عمر سومرو اڪيڊمي، ڪراچي

عمر سومرو اڪيڊمي، ڪراچي

عمر سومرو اڪيڊمي، سن 2005 ۾ ڪراچيءَ ۾ عمر سومري ٺاهي. اڪيڊمي جوڙڻ جو مقصد سنڌي ٻوليءَ جي جھوليءَ ۾ وَسَ ۽ وِتَ آهر ڪجھ دان ڪرڻ هو.
اڪيڊميءَ پاران پهريون ڪتاب جيڪو تيار ڪري سن 2006 ۾ ڇپرايو ويو، اهو “تصويرِ سنڌ – سومرن جي بادشاهيءَ جا نقش ۽ نشانيون” آهي. هي ڪتاب ڀلوڙ سنڌ پارکُو ايم. ايڇ. پنهور پاران سنڌ جي راڄ گھراڻي سومرن ۽ سندن راڄ يعني حڪمرانيءَ بابت سائنسي انداز ۾ ڪيل تحقيق تي ٻڌل سن 2003 ۾ ڇپيل ڪتاب “اَئن اِلسٽريٽيڊ هسٽاريڪل اٽلس آف سومرا ڪنگڊم آف سنڌ” جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو عمر سومري ڪيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ، تاريخي جاگرافي، سَڀِئتا ۽ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ وقت سان گڏ آيل سُڌارا، خصوصي طور سومرا دور يعني 1011 کان 1351ع تائين، نثر، 70 نقشن ۽ 654 تصويرن سان سمجھايَل آهن.
اڪيڊميءَ پاران ٻيون ڪتاب جيڪو تيار ڪيو ويو، سو آهي ڊاڪٽر مهر عبدالحق سومري جي ملتان مان 1992ع ۾ ڇپيل ڪتاب “دِي سومراز” جو عمر سومري پاران ڪيل سنڌي ترجمو “سومرا راڄ گھراڻو”، جيڪو ثقافت کاتي سنڌ 2010 ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
اڪيڊميءَ پاران ٽيون ڪتاب ايم. ايڇ. پنهور صاحب جي 1983 ۾ ڇپيل ڪتاب “ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ” جو عمر سومري پاران ڪيل سنڌي ترجمو “پيرائتي سنڌ ڪٿا” تيار ڪري 2011 ۾ ڇپرايو ويو. هن ڪتاب ۾ ڌرڻي جُڙڻ کان 1539 تائين سنڌ سان لاڳاپيل واقعا سن وار ترتيب ۾ ڏنل آهن. هي ڪتاب نثر، 46 نقشن ۽ 119 تصويرن تي ٻڌل آهي.
اڪيڊميءَ پاران چوٿون ڪتاب جيڪو تيار ڪيو ويو، اهو هو ايم. ايڇ. پنهور صاحب جو اڻ ڇپيل رهجي ويل ڪتاب “سڪس ٿائوزنڊ ييئرس آف هسٽري آف اِريگيشن اِن سنڌ”، جيڪو عمري سومري لائق محقق جي لاڏاڻي کانپوءِ ترتيب ڏنو ۽ سنڌ جي ثقافت کاتي 2011 ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ لائق محقق پاران سنڌ ۾ دريائن، نئيُن، واهن، چشمن، کوهن ۽ پاڻيءَ جي ٻين ذريعن ۽ انهن مان ملندڙ پاڻي کيتيءَ لاءِ ڪم اچڻ جي اوائلي جُڳن کانوٺي هلندڙ وقت تائين جو احوال سائنسي انداز ۾ نثر، 77 نقشن ۽ 890 تصويري سمجھاڻين سان ڏنو آهي. هي ڪتاب 2011 ۾ ثقافت کاتي سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو.
