پروفيسر محبوب علي چنا جا مختلف ڪتابن ۾ لکيل مقدمه، ديباچه، پيش لفظ ۽ ٻه اکر
پروفيسر محبوب علي چنا پنهنجي دؤر جو هڪ مڃيل عالم هو ۽ علمي سرمايو پڻ. پاڻ علم توڙي ادب جي تقريباً سڀني رخن ۾ ڪم ڪيائون، سندن علمي ڄاڻ ۽ فڪر جي مڃتا هر علمي اداري توڙي شخصيت وٽ هوندي هئي، پاڻ جن ڪتابن جا عالمانه مقدمه ،ديباچا، پيش لفظ ۽ ٻه اکر لکيا اٿن، انهن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
”مقدمه“
(i) ڪتاب : “ايسپ جون آکاڻيون”
هي ڪتاب نصيحت آميز آکاڻين جو هڪ مجموعو آهي، جنهن ۾ ڪل 217 چونڊ آکاڻيون نصيحت سميت ڏنل آهن، هي ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيل آهي، جنهن جا هن وقت تائين چار ڇاپا شايع ٿيل آهن. ايسپ جون آکاڻيون، دنيا جي تقريباً سڀني ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهن، اٽڪل هڪ سؤ ورهيه اڳ، سنڌ جي تعليم کاتي طرفان، ايسپ جي آکاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايو ويو هو. جن مترجمن ايسپ جي آکاڻين کي، سنڌيءَ ۾ترجمو ڪري پيش ڪيو اهي هي آهن:
(1) مسٽر ايلس (2) ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي (3) منشي اڌارام ٿانورداس شامل آهن.هن ڪتاب جو مقدمو، پروفيسر محبوب علي چنا جو لکيل آهي، جنهن ۾ سڀ کان پهريان ئي ڪتاب جي اصلوڪي ليکڪ ايسپ صاحب جو احوال ڏنو ويو آهي، ان کانپوءِ فاضل ترجمانن خواه ڪتاب بابت معلومات ڏني وئي آهي.
چنا صاحب، ڪتاب جي پهرين مصنف جو تعارف هن ريت ڪيو آهي: ”عيسوي سن کان 620 ورهيه اڳ، يونان ۾ هڪ نهايت داناءُ شخص پيدا ٿيو، جنهن جي پٺ ڪٻڙي هئي، ان ڪري کيس ” ڪٻڙو“ سڏيندا هئا، هو اول غلام هو ، پوءِ آزاد ٿيو، هن انسانن جا ڏک، درد بيان ڪرڻ ۽انهن کي سمجهائڻ لاءِ جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون، اهڙي طرز سان پيش ڪيون، جيئن ڪوبه ظالم حاڪم، انهن تان ڪاوڙجي نه سگهي ۽ ٻڌندڙ سندس مطلب سمجهي وڃي.“ (چنا ، 2005 ع ، ص ، 2)
اهڙيءَ طرح ايسپ جون آکاڻيون، جهڙيون عام کي پسند پيون، اهڙيون خاص کي، ايتريقدر چيو وڃي ٿو ته، مشهور فلسفي سقراط، قيد خاني ۾ به پنهنجي مطالعي لاءِ هن جليل القدر آکاڻين کي پڙهندو هو ۽ هن انهن کي پسند ڪيو، دنيا ۾ پوءِ ٻين به ڪيترن ئي دانائن هن طرز کي پسند ڪري، اهڙي قسم جون آکاڻيون جوڙيون. چنا صاحب، سنڌي مترجمن جي مختصر احوال ۽ سندن ڪتابن جا نالا به ڏنا آهن.مقدمي ۾ منشي اڌارام ۽ ديوان ننديرام جي نسخن ۾ فرق ڄاڻائيندي لکيو آهي ته:
”منشي اڌارام، پنهنجي ڪتاب جون سڀ آکاڻيون، منشي ننديرام واري نسخي تان ورتيون آهن.مگر انهن جا عنوان ڦريل ، زبان سنواريل ،عام فهم ۽ سلاست وارا عناصر غالب ۽ فهرست داخل آهي، انهن ٻنهي نسخن جي ڦير گهير جي خبر هيٺين آکاڻين مان پوندي، جي ساڳئي مفهوم واريون، ٻنهي ڪتابن مان ورتيون ويون آهن ، منشي اڌارام هر هڪ آکاڻي مان ڪونه ڪو نتيجو ڪڍيو آهي ۽ ان کي قارئين ڪرام لاءِ، نصيحت طور ڪري پيش ڪيو آهي. مثال طور: انهن ٻنهي عالمن جي آکاڻين ۾ فرق هيٺين ٻن آکاڻين ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
آکاڻي : ( منشي ننديرام جي لکيل لوڪڙ ۽ ڊاک جي)
