شخصيتون ۽ خاڪا

ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن

ڪتاب ”ماڻھو جيڪي مرڻا ناھن“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڊونلڊ ڪلراس پيٽي جي لکيل ڪتاب Lives of Destiny جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي. ھو لکي ٿو:
”موزارٽ، ليونارڊو ۽ مائيڪل اينجليو اهي شخصيتون آهن جيڪي هڪ ”ديو“ جيان منهنجي سوچن جي بوتل ۾ سالن کان بند هيون. مون نو سال اڳ انهن جو اظهار مختصر نموني ڪيو هيو. مون جڏهن ڊونالڊ ڪلراس پيٽيءَ جو ڪتاب Lives of Destiny پڙهيو هيو ته ان جي لکڻيءَ مونکي ايترو متاثر ڪيو جو مان لکت ۽ گفتگوءَ ۾ پيو ان جا حوالا ڏيندو هوس. ان ساڳي ڪتاب مان ڪجهه چونڊ شخصيتن جو ترجمو ڪري اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان.“
  • 4.5/5.0
  • 3995
  • 1486
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن

مائيڪل اينجلو

تختن جي ڊگهي ڀت پويان جيڪي ڪجهه ٿيندو هيو ان باري ۾ فلورنس جي باشندن کي ڪا به خبر نه هئي. ڪيترن سالن تائين اتان لنگهندڙ ماڻهو صرف لوهه جي ڇيڻيءَ مٿان هٿوڙي جي جهنڪار ٻڌندا هيا. ڪڏهن پٿر مٿان زور سان لڳندڙ ڌڪ ڪري ان جا ننڍا ذرا برف جي ڳڙي وانگر هيٺ وسندا هيا. هڪ دفعي ان شخص جنهن کي ڪجهه دير اندر وڃي ڏسڻ جي موڪل ملي هئي، ٻاهر اچي ماڻهن کي ٻڌايو ته ”هو پنهنجي ڪم ۾ جوش ۽ جذبي سان مهو آهي، هو ايترو ته تيزي ۽ زور سان پٿرن کي ڇلي رهيو آهي، جو محسوس پيو ٿئي ته اهو پٿر ٽڪجي ذرا ذرا ٿي ويندو پر هن جو هٿ تمام نفاست سان پٿر کي ڇليندو، جيئرن عضون کي ظاهر ڪندو پيو وڃي“.
فلورنس جي ماڻهن کي اها خبر هئي ته اهو سنگمرمر جو ٽڪرو تباهه ٿي چڪو آهي، ان کي وڌيڪ گهڙڻ وقت جو زيان آهي. گهڻو عرصو ٿيو جڏهن هڪ مڏي سنگتراش ان پٿر جي ٽڪر کي بي ڍنگيائيءَ سان تراشي وڃائي ڇڏيو هيو ۽ اهو ان ڪم کي مڪمل نه ڪري سگهيو هيو. پٿر جي ٽڪري تي هيٺ هن ٽڪنڊي نما هڪ وڏو گهاءُ ٺاهي ان کي زيان ڪري ڇڏيو هيو ۽ جڏهن ان سمجهيو هيو ته پٿر بيڪار ٿي چڪو آهي تڏهن اهو ڪم اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو هيو.
فلورسن وارا ان اڌ گهڙيل بيڪار مرمر جي ٽڪري کي ”ديو“ جي نالي سان سڏيندا هيا، اهو حڪومت جي اڏاوتن واري محڪمي وٽ پيو هوندو هيو. ڪيترن ئي فنڪارن بعد ۾ ان پٿر جي ناقص ٽڪري کي سنوارڻ لاءِ سوچيو، پر اهو ٽڪر ائين ئي سو سالن تائين محڪمي وٽ پيو رهيو ۽ هر ڪو ان کي اهڙي ”ديو“ سان تشبيهه ڏيندو هيو جيڪو ڪنهن جي قابوءَ ۾ اچڻ کان زور هيو.
آخرڪار 13 سيپٽمبر 1501ع ۾ سومر جي ڏينهن صبح جو ”مائيڪل اينجيلو بوناروتي“ هٿ ۾ ڇيڻي ۽ هٿوڙو کڻي ان ”ديو“ سان مقابلي لاءِ اڳتي وڌيو. چئن سالن تائين هن صبح شام ان تي محنت ڪئي، جڏهن ججن جي ڪاميٽي هن جو ڪم ڏسڻ آئي ته انهن چار سو سونا فلورنس هن کي انعام طور ڏنا ۽ هن کي اهو اختيار پڻ ڏنائون ته هو پنهنجي تخليق کي نصب ڪرڻ لاءِ شهر ۾ ڪنهن مناسب هنڌ جي چونڊ ڪري. مائيڪل اينجيلو پنهنجي تراشيل شاهڪار لاءِ فلورنس جي سڀ کان نمايان جاءِ قديم شاهي محلات جي سامهون واري چوواٽي جو انتخاب ڪيو. جڏهن مجسمو تيار ٿي ويو ته ان کي فلورنس جي وروڪڙ کائيندڙ سنهڙين گهٽين مان ٽپائي پنهنجيءَ جاءِ تائين آڻڻ هڪ مسئلو بنجي ويو. اٽڪل چاليهه ماڻهن ڪاٺ جي پلين تي ان مجسمي کي ڇڪي بيهاريو ۽ پوءِ هڪ جلوس جي شڪل ۾ اهو اڳتي وڌڻ لڳو. جلوس ۾ شامل ماڻهو هڪٻئي جي همٿ وڌائيندا، خوشيءَ مان شرنايون وڄائيندا اڳتي وڌندا ويا. شهر جي دروازي جو هڪ تاڪ ڀڳو ويو جيئن ان مجسمي کي آسانيءَ سان ان مان گذاري سگهجي. ڪاٺ جي پلين جا چيڪاٽ فلورنس ۾ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيا ۽ ان سست عمل ۾ اٽڪل چار ڏينهن لڳي ويا، جنهن کان پوءِ مجسمي کي پنهنجيءَ جاءِ تي نصب ڪيو ويو.
