو هو.
پوءِ مسلم ليگ بنگال جي قيادت کي مرڪزي مسلم ليگ گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو. سهروردي، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به گڏيل بنگال جو وزير اعليٰ رهيو، ته جيئن خون خرابي کان بچي، جو سڀ کان وڏي رتوڇاڻ شهري حساب سان ڪلڪتي ۾ ٿي هئي. خواجا ناظم کي مسلم ليگ بنگال جو صدر ڪيو ويو. هن ڍاڪا کي ان صوبي جو دارالخافا ڪيو. اڌ کان وڌيڪ مسلم ليگ بنگال جي صوبائي ڪميٽيءَ مان ڪڍيا ويا. شيخ مجيب به انهن مان هڪ هو، ۽ پوءِ انهن عوامي مسلم ليگ جي نانوَ سان نئين پارٽي ٺاهي. سهروردي ڪراچيءَ ۾ وڪالت کي جُنبي ويو، نئين پارٽيءَ جو حصو نه ٿيو. شير بنگال ان وقت مسلم ليگ ۾ نه هو. مٿان بنگالين تي اردو ٿونپي وئي. ان قائد اعظم پاران تقرير ڪرڻ واري هال ۾ شيخ مجيب به موجود هو، جو ڪيترن اٿي جناح کي چيو ته هو غلط پيو ڪري.
پوءِ 1953ع ڌاري مسلم ليگ کي صوبائي اليڪشن ۾، بنگال ۾، انتهائي بُري شڪست آئي. عوامي مسلم ليگ ۽ سندس اتحادي جيڪي اليڪشني اتحاد ٺاهي وڙهيا هئا، ڪل 300 سيٽن مان 290 کڻي ويا. هي هو اصل سڄي بنگال جي مسلم ليگ سان ڪيل يو.پيءَ جي مسلم ليگ سان ويساهه گهاتيءَ جو ردعمل ۽ پوءِ پاڪستان ٺاهيندڙ بنگالي ۽ يو.پيءَ وارا وڙهي پيا. باقي هيڏي پنجاب ۽ سنڌ واري مسلم ليگ، يو.پيءَ واري مسلم ليگ ڳڙڪائي وئي. ان جو سبب هڪڙو اهو به هو ته سنڌ واري مسلم ليگ جٽادار ۽ ڀرپور ڪانه هئي، وڏيرن جو ڪلب هو، ڪنهن کي به لياقت علي خان ڄمي ڪم ڪرڻ ڪونه ڏنو، جڏهن ته بنگال واري مسلم ليگ هيٺ تائين عوام ۾ جڙون رکندي هئي.
۽ پوءِ بنگالي قوم پرستيءَ جنم ورتو، ته سنڌي قوم پرستي پاڪستان جي نون تضادن ۾ اڀري آئي، پر عوام ۾ جڙون ڪونه ٺاهي سگهي. سنڌ مان جيڪي ٽي چار ماڻهو بنگالي قوم پرستن کي ويجها ٿيا، انهن مان سڀ کان وڌيڪ ڀايان ٿو ته قاضي فيض محمد هو. پاڻ شهيد سهرورديءَ سان گڏجي سنڌ ۾ عوامي ليگ جون جڙون مضبوط ڪيائين. شهيد سهروردي جڏهن عوامي مسلم ليگ مان، عوامي ليگ ٿي، تڏهن ان جو صدر ٿيو، جڏهن ته محمد الحق عثماني ان جو جنرل سيڪريٽري. سنڌ ۾ مير رسول بخش ٽالپر ان جو صدر ۽ قاضي فيض محمد ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ٻيا دوست پڻ عوامي ليگ جي سينٽرل ڪميٽيءَ ۾ رهيا ۽ پوءِ جڏهن سهروردي وزيراعظم ٿيو ته هن نهر سوز تي امريڪا واري پاليسي ورتي. مطلب ته خارجه پاليسي اسٽيبلشمينٽ پاڻ وٽ رکي، هن کي اقتدار ڏنو.
عوامي ليگ ۾ اختلاف پيدا ٿيا. قاضي فيض محمد لکي ٿو ته، ”سينٽرل ڪميٽيءَ جي ان ميٽنگ ۾ جت سهرورديءَ صدارت پئي ڪئي ته دوستن اهو بار قاضي صاحب تي رکيو ته سندس نهرو سوز واري پاليسيءَ تي سهرورديءَ کان آڏي پڇا ڪري. شهيد سهرورديءَ کي به خبر هئي ته هيل ساڻس سان اختلاف رکندڙ تير ۽ تلوارون به کنيو اچن پيا، سو پنهنجا ماڻهو به سينٽرل ڪميٽيءَ ۾ ميمبر ڪري ويهاري ڇڏيائين. قاضي صاحب اٿي بيٺو ۽ چيائين ته، ”هي ته سينٽرل ڪميٽيءَ جا ميمبر ئي ڪونهن“ ۽ پوءِ ميٽنگ ۾ جهيڙو ٿيو. قاضي صاحب رڙ ڪندي وقت جي وزيراعظم کي پارٽيءَ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ نهر سوز تي اختلاف رکندي، نيٺ ڪاوڙ ۾ اهو به چئي ڏنو ته، ”سہروردی صاحب آپ نے اپنا بھی منہ کالا کیا تو ہمارا بھی“ ۽ ايئن چئي ميٽنگ مان واڪ آئوٽ ڪيائين ته ڪيترا ميمبر ساڻس اٿي بيٺا. پويان سهروردي رڙ ڪندي چيو ”گاريون ڏيڻ آيا آهيو“ ۽ اتان نيشنل عوامي پارٽيءَ ٺاهڻ جو ڪم شروع ٿيو. ڀاشاني، ڍاڪا واري پهرئين اجلاس ۾ ان جو صدر ٿيو. خان عبدالغفار خان وارا به ان اجلاس ۾ شامل ٿيا. ڍاڪا جي عوامي نيشنل پارٽيءَ واري اجلاس ۾ عوامي ليگ حملو ڪرايو ۽ ان ۾ قاضي فيض محمد ٺيڪ ٺاڪ زخمي ٿيو.
پوءِ ملڪ تي ون يونٽ مڙهيو ويو. گهُٽ ۽ ٻوساٽ سان هن ملڪ جي ننڍين قومن لاءِ وڌي وئي. ايوب جي آمريت اچي وئي. سنڌ ۾ به هاري جدوجهد وڏا ٿنڀا کوڙي ڇڏيا. هاري الاٽيءَ جي عظيم تحريڪ هلي پئي، جنهن جي سرواڻي قاضي فيض محمد ڪري رهيو هو.
سنڌ جي قوم پرست تحريڪ آڏو نوان محاذ کلي پيا، نيون حقيقتون آڏو اچي ويون. جڏهن ته سنڌ جو وڏيرو، جنرل ايوب سان اقتدار جي شراڪت ۾ گڏ ويهي رهيو، ته سنڌ جي مڊل ڪلاس شهرن ۾ پاڙون رکي پنهنجي ڪابه سيٽ اسيمبليءَ ۾ حاصل ڪرڻ جي سگهه نه پئي رکي.
قاضي فيض محمد ۽ ٻيا دوست ان خيال جا ها ته بنگالي قوم پرستيءَ سان اتحاد ڪري، ان خال کي ڀرجي. تڏهن شهيد سهروردي به رحلت ڪري چڪو هو، ۽ شيخ مجيب اگرتولا واري غداريءَ جي ڪيس کان پوءِ اوڀر پاڪستان ۾ هڪ وڏو ليڊر ٿي اڀري چڪو هو.
ذوالفقار هاليپوٽو جي هن سفرنامي، منهنجي لاءِ ته ڄڻ پورو دفتر کولي ڇڏيو آهي. انهن بابن جو، جيڪي بنهه اسان جا ۽ بنگالين جا پاڻ ۾ پيل هئا. ذلفي جو سفرنامو ڄڻ ته ان پوري تاريخ تي تبلي جي هلڪي تال ٿي وڃي پيو. هن جا پنڌ ويزا لاءِ، هن جا پنڌ ائيرپورٽ ڏي، هن جو ڌان منڊيءَ جي ان گهر ۾ وڃڻ، جت شيخ مجيب رهندو هو، جتي هو وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ به رهندو هو، ۽ جتي ماريو ويو هو، ۽ هاڻ اتي سندس ان حوالي سان ٺهيل ميوزيم به آهي. اتي پيل ڪيترن ئي تصويرن ۾ شيخ مجيب جي قاضي فيض محمد سان به تصوير آهي، ۽ انهيءَ زماني جي به آهي، جڏهن شيخ مجيب نيٺ جدا وطن جو اعلان ٿو ڪري.
ذلفي جڏهن ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ قدم رکي ٿو ته هڪ ٻيون جهان کلي ٿو. وڃين ايئن چئجي ته بنگالين جي آزاديءَ جي تحريڪ ڪنهن ٻئي نه پر ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن هلائي پئي ته ان ۾ ڪوبه آر نه هوندو. هو وڃي ٿو ان شهيد چوڪ تي، جتي بنگالي ٻوليءَ جي جدوجهد ڪندڙ شاگردن کي شهيد ڪيو ويو هو، جو اڄ به 21 فيبروري انهن لاءِ سڀ کان وڏو عظيم ڏينهن آهي. هو ڪيترو نه پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ڪندا آهن، چريائپ جي حد تائين. ڪيترا نه بنگالي ٻوليءَ ۾ هنن وٽ ڪتاب به ڇپجندا آهن، ۽ ڪيترا نه اچي ورتا ويندا آهن. ڪيترا نه سندن ليکڪ پيا ڪمائيندا آهن. پورو مهينو جيڪي هن فيبروريءَ ۾ بهار شروع ٿيندي، بسنت ملهائي ويندي آهي، تيئن اوترو وڏو انهن ڏينهن ۾ اتي ڪتابن جو ميلو لڳندو آهي.
ذلفي سڀ اهي گهٽيون اهي گهاٽ پراڻي ڍاڪا جا گهمي ٿو. هن کي شيخ اياز جو ڍاڪا وارو سفرنامو اکين آڏو تري ٿو اچي. هن وٽ قاضي نظرالاسلام، بنگالين جي عظيم شاعر جون سٽون تري ٿيون اچن. هن کي رابندر ناٿ ٽئگور جهونگارڻو ٿو پئجي وڃي.
ذلفيءَ جو سفرنامو ڄڻ جو اسان جي وڏڙن جو ڀٽڪيل روح يا ان وڇوڙي جو ڏک هو، جيڪو ڍاڪا جي گهٽين ۾ ان باب جا جيڪي سنڌ جي ون يونٽ خلاف تحريڪ جي سرواڻ جا بنگاليءَ جي ٻوليءَ جي تحريڪ جي سرواڻ سان سلهاڙيل هئا، اهي تندون اهي ساز چوري ٿو.
سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ، شيخ مجيب کي ڏاڍو متاثر ڪيو. شيخ مجيب سنڌ جي جمهوريت پرست مڊل ڪلاس، سنڌ جي تحريڪ کي بنگالين جي جمهوريت پرست ۽ وفاق پرست تحريڪ سان جوڙڻ پئي چاهيو. هنن جي ٻوليءَ وارو مسئلو به ختم ٿي چڪو هو جو اردوءَ سان گڏ بنگالي ٻوليءَ کي به قومي ٻولي تسليم ڪيو ويو هو. هنن جو ڪوبه ون يونٽ وارو تضاد نه هو، پر پوءِ به اوڀر پاڪستان خود هڪ صوبو پڻ هو، جڏهن ته مغربي پاڪستان ۾ ايئن نه هو. چئن صوبن جي ڌار ٿيل تاريخي حيثيت کي ختم ڪيو ويو هو.
قاضي فيض محمد جا بنگالين سان ورهاڱي کان به اڳ جا تعلق هئا. پاڻ علامه مشرقيءَ جي چوڻ تي ان قحط جي زماني ۾ 1940 ڌاري ڪئمپ هڻي متاثرين جي مدد ڪئي ۽ پوءِ ويهارو کن ٻار ڇوڪرا پاڻ سان گڏ ساڻ وٺي آيو، سو جڏهن پوءِ سڀ واپس هليا ويا (پر ٻه بنگالي ننڍڙيون ڇوڪريون ڌيءُ ڪري وڏيون ڪيائين) انهن جون شاديون پڻ ڪرايائين جن جا ٻار به هاڻ وڏا ٿي سنڌي سماج ۾ سنڌي ٿي رهن پيا.
۽ پوءِ نيٺ بنگالين ۽ سنڌ جي جمهوريت پرست قوم پرست ڌرين جو وري پاڻ ۾ سنگم ٿيو. بابا چوندو هو ته بنگالي هن ملڪ کي حقيقي جمهوريت ۾ تبديل ڪندا ۽ ننڍن صوبن کي ون يونٽ کان به آزاد ڪرائيندا. بابا عوامي ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ شيخ مجيب آڏو شرط رکي ڇڏيا، جيڪي عوامي ليگ قبول ڪيا ۽ جنرل يحيٰ تي عوامي ليگ پنهنجي قراداد سان ۽ مختلف بيانن سان زور وجهڻ شروع ڪيو.
اسان کي اهو مڃڻو پوندو ته شيخ مجيب جو ون يونٽ ٽوڙائڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار ٿئي ٿو ۽ اهڙي طرح سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد کي آزاد صوبي واري حيثيت واپس بحال ڪرائڻ ۾. ۽ پوءِ ان جدوجهد هڪ اهڙو ڪرُ ورتو جت اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي اڀري ٿو ۽ سنڌ جنهن پنهنجو نينهن بنگالين جي جدوجهد سان جوڙيو هو تن کي وڏو ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو. پاڪستان جي اندر ننڍين قومن جي صوبائي خودمختياريءَ واري جدوجهد اڌوري رهجي وڃي ٿي.
هي موضوع ڊگهو موضوع ٿئي ٿو جنهن کي ذلفي سائينءَ جي هن سفرنامي جي مهاڳ واري حيثيت ۾ کٽائي ڪونه ٿو سگهجي.
بنگالي مڇي ۽ چانورن جا مداح ٿين ۽ سابه چمچن ۽ ڪانٽن سان ڪونه کائين پر هٿن جي لپ سان اهڙي انداز سان کائيندا آهن، سو منظر به ڏسڻ لائق هوندو آهي. تمام جدوجهد ڪندڙ قوم آهي. ايترا ته اتي درياهه، نديون ۽ ڍنڍون آهن، ڀايان ٿو ته شايد ئي ڪنهن ملڪ ۾ هجن.
مون کي ٻه ڀيرا وڃڻ نصيب ٿيو ۽ ٻئي ڀيرا شيخ حسينه، جنهن کي آئون پنهنجي ڀيڻ چوان ته غلط نه هوندو، پاڻ وزيراعظم هئي، ان سان ملاقات ٿي. پاڻ جڏهن 1997ع ڌاري اسلام آباد آئي هئي ته اچي اسان کي ڳولهيو هئائين. اها روايت مون پڻ قائم رکي ۽ وڏڙن جي ڏنل ان دوستيءَ کي سائو رکيوسين.
ذوالفقار هاليپوٽو جو هي سفرنامو گهڻو تڻو ان جي زماني واري پسمنظر ۾ آهي. جڏهن پاڻ اتي وڃي ٿو. مون هن مهاڳ ذريعي ڪوشش ڪئي آهي ته ان جو تاريخي پسمنظر ڏيان.
سندس سفرنامو پڙهڻ توهان لاءِ ان ڪري به ضروري ٿيو پوي ته هي توهان کي هڪ طرف بنگالي نفسيات جي آگاهي ڏئيي ٿو. انهن وٽ سنڌي ڪيترو نه عزت وارو آهي، ڇو جو ساڻس گڏ گهڻي ۾ گهڻو 1970 ۽ 1971 فوجي آپريشن وقت اگر ڪير بيٺو هو. هن مغربي پاڪستان سان ته اها سنڌ هئي. ساڳي وقت اها پڻ حقيقت آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪردار، ان فوجي آپريشن دوران ڀيانڪ هيو، جنهن جا ڇنڊا اسان تي به پون ٿا، پر ڀٽو صاحب سنڌ جو روحاني ليڊر نه هو، سندس تسلسل شاهه، سچل ۽ سامي نه هو. اهو شيخ اياز، قاضي فيض محمد ۽ جي. ايم. سيد هو، جيڪي سنڌ جي آفاقي روح جي ترجماني ڪري رهيا هئا سي انهن سان ان مشڪل گهڙين ۾ گڏ بيٺا هئا. تڏهن اسان جو ڪامريڊ حيدربخش جتوئي اهي سور سهڻ کان اڳ رحلت ڪري چڪو هو.


جاويد قاضي
BJ-3 ، ابراهيم ٽيريس
فريئر ٽائون، ڪلفٽن،
ڪراچي.
3 مارچ، 2015ع

ٻه اکر: هدايت بلوچ

ڪرنل صديق سالڪ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ’شڪست جو شاهد‘ (WITNESS TO SURRENDER) جي باب پهرين ”حقيقتون ۽ خطرا“ (FACTS AND FEARS) ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو:

(ڍاڪا ۾) مان ورانڊي ۾ بيٺي انتظار ڪيو ته ڪا سواري اچي جنهن تي چڙهي مان ڪنٽونمينٽ پهچان. تڏهن ملٽري جي گاڏي مون کي لفٽ ڏني. گاڏيءَ جي ڊرائيور، دڙڪي سان ۽ حڪم سان ڦاٽل ڪپڙن پاتل هڪ بنگالي ڇوڪري کي حاڪماڻي انداز ۾ چيو، ”هي سامان کڻي گاڏيءَ ۾ وجهه.“ بنگالي ڇوڪري کي اهڙي حڪم جو انداز نه وڻيو، پر هن پنهنجي ”حاڪم“ جي حڪم تي نفرت جون نگاهون کنيون ۽ سامان کڻي گاڏيءَ ۾ رکيو. وري هن پنهنجون نگاهون مون ڏانهن کنيون. مون بنگالي ڇوڪري کي ڪجهه سِڪا ڏيڻ گهريا پر ڊرائيور نفرت ڀرئي لهجي ۾ چيو ”انهن حرامين جون عادتون خراب نه ڪر.“ Don’t spoil habbits of these bastards ڇوڪري هڪ ڀيرو وري نفرت ڀري نگاهه اسان تي وڌي ۽ اڳتي وڌي ويو.

هيءَ مختصر ڳالهه لکڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان جي حاڪمن جو بنگالين سان ڪهڙو سلوڪ رهيو هو. هاڻي اچون ٿا پياري ذوالفقار هاليپوٽو جي نئين ڪتاب طرف، جيڪو ڍاڪا جي سفرنامي تي ٻڌل آهي.
مون ۾ ۽ ذوالفقار هاليپوٽو ۾ وڏو فرق آهي. مون سمورو وقت وڃايو آهي، جڏهن ته ذوالفقار هاليپوٽو زندگيءَ جو وڏو حصو وڏي ترتيب سان گذاريو آهي. هن ڪيئي ڪتاب لکيا آهن. اين. جي. اوز هلائيندا آهن، ۽ وقت اجايو خراب نه ڪندا آهن.
ڏسو نه، مان چار سال ڍاڪا، بنگلاديش ۾ رهي آيس، اتي چڱي عهدي تي هيس. پي. آءِ. اي جو ڪنٽري مينيجر هيس. گهر، گاڏي، ڊرائيور مليل هئا، سڀ سهولتون هيون، تڏهن به ڍاڪا ۽ بنگلاديش بابت ڪتاب نه لکي سگهيس ۽ هي دوست ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪنهن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ان ۾ ڳالهائڻ لاءِ آيا ته انهن چند ڏينهن جي دوري ۽ مشاهدي تي به سندس ڪتاب اچي ويو. تنهن ڪري مون چيو مون رڳو وقت وڃايو آهي، ۽ ذوالفقار هاليپوٽي ڪو وقت نه وڃايو آهي، پر سجايو ڪيو آهي. ها البت آئي وئي کي آڌرڀاءُ ضرور ڏبو هو. هاليپوٽو صاحب ته اسان جي معاشري جو اهم انسان آهي، پر مون وٽ جيڪو به ايندو هو، پوءِ ڏٺل هجي توڙي اڻ ڏٺل، تنهن کي مانُ ڏبو هو. هاليپوٽي صاحب مهرباني ڪري منهنجو به ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي، ۽ نهايت سٺن لفظن ۾ ڪيو آهي، جيترو مان لهڻان ڪونه ٿو... سندس لک لائق.
ڍاڪا ۾ رهائش دوران مان ذوالفقار هاليپوٽو صاحب کي پلٽن ميدان به وٺي ويس، جتي ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستاني فوج جي سپهه سالار جنرل نيازي، هندستاني جنرل اروڙا اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا هئا، جنهن جو سمورو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي. ڪتاب جو مسودو پڙهي مون کي لڳو ته هُن بنگالي ادب ۽ لٽريچر خوب پڙهيو آهي، ۽ بنگال بابت جيڪو ڪجهه لکيو ويو آهي، اهو سندس مشاهدي ۾ آهي. نه فقط اهو ته هُن بنگالي ادب پڙهيو آهي، پر بنگلاديش جي ٻن دورن جي دوران، هن عوامي ليگ توڙي ڀاشاني جي پارٽين جي اهم سياستدانن سان ملاقاتون پڻ ڪيون. سندس گهري نظر اتان جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن تي به رهي آهي. انهيءَ زماني ۾ پاڪستاني ٻن روپين جو هڪ بنگلاديشي ٽڪو ٿي مليو، يعني سندن معيشت اسان کان ٻيڻ تي هئي.
هاليپوٽو صاحب بنگلاديش جي مائيڪروڪريڊٽ جي بادشاهه نوبل پرائيز يافته ڊاڪٽر محمد يونس سان پڻ مليو. مان اتي اهو ٻڌايئندو هلان ته جڏهن ڊاڪٽر محمد يونس کي نوبل پرائيز مليو هو، تڏهن مان ڍاڪا ۾ ئي موجود هيس ۽ مون پي. آءِ. اي. جي ڪنٽري مينيجر جي حيثيت ۾ کيس هڪ گلدستو پيش ڪيو هو. اها تصوير اڄ به منهنجي ڊرائنگ روم ۾ سجايل آهي.
هاليپوٽو صاحب، بنگلاديش جي بهتر معاشي ۽ معاشرتي ترقي ۽ استحڪام کان پوءِ پنهنجي ملڪ جي باري ۾ چوي ٿو:
”مان سوچڻ لڳس ته عسڪري طاقتون نيٺ عوام جو، ٽين دنيا جي ملڪن جو ۽ اسان جي وسيلن جو رت پيئڻ ڪڏهن بند ڪنديون. ڇا اهو دور ختم ٿي ويو جو ڪنهن وڏي عوامي انقلاب سان پاڪستان کي گيريزن اسٽيٽ مان حقيقي فلاحي رياست بڻائي سگهجي؟“
اهي لفظ ڪيڏا سچ تي ٻڌل آهن. مان ڏسان ٿو ته، اسان جي موجوده وزيراعظم جي حڪومت ۾ اسان جي فوج جو شريف جنرل الائي ڪيترن ملڪن جا دورا ڪري آيو آهي ۽ آمريڪا سميت تمام گهڻن ملڪن جي سربراهن سان فوجي ڊريس ۾ ملاقاتون ڪري آيو آهي. اها صورتحال سڀ کان اول ته وزيراعظم لاءِ ٻڏڻ جو مقام آهي، پوءِ پاڪستان جي هر شهريءَ لاءِ پڻ شرمساريءَ جو باعث آهي.
فوج جو ڪم فقط ملڪي بچاءُ آهي. هاڻي ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کان وٺي هر ڪم ورديءَ وارن جي حوالي آهي، سول حڪومت فقط ”شو پيس“ آهي.
ڪي ڪي ماڻهو ملڪي توڙي پرڏيهي ڪانفرنسن ۾ بس نالي ڳڻائڻ لاءِ ويندا آهن، پر ڪانفرنس جي معاملن ۽ مقصدن کان ڄڻ ته لاتعلق رهندا آهن، پر اسان جو هي دوست ائين ناهي. هُو عملي انسان آهي، سندس هي ٽڪرو پڙهي ڏسو:
”هندستان جا گهڻا دوست ٻڏتر ۾ هئا، ۽ هنن کي هندو توڙي اسلامي دهشت گردن ٻنهي مان وڏو ڊپ هو. مون ان موقعي تي اهو مؤقف رکيو ته ڇاڪاڻ ته ڪانفرنس ۾ پوري خطي جا ناميارا نالا موجود آهن، تنهن ڪري سلمان تاثير جي قتل خلاف هڪ ڀيرو مذمتي ٺهراءُ آندو وڃي، جنهن تي سمورن شرڪت ڪندڙن جون صحيحون هجن ۽ اهو اسڪين ٿيل صحيحن وارو ڪاغذ جڏهن پريس ۾ ويندو ته نه رڳو ڪانفرنس جي اهميت وڌندي پر ڪانفرنس جا گهڻي حد تائين مقصد پورا ٿيندا ۽ پاڪستان ۾ انتهاپسندي جي تازي لهر جي نتيجي ۾ ڊپ ۽ هراس ۾ ورتل سول سوسائٽيءَ جي دوستن، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن کي اتساهه ملندو. هال ۾ اهڙي رٿ جي تائيد ڪئي وڃي ۽ مون اتي ئي ويٺي ويٺي هڪ ٺهراءُ ٺاهي ورتو. ٺهراءَ لکڻ جو فن به زبردست آهي. هڪ ڀيرو اُهو آرٽ سمجهڻ جي گهرج آهي، پوءِ بس دير نٿي لڳي. سو هڪ ٺهراءُ ٺاهي، هلندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيم. مُمبئي جي دوست ۽ نامياري صحافي جتن ڊيساني ترميم تجويز ڪندي چيو ته سلمان تاثير جو پورو عهدو لکيو وڃي ته جيئن نئين پڙهندڙن کي قتل ٿيندڙ جي عهدي ۽ مرتبي بابت ڄاڻ ۽ احساس حاصل ٿي سگهي.“
مٿئين ٽڪري ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته دوست ڏسن ته ذوالفقار هاليپوٽو ڪيڏو حساس آهي، عملي ڪم ڪندڙ آهي، ۽ هن جي هجڻ سان ڪانفرنسون ڪامياب ٿينديون آهن.
اسان جي دوست اوڀر پاڪستان کان الڳ ٿيڻ تي فيض احمد فيض جو پورو نظم به لکي ڇڏيو آهي.

ہم کہ ٹھرے اجنبی، کتنی مداراتوں کے بعد
پھر بنیں گے آشنا، کتنی ملاقاتوں کے بعد


۽ شيخ اياز جو به حوالو ڏنو آهي، جڏهن هُو بنگال ويو هو، ۽ گهمندي ڦرندي بنگال جي پيڙهيل ۽ پٺتي پيل طبقن جي زندگيءَ کي به ويجهڙائيءَ کان ڏٺو:

چٽگام، سوڙهي گهٽي، اونداهه،
بانس جون ڀونگيون،
لنگهه لنگهه تي،
لالٽِين،
چرس،
چنڊول جي بوءِ،
سرير،
سيڪا،
ٽهه ٽهه،
ٻهه ٻهه،
۽ ڪنهن وئشيا جي
چپن تي
ٽيگور جو اڌورو گيت.

دوست ذوالفقار هاليپوٽي جي هن ڪتاب تي چار اکر لکندي مون کي فخر محسوس ٿو ٿئي جو هُن مون کي اهو مانُ ڏنو ته مان سندس ڪتاب تي چار اکر لکان، پر ساڳي وقت مون کي شرمندگيءَ جو احساس به ٿئي ٿو ته جيڪو ڪم هن دوست مختصر دوري دوران ڪيو، سو مان چار سال رهڻ باوجود ڇونه ڪري سگهيس؟!
هي ڪتاب هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو، ڇوته هن ڪتاب ۾ بنگالين سان ٿيل زيادتين جو وڏو ذڪر آهي، ۽ ورديءَ وارن جي ڪيل ڪارستانين جو به ذڪر آهي. مون کي پڪ آهي ته هي ڪتاب ڇپجڻ شرط وڪرو ٿي ويندو ۽ ان جا ڪيئي ايڊيشن ڇاپڻا پوندا.


هدايت بلوچ
D-33، پاڪستان ڪوارٽرس
ڪراچي.

لکڻ جي خواهش: ذوالفقار هاليپوٽو

مون ڍاڪا جو سفرنامو، روزاني سوڀ اخبار ۾ تڏهوڪي ايڊيٽوريل صفحي جي انچارج علي آڪاش جي اتساهڻ تي، گهڻي تفصيلي انداز ۾، قسطيوار لکيو. ٻه ٽي سو صفحا ايئن لکيم جو خبر ئي نه پئي.
مرحوم حسن درس کي گذارش ڪيم ته هو ماهتاب محبوب کان ٻه اکر لکرائي ڏئي. هن هائوڪار ڪئي ۽ ادي انتهائي خوبصورت انداز ۾، ليکڪ جي اک سان منهنجين لکڻين تي تنقيدي نظر وڌي. روايتي سستي ۽ ڪم جي بار سبب ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ دير ٿي ويئي. ان وچ ۾ ادي ماهتاب محبوب جا لکيل ٻه اکر وڃائي ويٺس، ڄڻ ته ڪو املهه خزانو وڃائي ڇڏيو. مون لاءِ اها لکڻي ملڪيت هئي، گهڻي ڳولا ڪيم، پنهنجا ڪم، ڪتاب ۽ لکڻيون ترتيب سان رکندو آهيان. ڪمپوز ٿيل مواد، محفوظ رکندو آهيان. خبر ناهي ته ڪنهن جي نظر لڳي ويئي جو ٻه اکر وڃايم. وڏي ندامت اٿم اهو مواد وڃائڻ جي ادي ماهتاب کان معافي گهران ٿو. سچ پچ ته پڙهندڙ هڪ اتساهيندڙ تخليق پڙهڻ کان محروم رهجي ويا.
ڪتاب ٻيهر سهيڙي سڌو ڪيم ۽ پياري سليم ميمڻ جي حوالي ڪيم. ڪتاب هڪ ڀيرو ٻيهر ڪن اڻٽر مصروفيتن ۽ سندس طبيعت جي ناچاڪيءَ توڻي گهر جي شفٽنگ جي ڪري ڪيترائي مهينا ڇپائيءَ کان محروم رهجي ويو. ٽيون ڀيرو ڪتاب جي ڇپائيءَ لاءِ صفا تياري ڪري ڪنهن پبلشر سان ڳالهائڻ وارو هيس ته ڇهون ڀيرو ڍاڪا جي دوري جي دعوت مليم. فيصلو ڪيم ته ان دوري جي حوالي سان گڏ هن سفرنامي کي قطعي صورت ڏيندس. وري خيال آيو ته ان دوري جي تجربن، مشاهدن ۽ ماڻهن سان ملاقاتن مان ڪافي تصور ملندا، نوان ماڳ مڪان ڏسبا ۽ گهمڻ جو موقعو ملندو، سفرنامو اپ ڊيٽ ٿي ويندو.
ماڻهوءَ جو من به عجيب آهي. ساڳي ماڳ ڏانهن ڏهه ڀيرا وڃي، تڏهن به هر ڀيري سندس مَن ۾ نوان خيال ۽ ساڳين جڳهن ۽ ماڻهن کي ڏسڻ ۾ ملڻ کان پوءِ نوان رايا، سوچ ۽ سمجهه جڙن ٿا. پهريون تجربو اڻوڻندڙ هو، اڳي جهڙي صورتحال نه هئي. ويزا لاءِ پهرين ڪراچيءَ ۾ ڊفينس جي بدر اسٽريٽ تي واقع بنگلاديشي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي آفيس فون ڪبو هو، ملاقات جو وقت به ملندو هو. چانهه پياري، حال احوال ڪري ويزا ڇڏيندا هئا. هيل جڏهن ويزا لاءِڊپٽي هاءِ ڪميشن فون ڪيم، ته روبرو اچي درخواست جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو. ماڻهو ته ساڳيا هئا، پر رويا تبديل ٿيل هئا، ٻه ڀيرا درخواست فارم اڇلائي ڏنائون ۽ چيائون ته اڻپورو آهي. جيڪي غلطيون ٻڌايون ويون، سي ٻارڙيون هيون.
مثال طور پاسپورٽ جي مدي ختم ٿيڻ جي تاريخ ۾ لکيل سال سمجهه ۾ نٿو اچي، تنهنڪري فارم وري ڀري اچو. ڪيترائي ماڻهو وڏين وڏين گاڏين مان لهي، قطار ۾ بيٺي روڄ راڙو ڪري رهيا هئا ته هنن، پاڪستان ۾ خراب حالتن جي ڪري بنگلاديش ۾ ڪاروبار لاءِ فيڪٽريون هنيون آهن، ۽ هاڻي پاڪستان مان بنگلاديش موڪليل عملي ۽ ڪاروباري ملازمن لاءِ ويزائن جي ملڻ ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن.
قطار ۾ بيٺل هڪ سرمائيدار ٻڌايو ته سندس پٽ، ۽ ڀاڻج، آمريڪا مان بزنس جون ڊگريون وٺي آيا آهن، هو چاهي ٿو ته نوجوان سندس گارمينٽ فيڪٽري سنڀالين، پر بنگلاديشي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ويزا ڏيڻ کان انڪاري آهي. ان نموني امير توڙي غريب پريشان هئا. آمريڪا جي ويزا لاءِ به ماڻهو ايترو پريشان نه هوندو آهي. مون گهر موٽي اچي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط لکيو، منهنجي موڪليل اي ميل جي جواب ۾ ساڳيو سفارتي لهجو اختيار ڪيو ويو ته هو ويزا جي ڪنهن به صورت ۾ ڪا ضمانت نٿا ڏئي سگهن، پر ايترو ٿيو، جو مون کي وقت مليو ۽ مون ڪميشن جي اندر وڃي پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرايا. ڪراچيءَ ۾ واقع بنگلاديشي هاءِ ڪميشن جي عملي سان لهه وچڙ رهندي آهي. هن ڀيري ته ڊپٽي هاءِ ڪميشن سنڌ جي رائيٽرس فورم سان گڏجي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهن.
هن وقت شيخ مجيب جي ڌيءَ حسينه واجد اقتدار ۾ آهي، ۽ عام طور تي اهو ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به عوامي ليگ اقتدار ۾ آئي آهي ته سندس حڪومت جو رويو پاڪستان ڏانهن اڳرائي وارو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته عوامي ليگ، پاڪستان کي 1971ع واري سانحي جو ذميوار ڪوٺي ٿي. ٻئي پاسي جڏهن به خالده ضيا جي حڪومت ايندي آهي، جنهن جون حمايتي بنگلاديش جون مذهبي ڌريون هونديون آهن، جيڪي پاڪستان پرست ٿورائي وارن سان ڀريون پيون آهن، تنهن ڪري انهن جو رويو پاڪستان ڏانهن دوستاڻو رهندو آهي. ڪاروباري توڙي ويزا پاليسون نرم هونديون آهن. ٻئي پاسي عوامي ليگ جون پاليسون سخت رهيون آهن. عوامي ليگ سرڪار، جماعت اسلامي جي اڳواڻ مولوين کي ڦاهي ڏيڻ واري واقعي تي پاڪستان سرڪار توڙي پاڪستاني مذهبي ڌرين جي ردعمل تي به ڪاوڙيل آهن.
تازوئي بنگلاديش ۾ وڳوڙ ٿيا، ۽ نيٺ گڏيل قومن ۽ آمريڪا کي ٽياڪڙي ڪرڻي پيئي. ان دوران به عوامي ليگ، پاڪستان سرڪار تي مذهبي انتهاپسنديءَ جي حمايت جا الزام لڳايا. اهڙيءَ صورتحال ۾ ڍاڪا جو سفر هيل ڏکيو ٿي لڳو. سوچيم ته اهڙي طنزيه تڪڙين تبديلين جي ور چڙهيل بنگالين سان ڪچهريءَ ۾ مزو ايندو ۽ نون خيالن جي ڀاڱي ڀائيواري ٿيندي.
منهنجو ماڳ ڍاڪا يونيورسٽي هو، جتي هڪ جرمن تنظيم، ماحولياتي تبديليءَ تي، علاقائي سطح جي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي رهي هئي، جنهن ۾ سارڪ جي لڳ ڀڳ سمورن ملڪن مان پاڻي، ماحوليات ۽ آبهوا جي تبديليءَ جا ماهر، سرگرم ڪارڪن، سياسي اڳواڻ ۽ پارليامينٽرينز شرڪت لاءِ اچي رهيا هئا. منهنجو مقالو ماحولياتي تبديليءَ جي بحث ۾ پڇڙيءَ واري سنڌ جي صورتحال هو. اهڙو ئي هڪڙو سلسلو پاڪستان ۾ به آهي، جنهن جو اڳواڻ سينٽر مشاهد حسين سيد آهي.
ڍاڪا پهتاسين ته ايئرپورٽ تي ميزبان موجود هئا ۽ اتي ساڳي وقت فلائيٽس مان ڪانفرنس لاءِ پهتل مهمانن مان ٻن چئن همراهن سان ملاقات ٿي ويئي. سنڌ جي وسيلن تي سنڌين جو اختيار به ناهي ته به انهن جي رائلٽي يا لهڻو، سنڌين جي سماجي ترقيءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. بددبودار وڏيرن جي لئه لڳي پئي آهي. اهي گهوٽڪيءَ کان وٺي ٺٽي ۽ بدين تائين پنهنجن خسيس مفادن خاطر، پنهنجن علائقن جي ماڻهن لاءِ حق گهرڻ، نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ، معدني وسيلن وارن هنڌن تي سماجي ۽ انساني ترقيءَ جا ازلي ويري ۽ دشمن آهن.
2002ع واري اسيمبليءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اسيمبلي ميمبرن کي تحقيقي دستاويز ڏنا هئم ته تيل ۽ گئس جي ذخيرن تي مالڪيءَ جو حق وفاق بدران رڳو صوبن کي هئڻ کپي. ان ڏس ۾ جيڪي به ٺاهه ٿين ٿا، انهن جو اختيار صوبائي حڪومتن کي هئن کپي. وڏا واعدا ٿيا، وڏو گوڙ ٿيو، پر جڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي ته زرداري اهي اختيار صوبن کي ڏيڻ بدران صدر جي حيثيت ۾ پاڻ وٽ رکيا. وڏي عرصي تائين تيل ۽ گئس جي انهن دستاويزن جي ڪاپيءَ جي درخواست ڪندا رهياسين، جنهن ۾ حڪومت پاڪستان ۽ تيل ۽ گئس جي ڪمپنين وچ ۾ قانوني ٺاهه ٿيل آهي، پر اهو نه مليو. اسان چاهيو ٿي ته اهو پڙهجي ۽ ان تي عام راءِ هموار ڪجي. تيل ۽ گئس جي ڪمپنين جي انتظاميه جو موقف هو ته اهو ٺاهه ڪمپنيءَ جو اهڙو دستاويز آهي، جنهن کي هر ڪنهن کي ڏيکاري نٿو سگهجي، تنهن ڪري ڪمپنيءَ جي اصولن، قاعدن ۽ ضابطن موجب اهو چئي ٺاهه جي ڪاپي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو ته اها ڪمپني ۽ معاهدي ۾ شامل ڌرين ۾ طئي ٿيل اخلاقي ضابطن جي ڀڃڪڙي ٿيندي.
ان دستاويز جي هٿ اچڻ سان اهو پتو پئجي سگهي ها ته تيل ۽ گئس سنڀاليندڙ ڪمپنين ۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ ڪهڙا اصول طئي ٿيل آهن. گئس ۽ تيل جي کوٽائي، ان جي استعمال، ان مان ملندڙ رائلٽي، علائقي جي ترقيءَ لاءِ خرچ جا تفصيل، ڪميونٽي جي ترجيحن ۽ گهرجن پٽاندر نوڪرين ۽ ٻين سهولتن جي ترجيحن بابت ڄاڻ ملي سگهي ها. جيتوڻيڪ اهو دستاويز نه ملي سگهيو، پر ٻين دستاويزن مان ڪنهن حد تائين انهن معاملن بابت ڄاڻ ملي سگهي.
اسان جا حڪمران (جن کي اسين پنهنجو سمجهون ٿا) اپوزيشن ۾ هوندا ته سنڌ کي بنگلاديش نه بنائڻ جا دليل ڏين ٿا، جڏهن اقتدار اچن ٿا ته ساڳي نموني ڦرلٽ ڪندڙ ٽولي جو حصو بڻجي وڃن ٿا. بنگلاديش جي آزاد ٿيڻ مان عوام گهڻو ڪجهه سکيو، پر اقتداري پارٽين سکڻ کان انڪار ڪيو. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ پنهنجا حق ڪيئن وٺي. جيڪڏهن سنڌين جي ووٽن تي چونڊيل حڪومتون سنڌ ۽ سنڌين جي جائز، آئيني ۽ قومي حقن جو تحفظ نه ڪنديون ته پوءِ سنڌين وٽ ڪهڙو رستو بچي ٿو. قومي وحدتن کي اهو ڪنفيڊرل اختيار به مليل ناهي ته جي اهي وفاق مان خوش نه هجن ته الڳ ٿي وڃن.
ان ڏس ۾ سنڌ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان اندر رهندڙ ٻين قومن توڙي ڏيهان ڏيهي برادريءَ جي ڪيترن ئي رياستن ۽ قومن کان ڪيترن ئي شعبن ۾ اتساهه حاصل ڪندي ٿي رهي. اهو اتساهه علمي، ادبي، فڪري، سياسي ۽ سماجي شعبن سان لاڳاپيل آهي. ايستائين جو سنڌ پنهنجي خطرناڪ دشمن قوتن جي سگهن کي به ڪڏهن گهٽ نه سمجهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن شعبي ۾ تعصب، دشمني يا مخالفت جي بنياد تي ان جي بنگالين کي جيءَ ۾ جاءِ نه ڏني آهي.
رڳو پاڪستان جي سرحدن اندر ڏسون ته سنڌ پنهنجي سڀ کان وڏي ۽ واضح مخالف پنجاب جي 65 سالن جي پرماري روين ۽ سرشتن ذريعي سنڌ جي سياسي ۽ معاشي ڦرلٽ کان پوءِ پنجاب جي ڀڳت سنگهه کان وٺي اوڪاڙا فارم تائين هلندڙ سياسي تحريڪن، شاهه حسين کان وٺي اڇو لال تائين هلندڙ علم ادب، جمهوريت جي بحاليءَ کان وٺي چيف جسٽس افتخار چوڌريءَ جي بحاليءَ لاءِ هلندڙ سول سوسائٽيءَ جي تحريڪن کي سدائين مان ڏيندي رهي آهي، ان مزاحمت جي روح کي پنهنجائيندي اڳيان وڌي آهي.
سنڌ جي وحدت جي دشمن دهشتگرد قوتن، سنڌ جي مالڪيءَ تي ڪوڙي دعويدار ڌرين جي هر وقت سنڌ مخالف روين کان پوءِ به سنڌ، اردو ڳالهائيندڙن ۽ دهشتگرد ٽولي کي ڌار ڌار حيثيت ڏني آهي. اردو علم ادب جي شاندار فڪري اثر کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن.
اهي حقيقتون اهو ثابت ڪن ٿيون ته سنڌي بحيثيت قوم عاليشان وجود رکندڙ آهي. سندن ڊپلوميسي ۽ ان جي ڄاڻ اعليٰ معيار جي آهي، ۽ اها پنهنجي مجموعي سياسي تحريڪ، سماجي ۽ معاشي اڳڀرائيءَ لاءِ ٻين جي صلاحيتن مان فائدي وٺڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.
اهڙي صورتحال ۾ اهي ڌريون يا قومون جيڪي سنڌين وانگر آمريتي ڏاڍ، استحصالي سرشتي، معاشي ڦرلٽ ۽ سماجي ڀڃ ڊاهه جو شڪار رهيون آهن، تن جي هر عمل جو سنڌي سماج تي گهرو اثر آهي.
ان جو سڀ کان وڏو مثال بنگالين جي سياسي مزاحمت مان اثر وٺندي سنڌ جي سياسي ۽ فڪري تحريڪ ۽ اڀار کي اڳڀرو ڪرڻ آهي. 1970ع واري ڏهاڪي کان وٺي سنڌي قوم هڪ پاسي پيپلز پارٽيءَ جي وڏيرن کي ووٽ ڪندي اچي ٿي ته ٻئي پاسي ساڳي قوم يڪراءِ بنگالين جي ڌر بڻجي ٿي. بنگال جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ باقي بچيل پاڪستان جي مستقل ون يونٽ بنجڻ جي مخالفت ڪري ٿي ۽ پنجاب جي حاڪماڻي ضابطي هيٺ اچڻ جي ذميوارن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ پيپلز پارٽي کي شامل به ڪري ٿي.
پڙهندڙ ٿي سگهي ٿو ته شروع ۾ اها راءِ جوڙي ته اهو ته فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت جو وڏو تضاد آهي، پر آءٌ سمجهان ٿو ته اهو تضاد سنڌين جي سياسي حڪمت عمليءَ جو اهو مورچو آهي ته هڪ پاسي اهي ذوالفقار علي ڀٽي، پيپلز پارٽيءَ کي بنگالين جي ڌار ٿيڻ واري آمريتي سازش جي حصي طور نندين به ٿا ته ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جهڙي فاشسٽ ڌرين ۽ روينيو ۽ آبپاشي جي وزارتن لاءِ ضمير وڪڻي ڇڏيندڙ وڏيرن جي هٿ ۾ سنڌ ڏيڻ کان پيپلز پارٽيءَ کي گهٽ هاڃيڪار ڌر سمجهي، سنڌ جي ووٽ، ۽ نتيجي ۾ حق حاڪميت جي ازلي حق کي محفوظ ڪندا اچن ٿا. اڄوڪي رياستي ڍانچي جي ٻي وڏي قوت کان آهي، هڪ پاسي، ڪراچي کسڻ جي ڪوششن خلاف مهاڏو اٽڪائين ٿا ته ٻئي پاسي مظلوم قومن جي حقن جي جنگ يا دشمن خلاف جنگ کي پنهنجي درياهه بچائڻ جي جدوجهد لاءِ پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪن ٿا.
اهو هڪ ٻيو وڏو مثال آهي. سنڌي قوم جي ڊپلوميسيءَ جي اعليٰ ترين صلاحيتن جو انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻيءَ آهي ته: ”Digging best out of worst is the highest point of art of diplomacy"
يعني بدترين مان بهترين جي ڳولا ئي دراصل حڪمت عمليءَ جي فن جي معراج آهي.
اوهين ڏسو ته فوجي آمريتن ۾ جڏهن جڏهن سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙن جي، هڪ مخصوص ٽولي کي سنڌ خلاف سازشن جو ساٿاري بڻائي سنڌ کي اڪيلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته، سنڌ اڇل ڏئي جمهوريت لاءِ، هلندڙ ملڪي تحريڪن سان جُڙي، هڪ جهٽڪي سان سنڌ يا سنڌين کي (اڪيلو) ڪرڻ جي ايوبي، ضياءَ، مشرف ڪوششن کي شڪست ڏني آهي. ان کان سواءِ پارٽيءَ جي جنگ ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي آهستي آهستي ائنٽي ٿل ڪينال ڪاميٽيءَ جي ملڪ جي مک مک سياسي ڌرين کي No further cut on Indus جهڙي نعري تي گڏ بيهارڻ سنڌين جي هڪ ٻي اعليٰ سوڀ آهي.
هڪ اهڙي وقت ۾، جڏهن جنرل مشرف نسل پرستيءَ جي ايجنڊا تي سنڌ جي جاگرافيءَ کي به اڌ ڪرڻ جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو هو، ۽ کيس دهشتگرديءَ خلاف جوڙيل عالمي جنگ جي ساٿاري هجڻ کي هر قسم جي ڀرپور حمايت حاصل هئي، ته سنڌين درياهه جي حوالي سان مسلم ليگ نواز، بلوچ قومپرست، جماعت اسلامي، ايم ايم اي سنڌ جا سمورا قوم پرست پيپلز پارٽيءَ جهڙين سورهن تنظيمن جو اتحاد جوڙي مشرف کي بدترين شڪست ڏني.
ون يونٽ ۽ ضياءُ الحق دور ۾ مظلوم قوميتن جا اتحاد ۽ ايم آر ڊي جهڙيون تحريڪون سنڌ جي سياسي شعور، فڪر هڪچل ۽ نظرياتي سگهه جو عاليشان اظهار آهن.
ايئن ناهي ته سنڌ بنگالين وانگر پنهنجن حقن جي حد اندر ڪابه سائنسي ۽ واضح، فڪري حڪمت عملي اختيار نه ڪئي آهي، پر سنڌ جو سياسي تحريڪ جي حقيقي نتيجن جي اميد ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اسٽيبلشمينٽ ئي آهي، ۽ نه عام ٻيون ڪي قوتون، نه ڌاريا يا ڪي دشمن. سنڌ جي ترقيءَ جو اول نمبر دشمن سنڌ جو جاگيردار ۽ وڏيرڪو سرشتو آهي، جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي مقامي ڪمدار وارو ڪردار ادا ڪن ٿا.
مختلف وقتن تي سياسي مفاهمت، مصلحتن ۽ تحرير جي نتيجي ۾ ٻه ڀيرا بحال ۽ ٽي ڀيرا رد ٿيل سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ اڃان سنڌ جي سياسي ۽ انتظامي ڌڙي ۽ مڇيءَ جي ڪنڊي جيان اٽڪيل آهي. ايم ڪيو ايم جي سنڌ جي وحدت کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ ۽ سنڌ جي شهرن تي مڪمل حڪمراني ڪرڻ جي خواب جا سبب ته سمجهه ۾ اچن ٿا، پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي دوستن پاران اڃان به ان نظام کي بهتر چوڻ ۽ وري ”ڪنهن موڙ“ تي بحال ڪرڻ وارا ڇسا ۽ کل جوڳا بيان سمجهه ۾ نٿا اچن. ڪالهه قوم جي ٻڌي ۽ ايڪتا، گڏيل قومي شعور ۽ ڏاهپ تي ٺٺوليون ڪندڙ ”متو آهين مڇ“ مثل وزير جڏهن قوم کي جاهل ۽ ڄٽ هجڻ جا طعنا ڏئي رهيا هئا، ته مون کي سندن لهجي ۾ اهائي نسل پرستي واري ڌپ محسوس ٿي، جيڪا سنڌين کي جاهل چوڻ وقت نسل پرست آمر جنرل پرويز مشرف جي بيانن مان ايندي هئي.
ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته انسان جو سڀ کان وڏو دشمن سندس زبان آهي. پوءِ پوري قوم ڏٺو ته ڄڻ وزيرن سنڌين کي اهو بل/ايڪٽ سمجهڻ لاءِ تعليم وٺڻ، سنڌ جي فني ماهرن، دانشورن، اديبن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن نيٺ انهن ئي وزيرن اهو بل واپس وٺي ”پنهنجو ٿڪيو پاڻ چٽيو“ مثل قوم آڏو شرمندو بڻيا. عوامي ويساهه، مينڊيٽ ۽ اعتماد سان غداري ڪري، سنڌ جي جغرافيائي معاشي هيئت ۽ سماجي تاڃي پيٽي کي بيحد نقصان پهچائڻ وارو عمل ٻيو ناسور هو.
هاڻ جيئن اهو ايڪٽ واپس ٿي چڪو ته سنڌ جي وحدت کي ايندڙ خطرن کان بچائين، ۽ سنڌ ۾ رهندڙ مستقل آبادين جي وچ ۾ امن ۽ گڏجي رهڻ وارو ماحول پيدا ڪرڻ، سنڌ جي ساڃاهه وندن جي بنيادي فرضن ۾ شامل ٿئي ٿو. مثال طور جيئن ئي ڪمشنري نظام واپس ٿيو ته سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ دوستن جي هڪ وڏي انگ چيو ته، ” سنڌي آخر اقتدار جي هيٺين سطح جي منتقلي جي خلاف ڇو آهن؟ عام تاثر اهو آهي ته اسين ڄڻ مڪاني ادارن جي خلاف آهيون ۽ انگريز سامراج جي مدي خارج ۽ عوام دشمن ڪاموراشاهي ڪمشنريٽ سرشتي جي حق ۾ آهيون.
آءٌ سمجهان ٿو ته هن وقت ان تاثر کي جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيتوڻيڪ اهو تاثر هٿرادو ٺاهيو ويو آهي، پر اسين جيڪي هن متبادل ۽ طاقت جي توازن واري فارمولي کي پڌرو ڪيون ٿا ته اهو غير ضروري بحث به ختم ٿي ويندو. ان ڏس ۾ اڳ ۾ ئي هر سرشتي تي سنڌ ۾ اهڙو واضح، دليل سان ٽمٽار ۽ سائنسي نقطه نگاهه وارو مؤقف سوين مضمونن، ليکن، ڪالمن ۽ تجزين ۾ اچي چڪو آهي. هاڻ ضرورت رڳو هڪ اهڙي دستاويز جي آهي، جيڪو سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ توازن پيدا ڪرڻ واري مڪاني ادارن جي سرشتي کي متعارف ڪرائي.
ايڪٽ سنڌ اسميبليءَ مان واپس ٿيندي ئي جيڪي فون ڪالز ۽ نياپا آيا آهن، انهن ۾ ڪيترن ئي انگريزي اخبارن جي ايڊيٽوريل صفحن جي دوستن به رابطا ڪيا.
آءٌ ذاتي طور تي سمجهان ٿو ته ايڏي وڏي تاريخي قومي ٻڌي ۽ ان جي نتيجي ۾ مليل فتح لاءِ غيرمعمولي ڪارنامو آهي جو ساڳي ئي عوام جو ميمبرن جو ايوان هڪ فيصلو ڏئي. سنڌ جو عوام ان کي رستن بجاءِ تحريڪ ۽ جدوجهد، سيمينارن ۽ ڪچهرين ۾ احتجاجن، دليلن سان ايئن رد ڪري، تنهن ڪري اسين سمجهون ٿا ته سنڌ اسان جو وطن آهي، ان جو تحفظ اسان جي اخلاقي، فطري ذميواري آهي، ۽ اميد ان سرشتن بابت ڪو متبادل مسودو پيش ڪيون ۽ ثابت ڪيون ته اسان وٽ اهو فهم، ڏاهپ ۽ بردباري آهي ته اسين ننڍي ۽ خسيس سياسي مفاهمتن کان مٿڀرو ٿي، سنڌ جي وحدت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ گڏوگڏ سنڌ ۾ رهندڙ سمورين آبادين کي گڏ کڻي هلڻ واري فلسفي تي يقين رکون ٿا. ڌرتي ڌڻي هجڻ واري وطن تي حق، حاڪميت ۽ مالي اثاثن جو بين الاقوامي قانونن هيٺ طئي ٿيل حق آهي، باقي ٻين ٿورائين ۽ گروهن جو ايئن ئي تحفظ ٿيندو، جيئن مهذب معاشرن ۾ رهيو آهي.
اڄ سنڌ اندر طبعي جوڙجڪ، انساني ترقي، روڊ رستا، صحت گهر، ٽرانسپورٽ جون سهولتون، صفائي سٿرائي، اسٽريٽ لائيٽس، ميونسپل سان لاڳاپيل ڪيترن ئي شعبن جي بربادي اکين اڳيان آهي. سنڌ جي سڃاڻپ قبل مسيح جي ڪنهن رياست جهڙي بڻجندي پئي وڃي. اقتدار جي مرڪزيت جيترو سنڌ کي نقصان رسايو آهي، شايد ئي انهن ڪنهن ٻي وفاقي وحدت کي رسايو هجي، تنهن ڪري، سنڌ، ڪنهن به دور ۾ اقتدار جي مرڪزيت يا ڪمشنري نظام ذريعي ڪاموراشاهي جي حڪمراني جي حق ۾ نه رهي آهي. سنڌ کي هن وقت سڀني کان وڌيڪ ضرورت آهي هڪ شفاف، نسل پرستي، لساني تعصب کان آجي متحرڪ مڪاني ادارن جي سرشتي جي.
پاڻ 2010 کان 2012ع تائين ٻوڏن طوفانن ۾ سنڌ جي بربادي ڏٺي آهي، انهيءَ ڪري جيترو جلد ٿي سگهي پاڻ اهڙي متبادل ۽ توازن واري نظام جو ڪو خاڪو يا ڊزائين اڳيان آڻيون. پوءِ هر امن ڀرئي طريقي سان حڪومتن کي مجبور ڪيو ته هو ان سرشتي کي سنڌ اندر لساني سياست کي هٿي وٺرائي. سنڌ جي وحدت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري. پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم وقتي مفادن تي ويساهه رکندڙ ڪُند ذهن واريون پارٽيون آهن، تاريخ جي اثر کان اڻواقف، نه ته کين اهڙو زبردست موقعو مليو هو ته هو سنڌ اندر لساني ٽولن کي بهتر بنائڻ لاءِ سنڌ کي سماجي ۽ معاشي طور هڪ طاقتور سماج بنائڻ لاءِ اپاءَ وٺي ٿي سگهيا.
نتيجي ۾ سنڌ، پاڪستان جي اڳواڻي ڪري پئي سگهي، پر مٿن تاريخ جو ڏمر ۽ ڪروڌ آهي جو هڪ ايڏو هيوي مينڊيٽ هوندي به بدبخت ثابت ٿيا. وطن کي وطن ۾ رهندڙ ماڻهن کي پنهنجو ڪرڻ بدران غدارن ۽ ڪائرن جي فهرست ۾ وڃي شامل ٿيا. تاريخ جي بي رحمي کين اڃا سبق سيکاريندي. سنڌ هن وقت وڏن خطرن ۾ آهي، ۽ منهنجي نظر ۾ سڀ کان وڏو خطرو، سنڌ جي جغرافيائي ۽ معاشي طاقت آهي. اها جيستائين ڦرجي لٽجي نٿي وڃي، تيستائين سنڌ ۾ لساني ۽ نسلي تفاوت ۽ تضاد برقرار رهندا. اسلام آباد ۽ حفاظتي ادارا ڪڏهن به سنڌ ۾ لساني توازن برقرار نه ٿيڻ ڏيندا، ڇاڪاڻ ته پوءِ سنڌ، سنڌ واسين جي ڪنٽرول ۾ اچي ويندي، تنهن ڪري اها ذميواري وري به انهن ساڃاهه وندن، ڏاهن، سياسي مفڪرن تي اچي ٿي، جن جون نظرون اڳيان ڏسن ٿيون ۽ انهن جو فرض آهي ته هُو ان توازن کي طاقتور بنائڻ ۽ ان کان به اڳ ۾ ان توازن کي بچائڻ لاءِ ڪشاده دليءَ سان اڳيان اچي ماڻهن جا فڪري رهبر ٿين. ان رهبريءَ جو پهريون ٽيسٽ ڪيس مڪاني ادارن جي سرشتي تي متبادل نظام جو خاڪو آڻڻ آهي، ۽ ايئن ٿي وڃي ٿو ته اسان جا اهي رهبر اڳيان هلي سمورن تضادن کي حل ڪرڻ جا ساک جوڳا متبادل آڻي، سنڌ کي انهن مصيبتن مان آجپو ڏيارين.

