• مختصر مختصر
سعودي عرب جهڙي وارياسي رڻ پٽ ۾ جتي هوا ته بيشڪ آهي ۽ تمام سٺي پر پاڻي لاءِ ماڻهو ڦڙي ڦڙي لاءِ پيو سڪي. نه آهن عراق، سنڌ مصر وانگر درياهه دجله، سنڌو، نيل نه ملائيشيا انڊونيشيا وارا مينهن. پاڻي اچي ته ڪٿان اچي. ڪٿي ڪٿي چشما آهن جن تي ماڻهن جو گذر ٿيندو هو. هاڻ تيل جي پئسي مان امير ٿيڻ بعد سعودي عرب پاڻيءَ جو بندوبست جتي ڪتي ڪرايو آهي. مشينري جيڪا سمنڊ جي کاري پاڻي مان مٺو پاڻي الڳ ڪري ٿي ان کي Desalination Plant سڏجي ٿو. اهي مشينون جدي، ينبو ۽ سمنڊ جي ٻين ڪنارن تي هڻي مٺو پاڻي ٺاهيو وڃي ٿو، جيڪو دور دراز شهرن ۽ ڳوٺن کي مهيا ڪيو وڃي ٿو. اهو پاڻي نج حالت ۾ پيئڻ سٺو ناهي جو ان ۾ تيزابيت رهي ٿي. اهڙي پاڻي ۾ هميشه ڪجهه Chemicals ملائي پوءِ پيئڻ جو ڪم آڻجي ٿو. جهازن تي پڻ ان قسم سان پاڻي ٺاهيو وڃي ٿو ۽ پاڻي ٺاهيندڙ ان مشينري کي Fresh Water Evaporatorسڏجي ٿو. سعودي عرب جي پاڻيءَ جي ايڏي تعريف نٿي ڪري سگهجي جو اهو پاڻي هٿرادو ٺهيل آهي ۽ جتي ڪٿي ساڳيو آهي سواءِ انهن هنڌن جي جتي چشمي جو پاڻي آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي ان حصي ۾ موجود معدنيات مطابق چئي سگهجي ٿو ته ڪهڙي قسم جو Mineral Water آهي.
• سعودي عرب ۾ مڇر تمام گهٽ نظر اچن ٿا. ملائيشيا ۽ پاڪستان ويندي آمريڪا (USA) ۾ به مڇر جام آهن. پر هتي بنهه نه برابر آهن. سج لهڻ بعد به ٻاهر اڱڻ تي ويٺو هج يا رستي تي واڪ پيو ڪر مجال آهي جو ڪو مڇر يا جيت جڙو تنگ ڪري. اهڙو سک سئيڊن ۾ هو. سئيڊن جي صفائي سٺائي ۽ Hygienic Condition جو جواب ناهي. ان جو مطلب اهو ناهي ته سعودي عرب ۾ به صفائي سٺائي جو اهو معيار آهي. عربن وٽ جيترو پئسو ۽ سهولتون موجود آهن اوترا هنن جا نه گهر صاف سٿرا آهن ۽ نه گهر کان ٻاهر جون گهٽيون. هونءَ هڪڙو تاجپور يا نصرپور جو رهاڪو جدي يا رياض جي ڪنهن علائقي جو چڪر هڻي اچي ته اهو ضرور تعريف ڪندو جو اسان جي سنڌ جي ڳوٺن يا شهرن جون Sanitary System کان وٺي صحت ۽ صفائيءَ جون حالتون بيحد خراب آهن. باقي هونءَ دنيا جي معيار تي سعودي عرب اوترو صاف سٿرو ناهي جيترو سئيڊن، ناروي، سنگاپور، جپان جهڙا ملڪ آهن. سعودي عرب ۾ مڇرن ۽ جيتن جڙن جو نه برابر هجڻ جو وڏو سبب هتي جي گرم موسم آهي، جنهن ۾ نازڪ قسم جا جيت جڙا زنده رهيو نٿا سگهن. سئيڊن پاسي وري سخت سيءَ ڪري اهڙا جيت جڙا مريو وڃن، پر ساڳي وقت صفائي هجڻ ڪري مک جهڙا ساهوارا به نه آهن. باقي سعودي عرب ۾ نه رڳو عام مکيون پر ڪاريون وڏيون ٿلهيون مکيون به اڏامندي نظر اينديون. انهن گند جي دٻن جي جيتوڻيڪ روز صفائي ٿئي ٿي، پر ڪن ڪن گهٽين مان لنگهندي انهن مان ايڏي ڌپ نڪري ٿي جو سمجهه ۾ نٿو اچي ته سامهون وارن گهرن ۾ ماڻهو ڪيئن ٿا رهن.
سعودي عرب جو گهڻو حصو گهم کان بچيل آهي. گهم (Humidity) هوا ۾ موجود پاڻيءَ جي حصي کي سڏجي ٿو. گرميءَ ۾ پگهر نه نڪري ته معنى گهم ناهي. جيئن اندروني سنڌ ۾ گهم گهٽ آهي. ڪراچيءَ ۾ گهڻي گهم ڪري جسم جو پگهر نه سڪندو آهي. چٽگانگ جهڙن سامونڊي ڪنارن تي ڪڏهن ڪڏهن ايتري ته گهم ٿئي ٿي جو ڪپڙا به دير سان سڪن. گهم (هوا ۾ موجود پاڻيءَ جي ڦڙن) ڪري بسڪيٽن جو پاڪيٽ کولڻ بعد ڏينهن ٻن ۾ ان ۾ موجود بسڪيٽ آلا ٿيو وڃن. پر سعودي عرب ۾ گهٽ يا نه برابر گهم ڪري بسڪيٽ، پٽاٽو چپس جهڙيون شيون آليون نٿيون ٿين. ان معاملي ۾ سئيڊن جهڙا ملڪ سڀ ۾ بهتر آهن. جتي سيءُ ۽ ٻيو خشڪ هوا ڪري هر شيءِ هر وقت تازي ۽ سوڪ (Crispy) رهي ٿي. پليٽ ۾ کليل بسڪيٽ مهينو رکيا هوندا ته به اهڙا جا اهڙا. لوڻ يا کنڊ کي دٻي ۾ به بند ڪرڻ جي ضرورت ناهي. مهينن بعد به ان جو ڪڻ ڪڻ ڌار ڌار ۽ سڪل نظر ايندو. نه گهم نه گرمي. نه مڇر نه مک، نه چچي نه چيلاٽو.
• سعودي عرب لاءِ چيو وڃي ٿو ته Man’s World آهي يعني جتي ڪٿي مرد ئي مرد نظر اچي ٿو ۽ مرد جي ئي هلي ٿي. عورت پڙدي ۾ گهر اندر ئي گهڻو وقت گهاري ٿي. جدي، رياض، دمام جهڙن شهرن جون ٽيليفون ڊئريڪٽريون کولي ڏسان ٿو ته رڳو مردن ئي مردن جا نالا نظر اچن ٿا. ڪٿي به ڪو مريم، زيب النساءِ، الهه بچائي يا الهه وسائيءَ جو نالو نظر نٿو اچي، رڳو بچايا ۽ وسايا نظر اچن ٿا.
• هتي سعودي عرب ۾ ڪڏهن ڪڏهن پاڪستانين سان ملي کائن خير عافيت پڇندو آهيان. گهڻي ڀاڱي پاڪستانين کي هتي جي عربن سان شڪايت آهي ته هو ڪنهن جا به همدرد نه آهن. خاص ڪري پاڪستانين سان ته هنن جو وهنوار سٺو ناهي. عربن وعدي جا توڙي ڏيتي ليتي جا سٺا نه آهن. عرب سان گڏ نه واپار ڪجي نه ڪنهن عرب وٽ نوڪري ڪجي.
پهرين ڏينهن کان اهي ڳالهيون ٻڌي مونکي عجيب خيال ايندا هئا ته آيا هتي سعودي عرب ۾ رهجي يا هليو وڃجي. وري عربن جون اهي ڳالهيون پنهنجي دوست حسن سان ڀيٽيندو هوس ته هو ته مونکي بلڪل مختلف لڳندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن هڪ هوٽل ۾ ويٺل ٻن ٽن پاڪستانين ۽ انڊين کي چيم ته مونکي ان تي يقين نٿو اچي ته عرب اهڙا آهن.
“ ان ڪري جو،” انهن مان هڪ ٻڌايو، “جنهن عرب وٽ تون رهين ٿو اهو پڙهيل ڳڙهيل آهي. هڪ تعليم يافته ۽ جاهل عرب ۾ وڏو فرق آهي.”
۽ پوءِ ٿورو عرصو وڌيڪ رهڻ تي ئي محسوس ڪيم ته اها حقيقت آهي ته پڙهيل ڳڙهيل عرب بهتر ماڻهو آهي. نه فقط پڙهيل ڳڙهيل پر اهو جنهن کي سٺو Exposure مليو آهي، جيڪو دنيا جي سٺن ماڻهن سان اٿيو ويٺو آهي. ڪيترا عرب جن دنيا جو صحيح طرح جائزو نه ورتو آهي، اهي ته اهوئي سمجهن ٿا ته ايشيا جا ماڻهو _ خاص ڪري پاڪستان، هندستان، سري لنڪا، بنگلاديش جا اسين بنهه ڄٽ ۽ بکيا آهيون، جن کي مهيني ۾ ست اٺ سؤ ريال ڏيڻ به هنن لاءِ وڏي ڳالهه آهي جو ڄڻ پنهنجي ملڪ ۾ اسان کي ڪجهه به نٿو ملي ۽ قدرت اسان کي اٺن، گڏهن وانگر پئدا ڪيو آهي جن کان مزوري ۽ بار کڻائڻ جهڙا ڪم وٺجن. کائڻ ۽ رهائش لاءِ جهڙو تهڙو جيڪي اچي سو ڏئي ڇڏجين.”
• عرب دنيا ۾ ست ۽ ستر جو انگ گهڻو ڪري “ گهڻائي” لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ڪو چوي ته ٻئي وٽ ستر اٺ آهن. يعني هن جو مطلب اهو ناهي ته هن وٽ ٽيهه گهٽ سؤ اٺ آهن. پر هن جو مطلب اهو آهي ته هو امير آهي ۽ هن وٽ ڪيترائي اٺ آهن. (جن جو تعداد ستر کان گهٽ يا وڌ به ٿي سگهي ٿو) اهوئي مطلب ستن جي انگن سان آهي جيڪو اسان وٽ سنڌ ۾ به ساڳي مطلب لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جيئن چئبو آهي ته ‘ شل ست پٽ ڄمنئي‘ _ مطلب ته گهڻائي پٽ ڄمنئي.
• عرب ڳالهه ڳالهه ۾ الحمدالله، سبحان الله ۽ خاص ڪري تعريف بعد ماشاالله چون ٿا. چوندا فلاڻي جو پٽ ڏاڍو سهڻو آهي يا فلاڻي جو گهر تمام وڏو آهي، پوءِ يڪدم ماشاالله چوندا. ان ڏينهن مديني ويندي ڪار ۾، اسان جي ميزبان عرب حسن پنهنجي زال آسيه کي چيو:
“ الطاف پاڙي جي ٻارن کان ٻه ٽي سوال پڇيا ڪنهن به صحيح جواب نه ڏنو سواءِ پنهنجي پٽ احمد جي.”
اهو ٻڌي اُم احمد (يعني آسيه) فخر مان چيو:
“ ٻيو نه ته وري. آئون ته اڳهين توکي چوندي رهان ٿي ته پنهنجو پٽ احمد بيحد هوشيار آهي.”
احمد جيڪو پڻ اسان سان گڏ هو تنهن پنهنجي ماءُ جي جملي ختم ٿيڻ تي يڪدم چيس : “ امان ماشاالله ته چئه.”
• اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو هر ڳالهه جو حد کان وڌيڪ ردِ عمل ڏيکاريون ٿا. بيحد جذباتي ثابت ٿيا آهيون. خاص ڪري مذهب جي معاملي ۾ ته اهي ڪم ڪريو وهون جو خود مسلمان ملڪ اسان تي کلن ٿا. مونکي اهو سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ڪيتريون مذهبي ڳالهين ۾ هي عرب ملڪ اها ئي روزمره جي نارمل زندگي گذارين ٿا ۽ ماٺ ۾ رهن ٿا. اسان ئي واويلا مچائيندا رهون ٿا. اسان جي ئي ملڪ ۾ پوليس لاٺي چارج ڪري ٿي ۽ آخر ۾ نتيجو اهوئي نڪري ٿو ته اسان جا ئي ماڻهو موت جو شڪار ٿين ٿا. اسان جي ئي غريب ماڻهن جي گهرن ۾ ماتم ٿئي ٿو.
اڄ ڪلهه چرار شريف وارو واقعو دنيا جي مختلف ٽي وي اسٽيشنن تان ٻڌايو پيو وڃي. ان جي ظلم جون خبرون سڄي دنيا ڏسي ۽ ٻڌي رهي آهي. چرار جنهن ۾ درگاهه حضرت شيخ نورالدين ولي ۽ جامع مسجد کي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترا مسلمان سڙي ويا آهن. ان ظلم جي خلاف پاڪستان ۾ آواز اڀاريو ويو پر چند ميل هيڏانهن سعودي عرب ۽ ٻين اسلامي ۽ عرب ملڪن ۾ ڪو به خاص ردِ عمل نه ٿيو آهي. ڄڻ دنيا جي ٻئي ڪنهن مسلمان جو ان ظلم ۽ بي عزتيءَ سان واسطو ئي ناهي. اهو ڄڻ ته هندستان جي گهرو معاملي جي ڳالهه هجي. پر جي دنيا جي ٻين عرب ۽ مسلمان ملڪن جو واسطو آهي ته به ان لاءِ ڄڻ پاڪستان منهن ڏيڻ لاءِ ويٺو آهي. فقط ناراضگيءَ جي اظهار لاءِ بيان طور ٻه اکر به نٿا چون. انڊيا ۾ مسلمانن ۽ انهن جي پاڪ جاين جي بي عزتي پئي ٿئي، پر هيڏانهن روز اخبارن ۾ فوٽا پيا ڏسجن ته عرب وزير يا سلطان هندستان جي سفير يا ٻين اهم هندستاني ماڻهن سان گڏ دعوت ۾ بيٺا آهن. هندستان طرفان ٺهيل هوٽل يا ڪنهن ٻئي واپاري پروجيڪٽ جي ڪو عرب شهزادو يا وزير رسم افتتاح پيو ڪري.
انڊيا اسلام ۽ مسلمانن سان هيڏيون تعديون ڪندو وتي، پر اڄ به سعودي عرب، دبئي، ڪويت ۾ پاڪستان کان وڌيڪ تعداد ۽ ڌنڌي ۾ انڊيا جا ماڻهو آهن ۽ هتي جا عرب هندستان جي اسان کان وڌيڪ عزت ڪن ٿا. انهن سان دوستي رکن ٿا. پر ان ۾ اسان کي واويلا ۽ منهن مٿو پٽي عربن کي ڏوهه ڏيڻ بدران پنهنجي حڪومت کي ڏجي جنهن جا سفارت خانا ملڪ لاءِ ڪو خاص ڪم نه پيا ڪن. ڪو سٺو اميج نه پيا ڏين.
هڪ عرب کي چيم : هندستاني حڪومت اتي رهندڙ مسلمانن کي هيئن مارائي رهي آهي، پر توهان ڪو جلسو جلوس يا هنگامو هڙتال نٿا ڪريو. اسان ڏسو ڪيڏو گوڙ ٿا ڪريون.”
مون ڏي غور سان نهاري جواب ڏنائين: “منهنجي خيال ۾ ته اهو صحيح ناهي. هندستان ۾ چار مسلمان مري ويا، ان جي احتجاج ۾ سڄي پاڪستان ۾ گوڙ ٿيا. پوليس نڪري آئي. ماڻهن انهن تي پٿراءُ ڪيو. پوليس گولي هلائي. ڪجهه گولين ڪري، ڪجهه چپجڻ ڪري پنڌرهن کن ماڻهو مري ويا. چئن مسلمانن جي مرڻ تي پاڪستان پنهنجا پنڌرهن مسلمان يا هندو ماري ڪهڙي کيپ کٽي؟ اها ساڳي ڳالهه ڊپلوميسي سان به مڃرائي سگهجي ٿي. هڪ ڏوهه جو جواب ان کان وڏي ڏوهه سان ڏيڻ ۾ ڪهڙي عقلمندي آهي؟ انڊيا جيڪڏهن مسجد ۽ مسلمان شهيد ڪيا ته ان جي سزا هڪ ٻئي انسان کي ته نه ڏجي، ڀلي کڻي اهو هندو هجي. توهان جي ملڪ کان وڌيڪ هندو ته سعودي عرب ۾ رهن ٿا، پر انهن کي مارڻ ۽ گهر ساڙڻ ۾ ڪهڙي اسلامي خذمت آهي؟”
• عرب ڪو بيوقوفي جهڙو ڪم ڪري ٿو ته اسان جا ماڻهو (ايشيا جا) توڙي يورپي گورا اهوئي چون :
“ اهي عرب بدو آهن سو بدوئي رهندا.”
بهرحال هنن کي منهن تي نه چون پر پنهنجي منهن چون.
مونکي اهو معلوم ڪري تعجب لڳو ته ڪيترا عرب ٻين عربن کي ڄٽ چوڻ لاءِ پڻ ساڳيو لفظ بدو استعمال ڪن ٿا. ڪو عرب جڏو يا بيوقوفي وارو ڪم ڪندو ته ٻيو کيس چڙ مان بدو چوندو _ جيئن انگريزيءَ ۾ ڪنهن کي Stupid چئجي.
• جدي ۾ اسان حسن جي ماسيءَ جي گهر رهياسين. ان جو مڙس سعودي عرب جي ايئر فورس ۾ آهي. ڪنهن زماني ۾ هو ڪراچي جي ڪورنگي ايئرفورس بيس ۾ به ڪم ڪري ويو آهي يا شايد فقط ٽريننگ لاءِ آيل هو. سعودي عرب جا ڪيترائي فوجي پاڪستان ۾ تعليم ۽ ٽريننگ لاءِ اچن ٿا. کيس ڪجهه ڪجهه اڙدو به آئي ٿي. مونکان منهنجي ڳوٺ جو پڇيائين.
“دراصل منهنجو ڳوٺ ڪراچي کان پري آهي.” مون ٻڌايومانس.
“ تڏهن به ڪهڙو آهي، ڇو جو آئون سڄي سنڌ ۽ پنجاب ۾ پڻ رهيو آهيان.” هن ٻڌايو.
ان بعد پاڻ ٻڌائين ته هو سنڌ جي سکر ۽ جيڪب آباد شهرن ۾ ڪجهه عرصو رهيو آهي. پاڻ جنرل ضياالحق مان تمام گهڻو متاثر هو.
“ توهان جو هڪ زبردست ليڊر هليو ويو.” هن چيو.
“ ڪهڙو؟” مون پڇيو.
“ ضياالحق. هن آمريڪا سان واهه جي ويڙهه ڪئي. وڏو ڏاهو ڪانءُ هو. آخري وقت مرڻ کان اڳ به جهاز ۾ ڇڪي آمريڪن سفير کي وهاريائين. گهڻو ئي هن چيو ته ضيا مونکي ڪم آهي پر ضيا نه ڇڏيس. هو هميشه ائين اٽڪلون ڪري موت کي آڱوٺو ڏيکاريندو رهيو پر آخر ۾ آمريڪن به مجبور ٿي پيا.”
هن ٻڌايو ته سعودي عرب جي حالت اڃان به بهتر هجي ها پر عراق ۽ ايران جي جنگ، ان بعد عراق ۽ ڪويت جي جنگ سندن ايڪاناميءَ کي وڏو ڇيهو رسايو آهي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته اڄ ڪلهه سعودي عرب حڪومت هر قسم جا هنرمند ۽ پورهيت ڌار ڌار ملڪن مان گهرائي ٿي. نه ته پهرين رڳو ٻن ٽن ملڪن مان آيا ٿي.
“ ڇو ڀلا _ ؟” مون پڇيو مانس.
“ عراق سان لڙائي دوران يمنين عراق جو پاسو کنيو. يمن جي حڪومت سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ سڀني يمنين کي اسان جو ملڪ ڇڏڻ لاءِ چيو. هنن اهو سوچيو ته يمنين جي نڪرڻ ڪري سعودي عرب لولو لنگڙو ٿي ويندو ۽ واقعي ائين ٿي وڃي ها جو اسان جي ملڪ جا ڪيترا ڌنڌا ڌاڙيون ۽ نوڪريون ڪاروبار هنن جي هٿن ۾ هئا. پر پوءِ خير ٿي ويو. هنن جي وڃڻ تي اسان انهن جي بدلي جا ماڻهو ٻين ملڪن مان گهرائي ورتا. هاڻ ان حادثي بعد اسان هڪ ئي ملڪ جا ماڻهو نٿا گهرايون. هينئر ڊاڪٽر ۽ نرسن جي ضرورت هئي، جيڪي هونءَ اسان مصر ۽ پاڪستان مان گهرائيندا هئاسين پر هاڻ انڊيا، بنگلاديش، فلپين، انڊونيشيا ۽ برما مان پڻ گهرايا. پاڪستان جي به ڪيترن ماڻهن انصاف ڪرڻ بدران عراق جي صدام جو پاسو کنيو هو.” هن شڪايت ڪئي.