حضرت دائود جو مجسمو جيڪو بلڪل اگهاڙو هيو ۽ پنهنجي دشمن جالوت تي نظرون کپايو بيٺو هيو، ان جي پهريداريءَ لاءِ ڪجهه ماڻهو بيهاريا ويا، ڇو جو ڪجهه تعصبي قسم جا مذهبي ماڻهو ان اگهاڙي مجسمي کي تباهه ڪرڻ لاءِ نفرت مان پٿر اڇلائيندا هيا. حضرت دائود جو مجسمو مائيڪل اينجيلو جي شاهڪارن مان هڪ آهي. مرمر جو اهو بيڪار ٽڪر جنهن تي گهڻن ئي فنڪارن قسمت آزمائي ڪئي هئي، مائيڪل اينجيلو جي هٿان گهڙجي صاف ٿي دنيا جو هڪ عظيم شاهڪار ٿي پيو هيو. پٿر جي هيٺين حصي تي ٺهيل ٽڪنڊي نما گهاءَ ٻن مضبوط ٽنگن جي وچ واري فاصلي ۾ تبديل ٿي چڪو هيو. اها ڇيڻي جيڪا بظاهر پٿر تي بي احتياطي ۽ بي درديءَ سان هلي رهي هئي، ان اصل ۾ تمام نفاست ۽ سليقي سان مجسمي جي هر مُشڪ ۽ رڳن کي تراشي نروار ڪيو هيو، جيئن واقعي ئي انهن رڳن ۾ خون گردش ڪندو هجي. مائيڪل اينجيلو جي ٻين تخليقن وانگر ”ڊيوڊ“ (حضرت دائود جو مجسمو) به جيئري حقيقت جيان اڄ به سلامت آهي، جيئن اڄ کان اٽڪل ساڍا چار سئو سال پهريون هيو.
مائيڪل اينجيلو بوناروتي 1475ع ۾ ڪيپريز جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو جتي ٽائبر درياهه اٽليءَ جي وچ مان لنگهي ٿو. هن کي کير پيئارڻ لاءِ هڪ پٿر ٽوڙيندڙ مزدور عورت جي حوالي ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ مائيڪل اينجيلو هر وقت چوندو هيو ته هن کي پنهنجو فن ان کير پيئاريندڙ ماءَ جي ڇاتين مان مليو جنهن جي هنج ۾ ليٽي هن پهريون دفعو پٿر جي ٽڪجڻ جو آواز ٻڌو. هن جي ننڍڙن هٿن ماءَ جي ڇاتيءَ جي لاهن چاڙهن کي ڇهيو، اهي هٿ جن کي اڳتي هلي مريم جي مجسمن کي تراشڻو ۽ اهي تصويرون ٺاهڻيون هيون جن جو شمار دنيا جي شاهڪارن ۾ ٿيڻو هيو. مائيڪل اينجيلو جا همعصر جڏهن هن جي تصويرن ۽ مجسمن کي ڏسندا هيا ته طنز ڀريل لهجي ۾ هن کي چوندا هيا ”اهي ته ڪنهن پٿر ٽڪيندڙ عورت جون تصويرون ۽ مجسما آهن“.
”ها واقعي ئي مريم منهنجي ذهن ۾ ان پٿر ٽڪيندڙ عورت مان ئي جنم ورتو آهي“ مائيڪل اينجيلو انهن کي جواب ڏيندو هيو.
اهي مجسما واقعي ئي مائيڪل اينجيلو جي محرومين جو ڏيک ڏين ٿا، هن کي پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ عورت جو پيار نصيب نه ٿيو، جڏهن هو ڇهن سالن جو هيو ته هن جي ماءُ وفات ڪري وئي، هن سڄي عمر شادي نه ڪئي. سٺ سالن جي عمر ۾ هو هڪ عورت سان وابستا ٿيو پر اها به ڪجهه سالن کانپوءِ انتقال ڪري وئي.
ننڍي هوندي هو ڪند ذهن شاگردن ۾ شمار ٿيندو هيو، لکڻ پڙهڻ ۾ بلڪل ڪچو هيو، ڇو جو هو ڪاپيءَ تي هميشه ويٺو تصويرون ٺاهيندو هيو، گهر جي ڀتين تي اڪثر هو تصويرن جا خاڪا چٽيندو رهندو هيو، جنهن ڪري هن کي پنهنجو پيءُ ان ڪم کان روڪڻ لاءِ اڪثر مارڪٽ ڪندو رهندو هيو، جڏهن هو اڃان به نه مڙندو هيو ته پڻس ايتري مارڪٽ ڏيندو هيو جو ڪنهن به عڪس چٽڻ لاءِ هن جي آڱرين ۾ چرڻ جيتري گنجائش به نه رهندي هئي، پر هن ۾ جيڪو لڪيل فنڪار هيو ان ڪڏهن به آڻ نه مڃي. مائيڪل اينجيلو جو پيءُ چاهيندو هيو ته هن جو پٽ اهڙو ڪم اختيار ڪري جنهن مان پئسي ڏوڪڙ جي آمدني ٿئي، آخر هن محسوس ڪيو ته مائيڪل اينجيلو لاءِ اهو ئي ڪم اختيار ڪرڻ ٺيڪ آهي، جنهن سان سندس لڳاءُ آهي، هن پنهنجي پٽ کي فلورنس جي ڊينيڪو گرلانڊائيو برودرس جي مشهور اسٽوڊيو ۾ تربيت لاءِ موڪلي ڏنو، ان وقت مائيڪل اينجيلو جي عمر تيرهن سال هئي ۽ اهو ئي اسٽوڊيو هيو جتي هن کي تصويرون ٺاهڻ جي تربيت ملي.