ذوالفقار هاليپوٽو
A-15، منيزاز،
لطيف آباد نمبر 3،
حيدرآباد

ڪراچي
10 مارچ، 2015ع

مُون ڍاڪا اُڀرندي ڏِٺو

سير تفريح هر زندهه دل انسان جو محبوب مشغلو آهي. هڪ لکندڙ جي حيثيت ۾، آئون سمجهان ٿو ته نون ماڳن، نون ماڻهن، نئين ماحول ۽ نين ڏسائن توڻي نون تجربن، نين متاثر ڪندڙ ڳالهين ۽ جڳهن ۾ خاص اتساهه موجود هوندو آهي. هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾، منهنجي پڻ اها خواهش رهندي آئي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن علائقن، ملڪن ۽ خطن کي ضرور ڏسان، جن جو اسان جي معيشت، سياست، سماج، ثقافت ۽ نفسيات تي گهرو اثر رهندو پئي آيو آهي. هڪ سماجي ۽ سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾، آئون انهيءَ حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهان ته ڪالهوڪي اوڀر پاڪستان يا بنگال ۽ بنگال واسين ۽ اڄ جي بنگلاديش ۽ بنگلاديشين جو اڄ به اسان جي سماج، نفسيات، سياست ۽ ثقافت تي گهرو اثر آهي. پاڪستان ۾ اڄ هر هڪ بحث ان حوالي کان سواءِ اڻپورو هوندو آهي. مون ڏٺو آهي ته همعصر سياسي ۽ ادبي تاريخ ۾ پاڪستان اندر وڌ کان وڌ ادب (سياسي ۽ تخليقي ٻنهي) جو واسطو گهڻي ڀاڱي پاڪستان جي قيام ۽ پوءِ بنگال جي ڌار ٿيڻ سان لاڳاپيل آهي. اوهين رڳو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي ڇپيل ڪتابن کي ڏسو ته 70 سيڪڙو ڪتاب 1947ع کان 1971ع تائين وارن اهم ورهين دوران پيش آيل واقعن تي ٻڌل نظر ايندا.
خاص طور تاريخ ۽ سياست جي شعبي ۾ هندستان جي ورهاڱي ۽ پوءِ پاڪستان جي ورهاڱي تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. انهيءَ شاندار لکيل ادب منجهان ڪجهه مون پڻ پڙهيو آهي. سنڌ جي سياست ۽ سماج تي بنگالين جي سياست جي اثرن جي حوالي کان منهنجي اها وڏي خواهش هئي ته آئون بنگلاديش گهمان، اتان جي ماڻهن سان ملان، تاريخي ماڳن، مڪانن جو سير ڪريان، سڀني ماڻهن کان پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۽ پڻ قومن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪريان. اهڙو ارادو اڳي ئي هو، سو شرافت صاحب جي ويزا واري درخواست جي مشوري کي ذهن ۾ رکندي، ستت ڪاغذن جي تياريءَ ۾ جنبجي ٿي ويس. مون زاهده ڏيٿو کي فون ڪري ٻڌايو ته جيڪڏهن نصيب ۾ هوندو ته اهو سفر گڏجي ڪنداسين. زاهده کلندي چيو ته: ”ذوالفقار تنهنجي ڪارڪردگي ڏسي، مون کي هاڻي کان ئي سئو سيڪڙو پڪ آهي ته تون بنگلاديش ضرور هلندين.“
ننڍپڻ کان ئي ٻڌندا ۽ پڙهندا اچون ته سفر، روزگار، گراهڪ ۽ موت جي وقت جي ڪنهن کي به ڄاڻ ناهي هوندي. اهي سڀ ڪنهن اڳواٽ اطلاع ڏيڻ کان سواءِ اچي اوهان جي در تي ٺڪ ٺڪ ڪري سگهن ٿا. اوهان انهن چئني معاملن لاءِ ڪيتري به سٺي ۽ سائنسي رٿابندي ڇو نه ڪئي هجي، پر اهي چارئي شيون پنهنجي مقرر ڪيل وقت تي اوهان جي سموري رٿابنديءَ کي پاڙان پٽي، اوهان چوڦير ديرو ڄمائي ويهنديون آهن. مون پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ٻن شين سفر ۽ روزگار جي معاملن ۾ ان چوڻيءَ کي سئو سيڪڙو صحيح ڏٺو آهي. مون جيڪڏهن هڪ روزگار لاءِ رٿابندي ڪئي آهي ۽ ان کي ماڻڻ لاءِ گهربل ڪوشش به ڪئي آهي، پر مليو اهوئي آهي، جيڪو نه ته رٿابندي جو حصو هو ۽ نه ئي وري وهم گمان ۾ هو. ڪل ڄمار سفر به ايئن ڪيو آهي. دل ۽ دماغ جا رستا ڪجهه الڳ هوندا آهن ۽ منزل وري ٻئي ڪنهن هنڌ هوندي آهي.
اهڙو ئي ڪجهه هن ڀيري بنگلاديش جي سفر ۽ پوءِ کٽمنڊو جي مختصر سفر جي سلسلي ۾ ٿيو. اهو وهم گمان ۾ به نه هو ته بنگالين جي ديس، ٻيو ڀيرو هيئن اوچتو وڃڻو پوندو. ٿيو ڪجهه ان طرح جو ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ زاهده ڏيٿو کي فون ڪيم ۽ انهن ڪم جي ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ اسان وچ ۾ پاڪستان امن اتحاد (Pakistan Peace Coalition) جي سنڌ چيپٽر جي ڪم کي وڌيڪ بهتر ۽ نيٽ ورڪ کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ڳالهين هلندي هن مون کان پڇيو ته: ”بنگلاديش هلڻ جي تياري آهي ڇا؟“
آئون اهو خوشگوار جملو ٻڌي حيران ٿيس ۽ چيم ته مون کي ته بلڪل به خبر نه آهي ته اوهان ڪهڙي سفر جي ڳالهه ڪري رهيون آهيو. هن پوءِ مون کي بنگلاديش ۾ ٿيڻ وارن ڪن اهم اجلاسن بابت ٻڌايو ۽ چيو ته کيس چيو ويو آهي ته هوءَ انهن اجلاسن ۾ شريڪ ٿئي. پوءِ هن مون کي ٻڌايو ته پائيلر جو دوست هڪ پروگرام کي ڏسي رهيو آهي. مون زاهده سان ڳالهه پوري ڪرڻ کان پوءِ پائيلر جي آفيس فون ڪيو ۽ شرافت علي سان ڳالهايو، جنهن ڀوڳ واري انداز ۾ چيو ته: ”ڪوبه وفد مون کان سواءِ ڊي پورٽ نه ڪرايو ويندو.“ شرافت علي منهنجي پياري دوست استاد ڪرامت عليءَ جو ڀاءُ آهي. شرافت علي پنهنجي ڀاءُ ڪرامت علي وانگي پڙهيل لکيل ۽ بيحد کليل دل ۽ دماغ واري شخصيت آهي. منهنجا ساڻس سٺا واسطا آهن. هن کلندي چيو ته هو ويزا لاءِ درخواست ڏيندو، باقي وڌيڪ ان باري ۾ هو ڪرامت علي سان حال احوال ڪندو. زاهده ڏيٿو اين جي او ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ جي هڪ مشهور ورڪر ۽ سول سوسائٽيءَ جي متحرڪ ڪارڪن آهي. منهنجو پيارو دوست پروفيسر اعجاز قريشي هڪ پوري پيڙهيءَ کي غيرسرڪاري تنظيمن ۾ متعارف ڪرائڻ واري پنهنجي ڪريڊٽ جو هرهر ذڪر ڪندو آهي، ان ۾ هڪ نالو زاهده جو پڻ شامل آهي، جو انهن پنهنجي هن سيڪٽر يعني اين جي او ۽ ڊولپمينٽ سيڪٽر ۾ اچڻ جي شروعات مائيڪروڪريڊٽ تي ڪم ڪرڻ واري هڪ ملڪگير تنظيم نيشنل رورل سپورٽ پروگرام کان ڪئي. هن وقت زاهده پنهنجي اباڻي شهر ميرپورخاص ۾ هڪ اين جي او هلائي رهي آهي.
90ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ جيڪي نوجوان غيرسرڪاري تنظيمن جي پليٽ فارمن تان پوري پاڪستان ۾ مشهور ٿيا ۽ جن ماڻهن تمام گهڻي محنت ڪئي، ان پيڙهيءَ جي ماڻهن ۾ حارث گزدر، نصير ميمڻ، ظفر جوڻيجو، ذوالفقار شاهه (پائيلر وارو)، ڊاڪٽر فتح مري، نذير عيساڻي، شاهين خان، زاهده ڏيٿو، آدم ملڪ، سڪندر بروهي، شجاع قريشي، منصور رضا، عرفان احمد خان، زبيده ڀرواڻي، زينب رضا، عزيز خان، ريحانه شيخ، پٺاڻي ڪنڀر، شاهه بانو عالياڻي ۽ ٻيا شامل آهن. ان نسل جي اڳواڻيءَ ۾ ڪجهه اهڙا نالا پڻ شامل آهن، جن غيرسرڪاري تنظيمن ۾ ڪم ڪندي هڪ ڌار سياسي ڏاهي واري سڃاڻپ کي اڀاريو، جن ۾ شهاب اوستو، جامي چانڊيو، جاويد قاضي، امر سنڌو ۽ ٻين جا نالا شامل آهن.
مون کي جڏهن بنگلاديش ۾ ٿيڻ واري اجلاس جي دعوت ملي ته مون زاهده کي ٻڌايو ته آئون پڪ انهيءَ سفر ۾ ساڻس گڏ هوندس. ڪرامت صاحب انهن ڏينهن ۾ بيلجيم ويل هو ۽ هڪ اي ميل وسيلي هن مون کي بنگلاديش وڃڻ واري وفد ۾ شامل هئڻ جو نياپو ڏنو، جنهن ۾ پاڪستان مان هو پاڻ، سينيٽر مير حاصل خان بزنجو، سنگي فائونڊيشن وارو اسد الرحمان، پائيلر وارو شرافت علي، پنجاب جي جمهور پبليڪيشن جو فرخ سهيل ۽ ٻيا دوست شامل هئا. انهن نالن منجهان ڪن نالن تي اڳتي هلي تفصيل سان لکندس. جيتوڻيڪ آئون اڳ به هڪ ڀيرو ڍاڪا جو تفصيلي دورو ڪري چڪو آهيان ۽ ان دوري جي واپسيءَ کان پوءِ منهنجو ارادو هو ته آئون انهيءَ سفر بابت ڪجهه لکان، پر هڪ دوري کي اڻپورو محسوس ڪري رهيو هئس ۽ سوچي رهيو هئس ته گهٽ ۾ گهٽ ٻيو چڪر به ڏجي ۽ پوءِ ڪجهه لکجي.
ڪنهن به سماج، رياست يا ملڪ يا انهن جي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي لکڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته انهن سڀني معاملن جي پسمنظر ۽ تاريخي تناظر جي اوهان کي ڄاڻ هجي. وڌ ۾ وڌ ماڻهن سان ملاقاتون ڪيل هجن ته جيئن بنيادي انسپائريشن ملندي رهي. هر طرح جي طبقن ۽ گروپن يعني اين جي اوز، صحافي، سياسي اڳواڻن، امن ۽ انساني حقن جي تحريڪ جي ڪارڪنن، ڏاهن، شاعرن، عام شهرين ۽ ٻارن سان پڻ گفتگو ڪيل هجي ته جيئن جنهن ملڪ يا سماج تي لکجي، تنهن جي مختلف رخن جي پاتال تائين رسي سگهجي. انڪري اڀياس سان گڏ مشاهدو پڻ تمام ضروري آهي. مون گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ته مشاهدي تي وڌيڪ ڌيان ڏيان. رولاڪيون ڪريان ۽ واٽهڙو ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪريان. مون پنهنجي ڍاڪا واري سفر جي ٻنهي دورن دوران اتان جي عام ماڻهن سان ملڻ ۽ انهن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي. مون بنگالين جي نفسيات کي پڙهڻ ۽ پرجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي اڀياس جي آڌار تي انهن لاءِ ڪا راءِ جوڙي آهي. مون بنگال ۾ لکجندڙ ادب کان وٺي پاڪستاني ليکارين ۽ پرڏيهي تجزيڪارن تائين بنگال جي سلسلي ۾ لکيل ادب کي ڪنهن حد تائين پرجهيو ۽ ان جو مشاهدو ڪيو آهي. تاريخي پلٽن ميدان هڪ اهم ماڳ آهي، جنهن کي بنگلاديشي ميدان فتح ۽ پاڪستان جي سول ۽ فوجي نوڪرشاهي، رجعت پسند سياسي قوتن ۽ تنگ نظر ڏاهن ۽ ليکڪن جي شڪست قرار ڏئي رهيا آهن. هيءُ اهو ميدان آهي، جتي 8 ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستاني فوج جي سپهه سالار جنرل نيازي هندستاني آپريشنل سربراهه جنرل اروڙا اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا هئا. مون ڪافي وقت ان ميدان تي بيهي شڪست ۽ ان جي سببن کان وڌيڪ ان شڪست جي نتيجي مان حاصل ٿيندڙ سبق بابت سوچيو. مون ڍاڪا يونيورسٽيءَ ٻاهران اها تاريخي جاءِ ڏٺي، جتي بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪندڙ ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي شهيد ڪيو ويو هو ۽ اڄ انهيءَ يادگار تي هر ڏينهن گڏ ٿي سوين ماڻهو مختلف قسمن جون تقريبون، محفلون ۽ پروگرام منعقد ڪن ٿا. مون اتي هن وقت بنگلاديش ۾ برسر اقتدار سياسي جماعت عوامي ليگ جي مرڪزي قيادت جي ڪن شخصيتن سان تفصيلي ملاقاتون ڪيون ۽ ساڻن ڳالهه ٻولهه ڪئي. مون ڪرامت علي ۽ حاصل بزنجو وسيلي ڪن اهڙن ماڻهن جي گهرن جو دورو ڪيو، جيڪي عوامي نيشنل پارٽي ڀاشاني ۽ ان وقت جي کاٻي ڌر جي سياست جي سرگرم ڪردارن منجهان هئا. جن جي گهرن تي اولهه پاڪستان جي قيادت ڍاڪا ۾ اسيمبلي اجلاس جي ڏينهن ۾ ديرو اچي ڄمائيندي هئي. مون ڍاڪا جي ”ٽَڪي“ جي مقابلي ۾ پنهنجي ”رپئي“ جي قدر قيمت به ان وقت ڏٺي، جڏهن اسان جي ٻن رپين جي مقابلي ۾ هڪ بنگلاديشي ٽڪو ملي رهيو هو. مون اتي ڪرڪيٽ جي شوقينن جو پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪيپٽن شاهد آفريديءَ سان عشق به ڏٺو ۽ سياسي دانشورن جي هاڻوڪي پاڪستان سان شديد نفرت جو اظهار به ڏٺو. شيخ مجيب الرحمان جي گهر کي ميوزيم ۾ تبديل ڪري ان کي ماڻهن لاءِ کولڻ واري عمل کي به مون ڏٺو ته غربت ۽ پسماندگيءَ جي خاتمي لاءِ ڏکڻ ايشيائي سطح جو خواب پڻ ۽ ان جي تعبير تي ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ بحثن ۾ پڻ حصو ورتو ۽ بنگلاديش ۾ مائيڪرو ڪريڊٽ جي بادشاهه نوبل انعام يافتا ڊاڪٽر محمد يونس سان پڻ ملاقات ڪئي. مون اتي جنيوا ڪئمپ ۾ رهندڙ بهارين ۽ انهن جي ٻارن کي پڻ ڏٺو. انهن سڀني معاملن تي آئون تفصيل سان الڳ الڳ باب لکڻ چاهيان ٿو. ماڻهن، جڳهن ۽ ٻين معاملن تي لکڻ سان گڏ انهن تصورن تي به لکڻ چاهيان ٿو، جيڪي اڄ تائين بنگالين ۽ اڄوڪي پاڪستان وچ ۾ 1971ع کان شروع ٿيل سياسي نفرت سبب هڪ ڊگهي وٿي بڻيل رهيا آهن. اڄ تائين ٻنهي پاسئين اعتماد جي کوٽ برقرار آهي. آئون انهن معاملن تي پڻ لکڻ چاهيان ٿو، جيڪي ڏکڻ ايشيا جي انهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مستقبل ۾ امڪاني سهڪار ۽ گهرن لاڳاپن جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هن حال احوال کي فيض احمد فيض جي انهيءَ شعر تي ختم ڪريان ٿو، جيڪو هن سقوط ڍاڪا کان پوءِ بنگال جي دوري تان واپسيءَ وقت لکيو هو:

هم ڪه ٺهري اجنبي،
ڪتني مداراتون ڪي بعد،
ڦر بنين گي آشنا،
ڪتني ملاقاتون ڪي بعد.

انهيءَ شعر ۾ سمايل درد ۽ ان درد جي ڪٿا جي باري ۾ ضرور لکبو ته فيض احمد فيض جهڙي شاعر بنگال ۾ نيٺ اهي ڪهڙا ماڳ مڪان ڏٺا ۽ ڇا محسوس ڪيو، جو هن اهڙو نظم تخليق ڪيو.

دعوت ناما ۽ سفر جي تياري

11 جنوري 2011ع تي پائيلر جي گلشن معمار واري هيڊ آفيس مان هڪ اي ميل آئي ته آئون ٻن ٽن ڏينهن اندر بنگلاديش جي ويزا جو بندوبست ڪري وٺان ۽ گڏوگڏ جهاز جي بڪنگ به ڪرائي وٺان ته جيئن پندرنهين يا سورنهين جنوريءَ تي بنگلاديش جي گاديءَ واري هنڌ ڍاڪا پهچي سگهجي.
شرافت علي پاران موڪليل اي ميل اڃا پڙهي رهيو هئس ته ذوالفقار شاهه جو فون آيو ۽ چوڻ لڳو ته هو ڍاڪا ۾ جيڪي به اجلاس آهن، انهن جي باضابطي دعوت ۽ انهن سان لاڳاپيل Concept papers موڪلي رهيو آهي ته جيئن انهن اجلاس ۾ ڀرپور حصو وٺي سگهجي. شاهه صاحب اهو به ٻڌايو ته ڍاڪا لاءِ پي آءِ اي جي اڏامن ۾ سيٽن جي کوٽ آهي، ڇاڪاڻ ته سمورا دوست پي آءِ اي ۾ سفر ڪري رهيا آهن، انڪري، آئون به ڪوشش ڪري انهيءَ ايئرلائينز ۾ ٽڪيٽ وٺان.
ان کان اڳ، جڏهن 2009ع ۾ ڍاڪا وڃڻ ٿيو هو تڏهن سنڌي ٻوليءَ جو ڀلوڙ شاعر ۽ پيار ڪندڙ دوست هدايت بلوچ اڳ ۾ ئي ڍاڪا ۾ موجود هو. هو ان وقت پي آءِ اي بنگلاديش جو ڪنٽري مينيجر هو ۽ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ هلندڙ پي آءِ اي جون سڀئي اڏامون سندس ڪم جي حصي طور جهڙوڪ سندس هٿ ۾ هنيون. (پياري هدايت بلوچ جي ڍاڪا ۾ ڪيل شاندار دعوتن، نه وسرندڙ ميزباني ۽ ڪچهرين تي پورو هڪ مضمون اڳيان هلي پڙهندا. سڀ کان پهرين ڪراچيءَ ۾ ڊفينس جي علائقي ۾ هڪ خانگي بنگلي اندر قائم بنگلاديش ڊپٽي هاءِ ڪميشن جي آفيس ۾ فون ڪيم ۽ اتي موجود اسٽاف کي ڍاڪا ۾ ٿيندڙ ڪانفرنسز بابت ٻڌائي ويزا جلدي ڏيڻ جي حجت ڪري ٽريول زون حيدرآباد ۾ انٽرنيشنل ڊيسڪ جي انچارج نعيم مغل ۽ طاهر کي چيم ته ڍاڪا لاءِ بڪنگ ڪري ڇڏيو.
ٿورڙي وقت کان پوءِ نعيم فون ڪري ٻڌايو ته بنگلاديش مان شروع ٿيندڙ هڪ نجي ايئر لائيز ”ايم اين جي“ جهاز ۾ چند سيٽون آهن، باقي پي آءِ اي يا بنگلاديش جي سرڪاري ايئر لائينز بِيمان ۾ ڪابه سيٽ نه آهي، ايستائين جو ويٽنگ تي به بڪنگ ممڪن نه آهي. معلوم ڪرڻ تي پتو پيو ته 18 جنوري 2011ع تي ڍاڪا ۾ڪو مذهبي ميڙ ٿيڻ وارو آهي ۽ انڪري بڪنگ ممڪن نه آهي. ڪن دوستن کي بڪنگ لاءِ چيم، پر جڏهن ڏٺم ڪجهه نه ٿيندو ته سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار کهڙي صاحب جي آفيس ۾ ويٺل پياري نعمان شيخ کي فون ڪيم. پهرين سوچيم ته کهڙي صاحب سان حجت ڪريان، پر نعمان شيخ سچ پچ ته اسپيڪر سنڌ اسيمبليءَ ۾ پوندڙ اهڙن سنهن ٿلهن ڪمن جو بار کنيو اچي.
مون يو ايس ايڊ جي اسيمبلي ميمبرن جي سکيا جي پروگرام PLSP جي سنڌ جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر طور سائين مظفر حسين شاهه جي دور واري اسپيڪر آفيس به ڏٺي آهي ته هاڻ عوامي دور جي اسپيڪر جي آفيس به. ٻنهي دورن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. جيتوڻيڪ موجوده عوامي دور پاڪستان جي جمهوريت پسند ۽ روشن خيال عوام جي عظيم قربانين، نسل پرست فوجي آمر پرويز مشرف سان لڳاتار هڪ ڏهاڪي جي ويڙهه ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته محترما بينظير ڀٽو ۽ ڪيترن ئي ٻين معصوم شهرين جي جانين جي نذرانن ۽ شهادتن جي نتيجي ۾ حاصل ٿيو آهي، پر بدقسمتيءَ سان اهو عوامي دور عوام لاءِ اهڙو ئي ثابت ٿيو آهي، جهڙو مشرف جو دور هو.
ها، ايترو ٿيو آهي، جو سياسي ماڻهن تائين غريب عوام جي پهچ ٿي آهي، پر انهن جي مسئلن، دردن يا مشڪلاتن جي داد رسي ٿئي پئي يا نه، نثار احمد کهڙي جي آفيس ان جو واضح مثال آهي. جيتوڻيڪ کيس هاءِ پروفائيل ڪم ڏيئي سياسي طور بيروزگار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، پر سندس آفيس ۾ هر روز سوين ڪارڪن، شهري، صحافي دوست، چونڊيل نمائندا ۽ وفد موجود هوندا آهن. ڪم ٿئي يا نه، آفيس تائين پهچ آهي. آفيس ماڻهن سان هر مهل سٿيل ڏسي، جس آهي. نعمان شيخ ۽ ٻين دوستن کي، جيڪي ماڻهن کي منهن ڏيو ويٺا آهن. سو نعمان ڀاءُ کي فون ڪري چيم ته ادا پي آءِ اي وارا ڪوڙيون بڪنگون وجهيو، جهاز بند ڪيو ڇڏين ۽ جيستائين چئبو نه، سيٽ نه ملندي.
کلندي چيائين ته ڪرڻو ڇا آهي؟ مون وراڻي ڏني ته هر صورت ۾ ڍاڪا لاءِ سيٽ گهرجي. پاڻ انتهائي کلڻو ماڻهو آهي، سو چيائين ته ڪلاڪ کن ۾ سيٽ ٿي ويندي. سوچڻ لڳس ته جنهن ڪلچر خلاف ڳالهايون ٿا، تبديل ڪرڻ گهرون ٿا، پر نيٺ تنگ ٿيو، پاڻ به اهو ئي ڪيون ٿا، جيڪي سڀ ڪن ٿا. اڃا نعمان شيخ جو فون آيو نه هو ته پائيلر جي بڪنگ ايجنٽ اي ميل تي لاهور جي ڪنهن دور جي نامور جيالي فرخ سهيل گوئيندي، جيڪو اڄڪلهه لاهور مان هڪ روشن خيال پرچو ”جمهور“ ڪڍي رهيو آهي ۽ گڏوگڏ پي ٽي وي تان ڪرنٽ افيئرز جو هڪ پروگرام جو به ميزبان آهي، جو نالو به ڏنو ته سندس سيٽ جو بندوبست ٿي سگهي ته واهه واهه. مون نعمان ڀاءُ کي ٻيهر فون ڪري درخواست ڪئي. ڪجهه دير کان پوءِ سيٽون ملي ويون ۽ سيٽن جي ڪنفرم ٿيڻ تي سک جو ساهه کڻي ويزا وٺڻ لاءِ ڪراچي وڃڻ جي تياري شروع ڪئي.
ننڍن ملڪن يا اهڙا ملڪ، جن جي ڪا خاص ساک يا دفاعي اهميت نه آهي يا جتي سياسي جلاوطني وٺڻ يا گم ٿي وڃڻ جو خطرو نه آهي، اتان جي ويزا وٺڻ ۾ ڪا گهڻي ڏکيائي ڪانهي، پر اوهان کي اهو پڙهي حيرت ٿيندي ته هندستان ۽ بنگلاديش پاڪستاني پاسپورٽ هولڊر کي ويزا ڏيڻ جي معاملي ۾ صفا جهڙوڪ يورپي ملڪ يا امريڪا هجن. جيڪڏهن دوري جا مقصد واضح، ميزبان جي ساک ۽ پنهنجي ملڪ اندر اثر نه آهي ته اوهان کي بنگلاديش هاءِ ڪميشن به پاسپورٽ ٺاهي ڏيئي سگهي ٿي. ايئن رڳو هن پاسي نه آهي، پر پاڪستان به ويزا جي معاملي ۾ انهن ملڪن ڏانهن ساڳيو ئي بيرخيءَ وارو رويو رکي ٿو. پاڪستان کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ بنگلاديش ۽ پاڪستان وچ ۾ هڪ عجيب ناپسنديدگيءَ جو رويو موجود آهي، جيڪو رڳو اهو شخص محسوس ڪري سگهندو، جيڪو ماڻهن وچ ۾ رابطي (People to People Contact) ۾ ويساهه رکي ٿو ۽ ان عمل ۾ عملي طور بهرو وٺندو هوندو، ان کي سڀني رخن بابت واضح ڄاڻ هوندي. سڀ کان پهرين بنگلاديش جي غيرسرڪاري تنظيمن جي سرگرم ۽ متحرڪ اڳواڻ رضا ڪريم جي آفيس مان موڪليل ٻن اهم اجلاسن جا دعوت ناما، بنگلاديشي هاءِ ڪميشن ڏانهن لکيل ريفرنس ليٽر ۽ ڪانسپيٽ پيپرز جا پرنٽ آئوٽ ورتم ۽ پوءِ تصويرون ۽ پاسپورٽ هٿيڪا ڪري روانو ٿيس ڪراچيءَ لاءِ، جو ڊپٽي هاءِ ڪميشن جي دوست هڪ ڏينهن اندر ويزا ڏيڻ جي هاڪار لاءِ اهو لازمي شرط رکيو ته آئون پاڻ اچي پاسپورٽ جمع ڪرايان.
انهن سڀني تيارين بابت گهروارن ۽ ٿرديپ جي سربراه ڊاڪٽر سوني کنگهاراڻيءَ کي ٻڌايم ۽ ڊاڪٽر صاحب کي موڪل وٺڻ جي فارمل درخواست اي ميل ڪيم.
دعوت ناما پڙهيم ته هڪ اجلاس 20 جنوريءَ 2011ع تي (South Asia Social Forum Preparatory Meeting) ڏکڻ ايشيا سطح جي سوشل فورم منعقد ڪرائڻ بابت صلاحڪاري گڏجاڻي هئي، جنهن ۾ پاڪستان، هندستان، ميزبان بنگلاديش، سريلنڪا، ڀوٽان، مالديپ، نيپال ۽ ڪجهه ملڪن مان آيل مهمانن لاءِ شريڪ ٿي رهيا هئا ته جيئن سوشل فورم جي پروگرام بابت تاريخون طئه ڪجن. اهو پروگرام انڪري رکيو ويو، جو 18 ۽ 19 جنوري 2011 ع تي پيپلز سارڪ (People SAARC) جي ڪانفرنس هئي، جنهن جو عنوان هو: (Envisioning New South Asia:Peoples Perspective) ”هڪ نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور: عوامي خيال کان“ انهن ٻنهي گڏجاڻين جو مقامي ميزبان رضا ڪريم چوڌري هو، جنهن جي تنظيم ڪوسٽ (COAST:Costal Association for Social Transformation Trust) آهي. اها ساحلي پٽي ۽ بنگلاديش اندر پاڻي، ڊيمن، ماحوليات، ماهيگيرن ۽ انهن سان لاڳاپيل معاملن تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ دنيا ۾ موجود ترقي پسند اتحادن ۽ فورمن جهڙوڪ ڏکڻ ايشيا ۾ غربت جي خاتمي جو علاقائي نيٽ ورڪ SAAPE، فوڪس ان گلوبل سائوٿ، سوشل واچ (SW) ۽ جوبلي سائوٿ (GS) وغيره سان سلهاڙيل آهي.
ٻنهي گڏجاڻين جي ايجنڊا تي ڳالهائيندڙن جا نالا پڙهي سرهائي ٿي ۽ اهو خيال ٻيهر دل وندرائڻ لاءِ ڪافي هو ته هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل سياسي ڏاهن درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل ذهين استادن، سول سوسائٽيءَ جي اڳواڻن، سياسي اڳواڻن، دانشورن ۽ عوامي تحريڪن ۾ حصو وٺندڙ ذهنن ۽ سڄاڻ ڪارڪنن کان گهڻو ڪجهه لاڀ پرائڻ جو موقعو ملندو.
مون کي ڇاڪاڻ ته برطانيا جي اسٽوڊنٽ ويزا لاءِ درخواست به جمع ڪرائڻي هئي، تنهنڪري انهن تيارين دوران منيزه اهو چوندي رهي ته آئون اهو ضرور ذهن ۾ رکان ته مون کي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ پاسپورٽ ٻيهر هٿ ۾ گهرجي. ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي داخلا جي سلسلي ۾ شاگرد ويزا لاءِ هڪ ڊگهو عمل آهي، جنهن جي ڪري وقت جي گهڻي اهميت هئي.
سو آئون اها سڄي ڪٿ ذهن ۾ رکندي سوچي رهيو هئس ته سفر ۾ مزو به ڏاڍو آهي، پر گهڻو سفر ٿڪائي به ٿو.
انهن ئي ڏينهن ۾ بنگلاديشي سرڪار پاران 1971ع ۾ پاڪستاني فوج پاران بنگالين تي ڪيل فوج ڪشي ۽ بنگالين جي قتل عام خلاف اولهه پاڪستان ۾ شديد مخالفت ڪندڙ سياسي اڳواڻن، ڏاهن، صحافين، شاعرن ۽ سول سوسائٽيءَ جي اڳواڻن کي بنگلاديش جو سڀ کان وڏو سول اعزاز ڏيڻ جو اعلان ٿيو هو. سنڌ ۾ ان ڳالهه تي وڏا چوٻول هئا. ٻين صوبن جي اخبارن يا پريس ۾ مون کي ايترو بحث نظر نٿي آيو، سو آئون به ڏاڍو خوش هئس ته اهڙي خوشگوار اعلان کان پوءِ ڍاڪا جي سفر تي اُسهيو. ٻئي پاسي پاڪستان اندر پيپلز پارٽيءَ جو مرڪزي اڳواڻ پنجاب جو گورنر، ناميارو صحافي، ٽي وي چينل بزنس پلس، انگريزي اخبار ڊيلي ٽائيمز، اردو اخبار آج ڪل جو چيف ايگزيڪيوٽو سلمان تاثير هڪ جنوني ۽ انتهاپسند هٿان قتل ٿي چڪو هو ۽ ان خوفناڪ واقعي تي ملڪ جو روشن خيال، سيڪيولر ۽ جمهوريت پسند حلقو نه رڳو سخت ڪاوڙ ۾ هو، پر خوفزده به هو، جو مذهبي انتهاپسنديءَ جي وڌندڙ لهر تشدد ۽ قتل غارت ۾ واڌارو ڪري رهي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ ڍاڪا ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو مذهبي اجتماع ٿي رهيو هو ۽ بنگلاديش ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسنديءَ جو خبرون به روز انٽرنيٽ تي ڏسي رهيو هئس.
ان سموري وايومنڊل ۾ اهو طئه ڪيم ته انهن معاملن تي به لکڻ گهرجي. آئون گهڻو ڪري لکڻ جي ڪم ۾ مصروف رهان ٿو، پر هيل سوچيم ته سفرنامي جي بهاني انهن سمورن معاملن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندس.
پاڪستان جي سياسي صورتحال جي بنگلاديش جي سياسي صورتحال سان ڀيٽ يا پاڪستان جي صورتحال جو ڍاڪا جي سماج ۽ سياست تي اثر اڄ به برقرار آهي.
اهو تعلق بلڪل ايئن آهي، جيئن پاڪستان ۽ هندستان جا معاملا آهن. هڪڙو بنيادي سبب هيءُ آهي ته 1947ع کان اڳ ۾ اهي سڀ ملڪ هڪ گڏيل ملڪ هئا. پاڪستان جي قيام ۽ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۽ هندستان ڏکڻ ايشيا جا ٻه اهم ملڪ هجڻ ڪري علائقي جي سماجي ترقي، سياسي فضا ۾ هم آهنگي يا معاشي اڳڀرائيءَ جو دارومدار انهن وچ ۾ بهتر لاڳاپن تي آهي. ان کان سواءِ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڪيترن ئي طبقن جو هڪٻئي سان صدين کان ڳانڍاپو آهي. بنگالين جو اسان سان اهڙو ئي تعلق آهي، هڪ ته بنگلاديش پاڪستان جو حصو هو، بنگال 1947ع ٺهندڙ پاڪستان جي سڀ کان وڏي وفاقي يونٽ هو، جنهن کي اهو آئيني، اخلاقي ۽ قانوني حق حاصل هو ته هو ملڪ مٿان اڪثريتي بنياد تي جمهوري قدرن جي پاسداري ڪندي حڪمراني ڪندا رهن. ٻيو ڳانڍاپو پنجن ئي وفاقي آئيني اڪاين ۽ قوميتن جي ماڻهن جو پاڻ ۾ مضبوط سماجي ۽ انساني رشتو آهي. ٽيون بنيادي سبب بنگالين جي اقتصادي برتري ۽ روشن خيال ۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ بنگالي قيادت ۽ ان پٺيان ملڪ جي ٻين قومن جهڙوڪ، سنڌين، سرائيڪين، پنجابين، پٺاڻن ۽ بلوچن جو گڏ هئڻ آهي. 25 سالن تائين هڪ ملڪ ۾ گڏ رهڻ واري لاڳاپي ۽ تجربي ۾ جيڪي به سياسي،سماجي فيصلا ٿيا، انهن جا اثر اڄ به بنگالي سماج ۾ موجود آهن، تنهنڪري جيڪڏهن ڪير اهو سمجهي ٿو ته پاڪستان جي صورتحال جو بنگلاديش يا بنگلاديشي صورتحال جو پاڪستان تي اثر نٿو پوي ته اهو ڪنهن حد تائين هڪ غيرعلمي راءِ رکي ٿو. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته اڄ به ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۽ هڪٻئي تي پوندڙ اثرن تي ايترا ڪتاب، تحقيقي مقالا ۽ ادب نه سرجيو وڃي ها. پاڪستان هڪ جسم هو، بنگلاديش پڻ انهيءَ جو حصو هو، هاڻ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪنهن جسم جي ڪنهن عضوي جي الڳ ٿي وڃڻ کان پوءِ، انهيءَ جسم کي صحتمند قرار ڏنو وڃي يا انهيءَ جسم کان ان جي عضوي الڳ ٿيڻ واري سانحي کي بلڪل به وساري ڇڏجي. هاڻ ته نئون تصور اهو اڀري رهيو آهي ته علائقيت جي وڌندڙ لهر کي ڏسندي جيڪڏهن ڏکڻ ايشيا کي امير، وسيلن سان مالال مال، عوامي حقن جي تحفظ جي ضامن خطي طور ڏسڻو آهي ته پوءِ سارڪ جي سڀني ملڪن کي ڪن بنيادي نقطن تي هڪ ٿيڻو پوندو.

