ھٿ ريکائن کان خالي
سنڌي فڪشن جي حوالي سان محمود مغل جي ھڪ نرالي سڃاڻپ آھي. ھو ڪھاڻي، ناول ۽ ڊرامي جي صنف جو سگهارو ليکڪ آھي. سندس قلم وقت گذرڻ سان حياتيءَ جي ڪيترن ئي ڪنڊن پاسن کي نروار ڪري اسان اڳيان پڌرو ڪيو آھي. محمود جيترو سادو، سٻاجهو ۽ کُليل انسان آھي اوترو ئي کُليل سندس قلم جو اظھار پڻ آھي. ھيءُ ناول ھڪ ننڍڙي حادثي کان بچاءَ ۽ وري ان حادثي جي ظھور کان پوءِ پنھنجي وجود جي رتيءَ رتيءَ جي سنڀال جي ڪھاڻي آھي. ھن رومانٽڪ ناول ۾ ھڪ بامقصد پوائنٽ آف ڊپارچر بہ موجود آھي.