• ان ڏينهن هتي جي هڪ اخبار ۾ خبر آئي ته باحا علائقي جي گورنر شهزادي محمد ابن سعود حڪم جاري ڪيو آهي ته ايندڙ مهيني کان رستي تي هلندڙ رول اٺن کي جهلي حڪومت پنهنجي قبضي ۾ ڪندي ۽ انهن کي نيلام ذريعي وڪڻي ڇڏيندي. اهو پڻ ته انهن جي مالڪن جي خبر پوڻ تي انهن تي ڏنڊ پڻ وڌو ويندو.
سعودي عرب ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر ويندي ڪيترن هنڌن تي اٺن جا ڌڻ نظر اچن ٿا. اٺن جا مالڪ به ڏسن ٿا ته انهن کي ڪير چوري ڪندو. اهو ملڪ جنهن ۾ واچ، منڊيءَ جهڙي شيءِ چورائڻ جي به ڪو همٿ نه ٿو ڪري اتي اٺ کي ڪير کڻندو. ان ڪري ڏينهن جا ڏينهن انهن کي بيابانن ۾ ڇڏي پاڻ گهر ۾ وڃيو سکيا ٿين. اُٺ پنهنجي منهن ڪک پن چرندا رهن ٿا. پر جي ڪجهه نٿو ملي ته به هنن ۾ وڏي Stamina آهي. اٺ کاڌي ۽ پاڻيءَ بنا هفتو به جيئرو رهي سگهي ٿو.
بيابانن ۾ چرندي چرندي اهي رول اٺ پڪي رستي (Main Road) تان به اچيو نڪرن ۽ ٽرئفڪ لاءِ وڏو مسئلو پئدا ڪن ٿا. هڪ دفعو اسان کي به جدي کان رابغ شهر ڏي ايندي مليا هئا. ڪافي دير ٽرئفڪ جئم رهي. ڪي اٺ ته هارن ڏيڻ تي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي رستو ڇڏڻ بدران منهن سامهون پڪو رستو وٺي هلندا رهيا. مونکي به ان ڏينهن احساس ٿيو ته هاٿين، ڀولڙن، هرڻن، سرڻين کان اٺ وڏو مٿي جو سور آهي.
ملائيشيا ۽ سريلنڪا جي رستن تي ڪڏهن ڪڏهن هاٿي نظر اچن ٿا. پر اهي ايترا گهڻا نه هوندا آهن ۽ هاٿي بيحد هوشيار جانور آهي. گهڻو ڪري رستي تان پاڻهي لهيو وڃي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڳرو جانور آهي. کل به تمام سخت قسم جي اٿس. Head on Collision تي به سندس مرڻ يا چُرڻ محال آهي. توهان ي ئي نقصان رسي ٿو. ناروي ۽ سئيڊن جي رستن تي هرڻين جا ڌڻ نظر اچن ٿا. هرڻ کڻي هلڪو، ننڍو يا گهٽ خوفائتو جانور آهي، پر هن جو ڇال ڏئي رستي تي اچڻ ڊرائيور کي منجهايو ڇڏي. جيئن سعودي عرب ۾ خاص خاص هنڌن تي اٺن جا بورڊ لڳل آهن ته هتان اٺن جي لنگهڻ جي اميد آهي تيئن سري لنڪا ۾ هاٿين جا ۽ ناروي سئيڊن ۾ هرڻن جا بورڊ آهن. ملائيشيا ۾ هاٿين کان علاوه ٻيو جانور جيڪو رستي تان ڪار هلائيندڙن کي تنگ ڪري ٿو اهو ڀولڙو آهي. ڀولڙا هميشه ٽولن ۾ نڪرن ۽ هر هڪ ٽولي ۾ ڪڏهن ڪڏهن سؤ کان به مٿي ڀولڙا ٿين ٿا. اهي رستن تي يا رستن جي ڪناري ٺهيل هوٽل وارن کان علاوه گهر جي مالڪن کي به تنگ ڪن ٿا. کاڌي پيتي جي شين کڻڻ کان علاوه ٿانو ٿپا به ڀڃيو وڃن. ملائيشيا جي جنهن ڳوٺ ۾ آئون رهندو هوس ان ڳوٺ جي رهاڪن چورن جي ڊپ کان نه پر ڀولڙن جي نقصان کان بچڻ لاءِ سڄي ڳوٺ کي لوهي لوڙهو ڏياريو هو ته اهي اندر نه اچن.
مٿين جانورن کان علاوه سرڻيون به تنگ ڪن ٿيون، پر اهي ڪار جي ڊرائيورن کي نه پر هوائي جهازن جي پائلٽن کي ئي تنگ ڪن ٿيون. خاص ڪري بمبئي جهڙن شهرن ۾ جتي پارسي ماڻهن جا Tower of Silence آهن، جتي هو مري ويل مائٽ جي لاش کي سرڻن ۽ ڳجهن حوالي ڪن ٿا.
• سعودي عرب اها سرزمين آهي جنهن تي حضور صلعم جن جنم ورتو. پاڻ آخري نبي صلعم هئا. هيءَ اها ڌرتي آهي جنهن جي پاڪ شهرن : مڪي ۽ مديني کان اسلام شروع ٿيو ۽ دنيا جي سڄي گولي تي پکڙجي ويو. مسلمانن جي حڪومت ڌرتيءَ جي هن خطي کان شروع ٿي، ايران، مصر، هند، سنڌ، چين، اسپين تائين پکڙجي وئي. هڪ اهو به وقت هو جو مسلمانن جو راڄ رومانيا، بلغاريا تائين وڃي پهتو. انگريزن انڊيا تي وڏو عرصو حڪومت ڪئي ته به ٻه سؤ کن سال. هوڏانهن عرب اسپين ۾ اٺ سؤ سال رهيا.
• ڪنهن کي ڇا خبر هئي ته سعودي عرب جي غريب ۽ وارياسي ڌرتي جنهن تي ماڻهو پاڻيءَ جي گلاس لاءِ آتو هو، ان جي هيٺان دنيا جي سموري تيل جو ڏهه سيڪڙو ندين ۽ نالن جي صورت ۾ وهي رهيو آهي. اهو ملڪ جنهن جا لالٽين يا ڏيا ٻرڻ لاءِ انڊيا کان حيدرآباد دکن جي نواب طرفان تيل ذرو ايندو هو، اڄ اهو ملڪ ايڏي تيل جو مالڪ آهي جو سڄي دنيا ۾ تيل جا جهاز موڪلي ٿو.
• سعودي عرب جنهن جا صدين تائين فقط چار پنج شهر مڪو، مدينو، طائف، بدر، جدو، ينبو ڪچين پڪين عمارتن جا ننڍڙا ڳوٺڙا هئا، جن ۾ ايترو به سک ۽ سهوليت (Public Ammentities) نه هئي جيتري تن ڏينهن جي شڪارپور، فتح پور سڪري، سريلنڪا يا برما جي ڳوٺن ۾ هئي. اڄ سعودي عرب جو هڪ هڪ شهر يورپ ۽ آمريڪا جي شهرن جو مقابلو ڪري ٿو. هتي جي روڊ رستن، هوائي اڏن ۽ اسپتالن جو مقابلو نيويارڪ، لنڊن، جنيوا ۽ پئرس به نه ڪري سگهندو.
• سعودي عرب جي شهرن جي هيڏي سک ۽ ترقيءَ هوندي به ملڪ جي اڌ آدمشماري بدو ۽ خانه بدوش ٿي رهڻ پسند ڪري ٿي. ڪيترا سعودي عرب جا شهري عمارتن ۾ رهڻ بدران تنبو ڪلهن تي رکي وتن اڻ کٽندڙ ڊيزرٽ ۾ ٻڪريون، رڍون ۽ اٺ چاريندا. ڏهه لک کن هتي جا باشندا هارپو به ڪن ٿا. جتي جتي خيابان يا پاڻيءَ ذرو آهي اتي پوک ڪن. درياهه ۽ ڍنڍون، نارا ۽ نديون ته هن ملڪ ۾ آهن ئي ڪونه ۽ نه وري ڪو مينهن پوي ٿو. ڪوهڪ اڌ ڏينهن ڦڙ ڦڙ پوڻ کان علاوه سڄو سال آسمان بنا ڪڪرن جي نظر اچي ٿو.
• رياض کان جهاز اڏاميو. رستا گهر، وڻ ٽڻ نظر آيا_ پر فقط ڪجهه منٽن لاءِ جبل تويق لتاڙڻ بعد وري رڻ پٽ ئي رڻ پٽ. واري ئي واري. ڪو گهر نظر نه آيو. ڪو ڳوٺ ڏسڻ ۾ نه آيو. ڪو کجيءَ جو باغ نظر نه آيو. الرب الخالي وارو علائقو سوين ميلن تائين خالي ئي خالي آهي. ڪو ماڻهو ڇيڻو، وڻ ٽڻ، پکي پوپٽ ناهي. سخت بيابان، رڻ پٽ آهي.
• ينبو ايئرپورٽ تي حسن منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو. هو عربي ڊريس ۾ عرب لڳي رهيو هو. سئيڊن ۾ ٻه سال گڏ هئاسين. هڪ ئي پاڙي ۽ هڪ ئي آفيس ۾ هئاسين، پر مون ڪڏهن به هن کي عربي ڊريس پائيندي نه ڏٺو. هر وقت سوٽ ڪوٽ ۾ هوندو هو. اڄ پهريون دفعو هن کي پنهنجي قومي ڊريس ۾ ڏٺم: “ ماڊرنائيزيشن ينبو ڳوٺ جي شڪل بدلائي ڇڏي آهي.” حسن مونکي کيڪاريندي هن شهر بابت ٻڌايو. ينبو (ينبع) ۾ ڄاول، يورپ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ حسن پاڻ کي ٻنهي هنڌ هڪ جهڙو ۽ نارمل محسوس ڪري ٿو.
• ينبو ماڊرن ٿي ويو آهي، پر ان هوندي به ڪٿي ڪٿي پراڻي تهذيب ۽ ڪلچر جي جهلڪ نظر اچي ٿي. جمعي نماز بعد مسجد جي ٻاهران پٽ تي لڳايل کاڌن، ڪپڙن، ڀاڄين ۽ سامان جا رنگين دڪان ۽ عرب، سوڊاني ۽ مصري دڪاندارن جو گراهڪن کي سڏڻ لاءِ رڙيون. حسن ٻڌايو ته هي جمعي مارڪيٽون چوڏهن سؤ سالن کان هلنديون اچن. فقط وڪڻڻ وارا ۽ خريدار بدلبا رهن ٿا.
• اڄ پاڪستان کان آيل ڊان اخبار ۾ آيل هو ته ڪتي جي چڪ لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائون اثر نه ڪري رهيون آهن ۽ ڪيترا مريض تڙڦي مري رهيا آهن. دوائون يا ته خراب ٿي چڪيون آهن يا مدي خارج (Expire) ٿيڻ ڪري اثر ڇڏي ويون آهن.
پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ غير پاڪستاني توڙي پاڪستاني اهڙين خبرن تي تعجب کائين ٿا ته ٻين شين جي کوٽ ۽ خرابي ته پاڪستان ۾ عام ٿيندي وڃي پر دوائن مان به ماڻهو نٿا مڙن. ۽ جيستائين ڪتن جو سوال آهي ته ان تي يورپي ملڪ کڻي تعجب نه کائين جو اتي ڪتو عام پالتو جانور آهي، پر مسلمان ملڪ بيحد حيران ٿين ٿا ته پاڪستان ڪهڙو مسلمان ملڪ آهي، جتي ڪتي جهڙو نجس جانور ائين عام ڦرندو رهي ٿو. ملائيشا ۾ به مسلمانن جي ڳوٺ ۾ ڪتو نظر نه ايندو. شهر ۾ جتي چيني رهن ٿا اتي ڪتا ضرور آهن. پر اهي ماڻهن جا پاليل آهن. انهن جي ڳچيءَ ۾ ڪتي جو رجسٽريشن نمبر هوندو، جنهن مان مالڪ جي خبر پئجي سگهي ٿي ۽ صحت کاتو وقت بوقت ڪتن جي چڪاس ڪندو رهي ٿو ته آيا انهن جا مالڪ کين باقاعدگي سان ميڊيڪل ٽيسٽ ۽ گهربل دوائون ۽ سيون لڳرائيندا رهن ٿا يا نه. پر پاڪستان جو نمونوئي نرالو آهي . پاڪستان ۾ ڪي ٿورا هندو رهن ٿا انهن وٽ ڪتا نظر نه ايندا. اهڙي طرح ٿورا عيسائي رهن ٿا. انهن مان ڪي ڪتا ضرور پالين ٿا پر انهن جي صفائي سٺائي جو خيال ڪن ٿا. پاڪستان مسلمانن جو ملڪ آهي. مسلمانن کي ڪتي کان پري رهڻ لاءِ چيو ويو آهي. پر دنيا جا رول ۽ بيمار ڪتا گهڻي کان گهڻا پاڪستان جي گهٽين ۾ ملندا.
هتي سعودي عرب ۾ ڪيترن ئي شهرن جي انيڪ گهٽين جو چڪر هڻڻ بعد اهو احساس ٿيو اٿم ته هتي ته ڪتا بنهه نه آهن. جدي جي هڪ وڏي مارڪيٽ ۾ هرڻن، مورن ۽ ٻين جانورن پکين سان گڏ ڪجهه اعلى نسلن جا ڪتا وڪامي رهيا هئا، جيڪي دڪاندار ٻڌايو ته ٻاهرين ملڪن جا ڊپلومئٽ وٺن ٿا، يا رڍن، ٻڪرين جي سنڀال لاءِ بدو عرب وٺن ٿا. بهرحال ڪنهن به گهر اڳيان يا گهٽيءَ ۾ ڪوبه پالتو يا رول ڪتو نظر نه آيو اٿم. ان جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ ۾ ڪتا _ خاص ڪري مرضيل ڪتا عام نظر ايندا. شهرن کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ آهن. ٻين ڳوٺن جي ڳالهه نه ڪندس پر پنهنجي ڳوٺ هالا جي شايد ڪا گهٽي هجي، جنهن ۾ اهو آزار نه هجي. ٻيو ته ٺهيو مسجدن اڳيان به ڪتا ۽ سندن ڪفتي نظر ايندي. گرميءَ جي موسم ۾ نالين ۾ ويٺا هوندا ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن مان پسيل پڇ لوڏي لنگهندڙن کي کيڪار ڪندا. رهواسين کي هميشه اها شڪايت هوندي آهي ته ميونسپالٽيءَ وارا انهن جو نيڪال نه ٿا ڪن ۽ ميونسپالٽيءَ وارا اهوئي چوندا آهن ته مارڻ لاءِ نڪرون ٿا ته پاڙي جا ماڻهو ڪتا لڪايو ڇڏين ۽ اسان کي پٽين ٿا ته گناهه جو ڪم ٿا ڪريون.
بهرحال ان هوندي به واسطيدار کاتو ڪتن کي کٽائڻ لاءِ وسنئون نٿو گهٽائي. هڪ اهڙي عملدار ملاوٽ جي دانهن ڪندي زهر لاءِ چيو ته ڪريون سو ڪريون ڇا. ٻه دفعا پئسا ضايع ٿي ويا. هڪڙو ڪتو به نه مئو هجي نج زهر ته اثر ٿئي.
• عرب دنيا ۾ ڪيترائي سنڌي ملندا. اڄ ڪلهه هتي تيل جو پئسو اچڻ ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ماڻهو اچي نڪتا آهن. نه ته اڳ زماني ۾، سفر جي ڏاکڙن ڪري گهڻي ڀاڱي ماڻهو فقط هند سنڌ کان ايندا هئا. ڪيترن سنڌين جون وڏيون Contributions آهن _ ادب، تاريخ، ڪلچر ۽ ٻين شاخن ۾، واپار وڙي ۾ به سنڌي صدين کان هتي ايندا رهيا. ڪي هتي رهي هتي جا ٿي ويا. اڄ به سندن پوٽا، پڙپوٽا، يا تڙپوٽا پاڻ کي سنڌي (السندي) سڏائين ٿا. ڪيترن عرب معلمن جي ذات السندي آهي. جدي ۾ هڪ روڊ جو نالو پڻ السندي آهي. مون کي به اوچتو خبر پئي. ڪينٽڪي فرائيڊ چڪن مان نڪرڻ وقت ڪار کي پويان ڦيرائي مين روڊ تي اچي رهيا هئاسين ته پوئين روڊ تي ان جو نالو شارع السندي پڙهيم.
• جدي جي دنيا عجيب آهي. صحيح معنى ۾ يورپ لڳي ٿو. نه فقط عمارتن رستن، دڪانن هوٽلن کان پر ماڻهن جي چهرن ۽ پوشاڪ مان به. اسان جي ميزبان جي زال جيڪا پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻين عورتن وانگر پاڻ کي ڪاري برقعي ۾ صفا ڍڪي هلي ٿي. ويندي هٿن پيرن تي به جوراب پائي، سا به جدي پهچڻ تي اهڙي انگريز ٿيو پئي هلي، جو ڇا ڳالهه ڪجي. اها ته وري به پڙهيل ڳڙهيل آهي. نوڪري به ڪري ٿي ۽ يورپ ۾ به رهي آهي. خاص ڪري سئيڊن جهڙن ماڊرن ملڪ ۾ ٻه سال رهي آهي. پر اهي عرب عورتون جيڪي پهريون دفعو ڳوٺان نڪرن ٿيون، سي به ڏسان پيو ته Latest فئشن جي ڪپڙن ۾، لالي، سرخي، روج سان سينگارجي پيون هلن. هو چمچي ڪانٽي سان چڪن ۽ فرينچ فرائيز کائين ٿيون. پاڻ مونکي شرم ٿيو ۽ مون پنهنجي ميزبان کي ٻه دفعا چيو ته آئون پري ڌار ٽيبل تي وڃي ٿو ويهان، پر هن جي زال (جنهن جي منهن تي ته هونءَ به ويهان ٿو) سان گڏ سندس عرب ساهيڙين به اڌ انگريزي اڌ عربيءَ ۾ چيو ته مڙيئي خير آهي. اتي ئي ويٺو هج. ۽ آئون فرائيڊ چڪن بدران ڪا دير عجب کائيندو رهيس ته هي مُليون، مولوياڻيون جيڪي ينبو شهر کان جدي تائين ڪاري برقعي ۾ ويڙهجي سيڙهجي سلطانا ڊاڪو ٿيو پئي آيون سي هن هوٽل وٽ وئن بيهڻ سان برقعا ان ۾ ئي ڇڏي مون سان گڏ هوٽل ۾ ائين داخل ٿيون ڄڻ ڪنهن اسٽيج شو تي فل ميڪ اپ ۾ فلمي اداڪارائون اچن.
هوٽل جي چوڌاري نظر ڪيم. سڄي هوٽل يورپي عورتن، مردن ۽ هتي (سعودي عرب) جي فئملين سان ڀريل هئي. ان جي معنى تي هتي جيڪي عربياڻيون بنا پڙدي جي ويٺيون آهن انهن مان به ڪيتريون مون سان آيل عربياڻين وانگر ڳوٺاڻيون هونديون. مون ته عرب عورت کي _ خاص ڪري ڳوٺ جي عورتن کي (جيڪي سڄو وقت برقعن ۾ ڍڪيل نظر اچن ٿيون) انهن کي ڄٽ ۽ پراڻي زماني جو سمجهيو ٿي (سواءِ پنهنجي دوست جي زال جي، جيڪا پڙهيل ڳڙهيل آهي ۽ نوڪري ڪري ٿي) پر جدي جي ان ٽرپ بعد مونکي راءِ بدلائڻي پئي. ڇو جو هو ويٺيون کڻي گهرن ۾ آهن، پر سڄو ڏينهن ٽي ويءَ تان يورپ جا چئنل جو ويٺيون ڏسن. نه رڳو يورپ پر ان جي مقابلي ۾ مصر، موراڪو ۽ دبئي ٽي وي پڻ آهي. ايتري قدر جو MBC ، MTV ۽ ZEE ٽي وي تي انهن جي مقابلي ۾ شريف سمجهڻ کپي. اصول موجب سعودي عرب وارن کي فقط پنهنجي ملڪ جا چئنل ڏسڻ کپن جن تان رڳو تقريرون، خبرون، واعظ، فٽ بال راند ۽ ٻارن جا پروگرام اچن ٿا. ڊش ائنٽينا لڳائڻ منع آهي. پر هر هڪ پنهنجي گهر جي کڏ تي اِها لڪائي لڳائي آهي. ۽ ان تي حڪومت اکٻوٽ ڪري ڇڏي. بقول هتي جي هڪ دڪاندار جي جيئن ملڪ جي عوام به خوش رهي ته ملان مولوي به.
• جدي شهرجا رستا ڪنهن به يورپي شهر جي نون رستن سان ڀيٽي سگهجن ٿا. شهر کي ٽن چئن حصن ۾ ورهائيندڙ ڊگها ۽ ويڪر رستا اتر ڏکڻ ڏي ويندڙ جن کي ٿوري ٿوري فاصلي تي اوڀر اولهه ويندڙ رستا ڪٽين ٿا. جڳهه جڳهه تي رستن جا لکيل نالا ۽ ٽرئفڪ کي سٺي طرح رکڻ لاءِ سگنل بتيون ۽ ويڪرا چوواٽا آهن. هر چؤواٽي (چوراهي) جي وچ تي ڪا نه ڪا رکيل شيءِ. يورپ پاسي اگهاڙين عورتن جا Statues نظر اچن ٿا يا قومي ليڊرن جا بت. پر جدي ۾ ڪنهن چوراهي تي هوائي جهاز رکيل آهي ته ڪنهن تي وڏو گلدستو. ڪنهن تي وڏي سائيڪل ته ڪنهن هنڌ ڪڻڪ جو سنگ، جنهن جي ڊيگهه گهٽ ۾ گھٽ ارڙهن فوٽ ٿيندي ۽ ٽامي يا پتل جهڙي ڌاتوءَ مان ٺهيل لڳي ٿو.