ويزا جو مرحلو

ڪراچي پريس ڪلب، سدڪو سينٽر ۽ گورنر هائوس جي وچ واري رستي ۾ ڪيترين ئي تاريخي عمارتن، جن ۾ واءِ ايم سي اي هاسٽل (جنهن ۾ سنڌ جا ڪيترائي ڀلوڙ صحافي ۽ سول سوسائٽيءَ جا اڳواڻ ڪيترو ئي وقت اتي رهيا هئا انهن ۾ حسن مجتبيٰ، جيڪو اڄڪلهه نيويارڪ، امريڪا ۾ رهي ٿو، جاويد سومرو بي بي سي لنڊن ۾ ملازم آهي، جي اين مغل صاحب فرنٽيئر پوسٽ کي ڏسي رهيو آهي ۽ لالا حسن پٺاڻ، جيڪو وڪالت ڪري رهيو آهي) ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار انٽرنيشنل افيئرز (PIIA) جي بلڊنگ شامل آهي.
اهو ادارو مشهور پورهيت اڳواڻ ۽ کاٻي ڌر جي دانشور فتحاياب علي خان جي گهر واريءَ سيده معصوم حسن هلائي رهي آهي. هن بلڊنگ ۾ ڪيتريون ئي سياسي ۽ سماجي گڏجاڻيون ٿينديون رهن ٿيون. هندستان مان آيل ڪجهه مهمانن جي مان ۾ رکيل هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ڪيترائي دوست جمع ٿيل هئا. اهو پروگرام پاڪستان جي نامور دانشور ۽ سياسي تجزيي نگار ايم بي نقويءَ جي مرتئي تي رٿيل هڪ ريفرنس جي صورت ۾ منعقد ٿيو هو، جنهن ۾ پوري ملڪ مان مهمان آيل هئا. هيءُ پروگرام اڃا شروع نه ٿيو هو، مهمان مختلف چوڪڙين ۾ هڪٻئي سان ڪچهريءَ ۾ مگن هئا، آئون پنهنجن دوستن سان، ڊان ۾ ڪم ڪندڙ ۽ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان مون سان گڏ ماسٽرز ڪندڙ پنهنجي ڪلاسي منظور چانڊيي ۽ نوجوان صحافي سليم شيخ سان حال احوال ڪري رهيو هئس ته اوچتو ڪرامت صاحب ڪلهي تي هٿ رکي هڪ شخص ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هيءُ ثاقب حسين آهي ۽ تازو ڪراچيءَ ۾ بنگلاديش جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ٿي آيو آهي.
مون ثاقب ڏانهن نهاريو. هو بنگاليءَ بدران ڪو انگريز لڳي رهيو هو. ڊگهو، خوبصورت ۽ ڇڪ رکندڙ قد بت واري همراهه مون ڏانهن ڏسي مرڪيو ۽ مون به پنهنجو تعارف ڪرايو.
ڪرامت صاحب پنهنجي روايتي مرڪ سان کيس کلندي چيو ته ذوالفقار هر مرض جي دوا آهي ۽ تنهنجو ڪم ٿي ويندو. ايئن چئي ڪرامت ٻين مهمانن ڏانهن وڌيو.
مون روايتي سنڌي انداز ۽ سفارتي آداب کي نظر ۾ رکندي انتهائي پرجوش طريقي سان کيس عرض ڪيو ته حڪم ڪر، هو ڇا ٿو ڪرڻ گهرين. هن مون کان انتهائي روانيءَ واري بهترين انگريزيءَ ۾ سوال ڪيو ته مون مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن بابت ٻڌو آهي؟ اندر ئي اندر کلندي، مرڪي چيومانس ته، ها ٿورو گهڻو. ان کان پوءِ ثاقب مون کي مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن، ان جي پسمنظر، ٻوليءَ جي شهيدن جي تاريخ، ان ڏينهن کي گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن واري چارٽ جو حصو بڻائڻ لاءِ ڪيل جستجو ۽ پاڪستان اندر قومي ۽ مادري ٻولين جي معاملن، تڪرارن ۽ بنگالين جي نقطي نظر بابت هڪ ڊگهي تقرير ۾ هر شيءِ ٻڌائيندي چيو ته بنگلاديش جي ڊپٽي هاءِ ڪميشن ڪراچيءَ جي آفيس 21 فيبروريءَ تي اهو ڏينهن ملهائڻ ٿي گهري ۽ ڪرامت کيس ٻڌايو آهي ته آئون هن لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهان ٿو. هن جيئن ئي ڳالهه پوري ڪئي ته مون ان کي ساڳئي ئي اعتماد سان ان ڏينهن بابت سنڌ جو نقطي نظر بيان ڪندي اهو ٻڌايو ته جيترو ادب سنڌي ٻوليءَ ۾ قومي ٻولين جي سوال تي لکيو ويو آهي، اهو شايد ئي ننڍي کنڊ جي ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو هجي. مون کيس فخر سان ٻڌايو ته هر سال ان ڏينهن سنڌ جون سموريون سڄاڻ ڌريون ٻوليءَ ۽ ثقافت سان لاڳاپيل سرڪاري ادارا جهڙوڪ سرڪاري کاتو، سنڌي ٻولي اختياري ۽ سنڌي ادبي سنگت وغيره وڏا ميڙاڪا ڪندا آهن. هر چينل ۽ اخبار ۾ ان ڏينهن جي نسبت سان ڪيترائي پروگرام، ٽاڪ شو، مضمون، ڪالم ۽ اداريا پيش ٿيندا آهن.
هو ماٺ ۾ مون کي ٻڌندو رهيو ۽ مون کيس ٻڌايو ته منهنجو جنهن سياسي ٿنڪ ٽينڪ سان لاڳاپو آهي، سا به هر سال ان ڏينهن کي وڏي اتساهه سان ملهائيندي آهي. هو منهنجي تقرير ٻڌي ايترو ئي خوش ٿيو هو، جيترو آئون سندس پروگرام رٿڻ جي صلاح تي ٿيو هئس. پوءِ اهو طئه ٿيو ته 21 فيبروريءَ تي ڪراچيءَ ۾ هڪ ميڙاڪو رکبو، جنهن ۾ سمورين مک ٻولين بنگالي، پنجابي، اردو، بلوچي، سرائيڪي، سنڌي ۽ پشتو جي ماهرن پاران مقالا پڙهيا ويندا ۽ ماڻهن کي گڏ ڪبو.
ايئن منهنجي بنگلاديش ڊپٽي هاءِ ڪميشن جي همراهن سان سڌو سنئون رابطو ٿيو ۽ پوءِ سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم (SDF) ۽ هاءِ ڪميشن جي گڏيل دعوت نامي سان اها تقريب رٿي ويئي. ان تقريب کان پوءِ ڪميشن جي ڪيترن ئي ماڻهن سان رابطو هو، جنهنڪري ان ننڍيءَ ۽ مختصر سفارتي آفيس مان ويزا جي تيارين لاءِ ڪا گهڻي ڊڪ ڊوڙ نه ڪرڻي پئي.
اتي موجود مشتاق احمد ۽ ٻين دوستن سان ڪافي سلام دعا آهي. ثاقب حسين بدلي ٿي ڍاڪا ۾ يورپين ڊيسڪ (پرڏيهي کاتي اندر) جو انچارج ٿيو آهي ۽ پاڪستان ۾ ثاقب حسين جهڙو ئي هڪ ٻيو ذهين ۽ نوجوان سفارتڪار محمد روحل عالم صديقي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ٿي ويو آهي.
ويزا لاءِ فون ڪيم ته نياپو مليو ته نئين سفارتڪار سان ملي وڃان، سو عادت پٽاندر سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ کڻي آفيس پهچڻ لاءِ فون ڪيم، ته ٻڌايو ويو ته اسلام آباد مان هاءِ ڪمشنر آيو آهي، تنهنڪري آئون ڏينهن جو ٻي وڳي ملاقات ڪيان. مون حيدرآباد نڪرڻ جي ڪري کيس گذارش ڪئي ته مون کان پاسپورٽ وغيره ورتو وڃي ۽ سفارتڪار سان ملاقات ڪنهن ٻئي ڀيري ڪري وٺندس. وقت گهٽ هو ۽ سچ پڇو ته ملاقات کان وڌيڪ ويزا ملڻ ۾ دلچسپي هجڻ ۽ وقت جي نزاڪت ڏسندي جلدي وڃي ڪاغذ جمع ڪرايم ۽ اتي ويٺل مشتاق ۽ ڪمشنر جي پرائيويٽ سيڪريٽري شهاب الدين سان ڪچهري ڪيم.
ان کان اڳ جڏهن ڍاڪا ويو هئس ته هن آفيس ۾ ڪابه واقفيت نه هئي ۽ انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي سياست، سماج ۽ ترقيءَ بابت سهيڙيل پنهنجي انگريزي ڪتاب ۾ محترما بينظير ڀٽو شهيد تي لکيل منهنجي انگريزي ڪتاب جي سوکڙي سفارتخاني جي ريفرنس سينٽر لاءِ ڏيئي آيو هئس ۽ انهن ڏينهن ۾ مشتاق ڀائي ڪافي دير حال احوال ڪيو هو.
انهن ڏينهن ۾ مقرر ٿيل ثاقب حسين ڳالهه ٻولهه ۾ سڌو ۽ سنڌي نمونو هو، پر روحل کي ڏٺم ته هو پنهنجي راءِ ۽ تبصري ۾ انتهائي محتاط ۽ رک رکاءُ وارو هو. جڏهن ويزا ملڻ کان پوءِ پاسپورٽ کڻڻ لاءِ سفارتخاني پهتس ته ساڻس ملاقات ٿي هئي، جتي مون کيس سنڌي ٽوپيءَ ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو هو. کيس مون 2008ع وانگي 2011ع ۾ پڻ مادريءَ ٻوليءَ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پروگرام ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.
مون جڏهن ويزا ملڻ کان پوءِ ڪرامت کي اهو ٻڌايو ته ثاقب جي نسبت هيءُ صاحب ڪافي محتاط نظر اچي رهيو هو. جيتوڻيڪ اهو سفارتخانو اهڙي سياسي يا دفاعي اهميت وارو به نه آهي، جو يورپي يونين جي ڪنهن ملڪ جي سفير يا ڪنهن امريڪي سفارتخاني وانگي محتاط ڳالهائجي. ڪرامت کلندي جواب ڏنو ته اصل ۾ هيءُ همراهه تازو هندستان مان پاڪستان آيو آهي ۽ انهن ملڪن ۾ سفارتڪارن لاءِ جيڪو مائينڊسيٽ آهي، سو ته اهو پڪ سان جاسوس هوندو، اها به عجيب ٽريجڊي آهي. پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش ۾ ويٺل سفارتڪارن لاءِ عجيب ۽ غريب رايا جوڙيا وڃن ٿا.
بنگلاديش ڏانهن ويزا وٺي وڃڻ وارن جي وڏي تعداد تبليغي اجتماع، مائيڪرو ڪريڊٽ يا غربت تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز جا اڳواڻ ئي هجن ٿا. اهو لکندي مون کي به کل آئي ته هڪ پاسي تبليغي اجتماع ۽ ٻئي پاسي اين جي اوز. آهيون اسين اين جي اوز وارا به جهڙوڪ تبليغي جماعتين جهڙا هِتي هُتي ۽ هيڏانهن هوڏانهن رلندا وتون ٿا.
ڪافي معاملن ۾ واپاري ۽ ٻنهي ملڪن ۾ اڃا تائين مٽي مائٽي هجڻ ڪري عام شهري به ويزائون وٺن ٿا. اسلامآباد يا ٻين شهرن جي عمارتن جي مون کي خبر نه آهي، پر ڪراچيءَ ۾ ڊپٽي هاءِ ڪميشن جو دفتر هڪ بنگلي ۾ آهي، جتي اندر موجود اسٽاف جو تعداد گهٽ ۽ ٻاهر جاسوسيءَ لاءِ گهمندڙ همراهن جو تعداد وڏو هوندو آهي. اهڙي علائقي، جنهن ۾ ڊفينس فيز 5 جي سڀ کان مشهور شاهراهه خيابان، شمشير ۽ زم زمه وارا علائقا اچي وڃن ٿا، اتي ملائشيا، سعودي عرب، ٿائلينڊ، سريلنڪا، گڏيل عرب امارات ۽ ٻين ملڪن جا سفارتخانا ۽ آفيسون به آهن، تنهنڪري اوهان هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائيندا ته خفيه ادارن وارا ضرور نظر ايندا. انهن سڙڪن جي اندرين گهٽين ۾ مرحوم غلام مصطفيٰ خان جتوئي، غلام مجتبيٰ خان جتوئي، حاجي غلام حسين کوکر، ذوالفقار مرزا، خورشيد شاهه، غلام قادر پليجو، مير مشتاق ٽالپر ۽ ٻين جا بنگلا نظر ايندا.
ويزا جي معاملي ۾ بنگلاديش وارا به اسان کان يا هندستانين کان گهٽ نه آهن. ڪيتري به واقفيت هجي، کين ڪيتري به ڄاڻ ڇو نه هجي، پر وڌ ۾ وڌ 10 ڏينهن جي ڏيندا ۽ رڳو هڪڙي داخلا (سنگل انٽري) جاري ڪندا. پڪ سان گهڻين داخلائن (ملٽيپل انٽريز) وارا ويزا به جاري ڪندا هوندا امريڪا ۽ برطانيا وانگي، پر مون هيل تائين جيترا به پاسپورٽ ڏٺا ۽ ٻڌا آهن، انهن کي سنگل انٽريءَ ۾ 10 ڏينهن جي ويزا کان وڌيڪ جاري نٿا ڪن. هينئر ٿي سگهي ٿو ته ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ جي ڪري ڪا نرمي ڪئي ويئي هجي، پر عام طور رواج اهو ئي ڏٺو ويو آهي. اهڙو ئي رويو وري اسان جو بنگالين ۽ هندستانين سان آهي. ساڳي ڪار وري هندستان اسان سان ۽ بنگلاديش ۽ هندستان هڪٻئي سان ڪندا رهن ٿا. هندستان جي ويزا ڪن صورتن ۾ امريڪا جي ويزا کان به ڏکي ٿي پئي آهي. بنگلاديش جي ويزا لاءِ به جيستائين ڪا سگهاري دعوت ناهي ته ويزا جي درخواست ئي ڪانه وٺندا. ان روش جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ڪيترائي ڪارائتا پروگرام ملتوي ٿيو وڃن، جو ماڻهن کي ويزا نٿي ملي.
تازو سنڌ جي هڪ نامياري شاعر ادل سومري کي هندستان ۾ ڪو ايوارڊ مليو، پر کيس ويزا نه ڏني ويئي. آئون ڪجهه مهينا اڳ هندستان ويس ۽ نئين دهليءَ ۾ ويٺل سنڌي ادب جي ٻن چمڪندڙ ستارن لڇمڻ ڪومل ۽ هيري ٺڪر ٻڌايو ته کين پاڪستان جي سفارتخاني ٻه ڀيرا ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ جيڪڏهن اهڙن ناميارن ۽ پنهنجن پنهنجن شعبن جي برک شخصيتن سان اهڙو ورتاءُ رکيو ويندو هو ته اوهين اندازو لڳائي سگهو ٿا ته عام شهرين جو ڪهڙو حشر ٿيندو هوندو.
سنڌ اندر ان معاملي تي ڪافي بحث مباحثا ٿيندا رهن ٿا. سنڌ پاڪستان جي اڪيلي اهڙي آئيني يونٽ آهي، جتي 1971ع کان پوءِ همعصر سياسي تاريخ جي سڀ کان وڏي لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو هتي پهتا. سنڌ اندر هڪ وڏي لساني اقليتي گروپ جي اچڻ جي نتيجي ۾ اصلوڪن ڌڻين ۽ هجرت ڪندڙن وچ ۾ ڪيترائي سياسي، سماجي ۽ معاشي تڪرار پيدا ٿيا. ايئن ٿيڻ کانپوءِ مفادن جو ٽڪراءُ هڪ قدرتي عمل هو، جنهن کي توازن ۾ آڻڻ رياست جي بنيادي فرضن مان هڪ هو، پر رياست ان جهيڙي يا تضاد کي حل ڪرڻ بدرانان کي پنهنجن مفادن لاءِ وڌيڪ استعمال ڪيو ۽ سنڌين کي اهو فڪر شروع ٿيو ته کين پنهنجي ئي وطن ۾ ٿورائي ۾ تبديل ڪيو ويندو. اڄ به حالت هيءَ آهي، جو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اڄ تائين سنڌ جي دل ۽ گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ ڏانهن ملڪ جي هر حصي مان ڏينهون ڏينهن تيز ٿيندڙ لڏ پلاڻ جاري آهي، ان مسئلي تي سنڌ جو اهو اصولي موقف رهندو آيو آهي ته اها ٻاهرين توڻي اندرين هجرت روڪي وڃي. ملازمتن، ڪاروبار ۽ مزدوريءَ لاءِ ايندڙن کي مستقل شهريت نه ڏني وڃي. انهن کي مخصوص شناختي ڪارڊ ڏيئي، ورڪ پرمٽ جاري ڪري ووٽ ڏيڻ، سياست ۾ بهرو وٺڻ ۽ سنڌي سماج تي اثرانداز ٿيڻ واري عمل کي روڪيو وڃي.
جڏهن ڪن ڌرين ۽ دوستن پاران ڏکڻ ايشيا جي مختلف ملڪن ۽ خاص طور تي هندستان، بنگلاديش پاڪستان وچ ۾ ويزا جي اجاين سختين کي گهٽائڻ جي ڳالهه ٿي ته سنڌ ۾ وڏو ردعمل ٿيو ۽ چيو ويو ته سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ اچي ويندي.
ان ڏس ۾ اسان جا تهمتن ۽ الزامن جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جا ماهر ڪي دوست چوڻ لڳا ته ڪراچيءَ ۾ ويٺل ڪي دوست سنڌ دشمن ڪم ڪري رهيا آهن ۽ جڏهن انهن دوستن جي ميٽنگز ۽ اجلاسن ۾ شرڪت جو موقعو مليو ته اتي فورم اوپن هئا. ڳالهائڻ، راءِ ڏيڻ، اختلاف رکڻ ۽ ايستائين جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو به حق ڏنو ويو هو ۽ اتي اها ڳالهه رکيسين ته ڏکڻ ايشيا جي سماجي، ثقافتي ۽ معاشي ڳانڍاپي ۽ اتحاد لاءِ ضروري آهي ته هر خطي جون معروضي حالتون ۽ زميني حقيقتون سمجهڻ گهرجن. قومن جي خدشن ۽ موقف کي چڱيءَ ريت ٻڌو وڃي.
مون کي به گذريل 10 سالن اندر ڪنهن به اجلاس، گڏجاڻي، ميٽنگ، ڪانفرنس يا ڊائلاگ وغيره ۾ سنڌ جي ڳالهه رکڻ يا ايجنڊا ۽ ٺهرائن ۾ پنهنجي موقف شامل ڪرائڻ کان ڪڏهن به روڪيو نه ويو آهي. اڳي اسين انهن فورمن تي مستقل مزاجيءَ سان موجود نه هوندا هئاسين ۽ هاڻ ڪيتري وقت کان اسين اهي فورمز ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهيون ته جيئن سنڌ جو سياسي ۽ قانوني نقطي نظر هر هنڌ نظر ايندو رهي.  

روانگيءَ جون تياريون

جڏهن پاڪستان امن اتحاد- (PPC) پاڪ انڊيا پيس فورم يا ٻين پليٽ فارمن تان ويزا کان آجي ڏکڻ ايشيا (Visa free South Asia) جي ڳالهه نڪرندي هئي، ڪيترن ئي دوستن جو اهو موقف هوندو هو ته ويزا فريءَ جو تصور قبول نه آهي، پر ويزا جو سسٽم اهڙ و رکيو وڃي جو ڪابه غيرقانوني لڏ پلاڻ يا ڌارين جي لوڌ سنڌ نه اچي سگهي ۽ ان جو واحد ۽ امڪاني حل اهوئي آهي ته رياستون پنهنجن اميگريشن جي قانونن ۽ ضابطن کي اهڙو سخت ۽ قابل عمل بڻائين جو ڪنهن به ملڪ ۾ ڪوبه غير قانوني ماڻهو گهڻو وقت رهي نه سگهي ۽ جيڪڏهن هو ننڍي مدي جي ڪنهن ڪم لاءِ ڪنهن ٻي رياست يا ملڪ وڃي ته کيس اتان جي اصلوڪن شهرين جهڙا حق ۽ آسانيون ميسر نه ٿي سگهن.
باقي جيڪڏهن ويزا جا معاملا ايئن ئي رهيا ته پوءِ لڇمڻ ڪومل، هيري ٺڪر ۽ ادل سومري سوڌو اسين پاڻ به ان خطرناڪ ۽ دشمنيءَ تي ٻڌل Visa Regime جو شڪار ٿيندا رهنداسين.
ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌين سان ان معاملي مڙئي سوائي محبت آهي، اسان جي مقامي ايجنسي، گهرو ۽ پرڏيهي معاملن جي وزارتن ۾ ويٺل ڪامورن ۽ هندستان توڻي ٻين ملڪن جي سرڪارن جي - ان حساس معاملي کي بليڪ اينڊ وائيٽ ۾ ڏسڻ بدران گوناگونيت ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي.
ڪجهه سال اڳ جنرل پرويز مشرف جي دور اقتدار ۾ جڏهن سنڌ اندر ارباب رحيم جي وڏ وزارت هئي، ته سنڌ ۽ ڪراچي يونيورسٽين گڏجي هڪ شاندار بين الاقوامي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو هو. سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ جي نامور دانشورن، محققن، شاعرن، سماجي سائنسدانن ۽ سياسي مفڪرن، ٻولي، ثقافت، جمهوريت، سياست ۽ معيشت، انساني ترقي، وسيلن ۽ ٻين موضوعن تي شاندار تحقيقي مقالا پيش ڪيا هئا.
پر ان سڄي ڪانفرنس جو مک موضوع هندستان ۾ ويٺل سنڌي ليکڪن ۽ دانشورن کي ويزا جاري نه ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪرڻ هو. ڪانفرنس جي ابتدائي پروگرام اسٽيٽ گيسٽ هائوس ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي گورنر عشرت العباد ۽ وزيراعظم شوڪت عزيز ۽ تعليم جي وزير ميڊم حميده کهڙو جي موجودگيءَ ۾ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقيءَ هڪ شاندار تقرير ڪئي ۽ ان تقرير ۾ وزيراعظم ۽ گورنر اڳيان انتهائي باوقار طريقي سان شديد احتجاج ڪيو ۽ چيو ته هڪ پاسي ٻين صوبن ۾ رانديگرن جي بورچين ۽ فنڪارن جي ڊرائيورن کي به ويزا ملن ٿا، پر سنڌ جي بين الاقوامي سطح جي ليکڪن، شاعرن ۽ دانشورن کي ويزا جاري نه ڪرڻ وسيلي اسان کي ڪهڙو نياپو ڏنو پيو وڃي. سندس اهڙيءَ تقرير تي کيس تاڙيون وڄائي داد ڏنو ويو ۽ پنڊال ۾ ويٺل ڪانفرنس جي ميزبانن، مهمانن ۽ مقررن سندس موقف کي جائز قرار ڏنو. هڪ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پاران پنهنجي باس يعني چانسلر ۽ وزيراعظم اڳيان اهڙي شعلا بيانيءَ تي گورنر سنڌ ۽ وزيراعظم وڏيون وضاحتي تقريرون پيش ڪيون ۽ چيائون ته کين ٻڌايو وڃي ها ته هو پاڪستان جي گهرو وزارت کي ان سلسلي ۾ ضرور لکن ها. واضح رهي ته هندستان مان گهرايل مهمانن ۽ مقررن کي پاڪستان جي گهرو وزارت ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو.
اها صورتحال سنڌ ۾ رڳو يونيورسٽين نه، پر هر شعبي ۽ خاص طور تي اين جي اوز سيڪٽر سان لاڳو ٿئي ٿي. هاڻ جڏهن سنڌ جي ٻن اهم ترين يونيورسٽين پاران ڪوٺايل بين الاقوامي ڪانفرنس سان اهڙي ويڌن آهي ته ٻين سان ڇا ٿيندو هوندو؟ ان ڪانفرنس ۾ شاندار تقريرون ٿيون. تحقيقي مقالا پڙهيا ويا. وڏا صحتمند فڪري ۽ نظرياتي بحث ٿيا. بهترين پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ڪوريج ملي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ٺهرائن ۾ ويزا جي ڏچن کي سولي ڪرڻ جو ٺهراءَ پڻ نه وساريو ويو.
تنهنڪري ويزا واري اشوءَ کي سڀني پاسن کان پرکڻ ۽ جاچڻ جي ضرورت آهي. هڪ ڌڪ ۾ رد ڪرڻ يا بنا سمجهه جي ويزا فري تصور کي قبول ڪرڻ مسئلي جو حل نه آهي. ان ڏس ۾ بنيادي ذميواري حڪومت جي آهي ته اها اهڙو ماحول جوڙي، اهڙيون پاليسيون ۽ مضبوط نظام لاڳو ڪري، جنهن کي عام فهم ٻوليءَ ۾ Safeguarding چيو ويندو آهي.
ماڻهن جو پنهنجن مٽن مائٽن سان ملڻ، روزي يا روزگار لاءِ قانوني طرح سفر ڪرڻ، پڙهائي يا ڪنهن ڪانفرنس يا ٽريننگ يا وري عام سياح طور گهمڻ ڦرڻ هر انسان جو بنيادي انساني ۽ سماجي حق آهي، جنهن کي تحفظ ڏيڻ هر حڪومت جو بنيادي فرض ۽ ذميواري آهي. حڪومت جا نظام بهتر هوندا ته ماڻهو هڪٻئي سان اهڙن انتظامي معاملن تي بلڪل به جهيڙي ۾ نه ايندا.
ويزا هٿ ۾ ايندي ئي ساٿين کي فون ڪيم. ذوالفقار شاهه ٻڌايو ته ڪرامت علي ۽ سينيٽر حاصل بزنجو هڪ ڏينهن اڳ پهچي رهيا آهن. باقي 6 1 جنوري 0 1 0 2 ع تي صبح جو سوير لڳ ڀڳ 2 1 ڄڻا ٻي پي آءِ اي سروس وسيلي ڍاڪا لاءِ اسهندا. صبح جو سوير واري اڏام هجڻ ڪري اهو طئه ٿيو ته پنجاب توڻي سنڌ جا مهمان ڪراچيءَ جي پائيلر جي آفيس ۾ رات رهندا ته جيئن ڪنهن کان به فلائيٽ مس نه ٿئي. زاهده ڏيٿو کي ميرپورخاص مان اچڻو هو، سو پروگرام اهو طئه ٿيو ته زاهده مون کي حيدرآباد مان کڻندي ۽ پوءِ اسين گڏجي ڪراچيءَ تائين وينداسين. آئون سندس اهڙي آفر تي خوش ٿيس ۽ سندس ٿورا مڃيم ۽ ايئن هڪ رات اڳ پائيلر جي آفيس پهتاسين.
پائيلر جي آفيس جا به ڪيترائي رنگ آهن، ڏينهن جي وقت اها هڪ بنهه پيشيواراڻي عمارت آهي، جنهن ۾ ڪم ۽ رڳو ئي ڪم تي زور هوندو آهي ۽ شام ٿيندي ئي سنڌ جي هڪ ڀلوڙ شهري ۽ سنڌ جي حقن جي هڪ وڏي وڪيل ۽ آرڪيٽيڪٽ عارف حسين پاران ڊزائين ڪيل اها عمارت هڪ پراسرار ۽ وڻندڙ رنگ ۾ تبديل ٿيو وڃي ۽ دوستن جي ميزباني اڻوسرندڙ هوندي آهي.
پائيلر هاسٽل ۾ داخل ٿياسين ته اتي خبر پئي ته لاهور مان ليبر پارٽي، جمهور پبليڪشن، اوڪاڙه ملٽري فارم جدوجهد يا ٻين تحريڪن جا دوست دير سان لاهور مان پهچندا. ماني کائي سمهڻ جي تياري ڪيم، جو جلدي اٿڻ جي عادت اٿم ۽ ڪنهن به احتجاجي ڪم ۾ پاڻ کي رضاڪاراڻي طور پيش ڪرڻ جي طبيعت جي ڪري سفر ۾ خاص ڪري گهري ننڊ ڪندو آهيان. پائيلر ۾ به جيتوڻيڪ صبح جو 6 وڳي جو الارام سيٽ ڪيو هئم، پر اک پنجين وڳي ئي کلي پئي. ٻاهر نڪري ڏٺم ته لاهور مان آيل فرخ سهيل گوئيندي ۽ ٻين دوستن کي لائونچ ۾ ويٺل ڏٺم. چيائون ته چانهه لاءِ ويٺا آهيون، مون کين ٻڌايو ته سامهون ڪينٽين تي چانهه پاڻ ٺاهي سگهجي ٿي. گوئيندي کلندي چيو ته سائين ڪينٽن بند آهي، تنهنڪري ته ٻاهر ويٺا آهيون. سٺو ٿيو جو رات ڪچهري ڪندي ٿري باورچيءَ کان فون نمبر وٺي ڇڏيو هئم. کيس فون ڪري ننڊ مان اٿاريو مانس ته ناشتو ۽ چانهه تيار ڪري.
ايئن سمورن دوستن کي ننڊ مان اٿارڻ جو چئي، آئون تيار ٿيڻ هليو ويس. ٿڌ گهڻي هئي، گرم پاڻي بت سان ايئن چمبڙي رهيو هو، جيئن زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو جسم ڪنهن ٻئي جسم سان چمبڙندو آهي. شاور مان نڪرندڙ گرم پاڻي ڄڻ ته اهڙي محبوب جون ٻانهون لڳي رهيو هو، جنهن جو محبوب ڪو فوجي سپاهي هجي ۽ هو پهرئين ئي پيار کان پوءِ ترت ڪنهن جنگ لاءِ روانو ٿيندو هجي. آئون شاور کان ايئن ٽپ ڏيئي الڳ ٿيس، جيئن اهو سپاهي نظرياتي ۽ منزل جي گرميءَ کي روح جي گرميءَ مٿان ترجيح ڏيئي، محبوبا کان الڳ ٿيندو آهي.
ٻاهر نڪتس ته ڪيترائي دوست اڃا تيار نه ٿيا هئا. زاهده کي پنهنجي گاڏي هئي، ان چيو ته جلدي ايئرپورٽ هلجي ته جيئن ڪجهه مسافر بورڊنگ ڪارڊ حاصل ڪري سگهجن. سندس گاڏي اسان کي ايئرپورٽ ڇڏي، ميرپورخاص رواني ٿي ويئي. منهنجي هونءَ به پراڻي عادت آهي ته بين الاقوامي اڏام لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ اڳ ايئرپورٽ پهچندو آهيان. آئون پريشر يا ٽينشن ۾ سفر ڪرڻ جو عادي ناهيان.
سينيٽر ڀائو مولابخش چانڊيو کلندي چوندو آهي ته مظهرالاسلام ۽ تو ۾ اها عادت ساڳي آهي. هن جو به وس پڄي ته جيڪر رات ايئرپورٽ تي ترسي پوي. مون اهڙا به دوست ڏٺا آهن، جن کي ٽڪي جو به فڪر نه هوندو آهي ته ڪو ايئرپورٽ وقت تي پهچڻو آهي. پوءِ يا ته جهاز نه ملندا اٿن، يا انتهائي تيز رفتاريءَ سان ايئرپورٽ پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ايئرپورٽ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ هو هڪ ڀيرو بيگ جي وري چڪاس ڪيم، نائين اليون وارن واقعن کان اڳ مسافر هڪٻئي کي سامان سڙهو ڏيندا هئا. جيڪو مسافر ٻئي ملڪ وڃي، اهو سامان ٻين حوالي ڪندا هئا. هاڻ سفر تنگ ۽ تحفظ جو نظام ڪمزور ٿي ويو آهي. منشيات جي اسمگلنگ ۽ ٻين تخريبڪارين يا دهشتگرديءَ جي خطري هيٺ سختيءَ سان منع ڪئي ويندي آهي ته سفر ۾ ڪنهن ٻئي جو سامان نه کنيو وڃي. سفر جو سامان پنهنجن هٿن سان پيڪ ڪجي، ڪنهن جي به ڏنل شيءِ بنا پرک جي بند پيڪنگ ۾ نه کنئي وڃي وغيره وغيره. اتي سانا جي ڪنوينشن ۾ امريڪا يا لنڊن ويندي دوستن جي مٽن مائٽن پاران ڏنل سامان کڻندي به ساهه سڪو پيو هوندو آهي.
گرمين جي موڪلن ۾ ٻارن سان ٻاهر وڃڻ دوران منهنجي گهر واري منيزه مجال آهي، جو ڪنهن لاءِ سُئي به کڻڻ ڏيئي. اهو سيڪيورٽيءَ لاءِ ايئن ئي ضروري ٿي پيو هي، جيئن سفر لاءِ ويزا ۽ پاسپورٽ ضروري آهن.
زاهده کي پائيلر آفيس ۾ ئي اها صلاح ڏنم ته ڪجهه سامان ڇنڊي هلي. هن تمام ڳرو بيگ کنيو هو. گهڻي سفر ۾ رهڻ ڪري اهو به سکي ورتو اٿم ته جيترو گهٽ سامان، سفر اوترو ئي آسان. سو زاهده به اڌو اڌ سامان گاڏيءَ ۾ ئي رکي ڇڏيو. ايئرپورٽ تي چيو مانس ته هڪ ڀيرو ٻيهر سامان چيڪ ڪري وٺي، کلندي چيائين ته رات وچ ۾ منهنجي ڪمري ۾ ڪنهن اچي سامان ۾ ڪجهه لڪايو هوندو ڇا! مون کيس چيو ته اهو اصول هن کي سڄي ڄمار ڪم ايندو. هن بيدليءَ سان تڪڙ ۾ سامان ڦلوريو ۽ اسين ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي اسٽاف کي پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ ڏيکاري اندر داخل ٿياسين. ڪسٽمز جي همراهن پري کان ايئن تڪيو، ڄڻ ڪنهن شڪار جي تلاش ۾ هجن. اسان جي هٿن ۾ هلڪو ڦلڪو سامان هو ۽ شڪل صورت مان اندازو لڳائي، ڪنهن جو به سامان چيڪ نه ڪيائون ۽ ايئن اسين اسڪيننگ ڪرائيندا وڃي بورڊنگ پاس لاءِ بيٺاسين.
آئون ان کان اڳ به ساڳي فلائيٽ ۾ ڍاڪا ويل آهيان. صبح جو 8 وڳي ايتري خلق ايئرپورٽ تي نه هوندي آهي، پر ان ڏينهن فلائيٽ تي وڏي رش هئي. گهڻو ڪري 15 کان 30 سالن جا نوجوان وڏا جبا پائي بورڊنگ لاءِ بيٺل هئا. پاڻ ۾ روانيءَ سان انگريزي ڳالهائي رهيا هئا. هڪڙن همراهن کان پڇيم ته ٻڌايائين ته هو سڀ لنڊن ۽ يورپ مان آيل آهن ۽ ڍاڪا ۾ ٿيندڙ تبليغي اجتماع ۾ شامل ٿيڻ وڃي رهيا آهن. هڪ عورت جي گڏ هجڻ ڪري هڪ پورٽر اچي زاهده کي چيو ته قطار ڊگهي ۽ اهي سڀ همراهه هڪ گروپ ۾ آهن، تنهنڪري هوءَ ٻئي ڪائونٽر تي اچي وڃي. هن مون کان به پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ ورتي ۽ اسان کي جلدي سيٽون ملي ويون.
شرافت صاحب فون ڪيو ته هو پهچڻ وارا آهن. ايتري ۾ شرڪت گاهه ۾ ڪم ڪندڙ ملڪ جي نامور سماج سڌارڪ نجما صادق، جيڪا زرعي سڌارن ۽ جديد زراعت بابت هڪ عوام دوست پروگرام ڏسي رهي آهي، سامهون نظر آئي. قرب سان ملي چيائين ته هوءَ به ساڳي ڪانفرنس ۾ هلي رهي آهي.
ايستائين شرافت علي لاهور جي دوستن سان گڏ اچي پهتو. ڍاڪا جي تبليغي اجتماع ۾ ويندڙ نوجوانن جي رش ڏسي زاهده چيو ته يورپ مان ايترا نوجوان ڍاڪا وڃن پيا. مون کيس چيو ته ڏکڻ ايشيا مان جيڪي به مسلمان گهراڻا 50 کان 80 واري ڏهاڪي ۾ امريڪا ۽ يورپ وڃي آباد ٿيا، اڄ انهن کي پنهنجي شناخت جو شديد بحران سامهون آيل آهي. اهي امريڪا ۽ يورپ جي سماجن جو سک به حاصل ڪرڻ گهرن ٿا، اتي ئي رهڻ ڪاروبار ڪرڻ ۽ شاهوڪار ٿيڻ جا خواب به ڏسن ٿا، پر انهيءَ سان گڏ هاڻ پنهنجن ٻارن کي مذهب ڏانهن راغب پڻ ڪن ٿا. هو دراصل پنهنجي گذاريل آزاداڻي ۽ مذهبي قدرن کان آجي زندگيءَ جو ڪفارو ادا ڪرڻ گهرن ٿا.
اهڙيون سرويز ۽ تحقيق موجود آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته مذهبي انتهاپسنديءَ لاءِ اهڙن ملڪن ۾ آباد ٿيل مسلمانن وٽان باقاعدي امداد ايندي رهي ٿي ۽ جن ملڪن ۾ کائين پيئن ۽ ڪمائين ٿا، انهن خلاف انتهاپسنديءَ جي سازش جو حصو پڻ بڻجن ٿا.امريڪا ۽ يورپ جي انتهاپسندي به نندڻ جوڳي آهي، پر اهو سمجهڻ گهرجي ته رياستي دهشتگردي ۽ عوام جي انتهاپسند هجڻ ۾ فرق ضرور آهي. انهن ملڪن جو عوام پرامن آهي، جيئن اسان جو عوام آهي. باقي ٻنهي پاسين رياستي ڪاروهنوار انتهاپسنديءَ تي ٻڌل آهي. امريڪا هجي يا پاڪستان عوام جمهوريت پسند ۽ پرامن آهي. جڏهن ته رياستون دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ کي سڌيءَ ۽ اڻسڌيءَ طرح هٿي ڏيندي ڏٺيون ويون آهن. 

ڍاڪا آمد ۽ بنگالين جي برآمدات

ايئرپورٽ تي ڪيترائي واقف مليا. اميگريشن ۽ ايف آءِ اي اسٽاف کان وٺي پي آءِ اي جي عملي تائين هر ڀيري ڪونه ڪو واقف نظر اچي ويندو آهي. جهاز پنهنجي مقرر وقت تي روانو ٿيڻ لاءِ تيار هو. اسان جو به قافلو تيار ويٺو هو، جئين ئي بورڊنگ جو اعلان شروع ٿيو ته سدائين جيان هيل به ڏٺم ته ڪيترائي ماڻهو ائين ڊوڙي عملي ڏانهن وڌيا، ڄڻ ته ڪنهن اهڙي بس يا ٽرين جا مسافر هجن، جيڪا رواني ٿي چڪي هجي. خبر ناهي ته اها ڊوڙ ڊوڙان ڇا لاءِ آهي. جيتوڻيڪ سيٽون سڀني مسافرن کي الاٽ ٿيل آهن ۽ سڪون سان ڊگهي قطار ٺاهي هڪ هڪ ٿي جهاز ۾ چڙهي سگهجي ٿو.
ايتري ۾ سينيٽر حاصل بزنجو نظر آيو ۽ مون اڳيان وڌي کانئس پڇيو ته هو ته ڪرامت وارن سان اڳواٽ ئي وڃڻو هو. ان تي هن ٻڌايو ته سندس سيٽ اسان واري فلائيٽ ۾ ٿي آهي. سينيٽر حاصل بزنجو ملڪ جو ناميارو سياستدان آهي. پي آءِ اي جو عملو کيس سڃاڻي رهيو هو، سو سندس سيٽ تبديل ڪري کيس اڪاناميءَ ۾ اڳين سيٽن تي ويهاريو ويو.
اڪاناميءَ جا ٻه وڏا ڪئبن هئا ۽ آخري ڪيبن ۾ سمورا تبليغي نوجوان پائنچا مٿي ڪيو ويٺا هئا. اعلان ٻڌڻ ۾ آيو ته اسين پنجن ڪلاڪن جي اڏام کان پوءِ ڍاڪا جي حضرت شاهه جلال الدين انٽرنيشنل ائيرپورٽ تي لهنداسين. ڍاڪا جي ان ايئرپورٽ جو نالو ضياءُ انٽرنيشنل ايئرپورٽ هو، جنهن کي تبديل ڪري حضرت جلال الدين جي نالي تي رکيو ويو آهي. اها به هڪ عجيب ڏکڻ ايشيائي ذهنيت آهي ته نالا مٽائبا آهن. جيئن اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي بينظير ڀٽوشهيد جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ نوابشاهه ضلعي کي شهيد بينظيرآباد سڏيو ٿو وڃي. سڀاڻي وري ڪو ٻيو حڪمران يا آمر انهن نالن کي تبديل ڪندو. اهڙين حرڪتن بدران انهن شخصيتن جي نالي سان وڏا ۽ نوان ادارا ٺاهيا وڃن. نالي مٽائڻ جي نفسيات به عجيب آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪراچي شهر ۾ انهن شهرين، جن ڪراچيءَ کي ڪراچي بڻايو، انهن جا نالا مٽائي روڊن رستن، چوڪن ۽ عمارتن وغيره جا نالا اهڙن ماڻهن جي نالي تي رکيا ويا، جن جو ڪراچيءَ جي اڏاوت، تعمير ۽ ترقيءَ ۾ ٽڪي جو به ڪردار نه هو. جمشيد مهتا، جمشيد نسرواجي ۽ ڪراچيءَ کي گل گلزار بڻائڻ، تعليم ۽ سماجي سرگرمين جا ادارا ٺاهي ڏيڻ وارن سنڌي هندو سماج سڌارڪن ۽ سيٺن جا نالا هٽائي سر سيد احمد خان، مولانا ظفر، مولانا جوهر ۽ حسرت موهاني وغيره جا نالا مڙهيا ويا. بنگلاديش ۾ به اهو ڪلچر ڏٺم. هندستان ۾ انتهاپسندن پاران اهڙين حرڪتن جا مطالبا ٿيندي ٻڌون پيا، جن ۾ هو مسلمانن جي نالن تي جوڙيل تاريخي ۽ ثقافتي عمارتن جا نالا مٽائڻ گهرن ٿا.
ڍاڪا ايئرپورٽ جيتوڻيڪ ننڍو ۽ پراڻو آهي، پر هيل ڏٺوسين ته زبردست شڪل وٺي رهيو هو. جديد انداز ۾ ڪيترائي حصا باقاعدي ڪنهن بين الاقوامي ايئرپورٽ جهڙا ٺاهيا پئي ويا. مرمتي ڪم تيزيءَ سان جاري هو. بنگلاديش جي پنهنجي قومي ايئرلائينز بيمان کان سواءِ ٻين سڀني فلائيٽس جي آمد يا روانگيءَ لاءِ نوان لائونج استعمال ٿي رهيا هئا.
هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙائڻ کان پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي ته ايتري تيزيءَ سان ڪم ڇو جاري آهي. هڪڙي وڏي سائن بورڊ مان اهو پڌرو ٿيو ته هيءُ سڀ ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ جي تيارين جو حصو آهي، جو نه رڳو پوري دنيا مان ڪرڪيٽ ٽيمون، پر ڪرڪيٽ جا شوقين به ڍاڪا جو رخ ڪندا، بنگالي ڏاڍا خوش هئا. ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ڪري پنهنجي ملڪ جي بين الاقوامي سطح جي خبرن، تبصرن ۽ شهرت جي حصي ٿيڻ تي نوان پينا فليڪس، سائن بورڊز، شيشا ۽ ٽائلز ايئرپورٽ جي ان حصي کي سهڻو بڻائي رهيا هئا. گذريل ڀيري وانگي هن ڀيري به بنگلاديش کان ٻاهر وڃڻ لاءِ بنگالين جون ڊيپارچر لائونج ۾ ڊگهيون قطارون لڳل هيون. سون جي تعداد ۾ روز 20 کان 35 سالن تائين جي ڄمار جا بنگالي روزگار لاءِ پنهنجي ملڪ کان ٻاهر وڃن ٿا. انهن ملڪن ۾ گهڻو ڪري عرب رياستون آهن، جيڪي بنگالين کي ملازمتن ڏيڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.

بنگلاديش جي معاشي سگهه جو راز:
بنگلاديش هن وقت ڏهن اسرندڙ ملڪن ۾ ٽاپ تي آهي، جنهن جي معيشت جو وڏو بار ٻاهرين دنيا ۾ ويٺل بنگلاديشين پاران موڪليل پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي (Remittances) تي آهي. هن وقت هڪ اندازي پٽاندر 85 لک بنگالي ٻاهرين دنيا ۾ رهن ٿا. ڪنهن عالمي مالياتي اداري ۾ بئنڪر جي نوڪريءَ کان وٺي ڪنهن عرب رياست ۾ بورچي جي نوڪريءَ تائين هو پنهنجي پگهار يا ڪمائيءَ جو ايترو حصو بنگلاديش موڪلين ٿا، جو اهو 10 بلين امريڪي ڊالرز ٿئي ٿو.
قانوني يا غيرقانوني طريقي سان ٻاهرين دنيا ۾ رهندڙ 10 لک بنگلاديشين مان لڳ ڀڳ 8 لک 75 هزار ماڻهو ريميٽنسز جي ذريعي ناڻو ملڪ موڪلين ٿا. اهو ناڻو بنگلاديشن جي گڏيل پيداوار يعني جي ڊي پي (Gross Domestic Product) جو 12 سيڪڙو ٿئي ٿو.
نائن اليون واري سانحي کان پوءِ جيئن ئي امريڪا، ڪيناڊا، يورپ ۽ دنيا ٻيا خطا جهڙوڪ نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا مسلمانن لاءِ سوڙها ٿيندا ويا ته ان جو وڏو اثر انهن خطن يا ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين تي ٿيو. تمام وڏي تعداد ۾ پاڪستاني انهن ملڪن مان وطن واپس وريا آهن ۽ نتيجي ۾ پاڪستان ڏانهن ايندڙ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويا آهن.
پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مذهبي انتهاپسندي، تنگ نظري ۽ دهشتگرديءَ کي هٿي وٺرائڻ جي ڪري بدنام پاڪستان تي، جتي مسلمان رياست هجڻ جا ليبل لڳن ٿا، اتي ئي بنگلاديش جيڪو پڻ مسلمان ملڪ آهي، اتان ٻاهرين دنيا ڏانهن افرادي قوت جي روانگي ۾ واڌ آئي آهي ۽ بنگلاديش پاڪستان کي پٺتي ڇڏي ويو آهي، ان جو نتيجو آهي، جو اڄ بنگلاديش جو ٽڪو پاڪستاني رپئي کان ٻيڻو قدر رکي ٿو. يعني جيڪڏهن اوهان رپئي کي ٽڪي ۾ تبديل ڪرائيندا ته پاڪستان جي ٻن رپين بدران اوهان کي هڪ بنگلاديشي ٽڪو ملندو. اسان جي پاليسين ٻاهرين سيڙپڪاريءَ جي گهٽجڻ، دهشتگرد هجڻ واري طعي، مذهبي انتهاپسندي ۽ رجعت پرستيءَ جي پٺڀرائي ڪرڻ جي الزامن هيٺ اسان جي معيشت ۽ سماجي ترقيءَ جو ڪاروهنوار خطرناڪ حد تائين هيٺ ڪري رهيو آهي. دنيا جا ناميارا اقتصادي ماهر ۽ مائيگريشن ايڪسپرٽ اهو چون ٿا ته بنگالين جي ان طاقت ۾ اڃا به واڌ ايندي، ڇاڪاڻ ته بنگلاديش ۾ ايندڙ پئسي ۾ قانوني ذريعا استعمال ٿين ٿا، جهڙوڪ ويسٽرن يونين ۽ انهن ملڪن ۾ قائم بنگلاديشي بئنڪنگ سسٽم وغيره.
پرڏيهي مٽاسٽا جو اهو ناڻو بنگلاديشي معيشت کي وڌيڪ سگهارو ڪري رهيو آهي جو هاڻ ورلڊ بئنڪ وغيره چاهين ٿا ته ٻين نيٽ ورڪس ۽ بئنڪنگ سسٽم بدران بنگلاديشي ملڪ ۾ پئسا اماڻڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ جي ايس ايم ايس سروس استعمال ڪن. اهو هڪ زبردست خيال آهي، جنهن تي بنگلاديشين ۾ وڏو بحث هلندڙ آهي. مقامي بئنڪون ۽ ويسٽرن يونين وارا ان جا مخالف آهن. پر مقامي معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي سرشتا مهانگا آهن ۽ ڪل آمدني جو 20 کان 25 سيڪڙو کڻي وڃن ٿا، تنهنڪري عالمي بئنڪ جو ايس ايم ايس يا ٽيڪسٽ نياپي وارو سسٽم سولو ۽ سستو آهي، جيئن موبائل فون ذريعي پئسا ايئن گهر پهچندا، جيئن اسين پاڪستان ۾ موبائل لاءِ ايزي لوڊ يا ايزي پئسا استعمال ڪيون ٿا. اهو سسٽم بنگلاديش ۾ به موجود آهي، پر ملڪي سطح تي ۽ ٻئي پاسي بين الاقوامي سطح تي ان لاءِ ڪم هلندڙ آهي.
ان ڏس ۾ بنگلاديش جو اوورسيز ۽ ايمپلائمنٽ جو وزير ۽ عوامي ليگ جو اڳواڻ خوندکر مشرق حسين وڏو ڪم ڪري رهيو آهي. حسين ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ ڪري لنڊن مان پي ايڇ ڊي ڪري عالمي بئنڪن ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي. هو انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (ILO) جو وڏو آفيسر به رهيو آهي ۽ هن وقت سندس آفيس سمنڊپار بنگلاديشين لاءِ وڏا ڪم ڪري رهي آهي.
جيڪڏهن اوهان سندس ذاتي يا وزارت واري ويب سائيٽ ڏسندو ته ”فرق صاف ظاهر آهي“ نظر ايندو ته اسان واريون وزارتون ڪيئن پنهنجي ڄاڻ، معلومات، وزن، پٺتي پيل ۽ نوڪرشاهيءَ جي مرضيءَ جي ور چڙهيل آهن ۽ بنگلاديش يا هندستان، ايستائين جو سريلنڪا جون وزارتون ۽ ادارا به بهترين طريقي سان فعال آهن.
حسين جي وزارت جي ويب سائيٽ ۾ فيس بڪ، ٽوئيٽر ۽ اسڪائپ تائين اپ ڊيٽ ٿيل آهن. هو هر انڪوائريءَ جو جواب ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ پاڪستان اڄ به پرڏيهي ناڻي ۾ اڳڀرو آهي، پر معيشت اها آهي، جو بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ ايندڙ پئسي جا ذريعا غيرقانوني وڌيڪ آهن. يورپ، امريڪا، ڪينيڊا ۽ ٻين ملڪن ۾ ويٺل پاڪستاني ڪوشش ڪري (پئسا بچائڻ لاءِ) پنهنجا پئسا هُنڊي وغيره جهڙن غيرقانوني طريقن سان موڪلين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ موڪليل پئسي جو وڏو حصو قانوني طريقي سان نه اچڻ ڪري سرڪاري طرح ظاهر نٿو ٿئي.
ان جو هڪ نقصان اهو ٿيو، جو مذهبي جماعتن، مدرسن ۽ زڪوات، خيرات وغيره لاءِ پئسا اماڻڻ طور به هنڊي ۽ اهڙا ٻيا وسيلا استعمال ٿيندارهيا ۽ نتيجي ۾ پاڪستان کي پئسن جي غيرقانوني منتقلي سڀ کان وڏو، محفوظ پر ساڳئي وقت خطرناڪ ملڪ قرار ڏنو ويو.
هر دور ۾ حڪومت ۽ خاص طور تي ناڻي واري وزارت رڙ يونڪندي ٿي رهي ته پاڪستاني پنهنجا پئسا قانوني طريقي سان موڪلين. هنڊي وغيره کي استعمال نه ڪن ته جيئن معيشت کي هٿي ملي ۽ پرڏيهي ناڻو سرڪار وٽ اچي، پر سائين جنهن ملڪ ۾ جنرل، وزيراعظم، صدر ۽ اعليٰ سول ۽ ملٽري نوڪرشاهي پنهنجو غيرقانوني پئسو هنڊي ذريعي منتقل ڪندي هجي ته ان ملڪ جي عام شهرين تي ڪهڙي ميار!
پاڪستان جي هڪ وڏي ٿنڪ ٽينڪ ۽ تحقيق ڪندڙ اداري SDPI (جٽادار ترقي وارو ادارو) جي چيف ۽ نامياري ليکڪ ڊاڪٽر عابد قيوم ساليهري ان ڏس ۾ ڪيون سيوج سان گڏجي، اوورسيز ڊولپمينٽ انسٽيٽيوٽ (ODI) جي شعبي هيومنٽيرين پاليسي گروپ ((HPGلاءِ هڪ تحقيقي مقالو لکيو آهي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي ڪيس کي زبردست نموني سان پيش ڪيو آهي.
اسان جا حڪمران ۽ پاليسي جوڙيندڙ ٻاهران گهرايل اقتصادي ماهر رڳو اهو پيپر پڙهن ۽ بنگلاديشين جي همٿ ۽ ڪمٽمنٽ کان سبق پرائين ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. عابد قيوم پٽاندر: دهشتگردي، غيرقانوني رهائشن، هنڊيءَ جي استعمال، پاليسين ۽ نوڪرين جي دستاويزن جي غلط استعمال سوڌو 2000ع کان 2006ع تائين پاڪستان اندر پرڏيهي پئسي جو وڏو حصو امريڪا ۽ ڪينيڊا مان موڪليل پرڏيهي ناڻو هوندو هو. رڳو پاڪستان اندر ڪل 4.5 بلين امريڪي ڊالرز مان گهٽبي 1.30 ملين امريڪي ڊالرز ٿي ويا هئا.
هن وقت پرڏيهي ناڻو 8.9 بلين امريڪي ڊالرز آهي ۽ ان جي گهڻائي لڳ ڀڳ 2.5 بلين امريڪي ڊالرز گڏيل عرب اماراتن ۽ لڳ ڀڳ هڪ بلين سعودي عرب مان اچي رهيو آهي.
هاڻ ان ڪمائيءَ جي گهٽجڻ جو سبب رڳو امريڪا مان پاڪستانين جي لڏپلاڻ يا امريڪا جي وڌندڙ معاشي ٻاڙائي ناهي، ان ۾ ڪيترائي ٻيا عنصر به شامل آهن، جن ۾ غيرقانوني طريقي سان انهن ملڪن ۾ زندگي گذارڻ، پاليسين جو غلط استعمال، جعلي ويزا ۽ پاسپورٽ استعمال ڪرڻ وغيره شامل آهي. هوڏانهن بنگلاديش مان ٻاهر ويندڙن جو ڪل تعداد مان 0.5 سيڪڙو ماڻهو غيرقانوني طريقا استعمال ڪن ٿا.
اسين هڪ اهڙي ملڪ ۾ داخل ٿي رهيا هئاسين، جيڪو پاڪستان جي هڪ آئيني يونٽ هو ۽ هاڻ اهڙي ملڪ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، جنهن جي ڪرنسي، بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ اسان کان به طاقتور آهي. ڏٺو وڃي ته بنگلاديش، جنهن جي آدمشاري ذري گهٽ اسان جيتري اچي ٿي آهي، اتي به غربت، پسماندگي، بيروزگاري، فوجي آمريتون، بدعنوانيون ۽ بدترين طرز حڪمراني وغيره جهڙا مرض رهندا آيا آهن، پر انهن جي اسان کان اڳتي وڌڻ جا جيڪي به سبب آهي، انهن ۾ هڪ بنيادي سبب تعليم ۽ ٻيو جاگيرداراڻي سرشتي جو انت آهي.
هر پاسي يا ته بنگالي آهي يا انگريزي. معاشي ۽ اقتصادي پاليسيون ڪنهن حد تائين ترتيب ۾ هلندڙ آهن. جيتوڻيڪ عالمي مالياتي اداري جو نئون سرمائيداراڻو ۽ رجعت پرست بيٺڪي معاشي ڍانچو ٻين غريب ملڪن جيان بنگلاديش جي هيئت کي به وڪوڙيو ويٺو آهي، پر وري به شيون بهتر نظر اچن ٿيون.
ايئرپورٽ تي اميگريشن کان اڳ ”کاڌخوراڪ“ جو سامان ڊيوٽي فري شاپ تان ورتوسين. ڪانفرنس ۾ پوري ڏکڻ ايشيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن مان به مهمان اچڻا هئا، سو هڪ پاسپورٽ تي هڪ سوکڙيءَ جي اجازت هجڻ ڪري سمورن مهمانن کان پاسپورٽ گڏ ڪري اٺ کن ڊليڪس سوکڙيون وٺي ٻاهر نڪتاسين ته ميزبانن پاران ڪي همراهه نالن جا بورڊ کنيو بيٺا هئا. اسان کي هڪ هنڌ جمع ڪندا، ٿانيڪو ڪندا ويا.

ڍاڪا جون گهٽيون ۽ عينيءَ جو سندر بن

ڪيترن ئي دوستن ايئرپورٽ تي ئي ڪرنسي مٽائي بنگلاديشي ٽڪا هٿ ڪيا. ڪافي دير ويهڻ کان پوءِ نيٺ بيزار ٿي هڪ نوجوان کان پڇا ڪئيسين ته نيٺ ڪهڙيءَ مهل ايئرپورٽ جي جان ڇڏينداسين. هن ٻڌايو ته بس هڪ مهمان رهيل آهي. حاصل بزنجي بيزار ٿي چيو ته بابا ڪلاڪ کان مٿي وقت ٿي ويو آهي. اسين سڀ ٻاهر اچي ويا آهيون. جهاز ۾ رڳو اهي ئي مهمان هئا، جيڪي اچي چڪا آهن، تنهن تي ميزبانن پاران موڪليل نوجوان ٻڌايو ته اسدالرحمان صاحب پاڪستان مان اچڻو هو، ان کي ڳوليون پيا. مون کين ٻڌايو ته اسدالرحمان صاحب لاهور کان سڀاڻي پهچندو. پوءِ سڀ سامان کڻي ٻاهر نڪتاسين.
ٽريفڪ جو شور، ماڻهن جو هجوم، سگنل کان بي نياز، بي ترتيب ٽريفڪ، تيز رفتاريءَ ۾ هلندڙ گاڏيون، سڀڪجهه پاڪستان وانگي. لڳوئي ڪونه هو ته ڪو ٻئي ملڪ آيا آهيون، ها، روڊ تي ٻه شيون ڏٺم ۽ گاڏيءَ ۾ ويٺلن سان شيئر ڪيم. هڪ ته ٽريفڪ تيز رفتار هوندي به قطارن ۾ هلي رهي هئي، ٻيو ته رستي ۾ ايندڙ هڪ ٻن فوجي ڇانوڻين ۽ ايئرفورس جي عمارتن جي ٻاهر اسپانسرشپ جا بورڊ لڳل هئا ته ڪوبه ادارو انهن مک يا مرڪزي گيٽن وٽ گلڪاري وغيره لاءِ سيڙپ ڪري. مون کلندي سوچيو ته نظرياتي ۽ روحاني سرحدن جي تحفظ جا نام نهاد نعرا هڻندڙ ٽين دنيا جون ۽ خاص طور تي اسان وارن فوجين جو وس پڄي ته ويڙهه جو ڪم به ٺيڪي تي ڏيئي ڇڏين، هو هر روز اسپانسرشپ ڳولهي رهيا آهن.
حاصل بزنجي کلندي چيو ته طالبان ڇا آهي؟ اسان پنهنجي جنگ ”رينٽ اَ وار آرمي“ حوالي ڪري پاڻ امريڪا ۽ لنڊن ۾ ملڪيتون ٺاهي رهيا آهيون. ان کان وڌيڪ اسپانسرشپ ڪهڙي ٿيندي. هن جو اشارو ڪيترن ئي جنرلن ڏانهن هو.
گاڏي آهستي آهستي منزل ڏانهن رڙهي رهي هئي. آئون سوچڻ لڳس ته عسڪري طاقتون نيٺ عوام جو، ٽين دنيا جي ملڪن جو ۽ اسان جي وسيلن جو رت پيئڻ ڪڏهن بند ڪنديون. ڇا اهو دور ختم ٿي ويو، جو ڪنهن وڏي عوامي انقلاب سان پاڪستان کي گيريزن اسٽيٽ مان حقيقي فلاحي رياست بڻائي سگهجي. اڃا ان وقت وچ اوڀر اتر افريڪا جي عرب ملڪن ۾ عوامي مزاحمت ۽ انقلاب جي جدوجهد شروع نه ٿي هئي، جو اسين ان وقت پنهنجي بحث ۾ انهن واقعن کي ريفر ڪري سگهون. مصر مان حسني مبارڪ جي روانگي، بحرين جي 90 سيڪڙو شيعا آباديءَ پاران سني بادشاهه خلاف مزاحمت، اردن ۽ شام ۾ وڌندڙ بيچينيءَ، لبيا ۾ ڪرنل قذافيءَ خلاف ويڙهه، تيونس ۽ يمن ۾ وڌندڙ وڳوڙ، اهي سڀ واقعا ان ڳالهه تي ويساهه ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا ته عوامي طاقت ۽ جدوجهد جي سچائيءَ تي اعتبار نه ڪرڻ يا هاڻ عوامي انقلاب نه اچڻ جون ڳالهيون سوچڻ، مايوس ڪندڙ شڪست خوردگيءَ وارو موقف ٿي سگهي ٿو، ڪنهن پختي نظرياتي ذهن جو رايو نه.
ٻن گاڏين ۾ سوار اسان جو قافلو ڪلاڪ جي سفر کان پوءِ هوٽل پهتو. ڳتيل آبادي ۽ روڊ تي ٽريفڪ جي زور مان ڪراچيءَ جو آءِ آءِ چندريگر روڊ يا ايم جناح روڊ ياد اچي رهيا هئا. فرق رڳو ايترو هو ته ڊرائيور صبر سان پنهنجي گاڏيءَ کي قطار مان ٻاهر ڪري پارڪنگ ڪري رهيا هئا. اسان واري هوٽل انهيءَ ساڳئي رستي تي هئي، جتي ايشيا جي سڀ کان وڏي اين جي او براڪ ((BRAC جي آفيس آهي. هوٽل ۾ چيڪ ان ٿيڻ دوران ڪيترن ئي ايئرلائينز جا ٽرانزٽ وارا مسافر چيڪ ان ۽ چيڪ آئوٽ ٿيندي ڏٺاسين. پوءِ معلوم ٿيو ته هيءَ هوٽل ڪيتري نه بين الاقوامي ايئر لائينز جي ٽرانزٽ مسافرن جو مک ٺڪاڻو آهي. هوٽل ذڪريا انٽرنيشنل ۾ اسين پنهنجن پنهنجن ڪمرن جون چاٻيون وٺي سامان ڦٽو ڪرڻ لاءِ لفٽ ۾ چڙهياسين. هوٽل مڙئي مناسب هئي، سڀني فيصلو ڪيو ته ٿوري دير لاءِ آرام ڪري پوءِ ماني کائبي. منهنجي وري ابتي عادت آهي ته ڪيترو به ڊگهو سفر ڇو نه هجي، سامان ڪمري ۾ رکي ستت هوٽل يا جتي به رهائش مليل هجي، ان جي ويجهي علائقي جو ڊگهو ۽ تڪڙو دورو ڪندو آهيان. تيزيءَ سان واڪ ڪندي رهائش گاهه جي اوسي پاسي وارا رستا، هوٽلون، بار، گروسريءَ جا دڪان ۽ بيڪريز وغيره ڏسي وٺندو آهيان ته جيئن ماڻهوءَ وٽ کائڻ پيئڻ جا آپشنز وڌيڪ هجن.
هوٽل ۾ سامان رکڻ تائين شام ٿي چڪي هئي. شرافت علي منهنجو روم پارٽنر هو، ڪچهريءَ ۾ اهڙا ته مگن ٿي وياسين، جو هڪ ڀيرو تڪڙي ۽ مٿاڇري دوري جو وقت نه مليو ۽ آئون، شرافت علي، نجما صادق، حاصل بزنجو، زاهده ڏيٿو هيٺ لهي آياسين. نجمه صادق فيصلو ڪيو ته اڄ ماني هوٽل ۾ ئي کائبي، باقي کائڻ پيئڻ جي هنڌن جي ڳولا سڀاڻي کان ڪبي. بنگلاديش چانور ۽ مڇيءَ جي ڪري تمام گهڻو مشهور آهي. نجما صادق پاڻ به بنگالي پسمنظر رکندڙ هئي، جنهن بنگالي ٻوليءَ ۾ مڇي، چانور ۽ دال جو آرڊر ڏنو. ايئن پهرين ئي ڏينهن هوٽل ۾ ڪچهريءَ ۾ وقت گذاريو سين. هوٽل جي مک ڪائونٽر تي اسان لاءِ نالي سان فولڊرز رکيل هئا، جن ۾ ٻنهي ڪانفرنسن جي ايجنڊا موجود هئي. ايجنڊا ۾ امڪاني مهمانن جي لسٽ پڙهندي ئي مون کي اهو احساس ٿيو ته هيل نه رڳو ڪانفرنسز ۾ ٿيندڙ بحث مباحثي مان گهڻو ڪجهه پرائبو پر ڍاڪا ۾ گڏ ٿيندڙ اهم ماڻهن سان گڏجاڻين جو موقعو ملندو. مقامي بنگالي دوستن سان ڪچهريون ٿينديون ۽ شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گهمڻ ڦرڻ وسيلي وڏو مشاهدو ملندو. اهڙيءَ ريت لکڻ لاءِ گهڻو مواد هٿ اچي ويندو.
ڪرامت صاحب اڳ ئي پهتل هو. ڪنهن ميٽنگ ۾ ويل هو. ٻين ملڪن مان ايندڙ ملڪن مان ايندڙ مهمان به آهستي آهستي ڪانفرنس لاءِ گڏ ٿي رهيا هئا ته جيئن هڪٻئي سان ملاقات ڪجي. نون دوستن پنهنجو تعارف ڪرايو. مون سڀ کان پهرين هوٽل وارن کان اخبارون گهريون ۽ هنن هڪ انگريزي اخبار منهنجي حوالي ڪئي، پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اها اخبار اسان واري دي نيشن اخبار جهڙي آهي، تنهنڪري ٻاهر نڪري انگريزيءَ جي سٺين اخبارن جي ڳولا ڪيم ته جيئن ڍاڪا جي ڊان، دي نيوز، ڊيلي ٽائيمز، دي ٽربيون جهڙيون اخبارون هٿ ڪجن. اها منهنجي پراڻي عادت آهي ته جڏهن به ڪنهن نئين ملڪ يا شهر ويندو آهيان ته پهرين سٽ ۾ اخبارون وٺندو آهيان. هڪ سٺي اخبار سٺي ريڊنگ ۾ اوهان کي ملڪ يا شهر جي مک سياسي معاملن، سماجي سرگرمين ۽ مارڪيٽ جي صورتحال ۽ اقتصادي معاملن، عام ماڻهن ۽ روڊن رستن بابت هلندڙ لاڙن، روين ۽ راين کان واقفيت ڏيندي آهي. اخبار پڙهندي مون کي ته محسوس ٿيندو آهي ته آئون ان شهر ۾ نئون نه آهيان.
هيٺ لهي پاسي واري بلڊنگ ۾ هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور مان پيئڻ جو پاڻي، بسڪيٽ ۽ اخبارون وٺي ڪمري ۾ آيس ۽ ڪجهه پڙهڻ لڳس. جيتوڻيڪ اسين ڍاڪا جي گهڻي مهانگي ڪاروباري علائقي جي وچ ۾ موجود هئاسين، پر هيٺ صورتحال ڏاڍي خراب هئي. غربت غريبن جي چهرن مان ظاهر ٿي رهي هئي. ماڻهوءَ پاران هلائجندڙ ”هٿ رڪشا“ جا ڊرائيور ڪمزور ۽ نٻل لڳي رهيا هئا. سنهڙا سنهڙا ڊرائيور ماڻهن کي سهڪندي سهڪندي ڇڪي رهيا هئا. اسٽور جي مالڪ پڇڻ تي ٻڌايو ته رڳو ڍاڪا ۾ سائيڪل رڪشائن جو انگ 10 لک آهي.
ننڍيون ننڍيون هوٽلون، مرغي تڪا سينٽر، حليم گهر ۽ آلو ڪچوريءَ جا ننڍا ننڍا گاڏا ڪنهن حد تائين خراب ٿي ويل فروٽ جا دڪان ٻڌائي رهيا هئا ته ڪجهه شيون پوري خطي ۾ هڪجهڙيون آهن. رڳو ڍاڪا جي آبادي هن وقت سوا ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. جاگرافيائي لحاظ کان ننڍي هجڻ جي ڪري بنگلاديش ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آباديءَ جي ڪري 14 ڪروڙ انسانن جو هيءُ مختصر زمين رکندڙ ملڪ ڏينهون ڏينهن سوڙهو ٿيندو پيو وڃي.
هڪڙي اخبار ۾ پڙهيم ته روزانو لڳ ڀڳ ٻه هزار ماڻهو ڍاڪا ۾ داخل ٿين ٿا. ڍاڪا ۾ ڪراچيءَ وانگي ماس ٽرانزيشن جهڙيون رٿائون جهڙوڪ انڊر گرائونڊ ريلوي نظام نه هجڻ ڪري سڄو ڏينهن شهر جو هر رستو ٽريفڪ جي .... ور چڙهيل رهي ٿو. زمين گهٽ هجڻ ڪري اسان جي وڏن شهرن وانگي اوچين اوچين عمارتن ”ورٽيڪل“ پکيڙ جي ڪلچر سبب سيوريج، پاڻيءَ جي نيڪال، پيئڻ جي صاف پاڻي، ٽرانسپورٽ وغيره جا اهڙا ته گهوٽالا آهن جو لڳي ئي نٿو ته عوامي ليگ جي حڪومت انهن کي تڪڙو نبيري سگهندي.
زمين جي گهٽتائي جي ڪري اسان وانگي حددخلين جي بيماري اتي به نظر آئي، هر گهٽيءَ ۾ گاڏا، ڪئبن، ڇاٻڙا هوٽلون، روڊن رستن کي سوڙهو ڪيو بيٺيون هيون.
شاهوڪاري يا ته رڳو ڪارپوريٽ سيڪٽر جي وڏين عمارتن سندن جرڪندڙ آفيسن ۽ مهانگين گاڏين ۽ گهرن تائين محدود نظر آئي يا ڪرپٽ سياستدانن، ڪامورن يا بين الاقوامي سطح جي غيرسرڪاري تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ اڳواڻن جي چهرن تي موجود ملي رهي هئي.
اخبارون هن شهر يا ملڪ جي بدحالي، غربت، پسماندگي ۽ اڻبرابريءَ واري سماج، جمهوريت جي ناڪافي هجڻ، عالمي مالياتي ادارن ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي بيٺڪي قبضي جو واضح منظر نامو پيش ڪري رهيون هيون. سوچڻ لڳس ته ڇا ڇا لکندس. هيءُ سفر نامو هوندو يا سياسي تجزيو، پر ڪيئن ممڪن آهي، جو اڄوڪي دور جي سياسي سماجي بحرانن کي ڇڏي رڳو ڪچهرين، روڊن رستن ۽ عمارتن تي لکندس ڇا؟ پاڻ کان ايترا ئي سوال ڪيم. اڃا ته ڳالهه ڪٿي بيٺي آهي، هيءُ ڍاڪا آهي، پيرس يا ميلان نه، جو پڙهندڙن کي منظرن ۽ ماڻهن جي حسناڪين بابت لفاظين ۾ ڦاسائيندي وڏا حال احوال ڪجن. هت ته وڏا درد آهن، ماڻهن جي دلين ۾ ۽ ڍاڪا جي شاهراهن تي 1971ع جي ڏاڍاين تي نسل ڪشيءَ تي ٻڌل فوجي آپريشن جا.
هتي هر چهرو پاڪستان مان ايندڙ هر مهمان لاءِ ڄڻ هڪ مڪمل حمود الرحمان ڪميشن هجي. هر اک وٽ پنهنجا پنهنجا لڙڪ، درد جي ڪهاڻي ۽ ڪٿا هجي. هر سوال هو ڪري رهيا هئا ته نيٺ انهن جا جواب ڪير ڏيندو؟ حاصل بزنجي ٻڌايو ته ان وقت معلومات جو ذريعو رڳو ريڊيو هو ۽ بي بي سي ريڊيو هرڪو ٻڌندو هو. هو ننڍو هو ۽ هڪ ڏينهن هن پنهنجن ڪنن سان اهي اکر ٻڌندي ۽ پنهنجي ماءُ (مير غوث بخش خان بزنجي جي گهر واري) کي روئيندي ڏٺو هو.
”هن وقت ڍاڪا جي گهٽين ۾ هڪ پاسي رڳو لاش آهن ته ٻئي پاسي رڳو ڪُتا.“
هاڻ هڪ سياسي ذهن رکندڙ باضمير سياح ڍاڪا جي برباديءَ کي ڦلورڻ بدران نيٺ ڇا ته لکي! هت ڪو تاج محل يا آگرا جو قلعو به ته نه آهي.
پر تاريخي لحاظ کان گهڻو ڪجهه موجود آهي، جنهن بابت گهڻو ڪجهه پڙهيو به اٿم ۽ لکڻ جو به اُتساهه آهي. بنگالين جي صدين کان آمريت خلاف مسلسل ويڙهه جا تذڪرا به آهن ته 1971ع ۾ آزادي حاصل ڪرڻ واري جنگ جا قصا به آهن. بنگالين جو پنهنجو لکيل شاهڪار ادب به آهي ته بنگال تي لکيل ٻاهرين ادب جا به شيلف ڀريل آهن. گڏيل بنگال جي شانتي نڪيتن ۽ ٽيگور جا قصا به آهن ته 1904ع ۾ بنگال جي ورهاست (جيڪا انگريز سامراج پاران برصغير کي ورهائڻ جي شروعات هئي) جا تاريخي دستاويز به آهن. بنگال تي سنڌ جي مها ڪوي شيخ اياز جا لکيل نثري توڻي نظاماڻا شاهڪار به آهن ته فيض احمد فيض جي شاعري به آهي. هت ڀل ته همايون جو ڪو مقبرو نه هجي، پر ”آخري شب ڪي همسفر“ ناول ۾ همعصر اردو ادب ۾ منهنجي محبوب مصنفا قرعت العين حيدر جي سندربن جا تاريخي تذڪرا متاثر ڪرڻ لاءِ موجود آهن. هت نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر محمد يونس سان ڪچهرين جا قصا به آهن ته 1 7 9 1 ع جي جنگ ۾ فريڊم فائيٽر طور وڙهندڙ اهي جوڌا جيڪي ان وقت گڏيل پاڪستان ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ سنڌ ۾ مقرر هئا ۽ هاڻ هو جهونا ٿي پنهنجيون يادگيريون سارين ٿا، انهن سان ڪچهرين جا به موقعا مليا. عوامي ليگ جي اڄوڪي قيادت سان سياسي بحث مباحثن جا تفصيل ته عام ماڻهن سان بنگالين جي آزادي ۽ پاڪستان خلاف اڄ به موجود نفرت جا سبب موجود آهن.
مون کي موضوعن جي ايڏي ڊگهي آئوٽ لائين لکندي ڏسي پاڪستان مان آيل منهنجي دوست فرخ سهيل گوئندي کلندي چيو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ گهمڻ آيو آهين يا ڪتاب لکڻ؟ پوءِ هن مون کي ٻڌايو ته ڪيترائي اهڙا ڪتاب ۽ دستاويز موجود آهن، جن ۾ ٻيو نقطي نظر به موجود آهي. هو پاڻ لاهور مان هڪ بهترين روشن خيال پبليڪشنز هلائي رهيو آهي ۽ هن پاڪستان جي سياسي ۽ سماجي بحرانن سوڌو بنگالين جي عليحدگيءَ تي به هڪ بهترين ڪتاب ڇپرايو آهي. هن جو چوڻ هو ته بنگالين جي معاملي کي منطقي ۽ عقلي نقطي نظر سان ڏسڻ لاءِ ضروري آهي ته تاريخ جو گهرو اڀياس ڪجي ۽ ڪي اڻڌريا ڪتاب به پڙهجن. هن جو خيال هو ته هڪ پاسي يا بنگالين پاران پيش ڪيل تاريخ آهي، جيڪا سئو سيڪڙو پاڪستان مخالف آهي يا ٻئي پاسي وري پاڪستان ۾ جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن، انهن ۾ به ڪنهن مهل فوج کي، ڪنهن مهل مجيب جي اڳرائي واري سياسي رويي کي يا ڪنهن مهل ذوالفقار علي ڀٽي جي اقتدار جي خواهش کي يا ڪنهن مهل هندستان ۽ ٻين بين الاقوامي قوتن جي سازشن کي ان سانحي جو ذميوار ڪوٺيو.

نئون ڏکڻ ايشيا: عوامي خيال کان

عالمگيريت جو رنگ پنهنجين خوبين ۽ خامين سان دنيا مٿان ڇانئجندو پيو وڃي. دنيا هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي رهي آهي جتي ٽيڪنالاجي ۽ سائنس اڳڀرائي جي ڪري دنيا جي هڪ ڪنڊ ۾ رونما ٿيندڙ بحرنانن، انساني مسئلن، تڪرارن ۽ اختلافن جون خبرون لمحن ۾ دنيا جي ٻي ڪُنڊ ۾ پهچن ٿيون. ان ويجهڙائپ ڪري معاملن جي هڪجھڙائي به دنيا جي هڪ ڪنڊ جي عوام کي ٻي ڪنڊ جي عوام سان ملائي هڪ آواز ڪري رهي آهي ۽ چڱائيءَ جا جيڪي به ڪم آهن يا عوام دوست انقلاب ۽ تبديليون آهن سي عالمگيريت جا مثبت پاسا آهن.
هونءَ ته عالمگيريت وارو اصطلاح اڄ نئين سرمائيداريءَ نظم جي معاشي فڪر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوائن ٿيل آهي، پر جڏهن دنيا سرد جنگ واري دور ۾ باءِ پولر (Bi-plar) هئي ۽ سرمائيدار ۽ ڪميونسٽ يا سوشلسٽ نظامن ۾ ورهايل هئي. تڏهن ٻنهي ڪئمپن جي حامين ۽ مخالفن جو بين الاقوامي سطح تي ايترو مضبوط ڳانڍاپو نه هو. هلچل، احتجاج وغيره جو اثر ٻئين دنيا تي ائين نه پوندو جيئن اڄ پئجي رهيو آهي. اڄ عالمگيريت جو تصور دنيا کي اهو سيکاريي رهيو آهي ته ڪو ملڪ، رياست يا قوم ڪيتري به پري ۽ خوشحال ۽ آباد ڇو نه هجي. اها ڪنهن ٻي ڪنڊ ۾ رهندڙ ڪنهن غريب ۽ سياسي طور برباد سماج کان لاتعلق نٿي رهي سگهي. ٻنهي سماجن جو هڪ ٻئي جي ماڻهن، معيشت ۽ سياست تي سڌو يا اڻسڌو اثر پوندو رهندو، پوءِ اهو نظر اچي يا نه. عالمگيريت ۾ انتهائي سڌريل ۽ ترقي يافته سماج، جديد رياستون ۽ هر لحاظ کان مضبوط ملڪ به هاڻ باقي دنيا کان لاتعلق رهي نٿا سگهن. تنهنڪري اڄ اهو بحث عالمي سطح جو آهي ته هڪڙا ملڪ پنهنجي ترقيءَ کي ٻين ملڪن سان شيئر ڪن، سياسي ۽ معاشي يونين سازي رستي علاقائي آبادين ۽ بين القوامي سسٽم ذريعي غريب، پسمانده ملڪن ۽ پٺتي پيل ۽ تباهه حال ملڪن کي ڪو ٽيڪو ڪرائين ته جيئن سندن عالمگيريت جا نظريا ڪامياب ٿي سگھن. اهو تصور ان ڪري اڀريو آهي جو گذريل ويهن ٽيهن سالن اندر دهشتگردي، انتهاپسندي، غربت، بک ۽ انساني لڏپلاڻ انهن مهذب، شاهوڪار ملڪن توڙي معيشتن جا بنياد لوڏي ڇڏيا آهن. تنهنڪري هاڻ يورپ اهو نٿو چئي سگهي ته افغانستان ۾ جاري بحران سان اسان جو واسطو نه آهي.
روس جي ٽٽڻ کان پوءِ سموري ايسٽرن يورپ جو رُخ ويسٽرن يورپ خاص طور تي برطانيا ڏانهن آهي. جتي روزگار آهي، ملازمتون آهن ۽ ٻيون انساني سهولتون دستياب آهن. نائن اليون کانپوءِ ته صورتحال اڃا خراب ٿي آهي. عراق، افغانستان۽ وچ اوڀر جي بگڙجندڙ صورتحال سڌريل ۽ معاشي طور توانا ويسٽ کي پريشان ڪيو آهي ۽ عالمي مالياتي بحران مضبوط معاشي سماجن جا به بنياد لوڏي ڇڏيا آهن.
مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي سرحدن جي خوف کان بي نياز هڪڙي جاگرافي کان ٻي جاگرافيءَ ڏانهن بيڪباڪيءَ سان ڊوڙي رهي آهي. خطرناڪ حد تائين وڌندڙ اڻبرابري، غربت ۾ اضافي ۽ سماجي ترقي ۾ سستي جي ڪري غريب ملڪ (سندن ايجنڊا جي پوري نه ٿيڻ جي خوف ۾) وڏين وڏين امدادن ۽ قرضن وسيلي پنهنجا پنهنجا ملڪ ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن.
تازو عرب رياستن ۾ فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر جي انقلاب، عالمي سامراج کي لوڏي وڌو آهي، جيڪي تيل تي قبضي خاطر انهن رياستن ۾ انساني حقن ۽ جمهوريت کان انڪار ڪندڙ هر بادشاهه ۽ خليفي کي ڊالر ۽ يورو وسيلي رشوت جي دٻڻ هيٺ رکيو ويٺا آهن، اڄ ساڳيو عالمي سامراج عوام دشمن، جمهوريت مخالف ملڪن ۾ جمهوريت، فڪر ۽ چُرپُر جي آزاديءَ جي تحريڪن جي حمايت ڪري رهيا آهن. عالمگيريت جي انهن مثبت توڙي منفي پاسن کي سمجهڻ ۽ منهن ڏيڻ لاءِ جتي حڪومتون فورمز ۽ حڪمت عمليون جوڙي نيون صف بنديون ڪري رهيون آهن اتي عوامي سطح تي سول سوسائٽيءَ پاران به اهڙا فورمز، ادارا ۽ نيٽ ورڪس جوڙيا ويا آهن، جيڪي حڪومتن جي مقابلي ۾ حقيقي عوامي ايجنڊا رکي متبادل تصور (Alternative concepts) پيش ڪن ٿا. انهن تصورن کي متبادل ۽ عوام دوست دنيا جو نالو ڏنو پيو وڃي.
اهو رواج يورپ ۾تمام گهڻو موجود آهي. پر ڏکڻ ايشيا ۾ اڃا اهڙا متبادل فورم نه جُڙيا آهن. لاطيني آمريڪا، آفريڪا، يورپ کنڊن ۾ انهن موضوعن ۽ خيالن تي مضبوط فورمز ۽ نيٽ ورڪس اثرائتو ڪم ڪري رهيا آهن جتي سوين ماڻهو عوامي خيال کان ايجنڊائون جوڙين ٿا، حڪومتن سان لهه وچڙ ۾ اچن ٿا. پنهنجي سماجي جاڳرتا، تحقيق ۽ ايڊووڪيسي رستي حڪومتن مٿان دٻاءُ وجھن ٿا ۽ عوامي خيالن سان ٽمٽار ترقيءَ جا عوام دوست تصور پيش ڪن ٿا. ڏکڻ ايشيا ۾ اهڙن فورمز ۾ هڪ فورم عوامي سارڪ (PEOPLE’S SAARC) آهي. جيڪو ڏکڻ ايشيا جي سمورن ملڪن جي سرڪاري سطح جي جُريل علائقائي تعاون واري تنظيم يعني آفيشل سارڪ جي مقابلي ۾ عوامي ۽ سول سوسائٽيءَ جي سطح تي جوڙيل اهڙو اثرائتو فورم آهي جيڪو نه رڳو سرڪاري سارڪ جي ايجنڊا کي غور سان ڏسي ٿو، ان پراسيس حصو وٺي ٿو پر سارڪ جي ڪارروائي دوران حقيقي عوامي احساسن تي ٻڌل ايجنڊا جي امپليمينٽيشن لاءِ لابنگ ڪري ٿو. جتي جتي سارڪ جا ملڪ روايتي هڪ هٽيءَ ۽ مفادن ڪري گڏيل ۽ طئي ٿيل ايجنڊا کان پري ٿين ٿا، پيپلز سارڪ انهن مٿان حقيقي ايجنڊا کي فالو ڪري آفيشل سارڪ تي دٻاء وجهي ٿي.
هن پيپلز سارڪ ۾ نه رڳو ڏکڻ ايشيا جي هر ملڪ جي ناليواري ٽريڊ يونينسٽ، سياسي ليڊر، دانشور، شاعر، وڪيل، استاد، امن ۽ انساني حقن جي تحريڪن جي اڳواڻ ۽ ڪارڪن، عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻ، غربت، وسيلن، سياست ۽ ٻين شعبن ۽ ڪمن جا سماجي سائنسدان ۽ مفڪر، اين جي اوز جا ڪارڪن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، شاگرد وغيره شامل آهن، پر سول سوسائٽيءَ جا عالمي سطح اڳواڻ، تنظيمن جا سربراهه ۽ ڪارڪن به شامل هئا.
گذريل ڪيترن ئي سالن کان مختلف هنڌن تي سرڪاري سارڪ جو اجلاس ٿيندا آيا آهن ۽ ساڳيي وقت عوامي سارڪ، عوامي ميڙاڪا ڪرائي، حقيقي عوامي فلاحي ۽ سماجي ايجنڊا عام ڪرڻ لاءِ تحريڪ هلائي ٿي. فيبروري 2011ع ۾ ڀوٽان ۾ رٿيل آفيشل سارڪ جي ايجنڊا تي ان اثرانداز ٿيڻ لاءِ عوامي سارڪ پاران جنوري 2011ع ۾ ڍاڪا ۾ هڪ اهم اجلاس رکيو ويو، جنهن جو عنوان هو: ”نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور؛ عوامي خيال کان (New South Asia: People’s Perspective). اسين سڀ انهيءَ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ ڍاڪا ۾ گڏ ٿيا هئاسين. هن اجلاس جون ميزبان بنگلاديش جون مقامي سماجي تنظيمون هيون، پر ان جي ڊونر ”فوڪس آن گلوبل سائوٿ“ نالي هڪ تنظيم هئي، جيڪا انتهائي ريڊيڪل ۽ پنهنجي منشور ۾ سامراج خلاف موقف رکندڙ تنظيم هئي، جنهن جا اڳواڻ کاٻي ڌر سان تعلق رکن ٿا ۽ هن وقت دنيا جا اهم متحرڪ اڳواڻ سمجهيا وڃن ٿا، صبح جو جلدي اٿڻ جي عادت هجڻ ڪري آئون سوير اٿيس ۽ پوءِ شرافت علي ۽ آئون ڪانفرنس ۾ وڃڻ جي تيارين ۾ لڳي وياسين. هوٽل ۾ رڳو بنگالي چينلز هلي رهيا هئا. مقامي صورتحال جي ڄاڻ لاءِ هڪ مقامي نيوز چئنل هلي رهيو هو. چانهه جو آرڊر ڏنوسين ۽ ڪچهري ڪندا 8 وڳين لابي ۾ پهتاسين، جتي ميزبان ۽ رضاڪار اڳيئي موجود هئا، جو انهن جي بنيادي ذميوارين ۾ اها ڳالهه شامل هئي ته سمورن مهمانن کي وقت تي ڪانفرنس هال ۾ پهچائين ته جيئن وقت تي ڪانفرنس شروع ٿي سگھي. هونءَ به جيڪي به ميزبان هوندا آهن، انهن جي پروگرامن جي انتظام دوران ننڊ ڦٽل هوندي آهي. اسان سان به هت سنڌ ۾ اهڙي ئي صورتحال مان گذرندا آهيون. ساڳي ڪيفيت بنگالي ميزبانن جي ڏٺيسين.
ڪانفرنس براڪ سينٽر ۾ رکيل هئي، جيڪو اسان جي رهائش پنجن ڏهن منٽن جي فاصلي تي هو، انڪري واڪ ڪرڻ جو خيال هو، سو پيرين پنڌ براڪ سينٽر روانا ٿياسين. اسان وٽ پنهنجين پنهنجين تنظيمن پاران ڇپرايل بروشرن ۽ تحقيقي رپورٽن جا بنڊلز هئا، انهن جو بار لاهڻ لاءِ رڪشا ڪرايي تي ڪرائيسين. هندستان مان آيل فوڪس اداري جا دوست به گڏ هئا.
صبح جو نائين 9 وڳي، رجسٽريشن جو وقت هو. سمورا دوست لائينن ۾ بيهي رجسٽريشن ڪرائي چانهه ۽ ڪافي جو ڪوپ ٺاهي، هال ۾ ويهڻ لاءِ آيا. پهرين ڏينهن ڪانفرنس جي بنيادي مقصدن، اثر ۽ دائري ۽ فالو اپ بابت هو. پهري سيشن ۾ هندستان کان آيل جڳ مشهور فيمنسٽ اڳواڻ ڪملا ڀاسين آيل هئي. ڪملاڀاسين کي بهترين سنڌي آئي پئي. انيس الزمان (بنگلاديش)، ڪرامت علي (پاڪستان)، راجا (نيپال)، انتهائي شاندار ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه رکي ۽ ايجنڊا تي روشني وڌي. سڄي ڏينهن ۾ ٻيا جيڪي اجلاس هئا، انهن ۾ عالمگيريت جي دور ۾ ڳانڍاپي جو تصور (Integration in the age of Globalization) به شامل هو، جنهن ۾ سنيلا ابي سيڪرا (سريلنڪا) نيراچندڪي (هندستان) ۽ فلپائين ججو نمائندو مقرر هئا. جڏهن ته بنگلاديش جي آزادي جي جنگ ۾ ڇوڪرين جي ونگ جي اڳواڻ رقيا ڪبير پڻ اجلاس (سيشن) ۾ شامل هئي. ان کان سواءِ هڪ سيشن Investment policy based on Cooperation and Complementarities جي عنوان سان هو، جنهن ۾ ايڪشن ايڊيا جي نوجوان پروفيشنل سمير ڊوساڻي، کونڊڪر معظم (بنگلاديش) نجم صادق (پاڪستان) شامل هئا ۽ هندستان مان آيل فوڪس جي اڳواڻ مينا مينن ان اجلاس کي هلايو. لنچ کان پوءِ چوٿين اجلاس عوام جو عوام سان رابطو۽ هجرت (people to people contact, Migration and Visa Regimes)! هو. مون پاڪستان بابت پنهنجو موقف رکيو ۽ سنڌ سوڌو پوري ملڪ جي صورتحال تي ڳالهايو جنهن جا تفصيل آءٌ اڳ ۾ لکي چڪو آهيان.
ٻئي ڏينهن جيڪي اجلاس هئا انهن ۾ ”هندستان، پاڪستان ۽ افغانستان تڪرار“ به شامل هو. هن اجلاس ۾ گوتم مودي (هندستان) شاهين انعم (بنگلاديش)، گوتم (نيپال) هئا، سربا راڄ کڙڪا ماڊريٽر هو. هن اجلاس ۾ راز (افغانستان)، حميده حسين (بنگلاديش) ايڊمرل رامداس (هندستان) شامل هئا. ان اجلاس کي ممبئي جي مشهور صحافي ۽ ڪالم نگار جتن ڊيسائي هلايو. هڪ ٻيو اجلاس مذهبي ۽ لساني تڪرار جي عنوان سان هو، جنهن ۾ نور الڪبير (بنگلاديش)، سينيٽر حاصل بزنجو (پاڪستان) نيپال جو نمائندو مقرر هئا. جڏهن ته محمد لطيف (ڀوٽان) اجلاس کي هلايو. هڪ ٻئي اجلاس جو موضوع هو: ”گذر سفر جا وسيلا ۽ موسمي تبديليون“ هو، جنهن ۾ لليتيا رامداس (هندستان)، بنگلاديش جي نمائندي، نيترا تمسني (سريلنڪا) شامل هئا، جنهن کي صادق ماڊٽريٽ ڪيو. آخري اجلاس هو: عوامي يونين لاءِ حڪمت عملي (outlining a strategy towards a People’s Union) جنهن کي بنگلاديش جي نمائندي ۽ ڪرامت علي (پاڪستان) ماڊٽريٽ ڪيو ۽ مختلف مقررن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.
ٻئي ڏينهن ڪانفرنس ۾ شاندار بحث مباحثو ٿيو، تحقيقي مقالا پيش ڪيا ويا، بهترين تنقيدي جائزو ورتو ويو. سوال جواب ٿيا. هر اجلاس جا سمورا تفصيل ڏيڻ شايد ممڪن نه هجي، پر ايترو ضرور لکبو ته ماحولياتي گدلاڻ ۽ لڏپلاڻ کان وٺي پاڪستان جي علائقائي ۽ اندروني تڪرار خاص ڪري پاڻي جي کوٽ، ڊيمن جي سياست جهڙن مسئلن تي پيرائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کانسواءِ چانهه توڻي کاڌي جي وقفي ۾ پڻ غير رسمي ڪچهري ٿيندي رهي. فوٽو سيشن ٿيا. ڪتابن ۽ بزنس ڪارڊز جي شيئرنگ ٿي، ان ريت، مهمان نوان هڪٻئي جا واقف ۽ هم خيال بڻيا. هر روز ڪانفرنس جي جڳهه کان وٺي شهر جي مختلف علائقن جا دورن تائين، مقامي جي ميزبانن جي گھرن تي غير رسمي ملاقاتن تائين اهو ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جاري رهيو.اهي ان دوري جا اهم پاسا هئا.
انهيءَ دوران بنگال جي ماڻهن کي ڏسڻ ۽ انهن جي نفسيات کي مشاهدي مان ڪڍڻ جو موقعو مليو. اهڙا تفصيل اڳتي ايندا ته پاڪستان کان جدا ٿيڻ کان پوءِ بنگالي ڪيئن زندگي گذاري رهيا آهن ۽ انهيءَ کان سواءِ اها ڳالهه پڻ ذڪر ۾ ايندي ته اهي ڪهڙا بنيادي سياسي ۽ اقتصادي طريقا آهن جن جي پوئواري ڪري ٿورڙي عرصي اندر بنگالي معيشت اڳتي وڌي ۽ هن وقت ان جي معيشت پاڪستان کان مضبوط بڻجي ويئي آهي. اهڙا ڪيترائي پهلو آهن جن جو ذڪر اڳتي ايندو. هتي رڳو ڪانفرنس جي مقصدن ۽ اثر جو هڪ عام جائزو پيش ڪيو ويو.

