جيل ڊائري

اٽڪ قلعي کان

جنرل ضياءَ جي آمريت منجهہ ڪيل ’آپريشن گئليڪسي‘ دوران، جنوري 1984ع ۾، هِن ڪتاب جي ليکڪ ميجر آفتاب ۽ سندس ڪجهہ ساٿين کي،”آئيني حڪومت جو هٿياربند [مسلح] قوت وسيلي تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۽ مملڪت جي سلامتيءَ کي لاڳو خطرن بابت پرچار ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو.“ ان ’آپريشن‘ جو عام نالو ’اٽڪ سازش ڪيس‘ سڏيو ويو، جنھن جو پڇاڻو، هڪ سال کان پوءِ جنوري 1985ع ۾، پڪڙيَلن کان شروع ڪيو ويو. جنھن ۾ مٿس، ساٿين سميت، فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، تہ ميجر آفتابَ ان ڪورٽ آڏو جيڪو بيان ڏنو، ان کي ڪجهہ ٻين تفصيلن سميت، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ”اٹک قلعے سے“ نالي سان، 1990ع ۾ڇپايو ويو.

Title Cover of book اٽڪ قلعي کان

”اٽڪ قلعي کان“ (مختصر رايو)(1)

هِن ڪتاب کان اڳ ڊاڪٽر محبت جا مختلف موضوعن تي ٻيا ڪيترائي مضمون ترجمو ٿيل ملن ٿا، پر ڪتابي صورت ۾ سندس هيءُ پھريون ترجمو آهي، جيڪو ڇپجي منظر عام تي آيو. هن ڪتاب کي لطيف اڪيڊمي لاڙڪاڻو 1990ع ۾ ڇپرايو. ان جو ٽائيٽل خدا بخش ابڙي جو ڊزائين ٿيل آهي، جيڪو جبر، استبداد ۽ اظھار جي آزاديءَ جي صلب هجڻ جو واضح ۽ نمايان عڪس پيش ڪري ٿو.
ڪتاب ”اٽڪ قلعي کان“ ميجر آفتاب، جيڪو پاڪستاني فوج جو هڪ اهم آفيسر ۽ اٽڪ سازش ڪيس جو مُک مجرم آهي، ان جي ’قيد-ڪٿا ۽ سزا-ڪھاڻي‘ تي مشتمل آهي. ميجر آفتاب کي 2 جنوري 1984ع تي هٿياربند قوت وسيلي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ فوج ۾ حڪومت خلاف بغاوت پيدا ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ ٻين هزارين بري، بحري ۽ فضائي فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ گرفتار ڪري، اوجهڙِي ڪئمپ ۽ ٻين انيڪ اذيت گهرن ۽ قيدخانن ۾ باندي بڻايو ويو. ان دوران ملڪ ۾ جيڪو ڪجهہ وهيو واپريو، لٽ مار ٿي، لاقانونيت ۽ ناانصافيءَ جو راڄ قائم رهيو، عوام جي آزاديءَ ۽ اظھار جي بنيادي حقن کي هڙپ ڪيو ويو، آمر جنرلن مڪاريون ڪيون، ملڪي ناڻي کي ڀيليو ويو ۽ مڪار حڪمرانن جيڪا ڦرلٽ ڪئي، ان سموري منظرنامي جو هڪ لونءَ ڪانڊاريندڙ ۽ دردناڪ داستان آهي، جيڪو فوجي طاقت جي عتاب هيٺ آيل هڪ فوجيءَ انتھائي اثرائتي ۽ جرئتمنداڻي انداز ۾ نہ فقط رقم ڪيو، پر خصوصي فوجي عدالت اڳيان بيان پڻ ڪيو آهي. حقيقت ۾ هيءُ ڪتاب هڪ اهڙو اهم دستاويز آهي، جيڪو نہ صرف ملڪي تاريخ جي هڪ دَور جي درد ۽ ڪرب جي تصوير کي چٽي نمونيءَ سان پيش ڪري ٿو، پر ان سان گڏوگڏ ملڪ جي فوجي جنتا جي اندروني ڪٿا جا ڪيئي لڪل ورق پڻ ورائي ٿو. ڊاڪٽر محبت هن ڪتاب جي ترجمي جي چونڊ ڇو ڪئي، ان بابت هُو پاڻ ’سنڌيڪار پاران‘ ۾ لکي ٿو، ”هڪ فوجي ميجر جو پاڪستاني فوج جي عام توڙي خاص ڪردار تي خصوصي فوجي عدالت ۾ اهو بيان جيڪو پاڪستان ۾ ئي ڇپجي، وڏي ڳالھہ آهي... عام طرح جيڪو بہ چڱو ڪتاب ڪنھن بہ ٻوليءَ ۾ پڙهندو آهيان، پڙهڻ کان پوءِ سوچيندو آهيان، تہ جيڪر اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ بہ هجي تہ جيئن گهڻي کان گهڻا سنڌي پڙهي سگهن. انھيءَ جذبي هيٺ هي ۽ ڪجهہ ٻيا ڪتاب، مضمون، پمفليٽ وغيرہ ترجمو ڪيا اٿم... منھنجي آس آهي، تہ سنڌي ماڻھو هر اهو ڪتاب پڙهي، جنھن سان اختلاف رکندي بہ، پنھنجي جدوجھد ۽ ڇوٽڪاري جي راھہ سمجهي، ان تي هلي سگهجي ۽ هر قسم جي ڦرلٽ، ڏاڍ، غلامي ۽ مظلوميت مان نجات ماڻجي.“ ڊاڪٽر محبت، 181 صفحن [پھريون ڇاپو ايترن صفحن تي مشتمل هو] جو هي ڪتاب پنجويھن ڏينھن جي محدود عرصي اندر ترجمو ڪيو آهي، پر ان جي باوجود ان ۾ ڪٿي بہ تڪڙ ۽ ويڙھہ سيڙھہ جو احساس نہ ٿو ملي. ٻوليءَ جي سُپڪ ۽ سندر استعمال کان وٺي خيال جي تز بيان تائين هر جملو پنھنجي جوڙجڪ ۾ نہ رڳو سونھندڙ ۽ سيبائتو محسوس ٿئي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ ڀرپور مفھوم ۽ معنى جي ادائگي بہ آسانيءَ سان پيش ڪري ٿو.
محبتَ عام مترجمن وانگر هن ترجمي-ڪتاب ۾ پنھنجي خيالن ۽ نظرين جي پرچار ۽ ٽنب ٽاڻ نہ ڪئي آهي، پر تخليقڪار جي نقطئہ نظر سان اختلاف باوجود عبارت ۽ تحرير کي ايمانداريءَ سان الٿو ڪري پڙهندڙ اڳيان پيش ڪيو آهي. هُو هن ترجمي ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو، ”مون کي ذاتي طرح ميجر آفتاب جي بيان ڪيل ڪيترين ئي ڳالھين سان اختلاف آهي، پر ترجمو ڪندي مون ڪٿي بہ پنھنجن جذبن ۽ سوچن کي ان ۾ سمائڻ جي ڪوشش نہ ڪئي آهي... اختلاف هوندي بہ هيءُ ڪتاب ترجمو ڪيم، رڳو ان ڪري، جو ان ۾ منھنجي مظلوم قوم سان گڏوگڏ پاڪستان جي سڀني مظلوم قومن ۽ ان جي سموري مظلوم عوام جي هڪ انتھائي خطرناڪ دشمن کي تفصيلن ۽ دليلن سان بي نقاب ڪيو ويو آهي.“
هن ترجمي-ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محبت، ترجمي جي سلاست ۽ عام فھميءَ جي سلسلي ۾ هڪ اهم ڪم اهو ڪيو آهي، تہ هن نہ رڳو اردو لفظن جا سنڌيءَ ۾ عام فھم ۽ سولا متبادل لفظ استعمال ڪيا آهن، پر انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيترن ئي لفظن جا پڻ آسان سنڌي لفظ ڪتب آندا آهن، ايتري تائين جو هن ڪيترن ئي اردو توڙي سنڌيءَ ۾ عام طور استعمال ٿيندڙ انگريزي لفظن جا سھنجا متبادل لفظ ڏنا آهن. جھڙوڪ: پريس (خابرو ادارو)، فائرنگ اسڪواڊ (گوليون هڻندڙ جٿو)، چارج شيٽ (ڏوھہ ــ چٺي)، ملٽري (لشڪر) ۽ انفنٽري آرمي (پيادي فوج) وغيرہ، جنھن عمل سان هُن هڪ طرف سنڌيءَ ۾ نئين اصطلاحسازيءَ جي هڪ وک کنئي آهي، تہ ٻي طرف ترجمي کي روان ۽ سنڌي ٻولي جي مزاج ۽ فطرت موافق بنائڻ جي سھڻي ۽ صحتمند ڪوشش ڪئي آهي.

- ڊاڪٽر فياض لطيف


_____________
( 1) ڪتاب ”محبت جن جي من“ [2017ع، مرتب: رياضت ٻرڙو] ۾ ڇپيل ڊاڪٽرفياض لطيف جي مقالي”ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ترجمن جو تنقيدي جائزو“ مان ورتل.