لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي

ھي مقالو اصل ۾ علي اصغر اوٺي جو ايم فل لاءِ لکيل مقالو آھي، جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آھي. علي اصغر اوٺي هن مقالي ۾ وڏي محنت ڪري پروفيسر محبوب چنا سيوهاڻيءَ جي سوانح حيات، شخصيت، فن، فڪر، سندس ڪتابن، مقالن، شاعري ۽ سندس تعليمي خدمتن بابت عرق ريزي ڪري ان جي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تعليمي خدمتن کي نروار ڪيو ويو  آهي.

Title Cover of book پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي

لطيفيات تي مقالا

لطيفيات تي مقالا

(i) لطف اللطيف تي هڪ نظر
پروفيسر محبوب علي چنا جا، لطيفيات تي به ڪجهه مقالا شايع ٿيل ملن ٿا، ڇاڪاڻ ته پاڻ، سنڌ جي سدا حيات شاعر، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا به نهايت ئي گهڻا عقيدت مند ۽ شيدائي هئا، جنهن ڪري شاهه لطيف جي ساليانه ادبي ڪانفرنس ۾ سندن ڪيتريون خدمتون سرانجام ڏنل آهن.
انھن خدمتن جي حوالي سان، پروفيسر هدايت الله ميمڻ لکي ٿو ته: ”چنا صاحب ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر ۽ شاهه لطيف يادگار ڪائونسل ۾، بحيثيت ميمبر جي سائين ميران محمد شاهه، آغا تاج محمد صاحب، جناب عبدالله چنا ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جن سان گڏ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون.“ (ميمڻ ، 1982ع ، ص ، 27)
اهڙيءَ طرح چنا صاحب جا لطيفيات جي حوالي سان، جيڪي مقالا شايع ٿيل ملن ٿا انهن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو. لطيفيات تي سندن لکيل پهريون مقالو، بعنوان ”لطف اللطيف تي هڪ نظر“ آهي. هي مقالو پاڻ پهرين 1950ع تي، 14 سالانه ادبي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ پڙهيو هو، جيڪو پوءِ ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ جلد-5، نمبر-11، نومبر 1952ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو، هي پرچو ” شاهه لطيف نمبر“ دو صد سالا ورسي جي يادگار آهي.
هن مقالي ۾ سڀ کان پهريان ئي ڪتاب، ”لطف اللطيف “ جي مصنف، مولانا دين محمد وفائي، جو مختصر تعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ چنا صاحب هن جي علمي، ادبي خدمتن جو به ذڪر ڪيو آهي، مولانا جي تصنيفن جي حوالي سان هن لکيو آهي ته:
”اسانجي ملڪ جي علمي ماحول ۾ ٻه طبقا آهن هڪ ته آهي انهن بي مثال ۽ بي نظير اديبن جو، جن جي تحقيق جي آڏو مرحوم مولوي صاحب جي موجوده تصنيف، شايد معياري نه آهي ۽ ٻيو طبقو آهي صفا اهل پشت ذوقيءَ جو، هي ٻيو طبقو انهن اصحابن جو آهي جن کي پنهنجو تخليقي دماغ ڪونهي، ڪنهن به صاحب کي ايتري شغف ڪٿان کنيو جو مٿا مونا هڻي ڏسي ته، لطف اللطيف علم و ادب ۾ ڪهڙو قابل قدراضافو ڪيو آهي.“ (چنا، 1952ع، ص، 99)
هن مقالي جي مطالعي کانپوءِ خبر پوي ٿي ته، پاڻ هن مقالي ۾ انهن اديبن جي نالن تي بحث ڪيو آهي، جن شاهه لطيف تي اڳ لکيو آهي، جن ۾ مير عبدالحسين سانگي ۽ سندس ڪاوش لطائف لطيفي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پاڻ موازنو ڪيو آهي، جنهن مان سندس لطيف شناسي تي گرفت جي خبر پوي ٿي.
پاڻ هڪ هنڌ ڄاڻايو اٿن ته:
”فرض ڪريو ته، ڪن اصحابن جي چوڻ موجب لطف اللطيف کڻي لطائف لطيفي جو اضافي نقل ٿيل آهي ته به تمام بي بها خدمت مولوي صاحب مرحوم جن کان ادا ٿي آهي، جيڪڏهن مرحوم مولوي صاحب، ڪي گهڻيون ڳالهيون لطائف لطيفي تان کڻي، نون احوالن سان اسان کي روشناس ڪيو ته هن ۾ ڪا به حرڪت ڪانهي.“ (چنا، 1952ع، ص، 101)
اهڙيءَ طرح چنا صاحب جيڪي حڪايتون ظاهر ڪيون آهن، انهن کي پڙهڻ سان اهو پتو پوي ٿو ته، پاڻ مولانا دين محمد وفائي جي ڪتاب لطف اللطيف جو محققانه انداز سان جائزو وٺي، نتيجو حاصل ڪري، پنهنجي راءِ پيش ڪئي آهي.

