چارلس ڊارون
ڊارون جي عمر ان وقت ٻاويهه سال هئي ۽ اهو تازو ئي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪري نڪتو هيو. هن جي طبعيت اڪيلائي پسند هئي، هو ماڻهن سان گهٽ ملڻ پسند ڪندو هيو، هو حساس ۽ گهٽ ڳالهائڻ وارو هيو. سفر جي دوران گهڻو وقت هن جي طبعيت بي مزي رهي. هو گهڻو ڪري پنهنجي تنگ ڪيبن ۾ حياتيات جي انهن نمونن جي سار سنڀال ۽ درجي بنديءَ ۾ مصروف هوندو هيو جيڪي هن ستن سمنڊن مان گڏ ڪيا هيا.
هن کي طبعي حياتيات جي باقاعدي ڪا به تربيت نه ملي هئي. هو ننڍپڻ کان ئي ٻوٽن ۽ جانورن کي گڏ ڪرڻ جو بي حد شوقين هيو. دينيات جي پڙهائي دوران ئي هو حياتيات جي ڪجهه سبقن لاءِ وقت ڪڍي وٺندو هيو ۽ ائين هو حياتيات جي تعليم سان وابستا رهيو.
جڏهن برطانوي شاهي جهاز ”بيگل“ روانو ٿيڻ وارو هيو ته اعليٰ اختياري وارن کي سفارش ڪئي وئي ته ان جهاز سان گڏ ڊارون کي به موڪليو وڃي. تعجب جي ڳالهه اها هئي ته ڊارون جي سفارش ڪرڻ وارا جيڪي ان وقت جا مڃيل ماهر حياتيات هيا خود پاڻ وڃڻ پسند نه ڪيو، ان جي هڪ وجهه اها هئي ته ان خدمت جي ڪا به پگهار نه هئي ۽ ٻئي ڳالهه اها هئي ته سڙيل بسڪوٽن ۽ پاروٿي پاڻيءَ تي ڪوئي ڪيستائين گذران ڪري پئي سگهيو. اهو ئي سبب هيو جو ان وقت جي ٻين ماهر حياتيات ان جهاز ۾ سفر ڪرڻ پسند نه ڪيو، انهن چيو ته ”ان سفر مان ٻيو ڇا ٿو حاصل ڪري سگهجي سواءِ ڪجهه هزار ٻين نمونن گڏ ڪرڻ جي“. اٽڪل هڪ صديءَ کان سائنسدان نمونا گڏ ڪندا پئي آيا پر انهن جو تجزيو ڪنهن نه ڪيو هيو. ڊارون اهو معلوم پئي ڪرڻ چاهيو ته آخر ٻه ۽ ٻه ڇاجي ڪري چار ٿيندا آهن. هن جو ذهن تجسس سان ڀريل هيو ۽ هر ڳالهه جي تشريح ڪرڻ جو هن وٽ ڏانءَ پڻ هيو. هو ڪنهن به واقعي کي صرف واقعي جي حيثيت مان قبول نه ڪندو هيو جيستائين ان جو ڪو بنيادي ثبوت حاصل نه ٿي وڃي. جيتوڻيڪ هن ان علم ۾ ڪا خاص تربيت حاصل نه ڪئي هئي تڏهن به هو جڏهن ڏکڻ آمريڪا کان سوين ميل ڏور ايٽلانٽڪ سمنڊ جي انتهائي خاموش ۽ غير آباد علائقي گيلا پيگس تي لٿو ته هو لپولس ڪتي جيان تجسس سان ڀرپور هيو.
گيلاپيگس ٻيٽن جو سلسلو جنهن کي اسپيني زبان ۾ ”جنن ۽ ڀوتن جو آستان“ سڏيندا هيا ماضيءَ جي ابتدائي دور جو جيئرو عجائب گهر هيو هتي تمام وڏيون چچيون هيون جن کي دنيا جي ٻين علائقن جيان فنا ٿي وڃڻ گهربو هيو پر اهي اتي موجود هيون ۽ تمام وڏا ڪڇون وڏن وڏن ڪيڪڙن سان گڏ ريڙهيون پائيندا نظر ايندا هيا. اتان جا جانور ۽ پکي سياحن سان ايترا ته مانوس هيا جو اڏامندڙ بدڪون انهن جي ڪلهن تي اچي ويهنديون هيون.