هڪ ڏينهن ڊينڪو گرلانڊائيو جا شاگرد جڏهن پنهنجي استاد جي ٺاهيل هڪ اگهاڙي انساني خاڪي جو مطالعو ڪري رهيا هيا ته مائيڪل اينجيلو هڪ ٿلهي پينسل کڻي ان خاڪي ۾ هڪ اصلاح ڪئي، اصلاح پنهنجي جاءِ تي مناسب ۽ ٺيڪ هئي پر ڊينڪو ڪاوڙجي مائيڪل اينجيلو کي پنهنجي اسٽوڊيو مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ڪجهه وقت کانپوءِ هڪ سفارشي خط ذريعي هو مجسمي ساز برٽولڊو جي آرٽ فيڪٽريءَ ۾ پهچي ويو، برٽولڊو پنهنجن ڪجهه ماتحتن جي مدد سان انهن ڏينهن لورينزو ڊي ميڊيسيءَ جي باغن جي سينگارڻ لاءِ ڪجهه مجسمن ٺاهڻ ۾ مشغول هيو، لورينزو يورپ جو امير ترين شخص هيو، هن کي فلورنس جو غير سرڪاري آمر سمجهيو ويندو هيو هن کي بي پناهه دولت ۽ آرٽ جي شوقين هجڻ جي ناتي فلورنس جي چڱي مڙس جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو هيو. ميڊيسيءَ جي باغن ۾ مائيڪل اينجيلو لاءِ اهو ڪم رکيو ويو ته هو ٻين مجسما سازن لاءِ پٿر جا ٽڪر ڪٽي رکندو وڃي، جيڪو ڪم هن جي تخليقي صلاحيتن لاءِ موزون نه هيو پر هو فرصت جي گهڙين ۾ سنگمرمر جي بيڪار ٽڪرن تي ويٺو نقش ۽ نگار ٺاهيندو هيو. هڪ ڏينهن لورينزو جي نظر هڪ اهڙي تراشيل ٽڪر تي پئجي وئي جيڪو مائيڪل اينجيلو مرمر جي هڪ ٽڪر تي اڪيريو هيو، لورينزو هن جي ڪم کان ايترو ته متاثر ٿيو جو هو هن کي پنهنجي محل ۾ وٺي ويو، هن کي بخمل جي خلعت عطا ڪيائين ۽ پنهنجي ٻارن سان گڏ کاڌي ۾ شريڪ ڪيائين. لورينزو جي شاهي دستر خوان تي اديبن ۽ شاعرن جو هجوم رهندو هيو،. اتي مائيڪل اينجيلو جي ٻين صلاحيتن جنم ورتو. هن اتي ٻين کان افلاطون جون عظيم فلسفيانا ڳالهيون ٻڌيون ۽ دانتي جي عظيم شاعريءَ کان واقف ٿيو. مائيڪل اينجيلو تي اهڙين صحبتن جو وڏو اثر ٿيو جنهن ڪري هن پاڻ به شاعري ڪئي. ستهتر سانيٽ لکيا، جن مان هر سانيٽ ايترو ته پرخلوص ۽ جذبي سان ڀريل آهي جو اهو هن جي روح جو تراشيل ٽڪرو پيو معلوم ٿئي.
مائيڪل اينجيلو جو روح ڪنهن قديم تهذيب جي عظيم وليءَ جيان پاڪ، اخلاق جي نور ۽ جذبي سان ڀرپور هيو. پر هن جي انساني شخصيت رحم جي حد تائين ڪريل ۽ ناقص هئي. خودسر جهڳڙالو ۽ بدزبان هئڻ سبب هڪ ڏينهن هو پنهنجي هڪ شاگرد ساٿيءَ سان وڙهي پيو ۽ پنهنجو نڪ ڀڃائي وڌائين. اهو جسماني نقص هن ۾ پوري زندگي رهيو، زخم جي اها گهرائي صرف هن جي منهن تائين محدود نه رهي پر هن جي روح تائين ڦهليل رهي ڇو جو جيڪو شخص سونهن کي خدا جو پاڇو سمجهي ان جي پوڄا ڪندو هيو، جڏهن پاڻ کي ڏسندو هيو ته هن کي نفرت ايندي هئي.
1492ع ۾ عياشيءَ جي زندگي لورينزو جو خاتمو آڻي ڇڏيو. هن جي پٽ پائيرو مائيڪل اينجيلو لاءِ ٻيو ڪو ڪم نه ڏسي هڪ ڏينهن سياري جي موسم ۾ صبح جو هن کي سڏ ڪرائي پنهنجي محل جي اڱڻ ۾ برف جو هڪ بت ٺاهڻ لاءِ چيو، ڇو جو هو انتهائي بدذوق قسم جو ماڻهو هيو. ميڊيسيءَ جي محل جا سڀ اديب ۽ شاعر هڪ هڪ ٿي وکرجي ويا. مائيڪل اينجيلو غمگين دل سان محل جي خالي ڪمرن جا چڪر هڻندو هيو. ان وقت فلورنس ۾ هڪ زبردست اخلاقي، سياسي ۽ فوجي طوفان ڪر کڻي رهيو هيو، ميڊيسي خاندان جو مڪمل طرح خاتمو اچي ويو ۽ ڪٽر مذهبي ماڻهو هر طرف ڇانئجي ويا. مائيڪل اينجيلو جنهن کي مذهب سان دلي لڳاءُ هيو، ڪليسا جي پاڇي ۾ بيٺو فرائير جي تقرير ٻڌي رهيو هيو، فرائير ماڻهن کي واڪا ڪري چئي رهيو هيو ”ان کان اڳ جو قيامت اچي، پنهنجي نالي ۽ بقاءَ واريون سڀ شيون باهه ۾ ساڙي ڇڏيو، ڇو جو صرف خدا جو نالو ئي دنيا ۾ رهڻ جهڙو آهي“.