حوالا
(1) ميمڻ، هدايت الله، ڊاڪٽر:مقالو، ”محبوب ادب“، ”محبوب جي ياد ۾“ مرتب، پروانو سيوهاڻي، سرهاڻ پبليڪيشن، سيوهڻ، سال، 1982ع، ص،27.
(2) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”لطف اللطيف تي هڪ نظر“، ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“ جلد-5، نمبر، 11، ايڊيٽرعبدالواحد سنڌي، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، نومبر، 1952ع، ص، 99.
(3) حوالو ساڳيو، ص، 101 .
*


(ii) شاهه لطيف جا سوانح نگار
سندن هي مضمون پهريان ئي، ”يادِ لطيف“ جي ٻه سئو سالا ورسي جي موقعي تي، 53،1952ع ۾ شايع ٿيو هو. ان کان پوءِ هي مضمون ”ياد گارلطيف“، ”مرحوم آغا تاج محمد نمبر ۾،“ سال 1960ع ۾ شايع ڪيو ويو. چنا صاحب هن مقالي ۾، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي سوانح نگارن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي سميت مخدوم محمد معين عرف ٺارو ٺٽوي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، سربارٽل فريئر ڪمشنر سنڌ، ديوان ڏيارام گدومل، مرزا قليچ بيگ، ديوان ليلارام وطڻ مل لالواڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، ايڇ ٽي سورلي، مولانا دين محمد وفائي، ديوان ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، جي ايم سيد وغيره جو مفصل ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن جي طرفان، شاهه لطيف جي زندگي، ڪلام، فلسفي، رسالي، تي روشني وڌي آهي، اهڙي طرح سان مٿين ذڪر ڪيل سوانح نگارن کانپوءِ ٻين عالمن جن لطيف شناسي تي لکيو آهي، انهن جا نالا به شامل ڪيا ويا آهن، آخر ۾ چناصاحب، سنڌي علم ادب جي مشتاقن کي غفلت مان سجاڳ ڪندي فرمايو آهي ته، “اڃا ويل نه وئي آهي، اي سنڌي علم و ادب جا مشتاقو،خدارا غفلت جو غلاف لاهي، پنهنجي علم و ادب کي ايترو ته پايه عروج تي پهچايو جتي هو ٻين معاصر ٻولين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ترقيءَ جي شاهراه تي گامزن ٿئي.“ (چنا، 1953ع، ص، 6)
هن مقالي ۾ چنا صاحب جنهن طريقي سان سنڌي علم و ادب جي خصوصيتن ۽ شاهه لطيف جي سوانح نگارن تي بحث ڪيو آهي ان مان سندس عاقلاڻه مزاج ۽ مستقل مزاجيءَ جو اندازو ٿئي ٿو، سندس هن مقالي ۾ ڪيل محنت ۽ ڪاوش جا ڪافي نتيجا نڪتا، ۽ سنڌ وارن همت ڪري شاهه جي ڪلام کي اڃا به مفيد ۽ هر دؤر جو ڪلام چئي ڪوششون وٺندا رهن ٿا ۽ تحقيقي ڪم ڪندا رهن ٿا.

حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر؛ مضمون، ”شاهه صاحب جا سوانح نگار“ ياد لطيف ،ايڊيٽر، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ حيدرآباد، شاهه عبداللطيف يادگار ڪميٽي،سال 53، 1952ع ص،6
*
(iii) ڀٽائي جي رسالي ۾، سندس همعصرن ڏانهن اشارا
چنا صاحب جو هي تحقيقي مقالو، سنڌ جي اطلاعات کاتي طرفان شايع ڪيل ”نذر لطيف“۾ پهرين شايع ٿيو هو، ان کانپوءِ هي مقالو، ماهوار رسالي، ”نئين زندگي“ ۾، جولاءِ 1963ع واري پرچي ۾ شايع ڪيو ويو هو. پاڻ هن مضمون ۾، شاهه لطيف جي پيدائش جي دؤر ۽ زماني تي بحث ڪندي اهو ڄاڻايو آهي ته، سنڌ ۾ سندن زماني ۾، مغل حڪمرانن طرفان ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا گورنر مقرر ڪيا ويا هئا، شاهه لطيف مغلن جي ايڪيهين نمبر، نواب ابو نصرت خان جي دؤر ۾تولد ٿيا ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾، هن فاني جهان کي ڇڏيو. اهڙي طرح سان هن مقالي ۾، پاڻ ويهن گورنرن جي نالن جي پڻ لسٽ ڏني اٿن ۽ انهن جا سن ۽ هجري به ڏنا اٿن.
مٿئين طويل ۽ تاريخي پس منظر لکڻ کانپوءِ، پاڻ شاهه جي ڪلام بابت هن طرح لکيو آهي ته: ”شاهه صاحب جي بي بها رسالي تي اسان نظر ڪنداسين ته، اسانکي ٻن قسمن جو ڪلام نظر ايندو، هڪ اهو معطر ۽ خوشبوءَ سان واسيل، جنهن ۾ اسان کي ”سيد“ ”لطيف“ ۽ ”عبداللطيف“ جا نالا مبارڪ نظر چڙهندا، جنهن مان آساني سان هي نتيجو اخذ ڪري سگهبو ته هي ”لطيفي ملفوظات“ آهي، ٻيو اهو ڪلام، جنهن ۾ ٻين سگهڙن خواه لطيفي فقراءَ جا نالا ڏسڻ ۾ ايندا، مگر مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ جو هيءُ چوڻ به درست آهي ته، ڪيترا بيت ٻين اهڙن شاعرن جا به موجود آهن، جن جي نالن جي عدم موجودگي ڪري، شاهه صاحب کي ئي سندن مصنف سڏيو وڃي ٿو“ (چنا، 1963ع، ص، 28)
اهڙيءَ طرح چنا صاحب هن مقالي ۾ مختلف عالمن جا تمام گهڻا مضبوط دليل به ڏنا آهن ته، اسان وٽ شاهه جي نالي ۾ آيل ڪجهه بيت سندس چيل نه آهن يا جيڪي ڌاريا نالا شاهه صاحب جي رسالي ۾ ملن ٿا سي يا ته ”ڌارئي ڪلام“ جا علمبردار آهن يا شاهه صاحب انهن کي پنهنجي ڪلام ۾ تضمين طور ڪم آندو آهي، هن مقالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، چنا صاحب لطيف جي رسالي يا ڪلام جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري انهيءَ جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي اٿن ۽ مختلف اديبن ۽ عالمن جا حوالا ڏيئي انهيءَ مونجهاري کي دور ڪري پڙهندڙن لاءِ آساني پيدا ڪئي اٿن، سندن هي مقالو هڪ تحقيق واري انداز ۾ لکيل آهي، جنهن مان سندن تخليقي ۽ تحقيقي قوت جي ڄاڻ ملي ٿي.
حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”ڀٽائي جي رسالي ۾ سندن همعصرن ڏانهن اشارا“ ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“ جلد، 16 نمبر، 7 ايڊيٽر، عبدالواحد سنڌي، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، جولاءِ، 1963ع، ص، 28.
*
(iv) شرح لطيفي
