ڪليات ڪمال (فقير ڪمال رحہ جو ڪلام ۽ سوانح حيات)
ڪمال فقير ھڪ پھتل ولي ۽ درويش شخص ھيو. ھن عشق الاهيءَ جو ذريعو شاعريءَ کي بڻايو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪافي ڪلام چيائين. سندس ڪلام ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي بيت، ڪافيون، مولود، مداحون ۽ ٽيھہ اکريون شامل آهن. ڪمال فقير جي ڪلام ۾ توحيد، رسالت، امامت، عدالت، شفاعت، سخاوت و شجاعت، اخلاص و اخلاق، ادب و فلسفہ، ھجي و وصال، حسن و عشق، فنا و بقا، تصوف ۽ ھمہ اوست جا نڪتا نظر اچن ٿا.