• جدي يا سعودي عرب جي ٻين شهرن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا دڪان هوٽلون ۽ سامان نظر اچي ٿو. پر گهڻي ڀاڱي سڀ Americanized لڳن ٿا. هتي جا عرب آمريڪا کي گهڻو فالو ڪن ٿا. آمريڪا مان گهڻو متاثر آهن. آمريڪا کي سٺو دوست سمجهن ٿا. آمريڪا جي سسٽم جي گهڻي تعريف ڪن ٿا. هڪ روڊ تي ڪيتريون ئي فاسٽ فوڊ جون هوٽلون نظر آيون (شايد Desalination Road تي) ڪينٽڪي، مئڪڊونالڊ، پوپائي، وينڊي، سابارن، پيزا، ومپي وغيره فقط ڪينٽڪي بدران دجاج ڪينٽڪي لکيل نظر اچي ٿو. آئون سوچيندو رهيس ته اهو دجاج ڇا ٿي سگهي ٿو. پوءِ پڇڻ تي معلوم ٿيو ته دجاج چڪن جو عربي لفظ آهي. دجاج معنى ڪڪڙ. ڊيسيلينيشن روڊ تي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪرڻ جو ڪارخانو Desalination Plant آهي، جنهن تان جدي جي هن رستي تي اهو نالو پيو.
ينبو ۽ مديني جهڙن شهرن بعد جدو ڄڻ يورپ لڳي ٿو. هر شيءِ ۾ تبديلي اچيو وڃي. روڊ رستا، دڪان هوٽلون ويندي ماڻهو ۽ سندن لباس. جدي ۾ عرب عورتون به يورپي عورتن وانگر ماڊرن لڳن ٿيون. رنگ ته هونءَ ئي اڇو اٿن. هونءَ ننڍن شهرن ۾ ورلي ڪا عربياڻي نظر اچي ٿي. ايندي ته به ڪاري برقعي ۾ ڍڪيل شڪيل. ويندي منهن ۽ اکين تي به ڪارا رومال ٻڌي عجيب مسخرن وانگر پيون هلنديون آهن جن کي ڌارين ملڪن جا ماڻهو _ يورپي، جپاني ڪورين توري مصر، موراڪو جهڙن مسلمان ملڪن جا ماڻهو تعجب مان ڏسندا آهن.
جيئن پهرين لکي چڪو آهيان ته مون به کين بنهه ڄٽ ٿي سمجهيو، پر پوءِ جدي پهچي اندازو لڳايم ته عرب عورتون ڪي اهڙيون چريون به نه آهن. گهر ئي گهر ۾ ويٺي ويٺي ٽي وي جا نت نوان پروگرام ۽ فئشن جا رسالا پڙهي پڙهي وڏيون هوشيار ٿي ويون آهن. هو اڃان به وڌيڪ سمارٽ لڳن پر هڪ هڪ جي پويان ڌڻ ٻارن جو هجڻ ڪري منجهيل ۽ پريشان رهن ٿيون. ٿورا ڪي عرب مرد آهن جيڪي ٻارن جي نفسيات، صحت ۽ تعليم ڏي ڌيان ڏين ٿا، نه ته جيئن وڻي تيئن انهن جي ماءُ ڪري. ۽ آئون ڏسي رهيو آهيا ته ننڍي کان وڏي ٻار جي رڙ تي هن کي چاڪليٽ، آئس ڪريم، بسڪيٽ يا ڪو رانديڪو ڏئي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ٻار جي مسئلي تي غور ڪرڻ بدران هن کي نت نيون شيون ڏئي کاريو وڃي ٿو. هي هر مسئلو پئسي سان حل ڪرڻ چاهين ٿا.
• عرب مهمان نوازي به سنڌين جيان آهن. پنهنجي عرب دوست سان جنهن گهر ۾ وڃان ٿو هو کائڻ پيئڻ ۽ رات ٽڪڻ بنا نٿو ڇڏي. ۽ پوءِ نيرن جي ماني هجي يا منجهند رات جي يا ٺلهي شام جي چانهه. ضرورت کان وڌيڪ مهمانن اڳيان رکيو وڃي ٿو. جنهن مان ڪيترو ضايع زيان به ٿئي ٿو.
هڪ ته هتي جا ماڻهو _ مديني، ينبي، جدي توڙي ٻين شهرن ۾ مهمان لاءِ هر شيءِ ڌار ڌار ٺاهين ٿا. رات جي مانيءَ تي مٺي ۾ جيلي ۽ پڊنگ ٺاهيندا ته هر مهمان لاءِ ڌار ڌار پيالي ٺهندي. يڪو وڏي پيالي ۾ نه ٺاهيندا جنهن مان هر هڪ پنهنجي مرضي مطابق ڪڍي کائي. نتيجي ۾ هڪ طرف ٿانو جو ڍير ٻئي طرف کاڌي جو زيان جو ڪو چمچو اڌ کائي بچايو ڇڏي. اهڙي طرح سلاد، ڌورو، ماکي، چٽڻي ۽ ٻيون شيون. صبح جو نيرن تي به چار پنج مهمان هوندا ته هر هڪ کي ڌار ڌار پليٽن ۾ مکڻ، ڌورو، ماکي، بيضو وغيره ملندو. عورتون ايتري اهتمام سان نه کائين. اهي مردن جي کائڻ بعد ڌار هڪ هنڌ ويهي گهڻو ڪري بچيل سچيل کائين. وڏي ٻڪري جي دعوت هوندي آهي ته به پهرين مرد ماڻهو اوطاق تي يا ڌار ڪمري ۾ کائين. ان بعد بچيل عورتن ڏي روانو ٿئي _ پوءِ ڀلي اهي مرد ساڳي فئملي جا هجن جن کان ڪو پڙدو نه هجي.
شادين مرادين يا عيدن موڪلن تي ڀائر، پٽ، ناٺي ۽ سؤٽ ماسات اچي گڏ ٿين. پوءِ عورتون ٿانو ڌوئڻ، رڌڻ پچائڻ ۽ چانهن ٺاهي موڪلڻ ۾ رڌل رهن. مرد حضرات پتي راند ڪن، حقو پيئڻ، آڏي ابتي سياست تي بحث مباحثو ڪن. ڦري گري گاريون به آمريڪا کي ڏين ته خوش به آمريڪا مان ٿين. آمريڪي شين جي تعريف ڪن. آمريڪا ۾ گذاريل ڏينهن جون چشڪا ڏئي ڳالهيون ڪن. رات جو هڪ، ٻه ڪڏهن ته ٽي چار ٿي وڃڻ به خير جي ڳالهه آهي. سندن بحث مباحثو يا دنيا جي خبرچار جي ڄاڻ ڪابه اپرائتي نه هوندي آهي. ٻڌڻ وارن جو به وقت جو زيان ته ڪرڻ وارن جو به. نه پڙهن اخبار رسالو نه ڏسن ٽي وي تان خبرون. نه پڙهن ڪتاب نه پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جون اونهيون پُر علم ڳالهيون ٻڌن، سو وائڙي قسم جي عنوانن کان علاوه ٻيو ڇا ويهي ڳالهائيندا. اهو ڪارن جي ماڊلن جون ڳالهيون. اهو هوٽلن جي ڪمرن جي ڊيڪوريشن جون ڳالهيون. جيڪي اسان وٽ به جاهل وڏيرا ويٺا ڪندا آهن. زالون خوش ته سندن مرد وڏي عقل جون ڳالهيون پيا ڪن. رکي رکي ڪو مرد ماڻهو زناني پاسي وڃي حڪم هلائي ايندو. هاڻ ڪافي ٺاهي موڪليو. هاڻ چانهه ٺاهه موڪليو. هاڻ بيضا ۽ ڪواب تري موڪليو.
هڪ شهر رابغ ۾ هڪ اهڙي عرب دوست جي گهر ڪچهري ۾ رات جا چار ٿي ويا. ان بعد نيرن ٺهي آئي سا به وڏي پئماني واري. منهنجي اوٻاسين جو ڦهڪو هو. آخر گهر جي ميزبان مونکي ڊرائنگ روم جي ڀر وارو ڪمرو کولي ڏنو. آئون ته وڃي ستس باقي همراهن ڪچهري جو وري دور شروع ڪيو. صبح جو ڇهين بجي اک کلي ته به عربيءَ ۾ بحث مباحثا هلي رهيا هئا. (پڪ آمريڪا کي گاريون هونديون) آئون وري سمهي رهيس. اٺين بجي اک کلي ته ان وقت همراهه ستل هئا. ڊرائنگ روم ۾ ماٺ هئي. منهنجي ڪمري جي ڀر ۾ ڪچن هئي، جنهن ۾ صبح ٿيڻ سان ٿانون ڌوپڻ، ٻارن جي دانهن جا آواز شروع ٿي ويا. پوءِ آئون جاڳندو رهيس. رکي رکي ڪنهن ماءُ پنهنجي ٻار کي ڏنگائي کان جهليو ٿي ۽ دڙڪو ڏيئي سڏ ڪيو ٿي : “ تعال هنا. حيوان اجلس.” ٻارن ماٺ ڪئي ٿي ته عورتن هڪ هٺي لڳائي ڪچهري شروع ڪئي. سندن تڪڙو ڳالهائڻ مان فقط ڪي ڪي عربي جا لفظ جهٽي پئي سگهيس تن جي به معنى نه اچڻ ڪري مطلب نٿي سمجهيم، پر عربي زبان جو لهجو enjoy ڪندو رهيس. ساڄي پاسي واري ڀت جي دريءَ وٽ رڍ يا شايد ٻڪر ٻڌل هو، جنهن جو رکي رکي رانڀاٽ اهڙو ته ڪنن ۾ ٻُريو ٿي ڄڻ منهنجي پلنگ جي سيرانديءَ کان ٻڌو پيو هجي.
صبح جا اٺ ٿي ڏهه ٿيا. ڏهه ٿي منجهند جا ٻارهن ٿيا. اسان وارا سڀ مرد حضرات کونگهرن ۾. اٿڻ جو پري پري تائين ڪو اولڙو نه هو. رات جاڳي بور ٿيس ۽ هاڻ چانهه لاءِ واجهائي رهيو هوس. گهر ۾ رهائش بدران الڳ جاءِ (اوطاق) تي رهائش هجي ها ته ٻاهر نڪري گهٽيءَ جو چڪر هڻجي ها. ڪنهن هوٽل تان ئي کڻي چانهه پيئجي ها. هاڻ چانهه نه پيئڻ ڪري جاڳڻ جو مزو نڪري ويو ۽ ٻڪر جي رنڀن سمهڻ نه پئي ڏنو. هڪ بجي اڳين جي ٻانگ آئي. ان بعد ٻه ٿيا پوءَ ٽي ۽ چار. ان بعد مس مس هڪ هڪ ٿي اٿيو. اوچتو ٻڪري جي ڦاٽ به بند ٿي وئي. خبر ناهي ڪنهن وقت چپ ٿي ويو. ان بعد مانيءَ تي سڄو ٻڪر روسٽ ٿيل ڏسي سمجهي ويس ته اهو ٻڪر ساڳيو آهي جنهن تي ٻي بجي ڌاري ڪاتي ڦرڻ بعد ماٺ ٿي وئي.
ننڊ مان اٿي جهڙو تهڙو منهن ڌوئي، سڀ ماني تي اچي ويٺا. گهر جون عورتون تيسين خالي ٿيل ڊرائنگ روم ۾ اچي هنڌ بسترا ويڙهڻ لڳيون. ماني کائي اوگرايون ڏئي وري مرد حضرات اچي ڊرائنگ روم ۾ ويٺا ۽ حقي ۽ چانهه جو دور شروع ٿيو ته هلندو رهيو. منهنجي ميزبان دوست ٻڌايو ته هن قسم جي روٽين هر عرب جي گهر ۾ عام آهي. ۽ آئون ان غير ڊسيپلينڊ زندگي تي سوچيندو رهيس ته ان حد تائين وقت وڃائڻ ۽ ان قسم جي Luxury واري زندگي گذارڻ اسان جهڙن ٽين دنيا جي ماڻهن لاءِ جائز آهي يا نه. ڀلي کڻي اهو ملڪ سعودي عرب هجي يا ڪويت. ڀلي کڻي هن وٽ اڻ ميو ناڻو هجي ۽ عياشي جو سامان.
• سعودي عرب ۾ ڏينهن سج لهڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. سڄو ڏينهن سخت اس ۽ گرمي جي ڪري ماڻهو ٻاهر گهٽ نرڪن. وچين نماز بعد آهستي آهستي ٿي ماڻهو گهرن کان نڪرڻ شروع ڪن. مغرب نماز بعد هتي جي مارڪيٽ ۾ وڏو چهچٽو ۽ رونق اچي وڃي ٿي. هوٽلن، دڪانن ۽ رستن تي ماڻهو ئي ماڻهو (گهڻي ڀاڱي مرد حضرات) نظر اچن ٿا. ڌاريا ته اڪيلا ئي رهن ٿا ۽ سندن زالون پنهنجي پنهنجي ملڪ رهن. باقي عربن جون زالون مردن جي ٻاهر نڪرڻ بعد لڪي لڪي T.V تان پنهنجا دلپسند چئنل ڏسن يا پاڙيواريءَ کان پنهنجي مڙس جي ڪرتوتن جي investigational رپورٽ ٻڌن. جنهن ۾ ڪنڪرنجهه حقيقت ته ڪجهه افسانو هوندو آهي. مڙسن بابت ان قسم جون گلائون ۽ کوجنائي رپورٽون گهر ۾ ڪم ڪندڙ حبشي عورتون ۽ فلپينو ڊرائيور زالن جي ڪنن تائين پهچائين. زالون هر وقت ان خوف ۾ هونديون آهن ته اجهو ٿو سندن مڙس ٻي (يا ٽي) شادي ڪري.
• سعودي عرب جو ساڄي پاسي وارو اڌ کان وڏو حصو ته واري ئي واري آهي، جنهن کي ار _ رب _ ال _ خالي سڏجي ٿو. باقي اڌ جنهن ۾ مڪو، جدو، مدينو، ينبو، طائف ۽ ٻيا شهر آهن، اهو به واري ۽ ريتيءَ جي ڊٻن جو علائقو آهي. ينبو کان جدي ويندي وقت بس جي دريءَ مان ڏٺم ته رڳو واري ئي واري نظر آئي ٿي. واريءَ جي هڪڙي سمنڊ بعد ٻيو سمنڊ شروع ٿيو ٿي. پري کان ڪنهن ڳوٺڙي ڪنهن بندرگاهه وانگر ڏيک ڏنو ٿي. ننڍيون عمارتون ۽ ٻه چار وڻ جيڪي انهن ڳوٺڙن مان لنگهندي منٽن ۾ گم ٿي ٿي ويا. وري ساڳي ريتي ۽ ريتي. ڊٻون ئي ڊٻون. وارياسا ميدان ۽ ٽڪريون_ جن ۾ ڪٿي ڪٿي ٽٻڪن وانگر سوين چرندڙ ٻڪريون ۽ اٺ! الائي غريب جانور سڪل ڌرتيءَ تان ڇا ڇا چونڊي کائين ٿا. خبر ناهي هيءَ وارياسي ۽ پٿرائين ڌرتي هنن جانورن لاءِ ڪهڙو گاهه پٺو پيدا ڪري ٿي.
• سعودي عرب جي هڪ پڙهيل ڳڙهيل مولوي کان پڇيم:
“ هر روز آدمشماري وڌي رهي آهي. اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟” منهنجو اشارو ڌرتي جي پئداوار ۽ اناج ڏي هو، جيڪو هو چڱي طرح سمجهي ويو ۽ وراڻيائين:
“ اهو رب پاڪ ئي ڄاڻي ٿو، جنهن انسان توڙي جانور کي پئدا ڪيو آهي. گهڻو اڳ کي ڇڏيو رڳو سؤ يا ٻه سؤ سال اڳ ڏسو ته هن ڌرتيءَ تي ڇا آدم شماري هئي. اڄ جي آدمشماريءَ جو هڪ ننڍڙو حصو هئي. ان وقت جيڪڏهن ڪنهن کي چئجي ها ته 1996ع ڌاري هيتري آدم شماري ٿي ويندي ته هن کي يقين ئي نه اچي ها. ۽ ان تي ته بلڪل نه اچيس ها ته ايترن ماڻهن لاءِ کاڌي ۽ ڪپڙي گنديءَ جو ڇا ٿيندو. پوءِ قدرت جيڪا پئدا ڪري ٿي اها ئي اڳتي جو حساب سمجهي ٿي. جتي آدم وڌندو ويو اتي پوک جا طريقا ماڊرن ٿيندا ويا. گهر ۾ رڌڻ پچائڻ توڙي مشينين جي هلڻ لاءِ ڪوئلو، تيل، گئس ايجاد ٿي ويو. ۽ اهي شيون نه هجن ها ته دنيا جا سڀ وڻ ۽ ڪاٺيون هيستائين ختم ٿي وڃن ها. پر هينئر به ضروري نه آهي ته ڪوئلو تيل گئس هميشه لاءِ هلندو. آخر ته هڪ ڏينهن کٽندو ۽ اها ڄاڻ به قدرت کي آهي ته ان جي ختم ٿيڻ تي يا ان کان اڳ ٿي سگهي ٿو ته اهڙيون نيون شيون نڪري اچن جيڪي انسان جي ضرورتن جو پورائو ڪن.”
اڄ ڪلهه موسم ۽ مينهوڳيءَ ۾ تبديلي اچي رهي آهي. اهڙا هنڌ جتي مينهن نه برابر پوندو هو اتي هاڻ ٿورو ٿورو وسڻ شروع ٿيو آهي. ملائيشيا انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ ايڏو مينهن وسي ٿو جو ملڪ جي ضرورت لاءِ ان جو هڪ سيڪڙو مس آهي. ۽ ان مينهن جو ڪو هڪ ٻه سيڪڙو سعودي عرب يا سنڌ راجستان جهڙي وارياسي رڻ پٽ ۾ وسي وڃي ته اهو فصل ۽ ايترو اناج ٿي وڃي جو ملڪ جي ضرورتن کان به ڪئين دفعا وڌي وڃي. اڄ کان سؤ سال اڳ به ڪنهن سوچيو هو ته هي عربستان اڄ جي صورت اختيار ڪري سگهندو. ڪاري ڏامر جهڙي تيل جي زور تي قدرت هن ملڪ کي هيترو نوازيندي. اڳتي هلي هي ملڪ اڃان به وڌيڪ سکيو ستابو ٿئي يا ڪي ٻيا اهڙا ملڪ جتي اڃان تائين رڃ ۽ سڃو آهي، اتان ڪا اهڙي شيءِ نڪري اچي جيڪا کيس امير بنائي. يا موسم جي ڦيري ڪري هيءَ ڌرتي سرسبز شاداب ٿي وڃي. ٻئي پاسي ڪي سکيا ستابا شهر ۽ ملڪ گهڻي مينهن ۽ سمنڊ چڙهڻ ڪري ٻڏي وڃن. سج جي ٿوري گرمائش ڪري هڪ طرف خط استوائي ملڪ تباهه ٿي وڃن. ٻئي پاسي اتر ۽ ڏکڻ قطب وارن ملڪن جون برفون وٽڙڻ ڪري اهي سرسبز ملڪ ٿي وڃن، جتي اهڙي ۽ ايتري پئدائش ٿئي جيڪا دنيا جي باقي عوام جو پيٽ ڀري سگهي.
• سعودي عرب ۾ ايترا ته ڌاريان ماڻهو ڪم ڪن ٿا جو ڪيترن هنڌن تي ائين لڳي ٿو ڄڻ سعودي عرب نه پر فلپين هجي. ڪوريا هجي يا انڊيا پاڪستان هجي يا وري مصر هجي.
رايل ڪميشن جي اسپتال ۾ رڳو فلپينو ۽ فلپينو آهن. نرسون به ته ڊاڪٽر به. ويندي وارڊ بواءِ ۽ صفائي وارا پڻ. ڪو هڪ ٻه انڊين يا مصري ڊاڪٽر نظر اچن ٿا باقي چوڌاري فلپينو ئي فلپينو آهن. پهرين نظر ۾ ته ائين لڳو ڄڻ هيءَ فلپين وارن اسپتال کولي آهي، پر پوءِ خبر پئي ته اها سعودي عرب وارن جي آهي جن ان کي هلائڻ لاءِ فلپينو ٺيڪيدار کي ٻن سالن جو ٺيڪو ڏنو آهي. ان دوست ٻڌايو ته هن کان اڳ هن اسپتال جو ٺيڪو انڊين حوالي هو ۽ رڳو سائوٿ انڊين تامل نظر آيا ٿي. اهڙي طرح اڄ ڪلهه ينبو بندرگاهه جي Maintenance ڊپارٽمينت ۾ رڳو بنگالي ۽ بنگالي نظر اچن ٿا. هونءَ سعودي عرب ۾ سڀ کان گهڻا مصري آهن ۽ هر ڪم ۽ کاتي ۾ آهن. آفيس دڪانن کان ٻني ٻاري ۽ رازي مزور جو ڪم مصري ڪن ٿا.
• هڪ دفعي لبناني ڊرائيور سان گهر اچي رهيو هوس. رستي تي وقت گذارڻ لاءِ پڇيومانس.
• “ ڪڏهن آيو آهين _ ؟”
• “ نو مهينا ٿيا آهن ته بيروت کان هتي آيو آهيان.” هن وراڻيو.
