مديني جون هوٽلون
ٿورو اڳتي هلڻ بعد سامهون منارا نظر اچي ويا يعني مون کي آئيڊيا ٿي وئي ته ڪار ۾ پهچڻ لاءِ وڏو ڦيرو ڪرڻو پوي ٿو ۽ پيدل اچڻ ۾ گهٽ پنڌ آهي. آئون هاڻ منارن جي سنوت ۾ اڳتي وڌندو رهيس. اسين ننڍا هئاسين ته اسان جي مرحوم ڏاڏي اسان کي پينگهي ۾ لوڏڻ وقت هميشه اهي راڳ، مولود يا بيت چوندي هئي جنهن مان سندس مڪي ۽ مديني وڃڻ لاءِ بيحد گهڻي سڪ ظاهر ٿيندي هئي. اڄ به انهن راڳن جون سِٽون ياد آهن. مديني جون گهٽيون گهمان، روضي پاڪ ۾ حاضري ڏيان، ڪڏهن ڏسنديس حضور جن جي مسجد، جڏهن ايندم پري کان نظر مسجد جا منارا ـ وغيره. اڄ خاص ڪري هيئنر پيدل مسجد ڏي ويندي سامهون منارن تي نظر پوڻ سان آئون پاڻ کي خوش نصيب سمجهڻ لڳس جو قسمت مونکي آڻي هتي بيهاريو آهي، جنهن لاءِ ڪيترائي سَڌون ۽ سِڪون ڪن ٿا. اسان جي مرحوم ڏاڏي ڪئين سال مڪي مديني اچڻ جون انتظار ڪندي رهي. سفر اڻانگا هئا. جهازن جا ڀاڙا ڀتا کڻي ايڏا ڳرا نه هئا، پر ماڻهن وٽ پئسو نه هو. نه پگهار وڏا هئا ۽ نه زمينن تان مليو ٿي. چيٽ جي فصل لهڻ تي ڪيترن زميندارن جي گهرن ۾ فقط کائڻ لاءِ ڪڻڪ بچندي هئي. خريف جي فصل تي اڪثر چار پئسا ملندا هئا، جن مان قرض کي منهن ڏبو هو يا جاءِ جو ليپ ٿيندو هو. آخر هڪ ڏينهن اهو ڀلارو ڏينهن آيو جڏهن اسان جي ڏاڏيءَ جي سالن جي مراد پوري ٿي. هوءَ حج تي رواني ٿي. وڏي عمر جي ٿي وئي هئي، پر چاڪ چوبند هئي. حج ڪرڻ بعد ٻئي يا ٽئي ڏينهن هن کي سخت بخار ٿيو ۽ ٻي ڏينهن گذاري وئي. کيس هتي ئي دفن ڪيو ويو. پاڻ هميشه هن پار اچڻ جون دعائون گهريائين ٿي موٽڻ جون نه. شايد سندس اهي دعائون رب پاڪ پوريون ڪيون.