” هڪڙو لوڪڙ، بکيل اوچتو ڊاک جي باغ ۾ آيو، تنهن ۾ سنهارا ڇڳا ڊاک جا ٽنگيل پيا هئا ، پر منه ڊاک جو ايترو مٿي هو ته جيترو ڪيترو لومڙ پنهنجي ٿڪجڻ توڻي ٽپا ڏنا پر هڪڙو ڇڳو نه مليس، نيٺ چيائين، جنهن کي وڻي سو وٺي ڇا کان جو هي کٽا ۽ ڪچا آهن، مون کي نٿا گهرجن.“
اهڙي طرح ساڳي آکاڻي ”گدڙ ۽ ڊاک جي“ منشي اڌارام جي وري هن طرح لکيل آهي” هڪڙو بکيل گدڙ، گهمندي گهمندي اوچتو ئي ڪنهن ڊاک جي منهن هيٺ اچي سهڙيو، اتي جان کڻي مٿي نهاري ته ڇا ڏسي جو سهڻا ۽ عمدا ڊاک جا ڇڳا پيا لڏن ۽ لٽڪن، ڀانيائين ته ٽپو ڏيئي ڇني کان، پر ڊاک جو منهن جو تمام مٿي هو، سو ٽپا ڏيئي ٿڪجي پيو ته، هڪڙو ڇڳو نالي کي نه مليس. نيٺ چوڻ لڳو ته، جنهن کي وڻي سو وڃي ڇني کائي، مون کي ڪين گهرجي ڊاکون ته کٽا ۽ ڪچا آهن.“ (چنا، 2005ع، ص ، 13 ، 14)
ٻنهي عالمن جي ڏنل مٿين آکاڻين ۾ فرق ڏيکاريو ويو آهي، ۽ انهن مثالن مان هيٺيان نتيجا به ڪڍيا ويا آهن، جيئن، منشي اڌارام واري نسخي ۾ ڇاپي خواه اعرابن جون گهڻيون غلطيون آهن، جزم، پيش ۽ زبر کي اڪثر استعمال ڪيو ويو آهي جيڪڏهن اکر ”هِڪِڙو“ لکڻو آهي ته ان کي ”هِڪڙُو“ جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، اهڙي قسم جي صورتخطيءَ جون ڪيتريون غلطيون آهن. جي گهڻو ڪري منشي اڌارام واري نسخي ۾ نه آهن.
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾، چنا صاحب جي مقدمي مان تمام گهڻي معلومات ملي ٿي. انهيءَ مان هي نتيجو نڪري ٿو ته، ايسپ جون آکاڻيون نهايت مزيدار ۽ نصيحت وارن نڪتن واريون آهن، جن کي دنيا جي اڪثر ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو،ان سلسلي ۾ سنڌ جا ڏاها به پوئتي نه رهيا هنن به انهن آکاڻين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي اهميت کي وڌايو، هنن آکاڻين جي، سنڌي ادب ۾شامل ٿيڻ کانپوءِ، هڪ ته سنڌ جي ٻارن توڙي وڏن کي ادب پڙهڻ جو ذوق وڌيو ۽ انهن کي غير سنڌين جي ڪلچر ۽ معلومات جي به ڄاڻ ملي. انهن آکاڻين جي سنڌي ادب ۾ شامل ٿيڻ جي ڪري سنڌي ادب به سگهارو ٿيو ۽ دل کي وڻندڙ دلچسپ ٽوٽڪا، سنڌي پرهندڙن لاءِ سنڌي ادب ۾ شامل ڪيا ويا.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقدمو ،”ايسپ جون آکاڻيون“، مترجم، ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي، ڄام شورو، سنڌي ادبي، بورڊ، ڇاپو چوٿون، سال، 2005ع، ص، 2 .
(2) حوالو ساڳيو، ص، 13، 14.
*
(ii) ڪتاب: ”ڪچڪول طالب الموليٰ“
هن ڪتاب جو مؤلف،پروفيسر محبوب علي چنا آهي، هي ڪتاب بزم سروري سنڌي، سروري اسلاميه ڪاليج هالا سنڌ طرفان ، سال 1955ع ۾ شايع ڪيو ويو.
هن ڪتاب جو ”مقدمو“، پروفيسر محبوب علي چنا جو لکيل آهي، جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي سوانح حيات ۽ شعر و شاعري جو تذڪرو، تفصيلي طور ڏنل آهي، چنا صاحب جو لکيل هي تذڪرو 1950ع واري ڏهاڪي ۾، مخدوم صاحب جن جي ذهني لاڙن شغل ، شوق ۽ اٿي ويٺيءَ جو آئينه دار پڻ آهي، چنا صاحب، مخدوم صاحب جون مکيه دلچسپيون به بيان ڪيون آهن جن ۾ هڪ مطالعو، ٻيو شاعري، ٽيون شڪار، چوٿون موسيقي، پنجون والي بال راند ۽ ڇهون سير ۽ تفريح ۾ شامل آهن. ان کان علاوه مخدوم صاحب شاعريءَ جي جنهن به نوع تي طبع آزمائي ڪئي اٿن سي هي آهن، غزل، قطعه، ربائي، فرد، مثنوي مخمس، مثمن، مستزاد ۽ ڳجهارت.