هن جي تقريرن جي اثر ڪري فلورنس ۾ هر طرف آرٽ ۽ مصوريءَ جي ڄڻ خاتمي جو اعلان ٿي ويو، خوبصورت لباسَ، ڳهه ۽ اهي تصويرون به باهه جي حوالي ٿي ويون جيڪي ڪڏهن شهر جي بازارن ۽ گهٽين مان جلوس جي شڪل ۾ ڪڍيون وينديون هيون. مائيڪل اينجيلو اهڙا نظارا ڏسي دهشت مان شهر ڇڏي ڀڄي ويو ۽ بولونا ۾ وڃي پناهه ورتي جتي جي گهٽين ۾ هو خوبصورت مجسما ٺاهي پنهنجي روزي ڪمائيندو رهيو. ان کان پوءِ هو روم هليو ويو.
روم جي قديم تاريخي عمارتن ۽ کنڊرن مائيڪل اينجيلو کي ڀليڪار ڪئي. هو پراڻن تاريخي شهرن جي ٽٽل ڦٽل رستن تي گهمندو وتندو هيو. هو سوڀ جي يادگار منارن وٽان لنگهندو هيو ۽ ڊگهن ٿنڀن وارين عمارتن کي ڏسندو، هو اتان جي چوسولن تي پيو ڦرندو هيو. هن لائيڪون جي دفن ٿيل نوادرن کي پنهنجين اکين سان زمين جي تهن هيٺان نروار ٿيندي ڏٺو، ڇو جو انهن ڏينهن ۾ کنڊرن جي کوٽائيءَ دوران ڪلاسيڪي عهد جا ڪجهه عظيم خزانا ٻاهر نڪري آيا هيا. انهن ۾ هڪ مجسمو ”مرندڙ ماڻهو“ کي پنهنجي اصلي صورت ۾ آڻڻ لاءِ مائيڪل اينجيلو وڏي مدد ڪئي. هن ان مجسمي جو اهو ڀڳل هٿ ٻيهر تراشي جوڙيو جنهن جي ٻانهن ۾ جنگ جو هڪ زخمي درد ۽ پيڙا جي ڪيفيت ۾ ڪريو پيو هيو.
انهن ڏينهن روم جي عظمت اها نه رهي هئي جيڪا پهريون هئي، اتي رشوت ۽ بدعنواني پنهنجي عروج تي هئي. ان شهر ۾ هن پاڻ کي اڪيلو بي يار مددگار ۽ مفلس محسوس ڪيو. روم جي گهٽين ۽ رستن تي هر روز فرقيوارانا فساد ٿيندا هيا. رات جي وقت پهريداريءَ لاءِ رستن کي زنجيرن سان بند ڪيو ويندو هيو. شهر ۾ صفائي جو حال به پورو سارو هيو. ناليون ۽ روڊ ڀڄي ڀري چڪا هيا، ڪوئي به حڪومت جو عملدار انهن جي مرمت ۾ دلچسپي نه وٺي رهيو هيو، وٽيڪن به اهڙن آثارن کان بچيل نه هيو، خود سينٽ پيٽرز جي ڏاڪڻين تي روز قتل ٿيندا هيا، ان جو سبب اهو هيو ته چرچ جي حڪمراني اسپين جي بدنام بورجيا خاندان جي هڪ ڌاڙيل جي قبضي ۾ هئي، جنهن پاڻ کي اليگزينڊر ڇهين جو لقب ڏنو هيو. مائيڪل اينجيلو هڪ سانيٽ جي ٻن مصرعن ۾ روم جي ان وقت جي حالتن کي هيئن چٽيو آهي.
”يسوع مسيح جي رت کي پئسن سان بازار ۾ وڪرو ڪن ٿا.
روم جا حڪمران اڄ به يسوع جي کل لاهي ان جو عدالت ۾ سودو ڪن ٿا“.
مائيڪل اينجيلو اتي ئي پنهنجو عظيم مجسمو تراشيو، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته مريم يسوع جي لاش کي پنهنجيءَ هنج ۾سمهاري لوريون ڏئي رهي آهي. نقادن ان ڳالهه تي اعتراض ڪيو ته مريم جو منهن ايترو ته تازو ۽ شفاف آهي جو اها هڪ جوان پٽ جي ماءُ نه ٿي محسوس ٿئي.
”پاڪيزگي هميشه جوان هوندي آهي“. مائيڪل اينجيلو انهن کي جواب ڏنو.
هن ڪجهه ماڻهن کي جيڪي هن جو ٺاهيل مجسمو ڏسڻ آيا هيا، هن جي ڪم کي ڪنهن ٻئي فنڪار جي نالي منسوب ڪندي ٻڌو. ان رات مائيڪل اينجيلو گرجا ۾ وڃي پنهنجي مجسمي هيٺان نالو لکي آيو، اهڙيءَ طرح اهو اڪيلو مجسمو آهي جنهن تي مائيڪل اينجيلو جو نانءُ لکيل آهي، حقيقت به اها ئي آهي ته اهڙو مجسمو ٻيو ڪو فنڪار تراشي به نه پئي سگهيو. اهو مجسمو سينٽ پيٽرز جي گرجا گهر ۾ نصب آهي.
جڏهن اليگزينڊر اوچتو مري ويو ته وٽيڪن ۾ اهي افواهون گشت ڪرڻ لڳيون ته هو ان زهر سبب مئو آهي جيڪو هو ڪنهن ٻئي لاءِ تيار ڪرائي رهيو هيو. ان جي مرڻ کان پوءِ ”جوليس ٻيون“ ان جو جانشين مقرر ٿيو. هيءَ هڪ ديانت دار ۽ فن جو پارکو ماڻهو هيو. فطرتن جنگ پسند ۽ دنيادار هيو. يادگارن ۽ عمارتن ٺهرائڻ جو شوقين هيو، هو انهن لاءِ عظيم الشان منصوبا ٺاهيندو هيو پر انهن سڀني منصوبن جو مرڪز هن جي پنهنجي ذات هوندي هئي. هن سينٽ پيٽرز جي عمارت کي ايترو جلدي ڊهرائڻ جو حڪم صادر ڪيو جو ان تي گهڻو پئسو زيان ٿي ويو، مقصد صرف اهو هيو ته نئين عمارت جو بنياد هو پنهنجن هٿن سان رکي ۽ پڻ اتي دنيا جو وڏو مقبرو اڏائي جنهن ۾ مرڻ کان پوءِ هن جي لاش کي دفنايو وڃي. هن اتي نئين عمارت جي تعمير شروع ڪئي ته اهڙي فنڪار کي گهرايو جنهن وٽ عظيم تصورات هيا، اهڙي طرح مائيڪل اينجيلو سان هن جي دوستيءَ جي شروعات ٿي.