سلمان تاثير ٺهراءُ ۽ سفر نصيب

اڃا هڪڙي ڪانفرنس جا ٿڪ لٿا ئي ڪونه هئا ته وري ٻن ڏينهن جي هڪ ٻئي اجلاس جي تياري ڪرڻي هئي. آئون ڪوشش ڪري نه رڳو اجلاس جي شروعات ٿيڻ کان وٺي پڄاڻيءَ تائين وقت جي پابندي ڪندو آهيان، پر بحث مباحثي ۾ ڀرپور حصي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. جيڪي تنظيمون ۽ نيٽ ورڪ هيترو خرچ ڪري ماڻهن کي گهرائين ٿا، انهن مان اها اميد رکندا آهن ته کين جنهن مقصد لاءِ سڏايو يا گهرايو ويو آهي، اهي انهيءَ کي مقصد ڀريو بڻائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن.
جيڪڏهن ڪنهن اجلاس، ميٽنگ يا ڪانفرنس ۾ رپورٽنگ يا ڪنهن ٻئي ڪم لاءِ رضاڪاريءَ جي گهرج هوندي آهي ته اتي به اڳڀرائي ڪندو آهيان ته جيئن اهو تاثر ختم ٿئي ته اسان کي اهي ڪم نٿا اچن يا ٻئي ڪنهن جي، لکڻ پڙهڻ ۽ سوچڻ ۽ معاملن کي سمجهڻ جي سگهه ۽ صلاحيت اسان کان وڌيڪ آهي. ڪيتري وقت کان پنهنجا ڪيترائي دوست انتهائي محبت سان سول سوسائٽيءَ ۾ ڪم، سگهه ۽ ليڊرشپ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. ٻيو پنهنجي ڳالهه کي ايجنڊا ۾ رکرائڻ جو آرٽ به سکي ويا آهيون، اهو ڪريڊٽ سنڌ جي ڀلوڙ ۽ جاکوڙي صحافي جي اين مغل ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو ڪنهن به موضوع تي ڪٿي به ٿيندڙ ڪنهن به قسم جي اجلاس، ڪانفرنس، ڊائلاگ، جلسي يا مظاهري ۾ (جيڪڏهن اتي لکت ۾ ڪجهه پيش ٿي رهيو آهي ته) سنڌ جي ڪا نه ڪا ڳالهه رکرائڻ ۾ ماهر آهي. هڪ پروفيشنل صحافيءَ پاران اها نه رڳو سندس پروفيشنل ڊيوٽي آهي، پر هو حساس معاملن تي ڌر ٿي پڻ بيهي رهندو آهي. اسلام آباد هجي يا ملتان، لاهور هجي پشاور، ڪوئيٽا هجي يا ڪراچي، جيڪڏهن مغل صاحب تقريب ۾ شريڪ هوندو آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪندو آهي. مون اهو گر مغل صاحب کان ئي سکيو آهي.
جيڪڏهن اوهان جي ڳالهه انساني حقن، قوم جي آئيني ۽ قانوني گهرجن، سياسي توڙي سماجي گهوٽالن بابت آهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ميزبان اوهان جي ڳالهه کي اهميت نه ڏين.
ڍاڪا ۾ ٿيندڙ نئين ڏکڻ ايشيا جي تصور واري ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾، جتي مذهبي، لساني، فرقيوار ۽ نسلي، لساني دهشتگردي ۽ اڻسهپ تي وڏا بحث ٿيا ته اتي مذهب جي تازي شڪار ٿيندڙ پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي شهادت جو پڻ ذڪر نڪتو. سڄي هال ۾ پاڪستان ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ جنونيت ۽ انتهاپسندي ۽ تنگ نظريءَ بابت وڏي ڳڻتي هئي ۽ پوري ڏکڻ ايشيا مان آيل دوستن جو خيال هو ته اهو معاملو رڳو پاڪستان جو داخلي معاملو نه آهي، پر اهو پوري خطي جي امن ڀرئي سياسي منظر نامي، معاشي وايو منڊل ۽ سماجي تاڃي پيٽي کي زبردست نقصان پهچائيندو.
هندستان جا ڪجهه دوست گهڻي ٻڏتر ۾ هئا ۽ هنن کي هندوتوا توڙي اسلامي دهشتگردي ٻنهي مان وڏو ڊپ هو. مون ان موقعي تي اهو موقف رکيو ته ڇاڪاڻ ته ڪانفرنس ۾ پوري خطي جا ناميارا نالا موجود آهن، تنهنڪري سلمان تاثير جي قتل خلاف هڪ ڀرپور مذمتي ٺهراءُ آندو وڃي، جنهن تي سمورن شرڪت ڪندڙن جون صحيحون موجود هجن ۽ اهو اسڪين ٿيل صحيحن وارو ڪاغذ جڏهن پريس ۾ ويندو ته نه رڳو هن ڪانفرنس جي اهميت وڌندي پر ڪانفرنس جا گهڻي حد تائين مقصد پڻ پورا ٿيندا ۽ پاڪستان ۾ انتهاپسنديءَ جي تازي لهر جي نتيجي ۾ ڊپ ۽ هراس ۾ ورتل سول سوسائٽيءَ جي دوستن، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن کي اتساهه ملندو.
هال ۾ پنهنجي اهڙي رٿ جي تائيد ڪئي ويئي ۽ مون اتي ئي ويٺي ويٺي هڪ ٺهراءُ ٺاهي ورتو. ٺهراءُ لکڻ جو فن به زبردست آهي. هڪ ڀيرو اهو آرٽ سمجهڻ جي گهرج آهي، پوءِ بس دير نٿي لڳي. ابرار قاضي ۽ اعجاز قريشيءَ کي ٺهرائن ٺاهڻ ۽ لکڻ ۾ وڏي مهارت حاصل آهي. انهن سان گڏ رهي رهي آئون ان ڪم کي ڪنهن حد تائين سمجهي ويو آهيان، سو هڪ ٺهراءُ ٺاهي هلندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيم. بمبئي جي دوست ۽ نامياري صحافي جتن ڊيسائي ترميم تجويز ڪندي چيو ته سلمان تاثير جو پورو عهدو لکيو وڃي ته جيئن نئين پڙهندڙ کي قتل ٿيندڙ جي عهدي ۽ مرتبي جي ڄاڻ ۽ احساس حاصل ٿي سگهي. اها ترميم ٺهراءَ ۾ شامل ڪري سمورن شرڪت ڪندڙن کان صحيحون ڪرائي هال ۾ پڙهي ويئي ۽ سمورن شرڪت ڪندڙن ٺهراءَ جي تائيد ڪئي. ٺهراءَ جي ڪاپي ۽ ان تي ٿيل صحيحون ڏسي مون پنهنجي ذهن ۽ ضمير تان جهڙوڪ بار لهندي محسوس ڪيو ته ڍاڪا ۾ به اهو فرض نڀائڻ جي ڪوشش ڪيم ته سچ ۽ حق جي واٽ لاءِ ڪنهن ڊپ ۽ خطري کان سواءِ جدوجهد جاري رکبي.
ٺهراءُ اسڪين ڪرائي پاڪستان جي مقامي اخبارن کي اي ميل ڪيم. اهو ٺهراءُ سلمان تاثير جي قتل کان پوءِ روشن خيال دوستن پاران جوڙيل جمهوريت جا حمايتي شهري (Citizens for Democracy) فورم کي پڻ موڪليم ته جيئن انهن دوستن جو به مورال وڌي. ان کان سواءِ سلمان تاثير جي پنهنجي اخبار ڊيلي ٽائيمز جي ايڊيٽر ۽ تاثير جي ڌيءُ شهربانو کي به اهو ٺهراءُ اي ميل ڪيم. سوچڻ لڳو هئس ته هي جيڪي ڏکڻ ايشيا کي پرامن، سائي ۽ صحتمند خطي طور ڏسڻ گهرن ٿا، هي جيڪي هر قسم جي نفرت، متڀيد ۽ ورهاڱي کان آجا لکيل پڙهيل ماڻهو (هر تهذيب، هر ثقافت ۽ هر مذهب جو رنگ نسل، فرقي ۽ نسل توڙي لساني فرق کان سواءِ) سهپ ۽ رواداريءَ سان برداشت ڪرڻ واري خطي جا خواب ڏسي رهيا آهن. ڇا اهو پنڌ ايترو سولو آهي؟ هي جيڪي انتهاپسندي، رجعت پسندي ۽ تنگ نظري، پوءِ اها مذهبي هجي يا ڪا ٻي، کي خطي جي اڪثريتي عوام جي تنگ دستي، بک ۽ غربت جو وڏو سبب ڪوٺين ٿا، ڇا اهي پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ويندا؟ هتي اسين سرمائيداراڻي سرشتن جي هڪ هٽي، غريب ۽ ڪمزور ثقافتن ۽ معاشي سرشتن کي واڳوءَ وانگي ڳڙڪائڻ جو ذميوار سمجهون ٿا، ڇا اسين انهن نوآبادياتي معاشي سرشتن ۽ عالمي مالياتي ادارن جي وٺ پڪڙ مان نڪري سگهنداسين؟
اهي بنهه وڏا ۽ بنيادي سوال آهن، جيڪي سياسي جدوجهد ۽ تبديليءَ کان سواءِ جوابن ۾ تبديل نه ٿي سگهندا. سياسي سرشتو هر پاسي دشمني ۽ مخالفت تي ٻڌل آهي. خاص طور تي هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڏينهون ڏينهن تيز ٿيندڙ انتهاپسندي ۽ انهن کي ملندڙ ڪن خاص هٿن وٽان ادارتي سطح تي حمايت، روشن خيال ۽ جيو ۽ جيئڻ ڏيو واري پاليسيءَ ۾ ايمان رکندڙ اڪثريتي عوام لاءِ هن ملڪ کي خطرناڪ هنڌ بڻائي رهي آهي. ان جو تازو مثال سلمان تاثير جو قتل آهي. بنگالي توڙي ٻين ملڪن کان آيل مهمانن کي مون وڏي ڳڻتيءَ ۾ ڏٺو. انتهاپسنديءَ جي اها لهر هر ملڪ ۾ پکڙجي رهي آهي.
ٺهراءَ جي ڪاپي هڪ ڀيرو ٻيهر ڏٺم ۽ سوچيم ته ڪجهه وقت کان پوءِ هيءُ ٻن صفحن جو دستاويز تاريخ جو اهم دستاويز هوندو، جنهن تي همعصر دور جي اهم ۽ سرگرم ڪارڪنن جون صحيحون موجود آهن، جن ۾ سينيٽر حاصل بزنجو، اسد الرحمان خان، ڪرامت علي، فرخ سهيل گوئيندي، ايڊمرل رامداس، لليتا رامداس، چيتن ڊيسائي، بابو لال شرما، مينا مينن، ڪمل مترا چنائي، ٽريڊ يونين اڳواڻ گوتم مودي، سنيلا اڀيڪارا، رقيعه ڪبير، سرباراج کڙڪا، اُما چوڌري، ڪفيل سرواست، محمد لطيف، محمد معروف، رضا چوڌري، خوشي ڪبير، راشد تيتومير، نجم صادق، اشوڪ چوڌري ۽ ٻيا شامل هئا. اهو دستاويز پاڻ وٽ سنڀالي رکيو اٿم ته جيئن ڪنهن تاريخي دستاويز جو حصو بڻائي سگهان.
ٺهراءُ جو متن هو:
”18 ۽ 19جنوري 2011ع تي ڍاڪا ۾ ”نئين ڏکڻ ايشيا جو خواب: عوامي خيال کان“ ڪانفرنس ۾ گڏ ٿيندڙ اسين امن ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪارڪن، ليکڪ، استاد، اديب، سياسي ڪارڪن، مختلف ملڪن جي اسيمبلين جا هاڻوڪا ۽ اڳوڻا ميمبر، سماج سڌارڪ ۽ سڄاڻ شهري پنجاب، پاڪستان جي گورنر سلمان تاثير جي قتل جي ڀرپور نندا ڪندي ان قتل ۾ ملوث انتهاپسند ۽ تنگ نظر قاتلن کي ترت انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري سخت ترين سزا ڏيڻ جي گهر ڪيون ٿا. اسين پاڪستان سوڌو ڏکڻ ايشيا جي سمورن ملڪن کي اهو چتاءُ ڏيڻ گهرون ٿا ته اهي پنهنجي اقتدار ۽ ٻين مفادن خاطر فرقيواريت ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ کي رياستي هٿيار طور استعمال ڪرڻ بند ڪن ۽ رياستون روشن خيال ۽ سيڪيولر ماڻهن جي گهڻائيءَ کي لساني ۽ مذهبي بنيادن تي ورهائڻ جو عمل بند ڪن.“
سچ پچ ته دل وڏي ٿي وئي هئي. اها سرگرمي ڪندي پنهنجي حصي جي ڊيوٽي ادا ڪئي اٿم. رياست کي بندوق جي زور تي هلائڻ خلاف لکيل سياسي ادب پڙهي حق ۽ سچ جي ڳالهه سکڻ کان پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هن معاملي تي، جنهن کي ڪيترن دوستن حساس قرار ڏيندي ان ۾ هٿ نه اٽڪائڻ جون صلاحون ڏين ٿا، پنهنجو گهربل ڪردار ادا نه ڪجي. بندوق ذريعي فيصلا مڙهڻ وارو جابراڻو طريقو نه ته ڪالهه قبولڻ جوڳو هو، نه ئي اڄ آهي ۽ نه ئي وري سڀاڻي قبولڻ جهڙو هوندو. جس آهي سنڌي پريس کي، جنهن هن قتل کي شهادت لکيو ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پيپلز پارٽي اقتدار جي غلام گردشن ۾ ڦيرا ڏيندي ڦاٿل ڏٺي ويئي ۽ اقتداري مفادن خاطر پنهنجي نظريي بدران محتاط رويو اختيار ڪندي ڏٺي ويئي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ ماڻهو جو حق جي پاسي ٿي بيهڻ، ڪنهن وڏي ڪارنامي کان گهٽ نه آهي.
ڪانفرنس ۾ ايجنڊا کان سواءِ ڪيترائي ٻيا مزيدار سيشن پڻ ٿيا. آئون اڃا پاڪستان ۾ ئي هئس ته منهنجي مائٽ اڳوڻي جج ۽ نامياري وڪيل، سنڌ جي اڳوڻي نگران وڏي وزير جسٽس عبدالقادر هاليپوٽي جي امريڪا ۾ رهندڙ نُنهن تانيا هاليپوٽو مون کي فيس بڪ تي هڪ نياپو موڪليو ته امريڪا جي شهر سان فرانسسڪو مان سندس هڪ دوست ڪويتا رامداس پاڪستان اچي رهي آهي. هوءَ ڪراچيءَ ۾ پنهنجن ساهرن وٽ هوندي ۽ هڪ بين الاقوامي غير سرڪاري اداري ”گلوبل فنڊ“ جي مک نمائندي طور سنڌ جي ڪيترين ئي اين جي اوز جي دوستن سان ملندي ۽ آئون ڪوشش ڪري کيس ان ڪم ۾ ساٿ ڏيان ته جيئن هوءَ نئين فنڊنگ لاءِ عورتن جي حقن تي ڪم ڪندڙ نين تنظيمن سان ڳانڍاپو رکي سگهي. مون کي خبر نه هئي ته اها تنظيم سنڌ توڙي پاڪستان اندر چڱو نيٽ ورڪ رکي ٿي. مون هميشه جيان تانيا کي لکيو ته سنڌ ۾ اهڙو ڪم ڪو مسئلو نه آهي. ڪويتا کي اچڻ ڏيو، جنهن پاسي چوندي، جهڙي قسم جي ۽ جنهن سڀاءَ جي تنظيمن سان چاهيندي، انهن سان سندس گڏجاڻيون رکرائبيون.
اهو فيس بڪ نياپو هڪ نيٽ ورڪ ذريعي ڪويتا سان به شيئر ٿيل هو. هن به جواب ۾ پنهنجا ڪراچيءَ جا رابطي وارا نمبر ڏنا. هڪڙي ڏينهن سندس فون آيو ته هوءَ ڪجهه گڏجاڻيون ڪري چڪي آهي. هاڻ هوءَ تڪڙ ۾ هندستان مان ڍاڪا ايندڙ پنهنجن مائٽن سان ملڻ لاءِ بنگلاديش وڃي رهي آهي، جتي هوءَ گلوبل فنڊ پاران گڏجاڻيون ڪري امريڪا هلي ويندي. ڊگهي گفتگوءَ ۾ مون هن کي سنڌ جي عورتن جي حالتن بابت تازي رپورٽ ڏني ۽ کيس ٻڌايو ته قبيلائي جهيڙن ۽ ڪاروڪاريءَ تي ڪيتريون ئي اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن. پاڻ مهرباني ڪري ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي عورتن لاءِ مقامي تنظيمن سان سهڪار ڪري انهن کي منصوبا ڏئي. خاص طور تي اقليتي برادريءَ جي عورتن ۽ انهن ۾ به شيڊيول ڪاسٽ ۽ ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ عورتن جي صورتحال ڏاڍي خراب هجڻ بابت ٻڌايومانس. اهڙي گفتگوءَ کان پوءِ هن چيو ته ملاقات ته نه ٿي سگهي، پر رابطي ۾ رهبو.
ڍاڪا ۾ ڪانفرنس جي پهرئين ڏينهن تعارفي اجلاس ۾ جڏهن هن نالو ”ذوالفقار هاليپوٽو“ ٻڌو ۽ مون هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ کي بهترين انگريزيءَ ۾ پنهنجو نالو ”ڪويتا رامداس“ اُچاريندي ٻڌو ته ٻنهي هڪٻئي ڏانهن نهاريو.
ان اجلاس کان پوءِ واري وقفي ۾ هڪٻئي ڏانهن وڌياسين ۽ مون کيس کلندي چيو ته Are you the same Kavita?، هن وڏو ٽهڪ ڏيندي روانيءَ واري انگريزيءَ ۾ رڙ ڪندي چيو ته اي منهنجا خدا دنيا ڪيتري نه ننڍي آهي؟! پوءِ هن هٿ ملائيندي چيو ته ڪراچيءَ ۾ ته نه ملي سگهياسين، پر ڍاڪا ۾ ملاقات نصيب لکيل هئي. ان کان پوءِ اهو ڄاڻي مون وڏو هڪ وڏو ڇرڪ ڀريو ته هوءَ ايڊمرل رامداس ۽ لليتا رامداس جي ڌيءَ آهي. ان کان به وڌيڪ حيران ڪندڙ ڄاڻ اها پلئه پئي ته هوءَ پاڪستان جي جڳ مشهور مفڪر ۽ نقاد اقبال احمد خان جي ڪنهن ويجهي مائٽ جي گهر واري آهي، جيڪو هن سان گڏ امريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هو. هن مون کي پنهنجن مائٽن سان ملائيندي کين تڪڙ ۾ سمورو قصو ٻڌايو. مون به پاڪستان مان آيل پنهنجن دوستن سان سندس تعارف ڪرايو. اسين ٻنهي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ اسان جي ملاقات لاءِ سبب بڻجندڙ تانيا هاليپوٽو ڍاڪا ۾ اسان جي ملاقات تي وڏو ڇرڪ ڀريندي. ڪويتا لنچ جي وقت ٻڌايو ته کيس ڪن ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻو آهي، انڪري هوءَ تڪڙ ۾ سنڌ ۾ عورتن جي حقن تي ڪم ڪندڙ تنظيمن بابت منهنجي راءِ ٻڌڻ گهري ٿي. مون پنهنجي شعوري ڪوشش سان ڪنهن ذاتي پسند ناپسند کان سواءِ سمورو پروفائيل کيس ٻڌايو ۽ ايئن هڪٻئي سان رابطي ۾ رهڻ جون هڪٻئي کي خاطريون ڏيئي روانا ٿي وياسين.

اياز ۽ بنگال

بنگلاديش جي سفر جون يادگيريون نئين سر رڪارڊ ڪري رهيو آهيان. سرگرمين جا تفصيل، ملاقاتن جا حال احوال، تاريخي، ثقافتي جڳهين ۽ عمارتن جي دوري جا تذڪرا ۽ عام ۽ خاص ماڻهن سان ڪچهرين جا قصا لکندو پيو وڃان ۽ ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته ترتيب اهڙي رکان، جو پڙهندڙ بنا ڪنهن بوريت ۽ ٿڪ جي مون کي پڙهندو وڃي.
آئون بنگالين جي سياست، سياستدانن ۽ گڏيل پاڪستان جي سياسي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ 1971 ع واري باب، آرٽ، ادب ۽ ثقافت تي تفصيلي نوٽس لکڻ جي موڊ ۾ آهيان. منهنجو دوست، سنڌي ادب ۾ جديد تنقيد نگاريءَ جو اڀرندڙ ستارو ۽ روزاني ”سوڀ“ جي ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج علي آڪاش به اهي نوٽس پڙهي رهيو آهي ۽ مون کي بهترين فيڊ بئڪ ڏيندو آهي.
ڪالهه چيائين ته اڄ (يعني: 2 مارچ 2011 ع تي) سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جو جنم ڏينهن آهي، اياز پنهنجي نظم توڙي نثر ۾ بنگال بابت گهڻو لکيو آهي، سو آئون پنهنجي ڪتاب جي هن حصي ۾ سنڌي ادب ۾ بنگال جي سياسي تحريڪ جي تذڪري جو ذڪر ڪريان ۽ ان مان به شيخ اياز واري حصي کي اڄوڪي ڏينهن جي نسبت سان پڙهندڙ کي ڀاڱي ڀائيوار ڪيان ٿو.
پاڪستان جي آزاد ٿيڻ شرط ئي بنگالي ٻوليءَ مٿان اردو مڙهڻ واري واقعي کان ويندي بنگالين جي اڪثريت کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ اولهه پاڪستان مٿان ون يونٽ جهڙو موتمار غيرآئيني ۽ غيراخلاقي فارمولو مڙهڻ کان ويندي، بنگالين جي حڪومت خلاف مسلسل (سول ۽ ملٽري نوڪري شاهيءَ جي) سازشن کان ويندي 1971ع ۾ بنگالين خلاف فوجي آپريشن ۽ سندن قتل عام تائين، سنڌي ليکڪن انهن معاملن تي تمام گهڻو لکيو آهي.
ان کان سواءِ ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن بنگالي سماج، ثقافت، ادب ۽ آرٽ تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي.
شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا نوٽس، ڊائري، خطن ۽ شاعريءَ ۾ بنگال جي سونهن کي چٽيو آهي. جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، جيڪو شيخ اياز جي پنهنجي محبوب دوست ۽ سنڌي ادب ۽ علم جي چمڪندڙ ستاري محمد ابراهيم جوئي ڏانهن لکيل خطن تي ٻڌل آهي. ان ۾ 3 فبروريءَ 1962ع تي بنگال جي شهر سندربن جي چاند ٻائي فاريسٽ اسٽيشن تان جوئي صاحب ڏانهن موڪليل هڪ خط ۾ اياز لکي ٿو:
”رينو ڊيڪ تي وڃي بيٺي هئي ۽ هن جون چڳون هوا ۾ اڏامي رهيون هيون، مان به ڊيڪ تي وڃي بيٺس، ته هن مون کي چيو: ”مان ڪڏهن به سنڌ نه ويئي آهيان ۽ اڳ ڪوبه سنڌي نه ڏٺو اٿم، اوهان جي ديس ۾ نديون آهن؟“
”رينو اتي فقط هڪ ئي ندي آهي، سنڌو. ان کي اسان ديويءَ وانگي پوڄيندا آهيون. ان ۾ اسان جون هندو عورتون اکا اڇلي ”جهولي لال، جهولي لال“ چونديون آهن. اسان جي ان سان ايتري عقيدت آهي، جو اسان جو هڪ هندو دوست، جو ڀارت ۾ مري ويو هو، تنهن پنهنجي رک سنڌوءَ ۾ لوڙهڻ لاءِ موڪلي هئي. منهنجو گهر سکر ۾ سنڌوءَ جي ڪناري تي آهي. جڏهن ويساک ۾ پاڻي پنهنجي ڦوهه ۾ ايندو آهي ته مان گهر جي ڇت تي بيهي، چنڊ کي ڇولين جي ڏولين ۾ لڏندو ڏسندو آهيان. مون کي محسوس ٿيندو آهي منهنجي ڪوتا سنڌوءَ جي امر سرتي آهي، ان ۾ به ساڳيون ڇوليون ۽ ڇوهه آهي، ساڳيو پهچ کان پري چنڊ لاءِ پيار آهي.“
19 ڊسمبر 2010ع تي بنگال پنهنجي آزاديءَ جو ڏينهن ملهايو، ڍاڪا واري سانحي کي لڳ ڀڳ چار ڏهاڪا گذري چڪا آهن. مون پنهنجي تازي دوري ۾ ڏٺو بنگال هڪ آزاد ملڪ طور پنهنجي انهن چئن ڏهاڪن جي سفر ۾ گهڻو ڪجهه وڃايو به آهي ته پاتو به آهي. جيڪڏهن اتان جي سياست تي نظر وجهبي ته اهو چئي سگهبو ته اڃا تائين جمهوريت جون پاڙون پختيون نه ٿيون آهن، پر سماجي ترقيءَ جي اهڃاڻ تي نظر وجهبي ته بنگال گهڻن شعبن ۾ اڳڀرائي به ڪئي آهي. خاص طرح تعليم جي شرح اتي ساراهه جوڳي آهي ۽ معيشت ۾ ترقي بنگال جو خاص ڪارنامو آهي. جيتوڻيڪ بنگال کي بهتر معيشت بڻجڻ ۾ اڃا گهڻيون شيون گهربل آهن، تڏهن به، هاڻوڪي معاشي صورتحال به گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان کان گهڻي بهتر آهي.
هن ڀيري 12 ڊسمبر 2010ع تي بنگال پنهنجي آزاديءَ واري ڏينهن تي سول ايوارڊن جو اعلان ڪيو. اهڙو قومي ايوارڊ سنڌ جي جديد قومپرستيءَ جي پايي وجهندڙ سياسي مفڪر سائين جي ايم سيد ۽ سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز کي پڻ ڏنو ويو. شيخ اياز انهيءَ ايوارڊ جو حقدار هو، ڇاڪاڻ ته ون يونٽ واري زماني ۾ هن جيڪي ڪجهه ڀوڳيو، جيل ۽ سزائون ڪاٽيون، ون يونٽ جي قوتن سان هو پنهنجي تخليقي سگهه وسيلي ٽڪراءَ ۾ آيو، سچ پچ ته اهو سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ جي حوالي کان هڪ طلسماتي باب آهي. ان زماني جي آمريتي لُڪ جيئن تيز ٿيندي پئي ويئي، تيئن يونٽ مخالف تحريڪ ۾ شامل اڳواڻن جا لڱ به رُڪ ٿيندا پئي ويا. شاعريءَ ۽ تخليق جي ميدان ۾ اياز هماليه وانگي اڏول بيٺل هو. شيخ اياز سکر بار ايسوسيئيشن جي صدر جي حيثيت ۾ بنگالين جي قتل عام ۽ سقوط ڍاڪا جي مخالفت ۾ هڪ ٺهراءَ ۾ پاڪستاني فوج جي اهڙي مهم جوئيءَ کي ڏاڍ واري ڪارروائي ڪوٺيو هو. انهيءَ ڪري کيس مئي 1971ع کان وٺي جنوري 1972ع تائين جيل ۾ رکيو ويو ۽ جيل ۾ هن پنهنجي ڊائري لکي. ان کان سواءِ 1965ع کان وٺي 1968ع تائين پنهنجي تند کي تلوارن سان اٽڪائڻ جي جرئت جي ڪري ڪاٺ ۾ هنيو ويو.اهڙيءَ ريت اهو چئي سگهجي ٿو ته اياز جي انهيءَ باغي روپ جو مجموعي طور بنگالين جي ”ڪاز“ کي تمام گهڻو فائدو پهتو. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي سياستدان، اديب ۽ ڏاها هئا، جيڪي ون يونٽ جي زماني ۾ اولهه پاڪستان جي قوتن سان مهاڏو اٽڪايو. انهن ۾ باچا خان، عبدالصمد اچڪزئي، خير بخش مري، غوث بخش بزنجو، احمد سليم، طاهرا مظهر علي، ظفر ملڪ، ايئر مارشل اصغر خان وغيره شامل آهن ۽ اسان جي دوست جاويد قاضيءَ جي والد قاضي فيض محمد ته چونڊون به عوامي ليگ جي پليٽ فارم تان وڙهيون، انهن سمورن جا نالا ايوارڊ فهرست ۾ شامل آهن.
اياز کي پاڻ شيخ مجيب سنڌ جو نذرالسلام قرار ڏنو هو. پر اياز پنهنجي شيخ مجيب سان پنهنجي ملاقات ۾ کيس چيو هو ته نذرالسلام ۽ مون ۾ فرق اهو آهي ته هو ٽٽي پيو آهي، مان اڃا تائين ناهيان ٽٽو. اياز ۽ قرت العين حيدر ۾ بنگال جي حوالي کان هڪ جهڙائي اها به آهي ته بنگال جي تصور ايندي ئي سندن خيال وڃي سندر بن پهچندو هو. اياز جو بنگال جي حوالي کان هيٺيون شعر ان زماني جي بنگال جي هڪ تلخ تصوير آهي:

بنگلا ديش
جي
وئيشا
سانوري
اپسرا
دام؟
چي: ٽي رپيا،
نام؟ چي: ”ڪام دينو.“
ياد رهي ته ڪام دينو لفظ جي معنيٰ آهي سرڳ جي اها گانءِ، جيڪا هرهڪ خواهش پوري ڪندي آهي. جيتوڻيڪ بنگال هاڻي ڊاڪٽر يونس جي ڪوشش کان پوءِ اهو ”ڪام دينو“ وارو نه رهيو آهي. معاشي طرح بنگال اڳتي نڪري آيو آهي، پر هڪ شاعر طور اياز غريب بنگالين جي درد کي پنهنجي روح جي گهراين سان محسوس ڪيو ۽ اهائي هڪ سچي آرٽسٽ جي نشاني هوندي آهي ته هو انسانيت جي ناتي سڄي دنيا جي درد کي پنهنجو درد سمجهي.
اياز پنهنجي بنگال ياترا ۾ رڳو هوٽلن ۾ نه رهيو هو، پر هن گهمندي ڦرندي بنگال جي پيڙهيل ۽ پٺتي پيل طبقن جي زندگيءَ کي به ويجهڙائيءَ کان ڏٺو هو:
چٽگام، سوڙهي گهٽي، اونداهه
بانس جون ڀونگيون
لنگهه لنگهه تي
لالٽين
چرس
چنڊول جي بوءِ
سرير
سِڪا
ٽهه ٽهه
ٻهه ٻهه
۽ ڪنهن وئيشا جي
چپن تي
ٽئگور جو اڌور گيت.
اسان جي نوجوان اديب واحد ڪانڌڙي ”سيد، اياز ۽ مجيب“ جي نالي سان هڪ ڪتابڙي ۾ لکيو آهي ته اياز جي اها خواهش هئي ته ون يونٽ جي ٽٽڻ کان پوءِ هو عوامي ليگ ۾ شامل ٿيندو. اتان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته شيخ اياز جي بنگال سان ڪيتريءَ حد تائين وابستگي هئي. ڪتاب ۾ اهو بيان ڪجهه هن ريت آيل آهي:
”ان موقعي تي شيخ اياز شيخ مجيب کي چيو ته ”اڃا ون يونٽ نه ٽٽو آهي، ۽ تحريڪ ۾ ڪميونسٽ، سوشلسٽ، انارڪسٽ قومپرست، دانشور ۽ سنڌ دوست عوام شامل آهي. ڪي لينن جا پوئلڳ آهن، ڪي مائوءَ جا، ڪي مهاتما گانڌيءَ جا، ڪي مولانا آزاد جا ۽ ڪي رڳو ڀٽائيءَ کان متاثر آهن. هڪ شاعر ۽ اديب جي حيثيت ۾ مان انهن سڀني ۾ رابطو آهيان. اڃا ون يونٽ ٽٽو ناهي، پر جڏهن اهو ٽٽو ته مان عوامي ليگ ۾ ضرور شامل ٿيندس.“
هڪ سياسي مفڪر طور اياز جي نه رڳو بدلجندڙ عالمي منظر نامي، سياسي ۽ سماجي نظرين تي گهري اک هئي ۽ هو پنهنجي خطي جي مجموعي سياسي ۽ سماجي صورتحال بابت پڻ انتهائي اپڊيٽ رهندڙ شخص هو. بنگلاديش جي صورتحال بابت به هرهڪ مرحلي تي گهري اک هئس، اولهه پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جو رويو، عسڪري قوتن جو ورتاءُ، مارشل لا، مجيب جي گرفتاري، بنگالين خلاف فوجي آپريشن ۽ پوءِ سندن ڌار ٿيڻ، انهن سڀني معاملن بابت هن جي دور انديشيءَ واري اک تمام اڳيان ڏسي رهي هئي. جڏهن شيخ مجيب الرحمان آخري ڀيرو سنڌ آيو ۽ هتي سنڌي قومپرستن، نيب جي اڳواڻن ۽ عوامي ليگ جي سنڌ واري قيادت سان مليو هو ته اياز ان سموري سياسي هلچل کي پل پل پرکيو پئي ۽ هڪ حساس سياسي مفڪر ۽ ليکڪ طور مستقبل ۾ پيش ايندڙ المناڪ حادثن کي اڳواٽ ڏسي رهيو هو. جڏهن شيخ مجيب الرحمان گرفتار ٿيو ته اياز بنگالين جي اسان کي ڌار ٿيڻ تي اڳواٽ ئي لکيو:
”منهنجي اکين اڳيان پوري برصغير جي تاريخ ڦري وئي ۽ ڍاڪا ۾ رائٽرس گلڊ جي گڏجاڻيءَ ۾ اها شام ياد آئي. جڏهن گلڊ جي سيڪريٽري جنرل ۽ پريزيڊنٽ ايوب جي سيڪريٽريءَ قدرت شهاب اردوءَ ۾ صدارتي تقرير ٿي ڪئي ۽ هڪ بنگالي اٿي بيٺو ۽ رڙ ڪري چيائين: مسٽر شهاب، انگريزيءَ ۾ ڳالهاءِ ته اسان به سمجهون، نه ته اسان جيڪڏهن بنگاليءَ ۾ ڳالهائينداسون ته اوهان هڪ اکر به نه سمجهي سگهندا. ان تي هن کي سيڪيورٽيءَ وارن ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍيو ۽ شهاب اردوءَ ۾ تقرير جاري رکي. مون ٻڌندڙن کي ساميءَ جا منظوم ترجما ٻڌايا، جن مان ڪجهه هندي لفظ بنگالين کي سمجهه ۾ آيا ۽ هنن تاڙيون وڄايون، باقي فارسي آميز اردو شاعري ٻڌي هنن کي نانگ سنگهي ويو. الائجي ڇو منهنجي دل ۾ ان وقت آيو ته اڄ بنگلاديش لاءِ عليحدگيءَ جي تحريڪ شروع ٿي آهي. هڪ گڏجاڻيءَ ۾ اردوءَ جي نقاد عبداللطيف شاداني هڪ بنگالي مصور جي هٿ ۾ ڪنهن ڪاري رنگ جي بنگالڻ جي تصوير ڏسي هن کان پڇيو ”ڇا ڪاري ڪنولي ڪڍي اٿئي؟“ ٻئي ڀيري اردوءَ جي صحافي طفيل احمد جماليءَ ڪانءَ کي وڻ تي ٻوليندو ڏسي چيو ته ”بنگالي به ڳالهائي رهيو آهي.“ ايتري نفرت جي اظهار مون کي انهيءَ نتيجي تي پهچايو ته بنگالي اسان سان گهڻو وقت گڏ رهي نه سگهندا.“
اهڙي اڳڪٿي يا بدلجندڙ سياسي منظر نامي جي حقيقت پسنداڻو تجزيو هڪ عام رواجي شاعر جي وس جي ڳالهه ناهي. اهو رنگ هڪ باخبر سياسي ڏاهپ رکندڙ مفڪر ئي سمجهي سگهي ٿو.
هيءُ سمورو حال احوال ۽ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ سياستدانن پاران بنگالين جي موقف جي حمايت ۽ ان لاءِ هڙتالون، مظاهرا، جلسا جلوس، گرفتاريون، جيل سهو سڄو احوال مون جڏهن پنهنجي بنگالي دوستن سان اهي ڳالهيون اوريون هنن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. چڱي ڳالهه اها هئي ته انهن سمورن واقعن جو اکين ڏٺو شاهد مير حاصل بزنجو، شيخ اسد الرحمان ۽ ڪرامت علي گڏ هئا، جن منهنجي هر ڳالهه جي تائيد ۾ ڪنڌ پئي لوڏيا، نه ته شايد ڍاڪا جا دوست سمجهن ها ته آئون ڪجهه وڌاءُ ڪري رهيو آهي. مون کلندي دوستن کي چيو ته جيئن مون کي تاريخ جي اها ڄاڻ آهي، تيئن هو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن همدردن ۽ نظرياتي ساٿين جون جرئتون ۽ قربانيون ياد رکن ۽ ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ڪن ته جيئن قومن جون ايندڙ پيڙهيون تاريخ جي انهن اهم ترين بابن کان محروم نه رهجي وڃن.
بنگالين پاران شيخ اياز هي شان ۾ چيل منهنجون ڳالهيون خاموشي، غور ۽ چاهه سان ٻڌندڙ پنهنجن بنگالي دوستن جا ٻرندڙ چهرا ڏسي مون سوچيو، جيڪڏهن اياز جو اهو ڪلام انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل هجي ها ته اڄ ڪيئن نه بنگالين تائين پهتل هجي ها. سوچيم ته سنڌ موٽي ڀلوڙ انگريزي ڄاڻيندڙ دوستن کي گذارش ڪندس ته اياز جو اهو ڪم ضرور ترجمو ڪن.