چنا صاحب جو هي لکيل مقدمو، هڪ طويل مقدمو آهي، جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ بابت سموري معلومات ميسرڪئي آهي، سندس ڏنل ان معلومات مطابق اسانجي ايندڙ نسل کي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جي حقيقي زندگي حالات ،ڪارنامن، علمي ،ادبي ، سماجي ، ثقافتي خدمتن جي معلومات ملي ٿي. هن مقدمي جو تفصيلي ذڪر پويان اچي چڪو آهي.
(iii) ڪتاب: ”لطيفي لنؤ “
هي ڪتاب پروفيسر محبوب علي چنا جو ترتيب ڏنل آهي، جڏهن پاڻ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾، پرنسپال ۽ بزم لطيف جا صدر هئا، هي ڪتاب بزم لطيف، گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد سنڌ، طرفان 1951ع تي شايع ڪيو ويو.
هن ڪتاب جو مقدمو، پروفيسر محبوب علي چنا جو لکيل آهي، مقدمي مان خبر پوي ٿي ته، بزم لطيف جي ڪاوشن سان، لطيف شناسيءَ جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ جي مختلف پهلوئن متعلق، مختلف عنوانن تي لکيل مضمونن کي، ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ، بزم لطيف رسالي جو ”لطيف نمبر“ شايع ڪيو ويندو هو. اهڙي طرح سان چنا صاحب ، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مضمونن متعلق مختصر ڄاڻ ڏني آهي، پاڻ هن مقدمي ۾، لطيف سائين سان عقيدت جو اظهار هن طرح ڪري ٿو ته: ” اميد ته هي لطيفي لنؤ شاگردن جي عقيدت مندي جو گلدستو، شاهه صاحب جي شائقين لاءِ سلوڻي سوکڙي ثابت ٿيندو.“ (چنا، 1951ع ، ص ، الف)
ڪتاب لطيفي لنؤ، هڪ سهڻو ۽ لطيفي ڄاڻ جي حوالي سان سنڌي ادب جو اهم ذخيرو آهي، جنهن کي چنا صاحب، ترتيب ڏيئي، سنواري ، شايع ڪرايو.
حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ”مقدمو“، ”لطيفي لنؤ“، مؤلف، پروفيسر محبوب علي چنا، بزم لطيف، حيدرآباد، گورنمينٽ ڪاليج، سال، 1951ع ، ص ، الف.
*
(iv) ڪتاب : ” تاريخ ريگستان “ ( ڀاڱو ٻيون)
هي ڪتاب ٿر جي نامياري استاد رائچند هريجن راٺور جو لکيل آهي. هن ڪتاب جي ڀاڱي ٻئي جو، پهريون ڇاپو 1975ع ۾ ڇپيو، ان بعد ٻيو ڇاپو، 1988ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيو ويو، هن ڪتاب ۾ ٿر جي تهذيب ۽ تمدن، رهڻي ڪهڻي، گذر و معاش، لباس ۽ خوراڪ، هنر ۽ ڪاريگريون، پکي پکڻ ۽ جانور، ٿر جا ميلا، رانديون، ڪچهريون، ٿر جون جاگرافيائي حالتون، ٿري ٻولي ۽ علم ادب، ٿري ماڻهن جو ڪردار، حيا ۽ شرم، اخلاق ۽ عادتون، ايمانداري، ٿر جون مسجدون ۽ مندر، ٿر جا شهر ۽ ڳوٺ وغيره، مطلب ته هن ڪتاب ۾ ٿر جو مڪمل احوال پيش ڪري تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ، نامياري عالم غلام محمد گراميءَ جو لکيل آهي. ۽ هن ڪتاب جو مقدمو، پروفيسر محبوب علي چنا جو لکيل آهي، سنڌي ادبي بورڊ جي ٺهراءُ موجب، هيءُ ڪتاب چنا صاحب جي حوالي ڪيو ويو ته، جيئن شايع ٿيڻ کان اڳ، ڪتاب جي ترتيب ۽ تدوين ۽ ترميم ٿيڻ کانپوءِ شايع ڪرايو وڃي. چنا صاحب، ڪجهه ٻين ڪتابن مان به مدد ورتي آهي، جيڪي ڪتاب ٿر سان واسطيدار آهن، جنهن ۾ تاريخ ريگستان ، سير ريگستان ۽ پراڻو پارڪر ۽ ٻه انگريزي ڪتاب شامل آهن. هي ڪتاب شايع ٿيڻ کان اڳ ڪيترين ئي خامين سان ڀريل هو، چنا صاحب پنهنجي علمي ذهانت ۽ محنت سان هن ڪتاب کي درست ڪري شايع ڪرايو.
