راھون پنڌ پيون
ھند سنڌ جي نامياري شاعر نارايڻ شيام جي غزلن جو مجموعو ”راھون پنڌ پيون“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھن ڪتاب جو سھيڙيندڙ مصطفيٰ نانگراج آھي، ھو لکي ٿو:
”شيام گهڻ رخو شاعر هو- هونئن بہ ڪيفيتن جا انبار ئي تہ شاعريءَ جي خوراڪ ٿي ٿئي- هُن شاعريءَ جي پراڻي گلدان ۾ شعرن جا ايترا تہ نوان گل رکيا جو سنڌي شاعري نہ رڳو رات راڻيءَ جي خوشبوءَ جيان مهڪي اٿي، بلڪ شاعريءَ جو هڪ نئون نڪور ۽ رنگ برنگي ڪهڪشان جُڙي پيو.“