اڪيڊميءَ پاران پنجون ڪتاب ايم. ايڇ. پنهور صاحب جي تحقيقي تصنيف “سڪس ٿائوزنڊ ييئرس آف هسٽري آف اريگيشن ان سنڌ” جو عمر سومري پاران ڪيل سنڌي ترجمو “سنڌ جي ريجاڻي تاريخ جا ڇهه هزار سال” تيار ڪري 2013 ۾ ڇپرايو ويو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ ٻڌائيندڙ 77 نقشا اکر اکر سنڌيءَ ۾ آهن. سنڌ تي سنڌي ٻوليءَ ۾ هيتري وڏي انگ ۾ نقشن وارو هي پهريون ۽ هن مهل تائين اڪيلو ڪتاب آهي.
اڪيڊميءَ پاران تيار ڪري ڇپرايل ڇهون ڪتاب ايم. ايڇ. پنهور صاحب پاران 1979 ۾ ڏنل ليڪچر “سنڌ-ڪڇ رليشنز” جو ڊاڪٽر غلام محمد لاکو پاران ڪيل سنڌي ترجمو “سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا” آهي، جنهن جي پڌرائي 25 ڊسمبر 20116 تي لائق مصنف جي 91هين سالگرهه جي ميڙاڪي ۾ ٿي.
اڪيڊميءَ پاران تيار ڪيل ستون ڪتاب ايم. ايڇ. پنهور صاحب جي ڪتاب “گرائونڊ واٽر اِن حيدرآباد اينڊ خيرپور ڊويزنس”، جيڪو ون يونٽ وارن ڏينهن ۾ پهريون ڀيرو 1964 ۽ پوءِ سڌاري وڌائي 1969 ۾ ڇپيو، جو عمر سومري پاران ڪيل سنڌي ترجمو “سنڌ ۾ جَر جو پاڻي” آهي. هن ڪتاب ۾ سموري سنڌ سان ڪنهن به جُڳ ۾ ڪنهن به نموني لاڳاپيل دريائن ۽ انهن جي ڇاڙُهن جي وهڪرن، انهن پاران آندل لَٽَ، جَرَ ۾ ڇڏيل سيمي، اچ وڃ جا ذريعا ٺاهي ۽ ڦِٽائي معيشيت ۽ واپار جي اُسرڻ ۽ پوئتي پوڻ ۾ ڪردار ۽ سڀِئتا يعني ڪلچر ۽ سُڌريل رهڻي ڪهڻي يعني سِوِلائيزيشن جي اُهڃاڻن جهڙوڪ وسنديُن، ڳوٺن، شهرن، شهري جِيوَن، هُنرن ۽ هُنري ڏانءَ کي اوسارڻ ۽ ڦِٽائڻ ۾ ڪردار سان گڏوگڏ سمنڊ، ٽَڪرن تان وَسَ ميڙي هلندڙ نئيُن ۽ چشمن جي ڌار ڌار جُڳن ۾ صورتحال جو هر ڏيک نثر سان گڏ 15 نقشن ۽ 26 تصويري سمجھاڻيُن سان ڏنل آهي، جيڪي اکر اکر سنڌيءَ ۾ آهن. هي ڪتاب اڃا اڻ ڇپيل آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عمر سومرو اڪيڊمي، ڪراچي جا ڪُل 4 ڪِتاب موجود آھن


عمر سومرو اڪيڊمي، ڪراچي جا ڪتاب

پيرائتي سنڌ ڪٿا، مصنف : ايم ايڇ پنھور

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
پيرائتي سنڌ ڪٿا
مصنف : ايم ايڇ پنھور
سنڌ جي ريجاڻي تاريخ جا 6 ھزار سال، مصنف : ايم ايڇ پنھور

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌ جي ريجاڻي تاريخ جا 6 ھزار سال
مصنف : ايم ايڇ پنھور
تصوير سنڌ (سومرن جي بادشاھيءَ جا نقش ۽ نشانيون)“، مصنف : ايم ايڇ پنھور

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
تصوير سنڌ (سومرن جي بادشاھيءَ جا نقش ۽ نشانيون)“
مصنف : ايم ايڇ پنھور
سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا، مصنف : ايم ايڇ پنھور

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا
مصنف : ايم ايڇ پنھور
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