بنگابنڌو جو گهر

دل ۾ ڪيترائي خيال هئا. سفر وڻندڙ لڳي رهيو هو. ماڻهن سان ڪچهرين ۾ نئين نئين انداز جا رايا، تبصرا ۽ خيال ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا. انهن جا نوٽس وٺي رهيو هئس. ڪانفرنس جي ميزبانن ۽ ڍاڪا ۽ ڀرپاسي جي اهم تاريخي ماڳن مڪانن جي لسٽ ڏني ته اسين اهو طئه ڪريون ته پهرين ڪيڏانهن وڃڻو آهي ۽ ڇا ڏسڻو آهي. عورتون حسب دستور شاپنگ سينٽرز پهرين گهمڻ جي موڊ ۾ هيون. براڪ تنظيم جو هڪ وڏو ادارو آهي، ارونگ، جتي هائوس هولڊ شيون ۽ شاندار کاڌي پيتي جو سامان ۽ لٽا ڪپڙا ملندا آهن. اتي سموريون شيون بنگلاديش جون عورتون ٺاهينديون آهن، جيڪي براڪ جي انتظام هيٺ عورتن جي اڳڀرائيءَ جي مقامي سطح تي ٺاهيل تنظيمن ذريعي مارڪيٽ ڪيون وينديون آهن. مائيڪرو ڪريڊٽ ۽ ٻين تنظيمي قرضن وسيلي عورتن کي مختلف هنر سيکاريا ويندا آهن. جيئن پاڻ وٽ ٿرديپ، ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ عورتن جي معاشي اڳڀرائيءَ لاءِ کين قرض ڏيڻ، سکيا ۽ هنر جون تربيتون ڏيڻ وارو ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن وچ واري يعني مڊل مين ۽ آڙتيءَ بدران عورتن جي سڌو سنئون اهو سامان خريد ڪندڙ کان وصولي ٿئي ۽ ٽياڪڙي ڪندڙ پنهنجي اهڙي ڪميشن نه کائي سگهي. ڪن جو خيال هو ته ارونگ سينٽر گهمجي ۽ هٿ جو قيمتي سامان ڏسجي، اهو ڪم گهڻو ڪري بنگلاديش ۾ ڪم ڪندڙ يورپي ماڻهن جا سفارتڪار، غيرسرڪاري تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪن ۽ ٻيا خريد ڪندا آهن. منهنجو خيال هو ته پهرين ڍاڪا يونيورسٽي يا پلٽن ميدان جو چڪر هڻجي. اهو خيال گهر ۾ ويٺل فرخ سهيل گوئينديءَ سان شيئر ڪيم. هن مرڪندي چيو ته اسين جنهن عمارت ۾ ويٺل آهيون، ان جي پٺيان ٻن منٽن جي پنڌ تي بنگلاديش جي آزاديءَ جي روح روان عوامي ليگ جي سربراهه ۽ بنگالين جي هيري بنگابنڌو يعني شيخ مجيب الرحمان جو گهر آهي، ڇو نه پهرين اوڏانهن هلجي. سفر ڪيترائي ڪيا اٿم ۽ وڏن گروپن ۽ هجومن ۾ به هليو آهيان، تنهنڪري ڪوشش ڪندو آهيان ته پنهنجي فرمائش کي پاسيرو رکي ٻين دوستن جي خواهش جو خيال رکجي، سو آئون سوچڻ لڳس ته ڪانفرنس جو وقت پورو ٿيو ته خبر نه آهي ته ٽيم جو ڪهڙي ماڳ لاءِ اتفاق راءِ جڙندو، سو ٺونٺ هڻي گوئينديءَ کي چيم ته جيستائين ڪانفرنس جي ڪارروائي پوري ٿئي، ڇو نه لنچ جي وقفي ۾ چڪر هڻي اچجي. جيڪڏهن اها تاريخي عمارت ايتري ويجهي آهي، جيتري هو ٻڌائي رهيو آهي ته پوءِ وقت جو فائدو وٺجي. هن هاڪار ڪندي لنچ بريڪ تائين ڪارروائيءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ لنچ بريڪ ۾ ڌان منڊيءَ ۾ اسان واري ڪانفرنس جي عمارت کان ٻن منٽن جي پنڌ تي موجود شيخ الرحمان جي گهر ڏانهن هلڻ لڳاسين. ڪجهه منٽن کان پوءِ هڪ صاف سٿري روڊ تي اچي نڪتاسين. جتي مجيب جو گهر هو. ويجها ٿياسين ته پري کان ئي منظر ئي ٻڌائي رهيو هو ته اسين ڪنهن غيرمعمولي جڳهه تي پهتا آهيون. گهر جي آسپاس سيڪيورٽي هئي. روڊ جي ٻئي پاسي سيڪيورٽي چيڪ، سامان وغيره جمع ڪرائڻ جي ڪئبن، هڪ صاف سٿري ڪينٽين ۽ ان جي پسمنظر ۾ گدلاڻ سان ڀريل، پر سٺو منظر پيش ڪندڙ ڪئنال نظر آيو. گهر جي داخلا تي ننڍي قد جا معصوم پهريدار نوجوان سپاهي پيار سان ماڻهن کي اندر وڃڻ جا اصول سمجهائي رهيا هئا، جن ۾ سامان سيڪيورٽي ڪئبن ۾ جمع ڪرائڻ ۽ ڪئميرا يا موبائل فون گڏ نه کڻي وڃڻ جا شرط اهم هئا. ڪافي بنگلاديشي پنهنجي آزاديءَ جي سورمي جي گهر ڏسڻ لاءِ اچي رهيا هئا. گهڻو انگ نوجوانن جو هو. بنگلي جي ٻاهرين ڀت تي انتهائي صاف ۽ چمڪندڙ پٿر ۽ گلاس تي لکيل هو: ”آزاديءَ جو هيرو ۽ بنگالي قوم جو باني بنگابنڌو (شيخ مجيب الرحمان) جو گهر“. ان کي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ان تي تاريخون وغيره به لکيل آهن. ايتري ۾ ڏٺوسين حاصل بزنجو، شرافت علي، ڪنول چنائي، مينا مينن، زاهده ڏيٿو ۽ ٻيا دوست به اچي ڪڙڪيا. چيائون ته وقفي ۾ ڪنهن کين ٻڌايو ته مجيب جو گهر ويجهو آهي، سو اهو ڏسڻ لاءِ هليا آيا. مون گهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ لازمي شرطن کي پڙهي ٽهڪ ڏنو ۽ سوچڻ لڳس ته نيٺ اسان واري کنڊ ۾ فوٽوگرافيءَ ۽ ڪيمرا رڪارڊنگ لاءِ منع ڇو آهي؟ ۽ اهو دقيانوسي ڪلچر ڪڏهن ختم ٿيندو. دنيا ايتري ته ايڊوانس ۽ جديد ٿي ويئي آهي، جو هاڻ اوهين گوگل اميجز يا ارٿ تان تصوير ته ڇا، پر انهن علائقن، عمارتن ۽ ماڳن ۾ هلندڙ جيئرا ماڻهو ۽ وڊيو ۾ هر چرپر ڏسي سگهو ٿا. پر ان هوندي به اڄ به اسان وٽ فوٽوگرافيءَ جي منع وارو مدي خارج ڊيٽيڊ خيال ڇو عام آهي. اڄ به پاڪستان ۾ حساس سرڪاري عمارتن، ايئرپورٽن، بيراجن ۽ ڊيمن وغيره جي ماڳن مڪانن تي لکيل هوندو آهي ته: ”فوٽوگرافي منع آهي“ جڏهن ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويٺي، اوهين اهي سڀ شيون نئون سڌو ڏسي سگهو ٿا. هت به اهو چڪر نظر آيو. مون کي ڪيمرا جي فليش لائيٽ بند ڪري ڪيمرا کي پينٽ جي کيسي ۾ رکي ڇڏيو. بنگالي سپاهين جي فضيلت هئي، جو هنن باڊي سرچ ڪرڻ بدران رڳو اهو پڇيو ته ڪيمرا وغيره ته گڏ نه آهي. مون سوچيو ته اهڙو تاريخي موقعو وري ڪڏهن ملندو، جو مجيب جي گهر جي هرهڪ ديوار ڏسجي، سو مون ڪوڙ ڳالهائيندي چيو ته: نه، ڪابه شيءِ نه آهي. ايئن اسين مجيب جي رهائشگاهه ۾ داخل ٿياسين. اندر تير جا نشان آيلن کي سولائيءَ سان رستا مٽائڻ جون نشانيون ٻڌائي رهيا هئا. سڀ کان پهرئين ڪمري ۾، جيڪو گهر جو مک هال هو، جتي شيخ مجيب گڏجاڻيون ڪندو هو، ان هال ۾ شيخ مجيب ۽ سندس سياسي تحريڪ، پارٽي، دوستن يارن ۽ ڪٽنب جون يادگار تصويرون لڳل هيون. هرهڪ تصوير هڪ مڪمل ناول جو مواد هئي. مجيب جي ننڍپڻ کان ويندي سندس قتل ٿيڻ تائين، هن جي ذاتي، سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جون يادگار تصويرون ديوارن تي لڳل هيون.
ڪيترين ئي تصويرن ۾ هو وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ بين الاقوامي سياسي قيادت سان گڏ بيٺل هو. سندس لکن جي جلسن جلوسن جا وڏا پورٽريٽ لڳل هئا. تصويرون ڏسي گڏيل پاڪستان جي سياست جا ڪيترائي دور فليش بيڪ ۾ من اندر ڊوڙندا رهيا. ڪجهه اداسي محسوس ٿيڻ لڳي. ايتري ۾ حاصل بزنجي رڙ ڪري سڏ ڪيو. ويجهو ويس ته سوين تصويرن ۾ خبر نه آهي ته ڪيئن نواب اڪبر بگٽي شهيد، نواب خير بخش مري، مير غوث بخش خان بزنجو، باچا خان، ولي خان سميت نعپ جي قيادت سان گڏ نڪتل فوٽن تي اک پئجي ويس. حاصل بزنجو نعپ جي سياست ۽ ان جي قيادت جا قصا ٻڌائڻ لڳو. مون مجيب جي ذوالفقار علي ڀٽي سان نڪتل تصويرن کي غور سان ڏسندي سوچيو پئي ته شهيد ڀٽو ٿورڙو صبر ڪري ها ته اڄ پاڪستان سول ۽ ملٽري بيوروڪريسيءَ جي غلاميءَ کان آجو هجي ها. تصويرن ۾ ڪٿي به سنڌ جي قومپرستن سان نڪتل سندس تاريخي فوٽن مان هڪ فوٽو به نظر نه آيو. يا ٿي سگهي ٿو ته تڙتڪڙ مون کي اهي فوٽو نظر نه آيا هجن، پر جيستائين منهنجي تيز اک جو تعلق آهي ته مون هرهڪ تصوير کي غور سان اسڪين ڪيو، پر سائين جي ايم سيد سوڌو سنڌ جي ڪنهن به اڳواڻ سان مجيب جو فوٽو ڏسڻ ۾ نه آيو. لڳو هو ته ڄڻ گڏيل پاڪستان جي سياسي تاريخ جو هڪ پورو دور هنن ديوارن کان دور ٿيل آهي. سيڪيورٽيءَ وارا گڏوگڏ گهمي رهيا هئا. هڪڙي کان گهر جي انچارج بابت معلوم ڪيم. هو ٿورڙي دير ۾ هڪ سنهي، مشڪي رنگ واري قدآور شخص کي وٺي آيو. هن سلام ڪيو. مون کانئس پڇيو ته هن چيو ته کين انهن معاملن جي خبر نه آهي. گهر جي هرهڪ ديوار کي ڏسي مون کي ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته آئون ڪيترائي ڀيرا اڳ به هتي اچي چڪو آهيان. مون کي اتي اهڙو ئي احساس ٿيو هو، جهڙو سن ۾ داخل ٿيڻ مهل ٿيندو آهي. اتي اهائي خوشبو محسوس ٿي رهي هئي، جيڪا ڳڙهي خدابخش وڃڻ مهل ٿيندي آهي. سوچڻ لڳس ته اها ڪهڙي انسيت ۽ چاهه آهي، انهيءَ کي ڪهڙو نانءُ ڏجي! هيءُ نظرياتي رشتو آهي، حق ۽ سچ جي پاسي ٿي بيهڻ وارن سان قرب جو قصو آهي يا اندر ۾ آزاديءَ جي طلب جي تنوار! لڳي رهيو هو ته هن جي گهر جي به هرهڪ در ۽ ديوار مون کي چڱيءَ ريت سڃاڻن ٿا. دروازي کان داخل ٿيندي ئي گهر جي چانئٺ جنهن ريت منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو، ان مان مون محسوس ڪيو ته وڏي هجوم ۾ به هن گهر مون کي سڃاتو آهي. سڀ کان وڻندڙ منظر اهو بند ڪمرو هو، جتان بنگابنڌو يعني شيخ مجيب بنگلاديش جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو هو ۽ اهو اعلان ريڊيو تان نشر ڪيو ويو هو. مون تڪڙ ۾ ڪيمرا ڪڍي ۽ ان تختي جو انهيءَ ايمان سان فوٽو ڪڍيو ته هڪ ڏينهن اسين به مقامي سامراج جي غلاميءَ مان آزاد ٿي، هڪ باوقار جمهوري خودمختيار وطن جي حيثيت ۾ دنيا اڳيان نروار ٿينداسين. آئون گهڻي وقت تائين انهيءَ ڪمري جي بند پيل دروازي تي بيٺو رهيس ۽ سوچي رهيو هئس ته جنهن ننڍڙي، پر خوبصورت لائبريري (جيڪا مجيب جي گهر ۾ سڀ کان پسند جي جاءِ هئي) مان مجيب آزاديءَ جو اعلان ڪيو. هنن ڇو ان ڪمري کي ڀلا قيد ڪري ڇڏيو آهي؟ آزاديءَ جي اهڃاڻن کي هروقت آزاد رهڻ کپي. شيشي مان اهو ريڊيو، ڪتاب، اخبارون ۽ شيلڊون نظر اچي رهيون هيون، جيڪي مجيب جي استعمال ۾ هيون. مجيب هر سياسي ڪم ان ڪمري ۾ ويهي ڪندو هو. هڪ ڏاڪڻ تي لکيل هو: جيڪڏهن اوهان کي دل آهي ۽ اوهان جي اکين ۾ ڪجهه لڙڪ آهن ته هيءُ هنڌ، هيءُ پل اهي لڙڪ لاڙڻ لاءِ بهترين وقت آهي. مون پنهنجون اکيون مهٽيندي هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي ته هرهڪ اک آلي هئي. اها تختي بلڪل ان جڳهه يعني ڏاڪڻ تي لڳل آهي، جتي شيخ مجيب کي سندس ٻارن سوڌو قتل ڪيو ويو هو ۽ اڃا تائين رت جا ڇنڊا ديوارون سانڍيو بيٺيون هيون. هن جڳهه جي بهترين ڳالهه اها هئي ته ان کي ميوزيم ۾ تبديل ڪري مجيب، 1971ع ۽ بنگالين جي جنگ آزاديءَ کي بين الاقوامي سطح جي اونر شپ ملي رهي هئي. سياح قوم جا سفير هوندا آهن ۽ جڏهن قومن جي هيروز جي گهرن کي ميوزم ۾ تبديل ڪرڻ جهڙا بهترين سياسي فيصلا ڪيا ويندا آهن ته سياح انهن قومن جو مورال وڌائيندا نظر ايندا آهن. شيخ مجيب جي گهر ۽ ذاتي شين کي ميوزيم ۾ تبديل ڪري بنگلاديش جي سرڪار ڪيترو نه چڱو ڪم ڪيو آهي! اڄ قوم جي آزاديءَ جو سرواڻ قوم جي ملڪيت بڻيو، سڀني لاءِ اوپن آهي. مون واپسيءَ تي فيس بڪ تي اهي تصويرون اپ لوڊ ڪندي لکيو هو ته اهڙي سوچ اسان جي اڄوڪي حڪمرانن ۽ سياسي پارٽين جي قيادت جي حصي ۾ به اچي ته هو ستر ڪلفٽن، نئون ديرو هائوس کي ميوزيم ۾ تبديل ڪري ملڪ جي سياسي ستارن ذوالفقار علي ڀٽو، محترما بينظير ڀٽو شهيد، مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد، بيگم نصرت ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جي ماضيءَ کي عوامي ملڪيت قرار ڏيئي، انهن جي استعمال ۾ ايندڙ گهر ۽ شيون عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏين. تاريخ ۽ سياحت ۾ دلچسپي رکندڙ دوستن کي خبر آهي ته ڪيئن يورپ ۾ هرهڪ تاريخي شيءِ کي قومي ورثو قرار ڏيئي ميوزمن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هت به اهڙي روايت پوڻ کپي. هيٺ لهڻ مهل مک دروازي وٽ هڪ اسٽال لڳل هو، جتي سووينيئر رکيل هئا. بنگالي نوجوان ٽي شرٽس ۽ ڇوڪريون لاڪيٽ وغيره وٺي رهيون هيون. مون شيخ مجيب جي بايوگرافيءَ تي لکيل ڪتاب ورتو. گهڻا ڪتاب مقامي بنگلا ٻوليءَ ۾ هئا. ڍاڪا ۾ هونءَ به انگريزيءَ ۾ مواد گهٽ ملي ٿو. مجيب بنگالين جو محبوب اڳواڻ هو. 1947ع کان وٺي 1971ع تائين بنگالين سان جيڪي ڪجهه ٿيو، انهن جي ازالي لاءِ مجيب قوم کي گڏ ڪيو. خالد بن سعيد، عائشه جلال ۽ ڪجهه ٻيا بين الاقوامي شهرت رکندڙ مفڪر ڏکڻ ايشيا جي پاپولر ۽ عوامي سگهه رکندڙ سياسي ليڊرن خلاف عالمي سازشن تي گهڻو ڪجهه لکي چڪا آهن، انهن جو خيال آهي ته امريڪا ۽ سندس حواري ٽين دنيا ۽ خاص طرح ڏکڻ ايشيا ۾ پاپولسٽ دور ۽ قيادت جي خلاف دور ۽ قيادت خلاف هئا، تنهنڪري ڀُٽي، مجيب ۽ اندرا گانڌيءَ جا قتل هڪ ئي عالمي سازش جو حصو هئا. جنرل ايوب خان جي آمريت ۽ پوءِ جنرل يحيٰ خان جي فوجي حڪومت سندس ليگل فريم ورڪ آرڊر يعني ايل ايف او ۽ پوءِ چونڊن جا نتيجا، مجيب جي سياست بنيادي طور انهن حادثن مان نڪري بنگالي عوام جي دلين جي ڌڪ ڌڪ بڻجي ويئي ۽ مجيب جي 6 نقاطي پروگرام هن خطي جي جاگرافي ئي مٽائي ڇڏي. مجيب تي به کوڙ سارا ڪتاب لکيا ويا آهن. ڪجهه حمايت ۾ ته ڪجهه مخالفت ۾. کيس هندستان ۽ امريڪا جو ايجنٽ به سڏيو ويو، پر مجيب اڄ به بنگالين جي دلين تي راڄ ڪري ٿو. هنن جي فتح مان اڄ به اسان جي مات کاڌل نوڪر شاهي ڪجهه به سکڻ لاءِ تيار نه آهي. هو جن کي خسيس سڏيو ويو، ڪانءُ ڪوٺيو ويو، انهن ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان مضبوط فوجي نوڪر شاهيءَ کي شڪست ڏني. سندس اصولي سياست جي اها فتح آهي، جو اڄ به اسين چئون ٿا ته ملڪ کي 1971ع ڏانهن نه ڌڪيو. مون گهر کان ٻاهر نڪري، روڊ ڪراس ڪندي، مجيب جي تصوير سان فوٽو ڪڍرائي کيس سيليوٽ پيش ڪيو ۽ بنگال جي هوائن ۽ سامهون وهندڙ واهه جي وهڪري سان سنڌ پاران تعزيت ڪندي اياز جون هي سٽون جهونگاريون ته:
”ٽڙي پوندا ٽارئين،
جڏهن ڳاڙها گل،
تڏهن ملنداسين“

بنگلا اتهاس ۽ ڍاڪا يونيورسٽي

ڍاڪا شهر ۾ ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون ۽ سياسي طور اهم نشانيون گهمڻ لائق آهن، پر اهڙي سفر لاءِ ڍاڪا انتهائي ڳتيل آباديءَ وارو شهر آهي. ماڻهوءَ مٿان ماڻهو ڊوڙندو نظر ايندو. زمين گهٽ ۽ آبادي بي انتها هجڻ ڪري ڍاڪا ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندو پيو وڃي. شهر ۾ وڌندڙ آبادي، ٻاهرين لڏپلاڻ، شهر کي بهتر بڻائڻ جي رٿابنديءَ جي کوٽ هن شهر کي ٻاهران ايندڙ سياحن ۽ ٻين وزيٽرن لاءِ ڪو گهڻو ڇڪ رکندڙ ۽ موهيندڙ شهر رهڻ نه ڏنو آهي.
ڏيڍ ڪروڙ جي آباديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي ڪل پکيڙ 5274 ڪلو ميٽر يعني 1362 اسڪوائر ميل آهي. جڏهن ته لڳ ڀڳ ساڳي آباديءَ وارو ڍاڪا شهر 565 اسڪوائر ميل يعني 146360 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڍاڪا ۾ شهري سهولتن، ٽريفڪ ۽ ماڻهن جي صورتحال ڇا هوندي.
ان هوندي به ڍاڪا جيڪو مغل دور ۾ اورنگزيب آباد هو، ڪيترن ئي سببن جي ڪري بين الاقوامي ڇڪ وارو شهر آهي. گڏيل پاڪستان يا ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ سياحن لاءِ هن شهر ۾ گهڻو ڪجهه آهي. بري گنگا درياهه جي ڪناري آباد هيءُ شهر ”رڪشا دارالخلافه“ به سڏبو آهي. ان سان گڏ هيءُ شهر مسجدن جو شهر پڻ سڏيو وڃي ٿو. ڍاڪا ڪيترائي ڀيرا پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ۽ وري حاصل ڪئي آهي. گڏيل هندستان ۾ جڏهن بنگال هڪ صوبو هو، ته اورنگزيب آباد يعني ڍاڪا ڪلڪتي کان پوءِ بنگال جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ مغل دور ۾ واپار جو وڏو مرڪز هو.
1904ع ۾ جڏهن انگريزن ننڍي کنڊ کي فرقيواريت جي آڌار ورهائڻ جي رٿابندي شروع ڪئي ته انهن سڀ کان اڳ بنگال کي ورهايو ۽ اوڀر بنگال ۽ آسام جو مرڪزي گاديءَ وارو هنڌ بڻيو. وري جڏهن 1911ع ۾ ورهاڱي جو فيصلو واپس ورتو ويو ته آسام کي اوڀر بنگال کان ڌار ڪيو ويو. ان کان سواءِ 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام کان پوءِ ڍاڪا اوڀر پاڪستان جي گادي بڻيو. جڏهن اوڀر بنگال ڌار ٿيو ۽ بنگالين آزادي ماڻي ته ڍاڪا هڪ صوبي بدران هڪ آزاد رياست جي راڄڌاني بڻيو.
ڍاڪا نائين صدي عيسويءَ تائين ٻڌ ڌرم جي بادشاهت، ڪاما روپا جي ڪنٽرول ۾ رهيو. نائين صديءَ جي آخر ۾ هندو سلطنت سينا ڍاڪا کي به پنهنجي ڪنٽرول ۾ آندو. ٻارهين صديءَ ۾ هندومت جي سلطنت بلال سينا جي هڪ مندر جي نالي تي ڍاڪا جو نالو ڍاڪا شوري رکيو ويو. ڍاڪا ۽ ان جي سموري پسگردائي واري ايراضي کي بنگلا سڏيو ويندو هو. بنگال ۾ تاريخي بازارون هونديون هيون، جنهن ۾ شنڪري بازار، لڪشمي بازار، بنيا تانتي بازار وغيره خاص طرح مشهور آهن. پوءِ جيئن جيئن نوان حاڪم ايندا ويا، بنگلا جو نصيب به انهن فتحن ۽ شڪستن سان گڏ مٽجندو رهيو. ايستائين جو مغل دور آيو ۽ اورنگزيب جي دور ۾ شهر جي پهرئين ايڊمنسٽريٽر صوبيدار اسلام خان هن شهر جو نالو ڍاڪا شوري مان مٽائي اورنگزيب آباد رکيو. انگريز دور کان اڳ بنگال جا راجا ۽ مغل دور جا نمائندا هڪ پوري علائقي بنگلا، جنهن ۾ اُڙيسا، بهار، آسام ۽ بنگال شامل هئا، راڄ ڪندا رهيا.
انگريزن کي ننڍي کنڊ جي جن مک شهرن مان محصول اوڳاڙڻ جو مڪمل حق حاصل ٿيو، انهن ۾ بنگال سرفهرست هو ۽ ايئن محصولن جي اوڳاڙيءَ جي بهاني ايسٽ انڊيا ڪمپني هتي پهتي ۽ 1765ع کان 1793ع جي مختصر عرصي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني انهن علائقن جو انتظامي ۽ سياسي ڪنٽرول مڪمل طرح پنهنجي هٿ وس ڪري ورتو. ڪلڪتي کي ڍاڪا جي ڀيٽ ۾ انڪري اهميت ڏني ويئي، جو مغل دور ۾ مسلمان ڪلچر جي وڌي وڃڻ ڪري انگريز اوڀر بنگال کان وڌيڪ اولهه بنگال ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا ۽ پوءِ ڪلڪتي کي هنن اهڙو ته واپاري توڙي ٻين سماجي ۽ معاشي سرگرمين جو محور بڻايو، جو ڍاڪا جي صورتحال اهڙي ٿي ويئي، جهڙي ڪراچيءَ اڳيان حيدرآباد ۽ سکر آڏو خيرپور ميرس جي آهي.
اوڀر بنگال جي 90 سيڪڙو آبادي مسلمان هئي، تنهنڪري هتي مسجدن جو وڏو تعداد موجود آهي، پر جيئن ته هيءُ علائقو هندو، انگريز ۽ ٻڌمت جي سلطنت جو حصو به رهيو، تنهنڪري هتي خوبصورت ۽ من موهيندڙ گرجا گهر، مندر ۽ ٻيون تاريخي جايون ۽ نشانيون موجود آهن. شهر جي وچ ۾ هڪ مسجد ڏسڻ ۾ آئي، مقامي دوستن ٻڌايو ته ان کي ستن قبن واري مسجد سڏيو ويندو آهي ۽ اها سترهين صديءَ ۾ تعمير ٿي هئي. ساڳي همراهه اهو پڻ ٻڌايو ته ڍاڪا ۾ ارڙهين صديءَ جون ڪجهه ٻيون ته خوبصورت آرڪيٽيڪٽ رکندڙ مسجدون موجود آهن. ظاهر آهي ته سفر ۾ ٻين مذهبن جا دوست به شامل هئا، سو ڪيترن ئي تاريخي مندرن جي ديدار ڪرڻ جو فيصلو پڻ ٿيو ۽ شهر ۾ قائم يارهين صديءَ جي هنن عاليشان مندرن، ڍاڪا شور ۽ راما ڪرشنا مندرن جي چترڪاري، آرٽ ۽ فن جي نمونن ڪيترن کي اچرج ۾ آڻي ڇڏيو هو. هڪ ٻئي مقامي همراهه ٻڌايو ته ڍاڪا جو لال باغ قلعو ڏسڻ وٽان آهي، جيڪو اورنگزيب جي فرزند محمد اعظم 1678ع ۾ ٺهرايو هو ۽ 1857ع ۾ انگريزن خلاف ننڍي کنڊ جي عوام جي جوٽيل آزاديءَ واري جنگ ۾ انگريز فوج کي هن قلعي مان سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو هو، جو انگريزن جڏهن پنهنجا سپاهي ڇڏي روانا ٿيا ته انهن ئي سپاهين بغاوت جو اعلان ڪري قلعي تي قبضو ڪري ورتو.
لال باغ قلعي اندر شهر جي پهرئين ايڊمنسٽريٽر سالار خان جي گهر واري لال بيبيءَ جو مقبرو، مسجد ۽ عوامي ميڙاڪي جو وڏو هال اڄ به موجود آهي. قلعي جي حالت بهتر نه آهي. لڳو ٿي ته پاڪستان وانگي هت به قديم آثارن واري کاتي جو حال پورو آهي. ميوزم ۾ تبديل ٿي ويل نواب شائسته خان جو حمام ڏسڻ وٽان هو. دل وري چاهيو ته مغل دور جي يادگيرين تي ٻڌل ڪتابن جا قصا کولجن، پر دماغ فيصلو ڪيو ته نه هن ڀيري رڳو ڍاڪا تي لکڻو آهي. مغل واقعي به عجيب غريب بادشاهه هئا. فن ۽ عمارتسازي ۽ ٻين لطيف فنن سان ڪيترو نه انصاف ڪري ويا آهن!
انهن دورن دوران گاڏيءَ ۾ ويٺل مختلف ماڻهن جا دلچسپ تبصرا ۽ ڪچهريون به من کي لڀائي رهيون هيون. هر ماڻهوءَ جو پنهنجو مزاج، رويو ۽ انداز هو. آئون جڏهن به ان قسم جي علائقن ۽ خاص طرح ملڪ کان ٻاهر گروپن کي ڏسندو آهيان ته قدرت جي گوناگونيت جي آرٽ تي رشڪ ڪندو آهيان. ساڳئي مقصد لاءِ ساڳي رٿابندي ۽ ايجنڊا سان گڏ ٿيل ماڻهو ڪيئن نه هر شيءِ لاءِ ڌار ڌار ويچار رکن ٿا. تاريخي جايون گهمندي انهن جا تبصرا ٻڌي سوچڻ لڳس ته هر انسان کي پنهنجي منفرد نگاهه آهي شين کي ڏسڻ، پرکڻ ۽ تجزيو ڪرڻ لاءِ.
جتن ڊيسائي، مينا مينن ۽ جواهر لال نهرو يونيورسٽيءَ جي مارڪسسٽ استاد ڪمل چتاني هر شيءِ کي سنجيده سياسي پسمنظر ۽ حل ڏانهن لاڙڻ لڳندا هئا. شرافت علي پنهنجي مخصوص انداز ۾ وڏي ڳالهه پر سادي ۽ سولي انداز ۾ ايئن ڪندو جو، مزو اچي ويندو. وري گوئيندي جو انداز ئي پنهنجو، صفا فقيراڻو مزاج، هو بس ليڪو ڪڍي ڇڏيندو هو ۽ ڪنهن به دير کان سواءِ حتمي راءِ ڏيئي ڇڏيندو هو.
گاديءَ جي شهر ۾ گاڏي ڊوڙندي رهي، اسين ٿورڙي ٿورڙي وقت لاءِ مختلف علائقن ۾ بيهندا، مختلف ماڳن مڪانن کي ڏسندا رهياسين. ڪوسٽ تنظيم جي رضا ڀائي پاران جيڪو نوجوان موڪليل هو، اهو انتهائي ملنسار ۽ فضيلت وارو ڪامريڊ هو. جنهن به روڊ تان گذرياسين ٿي ته ان روڊ تي جيڪڏهن ڪابه اهم جڳهه هئي، ته هن اسان کي انهيءَ جي آگاهي ٿي ڏني.

[b]ڍاڪا يونيورسٽي:
[/b]ڪچهريون ڪندا، مختلف روڊن تان ڦرندا هڪ هنڌ پهتاسين ۽ پري کان ڍاڪا يونيورسٽي نظر آئي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ وارا ڏينهنِ ڦوهه جوانيءَ وارا ڏينهن هوندا آهن ۽ بي پرواهي ۽ آوارگيءَ سان گڏ ٽهڪن، خوابن ۽ عشق جا نگهبان هوندا آهن. يونيورسٽيءَ جي زندگي مئچور سطح جي هجڻ ڪري پڙهائي، ڪيريئر توڙي سياست ڏانهن رويا جذباتي ۽ مئچور پڻ هوندا آهن. مون پاڪستان جي ٻن خوبصورت ترين يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪيون آهن ۽ مون کي لڳندو آهي ته ڄڻ حسن درس پنهنجو نظم ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد لاءِ لکيو هجي. حليم باغي ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي ”اڙي شهر جانان“ جو لقب ڏيئي، هن يونيورسٽيءَ جي لکن شاگردن جي دلين جي ترجمان ڪئي آهي.
ڪيترن ئي ناولن، آتم ڪٿائون، ڪهاڻين ۽ قصن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو ذڪر موجود آهي. ايئن ئي دنيا جون ڪيتريون يونيورسٽيون واکاڻ لائق آهن ۽ خاص طرح نئين پيڙهيءَ لاءِ وڏي اهميت رکن ٿيون. ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي مک بلڊنگ وٽ پهچڻ کان اڳ منهنجي ذهن ۾ الائي ڪيترا خيال ڏبا. ”هت نوجوان ڇوڪرا، ڇوڪريون پڙهندا هوندا، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ مصروف هوندا، هڪڙا وري سياست ۾ سرگرم هوندا، ته ٻيا وري ادب، آرٽ ۽ لطيف فنن جي شعبن ۾ ماهر هوندا. ڍاڪا يونيورسٽي بلڪل ايئن ئي خوبصورت ۽ حسين گلدستو محسوس ٿي، جيئن سنڌ يونيورسٽي آهي:
”ڄامشوري جي ڪلاسن ۾ حسن،
دير تائين لان ۾ پيئندا رهيا،
چنڊ پلٽيو پئي گلاسن ۾ حسن،
تنهنجي ڪاوڙ ۽ غصي ۾ سندرتا،
تنهنجي دڙڪن ۽ دلاسن ۾ حسن.

يونيورسٽيءَ جي احاطي ۾ ڇا داخل ٿياسين، جهڙوڪ شاعر ٿي پيس. ننڍي قد جا مشڪي چهرا لان ۾ ويهندي، روڊن رستن تي هلندي مختلف عمارتن اندر ۽ ٻاهر ايندي ويندي نظر آيا ٿي. ايئن لڳي رهيو هو، ڄڻ بنگال لاءِ شيخ اياز جا شاعري ۽ سونهن بابت سرجيل خيال گڏ گڏ گهمي رهيا هجن. هر پاسي ساوڪ هئي، وڻن سان گڏوگڏ چهرن تي به زرخيزي هئي.
شايد نوجوان ان ڳالهه تي فخر ڪندا هجن ته اها ننڍي کنڊ جي اهڙي پهرين يونيورسٽي آهي، جنهن ڪنهن قوم کي آزادي ڏيارڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو هجي. ڍاڪا يونيورسٽيءَ کي ”آڪسفورڊ آف دي ايسٽ“ به سڏيو وڃي ٿو. بنگلاديش جي سياست ۽ سماج تي ڇانيل ڪيترائي نالا انهيءَ يونيورسٽيءَ جا پڙهيل آهن. بنگالين جي آزاديءَ جي پرواني شيخ مجيب الرحمان کان وٺي نوبل انعام يافتا ڊاڪٽر محمد يونس تائين، جهڙا نالا هن يونيورسٽيءَ جا شاگرد رهيا آهن.
اڄ يورپ، امريڪا ۽ ٻين سڌريل ملڪن ۾ ويٺل بنگالي ذهن هن يونيورسٽيءَ جي پيداوار آهن ۽ انهيءَ ڪري دنيا جي نمبر ون يونيورسٽي آڪسفورڊ جي نالي سان ڍاڪا يونيورسٽيءَ کي ”اوڀر جي آڪسفورڊ“ چيو ٿو وڃي. ڪو دور هو، جڏهن ايسٽ بنگال، آسام ۽ بيهار جا ٻار ڪلڪتي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا هئا ۽ انگريزن ايسٽ بنگال کي الڳ يونيورسٽي ڏيئي هڪ چڱو ڪم ڪيو. هنن شايد1904ع ۾ بنگال کي ٽڪرا ڪرڻ واري غلطيءَ جي ازالي طور اهڙو ڪم ڪيو. گڏيل پاڪستان ۾ ڍاڪا يونيورسٽي سياسي ثقافتي سرگرمين جو اهم ترين مرڪز هوندي هئي. 1940ع کان 1971ع تائين گڏيل پاڪستان ۾ ٿيندڙ سڀني سياسي سماجي سرگرمين توڻي تحريڪن، جدوجهدن ۽ تبديلين ۾ هن يونيورسٽيءَ جو وڏو ڪردار رهيو آهي.
جڏهن محمد علي جناح 1948ع ۾ يونيورسٽيءَ کان ٿورڙي فاصلي تي موجود تاريخي پلٽن ميدان، جيڪو هاڻي سهروردي پارڪ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ۾ جڏهن انگريزي زبان ۾ تقرير ڪندي اردو ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو ته ان جلسي ۾ موجود ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي هڪ نوجوان شاگرد شيخ مجيب الرحمان کي اها ڳالهه نه وڻي هئي ۽ هن پوءِ اهڙي ته تحريڪ هلائي، جيڪا بنگالين لاءِ الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ جو سبب بڻي. اڄ به ڍاڪا يونيورسٽيءَ جا شاگرد پڙهائيءَ دوران ان ڳالهه تي فخر ڪندا نظر ايندا آهن ته بنگلاديش جي آزادي ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي دين آهي. ٻوليءَ جو بحران، 1947ع کان وٺي ايوب خان جي مارشل لا تائين بنگالين سان ٿيل ظلم، يحييٰ خان جو ايل ايف او، وري ملٽري آپريشن انهن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي اهم ۽ تاريخي موقعن تي ڍاڪا يونيورسٽي هر جمهوريت مخالف ۽ انساني حقن جي معطليءَ واري هر حڪومت ۽ آمر سان مهاڏو اٽڪايو. اهو وقت شاگرد سياست جو عظيم الشان وقت هو. جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ سوڌو هن ملڪ جون ڪيتريون درسگاهون آمريت ۽ فوجي راڄ خلاف مزاحمت ڪري رهيون هيون.

شهيد مينار ۽ قومي ٻوليون

1971ع واري فوجي آپريشن ۾ اسان جي جوانن هن يونيورسٽيءَ کي مڪتي باهني تحريڪ جو نظرياتي ۽ فڪري ڳڙهه قرار ڏيندي وڏو قهر ڪيو. سوين استاد ۽ شاگرد قتل ڪيا ويا، يونيورسٽيءَ جي شهيد ٿيل استاد ۾ ڊاڪٽر انور پاشا، مفضل حيدر چوڌري، اي اين منير چوڌري، ڊاڪٽر فضل الرحمان، ڊاڪٽر غياث الدين، ڊاڪٽر فضل الموهي، ڊاڪٽر شرافت علي، سادات علي ۽ ڪيترائي هندو استاد ۽ ڊاڪٽر جهڙوڪ گووند چندرا ديو، ڊاڪٽر جيوتي، ڊاڪٽر سنتوش ڀٽاچاريا وغيره شامل آهن.
يونيورسٽي گهمندي مختلف شعبا ڏسندي اسان سڀني وٽ ڪيترائي خيال ۽ تبصره هئا، پر مون ڏٺو ته جيڪو درد اسان کي هو ۽ جيڪا ڪيفيت اسان جي هئي، اهڙي شايد ٻين جي نه هئي، ڇاڪاڻ ته گهر اسان جو سڙيو هو.
ڍاڪا يونيورسٽي، ٻولي جي شهيدن جو يادگار، بنگالي شاعر نذر السلام جي قبر ۽ پلٽ ميدان هڪڙي ئي علائقي ۾آهن. يونيورسٽيءَ مان ٻاهر نڪرندي ئي اسان کي ٻوليءَ جي شهيدن جو يادگار نظر آيو. ان يادگار کي بنگالي ”شهيد مينار“ جي نالي سان ياد ڪن ٿا. اهو يادگار يونيورسٽيءَ جي حدن ۾ واقع آهي، اڄ جيئن پاڻ وٽ هر احتجاج، مظاهري ۽ سرگرميءَ جو محور پريس ڪلب جون عمارتون آهن، ائين ئي ڍاڪا ۾ ٿيندڙ هر احتجاج ۽ مظاهرا شهيد مينار وٽ ٿين ٿا، اتي سماجي تقريبون ۾ رانديون به کيڏيون وڃن ٿيون، ان جي سامهون ئي رضا پارڪ آهي، جنهن جو هڪ حصو پلٽ ميدان سڏيو ويندو هو.
مون پنهنجن ٻنهي دورن ۾ هت نوجوانن کي هر ڀيري وڏيون تقريبون رٿيندي ڏٺو آهي، جهڙوڪ آرٽس ڪائونسل وارو منظر هجي. هي يادرگار ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج سان لڳو لڳ آهي.
هيءُ مينار انهن شهيدن جي ياد ۾ اڏيو ويو آهي، جيڪي بنگالي مٿان اردو مڙهڻ واري فيصلي خلاف احتجاج ڪندا رهيا، انهن ۾ ڍاڪا يونيورسٽي جا شاگرد استاد ۽ شهري شامل هئا.
21 فبروري 1952ع تي نڪتل هڪ مظاهري ۾ شريڪ ماڻهو اها گهر ڪري رهيا هئا ته بنگاليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي، ڪنهن به دستاويز يا تاريخي ريفرينس ۾ اهو حوالو نٿو ملي ته ڪو بنگالي اردو خلاف هئا. هو رڳو بنگال ۾ بنگالين جي اڪثريت لاءِ قومي ٻولي جي حق ۾مظاهرا ڪري رهيا هئا. ته اسان جي بيرحم اسٽبلشمينٽ جي چوڻ تي مٿن گولين جا وسڪارا ڪيا ويا.
ٻوليءَ جي تڪرار جو هڪ وڏو سياسي پسمنظر آهي، ملڪ ٺهڻ شرط ئي ڪراچي ۾ ٿيل هڪ تعليمي ڪانفرنس ۾ اردو کان سواءِ ڪنهن به ٻولي کي قومي ٻولي قرار نه ڏيڻ جو سرڪاري سطح تي فيصلو ٿي ويو هو، 21 فيبروري 1948ع تي پاڪستان جي باني محمد علي جناح پلٽن ميدان(رضا پارڪ) ۾ اهو اعلان ڪيو ته ٻنهي يونٽن( اسٽيٽ ايٽ پاڪستان) جي قومي ٻولي اردو هوندي بنگالي اسلامي علم آرگنائيزيشن تمدن مجلس جي سيڪريٽري جنرل مولانا ابولڪاشم سڀ کان پهرين ان اعلان خلاف بيان جاري ڪيو، ايئن 1948ع کان 1952ع تائين بنگالي پنهنجي اڪثريتي ٻوليءَ خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف آواز اٿاريندا رهيا، جلسا جلوس، مظاهرا ڪندا رهيا، بنگالي ان وقت اقتدار ۾شامل هئا. هو ان وقت سرڪاري سطح تي به معاملن کي الجهائڻ بدران سلجهائڻ جون صلاحون ڏيندا رهيا، چوندا رهيا. کين بنگاليءَ کان سواءِ ٻي ڪا به ٻوليءَ نه گهرجي، هنن ڪٿي به نه اهو نه چيو ته اردو سرڪاري يا رابطي جي زبان نه ڪيو وڃي، انهن جو مطالبو هو ته اوڀر پاڪستان ۾ هر ماڻهو رڳو بنگالي ڄاڻي ٿو. تنهنڪري بنگاليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيئي اوڀر پاڪستان جي سرڪاري ٻولي بڻايو وڃي، ان جي جواب اسان جي سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسي اها مهرباني ڪئي، جو چٽاڀيٽيءَ واري امتحانن ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي تسليم ٿيل مضمونن ۽ ٻولين جي لسٽ ۾ بنگاليءَ کي ڪڍي ٻاهر ڪيو ويو.
اوڀر بنگال ۾ ويٺل ڪامورن جو اڪثريت اولهه پاڪستان جي ماڻهن جي حراست انهن ڪرسي لوٽن ۽ سحن تان به بنگالي ٻولي ختم ڪري ڇڏي. ان وقت جي تعليم واري وفاقي وزير فضل الرحمان ان سموري ڪارڪردگي جو ماسٽر مائينڊ هو، بنگالين جي هو نه ٻڌي نتيجي ۾ 21 فيبروري 1952ع ۾ بنگالين پاران نڪتل هڪ وڏي ريلي مٿان فائرنگ ڪري ڪيترائي ماڻهو شهيد زخمي ڪيا ويا.

[b]بنگالي ۽ اردو جو تڪرار:
[/b]جڏهن اردو کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن وچ ۾ رابطي جي ٻولي يا ذريعي جو نالو ڏنو ٿو ويو ته ان وقت به بنگالين ٻولي جي ماهرن ۽ اعليٰ قيادت کي ان ڳالهه تي سخت اعتراض هو، ڇاڪاڻ ته بنگال جي مسلمانن جي اڪثريت بنگالي ڳالهائيندڙن هئي، جيڪا ايسٽن اينڊ آرمي ٻوليءَ جو تسلسل هو، جڏهن ته اردو لجهجي جو سلسلو هئي1937ع ۾ مسلم ليگ جي لکنو ۾ ٿيندڙ تاريخي ڪنوينشن ۾ به بنگالي قيادت اردو کي قومي ٻولين مٿان مڙهڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪئي هئي.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جيئن پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جي مضمونن ۽ ٻين سرڪاري ڪمن ڪارين مان بنگالي کي تڙي ڪڍيو پئي ويو ان جي مستقبل ۾ تڪرار بابت بنگالي عوام توڙي قيادت کي پيش ايندڙ صورتحال جو احساس هو. 1948ع ۾ بنگالي ٻولي جي ماهرن، سول سوسائٽي جي اڳواڻ سياسي ڪارڪنن 58 ڪاميٽي ٺاهي جنهن جو نالو 98 راستر ڀاشا سنگرام پري ستاد(قومي ٻولي ايجنٽن ڪميٽي) بنگالي ٻولي ماهرن محمد شاهه، ابو منصور احمد، تمند مجلس جي سربراهه نور الحق، پارليامينٽ جي ميمبر شمس الحق تي ٻڌل ايڪشن ڪميٽي هڪ تفصيلي مسودو ٺاهي، ان وقت جي وزيراعظم لياقت علي خان ڏانهن موڪليو. اردوءَ جي بنياد تي پاڪستان تي قبضي جي خواهشمند هڪ وڏي لڏ پلاڻ جي سربراهه جي حيثيت ۾ ڪيئن ممڪن هو ته لياقت علي خان اهڙي مسودي جي منظوري ڏئي ها. هن اهو چئي مسودو رد ڪيو ته ان پٺيان هندستان جي سازش آهي. پاڪستان جي ورهاڱي جي ڇاڪاڻ ته ان مسودي کي ايسٽ بنگال جي غيرمسلم اسيمبلي ميمبر ڌرنڌر ناٿ دتا اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ ڏني هئي، جنهن ڪري ٻين ميمبرن پريم هري، ڀوپندرڪمار دتا، چندرا چاتو پدايا جي تائيد حاصل هئي.
هاڻ اوهين اندازو لڳايو ته پاڪستان جي ٺهڻ جي سڀ کان وڏي خواهشمند آبادي يعني هجرت ڪري آيل هڪ لساني اقليت جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم اڃا اقتدار ئي نه سنڀاليو هو ته کيس هر قومي مطالبو هندستان جي سازش کي لڳو. اهو اسٽيبلشمينٽ جو نقطي نظر هو، جنهن جو ڪنٽرول اڄ به جاري آهي، جنهن کي ملڪ ان سبب الڳ ڪري ڏنو ويو برطانوي سامراج پاران ته جيئن خطي ۾ هڪ مضبوط جمهوري رياست نه جڙي سگهي.
اهڙيءَ صورتحال ۾ 11مارچ 1948ع تي بنگال جا مشهور سياسي شاگرد اڳواڻ شوڪت علي، عبدالواحد، قاضي غلام محبوب، علي احد، شيخ مجيب الرحمان، عبدالمتين، عبدالمالڪ ۽ ٻين ايسٽ پاڪستان جي وزيراعظم خواجه ناظم الدين جي سرڪاري رهائشگاهه ڏانهن احتجاجي مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
جلوس کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. مظاهرو ڪندڙن ۽ پوليس وچ ۾ جهڙپ ٿي ۽ مشهور بنگالي اڳواڻ اي ڪي فضل الحق سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. جهيڙو وڌي ويو. شاگرد ۽ سياسي اڳواڻ ۽ خواجه ناظم الدين جي گهر اڳيان 11 کان 15 مارچ 1948ع تائين بک هڙتال ڪئي ۽ نيٺ خواجه صاحب شاگرد اڳواڻن سان ٺاه تي صحيح ڪئي ته هو بنگالي ٻوليءَ کي هر صورت ۾ بنگال جي قومي ۽ سرڪاري ٻولي قرار ڏياريندو.
تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته بنگاليءَ ٻولي جي ماهرن ايستائين به چيو ته اردوءَ جن علائقن ۾ اڪثريت ۾ هجي، اتي ڀلي اها رائج ڪئي وڃي، پر بنگالي رڳو اوڀر پاڪستان ۾ پڙهندا ۽ ڳالهائيندا.
محمد علي جناح، پلٽن ميدان ۾ ڳالهائيندي چيو ته قومي سڃاڻپ ۽ قومي ٻولي، جي ڏس ۾ ڀارت پاڪستان جي مسلمانن کي ويڙهائڻ لاءِ ” ففٿ ڪالم“ طور استعمال ڪئي پئي وڃي ۽ مسلمان سڃاڻپ ۽ وحدت برقرار رکڻ لاءِ رڳو اردو ٻوليءَ کي ئي قومي ٻولي مڃندا.
24 مارچ تي ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي مک هال ۾ خطاب ڪندي جناح اهو چيو ته اردوءَ جا مخالف ”اسلام، امت ۽ پاڪستان جا دشمن آهن“. (هتي آئون ڪي بي سعيد جي ڪتاب ”پاڪستان اندر وفاقيت جي بحران“ کان ڊبليو جي چوڌريءَ جي ڪتاب ”بنگلاديش ڇو الڳ ٿيو“ تائين سوين ڪتابن جا حوالا ڏيئي سگهان ٿو، جنهن ۾ انهن ڏينهن ۾ محمد علي جناح پاران پاڪستان کي ورهائڻ واريون تقريريون ۽ سندس رٿابنديءَ بابت تفصيلي باب لکيل آهن).
تاريخ جا اهي ورق ياد ڪندي پاڪستان جي قومي ٻوليءَ جي حوالي سان ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي ميمبرن قومي ٻولي جو بل ڪرڻ جو معاملو ياد آيو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ رهندڙ قومن جي تاريخيءَ ۽ تهذيبي حيثتيت کي نظر ۾ رکندي، سندن ٻولي کي قومي ٻوليءَ جي درجي ڏيڻ جي گُهر ڪئي ويئي آهي، ۽ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جي ڪيس لاءِ مسودي تيار ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڏاهي سائين محمد ابراهيم جوييءَ صاحب جي سربراهي ۾ ثقافت کاتي جيڪا ڪاميٽي جوڙي آهي، تنهن ڪاميٽي ۾ مان به شامل آهيان.
سوچيان ٿو ته 60 سال گذرڻ کان پوءِ به پاڪستان جهڙوڪ 1952ع ۾ بيٺو آهي بنگالين وانگر ٻيون قومون اڄ به پنهنجي آئيني تاريخي ۽ اخلاقي حقن لاءِ وڙهي رهيون آهن. جڏهن خواجه ناظم الدين گورنر جنرل هو ته آل پارٽيز سينٽرل لينگوئج ايڪشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ بنگالي کي اسڪرپٽ ۾ لکڻ جي زبردست مخالفت ٿي ۽ فيصلو موضوع ٿيو، ڍاڪا ۾ نارا ۽ بنگالي ان روڊن تي نڪري آيا ۽ نيٺ 144 سيڪشن هڻي ماڻهن جي سياسي سرگرمين تي پابندي هني وئي.
21 فيبروري 1952ع ۾ صبح جو اٺين وڳي ڍاڪا يونيورسٽيءَ جا شاگرد ۽ سياسي پارٽين جا ورڪر بنگال آئين ساز اسيمبلي جي بلڊنگ ڏانهن وڃڻ لاءِ مينار چوڪ تي گڏ ٿيا. قلم 144 لاڳو ٿيل هو. ان جي ڀڃڪڙي ٿي ۽ گولي هلي نتيجي ۾ عبدالسلام، رفيق الدين احمد، ابو البرڪت ۽ عبدالجبار شهيد ٿي ويا، شهر ۾ وڳوڙ وڌي ويو. هڙتال ڊگهي ٿي ويئي اسيمبلي جو اجلاس هلي رهيو هو، ان وقت جي وڏي وزير نورالامين تي ميمبرن سخت دٻاءُ وڌو ۽ اسيمبليءَ ۾ ان واقعي کي نندڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ٿيو.
ٻئي ڏينهن هزارين ماڻهن، شاگردن ۽ سياسي ورڪرن شهيدن جو مينار اڏڻ ڪرڻ لاءِ شهادت واري هنڌ پهتا. جلوس جي اڳواڻي شهيد ٿي ويل شاگردن جا پيءُ ماءُ ۽ مائٽ ڪري رهيا هئا. جن يادگار جي پيڙهه جو پٿر رکيو، جنهن کي راتو رات پوليس ڊاهي ڇڏيو. 25 فيبروري تي صنعتي پورهيت ۽ مزدورن تاريخي هڙتال ڪئي. حڪومت انهن خبرن کي سنسر ڪندي رهي، پر باهه ڀڙڪي چڪي هئي، ان کي وسائڻ سولو ڪم نه هو. چيو ويو ته هندو ڪميونسٽ سازشون مسلمانن جي وحدت، امت ۽ اسلام کي خطري ۾ وجهي رهيون آهن.
رفيق الدين ۽ ابوالبرڪت جي مائٽن ٿاڻن جو گهيراءُ ڪري ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ويا. ان واقعي خلاف ڍاڪا هاءِ ڪورٽ بار ٺهراءُ پاس ڪيو. هاڻ بنگالي جيڪي 14 آگسٽ 1947ع کان 21 فيبروري 1952ع تائين ويسٽ پاڪستان جي غيرآئيني ۽ غيرقانوني جبر جو شڪار هئا، انهن کي بلڪل ائين ئي سياسي تحرڪ جو مورچو ملي ويو، جيئن جنرل مشرف خلاف ملڪ جي روشن خيال ماڻهن ۽ سياسي پارٽين کي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي بحالي وارو معاملو هٿ آيو. باهه وڌندي پئي ويئي. مولاناڀاشاني ۽ ٻيا بنگالي اڳواڻ گرفتار ٿيا. جڏهن ته ٻئي پاسي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف بنگالي هڪ ٿيندا ويا، ايستائين جوڀ1957ع ۾ فضل الحق جي سربراهي ۾ عوامي ليگ يونائٽيڊ فرنٽ جوڙڻ ۾ ڪامياب ويئي ۽ ان جي سياست جي نتيجي ۾بنگالي آزاد ٿيا. ٻوليءَ جي شهيدن جهڙوڪ بنگالين ۾ آزادي جي جنگ وڙهڻ جي سگهه ڀري ڇڏي هئي ۽ ائين شهيدن جو مينار هاڻ بنگالين جي اهم ترين اهڃاڻن ۾ ليکجي ٿو.
مينار گهمندي ڏک به ٿيو ته ڪيئن اسان هڪ ملڪ ٺاهڻ لاءِ ايترا ڪشالا ڪڍيا ۽ ملڪ ملڻ جي پهرين ڏينهن کان ان کي ٻه اڌ ڪرڻ ۾ لڳي وياسين. قوم جا ابا ۽ باني ڪيئن قوم جي ورهاڱي ۽ ڌرتي جي ٽٽڻ جي حق ۾ هئا. اها تاريخ ٻارن کي ڇو نٿي پڙهائي وڃي. تاريخي گناهن تي معافي وٺي نئين سر اڏاوت جي ڳالهه ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ هن رياست کي عوامي رياست بڻائڻ لاءِ جاکوڙ ڇو نٿي ڪئي وڃي. ڇو سموريون سياسي ڌريون سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي پيرول تي آهن ۽ ڇو نٿيون حقيقي عوامي انقلاب لاءِ ايئن وڙهن جيئن بنگالي وڙهايا. من ۾ ڪيترائي سوال کڻي شهيد مينار جي وسيع هال مان ٻاهر نڪري گاڏيءَ ڏانهن وڌيس.