• “ڪهڙو ڪم ڪرين_؟” مون پڇيومانس.
• “ Winston سگريٽن جو Salesman آهيان.”
• “ پگهار ڇا ملنئي_؟” پڇيومانس.
• “ اڍائي هزار ريال ۽ ڪميشن به.” هن وراڻيو.
• “ ڪميشن گهڻي ملنئي _ ؟”
“ ڪميشن هر مهيني نه ملندي اٿم. جنهن مهيني مقرر حد Target کان وڌيڪ سگريٽ وڪڻندو آهيان يعني Sale ٿيندي آهي ان مهيني فائدي تي ويهه سيڪڙو ملندو اٿم _ جيڪو چار پنج سؤ ريال ٿئي.” هن ٻڌايو.
“ڀلا توکان علاوه ٻيو ڪو لبناني هن شهر ينبو ۾ رهي ٿو _ ؟”
“ خبر ناهي. مونکي ته اڃان هتي فقط ٻه لبناني مليا آهن.” هن ٻڌايو.
“ چئبو ته لبناني گهٽ آهن. ڀلا مصري؟” مون سوال ڪيومانس. جنهن جي جواب ڏيڻ کان اڳ پهرين ته پنهنجي سيٽ تان ٿورو اڇليو پوءِ وراڻيائين: ڪاٿوئي ڪونهي. جتي ڪٿي مصري نظر اچن ٿا.” ڪار جو ڊئش بورڊ کولي اشارو ڪيائين. “ان ۾ به ٿي سگهي ٿو ته ڪو مصري ويٺل هجي.” اڳيان رکيل اخبار کڻي چيائين ته “ ان جي هيٺان به مصري هوندءِ. ينبو (ينبع) سڄو شهر مصرين سان ڀريو پيو آهي.”
“ لبنان جو ڀلا ڇا حال آهي _ ؟ مون پڇيومانس.
“ ڪو خاص سٺو ناهي. سٺو هجي ها ته پوءِ ڪمائي پورهئي لاءِ هتي نه اچون ها.” هن ٻڌايو ۽ آئون ڪا دير بيروت ۽ طرابلس ۾ پنهنجي ننڍپڻ جا گذاريل ڏينهن جو احوال کيس ٻڌائيندو رهيس، جڏهن لبنان سڀني عرب ملڪن ۾ سکيو ۽ امن وارو ملڪ هو.عرب ملڪن جا امير ماڻهو گهمڻ ڦرڻ ۽ عيش لاءِ بيروت ۽ طرابلس جي ڪلبن ۽ فائيور اسٽار هوٽلن ۾ ايندا هئا. خريد فروخت لاءِ هتي ايندا هئا. عربي ۽ فرينچ پڙهڻ لاءِ هتي جا اسڪول ڪاليج مشهور هئا. مغرب ۽ مشرق جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي لباس ۾ آزادي سان گهمندا هئا. اڄ اهو بيروت ۽ طرابلس موهن جو دڙو ٿي ويو آهي. اڄ اهو ملڪ کنڊهر ٿي ويو آهي. اڄ اتي جا دڪان ۽ بندر بازاريون ڊٺيون پيون آهن. اڄ اهي ٽورسٽن جا ٽولا نظر نٿا اچن. اڄ ان لبنان ۾ ملڪي رهواسين: عيسائي ۽ مسلمانن ۾ پيار محبت نه رهيو آهي. جهيڙي جهٽي، خونريزي ۽ نفرتن هن ملڪ کي ويران ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي.
• ينبي کان مديني ويندي رستي تي ٻه ٽي دفعا مسافرن ۽ گاڏيءَ جي چڪاس لاءِ پوليس چوڪي اچي ٿي. پوليس چوڪي اچڻ کان اڳ ان بابت بورڊ لڳل آهي، جيئن ڊرائيور اڳواٽ خبردار ٿي وڃي ۽ گاڏيءَ جي رفتار گهٽائي. ان بورڊ تي لکيل عربي جا لفظ ڄاتل سڃاتل، ڏٺل وائٺل يا ٻڌل لڳا.
“ نقط تفتيش” آئون زور سان پڙهان ٿو. ڪار هلائيندڙ منهنجو عرب ميزبان منهنجي واتان اهي لفظ ٻڌي سمجهيو ته شايد آئون ان جي معنى معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو.
“ نقط تفتيش معنى آهي چيڪ پوسٽ.” هن ٻڌايو ۽ پوءِ ٿوري ساعت خاموش رهي چيو. “ ڪڏهن ڪڏهن عام استعمال ۽ سمجهه ۾ ايندڙ لفظن بدران عربيءَ جا اهڙا لفظ ڪتب آندا وڃن ٿا جيڪي فقط خاص سبجيڪٽن جي ڪتابن ۾ مٿاهن درجن جا شاگرد ئي پڙهي سگهن ٿا. عام ماڻهو ته اڄ جي اخبار ۽ ٽي وي تان انگريزي فلمون ڏسي ڏسي پوليس اسٽيشن يا چيڪ پوسٽ وڌيڪ سمجهي ٿو.
دل ۾ چيم : “ تو عرب _ سو به هڪ پڙهيل ڳڙهيل عرب لاءِ پنهنجي عربي زبان جا اهڙا لفظ ڏکيا آهن ته اسان ڌارين لاءِ توهان عربن يا ايرانين جا نقط تفتيش، ابر آلود، باهمي ڪشيدگي، مورد الزام، عدم تدبر، مظمرات ۽ ٻيا اهڙا لفظ ڪيترو ڏکيا، منجهائيندڙ ۽ بور هوندا جن سان اسان جي ملڪ جون اخبارون ڀريل رهن ٿيون ۽ ڪالم نگار اهڙا لفظ استعمال ڪري فخر محسوس ڪن ٿا.
• هتي رهندڙ پاڪستاني کان پڇيم: “ تون پاڪستان جي ٽي ويءَ جون خبرون ٻڌڻ بدران انڊيا جي ٽي ويءَ جو خبرون ڇو ٿو ٻڌين؟”
“ هڪ ته، “ هن وراڻيو، “ پنهنجي ٽي وي جي خبرن ۾ روزانو اڌ کان وڌيڪ وقت ملڪ جي صدر، وزيراعظم ۽ ٻين خاص وزيرن جي ڪيل تقريرن جا ڊگها ڊگها حصا ۽ دورا ڏيکاري بور ڪن ٿا. . .”
“ اها ته ڳالهه صحيح ٿو ڪرين، “ مون چيومانس، “ ۽ ٻيو؟”
“ ۽ ٻيو ته جيڪا خبرن ۾ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي اها اسان جهڙن ماڻهن جي سمجهه ۾ نٿي اچي. ڪيترا لفظ ته اسان اچاري به نٿا سگهون. مطلب سمجهڻ ته پوءِ جي ڳالهه آهي”
جيتوڻيڪ انڊيا جي خبرن ۾ به ڪي ڪي هندي ۽ سنسڪرت جا ڏکيا لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا پر ان جي مقابلي ۾ لڳي ٿو ته اسان وٽ هيڪاندا گهڻا عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ استعمال ٿين ٿا جو ٻڌندڙ جو ڌيان خبر معلوم ڪرڻ بدران لفظن جي معنى ڳولڻ ۾ وچڙندو رهي ٿو.
• سعودي عرب ۾ تيل جام آهي. سمجهون ٿا. ان ڪري ان سان واسطيدار ڪيتريون شيون سستيون آهن. مڃيون ٿا. اليڪٽرسٽي انهن مان هڪ آهي. پر ان جو مطلب اهو ته نه ٿيو ته کنڊ جي ڪارخاني جو مالڪ هر ويلي تي ويهي کنڊ ڦڪي.
ڪيترن گهرن ۽ دڪانن اڳيان ڏينهن جو به پيون ٽيوب لائيٽون ٻرن. ڪن ڪن دڪانن اڳيان توڙي اندر منجهند مهل به وڏا وڏا مرڪري بلب پيا ٻرن جيتوڻيڪ انهن جي ۽ ايترن سارن بلبن جي روشنيءَ جي رات جو به ضرورت ناهي، جو ايڏي تيز روشني (ڀلي کڻي مفت جي هجي) اکين کي ئي نقصان رسائي ٿي. ساڳيو حال گهرن جو آهي. ڊراينگ روم توڙي بيڊ روم، ڪچن توڙي ڪاڪوس بلبن سان ڀريل نظر ايندو ۽ گهڻو ڪري اڻ ڍڪيل بلبن سان. يعني روشني ڊئريڪٽ اکين ۾ لڳي ٿي. ڪيترن گهرن ۾ جنهن طرف ڏي ٻار ٽي وي ڏسن ٿا ان ئي طرف بلب نظر اچن ٿا. يا سمهي پڙهڻ لاءِ ٽيبل لئمپ رکڻ بدران ڇت ۾ لڳل بلبن جي روشني تي ڪم ٽپايو وڃي ٿو. ان قسم جون ڳالهيون ڌيان ۾ رکي هڪ عربن تي ڪاوڙيل پاڪستانيءَ چيو: “ عربن کي پئسو ضرور اچي ويو آهي، پر رهڻ جو طريقو نه آيو آهي.”
• سعودي عرب ۾ مڪاني ڪمپنين مان ڪانو (Kanoo) چڱي خاصي مشهور آهي. سڄو نالو “ يوسف بن احمد ڪانو” جون آفيسون نه فقط سعودي عرب جي وڏن شهرن ۾ نظر اچن ٿيون پر گلف جي ڪيترن ملڪن ۾ آهن.
“ يوسف بن احمد ڪانو” فئملي بزنيس آهي جيڪو سؤ سال کن پراڻو آهي. هن ڪمپنيءَ جو چيئرمين احمد علي ڪانو آهي، جيڪو يوسف جو پٽ آهي. هنن جو بزنيس اڄ ڪلهه سڄي دنيا سان هلي ٿو، پر خاص آفيسون سعودي عرب جي شهرن: دمام، رياض ۽ جدي ۾، بحرين، عمان، شارجا، دبئي، ابوڌابي ۽ لنڊن ۾ آهن ۽ برانچ آفيسون دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن. سندن خاص ڪم ٽريول ايجنسي جو آهي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڌنڌا، ڪارخانا، فئڪٽريون ۽ آفيسون اٿن. جيئن ته ڪانو شپنگ ايجنسي، ڪانو هيوي مشينري ۽ پارٽس، ڪانو ائڊمنسٽريشن سروس جيڪا آفيسن ۾ فرنيچر ۽ ڪمپيوٽر وغيره مهيا ڪري ٿي ۽ ان سان گڏ ڪم ڪندڙ عملو پڻ. ڪانو وارا Oil-Fields کي پڻ ضرورت جون مشينون ۽ انهن جي مرمت ۽ سروس جي ڪم جو ذمون کڻن ٿا. يورپ جي ڪيترين ڪمپنين سان هو حصي ڀائيوار آهن. ان کان علاوه انشورنس پراپرٽي جو ڪم پڻ ڪن ٿا. بهرحال عرب دنيا ۾ ڪانو فئملي اها ميمڻ فئملي آهي، جيڪي پئسو ۽ وقت ضايع ڪرڻ بدران ان کي واپار ۾ لڳائي پنهنجي ڪٽنب ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ حصو وٺن ٿا.
• سعودي عرب ۾ ريتي ۽ سخت گرمي آهي. شهرن کان ٻاهر نڪر ته ميلن جا ميل _ بلڪه سوين ميل ڪو وڻ ٽڻ، ڪو چشمو ڪو گل ٻوٽو نظر نٿو اچي. ڪو پکي پوپٽ يا ڪا مک مڇر نظر نٿو اچي. ڪٿي ڪٿي ڪو ساهوارو نظر اچي ٿو ته اهي اٺ ۽ رڍون آهن.
• جدي شهر جو چڪر هڻندي شهر جي مختلف گهٽين ۽ رستن جا نالا لکندو ويس. ڪي ڪي رستا شهرن جي نالن تي آهن جيئن ته مدينا روڊ، القاهره اسٽريٽ، فلسطين روڊ، الاندلس روڊ، مڪا روڊ وغيره ڪي ماڻهن جي نالن تي آهن، ڪي سعود فئملي جي حاڪمن ۽ شهزادن نالي، ڪي مذهبي رهنمائن، خليفن، امامن نالي جيئن ته ملڪ عبدالعزيز اسٽريٽ، ملڪ فهد اسٽريٽ، خالد بن وليد روڊ. ٿي سگهي ٿو طارق بن زياد ۽ يوسف بن حجاز روڊ به هجن. امام شافعي روڊ ته هو ۽ ٿي سگهي ٿو امام حنفي، امام حنبلي، امام مالڪي روڊ به هجن. هڪ رستي جو نالو آهي علي بن ابو طالب روڊ. هڪ ٻئي رستي جو نالو پڙهيم: زينب بنت رسول الله اسٽريٽ. جدي جا ڪجهه ٻيا رستا ۽ روڊ جن تان ان ڏينهن لنگهه ٿيو: الحمرا ڊسٽرڪٽ، ڪارنچ روڊ، ستين اسٽريٽ، بلديه اسٽريٽ، پاڪستاني ايمبسيءَ جي اسڪول وٽان پڻ لنگهه ٿيو، جيڪو تاج الدين المڪي اسٽريٽ تي عزيزه ڊسٽرڪٽ ۾ آهي.
• عربن ۾ رات جو دير سان سمهڻ ۽ ڏينهن جو دير سان اٿڻ جي عادت وڃي ڏينهون ڏينهن وڌندي. مڃان ٿو ته سج لٿي کان پوءِ ٿڌڪار ٿئي ٿي ۽ ماڻهو ٻاهر نڪري گهمي ڦري ٿو، پر ٻارهين بجي تائين رلڻ يا گهر ۾ ويهي ٽي وي ڏسڻ ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو آفيس يا اسڪول ڪاليج ۾ اڌ جاڳ اڌ ننڊ ۾ اوٻاسيون ڏيئي پهچڻ نه صحت لاءِ سٺو آهي نه قوم ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ بهتر آهي. ڪيترن گهرن ۾ ته رات جو ٻارهين تائين جاڳڻ ته هڪ عام ڳالهه آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٽي يا صبح جا چار به ٿيو وڃن. ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن منجهند جو ٻارهين هڪ بجي اٿن. اڳئين زماني جا عرب عبادت خاطر رات جو اوجاڳو ڪندا هئا ته به صبح جو فجر نماز تي پهچي ويندا هئا.
رابغ شهر ۾ جنهن عرب دوست عبدالعزيز جي گهر ٽڪيس اهو جيتوڻيڪ مون وانگر جلد ستو، پر ٻئي ڏينهن صبح جو اٿڻ جو نالو ئي نه وٺي. آئون پرايو گهر سمجهي سوير ئي اٿي تيار ٿي ويهي رهيس ۽ هاڻ پنهنجي من کي ذري ذري چانهن جا خواب نه ڏسڻ لاءِ ڌتاريندو رهيس. نيٺ ساڍي يارهين بجي عبدالعزيز اٿيو. سوڊاني نوڪرياڻيءَ کي ڪجهه کاڻ پيئڻ لاءِ آڻڻ جو چيو. مونکي پڪ هئي ته ان ۾ چانهن ضرور هوندي جو عبدالعزيز ڪافي عرصو هوسٽن (ٽيڪساز) USA ۾ رهيو آهي ۽ پڪ چانهه جو عادي هوندو.
قراقري ٽوپي جهڙي مٿي واري ڪاري سوڊاني حبشڻ اڇي ٿالهه ۾ ٻه کير جا گلاس، ڊئنمارڪ ۽ هنگري جا پنير (Cheese) حلاوة ۽ جنبہ، ۽ تمر کڻي آئي. ڳالهه مزو نه ڏنو. صبح جي وقت ساري خدائي ايڪ طرف چائي ايڪ طرف، نيٺ کير جو گلاس کڻي ڍڪ ڀريم ته کٽو کٽو لڳو. اهو ئي سمجهيم ته کريل کير آهي ۽ شڪل ٺاهي گلاس واپس رکيم.
“ لڳي ٿو کير صحيح ناهي.” مون چيو.
“ کير ناهي، پر لسي آهي،” عبدالعزيز سمجهايو، “ اسان عربن جي صدين کان اها تهذيب هلندي اچي ته صبح جو اٿڻ سان رڍ جي کير جي لسي ۽ تمر (ڪتل) کائيندا آهيون.”
صبح کان چانهه نصيب نه ٿي هئي. دماغ اڳهين توائي هو سو ٺهه پهه عبدالعزيز کي چيم: Hell with you” ٻين لفظن ۾ ڌوڙ اٿئي پئي. اها رڍ جي کير جي لسي تنهنجا ڏاڏا پڙڏاڏا صبح جو نيراني اٿي پيئندا هئا ۽ نه ٽاڪ منجهند جو. مون لاءِ چانهن گهراءِ ۽ ان سان گڏ خبث (نان) ته ڪتل سان ئي ماني کاوان. ڇو جو تنهنجي منجهند جي ماني شام جو پنجين بجي ايندي جيسين ٻڪرو ڪسي ۽ اڌ ڪچو اڌ پڪو رڌجي. “
• عبدالعزيز تازو آمريڪا کان آيو آهي. اتان هڪ ريڊيو ٽائيپ (Device) وٺي آيو آهي. اهو UHF ۽VHF آهي يعني تمام وڏي فريڪنسي جو آهي. ميلن جي ايراضي ۾ جيڪي ٽيليفون آهن انهن جون ڳالهيون ٻڌي سگهجن ٿيون. عبدالعزير سڄو ڏينهن اهو ريڊيو هٿ ۾ جهلي ويٺي فون ٻڌا. خاص ڪري ڇوڪرين ۽ زالن جا. ڪڏهن ڪڏهن اڙدؤ ۾ ڳالهه ٻولهه تي آواز مٿي ڪري مونکي ٻڌڻ لاءِ چيو ٿي. مون کي هن جا اهي ڪم عجيب لڳا، جو اسان کي ته اها ئي مذهبي تعليم ڏني وئي آهي ته ڪنهن جو راز معلوم نه ڪجي. ڪنهن جي ڳالهه لڪي نه ٻڌجي. ڪنهن جو خط بنا موڪل جي نه پڙهجي. هي ته عرب آهن هنن ته اهي سڀ حديثون عربي ۾ پڙهيون هونديون. سوچيندو رهيس ته عبدالعزيز کي ڪيئن ٻڌائجي ته اهو گناهه جو ڪم آهي. هڪ ڏينهن هو ان ريڊيو تي ڪنهن عاشق معشوق جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو ته پٺيان اچي سهرو بيهي رهيس. کيس خبر ئي نه پئي ته هو پٺيان آهي. سهري کي وري اها خبر نه پئي ته هيءَ ڪهڙي شيءِ آهي؟ ريڊيو، ٽيپ رڪارڊر يا ڪجهه ٻيو. هن عبدالعزيز کان پڇيو، جنهن کي مجبور ٿي ٻڌائڻو پيو. آئون به تجسس مان ڏسندو رهيس ته ڪهڙو رمارڪ ڏئي ٿو. عبدالعزيز جي سڄي ڳالهه ٻڌڻ بعد ڪا دير ماٺ ٿي ويو. ان بعد اکيون بند ڪري عبدالعزيز کي چيو: “ اهو حرام آهي.” ان بعد عبدالعزيز گهڻوئي پنهنجي سهري کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو ايئن وقت گذارڻ ۽ وندر خاطر ٻڌي ٿو، پر جواب ۾ سندس سهرو “حرام حرام” چوندو رهيو ۽ نيٺ اهو بند ڪرڻو پيس.
• بگ مئڪ فاسٽ فوڊ Fast Food تي سيلز مئن تامل، فلپينو ۽ انڊونيشي ڇوڪرا هئا. جيسين پٽاٽا ترجن انڊونيشي سيلز مئن ڇوڪري سان ملئي زبان ۾ ڳالهائيندو رهيس. ملئي ۽ انڊونيشي زبان ۾ اوڻهيئي ويهين جو فرق مس آهي. ملڻ سان پڇيو مانس: “ ملئي آهين.”
ڏکويل لهجي ۾ چيائين: “ ملائيشيا وارن کي ٻاهر ڌڪا کائي نوڪري ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هنن جي ايڪانامي ايڏي مضبوط آهي جو هو پاڻ ڌارين کي پورهئي لاءِ گهرائين ٿا.”
“ پر انڊونيشيا ۾ به ملائيشيا وانگر تيل ۽ رٻڙ آهي؟” مون چيومانس.
“ هائو،” هن وراڻيو، “ پر ملائيشيا جهڙا سٺا سياستدان، حاڪم ۽ Stability اسان جي ملڪ انڊونيشيا ۾ ناهي.”
• عينڪ جي دڪان تي ڪم ڪندڙ محمد صادق نالي ٽيهارو ورهين جي همراهه کي سٺي اڙدو ۾ ڳالهائيندو ڏسي پڇيو مانس ته هو ڪٿي جو آهي. وراڻيائين: “ حيدرآباد دکن جو.”
“ تڏهن اڙدو ايتري سٺي اٿئي.” چيومانس. کانئس انڊيا جو پڇندو رهيس ته مسلمانن لاءِ ڪيئن آهي.
“ بلڪل صحيح آهي. اسين بلڪل خوش آهيون. مهانگائي به ايتري ناهي. پاڪستان ۾ اٽي، چانور، ڪپڙي گندي، ريڊيو، ٽي وي، موٽر سائيڪل جا اگهه وڃن آسمان سان ڳالهيون ڪندا.” هن چيو.
