ڪڏھن مان جي خود کان ڊِڄان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ
اَگر بي وَجَھہ ئي روئان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ
ڪڏھن وَڏ ڦُڙي مينھن ۾ ڪَڪَر پويان
جي پيري اُگهاڙي ڊُڪان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ
ڪڏھن زندگيءَ جي ڦِڏَن پيچرن تي
پِرين توکان وِڇڙي وَڃان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ
سِتارن جي محفل مان اَڌ رات جو مان
جي غمگين موَٽِي اَچان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ
وَڃان ٿو خُدا وَٽِ مگر ياد رَکُ تون
جي خالي ھٿين مان وَران، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ
اُجالا اکين ۾ کڻي سَڏُ ڪجان تون
جي اوندھ ۾ ڀٽڪي پوان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ
ڀروسو رھيو ڪاروان تي ڪڏھن ڪونہ
اڪيلو ڇَڏي ڪاروان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ
ڇڏائي وَڃن ھَٿُ سِتارا ۽ سِجُ، چَنڊُ
انڌيرن ۾ پڻ جيِ سَگهان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ
ڪَيَل قؤل سارا رَکِج ياد مُنھِنجا
ڪڏھن قؤلُ ڪو جي ڀَڃان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ
گهِٽيون ور وڪَڙ زندگيءَ جون لتاڙي
جڏھن تُنھنجي ڀر مان لَنگهان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ
اچان بي خوديءَ ۾ جڏھن سِنڌوءَ ڪپ تي
سَچل، شاھُ بڻجي اَمان!، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ
اَڃا آس باقي اِھا زندگيءَ ۾
ڪڏھن اَجنبيءَ جيان مِلان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ
نہ ٽاريءَ، نہ وَڻَ جو ئي ڪو ڏوھُہ آھي
سُڪَلُ گُل جي بَڻجي ڇَڻان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ
ڪڏھن ذهن کان ڪم، ڪڏھن دل کان ورتو
جڏھن ڪين ڪنھنجي مَڃان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ
تَصَوُر آ تُنھنجو، پِرين تاتِ تُنھنجي
جڏھن ساھُ اَنتِم کڻان، ھَٿُ پَڪِڙجانءِ