ڊارون انهن الڳ ٿلڳ ۽ دريافت ٿيل دنيا کان پري ٻيٽن ۾ جيڪا خاص ڳالهه ڏٺي اها هيءَ هئي ته آب و هوا ۽ زمين جي لحاظ کان انهن ملندڙ جلندڙ ٻيٽن ۾ مختلف قسمن جا جانور موجود هيا، هڪ ٻيٽ تي موجود جانور ٻئي ٻيٽ جي جانورن کان مختلف هوندي به پاڻ ۾ ملندڙ جلندڙ هيا، جيئن قسمن جي لحاظ کان مختلف هوندي به ساڳئي بڻ بنياد سان وابستا هجن، هڪ ئي قسم جي جهرڪين جون ڪيتريون ئي ٽوليون اتي موجود هيون جن جو نسل جي لحاظ کان هڪ ٻئي سان ويجهو تعلق نظر اچي رهيو هيو. اهڙي طرح اتان جي ڪبوترن، ڪڇوئن ۽ ڪيڪڙن تي به اها ئي ڳالهه واضع ۽ صاف هئي، پر سوال اهو هيو ته آخر قدرت هڪجهڙن ٻيٽن ۾ مختلف قسمن جا اهڙا جانور ڇو پيدا ڪيا آهن جن جو هڪ ٻئي سان ايترو قريبي تعلق آهي؟ ڇا اهي سڀ هڪ ٻئي جون ڦريل گهريل صورتون آهن جيڪي حالتن پٽاندر پنهنجي جيئڻ جي جدوجهد ۾ هڪ صورت مان ڦري ٻئيءَ ۾ تبديل ٿي ويون آهن؟ ڇا اها ڦير گهير صدين کان جيئرن شين تي لاڳو رهي آهي.
ڊارون لاءِ اهي سڀ نيون سوچون ائين هيون جيئن انجيل جي پهرين باب کان منڪر ٿيڻ، جنهن ۾ اهو لکيل آهي ته دنيا جي پيدائش کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين جيڪي صديون گذريون آهن، انهن جو جاندار قسمن جي تعداد يا بناوٽ تي ڪوئي اثر نه پيو آهي ۽ نه ئي انهن ۾ ڪا تبديلي آئي آهي. ڊارون پوءِ به همٿ ڪري انهن پراڻن نظرين خلاف آواز اٿاريو. هن پنهنجي ڊائري ۾ لکيو. ”اهو تصور ڪري سگهجي ٿو ته هڪ قسم جي ڪنهن به جاندار کي پنهنجي مقصدن جي حاصل ڪرڻ جي خواهش ۾ مختلف شڪلين ۾ تبديل ڪري ان جي حياتيءَ کي آسان بنايو ويو آهي. انهن ننڍن، غير آباد ۽ پهاڙي ٻيٽن ۾ تخليق جي قوت جو جيڪو نظارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان کي پرکي اسان ان اسرار کي سلجهائڻ جي ويجهو اچي سگهون ٿا ته ڌرتيءَ تي زندگي جو ظهور ڪيئن ٿيو”.
پنجن سالن تائين ”بيگل“ تاهٽي، نيوزيلينڊ، تسمانيه، آسٽريليا ۽ سينٽ هلينا جو سفر ڪندو رهيو. هر جڳهه ٻيٽن تي ڦهليل زندگيءَ ڊارون جي ذهن ۾ اهو ئي سوال اٿاريو ته زندگيءَ جو ظهور ڪيئن ٿيو آهي؟ ۽ زندگيءَ جي برقرار رهڻ جي جدوجهد جو فلسفو هن جي ذهن ۾ واضع ٿيندو ويو.
