39
“ڌيءُ مان ائين توکي ڪيئن ڇڏيان. وري تون ڪنهن ظالم جي ور چڙهي وئينءَ ته مان قيامت جي ڏينهن پنهنجي الله کي ڪهڙو جواب ڏينديس، ته مان پنهنجي ڌيءُ جي حفاظت به نه ڪري سگهيس.” رحمت به حاجره جي ڪيفيت کان واقف هئي پر هوءَ هن کي اڪيلو نه پئي ڇڏڻ چاهي.
“ڪهڙيون پيون ڳالهيون ڪيو ماءُ ڌيءُ پاڻ ۾؟” ايتري ۾ وريام به گهر اچي ويو.
“تنهنجي ڌيءُ هاڻي وڃڻ جون ڳالهيون پئي ڪري.” رحمت وريام کي ٻڌايو.
“توکي ڇڏڻ تي دل ته ڪڏهن نه چوندي، پر امڙ تنهنجي دل چوي ٿي ته پوءِ مان نه جهليندس. پر هڪ ڳالهه اٿئي اسان کي نه وسارجانءِ.” وريام حاجره کي چيو.
“مان توهان کي ڪيئن وساريندم بابا، پر منهنجي امان جو هُتي الائي ڪهڙو حال ٿيو هوندو، بس هاڻي ڪجهه به ٿي مان ان وٽ پهچڻ ٿي چاهيان.” حاجره ڏک وچان چيو.
“وڏيري مان ڪجهه ڏينهن کان سوچيان پيو ته يڪو سچل سائينءَ ڏي ڀيرو نه ڪيو آهي، ائين نه ڪجي ته حاجره کي پنهنجي امڙ وٽ ڇڏي پوءِ اسان حاضري ڀرڻ هلون. من نه من هن دفعي جهولي ڀرجي.” وريام، رحمت سان پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو.
“ها اهو صحيح آهي ان بهـاني حاجره ڌيءُ جو گهر به ڏسي وٺنداسين، پوءِ ڪڏهن ڪڏهن هن سان ملڻ هلنداسين.” رحمت چيو.
“پوءِ امان گهر ۾ اڪيلي هوندي؟” حاجره وريام جي ماءُ جي نالي پڇيو.
“امان کي پنهنجي ڀيڻ جي گهر ڇڏينداسين، اها هن ڳوٺ ۾ ئي رهندي آهي.” رحمت چيو.
حاجره جي لاءِ ته هڪ هڪ گهڙي ڄڻ سال جي برابر ٿي ويئي هئي.پنهنجي ڳوٺ وڃڻ جي خوشيءَ ۾ هن کي سڄي رات ننڊ ئي نه آئي.
صبح جو هن وريام ۽ رحمت کان به اڳ ۾ اٿي ناشتو ٺاهيو، پوءِ هنن ٻنهي کي اٿاريو.
“ڌيءُ تنهـنجو منهن ته اڄ خوشيءَ مان ٻـهڪي رهيو آهي.” رحمت ماني جو گرهه وات ۾ وجهي لسي ڍڪ هڻندي چيو.
“الله اسان جي ڌيءُ کي هميشه ائين ئي خوش رکي.” وريام دعا ڏني.
“اسان ڇا تي هلنداسين؟” حاجره هنن کان پڇيو.
“ڳوٺ مان گڏهه گاڏي تي هلنداسين، توکي تنهنجي ڳوٺ ڇڏي پوءِ شهر ۾ گڏهه گاڏو مان پنهنجي هڪ سڃاڻ واري وٽ بيهاريندس، پوءِ اتان اسان گاڏي تي وينداسين سائينءَ جي درگاهه.” وريام حاجره کي سفر جا تفصيل ٻڌايا
“هلو هاڻي نڪرڻ واري ڪيو.” رحمت اٿي ۽ هلڻ لاءِ چيائين.
“ها مان گڏهـ گاڏو تيار ڪيان ٿو، توهان امان کي وٺي ٻاهر اچو.” وريام ٻاهر هليو ويو.
حاجره وڏي چادر پائي رحمت ۽ ان جي سس سان گڏ ٻاهر آئي. ان جي سس کي ڳوٺ ۾ ئي ان جي ڀيڻ وٽ ڇڏي هو ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيا.
حاجره جي دل ۾ خوشي ته هئي پر پوءِ به هن کي ڊپ هو ته خبر ناهي ڳوٺ وارا هن کي ڇا چوندا.
منجهند ڌاران هو ڳوٺ پهتا، ڳوٺ جون گهٽيون اڄ خالي خالي هيون، انهن ۾ موت جهڙي خاموشي هئي. حاجره جي دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي. هن کي لڳو بس ٿوري ئي دير ۾ هن جي دل ٻاهر اچي ويندي.
وريام، حاجره جي گهر جي دروازي وٽ گڏهـ گاڏو بيهاريو. حاجره هيٺ لهي دروازي ڏانهن ڏٺو ته ان کي تالو لڳل هو. گهڙي پل لاءِ هن جي دل جي ڌڙڪن رڪجي ويئي.
