اڙي شهر جانان !, ليکڪ : حليم باغي

اڙي شهر جانان !

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : اڙي شهر جانان !
ليکڪ : حليم باغي
ڪيٽيگري : شاعري
ڇپيندڙ : پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
شايع ٿيڻ جو سال : 2001
شامل ڪيو ويو : 2016-09-02
ڏِٺو ويو : 18072 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 4739 ڀيرا
سنڌ جي محبوب شاعر حليم باغيءَ جي چونڊ شاعريءَ جو ڪتاب ”اڙي شهر جانان !“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. حليم باغيءَ بابت عبد الواحد آريسر لکيو آهي:
حليم باغي جي شاعري پڙهڻ ۽ ساڻس ملاقات کان پوءِ آئون باغيءَ جي شاعري ۽ سندس شخصيت جي جادو ۾ منڊجي ويس ۽ اهو جادو جو منڊ اڃا تائين منهنجي جيءُ ۽ جند ۾ جڪڙيو ويٺو آهي. باغي جي شخصيت ۾ مون کي هن جا جاندار ٽهڪ ڏاڍا وڻندا آهن، اهي ٽهڪ ڪڏهن سراهي ۾ شراب اوتجڻ جو پڙاڏو هوندا آهن ۽ ڪڏهن بهترين ڍولڪ نواز جي پڙاڏي مثل لڳندا آهن. ٽهڪ ئي ته زندگي جي علامت آهن. ٽهڪ ڪڏهن ڏياري جي ڏيئي جيان ٻرندا آهن، ڪڏهن مئخاني ۾ جام وانگر ٻُرندا آهن، ڪڏهن نفيس مهينديءَ رتن پيرن جي رقص جو استعارو بڻجي ويندا آهن ۽ ڪڏهن زندگي جي اها ڊوڙ ٿي پوندا آهن جنهن تي خالق ڪائنات خود فخر محسوس ڪندو آهي.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري شاعري مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