سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر, مصنف : ڊاڪٽر غلام علي الانا

سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر
مصنف : ڊاڪٽر غلام علي الانا
ڪيٽيگري : لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
ڇپيندڙ : سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
شايع ٿيڻ جو سال : 2010
شامل ڪيو ويو : 2023-07-28
ڏِٺو ويو : 26 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 272 ڀيرا

هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر کي نھايت آسان بڻايو ويو آهي، جيئن هر درجي جي ٻار جي سمجهہ ۾ اچي. هن کي ڪُل چئن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پھريون ڀاڱو: ’ڳالھائڻ جا لفظ ۽ انھن جو اڀياس‘ جي نالي سان چوڏهن بابن تي مشتمل آهي، ٻيو ڀاڱو: ’علم صرف جو اڀياس‘ جي نالي سان صرف هڪ باب تي مشتمل آهي، جنھن ۾ علم صرف جي وصف، ڪارج ۽ مفھوم ڏنل آهن. ٽيون ڀاڱو: ’علم نحو جو اڀياس‘ جي نالي سان ڇھن بابن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ نحو جي وصف ۽ اُن جا اصول، جملي يا فقري جا مکيہ ڀاڱا، جملن جا قسم، عبارت/ اُسلوب (Style) جي لحاظ کان جملي جا قسم، ضمير متصل جو استعمال، ٻٽا ضمير متصل- شامل آهن. چوٿون ڀاڱو: چئن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ترڪيب، تفريق يا ڇيد ڪرڻ، بيھڪ جون نشانيون، سنڌي ويا ڪرڻ جون ڪي خاص ۽ اهم خصوصيتون شامل آهن

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