نذرالاسلام ۽ بنگال آزادي کان پوءِ

گاڏي اڃان ٿورو ئي وڌي ته ڊرائيور هڪ هنڌ بريڪ هڻي گاڏي بيهاري. گڏ آيل نوجوان ٻڌايو ته هيءُ پلٽن ميدان آهي. هن ميدان بابت ڪيترن ئي ڪتابن ۾ پڙهيو هئم. هن کي رمناريس ڪورس ميدان به چيو ويندو هو.
بنگلاديش جي سفرنامي بابت جنهن مهل پنهنجي بنگالي دوستن سان آئوٽ لائين ۽ مضمونن جي ترتيب بابت خيال ونڊيو ته محي الدين ڀائي، طارق علي، ٻين دوستن ڪافي صلاحون ڏنيون. محي الدين ڀائي ڏاڍي سٺي ڳالهه لکي ته رڳو جهنڊو الڳ ٿي وڃڻ يا جاگرافي ملڻ، مڪمل آزاديءَ جو نالو نه آهي. اڃا بنگالين کي هڪ آزاد قوم جي سڃاڻپ ۽ درجي تي پهچڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي.
اهو فارمولو ته هر قوم ملڪ تي لاڳو ٿئي ٿو، اسان تي به. اسان جي آزاديءَ کي 6 ڏهاڪا گذري ويا آهن، پر رڳو جاگرافيءَ جي ملڻ (سا به ٻين تاريخي مادر وطنن جي ۽ نئين جهنڊي ملڻ سان اسين آزاد قوم سڏرائڻ جو حق رکون ٿا؟)
اسان جي جهنڊي ۾ اڇو رنگ پاڪستان جي سرزمين تي رهندڙ مذهبي اقليتن، سکن، هندن، پارسين ۽ عيسائين وغيره جي تحفظ جو رنگ آهي، پر ڇا اسين انهن مظلوم ۽ ڪمزور طبقن جي بنيادي انسان حقن جو تحفظ ڪري رهيا آهيون؟ ڇا اهي اڄ ٽين دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور، بدعنوان ۽ ناڪام رياست سڏجندڙ ملڪ پاڪستان ۾ انهن طبقن کي پهرئين درجي جا شهري تصور ڪريون ٿا؟ اندر ۾ اهڙي آنڌ مانڌ هئي. پلٽن ميدان جي تاريخي اهميت جا واقعا ذهن جي اسڪرين تي تري آيا. باني پاڪستان جي ڍاڪا ۾ پهرين ۽ آخري تقرير پلٽن ميدان ۾ ٿي، جتي هزارين بنگالين کي هن اردو پڙهڻ جو سبق ڏيندي اڌ ملڪ وڃائڻ واري تحريڪ جو بنياد وڌو. 23 مارچ 1969ع تي بنگالين جي سياسي هلچل جي سرموڙ اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان جڏهن آزاد ٿي ڍاڪا پهتو ته لکين ماڻهن سندس استقبال ان ميدان ۾ ڪيو، جتي کيس بنگابندو جو لقب مليو. آزاد بنگلاديش جي جهنڊي جو پهريون ديدار لکين ماڻهن هن ميدان ۾ ئي ڪيو، مولانا ڀاشانيءَ جا جلسا جلوس هن ميدان ۾ ئي ٿيا. 1970ع جي آئين ساز اسيمبليءَ جي چونڊيل ميمبرن جي پهرين دعوت هن ميدان ۾ ٿي.
شير بنگال فضل حق، حسين شهيد سهروردي ۽ خواجه ناظم الدين جون قبرون ان ميدان ۾ آهن، جنهن کي پوءِ سهروردي پارڪ جو نالو ڏنو ويو. ميدان جي سامهون مغل طرز تي 1610ع ۾ ڍاڪا شهر جي صوبيدار اسلام خان، باغ بادشاهيءَ جي نالي سان هڪ عاليشان باغ جي بنياد رکيو ۽ کيس ان وقت جي مغل بادشاهه جهانگير جي نالي سان منسوب ڪيو. ميدان جي آسپاس شهر جون اهم ترين عمارتون، واپاري مرڪز ۽ سماجي سرگرمين جا هنڌ هئا. پوءِ جڏهن انگريزن ننڍي کنڊ تي قبضو ڪيو ته 1875ع ۾ ڍاڪا جي برطانوي ڪليڪٽر مسٽر ڊووس ڪيترائي تاريخي مقبرا ۽ مسجدون شهيد ڪري ڇڏيون. رڳو رمنا ڪالي مندر ۽ مک مغل ڊزائين کي ڇڏيو ويو ۽ پوءِ انگريز ان ميدان کي گهوڙن جي ڊوڙ لاءِ ريس ڪورس طور استعمال ڪيو. ڍاڪا جي نوابن ۽ اعليٰ انگريز عملدارن پاران ميدان جي ڀر ۾ ڍاڪا ڪلب ٺاهيو ويو، جيڪو اڄ به انگريزن جي بدترين نسلي متڀيد جي ياد تازي ڪرائي ٿو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ عوامي جلسن جلوسن جو آغاز ٿيو ۽ جناح پنهنجي پهرين تقرير لاءِ هتي اچي، هن ميدان کي جهڙوڪ سياسي اهميت ڏئي ڇڏي. بنگال جي آزاديءَ جي تحريڪ جو انت به هن ئي ميدان ۾ ٿيو، جنهن هن ئي ميدان ۾ پاڪستاني فوج جي سربراهه جنرل نيازي، هندستاني فوج جي جنرل اروڙا اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا.
مون انهيءَ هنڌ بيهي هڪ تصوير ڪڍرائي ته جيئن تاريخ جا اهي ڦٽ رڪارڊ ٿيل هجن. تصوير ڪڍرائيندي مون کي ڍاڪا جي لاهور جي سينيئر رپورٽر ۽ مشهور ليکڪ ۽ سياسي تجزيي نگار شفقت تنوير مرزا جو لکيل هڪ مضمون ”اسين پلٽن ميدان مان مليل سبق وساري ويٺا آهيون.“ ياد آيو پئي ته مون سوچيو ڪهڙيون نه ايذائيندڙ گهڙيون هونديون، جڏهن پنهنجن ئي لکين هم وطنن سان ڪيس ڪري ۽ بنگالي عورتن جي لڄالٽ ڪرڻ کان پوءِ ”ماڻهو نه، زمين گهرجي“ جا نعرا هڻندڙ فوج جي ڪمانڊر پلٽن ميدان ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري ”سرنڊر ڊاڪيومينٽ“ کي پڙهيو هوندو، يا سندس وات ۾ ڪو اهڙو زهريلو ڪيپسول به نه وڌو ويو، جو هو شرم مان خودڪشي ڪري ڇڏي. دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته هن مجاهد هيڏي وڏي ذلت کان پوءِ به ملڪ موٽي اچي وڏا انٽرويو ڏنا ۽ ڪتاب به لکيو.
فرخ سهيل ۽ شرافت علي سان گڏ آئون به انهن عبرتناڪ شڪست زده وقت کي سوچي پاڻ کي ملامت ڪري رهيا هئاسين. ٻئي پاسي باغ جي صورتحال ڏسي محي الدين ڀائي جي اي ميل ياد آئي، جنهن ۾ هن لکيو ته رڳو جهنڊو ۽ جاگرافي ملڻ آزادي نه آهي. هيڏي تاريخي ميدان جو اهڙو ته بدتر حشر ٿيل آهي جو اسان وارو لال باغ به اڃا چڱي شڪل ۾ آهي. هر پاسي گندگي ۽ ڪچرو آهي ۽ تاريخي واقعن واري هنڌن تي لڳل تختيون مٽيءَ سان دزيل هيون، تاريخي ڪتبا ڌنڌلا ۽ اڻچٽا آهن. مطلب ته اهڙي صورتحال آهي، جو بنگالين جي پنهنجي آزاديءَ سان محبت ۽ انهن جي عزت افزائي سمجهه ۾ اچي ويئي. وري اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته آزادي هڪ پوري پئڪيج جو نالو آهي. رڳو ڌرتي ملڻ آزادي نه آهي، بنگالي عوام اڄ به غربت، بيروزگاري ۽ بک ۾ آهي. حڪومتون جمهوري هوندي به بدعنوان ۽ نااهل آهي. معاشي سرشتي تي سامراجي مالياتي ادارن جو قبضو آهي. مسلسل فوجي مداخلت سماجي اوسر کي روڪي ڇڏيو آهي. هاڻ جيڪڏهن اهڙا عنصر موجود هجن ته پوءِ آزاديءَ سان انسيت ۽ ان جي عزت اهڙي ئي هوندي، جهڙي اسان واري پاڪستان ۾ آهي.

[b]قاضي نذرالاسلام جي مزار تي حاضري:
[/b]وقت ٿورو هو جو ٻين ملڪن مان آيل مهمانن جون به پنهنجيون ترجيحون هيون، پلٽن ميدان مان ٻاهر نڪرندي ئي روڊ جي صفا آڏو مشهور بنگالي شاعر قاضي نذرالاسلام جو مقبرو نظر آيو، بنگالي نوجوانن کان پڪ ڪيم. پوءِ جتن، مينا ۽ ڪمل جي، کي درخواست ڪيم ته مقبرو ڏسڻ ٿا هلون، رڳو 5 منٽن اندر موٽي اچبو. گهٽ ۾ گهٽ قبر جو ديدار ته ڪريون. مسلمان جي مقبرن وانگي نذرل صاحب جو مقبرو به غيرقانوني حددخلين کان بچيل نه هو. مٺائي ۽ گلن واري جون حد دخليون روڊ تائين وڌيل هيون. تڪڙ ۾ روڊ ڪراس ڪري قاضي صاحب کي سلام ڪيوسين. شاعر ۽ مفڪر هر دور ۾ زنده رهن ٿا، جيڪڏهن سندن پيغام لاثاني آهي. قاضي صاحب جي مزار تي پهتل ماڻهن مان مون کي خبر نه هئي ته ڪيترا هن کي پير سمجهي دعا گهري رهيا آهن ۽ ڪيترا هن جي فنڪار هجڻ واري سڃاڻپ جي ڪري حاضري ڀري رهيا آهن، پر مزار تي ڪافي رش هئي.
ديوار جي ٻئي پاسي ڍاڪا يونيورسٽي جي تاريخي مسجد جا مينار نظر اچي رهيا هئا. بنگلاديش جو قومي شاعر قرار ڏنل هن شاعر جي زندگيءَ جا تفصيل دلچسپ آهن. قاضي نذرلاسلام بنگالين لاءِ ايئن آهي، جيئن سنڌ لاءِ شاهه، سچل سامي، اياز ۽ اردوءَ وارن لاءِ فيض، علامه اقبال. کيس اوڀر بنگال جو رابندر ناٿ ٽئگور به چيو ويندو آهي. هن کي روشن خيال ۽ کاٻي ڌر جا بنگالي بدروهي ڪوي يعني باغي شاعر سڏيندا آهن. مزار تي داخل ٿيندي اهڙي ئي خوشبوءِ محسوس ٿي، جهڙي دهليءَ ۾ مرزا غالب، پاڪستان ۾ لطيف، اياز ۽ فيض جي قبرن تي ويندي محسوس ٿيندي آهي. هن خوبصورت شاعر جو گهراڻو بيحد مذهبي هو ۽ هن اسلامي تعليم حاصل ڪري هڪ مقامي مسجد ۾ ٻانگي طور نوڪري شروع ڪئي. ڪجهه وقت کان پوءِ برطانوي فوج ۾ سپاهي ٿي ويو. بنگال ۾ مذهبي رجعت پرستي نه هجڻ ڪري هو اسلامي تعليم سان گڏوگڏ ڊرامن ۽ ٿيٽر ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق رکندو هو. فوج ۾ نوڪري کان پوءِ ڪلڪتي ۾ وڃي صحافي ٿيو. هو ننڍي هوندي کان ئي باغي ذهن جو ماڻهو هو. برطانوي راڄ جو سخت مخالف هو. بدروهي (باغي) ڀنگرگان (تباهيءَ جو نغمو) ڌمڪيتو (مزاحمت) جهڙا شعر لکي برطانوي سامراج خلاف جدوجهد ۽ مزاحمت جي ڳالهه کي پنهنجي شاعريءَ جو منشور بڻايائين. سندس شاعري بنگالي عوام جي دلين ۾ گهر ڪندي رهي. برطانوي راڄ کي هڪ باغي شاعر طور سندس شهرت پسند نه آئي. کيس جيل ۾ وڌو ويو، جيل هن لاءِ ڄڻ اهڙو سکيائي مرڪز سينٽر ثابت ٿيو، جتي هن جي تخليقي صلاحيت ۽ حسن جماليات ۾ وڏي پختگي آئي ۽ هن جڳ مشهور بنگالي مقامي راجبندر جبن بندي (هڪ سياسي قيديءَ جا احساس) لکيو ته سموري بنگال ۾ ڄڻ باهه ٻري ويئي، جيئن اياز جي گيت ”مان ڏوهي هان“ ”سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان“ ۽ ”هيءَ سنگرام سامهون آ، نارائڻ شيام“ جهڙن انقلابي گيتن لڳائي هئي. حيدر بخش جتوئي جي گيت ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ“ ۽ جي ايم سيد جي نثر پاڪستان ۾ پڻ باهه ٻاري ڏني هئي.
هن جا موضوع عشق، مزاحمت، انقلاب ۽ آزادي آهن. سندس شاعريءَ ۾ تمام گهڻي لئي ۽ موسيقيت هئي، جنهن جي ڪري اهو ماڻهن جي دلين ۾ اتساهه پيدا ڪندو هو. هن ڪهاڻي ناول، شاعري، ٿيٽر، ڊرامي سميت هر صنف تي شاندار لکيو. جن ۾ چار هزار گيت ۽ غزل شامل آهن، سندس ڪليات کي ”نذرل گيتي“ چيو وڃي ٿو.
جيتوڻيڪ هو گڏيل بنگال ته ڇا پر سڄي دنيا جو گڏيل اثاثو هو، پر هن جي مسلمان هجڻ ڪري پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اوڀر بنگال جا ماڻهو خط لکندا رهيا ته هو ڪلڪتو ڇڏي ڍاڪا هليو اچي. هو لڳاتار لکندو رهيو ۽ سندس طبيعت خراب ٿيندي رهي ۽ هو 1972ع ۾ بنگلاديش جي آزاديءَ کان پوءِ ڪلڪتي کان ڍاڪا لڏي آيو ۽ اتي ئي گذاري ويو.
نذرالاسلام برطانوي دور ۾ ملازمت دوران ڪراچي ڪنٽونمينٽ ۾ نوڪري ڪندو رهيو. فوج جي نوڪري دوران کيس پڙهائي جو گهڻو وقت مليو. قاضي خاندان هجڻ ڪري سندس گهراڻي ۾ اڳ ۾ ئي پڙهائيءَ جو گهڻو رجحان هو. هن شهر کان ٻاهر نڪري رابندر ناٿ ٽئگور ۽ مشهور بنگالي ۽ هندي شاعر سرت چندرا بابت به گهڻو ٻڌو. هن رومي، خيام، حافظ ۽ سعدي کي تمام گهڻو پڙهيو ۽ سندس اندر جو مولوي هڪ انقلابي ۽ عشق ڪندڙ روح ۾ تبديل ٿي ويو. ڪلڪتو انهن ڏهاڪن ۾ (30 ــ 1920ع) ۾ هندستان جي ثقافتي ۽ تهذيبي گادي سڏبي هئي، جيئن حيدرآباد سنڌ جو علمي ۽ ادبي گادي سڏجي ٿي.
بنگال جي سڀ کان وڏي علمي ۽ ادبي سنگت بنگالي يا مسلمان ساهيته سميتي (بنگالي مسلمان ادبي سوسائٽي) جو رڪن بڻيو. انهن ڏينهن ۾ سندس مشهور ناول بنڌن هارا (ڏاڍ کان ڇوٽڪارو) مارڪيٽ ۾ آيو ۽ کيس ڪلڪتي ۾ مڃتا ملي. ان کان پوءِ سندس اها خواهش پوري ٿي ته هو ٽئگور سان ملي. کيس شانتي نڪيتن مان نياپو آيو ۽ هو ٻهڪندو محمد صلاح الدين سان گڏجي ٽئگور سان مليو. ڪلڪتي جي مشهور پبليشر علي اڪبر خان جي ڌيءَ نرگس سان پرڻو ٿيڻ جون تياريون هيون ته نڪاح ۾ خان صاحب اهو شرط لکرايو ته نذرل شاديءَ کان پوءِ دولتپور ۾ ئي رهندو. ڪيترن ئي بحث مباحثن کان پوءِ نذرل اهو شرط نه مڃيو ۽ پنهنجي وني نرگس گڏ وٺي وڃڻ کان سواءِشادي جو پنڊال ڇڏي هليو ويو.
هن ڪيترائي ڪم ڪيا، هڪ ڀيري پندرنهن روزه ميگزين ڪڍڻ جو خيال آيس، پهريون ئي پرچو شايع ٿيو ته سندس هڪ باغياڻي نظم ڇپجڻ ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ رسالي جي آفيس تي ڇاپو لڳو ۽ آفيس جو مالڪ رسالو بند ڪري گهر هليو ويو هو. ڪيترائي ڀيرا باغياڻي ڪلام لکڻ ۽ سياسي تقريرن ڪرڻ جي الزام ۾ جيل ويو. شاديءَ کان پوءِ سندس مزاج ۾ تبديلي آئي ۽ هو مستقل مزاجيءَ سان طبقاتي جدوجهد ۽ پورهيتن بابت نثر لکڻ لڳو. برطانوي سامراج کي ننڍي کنڊ ۽ خاص طور تي بنگال جي آزادي ۽ وسيلن جو دشمن سمجهندو هو، انڪري انهيءَ راڄ خلاف لکندو رهيو.

ڍاڪا ”وار“ ميوزيم جو دورو

بنگلاديش جو دورو هاڻي پڄاڻيءَ تي پهچي رهيو هو ۽ ڍاڪا جي سڀ کان اهم جڳهه، هڪ سياسي ذهن رکندڙ سيلاني لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهميت وارو بنگلاديش ”وار“ ميوزيم جو دورو رهيل هو. ميوزيم جي انچارج ۽ سول سوسائٽيءَ جي اڳواڻ طارق علي ڀائي وٽ حاضر ٿياسين. مختلف ڪتابن ۽ پيپرز ۾ ان ميوزيم بابت گهڻو ڪجهه پڙهي چڪو هئس.1971ع واري جنگ ۾ بنگالين سان جيڪي به ظلم ٿيا، انهن جا تصويري ۽ دستاويزي ثبوت جمع ڪري هن ميوزيم ۾ رکيا ويا آهن، جنهن ذريعي بنگلاديشي پاڪستان خلاف بين الاقوامي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪري، 1971 ع واري جنگ جي جوابدارن کي جوڳي سزا ڏيارڻ جو ڪم ڪن ٿا.
ميوزيم جي مک دروازي تي گهڻي پراڻي فوڪس ويگن ڪار بيٺل آهي، جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته ان فوڪس ويگن ڪار ذريعي ڍاڪا جو مشهور ڊاڪٽر علي ڀائي مڪتي باهنيءَ جي مجاهدن ۽ هٿيارن کي ايمبولينس بهاني مقامي سطح تي رسد جو ڪم ڪندو هو. بنگلاديشي ڪوشش ڪري هر ان شيءِ کي يادگار بڻائڻ گهرن ٿا، جنهن جو آزاديءَ جي جنگ ۾ ڪو ڪردار آهي. ميوزيم ۾ هڪ پاسي آفيس آهي، ٻئي پاسي تمام وڏو ميدان آهي. جتي مک ميوزيم ٻه ماڙ عمارت آهي. ميوزيم ۾ لڳل تصويرون عوام جي لاشن جي ڍيرن مٿان اولهه پاڪستان جي فوجين جا جوش منجهان ڪڍرايل فوٽو، جيئن افريڪا جي جهنگ ۾ شڪاري شينهن جي شڪار کان پوءِ ان مٿان لت رکي فوٽو ڪڍرائيندو آهي. زنا ٿيل عورتن جا فوٽو، 1971ع جي جنگ ۾ جڏهن پاڪستان شڪست کاڌي ۽ پوءِ مقامي ماڻهن ۽ آزاديءَ جي متوالن پاڪستاني فوجي ڪئمپ مان جيڪي دستاويز ۽ سامان هٿ ڪيا.
انهن جا فوٽو، الشمس ۽ البدر جي عسڪري حمايت جاري رکڻ واري اندروني لکپڙهه جي ثبوتن جا فوٽو ۽ ٻيو به ايترو ڪجهه، جيڪو نه رڳو اوهان جون اکيون آليون ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، پر انهن کي ڏسي اوهان جو ڪنڌ شرم کان پڻ جهڪي ويندو.
دوستن اسان کي ٿورڙي ئي پنڌ تي موجود اهو يادگار به ڏيکاريو، جيڪو 1971ع ۾ هڪ کوهه هو ۽ جنرل ٽڪا خان جي مهربانيءَ سان سوين شهرين کي قتل ڪري ان کوهه ۾ اڇلايو ويو هو. طارق علي ٻڌائي رهيو هو ته جڏهن جنگ ختم ٿي ۽ ماڻهو ٺاپر ۾ آيا ته ڪجهه وقت کان پوءِ ان کوهه مان تمام گهڻي ڌپ اچڻ لڳي. جڏهن ان کوهه کي جاچي ڏٺو ويو ته ان مان انساني ڍانچا ۽ هڏا هٿ آيا، جنهن کان پوءِ انهن جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي مقامي آباديءَ کي به ساڳي ٽيسٽ لاءِ چيو ويو ۽ خاص طور تي اهي جيڪي پنهنجن گهر ڀاتين جي گم ٿيڻ تي هاءِ گهوڙا ڪري رهيا هئا، انهن پنهنجا ٽيسٽ ميچ ڪرايا ته ڪيترائي لاش مقامي ماڻهن جي ويجهن مٽن مائٽن ۽ گهر ڀاتين جا نڪتا. هاڻ ان کوهه کي هڪ وڏي يادگار ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ سڃاڻپ ٿيلن کي شهيدن جو درجو ڏيئي انهن جون تصويرون رکيون ويون آهن ۽ انهن کي ميڊل ڏنا ويا آهن. طارق علي اسان کي روايتي بنگالي ماني کارائي. ميوزيم جي لائبريريءَ ۾ پيل ڪتاب گهڻو ڪري بنگالي ٻوليءَ ۾ هئا. مون کيس گذارش ڪئي ته اردو ڀل ته اوهان کي نه وڻي، پر انگريزي ۽ اردوءَ ۾ پنهنجو مواد ڇپرايو ته جيئن اسان واري موجوده پاڪستان ۾ ماڻهو ان جنگ جي اصل حقيقتن ۽ بنگالين جي نقطي نظر کان واقف ٿي سگهن. وار ميوزيم گهمڻ کان سواءِ بنگلاديش جو دورو ايئن آهي، جيئن ايفل ٽاورز ڏسڻ کان سواءِ فرانس گهمڻ يا هندستان وڃجي ۽ تاج محل نه ڏسجي.

[b]ڊاڪٽر يونس سان ملاقات:
[/b]ڊاڪٽر يونس گرامين بينڪ جي اڳواڻ ۽ نوبل انعام يافتا هئڻ ڪري ايترو ته مصروف رهي ٿو، جو شايد ئي بنگلاديش جو ڪو سياسي اڳواڻ يا ڪامورو ايترو رڌل رهندو هجي. دوستن ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات جو ٿورو وقت وٺي ڏنو، ڪافي دوستن کي ته اعتبار نه پئي آيو ته ڊاڪٽر يونس ايتري مختصر نوٽيس تي وقت ڏيندو. آئون ٿرديپ ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري انهن تصورن تي تنظيمي ڪمن کي ڏسندو آهيان، جن جي بنياد تي مائيڪرو ڪريڊٽ جي نتيجي ۾ آيل يا نه آيل سماجي تبديليءَ جي اثرن بابت ڊاڪيومينٽيشن ٿئي ٿي. رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ جي تنظيمن مان ڪيترين ئي ان ڏس ۾ غريب عورتن کي پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ بهتر ڪم ڪيو آهي. خاص طور تي اي آر ايس پي. پاڪستان ۾ ان ڪم جا وڏا نالا اختر حميد خان، شعيب سلطان، ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي، ڊاڪٽر باجوه، پروفيسر اعجاز قريشي، مشتاق ميراڻي ۽ ڪيترائي ٻيا دوست شامل آهن، جيڪي عالمي بئنڪ جي غربت گهٽائڻ واري پ پ اي ايف فنڊ جي ڪيترن ئي رٿائن ۽ پروگرامن ۾ ڪندي يا تنظيمون هلائيندي مائيڪرو ڪريڊٽ کي سماجي تبديليءَ جو اهم ذريعو قرار ڏيندا رهيا آهن. ان تصور کي عالمي سطح تي مڃتا تڏهن ملي جڏهن گرامين بئنڪ ذريعي ڊاڪٽر محمد يونس ۽ سندس ٽيم بنگلاديش ۾ ٻهراڙين جي غريب عورتن جي زندگيءَ ۾ انقلاب برپا ڪيو ۽ پوءِ يورپ ۽ ٻي دنيا انهيءَ تصور جي پٺڀرائي ڪئي ته غريب ۽ خاص طورتي عورت کي ننڍن قرضن ۽ سکيائن وسيلي اڳڀرو ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ ڪم ۽ تصور جي ڪري چيو ٿو وڃي ته بنگلاديش جون چاليهه لک عورتون غربت جي گهاڻي منجهان ٻاهر نڪري آيون آهن ۽ اڄ اهي ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪري رهيون آهن، جن بنگلاديشي سماج ۾ هڪ شراڪتي بنيادن واري انٽر پرنيورشپ جي تصور کي اڳيان وڌايو آهي. ڊاڪٽر يونس کي انهيءَ ڪاميابيءَ جي ڪري امن جو عالمي نوبل پرائيز ڏنو ويو.
مون سندس نالو اخبارن ۾ ايندي ئي سندس سمورا ڪتاب خريد ڪيا ۽ ڪجهه پڙهيا ۽ پوءِ جڏهن ڍاڪا جي تياريءَ ۾ ساڻس ملاقات جو شوق شامل ڪيم ته سندس نوبل انعام وٺڻ واري تقرير، مائيڪرو ڪريڊٽ جي بنياد تي کيس مليل نوبل انعام خلاف ڇپجندڙ ادب ۽ سندس پروفائيل پڙهي چڪو هئس ته جيئن ڪچهريءَ ۾ هن کي به خبر پوي ته همراهه ڪجهه پڙهي آيا آهن.
انهن ئي ڏينهن ۾ ”مائيڪرو ڪريڊٽ جي تصور غربت گهٽائڻ بدران وڌائي آهي“ واري معاملي تي وڏو بحث ڇڙيل هو ۽ اهو چيو پئي ويو ته عالمي مالياتي ادارا حقيقت ۾ پنهنجي وياج جي ڌنڌي کي قانوني ۽ اخلاقي حيثيت ڏيارڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب کي نوبل پرائيز ڏياري رهيا آهن. سندس حق ۾ به دليل هئا ته مخالفت ۾ پڻ.
اسين مقرر وقت تي سندس آفيس پهتاسين، پاڻ انتهائي سادي لباس ۾ هو، پر سحر انگيز شخصيت هو. بنان ڪالر وارو ڪرتو ڏسي سنڌ ۾ گرمين جي مند ۾ شڪارپور ۽ ٻين گرم علائقن ۾ پائجندڙ ململ جا پهراڻ ياد اچي ويا. کيس بنهه سادو لباس پهريل هو. سندس لهجو هلڪو ڦلڪو ۽ ميٺاڄ ڀريو هو. مون ڏٺو ته هن ۾ ٻئي کي وڌيڪ ٻڌڻ ۽ پاڻ گهٽ ڳالهائڻ جي عادت آهي. هڪ حقيقي وڏي ماڻهوءَ واريون سموريون خصوصيتون منجهس موجود هيون.
هيلتائين بنگال مان ٻن ماڻهن امرتيا سين (ويسٽ بنگال) ۽ ڊاڪٽر يونس (ايسٽ بنگال) کي نوبل پرائيز ملي چڪا آهن. مون سوچيو ته اسان جي ڊاڪٽر عبدالسلام کي به ساڳيو انعام مليو، پر انتهاپسندن کين انڪري مان نه ڏنو ته هو احمدي هو. ڪيتري نه بدقسمتي آهي هن قوم جي، جو اسان اهڙن اسڪالرن ۽ ڏاهن کي مذهبي، نسلي ۽ لساني خانن ۾ ورهائي پنهنجي گڏيل قومي ورثي کي لت هڻي پاڻ هڪ محروم ۽ ناڪام رياستن واري صف ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
ڪچهريءَ دوران هو اسان کي ٻڌنڌو رهيو ۽ مون ان وقت ڇرڪ ڀريو، جڏهن موڪلائڻ مهل هن پنهنجي تازي ڪتاب جي ڪاپي، جنهن جي هڪ ڪاپي آئون ڪراچيءَ جي پارڪ ٽاورز ڪلفٽن واري آڪسفورڊ بڪ اسٽور تان خريد ڪري ڊاڪٽر صاحب کان آٽو گراف وٺي چڪو هئس، تي ڪجهه لکي مون کان سوال ڪيو ته: ڇا آئون علي ارسلان کي سڃاڻان ٿو؟ منهنجا ته ترا ئي نڪري ويا، مون کي اعتبار نه پئي آيو ته هو اسان واري سنگتي علي ارسلان بابت پڇي رهيو آهي. مون وراڻي ڏني ته جيڪڏهن هو ڪراچيءَ ۽ پائيلر واري علي ارسلان جي ڳالهه ڪري ٿو ته پوءِ آئون ان کي ضرور سڃاڻان. پوءِ هن مون کي ٻڌايو ته ارسلان ۽ پاڻ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ گڏ پڙهيا آهن. چٽا گانگ کان ڪلڪتي تائين، جو سفر ۽ گهڻو ڪجهه احوال اوريائين ته مون پاڻ کي مزي ۾ محسوس ڪيو ته ڍاڪا ۾ ويٺل ڊاڪٽر يونس منهنجي هڪ دوست سان اسڪول ۽ ڪاليج ۾ گڏ پڙهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب پيار مان موڪلايو ۽ آئون براڪ سينٽر پهتس ته جيئن رات جي مانيءَ لاءِ ڍاڪا ڪلب وڃي سگهجي.

[b]بهارين جي جنيوا ڪئمپ:
[/b]مون کي ۽ منهنجي لاهوري دوست ۽ گروپ ميمبر فرخ سهيل گوئيندي کي ڏاڍو شوق هو ته هو جنيوا ڪئمپ ضرور ڏسي، جتي اُڙيسا ۽ بهار مان پاڪستان وڃڻ جي آسري لڏي آيل تارڪين وطنن جي صورتحال ڏسجي. جنيوا ڪئمپ جي نالي تي اڏيل سندن ڪالوني پهتاسين ته رات ٿي چڪي هئي. ڪئمپ جي مک دروازي تي ئي پڪوڙن، سموسن، تڪي ڪبابن ۽ بريانيءَ جا اسٽال مليا ۽ هندستان جي مسلمان ڪلچر جي انهن اهم نشانن پري کان ئي ٻڌايو پئي ته هتي بهاري آباد آهن. خوشبوءِ به واهه جي پئي آئي، آگري ۽ دهلي ۽ پڻ حيدرآباد جي ڇوٽڪي گهٽيءَ وانگي هڪ هنڌ نهاريءَ جو بورڊ پڙهيم، دل چاهيو ته ڌڪ وٺان، پر وقت نه هو. بهارين جي ڪالونيءَ ۾ داخل ٿيندي ئي ڪجهه بازار بهارين ۽ مقامي بنگالين جي مالڪن تي ٻڌل آهي. اندر هليا وياسين ته ڏٺوسين ته صورتحال واقعي به خراب آهي، جيڪڏهن انساني همدرديءَ جي بنياد تي ڏسجي ته هر انسان جو اهو بنيادي حق آهي ته ان کي جيئڻ توڙي عزت ڀريي جيئدان لاءِ سمورا وسيلا ميسر هجن. بهارين جي ان ڪئمپ جي مک آفيس وٽ پهتاسين ته اتي بيٺل نوجوانن کي رڙ ڪندي گوئيندي چيو ته اسين پاڪستان کان آيا آهيون. هتي ڪير اهڙو آهي، جيڪو اسان کي حال احوال ڏئي. ڪجهه نوجوان سري آيا ۽ سلام دعا ڪيائون. پوءِ اسان کي آفيس ۾ ويهاري انچارج کي وٺڻ لاءِ ويا. آفيس ۾ داخل ٿيندي ئي ان آباديءَ جي ذهنيت سمجهه ۾ اچي ويئي. هر پاسي رڳو ضياءُ، پرويز مشرف، نوازشريف، تڪبير رسالي واري صلاح الدين احمد، سراج الدوله، ٽيپو سلطان وغيره جا فوٽو لڳل هئا. فرخ سهيل رڙ ڪري چيو ته هتي ذوالفقار علي ڀٽي يا بينظير ڀٽو يا ڪنهن ٻئي مقامي بنگالي ليڊر جي ڪابه تصوير ڇو نه آهي. تنهن تي ڪئمپ انچارج چيو ته ڀٽن جا فوٽو اندرئين ڪمري ۾ لڳل آهن. فرخ سهيل تيز ۽ سياسي ماڻهو هو، چيائين ته ڪمرو کوليو، آئون فوٽو ڏسندس. پر فوٽو هئا ئي ڪونه. پوءِ هو بهاري ڪئمپ جي ليڊرن مٿان چڙهي ويو ته هو بنگلاديش ۾ رهندي هتان جا شهري ڇو نٿا ٿين؟ ۽ رڳو آمرن جا فوٽو ڇو هنيا ويا آهن. جنهن تي ڪئمپ اڳواڻ ماٺ ٿي ويا ۽ وضاحتون پيش ڪرڻ لڳا. فرخ سهيل چيو ته هاڻ هو بنگلاديش جي زمين جا ٿي وڃن، ڇاڪاڻ ته اهي اتي ئي رهن ٿا ۽ روزگار وغيره ڪن ٿا. آئون خاموشيءَ سان ڪچهري ٻڌندو رهيس ۽ جاچيم پئي ته ٻيا ڳالهائين ته جيئن ڳالهه ٻولهه جا تاڪيا کلن.
ڪو دور هو، جڏهن سنڌ ۾ ”بهاري نه کپن“ جو احتجاج هلندڙ هو. سنڌ کي اهو اعتراض هو ته بهاري جيڪي بنگلاديش ۾ رهي پيا، سي اتان جا ئي ٿي وڃن ۽ انهن کي سنڌ ۾ نه گهرايو وڃي، ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سان سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جا امڪان وڌندا. بهاري معاملي کي ضياءُ الحق کان وٺي پرويز مشرف تائين هر آمر سنڌ جي سياسي ۽ سماجي سگهه کي ٽوڙڻ لاءِ استعمال ڪيو. مون ڏٺو ته انهيءَ ڪري سندن آفيس ۾ ڪنهن به سنڌي اڳواڻ جو فوٽو نه هو، ڇاڪاڻ ته کين خبر هئي ته سنڌي سندن پاڪستان اچڻ جا مخالف آهن. گوئيندي ان اڳواڻ کي وڏو کٿ ڪيو، پڇيائينس ته جيڪڏهن موقعو مليوَ ته هاڻ پاڪستان ويندئو. هنن رڙ ڪندي ”ها“ ڪئي. پر سياڻپ سان چيائون ته اسين پنجاب ۾ آباد ٿيڻ ٿا گهرون ته جيئن سنڌ ۾ وڌيل لسانيت جي باهه کان بچي مملڪت خداداد پاڪستان ۽ پاڪستاني قوميت لاءِ ڪجهه ڪري سگهون. مون کي سندن ڊپلوميٽڪ دليل تي کل آئي. گروپ جي ٻين ميمبرن تمام گهڻا سوال جواب ڪيا. خاص طور بنيادي انساني سهولتن جي اڻاٺ، ووٽ جو حق ۽ شناختي ڪارڊ وغيره. هاڻ انهن کي بنگلاديشي حڪومت ڪي سهولتون فراهم ڪيون آهن، انچارج جو چوڻ هو ته مٿن الشمس ۽ البدر جي حمايت جو الزام هجڻ ڪري حڪومت ڪابه سهولت نٿي ڏيئي. پر ڪامريڊن جي خبرن مان صاف ظاهر هو ته هو اڄ به پاڪستان اچڻ جا خواهشمند آهن، جو هر روز سنڌ کي عالمي يتيم خاني ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش ۾ هزارين پرڏيهي ۽ غيرقانوني ماڻهن جي اچڻ جون خبرون ٻڌي رهيا آهن. ننڍي هوندي ”بهاري نه کپن“ جا نعرا ٻڌندا هئاسين، اڄ اکين سان انهن کي ۽ انهن جي غيرانساني صورتحال، سياسي ارادي ۽ پڪي پهه کي ڏٺوسين.

ليليٰ ڪبير جو گھر

نذرالاسلام هڪ شاعر، سياسي مفڪر ۽ سماجي سائنسدان هو. پنهنجي سماج ۽ دور جي حالتن تي سندس گھري اک هئي. حافظ سعدي رومي ۽ خيام جي شاعريءَ جا عربي ۽ فارسي اچڻ ڪري بنگال ۾ ڪيترائي ادب ترجمو ڪيائين. هو عورتن جي حقن ۽ آزاديءَ جو وڏو حامي هو. هڪ هنڌ لکي ٿو:
”هيءَ عورت ۽ مرد جي برابريءَ جو ڪهڙو بحث آهي. مون کي ته عورت ۽ مرد ۾ ڪو فرق انڪري نظر نٿو اچي جو هن ڪائنات جو جيڪو به حاصل آهي ان ۾ اڌ مرد ۽ اڌ عورتون شامل آهن.“
هڪ هنڌ لکي ٿو:
اي غربت،
تو ته مون کي اڃا امير ڪري ڇڏيو آهي،
درد مون کي پتوڙڻ بدران،
سوچ وانگي صليب تي چڙهڻ جو ڏانءُ سيکاريو آهي.
بک وگھي اندر ٿي ويل پيٽ، ٻاهر نڪري آيل زبان،
ته مون کي جبر سان اکيون ملائڻ ۽
تيز زبان سان ڳالهائڻ سيکاريو آهي،
منهنجي گھر ۾ ٻار کير جي هڪ ڦڙيءَ کان محروم آهي،
ان ڪيفيت ته مون کي جبر چيري ڦاڙي ڇڏڻ جو درد سيکاريو آهي.
هو مذهبي گھراڻي هوندي به روشن خيال ماڻهو هو. هڪڙي پٽ جو نالو محمد، ٻئي جو بلبل، ٻن محبوب پٽن جي موت کيس جھوري وڌو هو. هن ان تي به تمام گھڻو لکيو. عمر جي آخري ڏينهن ۾ هڪ علم عقل ڪتاب جو شاندار مارڪيٽ ۾ آيس، جنهن ۾ هن پنهنجن مختلف مضمونن جي جديد لاڙن، قدرن ۽ شخصيتن بابت لکي. هن کي ٽئگور سان پيار هو. ٻن پٽن جي موت ۽ انهن جي وفات کان پوءِ هو مسلسل بيمار رهڻ لڳو ۽ ڍاڪا اچڻ کانپوءِ گذاري ويو. ڍاڪا ۾ سندس نالي تي ٺهيل هڪ اڪيڊمي آهي ۽ ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ سندس نالي جي چيئر قائم ٿيل آهي. ٻئي ادارا نذرل تي تمام گھڻو تحقيقي ڪم ڪري رهيا آهن. سندس تخليق انگريزيءَ ۾ تمام گھڻي ترجمو ٿيل آهي.
دل چاهيو ته جام گھمجي ۽ ڪجهه ڪتاب خريد ڪجن، پر ٻئي ماڳ ڏانهن وڃڻو هو. نذرل جي نالي ۾ ٺهيل اڪيڊمي ۽ چيئر جو حشر اهڙو نه هوندو، جھڙو هتي، جتي وڏا اعلان ڪري ادارا ته ٺهي وڃن ٿا، پر پوءِ ڪل پيران دا خير واري صورتحال هوندي آهي. بنگال بابت ڪيترن ئي ڪتابن پڙهڻ کان پوءِ به جيڪو علم هلندي گھمندي، سير سفر ڪندي ماڻهن وٽان حاصل ٿيو، سو ڪتاب نه ڏئي سگھيا هئا.
بي بي سي بنگلا سروس جو افسان چوڌري:
2002ع جي ڳالهه آهي، آءٌ عورت فائونڊيشن ۾ ايڊووڪيسي شعبي ۾ هئس، جتي آدم ملڪ جھڙو جاکوڙي سماجي ۽ سياسي ورڪر اڳ ۾ هجي ته پوءِ واقعي به، ٻه ته ٻارنهن واري چوڻي سمجھه ۾ اچي ٿي. ٻنهي ڄڻن ڪئين پنڌ لتاڙيا. انهن ڏينهن ۾ عورت فائونڊيشن وٽ ڪيناڊا جي هڪ بين الاقوامي رسرچ آئي. سيڊا جو عورت ڪائونسلرز همٿائڻ وارو هڪ پروجيڪٽ هو، انڪري، سنڌ جو به هڪ ضلعو شامل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا هئاسين.
هڪ ڏينهن بينا سرور جي هڪ اي ميل آئي ته ڪو ماڻهو 1971ع واري بنگال پاڪستان تڪرار تي ڪم ڪري رهيو هجي ته ٻڌايو. سو لکيومانس ته سنڌ ۾ 1971ع وارن واقعن تي تمام گھڻو ادب موجود آهي. هو تفصيل سان ٻڌائي ته ڇا ٿي ڪرڻ گهري. جوابي اي ميل ۾ بينا سرور ٻڌايو ته بي بي سي بنگلا سروس ڍاڪا تان 1971ع واري واقعي تي هڪ ريڊيو ڊاڪيومينٽري ڪرڻ گھري ٿي. عوامي نقطي نظر کان مختلف ماڻهن جا رايا رڪارڊ ڪرڻ گھري ٿي. اها اي ميل افسان چوڌريءَ ڏانهن به موڪليل هئي ۽ هن کي مون حسب عادت لکيو ته ڪوبه ڪم هجي، ڪنهن سان به رابطو ڪرڻو هجي ته آءٌ حاضر آهيان. ائين افسان چوڌريءَ سان خيالن جي ڏي وٺ شروع ٿي. مون ٻڌايو ته جيتوڻيڪ هڪ پاسي سموري سنڌ ذوالفقار ڀٽو کي ووٽ ڏيئي چڪي هئي ته سنڌ ڀٽو جو ڳڙهه هئي، ته ٻئي پاسي اها سنڌ بنگالي تحريڪ کي تسليم ڪرڻ، بنگالين خلاف ڪنهن به فوجي آپريشن ۽ ڏاڍائيءَ خلاف پراحتجاج هئي. سنڌ جا سياسي، قومپرست، دانشور، شاعر ۽ سماجي اڳواڻ بنگالين جي حق ۾ سياسي ۽ علمي سرگرمين ۾ مصروف هئا. اهي ڀٽي کي ووٽ ڏيڻ کان پوءِ به ان اصول ۽ سياسي موقف جا حامي هئا ته مجيب الرحمان جي عوامي ليگ اڪثريتي جماعت ٿي اڀري آهي، تنهنڪري 1970ع جي چونڊن جي نتيجن جو احترام ڪندي اقتدار بنگالين حوالي ڪيو وڃي.
پوءِ مون افسان کي جي. ايم. سيد کان قاضي فيض محمد تائين ۽ حيدر بخش جتوئيءَ کان وٺي رسول بخش پليجي تائين، جي سياسي اڳواڻن توڻي شاعرن ۽ مفڪرن کان واقف ڪيو، جن ويسٽ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي سازشن کي تحريرن ۽ تقريرن جا حوالا موڪليا. افسان چوڌري پاڻ به بنگالي ٻوليءَ جو ليکڪ ۽ صحافي آهي، هو ڳالهه سمجھي ويو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هن فون تي چيو ته هو منهنجو ريڊيو لاءِ انٽريوو ڪندو ۽ انٽرويو طويل هو. آئون ڪوشش ڪري جواب ڏيندو رهيس. گھڻن ڏينهن کان پوءِ هن ٻڌايو ته سندس پروگرام ايترو پاپولر ٿيو آهي ۽ هاڻي هو ان ڊاڪيوميٽريءَ کي هڪ ڪتاب جي شڪل ڏيئي رهي آهي ۽ هن منهنجي مدد پڻ چاهي پئي.
منهنجي لاءِ اها ڳالهه ڪنهن اعزاز کان گھٽ نه هئي. قصو مختصر ٿوري گهڻي محنت ٿي. آءٌ به هن جا مختلف ماڻهن لاءِ موڪليل سوالناما ڀري، ان کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري کيس موڪليندو رهيس. مون محترمه بينظير ڀٽو شهيد جا به ڪمينٽس ورتا ويا. محترمه بينظير اڄوڪي صدر آصف علي زرداري جي صدارتي ترجمان فرحت الله بابر وٽ جن جو رڪارڊ اڄ به موجود آهي ۽ بي بي شهيد تي لکجندڙ ۾ اهي ڪمينٽس ان ڪتاب ۾ شامل آهن. محترمه جا ڪمينٽس ان ڪري ورتا ويا هئا، جو فرحت الله بابر جو خيال هو ته ڀٽي خلاف نقطي نظر عام آهي، تنهنڪري بي بي شهيد جو موقف به ان ڪتاب ۾ هجڻ گھرجي. افسان چوڌري جي اي ميل آئي ته سندس 4500 صفحن جو ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان وارو باب هن منهنجي نالي ڪيو آهي. آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس، هڪ بين الاقوامي سطح جي ڪتاب ۾ اهم اڳواڻن جي راين سان گڏ، هڪ اهم ترين موضوع تي منهنجو نقطي نظر اچي چڪو هو. جڏهن ساڳيي براڪ سينٽر ۾ هڪ ڪانفرنس دوران مهمانن تعارف ٿي رهيو هو ته چانهه جي وقفي تي هڪ نوجوان ساڳيو ڳرو ڪتاب کڻي اچي چيو ته: ڇا اوهان ساڳيا ذوالفقار هاليپوٽو آهيو؟ مون جھڙي ماڻهوءَ لاءِ هن جو اهو پچڻ وڏو اعزاز هو. ان وقت هال ۾ موجود ڪيترن ئي دوستن کي منهنجي ڪم جي خبر پئي ته افسان چوڌري امريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ مان ڪتاب کي انگريزيءَ ۾ آڻڻ جي تيارين ۾ آهي. ان ڪانفرنس ۾ شيري رحمان به اچڻي هئي، پر ڪنهن سبب نه اچي سگھي. پاڪستان مان همراهه، جيڪو پري کان ئي ڪنهن ڳجھي اداري جو اهلڪار لڳو، ان اچي تعارف ڪرايو ۽ چيائين ته حال احوال ڪريون، مون حسب عادت چيومانس ته: وقفي ۾ ڪچهري ڪنداسين. وقفي کان اڳ هو منهنجو موقف ٻڌي سفارتخاني مان آيل ڪامريڊ پنهنجو ڪارڊ ڏيئي هليو ويو. مون ڏٺو ته هن کي منهنجو نقطي نظر پسند نه آيو.