“ توکي ڪيئن خبر پئي؟” مون پڇيومانس.
“ مونسان گڏ ڪيترائي پاڪستاني رهن ٿا. انهن جي ڳالهين مان اندازو لڳائيندو آهيان. جيتوڻيڪ هو مون کان لڪائيندا آهن ۽ اظهار نه ڪندا آهن، پر آئون سمجهي ويندو آهيان. ڪي ته مڃيندا به آهن ته پاڪستان ۾ سڀ مسلمان رهن ٿا، پر پاڻ ۾ وڙهندا رهن ٿا. ان خيال کان اسان وٽ انڊيا ۾ امن امان آهي. ڪجهه علائقا آهن جن ۾ مسلمانن ۽ هندن جا فساد ٿين ٿا. جڏهن ٿين ٿا تڏهن خوف حراس رهي ٿو. نه ته هونءَ انهن علائقن ۾ به توهان سڪون سان گهمي ڦري سگهو ٿا. عورتون اڪيليون هلي چلي سگهن ٿيون. نوڪريون ڪري سگهن ٿيون. بسن گاڏين ۾ مردن سان گڏ سفر ڪري سگهن ٿيون. ڪو ڪنهن جو ائين نالو نٿو وٺي جيئن پاڪستان ۾ آهي.” هن ٻڌايو.
“ توکي جي Choice هجي ته پاڪستان ۾ رهڻ پسند ڪندين؟ مون پڇيومانس.
“ آئون انڊيا ۾ وڌيڪ باحفاظت ۽ پُرسڪون محسوس ڪريان ٿو. انڊيا به اسان جي ڌرتي آهي. جي ان تي هندو ۽ عيسائي رهن ٿا ته ڇا ٿي پيو. ملائيشيا، سنگاپور، مصر، بنگلاديش ۾ به ته هندو ۽ عيسائي رهن ٿا. ٻيا ملڪ ته ڇڏ پر سعودي عرب ۾ (سواءِ مڪي ۽ مديني شهرن جي) ڪيترا هندو، سک، عيسائي، ڪرسچن رهن ٿا. ڪو ڪنهن جو نالو نٿو وٺي. انسان جنهن ڌرتي تي پئدا ٿيو آهي ان جي عزت ۽ حفاظت ڪري. دراصل عوام جو ٻيڙو سياستدان ٻوڙين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي ملڪ جو هندو توڙي اسان جا مسلمان پنهنجي سياسي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ عوام کي هڪ ٻئي سان ويڙهائين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن توهان جا سياستدان اسان انڊيا ۾ رهندڙ مسلمانن لاءِ سچو يا ظاهري پيار ڏيکارڻ لاءِ جيڪي بيان ڏين ٿا انهن جو اسان تي ويتر اگرو اثر پوي ٿو ۽ اسان کي پنهنجي ملڪ سان Loyal هجڻ ۾ شڪ ڪيو وڃي ٿو.”
• ينبو بندرگاهه ۾ گوا جي اسسٽنٽ انجنيئر سڪندر تحصيلدار ٻڌايو ته هو نيوي (يعني انڊين نيوي) مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هتي آيو. مون تعجب مان پڇيومانس:
“ پر تون ته مسلمان آهين. مون ٻڌو آهي ته مسلمانن کي انڊيا وارا آرمي نيوي وغيره ۾ نٿا رکن.”
“ اهو آهي ته گهٽ رکن ٿا پر رکن ڇو نٿا. آخر اسان جو وطن ته انڊيا ئي آهي. اسان کي ان جي حفاظت لاءِ وڙهڻ به کپي. 1971ع واري لڙائي ۾ ته مونکي انڊين حڪومت بهادري جو تمغو ڏنو هو.” هندستان جي مسلمان نيول آفيسر چيو.
• سعودي عرب ۾ ڪيترن ئي غريب ملڪن جا غريب ماڻهو پورهيا نوڪريون ڪن ٿا. گس پنڌ، ڪنهن دڪان تي، ٽيليفون بوٿ وٽ ٽيليفون جو انتظار ڪندي، مسجد ٻاهران جتي جتي ڪو پاڪستاني، بنگالي افغاني، انڊونيشين يا فلپينو ملندو اٿم ته کانئس هن ملڪ سعودي عرب بابت سندس تاثر پڇندو آهيان. ڪي سعودي عرب کي جيل کان به بدتر سمجهن ٿا ته ڪي پرسڪون جاءِ. ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي صحيح آهن.
• ڪو زمانو هو سعودي عرب ۾ نوڪري يا محنت مزوري ڪرڻ واري کي سٺو پگهار ۽ سٺيون سهوليتون ملنديون هيون. هاڻ ڪنهن به قسم جو خاص اجورو نٿو ملي. بهاولپور جو هڪ نوجوان ڪار مڪينڪ مليو، جيڪو پنهنجي هڪ هزار ريال پگهار مان خوش نه هو. هڪ هزار ريال اڄ ڪلهه پاڪستاني ساڍن اٺن هزار رپين برابر آهن.
“ ٽي سؤ ريال ته مانيءَ تي خرچ ٿيو وڃن،” هن ٻڌايو، “ باقي ست سؤ ريال معنى ڇهه هزار رپيا مس ٿيا.”
بهاولپور ۾ هن کي ساڍا ٽي هزار رپيا گئراج جي مالڪ پگهار ڏنو ٿي. شام جو پرائيويٽ ڪم ڪرڻ مان ايترو ملي ويس ٿي جو مهيني ۾ پنج هزار رپيا ٿي ويس ٿي.
“ هاڻ هزار سوا لاءِ ٻار ٻچا ڇڏي هتي پرديس ۾ اچي ڌڪا کائڻ بيوقوفي آهي.” هن ٻڌايو. “ مونکي ته اهو چيو ويو ته ڪم واري جاءِ مڪي جي ڀرسان آهي. پوءِ هتي اچي معلوم ٿيو ته مون سان ۽ مون جهڙن ٻين سان ٺڳي دولاب ڪيو ويو آهي. مڪو ته پري ٿيو پر مدينو به ٻه سؤ کن ڪلوميٽر پري آهي. ڏينهن ٻه موڪل ته ٺهيو پر منٽ ٻه ڪم تي پهچڻ ۾ دير ٿي ٿئي ته عرب ڪفيل (جنهن وٽ ڪم ڪيون ٿا) اکيون ڪڍي دڙڪا ڏئي ٿو ۽ سڄي ڪلاڪ جو پگهار ڪٽي ٿو. واپس به موٽي نٿا سگهون جو سال جي Contract تي صحيح وٺي اسان جو پاسپورٽ پاڻ وٽ سوگهو رکي ڇڏيو اٿس. پنهنجي وطن مائٽ مٽن کي به دل جو سور ٻڌائي نٿا سگهون جو هو به پريشان ٿيندا. هڪ هڪ ڏينهن ڪري ڳڻيون پيا ته ڪڏهن هن جيل مان آزادي ملندي. پنهنجي وطن ۾ ته چانهه به زال ٺاهي پياريندي هئي، پر هتي ڪچو ڦڪو پاڻهي رڌي کائجي ٿو. مهانگائي ايتري آهي جو دڪان يا هوٽل تان ڪو چڱو وٺي کائي به نٿو سگهجي جو پوءِ ڪجهه بچندو ئي ڇا جو ٻچن کي موڪلجي. شل نه هتي ڪو بيمار ٿئي. اسپتالون ته گهڻيون ئي وڏيون آهن پر سڀ مڪاني عربن لاءِ آهن ۽ اهي ڏينهن ويا هليا جڏهن مفت علاج ٿيندو هو. هينئر مٿي جي سور جي گوري لاءِ به پئسا ڏيڻا پون ٿا ۽ سڄو ڏينهن ڪمري ۾ اڪيلو اڪيلو رهي وڌيڪ بيمار ٿجي ٿو. ڪنهن کي وقت آهي حال پڇڻ جو. هرڪو پورهئي تي هليو وڃي. نه ويندو ته عرب ڪفيل سندس پگهار ڪٽيندو.”
• ساڳي مڪينڪ سان گڏ بنگالي هيلپر ڇوڪرا هئا. ڏسان ته اهي بيحد خوش ۽ مست هئا. سبب معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته هڪ ته هنن کي ايترو ڪم نٿو اچي جو پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن گئراج تي مستري جو ڪم ڪن ۽ ٻيو ته هنن کي پنهنجي ملڪ هزار رپين واري نوڪري به نٿي ملي، ان خيال کان هتي جا هزار ريال وڏي ڳالهه آهي جيڪي سندن سڪي ۾ تيرهن هزار ٽڪا (رپيا) ٿيا. ٽي ڳالهه ته هو ننڍي عمر جا ڇوڪرا آهن، شادي شده نه آهن، سو اڪيلي سر لاءِ اهي تمام گهڻا آهن. چوٿين ڳالهه ته بهاولپور وارو هر مهيني ڇهه هزار ڳوٺ لاءِ بچائي ٿو ۽ هي ٻارهن هزار رپيا (ٽڪا). پر جي هي بنگالي بهاولپور واري جيترو بچائين يعني ڇهه هزار ٽڪا ته به بنگالين جا هي ڇهه هزار وڌيڪ طاقتور آهن جو انڊيا وانگر بنگلاديش ۾ رهائش جو معيار سادو سودو آهي ۽ ماڻهو ايتري پئسي مان بيحد خوشحال زندگي گذارين ٿا ۽ ايتري بچت مان هنن بنگالين جي فئملي ڪوميلا شهر جي امير ترين فئملين مان سڏجي ٿي. “ جڏهن کان اسين هتي سعودي عرب آيا آهيون، اسان جي ماءُ مهيني جي هر پهرين جمعي تي پاڙي جي عورتن کي ڀات، ماش ابنگ دال، جي دعوت ڪندي آهي.” يعني “ ڀت مڇي ۽ دال” کائي به خوش ٿين ٿا، اسان وٽ ايترو نخرو وڌي ويو آهي جو ڪنهن فقير کي بنگالين وارو اهو پاڻي پسيو ڀت ۽ ڇڊڙي رس واري دال ڏئي ته اهو به وٺندي منهن ٺاهيندو.
• گھٽيءَ جي مسجد ۾ هڪ غريب ڦاٽل ڪپڙن ۾ مليو. پڇڻ تي ٻڌائين ته هو مارواڙي آهي. هتي ٻهراڙي ۾ هڪ عرب زميندار وٽ هارپو ڪري ٿو. منهنجي لاءِ اها نئين ڳالهه هئي جنهن تي هن ٻڌايو ته هتي سعودي عرب ۾ ڪيترا مارواڙي، راجستاني ۽ گهوٽڪي سکر پاسي جا سنڌي هارپو ڪن.
“ گهڻو پگهار ملنئي؟” مون پڇيومانس.
“ اٺ سؤ ريال.” هن ٻڌايو.
“ بس. اهو تمام ٿورو نه آهي؟ “ مون تعجب مان پڇيومانس.
“ ها. پر اهو به چڱو آهي. ڪي ٿورا پراڻا هاري آهن جن کي هزار ريالن جو ملي ٿو نه ته اڄ ڪلهه جيڪي اچن پيا انهن کي پنج سؤ ڇهه سؤ ريال ڪي مس ملن ٿا. پوءِ جتي مرغو ڦاسي. هڪ دفعو هتي ڪو اچي ويو ته پوءِ عربن جي ئي رحم ڪرم تي رهي ٿو.” هن ڏکويل لهجي ۾ ٻڌايو.
هارپو ۽ ٻيو پورهيو ڪندڙن کي سندن ملڪ پاڪستان هندستان وغيره ۾ اهو ئي ٻڌايو وڃي ٿو _ يعني ڪانٽريڪٽ ۾ اهوئي چيو وڃي ٿو ته کين کاڌو عرب ڪفيل (مالڪ) ڏيندو. سعودي عرب پهچڻ کان اڳ هرڪو اهو سمجهي ٿو ته عرب امير ماڻهو آهن، کاڌي پيتي جا شوقين آهن. الائي ڪهڙا مال کارائيندا. ان بابت ڪيترن پورهيت مزورن روئڻهارڪو ٿي ٻڌايو ته: “عرب پاڻ لاءِ ۽ ٻين لاءِ خاص ڪري گورن يورپين لاءِ وڏا مهمان نواز ۽ سخي آهن. باقي اسان جهڙن غريب ملڪن جي ماڻهن کي ڪجهه ڏيندي ساهه ٿو وڃين. ڪيترا دفعا ته بچيو سچيو به تڏهن ڏيندا جڏهن اهو خراب ٿيڻ تي هوندو. خبث (نان) جيڪي هتي سستا آهن اهي به ڪڏهن ڪڏهن سينئاريل ڏيندا. ڪنهن کي دانهن ڏجي ڪنهن سان فرياد ڪجي.”
• گذريل سال ڪراچي ۾ هڪ دعوت ۾ ٻه چار دوست ويٺا هئاسين ته عربن جون اچي ڳالهيون نڪتيون _ يعني اڄ جي عربن جون. ڊاڪٽر سرفراز شاهه پنهنجو تجربو ٻڌايو ته عربن کي جيترو پئسو آيو آهي اوترو ڪنجوس ٿيندا وڃن. ڏيڻ بدران ڀائين ته ٻين مان ڪڍجي. هرڪو ڀانئي ته گهڻي کان گهڻو پئسو هٿ ڪجي.
ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ ڪنهن کان ٻڌل لطيفو ٻڌايو ته اڄ ڪلهه جو عرب Acts تي عمل ڪري ٿو. اي عرب، سي ڪئمل (اٺ)، ٽي ٽينٽ (تنبو) ۽ ايس Strategy (واري چال). هن چيو ته عرب ڪجهه ڏيڻ بدران هر هڪ مان ڪجهه ڪڍڻ جي چڪر ۾ آهي. هن رڳو هڪ دفعو اٺ کي پنهنجي تنبوءَ ۾ اچڻ ڏنو هو، جنهن لتون هڻي کيس ڪڍيو. هاڻ هو اهڙو سياڻو ٿي ويو آهي جو پنهنجي ملڪ ۾ به ڪنهن کي رهڻ نٿو ڏي. گهرائڻ کان اڳ سندس ڪڍڻ جو بندوبست ۽ قانون ٺاهي ٿو. ۽ هو هاڻ ڪنهن کي ڏيڻ بدران رڳو وٺڻ ئي وٺڻ چاهي ٿو.
هڪ ٻئي دوست شوڪت جماڻيءَ چيو: “ اسان جي کنڊ جا ماڻهو، پاڪستاني توڙي هندستان، بنگلاديشي توڙي سريلنڪن ڪيڏو محنتي آهن. پر هنن کي ٻين ملڪن جي ماڻهن جي مقابلي ۾ سندن پورهئي جو ڪيترو ته گهٽ اجورو ملي ٿو.”
• المکتبا ڪتابن جي دڪان ۾ بئنگلور جي سيلزمئن چيو: “اڄ جا عرب استاد آهن. سندن ڪم نڪريو وڃي ته ٻين کي وساريو ڇڏين. هتي نوڪريون ڪندڙ ڌارين ماڻهن لاءِ سعودي عرب هڪ کليل جيل آهي.”
• هر بندرگاهه کي هڪ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ٿئي ٿو، جنهن جو ڪم بندرگاهه ۾ هلندڙ ٽگ بوٽس جي Maintenance رکڻ آهي. ٽگ Tug ننڍا جهاز ٿين ٿا جن ۾ طاقتور انجڻ ٿئي. ٽگ جو ڪم جهاز کي ڇڪڻ يا ڌڪو ڏئي پاسي تي ڌڪي (Jetty) سان لڳائڻ آهي. هر بندرگاهه کي سندس حيثيت سارو ڏهه پنڌرهن يا ويهه کن اهي ٽگ جهاز ۽ ٻيون موٽر لانچون ٿين، انهن کي صحيح رکڻ لاءِ مسترين، مڪينڪ، اليڪٽريشن ۽ هيلپرن وغيره جو عملو ٿئي ٿو جيڪو هتي سعودي عرب جي ينبو پورٽ ۾ سٺ ستر آهي. ڪراچي جي ڪي پي ٽي ۾ سؤ کن هوندو. ان عملي جي مٿان اسسٽنٽ ۽ مئرين چيف انجنيئر ٿين ٿا. ڪراچي توڙي پورٽ قاسم ۾ هيٺين ورڪر کان وٺي مٿين انجنيئر تائين سڀ پڪي نوڪري وارا ٿين جيڪو سسٽم وري به بهتر آهي. پر هتي ينبو توڙي جدي ۽ دمام جي بندرگاهه جو مختلف مختلف سسٽم آهي جيڪو منهنجي خيال ۾ صحيح ناهي ۽ بندرگاهه جي خراب ڪارڪردگي جو سبب بڻبو آهي. هتي ڇاهي جو بندرگاهه جو ڪم هلائڻ لاءِ هر هڪ کاتي جو ٺيڪو ڏنل آهي. انجنيئرنگ جو کاتو هلائڻ جو ٺيڪو هتي جي هڪ عرب ڪمپني صيانڪو نالي کنيو آهي. بندرگاهه جي انتظاميا طرفان (جنهن جو وڏو باس منهنجو دوست آهي) ان ڪمپنيءَ کي مثال طور هڪ اليڪٽريشن لاءِ ٽي هزار ريال ڏين ٿا. پر ٺيڪو کڻندڙ ڪمپني ڪوشش ڪري هزار سوا هزار ريالن وارو اليڪٽريشن ڪنهن غريب ملڪ مان، ڪو مجبور ۽ بيروزگار گهليو اچي، جنهن وٽ گهربل سرٽيفڪيٽ سو هجي باقي تجربي ۽ ڪم ۾ کڻي ڪهڙو به هجي. ظاهر آهي گهٽ پئسن ۾ اهڙو ئي ملندو. پوءِ ٽن هزارن مان سوا هزار کيس ڏين ۽ اهڙو ٻه سؤ ٽي سؤ وارو گڏيل رهائش وارو مسواڙي ڪمرو باقي ڏيڍ هزار پنهنجي کيسي ۾. اهڙي طرح هر مزور، هر مستري ۽ انجنيئر جي اصل پگهار مان وچ واري ڪمپني پئسو کائي. بندرگاهه جي ڪرندڙ معيار تي روزانو پنهنجي دوست سان بحث هلندو آهي ۽ هو به ان تي مون سان سهمت آهي ته ائين گهٽ پئسن سان ڪير سٺو ڪم ڪندو. پر حڪومت جي پاليسي ڪري مجبور آهن. هڪ ڏينهن مونکي ٻڌائين ته هنن وٽ اڃان به اسسٽنٽ چيف انجنيئر ۽ چيف انجنيئر جي جاءِ خالي آهي. بندرگاهه جو چيف انجنيئر سٺي پوسٽ آهي. دوست کي چيم ته ان لاءِ منهنجي هڪ پاڪستاني دوست مئرين انجنيئر کي رک، جيڪو اڄ ڪلهه نوڪريءَ ۾ ناهي ۽ هو تجربيڪار ۽ محنتي آهي. مون ان دوست سان فون تي ڳالهايو. هو اچڻ لاءِ تيار هو، پرٻن مهينن بعد. اسان اهو فيصلو ڪيو ته اها نوڪري متان ڪنهن ٻئي کي ملي سو في الحال آئون apply ڪري اها ڀريان. ٻن مهينن بعد دوست جي اچڻ تي منهنجو عرب دوست منهنجي استعيفى منظور ڪرائي هن کي رکرائيندو.
مون واري عرب دوست صيانڪو ڪمپني کي منهنجي رکڻ لاءِ چيو. ڪمپنيءَ جي مئنيجر مونکي گهرائي انٽرويو ورتو ۽ ٻڌائين ته هنن کي ڪو چيف انجنيئر مليو ڪون ٿي. “ توهان کي چيف انجنيئر ڪري رکنداسين، پر ڪمپني جي پاليسي موجب پهرين اسسٽنٽ چيف انجنيئر ڪري رکنداسين ۽ مهيني سوا بعد پروموشن ڏئي چيف انجنيئر ڪنداسين. توهان اسان جي باس جا دوست آهيو ان ڪري پگهار ساڍا چار هزار ريال ڏينداسين ۽ پوءِ چيف انجنيئر ٿيڻ تي وڌائينداسين.” هنن مونکان پاسپورٽ جي به گهر ڪئي. مون کانئن سوچڻ لاءِ ٻه ٽي ڏينهن گهريا. انٽرويو وٺندڙ سعودي مئنيجر پنهنجو نالو حامد ٻڌايو. انگلنڊ ۾ گهڻو رهڻ ڪري سٺي انگريزي پئي ڳالهائين. آئون پگهار مان نه پر سندس انگريزي، ڏاڙهي، ۽ اسلامي ڳالهيون ٻڌائڻ ڪري بيحد متاثر ٿيس. اٿڻ مهل چيائين: “ مشورو صلاح ڀلي ڀتين سان به ڪجي پر پگهار جي ڳالهه ڪنهن سان نه ڪجانءِ جو حديث آهي (خبر ناهي آهي به يا نه) ته اهو ڪم بهتر رهي ٿو جيڪو راز ۾ رکيو وڃي ٿو.”