مقبري لاءِ مائيڪل اينجيلو جي تجويزن جوليس کي خوش ڪري ڇڏيو. ان مقبري ۾ اٺٽيھن مجسمن جي لڳ ڀڳ اهڙا مجسما نصب ڪرڻ جو منصوبو هيو، جن ۾ اوليائن ۽ پيغمبرن جي مجسمن کي جوليس جي تابوت جي چوڌاري گڏ ٿيل ڏيکارڻو هيو، جنهن کان پوءِ مائيڪل اينجيلو سنگ مرمر کڻي اچڻ لاءِ ڪيرارا جي معدني جبلن ڏانهن هليو ويو ۽ جوليس پنهنجين فوجي مهمن ۾ مشغول ٿي ويو.
مائيڪل اينجيلو وٽيڪن واپس پهتو ته هن جوليس جي خدمت ۾ حاضر ٿي سنگ مرمر جي کڻائي اچڻ لاءِ پسئن جي گهر ڪئي. جوليس جيڪو انهن ڏينهن ۾ بولونا خلاف هڪ جنگ ۾ مصروف هيو، مائيڪل اينجيلو کي خرچ ڏيڻ کان انڪار ڪري هن کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ٽري وڃڻ جو حڪم ڏنو، جنهن ڳالهه تان مائيڪل اينجيلو کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هن ڪاوڙ مان جوليس ڏي هڪ خط لکيو، جنهن کان پوءِ پنهنجي ان حرڪت تان خوفزده ٿي هو گهوڙي تي چڙهي ڀڄي ويو. جوليس جا ماڻهو جن کي مائيڪل اينجيلو کي پڪڙي اچڻ جو حڪم هيو، پنهنجن تيز رفتار گهوڙن تي ان جو چڱي فاصلي تائين پيڇو ڪيو، پر ان وچ ۾ مائيڪل اينجيلو ٽسڪن جي علائقي ۾ پهچي ويو، جيڪو جوليس جي اختياري کان ٻاهر هيو. جوليس ٽسڪن جي عملدارن کي مائيڪل اينجيلو کي هن جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پر ٽسڪن جي اعليٰ اختياري وارا ٿڌي دل ۽ دماغ جا مالڪ هيا، انهن پاڻ مائيڪل اينجيلو کي ترغيب ڏني ته بولونا وڃي جوليس سان ملاقات ڪري ان مقصد لاءِ هن کي سفارشي حق ۽ رعايتون ڏنيون ويون، جيئن ته جوليس بولونا تي حملو ڪري ان تي قابض ٿي چڪو هيو، تنهن ڪري هن مائيڪل اينجيلو کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ هو هڪ دفعو وري جوليس جي پويان هلندو اچي روم پهتو.
ڪنهن جوليس کي اها صلاح ڏني ته پنهنجي جيئري مقبرو ٺهرائڻ نڀاڳ جهڙي ڳالهه آهي، جنهن ڪري جوليس مائيڪل اينجيلو کي ڪجهه ڏينهن صبر ڪرڻ لاءِ چيو ۽ ڪيرارا جي معدني جبلن کان ايندڙ سنگ مرمر جي ٽڪرن کي روڪڻ جو حڪم ڏنو.
اڀرندڙ نقاش رافيل ۽ ان جو دوست بدامانتي جيڪي سينٽ پيٽرز جي عمارت جا نوان معمار هيا، وٽيڪن ۾ مائيڪل اينجيلو جي اثر ۽ رسوخ تان سڙڻ لڳا. انهن جوليس کي صلاح ڏني ته هو مائيڪل اينجيلو کي سسٽين جي گرجا گهر جي ڇت تي نقاشيءَ جو حڪم ڏئي. انهن اهو سوچيو هيو ته مائيڪل اينجيلو ان آزمائش ۾ ناڪام ٿي ويندو. مائيڪل اينجيلو به ان ڳالهه تي احتجاج ڪيو ته نقاشي هن جو فن نه آهي، اهو فرض رافيل کي سونپيو وڃي، پر جوليس کي ضدي ۽ مغرور ماڻهن جو سر پنهنجي اڳيان جهڪائڻ ۾ مزو ايندو هيو، جنهن ڪري ايندڙ چئن سالن تائين مائيڪل اينجيلو سسٽين جي اونداهي ۽ بي رونق گرجا گهر ۾ قيدي بنجي ويو.
ڪنهن به فنڪار کي اهڙو مشڪل ۽ ڏکيو ڪم نه سونپيو ويو هوندو جيڪو مائيڪل اينجيلو جي حصي ۾ آيو. سسٽين جو گرجا گهر هڪ اونداهي ۽ تنگ عمارت آهي، جنهن جي اوچائي ويڪرائيءَ کان وڌيڪ آهي. ان جي ڇت جنهن تي نقش نگاري ڪرڻي هئي ڏهه هزار چورس فٽن جي پکيڙ تائين ڦهليل آهي، ان ڇت جي بناوٽ ڪجهه اهڙي قسم جي آهي جو مختلف هنڌن تي گنبذ نما ڪنڊون ٻاهر نڪتل آهن، جيڪي نقاشيءَ لاءِ ڏکيائي پيدا ڪري رهيون هيون، ان سڄي حصي کي پلسٽر اندر مختلف تصويرن سان ڀرڻو هيو. پلسٽر ۾ تصويرن ڀرڻ جي ٽيڪنيڪ اها آهي ته رنگن کي تيل بجاءِ پاڻيءَ ۾ ڳاريو ويندو آهي ۽ پوءِ انهن کي آلي پلسٽر سان هنيو ويندو آهي. جڏهن پلسٽر خشڪ ٿي ويندو آهي ته رنگ هميشه لاءِ چوني ۾ ڄمي ويندا آهن، جنهن لاءِ آرٽسٽ کي سست رفتاريءَ ۽ هوشياريءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو آهي ته متان ڪا غلطي دائمي حيثيت نه اختيار ڪري وڃي.
