شاعري

دَرد گهُنگهرو ٻَڌا

احساس ميرل سَيبتو سُڄاڻ شاعر آهي، جنھن پنھنجي شاعراڻي پنڌ ۾ سٺي مڃتا حاصل ڪئي آهي، اِها مڃتا کيس وقتائتي سُندر شاعريءَ جي حوالي سان ملي آھي. احساس سچ تہ سھڻن احساسن جو شاعر آهي. پياري احساس ميرل وٽ شعري حوالي سان کوڙ سارا موضوع آهن. قوميت ۽ محبت سان گڏ هن زندگيءَ جھڙي منجهائيندڙ موضوع يا هڪ ڏُکي ڳُجهارت تي پڻ گهڻو ڪجهه سوچيو ۽ لوچيو آهي. احساس ميرل جي زيرِ نظر شعري مجموعي اندر اسان کي غزل جي صنف اندر مختلف موضوعن، خيالن ۽ احساسن جي اُپٽار نظر اچي ٿي. 

Title Cover of book دَرد گهُنگهرو ٻَڌا

پنھنجي پاران: وقت جا وهڪِرا....

منھنجي خيال ۾ علم ۽ ادب ٻه الڳ الڳ مَقام آهن، ڏٺو وڃي ته جتي علم هُجي ۽ ادب نه هُجي اتي علم جو مَقام هلڪڙو لڳندو آهي. پر جيڪڏهن ٻنھي مقامن ۾ هڪ ملي ته ادب جو پلڙو ڳرو ٿئي ٿو، پر جي ٻئي هُجن ته مُنڊيءَ تي ٻُڙو ڇو ته علم ابليس وٽ به هو پر ادب کان محروم هو. سائين منھنجا زندگي جي پنڌن ۾ هزارين يادون گڏجي هَلن ٿيون، ۽ پوءِ اُهي يادون جِيوَن جي سفر ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن. منھنجي خيال ۾ هرماڻهوءَ جي زندگيءَ گذارڻ جا ٻه پهلو هوندا آهن، هڪ ضرورت ۽ ٻيو شوق، ڪڏهن ڪڏھن شوق وارو پهلو ضرورت ڪري گذاريندا آهيون، پر اسان جو شوق وارو پهلو به اهڙو هُجي جنھن مان پنھنجي ذات ۽ ٻين کي تڪليف يا نقصان نه ٿئي، ڪوشش هُجي ته فائدو ئي ٿئي، ڀلا جي فائدو نٿو ٿئي ته نقصان به نه ٿئي ، جئين عام چوڻي آهي ته ”ماڻهو ڪنھن کي ڏي نه ته ڏُکوئي به نه..“ اسان کي رب پاڪ ڏات سان نوازيو آهي، جيڪو ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي، ڏسو نه دوستو دنيا جي دردن کي لفظن جي صورت ۾ اظھارڻ به هرڪنهنکي نصيب ناهي ٿيندو شاعريءَ جي ميدان ۾ مون به بانبڙا پائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پنهنجي ۽ آس پاس جي ڏکن دردن کي پنھنجي لکڻين ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. مون هيل تائين جيڪو ادبي سفر ڪيو آهي، اُن جو مواد هي آهي. منهنجو پھريون شاعريءَ جو ڪتاب، ”تو زندگي چيو هو“، 2014ع ۾ شايع ٿيو ۽ شاعري جو ٻيون ڪتاب ”جڏهن هو زلف ڇوڙي ٿو“ 2016ع ۾ شايع ٿيو، جنھن کانپوءِ پوري سنڌ جي ڪافي پروگرامن ۾ اچ وڃ جو سلسلو شروع ٿيو. جيجل سنڌ جو ڪافي سفر ڪيو اٿم..