مثال طور: ” باب چوڏهين جو عنوان“ ، ”زهر چوسڻ “ حذف ڪيو ويو آهي، ۽ باب پندرهين جي عنوان ”ڏٿ“ جا ڏهه صفحا ڪاٽي، ان اهم عنوان کي وراڪن جي ورن کان بچايوويو آهي.ڪن عنوانن کي صحيح ڪري لکيو ويو آهي، جيئن باب سترهين جا ڪي عنوان، جتي جتي تحت الحاشيه نوٽن جي ضرورت محسوس ٿي آهي، اتي اهي به ڏنا ويا آهن ماستر صاحب پاڻ ريگستان جو رهواسي هو، ان ڪري فطري طور سندس زبان ۽ لهجو، به اهو ئي ٿريلو رهيو، اهو اثر ڪتاب جي هر جملي ۾نمايان آهي، ان ڪري مون کي هر جملي تي تمام گهڻو توجهه ڏيڻو پيو آهي.“ (چنا، 1988ع، ص، ط)
چنا صاحب، جهڙيءَ ريت مقدمي ۾ ڪتاب جي سنوارڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، تهڙيءَ ريت ڪتاب جي ترتيب مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته، چنا صاحب جي محنت قابل داد آهي، اگر چنا صاحب هن ڪتاب جي ترتيب ۽ تدوين نه ڪري ها ته، ڪتاب ۾ ڪافي خاميون رهجي وڃن ها.بهرحال مصنف جو هي ڪتاب، ” ٿر جي انسائيڪلوپيڊيا“ آهي، جنهن ۾ هن خطي سان واسطو رکندڙ هر ڳالهه جي تفصيلي معلومات ڏني وئي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي ثقافتي تاريخ جي مطالعي لاءِ هيءُ نهايت ئي ڪارائتو ۽ اهم ڪتاب آهي.
مثال طور: ڪتاب جو مصنف لکي ٿو ته: ” ٿر جو علائقو جيتوڻيڪ جاگرافيائي طور سنڌ جو ڀاڱو آهي ، مگر هتي جون حالتون بنهه اور قسم جون آهن . ٿر واري جي ڀٽن سان ڀريل بيان ۽ ريگستاني علائقو، جتي نڪا ندي ۽ نه واهه، نه ڍنڍ، نه ڍورو، آباديءَ جو سمورو مدار، برسات تي سابه ڪڏهن پوي ته ڪڏهن ڪانه پوي، اونهاري ۾ سخت لڪون ۽ جهولا لڳن. کوهه نهايت اونها، جن ۾ به کارو پاڻي ۽ اڪثر بستين کان پري پري، مسافريءَ لاءِ اٺن جو واحد ذريعو ۽ ڀٽن جي لهه چڙهه ، جنهن جي ڪري ساهه سدائين مٺ ۾ ، ماڻهو ويچارا غريب سادا، اڻپڙهيل ۽ مالدار،جن جو اٺئي پهر واسطو جهنگ سان، گهر سادا ۽ ڪکن جا چؤنرا ۽ چونڪيون لانڍيون ۽ لوڙها، کاڌي ۾ ٻاجهر جو ڍوڍو ۽ لسيءَ لپ ۽ وقتي ڏٿ تي گذران، نه شهري زندگيءَ جون، جديد سائنسي سهولتون نه آرام آسائش لاءِ موقعا نه بنيادي انساني ضرورتن جي پورائي لاءِ ڪو آسرو ۽ نه ناٽڪ، کيل ، تماشا وغيره. ٿر جون حالتون هروڀرو ايتريون ويل نه آهن، صدين کان وٺي جو جتي رهي ٿو، سو ان علائقي جي جاگرافيائي حالتن کي برداشت ڪرڻ ۽ منهن ڏيڻ لاءِ ذهني طور هري چڪو آهي.“ (هريجن، 1988ع، ص، ل)
مطلب ته هن ڪتاب مان ڪافي حد تائين، عام توڙي خاص ماڻهن کي ٿر بابت تفصيلي معلومات ملي ٿي. هن ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ سان، تحقيق ڪرڻ لاءِ ڪيترائي نوان موضوع به حاصل ڪري سگهجن ٿا.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پرفيسر: مقدمو، ”تاريخ ريگستان“، ڀاڱو ٻيون، مصنف، رائچند هريجن ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ٻيون ڇاپو سال ، 1988ع ، ص ، ط .
(2) هريجن، رائچند: ديباچو، ”تاريخ ريگستان”، ڀاڱو ٻيو، مصنف، رائچند هريجن ڄام شورو ، سنڌي ادبي بورڊ ، ڇاپو ٻيو، سال ،1988ع ص ،ل.
*
”ديـبـاچـه“
(i) ڪتاب : ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“
پروفيسر محبوب علي چنا جا لکيل پنهنجا ٻه ڪتاب جيڪي مسلم تاريخ جي حوالي سان مشهور آهن، انهن ٻنهي ڪتابن ۾ پاڻ ”ديباچه“ لکيا آهن، سندس لکيل پهرين ڪتاب ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“، جيڪو سال1967ع ۾، اداره صالح سيريز طرفان شايع ڪيو ويو، هن ڪتاب ۾ سندس ديباچو لکيل آهي، چنا صاحب جي هن ڪتاب جي مطالعي سان هڪ طرف تاريخ جي اهم ۽ اثر انداز شخصيات سان تعارف حاصل ٿئي ٿو، ته ٻئي طرف ان جي اخلاق حميده مان فائدو حاصل ٿئي ٿو.چنا صاحب ديباچي ۾، فن تاريخ تي تبصرو ڪندي، قرآن مان ان فن جي حقيقت بيان ڪئي آهي ۽ پاڻ تاريخ جي واقعن کي قرآن مجيد جي روشني ۾ سمجهايو آهي. قرآن مان تاريخي آيتن جو ترجمو ڏيئي اهو ظاهر ڪيو اٿن ته، تاريخي واقعن، حادثن ۽ قومن جي عروج و زوال ۽ عزت و ذلت جو مظهر، انهن جي عملن جو فطري نتيجو آهي.
