وفات ۽ مدفن:-
چنا صاحب جڏهن 1977ع ۾ اسلام آباد نيشنل ڪميشن آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ ڪميشن آف پاڪستان ۾ سيڪريٽري هئا، تنهن وقت کين حج ڪرڻ جو شوق ٿيو، پنهنجي پينشن جا پئسا ڪڍرائي، حج جي تياري ڪئي، انهيءَ وقت قراءِاندازي ڏاڍي ڏکي ٿيندي هئي، پر الله جي مهرباني سان سندس ۽ سندس گهر واري، ۽ هڪ فرزند محمد صالح چنا جو سعودي عرب وڃڻ لاءِ ڪم ٿي ويو. پاڻ جڏهن سعودي عرب پهتا ته اتي سڀ کان پهريان حج جا سڀ فرض پورا ڪري ڇڏيائون، اوچتو هڪ ڏينهن دل جي تڪليف ٿي پين ۽ پاڻ اتي ئي 24 نومبر 1977ع بمطابق 15 ذوالحج 1397 هجري تي هن فاني دنيا مان لاڏڻو ڪيو، سندس ميت کي سندس ئي خواهش موجب، مڪي شريف جي مشهور قبرستان ”جنت المعليٰ“ ۾ دفن ڪيو ويو، هن نيڪ ڪم ۾ سندس شاگرد، عبدالغفار ابڙو هالائي (1) ۽ سندن مرشد شيخ منظور حسين (2) خيرپور ميرس وارو، غلام محمد جانوري ۽ ٻين دوستن حصو ورتو. ۽ سندس گهر واري ۽ سندس فرزند ٻنهي کي پنهنجي ملڪ پاڪستان پهچائڻ ۾ پڻ مدد ڪئي.
(1) عبدالغفار ابڙو هالائي، پروفيسر محبوب علي چنا جو پيارو شاگرد هو. جيڪو هالا ڪاليج ۾ سندن وٽ پڙهيو هو. اهو به اتي الجزيره بئنڪ ۾ ملازم هو، هاڻي سنڌ ۾ آهي، جنهن سعودي عرب ۾، چنا صاحب کي دعوت به ڏني هئي، پر ٻئي ڏينهن چنا صاحب جن وفات ڪري ويا هئا.
(2) چنا صاحب جي پٽ نجيب الرحمان کان ذاتي انٽرويو دوران معلوم ٿيوته، شيخ منظور حسين رحه انهن ڏينهن ۾ سعودي عرب حج ڪرڻ لاءِ ويا هئا، شيخ منظور حسين کي بابا اسلام آباد ۾ رهڻ دوران پنهنجو مرشد ڪيو هو. پاڻ وڌيڪ ٻڌايائون ته، غلام محمد جانوري جيڪو بابا جو دوست هو، اهو جڏهن واپس پاڪستان آيو ته اسان کي ٻڌايائين ته، اسين سڀئي سائين شيخ منظور حسين رحه جي رهائش تي هڪ ڪمري ۾ ويٺا هئاسين ته، سائين جن مراقبي ۾ هئا، جڏهن مراقبو لاٿائون ته اوچتو رڙ ڪري چيائون ته، پروفيسر محبوب علي چنا جن کٽي ويا، هو رسول الله جن جي محفل ۾ وڃي شامل ٿيا آهن.