ڊارون جڏهن انگلستان جي ڪناري تي قدم رکيو ته هن کي پنهنجي لکيل خطن، ٻوٽن ۽ جانورن جي گڏ ڪيل تمام وڏي ذخيري سبب ڪافي شهرت ملي چڪي هئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن جي سمنڊ جي مخلوق متعلق ڪيل تحقيق سبب اڃان به شهرت ۾ اضافو ٿيو.
هن جي نئي نظريي جي راز کان صرف هن جو هڪ دوست واقف هيو، اهو نظريو هڪ ننڍڙي نوٽ بوڪ ۾ درج ٿيل هيو، جنهن کي هو هميشه پنهنجي کيسي ۾ رکندو هيو. ان نوٽ بوڪ تي هو صرف صبر سان اهي سڀ شهادتون ۽ ثبوت درج ڪندو رهندو هيو جيڪي هن کي پنهنجي نظريي متعلق هٿ لڳندا هيا. هن مختلف قسمن جا ڪبوتر وٺي انهن کي پالي مطالعو ڪيو ۽ انهن جي چيڙ ڦاڙ ڪئي. اها حقيقت هوندي به ته سڀ پالتو ڪبوتر اصل ۾ يورپ جي جهنگلي نيري رنگ جي ڳيري جي نسل مان هوندي به مختلف آهن، ڪوئي لقي قسم جو آهي ته ڪوئي قاصد يا ٻئي قسم جو، اهي بنيادي طرح ساڳي نسل سان تعلق رکندي به جدا قسمن ۾ ورهايل آهن، ڊارون اهڙا راز صرف دل ۾ ئي سانڍيندو آيو ۽ هن انهن جو اظهار ان وقت ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. هن ڪڻڪ جي مختلف قسم جي ٻجن ۽ ڪتن جو مطالعو پڻ ڪيو، جن سان ساڳي ڳالهه لاڳو هئي، هن انهن کي سمجهي اها ڳالهه نوٽ ڪئي ته ارتقا اڄ کان هزارين سال پهريون رونما ٿي ختم نه ٿي وئي هئي پر اسان جي اکين اڳيان اڃا به جاري ۽ ساري آهي ۽ تجربي طور اهو عمل ڪري به سگهجي ٿو ۽ ان عمل کي ڪنهن حد تائين روڪي به سگهجي ٿو.
ويهن سالن تائين ڊارون پنهنجا تجربا ڪندو رهيو، هن انهن جو ڪنهن سان به ذڪر نه ڪيو سواءِ هن جي هڪ دوست ”هوڪر“ جيڪو هن جو همراز ۽ ساٿي هيو.
آخر هڪ ڏينهن ڊارون پنهنجي نظرين جو اعلان تمام مختصر نموني ڪيو، هن چيو ته ”مان پنهنجي ان راءِ جي برعڪس ته جاندار شين ۾ وقت ۽ حالتن موجب ڦير ڦار نه ٿي اچي، جيڪو منهنجو شروعاتي رايو هيو ان نتيجي تي پهتو آهيان ته صدين کان هر جاندار شيءِ پاڻ کي برقرار رکڻ جي جدوجهد ۽ حالتن مطابق هڪ قسم مان ٻئي قسم ۾ ڦري وڃي ٿي“. اهو سڀ ائين هيو جيئن ڪو قتل جو اعتراف ڪري.
