لنڊن تنھنجا ڪيڏا روپ
ھي رڳو سفرنامو ناھي پر داستان پڻ آھي جنھن ۾ طارق عالم جي Sufferings جو ذڪر بہ آھي. 1987ع ۾ گردن جي پيوندڪاري لاءِ طارق عالم کي لنڊن وڃڻو پيو. اھو سفر 1989ع ۾ ۽ وري 1990ع ۾ پڻ ٿيو. ھي سفرنامو ان وقت جي ڏکڙن جو داستان ھجڻ سان گڏ لنڊن کي نرالي اک سان ڏسي لکيل آھي. ھي ڪو روايتي سفرنامو ناھي، ڇو تہ ھي سفرنامي ھجڻ سان گڏ ننڍپڻ جي واقعن، دوستن جي ڳالھين، يادگيرين، ساروڻين ۽ سنڀارن تي ٻڌل آھي.