آءُ بہ جيڪر پڙھڻ وڃان ھا
منٺار سولنگيءَ ٻارڙن لاءِ اھڙا نظم لکيا آھن، جن کي پڙھي رانديڪن جيان ڇڪجي ٿا اچن. سندن ھن مجموعي ۾ نظم ۽ گيت ٻارن کي ڪتابن جا ھيراڪ بڻجڻ ۾ مدد ڪندا. سندس نظمن ۾ تعليم حاصل ڪڻ، راند روند ذريعي صحت حاصل ڪرڻ، سائنس ۽ آرٽ ڏانھن لاڙو پيدا ڪرڻ جي ڪاوش نمايان آھي.