ڏاڪڻين تي مٿي ڪاٺ جي ڪوازن تي پٺيءَ ڀر سمهي مائيڪل اينجيلو کي نقاشي ڪرڻي هئي، انهن چئن سالن ۾ هن سان جيڪي وهيو واپريو اهو هڪ سانيٽ ۾ پنهنجي هڪ دوست ڏي هنئين لکيائين.
”ان اونڌاهي ڪوٺيءَ ۾ رهي مونکي ڳلي جي سوڄ جي بيماري ٿي پئي آهي.
جيئن لومبارڊي جي گندي نالين جي ٻلين جون ڳچيون سڄيل هونديون آهن، ائين لڳي ٿو پيٽ اچي منهنجي کاڏيءَ سان لڳو آهي.
مون کي خبر آهي ته ذهن ۽ سوچ جي کجيءَ جو ميوو مختلف ۽ غير حقيقي هوندو آهي.
ڇو جو جيڪا بندوق سڌي نه هجي، ان جو نشانو ڪهڙو ٺيڪ هوندو؟
اچ گيواني! منهنجين مئل تصويرن ۽ شهرت کي جيار، مونسان ڏاڍو خراب سلوڪ ٿي رهيو آهي.
اهو سڀ منهنجي فن لاءِ شرم جهڙي ڳالهه آهي،“
مائيڪل اينجيلو پنهنجي ڪم ۾ ايترو ته مهو رهيو جو هن جي راتين جي ننڊ به ڦٽي وئي، هن جي طبيعت چڙ چڙي ۽ بخيل ٿي پئي. هن ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجن سڀني ساٿين کي هڪ هڪ ڪري ٻاهر ڀڄائي ڇڏيو ۽ دروازي کي اندران تالو هڻي ڇڏيو، صرف هڪ پوڙهي ملازم کي هن پاڻ سان اندر رهڻ جي اجازت ڏني. هو ڪڏهن اکيون مهٽيندو ٻاهر سوجهري ۾ نڪرندو هيو ته ڀڄندو وڃي رافيل وٽ پهچندو هيو، جيڪو وٽيڪن جي وڏن هوادار ڪمرن ۾ سڌين سنئين ڀتين تي جوليس جي فوجي ڪارنامن جون شاندار تصويرون ويٺو چٽيندو هيو. رافيل خوبصورت، خوش مزاج، سٺن ڪپڙن ۽ شراب جو شوقين، عورتن ۽ ساٿي نقاشن جو محبوب هيو. رافيل مائيڪل اينجيلو کي ڏسي هن جو کليءَ دل سان آڌر ڀاءُ ڪندو هيو ۽ ان جي جواب ۾ مائيڪل اينجيلو هن سان ڏاڍي چڙ چڙي نموني سان پيش ايندو هيو.
مائيڪل اينجيلو سسٽين گرجا گهر جا دروازا هميشه تالو هڻي بند ڪري پوءِ نڪرندو هيو ۽ چوندو هيو ته عظيم ٽيڪنيڪ به مال ۽ جواهرن جيان چوري ڪري سگهجي ٿي.
جوليس جڏهن به ايندو هيو ته پنهنجي بيد جي لڪڻ سان دروازي کي کڙڪائيندو هيو، اينجيلو دروازو کوليندو هيو، پوءِ خطرناڪ ڏاڪڻين تان هن کي مٿي وٺي ويندو هيو، جيئن هن جي عظيم محنت جو مشاهدو ڪري سگهي، جوليس آرٽ کي ته سمجهي نه سگهندو هيو پر پوءِ به ان جي عظمت ۽ رونق کي محسوس ڪري وٺندو هيو ۽ اهو سوچي ته زندگي تمام مختصر آهي، هو وڏي آواز سان پڇندو هيو. ”آخر هيءُ ڪم ڪڏهن پورو ٿيندو؟ تون ته هميشه چوندو آهين، ڪم جلدي پورو ٿيڻ وارو آهي“.
وقت جيئن جيئن گذرندو ويو، جوليس جي بي صبري وڌندي وئي.
”بس هاڻي ڪم گهڻو ٿي ويو، انهن ڪاٺ جي ڪوازن تان هيِٺ لهي اچ نه ته ٻاهر اڇلرائي ڇڏيندو سانءِ“ جوليس هن کي ڪاوڙ مان چوندو هيو ۽ هن جي ان ڌمڪيءَ جي نتيجي ۾ هڪ ڏينهن واقعي مائيڪل اينجيلو ڏاڪڻين تان ڪري پيو.
مائيڪل اينجيلو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ محدود ماڻهن کي اندر ڪليسا ۾ اچڻ جي اجازت ڏني، انهن جڏهن مٿي ڇت ڏي نهاريو ته ڄڻ آسمان ۾ توريت جو هڪ نئون بابت کلي پيو. اتي ڪائنات جي تخليق، آدم جي زوال ۽ نوح جي طوفان جا داستان نقش هيا. خدا هڪ حاڪماڻي اشاري سان عدم کي وجود ۾ آڻيندي نظر اچي ٿو، هو مٽيءَ کي ڦوڪ ڏئي ٿو ۽ آدم خدا جي شڪل ۾ پيدا ٿئي ٿو. خدا جي آڱر آدم جي آڱر کان هاڻي هاڻي الڳ ٿي آهي ۽ آدم عقيدت مان پنهنجي خالق ڏي نهاري ٿو ۽ ”حوا“ پنهنجي خدا جي ٻانهن مان حسرت ۽ خوف جي مليل جهليل جذبن سان آدم ڏي نهاري ٿي، ڇت جا لاها چاڙها پيغمبرن، ولين جي نقشن سان ڀريا پيا هيا، هر تصوير ائين هئي جيئن مصوريءَ ۾ سنگتراشي ڪئي وئي هجي. سٽين گرجا گهر ۾ 343 ننڍيون ۽ وڏيون مورتيون آهن ۽ انهن مان هر هڪ پنهنجيءَ جاءِ تي عظيم آهي.