سندن هي مقالو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پهرين 1966ع ۾ نشر ٿيو هو، ان کان پوءِ، اهو ساڳيو مقالو، ماهوار رسالي،”نئين زندگي“ جي جلد ايڪيهين ۽ نمبر پنجين، مئي 1968ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو.
هن مقالي ۾، پاڻ شاهه لطيف کي گهوٽ سڏي، سندس رسالي کي علم حڪمت ۽ عمل جي تجربن جو ڀنڊارسڏي ٿو، سندس خيال ۾ ته، شاهه جي رسالي ۾ هڪ طرف روحاني نڪتا آهن، ته ٻئي طرف دنيوي تجربا آهن، گويا لطيف سرڪار روحاني رهبر هئڻ سان گڏ، دنيوي استاد به آهي. سسئيءَ جي داستان متعلق پاڻ لکيو اٿن ته: ”هونئن ته شاهه صاحب جي رسالي جا سڀ سُرُ الاهي اسرارن سان ڀريا پيا آهن، پر سسئي جي داستان ۾ جي پنج سُرُ آيل آهن، سي پنهنجو مٽ پاڻ آهن. جيئن سر سسئي آبري جي هڪ بيت جي شرح ڏيئي روشني وڌي اٿن.مثال طور:
”ڪڏهن ايئن هياس، جو پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا،
هاڻي هيئن ٿياس، جو جت نه نينم پاڻ سين!“
(چنا، 1968ع،ص،
مطلب، ويچاري سسئي دانهون ڪري، گهوڙا گهوڙا ڪري ٿي ته، اهو به وقت هو جڏهن پنهونءَ منهنجا ڪپڙا ٿي ڌوتا ۽ هاڻي اهڙو الٽو وقت اچي ويو آهي جو هو مون کي هت ڇڏي هليو ويو آهي، هن اڀاڳڻ کي پنهونءَ جا ڀائر به وٺي نه ويا. ڪهڙو نه اعليٰ ۽ اُتم نقشو، ڀٽائي گهوٽ سسئيءَ جي داستان ۾ چٽيو آهي، اهو سڄو زندگيءَ جي ڪمال ۽ زوال جو آئينو آهي. چنا صاحب سسئيءَ جي داستان کانپوءِ، لطيف سائين جي هڪ ٻئي داستان، سُر ليلا چينسر جي بيت جي شرح ڏئي بيان ڪري ٿو ته:مثال طور:
”مڻيو وجهان مچ ۾، هائيءَ هڻان هار،
ڀري جي ڀتار، ته ميريائي مان لهان“
چنا صاحب هن داستان متعلق لکيو آهي ته: ”ليلا ۽ چنيسر جو قصو، هر ڪنهن جي وات تي آهي، مگر لطيف سائينءَ ان کي خاڪساري ۽ نهٺائي جي مينديءَ سان جنهن ريت رَتو ڪيو آهي تنهن ان کي هيڪاري جاندار ڪري نکاري ڇڏيو آهي.“ (چنا، 1968ع، ص، 45).
مطلب ته حق جي طالبن کي اڄ هن فتني، فساد، ڌوڪي ۽ فريب جي دؤر ۾ هڪ روح جون سچيون صدائون جتي هر وقت عاجزي ۽ انڪساري، منٿن ۽ ليلائڻ جي طريقي سان منزل حاصل ڪرڻ جو درس ملندو رهي ٿو، جيئن هت لطيف سائين هن بيت ۾ اها تلقين ڪري ٿو:
”ليلا! حيلا ڇڏ، جي تون سوڀي سکئين
ليلا! ليلا ئيج، اٿئي ماڳ منٿ جو“
هن مقالي کي پڙهڻ کانپوءِ هي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته، چنا صاحب لطيف جي هنن ٻن سرن جي شرح، تمام سٺي نموني سان سمجهائي آهي جيئن، هن دنيا ۾ انسان کي طرح طرح جو لالچون اچي وڪوڙينديون آهن، ۽ پوءِ انهن لالچن جي نتيجي ۾ کيس گهڻيون ئي تڪليفون ۽ مشڪلاتون درپيش اينديون آهن، جيئن سسئي کي، پنهون لاءِ جبل جهاڳڻا پيا، ۽ ليلا کي راضي ڪرڻ لاءِ چنيسر کي ڪيترائي حيلا هلائڻا پيا. مطلب ته اگر انسان پنهنجي اها هوڏ ۽ ارڏائي ترڪ ڪري ۽ صحيح راهه تي هلي ته هڪ ڏينهن ضرور کيس فتح حاصل ٿيندي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”شرح لطيفي“ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“جلد، ايڪيهون، نمبر، پنجون، ايڊيٽر شمشيرالحيدري، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن مئي، 1968 ع ، ص ، 43.
(2) حوالو ساڳيو - ص 45.
*