هڪ ڏينهن صبح جو هو نيرن ڪري رهيو هيو ته هن کي هڪ خط مليو. ان خط ۾ هڪ اهڙي نظريي جو خاڪو پيش ڪيو ويو هيو جيڪو هن جي پنهنجي نظريي سان ايترو ملندڙ جلندڙ هيو، جيئن ان خط لکندڙ هن جي ذهن جو مطالعو ڪري پوءِ اهو لکيو هجي ۽ هن جي اڻ ڇپيل ڪتاب ”جاندار قسمن جي اصليت“ جو مطالعو ڪيو هجي. هندي سمنڊ جي ٻيٽن تي جانورن جا نمونا جمع ڪندڙ هڪ ماهر الفرڊ رسل ويلس بيمار ٿي پيو، ان بيماريءَ جي حالت ۾ هڪ خط ڊارون کي لکيو جنهن ۾ هن پنهنجن نظرين جي وضاحت ڪئي. ويلس پوءِ ان بيماريءَ مان بچي ويو ۽ انگلينڊ موٽي آيو جتي هن ڊارون سان ملاقات ڪئي پر اهو خط ڊارون لاءِ پريشانيءَ جو سبب بنجي ويو، ڇو جو هاڻي ارتقا تي گهري نظر رکندڙ صرف هو اڪيلو ئي نه هيو پر ان ۾ ويلس به شامل هيو. ويلس پنهنجي خط ۾ ڊارون کي لکيو هيو ته ”پراڻي ڳالهه جي خلاف ڦير ڦار جي ڪا به حد مقرر ٿيل نه آهي، جهنگلي جانورن جي زندگي مسلسل جيئري رهڻ جي جدوجهد تي قائم آهي. ڪنهن به جاندار قسم جي گهڻائي يا ٿورائي جو انحصار ان قسم جي پنهنجي برقرار رکڻ لاءِ حالتن موافق پاڻ کي تبديل ڪرڻ ۾ آهي. اهڙيون تبديليون جيڪي ان لاءِ فائديمند آهن انهن ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيندو رهندو، بيڪار يا نقصان واريون تبديليون آهستي آهستي ختم ٿي وينديون. ارتقا جي ذريعي مٿي اڀري ايندڙ سٺا نسل پنهنجن اصلوڪن نسلن جو خاتمو آڻي ڇڏيندا. ارتقا جو عمل قدرتي طرح تمام سست ۽ صدين تائين ڦهليل آهي“.
”جيئري رهڻ جي جدوجهد“ ”حالتن مطابق تبديليون“، ”آهستي آهستي ترقيءَ جو رجحان“. اهي سڀ ڄڻ ڊارون جا پنهنجا استعمال ڪيل لفظ هيا. ڊارون لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿي پيو ته هو پنهنجي ڪتاب ”جاندار قسمن جي اصليت“ کي ڪيئن شايع ڪرائي، جڏهن ته هڪ ٻئي سائنسدان به اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو هيو. ڇا هو پنهنجن ويهن سالن جي ڪيل تحقيق تان هٿ کڻي وڃي؟ هن کي پنهنجي هڪ دوست هوڪر ان جو مناسب حل پيش ڪيو. هن ڊارون ۽ ويلس کي صلاح ڏني ته هو ٻئي گڏيل ڪم جي صورت ۾ پنهنجي ڪم کي لينن سوسائٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪن، جنهن تي هو راضي ٿي ويا. اهڙيءَ طرح ارتقا جو نظريو دنيا جي سامهون انهن پنهنجي شخصي ڪارنامي طور پيش ڪيو ويو. آگسٽ 1858ع جي هڪ رات جيڪو نظريو سوسائٽيءَ جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو. ان جو عنوان ”قدرتي چونڊ جو نظريو“ رکيو ويو. ان جون ڪي خاص ڳالهيون هي هيون.
* سڀ جاندار ڌرتيءَ جي پکيڙ جي تناسب سان وڌن ٿا.
* کاڌي ۽ جاءِ جي حد محدود هئڻ سبب پيدا ٿيندڙ جاندارن جو نتيجو انهن جي بقاجي جدوجهد جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
* سڀ جاندارن ۾ حالتن سان ٺهڪندڙ ۽ اڻ ٺهڪندڙ فرق موجود آهن.
* اهي جاندار جن جا فرق حالتن سان ٺهڪندڙ آهن، اهي وڏي پيماني تي جيئرا رهي سگهن ٿا انهن جي بنسبت جن جا فرق حالتن موافق نه آهن. ٻين لفظن ۾ بقا جي جدوجهد ۾ قدرت ٺيڪ شين جي چونڊ ڪري ٿي.
* هڪ نسل جا جاندار ايندڙ نسل جا ابا آهن ان ڪري سٺيون تبديليون هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿين ٿيون.
* هر نسل ۾ حالتن موجب ماحول جي چونڊ ڪرڻ جي سست پر اڻ ٽر پهچ موجود آهي.