مثال طور؛ قرآني آيتن جو ترجمو هن ريت ڏنو اٿن:
(1) ”اسان ڪنهن آبادي (قوم) کي هلاڪ نه ٿا ڪريون، ان کان سواءِ جو ان جا افراد ظالم هجن“ .
(1) الله تعاليٰ ڪنهن به قوم کان پنهنجون عطا ڪيل نعمتون نه ڇني ٿو، جيستائين هوءَ قوم پنهنجو عمل ۽ ڪردار خود نه ٿي بدلي.“ (چنا 1975ع، ص، 19)
مذڪوره آيتن سڳورن مان معلوم ٿيو ته، قانون الاهي يا قانون فطرت، ڪنهن به قوم کي تڏهن آزادي ۽ طاقت کان محروم ڪري ٿي، جڏهن هو ڪمزورن تي ظلم ڪرڻ لڳي ٿي، خواه هي ڪمزور ڪنهن ٻئي محڪوم قوم جا افراد هجن يا خود انهي قوم جا غريب، بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهو ان مان ظاهر ٿيو، ته جا قوم صالح آهي ان کي ڪڏهن به خداوند تعاليٰ ڪنهن به مصيبت ۾ مبتلا نٿو ڪري. هي ڪتاب ”اسلامي تاريخ“ تي خصوصاً سنڌي زبان ۾ هڪ بهترين ڪتاب آهي، هر تاريخي حقيقت مستند آهي ۽ حوالن مان ثابت ڪيل آهي، پروفيسر صاحب هي ڪتاب لکي ٻه طرفو ڪم ڪيو آهي، هڪ طرف پاڻ اسلامي معلومات ڏني اٿن، ٻيو تاريخ جي واقعن کي قلمبند ڪيو اٿن: سندن انهي محنت جو ڦل، اسانجو ايندڙ نسل حاصل ڪندو رهندو، سچ پچ ته سندن، هن ڪتاب کي ادب جي اعليٰ شاهڪارن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ديباچو، ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“ مصنف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، اداره صالح سيريز ڇاپو ٽيون سال، 1975ع، ص، 19.
(ii) ڪتاب: ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“
مسلم تاريخ جي حوالي سان لکيل سندس هي ٻيو ڪتاب آهي، جيڪو اداره صالح سيريز طرفان، 1972ع ۾ شايع ٿيو، هن ڪتاب ۾ تاريخ جي ٻن شخصيتن، حجاج بن يوسف ثقفي ۽ مختار بن ابي عبيده ثقفي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن جي شخصيت، ڪارناما ۽ ڪردار ٻن ڀاڳن ۾ ورهايل آهن. ديباچي ۾ انهن ٻن ڪردارن، حجاج بن يوسف ثقفي ۽ مختار بن ابي عبيده ثقفي جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:
”اسلامي تاريخ جا اهي ڪردار پيش ڪريان ٿو، جي اڪثر معتوب آهن ۽ انهن جو ٻيو نمايان پهلو، سندن معروف روپ جي چادر سان ڍڪيو پيو آهي، گهڻي خوض و ويچار بعد عرب جي سنگدل قبيلي بنو ثقيف جي ٻن فردن کي قلم محبوب جو نشانو بنائي، ڪئين ڪتاب اٿلائي، علم تاريخ جي شائقينن لاءِ هي ڪتاب پيش ڪري رهيو آهيان.“ (چنا، 1972ع، ص، 23)
اهڙيءَ طرح حجاج بن يوسف ثقفي ۽ مختار بن ابي عبيده ثقفي جي ڪردارن جا اسلامي ۽ مسلمانن ۾ اهم ۽ قابل ذڪر ڪارنامه آهن، ته ٻئي طرف ڪيترن ئي بيگناهه انسانن جو خون، ڏاڍ، ظلم ۽ ڏهڪاءُ مان وهايو ويو، انهن جو سچو ۽ سربستو ذڪر نهايت سچائيءَ سان ڪيو ويو آهي.پاڻ انهن جي ڪردارن جي، خصوصيتن کي بيان ڪندي لکي ٿو ته: مثال طور: ” حجاج بن يوسف تاريخ ۾، کيس ظالم ۽ جابر حڪمران جي طور تي سڃاتو وڃي ٿو، مگر هو زبردست گورنرطور مقرر هو،جنهن جي ذريعي ان ڪوفي ۽ بصري کي فتح ڪيو، ان سان گڏ، عربيءَ جو صحيح ۽ بليخ خطيب هو. ديني علمن ۾ هن کي مهارت حاصل هئي، هو بهترين قرئت ڪندو هو، ان قرآن جي لفظن تي اعراب لڳرايا، عالم اسلام ۾ عربي ٻوليءَ کي رائج ڪرڻ ۾ ان جو وڏو هٿ هو، پنهنجين ڪيترين ئي خاصيتن ۽ تنظيمي صلاحيتن جي سبب اهو اموي خلافت جو اهم رڪن سمجهيو ويندو هو“ (چنا، 1972ع، ص، 37)
