خواب اکين جي شاعري
ڪھاڻيڪارہ ۽ شاعرہ صنوبر سيد جي نثري ٽُڪرن ۽ شاعراڻي خيالن جو مجموعو ”خواب اکين جي شاعري“ اوهان اڳيان حاضر آهي. صنوبر سيد لکي ٿي: ”مونکي صرف ۽ صرف پنھنجي چئوطرف وکريل حالتن ۽ ماحول جو شڪر گذار ٿيڻ کپي، جن مونکي ھڪ طرف ٽوڙيو آ تہ ٻئي طرف جوڙڻ ۽ سميٽڻ لئہ ڪاغذ قلم جو سھارو بہ مھيا ڪري ڏنو آ. منھنجي لاءِ منھنجي نڙيءَ ۾ رڪيل لفظن لاءِ وڏي وٿ آھي.“