* سٺيون تبديليون جيڪي هڪ نسل کان ٻئي نسل طرف ڊگهي عرصي تائين منتقل ٿين ٿيون اهي جاندار ۾ ايتري حد تائين گڏ ٿين ٿيون جو اهو هڪ نئين قسم جي جاندار ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
ڊارون مٿين لفظن جي وضاحت ڪندي چيو ته ڌرتيءَ جي تناسب سان جاندارن جي واڌ ٿئي ٿي، هاٿي جيڪو کير پيئاريندڙ جانورن مان سڀ کان گهٽ ٻچا ڄڻيندو آهي، اهو ٽيهن سالن جي عمر ۾ ٻچن ڏيڻ جي قابل ٿيندو آهي ۽ لڳاتار نوي سالن جي عمر تائين وڌ ۾ وڌ ڇهه ٻچا ڄڻيندو آهي. ڊارون حساب ڪيو ته هاٿين جو هڪ جوڙو ست سو پنجاهه سالن ۾ اڻويهه ملين هاٿين جو اضافو ڪري سگهي ٿو، سيهڙ جيڪو ڇهن مهينن ۾ ٻچا ڏيڻ شروع ڪري ٿو اهو هاٿيءَ جي حساب سان اڻ ڳڻت تعداد ۾ نسلي اضافو ڪري ٿو. ڪوڊ مڇي پنهنجي عمر ۾ ست ملين آنا ڏئي ٿي جيڪي جيڪڏهن مڇين ۾ تبديل ٿي وڃن ته دنيا جا سڀ سمنڊ صرف انهن جي وجود سان ڀرجي وڃن. اڻ ڪرنگهي وارن جاندارن ۾ نسلي واڌ جي قوت اڃا به وڌيڪ آهي. گهونگهو Oyster هڪ موسم ۾ نوي ملين آنا ڏيندو آهي. جيڪڏهن هڪ گهونگهو جيئرو رهي پنجن نسلن تائين ان مقدار سان آنا ڏيندو اچي ته ان جي آنن جي ڇلڙن جو تعداد ڌرتيءَ جي مقدار کان اٺوڻو ٿي وڃي. پيراميشيم ڏينهن ۾ ٽي دفعا ٽٽي الڳ جاندار جي صورت اختيار ڪندو آهي، جيڪڏهن اهو ان رفتار سان پنجن سالن تائين جيئرو رهي ته ڌرتيءَ جي مقدار کان ڏهه هزار دفعا گهڻو ٿي وڃي. اها ڳالهه ٻوٽن جي ٻجن مان پڻ لاڳو آهي. ان ڪري گهڻو نسل پيدا ڪندڙ جاندارن جي حياتي انهن کان گهٽ آهي جيڪي وڏي عمر ۾ ٿورو نسل پيدا ڪن ٿا.
ڌرتيءَ جي تناسب سان نسلي واڌ ڪري هر جاندار پاڻ کي برقرار رکڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪري ٿو. اها جدوجهد جاءِ، کاڌي ۽ زندگيءَ جي ٻين ضرورتن متعلق ٿئي ٿي. اها جدوجهد پڻ آس پاس جي طبعي ڦير ڦارن، وڌيڪ گهم يا خشڪي، ٿڌ يا گرمي، روشني، طوفان ۽ زلزلن خلاف ٿئي ٿي، ان ڪري هن جي بناوٽ ۾ ان لحاظ سان ڦير ڦار ٿئي ٿي جيئن اهو حالتن جو مقابلو ڪري سگهي.
سڀني جاندارن ۾ بناوٽ، پکيڙ، رنگ، جسماني سرشتن ۽ عادتن جو واضح فرق موجود آهي. ڊارون جي بقول اهي فرق حالتن موجب تبديل ٿيندا رهن ٿا، انهن مان ڪجهه فرق جاندارن لاءِ فائديمند آهن، ڪجهه غير فائديمند ۽ ڪجهه نقصانڪار، ڊارون، مورثي ۽ غير مورثي فرقن ۾ تفاوت بيان نه ڪيو آهي، هن ايترو چيو آهي ته سڀ فرق مورثي هوندا آهن جيڪي بقا جي جدوجهد ۾ اڳتي هلي ظاهر ٿيندا آهن، پر ٻين سائنسدانن ڊارون کان پوءِ غير مورثي فرقن کي پڻ پڌرو ڪيو.
