جلدي جانا چاهتا هي
“ اڃان ڪيترو وقت آهي هلڻ ۾ _ ؟” مون پڇيو مانس.
“ بس ويهه منٽن بعد هلون ٿا.” هن ٻڌايو.
آئون رستو ٽپي ٻي پاسي جي هوٽلن ۽ دڪانن جو جائزو وٺڻ ويس. انهن تي به ڪاروبار هلي رهيو هو. شايد هي مسافرن جي سهوليت لاءِ هجڻ ڪري نماز واري ٽائيم تي به کليل رهن ٿا، جو ٻي صورت ۾ مسافر کي انتظار ڪرڻو پوندو ۽ هونءَ به سفر ۾ نماز مختصر ڪرڻ جي سهوليت مليل آهي.
آئون پندرنهن ويهه منٽ چڪر هڻي موٽيس. رستي تي اڏامندڙ واري بوٽ اندر گهڙي وئي. بوٽ کي ڇنڊي پير ڌوتم ۽ پوءِ ڊرائيور کان هلڻ جو پڇيم. هن مونکي پير ڌوئيندو ڏسي سمجهيو ته آئون نماز پڙهڻ چاهيان ٿو سو تنهن وڏي دل سان چيو.
“ سائين ڀلي نماز پڙهو. مونکي به پڙهڻي آهي. اڃان ڏهه منٽ آهن.”
“اها به ڳالهه صحيح آهي، “ مون دل ۾ سوچيو، “بوٽ ته هونءَ ئي آلو ٿيو ان کان وضو ڪري نماز پڙهي وٺجي.”
هوٽل جي ڪنڊ ۾ کروت ٺهيل هو جنهن ۾ ٽي ٽي چار چار ماڻهو ٿي نماز پڙهي رهيا هئا. مون، ڊرائيور ۽ هڪ ٻن ٻين نماز پڙهي. الله ڊرائيور جي من ۾ وڌي يا سندس اڳهين اهو پروگرام هو جو نماز بعد وڌيڪ ويهه مينٽ ترسڻ بدران اچي بس (ڪوچ) ۾ ويٺو. ڳڻيون ته هڪ همراهه کٽل جنهن جي خبر سولائيءَ سان پئجي وئي ته فلپينو کٽل آهي، جيڪو ورڪ شاپ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ٻئي فلپينو وٽ ڪچهري ۾ ويهي رهيو هو. ٻه چار هارن ڏيڻ تي هو وريو ۽ اچي منهنجي ڀرسان ويٺو.
“ ايئرپورٽ تي خير ۾ هلي رهيو آهين؟” مون کانئس پڇيو، “ڪنهن سان ملڻ لاءِ، ڪنهن کي خدا حافظ چوڻ لاءِ يا تون پاڻ پيو وڃين؟”
“ آئون پاڻ منيلا پيو وڃان پر خبر ناهي منهنجي اڏام ڪنهن وقت آهي.” هن چيو.
“ٽڪيٽ تي ڏس. اڏام جو وقت لکيل هوندو.” مون چيومانس.
“ ٽڪيٽ ۽ پاسپورٽ ڊرائيور وٽ آهي. خبر ناهي ڇو نٿو ڏئي.” هن چيو.
مون اڳيان ويٺل ڏاڙهي واري نوراحمد کان پڇيو ته هن جو پاسپورٽ وغيره ڊرائيور وٽ ڇو آهي.
“ اهي ماڻهو جيڪي نوڪري جو مدو پورو ڪري وڃي رهيا آهن يعني (خروج) (ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ) وارا آهن انهن جا پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽون ايئر ڪمپني ڊرائيور حوالي ڪندي آهي، جيڪو ايئرپورٽ تي پهچي اهي ۽ ماڻهن جون ٻانهون اميگريشن آفيسر حوالي ڪندو آهي. جيڪو پاسپورٽ تي Exit جو ٺپو هڻي مسافر کي جهاز واري پاسي ڪندو آهي جيئن اتان هو پنهنجي ملڪ هليو وڃي ۽ سندس لڪي يا ظاهر ظهور ڀڄي سعودي عرب جي سرزمين تي موٽڻ نه ٿئي.” هن مونکي اڙدوءَ ۾ ٻڌايو، جيڪو مون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري هن فلپينو همراهه کي ٻڌايو. اهو پڻ ڊرائيور جي ٻڌائڻ تي اطلاع ڪيومانس ته اڏام ڏهين بجاءِ دير سان ٿيندي.
رستي تي لڳل بورڊ وٽان لنگهندي مفاصلو پڙهيم. رابغ شهر اچڻ ۾ هاڻ ڏهه ڪلوميٽر هئا. جدي ۾ 170، مڪي لاءِ ٻه رستا ويا ٿي هڪ جدي مان ٿيندو جيڪو اڍائي سؤ ڪلوميٽر هو ۽ ٻيو رابغ شهر کان پوءِ جدي کان گهڻو اڳ کاٻي ڏي مڙي ويو ٿي، جنهن رستي ذريعي مڪو ٻه سؤ کن ڪلوميٽر هو.
رکي رکي رستي تي ننڍا بورڊ نظر آيا ٿي، جن تي الله اڪبر، الحمد الله، سبحان الله، استغفرالله، بسم الله جهڙا لفظ لکيل هئا. يعني سفر دوران پنهنجو وقت الله جي ذڪر ۾ گذاريو. ڪٿي ڪٿي خبرداريءَ سان گاڏي هلائڻ جي تاڪيد جو بورڊ نظر آيو ٿي، جيئن پاڻ وٽ هاءِ وي تي لکيل آهي.
The life
You save
May be
Your own.
يا “ ٻه ٻار اکين جا ٺار،” اهڙي طرح سعودي عرب جي هاءِ وي تي اڪثر هن قسم جا عربي ۽ انگريزي ۾ لکيل بورڊ نظر اچن ٿا:
السرعته قاتلته _ رفتار قاتل آهي.
Are you
Buckled up?
I am.
يا “ مونکي رفتار سان پيار ناهي” پيار لفظ بدران دل جي شڪل يعني ابتو “لال پان” ٺهيل. پر رستي تان لنگهندڙ هر گاڏي ڪجهه ٻي ئي ڪهاڻي ٻڌائي ٿي ته هتي هر هڪ تيز رفتار چاهي ٿو. هر گاڏي زوڪاٽ ڪندي لنگهي ٿي. جلدي جانا چاهتا هي الله ميان ڪي پاس، منهنجي پويان ويٺل ڪوهه مري جي عارف هڪ تيز رفتار ڪار کي اوور ٽيڪ ڪندي وقت چيو. هڪ ٻيو بورڊ به ٻه ٽي دفعا نظر آيو، جنهن تي ٽن سٽن ۾ لکيل هو “خطر، خفف سرعته، عبور شا حنات” معنى نٿي اچيم، پر سمجهان ٿو ته اهو به رفتار گهٽائڻ لاءِ آهي.