آئون پنڌ ئي پنڌ تکا تکا قدم کڻندو مسجد ڏي وڌندو رهيس. فندق (هوٽل) النخيل بلڪل سامهون هئي. پوءِ مسجد جي بلڪل در وٽ هوٽل بهاءالدين جديد نظر آئي. مونکي واچ نه هئي سو هوٽل ۾ وقت معلوم ڪرڻ لاءِ گهڙي ويس. اندازو لڳايم ته پنڌ ۾ ويهه منٽ کن لڳا ۽ نماز م اڃان اڌ ڪلاڪ کان مٿي هو. وقت سان گڏ مون هوٽل جي مسواڙ هڪڙي مقرر هجڻ بدران مختلف مهينن ۾ مختلف رهي ٿي. جيئن اڄ ڪلهه حج جي ڏينهن ۾ سڀ کان گهني آهي. اهڙي طرح محرم ۽ رمضان ۾ به ڪافي گهڻي رهي ٿي. باقي مهينن ۾ اڌ جيتري يا ان کان گهٽ ٿيو وڃي. مسجد نبوي جي چوڌاري ڪيتريون ئي وڏيون هوٽلون آهن. ڪيتريون اٺ اٺ ڏهه ڏهه ماڙ ٺهي رهيون آهن. انهن هوٽلن مان ڪيترين جا مالڪ يا مينيجر پاڪستاني آهن. سعودي عرب جي قانون موجب ڪوبه ڌارئين ملڪ جو ماڻهون زمين، دڪان يا گهر خريد ڪري نٿو سگهي. پوءِ ڪيترا ڌاريا ماڻهون مڪاني عرب جي نالي تي اڻ سڌي طرح خريد ڪن ٿا. پوءِ سڄو ڪم ڀروسي تي هلي ٿو. ڪي عرب ته ايماندار به آهن. جيڪي حصو پتي مقرر ڪيو وڃي ٿو، اهو مفت ۾ حاصل ڪري خوش آهن. ڪي ته بقول هڪ اسان جي پيٽاڙي جي دوست جي لالچي ۽ ٺڳ به آهن. هن پنهنجيون زمينون وڪڻي هڪ عرب جي نالي مڪي ۾ عينڪن جو دڪان ڪڍيو. ڪجهه سالن بعد جڏهن ڌنڌو هلڻ لڳو ته عرب ماڳهين هن تي قبضو ڪري هن کي ڀڄائي ڪڍيو. زوريءَ قبضي ڪرڻ لاءِ هن تي ڪيترائي الزام هني ماڳهين جيل ۾ روانو ٿي ڪيائينس. نيٺ اسان واري همراه ڏٺو ته هتي جي زوراور عربن اڳيان ڌارئين ڪمزور جي ڪا نٿي هلي سگهي. هڙ ملڪيت ڇڏي جان بچائي وڃي ڳوٺ ڊگڙيءَ کان نڪتو. اڄ ڪلهه لاهور پاسي ٺيڪيداري ڪري ٿو. بهرحال اهڙا هتي عام ڪيس آهن. ان ڪري اڄ ڪلهه ڌاريا ماڻهون هتي تيسين invest نٿا ڪن جيسين حڪومت يا ملڪي سفارتخانو support نتو ڪري. پر تنهن هوندي به مڪي ۽ مديني ۾ اڃان به ڪيترائي پاڪستان هندستان جا مسلمان ڊائريڪٽ ۽ ان ڊائريڪٽ ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ نظر اچن ٿا. اهو ئي حال هتي جي ننڍين هوٽلن جو آهي.
هڪ ٻي ڳالهه نوٽ ڪيم ته انهن ننڍين هوٽلن ۾ گهڻو ڪري يڪا قافلا رهن ٿا. هڪ هوٽل جنهن کي پاڪستاني پٺاڻ هلايو ٿي، تنهن کان خالي ڪمري جو پڇيم ته ٻڌائين ته هن هوٽل جا سڀ ڪمرا هر سال پشاور کان ايندڙ حاجين لاءِ بڪ ٿيل آهن، جيڪي ٽولا ٽولا ٿي پاڪستاني ٽريول ايجنٽ يا مڪاني معلم ذريعي اچن ٿا. هڪ ئي هوٽل ۾ هڪ ئي تر جا هڪ ئي زبان ڳالهائيندڙ رهن سان کين Homesickness گهٽ محسوسو ٿئي ٿي. کين وطن کان دور هوندي به پهنجائيءَ جو احساس ٿئي ٿو. ۽ وطن جي خبر هڪ ٻئي کان پوندي رهي ٿي. اهڙي طرح ڏٺم ته سنڌين جون به ڪي ڪي فئوريٽ هوٽلون ۽ عمارتون آهن، جن جا سڀ فلئٽ سکر پاسي يا نوابشاهه ۽ حيدرآباد کان آيل همراهن سان ڀريل هئا. هڪ ۾ سکر جو ڊي آئي جي راهو خان بروهي ۽ دادو جو جاويد لغاري ۽ ٻيا دوست ڳوٺائي رهيل هئا، جيڪي حج ڪرڻ بعد هيڏانهن مدينه منوره ۾ آيا. اهڙي طرح هڪ مسواڙ جي عمارت بدين ۽ ماتلي پاسي جي نظاماڻين لاءِ بڪ ٿيل هئي، جيڪي ٻن ڏينهن بعد مڪي شريف کان اچڻا هئا.