خير جڏهن سوشل ميڊيا جو دؤر آيو ته مون به گلوبل گھر مان فائدو ورتو ۽ فيس بڪ تي تعارفي سلسلو شروع ڪيم، جنھنجي نتيجي ۾ پوري سنڌ مان شاعرن ۽ شاعرائن جا گڏيل ٻه ڪتاب، ”سُخنور سنڌ ڌرتيءَ جا“ جي نالي سان ڀاڱو پھريون، 2017ع ۽ ”سُخنور سنڌ ڌرتيءَ جا“ ڀاڱو ٻيون، 2018ع ۾ شايع ٿيو. جنھن کي پوري سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر به ڀرپور موٽ ملي. ان کان علاوه مون جيڪي سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمير جا سفر ڪيا، انھيءَ سفر جي ساروڻين جو ڪتاب، ”مان شھر اُڏيري ٽيشڻ جو“، 2019ع ۾ ڇپيوآھي.. منھنجي نثر جي پھرين ڪتاب کي جيڪا موٽ ملي آهي، سچ پچ ته منھنجي لاءِ ڪنھن اعزاز کان گھٽ ناهي، يقينن منهنجي ڪاميابي پويان سڀ کان پهرين جيجل امان ۽ باباسائين جِن جون دعائون شامل آهن، ان کان پوءِ مون پھرين به ڪافي هنڌن تي ذڪر ڪيو آهي ته منھنجو شھر اڏيرو لال اسٽيشن محبتن جو شهر آهي. هتي جو هر فرد منھنجي ڪاميابي جو باعث آهي. آئون سمجهان ٿو ، سائين امين اڏيرائي کان ويندي، حاجي غلام حيدر خاصخيلي، ادا سائين منظور عمراڻي، عرفان عزم ، فقير بلاول خشڪ، سائين شاهنواز چنا، شاد عبدالشڪور ڇٽو، ادا عاجز ڇٽو، آزاد ابوبڪر ڇٽو،شيرل سولنگي. عمران وفائي، ادا حيدرامان جسڪاڻي، سائين گل ابڙو، خليل ابڙو، سائين منور علي بڙدي سيف سولنگي، بابوجان، تائين سڀن مون کي اتساھ ڏنو آهي ۽ سڀ سڄڻ سڏ ۾ سڏ ڏين ٿا، انھن کان علاوہ محبتي ماڻھو ڊاڪٽر محمود مغل به مون لاءِ ڇپر ڇانءُ کان گھٽ نه آھي... هوئن به تاڙي هڪ هٿ سان ناهي وڄندي، هنن پيارن ۽ دل وارن جي ڪري اسان جا ننڍڙا ننڍڙا پروگرام به زبردست ٿين ٿا، شال هي محبتن جا ميلا قائم و دائم رهن. ان کان علاوه آئون اڏيرو لال اسٽيشن جي تاريخي حوالي سان ڪتاب لکي رهيو آهيان. جنھن ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون شامل آهن. مون اهو ڪتاب 2018ع ۾ لکڻ شروع ڪيو. انشاءِالله 2020ع جي آخر تائين ڇپجي ويندو. آئون تمام گھڻو ٿورائتو آهيان. سائين آسي زمينيءَ جو جنھن منھنجي ٽُٽل ڦُٽل لفظن تي پنھنجي قيتي راءِ ڏني. ان کان علاوه آئون ٿورائتو آهيان محترم عزيز ڪنگراڻي، محترم سائين ايوب کوسو ۽ پياري حاجي ساند جو جن مُنھنجي شاعريءَ تي پنھنجا خوبصورت ويچار ونڊيا ۽ پياري پرڪاش ڪرمواڻيءَ جا لک قرب جنھن ڀائرن وانگي ساٿ ڏنو ۽ ڪتاب کي سٺو معيار مھيا ڪيو. منھنجو هي شاعريءَ جو ڪتاب، "دردَ گُھنگھرو ٻَڌا" اوهان کي ڪيئن لڳو..؟ پنھنجي قيمتي راءِ کان ضرور آگاھ ڪجو.
جتي به هجو ، شال سُکيا ستابا هجو..!

خير انديش

احساس ميرل سھتو
-03013516393
اڏيرو لال اسٽيشن