سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو
حن ڪتاب ۾ موجود مواد 39 جدا جدا موضوعن تي تعليمي مقصدن خاطر سنڌيءَ ۾ تصنيف ڪيل آھي، جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تہ گهٽ ۾ گهٽ ساڍا ٽي سئو سال اڳ سنڌ جي سڄاڻ عالمن ۽ استادن مادري زبان سنڌيءَ ذريعي ابتدائي مڪتبي تعليم ڏيڻ جو نظريو قائم ڪيو ۽ سنڌيءَ ۾ درسي مواد مھيا ڪري ان نظريي کي پڪو پختو ڪيو. ھي سڄو ذخيرو منظوم آھي. ھن ڪتاب جو مواد عزت بن سليمان نالي ڪاتب 1600ع کان 1657ع وارن سالن ۾ اتاريو.