کانئس موڪلائي ورڪ شاپ جو چڪر ڏنم. چاليهه پنجاهه کن ڏکڻ هندستان ۽ بنگلاديش جا ڪم وارا هئا. ڇهه کن پاڪستاني پٺاڻ به هئا. سڀ بيزار لڳي رهيا هئا ۽ گهٽ پگهار جون دانهون ڪري رهيا هئا. چيف انجنيئر پوسٽ تي ڪير ڪو نه هو. پر انهن پوسٽن ته جيڪو ائڪٽنگ انجنيئر ۽ اسسٽنٽ چيف انجنيئر هو اهو بمبئي جو هڪ مسلمان هو. تنهن ٻڌايو ته گهٽ پگهار ۽ صبح جو 7 کان شام جو پنجين تائين _ ڏهه ڪلاڪ ڪم ڪري ڪوبه خوش ناهي. ڪمپني رڳو سندن پگهار جا پئسا کايو ويٺي آهي. ڪم ڪرڻ لاءِ سنوان سبتا اوزار به نه آهن. مون چڱي طرح هڪ هڪ شيءِ جو جائزو لڳايو ته اها ڳالهه صحيح لڳي ۽ محسوس ڪيم ته هيڏي پئسي هوندي ڇا بندرگاهه جا حال آهن. ان کان ته اسان جهڙن غريب ملڪن جا بندرگاهه ۽ انهن جي ڪارڪردگي بهتر آهي.
شام جو دوست حال احوال ورتو. پگهار جو پڇيائين. ٻڌايومانس ته هي آهي جيتوڻيڪ هن اهو ٻڌائڻ لاءِ جهليو آهي. مون وارو دوست اهو ٻڌي سخت ڪاوڙيو ته ڪمپني وارن کانئن ڇهه هزار وٺي مونکي ساڍا چار چيا آهن. يعني ان تي به کائڻ چاهين ٿا ۽ ٻيو ته هينئر ئي چيف انجنيئر جي پوسٽ ڇونٿا ڏين. بهرحال مونکان صلاح پڇيائين ته ڇا ڪجي.
“ مونکي ته انٽرويو وٺڻ وارو مسٽر خالد نيڪ ۽ پرخلوص انسان لڳو ٿي. هونءَ به آئون موڪلون گذاري رهيو آهيان، مهينو ٻه نوڪري ڪريان ٿو، ان دوران پروموشن ڏنائون ته پاڪستاني دوست کي اچڻ لاءِ سگنل ڪندس نه ته روڪي ڇڏيندس.” مون پنهنجي راءِ ڏني.
“ چڱو ڀلا اهو به صحيح آهي. تون هونءَ ئي گهر منهنجي ۾ رهندي. ماني ٽڪي به مون وٽ اٿئي. گاڏي پڻ. سو مهيني ٻن لاءِ نوڪري صحيح آهي. تنهنجي دوست جو ڪم ٿي ويندو. هونءَ جيتوڻيڪ ڪمپني وارن انصاف نه ڪيو آهي. هيترو چوڻ ۽ پارت ڪرڻ جي باوجود به اها پوسٽ ۽ پگهار نه ڏنو اٿن جيڪو ڏيڻ کپي. بهرحال تون ڀلي آچر ڏينهن Contract تي صحيح ڪر.” هن چيو.
آچر ڏينهن صبوح جو پهتس. ڪمپني جي مئنيجر مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪرڻ بعد تمام مٺي مٺي چانهه پياري، ان بعد فارم تي نالو ائڊريس پاسپورٽ نمبر لکي مونکان ٻه ٻه صحيحون ورتائين ۽ پوءِ ان بعد فارم مونکان وٺي ان تي پگهار ساڍا ٽي هزار لکي هيٺ ڪامائن ۾ اوور ٽائيم ۽ کاڌي سميت انگريزي ۾ لکي چيائين: “ مونکي افسوس آهي ته طيءِ شده پگهار في الحال اسين ڏئي نٿا سگهون. مهيني ٻن بعد توکي چيف انجنيئر پوسٽ جي ترقي ڏئي پوءِ ساڍا چار هزار ڪنداسين.”
آئون ڪا دير هن ڏاڙهي واري شخص جي منهن کي چتائي ڏسندو رهيس، جنهن ٻه چار ڏينهن اڳ مونکي ديني ڳالهيون ٻڌايون هيون. انهن ۾ هڪ اها به ٻڌائي هئائين ته مسلمان کي وعدو پاڙڻ کپي. زبان ڪري ڦرڻ نه کپي، وغيره. يعني تو نوڪري ڪرڻ جو وعدو ڪيو آهي سو هاڻ ڦري نه وڃجانءِ. اڄ هي پاڻ هڪڙيون ڳالهيون ڪري ٻيون پيو ڪري. ڪيترن پاڪستانين کان اهو ضرور ٻڌو هوم ته عرب هڪڙن Terms & Conditions تي وٺي وڃن ٿا ۽ پوءِ سعودي عرب پهچي ٻين تي ڪم وٺن ٿا. اهي ڳالهيون ٻڌي مونکي يقين نه ايندو هو. اڄ ان راز جي به خبر پئي ته بلڪل سچ آهي. مون ان Contract کي اتي ئي واپس وٺي ڦاڙيو ۽ دوست کي ڪار موڪلڻ لاءِ چيو ته مونکي اچي کڻي وڃي. ڪمپني جي مئنيجر مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪجهه منٿ ميڙ ته آئون نوڪري قبول ڪريان ته گهر ويٺي مونکي به پيو ملندو ۽ سندس به فائدو ٿي ويندو. پر آئون ٻاهر اچي بيٺس.
مون واري عرب دوست کي خبر پئي ته هن ان ئي وقت پنهنجي آفيس مان فون تي عربيءَ ۾ هن ڪمپني جي مئنيجر سان جهيڙو ڪيو. جواب ۾ هو معافيون ۽ پگهار وڌائي پنج هزار ريال ڪرڻ لاءِ چيو. اها ڳالهه گهر پهچي رات جي ماني تي عرب دوست مون سان ڪئي. مون کلي چيومانس: “ هاڻ ڀلي ڏهه هزار چوي پر مونکي ۽ پڪ منهنجي دوست کي هتي ڪم ۾ مزو نه ايندو . ٻي ڳالهه ته ههڙن نيڪ ماڻهن جا به هي حال.”
• هتي جي ريفائنري (تيل صاف ڪرڻ جي ڪارخاني) ۾ ڪم ڪندڙ هڪ پاڪستاني انجنيئر سعودي عرب جي زندگي بابت چيو: “ هتي پگهار تمام گهٽ ڏين ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن هڪ طرف مهانگائي وڌي رهي آهي ٻئي طرف پگهار گهٽجي رهيا آهن. مجبوري آهي ان ڪري اسان جهڙن غريب ملڪن جا ماڻهو نوڪري پورهئي لاءِ هيڏانهن اچن ٿا ۽ ايندا رهندا. هڪ طرف اڻ پڙهيل ۽ مزور طبقو ايندو رهي ٿو ته ٻئي طرف پڙهيل به. ڊگريون حاصل ڪرڻ جي باوجود به نوڪري نٿي ملي. انسان چانهه پاڻي جي خرچ لاءِ به محتاج رهي ٿو ته پوءِ رشوت طور پئسا ڏئي به هو هيڏانهن نوڪري جي ڳولا ۾ اچي ٿو. پنهنجي ملڪ مان هيڏانهن ايندي هو خوش ٿين ٿا پر پوءِ هتي جون حالتون کين پريشان ڪريو وجهن. عزت ۽ پيار بدران هتي جي عربن طرفان کين نفرت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سٺي پگهار بدران کين گهٽ پگهار تي پورهيو ڪرڻو پوي ٿو. ان پگهار ۾ به عرب ڪفيل ڪٽوتي ڪندو رهي ٿو يا وقت تي ڏيڻ بدران منٿون ڪرائي پوءِ قسطن تي ڏئي ٿو. نتيجي ۾ مائٽ مٽ ڇڏي هتي آيل غريب پورهيت پريشان ۽ Psycho (نفسياتي مريض) ٿيو پوي.
• هڪ پاڪستاني دڪاندار کان سندس ڌنڌي ڌاڙي جو پڇيم. هن جو ٽيپ رڪارڊرن ۽ واچن جو دڪان آهي جيڪو تمام سٺو هلي ٿو. وراڻيائين: “ سٺو هلي ٿو پر بيزار ٿي پيو آهيان.”
“ ڇو ڀلا _ ؟ “ مون پڇيومانس.
“ ڪفيل تنگ ٿو ڪري.” جواب ڏنائين ۽ وڌيڪ ٻڌايائين ته پاڻ ڏهه سال اڳ هتي آيو ۽ هي دڪان ۽ سامان سندس آهي، پر جيئن ته سعودي عرب ۾ ڪو به ڌاريون پنهنجي نالي ڪجهه به نٿو خريد ڪري سگهي، ان ڪري ڪنهن عرب جي نالي ڪرڻو پوي ٿو. يعني ملڪيت دڪان يا گهر هتي جي مڪاني عرب نالي لکيو وڃي ٿو. ان جي عيوض ان عرب ڪفيل کي به هر مهيني ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻو پوي ٿو.
ڪيترا سال هي دڪان نه پئي هليو ته به آئون کيسي مان گهربل رقم هن ڪفيل کي ڏيندو رهيس. هاڻ سال ٻن کان ڪجهه سٺي ڪمائي شروع ٿي آهي ته هن مونکي تنگ ڪري ڏنو آهي ته مهيني جي ٻڌل رقم سان گڏ فائدي مان به اڌو اڌ ڏي. هن سال نئين گاڏي ورتم ته اها به هفتو ٻه هلائڻ جي بهاني وٺي واپس نه ڪيائين. هاڻ جي وڌيڪ چوانس ٿو ته ماڳهين دڪان تان ٿو لاهي جو هر شيءِ هن جي نالي تي آهي. وڌيڪ گوڙ ڪرڻ تي جيل به اماڻي سگهي ٿو. هتي مون جهڙي ڌارئين جو ڪير داد فرياد ٻڌندو.
• ڪمپيوٽر مرمت ڪرڻ واري اليڪٽرانڪ انجنيئر هڪ ڏينهن سچي ڪئي ته هن جو اصل نالو ابو معين ناهي جنهن سان سڏائي ٿو. اهو ٻڌي مونکي تعجب لڳو. پاڻ ناظم آباد ڪراچي جو رهاڪو آهي ۽ هتي سال کن کان آهي. منهنجي هن سان پهرين هفتي ئي ملاقات ٿي هئي ۽ منهنجي ڪيترن جهازي دوستن کي سڃاتائين ٿي. آئون چوندو هوسانس ته ڪراچي پهچي انهن کي تو بابت ٻڌائيندس. اڄ مونکي چيائين ته هنن کي آئون ابو معين چوندس ته نه سڃاڻندا جو سندس اصل نالو ٻيو آهي. اهو ٻڌي مونکي ٻه ڳالهيون ڌيان ۾ آيون. يا ته هي هندو يا عيسائي آهي ۽ هتي اچي مسلمان ٿيو آهي يا پنهنجي ملڪ ۾ ڪو ڏوهه ڪري نالو بدلائي هتي آيو آهي جو اهي ٻئي ڳالهيون هتي عام آهن. پر پوءِ معلوم ٿيو ته انهن ڳالهين جو هن شريف ماڻهوءَ سان واسطو ناهي.
“ منهنجو نالو رفيق آهي،” هن ٻڌايو، “ هتي جا عرب اسان کي ان نالي سان جڏهن سڏين ٿا ته هنن جو مقصد اسان کي نيچ ۽ ڪريل سمجهڻ آهي. هتي رفيق لفظ گار برابر سمجهيو وڃي ٿو جيڪو گهڻو تڻو پاڪستانين لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ان ڪري ان نالي سان آئون پاڻ کي سڏائڻ نٿو چاهيان”
• مٿيون ڪجهه ڳالهيون سعودي عرب ۾ نوڪري يا پورهئي لاءِ ايندڙن لاءِ لکيو اٿم ته جيئن هو هتي جي حالتن جي صحيح Assessment ڪري سگهن ۽ کين ڄاڻ هجي ته ائين به ٿئي ٿو.
• سعودي عرب جي ڪجهه عربن ۽ ٻين ڌارين مسلمانن (مصرين سوڊانين وغيره) جا نالا به تاملن جي نالن وانگر چڱا ڏکيا آهن. اڙدو سنڌي اچڻ ڪري ۽ قرآن شريف پڙهڻ جي ڪري به ٿوري گهڻي عربيءَ جي ڄاڻ ٿي آهي ۽ اسان کي سمجهه ۾ اچيو وڃن. آئون ته ذري ذري پڇڻ بدران يڪدم چوندو آهيان ته پني تي عربي ۾ لکو. هونءَ به عربي جا ڪيترا نالا هو کڻي صحيح طرح پڪارين ٿا پر اسان کي ته تڏهن سمجهه ۾ اچن ٿا جڏهن اسان ان ٽون ۾ ٻڌون ٿا، جنهن کان واقف آهيون. يا ٻيو طريقو اهو ئي آهي ته عربي ۾ لکو. اهو ائين آهي جيئن ڪو عرب اسان جي ڳوٺ ۾ اچي ميدلي ۽ اڌ پتا جهڙا نالا ٻڌندو ته کيس هرگز يقين نه ايندو ته اهي مسلمانن جا نالا آهن، جيسين کيس لکي نه ڏيکارجي ته اهي نالا آهن: اميد علي ۽ عبداالفتاح.
آئون پنهنجي پر ۾ ڪوشش ڪري صحيح طرح نالا اچاريان ٿو ته به هتي جي عربن کي شڪايت رهي ٿي ۽ جيئن هو شدمد سان لفظ چون ٿا ائين اسان کان اچاريو نٿو ٿئي. سئيڊن ۾ منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ عرب دوست يحيٰ جي پٽ عبدالله کي مون سان هميشه اها شڪايت هئي ته “ انڪل مونکي صحيح نالي سان نٿو سڏي.”
نيٺ سندس پيءُ کي چيم ته صحيح ڇا ٿيندو.
“ عبدالله” هن آهستي ڪري اُچاريو.
“ آئون به ته ائين عبدالله چوان ٿو _ “ مون چيومانس.
هن پني تي لکي چيو “ تون عبدالله نه پر ابدلا سڏين ٿو.”
وراڻيومانس: “ پڙهيل ڳڙهيل آهيان تڏهن نه ته اسان جي ٻهراڙين ۾ ڪيترا ايترو به صحيح نٿا اچارين ۽ اڪثر ادلا اچارين.”
بهرحال اسان لاءِ بهتر اهو آهي ته ننڍي هوندي کان ٻار کي ڪجهه عربي پڙهايون جيئن غلط اچارڻ جي گناهه کان بچي سگهي ۽ عرب ملڪن ۾ کيس ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ آساني رهي. دنيا ۾ انگريزي ڳالهائيندڙن کان پوءِ ٻئي نمبر تي اسان جو واسطو عربن سان پوي ٿو.
• مختلف ملڪن جي Toilets (ڪاڪوسن) تي ان ملڪ جي زبان ۾ خواتين ۽ حضرات لکيل رهي ٿو، جيئن انگريزيءَ ۾ مردن واري ڪمري ٻاهران جينٽل مئن ۽ عورتن واري جي ٻاهران ليڊيز. پر اڄ ڪلهه گهڻو ڪري نالن بدران مرد ۽ عورت جي منهن جي تصوير لڳل هوندي آهي. ڪيترن هنڌن تي اها ايترو ملندڙ جلندڙ ٿئي ٿي جو فرق ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي ۽ جي ٻئي ڪاڪوس هڪ ٻئي جي ويجهو نه آهن ته ڪيترا عورتن جي تصوير کي به مرد جي سمجهن ٿا.
هتي جي بندرگاهه واري آفيس ۾ ٻئي Toilets گڏ آهن، پر ٻاهران لڳل تصويرون هڪ ٻئي سان ايترو مليل آهن جو نيٺ هتي ڪم ڪندڙ هڪ همراهه کان پڇڻو پيو ته Gents جو ڪهڙو آهي.
“ ٻئي Gents جا آهن.” هو عجيب لاپرواهي ۽ جلدي ۾ ٻڌائي هليو ويو. پوءِ مون محسوس ڪيو ته سعودي عرب اهو ملڪ آهي جيڪو مردن جو ملڪ چئي سگهجي ٿو. دڪانن تي ڪم ڪندڙ توڙي آفيسن ۾ نوڪري ڪندڙ مرد ئي مرد آهن.
هڪ سعوديءَ کان پڇيم ته آيا هي قانون رڳو مرد نوڪري ڪن، هتي آهي يا ٻين عرب ملڪن ۾ به. بيزاريءَ مان وراڻيائين: “ اهو رڳو هتي آهي. مصر، موراڪو، دبئي، ٽيونيشيا ۾ ته بڪنيون پائي عورتون سمنڊ جي ڪناري تي ليٽيون پيون آهن. “
“ پوءِ ڀلا اهي سٺو ڪن ٿا يا توهان سعودي عرب جا ماڻهو ؟ “
“ ڪير سٺو ڪن ٿا ڪير خراب اهو نه پڇ. باقي اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ جنهن کي وجهه لڳي ٿو اهو اکيون ٺارڻ لاءِ اوڏانهن ڀڄي ٿو. ساڳيو حال ٽي ويءَ جو آهي. سعودي عرب جي ٽي وي ڏسڻ بدران اسان مصر ۽ موراڪو جي ڏسون ٿا. ويندي ايم بي سي ۽ زي ٽي وي ڏسون ٿا.” هن وراڻيو.
مونکي لڳي ٿو ساڳيو حال اسان جي ٽي وي جو ٿيڻ وار آهي جنهن جون مدي خارج ڪمپئرر ۽ ڳائڻيون نڪي ٿيون پوڙهيون ٿين نڪي ٿيون جان ڇڏين. پنجن سالن کان پوءِ پاڪستان اچ ته به اهي ساڳيا ڳائڻا ۽ ساڳيا مسخرا. ٻئي نئين کي وارو ئي نٿا وٺڻ ڏين. تنوجا جي ڌيءَ ڪاجول به رٽائرڊ پئي ٿئي پر هتي اسان وٽ تنوجا جي ماءُ جيڏيون به هار سينگار ڪري هيروئن ٿيو پيون اچن. ڀلي ڳچيءَ جو ماس به پيو لڙڪين.
• هتي سفر دوران بس ۾ يا ڪار ۾ ننڍا ٻار هوندا آهن ته هو عربي ۾ ننڍا ننڍا گيت، ڪتاب بيت يا انگ کوڙا راڳ جي انداز ۾ ڳائيندا آهن.
هڪ ته جيڪو ٻڌي ٻڌي مونکي به ياد ٿي ويو آهي:
هگرا بگرا
گلي امي
عيدل عشره
يا هڪ ٻيو:
ٽي ٽي ايمٽا
بابا ايمتا
خبر ناهي اصل اچار ته ڇا آهن، پر مونکي ڪجهه ائين ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. ٻارن جو سڀ کان گهڻو پاپيولر راڳ “ بابا سافر مڪا” جيڪو هن ريت آهي :
بابا سافر مڪا _ جبلي صندوق قمقع
والصندوق مالہ مفتاح _ والمفتاح عبدالنجار
والنجار يبغى الفلور _ والفلور عندالصلطان
والصلطان . . . . . وغيره وغيره
مٿيون راڳ ائين آهي جيئن پاڻ وٽ :
“ پئسو لڌم پٽ تان، تنهن جو ورتم گاهه،
گاهه ڏنم ڳئون کي، ڳئون ڏنو کير،
کير ڏنم امڙ کي، امڙ ڏنو لولو،
لولو ڏنم ڪانو کي، ڪانو ڏنو کنڀ،
کنڀ ڏنم راجا کي، راجا ڏنو گهوڙو،
گهوڙي تي چڙهي گهم چڙهي گهم _
چندن ڦٽاڪو، جيئي تنهنجو ڪاڪو...
• هتي سعودي عرب ۾ فلپينو ۽ ٻيا ڌاريا اڪثر چڍين ۾ ڊوڙندا ( Jogging ڪندي) نظر اچن ٿا. ڀرسان سعودي يا ٻين عرب ملڪن جون زالون پڻ ڪارن برقعن ۾ لنگهنديون رهن ٿيون.
ڪو به آسمان نٿو ڪري.
اسلام لاءِ ڪو خطرو نٿو سمجهيو وڃي.
جنهن ڏينهن ڪراچيءَ کان هتي سعودي آيو هوس، ان کان ٻه ڏينهن اڳ ڊفينس سوسائٽي ۾ ٻن فرينچ پوڙهن کي چڍين ۾ جاگنگ ڪرڻ تي ماڻهن اعتراض ڪيو هو. ڪيترن هنن کي گهٽ وڌ ڳالهايو هو ۽ آئندي ائين نڪرن ۾ نڪرڻ کان منع ڪيو هو. غلط سلط انگريزيءَ ۾ سمجهايو هو ته “ بابا دس از مسلم ڪنٽري . . . “ وغيره وغيره. اڃان ته اهو واقعو ڪراچي جي هڪ فئشنبل علائقي ۾ ٿيو هو. ٻي ڪنهن هنڌ ٿئي ها ته ٿي سگهي ٿو کين موچڙا به هڻن ها. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي. بين الاقوامي ليول تي فارينرس کي ڇا Impression ملندو هوندو. اسان کي هر ڳالهه ۾ اسلام خطري ۾ نظر اچي ٿو. اسان جي سوچ ڪيترو Non-objective آهي. دبئي، قاهره، ڪويت، رباط ۾ عورتون اسڪرٽ پائي پيون هلن، انهن لاءِ هتي جو يا اتي جو ڪو مُلان مولوي اعتراض نٿو ڪري، باقي اسان جي ملڪ ۾ مرد جي چڍي پائڻ تي به اعتراض ڪيو وڃي ٿو. وڏي ڳالهه ته هو ته غير مسلم هئا جيڪي چڍي پائي ڊوڙي رهيا هئا. اسان جا پٺاڻ ڀائر ڪراچي ۾ ٺهندڙ عمارتن اڳيان ۽ سنڌي ڀائر ريلوي اسٽيشن تي ريل جي سامهون ڪانچ ۾ اندر هٿ وجهي ڪلاڪن جا منهن وٽ ساريندا رهن ٿا. ان تي ڪنهن کي اعتراض نٿو ٿئي. اهو ثواب جو ڪم سمجهيو وڃي ٿو. اسان هر ڳالهه کي پنهنجي مرضي مطابق آڻڻ لاءِ کڻي اسلام کي وچ ۾ آندو آهي.
