کٽ گزيٽ
ڪيبل ڪلچر کان اڳ هالا ۾ هوٽلن تي اخبارن گهرائڻ جو عام رواج هوندو هو... مارڪيٽ وارين وڏين هوٽلن جي ٻاهران ڇپرا اڏيل هوندا هئا، جتي ٽيبل ڪرسيءَ بدران کٽون رکيل هيون، جتي شام جو هر ڪو ڪم تان لهيو، تفريح بهاني چاءِ به پيئندو هو ۽ ’کٽ گزيٽن‘ مان به لطف وٺندو هو... شهر جا ٻه مخصوص ماڻهو وچ ۾ ويهندا هئا ۽ ٻيا چوڌاري ميڙاڪو ٿيل... هڪڙي جو نالو هو ريڊيو پاڪستان ۽ ٻئي جو بي بي سي... چڱا خاصا پڙهيل ڪڙهيل ۽ خوشحال هئا، مگر خبرون گهڙڻ ۽ کِلڻ کِلائڻ جو خفت هوندو هون...
هڪڙي ڏينهن ’گزيٽ‘ لڳي ته شهر جو مشهور وڏو ڊاڪٽر گذاري ويو آهي، شام جو 5 وڳي کڻندا... مونکي يقين ڪونه آيو جو صبح جو ڀاڇيءَ تي گڏ هئاسون... تڏهن به ساهه تي ڪهڙو ڀروسو... فاتحا لاءِ وڃان ته همراهه مِٽُون ڦُوڪيو ڪرسيءَ تي بالم ٿيو ويٺو آهي... سڀ ماڻهو پنهنجي هنرمنديءَ سان لڳل هئا... تنهن ڪري غربت ۽ بيروزگاريءَ جو نالو نشان ڪونه هو... اوطاقن ۽ گهرن ۾ هزارين هٿ جا آڏاڻا لڳل هئا، جتي سَوٽي ۽ ريشمي کاڌي، موٺڙا ۽ گربيون وغيره ٺهنديون هيون... شهر جي ٻاهران اجرڪن ٺاهڻ جا مرڪز هئا... ڪاشيءَ جون سرون ۽ ٿانوَ ان کان علاوه ٺهندا هئا... شهر جا ماڻهو ته مصروف هئا، پر ٻهراڙين جا ڪيترا ماڻهو به روز مزدوريءَ لاءِ ايندا هئا... بجليءَ جو ڪوبه مسئلو ڪونه هيو... ڪشاده گهر ۽ وڏيون اوطاقون هيون، هر ڪمري مٿان وڏو منگهه ٺهيل هو، تنهن ڪري تازي هوا جو ڪو پرابلم ڪونه هئو... ڀر سان گهاٽو ٻيلو جتان روزانو نج گهاٽو کير, مکڻ، گيهه، ماکي، چوپايو مال عام ايندو رهندو هو... مٺائيءَ جي دوڪانن ۽ هوٽلن ٻاهران کير جا وڏا هنڍا پيا ڪڙهندا هئا... ڦوٽن ۽ پستن بادامن سان تيار ڪيل پاٽَ جو مائو ۽ چاٻُو حلوو، فيضوءَ جو ملڪ روز ۽ جمعي ٽِيڪي جي ملائي ۽ چانهه جو ذائقو هاڻي فقط تصور ۾ ئي چکندا آهيون... باقي هن وقت پستن بادامن بدران کاڄا (مونگ ڦلي)... ولايتي بدبودار سُڪل کير ۽ ايسنس جي ڌپ، کائڻ پيئڻ تان ارواح ئي کڻائي ڇڏيو آهي...
ٻي ’کٽ گزيٽ‘ اها آهي ته هتي شام جو به اسڪول کليل هوندا هئا، جتي اڪثر ننڍا وڏا مزدور شام جو لکڻ پڙهڻ سکندا هئا... هن وقت فقط هڪڙو نائيٽ اسڪول ’مهاجر عيدگاهه‘ ڀرسان کوليو اٿن، جتي گهڻو ڪري مهاجر ڇوڪرا اردوءَ ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا... باقي سنڌي ڇوڪرا بيٽ کڻيو بال پيا ڪُٽين....
بيروزگاري عام آهي سماجي برايون زورن تي آهن... ڌاڙيل ۽ چور وڏن جا ويهاريل آهن، تنهن ڪري چوڪيدارن جي موجودگيءَ ۾ ئي دوڪان خالي ڪريو، ڊاٽسنون ڀريو هليا وڃن... پوليس سڳوري به ’عاشق مجبور آ‘ واري CD لڳايو ويٺي آهي... ٻچا هر ڪنهن کي پالڻا آهن... صحافي سڳورا به حسبِ ضرورت ’گذر سفر‘ واري رپورٽنگ ۾ مبتلا هوندا آهن... البته اسان پارن چرين شاعرن اديبن تي پڳ آئي آهي، جو هروڀرو گزيٽون ٺوڪيندا وتن بک تي...!