اهڙي طرح سان ٻئي ڪردار مختار ثقفي لاءِ هن طرح لکيو آهي: ” مختار فصيح ۽ بليغ هو ۽ سندس ڪلام اڪثر مسجع ۽ مقفه هوندو هو. ان ڪري ان جو ڪلام سامعين کي جلد متاثر ڪندو هو، اهوئي سبب هو جو هو قائد بنيو ۽ ڪيترن ڪوفين کي پنهنجو پوئلڳ بنايائين، جنگ ڪندو هو ته سڪون قلب سان وڙهندو هو. هن وڏيون لڙايون ۽ قهار لشڪرن جا مقابلا ڪيا، هن جو ڪردار اگر تاريخ جي تحقيق ۾ ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته پهريان پهريان هن کي به حڪومت جو حرص دامنگير هو“ (چنا، 1972ع، ص، 164-163)
مٿين ٻنهي ڪردارن ۽ ڪارنامن جي خبر پوي ٿي، ته هنن ٻنهي اسلام جي خدمتن لاءِ به پاڻ پتوڙيو، ۽ ڪافي ڪارنامه سرانجام ڏنا، ته ٻئي طرف ظلم ۽ جبر جا ڪارنامه سرانجام ڏنائون، اهڙي طرح سان چنا صاحب، حجاج ۽ مختار جي ڪردارن ۽ ڪارنامن تي تحقيقي ڪم ڪري، سنڌي ادب توڙي اسلامي تاريخ ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر ؛ ديباچو، ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“ مصنف، پروفيسر، محبوب علي چنا ،حيدرآباد، اداره صالح سيريز، ڇاپو ٻيون سال، 1972ع، ص، 23.
(2) حوالو ساڳيو،ص، 37
(3) حوالو ساڳيو، ص، 164-163
*
(iii) ڪتاب: ”ڪليات نورل“
هي ڪتاب مرحوم سيد نور محمد شاهه نورل جو، ”ڪليات نورل“ جي نالي سان پروفيسر محبوب علي چنا ترتيب ڏنو، جيڪو اداره صالح سيريز طرفان، 1970ع ۾ شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ چنا، صاحب جو، ”ديباچو“ ڏنل آهي. ديباچي جي شروعات ۾ چنا صاحب نورل سائين جي شاعريءَ جا ٻه بند ڏنا آهن، جيڪي هن طرح آهن:
عجيبن جا هئم احسان ازحد
ڳڻيو ڳڻيان ڳڻي سگهندس نه هرگز
انهي احسان لائق جي عوض ۾
پڇاڙيان پاڻ پر پڄندس نه هرگز.
(نورل)
ديباچي ۾ چنا صاحب، تي نورل سائين جي نوازش واري نظر کان وٺي، مختلف وقتن تي سندس سان رهاڻيون ۽ انهن رهاڻين ۾، نورل سائين جي ڪلام جو اثر چنا صاحب تي هر وقت اثرانداز ٿيندو رهيو، ۽ آخر چنا صاحب جي دل نورل سائين جي ڪلام کي ترتيب ڏيئي شايع ڪرڻ جو ارادو ڪيو. اهڙيءَ طرح نورل سائين جي وکريل ڪلام کي چنا صاحب گڏ ڪندو رهيو، ديباچي مان اهو به معلوم ٿئي ٿوته، نورل سائين چنا صاحب کي خط به لکندو رهندو هو، ته جيئن سندس ڪلام، سندس ئي حياتيءَ ۾ شايع ٿئي، پر نورل سائين پنهنجو شايع ٿيل ڪلام، اکين سان نه ڏسي سگهيو، ان خط جو عڪس ديباچي ۾ ڏنل آهي، جيڪو فارسي ۾ آهي.
مثال طور: خط جو عڪس فارسي ۾
”بخدمت علوشان عالي تبار
شريف الشمائل شرافت شعار.
شفيق وشڪر خنده شيرين زبان،
بهي بهتري خواه بيچارگان،
زهي ميوه باغنيچهء بهتري،
بملڪ سعادت کند، سروري.