(v) شاهه لطيف جا قصا
سندن هي مقالو، بعنوان ”شاهه لطيف جا قصا”، ماهوار امرتا، آڪٽوبر 11-2010ع واري، ”شاهه لطيفرح نمبر“ شمارو : 100، ۾ شايع ٿيل آهي.
هن مقالي ۾ چنا صاحب، شاهه لطيفرح جي رسالي ۾ آيل قصن کي، مثالن ذريعي انهن جي ڪردارن، کي سهڻي نموني پيش ڪيو آهي، مقالي ۾ سڀ کان پهرين ”قصي“ جي مفهوم بابت سمجهايو آهي، ۽ انجي معنيٰ پيش ڪئي آهي ته قصو عربي لفظ آهي، ان جي معنيٰ آهي ”ڪنهن به واقعي کي تفصيل سان بيان ڪرڻ“. قرآن شريف ۾ آيل قصن ۾ حضرت يوسف عليه السلام جي روح رچندي قصي کي، احسن القصص يعني (ڀلي ۾ ڀلو قصي)سان تسليم ڪيو ويو آهي.
شاهه لطيف کي جيڪي، ڪتاب پسند هئا، ۽ جيڪي هميشه ساڻس گڏ هوندا هئا، اهي، قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ جو رسالو. جيئن اسانکي قرآن شريف ۾ به ڪيترائي سهڻا قصا ملن ٿا، تيئن، شاهه صاحب جي رسالي جي قصن مان به، قرآن شريف جي قصن جهڙي سرهاڻ ۽ مولانا روم جي مثنويءَ جهڙي سڳند پئي اچي چنا صاحب، شاهه صاحب جي رسالي مان کنيل ڏهن قصن متعلق مختصر روشني وڌي آهي.
انهن قصن متعلق لکن ٿا ته: ”هر هڪ قصي ۾، ”فاذکرني ازکرکم“ جي تنوار، تنبيل آهي، سالڪ، حق جي جستجو ڌارڌار روپن ۾ ٿو ڪري، ڪٿي مومل آهي ته ڪٿي ليلا، ڪٿي سهڻي آهي ته ڪٿي سسئي، حق به ڪٿي راڻو آهي ته ڪٿي چنيسر، ڪٿي ميهار آهي ته ڪٿي پنهون، اهي آکاڻيون ته عام آهن، پر اسان کي هت هنن جي روحاني رازن جي مام پرجهڻي ۽ پروڙڻي آهي.“ (چنا، 11 – 2010ع، ص، 136)
اهڙيءَ طرح چنا صاحب هن مقالي ۾، مٿئين قصن ذريعي روحاني راز، تمثيلون، تشبيهون ڏيئي، هر قصي ۾ آيل ڪردارن جي پرک ۽ پروڙ ڪري نهايت ئي سهڻي طريقي سان پيش ڪيو آهي.
جيئن نوري ڄام تماچي جي قصي ۾، لکي ٿو ته: ”هن قصي ۾ نياز جو ڪمال آهي، هن ۾ روحاني رمز به مومل جهڙي ٿيندي، مومل وانگر نوريءَ کي، حسب نسب ۽ ظاهري ٺاٺ نه آهي، پر هوءُ نياز جي پتلي آهي اهو ئي نياز آهي جو ربّ جي بارگاهه ۾ پسند آهي، جڏهن نوريءَ کي ڄام تماچي نوازيو، ته ان نوازش جي نظر جو احساس، ان جي قلب جي گهرائين تائين ويو ۽ هي نياز جي نماڻي نار، هن کي هر هر پئي مخاطب ٿيندي چيوته:
”تون سمون آءُ گندري، مون ۾ عيبن جوءِ،
پسي راڻين رُوءِ، متان ماڱر مٽئين“
(چنا، 11- 2010ع ،ص ، 140)
م طلب ته هن مقالي ۾ شامل هر هڪ قصو روحاني راز ۽ منصوري مام سان ڀريو پيو آهي مٿين قصن مان خبر پوي ٿي ته، شاهه صاحب جنهن به واقعي يا قصي جي اپٽار ڪئي آهي تنهن کي تمثيلي طريقي سان سينگاريو آهي ۽ چنا صاحب به انهن جي ڀرپور طريقي سان وضاحت ڪندو رهيوآهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”شاهه لطيف جا قصا“، امرتا، ”شاهه لطيف نمبر“، مرتب، فقير محمد ڍول شمارو: 100، ڍول فقير فائونڊيشن، سنڌ ،سال، 2011ع، ص 136.
(2) حوالو ساڳيو ص ، 140.