اڻ ڳڻت جانورن جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ انهن ۾ هڪ مقابليدار بقا جي جدوجهد شروع ٿي وڃي ٿي، جيئن ته سڀني جاندار قسمن ۾ واضح فرق موجود رهن ٿا، جن وٽ فائدي وارا فرق ٿين ٿا اهي پنهنجي پسگردائيءَ واري ماحول ۾ ٺهڪي اچن ٿا. بنسبت ٻين جي جيڪي انهن صلاحيتن کان محروم آهن، ان ڪري فطرت ٺهڪندڙ شين جي چونڊ ڪري ٿي. ٺهڪندڙ جاندار ڊگهي عرصي تائين جيئرا رهن ٿا ۽ پنهنجا ڪمائتا فرق پنهنجن نسلن ڏانهن منتقل ڪن ٿا. چونڊ جو اهو عمل نسلن کان نسلن تائين جاري رهي ٿو ۽ ڊگهي عرصي کان پوءِ اهي فرق ان حد تائين گڏ ٿي ظاهر ٿين ٿا جو جاندارن جو اهو قسم مڪمل طور نئي قسم ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ ان کي ئي ارتقا چئجي ٿو.
ڊارون جڏهن پنهنجو نظريو لينن سوسائٽيءَ ۾ پيش ڪيو ته ان هجوم ۾ موجود ماڻهن جي ذهنن ۾ هڪ نئي هلچل مچي وئي. ڪجهه ماڻهو شڪ جي انداز ۾ پنهنجين ڏاڙهين تي هٿ ڦيرڻ لڳا ته ڪجهه ڏاڙهيون ان جي مخالفت تي لهي آيون. جيڪڏهن اهو نظريو صحيح هيو ته سڀ مذهبي ماڻهو ان وقت تائين اوندهه ۾ جيئرا ۽ مرندا آيا هئا. ان نظريي سان ڌرتيءَ جي گولي جي انهن لکين سال اڳ فنا ٿي ويل جاندارن جي ڍانچي ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو جيڪي اڃا تائين هڪ ڳجهارت جي صورت ۾ عجائب گهرن ۾ محفوظ هيا. ڊارون جي نظريي ۾ اهڙي پختگي هئي جو اهو انجيل جي تشريح کان به گهڻو حيرت ۾ وجهندڙ هيو. ان اجلاس کان پوءِ اهي سڀ ڳالهيون سائنسدانن تائين محدود رهيون ۽ عوام تائين نه پهچي سگهيون.
ٻئي سال ڊارون پنهنجي نظريي تي ”اصل جاندارن جا قسم“ جي نالي سان ڪتاب شايع ڪيو. ڪتاب جو پهريون ايڊيشن ان جي پڌري ٿيِڻ واري ڏينهن ئي ختم ٿي ويو. ان کان پوءِ بحث ۽ مباحثي جو هڪ واچوڙو مٿي ٿي هر طرف ڦهلجندو ويو. ”اهو شخص پاڳل آهي“. ”ڪافر آهي“. ”قتل جي لائق آهي“. ”ان کي قيد ڪري موت جي سزا ڏني وڃي“.
ڊارون خلاف جتي نفرت جو طوفان اٿيو اتي هن جا ڪجهه حامي به پيدا ٿيا. هن جو نالو يورپ کان وٺي آمريڪا تائين گونجڻ لڳو.
ڪليسا جا پادري چوڻ لڳا ”جيڪڏهن انجيل جي پيش ڪيل حقيقت کي قبول نه ڪندوءُ ته بي دينيءَ جي دروازن کي کولي ڇڏيندئو جيڪي اخلاقي معيار کي وهائي هليا ويندا“.
”بڪواس بند ڪيو“. ڪجهه سڃاڻ ذهن فلسفين چيو. ”اهو سڀ خدا جي عبادت جي نئي آزادي جو فلسفو آهي”.