نڌر “نورمحمد” پڄاڻا دعا،
پرن پيش لک من سندي مدعا“
(چنا، 1970ع، ص، ي)
اهڙيءَ طرح ڪتاب جي ترتيب جي حوالي سان به مختصر ذڪر ملي ٿو، ان کانپوءِ نورل سائين جي ڪلام بابت به ڄاڻ ڏنل آهي، سندس ڪلام مان اها به خبر پوي ٿي ته، سائين نورل شاهه، مصري شاهه جو ڏاڍو مداح خوان رهيو آهي، تنهنڪري سندس ڪلام ۾ ڪيتريون ئي ڪافيون ملن ٿيون. ديباچو سائين نورل سائين جي احوال ۽ ڪلام سان ڀريل نظر اچي ٿو،هن ڪليات ۾ جيڪو به ڪلام آيل آهي، اهو ڪلام گهڻو ڪري اسلامي وحدت ۽ نيڪوڪار ٿيڻ جا گس ڏيئي ٿو، سندس ڪلام ۾ اڪثر ڪافيون آيل آهن. ڪافي سنڌ جي شاعريءَ جي هڪ اعليٰ صنف آهي، جنهن طرف اسان جي اڪثر شاعرن گهڻو ڌيان نه ڏنو آهي، سندن اهي ڪافيون اڄڪلهه جي نون شاعرن لاٰءِ اتساهه جو سبب بنجن ٿيون.
حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر؛ ديباچو، ”ڪليات نورل“ ، سيد نور محمد شاه ”نورل“ ، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا،حيدرآباد اداره صالح سيريز، سال،1970ع،ص،ي.
*
(iv) ڪتاب: ”ڪليات امين“
هي ڪتاب پروفيسر محبوب علي چنا جو ترتيب ڏنل آهي، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيو ويو. هي ڪتاب مخدوم امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻيءَ جي سوانح ۽ سندس ڪلام تي مشتمل آهي، سوانح سان گڏوگڏ سندس ڪلام، سنڌي سرائڪي ۽ اردو ڪلام کي سهڻي نموني سهڙيو ويو آهي. مخدوم صاحب جي مريدن ۽ همعصرن جو به ذڪر آندو ويو آهي، مخدوم امين سائين سنڌ جو وڏو شاعر هو. سندس ڪلام جو موضوع تصوف هو، جنهن کي پڙهي، چنا صاحب تي تمام گهڻو اثر ٿيو۽ پاڻ سندس ڪلام کي سهيڙي، سينگاري منظر عام تي آندو. پاڻ ڪليات امين جي ديباچي ۾ هن ريت لکيو اٿن: ” هر ماهه پهرين سومار تي هت هالن ۾ چهچهٽو لڳي ويندو آهي،هڪ طرف سروري ٽوڙي سماع ۾ مصروف هوندا آهن ته ٻئي طرف صوفي فقير رندي ڪلامن جي ڪڙي ۾ قابو هوندا آهن. فقيرن جي اوتاري جي ڀرسان مخدوم صاحبن جي بنگلي نزديڪ رهندو هوس-تئين مون کي تمام گهڻا موقعا مليا جو مون “امين” سائين جون سوز ڀريون ڪافيون ٻڌيون. پر جهيون ۽هنيئن سان هنڊايون، ان بعد فقيرن کان جيڪو به ڪلام ٻڌندو هوس، اهو لکندو هوس، اهڙي طرح مون ٻن سالن جي عرصي اندر، سائين پکن ڌڻيءَ جو ڳچ ڪلام جمع ڪيو، جو مون کي موجوده نسخي جي ترتيب ۾ چڱو ڪم آيو آهي.“ (چنا ، 1990ع، ص ، 6 ، 5 )
اهڙيءَ طرح ڪتاب جي ديباچي ۾، ڪتاب جي ترتيب ۽ موضوعن جي حوالي سان به تعارف ڏنو اٿن. مطلب ته هي ڪليات، “ ڪليات امين” سنڌي ادب ۾ هڪ اعليٰ ذخيري جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جو چنا صاحب ديباچو لکي، هڪ بهترين اضافو ڪيو آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ديباچو، ”ڪليات امين“، مخدوم امين محمد ثالثرح عرف ”پکن ڌڻي“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، ڄامشورو ، سنڌي ادبي بورڊ ، ڇاپو ٻيون ، سال ، 1990ع ، ص ، 6 ، 5
*
”پـيـش لـفـظ“
ڪتاب: ”يادِ رَفتگان“
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي ڪتاب ”يادِ رَفتگان “۾ پروفيسر محبوب علي چنا جا “پيش لفظ ” ڏنل آهن ، مخدوم طالب الموليٰ جي هن ڪتاب ۾ مختلف شاعرن جي سوانح حيات سان گڏو گڏ تصويرون به ڏنل آهن.هي ڪتاب پهرين جنوري 1953ع ۾ طالب الموليٰ اڪيڊمي، هالا طرفان شايع ڪيو ويو.چنا صاحب پيش لفظن ۾ مخدوم طالب ا لموليٰ جي علمي خواه ادبي حوالي سان لکيو آهي ته: ” پاڻ سنڌ جي علمي خواه ادبي حلقن جا مرڪز آهن ۽ هر محفل ۾ سندن ناليرو نانءُ نشانبر آهي ، سندن سيني ۾ جا سنڌي ادب لاءِ بي پناهه سڪ سانڍيل آهي، تنهن جو پرو شاهه صاحب جي هيٺين سٽن مان پوريءَ طرح پئجي سگهندو.