(7) مختلف ادبي ڪانفرنسن ۽ تقريبن ۾ پيش ڪيل مقالا ۽ مضمون
پروفيسر محبوب علي چنا، ادبي ڪانفرنس جو به تاب حيات روح روان رهيو،پاڻ ادبي محفلن جي سونهن ۽ انهن جو سينگار هو.، پاڻ محفلن جو مور ۽ ڪچهرين جو ڪوڏيو هو، پاڻ نه صرف هڪ سٺو استاد، محقق ۽ اديب هو، پر سٺو مقرر به هو ،علمي ۽ ادبي جلسن ۾، اڪثر کين پروگرامن جي ڪاروائي هلائڻ يا صدارت جا فرائض به سونپيا ويندا هئا، پنهنجين تقريرن ۾ سهڻيون صلاحون، مفيد مشورا ۽ با مقصد پروگرام ٺاهڻ ۽ علمي ادبي ڪمن جون صلاحون ڏيندا رهندا هئا، جي وڏي رهبري ۽ رهنمائي جو باعث بنجنديون هيون. مختلف ڪانفرنس ۾ سندس پيش ڪيل مقالا هن ريت آهن.

(i) شاهه عبداللطيف جي پياري شاعري
1952ع ۾، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي ساليانه ميلي ۾، ڀٽ شاهه تي منعقد ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ پاڻ ” شاهه عبداللطيف جي پياري شاعري“ جي عنوان سان هڪ بي نظير مقالو پيش ڪيائون، هن مقالي ۾ سندس فڪر جو سمورو زور هن ڳالهه تي هو ته، شاهه لطيف سنڌ جو نه پر دنيا جو مٿانهون شاعر آهي، سندس ڪلام ۾ فن ۽ فڪر جو اهڙو ته حسين امتزاج آهي جو شاهه جو ڪلام ٻوليءَ جي لحاظ کان پختو آهي، جنهن کي جهر جهنگ ۾ آلاپيو ۽ جهونگاريو وڃي ٿو ، سنڌ جو عوام سندس پياري شاعري کي وڏي چاهه سان ٻڌي ۽ پڙهي ڳائي ۽ پسند ڪري ٿو.