ان بحث جي سلسلي ۾ بشپ سيمونيل ولبر فورس 1860ع ۾ ڊارون جي هڪ جوشيلي حامي ۽ حياتيات جي نوجوان ماهر ٿامس هسڪلي سان ان موضوع تي هڪ مناظري جي چيلينج قبول ڪئي. آگسٽ جي ان منجهند جو آڪسفورڊ جو هال مڪمل طرح ٻڌندڙن سان ڀريو پيو هيو. آڪسفورڊ جا شاگرد ڪنهن نه ڪنهن ڌر جي حوصلا افزائي ڪرڻ يا مذاق اڏائڻ لاءِ موجود هيا. هڪ طرف سائنسدان ۽ ٻئي طرف ڪليسا جا پادري ويٺا هيا.
ولبر فورس پراڻن ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ نظرين جي بنياد تي اهڙا مثال ڏئي رهيو هيو جيڪي سائنسدانن لاءِ عجيب هيا، هو سائنس کي انجيل جي پيداوار چئي رهيو هيو. انجيل کي هڪ مڪمل ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪري رهيو هيو جنهن ۾ سڀ سائنسي نظريا سمايل آهن پر هن جون اهي ڳالهيون ويهه سال پراڻيون هيون، ڊارون جو نظريو هر طرح سان انجيل کي ٿڏي رهيو هيو. بشپ ولبر آخر ۾ هسڪلي طرف اشارو ڪندي چيو ”ڇا منهنجو دوست اهو ٻڌائيندو ته هو پنهنجي ماءَ جي طرف کان ڀولي جي نسل مان آهي يا پيءُ جي طرف کان؟”.
اهو ٻڌي نوجوان هسڪلي ٽپ ڏئي پنهنجيءَ جاءِ تان اٿيو ۽ ولبر فورس ڏانهن ڪاوڙ مان ڏسندي وراڻيو. ”مان پاڻ کي ماءَ ۽ پيءُ ٻنهي جي طرف کان ڀولي جي نسل مان هوندي هڪ اهڙي انسان تي ترجيح ڏيان ٿو جيڪو ڀولي کان به بدتر آهي“.
ڪليسا جي پادرين جون ڪاوڙ مان رڙيون نڪري ويون ۽ آخرڪار هڪ وڏي بحث کان پوءِ نوجوان هسڪلي پادرين کي هار مڃڻ تي مجبور ڪري وڌو. ٻين لفظن ۾ اها ڊارون جي فتح هئي.
انهن سڀني هنگامن کان ڏور ڊارون سيسڪس جي علائقي ۾ پنهنجي آبائي ڳوٺاڻي جاءِ ۾ رهيو پيو هيو. هن چيو ته هو آڪسفورڊ جي مناظري ۾ شريڪ ٿيڻ کان موت کي ترجيح ڏئي ها. هو ڪڏهن به منظر عام تي اچڻ پسند نه ڪندو هيو. هن ڪڏهن به ڪو سائنسي اعزاز قبول نه ڪيو. سائنسي انعامن جي هن مٿان ائين بارش ٿيڻ لڳي جيئن گارين جي خطن جي، انهن خطن جا جواب هو صبر ۽ شرافت سان ڏيندو هيو جنهن جا اهي مستحق نه هيا.
ڊارون شرميلو ۽ محنتي شخص هيو، جنهن ڪري هو اڪيلائي پسند هيو. ”بيگل“ جهاز جي پنجن سالن واري سفر دوران هن تي جيڪو بيماريءَ جو حملو ٿيو هو. ان ڪري هن جي صحت ڪڏهن به ٺيڪ نه ٿي. ٿورو به گوڙ گمسان يا دوستن جي ملاقات جيڪا اڌ ڪلاڪ تائين مس هوندي هئي هن کي بيمار ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي، امن ۽ سڪون هن جي لاءِ تمام ضروري هيو. تقريبن هر سال هن جو هڪ نئون ڪتاب ضرور شايع ٿيندو هيو. هنجي ڪتاب ”انساني نسل“ “Descent of man” ۾ انساني جانورن جو شجرو ڏنل آهي. جنهن تي ڪليسائن جي طرف کان سخت تنقيد ۽ ملامت ڪئي وئي. ڊارون انهن ڳالهين کان متاثر ٿئي بغير ”انسانن ۽ جانورن ۾ جذبن جو اظهار“ نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ انسان جي جمالياتي احساسن کي هن جانورن ۾ پڻ ڳولي لڌو.