ان ئي زماني ۾ مائيڪل اينجيلو پنهنجي عظيم تخليق ”موسيٰ“ نبيءَ جو مجسمو تراشيو، جيڪو جوليس جي ڪڏهن به مڪمل نه ٿيندڙ مقبري جو حصو آهي. روم جا يهودي قطارن ۾ ايندا هيا ۽ پنهنجي ديني پيشوا جي منهن ڏانهن حيرت ۽ خوف مان نهاريندا هيا. موسيٰ نبيءَ جو هڪ هٿ سينا جي جبل ۾ کپيل آهي ۽ خدا جي تجليءَ جو نور ۽ چمڪ هر طرف ڦهليل آهي، ٻئي هٿ ۾ پيغمبري شريعت جون لوحون اٿس ۽ اکين ۾ پنهنجي امت جي زوال سبب ڪاوڙ جي باهه جا شعلا ڀڙڪي رهيا اٿس. هڪ روايت مشهور آهي ۽ ان ۾ صداقت به نظر اچي ٿي ته جڏهن مائيڪل اينجيلو اهو مجسمو مڪمل ڪيو ته ان تي ڇيڻيءَ سان آخري ضرب هڻي، حڪم ڏنو ”اي موسيٰ ڳالهاءِ“ ته مجسمي جي چپن مان توريت جون آيتون ڦٽي نڪتيون.
جڏهن مائيڪل اينجيلو اهڙيون لازوال شيون تخليق ڪري رهيو هيو، تڏهن هر طرف مذهبي بدامني ڦهلجي چڪي هئي، جوليس جي موت کان پوءِ حالتون خراب ٿي چڪيون هيون. نئين حڪمران پوپ ليئو جي عيش ۽ عشرت سبب وٽيڪن جو خزانو خالي ٿي ويو ۽ هر شيءِ جو اخلاق تباهيءَ جي حدن کي پهچي ويو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اڌ يورپ ۾ پروٽيسٽنٽ انقلاب اچي ويو. اٽليءَ تي فرانسيسي، جرمن ۽ اسپيني فوجن حملو ڪيو ۽ ٻئي طرف اندروني جنگ ان کي ناس ڪري ڇڏيو. پوپ ڪليمنٽ ميڊيسي خاندان جي ماڻهن سان ملي فلورنس تي چڙهائي ڪئي. مائيڪل اينجيلو دشمنن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ قلعي جي ڀتين، پهاڙن ۽ ٻين جاين تي توبون نصب ڪرڻ ۾ مصروف رهيو. جڏهن دشمن اڳتي وڌي گهيرو تنگ ڪيو ته هن کي ان بدنصيب شهر مان نڪرڻ کان سواءِ ڪو به چارو نظر نه آيو پر پنهنجن ماڻهن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هو وري فلورنس موٽي آيو. ڪليمنٽ فلورنس ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي معاف ڪيو ته اهو مائيڪل اينجيلو هيو.
خون خرابي جي انهن ئي ڏينهن ۾ مائيڪل اينجيلو جا سڪون ۽ امن سان ڀريل شاهڪار ميڊيسيءَ جا مقبرا وجود ۾ آيا. اهي مقبرا لورينزا جي ڪليسيا جي ڀرواري گرجا گهر ۾ واقع آهن. زيارتون ڪندڙ ماڻهن جو سيلاب هتي ڪڏهن به نه ٿو ٿڪجي. جڏهن به ڪو شخص گرجا جي ان ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو جنهن جي ڀتين تي مائيڪل اينجيلو پنهنجي فن جي زيب ۽ زينت جا شاهڪار ٺاهيا آهن ته ڏسڻ وارو ساهه روڪي ڄڻ هر شيءِ کي ڏسڻ ۾ محو ٿي وڃي ٿو. هن جي جسم جي نبضن جو سسڻ ۽ وڌڻ بند ٿي وڃي ٿو. اتي ئي ٻه مقبرا ٻيا آهن، انهن مان هڪ مقبرو لورينزو ڊي ميڊيسيءَ جو ۽ ٻيو گيوليانو جو آهي. اتي تصوير ۾ نوجوان گيوليانو زرهه پائي اهڙي انداز ۾ بيٺو آهي جو ان جو هڪ هٿ چيلهه سان لڙڪندڙ تلوار جي دستي تي آهي. نوجوان گيوليانو ان تصوير ۾ حسرت سان عمر جي ان حصي ڏانهن نهاريندو نظر اچي ٿو، جيڪا هن جي نصيب ۾ لکيل نه هئي. ان تصوير کي ”عملي زندگيءَ“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ان جي سامهون ئي ”ٻڏندڙ زندگي“ نالي تصوير ۾ لورينزو کي اهڙي حال ۾ ڏيکاريو ويو آهي جو هن جو هڪ هٿ هن جي وات مٿان حيرت جي انداز ۾ ٺهيل آهي ۽ ٻيو هٿ اکين جي ڇپرن مٿان پاڇو ٺاهيو بيٺو آهي اکيون هيٺ جهڪيل، اڪيلائيءَ جي موت طرف ڏسي رهيون آهن.