(ii) شاهه لطيف، هڪ سامونڊي ماڻهوءَ جي روپ ۾
1953ع ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي سالياني عرس مبارڪ تي، پاڻ ڀٽ شاهه تي منعقد ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائون ۽، ” شاهه عبداللطيف هڪ سامونڊي ماڻهوءَ جي روپ ۾ “ جي موضوع سان هڪ مقالو پيش ڪيائون، جنهن ۾ پاڻ شاهه لطيف جي سر سامونڊي جو سمورو فلسفو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائون. جيئن سمنڊ اجهاڳ آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ ۾ مختلف خطرا خوف پيدا ٿيندا آهن. تئين هن دنيا ۾ به انسان کي خوف ۽ خطرا سامهون ايندا آهن، محنت ڪندڙ وڻجارا هميشه وڃڻ ۽ سامونڊي سفر جي تياري ڪندا رهن ٿا، البته ايترو آهي ته سندن اهو سفر اڙهانگو به هوندو آهي، پر جيڪڏهن همت سان اڳتي وڌبو ۽ دل مان خوف ڪڍبو ته خدا جي ڀروسي سان نيٺ منزل ماڻي سگهبي .

(iii) لطيف جي شاعري، هڪ آفاقي شاعري
سال 1964ع تي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾، لطيف ڏهاڙو جي موقعي تي، ”لطيف جي شاعري، هڪ آفاقي شاعري“ جي موضوع سان هي مقالو پيش ڪيائون. پاڻ هن مقالي ۾، شاهه صاحب جي ڪلام جي موضوع ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان هڪ طائرانه روشني وڌي، جنهن جي شاعري اڍائي ٽي سئو سال گذري وڃڻ جي با وجود، نه رڳو دائمي ۽ آفاقي قدرن سان مالا مال آهي پرنت نئين آهي، جنهن جو اثر صدين جي سفر کانپوءِ به قائم ۽ دائم رهڻو آهي شاهه لطيف بيشڪ هڪ اهڙو آفاقي شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ نه رڳو سچ جو سينهو سمايل ۽ الاهي اسرار و رموز بيان ڪيل ، پر ان ۾ اهِل سنڌ جي اخلاق، عادات واطوار،ريتن، رسمن، تاريخ، فلسفي، سمجهه ۽ عقل جو سرمايو پڻ محفوظ آهي.

(iv) شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر
سال 1965ع ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي شاعريءَ جي موضوع تي ڪوٺايل سيمينار ۾، ”شاهه عبداللطيف جي شاعري ۾ اسلامي قدر“ جي عنوان سان پاڻ هي مقالو پيش ڪيائون. جنهن ۾پاڻ چيائون ته: شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ عالم اسلام جو نقشو چٽيندي نه فقط مڪي، مديني، عرفات، رسول پاڪ جي روضي يا مصر جو ذڪر ڪيو آهي، پر مشرق وسط ۽ براعظم ايشيا جي اهڙن ماڳن ۽ ملڪن جو پڻ بيان پنهنجي دعائيه بيتن ۾ آندو اٿس. سنڌي سماج ۾ شروع کان مذهب کي وڏي اهميت حاصل آهي، اها شاهه لطيف جي دؤر ۾به هئي، ته اڄ به آهي، هونءَ به سرمايه داري ۽ مشيني دؤر کان اڳ، مذهب ئي سماجي اقتصادي توڙي سياسي شعبن تي حاوي رهيو آهي، شاهه لطيف وٽ پڻ، اسلام جا مکيه عقيدا، توحيد شريعت، طريقت،حقيقت۽ معرفت سان گڏ وحدانيت ۽ رسالت تصوف، پنهنجي اهميت سان موجود آهن. ڇاڪاڻ ته سندس سڄو ڪلام تصوف جي رنگ سان رنگيل آهي ۽ پاڻ تمام وڏا صوفي بزرگ هئا.