• ساڳيو حال اخبارن ۽ ٽي وي جو آهي. اسان وٽ ٽاءِ ڪافر جو لباس سمجهيو وڃي ٿو. هن پاسي جي عرب ملڪن ۾ اهڙي ڳالهه کي ڪو کنگهي ئي ڪونه ٿو. آفيس دڪانن تي ته ٽائيون ٻڌيو هلن پر مسجدن ۾ ٽائي سان نماز پيا پڙهن. هڪ ٻن مولوين کان پڇيم ته مون تي ائين کلڻ لڳا ڄڻ چئي رهيا هجن: “ توهان پاڪستان هندستان جا به عجيب مسلمان آهيو. عجيب سوال پڇو ٿا. عجيب ڳالهيون کوٽي انهن کي تيليءَ مان ٿنڀ بڻائي مسئلا ۽ اجايا بحث مباحثا پئدا ڪيو ٿا.”
• هڪ دوست ٻڌايو ته پاڪستان ٽي وي تان اڄ ڪلهه هڪ ڊارمو چار پنج قسطون هلڻ بعد بند ڪيو ويو آهي ڇو جو انهن ۾ هڪ عورت Jeans پتلون پاتي آهي. عجيب ڳالهه آهي. هتي ته عربياڻيون گهرن ۾ به جينز پايو پيون هلن. ڪو به اعتراض نٿو وٺي. ائين ته پوءِ ڊرامي ۾ عشقي ڊائلاگ ۽ ٻيون ڳالهيون به صحيح نه آهن. بلڪه پوءِ ته ٽي وي به صحيح ناهي ۽ بند ڪرڻ کپي. باقي اهو ڇا ته ڪارو منهن ضرور ڪجي پر ڪوئلي مان نه پر بوٽ پالش مان.
• هوائي جهاز جيئن ئي ڪراچي ايئرپورٽ ڇڏي سعودي عرب طرف اڏاميو هئو ته ايئر هوسٽس سعودي عرب جون اخبارون ڏنيون. مون ته سمجهيو ته عربستان جي اخبارن ۾ عورتن جا فوٽا نه هوندا. هوندا ته به برقعي ۾ ڍڪيل. پر پهرين ڏينهن ئي يورپي عورتن جون اڌ اگهاڙيون تصويرون عرب نيوز ۽ ٻين اخبارن ۾ ڏسي حيرت ٿيم، ۽ هاڻ ته روز ڏسندو رهان ٿو. اسان جي جنگ، ڊان يا جاڳو اخبارن ۾ اهڙا فوٽو ڇپجن ته انهن اخبارن جي مالڪن کان ايڊيٽرن تائين مٿن ڪفر جون فتوائون صادر ٿين ۽ موچڙا کائين.
• ڪڏهن ڪڏهن عرب ملڪن توڙي ملائيشيا انڊونيشيا پاسي جا مسلمان اسان ننڍي کنڊ جي مسلمانن تي تعجب کائين ٿا ته اسين ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيون جيڪي درگاهن، پيرن فقيرن جي قبرن ۽ مقامن تي وڃون ٿا. جهنڊن، گهوڙن ۽ تابوتن کان دل جون مرادون پنون ٿا پر الله تي ڀروسو نه اٿئون، مسجد ۾ نظر نٿا اچون. نه نماز پڙهون ٿا ۽ نه نماز پڙهندڙ جو احترام ڪريون ٿا. وڏا شهر ته ٺهيو پر ننڍن ڳوٺن ۾ به ڪيترن هنڌن تي نماز جي وقت تي به زور زور سان ريڊيو، ٽي وي يا ٽيپ رڪارڊر وڄندو رهي ٿو. ايتري قدر جو مسجدن جي ڀر وارا دڪان به ماٺ نٿا ڪن. اهي ڳالهيون اسان کي ته عجيب نٿيون لڳن جو ننڍي هوندي کان اهو ماحول ڏسندا اچون پر هڪ ڌاريون ماڻهو _ پوءِ اهو چاهي عرب ملڪ جو مسلمان هجي يا يورپ آمريڪا جو نو مسلم، هو جڏهن اسان جي ملڪ ۾ ان قسم جون غير اسلامي ۽ غير اخلاقي ڳالهيون ڏسي ٿو ته وائڙو ٿيو وڃي ته اسان پاڪستان، هندستان، بنگلاديش جا ڪهڙا مسلمان آهيون.
مٿي غير اسلامي سان گڏ غير اخلاقي ان ڪري لکيو اٿم جو توڙي کڻي يورپ جي ملڪ ۾ مسلمان نه آهن ۽ جيتوڻيڪ هنن وٽ ميوزڪ تي بندش ناهي ته به هو ڪڏهن به وڏي آواز تي ريڊيو يا ٽي وي وڄائي ٻئي جو سک نٿا ڦٽائين . مسلمان ملڪن ۾ لائوڊ اسپيڪر استعمال ڪندي به خيال رکيو وڃي ٿو ۽ گهڻو ڪري فقط ٻانگ ئي لائوڊ اسپيڪر تي ڏني وڃي ٿي. ان بعد خطبو ۽ تڪبير بنا اسپيڪرن جي پڙهيو وڃي ٿي جيئن فقط مسجد ۾ ويٺل ٻڌي سگهن. آئون هيترن ملڪن جي ڪيترن شهرن ۾ رهيو آهيان. نماز لاءِ ٻانگ فقط هڪ دفعو ٻڌبي آهي. وڌ ۾ وڌ هڪ ٻي ڏورانهين مسجد جي جيڪا تمام آهستي ٻڌڻ ۾ ايندي آهي ۽ محسوس ٿيندو آهي ته اها ڪا ڏورانهين هنڌ کان آهي. پر اسان وٽ هڪ ته مسجدون ويجهيون ٺهيل آهن. (ڀلي هجن. سٺي ڳالهه آهي بشرطيڪه نمازين سان ڀريل هجن) ٻيو هر مسجد مان فل واليوم تي ٻانگ ڏني وڃي ٿي ۽ هڪ جا اڃان ٻه لفظ شروع ئي نه ٿيندا ته ٻي جي ٻانگ شروع ٿيندي، ان پٺيان ٽي ۽ چوٿين. ٻڌڻ واري کي صحيح طرح سمجهڻ ۾ نه پيو ايندو. گهٽ ۾ گهٽ اسان جي ڳوٺ هالا ۾ ته ائين ٿي رهيو آهي.
• سعودي عرب ۾ تيل نڪرڻ ۽ دولت جي اچڻ ڪري هنن وٽ يورپ ۽ آمريڪا جا اهي اهي واپاري، ڪارخانيدار ويندي ٺڳ بشني اچڻ لڳا آهن جن کي هن کان اڳ عرب دنيا جي نه خبر هئي ۽ نه هنن ان بابت ڄاڻ رکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ٿي. هينئر به عربن مان پئسو ڪڍڻ خاطر هنن جي ظاهري طرح تعريف ۽ چمچاگيري ڪن ٿا پر دل سان هنن جي عزت يا سٺائي جا گڻ ڳائڻ بدران کين جاهل، بيوقوف، ڇسو، عياش سمجهن ٿا. (اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ۾ ڪجهه حقيقت به آهي) مغربي دنيا لاءِ عرب اهو ماڻهو آهي جيڪو هوائي جهاز اغوا ڪري ٿو. چار شاديون ڪري ٿو. زالن کي گهر ۾ قيد رکي پاڻ ٻاهر عياشي ڪري ٿو. مذهب جي نالي تي خون خرابو ڪري ٿو. هو يا ٻڪريون رڍون چاريندڙ بدو آهي يا حد کان وڌيڪ عياشي جي زندگي گذاريندڙ. ٻنهي صورتن ۾ گهٽ تعليم يافته آهي.
هتي سعودي عرب ۾ جن جو آئون مهمان آهيان اهي عرب آهن. ڪي ڪي سرڪاري نوڪرين ۾ اهم عهدي تي آهن. ڪي وڏا بزنيس مئن ۽ ڪي انڊسٽري جا مالڪ آهن. هو واپار ۽ مشينري جي سلسلي ۾ برٽش ۽ يورپين کي گهرائيندا رهن ٿا.. مڇين ڦاسائڻ لاءِ ٻيڙيون خريد ڪرڻ کان وٺي مختلف شين جي فئڪٽرين لڳائڻ يا يورپي شين جهڙوڪ رنگ روغن کان ايئر ڪنڊيشنرن جي ايجنسي کڻڻ لاءِ هو مونکان صلح وٺن ٿا ۽ پوءِ يورپين سان ڳالهائڻ ۽ هنن پاران Deal ڪرڻ لاءِ گهڻو تڻو مونکي حصو وٺڻو پوي ٿو جو منهنجن عرب دوستن جي نه ايتري انگريزي سٺي آهي ۽ نه ايتري مشينريءَ جي ڄاڻ اٿن. بزنيس ميٽنگن کان پوءِ آئون آيل يورپي مهمانن سان هوندو آهيان. هو عربن بابت عجيب سوال پڇندا آهن ۽ سندن دماغ ۾ عربن لاءِ عجيب ڳالهيون هونديون آهن. هنن کي عربن جي هر ڳالهه خراب لڳندي آهي. خاص ڪري عربن جي ڊريس تان پنهنجي منه سخت ٺٺولي ڪندا آهن.
آئون هتي جي گرم موسم ڏسي اندازو لڳائيندو آهيان ته پوشاڪ جي معاملي ۾ بيوقوف عرب نه پر يورپي آهن. سوٽ ٽاءِ وغيره انگلنڊ ۽ يورپ جي ٿڌي موسم ۾ ته هلي سگهي ٿو پر هتي جي موسم لاءِ هي جبو ۽ مٿي تي رومال جيڪو پٺيان ڪنڌ کي به ڍڪي ڇڏي ضروري آهي. جبو (ڊگهي قميص) پائڻ سان هن ۾ هر وقت هوا ڦاٿل (Trapped) رهي ٿي جيڪا Insulation جو ڪم ڪري ٿي ۽ ٻاهر جي گرم _ بلڪ سخت گرم لڪ کان بچاءُ ڪري ٿي جيڪا جيڪر جسم کي ساڙي رکي. جبي جو اڇو رنگ سج جا گرم ڪرڻا Reflect ڪري ٿو، يعني ڪيترا Ultra Violet ۽ ٻيا گرم ۽ خطرناڪ Rays اڇو رنگ موٽائي ٿو. (ڪارو رنگ جذب ڪري اندر موڪلي ٿو) ساڳي وقت مٿي تي ٻڌل رومال مٿي ۽ ڪنڌ کي تپشStroke Sun کان بچائي ٿو. نئين ماڻهوءَ کي کڻي اها ڊريس عجيب لڳي، پر پوءِ ڪجهه ڏينهن هتي رهڻ بعد هر هڪ کي احساس ٿئي ٿو ته هتي مٿو ۽ ڪنڌ ڍڪڻ ضروري آهي. ويندي جپان ۽ ڪورين ڪم وارا به پنهنجو مٿو ۽ ڪنڌ ٽوال سان ويڙهي پوءِ کلئي آسمان هيٺان ڪم ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ڪاري چشمي جو استعمال پڻ گهڻو ڪن ٿا.
• سعودي عرب کي ظاهر آهي تيل جام آهي، پئسو جام آهي. ان ڪري غريب غُربو هاڻ ايئرڪنڊيشنر afford ڪري سگهي ٿو. ويتر اليڪٽرڪ سٽي به سستي آهي سو ڏينهن رات ايئرڪنڊيشنر پيا هلن. ڪيترن ڪمرن ۾ ته ضرورت ( Room Capacity) کان به وڏا ايئر ڪنڊيشنر لڳل آهن.
آئون هڪ ته ايئر ڪنڊيشنر جو گهڻو استعمال پسند نٿو ڪريان ۽ ٻيو منهنجي ڪمري ۾ هيڪاندو گهڻي طاقت وارو لڳل آهي. آڌي رات کان پوءِ ٿڌ به ٿئي ٿي جو واري ۽ جبل جيترو جلد تپي ٿو اوترو ئي جلد ٿڌو ٿئي ٿو. سو آڌي رات کان پوءِ ته ايئرڪنڊيشنر هلائڻ جي بنهه ضرورت ناهي. پر عربن لاءِ ايئرڪنڊيشنر ضرور هلي، پوءِ چاهي کين بلاڪيٽ پائي سمهڻو پوي. منهنجي ڪمري جي پويان پاڙي وارو گهر مليل آهي. جنهن جي هيٺين ٻن ڪمرن ۽ مٿين ڪمري جي ايئرڪنڊيشنرن جي پٺ منهنجي ڪمري ڏي آهي.هڪ دفعي پنهنجو ايئرڪنڊيشنر بند ڪري دريون کولي سمهڻ چاهيم. پر ٽن چئن فوٽن جي فاصلي تي پاڙي وارن جي هلندڙ ٽن ايئر ڪنڊيشنرن جو گڏيل گوڙ ايڏو هو جو ڄڻ جهاز جي انجڻ پئي هلي. نتيجي ۾ دريون بند ڪري پنهنجو ايئر ڪنڊيشنر هلائڻو پيو ۽ هاڻ گهر ڇڏي اهڙي فلئٽ ۾ وڃي رهڻ چاهيان ٿو جتي پنهنجي ۽ پاڙي وارن جي ايئرڪنڊيشنرن کان جان بچي سگهي.
مٿين ڳالهه پنهنجي عرب دوست سان ڪيم ته هن به ان مسئلي کي مڃيو ته اهو هڪ اهڙو Necessary Evil ٿي پيو آهي جنهن مان جان ڇڏائڻ مشڪل ٿي پئي آهي. ايئرڪنڊيشنر جي غير قدرتي ٿڌ هڏن جو سور ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ان جي گوڙ ٻارن توڙي وڏن جي ڪنن توڙي دماغي پڙدن تي اثر ڪيو آهي.
• سئيڊن ۾ رهائش دوران منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ عرب خالد چيو ته آمريڪا جي سعودي عرب تي حملو ڪيو ته هنن تي ڪو خاص اثر نه پوندو. عرب ڏکن ۽ تڪليفن تي هريل آهن ۽ هو اڄ به چمپل ۾ پنهنجي ڳوٺ هليا ويندا. هو تنبوءَ واري زندگي گذاري سگهن ٿا.
خالد اها ڳالهه ڪري رهيو هو جيڪا هتي جي بادشاهه فيصل ڪنهن زماني ۾ آمريڪا جي صدر يا سيڪريٽريءَ کي چتاءُ طور چئي هئي: “ اسان توهان جي هر ڳالهه نه مڃينداسين. جي اسان جي ملڪ تي حملو ڪري هي تيل جي بدلي مليل دولت کسيندائو ته به اسان تي ڪو خاص اثر نه ٿيندو. اسان اڄ به رڻ پٽ جي زندگي گذاري سگهون ٿا.”
اها ڳالهه مون هينئر پنهنجي عرب ميزبان حسن سان ڪئي. هن ان کي ٺلهي هام قرار ڏئي چيو: “ ڪنهن عرصي تائين اهو صحيح هو. هاڻ اسان سعودي ايڏو عياش ٿي ويا آهيون جو الله خير ڪري. شل نه ڏکيا ڏينهن موٽي اچن. ڪنهن ۾ به هاڻ اها سهپ نه رهي آهي. ڇا هاڻ اڄ جو عرب سڪل ڪتل ۽ ڏانچيءَ جو کير تي گذارو ڪري سگهندو؟ ڇا ههڙي گرميءَ ۾ رڻ پٽ تي تنبو لڳائي رهي سگهندو جنهن جي گهر، آفيس، دڪان، ڪار ۾ هر وقت ايئرڪنڊيشنر هلندو رهي ٿو. ڇا هر وقت پيپسي ۽ مختلف ميون جا رس پيئڻ وارو اڄ جو نوجوان عرب ٻاڙو پاڻي پي سگهندو؟ هرگز نه. سو اهي فقط ڳالهيون وڃي رهيون آهن . . . عرب صدين کان سخت جان Rough ۽ Tough سمجهيو ويندو هو پر اهو هاڻ نازڪ مزاج، عياش ۽ سست ٿي پيو آهي. هن کي پنهنجي ئي پيٽرول جي دولت Hostage بنائي ڇڏيو آهي. اسان هر وقت آمريڪا جهڙي پاور جي هٿ هيٺ آهيون. پنهنجي عياشي قائم رکڻ لاءِ هر وقت هن اڳيان فقيرن وانگر جهولي جهلي بيٺا آهيون. غلط يا صحيح جيڪي آمريڪا چئي ٿو ان کي مڃڻ لاءِ تيار آهيون.”
• پٺيرو ويندڙ عرب کي سڃاڻڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. سعودي عرب جي شهر ينبو ۾ پهچڻ تي ٻئي يا ٽئي ڏينهن جمعو هو. پنهنجي عرب دوست سان گڏ جمعي نماز تي ويس. شهر جي رستن جي اڃان ڄاڻ نه هيم. هو به ويجهي مسجد ۾ وٺي وڃڻ بدران ڪار ۾ هڪ ڏورانهين ۽ وڏي مسجد ۾ وٺي هليو. اسان دير سان پهتا هئاسين ۽ سٺي مسجد نمازين سان ڀرجي چڪي هئي. آئون ورانڊي ۾ ئي هڪ ٿنڀي وٽ ٽيڪ ويهي رهيس. جبي ۾ منهنجو عرب دوست وڌيڪ بهتر جاءِ جي ڳولا ۾ اندرين هال ۾ هليو ويو جتي ايئرڪنڊينشنر هلي رهيا هئا. نماز ختم ٿيڻ بعد پنهنجي عرب دوست کي ڳولڻ مسئلو ٿي پيو. آئون پٺيان هوس اڳيان بيٺل سوين عرب سڀ هڪ جهڙا لڳي رهيا هئا. سڀني کي اڇا جبا ۽ اڇا (يا ڳاڙها) رومال هئا. اسان وٽ ته سڃاڻڻ سولو آهي. ڀلي کڻي ڪو پٺيرو پيو وڃي. ڪپڙي جي رنگ مان کيس سڃاڻي سگهجي ٿو. مٿي تي رکيل ٽوپي يا رومال جي رنگ يا ڊزائين مان. جي مٿو اگهاڙو آهي ته سندس وارن جي سينڌ ۽ شيپ مان ( لسا آهن يا گهنڊيدار، ٿورا آهن يا گهڻا) وغيره. پر پٺيرو ويندڙ عرب ۽ رڍن جي ڌڻ ۾ ڪنهن جي سڃاڻپ ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. مون سان به ان ڏينهن مسجد ۾ اها جٺ ٿي. پوءِ عرب دوست کي ڳولڻ بدران مسجد جي ٻاهران اچي بيٺس جتي هن پاڻ مونکي ڳولي لڌو.
• جيتريون ڪڪڙيون عرب کائين ٿا لڳي ٿو ته قيامت کان اڳ، بلڪه گهڻو گهڻو اڳ، هن جهان مان ڪڪڙين جا نسل غائب ٿي ويندا.
• عرب دنيا ۾ حقي جو استعمال به تمام گهڻو ٿئي ٿو. ڪيترن ئي گهرن ۾ حقو نظر اچي ٿو. ڪچهري دوران يا مانيءَ بعد هر هڪ ڦوڪ ڀريندو رهي ٿو. يورپين ۽ جپانين عربن جو اهو شوق پورو ڪرڻ لاءِ مختلف رنگ، شڪلين ۽ سائيزن ۾ چلمون ٺاهيون آهن. جيڪي چلمون گهٽ مڪسر جيوسر وڌيڪ لڳن ٿا. ڦوڪ ڀرڻ لاءِ نڙ اسان جي سنڌي چلم وانگر ڊگهو ڏنڊي جهڙو هجڻ بدران پلاسٽڪ جي پائيپ وانگر ڊگهو ۽ لچڪيدار (Flexible) آهي، جنهن کي ڦوڪ ڀرڻ بعد حقي جي چوڌاري ويڙهي رکيو وڃي ٿو. جنهن گهر ۾ آئون رهان ٿو، انهن جي حقي جو نڙ ٻٽي پائيپ جو آهي. يعني نڙ مٿان هڪ ٻيو ويڪرو پائيپ چڙهيل آهي جيئن حقو ڇڪڻ وقت ان جو دونهون ڦڦڙن تائين ان ئي ٽيمپريچر تي پهچي جنهن تي چلم جي ٽوپيءَ مان نڪري رهيو آهي. يعني مٿيون ويڪرو پائيپ Insulation جو ڪم ڪري ٿو. پهرين ڏينهن ان ويڪري پائيپ واري حقي کي مون Vaccum Cleaner سمجهيو هو.
حقي جو استعمال نه فقط گهرن ۾ پر خاص خاص هوٽلن ۽ ڪلبن ۾ به هلي ٿو. هڪ دفعي منهنجو هڪ عرب دوست لنڊن جي هڪ اهڙي گهٽي ۾ وٺي هليو هو جتي رڳو عربن جون ريسٽورنٽون هيون ۽ هر ريسٽورنٽ ۾ پنج ڇهه حقا رکيل هئا.