وري هڪڙي ٻئي پوپ (اهي پوپ به ڪيتري نه تيزيءَ سان مرندا رهيا، مائيڪل اينجيلو خبر نه آهي ڪيترن پوپن جو زمانو ڏٺو) مائيڪل اينيجلو کي جيڪو هاڻي پيريءَ جي حدن کي پهچي چڪو هيو، هڪ ٻئي ٿڪائيندڙ ڪم تي لڳائي ڇڏيو. سسٽين گرجا گهر جي قربان گاهه جي پوئين ڀت اڃا ڪنهن به نقش کان خالي هئي، جنهنڪري اينجيلو وڌيڪ ستن سالن تائين نقاشيءَ ۾ مصروف رهيو. هاڻي ان ”آخري فيصلو“ نالي هڪ تصوير ٺاهي جيڪا ان گهڙيءَ جي عڪاسي ڪري ٿي، جڏهن اسرافيل پنهنجو صور ڦوڪيندو، جڏهن قبرون مردن کي اوڳاشي ٻاهر ڪڍي ڇڏينديون، جڏهن بادشاهه به پنهنجن غلامن سان گڏ اگهاڙا خدا جي دربار ۾ موجود هوندا.
وقت مائيڪل اينيجلو کي پوڙهو ڪري ڇڏيو هيو، پنهنجيءَ عمر کان به پوڙهو، ان عظيم ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ هن جيڪا جدوجهد ڪئي هئي، اها هن کي اڏوهيءَ جيان کوکلو ڪري وئي هئي، ڪجهه عرصو هو هڪ معزز عورت وٽوريا ڪولونا جي صحبت ۾ رهيو. هن ان عورت آڏو پنهنجا سڀ دلي خيال ۽ افڪار ظاهر ڪري رکيا، اهو رتبو شايد ئي ڪنهن کي نصيب ٿيو هجي. جڏهن موت جي هٿن ان عورت کي مائيڪل اينجيلو کان جدا ڪيو ته هو تقريبن گوشه نشينيءَ جي زندگي گذارڻ لڳو ۽ هن روم ۾ پنهنجي ننڍڙي ۽ گمنام گهر مان ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو. انهن ڏينهن ۾ هو ذهني دٻاءَ جو شڪار رهيو ۽ محتاجن جهڙي زندگي گذارڻ لڳو، جڏهن ته هو گهڻن ئي سٺن گهرن ۽ وڏين زمينن جو مالڪ هيو، هو هر سال ڳجهي نموني غريب ڇوڪرين جي ڏاج لاءِ پئسا پڻ ورهائيندو هيو جيئن اهي ڪنهن سٺيءَ جاءِ تي شادي ڪري سگهن.
جڏهن مائيڪل اينجيلو اسي سالن جي عمر کي پهتو ته هڪ نئين ذميواري هن جي ڪلهن تي رکي وئي. هو گمنامي جي زندگيءَ مان هڪ دفعو وري ٻاهر نڪري آيو،. هن کي سينٽ پيٽرز جي گرجا گهر کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو، تعميراتي ڪم ۾ هن جي حيثيت بلڪل نئين شخص جهڙي هئي، ان گرجا گهر جو بنياد پنجاهه سال اڳ رکيو ويو هيو پر اڃا تائين ان تي ڇت پئجي نه سگهي هئي، ان عمارت تي ڪيئي ڪاريگر ڪم ڪري چڪا هيا، پر ان عمارت جي ڇت هڪ مسئلو بنيل هئي. ان کي دنيا جي سڀ کان وڏي گرجا گهر جي حيثيت ۾ اڏڻو هيو، ڇو جو حضرت عيسيٰ جي پوئلڳ پطرس جو لاش اتي ئي دفن هو. يسوع مسيح پطرس جي ئي ڪلهن تي هٿ رکي چيو هيو ته ”هن ئي پهاڙ تي مان پنهنجي گرجا جا بنياد رکان ٿو“.
مائيڪل اينجيلو اهو سڄو ڪم پنهنجن هٿن ۾ کنيو ۽ واندڪائيءَ جي وقت جو فائدو وٺي روم ۾ ٻين به ڪيترن ئي عمارتن جا نقشا تيار ڪيا، انهن عمارتن ۾ محلات، دروازا، پليون، عجائب گهر ڏاڪڻيون ۽ ورانڊا شامل آهن،
هن سسٽين گرجا گهر لاءِ جيڪو نقشو تيار ڪيو، ان تي ڪيترن ئي حاسد ماڻهن اعتراض ڪيو ۽ ان کي رد ڪرائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، ان وقت جي انجنيئرن ان نقشي تي عمل ڪرڻ ناممڪن قرار ڏنو، خود پوپ ڪيترا دفعا مائيڪل اينجيلو کي اهو طعنو ڏنو ته پوڙهائپ سبب هو ان ڪم لاءِ اهل نه رهيو آهي، مائيڪل اينجيلو هر مخالفت کي برداشت ڪندو پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهيو،
آهستي آهستي اها ڇت گنبذ جي شڪل ۾ مٿي وڌندي رهي ۽ پٿرن جي اڏيل هر قطار جڏهن هيٺان کان اڀري مرڪز جي ويجهو پهتي ته ائين محسوس ٿيو جيئن اها ڪشش ثقل جي اصول جي مخالفت ڪندي هجي، آخرڪار موت مائيڪل اينجيلو جي پويان لڳي پيو، هو چوندو هيو، ”آءُ ايترو ته پوڙهو ٿي ويو آهيان جو موت منهنجي ڀرسان بيٺو آهي، آءُ ان گنبذ کي پورو ڪري سگهندس الائي نه ؟ “
نوي سالن جي عمر ۾ موت کان پهريون مائيڪل اينجيلو بوناروتي پنهنجي ڪم يعني دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ سڀ کان خوبصورت گنبذ کي مڪمل ٿيندي پنهنجي اکين سان ڏٺو، مائيڪل اينجيلو 1564ع ۾ وفات ڪئي، دنيا ۾ جيڪڏهن ڪٿي هن عظيم فنڪار جي روح جو پڙاڏو موجود آهي ته اهو سينٽ پيٽرز جي گرجا گهر جي ان گنبذ ۾ آهي.