“محبت جن جي من ۾ تن تشنگي تار
پي پيالو اڃ جو اڃ سين اڃ اٿيار.“
(چنا ، 1953ع ، ص ، 4 )
اهڙي طرح چنا صاحب پنهنجي پيش لفظن ۾، طالب الموليٰ سائين جي محنت ۽ هن ادبي گلدسته کي پڻ ساراهيو آهي، مثال طور: پاڻ لکي ٿو ته: ” هن ادبي گلدسته ۾ اهي گل به گلڪار لڳايو بيٺا آهن، جن جي سڳنڌ کان سنڌ واسي اڳ به محفوظ ( لطف اندوز ) هئا ۽ هن ۾ اهي ڦول به ڦلهاريا ويا آهن، جن جي روح افزا سرهاڻ کان، اسان جا علم دوست محروم هوا ۽ جي موتي هن متي مهراڻ ۾ بنا جهرڪڻ ۽ جلا ڏيڻ جي قبل از وقت مرجهائجي ويا، بيشڪ اهڙي ادبي تحقيق ۽ تفتيش لاءِ سڄو سنڌ ديس، “ طالب الموليٰ ” سائين جو مرهون منت آهي.“ (چنا، 1953ع، ص، 4)
اهڙيءَ طرح هي ڪتاب بي نظير اديب ۽ قادرالڪلام شاعر جي افڪار ۽ تصورات جو هي لاثاني مرقعو آهي، يا هڪ عالي دماغ مصور جي محيرالعقول نقشن ۽ ظرفن جو اجمل ۽ احسن البم ، جنهن ۾ انهن شاعرن جو ذڪر خير آندو ويو آهي ، جن جون عڪسي تصويرون ڏيئي، هڪ بهترين اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري ڪتاب جي اهميت اڃا به وڌي وڃي ٿي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي پروفيسر: پيش لفظ، ”يادِ رفتگان“، مصنف، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، هالا، طالب الموليٰ اڪيڊمي، سال، 1953ع، ص ، 4 .
(2) حوالو ساڳيو ، ص ، 4 .
” ٻـه اکـر“
پروفيسر محبوب علي چنا جن ڪتابن ۾ ”ٻه اکر “ لکيا آهن، انهن ڪتابن ۾ پاڻ سنڌي ادب ۾ نون رحجانن، سنڌ جي مختلف عظيم هستين، شاعرن، جهڙوڪ، سچل سرمست، قلندر لعل شهباز وغيره جي زندگي ،سندس شاعريءَ ۽ خدمتن بابت تفصيل سان لکيو آهي، انهن ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
(1) ”ضياءُالقلندر“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا ،قلندر شهباز، ميموريل ڪاميٽي ،حيدرآباد، سال 1962ع.
(2) ”نذِرشهباز “، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، محڪمه، اطلاعات، مغربي پاڪستان ،اسلام آباد، سال1963ع .
(3) ”سرمست درازي“، پروفيسر محبوب علي چنا، سچل ڪوآپريٽو اڪيڊمي، حيدرآباد، سال 1964ع .
(4) ” سردار قلندر“، مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا ،قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي ، سيوهڻ ، سال 1967ع .
(5) ”سيوهاڻي بادشاهه“ مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا ، شهباز ، ميموريل ڪاميٽي ،سيوهڻ، سال ، 1972 ع .
(6) ”قلندر نامو سنڌي“، مصنف، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سهيڙيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، زينت پرنٽرس کوکر، محله حيدراباد، سال 1972 ع .
(7) ”قطب قلندر“، مرتب، ”حافظ محمد احسن چنا“، سوڌيندڙ: پروفيسر محبوب علي چنا، سنڌ پرنٽنگ پريس اڪال ڀونگا لين حيدرآباد، سال 1973ع .
(8) ”سنڌي ادب جا مختلف رجحانات “، پروفيسر محبوب علي چنا، اداره صالح سيريز، حيدرآباد ، سال 1974ع .
(9) ”مخدوم قلندر لعل شهباز مرندي“، پروفيسر محبوب علي چنا ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي ، سيوهڻ ،سال1977ع .
مٿين ڪتابن کي پڙهڻ کانپوءِ اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته، پروفيسر محبوب علي چنا ،سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هڪ قابل تخليقڪار هو،هو هڪ وڏو اديب، عالم۽ نقاد به هو. هن جيترن به ڪتابن لاءِ ٻه اکر لکيا،انهن ڪتابن جي مواد جو چڱي طرح مطالعو ڪيو هو، ۽ انهن جي موضوعن کي چڱي ريت پرکي پنهنجا ويچار ڏنا، ان کان علاوه اهو به معلوم ٿئي ٿو ته،کيس شاعرن جي شاعريءَ سان به لڳاءُ هو ، جيڪا سنڌ جي بزرگن جهڙوڪ ، قلندر لعل شهباز، سچل سرمست وغيره جي عقيدت ۾ لکي وئي.