انگاس تي ٽنگيل رباب
نئين ٽھيءَ جي خوبصورت شاعر مرتضيٰ ناز جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ” انگاس تي ٽنگيل رباب “ اوهان اڳيان پيش آھي. مرتضيٰ ناز نئين ٽھيءَ جي شاعراڻي سٿ جو فني ۽ فڪري قالب جو پختو شاعر آھي جنھن پنھنجي ھن تخليقي پورھيي ذريعي جديد سنڌي شاعريءَ جي وسيع سرسبز کيتر ۾ پير ڌريو آھي. ھن وٽ نہ رڳو موضوعن جي گهڻ پاسائين پالوٽ آھي پر فڪري مبالغي بدران سڌي سنئين چوڏھين چنڊ جھڙي چٽي فڪري رھنمائي ڀري واٽ پڻ آھي.