[b]ليليٰ ڪبير جو گھر:
[/b]ڪانفرنس ۾ وڌ کان وڌ دعوتون حاصل بزنجي کي ملي رهيون هيون. حاصل بزنجي جو والد مير غوث بخش بزنجو پنهنجي سياست جي ڪري ان دور جي بنگال ديشي قيادت کي تمام گھڻو ويجهو هو. هڪ ڏينهن ڪمري تي فون ڪري چيائين ته ڪنهن جي گھر هلڻو آهي. هيٺ لابيءَ ۾ پهتس ته حاصل بزنجي لاءِ ميزبانن جي گاڏي تيار بيٺي هئي. اسين وڏي ٽريفڪ مان لنگھندا، شيخ مجيب الرحمان جي پاڙي، پهتاسين، اتي سنهين گھٽين مان ٿيندا عاليشان ميدان کي رسياسين، جتي هڪ اڳواڻ ڪبير جو گھر هو. جديد گھر اندر جديد ڊيڪوريشن هئي، گھر جي چوديواري ايڪڙن ۾ هئي، جنهن جي وچ ۾ ٺهيل گھر ۾ جتي اسان کي ويهاريو ويو، اتي هر در ۽ دريءَ منجھان نظر ايندڙ ٻاهرين ساوڪ من موهي رهي هئي. گھر مان لڳو پئي ته ڪنهن اليٽ سياسي گھراڻي جا مهمان آهيون. کاڌو، پيتو اعليٰ نموني جو هو، ان کاڌي مان ئي اندازو لڳايم ته هيءُ ڪنهن اٽالين مزاج جي ماڻهوءَ جو گھر آهي. جيتوڻيڪ مک سياسي اڳواڻن جي زندگي اڄ به سادي ۽ عام رواجي آهي، پر ڪيترائي اڳواڻ پرتڪلف ۽ پرآسائش زندگي گذارين ٿا. ڪيترائي وزير به ڏٺاسين ته ليليٰ ڪبير جھڙي اليٽ عورت به ۽ سندس ننهن به، جيڪا سندس پٽ برطانيا ۾ پڙهائيءَ دوران پرڻجي آيو آهي. سندس وڏي نالي واري وڪيل آهي. ڪارپوريٽ سينٽر جي. ليليٰ ڪبير ۽ حاصل بزنجي هڪٻئي سان کيڪار ڪئي ته سندن اکين ۾ تري آيل آلاڻ صاف نظر اچي رهي هئي. ليليٰ جو سمورو گھراڻو حاصل بزنجي کي ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيو هو. هنن جي چهرن مان لالاڻ، خوشيءَ واري مرڪ ۽ آڌرڀاءَ وارو پيار بکي رهيو هو. آءٌ سموري منظر جو مزو وٺي رهيو هوس.
کاڌو پيتو ائين پيش ٿي رهيو هو، جو لڳي رهيو هو ته ڪنهن آرمي ڪلب ۾ ويٺل هجون. حاصل بزنجو بي. ايم. ڪتي صاحب پاران لکيل آتم ڪٿا وارو ڪتاب کڻي آيو هو، جنهن کي تڙتڪڙ ۾ ليليٰ ڪبير جي ڌيءَ ائين چيڪ ڪيو، جو رڙ ڪري اهو صفحو پڙهڻ لڳي، جنهن ۾ سندس والد ۽ مير صاحب وچ ۾ ٿيل ڪنهن سياسي گفتگو کي قلمبند ڪيو ويو هو. ڪچهريءَ ۾ خبر پئي ته هيءُ گھر وڏي تاريخي اهميت وارو آهي ۽ ويسٽ پاڪستان جا اڳواڻ ۽ 1970ع ۾ آئين ساز اسيمبليءَ ۾ اجلاس لاءِ ڍاڪا ايندڙ ولي خان، باچا خان، اڪبر بگٽي ۽ ٻيا ڪبير صاحب جي گھر ۾ رهندا هئا ۽ مٿن هوٽل يا هاسٽل ۾ رهڻ تي پابندي هئي. ليليٰ ڪبير وڏي چاهه سان اها جاءِ ڏيکاري، جتي اهي اڳواڻ اچي رهندا هئا ۽ ان رات کي ياد ڪندي حاصل بزنجي، ليليٰ ۽ سندس گھراڻي کي اهي قصا ٻڌايا، جيڪي هن ٻين همعصرن کان ڪبير صاحب جي گھر بابت ٻڌا هئا. ليليٰ ڪبير اسان کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئي. مون ڪچهريءَ دوران کين ماضيءَ جا قصا ٻڌائيندي ۽ ساروڻين ساريندي، کلندي، اداس ٿيندي ۽ پڻ ٽهڪ ڏيندي ڏٺو. ڪچهريءَ ۾ ويٺل هر هڪ بنگالين سان ويسٽ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي رويي تي نالان هو. مون ان گهڙيءَ سوچيو ته 1947ع هڪ لڳاتار درد زندگيءَ کان زندگي ۽ روح کان روح تائين سفر پئي ڪيو آهي.
مون گھر جي آسپاس بلند بالا بلڊنگن تي نظر وجھندي، ليليٰ ڪبير کان پچيو ته هيءُ گھر ته بلڊرز مافيا جي اک ۾ هوندو. جو اهو شهر وچ ۾ 2 ايڪڙ زمين تي آهي، ان تي هن ٽهڪ ڏيندي چيو ته اوهان کي اهو اندازو ڪيئن ٿيو ۽ هن ٻڌايو ته بلڊر مافيا ان گهر جي پويان پٺيان لڳل آهن. پر ڪبير صاحب جو اهو گھر محفوظ ۽ پيار ڪندڙن جي پناهه ۾ هو.

ڍاڪا ۾ روح رچنديون: رقيعه ڪبير جي دعوت

ڍاڪا جو جيتوڻيڪ دورو ڏهن ڏينهن جو هو، پر صبح کان تمام گھڻيون سرگرميون هجڻ ڪري اسان ڪيترائي ماڳ گھمياسين. ماڻهن سان ڪچهريون ٿيون. ميزبانن ۾ هڪ اهم نالو رقيعه ڪبير جو هو، جنهن جي گھر ان ڏينهن تمام وڏي ڪچهري رکيل هئي. جتي بنگلاديش حڪومت جا وزير آيل هئا. اسيمبلي ميمبر سول سوسائٽي جا دوست، صحافي ۽ اسين سڀ موجود هئاسين. ڍاڪا ۾ ٿيندڙ ڪچهري جو محور ساڳيو هو جيڪو هندوستان، پاڪستان يا ڏکڻ ايشيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ٿي سگھي ٿو، اهو هو ته هن خطي ۾ امن ڪيئن قائم ٿيندو. بک، غربت، بدحالي ڪيئن ختم ٿيندي. ويزائن جا معاملا، دهشتگردي، انتهاپسندي کي ٻنجو ڪيئن ايندو. ان لاءِ يورپ جا مثال، جنگتيون ۽ انگيگريٽڊ خطي طور يورپ جي ترقي وغيره، ڊيمن جا شوز، درياهي ۽ ماحولياتي معاملا ۽ گھڻو ڪجهه.
رقيعه 1971ع جي جنگ ۾ ڍاڪا ڪاليج جي شاگرد هئي ۽ ڪمانڊو برگيڊيئر هئي. اڄ به ڪيترن ئي ويب سائيٽس تي اها مشهور تصوير موجود آهي. آزادي جي مجاهدن جي ڪاليج ۽ اسڪول جي شاگردياڻين جي برگيڊيئر ڪبير اڳواڻي ڪري رهي آهي.
هوءَ بهترين ڪالم نويس آهي، اسان کي ڪيترائي ڪتاب تحفي طور ڏنائين. هن جي گھر بنگلاديش جي عورتن ۽ ٻارن جي ڀلائي واري مرڪزي وزير شيرين چوڌري به موجود هئي ۽ اسان جي گروپ جو عورتون خاص طور تي ڪملا سان وڏي ڪچهري ڪئي هئي. رقيعه جي گھر ايندڙ مهمانن مان لڳي رهيو هو ته ڍاڪا شهر ۾ تمام گھڻي سوشل خاتون آهي، جو هن وٽ هر طبقي جا ماڻهو آيل هئا. شيرين شارمين ڪامن ويلٿ ۽ سارڪ ۾ عورتن جي ڀلائيءَ واري ڪافي عهدن تي ڪم ڪري رهي آهي. هوءَ عورتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊبي آهي ۽ شيخ حسينه جي ڪچن ڪئبنيٽ ۾ شمار ٿئي ٿي. عوامي ليگ جي جنرل سيڪريٽري سيد اشرف السلام سان ڪچهري پڻ ٿي.
موجوده حڪمران جماعت جي مک اڳواڻ سان ڪچهري جي خواهش هئي. هو نه ته جاويد قاضي کي چوان ها ته شيخ حسينه سان ملاقات جو وقت وٺي ڏئي. ڏينهن اندر سمورا انتظام ٿيا ڍاڪا روانگي جا، تنهن ڪري جلدي وزيراعظم سان ملاقات جو شيڊول ممڪن نه هو. مون هن کي وزيراعظم طور نه پر مجيب جي ڌيءُ ۽ بنگالين جي آزادي جي ليڊر جي بهادر سپاهڻ طور ڏسڻ پئي گھريو. شيخ حسينه جڏهن آخري ڀيرو پاڪستان آئي ته قاضي فيض محمد جي گهر سندس خاص ملاقات رکي هئي، اسلام آباد واري هائوس ۾. اهو ان ڪري جو قاضي فيض محمد نه رڳو ان وقت عوامي ليگ جو مرڪزي نائب صدر هو پر ڏاڍي ڏکئي وقت ۾ شيخ مجيب الرحمان جو ويجھو ساٿي ۽ دوست هو.
جاويد کي جڏهن فون تي ڍاڪا وڃڻ جو ٻڌايم ته هن ڪجهه تحفا منهنجي حوالي ڪيا، جيڪي مون شيخ حسينه واجد جي هڪ اسٽاف ميمبر جي حوالي ڪيا. فون نمبر جاويد مون کي ڏنو هو.
عوامي ليگ جي اڄوڪي سياست ڪيئن آهي، عوامي ليگ جي مدمقابل سياسي قوتون اڳيان نڪري آيون آهن، جيئن اسان وٽ پيپلز پارٽيءَ جي مقابل ن ليگ ۽ ق ليگ نڪري آيون آهن. مون چاهيو پئي ته بيگم خالده ضياء ۽ شيخ حسينه جي وڌندڙ مقبوليت جي ٻين پسمنظر بابت حقيقي سببن ۽ فيڪٽرز جي ڄاڻ وٺان. اڃا اهو خيال دل ۾ هو ته رقيعه ڪبير جي گھر هڪ فهميدو ۽ سادو ماڻهو مليو. رقيعه باجي سڀني کي ڪچهري بند ڪري متوجهه ٿيڻ جو عرض ڪيو ۽ ان جو تعارف ڪرائيندي ٻڌايائين ته اهو سادو پر پراثر همراهه وزرات لوڪل گورنمينٽ جو وزير ۽ حڪمران جماعت عوامي ليگ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل آهي. رقيه ڪبير تعارف ۾ واڌارو ڪندي چيو ته اشرف صاحب 1971ع ۾ پهرين جڙيل حڪومت جي نگران صدر ۽ مشهور بنگالي سياستدان سيد نذرل اسلام آهي. شاهه صاحب عوامي ليگ جو مرڪزي ترجمان به آهي.
ڪچهري دوران کيس فارمل طريقي سان گفتگو جي درخواست ڪئي وئي. مختصر ڳالهه ٻولهه ۾ مهمانن کي ويلڪم ڪندي پنهنجي حڪومتي ڪاميابين، چئلنجن ۽ ٻين اشوز تي ڳالهايو. بنگلاديشي نوجوان وڏي فخر سان هن سان تصويرون ڪڍرائي رهيا هئا. هن جي سڀ کان ڊگھي ڪچهريءَ ۾ ڪرامت، شيخ اسد الرحمان، حاصل، ڊيسائي ۽ آءٌ شامل هئاسين، جنهن ۾ شاهه جي، جو خيال هو ته ڊالر. دينيار ۽ ريال تي پلجندڙ مذهبي انتهاپسندن جيڪڏهن پاڪستان تي قبضو ڪيو ته پوءِ پورو خطو برباد ٿي ويندو. هن هندستان تي به ڳالهائيندي هندستان پاڪستان جي ڪمزور ٿيڻ تي خوش نه ٿئي. ڏکڻ ايشيا جو اهو حصو (پاڪستان) ڪمزور ٿيو ته سڀ کان وڏو نقصان هندستان کي ٿيندو. علائقائي سطح جا اپاءَ وٺي انتهاپسندي کي ختم ڪجي. هن بنگلاديش جي ڏينهن وڌندڙ مذهبي جنونيت تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته عوامي پروگريسو جماعت هجڻ ڪري هاڻ انتهاپسندن جي نشاني تي آهي.
ان کان سواءِ هن 1971ع واري جنگ ۾ پاڪستاني جوابدارن جي معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته اهو هر بنگاليءَ جو مطالبو آهي ۽ انهيءَ ڪري مجيب الرحمان ڪيس اڪلايو وڃي ته جيئن بنگالين جو سياسي مورال بلند ٿئي.
دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته هن وقت جيڪي به عوامي ليگ جي تنظيم جا مک ماڻهو آهن، انهن جا وڏا مجيب جي دور ۾ اقتدار جا اهم ٿنڀ هئا. بنگلاديش ۾ به خانداني وراثت جو معاملو وڌي رهيو آهي، جيڪو گھڻو ڪري ٻاهران آيل ۽ انٽرنيشنل ڊگريون رکندڙ ڪامريڊ جو پيدا ڪيل آهي.
شاهه جي به 1975ع ۾ پنهنجي والد سيد نذر السلام جي جيل ۾ قتل ٿيڻ کان پوءِ لنڊن ۾ روپوش ٿي ويو هو. سيد نذر اسلام جي ويجھن ساٿين مان هڪ کي قتل ڪيو ويو ۽ پوءِ سيد اشرف 1996ع ۾ وطن وريو ۽ هاڻ ٽيون ڀيرو مرڪزي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو آهي.
سندس پيءُ، مجيب جي غيرموجودگيءَ پارٽي ۽ حڪومتي معاملن کي ڏسندو هو. شاهه جي ۽ حاصل بزنجي گڏجي اچي ماضيءَ جا قصا کوٽيا ۽ اهڙيون ڳالهيون شيئر ڪيون، جو مون سوچيو ته آخر ڇا لکي ڇا لکبو. هر انسان واقعن ۽ يادن جو ماضي سانڍي هلي ٿو. نذر السلام جا حاصل بزنجو وٽ پنهنجا قصا آهن. پنهنجي پيءُ ۽ شاهه جي پنهنجي والد پاران ٻڌايل قصن تي لکجي يا 1975ع تي شيخ مجيب الرحمان ۽ سندس گھر ڀاتين جي قتل عام قمرالزمان، محمد منصور علي سان گڏ جيل ۾ ماريو ويو. ۽ ان سانحي کي ”ڪلنگ ڊي“ طور قومي ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن.

[b]ڍاڪا جي کاٻي ڌر:
[/b]مون بنگلاديش ۾ ڏٺو ته پائيلر واري ڪرامت علي جي سمورن همراهن سان واقفيت هئي، خاص طور تي کاٻي ڌر ۽ عوامي ليگ جي قيادت سان ڪانفرنس دوران جاتيوشنشترڪ دل (عوامي شوشلسٽ پارٽي) سيڪريٽري شيرين اختر سان به تمام گھڻي ڪچهري ٿي. هو سمورن مهمانن کي پنهنجي اين جي او ۽ پارٽي جي دفتر بابت ٻڌائي رهي هئي ۽ آفيس اچڻ جي دعوت ڏئي رهي هئي. هڪ ڏينهن اسين سمورا سندس پارٽي جي دفتر پهتاسين. پارٽي جا اڳواڻ ۽ اين جي او جو اسٽاف موجود هو. پنهنجي اين جي او ۽ سياسي پارٽي جي مختلف شعبا ڏيکاريائون. انهن ۾ عورتن جي حقن ۽ اڳڀرائي لاءِ ڪيل جدوجهد جي نتيجي ۾ مختصر عرصي ۾ حال احوال ڪندس. پر هت ايترو ضرور ٻڌايان ته اينو جي کاٻي ڌر جي مارڪسسٽ توڙي سوشلسٽ سياسي جماعت اتي سياسي طور ٿيل ڀڃ ڊاهه ۽ ڌڙابندي مان هڪ ڌڙو آهي ۽ پاڪستان وانگر بنگلاديش جي به صورتحال سخت خراب آهي پر اتي هندستان وانگر ڪجهه پارٽيون قومي بڻجڻ ٿيون جو سندن ڪجهه ماڻهو اسيمبلين تائين پهچي وڃن ٿا. شيرين اختر سندس پارٽي جي سربراهه اينو ۽ ٻين همراهن سان ڏکڻ ايشيا ۾ کاٻي ڌر جي سياست ۽ نظرين تي ڪافي بحث ڪيو هو. بهادرعورت هئي. سندس گفتگو ۾ جذبو هو ۽ هوءَ عوامي ليگ جماعت جي تعاون تي ان ڪري به خوش هئي جوقومي اسيمبليءَ ۾ عورتن جي سيٽن جي واڌاري لاءِ مختلف ڪوششن کي ڪوآرڊينيٽ ڪري رهي هئي ۽ هوءَ پراميد هئي ته هنن تمام گھڻي خدمت ڪئي آهي. اسين جنهن مهل موڪلائڻ مهل گروپ فوٽو ٺهرايو ۽ ان کان پوءِ سندس آفيس جي اسٽاف مان هڪ خاتون مون کي ٻڌايو ته سندس خاندان جي هڪ عورت پاڪستان جي ڪنهن مقامي انگريزي اخبار ۾ ڪم ڪري ٿي. مون هن کي ڪافي خواتين جا پار پتا ڏنا ۽ مون کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي ته هو جنهن خاتون جو نالو وٺي رهي آهي سا راشدي گھراڻي جي ننهن ماهين راشدي آهي ۽ هوءَ نه رڳو ڊان اخبار ۾ ڪم ڪري ٿي پر هڪ زبردست ليکڪا پڻ آهي.
مون سوچيو ته دنيا ڪيڏي نه مختصر آهي. اسين هن وقت بنگلاديش ۾ آهيون ۽ شيرين باجي جي آفيس هڪ ورڪر، سنڌ سان پنهنجو لاڳاپو جوڙي رهي آهي. مون سوچيو ته سرحدن ۾ ورهائجي وڃڻ جي باوجود به ڏکڻ ايشيا جا شهري ڪٿي نه ڪٿي ۽ ڪنهن نه ڪنهن رشتي ۾ ڳنڍيل رهن ٿا. هوءَ به بيحد خوش نظر آئي جنهن مهل مون هن کي ٻڌايو ته سندس گهر ۾ وڏي علمي گھراڻي جي ننهن به آهي ته هوءَ پاڻ به هڪ ناليواري ليکڪه آهي.

[b]هدايت بلوچ سان ڪچهري:
[/b]هي سفرنامو بنگلاديش جي ٻن دورن جو گڏيل قصو آهي. پهريون ڀيرو ويو هئس ته سنڌ جو سهڻو شاعر هدايت بلوچ ڍاڪا ۾ پاڪستان جي قومي ايئر لائينز پي آءِ اي جو ريجنل مئنيجر هو ۽ هن بابت مون کي هن ريت خبر ته انعام شيخ مون کي فون ڪيو ۽ چيائين ته بنگلاديش جي ويزا ۽ ٽڪيٽ جو ڇا پروسيس آهي، مون کيس اهي تفصيل ٻڌائيندي هن کان پڇيو ته هو ڇو پڇي رهيو آهي جنهن تي هن ٻڌايو ته پيارو هدايت بلوچ ڪافي وقت کان کيس بنگلاديش لاءِ چئي رهيو آهي. هدايت بلوچ جي رٽائرڊ ٿيڻ جو وقت ويجھو هو پيارو انعام شيخ ته ڍاڪا نه هلي سگھيو، پر هڪ ڏينهن مون کي دعوت آئي ۽ آءٌ انعام کان هدايت بلوچ جو فون نمبر وٺي ڍاڪا پهتس، هدايت بلوچ سان رابطو ڪيم. هن روايتي آڌرڀاءُ ڪندي چيو ته آئون هوٽل بدران سندس گهر وڃي رهان. ڍاڪا ۾ هدايت جو سرڪاري گھر انتهائي پوش علائقي ۾ هو. مون کيس ٻڌايو ته ڪانفرنس صبح ساڻ شروع ٿيندي، سو هو مون وٽ ڪانفرنس هال ملي ته جيئن وڌيڪ پروگرام ٺاهي سگهون. ٻئي ڏينهن هو آفيس مان سڌو براڪ انسٽيٽيوٽ جي ڪانفرنس هال پهتو، جتي نسل ڪشيءَ بابت ٿيندڙ هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس هلي رهي هئي. اتي مون سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ تعليمدان مظهرالحق صديقي صاحب جي هڪ مائٽياڻي به ملي، جنهن جي شادي بنگلاديش ۾ ٿيل هئي. ڪانفرنس جي آخري ڏينهن هدايت هوٽل مان سامان کڻي پنهنجي خوبصورت گھر وٺي آيو، جتي منهنجا بنگلاديشي دوست اڳيئي ڪچهريءَ لاءِ پهتل هئا.
ڪانفرنس ۾ منهنجو پيپر کان پوءِ مقامي ٽي. وي چئنلن پاران پڻ مون کي نسل ڪشيءَ جي معاملي تي ٻن ٽن ٽي. وي ٽاڪ شوز ۾ گھرايو ويو، انهن دفترن ۾ خبر پئي ته حامد مير هتان جو پسنديده اينڪر آهي ۽ هو بنگالي اخبارن لاءِ به لکي ٿو. هدايت بلوچ ان وقت ڍاڪا ۾ قائم سارڪ ايگرڪلچر ڊيسڪ تي ڪم ڪندڙ هڪ سنڌي نوجوان دوست کي به گھرايو، جيڪو ذات جو سوهو هو، جنهن سان سٺي ڪچهري ٿي. ٻئي ڏينهن هدايت پنهنجي گاڏي ۾ اسان کي شهر گھمايو. پوءِ ديدار ڪرائيندي ايئرپورٽ وٺي آيو، جتي کيس ڪراچيءَ کان ڍاڪا ويندڙ فلائيٽ جي مسافرن جي ڪراچي بورڊنگ کي ڏسڻو هو. هن مون کي ٺٺ سان بورڊ ڪرايو. جڏهن کيس منهنجي سفرنامي لکڻ جي خبر پئي ته فيس بڪ تي نياپو لکيائين ته سفرنامي ۾ ذڪر ضرور ڪجانءِ ته مون کيس جواب ۾ لکيو ته ڍاڪا ياترا لکڻ هدايت بلوچ جي ذڪر کانسواءِ ڪيئن پوري ٿي سگهي.
واپسيءَ تي دوستن کي صلاح ڏنم ته هدايت جي ڍاڪا پوسٽنگ جو وقت پورو ٿيڻ وارو آهي ۽ نه اتان جو ڀاڙو گھڻو آهي ۽ نه ئي ويزا مشڪل، سو اهي هڪ ڀيرو ضرور چڪر لڳائي اچن آءٌ ته سندس سٺي ميزبانيءَ جو مزو وٺي آيس. وقت پر ڪري اڏامي ويو. هن وقت هاڻ هدايت رٽائرڊ ٿي ڪراچي ۾ وقت گذاري رهيو آهي. تازوئي سندس پٽ گذاري ويو، جنهن جي ڪري گهڻو غمگين آهي، الله کيس خوش رکي ۽ صحت ڏئي.

شالا مسافر ڪوئي نه ٿيوي

غير ملڪي يا پنهنجي ئي ملڪ جي مختلف علائقن جي ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه، ڪچهري ۽ بحث مباحثو سدائين نئين ڄاڻ ڏانهن وٺي ويندو آهي. گهڻ رخي ڪچهري ڪيترن ئي نون راين ۽ خيالن بابت ڄاڻ ڪرائيندي آهي. ڳالهائيندڙ هڪٻئي جي سياسي، ثقافتي ۽ سماجي تبديلين ۽ صورتحال کان آگاهي حاصل ڪندا آهن.
سٺا ٻڌندڙ سدائين سٺي ڄاڻ جو خزانو حاصل ڪندا آهن ۽ اشوز بابت پنهنجي تحقيقي ۽ تنقيدي نگاهه کي اڃا وسعت فراهم ڪري سگهندا آهن ته جيئن اهي پنهنجي راءِ يا موقف کي اڃا به چٽو ۽ واضح ڪري سگهن.
مون اهڙين ڪچهرين مان سدائين پرايو آهي. هر نئين ڪچهري، غيررسمي رهاڻ يا رسمي ڳالهيون ۽ ڊائلاگ سدائين نوان خيال، نيون سوچون، نوان علمي اصطلاح ۽ نوان تصور حاصل ٿيندا آهن، جيڪي نه رڳو دماغ جي خانن ۾ اڳ ئي پيل تصورن کي هٿي وٺرائيندا آهن ۽ پڻ نون خيالن ۽ سوچن کي جڳهه ڏيندا آهن، پر اڳ ۾ موجود خيالن ۽ تصورن کي وڌيڪ سولائيءَ سان سمجهي قبولڻ يا رد ڪرڻ ۾ پڻ مدد فراهم ڪندا آهن.
ڪتاب جي اڀياس کان مشاهدي جي ساڃاهه جي عظيم حسن جو تصور آهي، ماڻهن سان سڌوسنئون مخاطب ٿيڻ به مشاهدي جو ئي قسم آهي، جنهن وسيلي انسان ايترو سکي ٿو، جيترو هڪ يا ڪيترائي ڪتاب پڙهي به سکي نٿو سگهي. تبديليءَ جي خواهشمند دوستن کي ڄاڻ هوندي ته تبديليءَ لاءِ گهربل اوزارن ۾ ۾ ”پرسيپشن“ هڪ اهم اوزار آهي، جيڪو ننڍڙي يا ٿورڙي ڪم کي به تمام وڏو ۽ بنهه عظيم ڪم کي بيحد ننڍو ڪري سگهي ٿو. سماج جا متحرڪ ماڻهو انهيءَ ڪري اهڙين غيررسمي ڪچهرين، بحث مباحثي ۽ ڳالهه ٻولهه کي تمام گهڻي اهميت ڏيندا آهن ۽ گنجائش کي پڻ پنهنجي علمي اوسر جو لازمي حصو قرار ڏيندا آهن. انهيءَ ڪري جو اهڙي عمل سان تصور ۽ خيال اسرندا ۽ نيون صورتون اختيار ڪندا آهن. هڪٻئي کان ٻڌل ڳالهين جي آڌار تي جوڙيل رايا سڌي سنئين رابطي ذريعي جاچيا ويندا آهن، پر پنهنجي انفرادي عقل جي بنياد تي شيون طئه ڪنديون آهن.
مثال طور هڪ عام تصور پاڪستان ۾ آهي ته امريڪا دنيا ۾ رونما ٿيندڙ هر وڏي واقعي يا اشو جو بنيادي محرڪ آهي. پوءِ اهي واقعا سياسي هجن يا معاشي، حڪومت مخالف تحريڪون هجن، جنگيون هجن، انساني امداد ۽ معاشي پيڪيج هجن يا پابندي، هر ڳالهه پٺيان امريڪا بهادر هوندو آهي. پاڪستان لاءِ عام تصور اهو آهي ته اهو مذهبي انتهاپسنديءَ جو ڳڙهه آهي. طالبان ۽ القاعده جي سموري قيادت پاڪستان ۾ لڪل آهي ۽ تنگ نظري ۽ جنونيت جي نرسري اسان وٽ آهي. هندستان ۾ ٿيندڙ هر دهشتگرد ڪارروائيءَ پٺيان پاڪستان آهي. افغانستان ۾ امن رڳو انڪري نٿو ٿئي جو پاڪستان سرڪار ان جي حق ۾ نه آهي. ڏکڻ ايشيا توڙي عالمي امن جي ڪوششن جا وڏا دشمن پاڪستان جي عسڪري قوتن، سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ۽ ڳجهن ادارن جي هٿن ۾ نچندا آهن. هاڻ اهڙن تصورن، جيڪي الزام به ٿي سگهن ٿا ۽ سچ به، جي ڪري پاڪستان اڄ دهشتگرديءَ خلاف جوڙيل عالمي جنگ ۾ بي انتها مالي، سياسي ۽ انساني نقصانن کان پوءِ به هڪ ڀروسي نه ڪرڻ جوڳو پارٽنر آهي. ايئن آخر ڇو آهي؟ بنيادي مسئلو ڪهڙو آهي، اهڙي ”پرسيپشن“ پٺيان!
منهنجي چوڻ جو مطلب هيءُ آهي ته سياست ۾ اميج ۽ يا تصور جو اهم ڪردار هوندو آهي. تازو ريمنڊ ڊيوس جي ڪيس ۾ ملڪي سلامتي، قومي وقار ۽ غيرت جي نگهبان، ملڪ جي نظرياتي اساس جي پاسبان هئڻ جي دعويدار نواز ليگ جي پنجاب حڪومت جو جيڪو حشر ٿيو آهي، سو پڻ هڪ خطرناڪ ”پرسيپشن“ جي دائري ۾ اچي ٿو. پيپلز پارٽيءَ لاءِ اهو مشهور آهي ته اها هڪ روشن خيال ۽ پرو امريڪا جماعت آهي. اها ڳالهه به هڪ ”پرسيپشن“ آهي غلط يا صحيح، ان ۾ نٿا وڃون.
مذهبي جماعتون فجر جي نماز پڙهڻ کان پوءِ ”امريڪي سامراج مرده باد“ جا نعرا هڻندي هڻندي رات ڪيو ڇڏين، پر عوامي راءِ اها آهي ته اهي پڻ امريڪا جي پيرول (پگهار) تي آهن. 2000ع ۾ امريڪا جي محبوب اڳواڻ جنرل پرويز مشرف جي هنج ۾ ايم ايم اي کي ويهارڻ انهن محبتن جو نتيجو هو ۽ ان جو بنيادي سبب مذهبي اڳواڻن ۽ ساڄي ڌر ذريعي افغانستان ۾ ويٺل القاعده ۽ طالبان سان ڳالهين جي ڪاميابيءَ جي خاطري ڪرائڻ هو.
انهن سمورين معاملن کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ انٽريڪشن بين العمل جي بيحد گهرجي آهي ۽ جيڪڏهن انهن ماڻهن سان ڪچهريءَ جو موقعو ملي ٿو، جيڪي انهن معاملن جا مک ڪردار آهن ته پوءِ شين کي اڃا بهتر طريقي سان سمجهڻ جا موقعا ملن ٿا.
ان ڏس ۾ گذريل هفتي امريڪي اسڪالر، سياسي مفڪر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر مارون وينبوم(Dr Marvin Weinbaum) سان ڪچهري ٿي. امريڪي سفارتخاني جي ڪراچي قونصليٽ جي سياسي ۽ ثقافتي شعبي پاران هڪ ڊائلاگ رکيو ويو هو، جنهن ۾ سنڌ جي مک سياسي پارٽين جي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي ڪارڪنن، سياسي تجزيي نگارن کي سڏيو ويو هو. ڊائلاگ ۾ ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ فاروق ستار، رضا هارون ۽ مصطفيٰ ڪمال ۽ پيپلز پارٽيءَ جي شهلا رضا، سلام ڌاريجو، نظام نظاماڻي، زوفين ٽي ابراهيم ۽ مون سوڌو ڪيترائي ماڻهو شريڪ ٿيا هئا.
ڊاڪٽر مارون جي غيررسمي ليڪچر جو موضوع هو : ”پاڪستان جي سياست ۽ ان جا خطي ۽ بين الاقوامي سياست تي اثر“. پاڪستان افغانستان ۽ ايران ڊاڪٽر مارون جي هن وقت تحقيق جا مرڪز آهن، جن ۾ هو دهشتگردي ۽ انتهاپسندي، ترقي، سياسي اقتصاديات ۽ جمهوريت ۽ جمهوري سماج جهڙن موضوعن تي تمام گهڻو لکي رهيو آهي. هو امريڪي حڪومت جي اهم شعبن، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ انٽيليجنس بيورو ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي، ان کان سواءِ هو علمي ميدان ۾ دنيا جي مک سياسي ٽينڪ انسٽيٽيوٽ آف پيس ۾ ريسرچ فيلو ۽ ايلونائي يونيورسٽيءَ ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر جو ڊائريڪٽر رهيو آهي. سندس ڳالهه ٻولهه انتهائي دلچسپ هئي ۽ لڳي رهيو هو ته ڄڻ ڪو اهڙو مقامي ڏاهو ڳالهائي رهيو هجي، جنهن کي پاڪستان بابت هر ڪنهن معاملي جي خبر آهي. سندس گفتگو جا بنيادي نقطا هئا:

1 . جمهوريت مسلسل جمهوريتن وسيلي مضبوط ٿيندي، جنهن ۾ هن امريڪا جو مثال ڏيندي امريڪي خانه جنگين جو مثال ڏنو.
2 . انتهاپسندي ۽ مذهبي تنگ نظري، روشن خيال پاڪستان لاءِ وڏو خطرو آهي.
3 . ڪمزور ترين ۽ انڌي منڊي جمهوريت عاليشان آمريت کان بهتر آهي.
4 . پاڪستان جو سياسي مستقبل، پاڪستان جو عوام ئي طئه ڪندو.
5 . پاڪستان بدترين طرز حڪمراني، بدعنواني، احتساب کان آجو سماج آهي، تنهنڪري سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي ادارا ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهن.
6 . پاڪستان ۾ متضاد مفاد رکندڙ ڌريون موجود آهن، تنهنڪري جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ عوام جي ڀلائيءَ واري سماجي سرشتي ذريعي تڪرار ۽ اختلاف گهٽبا ويندا.
7 . سياسي جماعتون جيستائين بادشاهي انداز ڇڏي، پارٽين اندر جمهوري ڪلچر نه آڻينديون، تيستائين خدمتن جي رسائي حقيقي نموني نه ڪري سگهنديون.
8 . پاڪستان جو علائقائي سطح جو ڪردار آهي ۽ عسڪري قوتون ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جو فيصلن تي مڪمل ڪنٽرول آهي، جنهنڪري خطي ۾ پائدار امن ممڪن نه آهي.
9 . علائقائي سطح تي نئين صفبنديءَ ۾ ايران ۽ افغانستان جو پاڪستان تي وڏو اثر رهندو.
0 1 . هندستان، پاڪستان ۽ امريڪا علائقي جا اهم عنصر ۽ لاڳاپيل ڀائيوار آهن.
1 1 . سول سوسائٽيءَ جي ڪري پاڪستان اندر هڪ لوڪل ڪلاس پيدا ٿيو آهي.
2 1 . سفارتڪاريءَ جو آرٽ هر شهريءَ کي اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي پنهنجي سماج جا ثقافتي سفير هوندا آهن.

ان کان سواءِ سوالن ۽ جوابن جي نشست ۾ به هن ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهايو. هن جي ڪيترن ئي نقطن سان حاضرين متفق ٿيا ۽ ڪن تي اختلاف به ٿيو، پر بنيادي طور ڪچهريءَ جي گهڻ رخي ماحول مان گهڻيون نيون ڌيان ڇڪائيندڙ ڳالهيون سامهون آيون. ڊاڪٽر مارون جي تقرير ختم ٿيڻ کان پوءِ سوالن جوابن جي نشست ۾ ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر فاروق ستار ڊگهي تقرير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هن ساڳيو اسٽيريو ٽائيپ موقف ورجايو ته سندن جماعت غريب ۽ مڊل ڪلاس طبقي جي جماعت آهي. جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو سياست تي قبضو آهي. هو اڪيلي انقلابي پارٽي آهي. انهيءَ تي مون ميزبانن اڳيان اعتراض رکيو ته ڊاڪٽر صاحب تقرير ڪرڻ بدران رڳو سوال ڪري يا ڪو ڪمينٽ ڏئي، جنهن کان پوءِ ڳالهه ٻولهه شراڪتي انداز ۾ هلڻ لڳي.
مون تازو امريڪي اداري، امريڪن پريس ”اي پي“ جي پاڪستان جي چيف پاران افغانستان ۾ منشيات جي پوک ۽ ان ۾ سي آءِ اي، آءِ ايس آءِ، القاعده ۽ طالبان ۽ ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ واري معاملي تي ڪيل انڪشافن بابت پڇيو ته ڪيئن منشيات جو پئسو انتهاپسندي ۽ رجعت پسند قوتن کي ادارتي شڪل (Institutional building) ڏيئي رهيو آهي. ٻين دوستن به ڳالهايو، ڪيترن ئي پيپلز پارٽيءَ تي سخت ڇوهه ڇنڊيا ۽ حيرت انگيز طور ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪئي، جنهن تي ڊاڪٽر مارون، ڊاڪٽر فاروق ستار، رضا هارون ۽ مصطفيٰ ڪمال کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جو ليڊر لنڊن ۾ ويهي تنظيم ٿو هلائي، اهو پڻ غيرجمهوري عمل آهي.
بحث تمام ڪارائتو آهي، پر بحث جا بنياد ان تاريخي زميني حقيقتن کان گهڻو پري هئا، جن کي سمجهڻ کان سواءِ هن رياست ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن. هيءُ ملڪ پنجن آئيني ايڪاين گڏجي ٺاهيو. هن وقت چار تاريخي وطن ۽ قومون هن ملڪ کي سڃاڻپ ڏيو بيٺيون آهن ۽ انهن کي نظرانداز ڪري معروضي حالتن ۽ حقيقتن کان لنوائي ڪابه جوڳي حڪمت عملي جوڙي نٿي سگهجي، جنهن وسيلي رياست ۽ عوام صحيح رخ ۾ اڳيان وڌي سگهن.
جمهوريت جي آڙ ۾ تاريخي وطنن ۽ قومن تي ٻڌل هن فيڊريش ۾ جائز آئيني ۽ قانوني حيثيت ملڻ کان سواءِ، سڀني آئيني ايڪاين جي تهذيب ۽ تاريخي سڃاڻپ کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ ۽ انهن کي پنهنجن وسيلن تي اختيار ڏيڻ کان سواءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هيءَ رياست هڪ انصاف پسند سماج جوڙي سگهي، جتي قانون جي حڪمراني هجي ۽ قانوني انصاف جي بالادستي هجي. اڪثريت ۽ ٿورائي جا تضاد، مختلف لساني، نسلي ۽ مذهبي گروهن جي بنيادي حقن جي تحفظ جهڙا معاملا حل ٿي سگهن. سوال هيءُ به آهي ته قومي ايڪاين جي سياسي معاشي مفادن تي راتاها هڻي هيءَ رياست ڪيترو وقت جٽاءَ ڪري سگهندي ۽ روشن خيال ۽ جمهوري رياست هجڻ جو سانگ رچائيندي؟
ڊاڪٽر مارون جي گفتگو مان صاف ظاهر هو ته پاڪستاني رياست جي سمورن مک اسٽيڪ هولڊرز جي ڪردار، مفادن ۽ مجبورين کان واقف آهي. هتان جي ايجنسين جي اليڪشن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ کان وٺي امريڪي مداخلت تائين هن کي هر رخ جي ڄاڻ هئي، پر ظاهر آهي ته سفارتي آدابن هيٺ ڪي ڳالهيون ڪبيون آهن ۽ ڪي رڳو ڪامن سينس جي بنياد تي سمجهبيون آهن. مائي ڪولاچي روڊ تي قائم امريڪي سفارتخاني جي نئين ۽ من موهيندڙ عمارت اندر مختلف طبقن جي ماڻهن جا مختلف اسڪالرز، ٿنڪ ٽينڪ ۽ سياسي دانشورن سان مڪالما ٿيندا رهن ٿا. اهو سلسلو هتان جي سياسي ۽ ثقافتي شعبي جي ڪم جو حصو آهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي سمورين سياسي جماعتن، سول سوسائٽي جي دوستن کي اهڙا موقعا وڃائڻ نه گهرجن، جتي اهي پنهنجي ڳالهه رکي سگهن. ڇاڪاڻ ته مون اڳ ۾ به لکيو آهي ته جيستائين اسان جو بين العمل، لهه وچڙ ۽ رابطي جا ذريعا نه وڌندا، تيستائين اسان جي ان سطح تي موقف رکڻ جو اثر ئي پيدا نه ٿيندو. اقتداري اليٽ ان کان اڳ سفارتي ميدان ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندا آيا آهن، جتي هو سنڌ بدران پنهنجن خصيص مفادن ۽ ويزائن جي ڳالهه کي وڌيڪ اهميت ڏيندا رهيا آهن. پيپلز پارٽي اهڙن فورمز تي سدائين وفاقي پارٽي هجڻ جي دعوا تائين محدود ڏٺي ويئي آهي. سنڌ جي حقيقي نقطي نظر کي نظرانداز ڪيو پئي ويو آهي ۽ هاڻ جڏهن سنڌ جي مڊل ڪلاس کي، سنڌ جي ساڃهوندن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي اهو موقعو مليو آهي ته هو سنڌ جي نمائندگي ڪن ته کين اها نماڻي صلاح آهي ته اهي ڪنهن ڊپ ڊاءَ ۽ هٻڪ ۽ ڪمتريءَ کان سواءِ مادر وطن جو ڪيس بهادريءَ سان رکن ۽ ڊاڪٽر مارون جهڙن ساڃهوند اسڪالرز سان ڪچهري جو موقعو ملڻ تي هو اهو ٻڌائين ته:

1 . سنڌ روشن خيال ۽ سيڪيولر ماڻهن جو خطو آهي.
2 . سنڌ ”جيو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي عالمي اصول تي يقين رکي ٿي.
3 . سنڌ سنڌين جو هزارين سالن کان وٺي تاريخي وطن آهي ۽ هو هر فورم تي انهيءَ انتهائي بنيادي ڳالهه کي ورجائيندا ايندا.
4. سنڌ هڪ آئيني ايڪائي طور مضبوط پاڪستان چاهي، پر اهو تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن فيڊريشن هلائڻ جا بنيادي سياسي ۽ اخلاقي قدر رائج ڪبا.
5 . سنڌي جمهوريت ۽ جمهوري ادارن جي عزت ڪن ٿا پر، ان جي قيمت قومي سڃاڻپ وڃائڻ جي صورت ۾ ادا نٿا ڪري سگهن.
6 . اڄوڪي عالمي دنيا جي سڀ کان وڏن بحرانن، مذهبي انتهاپسندي، نسلي تنگ نظري، لساني رجعت پرستي، انسانن، هٿيارن ۽ منشيات جي اسمگلنگ جو مقابلو هن خطي ۾ رڳو سنڌ کي گڏ کڻي ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌ انهن ناسورن سان نفرت ڪندڙ هڪ صوفي مزاج رکندڙ خطو آهي.

مون پنهنجي وس ۽ وت آهر ڪوشش ڪئي ته چانهه جي وقفي ۾ جيترو به ممڪن ٿي سگهي، اها ڳالهه ڊاڪٽر مارون اڳيان رکان ته جيئن عام راءِ پرسيپشن جوڙجي ته سنڌ کان سواءِ جمهوريت ۽ امن ممڪن نه آهي.