(v) قلندر لعل شهباز جي شاعري
1962ع ۾، حضرت قلندر لال شهباز جي ورسي جي موقعي تي پاڻ ”قلندرلال شهباز جي شاعري“، تي هڪ جامع مقالو پيش ڪيائون. جنهن ۾ سندس فارسي ڪلام ۾، تصوف، مستي عارفانه عشق، جوش ، جذبي جون علامتون بيان ڪيون هيون. قلندر لال شهباز کي گهڻو ڪري رڳو هڪ ولي بزرگ جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ سندس شاعراڻي حيثيت گهٽ متعارف ٿي آهي، سندس سمورو ڪلام فارسي ۾آهي، جنهن ۾ هجر ۽ فراق جي تڪليفن ۽ قرب الاهيءَ سان گڏ ڌرتي ۽ انسانيت جي محبت جو درس ملي ٿو.

(vi) قوم جي نياڻين کي خطاب
سال 1969ع ۾، مسلم گرلس ڪاليج حيدرآباد ۾، ” قوم جي نياڻين کي خطاب“ جي عنوان سان خطاب ڪيائون، جنهن ۾ پاڻ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان روشني وڌي،۽ معاشري ۾ نياڻين تي ٿيندڙ ظلمن خلاف اڳتي وڌڻ ۽ آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي، انجو سڀ کان وڏو حل نياڻين کي تعليم ڏيارڻ آهي.

(vii) درازا جو سچل سرمست
سال 1963ع ۾، سچل ڏهاري جي موقعي تي، حيدرآباد ۾ ”درازا جي سچل سرمست “جي عنوان سان نهايت مفصل مقالو پڙهيائون، جنهن ۾ پاڻ هفت زبان شاعر، حضرت سچل سرمست جي مختصر سوانح حيات ۽ ڪلام تي روشني وڌي هئائون.

(viii) خدا آباد ”ثالث“
سنڌ جي دادو شهر ۾ سالانه ٻارنهين ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي پاڻ، ”خدا آباد ثالث“ جي عنوان تي مقالو پيش ڪيائون،جنهن ۾ خدا آباد اول، خدا آباد ثاني ۽ خدا آباد ثالث جي باري ۾مفصل تحقيقي ڄاڻ ڏنائون، سندن هي مقالو ٽه ماهي مهراڻ ۾، 55 – 1954ع ۾ شايع ٿيل آهي.

(ix) سيوهڻ شريف
سنڌ جي اهم شهر جيڪب آباد ۾، جڏهن پاڻ پرنسپال جي عهدي تي هئا، ته اتي تيرهن سالانه ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي، پاڻ پنهنجي جنم ڀومي شهر، ”سيوهڻ شريف “ تي هڪ تحقيقي، تاريخي مقالو پڙهيو هئائون، جنهن ۾ سيوهڻ جي قدامت ۽ تاريخ تي روشني وڌي هئائون.

(x) سنڌ جا قديم تخت گاهه
سندن هي مقالو پهريان ئي، ماهوار ”نئين زندگي“ جي جون، جولاءِ 1970ع واري پرچي ۾ شايع ٿيل آهي، ان کانپوءِ اپريل 1975ع ۾، بين الاقوامي سيمينار جي موقعي تي، پاڻ نهايت هڪ جامع محنت طلب ڪم ڪري، ” سنڌ جا قديم تخت گاهه “ جي عنوان سان هڪ تاريخي مقالو پڙهيو ،جنهن ۾ سنڌ جي سڀني تخت گاهن جو ذڪر ڪيل آهي. هي هڪ اهم مقالو هو.