ڊارون جا مخالف ٻيو ڪو رستو نه ڏسي هن جي زندگيءَ جي اخلاقي ڪمزورين کي ڳولڻ لڳا. اهي بس ايترو ئي معلوم ڪري سگهيا ته ڊارون هڪ انتهائي شريف ۽ ضعيف ماڻهو آهي، جنهن علم جي خدمت ۾ پنهنجا وار اڇا ڪيا آهن ۽ جيڪو پنهنجو سمورو وقت گلن ۽ ٻارن ۾ گذاري ٿو جيڪي هن کي تمام پيارا آهن. جيتوڻيڪ هو پنهنجن نظرين جي بنياد تي لادين ٿي ويو هيو ۽ هن ڪليسا وڃڻ ڇڏي ڏنو هيو. تڏهن به هن جي زبان مان هڪ اهڙو حرف به نڪتو هيو جيڪو خدا جي وجود يا انساني روح جو انڪاري هجي.
سائنسدانن مان ڊارون جيتري عزت شايد ئي ڪنهن ٻئي کي ملي هجي. هو جڏهن به ڪنهن سائنسي گڏجاڻيءَ ۾ ويندو هيو ته سڀ ٻڌندڙ هڪ ئي وقت اٿي بيهندا هيا ۽ جوش مان تاڙيون وڄائي هن جي آجيان ڪندا هيا. هن جي ذات گذريل صديءَ جي متضاد ۽ نئي موضوع جي بحث جو مرڪز رهي، اها هڪ اهڙي جنگ جو مرڪز رهي جيڪا نئي فلسفي جي فتح جي جنگ هئي. حقيقت ۾ هن ذاتي طرح ان جنگ ۾ ڪو به حصو نه ورتو. هو هڪ محنت ڪش مالهيءَ جيان هر سال زرخيز خيالن جا باغ پوکيندو رهيو ۽ هن انهن لڙ ۽ گوڙ ڪندڙ پکين ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو جيڪي هن جي ڀريل باغ کي نقصان پهچائڻ لاءِ هن مٿان لامارا ڏيندا هيا، ڪليسا جي پادرين جي تهمتن جي ڀيٽ ۾ هو سائنسي تنقيد کي غور سان ٻڌندو هيو ۽ چوندو هيو ته جيڪڏهن ڪو به هن جي نظريي کان بهتر ڳالهه پيش ڪري ته هو پنهنجي نظريي تان بخوشي دستبردار ٿي ويندو.
چارلس ڊارون 12 فيبروري 1809ع ۾ ان ڏينهن پيدا ٿيو جنهن ڏينهن آمريڪا ۾ غلاميءَ جو خاتمو ڪندڙ عظيم انسان ابرهام لنڪن جنم ورتو. هن 1882ع ۾ وفات ڪئي. هن مرڻ کان اڳ وصيت ڪئي ته هن کي پنهنجي ڳوٺاڻي گهر ۾ دفن ڪيو وڃي پر برطانوي قوم (جنهن هن کي ته ”نائٽ“ جي اعزاز کان محروم رکيو پر هن جي ٽن شاگرد سائنسدانن کي اهو اعزاز بخشيو) مرڻ کان پوءِ لاش کي پنهنجي امانت ۾ ورتو،. هن جو تابوت ويسٽ منسٽر ايبي آندو ويو. تابوت جي جلوس ۾ هسڪلي، هوڪر، ويلس، سرجان ليڪ، ارل آف ڊربي، ڊيوڪ آف آرگائل، ڊيوڪ آف ڊيون شائر شامل هيا. هن کي نيوٽن جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.