“الله خير ڪري امان ۽ ادا ڪيڏانهن ويا.” حاجره چيو.
“ڌيءُ ڳوٺ ۾ ٻيو ڪو مائٽ آهي تنهـنجو؟” وريام حاجره کان پڇيو.
“ها، منهنجي پُڦي جو گهر آهي.” حاجره ٻڌايو.
“پوءِ انهن ڏي هلي پڇون ٿا.” وريام صلاح ڏني.
حاجره پنهنجي چادر سان منهن ڍڪي ڇڏيو، هوءَ نه پئي چاهي ته ڳوٺ ۾ ڪوئي به هن کي ڏسي سڃاڻي وٺي. هن جي دل کي وسوسن گهيري وڌو هو.
پنهنجي پُڦي جي گهر پهتي ته ان جو گهر به بند لڳو پيو هو.
وريام لهي پاڙي جي ماڻهن کان پڇيو پر انهن کي ڪا خبر نه هئي، ته هو ڪيڏانهن ويا آهن.
حاجره کي سمجهه ۾ نه پيو اچي، ته سڀ ڪيڏانهن هليا ويا. هوءَ حويلي وڃڻ ته سوچي به نه پئي سگهي ۽ هن کي پنهنجي ڀاءُ جي شهر واري گهر جي به ڪا ڄاڻ نه هئي.
هن جي اکين مان ڳوڙها مينهـن وانگي وسڻ لڳا. هوءَ پنهنجن جي وچ ۾ پهچي ويئي هئي پر پوءِ به هوءَ هنن ڏانهن وڃي نه سگهي.
هوءَ وريام ۽ حاجره سان گڏ ئي هلي آئي. هن ائين ٿي ڀانيو ڄڻ هتي هاڻي سڀني گهرن جا دروازا هن لاءِ بند ٿي ويا آهن.
“ڌيءُ تون نااميد نه ٿي، سچل سائين تي هلون ٿا نه، ڏسجانءِ هو تنهنجون سڀ سَڻايون ڪندو.” رحمت، حاجره کي ڀاڪر پائي دلاسو ڏنو.
“منهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي سڀني گناهن جي سزا شايد الله سائين منهنجي تقدير ۾ لکي ڇڏي آهي.” حاجره سوچيو.
شهر پهچي وريام هن ٻنهي کي بس اسٽينڊ تي بيهاري پاڻ وڃي گڏهه گاڏو بيهاري آيو.
اتان وين ۾ ويهي، هو لاڙڪاڻي لاءِ روانا ٿيا. حاجره جو ذهن اڃا تائين پنهنجي گهر جي لڳل تالي ۾ اٽڪيل هو. جڏهن کان هن کي خبر پئي هئي ته هوءَ سردار بهرام خان جي ناجائز ڌيءُ آهي. تڏهن کان هيءَ سردار بهرام خان کان سخت نفرت ڪندي هئي پر اڄ هن کي پنهنجي ماءُ سميت سڄي دنيا کان نفرت ٿيڻ لڳي.
“آخر مون کي پيدا ڪرڻ جو تنهنجو مقصد ڪهڙو هو. جيڪڏهن مان هڪڙيءَ کي پيدا نه ڪرين ها ته تنهنجي ڪاروهنوار ۾ ڪهڙو فرق اچي وڃي ها.” هن جي رڳ رڳ الله سائين کان شڪايت ڪري رهي هئي ته حاجره پنهنجي خلقيندڙ سان شڪايت ڪئي.
“مشڪل وقت ۾ گهڻا ماڻهو پنهنجي رب کان پري ٿي ويندا آهن پر ڪي چند ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي ان جي ويجهو اچي ويندا آهن. اهو ئي اهو وقت هوندو آهي، جڏهن الله بندي جي دل ۾ ان جي يقين کي جاچيندو آهي.
ادا ۽ حسينه جي گناهه جي سزا توکي ڪڏهن به نٿي ملي سگهي، نه ئي توکي انهن کان نفرت ڪرڻ گهرجي پر اڃا به جيترو ٿي سگهي تون انهن جي لاءِ بخشش جي دعا ڪندي ڪر.” حاجره کي اچانڪ شهلا جي چيل ڳالهه ياد اچي ويئي.
هن پهريون دفعو جڏهن زينب ۽ شهلا جي سامهون بهرام خان لاءِ نفرت جو اظهار ڪيو هو، تڏهن هن کي شهلا سمجهايو هو.
ان جي سمجهائڻ کان پوءِ هن جي دل مان بهرام خان کان نفرت ته نه نڪري سگهي هئي پر پوءِ هوءَ حسينه ۽ پنهـنجو پاڻ سان نفرت نه ڪندي هئي. پر ايتري عرصي کان پوءِ هن کي الائي ڇا ٿي ويو هو جو هوءَ الله جي طرفان آيل ان آزمائش ۾ صبر نه پئي ڪري سگهي.