• هتي سعودي عرب ۾ اچي ڪن ڪن ڳالهين تي تعجب لڳم. مون سمجهيو ته هتي سعودي عرب ۾ قريشي، صديقي، فاروقي، عثماني ذاتين وارا ڪيترائي ماڻهو هوندا. اهي ذاتيون اسان وٽ اوچي درجي جون تصور ڪيون وڃن ٿيون يا گهٽ ۾ گهٽ اوچي هجڻ جو Image ڏنو وڃي ٿو. پر هيڏانهن ته اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي. ساڳي طرح سيد ذات آهي. هند سنڌ ۾ جيترا سيد نظر اچن ٿا ان حساب سان ته مون سمجهيو اڌ عربستان سيد هوندا جو ظاهر آهي سڀ سيد هند ۽ سنڌ ۾ ته نه لڏي آيا هوندا. پر هتي ان بابت به نااميدي ٿي. اهڙي طرح شيخ ذات. هتي مسجد جي امام کي الشيخ چيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڪيترا اهڙا به شيخ نظر ايندا جن سواءِ عيد نماز جي مسجد جي چانئٺ نه ٽپي هوندي، جيتوڻيڪ شيخن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هنن جا وڏا عربستان کان آيا يا هندن مان مسلمان ٿيا. ٻنهي صورتن ۾ کين وڌيڪ نيڪ نمازي هجڻ کپي. بهرحال ملائيشيا وانگر هتي سعودي عرب ۾ پڻ اها ڳالهه آهي ته نيڪ ان کي سڏيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو جيڪو نيڪ آهي ۽ نه جنهن تي شيخ، سيد يا قريشي صديقي جي ليبل لڳل آهي.
• اسان وٽ تسبي کي چمڻ يا قرآن شريف تي ٽي ٽي چار چار پوٽڙيون چاڙهڻ کي ئي اهم سمجهيو وڃي ٿو. ان بابت هتي جي هڪ عرب مولويءَ سمجهايو ته تسبيءَ يا مصلي کي چمڻ يا سيني سان لائڻ سان ثواب نٿو ملي. پر ان جي پڙهڻ ۽ ان تي ويهي عبادت ڪرڻ سان ثواب ملي ٿو. ساڳي طرح قرآن مٿان ڏهه پوتڙيون چاڙهي مدن يا ڪٻٽ مٿان رکي ڇڏڻ کان بهتر آهي ته ان کي پڙهجي. اڃان به بهتر آهي ته ان جي معنى سمجهجي ۽ ان ۾ ٻڌايل ڳالهين تي عمل ڪجي.
• هڪ عرب پڇيم : “ تون پڪو پاڪستاني آهين؟”
“ ڇا مطلب؟” مون ڳالهه نه سمجهي وڌيڪ پڇيومانس.
“ منهنجو مطلب آهي،” هن ٻڌايو ، “ ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي پاڪستاني سڏائين ٿا، پر آهن افغاني. هنن هتان هتان پاڪستاني پاسپورت هٿ ڪيو آهي. انهن ئي ڪافي پرابلم پيدا ڪيا آهن.”
• اڳ ۾ رڳو United Kingdom ٻڌبو هو يعني برطانيا. ان بعد ٿائلنڊ وارن پنهنجي ملڪ کي Kingdom of Thailand سڏائڻ شروع ڪيو. هاڻ وري سعودي عرب جي حاڪمن کي شوق کنيو آهي ڪنگڊم آف سعودي عرب (المملڪة العربيہ السعود) سڏائڻ جو. ان ڏينهن پوسٽ آفيس تان خط وٺڻ ويس ته پوسٽ ماستر تاڪيد ڪئي ته ان پاڪستاني خط لکندڙ کي آئون ٻڌائي ڇڏيان ته هن ملڪ جو نالو ٺلهو سعودي عربيہ نه لکي بلڪ Kingdom of Saudi Arabia لکي. “ جي سائين” ڪري جان ڇڏايم ۽ پنهنجو رجسٽرڊ خط ورتم. هاڻ هن مئٽرڪ فيل عرب پوسٽ ماستر کي ڇا ٻڌايان ته اڄ ڪلهه جڏهن هر ملڪ جو عوام جمهوريت چاهي ٿو، اتي پنهنجي ملڪ کي ڪنگڊم سڏائڻ گار برابر ئي لڳي ٿو.
• لڳي ٿو ته انگلنڊ ۽ يورپ ۾ ايڏي بيروزگاري وڌي وئي آهي جو اتي جا گورا سعودي عرب ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ اهڙو ڇتا ٿي پيا آهن، جو ٽي يا چئين هزار ريالن ۾ انجنيئري يا ڊاڪٽري پيا ڪن. اهڙي صورت ۾، ۽ اهوئي سبب آهي جو هاڻ پاڪستان جهڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ هتي سعودي عرب ۾ سپروائيزري، ڊرائيوري، مڪينڪ ۽ مزوري جهڙيو ٻارهين سؤ ۽ هزار ريالن واريون نوڪريون وڃي بچيون آهن. پر هاڻ ڏسندي ئي ڏسندي اهي به ختم ٿينديون وڃن جو هڪ ته عربن جا پنهنجا خرچ وڌي ويا آهن، گلف واري جنگ ڪري سعودي عرب تي قرضن جا ڪوٽ چڙهي ويا آهن، ظالم وڏيري وانگر ڪيترن عربن کي مزور يا پورهيت کي پورو اجورو ڏيندي ٻرو چڙهي ٿو ۽ وڃن ڏينهون ڏينهن ڪنجوس ٿيندا ۽ وڏي ڳالهه تي هنن پاڪستانين کان به وڌيڪ غريب، زماني جا ستايل ۽ مجبور ماڻهو ڳولي لڌا آهن ۽ هزار ٻارهن سؤ بدران هنن کي ست سؤ اٺ سؤ ريالن تي بنگلاديش، سري لنڪا، برما ۽ ڏکڻ هندستان جا ماڻهو مليو وڃن.
• عرب اڇي رنگ جي اوچي ڪپڙي جو جبو پائين ٿا. اسلام ۾ مرد کي سون پائڻ کان منع ڪيو ويو آهي، پر ڪيترن عربن کي سوني واچ، سوني منڊي ۽ سونا ٻيڙا عام آهن. عربي پڙهيل هجي يا اڻ پڙهيل بدو، پر اوچي انڊپين کيسي ۾ رکڻ جو شوق ڪندو، پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته پيرن ۾ بوٽ پائڻ بدران چمپل پائي ٿو ــــ سو به ڪيترن کي ڇنل يا بي ڊولو هوندو. اڌ پير ۾ اڌ پير کان ٻاهر. ٿورو ئي Nervous ٿيڻ تي عرب سگريٽ ڪڍي دکائيندا يا تسبيءَ جا ڪڻ تکو تکو سوريندا يا وري مٿي تي ٻڌل رومال جا پلئه هيڏانهن هوڏانهن ائين پيا درست ڪندا جيئن عورتون هر هر گسڪندڙ پوتيءَ کي مٿي تي ٺاهينديون آهن.
• هيترا سال بلڪ صديون گرميءَ ۾ گذارڻ بعد هاڻ عربن جي عياشي ٿي آهي. پيٽرول جي پئسن مان هنن دنيا جو هر سک ماڻڻ شروع ڪيو آهي. اهو سک ۽ عياشي ڪو ٽيهه پنجٽيهه سالن کان شروع ٿيو آهي نه ته پٺتي سوين سال هليو وڃجي ته سعودي عرب رڳو ريتي ۽ رڻ پٽ هو. ماڻهو ٻاڙي پاڻي لاءِ به سڪندا رهيا. چين توڙي هند سنڌ ۾ صدين کان ويندي موهن جي دڙي جي ڏينهن کان درياهه وهيا ٿي. وڻڪار ۽ بارشون هيون. پوکون ۽ پکي هئا. کائن، شڪار ۽ سواري لاءِ انيڪ جانور ۽ رهائش لاءِ سهڻيون جايون هيون، پر هتي عربستان ۾ ڪجهه به نه هو. سو هاڻ جي عرب پيٽرول جي دولت تي عيش ڪن ٿا ته ڀلي ڪن. هر هڪ پنهنجي پر ۾ لئه ڪئي آهي ۽ ٻئي کي پڇيو ناهي.
هڪ ڳالهه عربن جي تعريف واري خاني ۾ ضرور لکجي. جڏهن سعودي عرب، ڪويت پاسي ڏکيا ڏينهن هئا. گرمي، لڪون ۽ ڌوڙ هئي. رڳو گدرن، ڪتل ۽ ڌوري تي گذر هون ته به هو ٿرين وانگر پنهنجي ئي ماڳ تي رهيا. ائين نه ته هاءِ گهوڙا ڪري پنهنجو وطن ڇڏيائون ٿي. آمريڪا وڃڻ لاءِ گرين ڪارڊ هٿ ڪيائون ٿي.
• سعودي عرب ۾ ڀاڄي ڪچي کائي وڃي ٿي. ڪابه ڀاڄي ڪٿي به رڌل نظر نٿي اچي سواءِ واڱڻن پٽاٽن جي. اسان وٽ ته ٽماٽن ۽ پتائي گجرن کي به رڌي رڌي چٽڻي ڪيو وڃي ٿو.
• اڄ پاڪستان کان هڪ همراهه فون ڪري مونکان صلاح ورتي ته جيڪر هو پاڪستان کان سعودي عرب بسڪيٽ Export ڪري ته ڌنڌو ڪيئن رهندس.
اسان جي ماڻهن جي معلومات ڪيتري گهٽ آهي. اهو ارادو هو ڏهه پنڌرهن سال اڳ ڪري ها ته ڪا ڳالهه هئي. هينئر هتي سعودي عرب ۾ هر شيءِ جون اهي اهي فئڪٽريون کلي ويون آهن جيڪي معيار ۽ قيمت ۾ اسان کان بهتر شيون ٺاهين ٿيون. سعودي عرب لاءِ اها هڪ وڏي Achievement آهي ته گذريل سال هتي ايتري ڪڻڪ ٿي جو هنن ٻاهر Export ڪئي. سعودي عرب جيتوڻيڪ رڻ پٽ آهي، پر پوک ۽ مال ڌارڻ ۾ ايترو اڳتي وڌي ويو آهي جو تازو کير به هتي ئي دٻن ۾ پئڪ ٿئي ٿو ۽ اسان وٽ ملندڙ ٻاويهين رپئي وارو لٽر جو ملڪ پئڪ يا حليب ايترو سوادي ناهي جيترو هنن جو اڍائي ريالن ۾ ملندڙ سعودي نالي وارو لٽر جو دٻو. هتي مئري ٽائيپ بسڪيٽن جو پئڪيٽ هڪ ريال يعني ساڍي اٺين رپئي ملي ٿو. آئون نٿو سمجهان ته پاڪستان ۾ ايتري هوندو. ٻه سال اڳ به ڏهين رپئي هو هينئر ٻارهين تيرهن رپئي هوندو. هاڻ اهو هتي جڏهن پنڌرهن سورهين وڪيو وڃي تڏهن وڃي پاڪستاني واپاريءَ کي فائدو ٿئي. پر ايتري ۾ هتي ڪير وٺندو. ان کان ته بهتر آهي ايترن پئسن ۾ هتي جا ٻه پئڪ وٺجن جيڪي اسان جي بسڪيٽن کان وڌيڪ سوادي آهن.
• سعودي عرب به عجيب ملڪ آهي. نه برابر مينهن پوي ٿو. گرمي ئي گرمي. اس ئي اس. چوڌاري سوين ميلن تائين ريتي ۽ ڻ پٽ. ظاهر آهي نه ڪڪر گڏ ٿين نه مينهن پوي ته پوءِ فقط واري ئي واري هوندي. بهرحال سعودي عرب عجيب رڻ پٽ آهي. ڪيترا ملڪ آهن جن جي چوڌاري سمنڊ به نه آهي ته به ٻارهوئي جهڙ مينهن لڳا پيا آهن. هيڏانهن سعودي عرب سواءِ هڪ طرف جي باقي ٽن طرفن کان سمنڊن جي گهيري ۾ آهي ته به مينهن نه آهي!
• ڪيترا اهو چون ٿا ته پيٽرول سعودي عرب ۾ خوشحالي آندي آهي. هڪ ڏينهن جڏهن پيٽرول بند ٿيندو ته سعودي عرب لولو لنگڙو ٿي ويندو.
قدرت جا راز قدرت ڄاڻي ٿي. ٿي سگهي ٿو هوءَ هن پٽ تي اڃان به مهربان ٿئي. اڄ ڪلهه آهستي آهستي موسمون بدلجي رهيون آهن. جتي مينهن گهڻا پوڻ کپن اتي گهٽجي رهيا آهن. جتي ٿورا پوڻ کپن اتي هر سال وڌي رهيا آهن. ٿي سگهي ٿو هڪ اهڙو ڦيرو اچي جو سعودي عرب ۾ ملائيشيا، سري لنڪا، ڏکڻ هندستان وانگر مينهن وسڻ شروع ٿي وڃن. آخر اها قدرت جيڪا اوڏانهن مينهن وسائي ٿي هيڏانهن به وسائي سگهي ٿي. هن وقت منهنجي اڳيان سعودي عرب جو نقشو ٽيبل تي وڇايل آهي. هي سڄو ملڪ مينهن جي معمولي وسڪارن سان سرسبز سائو ٿي سگهيٿو ۽ هيڏي وڏي ايراضيءَ ۾ ٿيندڙ پوک سڄي دنيا جي ماڻهن جو پيٽ ڀري سگهي ٿي.
• ملائيشيا وانگر سعودي عرب جي اخبارن ۾ به قرآن شريف جون آيتون نٿيون ڏنيو وڃن. ڪيترو به خيال رکيو وڃي پر اخبار اهڙي شيءِ آهي جيڪا هيڏانهن هوڏانهن اڇلبي رهي ٿي ۽ اسان جي ملڪ جي اخبارن ۾ آيتون هجڻ ڪري ڪيڏي بي ادبي ٿئي ٿي.
• عرب نيوز انگريزي اخبار جو اڌ صفحو ننڍن ننڍن اشتهارن Classified Ads لاءِ وقف ٿيل آهي، جنهن ۾ بيروزگار، جن کي نوڪري جي ضرورت هوندي آهي يا اهي سيٺ ڪارخانيدار جن کي ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي، اشتهار ڏين ٿا. رهائش لاءِ جاءِ ڳولڻ لاءِ پڻ هي اشتهار مدد ڪن ٿا. جدي جهڙي وڏي شهر ۾ اڪثر ٽي چار ڄڻا گڏجي هڪ ڪمرو يا فلئٽ مسواڙ تي وٺن، پوءِ انهن مان هڪ يا ٻه ساٿي هليا وڃڻ تي وري اشتهار ڏين، جيئن ضرورتمند حصو ڏئي اچي رهي. هي اشتهار پڙهندڙن لاءِ مفت آهن. ان ڪري اهو اڌ صفحو هيشه ڀريل هوندو آهي. ڪي ته برٿ ڊي، شادي ۽ عيد جون مبارڪون به هن صفحي ذريعي پنهنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن کي موڪلين پوءِ کڻي اهي ڪيرالا يا ڪولمبو جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ رهندا هجن، جن تائين هن اخبار جي خوشبو به نه پهچندي هجي.
هڪ جائزي موجب نوڪري جي ڳولا بعد ٻي نمبر تي جنم ڏينهن جا گهڻا نياپا Greetings هوندا آهن، خاص ڪري زالن ڏي. نوي سيڪڙو ڌاريان هتي اڪيلي سر رهن ٿا. سندن فئملي پنهنجي پنهنجي ڳوٺ (وطن) ۾ رهي. اهڙن نياپن ۾ Wish you a happy married life به عجيب جملو هوندو آهي. پاڻ مڙس هيڏانهن ٻن يا ٽن سالن جو ڪانٽرئڪٽ پيو ڪري ۽ زال پنجاب يا مهاراشٽرا جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ سندس خط اچڻ جي اوسيئڙي ۾ ڪانو (يا ڪبوتر) پئي اڏائي ۽ جدي مان نڪرندڙ انگريزي اخبار ۾ هنن لاءِ “ خوشحال شادي شده زندگي” جي مبارڪن جي ڌم لڳي پئي آهي.
هڪ ٻي ڳالهه انهن ڪالمن کي پڙهڻ سان ڌيان ۾ اچي ٿي ته اسان پاڪستانين کان انڊيا جا رهاڪو هڪ ته هتي گهڻا رهن ٿا ۽ ٻيو اسان کان وڌيڪ آرگنائيزڊ آهن. هو اڪثر پاڻ ۾ ملندا رهن ٿا. اهم ڏينهن _ مذهبي توڙي ثقافتي، نه فقط پنهنجو پاڻ ۾ ملهائين ٿا پر هتي جي مڪاني عربن کي به شامل ڪن ٿا. ڪيترن عربن کي اسان کان وڌيڪ انڊيا جي ماڻهن (مسلمانن توڙي هندن) سان وڌيڪ همدرديون آهن.
عربي پڙهيو نه آهيان، ان ڪري عربيءَ جي گهڻي ڄاڻ نه اٿم _ خاص ڪري گرامر کان ته بلڪل اڻ واقف آهيان. پهريون دفعو جڏهن سعودي عرب کان آيل هڪ لفافي تي پاڪستان بدران الباڪستان ۽ ڪراچي بدران ڪراتشي پڙهيو ته تعجب لڳم ۽ ان وقت معلوم ٿيو ته پ ۽ چ جا اکر فارسيءَ ۾ ته آهن پر عربي ۾ نه آهن ۽ عربي ۾ پ بدران ب لکيو وڃي ٿو ۽ چ بدران تش.
سنڌي زبان ۾ ته ماشاالله ٻاونجاهه اکر آهن، پر عربيءَ ۾ ڪيترن اکرن جي کوٽ هجڻ ڪري ڪيترا انگريزي ۽ ٻين ٻولين جا لفظ مختلف نموني سان لکيل نظر اچن ٿا. جيئن ته اسپين کي اسبانيا سڏيو وڃي ٿو، يوگنڊا کي اوغنڊا ڇو جو عربي ۾ گ جو اکر ناهي. اهڙي طرح بنگلاديش ۽ سنگاپور جهڙا ملڪ عرب دنيا ۾ بنغلاديس ۽ سنغافوره سڏيا ۽ لکيا وڃن ٿا. ٽوڪيو طوڪيو لکيو وڃي ٿو ڇو جو عربي ۾ ٽه جو اکر نه آهي ۽ واشنگٽن جيڪو واشنغطن هجڻ کپي پر فقط واشنطن سڏيو وڃي ٿو. هانگ ڪانگ کي هانج ڪونج ۽ مالٽا بيٽ کي الجزيره مالطہ سڏيو وڃي ٿو. عربي ۾ چاڊ تشاد آهي ۽ پوءِ ڀلا “ جوتشي” ڪهڙي بلا جو نالو ٿي سگهي ٿو. هڪ عطرن، پرسن ۽ اعلى قسم جي تحفن جي دڪان ٻاهران وڏن اکرن ۾ جوتشي لکيل هو. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي. پر سندس اصل انگريزي نالو پروڙي نه سگهيس. شايد توهان ڳولي سگهو. بهرحال جوتشي اٽلي جي مشهور ڪمپني Gucci (گچي) جو نعم البدل آهي. جپان کي عرب دنيا ۾ اليابان، ملائيشيا کي مليزيا ۽ سئزرلئنڊ کي سويسرا سڏيو وڃي ٿو.
ڪن ڪن شهرن ۽ ملڪن جو عربي زبان ۾ نالو بلڪل مختلف آهي. جيئين ته ڪيرو شهر قاهره سڏجي ٿو ۽ اهڙي طرح جرمني المانيا سڏجي ٿي ۽ آسٽريا التمسا، موراڪو المغرب، انڊيا الهند ۽ ڪومرو ٻيٽ جزرر القمر سڏجن ٿا. هڪ ٻه ٻيا به اهڙا لفظ آهن جيڪي پڙهڻ سان يڪدم سمجهه ۾ نٿا اچن. شڪولاتہ چاڪليٽ لاءِ آهي ۽ شاڪاغو آمريڪا جو Chicago شهر آهي
هن شهر ينبو (ينبع) جي PIA آفيس جي الياس طارق ٻڌايو ته سال کن اڳ هن آفيس جو مئنيجر علي خان ڪلهوڙو هو. “ هو تمام پڙهيل ڳڙهيل ۽ چرچائي مڙس آهي. انهن ڏينهن ۾ تون هجين ها ته هن سان ڪچهري ڪري توکي مزو اچي ها.”
علي گل سان منهنجي هڪ بيحد مختصر ملاقات پهرين جي ضرور آهي. علي گل 1950ع ۾ حاجي دائم ڪلهوڙي ڳوٺ (تعلقي موري) ۾ ڄائو. 1972ع ۾ بين القوامي تعلقات ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ ايم.اي ڪئي. فرانس مان 1975ع ۾ ايڪس _ ان پرونس يونيورسٽي مان اتر آفريڪا جي تحريڪن جي موضوع تي Specialization ڪئي. کيس عربي، فرينچ ۽ انگريزي ٻولي اچي ٿي. پاڻ پهرين قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ هو، ان بعد PIA ۾ آيو. هو ينبو ۽ مڪي شريف ۾ ٻه ٻه سال رهي چڪو آهي. اڄ ڪلهه اسلام آباد ۾ ڪارپوريٽ مئنيجر آهي ۽ ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته جلد ئي جدي ۾ بدلي ٿيڻ واري اٿس.